لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

وحدت جي وائي

ڪنهن بہ قوم جي حقيقي تاريخ ۽ عروج و زوال جو مطالعو ڪرڻو هجي تہ ان لاءِ لوڪ ادب کان وڌيڪ ڪو سونھون نہ ٿو ٿي سگهي! ان لاءِ ضروري آهي تہ هر دور جي عوامي تاريخ يعني لوڪ ادب کي ايندڙ نسل لاءِ محفوظ ڪيو وڃي. ھن ڪتاب ۾ لوڪ ادب جي اھم صنف ”حمديہ ڪلام“ ۾ سنڌ ۾ موجود چونڊ سگهڙن جو ڪلام ترتيب ڏئي پيش ڪيو ويو آھي. ڪلام سان گڏ لاڳاپيل سگهڙ يا لوڪ شاعر جو تعارف پڻ ڏنو ويو آھي. 


  • 4.5/5.0
  • 44
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book وحدت جي وائي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران لوڪ شاعرن جي حمديہ ڪلام ۽ أحوال تي مشتمل ڪتاب ”وحدت جي وائي“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون. ڪتاب جي سھيڙ ۽ ترتيب رحمت اللہ ”عاجز“ لاشاريءَ ڪئي آھي.
ڪنهن بہ قوم جي حقيقي تاريخ ۽ عروج و زوال جو مطالعو ڪرڻو هجي تہ ان لاءِ لوڪ ادب کان وڌيڪ ڪو سونھون نہ ٿو ٿي سگهي! ان لاءِ ضروري آهي تہ هر دور جي عوامي تاريخ يعني لوڪ ادب کي ايندڙ نسل لاءِ محفوظ ڪيو وڃي. ھن ڪتاب ۾ لوڪ ادب جي اھم صنف ”حمديہ ڪلام“ ۾ سنڌ ۾ موجود چونڊ سگهڙن جو ڪلام ترتيب ڏئي پيش ڪيو ويو آھي. ڪلام سان گڏ لاڳاپيل سگهڙ يا لوڪ شاعر جو تعارف پڻ ڏنو ويو آھي. حمد معنوي لحاظ کان وڏي موضوعي صنف ”مدح“ جي هڪ نرالي جنس آهي.
ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري پاران اڃا تائين ناھي ڇپايو ويو، پر سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊجيٽل ايڊِشن جي صورت ۾ آندو ويو آھي. ٿورائتا آھيون سائين رحمت اللہ ”عاجز“ لاشاري ۽ سلات سٿ جا جن ھي ڪتاب ڪمپوز ڪرائي ۽ ترتيب ڏئي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

حق ۽ واسطا سلات وٽ سوگھا

ڪتاب جو نالو: وَحدت جِي وَائي(لوڪ شاعرن جو حمديہ ڪلام ۽ احوال)
موضوع: لوڪ شاعري
مرتب: رحمت ﷲ عاجز لاشاري 0301-3566707
ڇاپو پھريون: جون 2024ع
لي آئوٽ: وحيد علي سولنگي
ڇپيندڙ: ايڊوانس پرنٽنگ ايجنسي، گاڏي کاتو حيدرآباد
0815982-0300
ڇپائيندڙ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) رجسٽرڊ


ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com
2024ع

ارپنا

سنڌ جي لوڪ ادب، لطيفيات ۽ تاريخ جي محافظن
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
جي نانءِ




بِسْمِ اﷲِ الرَّحَمٰنِ الرَّحِیْمِ

اَول ﷲ عَلِيمُ، اَعليٰ عالَمَ جو ڌَڻِي
قادِرُ پنھنجِي قُدرتَ سِين، قائم آهِ قديم
والي، واحِدُ، وَحَدَہٗ، رازق، رَبُ رَحِيم
سو ساراھہ سچو ڌڻي، چَئي حَمدُ حَڪِيم
ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙؤُن جوڙَ جهان جي

مُھاڳ: سنڌي لوڪ ادب جي بچاءَ ۽ واڌاري لاءِ شروع ڪيل نئين تحريڪ!

ڪنھن بہ قوم ۽ ٻوليءَ جي لوڪ ڏاهپ، ان جي قدامت، تاريخ ۽ تھذيب جي عظيم اهڃاڻن طور سڃاتي ويندي آهي، جنھن مان اها ڄاڻ حاصل ٿيندي آهي تہ اها ڪيتري قديم تھذيب جي وارث آهي، ان جون ريتون، رسمون، خوشيون، غم ۽ شاديون مراديون ڪيئن ملھايون وينديون آهن! ۽ ان قوم جو تاريخي ورثو ڪھڙو آهي!
ڪنھن بہ قوم جي حقيقي تاريخ ۽ عروج و زوال جو مطالعو ڪرڻو هجي تہ ان لاءِ لوڪ ادب کان وڌيڪ ڪو سونھون نہ ٿو ٿي سگهي! ان لاءِ ضروري آهي تہ هر دور جي عوامي تاريخ يعني لوڪ ادب کي ايندڙ نسل لاءِ محفوظ ڪيو وڃي ۽ ان جي واڌ ويجهہ توڙي ترويج لاءِ مختلف ادارا قائم ڪيا وڃن ۽ انھن ادارن وسيلي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل ڏاهن ڏات ڌڻين ۽ سندن ڏات کي جرڪائي جهان آڏو پيش ڪرڻ لاءِ جتن ڪيا وڃن. اهي ادارا ايڏا تہ با اختيار هجن جو انھن وٽ ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ، تحقيق ڪرڻ، ڪتاب ڇپائڻ ۽ لوڪ ادب جي راوي سگهڙن ۽ لوڪ شاعرن جي مدد ۽ خدمت لاءِ لامحدود فنڊ هجن، لوڪ ادب تي تحقيق لاءِ وڏيون وڏيون لائبريريون هجن، جتي ڏيھي توڙي پرڏيھي محقق ويھي لوڪ ادب تي تحقيق ڪن ۽ دنيا جي لوڪ ادب تي نگاھہ رکي ويٺا پنھنجي ڏات ۽ ڏاهپ جي واڌ ويجهہ لاءِ پلاننگ ڪن، جتي ڪوبہ ڏاهو ڏات ڌڻي، بي قدري ۽ ڪسمپرسيءِ واري حالت ۾ مرڻ تي مجبور نہ هجي پر پنھنجي خوبصورت خيالن سان جرڪي جيئي ۽ ويٺو پنھنجي ڌرتي، تھذيب ۽ ثقافت جي موتين جون مالھائون ٺاهي! پر هتي تہ “ڪاريءَ وارا ڪک” لڳا پيا آهن، ادارو تہ پري جي ڳالھہ آهي پر ڪنھن اداري جي ڪنھن ڪنڊ ۾ لوڪ ادب ڪارنر بہ قائم ڪرڻ جي ڪا شعوري ڪوشش نہ پئي ڪئي وڃي، آخر ڇو!
سنڌي ٻولي، ثقافت، تھذيب، تمدن ۽ ڏاهپ مان وقت جي حڪمرانن کي آخر ڪھڙو خطرو آهي، جيستائين ان جو ازالو نہ ٿيندو تيستائين اهو سوال هوا ۾ گونجندو رهندو.
وري بہ جس هجي سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم “سلات” جي باني چيئرمين، محترم عاجز رحمت ﷲ لاشاريءَکي جيڪو گذريل ڪيترن ئي سالن کان بي حس حڪمرانن اڳيان محبت جون مرليون وڄائيندو رهي ٿو، دانھون ڪوڪون ڪرڻ سان گڏ التجائون ۽ احتجاج ڪندو رهي ٿو، رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيہ ٿيا اٿس پر جواب ۾ وري بہ، ساڳي “ ٻي”، ڪن لاٽار ۽ ڊگهي ماٺ کان سواءِ ڪجهہ پلئہ نہ پيو اٿس پر وري بہ همت هارڻ هن باهمت ۽ اڏول انسان جي خمير ۾ ئي شامل ڪونھي، ان ڪري پنھنجي مدد پاڻ تحت اڪيلي سر هن وقت تائين ايترا ڪتاب لکي ۽ ڇپرائي چڪو آهي جيترا ڪو ادارو بہ نہ ڇپائي سگهيو آهي.
ان سموري جدوجهد سان گڏ مختلف فورم، پيج ۽ گروپ جوڙي ساڃاھہ وندن کي گڏ ڪندو رهي ٿو، جنھن ڪري لوڪ ادب ۽ ڏاهپ ۾ هڪ نئين تحريڪ جي شروعات ٿي چڪي آهي، ڏاها ڏات ڌڻي ۽ سگهڙ متحرڪ ۽ منظم ٿي چڪا آهن، جنھن جي نتيجي ۾ هن ڪتاب سان گڏ هڪ نئين سلسلي جو آغاز ٿي رهيو آهي، جنھن تحت سڀ کان پھريائين سنجيدہ دوستن جو هڪ گروپ ٺاهيو ويو آهي، جيڪي صنف وار ان گروپ تي پنھنجون لکڻيون رکندا ۽ ڇنڊ ڇاڻ توڙي ماهرانہ جائزي کان پوءِ انھن لکڻين کي هڪ مستند ڪتاب جي صورت ۾ ڇپايو ويندو، اهڙيءَطرح نام نھاد ادارن کي منٿ ميڙ ڪرڻ بجاءِ “آپڻي گهوٽ تہ نشا ٿيوئي” جي مصداق پنھنجي مڙسي ڪري هر صنف تي الڳ مستند ڪتاب آندو ويندو، جنھن سان سنڌي لوڪ ادب جي جهول ۾ بي شمار نون موتين جو اضافو ٿيندو.
اچو تہ سڀئي گڏجي عاجز رحمت ﷲ لاشاريءَ جا هٿ مضبوط ڪريون ۽ سندس ٻانھن ٻيلي ٿيئون تہ جيئن سنڌي لوڪ ڏاهپ جي واڌ ويجهہ ۽ حفاظت لاءِ شروع ڪيل هيءَ تحريڪ ڪامياب ٿئي ۽ گهربل نتيجا ڏئي سگهي.

جيئن شال سٻاجها ماڻھو، سنڌي ٻولي زندھہ باد،
ماءُ ڏني جا محبت مان، سا مٺڙي لولي زندھہ باد،
آهي دعا سڀ سانگيئڙا، شاد هجن، آباد هجن،
موج ڀرئي مھراڻ جي بيوس، ڇولي ڇولي زندھہ باد

پروفيسر “بيوس” بخش علي چانڊيو 

مقدمو: سنڌي حمديہ شاعري

اساسي ڪلام، توڙي سنڌي عام شاعري موضوعاتي اعتبار کان انيڪ رنگن روپن سان مالا مال آهي، جنھن جي اڀياس منجهان مت ملي ٿي تہ مذڪورہ ڪلامن جي مکيہ مقصدن ۾ انسان دوستي، حب الوطني، عشقيہ قصن يا رومانوي پھلوئن ۽ ناصحاڻين نڪتن کانسواءِ واحد جي وڏائي ۽ واکاڻ وارو عنصر غالب نظر اچي ٿو.

حمد، ثنا ۽ مدحيہ صنفون:
حمد معنوي لحاظ کان وڏي موضوعي صنف “مدح” جي هڪ نرالي جنس آهي، عربي جي لغوي ۽ اصطلاحي معنيٰ موجب “حمد” لفظ جو مترادف ۽ متقابل لفظ جيڪو“حمد” جي برابري ڪري سگهي، اهڙو ڪو بہ لفظ عربي ۾ ناپيد آھي، انڪري“حمد” خود ۾هڪ يگانو لفظ آھي، جيڪو ذات باري تعاليٰ لاءِ ئي مخصوص آھي پر جيڪڏھن ڪن شعرن ۾ حمد سان گڏ ڪي تعريفي عنصر شامل هجن تہ ان کي“حمد و ثنا” چوڻ کپي.خاص امتيازي صفتن ۽ خصوصيتن جيڪري حمديہ ڪلام جو مرڪزي خيال بہ پنھنجو مٽ پاڻ هوندو آهي، مداحي /مدحي صنفن جي نوع بندي ڪنداسين تہ مولود، منقبت /مناقبو، ضمني جنسن ۾ “مناجات” وغيرہ اچي وڃن ٿيون.

جامع سنڌي لُغات ۾ حمد بابت هيئن لکيل آهي:
[عربي . حَمدَ = هن تعريف ڪئي] خداپاڪ جي تعريف، ساراهہ، نيڪي، واکاڻ، مَدَحَ، مداح، تعريف، ثنا، شڪرانو.

“حَمد” عربي ٻوليءِ جو لفظ آهي، جنھن جِي لفظي معنيٰ آهي “ساراهہ، تعريف، ثنا، واکاڻ”.
حمد نظم جو اهو نمونو آهي، جنھن ۾ ڌڻي سڳوري جي ساراھہ ڪئي ويندي آهي.
سنڌي شاعريءَ ۾ حَمدَ ۾ بيت بہ ٿين تہ وائي، ڪافي، غزل بہ لکيا وڃن ٿا.
حَمدُ محفلن ۽ عام پروگرامن سميت ڪچھرين ۾ اڪثر تلاوت کانپوءِ پڙهيو ويندو آهي. (1)
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جِي تحقيق موجب بہ حمدَ ۾ ﷲ تعالىٰ جِي واکاڻ ۽ وڏائي بيان ڪئي ويندي آهي. سُگهڙَ، ڪچھريءَ جِي ابتدا ئي مِٺي نالي سان ڪندا آهن.
حمد ۾ بيت بہ عين تہ وري وائي ۽ ڪافي وغيرہ بہ ٿئي. مطلب تہ حمد ۽ ثنا جي لاءِ فَن جي لِحاظَ کان ڪنھن صنف جو قيد ناهي. ڪنھن بہ صنف ۾ اهو موضوع شامل ڪري سگهجي ٿو.(2)

حمد ڇا آهي؟
ان بابت سنڌي ٻوليءِ جو ليکڪ ۽ استاد سائين نجم الدين ڪُنڀر لکي ٿو تہ:
“حمد” عربي جو لفظ آهي، مؤنث آهي. جيڪو سنڌي، اردو ۽ فارسي ۾ بہ ساڳي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي. “حمد” جو لفظ قرآن مجيد ۾ الحمد جي شڪل ۾ 38 ڀيرا آيو آهي. جنھن ۾ گهڻي ڀاڱي معنيٰ ساراهہ، واکاڻ، ثناء، آيل آهي. ڪِٿي ڪِٿي شُڪر جي معنيٰ بہ آيل آهي. جيئن عام طور تي اسان کان ڪو حال پڇندو آهي تہ اسان جواب ۾ چوندا آهيون الحمد لله! يعني ﷲ جو شُڪر آهي. عربي جي مشھور لُغت لسان العرب ۽ تاج العروس ۾ بہ مٿيون معنائون ڄاڻايل آهن. لسان العرب ج 4، ص 152، تاج العروس ج 8، ص 28 . معجم الوسيط ۾ حسين و جميل جي وصف ۾ بہ آيل آهي تہ صفت مبالغه جي لاءِ بہ حمد جو لفظ آيل آهي. ص 196. حمد جي معنيٰ رضا، قضا، جزا ۽ الحق جي بہ نڪري ٿي. قاموس المحيط ص 399. عبدالرشيد نعماني پنھنجي مشھور لغات القرآن ۾ لکي ٿو تہ حمد جي معنيٰ تعريف، خوبي ۽ ﷲ پاڪ جي فضيلت ۽ ساراھہ کي حمد چئبو آهي. ج1 ص 292. قاموس الوحيد ۾ بہ حمد جي معنيٰ تعريف ڪرڻ ساراهڻ ۽ شڪر ادا ڪرڻ آهي. ص 373. فيروزہ لغات ۾ بہ حمد جي معنيٰ خدا جي واکاڻ لکيل آهي. ص 576 صفت و ساراهہ، وڏائي ۽ واکاڻ سان گڏ ڪائنات جي تخليق، ان جي حَسين نظارن، مافوق الفطرت ڪمن، يا دل کي وڻندڙ هر شئي کي ڏسڻ، ٻُڌڻ، چَکِڻ، محسوس ڪرڻ سان دل ۾ جيڪي جذبا اڀرن ٿا پوءِ اهي زبان سان ادا ٿين يا قلم سان اها قدرت واري جي وڏائي بيان ڪرڻ جي هڪ صورت آهي جنھن کي حمد چئبو آهي. هر اُها واکاڻ، ساراهہ، ثنا، وڏائي جيڪا نظم يا نثر جي صورت ۾ صرف ﷲ پاڪ لاءِ ڪئي وڃي اها حمد آهي. جنھن ۾ ﷲ کان سواءِ مخلوق جي ساراھہ ڪجي ٿي ان کي مدح چئبو آهي. سنڌي ادب توڻي اردو ادب ۾ اسان حمد کي صرف ﷲ پاڪ جي ساراھہ کي نظم جي صورت ۾ استعمال ڪندا آهيون. نثر ۾ حمد جو تصور اسان وٽ آهي ئي ڪانہ. جيڪڏهن ڪو فرد ﷲ پاڪ جي ثنا نظم جي صورت ۾ ڪري ٿو تہ ان تخليق کي حمد چيو وڃي ٿو. پر جيڪڏهن ڪو فرد ﷲ پاڪ جي ساراھہ نثر ۾ ڪري ٿو تہ ان کي حمد نٿو سمجهيو وڃي. حمد هر حال ۾ حمد آهي نثر هجي يا نظم. اهو منھنجي خيال ۾ اسان جي رواجي ڪيل ورڇ آهي، علمي يا لغت جي حساب سان اهڙو ڪوبہ فرق نظر نٿو اچي. (3)
اسان جيڪو سُگهڙن وٽان سِکيو آهي يا وري ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ان آڌار تي اهو چوندس تہ “حمد” جِي جيڪا توصيف يا تعريف آهي ان ۾ اصطلاحي معنىٰ ۾ “حمد” ان نظم يا شاعريءَ کي چئبو آهي جنھن ۾ ﷲ تعاليٰ جي وڏائي، سندس بزرگي ۽ عظمت بيان ڪَيل هجي پر اها بہ عام گُماني قِسم جي نہ هجي پر ان جو اعليٰ شان ۽ فِڪر هجڻ گهُرجي. حمد هڪ موضوعاتي شاعري آهي جيڪا بيت، نظم، غزل وغيرہ ۾ بہ ٿي سگهي ٿي. حَمد جي سُڃاڻپ ان جي صفتِ جميل منجهان ڪَرڻ کپي جنھن ۾ سڀئي سُٺائيءَ واريون ئي صفتون بيان ڪيل هُجن. يعني ﷲ تعاليٰ جا اختياري ڳُڻ يعني قادر مُطلق جو جنھن شعر ۾ بيان ٿئي ان کي حمد چئبو آهي. حمديہ شاعري هڪ سِٽَ بہ ٿي سگهي ٿي تہ چار بند بہ ٿي سگهن ٿا، سڄو غزل بہ ٿي سگهي ٿو ان لاءِ ڪو سٽاءَ جو انگ يا خاص موضوع مقرر ناهي. اسان وٽ حمد جي لحاظ کان اسانجي اساسي شاعريءَ ۾ مواد جام ملي ٿو، ان ۾ قاضي قاضن هجي، مخدوم محمد زمان لنواري وارو هجي، شاھہ لطيف هجي يا شاھہ عنات هجي يا وري سچل سرمست هجي سڀني وٽ حمديہ شاعري جو عنصر موجود آهي. خاص ڪري لطيف سائين جي بيت “اول ﷲ عليم” جو تہ ڪو مثال ئي نٿو ملي جيڪو مڪمل طور حمديہ شاعري جي عڪاسي آهي. حمد لفظ جي برابري، ڀيٽ، مترادف يا متقارب لفظ آهي ئي ڪونہ ڀلي اها اسانجي ڪھڙي بہ ٻوليءَ ۾ هجي ڇو تہ حَمد پنھنجو پاڻ هڪ يگانو لفظ آهي جيڪو خدا جي ذات باري تعاليٰ لاءِ ئي مخصوص آهي پر جيڪڏهن ڪن شعرن ۾ حمد سان گڏ ڪي تعريفي عنصر شامل هجن تہ ان کي حمد و ثنا چوڻ کپي.لوڪ ادب ۾ جيڪا مُنڍَ ۾ اسان تمھيد ٻَڌندا آهيون انھن ۾ شُروعاتي طور حمديہ عنوان شامل رهيو آهي پر ان جي فني ارتقا تي ڪم ٿيڻ کپي تہ اهڙي شاعريءَ جو اساس يعني بنياد ڪٿان کان هليو ۽ ان جي درجا بندي بہ ٿيڻ کپي.

حامد مري

حوالا:
(1) سنڌياناانسائيڪلوپيڊيا. (2) ساهتي پرڳڻي ۾ لوڪ ادب جِي اوسر. صفحہ 54. مقدمو: عاجز رحمت ﷲ لاشاري.
(2) ڪَچھريءِ جا مور: صفحہ 24، مقدمو: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو.
(3) استاد نجم الدين ڪنڀر، ميرپورخاص. عالَمي اوطاق واٽس اپ گروپ ۾ شيئر ڪيَل ڄاڻ 20-01-2023.)

پنھنجي پاران

سٻاجهي ستار جِي ستاري ۽ پاڪ پالڻ هار جي عطا سان سنڌي لوڪ ادب جي واڌ ويجهہ لاءِ مون ناچيز هڪ ننڍڙي تجويز مرتب ڪري سگهڙ ساٿين اڳيان پيش ڪئي جن منجهان لوڪ ادب جو درد رکندڙ جن سنجيدہ ۽ سچن دوستن ساٿ ڏنو تن جي ساٿ سان اڄ هن سلسلي جو شُروعاتي مرحلو پنھنجي پڄاڻيءَ کي پھتو آهي ۽ هن “ حمد” واري سلسلي ۾ جن بہ دوستن حصو ورتو ان کي ڪتابي تشڪيل ڏئي پي ڊي ايف جي صورت ۾ ڊجيٽل ڪتاب آڻي سڀني ساڃاھہ وندن اڳيان پيش ڪرڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
جيڪڏهن هڪ حقيقت کي سمجهندي ڏٺو وڃي تہ سمارٽ موبائل جي اچڻ کان پوءِ اسان وٽ سوشل ميڊيا کي غير ضروري طور استعمال ڪندڙن جو راڄ وڌندو پيو وڃي ۽ اهڙي قِسم جي راڄڌانيءِ لاءِ فيس بُڪ تي اڻ ڳڻيا پيج ۽ واٽس اپ گروپن جي پڻ گهڻائي آهي جن جو ڪوبہ پتو شمار ناهي، جتي رڳو ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ اڪثر واندا ماڻھو يا تہ خوشامد خاطر لائيڪ ڪمينٽ يا وري ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ اچڻ سبب چند گهڙين جي تفريح ماڻي ڪو تنقيدي ڪمينٽ ڪري وري خاموش ٿي وڃن ٿا، سواءِ چند ماڻهن جي اڪثريت بي مقصد ٽائيم پاس ڪندڙن جي آهي ۽ سوشل ميڊيا جو درست استعمال ڪندي ان منجهان ڪو بہ علمي، ادبي يا تاريخي مقصد ماڻڻ يا وري ان مان لاڀ حاصُل ڪرڻ جي ڪير بہ ڪوشش نٿو ڪري.
مون جڏهن محسوس ڪيو تہ سنڌي لوڪ ادب اسانجو قومي ادب آهي ۽ ان ۾ اسانجي ٻوليءِ جا لھجا توڙي منسوخ ۽ متروڪ ٿيندڙ لفظ محفوظ آهن پر اسانجي هن اصلي ادب لاءِ سنڌ اندر ڪو بہ سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارو يا وري “سلات” کان سواءِ ڪابہ تنظيم ناهي جنھن کي اسانجي سنڌي لوڪ ادب جو حقيقي فِڪر يا ڳڻتي هجي. ان ڪري اسان سڀني ان اوسيئڙي تحت سنڌي لوڪ ادب جي ترويج ۽ ترقيءَ لاءِ گڏجي عملي طور ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت محسوس ڪئي جنھن جو اظھار مون ناچيز طرفان سوشل ميڊيا جي ذريعي فيس بڪ ۽ واٽس ايپ گروپن ۾ ڪيو ان حوالي سان اسان هفتيوار لوڪ ادب صنفن جي دستاويزي لکت ۾ چٽا ڀيٽي ڪرڻ جو سلسلو شُروع ڪيو جنھن ۾ هر هڪ سُگهڙ يعني لوڪ شاعر کي “لوڪ ادب سِکيا گهر” جي نالي سان جوڙيل گروپ ۾ لوڪ ادب جي تخليق پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو.
اهو سلسلو جڏهن هڪ هفتي جي پُڄاڻيءَ تي پھتو تہ واعدي مطابق ان کي ڊجيٽل ڪتاب جي صورت ۾ محفوظ ڪرڻ لاءِ هيءِ ننڍڙي ڪوشش ڪئي وئي جيڪا اوهانجي سامھون آهي.
ان سلسلي کي هيٺين صنفن مطابق جاري رکڻ جو ارادو آهي.
1- حمد. 2-مناجات.3- مولود. 4- مَدح.5- مناقبو يا منقبت. 6- معجزا. 7- ڏهر. 8- هُنر شاعري. 9- دراهو.
10- ست سُري. 11- لوڪ گيت. 12- پنجڪا بيت. 13- نڙبيت (سُرائتا. گهٽ ۾ گهٽ ويھہ سٽُن جو هڪ بيت)
14- ڪافي. 15- ٽيھہ اکري. 16- مناظرو. 17- هفتي جا بيت/شعر،18- ڏينھن جا بيت/شعر.
20- جنگ يا واقعي جا بيت. 21- گروچيلي/ڳاڻوءَ جا بيت يا ٽہ ڳُڻا وغيرہ. 22- ڏور بيت. 23- رسالو ڳجهارت.
24- صفاتي سينگار جا بيت. 25- وصفي سينگار جا بيت. 26- سجاوٽي سينگار/گوريءِ جا بيت.
27- ڏهس، ويھس، ٽيھس، چاليھس، پنجاهس، سٺھس جا بيت. 28- ڪانگل جا بيت. 29- ڪونجن جا بيت.
30- وڇوڙي جا بيت. 31. وصال يا ملاقات جا بيت. 32. هلندڙ حالتن جي عڪاسي بابت بيت.
33.قومي غيرت يا حُب الوطني جا بيت. 34- پھاڪا. 35- اوطاق جا بيت. 36- کل ڀوڳ ۽ ظرافت وارا بيت.
37- آجيان جا بيت. 38- تڏي جا تونگر عرف خوشامد جابيت. 39- وڇڙي ويل وينجهارن بابت بيت شامل آهن.
ان کان سواءِ ڪو نئون موضوع جيڪو لوڪ ادب ماهرن طرفان تجويز ڪيو ويو تہ ان بات پڻ لوڪ شاعريءَ جي سھيڙ ڪئي ويندي. ان سلسلي جي ترتيب وار ڪم کي سھيڙڻ لاءِ اسان هڪ هفتي جو ٽائيم رکڻ مناسب سمجهيو آهي تہ جيئن ان دوران فن لکت ۾ بہ اچي ۽ پيش بہ ٿئي تہ وري هفتي بعد اهو فن ڊجيٽل ڪتاب جي صورت ۾ ڇپجي ميدان تي بہ اچي ۽ ان محنت ڪش ڏات ڌڻيءَ کي گهُربل مان مرتبو بہ ڏئي سگهون.
جڏهن سڀني صنفن جو هفتيوار سلسلو مڪمل ٿي ويندو تہ ان سموري فن جو وري هڪ ٻئي جي مدد ۽ معاونت سان هڪ ئي گڏيل ڪتاب آڻڻ وارو عمل جاري رهندو جنھن بعد سڀني دوستن جا ٿَڪ لھي ويندا ۽ اسان اوهان پنھنجي ادبي مقصد ۾ ڪاميابي ماڻينداسين.
دوستو اڄ ڪلھہ جي دؤر ۾ ڏات ۽ ڏاهپ لاءِ گڏيل مفادن خاطر وقت ڪڍڻ ڏاڍو ڏکيو عمل آهي ڇو تہ هرهڪ پنھنجي الڳ ۽ نرالي سوچ رکي ٿو خاص ڪري غريب طبقي جو مسڪين مزدور ۽ پورهيت ماڻھو ان سلسلي ۾ اڳتي نٿو اچي سگهي جو هو پنھنجو ڪتاب ڇپرائي سگهي ان ڪري مون ناچيز هيءَ تجويز عمل هيٺ آندي آهي ۽ سوشل ميڊيا وسيلي سمورن دوستن اڳيان پيش ڪئي آهي جنھن سان هڪ تہ ادبي لاڳاپا وڌندا ۽ ٻيو تہ هڪ هڪ صنف وسيلي مختلف فني صنفن تي نئين نڪور شاعري مڃتا ماڻي ميدانَ تي ايندي تہ ان تي هروڀرو ڪير بہ هٿ نہ کڻي سگهندو ڇو تہ اڪابر ۽ دانشور استادن جي پاس ٿيل هوندي.
اسان جيڪڏهن ان سلسلي کي جاري رکيو تہ انشاءَﷲ هفتي ۾ هڪ، مھيني ۾ چار ۽ سال اندر 50 کن ننڍا ڊجيٽل ڪتاب آڻڻ بعد وري سڀني سگهڙ شاعرن جي تخليقي صنفن جو هڪ گڏيل طور وڏو ڪتاب آڻي سگهنداسين جنھن جو قدر هن وقت گهٽ پر اُن وقت زيادہ ٿيندو جڏهن سڄي سالَ جي پنھنجي ذهني پورهئي کي اکين سان ڏسنداسين.
هي ادبي اسڪيم تمام ڪارائتي ۽ سستي آهي اهڙي پيش ڪش اوهانکي نہ ڪو ادارو ڪندو ۽ نہ وري ڪو پبلشر ئي ايڏي هام هڻي سيني تي هٿ رکندو تہ قومي ادب جي وارث قلمڪار لوڪ شاعرن لاءِ اسان حاضر آهيون.
اچو تہ گڏجي لوڪائتي لات ۽ ڏاهپ جي ڏات ۾ اسان پنھنجو پاڻَ کي پيش ڪري پنھنجي ٻولي ۽ قومي ادب جو ڳاٽ اوچو ڪريون.
اوهانجي مانائتي موٽَ جو منتظر

فقير رحمت ﷲ “عاجز” لاشاري
باني چيئرمين
سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) رجسٽرڊ

رحمت ﷲ “عاجز” لاشاري

تعارف، ادبي خدمتون ۽ مليل مڃتا جو تفصيل

پورو نالو: مير رحمت ﷲ.
ادبي نالو: رحمت ﷲ “عاجز” لاشاري.
تخلص: آڪاش عاجز.
ولديت : فقير شاهنواز پُٽ جلال خان پُٽ جمال خان پُٽ ڪمال خان پُٽ شھداد خان پُٽ ڌڱاڻو خان پُٽ حُرّا خان پُٽ منگا خان.
قوم: سنڌي بلوچ.
ذات/قبيلو : لاشاري.
پاڙو: عھدياڻي.
پيدائش: اسڪول جي سرٽيفڪيٽ مطابق، 02 جنوري 1982ع بمطابق 5 ربيع الاول 1402هجري.
جاءِ پيدائش: درگاھہ فقيرپورشريف لڳ راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو. ياد رهي تہ فقيرپور ۾ عاجز جا ناناڻا ويٺل هئا ۽ سندس امڙ پنھنجي والدين جي گهر ڄڻيو هو، جڏهن تہ سندن والد ان وقت ميھڙ کان مٿي ڌامراھہ واھہ جي ڏاکڻئين ڪَپ تي ڳوٺ حاجي مير محمد لاشاريءَ ۾ رهائش پذير هئو. ڪنھن معمولي ڳالھہ تان اڻ وڻندڙ تڪرار سبب اتان سال 1986ع دوران لڏپلاڻ ڪري موهن جو دڙو ڀرسان سنڌ جي مشھور ڏاهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي جَنم ڀومي ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي.

تعليمي شروعات:
اپريل 1987ع دوران گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ ٻِنڊي، تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو (اسڪول ۾ مرحوم غلام قادر ساريو کان الف اک واري پَٽي لکرائي هئي ۽ بعد ۾ ڪجهہ ڪلاسن ۾ استاد محمد امين منگي ۽ ڪامريڊ زبير احمد جکرو پڻ استاد رهيا) .

قرآن پاڪ ناظرہ:
پرائمري تعليم دوران ڳوٺ جي پيش امام مرحوم استاد مولوي محمد صالح لاکي وٽ ناظرہ قرآن پاڪ پڙهي پورو ڪيو.

قرآت، تجويد:
ڀر واري ڳوٺ برادي ساريہ ۾ مدرسہ مُحمّدي نورالھديٰ جي استاد حافظ محمد بخشل چنہ وٽ ڪلام پاڪ جي قائدن قانونن جي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ ڪجهہ سورتون حِفظ پڻ ڪَيُون.

انگريزي تعليم:
مدرسي ۾ پڙهڻ دوران گورنمينٽ هاءِ اسڪول موئن جو دڙو تي سيپٽمبر 1994ع ۾ داخلا ورتي.
ان عرصي دوران امڙ جي اسرار تي سال 1995ع کان 1997ع دوران درگاھہ ﷲ آباد شريف ڪنڊيارو ضلعي نوشھرو فيروز ۾ مرشدن ڪريمن حضرت قبلا محبوب سڄڻ سائين مدظلہ العالي جن جي صحبت ۾ روحاني فيض ۽ ضروري ديني تعليم ۽ روحاني عِلمَ جو فيض حاصل ٿيو. دربار ﷲ آباد شريف ۾ ضروري تعليم بعد ليبرڪالوني ڪوٽڙي ۾ پنھنجي مامي مولوي سراج الدين لاشاري جي تربيت هيٺ مدينہ مسجد نيو ليبر ڪالوني ۾ نائب امام جا فرض نڀايا.

نڪاح:
والدين طرفان طالب علمي جي عُمر ۾ 23 اپريل 1992ع تي توفيق ڪالوني دادو ۾ سڳي ماسات سان ٿيو جڏهن تہ شادي ڪجهہ سالن کان پوءِ 2 مئي 1999ع تي ڳوٺ ڪَرَن خان شورو قاسم آباد حيدرآباد ۾ ان ئي ڳوٺ جي جامع نورِ محمدي مسجد ۾ پيش امامي دوران ساڳئي هنڌ تي ٿي. شاديءَ جي موقعي تي سگهڙن جي ڪچھري ٿي هئي جنھن ۾ استاد محمد ملوڪ عباسي جو پڳدار پُٽ سُگهڙ ممتاز علي عباسي، موري جو مشھور سگهڙ (مرحُوم) رحمت ﷲ عباسي ۽ (مرحوم) حاجي اقبال احمد جوڻيجو لوڪ ادب جون لاتيون پيش ڪيون هيون. هن وقت ٻن نياڻين ڪنيز فاطمہ ۽ عُروج فاطمہ سان گڏ هڪ فرزند محمد حَسَّان (پيدائش 28 سيپٽمبر 2010ع) جو اولاد آهي. (ان کان اڳ هڪ معصوم فرزند حيدرآباد سول اسپتال ۾ فوت ٿيل ڄائو جڏهن تہ محمد صبغت ﷲ نالي ٻيو فرزند دل ۾ سوراخ واري تڪليف سبب 6 مھينن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو هو.)

شاعري جي شروعات:
طالب علمي جي زماني کان مامي نثار احمد جي صحبت ۾ سنہ 1990ع کان مولودشريف لکڻ سان ٿي.

سگهڙائپ ۾ پھريون قدم:
سال 1997ع ۾ ڳوٺ جي شاعر دوست ۽ قومپرست ڪارڪن ڪامريڊ قلندر بخش ساريو سان گڏجي سدا حيات سگهڙ استاد فقير محمد ملوڪ عباسي رحہ سان ملڻ کان پوءِ لوڪ ادب جون لاتيون سکڻ ۽ لکڻ جو موقعو مليو. جنھن شوق ۽ ذوق سبب استاد محمد ملوڪ عباسي جي خواهش سان حضرت قلندر لعل شھباز جي ميلي ۾ 1997ع دوران سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ۾ پھريون ڀيرو سگهڙائپ جو فن پيش ڪيو .

صحافت جي ابتدا:
ليبرڪالوني ڪوٽڙي مدينہ مسجد ۾ مامي مولوي سراج الدين لاشاري وٽ خطابت، امامت جو فن سکڻ دوران صحافت جو ذوق بہ پيدا ٿيو ۽ باقائدي شروعات 1998ع ۾ روزانہ الک اخبار جي نمائندي طور ٿي، ان دوران اخبار جي هاڪري پڻ ڪئي ( ڪالم ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا) اخبار ماهوار لاشار جو ايڊيٽر رهڻ کان پوءِ اڳتي هلي لوڪ ادب ۽ سگهڙن جي ترجمان سلسليوار “سگهڙ سماچار” جو نومبر 2005ع ۾ باني ۽ چيف ايڊيٽر طور صحافتي ڪم نڀايو ۽ ان کان اڳ اپريل 2005ع تي سنڌي چينل سنڌ ٽي وي جي پروگرام “اوطاق” ۾ ڊائريڪٽر غلام رسول چانڊيي جي هدايتن هيٺ سگهڙ حاجي رحيم بخش قريشي سان گڏ ميزباني جا فرض نڀايا ۽ بعد ۾ 2007ع کان مھراڻ ٽي وي تي سگهڙن جي پروگرام “ڳالھيون ڳوٺاڻن جون “ جي ڊائريڪٽر طور ڪم سنڀاليو ۽ “ڀلارو رمضان” سميت کوڙ سارا ديني پروگرام پڻ رڪارڊ ڪرايا، ڪجهہ عرصو مھراڻ اخبار ۽ ڌرتي ٽي وي چينل تي ضلعي ڄامشوري جي رپورٽر واري ذميواري دوران نيشنل پريس ڪلب ڄامشورو ۾ جنرل سيڪريٽري طور پڻ صحافتي خدمتون سر انجام ڏنيون. مجموعي طور لکيل ڪالم ۽ مضمون توڙي رپورٽون مختلف اخبارن جھڙوڪ سوال، بختور، الک، ڪاوش، ڪوشش، عبرت، لاشار، سنڌ لائن، سوڀ. جيجل، سُڪار، هلال پاڪستان، عوامي آواز، مھراڻ ، ارادو ، برکا ، پاڪ ، فاسٽ ٽائيم، سنڌ ڌرتي، امڪان سميت ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ شائع ٿيل آهن ۽ اڃان تائين شائع ٿيندا رهن ٿا.

امامت ۽ خطابت:
1997ع دوران مدينہ مسجد نيو ليبر ڪالوني ڪوٽڙي ۾ نائب امام کان پوءِ 19 جولاءِ 1998ع ۾ ڳوٺ ڪرن خان شورو قاسم آباد حيدرآباد ۾ فرض نڀايا. ان دوران مسجد شريف جي نئين تعميراتي ڪم سبب جنوري 2002ع کان نوراني مسجد ايم سي پي واپڊا ڪالوني ڄامشورو ۾ خطابت ۽ امامت جا فرض نڀايا ۽ مسجد جي بلڊنگ/عمارت تيار ٿيڻ کان پوءِ وري 23 آگسٽ 2008ع کان هن وقت جون 2024ع تائين ڳوٺ ڪرن خان شورو ۾ امامت ۽ خطابت سان گڏ ديني درس و تدريس جو في سبيل ﷲ ڪم جاري آهي .

پي ٽي وي تي پروگرام:
سنڌ جي برک ڪردار فتح خان يعني سيد صالح محمد شاھہ سان گڏ پي ٽي وي تي پھريون ڪچھري پروگرام 15 جنوري 2004ع، ان کان پوءِ سنڌ نامون، لوڪ ادبي محفل، جون 2004ع. جا شروعاتي پروگرام هئا جڏهن تہ بعد ۾ 26 نومبر 2016ع تي پي ٽي وي تي ڪچھري پروگرام جي ميزباني پڻ مِلي.

ريڊيو تي پروگرام:
ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد تي سيد صالح محمد شاه/فتح خان سان گڏ پھريون پروگرام (سون ورني ڌرتي) 3 نومبر 2004ع. تي رڪارڊ ڪيو جنھن ۾ سائين سيد صالح محمد شاھہ لوڪ ادب جي پھرئين ڪتاب “رمزون رحمت ﷲ جون” جو تعارف بہ ڪرايو هو. جڏهن تہ ريڊيو ڪراچي اسٽيشن تي 17 آڪٽوبر 2016ع تي ان وقت اسٽيشن ڊائريڪٽر ڪوثر ٻُرڙي جي خواهش تي هڪ خاص پروگرام لوڪ ادب ڪچھري نشر ڪيو جنھن ۾ پڻ ميزباني جا فرض نڀايا.
عاجز جا هن وقت تائين شاعري سميت تحقيق ۽ تصنيف سان گڏ ترتيب ڏنل ننڍا وڏا ڪتاب:
(1) “رحمت جا خزانا” (مولود-ڀاڱو اول) نومبر 1999ع
(2) “رحمت جا خزانا” (مولود-ڀاڱو ٻيو) نومبر 2000ع
(3) “ رحمت جا خزانا” (مولود- ڀاڱو ٽيون) اپريل 2001ع
(4) “رحمت جا خزانا” (مولود- ڀاڱوچوٿون)، آڪٽوبر 2002ع
(5) “رحمت جا خزانا” (مولود- ڀاڱو پنجون) فيبروري 2003ع
(6) “رمزون رحمت ﷲ جون” (لوڪ ادب شاعري ) سيپٽمبر 2003ع
(7) “ديس وسي ديدار اسان جو” 2003ع. (سگهڙ ديدارعلي سيال جو احوال ۽ ڪلام)
(8) “رحمت جا خزانا” (مولود- ڀاڱون ستون) مارچ 2004ع.
(9) “فيصلا انصاف جا” جولاءِ 2004ع (رئيس عبدالحميد خان جتوئي جي شخصيت ۽ فيصلا)
(10) “ آهون احمد حسن جون”، 2004ع (لوڪ شاعر خليفہ حضرت حاجي احمد حسن لاشاري جو نعتيہ ۽ ناصحاڻو ڪلام) .
(11) “السفر” (اردو زبان ۾) 19 آڪٽوبر 2004ع (لاشاري تنظيم جي باني، جهوني صحافي ۽ سياسي، سماجي شخصيت محمد صفر لاشاري جون صحافتي، سياسي، سماجي ۽ تنظيمي خدمتون).
(12) “ رنگ رحمت ﷲ جا” 2005ع (لوڪ ادب جي انسائيڪلوپيڊيا)
(13) سلات جي 117 ڏات ڌڻي سگهڙن جي احوال ۽ ڪلام تي ترتيب ڏنل “سنڌ سڄاڻ سگهڙ ڊائريڪٽري” 2005ع.
(14) “مولود ۽ مداحون” 2007ع.
(15) “دلبر جو ديدار” (ڪنھن کي ڏجي دانھن)، 2008ع. (سگهڙديدارعلي سيال جو احوال ۽ ڪلام).
(16) “تحفة العاشقين”، 14 فيبروري 2010ع (حافظ عابد خاصخيلي جو نعتيہ ڪلام)
(17) “محبت جي منزل”، 2010ع (سگهڙ علي گوهر قريشي جي لوڪ شاعري) .
(18) “مٺا ٻول محبوب جا” مارچ 2010ع (سگهڙ محبوب علي ڏيپر جو ڪلام).
(19) “مٽيءِ جي خوشبوءِ”، 2010ع (سگهڙ محمد ايوب جوڻيجي جي لوڪ شاعري)
(20) “محبت جا موتي” جون 2013ع (سگهڙ شاعر علي گوهر قريشي جو ڪلام.)
(21) “پنھنجو رنگ پنھنجي شاعري”، 2013ع (محبوب علي ڏيپر جي لوڪ شاعري.)
(22) “مٽيءِ جو هُڳاءِ”، اپريل 2014ع (ماسٽر منظور جو فن ۽ شخصيت.)
(23) “سھڻل جا سينگار”، 2014ع (سنڌ ۽ بلوچستان جي سگهڙن جي سينگارشاعري.)
(24) “ موتي محبوب جا”، 2015ع (محبوب علي ڏيپر جي لوڪ شاعري) .
(25) “مداحون ۽ مناقبا”، ڊسمبر 2015ع (لسٻيلي جي شاعر سڪندر علي دودي جو ڪلام.)
(26) “سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري”
(786 ڏات ڌڻين جو احوال ۽ ڪلام )، ڇاپو پھريون نومبر2015ع ڇاپو ٻيو ڊسمبر2015ع.
(27) “شاھہ جي شاعريءَ ۾ سگهڙائپ جو رنگ” 2016ع
(28) “شآهي ذوق شيديءَ جو”، جون 2016ع (سُگهڙ مولابخش شيدي جو احوال ۽ ڪلام.)
(29) “پرين جي پچار”،2016ع. (ميھڙ جي بخاري بزرگن جي سوانح ۽ ڪلام.)
(30) “سچن جي ساراهہ ” ڊسمبر 2016ع (لسٻيلي جي شاعر سڪندر علي دودي جو نعتيہ ڪلام.)
(31) “سھڻي حبيب جي نماز”، فيبروري 2017ع. (مولوي رفيق احمد بروهي جي سنڌي ٻوليءِ ۾ ترتيب ڏنل فرضي ۽ نفلي نمازن بابت ڪتاب جي سنوار ۽ سُڌار)
(32) “لوڪ ادب جو منظوم تعارفي مقدمو” (طويل نظم) 16ڊسمبر 2017ع
(33) “لوڪ ادب جو سپھہ سالار”، جون 2017ع .(سگهڙ حسين بخش رڏ جي شخصيت ۽ فن.)
(34) “عشق جون آهون”، جولاءِ 2017ع. (لاڙ جي شاعر وسيم احمد ٽالپر جي نعتيہ شاعري.)
(35) “تحفة الصالحين”، نومبر 2018ع (حافظ عابد خاصخيلي جو نعتيہ ڪلام.)
(36) “عشق امر ذات”، 16 ڊسمبر 2018ع (سگهڙ ارشاد علي عرضائي جو احوال ۽ لوڪ ادب شاعري.)
(37) تُحفةالعابدين ؛ آڪٽوبر 2019ع (ڪوهستان جي شاعر حافظ عابد خاصخيلي جو نعتيہ ڪلام)
(38) “ثنائي سِٽُون سڪندر جون” نومبر 2019ع (لسٻيلي جي شاعر سڪندر علي دودي جي لوڪ شاعري.)
(39) “سنڌي لوڪ ادب جو تاريخي جائزو”، ڇاپو پھريون، مارچ 2019ع.
(40) “حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وسلم جا فيصلا” 2019ع. سنڌيڪار: ديدار شاد گوپانگ، نظر ثاني ۽ سنوار: عاجز رحمت ﷲ لاشاري.
(41) مديني جو سائين؛ (حافظ عبدالستار سولنگي جو لکيل “نعتيہ ڪلام”.)
(42) سوانح حيات فقير محمد قاسم طاهري ڪوهستاني. 2020ع، تصنيف؛ حافظ عابد خاصخيلي. سنوار: عاجز رحمت ﷲ لاشاري.
(43) سنڌ، اسلام، سائنس ۽ فلسفو. 2021ع (جديد تحقيق ۽ ترتيب).
(44) مھڪندڙ موتي مڱلي جا. 14 آگسٽ 2022ع (خادم حُسين منڱلي جي لوڪ شاعري) ترتيب: عاجز رحمت ﷲ لاشاري.
(45) “سُگهڙ سارو سچ”، سگهڙ آدم سومري جو احوال ۽ ڪلام.
(46) سنڌ جي قديم اسلامي تاريخ. { حضرت آدم عليہ السلام کان پاڻ سڳورنﷺ تائين }
(تحقيق ۽ تاليف: عاجز رحمت ﷲ لاشاري)
(47) ادبي ذوق اڪبَرَ جو. (سگهڙ علي اڪبر اداسيءَ جي لوڪ شاعري)
(48) يَڪا وَڙَ يعقُوبَ تي. (سُگهڙ محمد يعقوب جاگيراڻيءَ جي لوڪ شاعري)
(49) سُگهڙائپ جِي ساڃاھہ . (لوڪ شاعري/تحقيق ۽ تخليق : عاجز رحمت ﷲ لاشاري.
(50) سُگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري (تحقيق، ترتيب ۽ مقدمو: عاجز رحمت ﷲ لاشاري. ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
(51) عشق امر ذات (سگهڙ ارشاد علي عرضائي جي لوڪ شاعري 16 ڊسمبر 2018ع)
(52) وحدت جي وائي (لوڪ شاعرن جو حمديہ ڪلام جون 2024ع)

ايڊيٽر طور شائع ڪَيل ميگزين/رسالا/ اخبارون:
“سُگهڙ سماچار” سلسليوار 9 جُلد

مليل ايوارڊ ۽ مڃتا جو اعزاز :
اسڪول پڙهڻ دوران لطيف سائين جي پيغام بابت ٿيل تقريري مقابلي ۾ پوزيشن کڻڻ تي مُرشد حضرت محبوب سڄڻ سائين مدظلہ العالي، جن هٿان زندگي جو پھريون
“اللہ کے شیر ايوارڊ” 21 مارچ 1996ع تي مليو.
دولھہ دريا خان ايوارڊ مارچ 1998ع مڪلي ۾ مليو.
بھترين مُعلم ۽ مُدرس جو ايوارڊ 2 سيپٽمبر 1999ع ۾ ڪرن خان شورو، قاسم آباد، حيدرآباد ۾ مليو.
لاشاري تنظيم جي باني طرفان صحافتي مڃتا ايوارڊ 19 آڪٽوبر 1999ع تي لاڙڪاڻي ۾ مليو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هٿان استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ 28 فيبروي 2000ع تي مليو.
حضرت جلال شاھہ ايوارڊ تاجل بيوس هٿان 18 ڊسمبر 2002ع تي دائود ديري لڳ شاھہ پنجوسلطان، ضلع دادو ۾ مليو.
“رمزون رحمت ﷲ جون” ڪتاب جو مڃتا ايوارڊ، ان وقت ثقافت کاتي جي صوبائي وزير شبير احمد قائمي هٿان 13 آڪٽوبر 2003ع تي ڊاڪٽر بلوچ هال لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد ۾ مليو.
ٻيو ڀيرو دولھہ دريا خان ايوارڊ، مڪلي ٺٽي ۾ 13 اپريل 2003ع تي مليو.
آواز گروپ لاڙڪاڻو طرفان آواز ۽ انداز ايوارڊ 18 جون 2003ع تي لاڙڪاڻي ۾ مليو.
بھترين ليکڪ ۽ مرتب جو “لاشار ايوارڊ” 19 آڪٽوبر 2005ع شاهنواز ڀٽو لئبريري لاڙڪاڻي ۾ مليو.
سلات پاران “سُڄاڻ سگهڙ مڃتا ايوارڊ “ 30 آڪٽوبر 2004ع تي مٺياڻي ۾ مليو.
“لوڪ ادب مڃتا ايوارڊ” 19 ڊسمبر 2004ع اڏيرو لعل ۾ مليو.
سلات پاران “استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ” 27 ڊسمبر 2004ع تي ڄامشوري ۾ مليو.
سيد جلال محمود شاھہ هٿان “عزت فقير ادبي ايوارڊ” 29 جنوري 2005ع ڳوٺ بُٺو، سن ۾ مليو.
حضرت قلندر شھباز جي ميلي ۾ سال 2003ع ۾ ڪتاب “ رمزون رحمت ﷲ جون “ جي اعزاز ۾ پھريون “شھباز ايوارڊ” ان وقت ڊي سي او علم الدين بُلو هٿان مليو.
ميلاد النبي ايوارڊ پھرين مئي 2005ع تي ڄامشوري ۾ مليو.
عشق رسول ايوارڊ 28 مئي 2005ع تي واپڊا ڪالوني ڄامشورو ۾ مليو.
اڪادمي ادبيات ڪراچي پاران سنڌ يونيورسٽي جي وي سي مظهرالحق صديقي هٿاران لوڪ ادب ايوارڊ 19 نومبر 2005ع تي سنڌالاجي ڄامشورو ۾ مليو.
بزم روح رهاڻ ايوارڊ ڪتاب “رنگ رحمت ﷲ جا “ جي مھورت تقريب دوران ڊاڪٽرنبي بخش خان بلوچ ۽ حميد سنڌي هٿان 2008ع ۾ مليو.
سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن جو صدارتي ميڊل 23 مارچ 2013ع تي ميان صاحب ضلعي شڪارپور ۾ مليو.
دي روز انٽرنيشنل ايوارڊ 2015ع ۾ مٽياري شھر ۾ ميلو.
ٻيو “شھباز ايوارڊ “ حضرت قلندر لعل شھباز جي ميلي ۾ ڪتاب
“ سھڻل جا سينگار “ ترتيب ڏيڻ جي اعزاز ۾ ٻيو ڀيرو 06 جون 2015ع تي ميلو.
ٽيون ڀيرو شھباز ايوارڊ:
“سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري” جي سھيڙڻ جي اعزاز ۾ 2016ع ۾ مليو.
شاھہ لطيف ايوارڊ: حَسن درس اڪيڊمي حيدرآباد طرفان ڪتاب “شاھہ جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ” لکڻ جي اعزاز ۾ پھرئين لوڪ ادب ڏهاڙي 16 ڊسمبر 2016ع تي مليو.
ڊاڪٽربلوچ گريجوئيٽ ايوارڊ بااختيار اداري ۾ 16 ڊسمبر 2016ع تي مليو.
ريڊيو حيدرآباد طرفان “لوڪ ادب ايوارڊ:
2 جنوري 2017ع تي اسٽيشن ڊائريڪٽر محمد علي ٻانڀڻ هٿان مليو.
حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ لوڪ ادب ايوارڊ 20 جنوري 2017ع تي مليو.
آل پاڪستان سُگهڙ ڪانفرنس جو مڃتا ايوارڊ 16 ڊسمبر 2017ع تي لعلو رائنڪ ۾ مليو.
اوطاق ڪچھري ايوارڊ 10 مئي 2017ع تي زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردارعلي شاھہ هٿان مليو.
سگهڙ بھار علي بھار ٻُرڙو يادگار ايوارڊ، 19 جنوري 2018ع تي مليو .
استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا ايوارڊ 2019ع عباسي ڪلھوڙا تنظيم جي سربراھہ مرحُوم سردار حاجي منور علي عباسي هٿان 7 آڪٽوبر 2019ع تي مليو.
ريڊيو نيٽ ورڪ جهول طرفان “صوفي جمال الدين فقير مڃتا ايوارڊ “ 1 نومبر 2019ع تي مليو.
لوڪ ادب بابت “حُسن ڪارڪردگي ايوارڊ”
جوڳي ڳوٺ گلشن حديد ڪراچي ۾ 4 جنوري 2020ع تي گل حسن گل هٿان مليو.
استاد بھار علي بھار ٻُرڙو ساليانو “مڃتا ايوارڊ” شاعر سانول ميرالي هٿان 18 جنوري 2020ع تي مليو.
جاکوڙي ايوارڊ صوبائي وزير عبدالباري پتافي هٿان پھرين فيبروري 2020ع تي ڳوٺ جمال الدين پتافي نزد باري اڏو، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ مليو.
“باڪمال سگهڙ ايوارڊ” 2019ع، درمحمد ڪمال جي ورسيءَ جي موقعي تي ٺٺ سولنگي/دليپوٽا ضلعي نوشھروفيروز ۾ سينيئر صحافي منظور سولنگي هٿان مليو.
موهن جو دڙو اڪيڊمي طرفان پيرل مڱريو مڃتا ايوارڊ 2020ع ۾ مليو.
2 فيبروري 2020ع تي پنجاب جي ڏات ڌڻي سگهڙن پاران اوٻاوڙي شھر ۾ سربراه طور اعزازي پڳ پارائي.
13 رجب 1442ھہ 2021ع تي “جشن مولود ڪعبہ مڃتا ايوارڊ” فقير محمد سليم سيال اويسي قادري صدر صلوات ڪاميٽي خيرپور ميرس طرفان مليو.
راجن پور پنجاب ۾ سرائڪي پَٽيءَ جي سُگهڙن طرفان مارچ 2023ع ۾ تنظيمي سربراھہ جي اعزاز طور دستاربندي ڪرائي.
سيدنا غوث اعظم دستگير سگهڙ ڪانفرنس ملير ڪراچي ۾ 20 نومبر 2021ع تي “باڪمال سُگهڙ ايوارڊ” مليو.
ڀٽائي آباد، ڪراچي ۾ 18 ڊسمبر 2021ع تي “محقق، ڏاهو” مڃتا ايوارڊ مليو.
ثقافت کاتي حُڪومت سنڌ طرفان “شاھہ لطيف عالمي ايوارڊ” 13 سيپٽمبر 2022ع تي حيدرآباد ۾ مليو.
ايوارڊ ۾ عُمري جي ٽڪيٽ:
مدح خواني ۽ علمي، ادبي، سماجي، ثقافتي ۽ ديني خدمتُن عيوض عُمرو شريف ادا ڪرڻ لاءِ فقير محمد اسماعيل جکراڻي غفاري، قادري، نقشبندي صاحب المعروف حيدرآباد واري سائين جن ايوارڊ طور ڀلي پار جي سڳوري سفر لاءِ عُمري شريف جِي ٽڪيٽَ عنايت ڪئي، جنھن بعد مڪةالمڪرمہ ۽ مدينةالمنورہ (حرمين شريفين) جو پھريون سفر 29 آڪٽوبر 2023ع کان 27 نومبر 2023ع تائين رهيو.
مرڪزي تنظيم علماءِ اهلسنت وجماعت ڄامشورو طرفان.
مڃتا ايوارڊ سرٽيفڪيٽ پھرين جنوري 2023ع تي مليو.
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن حڪومت سنڌ پاران درسي نصاب ۾ “سنڌي ڪتاب چوٿين درجي لاءِ” جو سبق پھريون،
“حمد باري تعالىٰ” (شاعر: عاجز رحمت ﷲ لاشاري) پرائمري اسڪولن جي نصاب ۾ پڙهايو پيو وڃي.
پھرين تاج پوشي:
لوڪ ادب خدمتن جي مڃتا طور علامه فقير هدايت علي نجفي “تارڪ” جي درگاھہ تي لعلو رائنڪ شھر تعلقو وارھہ ضلعي قمبرشھدادڪوٽ ۾ سگهڙ مولابخش شيدي پاران پھريون ڀيرو چانديءَ جو تاج 08 آگسٽ 2015ع تي پارايو.

ٻيو ڀيرو تاج پوشي:
16 ڊسمبر2017ع تي ٻيو ڀيرو، ساڳئي هنڌ لعلورائنڪ ۾ پنج تولا سونو تاج مليو جيڪو بيمار سُگهڙن جي علاج لاءِ وقف ڪري ڇڏيو.

ٽين تاج پوشي ۽7 رنگي گلن ۾ تورڻ جو اعزاز :
23 مارچ 2019ع تي ڪتاب “سنڌي لوڪ ادب جو تاريخي جائزو” جي تحقيق ۽ ترتيب واري اعزاز سان گڏ لوڪ ادب جي خدمتن جي مڃتا طور علامه فقير هدايت علي نجفي “ تارڪ” جي درگاھہ تي لعلو رائنڪ شھر تعلقي وارھہ ضلعي قمبرشھدادڪوٽ ۾ سگهڙ مولا بخش شيدي ۽ سلات تنظيم جي مرڪزي سرپرست اعليٰ نامور محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ۽ ٻين عھديدارن قيمتي هيرن سان جڙيل سونو تاج پارائي سَت رنگي گُلن ۾ توريو هئو، جيڪو اعزاز هڪ سُگهڙ لاءِ پھريون تاريخي اعزاز آهي. اهو تاج بہ عاجز ان ئي موقعي تي بيمار ڏات ڌڻين جي علاج لاءِ وقف ڪري سگهڙ مولابخش شيدي کي واپس ڏئي ڇڏيو.

نقشبندي طريقي/سلسلي ۾ خِلافت:
27جنوري 2019ع تي سنڌ جي روحاني شخصيت ۽ صوفي بزرگ حضرت خواجا مُحمد طاهر المعروف محبوب سڄڻ سائين دامت برڪاتھم العاليہ جن نقشبندي طريقي/سلسلي ۾ نيابت سان نوازيندي درگاھہ ﷲ آباد شريف ڪنڊيارو ۾ خلافت جو اعزاز عطا فرمايو.

سنڌي مولود :
ننڍپڻ کان سمجهہ ۽ شعور ايندي مولود ڳائڻ شُروع ڪيا، اڳتي هلي مولودن ڳائڻ وارن ۾ هڪ خاص اهميت ملي.
مولودن جون شائع ٿيل آڊيو ۽ وڊيو سي ڊي:
مولود ۽ مداحون A.A پاران نومبر 2000ع.
منظر پيارو مدينو آ A.A جنوري 2001ع .
مٿيان ٻئي آڊيو البم محترم محمد قاسم ماڪا پاران رليز ڪيا ويا آهن.
ناز پروڊڪشن پاران رليز البم:
ڏسان شھر مدينو آڪٽوبر 2002ع.
مديني وارو منظر ڊسمبر 2002ع .
هتي رهڻ نٿي دل چاهي اپريل 2003ع.
مديني جا گهوٽ سيپٽمبر 2003ع .
منقبت سڄڻ سائين آڪٽوبر 2003ع .
وڊيو سي ڊي جون 2004ع .
منقبت غوث اعظم نومبر 2004ع ۾ رليز ڪيون ويون.
جڏهن تہ مھراڻ سينٽر سکر سميت عظيمي پروڊڪشن ڄامشورو 2 واليم وڊيو سي ڊي ۾ رليز ڪيا.
اسلامي ادبي خطابات:
تفرقي بازي ۽ سياسي تضاد کان پاڪ نج اسلامي موضوعن جا 500 کن خطاب يوٽيوب چينل عالمي اوطاق تي مختلف موضوعن جا خطاب موجود آهن. نج لوڪ ادب بابت فيس بُڪ لائيو جا نشر ڪيل 200 پروگرام عالمي اوطاق فيس بُڪ پيج تي پڻ موجود آهن.
اسلامي سطح جا نج سنڌي زبان ۾ صرف قرآن پاڪ جي تفسير جا 50 پروگرام، “سَئين راهہ” فيس بڪ پيج تي موجود آهن.
پي ٽي وي:
“ڪچھري پروگرام”
جو ميزبان.
ڪي ٽي اين:
“ڪچھريءِ جا مور” پروگرام ۾ ممتاز امين سنياسي سان گڏ ميزباني.
سنڌ ٽي وي:
(1) “اوطاق” پروگرام ۾ حاجي رحيم بخش قريشي سان گڏ ميزباني.
(2) سنڌ ڪچھري.
(ظفر هڪڙو سان گڏ)
مھراڻ ٽي وي:
جي ادبي، ثقافتي ۽ ديني پروگرامن،
(1) “ڳالھيون ڳوٺاڻن جون”
(2) “ٻارن جو رمضان”.
(3) “ڀلارو رمضان”.
(4) “عظمَتِ رمضان”.
(5) “محفلِ ميلاد”.
(6) “شَبِ قدر”.
(7) “شَب برأت”
جي خصوصي پروگرامن ۾ پروگرام ڊائريڪٽر ۽ ميزبان.
ريڊيو پاڪستان ڪراچي: “لوڪ ادب ڪچھري” تي ميزبان.
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد:
(1) “23 مارچ يومِ پاڪستان لوڪ ادب ڪچھري” جو ميزبان.
(2) 14 آگسٽ جشن آزادي لوڪ ادب ڪچھري” جو ميزبان.
ثقافت کاتو، حُڪومت سنڌ جي ميزباني هيٺ.
(1) شاھہ لطيف سُگهڙ ڪچھري.
(2) ڪيفي ثقافت اسٽوڊيو ڪراچي ۾ لوڪ ادب ڪچھري.
(3) مچ ڪچھري.
پروگرامن جي ڪمپيئرنگ/ميزباني جو اعزاز پڻ ملندو رهي ٿو.


حَمدِ بارِي تَعالىٰ .

ٻاڏائي ٻاجهہ واري کي، ڪيو هربار ﷲ هو،
سندس ذاتِي اِسِمَ جو آ، ذِڪِر اذڪار ﷲ هو.

سَڄِي ڪائنات کي ڪُنْ جَي، امُرَ سان جنھن بَڻايو آ،
خُدائيءَ جو خُدا سو آ، هي خَلقَڻهار ﷲ هُو.

اَحَد آهي، صَمَد سائِين، لَقَبُ آ لَمْ يَلِدْ جنھن جو،
وَلَمْ يُوْلَدْ وارِي هَستِي، آهي ڏاتار ﷲ هو.

سَڄو سَنسارُ ڳائي ٿو، سَندس توحِيدَ جا سِھرا،
آهي ٻانھن تي ٻاجهارو، گهڻو غَفَّار ﷲ هو.

آ سُبْحَانَ الَّذِىْ اَسْرىٰ، ڏِنو جَنھن مانُ مُرْسَلَ کي،
گهُرائي عَرشَ تي دِلبر، ڪيو ديدار ﷲ هو.

لُطف لڄپالَ جَي صدقي، ٿيو “لاشاري” لائق آ،
ڏِنا جَنھن ڏات جا گوهَرَ، سَخِي صَدبار ﷲ هو.

******

حَمد بَارِي تَعالىٰ

اُتَم هَر چِيزَ کان اعلىٰ، خُدا تنھنجي خُدائي آ،
تُون آن مَسْجُوْدُ تو آڏو، دُنيا گَردن جهُڪائِي آ.

تنھنجو آ مَرتَبو اعلىٰ، تُون آن تعرِيفَ جو لائق،
آهين هرجاءِ تي حاضُر، نہ تو ڪَئي ڪَڏ جُدائِي آ.

گُناهَن ۾ غَرق آهي، اسان ٻانھن سَندو دفتر،
تَڏهن لاَتَقْنَطُوْ تو چَئِي، ڏِني دِل کي دِلجائِي آ.

صَنَمَ وارو صَمَدُ پيو چَئي، تہ سَتَّر ڀيرا پيو سَڏُ ڏِين،
توڻي ڀُلجِي چَيائين تہ بہ ته، توکي ڪَهلَ آئِي آ.

تنھنجي مَخلُوقَ ۾ ڪيئي، تنھنجا مُنڪَرَ بَڻيَلَ آهن،
تڏ بہ رزَّاقَ تو روزِي، نہ تَن جِي تِرُ گهٽائِي آ.

گُذاريُم وقت غَفْلَتَ ۾ ، نہ مُون واعِدي وَفائي ڪَئي،
رَحَمُ ڪَر “رحمتﷲ” چَئي، مُحابو مُصطفىٰﷺ ئِي آ.

******

مَنظُوم مَثنَوِي (اَسْمَآءُالْحُسْنىٰ)
ﷲ تعالىٰ جا نوانوي نالا معنى سميت

لِکان لفظُ پھريُون، صِفَتَ ۽ ساراهہ،
جَهانن کي جوڙِيو آهي تو “ﷲَ”.

ٻِيو ٻاجهہ ۾ تنھنجو شاهي آ شانُ،
آنْ “رَحْمَانُ” معنىٰ، وڏو مھربانُ.

ٽِيُون آهين “رحِيمُ”، ٻاجهارو رَبُ،
تَڳن تنھنجي طاقَتَ سَھاري ٿا سَڀُ.

۽ چوٿون چَوان توکي، شاهن جو شاهہ،
آهين “مَلِكُ” مولا، نہ تو بِن ٻِي واهہ.

پنجون پاڪُ تنھنجو، مُقَدَّس آ نامُ،
آ “قُدُّوْسُ” قادِرَ اوهانجو ڪَلام.

ڇَھون ڇو نہ چَوَندُس، توکي “اَلسَّلاَمُ” ،
سلامت رکيو تو، هِي سارو نِظامُ.

سَتُون سائِين ڏِيندڙُ آهين تُون امُن،
ٿا “مُؤْمِن” اوهانجي اَمُنَ سان گهُمَن.

اَٺُون “اَلْمھيمِنَ” تو جوڙيو جَھانُ،
نہ تو جھڙو ڪوئِي، آهي نِگَھْبانُ.

نائون نانءُ تنھنجو آهي “اَلْعَزِيزُ”،
تَنھين تي آن غالِب، جا جوڙِي تو چِيز.

ڏَهون ڏيھہ جوڙيو، تو بيشڪ “جَبَّارَ”،
مَيٽِيندڙ گُناهن سَندو سازگارُ.

يارهين “مُتَڪَبر” تُنھنجِي ذات آ،
تڪبر ڪرين ظُلمَ وارن جي لاءِ.

ٻارهين خاصُ “خالِقُ” آ خُوبِي تُنھنجي،
ڪَيَلَ پيدا هرشئي جِي تو وٽ ڪُنجِي.

نئين سِر ڪَندين پيدا، سَڀ سِلسلو،
اِسِمُ تُنھنجو “بَارِيْ” سندو آ ڀَلو.

چَوان توکي چوڏهون، “مُصَوِرُ” مھانُ،
ڪَيُون صُورَتُون پيدا، تو عاليشانُ.

ٿو پَندرهين نمبر تي، گهُران پيو پَناهہ،
گهڻا بخش “غَفَّارَ” مُنھنجا گُناهہ.

صِفت تنھنجي سورهين، ڏِسي ٿئي ٿو ڏَر،
تو “قَهارَ” قومُن مَٿان ڪيو قَھر.

صفا تنھنجو سترهون لقبُ لاجواب،
گهڻِي آ عَطا تنھنجي، يا “اَلْوَهَابُ” .

گهڻو رزقُ ڏيندڙ، آن “رَزَّاقُ” تُون،
خُدائيءَ کي کارائين، خوراڪَ تُون.

ڪَرِين مُشڪِلُون حَلُ، وٺئون تنھنجي واهہ،
اِسم پاڪُ تنھنجو آهي اَلْفَتاحُ.

سَڄو عِلْمُ تو وَٽ، آهين تون “عَلِيْمُ”،
تنھنجي ذات ڪُل شئي کان آهي قديم.

تون ئي ظالمن تي آن تَنگي ڪندڙ،
تون “قَابِضُ” ۽ مخلوقَ جو جوڙيندڙ.

تون هر شئي ڪُشادي ڪري ڏِيڻ وارو،
بلاشَڪ هِي “بَاسِطُ” اِسمُ آ ٻاجهارو.

نافرمانَ ڪيئي جهُڪائي ڇَڏيا،
تنھنجي خوفَ “خَافِضَ” ڪَنبائي ڇَڏيا.

تو فرمانبردارَ اعلىٰ ڪَيا،
پڙهي تنھنجو “رَافِعْ” اِسم سي رهيا.

پُڪاريو جنھين “اَلْمُعِزُّ” آ چئِي،
تہ پَنھنجن کي عزت ڇڏين ٿو ڏَئِي.

پَراوَن کي ذَليل ڪيڏو ڪَيُئي،
تنھنجي “اَلْمُذِلُّ” جو صِفت هُئي.

ڏِسين ۽ ٻُڌين تون، “سَمِيْع ٌ بَّصِيْرُ”،
ٿو قُدرت هلائين، تُون قادر قدِير.

تنھنجو “اَلْحَڪَمُ”، “اَلْعَدَلُ” نامُ آ،
عَدُلَ سان جُڙيل تنھنجو نظامُ آ.

لَکِين لُطُفَ تنھنجا “لَطِيْفُ الْخَبِيْرُ”،
هميشہ خبردار، آهين ڪَثِير.

بُردبار هردم، “حَلِيْمُ الْعَظِيْمُ”،
ڪَرين ٻاجهہ بخشش، “غَفُوْرٌالرَّحِيْمُ”.

آن “شَڪُّوْرُ” معنىٰ قَبُولِين شُڪر،
صَفا ٿورڙي مان ڪري ڏِين ڪَثَر.

اِسمُ توکي سُونھين، “عَلِيُّ الْڪَبِيْرُ،
وڏو ۽ تون اعلىٰ آهين بينظِير.
حِفاظَت ڪندڙ يا خُدا تون “حَفِيْظُ”،
بُرن ڪَمن کان ڏي، بَچڻَ جِي تميز.

مُنھنجا مولا تون آن، “مُقِيْتُ الْحَفِيْظُ”،
وڏِي قُوَّتَ وارا، ڀَلا ڪر نصيبَ.

جنھن ڏِينھن “هَادِيْ” ، ڪَرين تُون حِساب.
ڪَجان رَحَمُ پَنھنجو، نہ ڏِسجان ڪِتاب.

وڏو جاھہ و جَلاّلُ تنھنجو “جَلِيْلَ”،
اسين ٻانھا عاجِزَ ڪَريُون ٿا اپيلَ.

گهُرئون ڪَرمُ تنھنجو ٿا توکان “ڪَريمَ”،
وڏيون حِڪمتون تنھنجون آهن حَڪيْمَ.

نِگاهُن جا طالِبَ هي گندڙا غَريْبَ،
سُونھين لقبُ توکي، ٿو يا “اَلرَّقِيْبُ”.

قَبولين دعائون، دِليُن جا طَبِيبَ،
آهين پاڪُ مولا، تون يا “اَلْمُجِيْبُ”.

رکين عِلمُ قُدرت گهڻَي کان گهڻِي،
تون “وَاسِعُ” وفادارُ ڌَڻَ جو ڌڻي.

اُماڻين تون اَحْمَدَ تي دم دم دُرود،
اسان تي بہ شَفقت تنھنجي “اَلْوَدُوْدُ”،

دو عالَمَ جِي مَخلُوقَ تنھنجي مُريد،
وڏي شانَ وارو، آهين “اَلْمَجِيْدُ”

آيا تنھنجي “بَاعِث” هتي انبيآءِ،
سڀئي تنھنجي حُڪُمَن جَي تابع ٿيا.

تنھنجي باري ۾ بيٺو آهي “بَعِيْدٌ”،
حاضُر ۽ ناظُر آهين “اَلشَّهيْدُ”.

چَوان تنھن کي ڪافر، ڪَري جيڪو شَڪ،
ڪَري هرڪو تنھنجي طُفيلي ٿو “حَقُّ”

تون “وَاحِدُ” وڏائيءَ تي توکي آ ناز،
“وَڪِيْلُ” برحق وڏو ڪارساز.

زبردست قُوَّتَ “قَوِيُّ الْمَتِيْنُ”،
نھايت گهڻو پاڪُ، “نُوْرِمُبِيْنُ”.

چوان توکي والي، “وَلِيُّ الحَمِيْدُ”،
مددگارُ ساراهيل تون “سَعِيْدُ”.

“مُبْدِيْءُ” ڪائنات جي ابتدا،
ڪندڙ مولا “مُعِيْدُ” تون انتها.

آهين مَنھنجا مالِڪَ “مُحِيُّ الْمُمِيْتُ”،
تون مارين، جِيارين ۽ تو وس آ جِيت.

ڪَرين قَلْبُ زنده، تُون “حَيُّ الْقَيُوْمُ”،
آ ڪائنات جو حالُ توکي معلوم.

ڳوليندڙ کي مِلندڙ، تون واجد خُدا،
وڏي شانَ وارو، تون “مَاجِدُ” خُدا.

تون “وَاحِدُ” آ وحدانيت مُنفرد،
تون ﷲ آهين اڪيلو “اَحَدُ”.

نہ ٿَئي ڪاڻ ڪنھنجي “صَمَدُ” بي نياز،
تون ئي “مُقْتَدِرُ” آهين تقدير ساز.

تون “وَارِثُ”، تون “وَالِيْ”، تون “بَاطِنُ”، تون “ظَاهر”،
تون ئي “مَالِڪُ الْمَلڪ” “اَوَّلُ” ۽ “آخِرُ”.

قبُولين ٿو توبہ تون “تَوَّابُ” رب،
“عَفْوُ” ذات تنھنجي ڪَرين معاف سڀ.

تون “اَعْلىٰ”، “غَنِيُّ” ۽ بيپرواھہ آهين،
بقادارُ “بَاقِيْ” تون ﷲ آهين.

تون “مُعْطِىْ” عطا چيزَ هرڪا ڪَرين،
بنايو تو قاسم آ پنھنجو پِرين.

تون هادي هدايت جو رستو ڏَسيندڙ،
تنھنجي ذات “نَافِع” نفعو سڀ کي ڏِيندڙ.

مولا مؤمنن جُون تون نيڪيون ڳڻيندڙ،
آن “مُحْصِيْءُ” باري تعالىٰ بخشيندڙ.

ڪَئي “رحمتﷲ عاجز” صَدا،
مَدايُون مُنھنجون ميٽ مُنھنجا خُدا.

آهي موت هر ڪنھن کي بيٺو قريب،
ڪَجان مَرڻَ ويلي تون ڪَلمو نصيبُ.

لَآإِلٰہَ إِلَّاﷲُ مُحَمَّدٌ الرَّسُوْلُﷲ ﷺ

******

حَمد

ڏَيهن کي ڏِيندڙ ۽ ڏاتار تون آن،
فنا چِيزَ هرهڪ، بَقادار تُون آن.

تُون واحد آن والِي، نہ مَٽ تنھنجو ثاني،
ستار غفار ۽ جَبَّارُ تُون آن.

تو انساني صُورت کي سھڻو بڻايو،
۽ خالِقُ خُدايا، خَلقَڻ هارُ تُون آن.

تُون مُلڪَن جو مالِڪ، نِگهبانُ رازق،
ذِڪر ڪن ٿا ذاڪِر جو قرار تُون آن.

تُون عِزت ۽ ذِلت، ۽ قُوت جو مالِڪ،
تُون ڪُل شئي تي قادر، ۽ قهارُ تون آن.

ڏوهاري کَڻي ڏوھہ تو در اچن جَي،
سَتاري ڪندو تن تي سَتَّار تون آن.

گُناهن ۾ شاغل، سچِي ڪَن جي توبہ،
تہ بخشِيندو بيشڪ، گنهگارَ تُون آن.

ڪيون جيڪي ڪَمَ ٿا، ڏِسِين ۽ ٻُڌِين ٿو،
هرجاءِ حاضُر نگهدار تون آن.

جِيارين، تُون مارِين، اسين تنھنجا تابِعَ،
لِکيو لوحَ ۾ جنھن قَلمدار تُون آن.

سَڄي ڪار سازِي ۽ قُوَّةَ آ تنھنجي،
ڪَجي تنھنجي تعريفَ حقدارُ تُون آن.

اَحد ۽ صَمد تون، اسِين تنھنجا طالِبَ ،
تنھنجي طَلبَ تَنَ مَنجهہ تَنوار تُون آن.

تُون اَوَّل، تُون آخر، تُون باطِن تون ظاهِر،
تُون هادِي ۽ والِي، وفادار تون آن.

ڏوهاري آ ڏاڍو، هي “عاجز لاشاري”،
ڍَڪِين عَيبَ مُنھنجا، ڍَڪڻ هار تون آن.

******

حَمد

ياخُدا! تنھنجا ڪَرَمَ، اِنسانُ تو خَلقيو مونکي،
شَرف مخلوقات ڏَئِي، ايمانُ تو بخشيو مونکي.

آهيان آدَمَ جو ٻَچو، مَلَڪَن ڪيو جنھن جو سُجود،
قُربُ قادرَ آ ڪَري، ڏَئي شانُ تو خلقيو مونکي.

تنھنجو نُورِي نُورُ نِرمل، آ مُحَمَّد مُصطفىٰ ﷺ،
اُمَّتِي اُنَ جو ڪَري، اِحسانُ تو خَلقيو مونکي.

هيءَ ڏِنَئِي سرسبز ڌرتِي، جنھن تي راحَتَ سان رهان،
“مُرشد سَڄڻ سائين” ڏَئي، مھربانَ تو خَلقيو مونکي.

عُضوا ڏَئِي “عاجز لاشاري” تي ڪَيَئِي قُربَن ڪَثِير،
مُصطفىٰ مُرسلَ سندو، مدح خوان تو خلقيو مونکي.

******

حمديہ شعر

حَمدَ هزارين هاديءَ جا، جنھن قادِرَ جِي قُدرتَ وَڏِي،
جَبَلن توڙي جانورن تي، ربَّ سَندِي رحمَت وڏِي،
وَڻن ٽِڻن جَي پَنَ پنَ ۾ آ، رَکي جنھن راحَت وَڏِي،
گُلڙن بہ گُلزاري لاتِي، چَمنَ اندر چاهتَ وڏِي،
سَمُنڊَن جَي سَيلابَن توڙي، نَهرُن ۾ نِعمت وڏي،
عَرشَن تي ﷲ تعالىٰ، جوڙِي آ جَنت وڏِي،
ماڻيندو سو، جنھن آهي ڪَئي، مالِڪَ سان مَحبت وڏِي،
حُورون غِلمان هزارين ڪندا، خَلقَ سندي خدمت وڏِي،
هر طَبقي جو مانُ مٿاهون، هر دَرَ جِي درجت وڏِي،
لوڪ اندر “لاشاري چَئي” ﷲ رکِي عزت وَڏِي.

******

حمد

تنھنجي ذات اعلىٰ، مُنھنجا پاڪَ مولا،
آ تنھنجي حُڪومتَ مَڪِين هر مڪان ۾،
تون ڏاتر آن ڏِيندڙُ، مُحَمَّدْﷺ ونڊِيندڙُ
خُدائي خزانو آ ساري جھان ۾.

مَلَڪَ حُورون غِلمانَ، توئي جوڙِي جَنَّتَ،
عرشِ بَرينءَ تي بہ، تنھنجي آ قُدرتَ،
ڪَنين تي وَسايا تو بادلَ بھاري،
ڪَنِين کي هميشہ رهايُئي خِزان ۾.

تُون رازِق آن راحِمْ، بُلند آهين بالا،
تنھنجا اِسمِ اعظم، نِرالا نِرالا،
تون ستَّارُ سائين، مان عاصي ۽ احقر،

ٿو ﷲ اڪبر، چَوان هَر اذان ۾.
مِٽِيءَ مان تون آدمُ، بڻائڻ بہ ڄاڻين،
۽ آدَمَ مان اِنسان ڄَڻائڻ بہ ڄاڻِين،
جيڪا هيءَ جوڙِي، خدا تو خلق آ،
اچِي ڪانہ سَگهندي، سموري بيان ۾.

مُوسىٰ طُورَ تان ٿو، تون واپس ورائين،
۽ محبوبُ مالِڪَ مَٿي ٿو گهُرائين،
هوڏي گهُرَ بہ واپَس، هيڏي اڻ گهُريو ئي،
سفر تو ڪَرايو، سَتين آسمان ۾.

ڪڏهن قيد يُوسُف، ڪيو تو اِلاهي،
ڪڏهن تو عَطا ڪَيَس وڏا تاجَ شاهِي،
ڪڏهن کُوھہ اندر، ڪڏهن ٿي سِڪندر،
پَيو مَئوجون ماڻَي، مِصر جَي ميدان ۾.

سَوالِي آ تو در، هِي “عاجز لاشاري”،
گُناهن ۾ گُم هان، ڪَجان بخش بارِي،
مَدح مُصطفىٰﷺ جِي، ۽ توحِيدَ تنھنجي،
سَڪرات ويلي، هُجي شَل زبان ۾.

******

حمد

آڌيءَ، اسُر، صُبح، سانجهي، پَيو پُڪار ﷲ هُو،
معافي گهُر تان، بَديون بَخشئي، بخشڻهار ﷲ هُو.

عرش و زمين افلاڪ آ جنھن جو،
نالو سڀ کان پاڪ آ جنھن جو،
خالقُ، مالڪُ، بيشڪ، برحق، آ ڏاتار ﷲ هُو.

حَجَر، شَجَر ۽ بَرو بحر ۾،
مَڪٖي، مَديني پاڪَ شھر ۾،
بيتُ ﷲ ۽ نبوي مسجد، ۾ نِروار ﷲ هُو.

شَمسُ، قَمَر ۽ تارا ڪَتيون،
رنگ الاهيءَ ۾ هِن رتيون،
وڻ، ٽڻ، ٻوٽا، سمنڊ جون ڇوليون، ڪَن دڌڪار ﷲ هُو.

پکي پکڻ، لامُن تي پُڪارن،
جيتَ جَڻيا ٿا سڀئي سارن.
جِنَّ، مَلَڪَ، انسانن ۾ بہ، ذِڪر اذڪار ﷲ هُو.

اُن جٖي در “عاجز لاشاري”،
ڪر تَنَ مَن سان توبھہ زاري،
ڪندو مُحابي مَدَنيءَ جي سڀ ٻيڙا پار ﷲ هُو.


واحِدَ جِي وَڏائي (بيت)
واحِدَ جِي وڏائي، ڇا ڪَريان بات بيان،
جنھن آهن جوڙي ڏِنا، زمين ۽ آسمان،
جِنَّ، مَلَڪَ حُورون پَريون، اڻ کُٽَ هي انسان،
پَکي پَکڻ، وڻ ۽ ٽِڻ، گُلَ هي گُلِستانَ،
نَديُون نهرون، سَمُنڊ سارا، جَبَلَ جواهرستانَ،
مدنيءَ تي جنھن موڪليو، قادرَ آ قرآن،
صدقي تنھن سَيَّدَ جَي، ظاهر ڏِنِي زُبانَ،
“رحمتُ ﷲ” رَبَّ جا، ڪَر شعرَ پَڙهي شُڪرانَ،
“ عاجزَ “ تُون احسانَ، ڳڻي ڳڻيندين ڪيترا.

******

ظھور احمد

تعارف

نالو: ظھور احمد.
ولد : حاجي محمد رمضان.
ذات: کوسو.
جنم : 01 جنوري 1980ع.
تعليم : مئٽرڪ.

ادبي فن جي شُروعات: 2019
ادبي استاد :اردو ۾ استاد محترم عنايت علي فيصل آباد استاد محمد وسيم سدوي لاهور
پتو : مستقل پتو شھر ڳوٺ جهنڊا تالا، هن وقت ڊيره مراد جمالي، بلوچستان.

پيشو: مزدوري.
واٽس اپ نمبر:03482137472
فيس بڪ آءِ ڊي: (ڪھڙي نالي سان) Zahoor Ahmed

حمد باري تعاليٰ

تون لاشريڪ مولیٰ، اعلیٰ آ نام تنھنجو،
ڪوئي بہ ناهي ثاني، بالیٰ مَقام تنھنجو.

تنھنجي عطا هلائي، شَمس و قمر، ستارا،
سارا ذِڪِرُ پَيا ڪَنِ، هي صبحُ و شامَ تنھنجو،

هر چيزَ حمٌد تنھنجي، مولا بيان ڪري ٿي،
بُلبُل هي گُلَ ۽ ٻوٽا، ڳائن ڪَلامُ تنھنجو،

هر طرف مُنھنجا مولا، قدرت آ تنھنجي ظاهر،
ٻنھي جڳن ۾ سارو، ٿو هلي نظام تنھنجو،

جنت ۾ ڇا نہ هوندو، بيشڪ لُطف انھيءَ ۾،
جڏ جنتين کي ٿيندو ويندو سلام تنھنجو.

هيءَ ننڍڙي التجا آ تنھنجي “ظھور” جي بس،
ملندو رهي خدايا، فيضِ دوام تنھنجو

******

سجاد حسين چنجڻي

تعارف

نالو: سجاد حسين
تخلص: ساگر
ولد: عطاءِ ﷲ
ذات: چنجڻي
پيدائش جي تاريخ: 14،11،1990،
تعليم: MA(sindhi)(political science)BED MED
ادبي فن جي شروعات: 2008ع
ادبي استاد: سگهڙ گل حسن گل چنجڻي
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ: محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفڪيٽ،حاجي خانڻ لائبريري سرٽيفڪيٽ
پورو پتو ڳوٺ ميانداد چنجڻي، تعلقو نصيرآباد، ضلعو قمبر شھداد ڪوٽ
فون نمبر 03003478027
واٽس اپ نمبر 03162442990
فيس بڪ آ ڊي Sajjad Hussain Chinjni

حمد باري تعاليٰ

اول ذڪر ﷲ جو جنھن جوڙيو هي جهان
مڪيائين محبوب تي هي ڪلمو ۽ قرآن
جبار لاءِ جھان ۾ آ پنج وقت جي آذان
پيدا ڪيا پرور هي گل ڦل ۽ گلستان
فذکروني اذ کر کم آهي قادر جو قرآن
مدني صدقي انسانن جو مالڪ وڌايو مان
سڪ آهي سامان “ساگر”جو هن سنسار ۾

******

ارشاد علي عرضائي

تعارف

سگهڙ ارشادعلي عرضائي 02 اپريل1965ع ۾ عرضي ڀٽو تعلقہ سجاول جوڻيجو ضلع قمبر شھدادڪوٽ ڄي هڪ ڏاهي ڏات ڌڻي سالڪ سگهڙ حبيب ﷲ “حبيب”مڱڻھار جي گهر۾ اک کولي پڙهڻ جي عمر ۾ آيو ڳوٺ جي مين پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو پرائمري تعليم ۽ناظرہ قرآن شريف پڙهائڻ ۾ سندس پُڦڙ استاد تاج محمد مڱڻھار محنت ۽ جفاڪشي سان پڙهائي مڊل اسڪول ڏانھن روانو ڪيو مڊل تعليم ۾ ڪلاس ٽيچر سائين عبدالمجيد ڀٽو {ڳاڙهو} هيو مڊل تعليم کان پوءِ عرضي ڀٽو ۾ سھولت نہ هجڻ ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميروخان ۾ {1979ع دوران} داخلا ورتي اتي بہ ڪلاس ٽيچر سائين علي مراد تونيہ ۽ سائين حاجي نواب علي ويسر {ابڙو رتوديرو وارو} بھترين استاد هئو جن دلچسپي سان تعليم ڏني اتان {1980ع دوران} ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ بيروزگاري ۽ غربت سبب سندس بابي سائين طرفان کيس مامي عيد محمد {عيدن} مڱڻھار وٽ درزڪي ڪم سکڻ لاءِ ويھاريو.
ارشاد علي 1982ع ۾ سگهڙائپ ڏانھن وک وڌائي۔ سگهڙائپ ارشادعلي عرضائي جي مؤروثي ملڪيت هئي ڇاڪاڻ تہ هن جو پڙڏاڏو لعل ڏنو ان وقت جو بھترين ڏاهو سگهڙ هو ۽ شاه عبداللطيف ڀٽائيرح جي رسالي جو پارکو ۽ حافظ هو ۔ شاھہ سائين جو بيت/وائي جڏهن ترنم ۾ ڳائيندو هو تہ ٻڌندڙن جي مٿان وجد طاري ٿي ويندو هيو ان کان سکيا ورتي عرضائي جو پڙنانو ﷲ ورايو جيڪو بہ بھترين ڏاهو سگهڙ ۽ڪچھرين جو مور هوندو هيو۔ان کان وري بابي سائين حبيب ﷲ”حبيب” سکيا ورتي، اهڙي طرح اها ڏات منتقل ٿيندي ڀائرن وٽ پر اهي نروار نہ ٿيا ۽ ان کان پوءِ جڏهن عرضائي وٽ اها ڏات پھتي تہ هن گهر ۾ رکڻ بجاءِ نروار ڪري ڇڏي ۔سگهڙحبيب ﷲ “حبيب” جي جيڪا شاعري ملي سگهي اها سھيڙي سائين منظور علي مھيسر حسيني جي ڪتاب “گڏيل گل گلاب جا” ۾ ڇپرائي.
ارشاد علي کي ان وقت جي آرپي{RP}ريسورس پرسن بدرالدين مڱڻھار جيڪو ارشاد علي عرضائيءِ جو سؤٽ پڻ آهي جي ڪوشش سان {MST} مسجد اسڪول ٽيچرجو ڪانٽريڪٽ تي آرڊر مليو ۽ هن 16اپريل1986ع۾ ڳوٺ الهرکيو جويو{محمد صديق سناڻي}۾ پھرين جوائننگ ڪئي۔1995ع۾ PTC پاس ڪري PSTپڪو سرڪاري ملازم ٿيو2000ع۾ انٽرپاس ڪئي۔اڳ۾ ذڪرڪري چڪو آهيان تہ سگهڙائپ مؤروثي ملڪيت هئي ان ڪري اها ڏات هلندي اچي ارشادعلي عرضائي جي سر جو تاج بڻي۔هونءَ تہ ڳوٺ جا جهونڙاسگهڙ استاد علي حيدر ڀٽو۔عبدالغفورڀٽومرحوم غلام محمد{غلام}ڀٽومرحوم درمحمد درل لانگاه غلام قادر{غلام گڙو}مرحوم سدورو ٿهيم عرضائي جو وڏو ڀاءُ اختيار احمد ۽ٻيا شامل هئا جن سان بہ {عرضائي} ڪچھريون ڪندو هيو۔ پر 1980ع جي پوئين ڏهاڪي ۾ جڏهن استاد غلام ڪبير بليدي {لولائي} لڏي اچي پاڙيسري ڳوٺ بھادر ڀنڊ ۾ صوبيدارسرائي علي حسن ڀنڊ جي زمينن تي ويٺو۔ عرضي ڀٽو ۾ اچڻ ڪري عطار هيو ۽ خريدارن کي ڳولي لڌوجن جا نالا مٿي ڄاڻايل آهن ۔ پر ارشادعرضائي سان سندس پيچ پختا ٿي ويا۽شاگردي قبول ڪري پٽيلو بنجي ويو۔ هن کي استاد جي مدد مھرباني اڀل آسرو ۽ دعا تمام گهڻي هئي (ڇوتہ استاد بہ ڏات ڌڻي۽ بھترين سگهڙ هيو) وري سنڌسگهڙ لوڪ ادب تنظيم “سلات” ۾ شموليت سان زندگي ۾ اڃان نکار اچي ويس. سندس لوڪ ادب شاعريءَ جو ڪتاب “عشق امر ذات” 16 ڊسمبر 2018ع ۾ ڇپيو اڄ جيڪو ڪجهہ بہ آهي اهو استاد غلام ڪبير بليدي۽ سنڌسگهڙ لوڪ ادب تنظيم “سلات” جي صحبتي سنگت جي ڪري آهي ﷲ پاڪ اڃان بہ کيس علم۔ادب ۽ سگهڙائپ۾ واڌارو ڪري . (آمين)

حمد

ساراھہ ڪيان ٿو سائينءِ جِي، جنھن جوڙيو هي تہ جھان ادا،
ٿنڀي ٿوڻي کان سواءِ اڏيائين کڻي آسمان ادا،
ڪُن چئي ڪريم کڻي هي ڦيرايو فرمان ادا،
فَيَڪُون جي امُر سان هي اڏجي ويو ايوان ادا،
سج چنڊ ستارن سان ڪيائين چؤطرف چراغان ادا،
ڌرتي پکيڙي ڌڻيءَ ڪيو گهڙيءَ ۾ گلستان ادا،
ڪنھن کي مالڪ بنايائين ملڪيت جو، ڪو درَ جو ڪيئين دربان ادا،
ڪنھن کي واڳ ڏيئي واليءَ ڪيو حاڪم حڪمران ادا،
ڪو پنندو وتي پيرين اگهاڙي، در در ۽ دڪان ادا،
ڪاٿي باغ بھاريون برپٽ ۾ ڪاٿي ويڙها ڏٺم ويران ادا،
ڪنھن کي جسم ڏنائين جواني، ڪو هلڻ لاءِحيران ادا،
ڪنھنکي اڏي ڇڏيائين اوج تي ڪو پائِيءَ لاءِ پريشان ادا،
ڪنھن کي ڌيئن پٽن جا ڌڻ ڏنائين، ڪنھن جي زندگي زن بنا زيان ادا،
بس قدرت آهي قادر جي، ڇا بندو ڪندو تہ بيان ادا،
اسان تي بہ ڪروڙين ڪرم نوازيون ڪريم جون آهن اڻکُٽ احسان ادا،
جوڏنائين مٺو مرسل مھر سان، ڪيائين دردن جو تہ درمان ادا،
اڳتي بہ پارتون آهن پرور کي ٿيندو نالائقن نگهبان ادا،
قبر حَشر ۾ حبيب صدقي، ٿيندو “ماستر” تي بہ مھربان ادا،
تَنھن جي قربن تان قربان ادا، آهي”عرضائي ارشاد” اصل کان.

******

حمديہ بيت (بنانُقطي)

مالڪُ المُلڪ مولا، اول اعلیٰ سرڪار آ،
لاَاِلٰهَ اِلاَّ للهُ رهڻو هردم هروار آ،
حمد واحد هر وار ڪرڻ مسلم ادا ڪردار آ،
گل وڻ گگدام سارا دائم مالڪ دلدار آ،
محڪوم آ هر هڪ ماڻھو هو حاڪم حڪمدار آ،
ساراھہ ڪر سحر و مسا، محڪم مولا معمار آ،
طاهر مُڪَّرَمُ مھڪار آ، اسم ﷲ “عرضائي” الا.

******

گل حسن سومرو

تعارف

نالو: گل حسن
پيءِ جو نالو: حاجي لال بخش
ذات : سومرو
پيدائش: 17 اپريل 1972ع.
تعليم: گريجوئيشن
فن جي شروعات : 1990ع کان.
استاد : سگهڙ محمد ملوڪ عباسي
ڇپيل ڪتاب: “برائيءَ جو بدلو”.
مليل مڃتا: محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفڪيٽ، سلات پاران مليل سرٽيفڪيٽ، موهن جو دڙو ڪلچرل سوشل فورم سرٽيفڪيٽ.
شائع ٿيل مواد : شوبز ورلڊ رسالي ۾ ڇپيل شعر، مختلف اخبارن رسالن ۾ ڪھاڻيون مضمون، مقالا، بيت ڇپيا جن ۾ عوامي آواز، ڪوشش ڪاوش عبرت لاشار سنڌ رنگ ڊائجيسٽ جاڳو فاسٽ ٽائيم تعمير سنڌ وغيرہ

پورو پتو/ائڊريس: اصل شھر نصيرآباد بعد لاڙڪاڻو هن وقت ڊيوٽي جي ڪري ميرپور خاص.
ڌنڌو / ڪرت : هاءِ ڪورٽ ۾ ملازم .
موبائل نمبر 03003489249

حمديہ بيت
حَمد هزارين خالق تنھنجا، تو جوڙيو جڳ جهان،
جِن مَلڪ حوران پريون، هزارين حيوانَ،
عرش، ڪُرسي، لوح و قلم، ڌرتي ۽ آسمان،
جبل، پھاڙ، چشما، واري، رڻ پَٽَ ريگستان،
مٺڙيون ٻوليون ڪوئل جھڙيون، تو راز رکيو رحمانَ،
پکي پرنده سھڻا سارا، ڪيو سونھن سندن حيران،
سَمُنڊَ، ڍنڍون، تلاءَ، نديون، درياھہ عاليشان،
رنگت گلن کي ڏئي خوشبوءِ تو، ڪيڏو ڪيو احسان،
خَلقت ساريءَ ۾ اي خدايا، ڪيو اشرف ٿي انسان،
“سومري گل حسن” کي ڏئي ايمان، امتي بڻايُئي عربيءِ جو.

******

صادق علي ملڪ

تعارف
نالو : صادق علي
پيءِ جو نالو : ﷲ ڏنو
ذات : ملڪ
پيدائش جي تاريخ : پھرين جون 1973ع.
تعليم : B A
فن جي شروعات: 1989ع.
ادبي استاد : سگهڙ گل حسن “گل” ملڪ
ڇپيل ڪتاب : “سچا ٻول صادق جا”
شائع ٿيل شاعري: حافظ الملت سيريز 5، “سھڻل جا سينگار” ، شان مصطفيٰ نعتيہ ڪتاب ۾ شاعري،“786 ڏات ڌڻين جي ڪلام ۽ احوال تي مشتمل سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري ۾ شاعري ۽ تعارف ڇپيل آهن.
ريڊيو ٽي وي پروگرام : پي ٽي وي، آواز، مھراڻ، ڪي ٽي اين. سنڌ ٽي وي سميت مختلف ڇينلز تي پروگرام رڪارڊ ٿيل آهن.
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ :
(1) سنڌ هارس ۽ ڪيٽل شو 1995 جيڪب آباد پاران ادبي سب ڪميٽي جيڪب آباد ڪل سنڌ سگهڙ ڪچھري جي موقعي تي مڃتا سرٽيفڪيٽ هنڌ مھراڻ هال جيڪب آباد
(2) حضرت لال شھباز قلندر جي عرس جي موقعي تي 2008 شھباز ميلا ڪميٽي سيوهڻ طرفان مڃتا سرٽيفڪيٽ
(03) سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب ويلفيئر تنظيم ايوارڊ سرٽيفڪيٽ حضرت سيد موريل شاھہ بخاري سگهڙ ڪانفرنس 08 نومبر 2011 هنڌ ڳوٺ ٺٺ سولنگي لڳ دليپوٽا ضلع نوشھرو فيروز
(04)صوبائي سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 20 ڊسمبر 2011 هنڌ ميرپور ٻرڙو تعلقہ ٺل ضلع جيڪب آباد
(05) سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب ويلفيئر تنظيم (سلات) ايوارڊ سرٽيفڪيٽ سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن 08 سيپٽمبر 2012 ڄامشورو.
(06) سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 23 مارچ 2013 استاد سگهڙ محمد صيفل ڀٽي يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ هنڌ ميان جو ڳوٺ تعلقہ خانپور ضلع شڪارپور سنڌ
(07) سنڌ بلوچستان لوڪ ادب ميلي جي موقعي تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 05 آڪٽوبر 2013 هنڌ سنڌ الاجي ڄامشورو
(08) لوڪ ادب مقابلا سگهڙ ڪانفرنس جي موقعي تي سدا حيات سگهڙ لال فقير ڪورار يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 13 ڊسمبر 2014 هنڌ ڳوٺ علي اڪبر ڪورار لڳ مبارڪپور ضلع جيڪب آباد
(09) بين الصوبائي لوڪ ادب ڪنوينشن سکر فقير هدايت علي رڏ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 11 اپريل 2015 هنڌ ٽائون هال روهڙي ضلع سکر
(10) سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) مڃتا سرٽيفڪيٽ 09 اپريل 2016 هنڌ مرڪزي دفتر سيد آباد ڪالوني ڄامشورو
(11) سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) بھار ٻرڙو ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 13 فيبروري 2021 هنڌ ڳوٺ بھار علي ٻرڙو لڳ ميرپور ٻرڙو تعلقہ ٺل ضلع جيڪب آباد
(12) ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ علمي ادبي ثقافتي ميلو راڳ رهاڻ ۽ گلن جي نمائش مڃتا ايوارڊ 2021 پاران آرٽس ڪائونسل ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ
(13) سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) 16 ڊسمبر 2023 سنڌي لوڪ ادب ڏهاڙو تقريب اعزازي مڃتا سنڌ
هنڌ ميان جو ڳوٺ

مليل ايوارڊ: گريجوئيٽ سگهڙ ايوارڊ 2016 ڊاڪٽر بلوچ گريجوئيٽ سگهڙ ڪانفرنس هنڌ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هال سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد ان کان سواءِ ڪجهہ مڃتا ميڊل پڻ مليل آهن.
ڪنھن رسالي يا ميگزين ۾ ڇپيل شعر: ماهوار پورب رسالو ڪراچي، ماهوار السنڌ اسلام آباد، ماهوار وينجهار حيدرآباد، ماهوار سنڌ دوست ميرپور ماٿيلو، ماهوار نئين آس شھدادڪوٽ، ماهوار سمونڊ ڪراچي، ماهوار نئون چنڊ ڊکڻ، سگهڙ سماچار ڄامشورو، سڪار ڊائجسٽ ڪراچي، ماهوار الراشد پير جو ڳوٺ، عبرت ميگزين حيدرآباد.
مختلف اخبارون: ڪاوش ڪوشش خبرون سڪار پاڪ سنڌ روزانہ ايڪسپريس عوامي آواز، سوڀ وغيرہ.
سنڌ جي مايہ ناز نعت خوانن جا نالا جن شاعري ڳائي آهي: حاجي عبدالحق طاهري ميھڙ، حاجي گل محمد مھرگهوٽڪي، حاجي خان محمد چاچڙ گهوٽڪي، عبدالرحيم عزمي شاعر و نعت خوان پنوعاقل، عاجز رحمت ﷲ لاشاري ڄامشورو، قربان ناريجو ۽ بدر الدين سومرو لاڙڪاڻو، بيدار بخشل چانڊيو ۽ علي شير حيدري لاڙڪاڻو، صداقت علي مھر ميرپور ماٿيلو، روشن علي مھر ميرپور ماٿيلو، عبد المجيد عباسي، نواب علي چاچڙ گهوٽڪي، صالح محمد سومرو ڏهرڪي، عبدالوحيد عالماڻي پنوعاقل، امام بخش عجمي گهوٽڪي، ڪريم بخش ملڪ ڪرمپور، اختر علي راڄپر ۽ حافظ ممتاز علي ، محمد قاسم رضا قادري اوٻاوڙو. حافظ و قاري عبدالغني کوسو، ڀورل فقير قادري بخشاپور، عبدالسميع چاچڙ ڪنڌڪوٽ، عامر منظور سولنگي بخشاپور ، هزارو فقير قادري ميرپور ماٿيلو، خيرالدين انڍر پنوعاقل، خان محمد ۽ فاروق احمد چاچڙ پنوعاقل، خالد حسين گلال ڳاڙهي موري، محمد اسلم مھر ٺل، برڪت علي نصيراڻي ٺل، عبدالمجيد قادري ڪشمور، عبدالنبي بنگلاڻي انڙواھہ ٺل، حافظ محمد علي کوسو باهو کوسو، عبدﷲ ڏاهاڻي تنگواڻي، محمد محسن قادري ٺل، حافظ محب علي قادري، محمد يعقوب اوڍاڻو ڪرمپور، صدرالدين نصيراڻي ڪرمپور، مرحوم موسن فقير نصيراڻي ڪرمپور، غلام عباس چولياڻي نواب شاهہ، ميرحسن ملڪ ۽ معشوق علي ملڪ ڏياڻي، الطاف حسين چولياڻي ڏياڻي، ﷲ بخش ملڪ ڏياڻي، دلبر علي قادري، محمد مريد ملڪ ڏياڻي، فنڪار مريد علي ملڪ شڪارپور.
پورو پتو: ڳوٺ مير مھراڻ خان بجاراڻي(ڏياڻي) پوسٽ آفيس ڪرمپور، تعلقو تنگواڻي ضلع ڪشمور

موبائل رابطہ نمبر: 0331 3608013
واٽس اپ نمبر: 0315 3502197
فيس بڪ آءِ ڊي: Sadique Ali Malik

بيت ۾ تعارف

ڪڏهن صادق، ڪڏهن عاجز، سڏين ٿا دوست مونکي پر،
مَلڪ آهيان ڏياڻي جو جتي سانگين جا آهن گهر،
شغل شاعري بڻي منھنجي نہ ٻئي ڪنھن راند جي پچر،
آهي استادگل منھنجو سکيم جنھن کان ڏکيا اکر،
رهان تنگواڻي تعلقي ۾ ضلعو ڪشمور آهي ير،
اسان جي ڳوٺ کان آهي ڪرمپور ڏھہ ڪلوميٽر،
سياري ۾ پئي سردي اونھاري۾ اٿئي مڇر،
بھار جي آ سٺي موسم اوڍي ڌرتي سائي چادر،
اچين جي دوست دعوت ٿي اکيون ٺرنديون پائي ڀاڪر،
قرب ٿيندا تنھنجا ڪثر، اچين ڏورئون جي ڏياڻي ۾.

******

حمد باري تعاليٰ

تون آن قــــادر ڪـــريم ، رحـــمان تون آن
تون آن علــيم حــليم ، ســــلـــطان تون آن
تون آن سمــيع و بصير ، مـــــــنان تـون آن
تون آن حاضر و ناظر ، حـــــــنان تـــون آن
تون آن واحد والي ، ڪنـدو احسان تون آن
تون آن خالق و مالــڪ ، ذيـــــشان تون آن
تون آن پرور منــور ، سبـــــــــحـان تون آن
تون آن حاڪم حڪيم ، حڪـمران تون آن
تون آن “صادق ملڪ” جو ، نگهبان تون آن

******

حمد

تون سائين تــــون ســـــــتار تون پـــــــــاڪ پالـــــــڻھار
قادر پنھنجي قــــــدرت ســـان پيــــو اپائين انب انار
ڪنھن کــي کارائيــــــن کارڪـــــون پـــــيو ميوا مزيدار
ڪٿي سلو نہ ڪرين سائو ڪـــــٿ گـــــل ڦل ٿين گلزار
ڪن کي نينگر ڏين ناز مان ڪــــي ســـڪندا ويا سردار
ڪي عاقل ڪرين عـــقل وارا ڪـي بي ســــمجهہ بيڪار
ڪي صاحب ڪرين صوبيدار ڪي ڪڙمي ڪي ڪمدار
ڪي پٽ پائن پوشــــــاڪون ڪي چتيـــون هڻن چوڌار
ڪي مندر وســــائن ميــــــخانا ڪــــي مســــجد مڻيادر
ڪي اوشاق ڪـــــرين عشــــق ۾ ڪــــي دلبر ٿين دلدار
ڪي “صادق” بــــڻائين ثــــــناگر ڪــــري شاعرن ۾ شمار
بس ! تعـــــريف رڳــــو تنھنــــجي آ تـــون خالق خلقڻھار
تون بــاري بخــــــشــڻھار مـــــون منـــــدو آهيان من ۾

******

حمد

ﷲ عليـــــــم اعلــىٰ تــــــون، جوڙيــــو جـــــڳ جھان عجب
ملــــڪ مڙيوئي مالــڪ تنھنجا، افضــــل عربـــــستان عجب
هر شيءِ تي تــون قـــــادر آهين، مالــــــڪ مھربان عجب
اول بہ تــــون آخـــــر بہ تون، ظاهــــــر باطــــن بيان عجب
تون بي مـــــــثال باري تعالىٰ، ســــرور تــــون سبحان عجب
وحده لا شريـــــــڪ آهيـــــن، مـــــولا تــــــون مـــنان عجب
حاضر ناظر هــر هـــــنڌ آهين، هـــــادي تـــون حـــنان عجب
مشڪل ٽارين تـــون ٿو مولا، حاڪـــم تون حڪمران عجب
قادر تنھنــــجي قــــدرت جو ، بيـــــــحد آهـــــــي بيان عجب
رازق تون ٿو رزق رســـــائين، شاهــــــد آهـــــــي قرآن عجب
اَطِيْعُوﷲ وَاَطِيْعُو الرَّسـُـوْل، تو فائــــــق جو فرمان عجب
تون ٻاجهہ ڪرين ٿو ٻانھن تي، توڙي آهيون بي فرمان عجب
هي ‘‘صادق ملڪ’’ ثناگر تنھنجي، محبوب جو ثناخوان عجب
ٻاجهہ ڪجانءِ رب ٻانھي تي، آهيان غلطين ۾ غلطان عجب

******

ميرحسن ملڪ

تعارف
نالو : ميرحسن
پيءُ جو نالو: عبدالڪريم
ذات: ملڪ
پيدائش جي تاريخ: 12 مارچ 1991ع
تعليم : انٽر
ادبي فن جي شروعات: 2012ع
ادبي استاد: سگهڙ محمد صادق ملڪ
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ: سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ،هنڌ ميان جو ڳوٺ ،تعلقو خانپور ضلع شڪارپور ،سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات)بھار ٻرڙو ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ،هنڌ ڳوٺ بھار علي بھار ٻرڙو ،لڳ ميرپور ٻرڙو ،مڃتا ايوارڊ سرٽفڪيٽ علمي ادبي ثقافتي ميلو راڳ رهاڻ ۽ گلن جي نمائش ،هنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌ ڪوٽ ڪرڪيٽ اسٽيڊم سنڌ سگهڙ لوڪ ادب ويلفيئر تنظيم (سلات) ايوارڊ سرٽيفڪيٽ سنڌي لوڪ ادب ڏھاڙو تقريب ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ ۽ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب (سلات) جي گڏيل ڪاوشن سان منعقد ڪيل ايوارڊ سرٽيفڪيٽ جشنِ بھار سرٽيفڪيٽ، سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات)
ڪنھن رسالي يا ميگزين ۾ ڇپيل شعر:ماهوار رسالو ويجهار ڪراچي ،،ماهوار سمنڊ رسالو ڪراچي
پورو پتو: ڳوٺ مير مھراڻ خان بجاراڻي (ڏياڻي)ضلع ڪشمور ، تعلقہ تنگواڻي ، پوسٽ آفيس ڪرمپور،واٽس اپ نمبر:03022613312 اي ميل :mirhassan214@gmail.com

حمد

مارين وري جيئارين واھہ قادر تنھنجي آ قدرت
سج الهندي کان لاهي اوڀر پيو اڀارين واھہ قادر تنھنجي آ قدرت
ڪيئن آڪاش ٿو بيھارين واھہ قادر تنھنجي آ قدرت
ڪڪرن مان پاڻي هارين واھہ قادر تنھنجي آ قدرت
رات مان ڏينھن ٿي اٿارين واھہ قادر تنھنجي آ قدرت
ڪي جوڌا جوان ماري جڏڙا پيو جيئارين واھہ قادر تنھنجي آ قدرت
گل ڦل سھڻا سنوارين واھہ قادر تنھنجي آ قدرت
نٿو نافرمان کي ڌڪارين واھہ قادر تنھنجي آ قدرت
جڳ روشن ڪري سينگارين واھہ قادر تنھنجي آ قدرت
مير حسن کي سنڌ ۾ آب زم زم پيئارين واھہ قادر تنھنجي آ قدرت

******

دلبر علي ملڪ

تعارف

نالو : محمد شفيق. تخلص : دلبر علي
پيءِ جو نالو : صادق علي ذات : ملڪ
پيدائش جي تاريخ : 01 اپريل 2000ع تعليم : B. Sc
ادبي فن جي شروعات : 2020ع. ادبي استاد : سندس والد.
ريڊيو ٽي وي پروگرام : سنڌ ٽي وي . ڪي ٽي اين نيوز . مھراڻ ، ڌرتي ٽي وي تي پروگرام رڪارڊ ٿيل.
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ : (01) سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) 13 فيبروري 2021 بھار ٻرڙو ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ، هنڌ ڳوٺ بھار علي بھار ٻرڙو ،لڳ ميرپور ٻرڙو تعلقہ ٺل ضلع جيڪب آباد (02) مڃتا ايوارڊ سرٽفڪيٽ علمي ادبي ثقافتي ميلو راڳ رهاڻ ۽ گلن جي نمائش 2021 هنڌ ڪرڪيٽ اسٽيڊم ڪنڌڪوٽ پاران آرٽس ڪائونسل ڪشمور (03) سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) 16 ڊسمبر 2023 سنڌي لوڪ ادب ڏهاڙو هنڌ ميان جو ڳوٺ تعلقہ خانپور ضلع شڪارپور.
پورو پتو : ڳوٺ مير مھراڻ خان بجاراڻي پوسٽ آفيس ڪرمپور تعلقہ تنگواڻي ضلع ڪشمور
موبائل رابطہ نمبر : 03313483783 واٽس اپ نمبر : 03313483783
اي ميل : malikdilbarali123@gmail.com
فيس بڪ آءِ ڊي: Dilbar Ali Malik پيج : Dilbar Ali Qadriدلبر علي قادري

حمد

ﷲ عليم اعلىٰ تون رازق رب رحــــــمان تنھنجو شان جل جلاله
ڪن فيڪون چئي تو جوڙيـو جڳ جھان تنھنــجو شان جل جلاله
محبوب ڏنو تو مرسل مـٺڙو محمد مھربان تنھنجو شان جل جلاله
انسانن جي هدايت لئي تو قــادر ڏنو قرآن تنھنـجو شان جل جلاله
مالڪ تو مخلوق ۾ ڪيو شـرف وارو انسان تنھنجو شان جل جلاله
بنان ٿنڀي بنان ٿوڻين ٺاهـــيو تو آســـــمان تنھنجو شان جل جلاله
شمس و قمر ڪــــتيون تارا ڪــهڪــــــشان تنھنجو شان جل جلاله
ڪي آدمي بڻائين عاقل ڪي نســـــورا نادان تنھنجو شان جل جلاله
“دلبر ملڪ” تي دم دم آهي ﷲ تنھنجو احسان تنھنجو شان جل جلاله
ننڍپڻ کان ئي نبيءِ جو تو بڻايو نعت خوان تنھنجو شان جل جلاله
ڳائيان ويٺو ڳوٺن ۾ ﷲ تنھنـــــجو شڪران، تنھنجو شان جل جلاله

******

محمدايوب “عارض”

تعارف
نالو: محمدايوب
تخلص: “عارض”
ولد: غلام علي
ذات: واهوچو
جنم: 20 جنوري 1970ع. تعليم: B.A اڪانامڪس
شاعري جي شروعات: 1990ع.
شاعري جا استاد: استاد ناظم منگي ۽ استاد آصف راڄپر صاحب.
لوڪ ادب جا استاد: استاد محمد ملوڪ عباسي ۽ استاد محمد لقمان کوکر.
ڇپيل ڪتاب : “عجب رنگ ايوب جا”، “اوجاڳا ايوب جا”، “اجرا گل ايوب جا”، “پھاڪن پچار”٠
ايندڙ ڪتاب :“ساراھہ سھڻي سڄڻن جي”، “ڏس ڏنگايون ڏيھہ جون”، “حُسن سَندي هاڪ”، “عارض آس اُساٽ”٠
مڃتا ايوارڊز: (1) “حسن ڪارڪردگي سگهڙ ايوارڊ “ ڊاڪٽر بلوچ گريجوءِيٽ سگهڙ ڪانفرنس 2016
پاران سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) (2) سدا حيات سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا ايوارڊ2017ع پاران سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم(3) استاد سگهڙ محمد ملوڪ عباسي مڃتا ايوارڊ2019ع سندس ورسيءِ جي موقعي تي٠ پاران عباسي ڪلھوڙا تنظيم سنڌ ۔ (4)حسن ڪارڪردگي مڃتا ايوارڊ 2022ع پاران ميان پير بخش مڱريو اڪيڊمي موهن جو دڙو٠
(5) “حضرت لعل شھباز قلندر مڃتا ايوارڊ 2023ع” سندس عرس مبارڪ جي موقعي تي٠
مڃتاسندون (Certificates: (1) “سٺي ڪارڪردگي ۽ يادگار طور مڃتا سند” سنڌ سگهڙ ڪانفرنس/لوڪ ادب سيمينار1991 ٠پاران : سانگهڙ ههسٽاريڪل ا؟نڊ ڪلچرل سوسا؟ٽي ٽنڊو آدم
2”جشن عيد ميلادالنبيﷺ 1993 ۾ مڃتا سند٠ پاران: سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم شاخ نصيرآباد٠ (3) مڃتا سند “ ڪل سنڌ سگهڙ ڪانفرنس 30 آڪٽوبر 1994” ڳوٺ محمد خان ڪلھوڙا ٠پاران : سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم(4)مڃتا سند “ ڪل سنڌ سگهڙ ڪانفرنس راڌڻ اسٽيشن 23 ڊسمبر 1994.پاران سنڌ سگهڙ ڀلائي تنظيم يونٽ ميھڙ٠(5)مڃتا سند “سنڌ سگهڙ ڪانفرنس 6 اپريل 1995 ڪنڊيارو پاران: سنڌي اصلاحي سگهڙ تنظيم ڪنڊيارو ضلعو نوشھرو فيروز٠(6) مڃتا سند “ڪل سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ڳوٺ محمد خان ڪلھوڙو لڳ موهن جو دڙو 7 اپريل 1996.پاران: سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم٠(7) بھتر ڪارڪردگي جي بنياد تي استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا “سرٽيفيڪيٽ ايوارڊ “ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ (عالم ـ اديب) نظير حسين مھر (ڪمشنر لاڙڪاڻو)٠ سگهڙ محمد مٺل جهتيال ۽ سگهڙ ممتاز علي عباسي طرفان٠ پاران: سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تـنظيم٠ پاران: ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ.(8) مڃتا سند” پھرين قومي لوڪ ادب ڪانفرنس 6 فيبروري2015 ڪراچيءِ ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو (عالم ـ اديب چيئرمين وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر ظفر اقبال وائيس چانسلر (وفاقي اردو يونيورسٽي آف سائنس آرٽس ۽ ٽيڪنالاجي ڪراچي سنڌ) (9) مڃتا سند بعيوض سنڌ جي قديم لوڪ ادب جي تخلييق/سھيڙ/اشاعت ٠ از طرف ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب (عالم ـ اديب) سرفراز راڄڙ صاحب (چيئرمين سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو حيدرآباد سنڌ ـ الهڏتو وگهيو صاحب (سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سنڌ ـ سگهڙ عاجز رحمت ﷲ لاشاري صاحب(باني سلات) سگهڙ حسين بخش رڏ(مرڪزي صدر سلات) سگهڙ مولا بخش شيدي ڪنوينر صاحب ڪتاب سگهڙ ڪنوينشن)پاران: صاحب ڪتاب سگهڙ ڪنوينشن 12 ڊسمبر 2015. (10) مڃتا سرٽيفڪيٽ بعيوض علم ـ ادب ـ سنڌي ٻوليءِ جي خدمت ـ لطيفيات ـ لوڪ ادب جي پرچار 9 اپريل 2016ع. ازطرف ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب ـ (محقق ـ دانشور)ـ جناب سرفراز راڄڙ صاحب ( چيئرمين S.l .A ) ۽ محترم عاجز لاشاري صاحب باني سلات) (11) استاد محمد ملوڪ عباسيءِ جي سالياني ورسي17 آڪٽوبر 2018ع جي موقعي تي بھترين ڪارڪردگيءِ جي مظاهري عيوض استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفيڪيٽ ـ (12) استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفيڪيٽ 2020ع سندس سالياني ورسيءِ ۾ لوڪ ادب خدمت جي حوالي سان بھترين ڪارڪردگيءِ عيوض ـ پاران سلطان احمد کوسو صاحب(شاعر ـ اديب ـ ڪمشنر لاڙڪاڻو) بئريسٽر ڪاظم علي خان عباسي صاحب ۽ سگهڙ ممتاز علي عباسي صاحب. (13) لوڪ ادب جي فن ۾ بھترين ڪارڪردگيءِ عيوض حاجي خانڻ چنجڻي مڃتا سند 13 مارچ 2021ع از طرف سيد سڪندر علي شاھہ (سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو)ـ عبدالعليم لاشاري (ڊائريڪٽر جنرل ثقافت کاتو سنڌ). خليل ﷲ ڪاڪيپوٽو (اسٽيشن ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد) سڪندر علي رند صاحب (جنرل مينيجر PTV World ڪراچي سنڌ ـ استاد محمد لقمان کوکر (مھان سگهڙ ۽شاعر)ـ (14) لوڪ ادب ۾ حاجي منور علي عباسي جو ڪردار جي حوالي سان لوڪ ادب سيمينار سگهڙ ڪچھري 25 جون 2021ع ۾ بههترين ڪارڪردگيءِ تي مڃتا سند. پاران: آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۽ سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم (15) استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا سند سندس سالياني ورسي 14 سيپٽيمبر 2021 جي موقعي تي . پاران: سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم (16) لوڪ ادب جي خدمت ۽ بههترين ڪارڪردگيءِ جي عيوض استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا ايوارڊ سندس سالياني ورسيءِ 12 نومبر 2022 تي ـ
مختلف ڪتابن، رسالن، اخبارن ۽ ڊائريڪٽرين ۾ ڇپيل تخليقون ۽ احوال : 1) سگهڙن جي ڊائريڪٽري 1991ع ٽنڊوآدم ٠ ترتيب عبدﷲ ورياھہ . 2) سووينئر (رسالو) گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نصيرآباد 1994ع. 3 ) لاڙڪاڻو صدين کان 1995ع. ترتيب ڊاڪٽر بشير شاد لاڙڪاڻو٠
4) انگريزيءِ ۾ ڊائريڪٽري 2002ع ٠5) اخبارون “پاڪ ـ عوامي آواز ـ ڪاوش، ڪوشش ـ تعمير سنڌ ـ هلچل وغيرھہ وغيرھہ ٠ 6) ڪتاب وڳڻ جا ويچار 2006ع ڪراچي٠ مرتب محمد ايوب واهوچو 7) انگريزي ڊاريڪٽري 2002ع مرتب : ڊاڪٽر بدر الدين اڄڻ ٠ 8) ڪتاب لوچون ڏس لقمان جون 2012 مرتب : محمد ايوب عارض واهوچو ٠9) ڪتاب ڪچھري جا مور 2013ع
ترتيب ۽ تحقيق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري 2015ع محقق عاجز رحمت ﷲ لاشاري باني سلات ٠10: پاڪستاني زبانون ڪا لوڪ ادب آگسٽ 2015ع .
11: ڪتاب رسالو ڳجهارت نومبر 2015 ترتيب ـ تحقيق ـ سمجهاڻي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ٠
12: وجود جو هڳاءِ (گڏيل شاعري) 2016 ترتيب ڊاڪٽر فيض جوڻيجو ٠
13: ڪتاب لقمان لبان تي تيڏا نالا 2018 ترتيب محمد ايوب واهوچو ٠
14: رسالو رهاڻ 2020 ترتيب واحد ڪانڌڙو حيدرآباد سنڌ٠
15: “گڏيل گفتا” ترتيب گل محمد چنجڻي ميانداد چنجڻي٠16 : چشمين ڏٺو چين کي 2021
ترتيب : محمد ايوب عارض واهوچو 17 : لعل هيرا لقمان جا 2024ع ترتيب : حسين چنجڻي ٠
(18) ڪتاب پاڪستاني زبانون ڪا لوڪ ادب 2015 جو مرتب ڊاڪٽر ڪمال جامڙو صاحب
پَتو: ڳوٺ سوالي واهوچا، لڳ نصيرآباد، ضلعو قمبر شھداد ڪوٽ سنڌ
رابطو نمبر : 03052158772 / Watsapp Number 03162909442

حمد باري تعاليٰ بيت

سُبحانَ تُنھنجِي صاحِبِي، قُدرت عَجَب ڪُل..!!
ڪَٿي سگهبا ڪِينَڪِي، مُوران جَنھن جا مُل.!!
اُڀـــو اُڀ ايُــوبَ! آ بِيٺــو، ٺهيــــو بِنــا ٺُــل..!!
زَيبــائِتِــي زَمِيــن هِـــي، بحــر اُونھي بُل..!!
هادِي! تُنھنجِي حِڪمتين، هَلَن هاڙهـي هُل..!!
سَارنگ سرزَمِيــنَ ڪِيــا، وَصوڳــيءَ وَصُل..!!
ســاوِڪَين سَجائِجِـي، جَنھن آ پھري جهُل..!!
ٿر بر تي ٿڌڪـار ٿِـي، گهُلِـــي هِيــرُن گهُل..!!
پوکُون پيداوارَ سـان، ڦُـــــــولاريــا فَصُـل..!!
صَبا کي سُرهاڻ ٿِــي، هُڳــان تـو حاصُـــل..!!
وَڻ، ٻُـوٽـــا واکــاڻ ۾، گَيـليـا گئــونٽـا گُلَ..!!
موتيو،مُگرو،ڪَنول،ڪُرنو،سُوسَن سڀ سُنبُل،
بسنت، بدهر، بخمل، بوديا، رابَيلِـي راڄُـل..!!
قادِر! تُنھنجِي ڪُل شيءِ، آهـــي اَنگَ اَمُل..!!
داور هِتـڙي دنگ هِن، “عـارِض” چئي عَقُل..!!
وزن وڌ وڏانــدرو، تَنھن جــي نـاهـي تُـل..!!
لِکـڻ ليکــو ناھہ تُنھنجي، عظمتَيــن اَصُـل..!!
خالقَ! تُنھنجي خير جي، کاڻُــن رَهِـي کُل..!!
تـان وَڄَن پِيا وِرُونھن جا، دِلِيــن ۾ دُهُـل..!!
خَاوند ڏِنئي خُوشيون ٿِيا، شادِيُن جا شُغُل،
هر گهــڙِي، هر چِيـزَ ۾ آ، فَائِــقَ! تو فَضُل..!!
مُختلِف مَخلُوقَ پيدا، نافِـعَ! ڪِيئي نَسُل..!!
برقرار آهـي ڀــالُ تُنھنجو، تـوھہ تَسَلسُـل..!!
بَخشِيندڙ بادِشاھہ آن، هر بندَي سَندِي ڀُل.!!
ٽَپائينديــن ٽَيڪَ ڏئي، پرور! اَؤکِــي پُل..!!
جو ﷲَ تو عَدُل.!! ڇـڏئي ڇُٽـــن مامِـرا..!!

******

حمديہ ڪافي

اي خدا! جاڏي اک مون فيرائي، مون کي قدرت نظر تنھنجي آئي.
سونھن سان ساري ڌرتي سجائي عرش ۾ ڀي تنھنجي آشنائي.
رات ۾ چنڊ تارا ٿا چمڪن، ڏينھن ۾ سج جا ڪرڻا ٿا ٻهڪن.
جيڪي جهرڻا پيا پاڻي ۾ جرڪن، رب! سا تنھنجي آ روشنائي.
هي جبل، سمنڊ، نديون، نظارا، هي قمر هي ڪتيون هي ستارا،
ڪيڏا سھڻا ۽ ڪيڏا نہ! پيارا، واھہ تن جي تو رونق وڌائي.
تون ئي اَوّل ڀي ۽ تون ئي آخر، تون ڳجهو، مخفي، باطن تون ظاهر،
نور ڪک، پن ۾ تنھنجو نشابر، زيب تنھنجو تنھنجي آ ضيائي.
آيا ڀرجي مٿان ڪارا بادل، جن وسوڳئَ سان ٿر بر ڪيا ٿاڌل،
مؤج مھراڻ ۾ ٿي مڪمل، واھہ والي! تو رحمت وسائي
سونپ ڪڪرن ٿي صاحب آ سرتو، ڇوھہ ڇاٽن چمر ڇيڄ ڇرتو،
ڀونءِ ڀرجي ڀڄي ريج ورتو، گاهہ، وڻڪار، فصلين ٿي سائي.
هي ڍگا ڍور ميدان ڊوڙن، هي پکي آجيا اُڀ تي اڏامن،
باغ ۾ گل ٽڙن، ڀئونر ڀڻڪن، هير ٿڌڙي اتر جي گهلائي.
جيڏي تعريف تنھنجي ڪجي سا، مون کي تنھنجو قسم ٿورڙي آ،
حق ادا هڪ نعمت ٿئي نہ مولا! وڏي کان وڌ وڏي تو وڏائي.
ٻاجهہ ٻانھن تي ٻيڻي ڇا! چئوڻي، پاڪ پرور پنجوڻي ستوڻي،
ڏات ڏاتر ڏهوڻي، سئوڻي، ڀال تنھنجو آ بيشڪ ڀلائي.
چاس هر چيز ۾ چاھہ ارپيو، ساءِ سائين سھڻو ساھہ ارپيو،
ورد “واهوچي” کي واھہ ارپيو، ڳالھہ سگهبي ڪري تو نہ ڪائي.

******

بيت

حاضُــر آ هر جـــــاءِ تـــــي، ظاهـر رب جي ذات..!!
"اِنَّ اﷲَ علٰي کُلِّ شَيْءٍ قَدِيرُ، مُحِيطُ" موجُودات..!!
اَڻکُـٽ اَرض آسمـــانَ ۾، منظــر مولــيٰ جـــــا ته..!!
اَرڙهن لَکَ "اَيُــوبُ" چئــي، مالِــڪَ مخلُــوقــات..!!
اَشُــمارِي اِنســـــــــــانَ ۽، هيـڪـند حيــوانــات..!!
جِيــوت ڪيئــي جھان ۾، نَامِــي نِبـــــــــاتـات..!!
وَڻَ ٽِڻ پوکُون، گُل ڦُل ميوا، ڌرتِيءَ جِي هر ڌات.!!
سمُنڊ، ندِيون، ماٿَر جَنھن ۾، جَبـلَ هِي جهنگلات.!!
جِيــت جڻيـا جانــار مڇيون ۽، اعلـــيٰ آدم ذات..!!
جِـــنَ، ملائـــڪِ، پَــرِند چَــرِند، پيــا لنـــون لات..!!
حُورُون، پَريون هاديءَ جون، ڪن ويٺيون ڪلمات،
سِج، ستارن، چنڊ ڪتِيُن پئي، چمڪي ڏاتَـرَ ڏات.!!
سَٿِيل آهي سونھن سان ڪُل، قـادِرَ جي ڪائنات.!!
ڏِينھن بہ اُنھيءَ ڏاتَر جو اُن، راحِـــم جـي آ رات..!!
پُـٺِيــان ورِي پيــدا ڪـري، پَروَرُ ٿــو پِرڀــــــات..!!
بــاريءَ بخشِــي زندگــي، سا سونھادي سوغات..!!
ڪَرمُ اِهــو ئـي ڪافـي آ جو، بڻيـــل آ هر بـات..!!
رَمـزَ ڀَرئي رَافِــعَ جـي هــر، تهـدر تخلِيـقـــــات...!!
جِنھن جي هر جنســـارَ ۾، آهِن عجب جا اثرات..!!
قُرب هِن ڪِروڙ اسان تي، ڳڻــي ڇا ڳڻبــــــا ته..!!
لُطُفَ لَکَيــن لَکَ اُهـو آ، ڇانـوَ اسـان جي ڇــا ته..!!
ڳائِج ويٺـو ڳُـڻ واهوچــا! رَکُ وحـدانيــت وات..!!
ثنـا ڪر پِيو سائينءَ جي اُٿِ! "عارض! آڌي رات،
جو تــوکي اِها تــات..!! مَــاڻـائِــــيندَئي منزِلون..!!

******

فقير منظور علي مھيسر حسيني

تعارف

منظور علي ولد ﷲ بخش ولد محمد عثمان ولد محمد صالح مھيسر، سياري جي شروعاتي موسم ۾ ﷲ بخش مھيسر جي گهر ٢٥ نومبر ١٩٥٩ع تي ڳوٺ ڌڱاڻو مھيسر تعلقو ميرو خان ضلعو لاڙڪاڻو هاڻوڪو تعلقو سجاول جوڻيجو ضلعو قمبر شهداد ڪوٽ ۾ ڄائو. جڏهن پڙههڻ جي عمر کي رسيو تہ استاد واحد بخش مھيسر وٽ قرآن شريف ناظرہ پڙهي پورو ڪيائين۔جيڪو ڳوٺ جي مسجد شريف ۾ پيش امام هو ۽ ان سان گڏ ڳوٺ جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڌڱاڻو مھيسر مان ١٩٧٠ع ۾ پرائمري پنج درجا پاس ڪيائين. اتي جن استادن وٽان فيض حاصل ڪيائين انھن ۾ استاد علي مراد عرف استاد جمن مھيسر، استاد غلام رسول ابڙو، استاد فيض محمد ڀٽو ۽ استاد محمد جمن سومرو سر فهرست آهن. ١٩٧٥ ع دوران گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪوٽ لعل بخش مھيسر مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ان کان بعد ١٩٧٦ع کان ١٩٧٨ع تائين خانگي نوڪري ڪيائين. ان کان بعد ڪوٽ لعل بخش مھيسر ۾ ڪرياني جو دوڪان کوليائين ١٠ ڊسمبر ١٩٧٩ ع تي مسجد اسڪول ٽيچر جو آرڊر ٿيو پھرين پوسٽنگ سرور آباد مھيسر ۾ ٿي جيڪو پنھنجي ڳوٺ کان هڪ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آهي. پوءِ پڙهڻ جو شوق ٿيو ۽ ١٩٨١ ع ۾ انٽر خانگي پاس ڪيائين ١٩ مئي ١٩٨٢ ع تي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ فريش پرائمري ٽيچر جو آرڊر ٿيو، هڪ سال گذرڻ بعد روحاني سلسلو بہ ﷲ جي فضل و ڪرم سان حاصل ٿيو۔ جو روحاني رهبر غوث الزمان سخي سادات حضرت قبله سيد غلام حسين شاه بخاري غفاري نقشبندي مجددي نورﷲ مرقده جن جي مبارڪ هٿ تي نقشبندي سلسله عاليہ ۾ بعيت ٿي ۽ حسيني فقير سڏائڻ جو شرف حاصل ٿيو ۽ ﷲ پاڪ کان دعا آهي تہ سندس نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ سندس ٻچڙن سان تا قيام ادب جو سلسلو قائم ۽ دائم رکي آمين۔
منظور علي مھيسر جي پرائمري ٽيچر دوران جن اسڪولن ۾ بدلي ٿي انھن ۾ جي پي ايس ڌڱاڻو مھيسر، جي پي ايس حاجي احمد خان جتوئي، جي پي ايس حاجي محمد خان بوزدار، جي پي ايس محمد فاضل مھيسر، جي پي ايس ڪوٽ لعل بخش مھيسر ۽ جي پي ايس جان محمد انڙ سر فهرست آهن.
١٩٨٣/٨٤ع ۾ گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج مين لاڙڪاڻو مان پي ٽي سي پاس ڪيائين ١٩٨٦ ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان خانگي طور بي اي پاس ڪيائين۔١٩٨٩ ع ۾ شاه عبد اللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان ايم اي اسلامڪ ڪلچر ۾ پاس ڪيائين. ١٩٩٣ع ۾ ايليمينٽري ڪاليج حيدر آباد مان سي ٽي پاس ڪيائين۔ ١٩٩٤ ع م شاه عبد اللطيف يونيورسٽي خير پور ميرس مان بي ايڊ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ مولوي عربي، مولوي عالم ۽ مولوي فاضل جو امتحان سکر بورڊ مان پاس ڪيائين ١٩٩٨ ع ۾ ايم ايڊ جو امتحان الخير يونيورسٽي آزاد ڄمو ڪشمير مان پاس ڪيائين۔ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي بہ ڪوشش ڪيائين پر يونيورسٽي ۾ مذهبي تضاد سبب اهڙي اميد کان رهجي ويو. ١٩٩٨ ع کان ادب ڏانھن لاڙو ٿيس ۽ پروفيسر سيد گل محمد شاه گل بخاري کي ادبي استاد قبولي نثر جي شروعات ڪيائين ۽ پھريون ڪتاب جنوري ١٩٩٩ ع ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا حصو پھريون جي نالي سان شائع ٿيو۔ ٻيو ڪتاب مارچ ١٩٩٩ ع ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا حصو ٻيو جي نالي سان شائع ٿيو۔ ٽيون ڪتاب مئي١٩٩٩ ع ۾ اسان جو آقا اسان جو رهبر صلي ﷲ عليہ و آله وسلم شائع ٿيو۔ چوٿون ڪتاب ڊسمبر ٢٠٠٠ ع ۾ اسان مسلمان ڪيئن آهيون شائع ٿيو۔ پنجون ڪتاب نومبر ٢٠٠١ ع ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا حصو ٽيون جي نالي سان شائع ٿيو۔ ڇهون ڪتاب مئي ٢٠٠٢ ع ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا حصو چوٿون جي نالي سان شائع ٿيو۔ ستون ڪتاب ٢٠٠٢ ع ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا حصو پنجون جي نالي سان شائع ٿيو۔ اٺون ڪتاب ٢٠٠٢ ع ۾ الحسيني جي نالي سان شائع ٿيو۔ نائون ڪتاب اپريل ٢٠٠٥ ع ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا حصو ڇهون جي نالي سان شائع ٿيو۔ ڏهون ڪتاب اپريل ٢٠٠٥ ع ۾ مھيسر نامہ ضلعو خير پور ميرس لکيو۔ يارهون ڪتاب آگسٽ ٢٠٠٥ ع ۾ مھيسر نامہ ضلعو دادو لکيو۔ ٻارهون ڪتاب ٢٠٠٥ ع ۾ مھيسر نامہ ضلعو سکر شڪارپور لکيو۔ تيرهون ڪتاب ٢٠٠٥ ع ۾ مھيسر نامہ ضلعو نوشھرو فيروز لکيو ۔ چوڏهون۔ ڪتاب٢٠٠٥ ع ۾ مھيسر نامہ صوبہ پنجاب لکيو۔ مئي ٢٠٠٦ ع ۾ سجاول جا سگهڙ پندرهون ڪتاب لکيو۔ سورهون ڪتاب سوکڙي ٢٠١٢ ع شائع ٿيو ۔ سترهون ڪتاب اپريل ٢٠١٣ ع ۾ گڏيل گل گلاب جا شائع ٿيو ۔ارڙهون ڪتاب سوکڙي ٢٠١٧ ع شائع ٿيو۔اوڻيھون ڪتاب۔ سوکڙي ٢٠١٨ ع شائع ٿيو۔ ويھون ڪتاب۔ جنوري ٢٠٢٣ ع ۾ جاني جدا ٿي ويا شائع ٿيو۔ايڪيھون ڪتاب مارچ ٢٠٢٣ ع ۾ جيئن ڏٺو مون جانبن کي شائع ٿيو۔ ٻاويھون ڪتاب جون ٢٠٢٣ ع ۾ خيال ملن خيالن سان تہ منزل آسان آ۔ شائع ٿيو۔ ٽيويھون ڪتاب ڊسمبر ٢٠٠١ ع ۾ امن شائع ٿيو۔جولاءِ ٢٠٢٣ ع ۾ چوويھون ڪتاب شائع ٿيو۔ڪيئن قرب ڪندا ها ڪامل محبت وارن مريدن سان۔ هاڻي پنجويھون ڪتاب تي ڪم هلندڙ آهي جڙيا رهن جڳ ۾۔ سگهڙائپ جي فن م سندس استاد آهي سگهڙ عبد الرحمان مھيسر۔ هن وقت حمد، نعت، ڏور بيت، آجيان جا بيت، منقبت، رباعي تي طبع آزمائي ڪري چڪو آهي سماجي ڪمن ۾ بہ جيڪي ڪم ڪيائين آهي هي آهن حسيني ويلفيئر ايسوسيئيشن ۾ ٻہ سال جنرل سيڪريٽري ۽ ٻہ سال صدر رهيو۔تعلقو ڪوآرڊينيشن ڪائونسل سجاول جوڻيجو ۾ ڏھہ سال جنرل سيڪريٽري رهيو۔ مھيسر سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن مسوا ۾ ويھہ سال جنرل سيڪريٽري رهيو ۽ پاڪستان سوشل ايسوسيئيشن جو تا حيات ميمبر آهي۔ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جو پڻ ميمبر آهي۔۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ جڙيو چانڊيو جو ميمبر آهيءِ ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو سان سال کن کان پڻ وابستا آهي۔ ۴ جولاءِ ٢٠١١ ع تي ايڇ ايس ٽي گريڊ سورهين ۾ پرو موشن ٿيو ۽ هاءِ اسڪول ڪوٽ لعل بخش مھيسر مان ٣١ آڪوبر ٢٠١٨ ع تي رٽائر ٿيو۔ ڪجهہ وقت پنھنجو پرائيوٽ اسڪول بہ کوليائين۔ پوءِ اهو بند ڪري ١٥ جنوري٢٠٢٢ ع تي لاڙڪاڻي ۾ لڏي آيو ۽ شيخ زيد ڪالوني ۾ گلوبل سائنس ڪاليج ۾ پڙهائي ٿو۔١٩٧٤ ع ۾ نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هو تہ ان وقت شادي ٿي هئي ۔اولاد ۾ ڇھہ پٽ ۽ چار نياڻيون ٿيون انھن ۾ ٻہ پٽ وفات ڪري ويا هڪ عبد التواب ۔ ٻيو ﷲ بخش ۔ هن وقت چار نياڻيون ۽ چار پٽ آهن پھريون عبد الو حيد ٻيو عبد الصمد ٽيون عبد التواب چوٿون دربان علي مھيسر شامل آهن۔ سندس جذبا اڃا تائين جوان آهن ﷲ پاڪ کيس علم، ادب، ڏات ۽ ڏاهپ ۾ اڃا بہ واڌارو فرمائي. (آمين ثُم آمين)

حمديہ بيت

اول حمد هاديءَ جو، هو صاحب آ سبحان،
لم يلد ولم يولد،سندس شآهي آهي شان،
جو چآهي سو ڪري، مالڪ ڪل جهان،
اول آخر ظاهر باطن ، پڙهي ڏس قرآن،
نہ ڪو ثاني سندس آ، نہ ڪنھن کان پڇڻ جو امڪان،
حڪم هلي حاڪم جو، چؤ طرف چوگان،
بنا پيءَ پيدا ڪري، جوڙيندڙ جهان،
مالڪ آهي مُلڪ جو، جڳ جو حڪمران،
ڪُن فَيڪون جڏ چوي، تہ جُڙي لامڪان،
سو سدا مھربان، آ مھيسر جي من ۾٠

******

حمديہ بيت

اول ساراھہ ڪريان سُبحان جِي، هو صاحب رب ستار،
شان ان جو اتم اعليٰ، آ ڏيھن جو ڏاتار،
چئي الست بربڪم، ورتئين قالو بليٰ جو اقرار،
جنت جھنم ٻئي ٻُڌائي، وري قرب ڪيو قربدار،
لاتقنطوا من رحمت ﷲ، آ بخشيندڙ غفار ،
لآهي ٿو هڪ لحظي ۾، لکين غم غبار،
اهڙو مالڪ آ منٺار، جو سنڀالي سڀ حسيني چئي٠

******

حمديہ بيت

ڪنھن کان ڪوه طور تي، ٿو جُتي بہ لهرائي،
ڪنھن کي عرش معليٰ تي، ٿو نعلين بہ پارائي،
ڪنھن کي ڪاتي ڪنڌ تي، وهندي بہ نہ وهرائي،
ڪنھن کي باه مان باري، بيشڪ ٿو بچائي،
ڪنھن کان سر نيزي تي، پاڻ ٿو کڻائي،
جنھن کي ٻني نہ ٻج، اول اُهي کارائي،
جيڪي لڱين هن اگهاڙا، تن کي پاڻ ٿو پھرائي،
جيڪي مڃيس مورئون نٿو، انھن کي بہ ڍڪرائي،
ٿو انھن کي مڃرائي، جيڪي هلان ڪندا ها حسيني چئي٠

******

حمد

ﷲ کي انسان تون، آزمائي تہ ڏس،
خالق ڪل شئ کي، ٻاڏائي تہ ڏس.

هر هر سڏڻ تي، تو کان نفرت ڪن ٿا،
ان دلبر جي در تي، سر جهڪائي تہ ڏس.

يا ڪري پڪارڻ ،سان وڌاءِ ياري،
يارن جي يار جو، در کڙڪائي تہ ڏس.

ٻين کان گهرين ٿو تہ وٺني وياج ٿا،
بنا وياج وارو، وکر ورائي تہ ڏس.

صلاح وٺ سڄڻ تون، ڪري ماٺ “مھيسر” جي،
چوي “حسيني” دلبر، دل ۾ سمائي تہ ڏس٠

******

اقبال احمد “عادل” مھر

تعارف

نالو: اقبال احمد “عادل” مھر
پيءُ جو نالو: وزير احمد مھر
ڄم جي تاريخ: 25-03-1982ع
تعليم؛ ايم اي (‏‏M.A) بي ايڊ (B-Ed)
ڪرت: وائرليس آپريٽر (سنڌ پوليس)
سگهڙپائيءَ ۾ استاد؛ گل حسن “گل” ملڪ
ميل ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ:
20 ڊسمبر 2011ع تي لوڪ ادب مڃتا سرٽيفڪيٽ تنظيم سلات پاران هنڌ؛ عبدالقادر عرف بابو خان جي اوطاق ميرپور ٻرڙو تعلقہ ٺل ضلع جيڪب آباد 23 مارچ 2013ع تي استاد سگهڙ محمد سيفل ڀٽي يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ سلات پاران هنڌ؛ سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن جي موقعي تي ميان جو ڳوٺ تعلقہ خان پور ضلع شڪارپور 25 جنوري 2014ع بمطابق 24 ربيع الال 1435 هجري تي مڃتا ايوارڊ سرٽيفڪيٽ پاران؛ تنظيم فڪر و نظر سنڌ. پھرين مارچ 2014ع تي بين الصوبائي سگهڙ ڪنويشن جي موقعي تي بھار ٻرڙو ايوارڊ سرٽيفڪيٽ. هنڌ: ڳوٺ بھار علي ٻرڙو تعلقہ ٺل ضلع جيڪب آباد پاران سلات.
ايڊريس: ڳوٺ مبارڪ پور تعلقہ ٺل ضلع جيڪب آباد
رابطہ لاءِ 0300-2486845 / 0346-3408226
E- mail: iqbaladil786@gmail.com Face Book ID: اقبال عادل مھر

حمد باري تعاليٰ (صنعتي بيت)

اول تعريف ﷲ جي، جو آهي صاحب رب سلطان.
قادر پنھنجي قدرت سين، جوڙيو هي جهان.
باري پنھنجي بندن لاءِ، ڪيائين چؤ طرف چراغان.
احسان الآهي احد جا، ڪھڙا بندو ڪري بيان.
لاشريڪ لاثاني ذات جنھنجي، آهي اسان جو ايمان.
عربي صدقي انسان جو، مٿاهون ڪيائين مان.
اپايائين اسان لاءِ سج چنڊ تارا زمين آسمان.
داڻي مان دن بڻائي، ڏيئي داتا ٿو دان.
لَقَدْ خَلَقْنَا الْإِنسَانَ فِي أَحْسَنِ تَقْوِيمٍ آ فائق ۾ فرمان.
ملائڪ حور پري، خلقيائين جن و انسان.
هادي هر ساھہ کي، رسائي رزق ٿو رحمان.
راضي رهجانءِ رب سبحان، سدا اقبال عادل مھر تي.

******

گل حسن گل ملڪ

تعارف

گل حسن گل ملڪ

دوستو!
اڄ آءٌ هڪ اهڙي شخصيت جو تعارف پيش ڪري رهيو آهيان جنھن لوڪ ادب ۾ سڄي سنڌ ۾ نالو روشن ڪيو آهي ـ تاريخ شاهد آهي تہ سنڌ جي تھذيب، تمدن ۽ آثار اهڃاڻ جا والي وارث ساڃاھہ وند، سالڪ، مانجهي مڙس رهيا آهن ـ جنھن جو پيوند پيچرو نظم، نثر ۽ لوڪ ادب سان رهيو آهي ڇاڪاڻ جو اُهي اديب ۽ شاعر ئي هوندا آهن جيڪي سير سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻي هيرا لعل جنھوار ۽ ماڻڪ موتي ميڙي موتيُن جي مالھا جوڙيندا آهن، لفظن جي سھيڙ جا ڳهڻا ڳچي ڳل پائي بھترين سماج جوڙيندا آهن. پوءِ اهڙا املھہ مانجهي ماڻھو سماج جا ستارا موتي داڻا هوندا آهن جيڪي پڻ ڀٽائي جي ڀُونءِ جي آثار اهڃاڻ ثقافت تھذيب ۽ تمدن جا والي وارث بڻبا آهن.
جي دوستو!
هڪ اهڙو نانءٌ جيڪو ماکيءَ جِي مِٺاس جيان چاھہ رکندڙن کي چَس چکائيندو رهيو آهي، جنھن جو تعلق ڊگهي عرصي کان وٺي لوڪ ادب سان آهي پاڻ سنڌ جو ناميارو سگهڙ، شاعر ليکڪ ۽ محقق آهي.
1 سيپٽمبر 1967ع تي ﷲ وڌايو مَلڪ جي گهر هڪ گُلُ ٽڙيو جنھن جي خوشبو هر هنڌ هٻڪار آڻي ڇڏي، وڏڙا شروع ۾ هاڻوڪي ڪشمور ضلعي جي شھر ڪرم پور ويجهو ڳوٺ گُڙدو بجاراڻي ۾ ويٺا هئا ۽ بعد ۾ هن لڏ پلاڻ ڪري ضلعي جيڪب آباد جي شھر مبارڪپور کي مَسڪن بڻايو.
استاد گل حسن “گل” مَلڪ شروع کان وٺي علم ادب سان چاھہ رکندڙ شخص آهي اهو ئي سبب آهي جو هو هن وقت 18 گريڊ ۾ گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول مبارڪپور ۾ استاد طور ڪم ڪري رهيو آهي، هن جو شوق شاعري ڏانھن ايترو تہ هوندو هيو جو هو ننڍي هوندي کان ئي سياري جي سرد ڊگهي راتين ۾ ٿيندڙ مچ ڪچھرين ۽ ٻين سگهڙ پروگرامن ۾ شرڪت پڻ ڪندو هو. جيئن جيئن وقت جا وهڪرا گذرندا رهيا تيئن تيئن هن جو لوڪ ادب ڏانھن لاڙو پڻ ترقي جون منزلون طئي ڪندو وڌندو رهيو، هن صرف 13 سالن جي الهڙ جواني ۾ سگهڙائپ جو شاگردي وارو ڳانو جڳ مشھور سگهڙ استاد محمد سيفل خان ڀَٽيءَ کان ٻڌرائڻجي منزل ماڻي ورتي، جنھن پڻ گُل حَسن کي “گُل” بڻايو، سندس استاد جو ساٿ “ڪل نفس ذائقة الموت” واري حقيقت جي ڪري ٿورو عرصو رهيو، پوءِ هن اڃا وڌيڪ سگهڙائپ جي صنفن تي پڪڙ پختي ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مشھور سگهڙ شاعر استاد بھار علي “بھار” ٻُرڙي کان سگهڙائپ ۽ شاعريءِ جو ڳانو ٻڌايو، جنھن پڻ هن کي سگهڙائپ ۽ شاعري جي هر صنف تي دسترس دست شفقت سان پڻ حَقِ اُستادي ادا ڪندي سونپي، هن بہ پڻ آدابِ شاگردي، آداب روحاني فرزندي جيان نڀايا، گل جو سندس استاد سان اهو وچن هو تہ پھريان اُن استاد جي شاعري سھيڙي “بُوند بھار” ڪتاب مرتب ڪري سنڌ جي سگهڙن لاءِ آڻي پر هو قضا ڪريم آڏو بيوس ٿي پيو ۽ استاد بھار جي وفات بعد سندس لوڪ شاعري ڪافي مشڪلاتن سان مُنھن ڏئي سھيڙي چڪو آهي. اهو ان ڪري لکڻو پئجي رهيو آهي تہ استاد بھار جي ڪافي شاعري گم ٿي چڪي هئي پوءِ هن سندس همعصر سگهڙن ۽ شاگردن سان گڏ چاھہ رکندڙن کان پڻ جاکوڙ ۽ جفا ڪشي سان شاعري گڏ ڪئي ۽ شڪر ٿيو جو استاد جي سھيڙيل لوڪ شاعري کي ڪتابي شڪل ڏئي چڪو آهي. جيڪو جلدئي سندس چاھہ رکندڙ ۽ نون نويڪلن سگهڙن جي ۽ ڀٽائي جي ڀونءِ تي رهندڙ رهواسين جي لوڪ ادب جي دنيا ۾ اڻکٽ اڻ لڀ معلومات پهچائڻ جو پڻ ذريعو بڻبو. هن وقت گل حسن “گل” مَلِڪ لوڪ شاعري جي هر صنف تي پڻ مھارت حاصل ڪري ورتي آهي هن جي شاعري ڏهس، سينگار، هنر، پھاڪو، ڳجهارت، ٽه ڳڻو، سي حرفي، ڏور، نظم، نعت، وائي غزل کان علاوه سنڌ جي لوڪ داستان عمر مارئي، سسئي پنھون، سھڻي ميھار ۽ نوري ڄام تماچي کي پڻ محور بڻايو آهي، جڏهن تہ پورهيت مزدور هارين جي حقن بابت پڻ مهل ۽ موقعي جي مناسبت سان قومي عوامي شاعري سان گڏ ڏهس جيڪو اڳ ۾ شاھہ لطيف جي همعصر جلال کٽي جي شاعري ۾ ملي ٿو هن ان کي وڌائي ٻٽو ڏهس، ٽيهس، چاليهس ۽ پنجاهس ۽ سٺهس تائين پهچايو آهي جيڪا پڻ سگهڙ شاعري ۾ هڪ وڏي تحقيق آهي.
مثال چنڊ جا ٽيھہ نالا جھڙوڪ :
چنڊ، چاند، چندورو، چن، چندرما، پانو، پونو، پنرو، پُورَنْ، پُونم، پَهلو، نوخ، نشاقر، نوڪ، مُون، ماهہ، مھتاب، مڪرند، مَڌاس، اُماس، اِندُ، هلال، هسند، ڌَڄراج، طُوبا، سَن، سَسُ، قمر، بدر آهي سڀ تحقيق مطابق چنڊ جا نالا آهن اهو ٽيهس چئبو اهڙي نموني سج جا ڏھہ نالا ڏهس چئبو،
مثال طور: ارن، آرق، آڏِت، دي، ديتاب، آفتاب، شارق، شمس، سج، سُوهو، هوْر، ڀانُ، سورج نہ صرف ايترو ان تحقيق سان گڏ ڏهس شاعري بہ موجود آهي ـ
ياد رهي تہ سندس استاد سگهڙ بھار علي بھار پھريون ڏات ڌڻي هئو جنھن ٻولين جي سينگارَ ۽ سٽاءَ ۾ ٽيھہ اکري لکي هئي ۽ سندس هن شاگرد وري ان کي اڃا بہ تحقيق جو نئون رخ ڏئي ڪري “ڏهس” ۾ “سينگار سي حرفي” لکي ورتي آهي. ان کان علاوه جس لهڻي سندس شخصيت ئي آهي جنھن پڻ هڪ نئين صنف ايجاد ڪري لوڪ ادب تي پڻ احسان ڪري ڇڏيو اها صنف جيڪا بنيادي طور سگهڙن وٽ گُرو چيلو مشھور آهي ۽ تحقيق دانن پڻ ان تي تحقيق ڪئي آهي جنھن کي ٻين لفظن ۾ سگهڙن ڳاڻوءِ جا بيت بہ چيو آهي. دراصل گروچيلو کي ڳاڻوءَ جا بيت چوڻ مناسب آهي يا نہ اهو تحقيق طلب آهي پر گروچيلي جي پرولين جا اصول ڳُڻن، خوبين يا لڇڻن مطابق قائم ڪيل آهن جن کي هن استاد سُگهڙ “ٽه ڳُڻو” نالو ڏِنو آهي ۽ نہ رڳو نالو ڏنو آهي پر ان کي هن اڃا وڌايو پڻ آهي ۽ وڌيڪ محنت ڪري چوڳڻ پنج ڳُڻو، ڇھہ ڳُڻو ۽ سَت ڳُڻو تائين پهچايو. ان کان اڳ ڪنھن بہ سگهڙ جي لوڪ شاعري ۾ اهڙي قسم جي نواڻ ناهي آندي.
استاد گل حسن گل ملڪ جا 1983ع کان وٺي هن وقت تائين ڪيترائي ڀيرا پي ٽي وي ۽ ٻين سنڌي چئنلن ۽ ريڊيو تي سگهڙائپ ۽ شاعري جا پروگرام نشر ٿيندا آيا آهن، نظم کان علاوه نثر نويسي بہ سندس مشغلو رهيو آهي، هن جون لکڻيون ۽ شاعري ڪيترين ئي قومي اخبارن جي زينت بڻجي چڪيون آهن. وينجهار رسالي ۾ بہ هن ڪيترائي ڪالم لکيا آهن ۽ گذريل وڏي عرصي کان هن وقت تائين شاعري جو مڪمل صفحو “جهانگين جي جهونگار” سندس نالي تي ڇپجندو آهي، ان کان اڳ 1985ع کان 1990ع تائين شڪارپور مان شائع ٿيندڙ رسالي “شاگرد” ۾ پڻ شاعري واري شُعبي جو انچارج رهيو ۽ اسلام آباد کان نڪرندڙ ماهوار السنڌ رسالي، توڙي ڪراچي مان شائع ٿيندڙ “پُورب” رسالي ۾ پڻ اڻ ڳڻيون تحريرون ۽ شاعري ڇپجندي رهي. ٻئي طرف حيدرآباد مان نڪرندڙ “ساٿي” رسالي ۾ ٻاراڻين لکڻين جي اعتراف ۽ اعزاز ۾ اداري پاران کيس “رائيٽرايوارڊ” پڻ ڏنو ويو. ان کان علاوه سندس انقلابي ۽ اصلاحي شاعري مصري بلاول جي ڳايل “جوڌا اٿي جاڳ” ڪيسٽ ۾ پڻ موجود آهي. هن ڪرونا وائرس جي وبائي صورتحال تي بہ دعائيا نظم لکيا آهن.
اهو گل کي ئي اعزاز حاصل آهي جو سنڌ ڌرتي جي مھان لوڪ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان پڻ سڪ ڀريل سنيھن جو سلسلو رهيو آهي، هڪ خط ۾ ڊاڪٽر صاحب سندس لکيل ڪتاب!
The book of pronounciation “اچارن جي ڪتاب” ۾ ساراھہ ڪئي آهي، سڀ خط 2013ع ۾ سنڌيالاجي ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ياد ۾ سلات پاران ڪوٺايل سنڌ بلوچستان لوڪ ادب ميلي جي موقعي تي سندس پُٽ ڊاڪٽر محمد شريف حوالي ڪيا هئائين، جنھن بعد سندس پوٽي ارشد طرفان ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي خطن تي مشتمل “سڄڻن کي ساريوم” ڪتاب آندو آهي انھيءَ ۾ استاد گل حسن گل ملڪ ڏانھن لکيل خط پڻ شامل ڪيا ويا آهن.
سنڌ جي مھان لوڪ اديب ۽ استاد سگهڙ جو تعارف پڻ ڪيترن ئي ادبي ڪتابن ۾ ڇپجي چڪو آهي جھڙوڪ “سوچن جي سرهاڻ” (غلام مصطفيٰ مشتاق ميمڻ مھراڻ اڪيڊمي) سگهڙن جي ڊائريڪٽري (عبدﷲ ورياھہ سنڌي ادبي بورڊ)، سنڌي شاعري جي مختصر تاريخ (ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري )، ڪچھريءَ جا مور (ثقافت کاتو ) ۽ “سھڻل جا سينگار” (عاجز رحمت ﷲ لاشاري ۽ گل حسن “گل” ملڪ خود هن ڪتاب کي ترتيب ڏئي تنظيم فڪرو نظر سنڌ کان ڇپرايو)
استاد گل حسن “گل” ملڪ کي لوڪ ادب خدمتن جي ڪري کين ڪيترائي ڀيرا مڃتا ايوارڊز ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽن سان پڻ نوازيو ويو آهي، جنھن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو،
“ مڃتا ايوارڊ” ٢٠٠٣ع ۾ سنڌ هارس اينڊ ڪيٽل شو جي موقعي تي اڳوڻي ناظم ضلع جيڪب آباد مير شبير علي خان بجاراڻي جي هٿان وصول ڪيو .
١٩٩۵ع ۾ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ هارس اينڊ ڪيٽل شو جيڪب آباد ۾ ادبي سب ڪميٽي طرفان پڻ مليو.
مارچ ١٩٩۵ع ۾ “ڪمينڊيشنس سرٽيفڪيٽ” ڊي سي جيڪب آباد عِلم الدين بُلي جي هٿاران مليو.
“ايوارڊ سرٽيفڪيٽ” ٢٠١١ع نوشھرو فيروز ۽ ساڳئي ئي سال” ايوارڊ سرٽيفڪيٽ” سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪانفرنس جي موقعي تي پڻ مليو.
٢٠١٢ع سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو پاران سلات سنڌ بلوچستان ڪانفرنس ۾ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ مليو.
٢٠١٣ع سندس” استاد محمد سيفل ڀٽي يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ “ سلات پاران مليو ۽ ساڳيئي سال” ساٿي رايئٽر ايوارڊ” پڻ مليو پاران ٻاراڻي ادب ۾ ويھن سالن جي جدوجھد مستقبل جي معمارن جو علمي ۽ ادبي ترجمان ماهوار ساٿي حيدرآباد.
وڏي ڪاميابي هن تڏهن ماڻي جڏهن هن کي ٢٠١٣ع ۾ سنڌيالاجي طرفان “ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ايوارڊ” سان نوازيو ويو. ٢٠١۴ع ۾ سندس استاد بھار علي “بھار” جي چاليھي تي بين الصوبائي ڪنوينشن ۾ “بھار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ” سان پڻ نوازيو ويو.
“شھباز ايوارڊ” ٢٠١۴ع ۽ ٢٠١٧ع ۾ “بھترين سگهڙ” شھباز ميلا ڪاميٽي پاران ٻہ ڀيرا ملي چڪو آهي.
“گريجوئيٽ سگهڙ ايوارڊ” ٢٠١٦ع پاران باني سلات عاجز رحمت ﷲ لاشاري هنڌ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري، ڊاڪٽر نبي بخش خان هال حيدرآباد
گل کي سندس لوڪ ادب خدمتن عيوض ٢٠١٦ع ۾ “چاندي جو تاج” پڻ پارايو ويو لعلو رائنڪ ١٠٠ سگهڙن جي مڃتا ڪانفرنس جي موقعي تي پاران مولا بخش عرف عبدالخالق شيدي نائب صدر سلات
“لوڪ ادب ايوارڊ” ڊسمبر ٢٠١٧ع آل پاڪستان سگهڙ ڪانفرنس لوڪ ادب ڏهاڙي جي موقعي تي هنڌ لعلو رائنڪ پاران سلات.
جنوري ٢٠١٧ع تي “شيلڊ” ادب ۽ ٻولي جي سلسي م خدمتن عيوض پاران سنڌي ادبي ۽ ثقافتي فورم ميرپور ٻرڙو.
“فخر ملت اسلاميہ مرحوم قاضي حسين احمد يادگار شيلڊ” جنوري ٢٠١٨ع پاران جماعت اسلامي يوٿ مبارڪ پور.
ساڳي سال” استاد قمر کوسو يادگار ايوارڊ” پاران سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ لکي غلام شاھہ ضلع شڪارپور.
علمي ادبي خدمتن عيوض مڃتا ايوارڊ پريس ڪلب مبارڪپور پاران پڻ ڏنو ويو.
جنوري ٢٠١٩ع “بھار ٻرڙو ايوارڊ “ Best” folk poet”پاران استاد بھار علي ٻرڙو يادگار ڪاميٽي جيڪب آباد ۽ ساڳي سال “لٽريچر فيسٽيول ايوارڊ” Am research foundation جيڪب آباد طرفان پڻ مليو.
٢٠١٩ع ۾ سدا حيات سگهڙ “ محمد ملوڪ عباسي مڃتا ايوارڊ” پاران ممتاز علي عباسي مرڪزي صدر سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم لاڙڪاڻو
“باڪمال سگهڙ ايوارڊ” لوڪ ادب خدمتن جي مڃتا طور فيبروري ٢٠٢٠ پاران در محمد ڪمال يادگار ڪاميٽي ٺٺ سولنگي نوشھرو فيروز طرفان ڏنو ويو.
انھن ايوارڊز ۽ سرٽيفڪيٽن، شيلڊ ۽ چاندي جي تاج جي سر تي سجائڻ مان واضع ٿئي ٿو تہ سندس شخصيت لوڪ ادب جي دنيا جي قدآور شخصيت آهي.
گل جي سرهاڻ جي هر هنڌ هٻڪار پکڙجي چڪي آهي ۽ هن جي خوشبوءِ جو واس وٺڻ لاءِ سنڌ بلوچستان جا سوين سگهڙ ڀنور جيان ڀيرا ڏيندي ڏسندي نظر ايندا آهن، اهوئي سبب آهي جو سندس شاگرد ۽ شاگردن جا شاگرد سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهن. جن مان ڪجهہ پڻ استادي لقب پڻ ماڻي چڪا آهن، جن ۾ ﷲ ڏنو هانڀي ۽ محمد ايوب لاشاري (تعلق بلوچستان )کي پڻ مڃتا ايوارڊ پڻ مليا آهن، ڪوڙل بمبل (پرائمري استاد) پنھنجي سگهڙائپ ۽ شاعري کي سھيڙي ڪتاب آڻي چڪو آهي، صادق علي ملڪ (ڏياڻي) بہ هونھار شاگردن مان آهي جنھن جو پڻ سگهڙ شاعري ۾ سٺو ڪم ٿيل آهي تازو جنھن جو پڻ ڪتاب شائع ٿي چڪو آهي، ۽ ڪيترائي ٻيا شاگرد پڻ موجود آهن جنھن جو ڳڻڻ ڳاڻيٽو ممڪن نہ آهي، اهو پڻ چئي سگهجي ٿو تہ جيڪا ڪُني لوڪ ادب جي ميدان ۾ استاد سيفل ڀٽي ۽ استاد بھارعلي “بھار” ٻرڙي جن چاڙهي هئي ان جو ڍڪڻ استاد گل حسن” گل” ملڪ لاٿو آهي، هن وقت استاد گل حسن “گل” ملڪ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جا مرڪزي صدر آهن ـ سلات جو صدر هئڻ ناتي سنڌ بلوچستان جي سگهڙن جا پروگرام سھيڙي ترتيب ڏيئي سنڌ بلوچستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ سگهڙ ڪانفرنسن ۾ سگهڙ موڪليندو آهي، پروگرامن جو محور ۽ مرڪز سنڌ جون قديم درگاهون، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، قلندر لعل شھباز ۽ سچل سرمست جي سالياني ميلن کان علاوه ثقافت کاتي پاران ڪوٺايل سنڌي ادبي ڪانفرنسون پڻ هونديون آهن ۽ سنڌ جي ناليواري مرحوم سگهڙن جي مزارن تي لوڪ ادب جا ڏات ڌڻي سگهڙ شاعري ۽ مقالن ۾ لفظن جي ڀيٽا پيش ڪري انھن کي ۽ انھن جي فن کي پڻ زنده رکيو ويندوآهي، ان کان علاوه سگهڙن جي هر ڏک سک ۾ پڻ هو شرڪت ڪندو آهي، نہ صرف ايترو رات جو دير تائين ڪانفرنس ڪال ذريعي سندس شاگردن ۽ همعصر سگهڙن سان ڏهس ڏورين ۽ ڳجهارتن جو سلسلو جاري هوندو آهي، مطلب تہ گل هڪ اهڙي درسگاه بڻجي چڪو آهي جنھن ۾ لوڪ ادب جي دنيا جا طالب علم علم پرائڻ ۾ رڌل آهن ـ جيڪي پڻ اڳتي هلي ڪاري ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاري سنڌ جي ثقافت آثار اهڃاڻ ۽ تھذيب ۽ تمدن جي حفاظت ڪندا ـ
گل جي ڏهس ڏورين ۾ ڏاهن کي ڏندين آڱرين آڻڻ جي صلاحيت بہ موجود آهي تہ وري دعائيا شعرن ۾ رب کي رجهائڻ جون رمزون بہ موجود آهن. وري سينگار بيتن ۾ “تان مڃ محمد ڪارڻي نرتو منجھان نيھن” جو معنا خيز محبت ڀريو مقصد بہ موجود آهي ۽ هن جي انقلابي ۽ اصلاحي نظمن ۾ مظلوم لاءِ سهائتا۽ ڏاڍن سان وڙهڻ جي جستجو ولولو ۽ همٿائڻ جو فن بہ موجود آهي، ان کان سواءِ سسئي جي پنھون لاءِ جستجو ۽ جدوجھد ' سھڻي جي ميھار لاءِ محبت مارئي جو لوهي نہ لڄائڻ جو درس' ۽ ڄام تماچي جو نوري لاءِ بادشاهت وساري ککي جا کارا ۽ ڄارا کڻڻ جو محبت ڀريو مقصد بہ موجود آهي.
مطلب تہ گل ملڪ جو شعر پڙهڻ جو انداز ايترو تہ وڻندڙ آهي جو ٻڌندڙ وجداني ڪيفيت ۾ اچي ٿر جي ساوڻين ۾ مورن جيان الھوٽ ٿي نچڻ تي مجبور ٿي پون ٿا ۽ ٻڌندڙ صرف واھہ واھہ جون وايون ورجائيندا رهن ٿا. هن حصي ۾ گل حسن گل ملڪ جي صرف لوڪ شاعري بابت تعارف هيو، سندس مبارڪپور شھر ۾ پيغمبري پيشي سان وابستگي، ڪمن، شاگردن ۽ علمي ڪم بابت حصي ٻئي ۾ اوهان اڳيان پيش ڪبو،
اميد تہ گل صلاحيتن جي سڳنڌ سان سنڌ واسين کي سدائين سير ڪندو رهندو ۽ گل جي سرهاڻ سنڌ واسين کي سبا بڻجي سنواريندي رهندي ـ سندس لاءِ محبتون ۽ دعائون سدا حيات رهن.

واحد جي واکاڻ
(ٽيھہ اکري)

ا : الف ﷲ اِلاهِي آ، ڪَرم ڪوجهن مٿان تُنھنجو،
رزق روزي رسائين ٿو، حُڪم ٻانھن مٿان تنھنجو،
آهيون عيبن ۾ آقا گم، ڇپر ڇورن مٿان تنھنجو،
قرب قادر ڪيڏو آهي، ڍِلن ڍورن مٿان تنھنجو،
آهي اِحسان اُتم اعليٰ، چڱن چورن مٿان تنھنجو،
ٿورو ٿورن مٿان تنھنجو، ڳڻي ڳڻيون ڀلا ڪھڙو.

ب : بي بندا بلڪل آهيون، خالق خدا هڪ تون ڌڻي،
تنھنجي حُڪم سان آ سڄي، بس بادشاهي پو بڻي،
ٿا جهُڪون تنھنجي اڱڻ، ٿو تون ڏئين معافي کڻي،
بس در اهو داتا نہ ڇڏبو، سِر وڃي ڀل ڪو لُڻي،
ڏاتر ڏنگايون ڏوھہ ڏاڍا، ڇڏ سڀئي پوندا ڇڻي،
ڪا ڪرم جي ڪيريو ڪَڻي، تہ عيبن کان آجا ٿي مَرون.

ت: تي تعريف تنھنجي ڪَن پيا، ڍورَن ۾ چرندي ڍورَ سڀ،
ڪُل پکي چانڊُولَ چڙيا، تنھنجو ذڪر ڪن مورَ سڀ،
پروازَ ۾ ڪَن ياد توکي، چنڊَ ڏانھن چڙهندي چڪورَ سڀ،
ڏَرَ تنھنجي کان ٿا ڏَڪن، چوريون ڪري اڄ چورَ سڀ،
ﷲ اڪبر جو لڳي نعرو تہ پوءِ پٿر بہ ڀورا ڀور سڀ،
ٿين گهوٽَ ڀي ٿا گهورَ سڀ، راضي ڪرڻ رحمانَ جي.

ث : ثي ثنا تنھنجي پئي هلندي، ڀُونءِ سڄي ۽ فَلڪ ۾،
تو جلايو طُورَ کي هو، نُورَ جلوي جهلڪَ ۾،
بس ڪرم ڪر ڪوجهن مٿان، جيئن خالقَ سونھون خلقَ ۾،
مَيٽي مَدايون ٿو سگهين، پاٻوھہ سان هڪ پلڪَ ۾،
پاپن کان پرور پاڪُ ڪر، طاقت نہ آ “گُلَ مَلڪَ” ۾،
بس مالڪ انھيءِ مُلڪَ ۾، ڪج ٻاجهہ ٻانھي جي مٿان.

ج: جيم جھان تو بڻائي، خالِقَ خلقِي خلقَ ساري،
ڪي ڪٿي ڪارُن جا مالڪَ، ڪي ٿا ڪَن پيادل سواري،
ڪي فقيري فيضَ ۾، ڪي ڌڻُ ڇيڙي ڪَن ڌَناري،
ڪي وڏيرا تو ڪيا، بس ڪي بڻايا تو ئي هاري،
پاڻَ ڄاڻين پنھنجي ڪَمَ کي، ڇا مجالَ ٻئي کي باري،
تنھنجي درَ تي توبہ زاري، رحم ڪر رحمانَ تون.

ح : حي حُڪم حاڪمَ تنھنجو، ڪُل سڄي ڪائنات ۾،
تهجد پڙهن لوڪئون لِڪي، ننڊ ڦِٽن اڌ رات ۾،
ڏَر تنھنجي کان ٿا ڏَڪن، بادل مٿي برسات ۾،
چمڪن پيا تنھنجي امُرَ سان، سڀ سِتارا سات ۾،
جيت، جانور، جر مڇي، تنھنجو ذڪر هر ذات ۾،
توحيدَ چوندي نعت ۾، مونکي بہ مولا مارجان.

خ : خي خدا خوفَ کان ٽُڪر ٿيا ٽَڪرَ ڪٿي،
پوکَ پوکيل ساڳُ ڌاڻا، ڪُل ڪوماڻا وکر ڪٿي،
ڪَڙ ڪَڙ ڪَري وِڄُ پَئي ڪِري، تارا ڪِريا ڪَڪر ڪِٿي،
ڪُن چوڻ سان ٿي پئي، هر شئي مگر نهڪر ڪٿي،
ڊپَ تنھنجي کان ڊوڙَ ڊوڙِي، چيتي ڏنا چڪر ڪٿي،
هر ساھہ سهندو سَقر ڪٿي، ڍڪجان ڍِلايون ڍولَ تون.

د : دال داتا در تنھنجي تي، ٿا جهُڪَن انسانَ ڪُل،
ڪائنات جي ڪُنڊَ ڪُڙڇَ کان، اسود چُمن چوغان ڪُل،
گمر ڏِسي گاهن سندي، حيران ٿيا حيوانَ ڪُل،
حاڪِمَ هزارين بادشاهہ، تو وٽ اچن سلطانَ ڪُل،
تون خدا تخليقَ تنھنجي، مخلوقَ زمين آسمانَ ڪُل،
آقا تنھنجا احسانَ ڪُل، ڪھڙا ڳڻي ڪھڙا ڳڻيون.

ذ : ذال ذڪر ذوقَ مان، توحيدَ جا نعرا لڳا،
ماکيءِ جيان ڪي کوھہ ٿيا، سمنڊَ ڪٿي کارا لڳا،
تنھن ۾ بلائون بندگي، ڪندي ڳچين ڳارا لڳا،
گرمي ڪٿي، سردي ڪٿي، پارن مٿان پارا لڳا،هر چيزَ ۾ حڪمت ٺم، نہ خالي چمن چارا لڳا،
بس ڪارا بہ ڪي پيارا لڳا، رحمت اُٺي جنھن تي راز تنھنجو.

ر : ري رُڃَ ۾ رات ڪي، رهيل بہ تون راس ڪَرين،
ڪوڪار ڪني جي ڪوھہ ۾، ڪلتار سُڻي تون قياس ڪرين،
پاٻوھہ سان پالي اندر، نيواڻَ ۾ ڪي ناس ڪَرين،
بيجان کڻي بلڪل هجي، هڪ پلڪَ ۾ سو ساس ڪرين،
ماري وري مرضي مطابق هڏَ جدا تون ماس ڪَرين،
ڪي چُٽا مٽائي چاس ڪَرين، خالقَ پنھنجي خُلقَ سان.

ز : زي زمين زرخيز ڪيئي، ڪي ڪٿي ڪارا ڪَلر،
سر سبز ٻنيون ٻارا ڪٿي، مارو ڪيئي پياسا پلر،
ڪٿي وستيون ويران ڪَيئي، ڪٿي ڪيئي ويڙها ولر،
ڪي سِپُون ويون جر اندر، ٿو ڪَن کي تارين ڪاڻ ابرَ،
هر چيزَ ۾ حڪمت تنھنجي، آهي رکيل خالقِ اڪبر،
آ مغرب، مشرق تنھنجي نظر، تون پيار سان پالين پيو.

س : سين سدا ساراھہ تنھنجي، خشڪي، پھاڙين پاڻي اندر،
ڪنھن پيٽَ مان جو ڪجهہ ڄمي، تون تنھن کي بہ ڄاڻي ٿو اندر،
ڇو تہ خالق تون خدا، تون ئي ڏُکي ٿو واڻَ واڻي هي اندر،
يونس مڇي جي پيٽَ ۾، تنھن جو بہ تون ساڻي اندر،
جنھن معراج مڃيو نہ مصطفيٰ جو، تنھن کي بہ ڪيئي نر منجھان نياڻي اندر،
بس هر مظمونَ ۽ آکاڻي اندر، ٿي واحد تنھنجي واکاڻ هلي.

ش : شين شريڪ نہ تنھنجو ڪوئي، تو ئي جھان تہ جوڙيو آ،
هر تخليق تنھنجي تعجب جهڙي، جنھن نہ مڃيو تنھن لوڙيو آ،
آسمان مٿي سج چنڊ ستارا، ڪو تن لئہ ٿنڀو نہ تو کوڙيو آ،
حيرت جھڙي هن حقيقت کان نہ ڪنھن مُنھن موڙيو آ،
تڏهن تہ تنھنجي تعبيدارن، تنھنجي اڱڻ تي ڊوڙيو آ،
وري روزو رکي تن ڇوڙيو آ، رڳو رازِقَ تُنھنجي ريجهائڻ خاطر.

ص : صاد صداقت صبر وارا توئي پيدا انسانَ ڪيا،
اِنَّ ﷲ مَعَ الصٰبِرِيْنَ انھن لئہ، افضل تو اعلانَ ڪيا،
اَلَسْتُ بِرِبِڪُمْ چئي ارواحن کان، تو اول هئا امتحان ڪيا،
قَالُوْ بَلىٰ جو قولُ ٻُڌي، تو اِنسَ مٿان احسانَ ڪيا،
“ گُل مَلڪ “ مٿان آ مھر تنھنجي، تنھن تنھنجا خدا شُڪرانَ ڪيا،
بس شرفَ ڏَئي تو شانَ ڪيا، نہ تہ ڪير سُڃاڻي ڪوجهن کي ها.

ض : ضاد ضامن ضعيفن جو تون، ضايع نہ ڪنھن جو ذرو ڪندين،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْت آهي، شل عذاب ڍِلن تان ڍرو ڪندين،
بس پُر پاپَن ۾ پرور آهيون، پناھہ ڏئي شَلَ پَرو ڪندين،
جي مُنڪِرَ مالِڪَ تنھنجا خدا، تون تن لئہ جھنم تَرو ڪندين،
جنھن ڪلمو پڙهيو آ ڪريمَ مٿان، سو کردار بڻائي کرو ڪندين،
تون حساب ڪتاب محشَرَ ۾، ڳرهيان عرض خدا نہ ڳرو ڪندين.

ط : طئي طالب مولا طهورا جا، هڪدم بڻائين تہ بڻائي ٿو سگهين،
وري پٿريون پکين کان هاٿين کي، هڪدم هڻائين تہ هڻائي ٿوسگهين،
آسمان زمين وري ڊاهي پوءِ، هڪدم کڻائين تہ کڻائي ٿو سگهين،
سِري ٻارن کان ڪنھن ڪافرَ جِي، هڪدم لُڻائين تہ لُڻائي ٿوسگهين،
ڪنھن ٻَنڌڻن واري ٻارَ جِي ٻولي، هڪدم سڻائين تہ سڻائي ٿوسگهين،
ڪنھن ڪوريئڙي کان غار تي تاني، هڪدم اُڻائين تہ اُڻائي ٿوسگهين.

ظ : ظوئي ظلمت جا زنجير سڀئي هڪدم ٽوڙين تہ ٽوڙي ٿو سگهين،
ڪلمي جو جهنڊو پوري دنيا تي، هڪدم کوڙين تہ کوڙي ٿو سگهين،
ڪي ٻانھا ٻَڌا تو ڏوهاري، هڪدم ڇوڙين تہ ڇوڙي ٿو سگهين،
انسانَ جا عضوا ڌارَ ڪري، هڪدم جوڙين تہ جوڙي ٿو سگهين،
هجي حمالي جبل ڀل ڪيڏو کڻي، هڪدم ڦوڙين تہ ڦوڙي ٿو سگهين،
اسماعيل جي ڪنڌ ڪاتي هجي، هڪدم موڙين تہ موڙي ٿو سگهين.

ع : عين عليم عالَم جو تون، ڄايو ناهي اڳ ڄاڻَ رکين ٿو،
اِنس، اُنسَ، اَنسَ جي تون جنس جدا سا پاڻَ رکين ٿو،
ڍنڍون ڍورا، سمنڊ سارا، موجن ۾ مھراڻ رکين ٿو،
مانارن ۾ ڏيڀو ڏنگن، ڪٿي مانارن ميٺاڻ رکين ٿو،
فَاذْکُرُوْنِىْ اَذْکُرُکُمْ چئي، صاحِبَ واھہ سڃاڻَ رکين ٿو،
فرشي عرشي توکي تنوارن، تون ئي تن ڏي تاڻَ رکين ٿو.

غ : غين غمرن سُوسن سرون، سُرها سارا، توڪيا پيارا،
ٿانگر ٿرن، مانگر بحرن، واه تخليق تارا، تو ڪيا پيارا،
پاڻي تارِن، لوھہ اُڏارن، ڪي اِنسَ عقل وارا، تو ڪيا پيارا،
جيتَ اندر ڪيئن ڪانڊو، ڄڻ ڪي ٽانڊو، منجهہ چاسينگر چمڪارا، توڪيا پيارا،
ڪٿ گل ٽڙن ٿا گرميءِ ۾، ڪٿ پوھہ مھيني پارا، تو ڪيا پيارا،
يُجَاهِدُوْنَ فِىْ سَبِيْلِ ﷲ ، پڙهي جن مَردن ڪيا مارا، تو ڪيا پيارا.

ف : في فَکَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ اَوْ اَدْنىٰ ، واھہ وري ملاقات هئي،
ڪٿ لَنْ تَرَانِىْ مُوْسىٰ چئي، طور جلائڻ واري بہ تنھنجي ذات هئي،
ڪيئن ڀاڳ ڀلاري ارڙهن ورهيہ هڪ توئي تہ بڻائي رات هئي،
لَوْلَاڪَ لَمَا خَلَقْتُ الْاَفْلَاڪَ چئي، تو قائم ڪئي ڪائنات هئي،
زوري ذات تنھنجي ڪھائي ذڪريا کي، ات ٻئي نہ ڪنھن جي بات هئي،
وري بانگو بلاول بانگ نہ ڏئي، ڪرين ڏينھن نہ تون اڌ رات هئي.

ق : قاف قدام قيد ڪري، ڪٿ غلام بڻائين بادشاھہ پيو،
پيو پاڻَ هلائين ڪائنات پنھنجي، نہ ڪنھن سان ڪرين صلاحَ پيو،
اها طاقت تو ۾ آهي خدا، رکين ٻئي نہ ڪنھن جي پرواھہ پيو،
ٿئي مدت پوري مالڪ سائين، ڪڍين ساسين مان پوءِ ساھہ پيو،
وري ماري جيارين مرضيءِ سان، وجهين مُردن ۾ ارواحَ پيو،
ڪھڙي طاقت آ “گُل مَلڪ” ڪري سگهي پوري خدا ساراھہ پيو.

ڪ : ڪاف ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ فرمايو فائق تو فرقانَ اندر،
ويندو ڏيھہ اجڙي تون ڏاتار هوندين، نڪي ساھہ وارا جھان اندر،
لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُوْلَدْ تو قادر چيو قرآنَ اندر،
ڏئين پاڻَ کاڌو خوراڪَ گهڻي، انسانَ کي تون انسانَ اندر،
“ گُلَ مَلڪ “ مٿان ڪج مھر مولا، ٿئي قبرَ ۾ سختي ڪا نہ اندر،
ڪيان عرض خدا ٿو مُحمّدﷺ، عَلي رضه، ٿين منھنجي قبر مهمانَ اندر.

ل : لام لَاتَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْمَةِ ﷲ پڙهيم، تون رحم ڪندو رحمان آهين،
ڪڍي آدم حوا کي بهشت منجهان، تن ٻيهر ڪندو احسانَ آهين،
ڪيئن مھر مبارڪ سوار ڪري، ڪندو نيزي سِر نيشان آهين،
تون حضرت يوسف، يعقوب کان، ڪيئن ڌار ڪري ڪندو مُلڪ مصر ذيشان آهين،
جيڪو عرش گهمي سو طائف ۾، ڪندو لال لھو سلطان آهين،
تون تمام پيارن کان بہ خدا، سخت وٺندو امتحان آهين.

م : ميم مٿاهون مالڪ تون، پوءِ شھر هجن يا جهنگ سڄا،
گل بُوءِ گلن کي توئي ڏني، هن ميري مِٽيءِ مان رنگ سڄا،
ڪٿ باغَ گلن ۾ بلبل آ، ڪٿ ڪانوَ ڪَٻر ۽ ڪنگ سڄا،
ڪٿ گاھہ گمر آباد زمين، تعريف ڪن پيا ڍور ڍڳا ۽ ڍنگ سڄا،
ڪن سمنڊَ ثنا هي پھاڙَ تنھنجي، هي ڀونءِ شجرَ ۽ گنگ سڄا.

ن : نون نرالو نام تنھنجو، تون رحمان، رحيم، ڪريم خدا،
تون سميع بصير سدائين سائين، افضل اعليٰ عظيم خدا،
اول، آخر، باطن، ظاهر، حاڪم تون آن حڪيم خدا،
واجد، ماجد، مالڪ مولا، تون ئي آقا عليم خدا،
“ گُلَ مَلڪ “ جون هي ميٽ مدايون، حفيظ تون آن حليم خدا،
ڪر پاپن کان مونکي پاڪ مولا، تون قادر آهين قديم خدا.

و : واءِ وحده لاشريڪ لہ وارث واحد والي تون،
رحمت وسيع رحيمَ تنھنجي، ڪر سرها سارا سوالي تون،
مھر پنھنجيءِ سان معطر ڪر، خاوند هٿڙا خالي تون،
مون پينارو در تنھنجي جو، تون مالڪ ۽ متعالي تون،
مون سجدا ڪريان در تنھنجي تي، ڪر روئندي خوش اک آلي تون،
تخليقَ دنيا سڀ تنھنجي آ، آن جَڳَ جو جناب عالي تون.

ھہ : هي هميشہ ياد تون، توکي پڪاريان ٿو ڌڻي،
بس ٻاجهہ ڪر ٻانھي مٿان، ڪا ڪَرمَ جِي ڪيريو ڪَڻي،
توبھہ ڪيم معافي ڏيو، تو وٽ خدا رحمت گهڻي،
جي گهرج ٿئي ڪنھن چيزَ جي، توکان گهُران هٿڙا کڻي،
حاجت روا تون ئي خدا، رحمت تنھنجي مُلڪين مڻي،
تنھنجي سخاوت وئي وڻي، ڪر مھر مون مسڪينَ تي.

لا : لائق تون خدا نالائقن دک دور ڪر،
محمدﷺ مُحابي يا ﷲ! درخواست هي منظور ڪر،
ميٽي مدايون تون ڌڻي، “ گُلَ مَلڪَ “ کي مسرور ڪر،
واحد وسيلو تون منھنجو، بس هر ختم قصور ڪر،
حمد و ثنا نعتون لکان، ان چاھہ ۾ تون چُور ڪر،
تنھنجي هلان بس راھہ تي، روشن خدا هي نور ڪر.

ء : ئون اسم اعظم تنھنجو، سائين آهين سهارو سڀ جو،
رحمت تنھنجي ڇوليون ڏيندي، آهي ورندو وارو سڀ جو،
ﷲ اڪبر، رسول رهبر، اهو ئي آهي نعرو سڀ جو،
تون ٿو پرور پيار ڪرين، بس تون ئي آهين پيارو سڀ جو،
تو نازل ڪيو قرآن نبيءِ تي، هر سينو ٺاري سيپارو سڀ جو،
توبھہ تنھنجي در تي ڪيون ٿا، ڳچي آهي ڳارو سڀ جو.

ي : يي يا خدا جا ڪئي خطا سا معاف ڪر،
بس خوابَ ۾ يا جاڳَ ۾ پهچائيو روضئه اطهر،
مَڪو مدينو مون ڏسان، اسود چُمان ڪعبي اندر،
گَد گَد ٿيندو “گُل مَلڪُ “ هي، ڪلتار ڪر نيڪ و نظر،
بيزار ڀل دنيا ٿئي، رحمت وسي تنھنجي مگر،
هڪ وار ڪر تون پنھنجي گهر، مهمان مون مسڪينَ کي.

“بيوس” بخش علي چانڊيو

تعارف

اصلي نالو: بخش علي چانڊيو
ادبي نالو: “بيوس” بخش علي چانڊيو
ولديت: نياز علي چانڊيو
جنم: ڇهين اپريل 1972
جنم جو هنڌ: نزد ڦل شھر، جنھن ڳوٺ ۾ جنم ٿيو، اهو چانڊيه ڳوٺ، سم جي پاڻيءِ ۾ ٻڏي ويو، هاڻي رهائش ڦل شھر، ضلع نوشھرو فيروز
تعليم: ايم - فل سنڌي لوڪ ادب
ذريعه معاش: ائسوسيئيٽ پروفيسر/ پرنسپال گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج پڊعيدن، ڪاليج ايجوڪيشن گورنمينٽ آف سنڌ
ادبي ابتدا: 86 -1985 کان
ادبي سڃاڻپ: شاعري
ادبي استاد: مشاهدو ۽ مطالعو

ڇپيل ڪتاب: چار ڪتاب
1. ڪورونا لاڪ ڊائون ۽ پيڙائن جا عڪس (واقعاتي شاعري )
2. ساهتي پرڳڻي ۾ لوڪ ادب جي اوسر تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو (تحقيق)
3. دانھون ٻوڙيل ديس جون ( 2022 جي شديد برساتن جي تباهي ۽ المين تي مشتمل واقعاتي شاعري)
4. وينا شرنگيءِ جو سنڌ جي سفر تي لکيل ڪتاب ڪڇان تہ ڪافر، نظرثاني ڪري ڇپايل.
اڻ ڇپيل ڪتاب: ٻن ڪتابن جيتروغزلن، نظمن، بيتن ۽ چئوسٽن تي مشتمل مواد ۽ هڪ ڪتاب جيترو حمديہ ۽ نعتيہ ڪلام.

حاصل ڪيل ايوارڊ:
1. 1996 صدف اخبار نوشھرو فيروز طرفان بھترين ڪالم نويس جو ايوارڊ.
2. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن مرڪز طرفان بھترين سماجي خدمتن عيوض سلور ميڊل 1996.
3. نوشھرو فيروز هسٽاريڪل ۽ ڪلچرل سوسائٽي طرفان اعزازي شيلڊ ايورڊ 2007.
4. مورو هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي طرفان اعزازي شيلڊ ايوارڊ 2010
5. سگا برانچ مورو طرفان علمي ادبي خدمتن عيوض، شيلڊ ايوارڊ
6. سگا گهوٽڪي برانچ طرفان مڃتا ايوارڊ 2020.
7. ماهنور فائونڊيشن سيوهڻ
طرفان ڪورونا وبا دوران تخليق ڪيل ڪتاب “ڪورونا لاڪ ڊائون ۽ پيڙائن جا عڪس” لکڻ تي شيلڊ ايوارڊ.
8. انٽرنيشنل رائيٽرز فورم طرفان ڪتاب” ساهتي پرڳڻي ۾ لوڪ ادب جي اوسر، تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو تي شاھہ لطيف ايوارڊ 2022.
9. سنڌ گريجويٽس ائسوسيئيشن “سگا” مرڪز طرفان رني ڪوٽ متعلق تاريخي سيمنار ۾ مقالو لکڻ تي شيلڊ ايوارڊ 2023
10. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن سگا مرڪز طرفان علمي، ادبي خدمتن عيوض حيدري ٽرافي “شيلڊ” 2023
11. انٽرنيشنل رائيٽرز فورم طرفان ٻيون ڀيرو، شاعريءِ جي ڪتاب “دانھون ٻوڙيل ديس جون” تي شاھہ لطيف ايوارڊ 2023.
ائڊريس: پوسٽ آفيس شھر ڦل تعلقو ۽ ضلعو نوشھرو فيروز
واٽس ايپ نمبر:03033785037/03337086982

حمد

ﷲ، ﷲ، ﷲ سائين!
جھانن جو مالڪ، خدا تون ئي آهين،
هر شئي جو خالق، مٺا تون ئي آهين!

ﷲ، ﷲ، ﷲ سائين!

اسان تي هيءُ احسان، بيشڪ ڀلارو
مليو پاڪ مرسل، وڏي شان وارو
مٺي پاڪ مُحمّد، سڄڻ جو سھارو
شرف، شان، شائق، عطا تون ئي آهين

ﷲ، ﷲ، ﷲ سائين!

هي ڪتيون، ستارا، قطب، چنڊ تنھنجا،
منڊيل جنھن ۾ دنيا، سڀئي منڊ تنھنجا
ڪشش ثقل، چقمق، فضا تون ئي آهين

ﷲ، ﷲ، ﷲ سائين!

ڪرين سوئي بيشڪ، جيڪي بہ چاهين
هر ڪنھن جي دل ۾، بہ موجود آهين
اسين صرف ناطق، صدا تون ئي آهين

ﷲ، ﷲ،ﷲ سائين!

ڪٿي ٻوڏ ٻوڙين، ڪٿي تون سڪائين،
ڪرم ساڻ ڌرتيءَ تي، ان تون اپائين،
اڪيلو ئي رازق، رضا! تون ئي آهين

ﷲ،ﷲ،ﷲ سائين!

تون بي مثل بيشڪ، مثالن کان اعلي ا،
چوڻ شان بيوس جي خيالن کان اعلي ا
سندءِ سُخن سالڪ، دعا تون ئي آهين

ﷲ، ﷲ، ﷲ سائين!

******

حمد 2

صبح جي پھر ۾ ذڪر، گيت گونجن
وٺي پاڪ نالو ٿا، وڻ ٽڻ بہ جهومن

صبح شام ﷲ ﷲ پيا ڪن

ستارن جا جهرمٽ، پکين جون قطارون
وڏي ناز سان تن جون، اڀ تي اڏارون
هي لامن تي لاتيون، ۽ مٺڙيون تنوارون
وڻن دل کي سائينءِ جي ساراھہ ٿا ڪن

صبح شام ﷲ ﷲ پيا ڪن

وڻي واهہ، وھہ واھہ ڪويل جي ڪوڪو
هي مورن ٽھوڪا ۽ ڳيرن جي گهو گهو
جهرڪين جا جهارا۽ چيھن جي چو چو
خبر اٿو تہ ڪھڙيون ٿا ٻوليون ٻجهن

صبح شام ﷲ ﷲ پيا ڪن

سڪل ٺوٺ ڌرتي سونا سنگ اپائي
نزاڪت سان نڪرن سلا رنگ رچائي
ڀلا ڪير تن کي ٿو طاقت رسائي
ڪٽي پٿر ، نازڪ! بہ نڪتا اچن

صبح شام ﷲ ﷲ پيا ڪن

دلين جي ٿو مالڪ خبر چار ڄاڻي
گهرڻ کان بہ اڳ ۾ ٿو روزي اماڻي
سندس ڪرم جوڪو نہ ٿو انت ڄاڻي
ننڍا جيت ڍئو ڪن ، پيا اجگر تڳن

صبح شام ﷲ ﷲ پيا ڪن

پنهجي ٻانهڙن تي ڪرم ڪر تون سائين
ڏکن جي مصيبت کان “ بيوس” بچائين
ڪا توفيق ڏئي پنھنجي درتي جهڪائين
جيئن جن ، ملائڪ، ٿا وڻ ٽڻ جهڪن

صبح شام ﷲ ﷲ پيا ڪن

******

حمد 3

ظاهر ذڪر زبان تي هر پل، من بہ ڪري ٿو ﷲ ﷲ،
تسبيح چوري، اورڻ اوري، تن بہ ڪري ٿو ﷲ ﷲ!

هيءَ جھان سمورو ان جو، جيڏانھن تيڏانھن پورو ان جو،
ڌرتيءَ جو سرسبز جسم، گلشن بہ ڪري ٿو ﷲ ﷲ

ٻوٽا سارا، ساوا، ڪارا، گل، ڦل مست نظارا مھڪن،
هر هر وڻ جون ٽاريون جهومن، پن بہ ڪري ٿو ﷲ ﷲ،

شھر شھر ۾، بحر ۽ بر ۾، واحد جون واکاڻيون آهن
برپٽ ۾ بہ اهي ئي لاتيون، بن بہ ڪري ٿو ﷲ ﷲ

آهن هيءُ تنوارون “بيوس” هُو هُو جون هونگارون آهن،
اکيون، نڪ ۽ منھن جو محصف، ڪن بہ ڪري ٿو ﷲ ﷲ!

******

نعيم احمد ميراڻي- حيدرآباد

بيت

هادي، تون حَق، تون رازق، رب رحمان،
ڪُن چَئي قادِرَ تو، جوڙيا سڀ جهان
انجيل بہ تنھنجون آيتون، زبور بہ تنھنجو بيان،
تورات بہ تنھنجو حُڪم هئو ۽ قرآن بہ تنھنجو بيان،
پيغمبرن ۾ پاڻَ ڪيو تو مُحَمَّدَ ﷺ کي آ مھان،
ملائڪ بہ تنھنجي مخلوقَ آهن، تہ حُورون بہ مدح خوان،
جنت بہ تنھنجو جنسار آ، دوزخ بہ تنھنجو دهمان،
جِنَ بہ تُنھنجا جوڙيل هن، تہ وري افضل ڪيُئي انسان،
“ميراڻي” هن مذڪورَ جو ڇا بات ڪري بيان،
پنھنجو راضپو رحمانَ، تون نصيب ڪجان “نعيمَ” کي.

******

رياض خليل چنجڻي راز

تعارف
نـــالـــو: ريـــاض خــلــيـل چـنـجـڻـــي
ولــــد: خــلــيـــل احــمـــد چـــنـجـڻــي
ذات: چـــنــجــڻـي
تــخــلــص: “راز”
جــنـــم: 12 مــئــي1966 ع.
تـعـلـيـم: Bsc Hons & M.sc physics سـنــڌ يـونــيـورســٽــي ڄــامـشــــورو
عھدو : پـرنـسـپـال - گ - ب _ ھہ _س اسـڪـول
ٻــيـر شـريــف تعلقہ قـمــــبـر
گــريــڊ : 19 گــزيـٽــيـڊ آفــيـسر ايـسـوسـيـيئــٽ پـروفـيـســر
نــثــر جـي شـروعـات : 1978 کان
شــاعـري جـي شـروعـات: 1986 کان اڄ تـائـيـن
شـاعـري جـا اسـتـاد:
ڊاڪـٽـر اڪـبـر اسيـر قـريـشـي صاحب ۽ مـحـمـد ايـوب عـارض واهوچـــو صـاحب .
ڇـپـيـل مــواد (مضمون ،300 کــن ) اڻ ڇپيل 500 کـن ڊائري جــا ورق، تـعـلـيـمــي، سـيـاسـي،غـيــر سـيـاسـي، سـائـنـسـي مـضـمـون، تــقـــريـــرون 270 انگـريـزي سـنـڌي ۽ اردو ۾ ) شـخـصـيـتـيـون نـــثـر، نـظـم، غــزل، آزاد نــظـم، دوهـا، وائــي، بـــيـت، نـعــتـون ۽ حـمـد (ڇپيل تعداد 550 کـن ) ۽ اڻ ڇـپـل 2000 کان مـٿـي.
ايوارڊ: بـيـسـٽ ٽـيـچـر ايـوارڊ، بـيـسـٽ سـائـنس ٽـيـچـر ايـوارڊ، بـيـسٽ ايـڊ منـسٽـريـٽـر ايــوارڊ ۽ بـسـٽ مـضـمـون ايوارڊ
پَـتـو: ڳـوٺ مـيـانـداد چـنـجـڻـي تعلقہ نـصـيـرآبــاد، ضلعو قـمـبـر شھداد ڪـوٽ سـنـــڌ
نـوٽ : سـنـڌ جـي تـمـام اخـبـارن رسـالـن ۾ نـثـر تـوڙي نـظـم تـي طـبـع آزمـائـــي ٿـيـل .

رابطو نمبر :03023485849
Watsapp no: 03158361966

حـمد

تــون مــالــڪ آن مـخــتـيـار ســائــيـــــن
تـــون خـــالــق خـلــقـــڻھار سـائــــيـن
اســيــــن گــنـــدا گـــنــهــگــار ســائــيــن
تـــون آهــــيــن ربُ غـــفـــار ســائــــيــن
تــــون بـــاري بـخــشــڻھار ســائــيـــن
ويـو وقـت اسان جــو بـــيــڪـار ســائـيـن
تــون ڪــريـــم وڏو ڪَـلــتــــار ســائـــيـن
اســيـــن غــفــلـــت ۾ گـــرفــتـار سـائـــيـن
نہ ٿيو تنھنجو اسان کان اَذ ڪـار سـائـيـن
آهن عــيــــب اســان ۾ اپـــار سـائـــيــن
تـنھنـجي رحـم جَـي آهيـون آڌار سـائيـن
ڪَــر ٻــــيـڙا ٻـــڏل تـــون پـــار سـائـــيـــن
ڪـيـو بــديـنُ اسـان کـي بــيــمـار سـائـيــن
تـــون شــافـــي وڏو شــفــادار ســائــــــيـن
پـنھنجي پـيـارن صدقي پـالـڻھار سـائـيـن
لــھہ لــيــزم جــي ڪــا ســـار سـائـيـــــن
آهيــان ڏاڍو هـتــي لاچـــار ســـائــيـــن
ڪــراءِ مــديـنـــي جــو ديـــدار ســـائـــيــن
لھي وڃــــن غـــم غُـــبــــار ســـائـــيـن
راز روضـو ڏســـان اکـــيـــن ٺــار سـائـيـن
ملـي چنـجـڻي جي قـلب کـي قـرار سائـيـن

******

حمديہ بــيــت ـ ـ ـ ڪـڙي ۾ ڪـڙي

1- سڀ سـاراھہ سـائيـن کي، جـو مالڪ آ مختيـار
رازق ، راحــم ، رزاق آهـــي، پــرور پالڻھار
دارون دوا دردن جـــو ، شــافـــي شـــفــادار
هن هـاديءَ صـفـتـون هـزار ، راز آهي هر رُوپُ ۾

2- راز آهن رُوپُ ۾ ، قـــادر پـــاڻ ڪــريـــم
هـاتِـڪ هـاذق حـڪـيـم آهي قـــادر پـاڻ ڪريـم
راز” ريـاض رحـمـــان آ، هو رافــع رب رحـيـم
قـدرت منجهہ قـديــم ، قــائــم آهي ڪُـل کـان

3- قـائـم آهي ڪُـل کان ، ٻـيـو فـانـي ڪُل فـنـا
سـونھيـن ٿـي سـتـار کـي، سـڀ سُبحـانـي ثـنـا
ڪريو نہ اههڙي ڪِرت ، جنھن کان مالڪ ڪئي منع'
ٻــيـا پـڙهو ڪـيـن پـنـا ، راز رجـوع ٿـيـو رب ڏي

4- راز رجــوع ٿيـو رب ڏي رکـو والـيءَ وائـي وات
سـاراهيـو سـبـحـان کـي ، “ راز “ ڏيــنھان رات
چـنـجـڻـي انھي چـاھہ سـان ، بـڻـبـي بـگـڙيـل بـات
ٿيـنـدي مـٺـڙي مـلاقـات، مـديـني جــي مـيـر سـان

5- مـديـنـي جــو مـيـر آهي سھڻـن جــو سـرواڻ
جنھن جي جـوت جـهـلڪ ٿي چـنڊ کي چـانـڊاڻ
رسـيـــــا رتـــڻ جـــوت ، سـج ڳـلـن جـي ڳـاڙهـاڻ
گــــهرائــي گــلاب ٿــي ، لـــبــن جـــي لالاڻ

6- ملـي محـبـن مـرڪ مان ، مکـڙين کي مھڪاڻ
نــظــر هڪ نھار ســـان ارڏن مـــــڃـــي آڻ
ريــاض رمـز راز ، عــجــب عــربـي جـــا اُهـڃـاڻ
وارث جـي واکـاڻ قـلـم ڪـري ڪـندو ڪيـتـري؟

******

حـــمـــد ـ ـ ـ اسـان ٿـا گـهرون

اسـان ٿــا گـهرون تـوکـان هر وار سـائيـن
ٿـو روزي تـون رزاق ! سـڀ کــي رسـائـيــن

کـڻــون تـو ڏي هـٿـڙا ۽ جهولي جـهـلـيون ٿـا
ڪري تـوکـي سـجـدا تـو آڏو جــهڪـون ٿـا
تـون چـئـي ونـحـن اقــرب ٿو هـمـت وڌائـيـن

تـوتـي نـنــگ آهــي آ تــــنھنـجـي نــوازش
وسي تـنھنــجـي رحـمت جـي هر جـاءِ بـارش
خــزائــن کــي بـدلائــي بھارون بــنـائـيـن

ٻــڏل ٻــيـــڙا ڀــي ٿــو پـــتــڻ تــي پـڄـائـــيـن
رحـيـم ۽ ڪـــريـم ۽ تــون رحـــمــان آهين
عــــرض عـيـبـدارن جـــا ڀـــي ٿــو اگـهـائــيـن

رکــيـــن راز ســان راز جــي ڄــاڻ ٿـو تـون
هي عــارض ۽ اڪـبـر رکـئـيـن ســاڻ ٿـو تـون
تـون عــزت ۽ شھرت ٿــو تــــن جـي وڌائيـن

******

محمد صديق لُنڊ

تعارف
نالو : محمد صديق
پيءِ جو نالو: نجم الدين
ذات: لنڊ بلوچ
پيدائش جي تاريخ: پھرين جنوري 1993ع
تعليم : ايم اي اسلاميات 2017 شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس
ادبي فن جي شروعات: ننڍپڻ کان
ادبي استاد: ريڊيو کان متاثر ٿي لوڪ ادب جي ميدانَ ۾ رحمت ﷲ “عاجز” لاشاري جي صحبت بعد قدم رکيو.
ريڊيو ٽي وي پروگرام: گلن جھڙا ٻارڙا ۾ سال 2007 ريڊيو پاڪستان خيرپور .
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ: سلات طرفان مڃتا سرٽيفڪيٽ.
پورو پتو: ڳوٺ وليداد خان لنڊ پوسٽ آفيس سيٺارجا تعلقا ٺري ميرواھہ ضلع خيرپور ميرس
موبائل رابطہ نمبر:03022734116
واٽس اپ نمبر:03022734116
اي ميل :siddiqlund@gmail.com
فيس بڪ آءِ ڊي: محمد صديق لنڊ

حمديہ بيت

هُو خالق، هُو مالڪ، هُو وحدهٗ آ والي،
جُملي ڪُل جھانن جِي، هُو ڪندڙ آ لڄپالي،
ونڊيندڙ هر خلقَ کي، آ پنھنجي ملڪيت مالي،
سڀئي آهن “صديق” چوي، سندن در سوالي،
صدقي عربي عالي، لطف ڪندو هِنَ “ لُنڊَ “ تي.

******

ڪريم بخش ملڪ

تعارف
نالو : ڪريم بخش ملڪ پيءِ جو نالو : حمزہ فقيرملڪ
پيدائش جي تاريخ: 01/04/1982
تعليم : B A ادبي فن جي شروعات : 1997
ادبي استاد : محترم استاد صادق علي “عاجز” ملڪ
ڇپيل شاعري: ڪتاب سھڻل جا سينگار ۾ شاعري پاران تنظيم فڪرو نظر سنڌ، شان مصطفيٰ نعتيہ ڪتاب ۾ شاعري، پاران مخدوم جميل الزمان صديقي طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا، سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري ۾ شاعري ۽ تعارف، پاران سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات).
ريڊيو ٽي وي پروگرام : ٽي وي تي پروگرام سنڌي چئنلن تي پروگرام.
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ :(1) حضرت لال شھباز قلندر جي عرس جي موقعي تي 2008 شھباز ميلا ڪميٽي سيوهڻ طرفان مڃتا سرٽيفڪيٽ (02)سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب ويلفيئر تنظيم ايوارڊ سرٽيفڪيٽ حضرت سيد موريل شاھہ بخاري سگهڙ ڪانفرنس 08 نومبر 2011 هنڌ ڳوٺ ٺٺ سولنگي لڳ دليپوٽا ضلع نوشھرو فيروز (03) صوبائي سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 20 ڊسمبر 2011 هنڌ ميرپور ٻرڙو تعلقہ ٺل ضلع جيڪب آباد (04) سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب ويلفيئر تنظيم (سلات) ايوارڊ سرٽيفڪيٽ سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن 08 سيپٽمبر 2012 ڄامشورو (05) سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 23 مارچ 2013 استاد سگهڙ محمد صيفل ڀٽي يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ هنڌ ميان جو ڳوٺ تعلقہ خانپور ضلع شڪارپور سنڌ (06) سنڌ بلوچستان لوڪ ادب ميلي جي موقعي تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 05 آڪٽوبر 2013 هنڌ سنڌ الاجي ڄامشورو (07) لوڪ ادب مقابلا سگهڙ ڪانفرنس جي موقعي تي سدا حيات سگهڙ لال فقير ڪورار يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 13 ڊسمبر 2014 هنڌ ڳوٺ علي اڪبر ڪورار لڳ مبارڪپور ضلع جيڪب آباد (08) بين الصوبائي لوڪ ادب ڪنوينشن سکر فقير هدايت علي رڏ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 11 اپريل 2015 هنڌ ٽائون هال روهڙي ضلع سکر (09)سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) مڃتا سرٽيفڪيٽ 09 اپريل 2016 هنڌ مرڪزي دفتر سيد آباد ڪالوني ڄامشورو (10 سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) بھار ٻرڙو ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 13 فيبروري 2021 هنڌ ڳوٺ بھار علي ٻرڙو لڳ ميرپور ٻرڙو تعلقہ ٺل ضلع جيڪب آباد (11) ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ علمي ادبي ثقافتي ميلو راڳ رهاڻ ۽ گلن جي نمائش مڃتا ايوارڊ 2021 پاران آرٽس ڪائونسل ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ (12) سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) 16 ڊسمبر 2023 سنڌي لوڪ ادب ڏهاڙو تقريب اعزازي مڃتا سند

ايوارڊ
گريجوئيٽ سگهڙ ايوارڊ 2016 ڊاڪٽر بلوچ گريجوئيٽ سگهڙ ڪانفرنس هنڌ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هال سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد، ڪجهہ مڃتا ميڊل،
رسالي يا ميگزين ۾ ڇپيل شعر: ماهوار پورب رسالو ڪراچي، ماهوار السنڌ اسلام آباد، ماهوار وينجهار حيدرآباد، ماهوار سنڌ دوست ميرپور ماٿيلو، ماهوار نئين آس شھدادڪوٽ، ماهوار سمونڊ ڪراچي،ماهوار نئون چنڊ ڊکڻ، سگهڙ سماچار ڄامشورو، سڪار ڊائجسٽ ڪراچي، ماهوار الراشد پير جو ڳوٺ،عبرت ميگزين حيدرآباد، ڪاوش ڪوشش خبرون سڪار پاڪ سنڌ روزانہ ايڪسپريس عوامي آواز سوڀ وغير.
ڪلاڪارن پاران ڳايل شاعري: سنڌ جو مايہ ناز خانصاحب ڪلاڪار محترم ممتاز لاشاري حيدرآباد،شاهد نواز مھر شڪارپور، ماسٽر عنايت منگي لاڙڪاڻو، مريد علي ملڪ سکر، ماسٽر عنايت بلوچ ڪرمپور، ماسٽر عبدالفتاح ملڪ ڪراچي، سنڌ جي مايہ ناز نعت خوانن جي آواز ۾ عبدالرحيم عزمي پنو عاقل، عبدالوحيد عالماڻي پنوعاقل، امام بخش عجمي گهوٽڪي، هزارو فقير قادري ميرپور ماٿيلو، خيرالدين انڍر پنوعاقل، فاروق احمد چاچڙ پنوعاقل، عبدالمجيد قادري ڪشمور، عبدالنبي بنگلاڻي انڙواھہ ٺل، عبدﷲ ڏاهاڻي تنگواڻي، محمد محسن قادري ٺل، حافظ محب علي قادري ، محمد يعقوب اوڍاڻو ڪرمپور، ميرحسن ملڪ ۽ معشوق علي ملڪ ڏياڻي، الطاف حسين چولياڻي ڏياڻي، ﷲ بخش ملڪ ڏياڻي، دلبر علي قادري، محمد مريد ملڪ ڏياڻي، ڀورل فقير قادري بخشاپور، عامر منظور سولنگي بخشاپور، عبدالسميع چاچڙ ڪنڌڪوٽ
پورو پتو: ڳوٺ مير مھراڻ خان بجاراڻي( ڏياڻي) پوسٽ آفيس ڪرمپور
تعلقہ تنگواڻي ضلع ڪشمور
موبائل رابطہ نمبر: 03337178436 واٽس اپ نمبر:03002553132
اي ميل : kareembux01@gmail.com فيس بڪ آءِ ڊي: Kareem Bux Malik
پيج: نعت خوان ڪريم بخش ملڪ، يوٽيوب اڪائونٽ: Karim Bux Qadri


حمدِ باري تعاليٰ

قادر تنھنجي قدرت هرشي ۾ تنھنجي حڪمت حاڪم حڪيم تون آن
ڪائنات خوبصورت ارض وسما سجائي قائم قديم تون آن
مالڪ تنھنجي امر ريءِ ڪک ڀي نٿو چري ڪو
مشڪل تون ئي ٿو ٽارين قادر ڪريم تون آن
هر جيت جانور کي تون ٿو رزق رسائين
ڏاتار تون ڏين ٿو رازق رحيم تون آن
مادر جي پيٽ اندر نر ماد تون ٿو جوڙين
خالق تون آن خلقيندڙ عَلِیُّ الْعَظِیْمُ تون آن
ڪريم بخش تنھنجو ٻانھو ثناگر نبي جو آهيان
مونتي بہ مھر ڪر تون هادي حليم تون آن

******

الطاف حسين زهراڻي

تعارف
نالو: الطاف حسين
پيءِ جو نالو: محمد ڇٽل بن سعيد خان بن محمد ڇٽل،
بن عبدالحڪيم، بن ٺارو خان بھارو، بن يارمحمد
ذات ۽ قبيلو: زهراڻي، جت
پيدائش: 7 جنوري .1986ع شناختي ڪارڊ مطابق، سياري جي سرد هوائن ۾ تعلقي باقراڻي جي شھر ڳيريلي ڀرسان سرائي غلام علي زهراڻي ۾ سندس جي نانا سائين علي مراد زهراڻي جي گهر ۾ جنم ٿيو.
تعليم: مئٽرڪ
ادبي استاد : سندس والد سنڌ جو مشھور سگهڙ استاد محمد ڇٽل زهراڻي.
موبائل ۽ واٽس ايپ : 03452834729
ڪرت : پرائويٽ مڪينڪل انجنيئرنگ رائيس مل اينڊ آئيس فيڪٽري جي مڪمل فٽنس ڪرڻ سان گڏ آپريٽ ڪرڻ تائين.
هن سگهڙائپ جي فن جي شرعات ننڍپڻ کان والد طرفان ورثي ۾ ملي، لوڪ ادب جي لاتين ۾ ننڍپڻ گذريو، سندس جا وڏڙا تمام نالي وارا سگهڙ هيا سگهڙمحمدملوڪ عباسي بہ سندس جي چاچي محمد مريد زهراڻي جو شاگرد آهي، پاڻ هڪ بھترين سگهڙ سان گڏو گڏ شاعر پڻ آهي، ڪنھن دور ۾ هن فنڪارن جون ڪيسيٽون ۽ سي ڊيون بہ رڪارڊنگ ڪندو هيو ۽ سليڪشن بہ ڪيائين، جان پروڊڪشن سندس ۽ ان جي دوست جي آهي جنھن۾ هن قافي فنڪارن جا، ڊي وي ڊي شو، بہ رڪارڊ ڪرايا هيا. ڪيسٽ جي دنيا ۾ قافي لوڪل فنڪارن هن جا ڪلام بہ ڳايا آهن، لوڪ ادب ۾ سگهڙن جي مختلف تنظيمن ۾ سٽي يونٽن کان وٺي مرڪزي عھديدار بہ ٿي گذريو آهي ۽ اڃا تائين هلندو اچي پيو، شاعري جو پنھنجو ڪتاب، “منھنجو من مھراڻ”، ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي پر غربت جي ڪري رولڙي جو شڪار آهي، لوڪ ادب جي سگهڙن سان گڏوگڏ جديد ادب جي شاعرن سان گڏيل ڪتابن ۽ رسالن ۾ شاعري ڇپجي چڪي آهي جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
1- سلات جي سگهڙن جي ڊائريڪٽري 2004ع ۾ ڇپي هئي.
2- سھڻل جاسينگار 2014ع ۾ ڇپيو.
3- 786سگهڙن جي جامع ڊاريڪٽري 2015ع ۾ شائع ٿي. مرتب عاجز رحمت ﷲ لاشاري.
4- ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب جو ترتيب ڏنل “رسالوڳجهارت”، 2017۾ ثقافت کاتي ڇپيو هيو.
ان کان سواءِ سنڌ جي مختلف رسالن ۾ پڻ شاعري ڇپجي چڪي آهي جھڙوڪ ميگزين رسالو عوامي سجاڳي ۽ هزار داستان ڪاوش ميگزين عبرت ميگزين وغيرہ شامل آهن.
1989ع ۾ هي لوڪ ادب سگهڙ سنگت تنظيم جو ننڍ پڻ کان ميمبر هيو جيڪا تنظيم 1991ع ۾ رجسٽر ٿي سندس جي چاچي سگهڙ فقير محمد مريد زهراڻي جي تنظيم هئي محمد مريد جي گذاري وڃڻ کان بعد ۾ استاد مريد جي شاگردن ۽ سگهڙن جي اختلافات جي ڪري تنظيم هلي نہ سگهي.
الطاف زهراڻي جي سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ آرٽيڪل ۽ شاعري ڇپجندي رهندي آهي، لاتعداد مڃتا سندن سرٽيفڪيٽ ماڻي چڪو آهي اگر جي تفصيل ڏينداسين تہ مضمون وڏو ٿي ويندو مختصر ڏجن ٿا.
مليل ايوارڊن جو تفصيل: سلات تنظيم طرفان 2014ع “ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايوارڊ” ڊاڪٽرڪمال ڄامڙي هٿاران مليل حيدرآباد سنڌ لئنگئج اٿارٽي ۾.
2 : سنڌ سڀيتا سگهڙ فورم طرفان2015ع ڪراچي گهگهر فاٽڪ تي. هٿاران پي ٽي وي پروڊيوسر سڪندر رند.
3 : سگهڙ فقير محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ 2021ع سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم پاران هٿاران ايڊوڪيٽ سردار ڪاظم علي خان عباسي تعلقي ڏوڪري جي ڳوٺ محمد خان ڪلھوڙو ۾ مليو.
4 : سگهڙ ميان پير بخش مڱريو ايوارڊ هٿاران مڱرين جي سردار، سردارمنظور علي مڱريو ڏنو هيو 2021ع پير بخش اڪيڊمي طرفان تعلقو ڏوڪري موهن جودڙو لڳ ڳوٺ ڪانپور ۾.
5 : سگهڙ فقير عبدالرحمان مھيسر ايوارڊ2022ع ۾ ادبي ڀلائي تنظيم طرفان ضلع خيرپور جي ڳوٺ رفيق مھيسر ۾ هٿاران زاهد حيسن ميتلو جج صاحب قمبر شھداد ڪوٽ هاءِ ڪورٽ.
6 : سگهڙ فقيرحسين بخش رڏ ايوارڊ 2022ع تعلقو چونڊڪو نارو ريگستان ۾ هٿاران سگهڙ خليل رحمان مھيسر چيرمين ادبي ڀلائي تنظيم
7: سگهڙ فقير بھارعلي بھار ٻرڙو ايوارڊ 2022ع سلات تنظيم طرفان ضلع شڪارپور جي شھر مبارڪپور لڳ ۾ هٿاران مولابخش شيدي.
8 : سگهڙ ميان پيربخش مڱريو اڪيڊمي جو بيسٽ لوڪ ادب ٽيچر ايوارڊ 2022هنڌ موهن جودڙو هٿاران سگهڙ فقير ڏاڏو ڏتل ابڙو ۽ سخي سگهڙ چاچو مولابخش شيدي
9 : ايوارڊ 2022ع چنڊ نيوز جي ادبي صفحي ۾ قلمي پورهيي جي عيوض هٿاران اصغر لاشاري سينئر صحافي ۽ شاعر هنڌ گلشن حديد ڪراچي
10 : ضلع قمبر شههداد ڪوٺ جي شھر لالو رائنڪ ۾ 16 ڊسمبر2017ع ۾ ڪنوينر سخي سگهڙ مولابخش شيدي جي ميزباني ۾ ٿيو هيو اتي لوڪ ادب جي خدمتن عيوض مڃتا طور پڳ بہ پارائي وئي ۽ چاندي جو ايوارڊ بہ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم سلات طرفان ڏنو ويو هو
هٿاران ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ۽ عاجزرحمت ﷲ لاشاري باني چيئرمين (سلات)
مڃتا سرٽيفڪيٽن جو تفصيل :
1 : سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم پاران 30آڪٽوبر1994ع تي هٿاران ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ تعلقو ڏوڪري ڳوٺ محمد خان ڪلھوڙو ۾ مليو هيو.
2 : سنڌ سڄاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم پاران 19 نومبر 2005ع هٿاران ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر اڪادمي ادبيات پاڪستان، آغا نور محمد پٺاڻ جي، سنڌ الاجي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو.
3 :،19 ڊسمبر 2004ع سنڌ سڄاڻ سگهڙ تنظيم.طرفان ڪل سنڌ سگهڙ ڪانفرنس اڏيرو لعل اسٽيشن مٽياري هٿاران آغا نور محمد پٺاڻ جي.
4 : سنڌ سڄاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم پاران ستين سگهڙ ڪانفرنس 19جنوري 2005ع تي
هٿاران آغا نور محمد پٺاڻ جي ڳوٺ بٺو سولنگي اسٽاپ نيشنل ههاءِ وي ڄامشورو.
5 : عشق رسول مڃتا ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڄام شورو ۾ 2006ع هٿاران علامه دين محمد ٻگهيو، سرپرست مرڪزي جماعت اهلسنت ڄام شورو.
6 : شھباز ميلا ڪاميٽي طرفان 2008ع ۾ قلندر جي ميلي تي سگهڙ ڪانفرنس تي هٿاران محمد بخش ناريجو صاحب.
7 : استاد محمد ملوڪ عباسي جي 16 هين ورسي تي سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم پاران ڏنو ويو هٿاران سردار حاجي منور علي خان عباسي اڳوڻو صوبائي وزير، هنڌ تعلقو ڏوڪري لڳ ڳوٺ محمد خان ڪلھوڙو ۾.
8 : جنوري 2016ع سنڌ سڀيتا سگهڙ فورم طرفان استاد محمد مريد زهراڻي، هٿاران ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو هنڌ گهگهر فاٽڪ ڪراچي.
9 : سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم سلات طرفان هنڌ سنڌ لئينگئيج اٿارٽي حيدرآباد هٿاران ڊاڪٽرڪمال ڄامڙو جي 9 اپريل 2016ع.
10 : سلات تنظيم پاران4 آگسٽ 2018ع
سداحيات سگهڙ حبيب ﷲ مڱڻھار، جي ورسي تي هنڌ عرضي ڀٽو ۾ هٿاران عاجز رحمت ﷲ لاشاري باني سلات.
11 : سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم سلات پاران 13 فيبروري2021ع استاد بھار ٻرڙو جي ورسي تي هٿاران عاجز رحمت ﷲ لاشاري باني سلات جي.
11 : چنڊ نيوز سرهاڻ ادبي صفحہ ۾ هن سال جو بھترين شاعر هجڻ جو اعزاز تي چنڊ نيوز طرفان 2022ع ۾ مڃتا ايوارڊ سرٽيفڪيٽ مليو آهي.
پاڪستان ٽيليوزن جي پروگرامن ۾ سگهڙڪچھري آگسٽ ۾ 2008ع شرڪت ڪندڙ آهي سنڌي چئنل جھڙوڪ ڪي ٽي اين سنڌ ٽي وي آواز ٽي وي مھراڻ ٽي وي در تي ٽي وي ۾ بہ پنھنجي شاعري جي جذبن جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي سرڪاري سگهڙ ڪانفرنسن ۾ بہ ڪثرت سان شرڪت ڪندڙ آهي، حضرت لعل شھباز قلبدر شاھہ عبدلطيف ڀٽائي خضرت سچل سرمست جي ميلن تي سگهڙ ڪانفرسن ۾ ثقافت کاتي جي ياوري ميلاڪاميٽي طرفان هرسال دعوت نامہ ملنداآهن، سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم سلات طرفان 2016۽2017م ميڊل بہ ماڻي چڪو آهي مختلف شاعرن ياکڻي سگهڙن جي ڇپيل ڪتابن تي بہ ٻہ اکر لکيل آهن جھڙوڪ مٽي جي آرسي جمشيد زهراڻي، پيغام پيرل، پيربخش مڱريو جو ڪتان پيغام پيرل ،رات بہ روشن رنگ هيو، روشن علي ڪوري، وغيرہ، هن وقت ڀلوڙ سگهڙن ۽ بھترين شاعرن ۾ شمار آهي ،، اڻ ڇپيل مواد بہ ڪافي تعداد ۾ ڇپجڻ جي آسري ۾ پيل آهي.
ايڊريس/ ڏس پتو : ڳوٺ ڏنو واهڻ، سونهري پُل، تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو.
رابطہ نمبر: 0345-2834729 / 0303-3636423

حمديہ .. دوها

خدا جي هستي خدا ٿو ڄاڻي،
خـدا جي مَستي خدا ٿو ڄاڻي،
خــدا آ مالڪ، ڪل جھان جو،
خــدا ٿو ڄاڻي ڪھان وهان جو،
خدا آ خـــالق سڀن وڻن جــو،
خدا آ مالــــڪ دِڪن دڙن جو،
خدا وسي ٿو جهرن جهنگن ۾،
خـــدا وسي ٿو چَڙن چَنگن ۾،
خدا وســــائي ٿو بر پـٽن کــي،
خــدا بچائي ٿو سـر سٽن کي،
خــدا جي خوشبو گلن ڦلن ۾،
خـدا جي محبت ماڻهن ڀلن ۾،
سـڀن سآهن کي خدا هلائي،
۽ مــوت خــلقيو مــٽي ملائي،
ڪـٿي غَمي ۽ خوشي ڪرائي،
وَيَــل وقــتُ بـي وري ورائـــي،
ڪنھن کي مقدر فقيـر بڻائي،
دعا سان ٿو رب امير بــڻـائي،
ٻـڌايو ڪـو آ پــُــڇي خدا کان،
خــدا جي آڏو ڪُڇي خدا کان،
نبين کي ظاهر ظھور ڪيائين،
آخــري نــبــــي پوءِ پُرنـور ڪيائين،
اوهان اسان هون پيارا خدا کي،
ڪــــيون ٿا سجدا سارا خدا کي،
“الطـاف” جوڙيا هي انگ خدا هن،
سڀئي هي خلقيا بہ رنگ خدا هن،
خــدا جي هـستي خـدا ٿو ڄاڻي،
خــدا جي مـستي خـدا ٿوڄاڻي.

******

حمد

ٻڏو فرعون پاڻي ۾ ٻڏائيندڙ خدا آهي
و ري موسا کي درياھہ مان بچائيندڙ خدا آهي

ڏسوٽامو ادا ڌرتي قيامت ڏينھن ٿيندي پر
تنھين کي روز محشر ۾ تپائيندڙ خدا آهي

ڪري جو ظلم ٿوظالم مٿان مسڪين ماڻهن جي
هچارن جي بہ هستي کي هٽائيندڙ خدا آهي

سدائين سور سيني ۾ اگر ڪنھن کي ادا آهن
تنھين غمگين ماڻھو کي کلا ئيندڙ خدا آهي

ادا الطاف زهراڻي ڀنور ۾ ڪو پئي ڦاسي
ڪناري تي وڃي ڪشتي پڄا ئيندڙ خدا آهي

******

قـادر پنھنجي قدرت سان، ھي جوڙيو جڳ جھان اتم
سـاري مـخلوقن کــان مٿان ، ٿيو اشرف الانـسان اتم
ســـجدوڪـــيو آدم کـي، ھي فائق ڪيــو فرمان اتم
سـڀ ملائڪ سر سٽيائون، ھڪ شر وڌو شيطان اتم
بحــر بـــــاغ بيحـــد جـــوڙيا، بر سنـڌا بيــابــان اتم
جنـــگل جــبــل جيـــوت جـــوڙيا، ڌرتي ۽ آسمان اتم
نـظر سڀ تي نياري ڪــري ٿو ، ننگــــي آ نگهبان اتم
مالــڪ جي آ مھــر سـڀ تي، مــڙني تي آ مھربان اتم
ڪـل نبين کان ڪـثر ڪيائين، محمد جو ھي مان اتم
نـــور نبــي جـــي مٿـــان مــڪو، قـادر ھي قرآن اتم
معـــراج تي تہ مالـڪ گھرايو ، مدني کي مھمان اتم
پــردو ٿـي ويـو پري ٿي ھئي، ٻيـحد بــات بــيان اتم
آ خانن جو ھي خان اتم ، عربي اسان جو الطاف چئي

******

عاجز عاشق تنيو

تعارف
نالو : عاشق حسين
تخلص : “عاجز”
پيءِ جو نالو: واحد بخش.
ذات: تنيو
پيدائش جي تاريخ: 25 فيبروري 1981ع.
تعليم : ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان گريجوئيشن ۽ ايل ايل بي خيرپور ميرس يونيورسٽي مان.
فن جي شروعات: 1996ع
ادبي استاد: استاد ناظم منگي
ڇپيل ڪتاب: (1) “احساس ختم ٿي ويو” ڪنول پبليڪيشن قنبر. سال …………2006
(2) “جهونڪو هوا جو آهيان” مرڪ پبليڪيشن ڪراچي. سال …………2022
ريڊيو ٽي وي پروگرام: سنڌ ٽي وي مارننگ شو ۾ ٻہ ڀيرا ۽ ڪي ٽي اين عيد مشاعري ۾ هڪ ڀيرو شرڪت.
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ: سچ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن سچل ڳوٺ ڪراچي ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ هالار ڊائجسٽ ۽ مختلف پليٽ فارمن تان.
ڪنھن رسالي يا ميگزين ۾ ڇپيل شعر يا ڪا تخليق : (رسالي يا ميگزين جو نالو لکو) سنڌ رنگ،هالار ڊائجسٽ،هزار داستان،هفتيوار سنڌو ڊائجسٽ، پندرهن روزه عبرت مئگزين،ڪاوش ميگزين،امرتا ميگزين،نئين زندگي رسالو،پيپلز ٽائيمز،سنڌ رويو،وغيرہ وغيرہ
پورو پتو:تنيا هائوس آپوزٽ ايگريڪلچر ايڪسٽينشن آفيس ويجهو تعلقہ اسپتال ميههڙ ضلع دادو سنڌ پاڪستان.
موبائل رابطہ نمبر:03003982959
واٽس اپ نمبر:03003982959
اي ميل : aajizashiquetunio@gmail.com.pk
فيس بڪ آءِ ڊي ڪھڙي نالي سان آهي: Ashique Hussain Tunio
سوشل ميڊيا پيج: غزل سنڌ.


حمد

پھر صبح جو وڏو ڀلارو،
خدا کي ساريون ٺهي ستارو،
خدا ئي خالق آ ساري جڳ جو،
خدا ئي ڏک ۾ آهي سھارو،

خدائي جيون جي نعمتن سان،
نوازيو آهي بنا فرق جي،
خداسوا ٻيو نہ ڪو بہ ٿيندو،
اسانجي مشڪل جو يار چارو،

جوڏکن پويان ٿوسک ڏئي بازي،
خدا ٿو اولاد سان نوازي،
جو مفلسي مان ڪڍي هميشہ،
سنواري دنيا ڪري سڌارو،

ٿو مرض سڀني جا رب ڇڏائي،
مصيبن کي ڇڏي مٽائي،
وڏو ڪريم ۽ غفور مولا،
وڏو شفيق آهي ۽ ٻاجهارو،

ڏسو ڪنھن بہ پٿر کي ٽوڙي،
انھن ۾ رب جيت جڻيان جوڙي،
بکين جي سو پيٽ کي ڀري ٿو،
ڪٿي ڇڏي ٿو خدا اڃارو،

خدا جي آڏو ڪو فرق ناهي،
خدا بنا فرق جي ٿو چاهي،
ڪٿي رنگن کي ڏسي ٿو عاشق،
انھيءِ جو اڇو انھيءِ جوڪارو،

******

امجد حسين کوکر

تعارف
نالو : امجد حسين
پيءُ جو نالو: رانجهن علي
ذات: کوکر
پيدائش جي تاريخ: 2000 /12 /9
تعليم : انٽر
ادبي فن جي شروعات: 2021ع
ادبي استاد: سگهڙ استاد محمد لقمان کوکر
ڪو ڇپيل ڪتاب:
ريڊيو ٽي وي پروگرام: پاڪستان ٽيليويزن تي پروگرام 2023/3/3
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ: حاجي خانڻ چنجڻي لائبريري مڃتا سرٽيفڪيٽ 2021/3/13.سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم “سلات” سٽي ڪراچي مڃتا سرٽيفڪيٽ 2022/2/4.سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفڪيٽ 2022/11/12.
ڪنھن رسالي يا ميگزين ۾ ڇپيل شعر:
پورو پتو: ڳوٺ مصطفيٰ آباد.تعلقو نصيرآباد.ضلعو قمبر شھدادڪوٽ
موبائل رابطہ نمبر:03478652541
واٽس اپ نمبر:03231318198
فيس بڪ آء ڊي ڪھڙي نالي سان آھي:Amjad khokhar
سوشل ميڊيا تي ڪو ٻيو اڪائونٽ يا پيج:Sughar Amjad khokhar

حمد

قادر ڪريم جوڙيل تنھنجي آھي ڪل ڪائنات عجب
هر پل عجب هر پھر عجب هر ڏينھن عجب هر رات عجب
انسان عجب حيوان عجب هر جيت عجب جنات عجب
قسمين قسمين مالڪ تنھنجي آھي مخلوقات عجب
وڻ ٽڻ ميوا گل ڦل تنھنجا نافع نباتات عجب
مالڪ خالق مھر تنھنجي سان مٺڙي هر ميوات عجب
مخفي ڀي تون آھين مولا ظاهر تنھنجي ذات عجب
تون ئي رزق رسائين سڀ کي ڏيندڙ تنھنجي ڏات عجب
سردي گرمي سائين وسائين باري تون برسات عجب
آھي بيان جنھنجي بات عجب۔اهڙو ﷲ آهين امجد چئي

******

امجد علي چنجڻي

تعارف
نالو : امجد علي چنجڻي
پيءُ جو نالو: محمد صادق ولد محمد صالح ولد محمد عالم چنجڻي
پيدائش جي تاريخ: اسڪول سرٽيفڪيٽ مطابق 14/5/2001
اسڪولي تعليم: انٽر
اسلامي تعليم: حافظ القرآن
ادبي فن جي شروعات: 2015ع
ادبي استاد: استاد سگھڙ گل حسن گل چنجڻي
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ: سگھڙ حاجي خانڻ چنجڻي لائيبريري مڃتا سرٽيفيڪيٽ 13/3/2021ع سگھڙ استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفيڪيٽ 7/10/2018
پورو پتو: ڳوٺ ميانداد چنجڻي تعلقو نصيرآباد ضلعو قمبر شھدادڪوٽ
موبائل رابطہ نمبر: 03453437537
واٽس اپ نمبر: 03003437537
اي ميل : hamjadalichinjni@gamil.com
فيس بڪ آء ڊي ڪھڙي نالي سان آھي: H Amjad Ali Chinjni
سوشل ميڊيا تي ڪو ٻيو اڪائونٽ يا پيج: حاجي خانڻ چنجڻي لائيبريري

فهد مصطفيٰ “فِدائي”

تعارف
نالو: فهد مصطفيٰ
تخلص: “فِدائي”
ذات : ٻگهيو
پيدائش جي تاريخ: 10/09/1994
تعليم: پھرين کان پنجين ڪلاس تائين پنھنجي ڳوٺ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ميان عابد ٻگهيو ۾ ادا ڪرڻ سان گڏ ڳوٺ جي جامع مسجد ۾ ناظرہ قرآن شريف پڙهي ڳوٺ جي مدرسہ فخرالعلوم ميان عابد ٻگهيو ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪيو. جڏھن تہ ڇهين جماعت کان 12 تائين هائير سيڪنڊري اسڪول ڀان سيد آباد ۾ تعليم حاصل ڪئي.
فن جي شروعات: 2015ع
ادبي استاد: رحمت ﷲ عاجز لاشاري ۽ مفلس ٻُگهيو.
مليل ايوارڊ يا سرٽيفڪيٽ :سلات پاران مختلف موقعن تي مڃتا سرٽفڪيٽ مليل آهن.
پسنديده سگهڙ : استاد محمد ملوڪ عباسي، استادِ محترم قبلا سائين عاجز رحمت ﷲ لاشاري
محمد جمن ڀٽي.
پتو : ويٺل ڳوٺ ميان عابد ٻگهيو لڳ ڀان سيدآباد تعلقو سيوهڻ ضلعو دادو.
رابطہ نمبر :03003730360
فيس بڪ آء ڊي:Fahad Mustafa Bughio


خُدا جو شان شاهي آ
جنھين ڪائنات ٺاهي آ
ڇڏي توڙي وٺي جنھن کي
سندس جي بادشاهي آ
اسانجي سوچ کان زيادھ
ڪندو رحمت الاهي آ
بڻايائين چيز جا سڀ کي
ﷲ هو وات وائي آ
مٽي مان آ بڻيو آدم
ملي عزت سوائي آ
ڏسو انسان جي ڪيڏي
خدا عزت وڌائي آ
ڌڻي جي ناوَ تان صدقو
سدا فهد فدائي آ

******

عامر ساگر لُنڊ


تعارف
نالو : عامر ساگر
پيءُ جو نالو: نياز حسين
ذات: لُنڊ
پيدائش جي تاريخ:01-01-1997
تعليم : B.A
ادبي فن جي شروعات: ننڍپڻ کان
ادبي استاد: ادبي ڪتاب
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ: صحافتي سرٽيفڪيٽ ، بھترين اُستاد ايوارڊ
ڪنھن رسالي يا ميگزين ۾ ڇپيل شعر: سنگيت رسالي ۾
پورو پتو: ڳوٺ سنجر خان لُنڊ، يونين ڪاؤنسل محسن شاه ،پوسٽ آفيس سيٺارجا ،تعلقہ ٺري ميرواھہ ضلع خيرپور ميرس
موبائل رابطہ نمبر:03012638421
واٽس اپ نمبر:03012638421
اي ميل :aamirsagar2020@gmail.com
فيس بڪ آء ڊي ڪھڙي نالي سان آھي: عامر ساگر
سوشل ميڊيا تي ڪو ٻيو اڪائونٽ يا پيج: ناول جي دنيا ،Aamir sagar official page*

حمد

الف ﷲ م محمد ي يڪو پيو سار
صبح سانجهي آ ڌي مانجهي پکي پکڻ جي اها پُڪار
والي واحد آهي هيڪِڙو ، فاني سارو جڳ سنسار
ندي ،تلاءَ ،سمنڊ جي "ساگر" ۾ بس اُن جي آهي پرچار

******

سنڌي لوڪ ادب جو منظوم، تعارفي مقدمو! (عاجز رحمت ﷲ لاشاري)

لوڪ ادب جي فَني صنفن، لوڪ جِي لفظي معنيٰ، لوڪ داستانن، لوڪ ادب تي ڪم ڪندڙ ڏيھي پرڏيھي اديبن، لوڪ ادب بابت پروگرام نشر ڪندڙ ادارن، لوڪ ادب جي تخليقڪار مشھور سُگهڙن سميت پبلشرن ۽ لوڪ سازن جو ذڪر پڻ هن تعارفي منظوم شعر ۾ شامل آهي .

سُگهڙ شاعر عاجز رحمت ﷲ لاشاري

نظم
لَطِيْفِيْ لاَت آ مُونْ ۾، تَنْبُورٖي جِيْ تَنوار آهيان،
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُنْ سان پِيار آهيان.

نہ تَحْرِيْرُنْ، نہ تَقْرِيْرُنْ، نَڪِيْ مِيْرَنْ وَٽان مِلَنْدُسْ،
نہ ويھان ڊرائنگ رُومن ۾، نہ وزيرن وٽان مِلندس،
مُنھنجي گادي آ ٻَهراڙي، نہ گُهمندو مان بازار آ هيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُنْ سان پِيار آهيان.

(1) ڪَنھين صُوفِي، ڪَنھين سَالِڪَ، سَنِيَاسِي وٽ مون کي ڳولھيو،
سَپُورَنجن جَي سِينَنْ جِي عَڪاسي وٽ مون کي ڳولھيو،
جَنم اوطاقَ آ مُنھنجو، دُکي دِليُن جو ٺار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُنْ سان پِيار آهيان.

(2) ڏِنو هِي ڏات وارن ئي ريڍارن مون کي رنگ آهي،
جيڪي جُتي نہ پائن ٿا، نہ اوڍيل سارو انگ آهي،
اُنھن جِي عَقُلْمَنْدِيْءَ سان، ڪيو ويندو مان تيار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُنْ سان پِيار آهيان.

(3) لُکُون جهولا لڳن جا ٿي، مِلان مان تن ئي هَنڌن تي،
مُونکي سانڍي رکن مارُو، پھاڙن واري پنڌن تي،
سنڌو درياھہ جي سِيرُن، منجھان تَرندو مان تار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(4) مُون کي ڳولي لَهن ڳولھا، اچي سَمُنڊن جي ڇولين مان،
پَکيئڙن وارِي ٻولين مان، مِٺي مائُن جي لولين مان،
جِتي ڪانگل ڪري ڪَانْ ڪَانْ، اُنھيءَ ئِي وَڻَ جو ڏار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(5) مُون کي تُون بِينَ بَوڙِينڊي، يا ٻُڌ سُرندَي جي سازن ۾،
مُون کي مورو ڪري ڳائن، سُٺي سھڻي آوازن ۾،
منھنجو آ چاھہ چَپڙيءَ سان ۽ يَڪتاري جو يار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(6) مُونکي ڪِينجَهر يا ڪارُونجهر، توڙي ڪشمور ۾ ڳولھيو،
مِلان موهن دڙي تي مان، مون کي ڀَنڀور ۾ ڳولھيو،
ٿريلو ٿاڪُ آ جَن جو، اُتي موسم بھار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(7) ڪَري ٿا ڪوھہ ڀِٽُن ۾، سيلاني پيا مونکي ڳولِن،
ڪيئي جوڳي سَنياسي هُو، سُبحَانِي پيا مون کي ڳولِن،
ويھي واٽُن تي ڪَن جيڪا، اُها پياري پچار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(8) مون ۾ لِيلان چَنيسر ۽ مُھاڻو مورڙو مون ۾،
گهڻائي عِشقَ جي مون وٽ، نہ ڄاڻو ٿورڙو مون ۾،
مون ۾ آسُورُ سَسُئِيءَ جو، مَان ئي سھڻي ميھار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.


(9) مُونکي هُنُر، پھاڪي يا، ڳُجهارت ۾ اچي ڳولھيو،
ڪَنھين سُگهَّڙَ سِياڻي جِي، عِبارت ۾ اچي ڳولھيو،
وائي، ڪافي ڪري ڳائن، مان ئي سھڻو سينگار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(10) مَداحُون ۽ مَناجَاتُون، مَناقِب مُعجِزا مون ۾،
هَفتا، ڏِينھن، راتيُون ۽ مَولُودَن جا مزا مُون ۾،
ڏَسيندڙ جنگ نامن ۾، سڀئي تِير ۽ ترار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(11) ڏِٺون، مَعمائُون، ٽِيھہ اکريون، سمورا بيت واقعاتي،
ٻاجهارا ٻولَ ۾، مَجازي توڙي صِفاتي،
جَمالو، ڳِيچَ، سِھرا ۽ خوشيءَ واري کيڪار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(12) مُون ۾ جهيڙا محبت جا، مَناظر ڀي توکي ملندا،
رُڳو سُگهڙَ نہ پر ٻيا کوڙَ، شاعرَ ڀي توکي ملندا،
هَڻَن نَڙَ بيت ۾ جيڪا، اها هُوءَ جي هُونگار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(13) مُون ۾ “موکِي مَتارا” ۽ تماچي ڄام آ مُون ۾،
۽ مُومَلَ ڍولَ مارُوءَ جو، عجب انجام آ مُون ۾،
سِنڌي رسمُن رواجن جو، ڀَريل اعليٰ ڀنڊار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(14) مُون ۾ امڙ جي ٻولي ۽ زمانو حال مُستقبل،
مُون ۾ ماضيءَ سموريءَ جو، اُهو ئِي رنگ آ رتل،
پنھنجِي تھذيب تَمَدن، جَي شعرن ۾ شمار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.


(15) مُون ۾ رِيتُون ۽ رَسمُون هِن، زماني جا لاها چاڙها،
سڀئي داستانَ دودن جا، ٻُڌائن ٿا پڙهي پاڙها،
سمُورن سُورمَن دُولهہ، دليرن جو ڪردار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(16) آهي درويش وَلِيَن ۽، ڏاهَن جي ڏات ڀي مون ۾،
پَرِيُن دَيوَن جُون آکاڻيون، سھڻي صِفات ڀي مُون ۾،
تاريخي، نِيم تاريخي، اُهڃاڻن جو اظھار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(17) زماني، بادشاهن ۽ وزيرن جو ذڪر مون ۾،
بلاول، شاھہ عنايت ۽ سَچل وارو فِڪر مُون ۾،
ئُوئَان ئُوئَان ڪري روئان، مان ئي ٻَنڌڻن جو ٻار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(18) ڪارائتا قَولَ چَوڻِيُون سڀ، چَوَن داناھہ ٿا مون ۾،
ٻُڌائن لوڪَ کي کولي، ٺڳيءَ جا ٺاھہ ٿا مون ۾،
هُوندي آ ڪُوڙي تي لعنت، تڏهن گامون سچار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(19) وَلِيُون، ٻُوٽا، سَڀئِي وَڻَ ٽِڻَ، پَکي مَعلُوم ڪَر مُون مان،
هُوندا ڪَنجُوسَ ڪيئي پَرَ، سخي معلوم ڪر مون مان،
کڻي کانڀاڻي پَيھي تي، وَيھي هَڪليندو جهار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(20) هوندو هُنرمَندن وٽ هان، جَنڊِي ڪَاشِيءَ جو ڪم مُون وٽ،
کڻان ڪوڏر ڪھاڙي مان، ناهي بارُودُ بَمُ مون وٽ،
مُون ۾ ٽُڪَ جُون رَليون رِلڪا، ڪڏهن هُرلو ۽ نار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.


(21) مان ئِي انسان، ماڻھو، خَلقَ، آدم ذات سڏجان ٿو،
جَڳت، هِي جڳ سارو جهان، مخلوقات سڏجان ٿو،
رنگت ۽ رونقُون مُون ۾، مان ئي سارو سنسار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(22) ورهيہ ٿيا هِن پِي ٽِي وِيءَ تي، ڪَچھري، لوڪَ رَنگ ۾ هان،
ڪڏهن نَڙَ بيت سان گڏجان، ڪڏهن مان چُرندو چَنگ ۾ هان،
امڙ جيجل سَندي ٻولي، سِنڌيءَ جي مان سَنوار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(23) اَوَل ٿَرَ بَرَ ۽ ڪاڇي ۾، ڏِياريو جنھن، مون کي مانُ آ،
سندس اوطاقَ ريڊيي تي، رکيو قائم فتح خان آ،
جَڙيو لفظن ۾ جنھن مونکي، اُنھن هِيرن جو هار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(24) گهڻو مون لئہ پتوڙي ويو، آ چاچو دُر محمد ڪمال،
ماڻيو جنھن مُنھنجي صدقي، اِوارڊ لاڙ وارو لعل،
سُگهڙ قاسم، جي بيتن ۾، مان جهانگين جِي جُهونگار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(25) مان ئي جَلالَ کَٽِيءَ جي، سڄي سينگار ۾ سُونھان،
مُون ۾ حَمَل لِغاريءَ ڀي، ڪڍيا هِن دَردَ جا دُونھان،
ڪڏهن مقصُود قاضي ۽ ، ڪڏهن ٻِيڙو ڪُنڀار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(26) لِکيو خُود شيخ ابراهيمَ ۽ ڪَبِير شاھہ آهي،
مُون سان حاجِي مھيسر ۽ هِدايَت علي جو چاھہ آهي،
جاگيراڻين آ جَرڪايو ۽ سومرو گلبھار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.


(27) مُون کي يعقوب ٻُرڙي ۽ لکيو موچي سوايو آ،
هو ڀِڃل خانَ جو ڀيرو، مون کي مُريدَ ڀانيو آ،
مان ﷲ بخش مَڱڻ ۽ ڪِٿي ٻُرڙو بھار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(28) مون ۾ ڪَبِيرَ جو ڪلام، ۽ ديدار جو درد آ،
مُون ۾ امين سنياسي، توڙي وريامَ جو وِرد آ،
صداقت مون ۾ صادِقَ جِي ۽ جاڙي جو جيار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(29) مونکي سھڻي ڪري معنيٰ، احمد ملاح آ لکيو،
سجائي پنھنجي بيتن ۾ ڪلامُ ﷲ آ لکيو
قيامت تائين ماڻي ويو، وڏي هاڻي ڄمار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(30) مونکي مَلوڪَ عباسي، لکيو سُگَهڙَ مھان آهي،
۽ منھنجي ئي ڪندڙ تعريف، چاچو عبدالرحمان آهي،
غلام نبي مھيسر وٽ بہ ، لکيل بيشمار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(31) غلام حيدر نظاماڻي، سَندِي اوطاق ۾ سونھان،
ڪچھري قُربَ واري ۽ اعليٰ اخلاق ۾ سونھان،
مُون ۾ آ ڏورَ جي ڏاهپ کُلي تان خوشبودار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(32) ٻَڌي هٿڙا ڪيان ٿو عرض، هي ادبِي ادارن کي،
منھنجي آ مالِڪي ڪرڻي، ثقافت کاتي وارن کي،
باقي سلات جو بيحد، بڻيو شُڪر گذار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.


(33) سنڌي جا بااَختيار ادارا ڌيان ڏي تون ڀي،
سڳورا سنڌي ادبي بورڊ مونکي مانُ ڏي تون ڀي،
وري ڪيو مالِڪِي مُنھنجي ،مان ڇَپجڻ لاءِ تيار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(34) آهن بلوچ فائونڊيشن ۽ اينڊومينٽ کي دانھون،
اڪيڊمي ادبيات آهن، الئہ ڇو بند ڪَيون رانھون،
ماڻِڪَ موتي، وارن کان بہ وسريل بار بار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(35) آهي افسوس اڄ مون ڏي، ڪنھين جو ڌيانُ ڪونھي ڪو،
سَنديلي، ڊاڪٽر بلوچ جهڙو، جُوانُ ڪونھي ڪو،
انھن جِي ياد ۾ اڄ ڀي، مان روئندو زارو زار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(36) مونکي تنظيم سازيءَ ۾، آندو پٺاڻ دُر محمد،
ڪتابن ۾ سھيڙي جنھن، مون کي نروار ڪيو هر هنڌ،
اُهو ڀي ويو آ پوڙهو ٿي، چوي تومان بيزار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(37) وري ڊاڪٽر غلام نبي سڌايا سار لھہ منھنجي،
الانا ياد رهندين تون، آهي محنت شامل تنھنجي،
مگر ڇو لوڪ ورثه لئہ بڻيو اڄ ڪلھہ بُخار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(38) سنڌيڪا، روشنيءَ سان گڏ، سَمبارا توڙي ساحت گهَر،
ڀلي مھراڻ، موجُون ماڻ، تون پِيڪاڪ پرنٽر،
ڪيو ڇاپي مونکي پڌرو، اوهان جي ئي آڌار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.


(39) حَسن درس اڪيڊمي ڪئي، مون کان ڇپجڻ جي شروعات آ،
اڳي گُلشن پبليڪيشن، ڇَپي عاجِزَ سَندي ڏات آ،
مان ڳايان سِنڌيا جا ڳُڻَ، جنھين جو جِيءَ جِيار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(40) تون ڀي ڪر ٻاجهہ مون تي ڪا، ادا ادبي سنگت وارا،
تو سان گڏجِي هَلن ٿا پيا، منھنجي سنڌ جا سُگهڙ سارا،
تون آن جنھن تي چَڙهيل مان ڀي، ساڳي ٻَيڙيءَ جو سوار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(41) وري ڀي ڊاڪٽر ڪمال تنھنجا ڳُڻ مان ڳايان ٿو،
تو آ تاريخَ ۾ آندو، هزارين ڀالَ ڀانيان ٿو،
اُجاريو تو، تڏهن توسان بڻيل ڀاڱي ڀائيوار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(42) ادِي فهميده، شاھہ عبدالحسين ۽ زيب آ لکيو،
ﷲ بخش نظاماڻي مون کي بي عيب آ لکيو،
هَمايون نياز ۽ حامد مريءَ جو پڻ قَرار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(43) سِنڌي مَجيد ميمڻ ساڻ، گڏ ڊاڪٽر آمُرلِيڌر،
سھيڙيو مون کي سَهتي پاڻ، عبدالوهاب انجنيئر،
۽ ميران محمد شاھہ اَوّل جي نيڻن جِي نھار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(44) ڪَوڙي مَلّ چَندَن وَر ۽ نَندِي رامَ ظاهر ڪيو،
عطا حُسين شاھہ ۽ تاجَ ٻَيلن مان آ ٻاهر ڪيو،
ابراهيم جويي جي بہ، جُملن جي قطار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.


(45) ولي محمد طاهرزادي، ڏنو سُرور آ مونکي،
يقينن يُوسفاڻي خود، لکيو معمور آ مون کي،
علي اڪبر سان گڏ وارهہ، ۾ ويٺو با وقار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(46) جاکوڙيو مُنھنجي رِٿا ۾، هو بيحد شيخ اسماعيل،
عزيز الرحمان ٻگهيي ۽ آسومري ڀي لکيو سبيل،
ڪٿي آ گُل مَلِڪ سانڍيو، ڪٿي مان شيخ سومار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(47) ڪلا ڌر، ڄَيٺي، هَمٿُوجِي ۽ نارائڻ جا وَيرا هِن،
مون ڏي ٻَلدَيوَ مَٽلاڻي ۽ ڀَيرُو مَلَ جا ڀيرا هن،
سڏيو هِيئن پَرسي گِدواڻي تہ ڳوٺن جو ڳنوار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(48) گُلاڻي گل محمد ۽ ڳڻايو نور احمد جِنجِهي،
مون کي رُخمان گل آهي، اصل ٻولي سڏيو پنھنجي،
سمورو شاھہ آ مون ۾، تڏهن ئي شاهڪار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(49) سائين جي ايم سَيّدَ جا، ٿيا تاريخي هِن ٿورا،
وري ٻيا طالبُ الموليٰ، سندا ڳُڻَ ڀي آهن ڳورا،
ڪَٺي ڪَيَئُون ادبي بورڊ ۾، تڏهن نِينهَئُون نِروار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(50) وفا آخوند عبدالرحيم عباسيءَ سھيڙيو آ،
مونکي تاريخي وَرَقَن مان، مِرزا قليچ ميڙيو آ،
مان ئي عُثمان ڏيپلائي ۽ حمزه علي حُبدار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.


(51) الھہ بَچائي سَمي جِي، ڪچھري هان ڪوهستاني،
مون ۾ رائچند جا رايا، رَويءَ جي مون ۾ رواني،
ٻگهيو قاسم، قاضي خادم، ڪڏهن انور فگار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(52) غلام رسول چانڊئي جو بہ، آهي قُرب هيڪاندو،
مونکي آ مُرتضيٰ مجبور، پڻ مھراڻ تي آندو،
ٽي وي آواز ۽ ڌرتيءَ تي، گيتن جي گونجار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(53) مونکي ميانداد سيلاني، آهي ميوزيم اندر سانڍيو،
آ واقعي ميل ماري ويو، سڀن کي چاھہ ۾ چانڊيو،
قاضي احمد شھر ڀرسان، اُنھيءَ وٽ يادگار آهيان.
سڏيندا لوڪ ادب آهن ڪندو مارُن سان پيار آهيان.

(54) منھنجي لئہ لعلو رائنڪ ۾، سوين آهن سُگهڙ آيا،
۽ مولابخشَ شيدي پڻ مونکي هن تاجَ پارايا،
اُتي ئي نجفي تارڪَ جِي، بڻيل اعليٰ مزار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(55) آغا نور محمد ڀي، آ مُنھنجي رهنمائي ڪئي،
عنايت حُسين لغاريءَ ڀي، ٿرين سان آ ڀلائي ڪئي،
مان ميڊم ڪِشني ڦُلواڻي، جي خاطر لئي ۽ تار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

(56) هُو بيوس بخش علي چانڊيو، تہ پَرڳڻَي ساهَتِي وارو،
سِگا طرفان سنواريندڙ ۽ ڪندڙ پيار آ پيارو،
عباسِي رحمتُ ﷲ ۽ فتح محمد بيدار آهيان،
سَڏِيندا لوڪ ادب آهن ڪندو مارُن سان پيار آهيان.

(57) مونکي سلات جي باني، لکيو “عاجز لاشاري” آ،
ٻُڌا هِي ٻولَ جنھن منھنجا، مِلي تنھن کي بھاري آ،
ادب جو آستان مون وٽ، نہ مان گلا ۽ گار آهيان.
سَڏِيندَا لوڪ ادب آهن، ڪَندو مَارُن سان پِيار آهيان.

******