آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

اھي ڏينھن اھي شينھن (ٽئي جلد)

پير علي محمد راشدي ھڪ سياستدان، صحافي، وزير ۽ سفير ھجڻ سان گڏ ھڪ منفرد انداز وارو ليکڪ بہ رھيو آھي. هن ڪتاب ۾ پير صاحب سنڌ جي سياست، صحافت، ادب ۽ ٻين شعبن جي شخصيتن بابت نرالي انداز ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ ھن ڪتاب کي تاريخ ساز ڪتاب جي حيثيت ڏني آهي. ھن ڪتاب ۾ ليکڪ پنھنجي دور جي وڏيرڪي زندگي جي تصوير ۽ سنڌ جي ڪيترين ئي مشھور ۽ عام شخصيتن ۽ واقعن جو ذڪر ڪيو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 9
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book اھي ڏينھن اھي شينھن (ٽئي جلد)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب پير علي محمد راشديءَ جي يادگيرين ۽ آتم ڪٿا تي مشتمل ڪتاب ”اھي ڏينھن اھي شينھن (ٽئي جلد)“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
پير علي محمد راشدي ھڪ سياستدان، صحافي، وزير ۽ سفير ھجڻ سان گڏ ھڪ منفرد انداز وارو ليکڪ بہ رھيو آھي. هن ڪتاب ۾ پير صاحب سنڌ جي سياست، صحافت، ادب ۽ ٻين شعبن جي شخصيتن بابت نرالي انداز ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ ھن ڪتاب کي تاريخ ساز ڪتاب جي حيثيت ڏني آهي. ھن ڪتاب ۾ ليکڪ پنھنجي دور جي وڏيرڪي زندگي جي تصوير ۽ سنڌ جي ڪيترين ئي مشھور ۽ عام شخصيتن ۽ واقعن جو ذڪر ڪيو آھي.
ھي تصنيف ٽن جلدن ۾ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد پاران ڇپائي وئي آهي. هن ڪتاب جو جلد پھريون، سال 1966ع ۾ ڇپيو جنھن ۾ 536 صفحا هئا. جلد ٻيو، سال 1980ع ۾ ڇپيو، جنھن ۾ 498 صفحا هئا ۽ جلد ٽيون، سال 1981ع ۾ ڇپيو، جنھن ۾ 470 صفحا هئا. هن ڪتاب جا نوان ڇاپا نيو فليڊ پبليڪيشن ۽ روشني پبليڪيشن پاران ڇپايا ويا آهن. ھي ڪتاب (ٽئي جلد گڏيل) 2018ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

جلد پھريون

---

عرض حال

عيسوي ويھين صديءَ جو پھريون اڌ، خاصي گوڙ گهمسان ۽ ڦيرڦار جو زمانو ٿي گذريو آهي. ان زماني ۾ ٻہ عالمگير جنگيون لڳيون، بادشاهين ۾ ٽاڪوڙا پيا، ڊڪٽيٽر اُڀريا ۽ ٽنگيا، ائٽم بم ڦاٽا، هند ۽ سنڌ مان فيل مست فرنگي موڪلائي ويو، هند کي سوراج ۽ سنڌ کي پاڪستان جڙيو، ملڪان ملڪ ذهني ۽ تھذيبي”مھيءَ ولوڙو“ شروع ٿيو، مڙسن سنھاريون صاف ڪرائي ڇڏيون، ستر ونديون چادريون چيري ٻاهر نڪري آيون، اڳ ڇڙا کدڙا نچندا هئا، پر ڦيري آئي، تہ دولھہ دريان خان ۽ هوش محمد جا جاءِ نشين بہ رمبا ۽ سمبا ۾ جنقبي پيا. اهو زمانو ڪنھن پر منھنجين اکين اڳيان گذرندو رهيو آهي. آءٌ اکين ڏٺو شاهد آهيان ڪيترن واقعن ۽ ڦيرين ڦارين جو.
اڄڪلھہ پراڻيءَ تاريخ جي ڳولا ۽ ترتيب ۾ وڏي دلچسپي ورتي پيئي وڃي. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي جيارڻ ۽ سينگارڻ لاءِ پڻ ڪوششون پيون ٿين. پر جن شين کي اهڙي ذوق شوق هوندي بہ وساريو پيو وڃي، سي آهن اُهي واقعا، جيڪي اسان جي پنھنجين اکين اڳيان ٿيندا رهيا آهن، ۽ جن کي قلمبند ڪري ايندڙ نسلن تائين پھچائڻ وڏي تاريخي خدمت ٿئي ها. وقت گذرندو پيو وڃي، ڪاغذ ڦاٽندا ۽ شاهد مرندا پيا وڃن - ڪجهہ عرصي بعد بنھہ خانو ئي خالي رهجي وڃڻو آهي.
هن وقت منھنجو ارادو سنڌ جي مڪمل تاريخ مرتب ڪرڻ جو ڪو نہ آهي. هن ڪتاب لکڻ مان مراد محض اها اٿم، تہ پنھنجي زماني جا ڪجهہ اکين ڏٺا واقعا بيان ڪريان، ڪن اهڙن ماڻھن جو ذڪر ڪريان، جن کي ڏسڻ جو وجهہ مليو، ۽ ڪن اهڙين حقيقتن کي واضح ڪريان، جن جي وسيلي سنڌين جي پراڻن ۽ نون نمونن جي وچ ۾ جو فرق آهي، سو ظاهر ٿئي. وڌ ۾ وڌ هيءُ ڪچو ۽ اڻ راس ٿيل مواد آهي، جنھن کي آئندي لاءِ محفوظ رکڻ جي نيت سان قلمبند ڪري رهيو آهيان، اهو ڪم ايندڙ زماني جي مؤرخن جو ٿيندو، تہ هو ان مواد کي سوهي سموهي منجهانئس ڪم وٺن. نہ وري آءٌ ڪو پنھنجي دل ۽ دماغ جا سارا دفتر، پنھنجي زماني جا سارا قصا ۽ واقعا هن محدود صحبت اندر سمائي سگهان ٿو. ان لاءِ نہ هي موقعو آهي، ۽ نہ ايتري فرصت اٿم. منھنجي پنھنجي حياتي ائين پئي گذري آهي، جيئن واچوڙي جي وچ ۾ ڪو ڪک. نہ واچوڙو ڇڏيس، نہ ڪک قرار وٺي:
واڳ پرين جي وس، آءٌ ڪا پاڻ وهيڻي!
گهڻا قصا بنھہ وسري ويل اٿم. ڪيترن قصن جا تفصيل دماغ جي ڦرهيءَ تان ميسارجي ويل آهن. ڪي ڪاغذ ناس ٿي ويا آهن، ۽ ڪي ٻين ماڻھن جي قبضي ۾ آهن. يادگيريءَ کي تازي ڪرڻ لاءِ ڪو انتظام ڪو نہ رهيو آهي. سڄو بار هينئر آهي پنھنجي حافظي تي - ۽ انساني حافظو هروڀرو اهڙي شيءِ نہ آهي، جنھن کان وقت جو ڪاريگر لغزش ڪرائي نہ سگهي.
اڃا ٻيو هڪ مونجهارو بہ سامھون هو - يعني تہ هيءَ ڪھاڻي ڪٿان شروع ڪري، ڪھڙي دور تي ختم ڪجي. جيڪڏهن سلسلي ۽ تاريخن جو لحاظ رکيو ٿي ويو تہ تمام گهڻي محنت ڪرڻي ٿي پيئي، جنھن لاءِ نہ وقت هو نہ سھولتون. هن ڪتاب جي شروعات ڊسمبر 1956ع ۾ ڪيم، ۽ اڄ فيبروري 1965ع آهي. ان وچ ۾، اڌ جھان اندر رلندو ڦرندو رهيو آهيان - يورپ ۾، عرب دنيا ۾، فلپائن ۾، ويٽنام ۾، جاپان ۾، چين ۾، هانگ ڪانگ ۾. ان رولڙي هلندي، جتي ۽ جيئن فرصت پئي ملي اٿم ۽ پراڻا قصا ياد پئي پيا اٿم، ات ۽ ائين انھن کي لکندو ويو آهيان. پڙهندڙ معاف فرمائين، جيڪڏهن کين ربط ۽ سلسلو صحيح نظر نہ اچي.

علي محمد راشدي
239- پسٽنجي اسٽريٽ،
ڪراچي
28 - فيبروري، 1965ع




وڏيرڪي زندگيءَ جي تصوير

]نوٽ: جنھن زماني سان هن قصي جو تعلق آهي، سو زمانو پھرين عالمگير جنگ (1914ع کان 1918ع) جو هو. انھن ڏينھن ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ تي ڪامورا ۽ انھن جا ڇاڙتا، وڏيرا ڇانيل هوندا هئا. قصو خيالي آهي، ۽ نالا سمورا فرضي، ڪتاب جي مھڙ ۾ هن قصي ڏيڻ جو مقصد هي آهي تہ پڙهندڙن جي اکين اڳيان ان زماني جي عام حالتن جي هڪ تصوير رهي.[
(1)
انگريزن جو ڏاڍو زور هو. ”جناب ڪليڪٽر صاحب ضلعي جو حاڪم هوندو هو.“ جناب ڪمشنر صاحب بھادر مالڪ ممالڪ سنڌ جو تہ قصو ڪرڻ کان ئي ٻاهر. سنڌ هوندي هئي بمبئي پرڳڻي جو هڪ ڏورانھون حصو، تنھن ڪري ”جناب نواب گورنر صاحب بھادر بمبئي” سال ۾ فقط هڪ ڀيرو ايندو هو، سو بہ شيل شڪار خاطر. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ زميندارن وٽ وڏيون ڍنڍون هونديون هيون، جيڪي گورنر ۽ ڪمشنر جي شڪار لاءِ محفوظ رکيون وينديون هيون. صاحبلوڪن جي آمد وقت زميندارن طرفان وڏا بندوبست ٿيندا هئا. اڪيچار مھمانيون ۽ بيحساب خاطريون ۽ تواضع - بلڪ انھن وڏيرن جي عيد اها هئي، تہ گورنر يا ڪمشنر صاحب اچي سندن مھمان ٿئي. ان ڪري مقامي عملدارن ۽ راڄ جي ماڻھن تي سندن رعب رهندو هو. ٻيا انعام اڪرام، لقب ۽ سرڪاري رعايتون ان اپرانڌ. ان زماني ۾ ڪمشنر يا گورنر ڪنھن وڏيري تي مھربان ٿيو، تہ ٻيڙائي پار: آني - ٻٽي في ايڪڙ مالڪاڻي تي هزارين ايڪڙ زمين جا بطور بخشيش جا ملندا هئا، معمولي کان معمولي ماڻھو گهڙيءَ پل ۾ وڏين ايراضين جا مالڪ بڻجي ويندا هئا، ”خان صاحبيون“ ”خان بھادريون“، درٻارين ۾ تراريون، لنگيون ۽ آفرين ناما تنھن کانسواءِ.
جناب نواب گورنر صاحب بھادر بمبئيءَ جي تشريف آوري هميشہ سياري جي موسم ۾ ٿيندي هئي، پر اطلاع سانوڻ ۾ ئي اچي ويندا هئا. مثلاً، جنھن بہ زميندار جي ڍنڍ تي شڪار ٿيڻو هوندو هو، ان تي تعلقي مختيار ڪار صاحب جي جاري ڪيل ”روبڪاري“، حد جي تپيدار ذريعي ڪئين مھينا اڳ تعميل ٿيندي هئي، جنھن جو مضمون هوندو هو:
”مانَ وارو(خانصاحب، يا خانبھادر، يا ٺلھو وڏيرو) فلاڻو.... جيئن تہ... جناب ڪليڪٽر صاحب بھادر لاڙڪاڻي ضلعي جن جي حڪم نمبر.....مورخ..... موجب اوهان کي اطلاع ٿو ڏجي تہ تاريخ...... جو عاليجناب نواب گورنر صاحب بھادر بمبئي جن جا، اوهان جي ڍنڍ تي بدڪن جو شڪار ڪرڻ فرمائيندا، تنھن ڪري توهان کي هر طرح جو بندوبست ۽ انتظام اڳواٽ ڪرڻ جڳائي. توهان جي سڌ لاءِ هيءَ روبڪاري جاري ڪئي ويئي.”
روبڪاريءَ جي پھچ باقاعدي صحيح ڪرائي ورتي ويندي هئي، ڄڻ تہ ڪو قانوني دستاويز هو. جيڪو تپيدار اها روبڪاري کڻي ايندو هو، تنھن جو شان تہ شاهاڻو هوندو هو. گهڻي گاھہ داڻي جي آسري تي، سندس گهوڙو پري کان ئي هڻڪندو ايندو هو. تپيدار جي پنھنجي مٿي تي ڊبل طري سان ريشمي پڳ، بدن تي ململ جو چولو، ان مٿان الپاڪي جو ڪارو ننڍو ڪوٽ، پڻئي جي ڏھہ والي ڌوٻيءَ ڌوتل سٿڻ، سيم لڳل جتي، کيسا ڪاغذن سان پر، هٿ ۾ گهڻو ڪري نيٽ جو سنھو لڪڻ، جنھن تي سيم جڙيل، توٻري ۾ نقشا، جن جا ٻوٿ ٻاهر، فائونٽين يا ”انڊي پنڊي“ قلم اڃا رائج ڪو نہ ٿيا هئا، تنھن ڪري توٻري ۾ هڪ وڏي قلمدان جو انتظام بہ هوندو هو. قلمدان اندر مس واڻڪي، جنھن ۾ اڳڙين جو نائو وڌل، ”مسچٽي“ جي جاءِ تي واريءَ سان ڀريل دٻلي، قلم ڪانھن جا، ۽ هڪ - اڌ اسٽيل، ڪجهہ پينسلون، ۽ هڪ هالا جو جنڊيءَ لٿل رنگدار رول، زير ويچار لکپڙهن يا قڪارن جي درخواستن جا ٻہ - ٽي بستا بہ ساڳئي توٻري جي پيٽ ۾ پيل رهندا هئا.
تپيدار سان گڏ ڪوٽوار جو هجڻ بلڪل لازمي هوندو هو. ڪوٽوار جي اک، تپيدار تہ ڇا، پر مختيارڪار کان بہ وڌ ڪرڙي هوندي هئي. ڳوٺاڻن کي ڊيڄارڻ، ڪڪڙ ڪھائڻ، گيھہ مکڻ گڏ ڪرڻ، ۽ رسائيءَ جو انتظام رکڻ سندس ڪم هو. تپيدار کي ڪھڙيون جسماني بيماريون لڳل آهن، ٻوڙ ۾ گيھہ وڌو وڃي يا مکڻ، ڳاڙها مرچ استعمال ٿين يا ڪارا، گوشت ڪڪڙ جو هجي يا ننڍي کير پياڪ ليلي جو، تن ڳالھين جي خبر پڻ سندس ذريعي ئي پئجي سگهندي هئي.
(2)
هينئر تپيدار صاحب جي تشريف آوري ٿي ٿئي - ان جو نظارو ڏسو ۽ احوال ٻڌو.
وڏيرو ڪکائينءَ اوطاق ۾ ويٺو آهي کٽ تي. هيٺ تڏا ۽ منجيون پيل آهن. تڏي تي ويٺل آهن عام ماڻھو، هاري ناري، نوڪر چاڪر ۽ منجين تي وڏيري جا پنھنجا غريب مائٽ يا پسگردائيءَ جا ننڍڙا کاتيدار. ڪچھري لڳي پيئي آهي. چؤطرف ڪجهہ شڪاري ڪتا ڪير ۾ منھن وجهو ستا پيا آهن، ۽ ڪجهہ ويڙهو ڪڪڙ پيا گند کوٽين. ايتري ۾ پري کان گهوڙي جا هڻڪار اچن ٿا. وڏيري جا ڪن کڙا ٿي وڃن ٿا - ۽ ڪچھري خاموش.
وڏيرو(نوڪر کي) - ماڪوڙا! ڀڄ تہ....ڏس، ڪير آهي. ڪو هفيسر(آفيسر) تہ نہ آهي؟
ماڪوڙو- جئين تون، هڻڪ تہ جماندار (پوليس) واري مشڪيءَ جي آهي.
وڏيرو- کبر(خبر) نہ آهي، جماندار صاحب ڇو ٿو اچي. کدا (خدا) کئر (خير) ڪري!
ماڪوڙو- نہ سائين، جماندار نہ آهي. تپيدار صاحب، منشي کدابھڪ کان (خدابخش خان) آهي.
وڏيرو- ڊوڙ، وڃي گهوڙو وٺ!
وڏيرو- کٻڙ (ٻيو ڪامي) ڊوڙ، بنگلي مان ڪرسي کڻي اچي رک! ُبنگلي جي معنيٰ ڪچين سرن مان ٺھيل ڪوٺو، جنھن ۾ ڪاٺ جون ٻہ - ٽي ڪرسيون، اُٺن جا پاکڙا، گهوڙن جا هنا،گاھہ، داڻي جو اَن، ڇنل کٽون، ۽ مسافرن لاءِ رلھين جا انبار پيل آهن.‘
’خدا بخش خان لڏندو پيو اچي. کيس
ڏسي سڄي ڪچھري اٿي بيھي ٿي.‘
خدابخش خان - سلاماليڪم!
وڏيرو ۽ سڄي ڪچھري - ماليڪم سلام! ڀلي آيا، کدابھڪ کانَ! ويھو سائين ڪرسيءَ تي... اڳتي سرو... ويجها ٿي ويھو.
وڏيرو- کدابھڪ کانَ، کش آهيو؟ چڱا ڀلا، عزت آبرو، دين ايمان، روزو نماز، رزق مال... ٻيو سڀ کئر؟ ﷲ جي مھرباني، امن امان، ڌڻيءَ جا ٿورا، توهان دوستن جون دعائون!
’ايتري ۾ ملھار خان ڪوٽوار بہ اچي پھچي ٿو.‘
وڏيرو (ملھار کي) - تون کش آهين؟ چڱو ڀلو؟ ٻيو سڀ کئر؟
ملھار خان (وڏيري کي) - سائينءَ جي ِسرَبکتَ (بخت) جو کئر! سائينءَ کي دعائون پيا ڪريون.
وڏيرو - ٺاڪومل! ’واڻيو مودي، جيڪو اندر حويليءَ ۾ بہ اچي وڃي پيو.‘ ڀڄ، ٽڪر ٽاپ جو وڃي چئہ..... هنڌ کٽ بہ بنگلي ۾ وجهراءِ.
ٺاڪومل (ملھار ڪوٽوار کي ٻاهر ڪڍي وڃڻ بعد) - ملھار کانَ! ڇا ڪرايون تپيدار صاحب لاءِ؟
ملھار ڪوٽار- - تبا(طبع) ٺيڪ ڪا نہ ٿي رهيس، گهڻو ڪو نہ ٿو کائي سگهي. ننڍڙي ليلڙي کي ڪري سير وجهاءِ. ڦوٽي جي داڳ سان ڳنڌڻ هجي، ٻہ - ٽي ٻوٽيون ڪري سڳداسين ۾ بہ وجهراءِ. طبيب جو چوڻ اٿس تہ ڪم ڪاڪتيءَ (ڪم طاقتيءَ) ڪري ڇيلي جو ميڄالو ضرور کائي، سو اهو بہ ڪري ترائجانءِ. چھر لاءِ جيرن بڪين جا ٽڪر بہ ڪري هجن. ڏندن جو مڙئي ڪچو آهي، سو مکڻ ۾ تريل نرم اُڦراٽي کان سواءِ بنھہ کائي ڪو نہ سگهي، پر سڻڀ ذرو سرس هجي. پر جيستائين ماني تيار ٿئي، تيسين ڪجهہ سربت (شربت) تہ آڻ. بيمار هو، اچڻ جھڙو ئي ڪو نہ هو، پر راءِ صاحب (مختيار ڪار) زور ڪري موڪليو اٿس. لاٽ صاحب (گورنر صاحب) ٿو اچي وڏيري وٽ، شڪار لاءِ! ساري ملڪ ۾ هولچو مچي ويو آهي. راءِ صاحب ڊوڙايس تہ وڃي وڏيري کي هڪدم کبر (خبر) ڏي. مڙئي سرڪاري کڦا (خفا) آهن. هڪ ٿي بلا لھي، تہ ٻي ٿي اچي منھن ڪڍي. ڪاڏي وڃن ويچارا هافيسر.... مان پاڻ بہ چاڪ ڪو نہ آهيان، پر اڪيلو ڪيئن ڇڏيانس؟ مون کي پاڻ کي ڏَس مليل آهي کنگهہ ۽ بلگم (بلغم) جو. منھنجي لاءِ ڪري هڪ ”بسري“ دانگيءَ ۾ وجهراءِ پر ڳڙ نہ هجيس - ڪٽيل سچي مصري، ۽ گيھہ بدران ڳائو تازو مکڻ. ڦوٽن جا ٻہ - ٽي داڻا ضرور هجنس - باديءَ جو کلل (خلل) لڳل آهي. ڇا ڪريون، پيرسنيءَ بہ اچي ورتو آهي. ڀائي ٺاڪومل، تون تہ يار آهين، ورهين کان سڃاڻين!
’اندر ڪچھري جاري آهي‘
وڏيرو - کدابھڪ کانُ، ڪريو کبرون کئر جون؟
خدابخش خان - ﷲ رسول کؤن پيا خير گهرون. راءِ صاحب وٽ ڪالھہ ڪليڪٽر صاحب وٽان اچي حڪم پھتو... لاٽ صاحب ڊسمبر مھيني ۾ سائين جن وٽ شڪار تي اچڻ جي دعوت قبول ڪئي آهي. راءِ صاحب کي خيال ٿيو تہ وڏي خفي جھڙي ڳالھہ ٿي پيئي... هزارين رپيا رسائيءَ تي خرچ ٿيندا، سڄي سنڌ اچي هت ڪڙڪندي: گورنر صاحب، گورنر صاحب جا مھمان، ڪمشنر صاحب، ان جا آڙي ڪاپ ۽ منڊم صاحب ۽ ٻيو عملو، ڪليڪٽر صاحب ۽ ان جو عملو، ڊپٽي صاحب، پوليس ڪماني -- مطلب تہ سڄي سرڪار اچي هت سھڙندي. زميندارن جو بہ اڄڪالھہ حال ڪو نہ آهي. ڪي ٿورا خاندان وڃي بچيا آهن، اوهان جهڙا. مون تہ راءِ صاحب کي خاطري ڏني تہ ڪو فڪر نہ ڪريو: ”بار کڻندا باري، ناهي ڪم ڪچن جو!“ وڏيري سائينءَ جو سر سلامت هجي تہ تعلقي جي عملي کي ڪا ڪاڻ ڪا نہ آهي، سمورا بار وڏيرو صاحب پاڻ کڻندو. آخر لاٽ صاحب بہ تہ سندس مھمان ٿي ٿو اچي، ڪنھن ٻئي ڏي تہ واجهائي ها! اهي آهن حال، اهي احوال. هيءَ روبڪاري آهي، تنھن تي ڪري سائين جن صحيح وجهن، يا مھر هڻن. ’وڏيرو اڻپڙهيل آهي، تنھنڪري منڊيءَ ۾ لڳل مھر هڻندو آهي.‘ وقت کان اڳ سائين جن راءِ صاحب سان ملي، صلاح مصلحت پڻ ڪن تہ انتظام ڪيئن ٿيندو - ڪھڙو سامان گهرائبو ڪم جي ونڊ ورڇ ڪيئن ٿيندي، نيٺ ننڍي ڳالھہ تہ نہ آهي، ملڪ جو بادشاھہ ٿو اچي!..... جيءُ پنھنجا حال؟
وڏيرو - ڀلي آيا، جي آيا! کدابھڪ کانَ، اسان جا حال سڀ کئر جا آهن. اسان کي پاڻ تنھن ڏينھن ڪليٽر(ڪليڪٽر) صاحب جي شيشدار (سرشتيدار) نياپو موڪليو هو - تہ لاٽ صاحب هيڏي اچڻو آهي. ڀلي اچي، جي اچي! اڳئين سال بہ مھرباني ڪئي هئائين، هيلھہ بہ اچي ٿو تہ سڀو ڪجهہ ٿي پوندو.
ڪچھريءَ جا ٻيا ماڻھو - وڏيري سائينءَ جو تہ يار آهي، ايھو گورنر! پرسال تہ لينڊي (گورنر جي ليڊي) بہ هر هر ِکلي پئي وڏيري سان ڳالھايو!
وڏيرو - لاٽ صاب ۽ لينڊي صاب ٻئي اسان جا يار آهن. ممبئيءَ (بمبئي) اچڻ جون بہ ٻنھي ڄڻن دعوتون ڏنيون آهن. پر اسان کي ٻاهر جو پاڻي ڀانءِ ڪو نہ ٿو پئي، تنھن ڪري ڪاڏهن نڪري ڪو نہ ٿا سگهون. ڪاراچيءَ(ڪراچيءَ) ڪماشنر (ڪمشنر) گهرايو، تہ بہ ڏاڍي ڏکيائي ٿي هئم.... ادا کدابھڪ کانَ، راءِ صاحب کي کاتري (خاطري) ڏج. مڙيو ئي چڱي ٿي پوندي. سڀو ڪجهہ ڪري وجهنداسين..... ٻيو ڪلئي کير؟ کش چڱا ڀلا، ٻيو سڀ کئر؟
’وڏيرو روبڪاري وٺي، هيٺان مٿان اٿلائي، ڏسي، ويڙهي، پنھنجي صدريءَ جي اندرئين کيسي ۾ وجهي ٿو. صدريءَ جي کيسي ۾ ناس جي دٻلي، ڳاڙهو نڪ اگهڻ جو رومال، ۽ ڪجهہ نوٽ بہ پيل آهن. صدريءَ جي ٻاهران ڏورئي جو ڊگهو چولو چڙهيل آهي.‘
(3)
’خدابخش خان بنگلي ڏانھن اُٿي وڃي ٿو، ۽ باقي
ڪچھريءَ ۾ گفتگو جو سلسلو جاري رهي ٿو.‘
اڪ (راڄ جو هڪ ماڻھو)- سائين، گذريل کميس(خميس) رات منھنجا ڍڳا لوڙهو ڀڃي ڪڍي ويا آهن. قرآن گهمائي گهمائي ٿڪجي پيو آهيان، سائين ڪا واهر ڪري.
وڏيرو- ڪو ڇڪ ڇبو؟ (شڪ شبھو)
اڪ - موٽ جا پير تہ اتري ڏي ويا. شابڙاڻن جي وانڍ وٽان وڃي ريل جي بند تي چڙهيا، پوءِ پتو ڪو نہ پيو.
مينھون خان (پاڙي جو ننڍو کاتيدار) - جئين تون، اهي شابڙاڻي پاڻ وڏي پاٿاري وجهو ويٺا آهن! آئي وئي چور چڪار جي دُئي لڳي پيئي آهي. نہ ٿا چڱي مٺي کي منھن ڏين، ۽ نہ وسيلي(قرآن) کي مڃين، سڦا(صفا) ٺڪر آهن.
رسولو (ڳوٺ جو ڪنڀار) گلان نبيءَ(غلام نبي)جون مينھون بہ قادوءَ شابڙاڻيءَ موٽايون، ڏيڍ سؤ ڀگ وٺي. ڏُهي ڏُهي، پڇڙان ڪري ڇڏيون هئائون. گلان نبيءَ جي ماءُ مساڦ (مصحف) کڻي وين تہ بہ ڪو نہ ليکيائون.
ڏنو (ڪمدار) - ڪھڙا آهن شابڙاڻي؟ نہ سڏ صلح ڏين، نہ اٿيءَ ويٺيءَ ۾ مدارت(مدد) ڪن. چوريون ڪري ملڪ ناس ڪري ڇڏيائون. گهراماڻن جا ديرا ڀڃي ول کڻي ويا. ٽيڪومل کان اڳواٽ پئسا وٺي مکڻ ڏيڻ کون جباب(جواب) ڪڍي ڏنائون. چڀڙفقير (لنگهي) واري زال بہ انھن جي چرچ سان ويئي. شاهينگن رات جي ماني شابڙاڻن ۾ کاڌي. اوٽ موٽ جا پيرا وڃي سندن واھہ تي چڙهيا. ناپٽ جي وانگار مھل نياپو وين تہ ڪنگڻ ڪڍي ويٺا. چيائون، اسين وڏيري صالح (پاڙي جو هڪ وڏيرڙو زميندار) جو راڄ آهيون، ۽ اُٿي ويٺي ان سان ڪندا آهيون. پرسال صاحب جي ِڇڪار(شڪار) ڀيريءَ بہ ڇيڙ تي ڪونہ آيا. ڪارو منھن اٿن، ۽ نيرا پير!
ملان مٺو (ڳوٺ جو ملو)- چڀڙ فقير سان جائي ظلم آهي. رن تہ اصل کؤن گهڻن سان ئي کريل هئي، پر هرڪو پيو اتي ڪارو منھن ڪندو هو. هاڻي تہ مورڳو گم ڪري ڇڏيو اٿئونس. ننڍڙا ٻچا پيا ٻاڪارينس. لولي ٿڦڻ وارو بہ ڪو نہ اٿس!
وڏيرو - رن ڪنھن سان بد پيڇي(بد پيشي) هئي؟
ملان مٺو - سائين، هونئن تہ ڏاڍي گهمندڙ هئي. پير پٽيءَ تي ڪو نہ هوندو هوس. آيو ويو، واڻيو سراڻ، پيو چهنب ٻوڙيندو هو. پر اڄ تائين لوڙهو لتاڙي ڪا نہ ويئي هئي، اهو انڌير هاڻي ڪيو اٿس. ڪنھن پاڙي واري جي ٽيڪ کان سواءِ اهو ڪم ڪو نہ ٿيو هوندو. اوهان جا هٿ ڊگها آهن. پاڻ ڪوشش ڪندؤ تہ ويچاري جو چاڙهو ٿي پوندو. چون ٿا تہ سابڙي جت جي مڙيوئي گهڻي اچ - وڃ هوندي هونِ.
ڏنو ڪمدار - سابڙو بہ تہ ڪاٽڪو آهي، انھن شابڙاڻن جو ئي رساگير!
مينھون خان - سابڙو ڪڏهن چڱو مڙس ٿيو؟ پورو پورو لوڦر(لوفر) آهي، بدوزا (بد وضع). جنھن ٿانءَ ۾ کائي، تنھن ۾ گند ڪري. وڏيري صالح جو اڳ - پوءِ پيو ڪري، تنھن ڪري هٿ ڪو نہ ٿو لائيس. اڳئين چيٽ ۾ سکيري ميربحر جي ڇوڪريءَ سان ورتائونس. چڱي چڱي ها ها ٿيس. ٻٽن ڏينھن تائين پئي هسپتال ۾ پاڻ چيٺايائين. پوءِ ڪيترا ڏينھن تہ لڏي وڃي اوڀارين مائٽن وٽ لڪو. هاڻي اچي وري ٻوٿ ڪڍيو اٿس.
ڏنو ڪمدار - وڏيري کي ﷲ ڏينھن ڏئي. ٿڌو مڙس ٿي پيو آهي، نہ تہ ڪھڙي ڪاڪت(طاقت) آهي شابڙاڻن يا جتن کي، جو سندس راڄ جو پاڇو بہ اورانگهي سگهن!... الهداد کانَ مرهيائت (مرحوم الهداد خان، وڏيري جو ننڍو مري ويل ڀاءُ) جا ڏينھن بہ ڏٺا هئاسين. اوڙي پاڙي ۾ هر ڪو پيو ڪن هڻندو هو. وڏ وڏيرا پيا سلام ڀريندا هئا. انھيءَ ساڳيءَ چڀڙ واريءَ رن کي ٽيو ورھہ لابارن جي موسوم(موسم ) ۾ ِابوءَ سان وتو هئائون. پوءِ کبر(خبر) اٿئي الهداد کانَ(خان) ڇا ڪري گذريو؟ بروقت تہ ابو ڀڄي ويو هو، پوءِ دڦيدار (دفعدار) کي گهرائي، ڍڳو ڪڍ لارائي، ڇھہ مھينا ٽيپ ڏياري ڇڏيائينس. مرندو مري ويو، وري ڪنھن جي ٽانڀر بہ نہ لتاڙيائين! رن کي بہ گهرائي، پھريائين تہ چوٽيون پٽارايائينس، پوءِ اگهاڙو ڪرائي، هٿ پير ٻڌارائي، رات جو ڏکڻئين تلاءَ جي وٽ سان ڪري اڇلارايائينس. اچي پٽيس مڇرن - دانھن تي دانھن ڪوڪ تي ڪوڪ! پوءِ بہ رن جي ماءَ اچي ِپير جو پلاند وڌس، تڏهن ڇڏيائينس. وري ڪنھن ڏي جو کڻي رن واجهائي به! ڄڻ ڪتيءَ ڪن وڍايا!... هاڻي تہ وڏيري جي ٿڌائيءَ ڪري، انڌي جي جوءِ ﷲ جي آمان آهي. ڇا ڪريون؟ اسين بہ دانھون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون. اڃا جڏهن اُٿي!
مينھون خان - وڏيرو سائين بہ شينھن لڳو پيو آهي. سندس منڊو ڪير پٽي سگهي؟ صوبيدار(پوليس صوبيدار) کي چئي ڪري، بدماڇيءَ (بدمعاشيءَ) ۾ ڏيونِ. لچ لوڦر ڀلي ڊيچار کائيندو وڃي. تنھن ڏينھن مان پاڻ ٿاڻي تي ويو هوس، گل محمد کانَ سوار ٻڌايو تہ مٿائون جا حڪم اچي ويا آهن، جلد بدماڇن جون لسٽون کلنديون.
وڏيرو- ٻڌوسين تہ صوبيدار نئون اچڻو هو؟
مينھون خان - ڪڏهانڪر اچي ويو آهي. مان پاڻ سلام تي ويو هوس. کانپور(خانپور) واريءَ ڦر جي جانچ ۾ گست (گشت) تي چڙهيل هو، هاڻي موٽي آيو هوندو.
وڏيرو - (ٺاڪومل سان) ٺاڪومل، تون پرينءَ ٿاڻي تي وڃجانءِ، نئين صوبيدار صاحب کي مھماني ڏيئي اچجانءِ ۽ چئجانس تہ اسين بہ جلد سندس سلام تي اينداسين، تبا(طبع) اڄڪالھہ ڪجهہ کراب (خراب) آهي، سو ماڦ(معاف) ڪري. پر ٺاڪومل، منھن چڱيءَ طرح ڏجانس، مڙس مڙيوئي کهرو پيو ٻڌجي. ڏني ڪمدار کي ساڻ ورتيو وڃج. انھن لچن جا نالا بہ ڏيو اچجو تہ ڀل هاڻي ئي بدماڇيءَ(بدمعاشي) جي قلم هيٺ رينگدا وڃن.
ٺاڪومل - مھماني ڇا ڏيونس؟
وڏيرو- جيڪا رشم (رسم) پنھنجي آهي، سا پوري ڪج.
ٺاڪومل - هزار رپيو روڪ، پنج ڳوڻيون چانور، پنج ڳوڻيون ڪڻڪ، چار ڏٻا گيھہ جا، هڪ سوئا مينھن، ٻہ ڇيلا.... پر گهوڙي جو ڇا ڪجي؟ وهٽ ڪھڙو ڏيونس؟ هت تہ ڪو چسَ جھڙو وهٽ بيٺل ڪو نہ آهي.
مينھون خان - ڪو نہ ڪو وهٽ ضرور ڏبس. پنھنجو ڇان (شان) آهي. ڪم ڪاريون بہ پيا پون. پنھنجو وڏيرو وهٽ نہ ڏيندس تہ صالح کانُ (خان) ڊوڙي وڃي پنھنجو مشڪي گهوڙو اڳيان جهليندس. صالح تہ جهڳي ڦرائيندي بنھہ دير ڪا نہ ڪري، جيئن مڙيو ئي ڪامورن اڳيان اڳ اڳيرو هجي.
وڏيرو - تہ پوءِ ديھہ تان مڪڙي گهوڙي گهرائي ڪري ڏجوس.
’ڪچھري برخواست ٿئي ٿي. ٻئي ڏينھن ٺاڪومل، ڏني ڪمدار سان گڏ، مھمانيءَ جو سارو سامان کڻي وڃي صوبيدار وٽ پھچندو. ڏنو، شيطاني ڪري، گهڻن ئي حقي ناحقي ماڻھن جا نالا بدمعاشن جي لسٽ ۾ لکائي ڇڏيندو. جنھن بہ ماني نہ کارائي هوندس يا آڏو جواب ڏنو هوندس، تنھن جو نالو لسٽ ۾ هوندو، جيئن سندس ڌاڪو ساريءَ پسگردائيءَ اندر قائم ٿي وڃي. ”مھماني“ ڳڙڪائڻ کانپوءِ، صوبيدار بہ مرڻ جيئڻ جي ڪا نہ ڪندو. ڪوڙا شاهد ۽ ڪوڙا ڀاڳيا بيھاري، لسٽ ۾ ڏنل نالن وارن سمورن ماڻھن کي 110 قلم هيٺ گرفتار ڪري، ڪورٽ اڳيان رجوع ڪري ڇڏيندو. جيڪي رجوع ٿيندا، سي بہ پوءِ پيا کيس کارائيندا پياريندا، ڇو تہ صوبيدار جي سفارش ۽ تعلقي مختيارڪار جي تصديق کان سواءِ تہ ڪنھن جو ڪچو ضامن بہ ٿيڻو ڪو نہ هوندو. پٽ کاءُ جي ان هنگامي اندر، اَڪ جا ڏاند ۽ چڀڙ جي رن بدستور غائب رهندا.‘
(4)
وڏيري کي گورنر صاحب جي مھمان ٿي اچڻ جي روبڪاري ڇا ملي، ڄڻ چريءَ کي چڙا پيا. سڀ کان پھرين وڃي حويليءَ ۾ خبر ڪيائين. پاڻ تہ پڙهيل ڪو نہ هو، سو ٺاڪومل کي سڏي، روبڪاري پڙهارايائين. وڏيءَ وڏيريءَ فقط هيتري ٽيڪاٽپڻي ڪئي: ”مئا وري ڦري لٽي هليا ويندا. هن سال تہ ڇوڪرن جا طوهر بہ ڪو نہ ٿي سگهندا!“ پوءِ وڃي دالان ۾ ديڳڙن تي ويٺي. ٺاڪومل وڏيري کي همت وٺرائي. چي، ”سائين، پئسو ايندو ويندو، دشمنن جو تہ منھن ڪارو ٿيندو، گهٽ ۾ گهٽ وڏيري صالح جا تہ ڪنائي اونڌا ٿي ويندا!“
ٺاڪومل جي تہ ﷲ ٻڌي هئي. سارو خرچ سندس هٿان نڪرڻو هو. چئين آني جي شيءِ آڻيندو تہ ڪاڳر تي چار رپيا چاڙهي ڇڏيندو.
جيستائين ناتال اچي ۽ گورنر صاحب جي تشريف آوري ٿئي، وڏيرو اها تاريخي روبڪاري هر شخص کي ڏيکاريندو رهندو. ڪاغذ ڳرڻ لڳندو تہ هيٺان ڪپڙو چاڙهائيندس. غرض تہ جهنگ جهر ۾، شھر بحر ۾، ريل ۽ مسافر خاني ۾، لاٽ صاحب جي آمد جو ذڪر جاري رهندو، ۽ ثبوت ۾ روبڪاري صدريءَ جي اندرئين کيسي مان نڪري پيش ٿيندي رهندي.
(5)
ڪجهہ ڏينھن رکي، وڏيرو وڃي لاڙڪاڻي رسندو. اڳئين ڏينھن تي، تيل - ميٽ سان، کليل غسل ٿيندو. ساريءَ اوطاق ۾ ممڻ متو پيو هوندو. نوڪر چاڪر ڊڪندا ڊوڙندا وتندا. ”چپ ڪريو! ميان توهان کي تہ سڌ ئي ڪا نہ ٿي پوي....سڀاڻي سوير ڪليٽر صاحب سان ملاقات اٿس، اڄ وار پيو آلا ڪري...ڀڄ، لوٽو اڳي ڪر، کونجي کڻ، گهڙا پاڻيءَ جا وڌاءِ“- مطلب تہ آيو ويو ٿرٿلي ۾ هوندو. غسل بعد، وڏيرو ساڳئي آڳر ۾ اس تي ويھي وار سڪائيندو، ۽ آئي وئي سان ڪچھري بہ پيو ڪندو. گفتگو جي شروع خواھہ پڄاڻي انھيءَ هڪ ئي نقطي تي پئي ٿيندي: ”ڇا ڪريون، هڦيسر(آفيسر) گهر ويھڻ ئي ڪو نہ ٿا ڇڏين. ممبئيءَ (بمبئي) وارو لاٽ صاحب هيلھہ بہ ڇڪار (شڪار) تي اچي ٿو. سڀاڻي ڪليٽر صاحب سان ملاقات آهي. مڙئي انھيءَ ڊڪ ڊوڙ ۾ لڳا پيا آهيون. ٻيو مڙيو ئي سک.“
ساڳئي ڏينھن لاءِ نئون وڳو بہ سبرائي رکيو ويو هوندو. ڏورئي جي صدري، ململ جو ڊگهو پيراهن، ويھہ وال ململ جي پڳ، ويھہ وال سٿڻ، نئين سنڌي سيم لڳل موچڪي جتي ُڪجهہ عرصي بعد انگريزي نموني جي بوٽ جو رواج پيو، ڇو تہ ”صاحب لوڪن“ سان ملاقات وقت سنڌي جتي ٻاهر لھرائي ويندي هئي، ۽ ملاقاتيءَ کي پيرين اگهاڙين پيش ٿيڻو پوندو هو. انگريزي بوٽ جي حالت ۾ پيرين اگهاڙين اچڻ جي پابندي ڪانہ هوندي هئي.‘، ۽ هٿ ۾ ڊگهو ريشمي رومال.
ٻئي ڏينھن اهو ويس ڍڪي، ٽانگي تي چڙهي، وڃي وڏيرو پھچندو ڪليڪٽر جي بنگلي تي. ملاقاتين جي ترسڻ لاءِ ٻاهر وڻن هيٺان ڪرسيون رکيل هونديون. ڪليڪٽر صاحب بھادر جي سلسلي ۾ حوالدار ۽ پٽيوالن کي اها ئي اهميت حاصل هوندي، جا تپيدار جي حالت ۾ ڪوٽوار کي. جيڪڏهن وڏيري وٽان ججهي ”سلامي” ملندي هوندن، تہ کيس پري کان ايندو ڏسي ئي اڳي وڌي وڃي کيڪاريندا بہ ۽ ڪرسي بہ آڇيندا، ورنہ ٿيو ڀلو - وڏيرو ڀل ڦيريون کائيندو وتي، نہ ڪرسي آڇيندس ۽ نہ ملاقات ئي وقت سر ڪرائيندس. اهو اختيار حوالدار کي هوندو تہ ملاقاتين جي نالي جون چٽڪيون ڪھڙيءَ طرح اڳي پوءِ ڪري صاحب اڳيان رکي ۽ ملاقاتين کي واري سان اندر سڏارائي. وڏيرن لاءِ اها وڏي ڳالھہ هوندي هئي تہ صاحب پھريائين ڪنھن کي ٿو سڏائي، جنھن کي اڳ ۾ سڏ ٿيو، سو هفتن تائين ويٺو ان ڳالھہ جو ذڪر ڪندو. ان اعزاز حاصل ڪرڻ خاطر وڏيرا حوالدارن سان ڏاڍي ”لھہ وچڙ“ رکندا هئا، کين خرچيون، ساليانا، اَن گاھہ هر چيز پھچائيندا هئا. ڪن صاحبلوڪن وٽ حوالدارن ۽ پٽيوالن جي گهڻي هلندي هئي. خاص طرح انھن ”صاحبلوڪن“ وٽ، جيڪي نوان آيل ۽ مقامي حالتن کان بيخبر هوندا هئا، ۽ پٽيوالن ذريعي پھتل خبرن کي معتبر ۽ غير واسطيدار سمجهندا هئا. حقيقت ۾ حوالدار کان وڌيڪ پھچ صاحب بھادر جي بٽلر جي هوندي هئي، جنھن کي وڏيرا ”بٽڙيل صاب“ سڏيندا هئا. اهو بٽلر، صاحب جو خانگي نوڪر هوندو هو، جيڪو صاحب جي بنگلي تي خرچ جو بندوبست مختيارڪارن کان رسائي وٺڻ سان ڪندو هو، ۽ (اوائلي زماني ۾) جيڪڏهن صاحب جوان ۽ غير شادي شدہ هوندو تہ سندس وندر لاءِ ٻيا انتظام بہ رکندو هو. انھن خدمتن ڪري بٽلر گويا صاحب جا ”ڪنَ“ هوندو هو. اوڀاريون لھواريون، ساريون خبرون آڻي کيس ٻڌائيندو، ۽ جنھن وڏيري سندس منھن مٺو نہ ڪيو هوندو، تنھن جي پاڙ پٽي ڇڏيندو، ڪنھن زماني ۾ عام چوڻي هوندي هئي تہ ”محمد دين بٽڙيل جا پٽيل سلا ساوا ٿيڻا ئي نہ آهن!“ ’محمد دين، هيءُ صاحب ڪليڪٽر لاڙڪاڻي جو ناميارو بٽلر هوندو هو.‘
غرض تہ حوالدار، پٽيوالن ۽ بٽڙيل جي ڪاڪ مان ڪھي، آخر وڏيرو صاحب هلي پھچندو ڪليڪٽر صاحب جي حضور ۾.
حوالدار ساڻس گڏيو ويندو. صاحب جي گلم تائين پھچائڻ بعد، وڏيري جي جتي لھرائيندو، ۽ کيس پيرين اگهاڙو اڳتي روانو ڪري پاڻ ٻاهر نڪري ويندو. وڏيري کي ايندو ڏسي، صاحب ڪاغذن ۾ منھن وجهندو، جيئن ٻہ - ٽي ساعتون وڏيرو ڀل اُڀ - پيرو ميز اڳيان بيٺو هجي. ان کانپوءِ ڪندو منھن مٿي.
وڏيرو (هٿ نراڙ تي رکي، ڏاڍي آواز سان) - صاب بھادر جو سلام ٿئي!
صاحب بھادر - سلام! وڍيرا، بئٺو.
’وڏيرو ڪرسيءَ تي ويھندو. پر جيڪڏهن ”ڪرسي نشين“ هوندو تہ ويھندو، ٻيءَ حالت ۾ بيٺو رهندو. ان زماني ۾ ٻن قسمن جي ڪرسي نشينيءَ جا پروانا هوندا هئا: ”ڪمشنر جي ڪرسي“، ۽ ”ڪليڪٽر جي ڪرسي“. ڪرسيءَ جي انھن پروانن کي وڏو اعزاز سمجهيو ويندو هو، جنھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏيرا هزارين رپيا خرچيندا ۽ ڏاڍي خوشامد ڪندا هئا.‘
صاحب - وڍيرا، کبر(خبر) ڪرو؟
وڏيرو - کبر کئر. سائين سر بکت (بخت) ڪا کئر پيا گهرون. ڪمين ڪارين لڳا پڙا هون. صاب جي آل اولاد کي دعا پيا ڪرون.
صاحب - ڦسل (فصل) ڪيسا هئي؟
وڏيرو – کداوند (خداوند)، ڦسل هن سال ٺيڪ نھين ٿيا. ڪجهہ ماڪڙ، ڪجهہ ڪوئا نخسان (نقصان) ڪيا. ٿوري پاڻي ڪي ڀي ناڦٿ هئي. نور واھہ جي کاٽي پوري ڪا نہ هوئي.
صاحب - چور هئي تمھاري زمينداري ۾؟
وڏيرو - (ڏڪندي) نہ صاب بھادر، اسان جي زمينداري ۾ چور نھين. اسان چور ڪي برخلاڦ (برخلاف) آهيون. صاب بھادر حد جي صوبيدار سي پڇا ڳاڇا ڪري. باقي صالح وڏا پاٿاريدار هئي چوري ڪرائيم چوري کائي اُس ڪي پاس بھوت چور رهتا هي. شابڙاڻي، آرباڻي، هموداڻي، شر، تڙت، مطلب تہ وڏا وڏا ڪاٽڪو رکيا بئٺا هي. رنڍي بازي ڪي ٽونڪر ڀي اٿس. سرڪاري واھہ ڪا وڻ ڀي ڪٽرائي ڳيا. صاب بھادر مالڪ...
صاحب اڇا وڍيرا اَڀي سلام!
(وڏيرو اٿي کڙو ٿئي ٿو. جا ڳالھہ صاحب سان حقيقت ۾ ڪرڻي هيس، يعني گورنر جي آمد متعلق، تنھن جي صاحب طرفان ڪا پچارئي ڪا نہ ٿي ٿئي.)
وڏيرو- (هلندي دانھن ڪري ٿو، ۽ کيسي مان روبڪاري ڪڍي ٿو.)- صاب بھادر جا حڪم پھچا آهي تہ جناب لاٽ صاحب بھادر ڇڪار لاءِ آتا هي.
صاحب - مڪٽيارڪار صاب سي باٽ ڪرو.
(وڏيرو ٻاهر نڪتو تہ پٽيوالا اچي ڪڍ پيس. ٽانگي تائين پھچندي ويھہ رپيا ”سلامي“ وٺي ڇڏيائونس. بٽلر جا ڏھہ رپيا تنھن اپرانڌ.)
(6)
’ان کان پوءِ وڏيرو پھتو پنھنجي تعلقي جي مختيارڪار وٽ‘
مختيارڪار - وڏيرا، گورنر صاحب جي دعوت ڪري اسان لاءِ مصيبت ڪري ڇڏيئي. هاڻي منھن بہ تون ئي ڏيندين!
وڏيرو - سائين، ڌڻي مالڪ آهي، اسين سائين جي جتيءَ جو جوڙ آهيون، سڀو ڪجهہ ڪري وجهنداسين.
مختيارڪار(نائڪ کي) - نائڪ، وڏي منشي صاحب کي تہ سڏ ڪر. منشي خدابخش کي بہ ڏسجانءِ.
(ٻئي اچن ٿا.)
مختيارڪار - وڏا منشي، وڏيرو اچي ويو آهي! اسان لاءِ روز نئون خفو پيدا ڪريو ويٺو آهي. هاڻي ڏني اٿس دعوت گورنر کي! اسان حد جي آفيسرن ۾ تہ اک ئي ڪا نہ ٿي ٻڏيس! هاڻي ويھي رٿ ڪريو، تہ ان آپدا کي ڪيئن منھن ڏيون. وڏيرو اڄ ِترڪي ويو تہ وري هٿ ڪو نہ ايندو! ڏينھن بہ ٿورا وڃي بچيا آهن. سامان سڙا هاڻي ئي هٿ ڪبا، تڏهن وڃي ڪا پورت پوندي. وڏيرو محمد صالح خان بہ ڪالھہ آيو هو. ويچاري چيو پئي تہ جيڪڏهن ڪو بار مٿس بہ رکبو تہ هڪدم پورو ڪندو. هو تہ سڄي بار کڻڻ لاءِ بہ تيار هو، پر اسان چيو تہ پھريائين پنھنجي هن وڏيري کان پاڻ پڇون، پوءِ متان دل ۾ ڪري.
وڏيرو - سائين، ﷲ ﷲ ڪريو، وڏيري صالح جو ڪھڙو واسطو آهي اسان جي رسائيءَ سان! سائينءَ سان اسين هر ڳالھہ ۾ حاضر بيٺا آهيون. سائينءَ جي موڪل هجي تہ ٺاڪومل کي بہ اندر سڏي وٺون، ٻاهر بيٺو هوندو.
مختيارڪار - نائڪ، ٺاڪومل کي سڏ ڪري اچ.
(ٺاڪومل اچي پاسي ۾ بيھي ٿو.)
وڏيرو- ٺاڪومل، ٻڌجانءِ مختيارڪار صاب جي ڏاڍائي چوي ٿو، لاٽ صاب جي ِڇڪار لاءِ وڏيري صالح کان بہ مدارت وٺون!
ٺاڪومل - رام رام، ڪير ٿيندو آهي وڏيرو صالح! ڪاڏانھن جي جنب، ڪاڏانھن جي جهرڪي! ڌڻي اسان جي وڏيري کي سلامت رکي، بر ۾ بازاريون لائي ڇڏيندو. صاحب ڪو بہ اونو نہ ڪري. پر زمانو اچي ويجهو پيو آهي، هاڻي سامان سڙي هٿ ڪرڻ لاءِ مڙيو ئي ڪجهہ هٿ پير هڻڻ گهرجي.
منشي خدابخش - باقي ڏينھن وري ڪھڙا وڃي بچيا آهن؟
وڏو منشي - ڏينھن ڪاٿي آهن؟
ٺاڪومل - منھنجي رٿا آهي تہ وڏيري سائينءَ جي وڏي مودي، سيٺ ٽھڪڻداس کي بہ سڏ ڪرائي وٺون. ان کي اصل جي سڌ آهي. وڏي وڏيري صاحب (وڏيري جي والد) جي ڏينھن کؤن ڪيترا گورنر ۽ ڪمڇنر(ڪمشنر) هٿن مان لنگهايا اٿس.
’ٽھڪڻداس شھر جو هڪ دڪاندار آهي، ۽ ٺاڪومل جو جهٽ. ٻيئي پاڻ ۾ ملي وڏيري کي ڦريندا آهن.‘
وڏو منشي - سچ ٿو چئين، ٽھڪڻداس کي ڏني - ورتي جي گهڻي خبر پوي ٿي. چوٿون ورهيہ جڏهن مان هن تعلقي ۾ هوس ۽ گورنر صاحب جي منزل ٿي هئي تہ اڳ - پوءِ ۾ سيٺ ٽھڪڻداس ئي هو.
وڏيرو- هاها، هو پنھنجو ماڻھو آهي. ٺاڪومل! تون پاڻ ڊوڙ پائي وٺي اچينس.
ُٽھڪڻداس تہ اڳ ۾ ئي ڪو ان لونجهہ تي ڪن لايو بيٺو هو. ٺاڪومل جي پھچڻ جي دير هئي.رستي ۾ رٿ ڪندا آيا تہ ڪيئن وڏيري جا ڪنَ ڪپجن. ٽھڪڻداس اهو بہ ظاهر ڪيو تہ وڏي منشيءَ ۽ منشي خدابخش جو بہ حصو رکڻو آهي.
مختيارڪار- سيٺ ٽھڪڻداس، ٻڌا اٿئي پنھنجي وڏيري جا ڪم؟ هاڻي بمبئيءَ کان شڪار لاءِ لاٽ صاحب کي گهرايو اٿس! سڄي تعلقي تي پوچي گهمي ويندي. اسان ڪھڙو گناھہ ڪيو آهي، هاڻي پائي پوري بہ پاڻ ڪندو.
ٽھڪڻداس - سائين ڪو کيال نہ ڪري، وڏيري جا ڪلھا اڳي ئي گٺل آهن. جيڏا اُٺ، اوڏا لوڏا. ڪو چريو تہ نہ آهي. کانداني (خانداني) ڳالھہ آهي. گونر کي وڏيرو دعوت نہ ڪندو تہ ٻيو ڪير ڪندو. ڪنھن جي ماءُ ويائي آهي جو سندس جتيءَ ۾ پير وجهي سگهندو! سائين جن(يعني هاڻوڪو مختيارڪارّ) پر سال هت ڪو نہ هئا. ساڳيو گونر آيو هو. پوءِ وڏيرو صاحب ڇا نہ ڪري گذريو؟ وڏو منشي ويٺو آهي، پڇي ڏسوس. (ٽھڪڻداس کي نئينءَ ڦرلٽ جي شوق ۾ ان ڳالھہ جو خيال ئي ڪو نہ رهيو تہ اڳئين سال اهو هيڊ منشي انھيءَ تعلقي ۾ هوئي ڪو نہ!)
اڍائن ئي گهرن واه واه پئي ڪئي. ڄڻ چؤڏس چانڊاڻ لڳي ويئي هئي. پر هڪ ڳالھہ هئي - پر سال سامان سھانگو هو. جا شي پئي گهري سين، سا پئي ملي. هن سال ڪاراچيءَ مؤن ڪوٺيءَ تان پرڀومل وارن کي ڪاڳر آيو آهي تہ مال جي گهڻي ناڦت ٿي ويئي آهي. اگهہ بہ ڳاٽي ڀڳا آهن. پر وقت سر سانباهو ڪيو تہ سائين سڻائي ڪري وجهندو. ڪنھن ڳالھہ ۾ منجهي تہ نہ بيھڻو آهي. کانداني (خانداني) ڳالھہ آهي!
ٺاڪومل - اگهن کي تہ پڄي پئبو. ڳالھہ آهي تہ مال شال ملي پوي.
وڏو منشي – ”خير خواھہ“ اخبار ۾ اهڙو ئي حال لکيل هو. ڪالھہ ٽپال ماستر(پوسٽ ماسٽر) پئي ڳالھہ ڪئي.
وڏيرو - ٺاڪومل، تون ۽ ٽھڪڻداس ٻئي ڪاراچيءَ وڃجو. ڊڪي ڊوڙي مڙيو ئي پورت ڪجو، جيئن ڳالھہ گهٽ نہ ٿي پوي.
وڏو منشي - خدابخش بہ وڃي. هزارين منزلون گذاريون اٿس. ڀائيبندن کي اگهن پارن جي خبر پوندي، پر آفيسرن لاءِ ڪھڙو سامان گهرجي، تنھن جو پتو تہ منشي خدابخش ڏيندو.
منشي خدابخش -(دل ۾ خوشي، بغل ۾ ِاٽان) وڏا منشي! مون کي نہ مار. ڪراچيءَ جو پاڻي منھنجيءَ طبع تي ڪو نہ پوندو آهي. اُت اٿڻ - ويھڻ جي بہ تڪليف رهي ٿي. مولو مسافر خاني جي ڪاڪوسن ۾ لنگهندي پيو ڊپ ٿئي. اسين آهيون جهنگ تي هريل..... هاڻي پڇاڙيءَ ۾ ڪير وڃي ڪراچيءَ جا ڌڪا کائي.
وڏيرو - ڇڏ ڪري، يارَ کدابھڪ کانَ! مولو مساڦر کاني جي موريزن مؤن اسان کي بہ ڀؤ ٿيندو آهي. سرڪاري نموني تي ٺھيل آهن. پر اسين سڄو ڏينھن ڪم حاج لاهي، رات جو بگي ڀاڙي ڪري، شھر کان ٻاهر نڪري وڃي جهنگ جو کيال لاهي ايندا آهيون. اها ڪھڙي وڏي ڳالھہ آهي؟ مڙس تہ همٿ!
ٺاڪومل - انھن ڳالھين ۾ ڪاراچيءَ جو ڪارو منھن آهي. اُتانھون جا قاعدا ئي اور آهن. جڏهن وڏيري وڏي سان پھريون دڦو(دفعو) ويو هوس، تہ سائينءَ ڪري ڀرم رکيو، نہ تہ وڏي جنجل (جنجال) ۾ وڃي ڦاٿو هوس! وڏيري سائينءَ موڪليو تہ وڃي مارڪيٽ مؤن ميوات وٺي اچ. ڪمڇنر(ڪمشنر) جي آڙي ڪاف کي ڏالي ڏيڻي هيس. مارڪيٽ جي ڪم ڪار لاهڻ کان پوءِ، هڪ(پيشاب) جو کيال ٿيو. ٽوڪرا رکيم بگيءَ تي، پاڻ پاسي ٿي، مارڪيٽ جي ٻاهران اڃا ڀت کي منھن ڏيئي ويٺو مس هوس، تہ پويان پوليس واري اچي چوٽيءَ کان وٺي اُڀو ڪري بيھاريو. چيائين، ڏوھہ ڪيو اٿئي، هل ڦوجداريءَ تي! گهڻئي دانھن - ڪوڪ ڪيم، پر ڪجهہ ڪو نہ ٻڌائين. گهلي ڪري اڳ ۾ ڪيائين. ڪو پو مڙس هو. مارڪيٽ کان ٿورو ٻاهر هلياسين ته، بگل ٿيليءَ(بغل ٿيليءَ) مؤن سرڪائي هٿڪڙي ۽ جنجير(زنجير) ٻاهر ڪڍيائين. هٿڪڙي ڏسي منھنجون تہ وايون ئي بتال ٿي ويون!....
منشي خدابخش – ”هڪ“ جو ڇا ٿيو؟
ٺاڪومل - کدابھڪ کانَ، ير، ”هڪ“ جون تہ مالڪياڻيون ئي مري ويون! اسان کي اچي لڳي ساھہ جي. پوليس واري جي پيرن تي ڪري پيس. ٽوپي لاهي ڪري اڳيان رکيمانس. چيومانس، جيءَ دان ڏي، تون حاڪم آهين ٺاهوڪو. نيٺ، کيسي ۾ جيڪي بہ پئسا هئا، سي ڪڍي ڪري هٿ ڪيائين، ۽ تنھن کانپوءِ چيائين تہ ڀڄي وڃ. موٽي مارڪيٽ وٽ آيس تہ پويان بگيءَ وارو ميوات جا ٽوڪرا کڻي گم ٿي ويو هو! هٿين خالي، پئسا ڦرائي اچي وڏيري وٽ رسيس. پنجن - چئن سون جو نکسان(نقصان) ٿي ويو. پر وڏيري کي ﷲ بکشي(بخشي)، کلي ڪري بس ڪيائين!
ٽھڪڻداس - ڪاراچيءَ ۾ اٿڻ - ويھڻ سڀ قاعدي جو آهي.
وڏو منشي - قاعدا سڀ هنڌ ساڳيا لڳا پيا آهن. ساري ڏيھہ تي راڄ مڙيو ئي انگريز جو آهي. پر هت اسان جا مختيارڪار صاحب راجا مڙس آهن. ڪنھن کي چون ئي ڪو نه. ديوان رگهومل جون جن اکيون ڏٺيون هونديون، تن کان پڇي ڏسو. تپيدار جي ديري جي ڀت تي ڇيڻن ڇنڀڻ جي ڏوھہ ۾ نوران لنگهياڻيءَ کي مھينو ٽيپ ڏيئي ڇڏي هئائين. خدا پيو پناھہ ڏئي، آفيسرن جون بہ درياھہ واريون ڀڪون آهن، شل نہ ڪنھن تي آئڙن!
مختيارڪار صاحب -(رگهومل جو مثال ۽ پنھنجي اختيارين جي جاگرافي وڏي منشيءَ جي واتان ٻڌي، صفا بمجي وڃي ٿو.) هاڻي قصو پورو ڪريو. اسان کي ڪانفيڊنشل رپورٽ بہ لکڻي پئي آهي، ۽ ڪيس بہ هلائڻا آهن، وڪيلن کي ٽيم تي موٽڻو آهي.
’پوءِ سمورن گڏجي ويھي سامان جي لسٽ ۽ رسائيءَ جي ايسٽيميٽ ٺاهي. ايسٽيميٽ ڇا ٺاهيائون، ڄڻ ويھي وڏيري جي کل لاٿائون. جنھن بہ شي جو نالو ٿي ياد آين، سا درج ٿيندي ويئي. اگهن چاڙهڻ ويل ٽھڪڻداس پنج رپيا چوي تہ ٺاڪومل، وڏيري جي اعتبار ڄمائڻ خاطر، ساڍا چار رپيا لکرائي - حالانڪ شي جي اصلي قيمت هوندي مورڳو پنج آنا. ٺاڪومل جي ڪفايت شعاري ۽ وفاداري ڏسي، وڏيرو پيو مرڪي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڏانھنس اکيون ڀڃي. ساڳئي وقت هي فيصلو بہ ٿيو تہ منشي خدابخش جي قيادت هيٺ، ٽھڪڻداس ۽ ٺاڪومل جو وفد هڪدم ڪراچيءَ وڃي ۽ وڃي مال جي خريداري ڪري، جيئن ڪراچي مارڪيٽ مان مال ختم نہ ٿي وڃي.‘
ذرا لسٽ بہ ملاحظه فرمايو:
(1) ڪار داريءَ جي خرچ لاءِ تعلقي رسائي فنڊ ۾ اڳواٽ جمع ڪرايا ويندا- رپيا پنج هزار.(کوٽ - واڌ پوري ڪرڻ لاءِ ٽھڪڻداس کي فل اختياري ڏني ويئي.)
(2) منشي خدا بخش ۽ تعلقي عملي جي ڊڪ ڊوڙ جو ڀاڙو خرچ- رپيا پندرهن سؤ.
(3) ضلعي آفيس ۽ ڊپٽي صاحب جي عملي جو ساليانو - ٻہ هزار.
(4) ڪراچيءَ جو خرچ، منشي خدابخش کي - رپيا ٽي سؤ.
(5) گاھہ جون گاڏيون، ڏھہ.
(6) جلائو ڪاٺين جون گاڏيون، ويھہ.
(7) داڻي لاءِ اَن، 25 ڳوڻيون.
(8) صاحبلوڪن جي اُٺن لاءِ راتب - ڳڙ ڏھہ مڻ، ۽ گيھہ پنج دٻا.
(9) چانور سڳداسي، ڏيڍ خرار.
(10) چانور سٺڙيا، ٽي خرار.
(11) ڪڻڪ، ٻہ خرار.
(12)ڳائي گيھہ جا ويھہ سيرا دٻا، ويھہ (گيھہ هٿ جو هجي، جيئن گلا نہ ٿي پوي.)
(13) مستي مٺائي، ٻہ مڻ.
(14) مصري، هڪ ڳوڻ.
(15) کنڊ، ڏھہ ڳوڻيون.
(16) گاسليٽ جا ڏٻا ٽيھہ.
(17) کير لاءِ پنج مينھون، ڏھہ ڳئون، ويھہ ٻڪريون.
(18) ڇيلا هر روز پنج پھچندا - ۽ منزل کان پنج ڏينھن اڳ پھچڻ شروع ٿيندا.
(19) ڪوسس ٻڪريون پندرهن.
(20) سواريءَ لاءِ ڏھہ ٽانگا ِڀاڙي تي ٻڌا ويندا.
(21) بيل گاڏيون ويھہ، ۽ اُٺ پنجاھہ، بار برداريءَ لاءِ اڳواٽ موجود رکيا ويندا.
(22) ٻہ سٺا گهوڙا، مختيارڪار صاحب ۽ وڏي منشيءَ جي سواريءَ لاءِ موجود رکيا ويندا، ۽ ٻہ مھري اٺ به، جي پڻ ضرورت وقت ڪتب ايندا. (سردست خبر نہ آهي تہ دعوت تي ايندڙ صاحبلوڪ پاڻ اٺن جي سواري ڪندا يا گهوڙن جي؟)
(23) پندرهن کن هنڌ، پنجاھہ - سٺ کٽون.
(24) تنبو ڏھہ، شاميانا ٽي، گلم ويھہ، غاليچا ڏھہ وڏا ۽ ڏھہ ننڍا.
(25) لوڻ مرچ مسالن لاءِ 500 رپيا(زعفران جو وڏي مقدار ۾ هجڻ ضروري سمجهيو ويو، ڇو تہ چاشنيءَ کان سواءِ ڪم هلي ڪو نہ سگهڻو هو.)
(26) ميوات، مغزيات، بسڪوٽ، ڪيڪ، شربت، شراب، چينيءَ جو سامان، ڪانٽا - ڇريون، ٽوال، صابڻ، سينٽ، وغيرہ (ڪافي مقدار ۾، جيئن کوٽ نہ ٿئي).
(27) نئين فرنيچر جا سيٽ، ”اٿڻ ويھڻ“ لاءِ ڪمونڊ، بتين جا گولا، لالٽينون.
(28) مھمانن لاءِ ڪارتوس، وغيرہ.
غرض تہ سڀني ملي وڏيري جي خوب حجامت ڪئي.

(7)
’مختيارڪاريءَ مان اُٿي وڏيرو پوليس ٿاڻي تي پھتو. پوليس ٿاڻي جي احاطي اندر پڪين جاين جي سامھون هڪ پڪو چبوتڙو ٺھيل هو، جنھن ۾ صوبيدار صاحب جي ڪچھري لڳندي هئي.‘
صوبيدار صاحب پاڻ کٽ تي ويھندو هو. سامھون ڪرسيون رکيل هونديون هيون، جن تي جمعدار، دفعدار ۽ وڏيرا اچي ويھندا هئا. سوار پيرين ڀر بيھندا هئا، ڇو تہ کين ڪرسيءَ تي ويھڻ جو حق ڪو نہ هوندو هو. ڪاٽڪو، پيري، ۽ ٻيا عام ماڻھو وچ ۾ پيل تڏي تي اچي ويھندا هئا. صبح کان شام تائين ماڻھن جي اچ - وڃ لڳي پيئي هوندي هئي. پئسي ڏوڪڙ جي ڳالھہ پيدا ٿيندي هئي تہ جمعدار واسطيدار ماڻھو کي پاسي تي وٺي وڃي ساڻس ”سٽل“ ڪندو هو. جيڪا بہ رقم ملندي هئي، تنھن جو وڏو حصو صوبيدار جي سپرد ڪيو ويندو هو، باقيءَ مان هيٺئين عملي جي ”شيري ميري“ ٿيندي هئي. هر ٿاڻي تي ”بالائي آمدني“ جو بندوبست هجڻ لازمي هو، ڇو تہ پگهار مان عملي جي ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي پورت ڪا نہ ٿي ٿي. ان اپرانڌ، انسپيڪٽر، ڊپٽي سپريڊنٽ ۽ ڪمانيءَ جي گهر - خرچ ۾ بہ هر مھيني حصو ڏيڻو پيو ٿي. آمدني جي لحاظ سان ڪي ٿاڻا ”ڀلا“ ليکيا ويندا هئا، ڪي ”ڍلا“ ۽ ڪي ”ٺلا“. ڪمانيءَ جو ”شيٽ ڪلارڪ“، ٿاڻن جي تقسيم جو بندوبست رقمون وٺي ڪندو هو. انگريز ڪمانيءَ جو ”شيٽ ڪلارڪن“ تي خاص طرح اعتبار هوندو هو، تنھن ڪري شيٽ ڪلارڪن جون پنج ئي آڱريون گيھہ ۾ هونديون هيون. ٿاڻن تي بالائي آمدني پيدا ڪرڻ جا ڪيئي طريقا ايجاد ڪيل هئا. ڪو ڏوھہ ٿئي، تہ جانچ هلندي، سارو پاڙو پنبو ڏنڀجي ويندو هو. فريادين خواھہ جوابدارن (سچن خواھہ شڪين) کي رقمون پيش ڪرڻيون ٿي پيون. بندوقن جي ليسنن ۽ 110 جي جوابدارن لاءِ ضامنن جي درخواستن تي، سفارش ڪرڻ تي وڏا ”ٻانڌاڻ“ ٻڌل هوندا هئا. ان کانسواءِ هڪ ٻيو موتمار هٿيار بہ وٽن موجود هوندو هو. مثلاً، ٻڌائون تہ علائقي اندر ڪو وڏو سيٺ، شاهوڪار يا زميندار آهي، جنھن جي آسانيءَ سان ”ڀرڻ“ جو امڪان ڪو نہ آهي، تہ پوءِ حد جا پوليس وارا پاڻ ان جي خلاف، ڪوڙين صحين سان، ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ ۽ پوليس ڪمانيءَ ڏانھن درخواستون روانيون ڪرائيندا هئا، جيڪي جانچ لاءِ وري بہ موٽي اچي وٽن پھچنديون هيون. انھن درخواستن ۾ لکيل هوندو هو تہ فلاڻي سيٺ يا زميندار جي ڪنواريءَ نياڻيءَ ٻار ڪيرايو آهي، جنھن کي ماري گم ڪيو ويو آهي. ڪھڙو ماڻھو گهرندو تہ اهڙين درخواستن جي جانچ ٿئي، سندس نياڻيءَ جو ڊاڪٽري معائنو ڪرايو وڃي ۽ ”مئل ٻار“ جي لاش هٿ ڪرڻ لاءِ سندس گهر کي کوٽيو وڃي؟ بدناميءَ جي ان طوفان کان بچڻ خاطر، ماڻھن کي هزارين رپيا پوليس کي ڏيئي پنھنجي عزت بچائڻي ٿي پيئي.
هاڻي ٿاڻي تي اسان جي ”هيري“، يعني وڏيري جي تشريف آوريءَ جو قصو ٻڌو.
ٿاڻي جي چبوتڙي هيٺان صوبيدار کانسواءِ ڪجهہ جمعدار بہ ويٺا آهن. ٿاڻي تي اها خبر اڳواٽ ئي پھچي وڃي ٿي تہ مختيارڪاريءَ ۾ لاٽ صاحب جي منزل جي سلسلي ۾ ”رسائي خرچ“ جا وڏا پروگرام پيا رٿجن، جن جو بنيادي نڪتو وڏيرو صاحب آهي.(پوليس وارن کي ان پروگرام ۾ شامل ڪو نہ ڪيو ويو هو، تنھن ڪري ساري عملي کي باھہ وٺي ويئي هئي.) پري کان وڏيري کي ايندو ڏسي، پوليس وارن جي پاڻ ۾ ”ڪانا ڦوسي“ شروع ٿي وڃي ٿي.
جمعدار عيسو خان - صوبيدار صاحب! عرض آهي. وڏيرو دائم خان پيو اچي. پوليس کي بنھہ منھن ڪو نہ ٿو ڏئي. سڀڪجهہ پيو رِونيو وارن کي سمجهي. اهڙي ڏاند کي ڏهڻ تمام ضروري آهي.
جمعدار مڱڻ خان - صوبيدار صاحب فقط حڪم ڏئي تہ مڇون پٽي ڇڏيونس. ڀلي لاٽ صاحب بہ پيو ڏسيس.
سوار حسو خان - لت ئي هڪ هڻئونس تہ ڍونگرو ڀڄي پويس. پوليس جون اکيون ڪو نہ ڏٺيون اٿس. ڳوٺ ۾ وڃونس تہ نيرن بہ پوري ڪانہ ٿو ڪرائي! سڌو پيو ڪليٽر ۽ حضور ضلع (حضور ضلع معنيٰ ڪماني) سان ملي ۽ منجهانئن ڪم ڪڍي. حد جي پوليس عملدارن ڏانھن تہ نھاري بہ ڪونہ ٿو. مٿو ڦري ويو اٿس!
اڌل پيري - سندس راڄ ۾ ڪيترا ٽولا (چورن جا) پيا رهن. جو پيرو کڻون، سو وڃي دائم خان جي ديھہ ۾ گم ٿئي. سندس ڪمدار ڏنو تہ پاڻ ”ٽوڙهو چيلھہ سان ٻڌيو پيو گهمي“. صوبيدار صاحب ڇڙ و آڱر رکيس تہ مهٽجي وڃي.
ٿاڻي جو وڏو منشي - سندس بابت هڪ لکپڙھہ بہ آيل آهي. پٽھنس پڙهي ٿو ڪراچيءَ مدرسي ۾. موڪل تي جڏهن ڳوٺ آيل هو تہ وٽس ڪا سوراجي اخبار ايندي رهندي هئي. ڪراچي سي. آءِ. ڊي. پڇيو آهي تہ اهو ڪير ڇوڪرو آهي، جيڪو سوراجي اخبارون پيو گهرائي. وڏيري کي نپوڙڻ لاءِ اها لکپڙھہ بس آهي. ٿورو کرڪو ڪريوس، پاڻيھي کير لاهي پوندو.
(ايتري ۾ وڏيرو بہ اچي پھچي ٿو. ساڻس گڏ ٺاڪومل بہ آهي.)
وڏيرو - سلا ماليڪمّ بادشاهي کئر!
صوبيدار - اچو، وڏيرا صاحب! اڄ ڪيئن ڀلي پيا آهيو؟
وڏيرو - هت آيا هئاسين جو لاٽ صاحب پيو اچي، ان جي رٿا ڪرڻي هئي. سو چيوسين تہ جناب صوبيدار صاحب جو بہ سلام ڪندا وڃون.
صوبيدار - ان سان اسان جو واسطو ڪونہ آهي. پر ميان، اوهين ڪھڙا پيا ڪم ڪريو؟ ڪھڙا پٽ ڄڻيا اٿو، جيڪي سرڪار سان بغاوتون پيا ڪن؟ سڄي خاندان جو خانو تباھہ ٿي ويندو! آخر اوهان ماڻھن کي ٿيو ڇا آهي؟ اوهين سمجهو ٿا تہ انگريز سرڪار بلڪل مري ويئي آ هي؟
سوار حسو خان - ڳوھہ کي موت کڻي تہ ڍيڍن جي گهرن ۾ ڪاهي پوي!
جمعدار مڱڻ خان - پٽ کي ”گٽ مٽ“ پڙهائي صاحبلوڪ بڻائڻو اٿس. هت پيو رُڪ رايون ڪري.
ٿاڻي جو وڏو منشي - صوبيدار صاحب، پر ”ڪانفيڊنشل“ لکپڙهن جو ذڪر واسطيدار ماڻھن سان ڪيئن پيا ڪريو؟ اها تہ تمام نازڪ ڳالھہ آهي. ان باري ۾ تارن جا پيا ڦھڪا پون. هڪ تہ اوهان اڃا ڪو جبرو قدم ڪونہ کنيو آهي ۽ ٻيو پاڻ پنھنجي منھن سان پيا جوابدارن کي آگاھہ ڪريو! سڀاڻي خدانخواستہ جي وڏيري جو ڇوڪرو ”روپوش“ ٿي وڃي تہ جوابداري ڪنھن تي ايندي؟ اوهين مالڪ آهيو، اسين تہ فقط صلاح عرض ڪنداسين. اهي بغاوتي قلمن جا ڏوھہ آهن، ڪو معمولي ”خون“ يا ”ڌاڙي“ جو ڏوھہ تہ نہ آهي! هت ڪيترا قلم لڳڻا آهن - 153 - الف، 124- الف، 120 - ب،اهي تہ ضروري لڳڻا آهن. خبر نہ آهي تہ راءِ صاحب ٽوپڻداس(سرڪاي وڪيل) اڃا ٻيا ڪھڙا قلم ڳولي ڪڍندو.
جمعدار مڱڻ خان - اسان جي تہ بابي بہ اهي قھري قلم ڪين ٻڌا هئا. اُڀ ڦاٽل ٿو ڏسجي! سزا گهڻي آهي؟
وڏو منشي - ڦاسي! سرڪار سان بغاوت ڪرڻ ڪو چرچو آهي!
اُڌل پيري - ها سائين، انگريز ڦيل مست آهي. توبھہ، منھنجا ڌڻي، توبھہ!
(اهي ڏهڪار ٻڌي، وڏيري جون تہ وايون بتال ٿي ويون. نراڙ کان پيرن تائين پيو پگهر ٽميس. ڏڪي ڏڪي، وڏيءَ ڪوشش کان پوءِ، سندس ٻوٿ مان ٻہ - چار اکر ٻاهر نڪتا.)
وڏيرو - پر حضور پرور، اسين تہ سائين جن جي جتيءَ جا جوڙ آهيون. ابي ڏاڏي کان نوڪري ڏيندا آيا آهيون. حال تہ ڪريو، اسان کؤن ڪھڙو ڏوھہ ٿيو آهي؟
صوبيدار صاحب - اسين وڌيڪ ڪجهہ بہ چوڻ لاءِ تيار نہ آهيون. وڏي منشيءَ سچ چيو آهي تہ هي ڪانفيڊنشل معاملا آهن: ڇا ٿئي پيو، ڇا ٿيڻو آهي، سو ڪنھن کي بہ ٻڌائڻو نہ آهي. اسان کي پاڻ کي تہ ڦاهي تي چاڙهائڻو ڪو نہ آهي. اوهان ماڻھن کي تہ اڳ پوءِ جي سڌ ئي ڪا نہ پئي پوي. اسان آفيسرن جون بہ ڪجهہ ”رسپانسيبلٽيون“ آهن. ”ڪانفيڊنشل ڪارسپانڊنس“ جا بہ جدا جدا ”نيچر“ ٿين ٿا - ڪي ”ڊسڪلوز“ ڪرڻ جهڙا، ڪي”ٽاپ سيڪريٽ“. هي ڪو “ڊيمي آفيشل” معاملو تہ ڪو نہ آهي. اسان اها بہ ”مِسٽيڪ“ ڪئي جو ايترو ”اوپن“ ٿي پياسين. خير، ”ڊزنٽ مئٽر“! ”آل رائٽ“، هاڻي توهين وڃو. ”لاوِل ٽيڪ ِاٽس ڪورس“!
(صوبيدار صاحب جا استعمال ڪيل اهي انگريزي اکر وڏيري جو رهيل کھيل هوش بہ ختم ڪري ٿا ڇڏين. نيٺ، هٿي مٿي ڪري، ٿاڻي مان ٻاهر ڪڍنس ٿا. ٺاڪومل جي هت بہ ڌڻيءَ ٻڌي. وڏيرو ۽ ٺاڪومل پاڻ ۾ سوچ ويچار ڪرڻ لاءِ ٿاڻي کان پري وڃي بيھن ٿا.)
ٺاڪومل - وڏيرا، مان چوندو هوسانءِ تہ نينگر کي ڪاراچيءَ نہ موڪل. اها ڪا اوڏنھن جي باھہ ٻريل ٿي ڏسجي. ڪھڙو ڪم کاندانن جو انگريزي پڙهڻ. تو پاڻ گهڻي انگريزي پڙهي هئي؟ وڏيرو وڏو (يعني هن وڏيري جو والد) نباب هو. جڳ پيو وٽس ڍرندو هو. مورڳو واڻڪي سنڌي بہ ڪا نہ ايندي هيس، پوءِ بہ ڪم ڪيئن پئي هليو!
وڏيرو - پر نينگر ڇا ڪيو هوندو؟
ٺاڪومل - تڏهن باقي سرڪار انڌي ٿي ويئي آهي جو اجايون پئي تھمتان مڙهي؟ سائين، انھن ننڍن نينگرن کي جماني (زماني) جي ڪا بہ ٻيٽ ڪا نہ ٿي پوي. سندس وات مان پيو اڃا کير ٽمي. اهو ساڳيو نينگر تنھن ڏينھن مون سان لاڙڪاڻي هليو هو. ٽيشن تي، نہ ڪيئين هم نہ تم، ٽيشن ماستر سان انگريزي ”گٽ مٽ“ ۾ جنبي ويو. بابو صاحب کان جند ڇڏائي نينگر کي گهڻو سمجهايم تہ ”سائين، تنھنجو ڪھڙو ڪم جو سرڪاري ماڻھن سان پيو ِگٽ ِمٽ ڪرين؟ زبان آلو لڪڻ آهي، اکر گهٽ، اکر وڌ، پوءِ ڪا هيٺ مٿانھين ٿي پوي تہ اُن کي ڪير منھن ڏيندو؟“ پر نينگر ڪو نہ سمجهيو - ٻہ اکر سنڌي تہ چار انگريزي پيو ڳالھائي!
وڏيرو- پر صوبيدار صاحب جي ڳالھائڻ مان تو ڇا سمجهيو؟ ڳالھہ ڇا آهي؟
ٺاڪومل - مان سياڻپ ڪري ڪجهہ ڏوھہ لکي ورتا آهن.(واڻڪي سنڌيءَ ۾ )قلم 124 - الڦ، 153 - الڦ، 120 - ب - ايھي تہ ٻڌايا وڏي منشيءَ. صوبيدار صاحب ڪجهہ وڌيڪ کليو، ۽ سمورا ڏوھہ ٻڌائي ويٺو: ڪانڦيڊنڇنل(ڪانفيڊنشل)، رسپاٽليون (رسپانسيبلٽيون)،ڍيڪلوج (ڊسڪلوز)، ٺاڦ (ٽاپ سيڪريٽ)، ڍمي ڇل (ڊيمي آفيشل)، ِمٽڪ (مسٽيڪ) ۽ ٻيا ڪي ڏوھہ تڪڙ ۾ چئي ويو، جي لکي نہ سگهيس.
وڏيرو - انھن جي کبر ڪيئن پوي؟
ٺاڪومل - وڪيل کئون پڇئون. اڳواٽ ڪو وڏو وڪيل بہ ٻڌي ڇڏيون. سندس صلاح سان ڳالھہ کي منھن ڏيون. تو - اسان کي ڪھڙي سڌ قاعدي جي؟
وڏيرو - وڪيل ڪھڙو ڪجي؟
ٺاڪومل - پھريائين پاڻ واري ديوان نيڀراج کي ڏسؤن، پوءِ جي ضرورت پئي تہ شڪارپور مان مرليڌر بہ چاڙهي اينداسين. نيڀراج کي اڳو پوءِ ڦي ڏيئي ٻڌي اچون. ان ۾ سستائي پوندي.
(آخر وڏيري کان منظوري وٺي، ٺاڪومل، وڏيري جي نالي ٽھڪڻداس جي ڪوٺيءَ تان رقم کڻي، لاڙڪاڻي روانو ٿي وڃي ٿو. ڪجهہ رقم وڪيل کي ڦي ڏئي ٿو، ڪجهہ پاڻ هضم ڪري ٿو. وڪيل اها صلاح ڏئيس ٿو تہ صوبيدار کي رقم ڏيئي ان کان حقيقت ورتي وڃي. ان کان بعد ئي قاعدي جا ڪتاب کولي سگهبا.)

(8)
ٻئي طرف، وڏيرو منھن مٿو پٽيندو اچي ٿو گهر پھچي، وڏي وڏيري سندس پريشان حال ڏسي وائڙي ٿي وڃي ٿي.)
وڏيري - وڏيرا، ڳالھہ تہ ڪر، سک تہ آهي؟
وڏيرو - سک وري ڪھڙو؟ تو وارو پٽ هاڻي کان ئي منھنجي ڏاڙهي پٽائڻ جي ڪڍ پيو آهي!
وڏيري - نيٺ ٿيو ڇا آهي؟
وڏيرو - پئي مان کي انگريزيءَ جي کبر (خبر) تہ ٻڌايانءِ! چون ٿا، ڪاراچيءَ بگاوت (بغاوت) ڪئي اٿس!
وڏيري - هان؟ گباوت؟ اها ڪھڙي ندوري بلا آهي؟ نہ ابي ٻڌي، نہ ڏاڏي!
وڏيرو - اڙي، تنھنجي نہ ابي ٻڌي نہ ڏاڏي، پر منھنجي ابي ڏاڏي کي تہ بگاوت کانسواءِ ٻيو ڪم ئي ڪو نہ هو - ائين نہ؟
وڏيري - مان ٿورو ٿي ائين چوان. مان تہ ائين ڳالھہ ٿي ڪريان.
وڏيرو - ويچاري ٺاڪومل سچ پئي چيو تہ ڇوڪري کي ڪاراچيءَ نہ موڪل. ڪھڙو ڪم اسان جو انگريزي پڙهڻ؟ اسان کي ڪا نوڪري تہ ڪرڻي ڪا نہ آهي. پر تون ڪو نہ مڙينءَ. تو ٻڌو تہ ايمڻا حجامڻ جو پٽ ويو آهي ڪاراچيءَ پڙهڻ، سو توکي بہ اچي آنڌ مانڌ لڳي. هاڻي پائي پوري ڪر!
وڏيري - مان ٿورو چيو هوس تہ وڃي اهڙا کونام ڪري؟
وڏيرو - هاڻي ڇا ڪريون؟
وڏيري - ڇوڪرو ڪاٿي آهي؟ نپٽن آئٽن اڃا پڪڙيو تہ ڪو نہ اٿس؟
وڏيرو - ڪھڙي کبر! پر اڃا تہ لکپڙھہ صوبيدار صاب وٽ پيئي آهي.
وڏيري - انھيءَ مٺي کي ڪري لبيوس. واسري هڻونس! ٻچن کان مٿي ٽڪا ڪھڙي ڪم ايندا؟
(وڏيري ۽ وڏيريءَ جي گفتگو جي دوران ڪجهہ اهم فيصلا ٿين ٿا:-
(1) ٺاڪومل جي موٽي اچڻ تي، صوبيدار کي رقم ڏيئي لکپڙھہ نيڪال ڪرائجي.
(2) ڇوڪرو موڪل واري زماني ۾ جيڪو انگريزي ٽوپلو گهر ۾ ڇڏي ويو آهي، تنھن کي رات وڳڙي ۾ لڪائي گهر مان ٻاهر ڪڍي، زمين ۾پورائي ڇڏجي، جيئن گهر اندر ڪا بہ خطرناڪ ثابتي ڪا نہ رهي.
(3) قلندر لعل شھباز، شاھہ گودڙئي ۽ شھدادڪوٽ جي بزرگن جي درگاهن تي دعا گهرڻ لاءِ قرآن جا حافظ روانا ڪجن، جيڪي اُت ختمو بہ ڪڍن ۽ دعا بہ گهرن.
(4) اها ڳالھہ مخفي رکي وڃي، جيئن خاندان جي ويريءَ وڏيري صالح کي خبر پئجي نہ وڃي.
قصو ڪوتاھہ - ان پروگرام تي عمل ٿئي ٿو. ٺاڪومل جي حوالي ٻي رقم بہ ڪئي وڃي ٿي، جيڪا هو صوبيدار صاحب کي پھچائي، لکپڙھہ جو نيڪال ڪرائي ٿو. هوڏانھن ڇوڪري ڏي تار موڪلي، کيس گهرائي، گهر ۾ بند ڪيو وڃي ٿو. سندس تعليم ختم! ان وچ ۾ جيستائين لکپڙھہ نيڪال ٿئي، اوستائين وڏيري سمھاڻيءَ جي نماز کان پوءِ هميشہ هيٺين مداح پڙهندي ۽ پٽ جي ڇوٽڪاري لاءِ دل ڦاڙي دعائون گهرندي رهي:

”اَگسني (اغثني) يا سيدا
رَس تون اچي مون راھہ ۾!“

(9)
’ڊسمبر جو مھينو اچي ٿو. ناتال جا ڏينھن آهن. گورنر صاحب صبح جو اچي رهيو آهي. پويون مھينو سارو هلچل ۾ گذري وڃي ٿو.‘
جنھن ڍنڍ ۾ شڪار ٿيڻو هو، ان تائين وڪٽوريا گاڏين لاءِ رستا ٺھي ويا. رستن تي پلال پيا ۽ ڇڻڪار ٿيا. ڪنھن کي بہ انھن رستن تي پير ڏيڻ جي اجازت ڪا نہ! ڍنڍ جي ڪناري تي شاميانا ۽ تنبو هنيا ويا. شاميانن ۽ تنبن ۾ قيمتي قالين وڇايا ويا ۽ نئون فرنيچر وڌو ويو. منزل واري ميدان کان ٿوري فاصلي تي ڪچيون لانڍيون اَڏايون ويون، جن مان ڪن ۾ روينيو عملو لٿو، ڪن ۾ وڏيرو پاڻ ۽ سندس ڪم ڪار ڪرڻ وارا ماڻھو، ڪن ۾ سامان جا اسٽور (چارج خدابخش خان تپيدار ۽ سندس جهٽ ٺاڪومل جي حوالي)، ۽ ڪن ۾ بورچيخانا لڳا.
پوليس جو عملو ٻين لانڍين ۾ لاٿو ويو، جي اڃا بہ هٽائي ٺاهيون ويون هيون. انھن جي پٺ منزل واري ميدان ڏانھن، ۽ اَڳر جهنگ طرف. جهنگ آهي ننگ - نہ ڪتو ڏسي، نہ ڀونڪي. مختيارڪار جي ڪئمپ تنبن ۾. ان کان پري، ڊپٽي ڪليڪٽر جا تنبو، جن جي چوڌاري پترن جو پلويڙو ڏنل هو. ڊپٽي صاحب تازو بي. اي. پاس ڪري سڌيءَ طرح ان عھدي تي مقرر ٿي آيو هو. مسلمان هو، ۽ سو بہ وڏي گهر جو. عام ماڻھن سان لھہ وچڙ ڪندي سندس رعب ۽ دٻدٻي کي نقصان پھچڻ جو خطرو هوندو هو، تنھن ڪري لوڪ لھوارو ۽ هي عاشق اوڀارو!
ساري رستي ۽ منزل جي چوطرف واري ميدان تي رنگا رنگ جهنڊيون ٽنگيون ويون هيون. ميدان ۾ داخل ٿيڻ واري هنڌ خوبصورت دروازو ٺھرايل هو، جنھن تي رنگين ڪاغذن کي ڪتري، ”مرحبا“ ۽ ”خوش آمديد“ جا قطعا ٺاهي لڳايا ويا هئا. (ان زماني ۾ اڃان ”زنده باد“ جي بيماري ڪا نہ شروع ٿي هئي.)
کاڌي پچائڻ ۽ ”سروَ“ (1) ڪرڻ لاءِ باورچين، بيرن ۽ بٽلرن جو ڊنبلو ڪراچيءَ کان گهرايل هو. کاڌو ديسي ۽ ولايتي، ٻنھي طرحن جو تيار ٿيڻو هو. کاڌي جو تفصيل ڏيڻ اجايو آهي. جو بہ قسم ڌيان ۾ اچي سگهيو ٿي، سو تيار ٿيڻو هو. خاص طرح، چاشني، ڪڪڙ ۽ ڇيلو پڪل، پلاءُ، ِڦڪو ٻوڙ، تريل تتر، مٺا ڪوفتا، قسما قسم ٻوڙ ۽ ڀاڄيون، حلوا، پڊنگيون، وغيرہ وغيرہ. ولايتي کاڌي جي قسمن جي خبر خدا کي.
جن ننڍين ٻيڙين ۾ سوار ٿي صاحبلوڪن کي ڍنڍ اندر داخل ٿيڻو هو، تن ۾ غاليچا ۽ گول وهاڻا رکيل هئا. ان سان گڏ سڪي ميوي سان پر پليٽون، ۽ تازي ميوي جا ٽوڪرا، جئن کڏڻي تائين پھچندي پھچندي بہ ڀل وات چوريندا رهن.
ڍنڍ اندر کڏ ۾ بہ ساڳيءَ طرح قالين، ڪرسيون، سڪو ۽ آلو ميوو، پاڻيءَ جا دٻا، ۽ ڪارتوسن جون پيتيون موجود. کڏ جي ٻاهران، جهنگ ۾، اڳينءَ رات جون ڄارن ۾ ڦاسائي جمع ڪيل بدڪون ڇپائي رکيل هونديون. ڪن ٿورن صاحبلوڪن جي بندوق پوريءَ طرح لڳندي هئي. باقي ”آلو نور، مٿي جو سور“ هوندا هئا. تنھنڪري صاحب جي بندوق ڇٽي، پکي مري يا نہ مري، ”ڪاڍا“ هڪ نہ هڪ پکي ڪھي آڻي سندس اڳيان رکندا هئا. ڪنھن بہ ”مھمان“ صاحب کي خالي هٿن موٽڻ ڪو نہ ڏنو ويندو هو. نہ فقط ايترو، پر جيڪڏهن ڪو صاحبلوڪ پنھنجيءَ بندوق سان پنجاھہ بدڪون ڪيرائيندو، تہ انھن سان پنجاھہ ٻيون بہ شامل ڪيون وينديون، جيئن صاحب کي ”سؤ – مار“ هجڻ جو فخر حاصل ٿئي. اهڙن موقعن تي پنجن - اٺن سون پکين جو قتلام ٿيڻ معمولي ڳالھہ هوندي هئي.

(10)
هاڻي، مقرر ڏينھن تي صاحبن بھادرن جي تشريف آوريءَ جو احوال ٻڌو. لاڙڪاڻي کان شڪار جي جاءِ تائين، پنجويھن - ٽيھن ميلن جي فاصلي اندر، رستي تي ٻنھي پاسن ڏانھن اڳئين ڏينھن کان وٺي پوليس جو پھرو بيھاريل هوندو. انھن رستن تان ٻي ساري آمد رفت بند. انھن ڏينھن ۾ موٽرون اڃا چالو ڪين ٿيون هيون. تنھنڪري صاحبلوڪ وڪٽوريا گاڏين تي سواري ڪندا هئا.
هينئر گورنر صاحب جي پارٽيءَ جي سواري منزل جي قريب اچي رهي آهي. وڏيرو صاحب پنھنجي ساري ڪٽنب سميت صف ٻڌيو بيٺو آهي. ڪٽنب جي معنيٰ تہ ڀائر، پٽ، پوٽا، سؤٽ ۽ ماسات. صاحبلوڪن سان هٿ ملائڻو آهي. سڀني کي مري بہ منھن ڏيڻو آهي. پوئتي پوڻو ڪو نہ آهي. مٿي تي اڇي پڳ، جسم تي ڏورئي جو پھراڻ، اُن جي اندران صدري، هيٺ پڻئي جي ويھہ والي سٿڻ، ڪاري الپاڪي جو ڪوٽ، ۽ پير ۾ سليپر، اڳٺ ريشمي آهي، جنھن ۾ ڏند کوٽڻي، ڪن کوٽڻي ۽ ڪجهہ ڪنجيون ٻڌل آهن، ۽ انھن جو ڇڳو پھراڻ جي هيٺان پيو لڙڪي.
گورنر گاڏيءَ مان لھي اچي وڏيري سان هٿ ملائي ٿو. وڏيري لاءِ مرڻ جي مھل آهي. پھرين نراڙ تي هٿ رکي سلام ڪري ٿو، پوءِ جهڪي سلام ڪري ٿو، ۽ آخر ۾ اوڪڙو ٿي هٿ ملائي ٿو. ڪليڪٽر صاحب گورنر کي وڏيرڪي ڪٽنب جي ٻين ڀاتين سان هٿ ملارائي ٿو. ان کانپوءِ وڏيرو گورنر صاحب جي پارٽيءَ کي وٺي شامياني هيٺ وڃي ٿو. ان وچ ۾ ڪارتوس، بندوقون ۽ ٻيو سامان کڄي وڃي ٻيڙين ۾ پوي ٿو. مھمان ورهائجي ٻيڙين ۾ پورا ٿين ٿا. هر ٻيڙي مقرر کڏ تي وڃي مھمانن کي پڄائي ٿي. پھريون فائر گورنر صاحب جي کڏ تان ٿئي ٿو، ۽ ان کانپوءِ تاڙا پکين کي تڙڻ شروع ڪن ٿا. ساريءَ ڍنڍ ۾ ٺڪا ٺڪي لڳي وڃي ٿي، ڄڻ ڀڳڙا پيا ڀڄن. تاڙا، انگ انگهاڙا، برف جھڙي ٿڌي پاڻيءَ ۾ هلي پيا پکي اُڏاريندا. وڏيرو پاڻ، ٻيڙيءَ ۾ سوار، ساريءَ ڍنڍ ۾ پيو چڪر ڪاٽيندو ۽ تاڙن تي پيو چوڪسي ڪندو. تاڙن تي سخت گارگند بہ پيو هلندو. صاحب هڪ پکي ڪيرائيندو، تہ پکين کڻڻ وارا ٻہ پکي آڻي سندس ٿيلھي ۾ وجهندا تہ جيئن صاحبلوڪن جي شڪار جو انگ وڌندو وڃي.
ٻپھريءَ ۽ ٽپھريءَ جي وچ تائين پئي سٽاڪٽي هلندي. شڪار پوري ٿيڻ تي سڀ مھمان واپس شامياني ۾ ايندا. فوٽو گرافر موجود هوندو، جيڪو سڄيءَ پارٽيءَ جو فوٽو ڪڍندو. وڏيرو پاڻ بہ ان فوٽوءَ ۾ جلوہ افروز هوندو. بعد ۾ ايندو کاڌو. صاحبلوڪ پاڻ کائين نہ کائين، پر سندن اڳيان ”ست رڇيون“ آڻي موجود ڪندا.
طعام بعد، ملا ميھر اچي پنھنجي ”رباعي“ پڙهندو. گورنر صاحب جو سنڌي سمجهڻ تہ هوندو محال، مگر هو بادشاھہ سلامت جو نائب هو، ۽ بادشاهن جي ڪچھريءَ ۾ قصيدن جو پڙهجڻ هڪ پراڻو دستور هو.
ملا ميھر ڦتو جو يا ”مولوي“ ميھر، هڪ خاص ڪئريڪٽر هو. شعر شاعريءَ جي قانونن کان قطعاً آزاد. نہ وزن جي پرواھہ، نہ قافيي جي پابندي. تڪون ٻڌي ڪلام تيار ڪندو هو، ۽ ڪلام جي فني ڪوتاهين کي وري پنھنجي سريلي آواز وسيلي پورو ڪري ڇڏيندو هو. سندس قصيدو هڪ سؤ شعر جو هجي يا هڪ هزار شعر جو، مگر مٿس نالو ضرور رباعي رکندو، ۽ هر رباعيءَ جي ابتدا هميشہ هنن لفظن سان ئي ٿيندي: ”بحمدِ خدائي چوان هيءَ رباعي –“ سنڌ اندر ڪٿي بہ ميلو لڳي، يا شادي ٿئي، يا ڪنھن صاحبلوڪ جي مھماني هجي، ملا ميھر بمع پنھنجيءَ ”رباعي“ جي ضرور وڃي پھچندو. ڊگهو قد، ڇڙڪ بت، ٻچي ۽ مينديءَ لڳل ڏاڙهي، گوڏن تائين مخملي ڪارو يا نيرو ڪوٽ، هٿ ۾ لڪڙ - محل نہ محل، ٺڪ اچي ڪندو، “سلان واليڪم” مون جڏهن ڏٺو، تڏهن ڪروڙوڍ هو. وڏيرا ۽ صاحبلوڪ سندس قصيدا ۽ قصيدن ۾ پنھنجا نالا ۽ تعريفون ٻڌي ڏاڍا خوش ٿيندا هئا، ۽ کيس جهجها انعام ڏيندا هئا. هڪ ڪمشنر تہ کيس سرٽيفڪيٽ ڏنو هو، تہ ”’مولوي ميھر‘ دنيا جي عظيم شاعرن مان هڪ آهي!“ مون وٽس سرٽيفڪيٽن، آفرين نامن ۽ لونگين جي سندن جو هڪ وڏو بنڊل ڏٺو، جيڪو هو هميشہ پاڻ سان گڏ کڻيو وتندو هو. پڇاڙيءَ ۾ ڪو ظالم شاهينگ، سيوهڻ واري ميلي جي موقعي تي، سندس اهو سارو سرمايو چورائي ويو! مولوي صاحب ڪيترن ڏينھن تائين اخبارن ۾ اشتھار ۽ انعامن جون آڇون شايع ڪرائيندو وتيو، مگر سرٽيفڪيٽ نہ ورڻا هئا سي نہ وريا. پڇاڙيءَ ۾، شايد انھيءَ ئي صدمي وگهي مرحوم هن جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو. خدا جون رحمتون هجنس، عجب انسان هو، پنھنجو مثال پاڻ هو!
”رباعي“ ختم ٿيڻ کان پوءِ، ڪتاب يا رجسٽر پيش ڪيو ويندو، جنھن ۾ گورنر صاحب يا سندس ”آڙي ڪاپ“ (اي. ڊي. سي) ان ڏينھن جي ڪيل شڪار جو تفصيل نوٽ فرمائيندو، ۽ ٻہ - چار اکر وڏيري جي حسن انتظامي بنسبت بہ لکي ڇڏيندو.
پوءِ محفل برخواست - ساڳئي صبح واري شان شوڪت سان صاحب بھادر خير جو چڙهي ٿيندو روانو. پويان منزل تي جيڪو بہ سامان بچيل هوندو. سو مختيارڪار ۽ صوبيدار پاڻ ۾ وراهي کڻائي وڃي گهر داخل ڪندا. وڏيري کي ڦٻي فقط شاباس!
’اهو هو ماحول، جنھن ۾ سنڌ جي وڏن خاندانن جي ان زماني اندر ٿيندي هئي پرورش.

سنڌ جون ڪي شخصيتون

---

رياست خيرپور

خيرپور رياست مير علي مراد خان ٽالپر کي انگريزن ڏني، ۽ 1955ع جي آڪٽوبر مھيني تائين جدا رياست جي حيثيت سان قائم رهي. 1955ع ۾ اولھہ پاڪستان جي صوبن ۽ رياستن کي گڏي يڪو هڪ صوبو بنايو ويو، ان انقلاب خيرپور جي جدا هستيءَ کي بہ ختم ڪري ڇڏيو.
1918ع ڌاري خيرپور، سنڌ جي پراڻيءَ رهڻي ڪرڻيءَ جي آخرين مورت هئي. انگريزن جي سڌيءَ طرح اثر هيٺ اچڻ ڪري، باقي تہ ساريءَ سنڌ ۾ ڦيرو اچي ويو هو، مگر خيرپور ۾ پڇاڙيءَ تائين سنڌ جو اڳوڻو تمدن پساھہ کڻندو رهيو. اُهائي پراڻي تھذيب، ۽ اُٿيءَ - ويٺيءَ جا اهي ئي ساڳيا پراڻا رواج: عام ماڻھو ٿڌا، شريف، مھمان نواز، آهستہ رو، ۽ ننگ پال، حاڪم اشراف، همدرد، ۽ وقت تي ٽري وڃڻ وارا، ڪامورا ”ٿور – کاوا“، محنتي، دوستي رکڻ ۽ دوستي نباهڻ جهڙا. اڃا موٽر ميدان ۾ ڪا نہ آئي هئي، بيل گاڏيءَ ۽ بگيءَ، اُٺ ۽ گهوڙي جو زمانو هو. اڄوڪي ڀڄ ڊڪ ڪا نہ هئي. ڪچھريون، ”حالن احوالن“، ”لسيءَ ۽ ٿاڌل“ جو دؤر هو.
مون جڏهن هوش سنڀاليو تہ خيرپور جو مير، مرحوم امام بخش خان هو. ان کان اڳ ٻہ مير ٿي گذريا هئا - مير علي مراد خان، رياست جو باني،“ سندس پٽ، مير فيض محمد خان مرحوم. مير امام بخش خان مون پاڻ ڪو نہ ڏٺو، پر سندس متعلق گهڻا دلچسپ قصا ٻڌڻ ۾ پيا ايندا هئا، سچ ڪوڙ، چوندڙن جي ذمي. چوندا هئا تہ مرحوم پورالو ۽ ڪفايتي هو. جا شي پسند ايندي هيس، سا پاڻ سان کڻائي ويندو هو. هڪ ڏينھن ڪنھن ڳوٺڙي ۾ ڪنھن ڪڙميءَ جون سٺيون ”آهرون“ کيس نظر آيون. ماڻھن بہ تعريفون ڪيون. چي، ”اهڙيون ’آهرون‘ تہ سرڪاري مال کي پيون سونھن!“ حڪم ٿيو تہ ”آهرون پاڙن کان پٽي، ساڻ کڻي هلو!“
منھنجي سمجهہ موجب، اها ڪھاڻي حقيقتاً منگهڙت هوندي، پر ان زماني ۾ مشھور ڏاڍي هئي. ملڪي انتظام ۾ مير صاحب پاڻ دخل ڪو نہ ڏيندو هو، حڪومتي ڪاروبار سندس وزير جي هٿ ۾ هوندو هو، جيڪو انگريز سرڪار پنھنجن عملدارن مان چونڊي کيس ڏيندي هئي. خيرپور جي “وزارت” وڏي شي هوندي هئي. خيرپور جو وزير جنھن طرح گهري، سنڌ جي سياست کي جوڙي ۽ موڙي سگهندو هو. ان زماني جي ڪائونسلن جا ميمبر سندس ئي مدد سان چونڊجي سگهندا هئا. سنڌ جا مسلمان عملدار کيس پنھنجو اڳواڻ سمجهندا هئا، ۽ انگريز سندس صلاح مشوري کي وڏو وزن ڏيندا هئا. مير امام بخش خان جي زماني جو ناميارو وزير، شيخ محمد ابراهيم هو. وڏو منتظم ۽ وڏي رعب ڌاڪي جو صاحب هو. خيرپور کي ٺاهي سنواري ڇڏيو هئائين. انتظام جي پراڻي سرشتي کي سڌاري، انگريزي انتظام جي ڪڙيءَ تي آندائين. پئسي جي سنڀال ڪيائين. تعميري ڪمن تي خاص توجھہ ڏنائين، ۽ سڙڪون، اسپتالون، بنگلا، محلاتون، واھہ ۽ پليون جهجهي انداز ۾ جوڙايائين.
اهو آهي پس منظر ايندڙ ڪھاڻيءَ جو.

مير علي نواز خان

مير امام بخش خان جي انتقال (8 - فيبروري 1921ع) بعد، سندس وڏو صاحبزادو مير علي نواز خان (13 - فيبروري 1921ع) تخت تي ويٺو. والد جي پوئين زماني ۾ رياست کان بدر ٿيل هو، ۽ دهليءَ طرف رهندو هو. ڏاڍا ڏک ڏٺا هئائين. وڏو خرچائو، سخي مرد، ۽ حضور شرم هو. ڏکن ڏاکڙن سندس دل کي بنھہ نرم ڪري ڇڏيو هو. ڪنھن جو بہ سور سھي ڪو نہ سگهندو هو. ڪنھن جي بہ عرض مدعا کي رد ڪري ڪو نہ ٿي سگهيو. اهو ئي سبب هو جو ماڻھن سندس شرافت ۽ سخاوت جو ناجائز فائدو ورتو، ۽ کيس هميشہ حاجتمنديءَ جي حالت ۾ رهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
شاعر هو، ۽ تنھنڪري عاشق مزاج. سندس عشق لاهور جي هڪ مائيءَ سان لڳو، ۽ عشق بہ اهڙو، جنھن کي واقعي ”عشق“ چئجي. مائي مير صاحب کان عشق جون مختلف منزلون تڪڙو تڪڙو طئہ ڪرائيندي رهي. لاهور هلي ويندي هئي تہ پوءِ ڪو ويھي ڏسي مير مھجور جو حال! نينھن جي نانوَ ۾ نوڙت ڀريا نو سؤ نياپا، سوز ۽ گداز جا دلدوز ثبوت، هجر جي رات جون ڪاريون ڪھاڻيون، شامِ غم ۽ صبحِ فراق جا قھري قصا، آزيون، نيزاريون، ميڙيون منٿون ۽ ان اپرانڌ رپين جون همياڻيون... هجر ۽ وصال، وصال ۽ هجر جي انھي ڪشمڪش واري زماني اندر ئي مير صاحب جي شاعريءَ جا ناپٽ وهي نڪتا، ٺھہ پھہ اردو غزلن جو هڪ ديوان، ۽ سنڌي ڪافين جو هڪ ڪتاب جوڙي راس ڪيائين. ”ناز“ تخلص هوس ۽ شعر ۾ چڱو سوز ۽ گداز سمايل. عشق مجازيءَ جي ان مصيبت کيس عشق حقيقيءَ ڏانھن بہ رغبت ڏياري. چنانچ اميريءَ سان گڏ، ڪڏهن ڪڏهن فقيري بہ ڪندو رهيو. گيڙو ڪفني، مٿو اگهاڙو، هٿ ۾ يڪتارو، زبان تي رندي ڪلام، ويرانن ۾ جهوپڙيون، ۽ جهوپڙين ۾ رهي عاشقانہ صدائون بلند ڪرڻ!
پنھنجي وقت جو سخي مرد هو. پئسو کٽندو هوس تہ پاڻ ڪاهي اچي خزاني جو دروازو زوريءَ کوليندو هو. ڪنھن وقت تہ چوندا هئا تہ ٽجوڙين ۾ فقط ٻہ - چار آنا پيل نظر ايندا هئس. وقت جو وزير شايد اصلي رقم آسي پاسي ٽاري ڇڏيندو هو. پويون دفعو مون ساڻس ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ ڪچھري ڪئي، هڪ ٻئي دوست سان گڏ. تحفي ڏيڻ لاءِ ٻي ڪا بہ وٿ وٽس ڪا نہ رهي هئي، هڪ تلور پکي شڪار ٿيل موجود هوس، جو بطور سوکڙيءَ جي پيش ڪيائين. حجاب کان اکيون هيٺ هئس، پر ملاقاتي پراڻي دوست کي هٿين خالي ڪيئن موٽائي؟
جوانيءَ جي زماني ۾ بيحد خوبصورت ليکيو ويندو هو. مون جڏهن ڏٺو، تڏهن عمر ۾ پڪو ٿي چڪو هو ۽ جسم ۾ بيحد متارو ٿي ويو هو، ايتريقدر جو هلڻ چلڻ بہ مشڪل لڳندو هوس. پر ان هوندي بہ چھري تي گذريل خوبصورتي جا نشان موجود هئس. قد ۾ ڊگهو، رنگ ڪڻڪ ونو، ڏاڙهي ڪوڙيل ۽ شھپر ڊگها - بنھہ ڪُوپو مڙس هو.
پھريون دفعو مون کيس هڪ محفل ۾ ڏٺو. خيرپور جي وڏي سرڪاري محلات، ”فيض محل ۾، مسٽر محمد ايوب کھڙي سندس اعزاز ۾ سرود سماع جي پارٽي ڏني هئي، جنھن ۾ ٻاهريون ڳائڻ واريون گهرايل هيون. سڄيءَ رياست ۽ پسگردائيءَ جا معزز موجود هئا. دير تائين راڳ ۽ رقص ٿيندو رهيو. مير صاحب پاڻ ڪوچ تي متمڪن هو، ۽ باقي شريڪ مجلس هيٺ غاليچن تي پلٿيون ماري، طول وهاڻن کي پٺي ڏيو ويٺا هئا. مير صاحب وقتاً فوقتاً گاني تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندو ۽ نيون نيون فرمائشون ڪندو ٿي رهيو. کيس خيال هو تہ هو پاڻ بہ موسيقيءَ جي فن جو وڏو ماهر آهي. حاشيہ نشين، برجستہ سلام ڪري سرڪار جي سخن شناسيءَ جو داد ڏيندا ٿي رهيا. ميزبان، يعني کھڙي صاحب ۽ ٻين وڏيرن ۽ ڪامورن، رپين جون مٺيون ڀري مير صاحب مٿان گهوري طوائفن ڏانھن پئي اڇلايون. چاندي جو هڪ ٿالھہ رپين سان ڀري خود مير صاحب جي اڳيان بہ رکيو ويو هو، جنھن مان مير صاحب بہ گاني وارين جي همت افزائي ٿي فرمائي.
قصيدن پڙهڻ لاءِ ڪجهہ شاعر بہ آيل هئا. انھن ۾ لاڙڪاڻي وارو ماستر غلام سرور قادري مرحوم (تخلص ”فقير“ ) بہ هو. خوبصورت، گلدار ڪاغذن تي هڪ طويل مدحيہ نظم ڇپارائي آيو هو، جنھن جي هڪ تڪ مون کي اڄ تائين ياد آهي:
”ايم. اي. کھڙو بہ آهي صادقانِ مير مان!“
کھڙو صاحب خيرپور رياست جو زميندار هو، ۽ ان ڪري ڪنھن حد تائين مير صاحب جو رعيتي. اوائلي زمانو هوس. سندس والد مغفور مرحوم، وڏيرو شاھہ محمد خان، تازو فوت ٿي ويو هو. پاڻ ڪاليج ڇڏي اچي خانداني ڪاروبار سنڀالڻ لڳو هو، ۽ سياست ۾ بہ اوائلي پير ٿي کنيائين. خيرپور جي وزير شيخ محمد قادر سان دوستي هيس، جنھن هر موقعي تي کيس اڳتي ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. اهو ئي سبب هو جو هن وزير صاحب جي مشوري مطابق، مير صاحب جي اعزاز ۾ اها پارٽي رچي هئي. حقيقت هيءَ آهي تہ منھنجي پنھنجي سياسي تربيت پڻ ساڳئي ئي ماحول ۾ ٿي. شيخ محمد قادر منھنجو بہ دوست هو. سياسي ميدان ۾ وس آهر آءٌ سندس خدمت ڪندو هوس، ۽ هن پاڻ بہ منھنجو چيو ڪڏهن ڪو نہ موٽايو.
مير علي نواز خان جي زماني جو هڪڙو جشن مون کان ڪڏهن ڪو نہ وسرندو. اهو جشن مير صاحب جي ”باليءَ“ سان شاديءَ واري موقعي تي ٿيو. سال پوريءَ طرح ياد نہ اٿم، پر شايد 1923ع هو، يا 1924ع. باليءَ سان مير صاحب جي عشق جو ڪھڙو عالم هو، تنھن جو ذڪر اڳ ٿي چڪو آهي. وڏيءَ محنت ۽ مشقت بعد وڃي باليءَ ۽ سندس ڀائرن (بگو خان ۽ فيروز خان) شاديءَ جي ڳالھہ قبول ڪئي - ڄڻ مئي مڙھہ ۾ ساھہ پئجي ويو. مير صاحب دل کولي خرچ ڪيو. مھمانن لاءِ ڪئمپون کلي ويون. گرميءَ جو زمانو هو، تنھنڪري ڪکايون لانڍيون ٺاهيون ويون، جن تي پاڻي اڇلايو ٿي ويو تہ جيئن ٿڌيون رهن. خيرپور ريلوي اسٽيشن واري ڦاٽڪ کان وٺي شھر تائين، ان زماني ۾ ميدان ئي ميدان هوندو هو: اهو سارو ميدان لانڍين ۽ ڪئمپن سان ڀريو ويو. مير صاحب جي پنھنجي رهائش ۽ شاديءَ جي مجلس لاءِ خاص لانڍيون پڻ انھيءَ ئي ميدان ۾ ٺاهيون ويون. طوائفن جي رهائش لاءِ هاءِ اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جون بلڊنگون خالي ڪرايل هيون. اٽڪل اسي کن طائفا لاهور، امرتسر، دهلي ۽ بمبئيءَ منجهان اچي ويا. هاءِ اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جي ڪنڊ ڪڙڇ مان طبلي جي ٿاڦ ۽ سارنگيءَ جي رون - رون ٻڌڻ ۾ ٿي آئي. ساري خيرپور ڄڻ لاهور جي هيرا منڊي بڻجي ويئي هئي. ماڻھن جا ڳاهٽ هئا. هر مھمان جي لانڍيءَ ڏانھن هڪ طائفو روانو ڪيو ٿي ويو. اها ورهاست شام ويلي پئي ٿي. تماشہ بين ساري هندستان مان ڇڪجي اچي خيرپور ۾ جمع ٿيا هئا. ناچ، گانا، کانا، آتشبازيون، جادوءَ جا کيل، مشاعرا، قصيدہ خوانيون - غرض تہ عيش ۽ تفريح لاءِ جا شي تصور ۾ اچي ٿي سگهي، سا موجود هئي. ڪيترا وڏا ماڻھو ۽ آفيسر بہ دعوت تي آيل هئا. جناب پير صالح شاھہ صاحب مرحوم راڻيپور وارو، مرحوم حڪيم مولوي محمد صادق صاحب راڻيپور وارو، ۽ هز هائينس مير نور محمد خان مرحوم حيدرآباد وارو، مون پھريون دفعو اتي ڏٺا. مرحوم خانبھادر الھہ بخش سان (جيڪو 1938ع ۾ جدا سنڌ جو چيف منسٽر بڻيو) منھنجي پھرين واقفيت ان موقعي تي ٿي. شام جو منھنجي پنھنجي رهڻ واريءَ جاءِ تي گاني جو انتظام ٿيو. گاني واري هئي مختار بيگم امرتسري، جنھن اڳتي هلي وڏو نالو پيدا ڪيو. اڃا سندس اوائلي زمانو هو. سندس حسن ۽ جوانيءَ واري ٻوٽي کي تاهنوز ڪوسو واءُ ڪو نہ لڳو هو. هڪ ٺمري خاص مزي سان ڳايائين:
”مين توسي ناهين بولون ري!“
بمبئيءَ مان هيراٻائي نالي هڪ طوائف آيل هئي، جنھن جا وار ايڏا ڊگها هئا جا اُڀي قد بيھي(”قد جي بہ ڪافي ڊگهي هئي) وارن جو مچو کڙين هيٺان ڏيئي ڇڏيندي هئي.
مجلس هلندي، خزانو خالي ٿي ويو - ڪيترن ڏينھن تائين پنھنجين فين وصول ڪرڻ خاطر طوائفن کي خيرپور ۾ رهي ڌڪا کائڻا پيا.

شيخ محمد قادر مرحوم

بمبئيءَ پرڳڻي جي سورت شھر جو رهاڪو هو. پھريائين بمبئيءَ جي لوڻ کاتي ۾، ۽ پوءِ سنڌ جي روينيو کاتي ۾ هيڊ منشيءَ طور مقرر ٿيو، ۽ ترقي ڪندي ڪندي وڃي ڊپٽي ڪليڪٽريءَ تائين پھتو. اتان اورينٽل ٽرانسليٽر مقرر ٿي بمبئيءَ ويو، ۽ مير امام بخش خان جي پوئين زماني ۾ خيرپور جو وزير مقرر ٿي آيو. قد ۾ ڊگهو، بت ۾ سنھو، رنگ جو ڀورو، ڏاڙهي ڪوڙهيل، مڇون مختصر - هڪ راڻو مڙس هو. هميشہ چيناسلڪ جي پتلون ۽ ان تي کليل گلي سان ڊگهو ڪوٽ پائيندو هو، ۽ مٿي تي گول سلڪ جي مختصر پڳڙي، جيڪا ويٺوڙي ٽوپيءَ تي ويڙهيل هوندي هئي. بيحد مھمان نواز، مسلماني جذبي سان ڀرپور، حضور شرم، خدمتِ خلق جو شوقين، سياست ۾ ڳوڙهي دلچسپي وٺندڙ، دوستن جو دوست، اميد ڀريل نوجوانن جو سرپرست، رحمدل، شريف، بي آزار، ڪم ڪرڻ جو سخي، رشوت کان پري، هڪ اهڙو انسان هو، جنھن جھڙا ٿورا انسان مون ان زماني جي ڪامورن ۾ ڏٺا. شوق هوس تہ زميندارن جي ڇوڪرن کي تعليم ڏياري سياست ۾ آڻي، جيئن هو چڱيءَ طرح هندن جو مقابلو ڪري سگهن. انھن ڏينھن ۾ هندن جو ڏاڍو زور هوندو هو، تعليم، واپار، ۽ سياسي شعور ۾ مسلمانن کان گهڻو اڳ ۾ هئا. پر وقت گذرندي هو ڪانگريسي سياست ۾ ڪاهي پيا، جنھنڪري انگريزي حاڪم کانئن پھريون دفعو بدظن ٿي، مسلمانن کي همٿائڻ ۽ اڳتي ڪرڻ لڳا. ان معاملي ۾ مسلمان سرڪاري آفيسرن کان ڪم ورتو ويندو هو، جن جو غير سرڪاري طرح اڳواڻ خيرپور جو وزير هوندو هو.
شيخ محمد قادر کي جيڪو بہ چڱو نوجوان نظر آيو، تنھن جي سرپرستي ۽ حوصلہ افزائي ڪيائين. مسٽر محمد ايوب کھڙو، سکر وارو عبدالحميد خداداد خان(جنھن کي هڪ دفعي هندستان جي سينٽرل اسيمبليءَ جو ميمبر بہ چونڊرايائين) ۽ ڪنھن حد تائين آءٌ، سندس قريب اچي چڪا هئاسون. جنھن طرح بہ کانئس ٿي سگهندو هو، اسان جي رهنمائي ۽ مدد ڪندو هو. منھنجو پنھنجو تہ گهڻو وقت مورڳو ئي وٽس پيو بسر ٿيندو هو. پنھنجيءَ رهائش واريءَ جاءِ جي قريب، سندس آفيس واري عاليشان بنگلي جو هڪ حصو خاص منھنجي رهڻ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو هئائين. شام جو سرڪاري ڪاروبار ختم ڪرڻ بعد اچي مون سان ويھندو هو. ماني گڏجي کائيندا هئاسين، ۽ سنڌ جي ماڻھن توڙي سياست ۽ صحافت تي پيا خيالن جي ڏي - وٺ ڪندا هئاسين. اخبار نويسن جو خاص لحاظ ڪندو هو. محمد هاشم ”مخلص“ مرحوم پنھنجي اخبار “مسلمان” ۾ ڪڏهن ڪڏهن کڙڪو ڪندو هو تہ ڏانھنس دعوت هلي ويندي هئي. شيخ صاحب جو اصول هو تہ منھن ڏني ڳالھہ ٽٽي تہ ان کي ڊگهو ٿيڻ ڇو ڏجي.
شيخ محمد قادر مرحوم جي زندگيءَ جا اصول ڏاڍا سٺا هوندا هئا. مثلاً، هٿ وٺي ڪنھن سان بہ جهيڙو ڪو نہ جوٽيندو. جي جهيڙو ٿي پوندو تہ اُن کي سٺي نموني ۾ نباهيندو. ڪاري زخم، جنھن کي محسوس ڪري دشمن هميشہ پيو انتقام وٺڻ جي ڪوشش ڪري، ڪنھن کي ڪو نہ رسائيندو. مخالفن تي چوڪسي رکندو، هو جيڪي بہ حرڪتون ڪندا رهندا، تن کي خاموشيءَ سان ختم ڪندو ويندو، پر مقابلي ۽ جنگ جدل جو اوڙاھہ کڙو ٿيڻ نہ ڏيندو. هر معاملي ۾ ۽ هر شخص متعلق، ابتدا هميشہ نيڪيءَ سان ڪندو، ٿي سگهندس تہ دشمن تي بہ احسان ڪري ڇڏيندو.
سندس ڪوششن سان سکر مان ”سنڌ زميندار“ اخبار جاري ٿي، جيڪا زميندارن ۽ عام مسلمانن جي حقن جي حفاظت ڪندي رهي. ان جو پھريون ايڊيٽر ماستر عبدالوهاب هو، ان کانپوءِ تہ ٽي سال مسٽر احمد علي خان عليگ آيو. 1928ع کان 1933ع تائين ان اخبار جي ايڊيٽري منھنجي سپرد ٿي. پر شيخ قادر 1925ع ۾ ئي، رتناگيري ضلعي جو ڪليڪٽر مقرر ٿي، خيرپور کي خيرباد چئي ويو هو.
شيخ صاحب جي ٻي اسڪيم هئي تہ زميندارن جي اولاد کي تعليم ڏيڻ لاءِ هڪ ”زمينداري ڪاليج“ کوليو وڃي. ان باري ۾ لک کن رپيا چندو گڏ ڪرايائين. ارادو هوس تہ اهو ڪاليج سکر ضلعي ۾ رُڪ اسٽيشن جي قريب قائم ڪيو وڃي. پر سندن بدلي ٿي وڃڻ کان پوءِ اسڪيم ختم ٿي ويئي، ۽ گڏ ٿيل پئسن مان ڪراچيءَ ۾ ”ليسلي ولسن مسلم هاسٽل“ ٺھرايو ويو، جنھن جو نالو، پاڪستان ٺھڻ بعد ڦيرائي ”جناح هاسٽل“ رکيو ويو آهي.
شيخ صاحب مرحوم سان تعلق رکندڙ هڪ ٻيو واقعو بہ ياد پيو اٿم. انھن ڏينھن ۾ بمبئي پريزيڊنسيءَ جي مسلمان قومي ڪارڪنن ”ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس“ نالي هڪ تعليمي انجمن کڙي ڪئي هئي، جنھن جو روح روان پوني وارو سر ابراهيم هارون جعفر هو. ان انجمن جي ڪاروبار ۾ مسلمان عملدار بہ حصو وٺندا هئا، ۽ ان جي وسيلي ئي انگريزن تي پنھنجي عوامي اثر ۽ انفلوئنس جو رعب وجهندا هئا. مثلاً، جنھن بہ مسلمان عملدار ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جي ڪاوربار ۾ اڳواڻي حاصل ڪئي، تنھن متعلق سمجهيو ويندو هو تہ هو مسلمان قوم ۾ اثر رکي ٿو ۽ مسلمانن جو ليڊر آهي، ان کانپوءِ انگريز بہ ساڻس صلاح مشورو ڪرڻ لڳندا هئا، ۽ موقعي سارو ڪو وڏو عھدو ڏيئي کيس پنھنجي هٿ ۾ رکندا هئا. ان سبب ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جي عھدن تي هميشہ وڏي لٺ لڳندي هئي.
1922 - 1923ع ڌاري( سال پوريءَ طرح ياد نہ اٿم )حيدرآباد ۾ ان ڪانفرنس جو اجلاس ٿيڻو هو، جنھن جي افتتاح لاءِ بمبئيءَ جي گورنر کي دعوت ڏني ويئي هئي. سوال پيدا ٿيو تہ ان ڪانفرنس جي استقباليہ ڪميٽي جا عھديدار ڪير ٿين. سنڌ اندر انھن ڏينھن ۾ ٻہ پارٽيون هونديون هيون - حيدرآباد پارٽي، ۽ سکر - خيرپور پارٽي، يا ائين چئجي تہ ”لوئر سنڌ پارٽي“ ۽ ”اپر سنڌ پارٽي.“ ظاهري طرح تہ انھن پارٽين جا اڳواڻ بمبئي ڪائونسل جا ميمبر هوندا هئا، پر حقيقت ۾ انھن ميمبرن کي هلائڻ چلائڻ وارا، مسلمان سرڪاري عملدارن جا گروپ هوندا هئا. لوئر سنڌ پارٽيءَ کي هلائڻ چلائڻ وارا عملدار هئا مسٽر حامدعلي ڪليڪٽر، خانبھادر نبي بخش، محمد حسين انڪمبرڊ اسٽيٽس جو مئنيجر ۽ ٻيا چند مسلمان ڊپٽي ڪليڪٽر. اپر سنڌ پارٽيءَ جو حقيقي اڳواڻ هوندو هو شيخ محمد قادر. غير عملدارن ۽ بمبئي ڪائونسل جي سنڌي ميمبرن منجهان لوئر سنڌ پارٽيءَ جا ڪارڪن هوندا هئا خانبھادر سيد محمد ڪامل شاھہ ۽ مسٽر نور محمد وڪيل (نور محمد هاءِ اسڪول جو باني). اپر سنڌ پارٽيءَ ۾ گهڻا ڪائونسل ميمبر اڃا شامل ڪو نہ ٿيا هئا، پر نالي خاطر اسين ننڍا ورڪر خانبھادر شاهنواز ڀٽي(پوءِ سر شاهنواز ڀٽو ٿيو) جو نالو وٺندا رهندا هئاسين. غير ميمبرن منجهان ان پارٽيءَ جا ورڪر هئا مسٽر محمد ايوب کھڙو، عبدالحميد خداداد خان سکر وارو، ماستر عبدالوهاب ايڊيٽر ”سنڌ زميندار“ ۽ آءٌ.
جنھن وقت تجويز ٿي تہ حيدرآباد ۾ ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس سڏائي وڃي، ۽ ان جي افتتاح لاءِ گورنر صاحب بہ اچڻ قبول ڪيو، تہ هڪدم لوئر سنڌ پارٽيءَ پاڻ کي اڳ ۾ ڪرڻ خاطر هڪ درپور ميٽنگ سڏائي، استقباليہ ڪاميٽيءَ جا سمورا عھدا پنھنجن ماڻھن ۾ ورهائي ڇڏيا. سيد محمد ڪامل شاھہ ڪاميٽيءَ جو چيئرمن ٿيو، ۽ مرحوم نور محمد وڪيل جنرل سيڪريٽري. اها ڳالھہ اپر سنڌ پارٽيءَ لاءِ سخت نقصانڪار پئي ٿي، گورنر صاحب کي هن سمجهڻ جو موقعو مليو ٿي تہ سنڌ جي مسلماني پبلڪ لائيف جا اڳواڻ فقط حيدرآباد وارا ئي آهن، باقي شيخ محمد قادر ۽ سندس پارٽيءَ جو ڪو نانءُ نشان ئي ڪو نہ آهي.
شيخ صاحب مرحوم اسان دوستن سان صلاح ڪئي. فيصلو ٿيو تہ حيدرآباد واري جوڙ توڙ خلاف تحريڪ هلائي لوئر سنڌ پارٽيءَ کي مجبور ڪيو وڃي تہ چونڊ ٻيھر ڪرائي ۽ عھدن جو ڪجهہ حصو اسان (اپر سنڌ وارن) کي بہ ڏئي. مون سڀ کان پھريائين سياسي مضمون، ”سنڌ زميندار“ اخبار ۾، ان مسئلي تي ئي لکيا، يا ڪري چئجي تہ منھنجي اخبار نويسيءَ جي ابتدا انھيءَ جهيڙي جي طفيل ئي ٿي. اوستائين مون کي اڃا پتو ئي ڪو نہ هو تہ ڪو آءٌ اخباري مضمون بہ لکي سگهان ٿو. انھن مضمونن ڪافي دلچسپي ۽ اثر پيدا ڪيو. هر ڪو واه - واه چوڻ لڳو. منھنجو پنھنجو حوصلو بہ وڌيو. ان کانپوءِ وڌيڪ جرائت ۽ خود اعتماديءَ سان لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو رهيس، حتاڪه پڄاڻي وڃي هندستان - پاڪستان جي ايڊيٽرن جي پريزيڊنٽيءَ تي ڪيم. جو نڪتو هن قصي ذريعي ظاهر ٿئي ٿو، سو اهو تہ ڪڏهن ڪڏهن معمولي واقعا، جن جي بروقت ڪا بہ اهميت محسوس ڪا نہ ٿي ٿئي، اڳتي هلي وڏين ڳالھين جو پيش خيمو بڻجن ٿا. مثلاً، جيڪڏهن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جي عھدن تي اهو جهيڙو نہ لڳي ها تہ آءٌ اخبار نويس ڪو نہ بڻجان ها، ۽ جيڪڏهن اخبار نويسيءَ کان ٻاهر رهان ها تہ پوءِ منھنجي زندگي قطعاً ٻئي طريقي سان گذري وڃي ها - بطور هڪ معمولي زميندار جي، محض جهنگن جرن ۾ جهيڙا ڪندو وتان ها، نہ علم حاصل ٿئي ها ۽ نہ ڪو ٻيو ڪم ئي ڪري سگهان ها.
بھرحال، اهو تہ جملہ معترضہ هو. اصل مقصد هو تہ حيدرآباد وارو قصو بيان ڪيو وڃي. اسان جي کڙي ڪيل تحريڪ جو اهو نتيجو نڪتو، جو حيدرآبادي پارٽيءَ کي مجبور ٿي اڳيون چونڊون منسوخ ڪري هڪ نئين ميٽنگ سڏائڻي پيئي، جنھن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسان جي ڌر کي بہ دعوتون ڏنيون ويون.
ميٽنگ حيدرآباد شھر ۾، مرحوم جان محمد خان ڀرڳڙي (صدر، حيدرآباد) جي بنگلي تي منعقد ٿي. ميٽنگ جي وقتي صدارت پھريائين حامد علي ڪليڪٽر ڪئي، ۽ مغرب جي نماز کان بعد واريءَ نشست جي صدارت اسان جي اڳواڻ شيخ محمد قادر ڪئي. ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ شيخ محمد قادر اسان سڀني کي پاڻ سان وٺي آيو (يعني مسٽر کھڙي، ماستر عبدالوهاب خان، عبدالحميد خداداد خان ۽ مون کي ). حيدرآباد پھچڻ بعد سوال پيدا ٿيو تہ ميٽنگ ۾ اسان جي ڌر پاران ڪير ڳالھائي؟ ماستر عبدالوهاب خان کي سڀ کان وڌيڪ عمر رسيدو ۽ تجربيڪار سمجهي، پھرين اُن کي تقرير ڪرڻ لاءِ چيو ويو. پر ماستر صاحب پنھنجي طبيعت جي ناسازگيءَ جو عذر پيش ڪري جند ڇڏائي ڇڏي. ساڳيءَ طرح، مون کانسواءِ، باقي ٻين سمورن صاحبن کي بہ تقرير نہ ڪرڻ لاءِ ڪو نہ ڪو سنگين سبب هو (حقيقت ۾ ڪنھن کي پيئي هئي جو ويھي مخالف پارٽيءَ جي آفيسرن اڳيان پاڻ کي ڏٺو ڪري ها).آخر اها جوابداري مون غريب تي اڇلائي ويئي. مون بہ نہ ڪئي هم نہ تم، مقابلي جو ميدان آراستہ ڏسي، وچ ۾ ٽپي پيس. اها منھنجي پھرين تقرير هئي. قد اڃا ايتريقدر ڇوٽو هوم، جو جنھن وقت آءٌ اُٿي ڳالھائڻ لڳس تہ گهڻا ماڻھو مون کي ڏسي ئي ڪو نہ ٿي سگهيا! اها حالت محسوس ڪري وقتي چئرمن، مسٽر حامد علي، مون کي فرمائش ڪئي تہ آءٌ وچ مان نڪري اچي سندس ڀر ۾ بيھان تہ جيئن حاضرين مجلس مون کي چڱيءَ طرح ڏسي سگهن. پنھنجي تقرير جي دوران ۾ مون اڳينءَ ڪيل ڪارروائيءَ جي خلاف ڪافي زهر ڦھلايو ۽ دل کولي حيدرآبادي ليڊرن جي ڇنڇري لاٿم. نتيجو اهو نڪتو جو اڳيان عھديدار رد ڪري، نيون چونڊون ڪيون ويون ۽ شيخ قادر ۽ سندس پارٽيءَ کي بہ چڱو حصو ڏنو ويو.
شيخ صاحب مرحوم ڏاڍو خوش ٿيو. ميٽنگ ختم ٿيڻ بعد، مون کي ڀاڪر پائي، زمين کان مٿي کنيائين، ۽ چيائين: ”بھادر آهين، ۽ اڃا وڌيڪ بھادر ثابت ٿيندين.“ انھيءَ خوشيءَ ۾ اسان سڀني کي وٺي وڃي سئنيما ڏيکاريائين. اهو سئنيما هال ريلوي اسٽيشن واري رستي تي هو، ۽ اڃا تائين قائم آهي. انھن ڏينھن ۾ اڃا ”ٽاڪي“ (talkie) فلمون ڪين نڪتيون هيون.
ڪجهہ مھينن بعد، مقرر وقت تي، ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس منعقد ٿي. هر پارٽيءَ کي گورنر اڳيان پاڻ ڏيکارڻ جو جهجهو موقعو ميسر ٿيو. پوئتي ڪو بہ ڪو نہ رهيو، سواءِ منھنجي. آءٌ پاڻ ڪانفرنس ۾ شريڪ ڪو نہ ٿيس. ڪانفرنس جو افتتاح تہ گورنر (سر ليسلي ولسن) ڪيو، پر صدارت جا فرائض عليڳڙه واري سر راس مسعود سرانجام ڏنا. سر ابراهيم رحمت ﷲ بمبئيءَ وارو بہ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو، جنھن پنھنجيءَ تقرير ۾ ٻڌايو تہ:
”هندن جي ترقيءَ ۽ مسلمانن جي تنزل جو سبب هي آهي تہ هندن ۾ هيرو ورشپ (يعني پنھنجن اڳواڻن جي پٺڀرائي ڪرڻ) جو مادو موجود آهي، ۽ برعڪس ان جي، مسلمان قوم جي دائمي خواهش هيءَ رهي ٿي تہ منجهانئن جيڪو بہ ماڻھو اڳتي وڌي، تنھن کي ٽنگ مان جهلي پوئتي ڦٽو ڪري ڇڏين.“
اهو قيمتي قول مون هت هن ڪري نقل ڪيو آهي، جو بعد جي زندگيءَ ۾ مون کي پاڻ کي هر قدم تي ان جي صداقت محسوس ٿيندي پئي رهي آهي.
شيخ محمد قادر مرحوم وڏو وفادار انسان هو. هيڊ منشيگيريءَ واري زماني ۾ هڪ گهوڙو رکيو هئائين، جنھن کيس ڏاڍو سک پھچايو هو. وقت پڄاڻا آخر گهوڙو ڪراڙو ٿي ويو، ۽ سواريءَ جي ڪم جو ڪو نہ رهيو، پر شيخ صاحب کيس پاڻ کان پري ڪونہ ڪيو. سنڌ مان بمبئيءَ ويو تہ ريل گاڏو ڀاڙي ڪري، پاڻ ساڻ کڻائي ويس. ڪئين سال بيھاري کارايائينس. بمبئيءَ کان موٽي خيرپور آيو، تہ بہ گهوڙو ساڻ. دستور هي هوندو هو تہ شيخ صاحب صبح کان منجهند تائين، ڀت جي اوٽ، کلئي ميدان ۾ ويھي ماڻھن سان ملندو هو ۽ ڪم ڪار ڪندو هو. سندس ويھڻ واريءَ جاءِ کان ٿورو پري گهوڙو ٻڌو ويندو هو. مجلس ۾ اچڻ کان اڳ پھرين گهوڙي وٽ ويندو: سندس مٿي تي هٿ ڦيراڻي، ساڻس پيار ڪري، پوءِ اچي ڪرسيءَ تي ويھندو. گهوڙو مرندو مري ويو، مگر شيخ صاحب ان جانور منجهان هٿ ڪين ڪڍيا.
اهڙين ٿورين ٿورين ڳالھين مان ئي ماڻھوءَ جي فطرت، طبيعت ۽ خصلت جو پتو پوي ٿو. ننڍين ڳالھين جي سلسلي ۾ ماڻھو پنھنجي ڪئريڪٽر کي ڪنھن بنياد تي بيھاريندو تہ وڏين ڳالھين ۾ هٿ وجهڻ وقت بہ انھيءَ ئي بنياد تي بيٺو رهندو. هر چڱائيءَ ۽ هر بڇڙائيءَ جي شروعات ننڍين ڳالھين مان ٿئي ٿي.
شيخ محمد قادر کان اڳ بہ ڪيترا وڏا ماڻھو خيرپور جا وزير ٿي رهيا هئا. مثلاً، خانبھادر قادر داد خان، سردار محمد يعقوب، شيخ صادق علي صاحب، ۽ شيخ محمد ابراهيم. انھن مان هر هڪ صاحب، پنھنجي وقت اندر، وڏو نانءُ پيدا ڪيو. وڏا منتظم هئا، ۽ وڏي دماغ جا صاحب. خانبھادر قادر داد خان مرحوم تہ پھرين اَٺن رپين پگهار تي ”دفتر بند“ هو، پوءِ اتان ترقي ڪندي ڪندي وڃي وزارت جي عھدي تي پھتو.
انھن ڏينھن جي خيرپور ۾ مون پاڻ جيڪي ماڻھو ڏٺا، تن مان ڪي شخص، پنھنجي پنھنجي نوع سان، ڏاڍا شاندار هئا.

خانبھادر احمد ﷲ خان

رياست ۾ ورهين جا ورهيہ بطور نائب وزير جي رهيو. اصل پنجاب جو ويٺل هو، پر عمر ساري سنڌ ۾ گذاريائين. ڊگهو قد، ڇڙڪ، منھن تي ڏاڙهي، پر سونھندڙ، ننڍي شرافت ۽ حياداريءَ جو نمونو، دوستيءَ جي معاملي ۾ ڏاڍو وفادار، جنھن خاندان سان دوستي ٿيس، تہ وري ڪڏهن ڪانہ ٽوڙيائين. مھمان نواز - دوست خيرپور آيو تہ ڦاٿو، پنھنجيءَ جاءِ تان ٻئي پاسي بنھہ بسترو کڻڻ نہ ڏيندس. دشمني ڪنھن سان ڪا نہ، جيتريقدر ٿي سگهندو، نيڪي ڪندو، بڇڙائيءَ جي ويجهو هر گز نہ ويندو. ڪچھريءَ جو شوقين مجلس جو مور، ڳالھائيندو تہ سندس گفتگو ٻڌي دل پيئي بھار بھار ٿيندي، گٿو يا آسيرو پاسيرو لفظ ڪڏهن سندس زبان تي ڪو نہ ايندو.

بابو غلام محمد

ساڳيءَ طرح نائب وزير، ڪڏهن ڪڏهن دفتردار. طبيعت جو رُکو، ياري دوستي ڪنھن سان ڪا نہ رکي. نہ دل ڏئي، نہ دل وٺڻ جي ڪوشش ڪري. سڪيءَ اچي سڪيءَ وڃي. البت سرڪاري ڪم جي لحاظ سان پختہ ڪار. نہ سخاوت ڪري، نہ هروڀرو سختي ڏيکاري. ميانہ روي، آرام ڪوشي - مڙيوئي گاڏو گھلبو رهي. اصولاً مڙس ايماندار ۽ رعب وارو. جلنڌر(پنجاب) جو ويٺل هو.

ديوان گيانچند

وڏو زمانہ شناس ۽ سنجيدو هندو عملدار هو. پھرين مختيارڪار ۽ پوءِ نائب وزير مقرر ٿيو. فرينچ ڪٽ ڏاڙهي رکندو هو. جيڪو واءُ لڳندو هو، تنھن کي منھن ڏيندو هو. ڪن کليل، اکيون پٽيل، پر زبان بند. وزير ڪير بہ ٿئي شاهي گهراڻي جي صاحبزادي جي ڪھڙي پارٽي بہ زور ۾ هجي، مگر ديوان گيانچند دائم قائم. سواءِ هڪ موقعي جي باقي ملازمت جي ساري زماني اندر ڪڏهن بہ ٿاٻو نہ کاڌائين.
شخصي حڪومت جي وڏي خصوصيت اها هئي تہ ان سان وابستہ ماڻھن کي هر دم هشيار رهڻو پيو ٿي. سواءِ موقعي شناس ۽ چالاڪ ماڻھوءَ جي، ٻئي جو مستقل طور برسر اقتدار رهڻ تہ ڇا، پر معمولي گذارو ڪرڻ بہ مشڪل هو. هر ملڪ اندر شخصي حڪومتن جي زماني ۾ وڏا هشيار ماڻھو پيدا ٿيندا پئي رهيا آهن. مغلن جي زماني کي ڏسو - ابوالفضل، خان خانان، توڏرمل وغيرہ جھڙيون هستيون نظر اينديون. فرينچ ڪورٽ ڏانھن نظر ڦيرايو - ڪارڊينل مزارين، ٽيليراند، رشيلو، ڪالبرٽ، ماڊام پامييڊيور! اٽليءَ جي ميڊيچي دؤر مائڪاويليءَ کي جنم ڏنو. جرمن واري فريڊرڪ جي پاڇي هيٺ بسمارڪ پليو. غرض تہ پراڻين شخصي حڪومتن جي دؤر ۾، مجموعي طرح عام ماڻھن جي شعور جي سطح ڪيتري بہ پست هئي، پر انفرادي طرح چونڊَ ماڻھو پيدا ٿيندا رهيا.
سنڌي حڪمرانن جي دؤر حڪومت ۾ بہ وڏا وڏا نانءَ ڪٺيا هندو وزير ٿي گذريا آهن. ميان نور محمد ڪلھوڙي جو مکيہ وزير ديوان گدومل پنھنجو مثال پاڻ هو. مير علي مراد خان جي ڏينھن ۾ ديوان تارا چند جو وڏو زور هو. علي مراد خان جو پھريون پھريون وزير ديوان ڪشنداس هو، جنھن جو پٽ وشنداس پڻ وڏن عھدن تي رهيو. انھن کانسواءِ، انھيءَ دؤر جا ٻيا مکيہ هندو عملدار هئا: منشي سجان سنگهہ، منشي مولرام ۽ منشي چندا سنگهہ. ديوان گيانچند ممدوح پڻ انھيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي هو - يا ڪري چئجي تہ ان سلسلي جي آخري ڪڙي هو. ابتدا کان انتھا تائين، عزت جو وقت بسر ڪري ويو.

راءِ صاحب منگهارام

راءِ صاحب منگهارام؟ - رام رام، ست نام! کانئس وڌيڪ چالاڪ ڪامورو ان زماني ۾ مون ڪو ورلي ڏٺو. ائين سمجهو تہ ننھن کان چوٽيءَ تائين فقط دماغ ئي دماغ هو. نہ هڏو هوس، نہ گوشت، نہ کل نہ خون، ميڄالو ئي ميڄالو - ۽ ميڄالو بہ اُهو، جيڪو بجليءَ سان ڀرپور هجي! اوهين ڳالھہ ڪندا، تنھن کان اڳ ڳالھہ جو تھہ، ڳالھہ ڪندڙ جي اصلي نيت، سندس پنھنجي فائدي پٽاندر ڳالھہ جو ڪھڙو جواب ڏجي، تنھن جو مضمون، - سڀڪجهہ معلوم، ۽ اڳواٽ تيار! هڻ، ۽ کڻّ! ظاهراً تہ فقط خزاني عملدار، پر حقيقت ۾ چڪر ساريءَ رياست کي پيو کارائيندو. پڇاڙيءَ ۾ جڏهن حالتون خراب ٿيڻ لڳيون، تڏهن وقت سر استعفا ڏيئي هندستان هليو ويو، ۽ ات وڃي ڪاروبار شروع ڪيائين. وري به، راند متل ڇڏي ويو!

خانصاحب گل حسن خان

شڪارپور جي افغان خاندان جو فرد هو. ورهين جا ورهيہ مير امام بخش خان جو ”نائب وزير ڪئمپ شاهي“ ٿي رهيو. قد پورو پنو، چھرو گول ۽ ڀورو، سنھاري چاپئين، بت ۾ ڀريل، جسم تي شلوار، فراڪ ڪوٽ، ۽ مٿي تي مشھدي لونگي. طبيعت ۾ ديرينو، مدبر ۽ محتاط. اخبار نويسيءَ جي ابتدائي زماني ۾ سخت جوش ڀريل مضمون لکڻ لڳو هوس، تڏهن هڪ دفعي، اتفاقاً منھنجي پريس ۾ لنگهي آيو، مون کي هڪ صلاح ڏنائين، جنھن تي مون اڄ تائين پئي عمل ڪيو آهي. فرمايائون:
”انسان جو قلم تلوار کان وڌيڪ نقصانڪار آهي. جڏهن ڪو بہ اهم مضمون ڪنھن نازڪ مسئلي تي لکين تہ هڪدم تڙ تڪڙ ۾ ان کي شايع نہ ڪر، گهٽ ۾ گهٽ هڪ رات ضرور وچ ۾ وجهہ. ٻئي ڏينھن تي اُٿي وري پڙھہ. مٿس غور ڪر، ۽ مناسب درستيون ڪر، ۽ ان کان پوءِ ئي اشاعت لاءِ روانو ڪر. ساڳيو اصول ٻين قسمن جي نازڪ تحريرن سان پڻ لاڳو ڪندو رھہ. ان طريقي سان جيڪا بہ شي لکين، سان موزون ۽ متوازن ثابت ٿيندي. جوش وقت هوش نٿو رهي، ۽ بيھوشيءَ جي حالت ۾ جو بہ ڪم ڪيو ويندو، سو ناقص هوندو.“
وضعدار انسان هو. گهڻو ڪري، وچ ۾ ڪڏي ڪنھن سان رستو نہ رکندو هو، پر جي تعلق پيدا ٿي ويس تہ نباهڻ جي ڪوشش ڪندو. عمر جو پويون حصو آرام سان پنھنجي وطن شڪارپور ۾ گذاريائين. ﷲ تعاليٰ جون رحمتون هجنس!

ميان محمد بچل، فاريسٽ آفيسر

مرحوم ٻيلي کاتي جو عملدار هو. عھدي جي لحاظ سان وڏو ماڻھو نہ هو، پر بطور انسان جي ڏاڍو وڻندڙ هو. ساري عمر رياست جي خدمت ۾ بسر ڪيائين. ڦٽايائين ڪنھن سان بہ ڪو نہ. محفل ۾ گفتگو جو شوقين هو، دلچسپ ڳالھيون ڪندو هو، ۽ دلچسپ خط لکندو هو. سنڌي ڪلام، ڪافين وغيرہ جو ڪافي اڀياس ڪيو هئائين.”بيدل“ ۽ ”بيڪس“ جون ڪافيون گهڻيون ياد هيس، ۽ اڪثر جهونگاريندو رهندو هو. هڪ دفعي اسان جي ڪيٽيءَ ۾ منزل ڪيائين، پر ڳوٺ ۽ اوطاق کان پري، لئيءَ جي هڪ وڻ هيٺان. منھنجي عمر ست - اٺ سال مس هوندي. هوڏانھن ڏينھن تتو، هيڏانھن ميان محمد بچل اچي ڪافين تي متو. هڪ ڪافي مون کان اڄ تائين ڪا نہ وسري آهي. ملڪ کان ٻاهر جڏهن سفر تي هوندو آهيان، ۽ وطن ياد پوندو اٿم، تہ اها ڪافي جهونگاري پيو پنھنجي قلب جي تسڪين ڪندو آهيان:
ڇو ٿو ڪرين دلگير، منھنجا عمر اباڻا!
پٽ نہ پھريندس، بيک نہ مٽيندس، لوئي اباڻي ٿم ليڙ....
ڪڍ بندياڻي باند مان، ميان، جيئري لاھہ زنجير.......
”بيڪس“ بيوس، وس ناهيون پنھنجي، توڙؤن لکي تقدير...

غلام حيدر دفعدار

عرف ”سائين ميڏي ڪون آکان!“ معمولي پوليس جو دفعدار هو، پر ڇا انسان هو! ڊگهي سفيد ڏاڙهي، بندرڙو، پوڙهڙو، پر چيلھہ تي سندرو ۽ سندري مٿان پراڻو پٽو، پٽي ۾ مڏي ترار ٽنبيل، مٿي تي تمام وڏو پڳڙ، هڪ سڪل ڊڊيءَ تي سوار، جهولندو، قدم قدم کڻندو پيو ايندو. پنھنجي ڊڊي پاڻ ٻڌندو. ڪنھن گاھہ مٺ داڻي جي چپٽي ڏنيس تہ وٺندو، نہ تہ ٿيو ڀلو. ڊڊيءَ جي ٽنگ ۾ ٽوڙهو وجهي، ڇيڪ ڇڏي ڏيندس. ان کان پوءِ فارغ ٿي، اچي ويھي حال ڪندو: سرڪار(يعني مير صاحب) جي منزل فلاڻي ٻيلي ۾ آهي. سائين ميڏي ڪون آکان، جناب وزير صاحب جن ڪراچيءَ ويل آهن. سائين ميڏي ڪون آکان، ناظم صاحب پوليس جن جي طبيعت ڪجهہ ناساز آهي. سائين ميڏي ڪون آکان، مير صاحب ٽيو ڏينھن هڪ ست آڱريو مرون ماريو. سائين ميڏي ڪون آکان، مرونءَ ڦٽجي چوڏهن ڪتا کائي وڌا. سائين ميڏي ڪون آکان.آخر سڌوءَ ڏڦير ڏڦو هڻي مرون ماري وڌو. سائين ميڏي ڪون آکان. مير صاحب ڏڦير کي هڪ مينھن ۽ وڳو انعام ۾ ڏنو. سائين ميڏي ڪون آکان، اسان سپاهين کي تہ پڇي بہ ڪو نہ ٿو. سائين ميڏي ڪون آکان، اڄ دل گهريو تہ سائينءَ سان حالي احوالي ٿي اچون. سائين ميڏي ڪون آکان، گهڻا ڏينھن ٿي ويا هئا. سائين ميڏي ڪون آکان....“ مطلب تہ هر چئن اکرن کان پوءِ ”سائين ميڏي ڪون آکان.!“ اسين ٻارَ، پري کان بيھي پيا کلندا هئاسون.
ڪچھريءَ مان اُٿي وڃي اوطاقي ٿيندو. پھرين پڳڙ ۽ تلوار کي بلڪل خيال سان لاهي، کٽ تي جاءِ نشين ڪندو، توبرو (ڪاغذن سان ڀريل) کٽ جي پائي ۾ ٽنگيندو، ۽ پوءِ کٽ جي وچ تي پلٿي ماري ويھي رهندو، ۽ اکيون ٻوٽي پيو جهومندو - ڪلاڪن جا ڪلاڪ. ڪنھن مانيءَ ٽڪر آڻي ڏنو تہ کائيندو، نہ تہ گهرندو ڪنھن کان ڪو نہ. ڏينھن رهي يا ٻہ، وري خير سان ساڳئي رستي پوئين پير هليو ويندو.
مون هڪ ڏينھن ڀر ۾ ويھي کانئس پڇيو:”دفعدار صاحب! اوهين هردم اکيون پوريو ڇو ويٺا رهو ٿا؟“ چيائين:”سائين ميڏي ڪون آکان، اهي اکيون ئي تہ خرابي ڪن ٿيون. نہ اکيون ڏسن، نہ ئي بڇڙائي ٿئي. ڪتو نہ ڏسي، نہ ڀونڪي!“
رياست جي پوليس انھن ڏينھن ۾ اڪثر رهزنن سان ڀريل هوندي هئي. چڙهي آئي تہ ڄڻ وبا گهمي ويئي. آزاريندي گهڻو ڪري غريب. اهڙن واسينگن جي وچ ۾ غلام حيدر جھڙي ﷲ لوڪ جو نوڪري ڪرڻ، ۽ اکيون ٻوٽي زندگي گذاري وڃڻ، وڏو ڪارنامو هو.

جناب پير محمد صالح شاھہ صاحب رحمت ﷲ عليہ

درگاھہ راڻيپور جو سجادہ نشين، پنھنجي دؤر اندر وڏي اثر جو صاحب هو. سنڌ ۽ بلوچستان اندر سندس مريد پکڙيل هوندا هئا،. وڏا ماڻھو بہ کيس گهڻي قدر مڃيندا هئا. سندس درگاھہ کي ”دستگير جو دروازو“ سمجهيو ويندو هو. ڄٽ کي ڪھڙي مجال هئي، جو بادشاھہ پير کي پٺي ڏئي! شڪار جو شوق هوس. سٺا هٿيار پسند ڪندو هو. رهائش ۽ اٿڻي - ويھڻي پيراڻي شان سان. ”جنن“ ۽ ”جادوءَ“ جا سٽيل مريض کانئس سڳو ڌاڳو ڪرائيندا هئا.
ڪيتريون ڪافيون ساڻس منسوب آهن. سندس هڪ ڪافي تہ ڪجهہ سال ساريءَ اپر سنڌ تي ڇانيل رهي، ننڍو وڏو پيو جهونگاريندو هو. ٿلھہ هوس:
”مٺا مارو، ﷲ آڻئي، دلين جا داغ وڃ ڌوئي!“
سنڌ جي ٻين وڏن خاندانن وانگر، پير صاحب مرحوم بہ انگريزن جو وفادار هو. پھرين عالمگير جنگ (1914 - 1918ع) کان پوءِ خلافت تحريڪ شروع ٿي (جنھن جو ذڪر ڪنھن ٻيءَ جاءِ تي ايندو.) ان تحريڪ جي خلاف انگريزن ”امن سڀا“ نالي جماعتون کڙيون ڪرايون. انھن جماعتن جو سڀ کان وڏو گڏيل ميڙ، راڻيپور ۾، پير صاحب مرحوم جي زير سايي ڪرايو ويو، جنھن ۾ ساريءَ سنڌ جا سرڪاري وفادار اچي شامل ٿيا. ان سبب ڪري، خلافتي خيال جي اخبارن ۾ گهڻي وقت تائين پير صاحب تي نڪتہ چيني ٿيندي رهي. پر اهو زمانو ٻيو هو، ڪنھن ٿي اخبارن جي پرواھہ ڪئي؟ انگريز سرڪار ۽ ان جا عملدار راضي رهن، ٻئي ڪنھن جي ڪھڙي ڪاڻ؟ خيرپور جا مير صاحب سندس وڏو خيال رکندا هئا.

پير ميان خميسل شاھہ صاحب مرحوم

ان زماني جي بزرگانہ صورت ۽ سيرت جو بھترين مظھر، گمبٽ شريفَ جي درگاھہ جو سجادہ نشين هو. سندس صورت، اٿڻي - ويھڻي ۽ گفتگو جي طرز بيمثال. شاندار ۽ ڊگهو قد، سنھاري چاپئين، چھرو موڪرو ۽ گول. پاڻ کان ننڍن تي ڏاڍي شفقت ڪندو هو. مٺي ۽ عزت ڀري گفتگو هر شخص سان، پيار ۽ شفقت وچان، اڳلي کي بار بار پيو ”جانبّ“ سڏيندو- جانب هيءَ ڳالھہ... جانب هوءَ ڳالھہ...
منھنجي پھرين ملاقات ساڻس هن طرح سان ٿي. خيرپور جي وزير (شيخ محمد قادر) ۾ ڪو سندس ڪم پيو، جنھن جي خاطر گمبٽ مان هلي خيرپور آيو. آءٌ بہ خيرپور ۾ شيخ محمد قادر وٽ رهيل هوس. ماڻھن پير صاحب کي ٻڌايو تہ جيڪڏهن سندس ڪم جي باري ۾ آءٌ سفارش ڪندس تہ ڪم هڪدم پورو ٿي ويندو. هڪ مريد جي اوطاق تي لھي، مون ڏانھن ماڻھو موڪليائين ۽ ملاقات جو وقت گهريائين. مون شيخ محمد قادر سان مشورو ڪيو. شيخ صاحب چيو تہ ”خانداني آهي، عمر ۾ توکان وڏو آهي، هو تو وٽ هلي اچي، تنھن کان بھتر آهي تہ تون پاڻ وٽس هلي وڃ. ڪنھن شريف جو ڪم پوي تہ ٻئي شريف کي پاڻ وٽس هلي وڃي سندس حاجت روائي ڪري اچڻ گهرجي. دنيا جا ڪم هر حال ۾ پورا ٿيڻا آهن، پر اهڙا موقعا هرگز هٿان نہ وڃائڻ گهرجن. اهو خسيسن جو ڌنڌو آهي تہ شريفن جي حاجت روائي ڪرڻ کان اڳ کين پنھنجن درن تي ڌڪا کارائين.“
شيخ صاحب جي مشوري تي عمل ڪندي، آءٌ پير صاحب وٽ هليو ويس. ڏسي، تعجب ۾ پئجي ويو، بيحد خوش ٿيو، ڀاڪر پاتائين، هزارين دعائون ڪيائين. سندس احوال ٻڌي، شيخ صاحب کي عرض ڪري، ڪم پورو ڪرائي، موٽي وڃي کيس خبر ڪيم، اڳئين کان بہ وڌيڪ دعائون ڪيائين. ان ڏينھن کان پوءِ جيستائين زنده هو، مون سان تعلق نباهيندو رهيو. ٻہ - ٽي دفعا آءٌ بہ ساڻس ملڻ لاءِ گمبٽ ويس. ڏاڍي مھربانيءَ جي هلت ڪندو هو. سڄو ڏينھن ويٺو صلوات شريف پڙهندو هو. سندس دستور هو تہ شام ويلي پٿرين جو هڪ وڏو انبار گهرائي، مجلس جي وچ ۾ رکائيندو هو، انھن پٿرين تي پاڻ بہ ويٺو صلوات پڙهندو، ۽ آئي وئي کان بہ پيو پڙهارائيندو.

مولوي غلام محمد صاحب مھيسر رحمت ﷲ عليہ

گمبٽ تعلقي ۾، کھڙن جي ڳوٺ جي ڀر ۾، مھيسرن جي وانڍ (يعني ڪمالديري) ۾ رهندو هو. عالم هو، پر فقير قسم جو. علم جي پختگيءَ جو پھريون نشان آهي تہ انسان جي طبيعت ۾ نرمي ۽ نوڙت پيدا ٿئي. عالم سڏائي، ۽ غرور ڪري، - سمجهو تہ پڙهيو آهي، پر ڪڙهيو ڪو نہ آهي. مولوي صاحب مرحوم کي ڪو ڏسندو تہ ائين سمجهندو، گويا ڪو معمولي هاري قسم جو ڳوٺاڻو آهي. هڪ دفعي وانڍ کان ٻاهر نڪري ويو. ڪنھن گهوڙيسوار رستو پڇيس، ۽ گهوڙي جي اڳ ۾ هلي ان رستي تائين پھچائڻ جي فرمائش ڪيس. بلاتامل، گهوڙي جي اڳيان ڪنجڪي بڻيو، ڊوڙندو ويو! قد جو وچولو، بت ۾ سنھو، سفيد سنھاري، گهڻو ڪري موڱي رنگ جا کوميل ۽ ٿلھي ڪپڙي مان ٺھيل لٽا پائيندو هو. ڪوشش ڪندو هو تہ علم ۽ فقيري، ٻنھي کي لڪائي. گهڻي تعداد ۾ ماڻھو کانئس دعا پنڻ ويندا هئا. دعا سان گڏ مھمانداري ۽ خدمت بہ ڪندو هون. چوندو هو: ”ابا، منھنجو ظاهري حال ڏسي خواھہ مخواھہ پيا مون کي فقير سمجهو ۽ پاڻ کي اجائي تڪليف ڏيو.“
مرحوم نظر علي خان آغا (جيڪو ”سنڌ زميندار“ پريس ۾ ملازمت واري زماني ۾ پريس جو مئنيجر هو، ۽ جنھن جو ذڪر ٻيءَ جاءِ تي ڪندس) جو مرشد هو. آغا مرحوم مون کي هڪ - ٻہ دفعا سندس خدمت ۾ وٺي ويو.
هڪ دفعي مون کانئس پڇيو تہ اڳئين زماني ۾ اهل ﷲ ڪثرت سان نظر ايندا هئا. سندن ذڪر سان تاريخ جا ڪتاب ڀريل نظر اچن ٿا. اڄڪلھہ ڪھڙو سبب آهي جو ڪو بہ اهل ﷲ نظر ڪو نہ ٿو اچي؟“
فرمايائين: ”بزار ۾ دڪاندار اُهو ئي سامان آڻي رکندا آهن، جنھن جا خريدار هوندا آهن. هينئر جڏهن تہ ان وٿ جا خريدار ئي ختم ٿي ويا آهن، تہ دڪاندارن کي ڪھڙي ضرورت پيئي آهي جو اها وٿ آڻي بزار ۾ رکن؟“

خانصاب غلام رسول شاھہ

پوليس جو ناظم هو، يعني رياست جي پوليس جو سڀ کان وڏو عملدار. هالاڻي، ضلعي نوابشاھہ، جي مشھور سادات خاندان جو فرد هو، ۽ پوليسي برجستائيءَ ۾ پنھنجو مثال پاڻ هو. اصلي ملازمت انگريزي پوليس ۾ شروع ڪيائين. پھرين جماندار، پوءِ صوبيدار، ۽ پڇاڙيءَ ۾ انسپيڪٽر مقرر ٿيو، ۽ اتان خيرپور ويو.
شاھہ صاحب انھن پوليس عملدارن مان هڪ هو، جن جو عھدو ڇا بہ هجي ۽ پگهار ڪيتري ٿوري ئي ڇو نہ هجي، پر هلندا نوابي شان سان. سندن نالو پيو تہ ماڻھن جا هوش حواس گم ٿي ويندا، جاڏي پيرُ تاڏي پڙلئي. ڪنھن سرڪشي ڪئي، يا ساڻن ڪوڙ ڳالھايو، يا سندن راءِ تي رسو نہ ڀڳو، تہ مٿو ويس. اهڙي ڪم ۾ سچ ڪوڙ جي پرواھہ ڪا نہ ڪندا هئا. سندن اصول هو تہ سچ حضرت ابوبڪر صديق رضي ﷲ تعاليٰ عنہ پاڻ سان کڻي ويو، هينئر باقين کي ”ڀائن جي ڀلائيءَ“ سان هلڻو آهي. ڪيس اهڙو ٺاهيندا، جو صدر ڪورٽ تائين چانديءَ جي سڪي وانگر وڄندو ويندو. چورن کان ڏوھہ باسائڻ جا عجيب طريقا هوندا هئن. ڏاڙهي پٽائڻ يا اٿ - ويھہ ڪرائڻ تہ معمولي ڳالھيون هيون. جنھن چور سان فقط ايتري ڪارروائي ٿي، سو پاڻ کي ڀاڳ وارو سمجهندو هو. جنھن ڏوھہ جي پيداواريءَ جو فيصلو ڪيائون، سو کانئن هرگز لڪي ڪو نہ سگهندو. ڏوھہ جي جانچ ڪندي ڪندي، ٻئي پاسي، پلؤ کي بہ ٻھارو ڏيندا ويندا. پڇاڙيءَ ۾ چور بہ لڀندا، مال بہ ملندو، ۽ ٻيا بہ ڪيئي ڪينجهر ٿي ويندا. عملدار بہ خوش، رعايا بہ راضي، ۽ پنھنجا کيسا بہ پر!
اهڙن ڪارائتن زيردستن جي انگريز عملدار ڏاڍي پٺڀرائي ڪندا هئا. ڪو دانھن ڪندو تہ اٽلندو مٿس ڪوڙي فرياد ڪرڻ جي ڏوھہ ۾ مقدمي جي منظوري ڏيئي ڇڏيندا. ايندي ِسڱن لا”، ويندي ڪن بہ ڪپائي! انگريز حڪمرانن انھن ئي طريقن سان پنھنجو ڌاڪو ڄمايو، ۽ شينھن ٻڪريءَ کي هڪ ئي جاءِ تان پيئڻ تي مجبور ڪري ڇڏيائون.
غلام رسول شاھہ مرحوم سان آءٌ ڪيترا دفعا مليس. منھنجو چڱو خيال ڪندو هو. وڏو زمانہ شناس انسان هو. هر چرندڙ پرندڙ ماڻھوءَ جو لحاظ رکي، کيس راضي ڪري ڇڏيندو هو. ڪم ڪرڻ جو ڪوڏيو هو. مھماننواز اهڙو، جو بورچيخاني جي باھہ ڪڏهن ڪا نہ اجهاڻي. اوطاقون هر وقت آباد، ڪچھري قائم، ساريءَ دنيا جي هليءَ چليءَ کان با خبر. رعبدار صورت، ٻاهر ويندو تہ ڀڀڪيدار لباس، اٿڻي - ويھڻي اميراڻي، ڄاڻندو فقط سنڌي هو، پر لکپڙھہ نيڪال ڪيائين تہ ڄڻ ڪمان مان تير نڪري ويو. منشي اُڀي پيرين لکپڙهن جي گذارش ڪندو. پاڻ مختصر لفظن ۾ جواب يا حڪم لکرائيندو، ۽ لکرائيندو بہ اهڙيءَ طرح جو هڪڙي ئي جملي مان ڪيتريون معنائون پيون نڪرنديون. وقتاً فوقتاً ساڳيءَ تحرير کي جھڙو بہ ڦيرو کارائڻو پوندو، تہ بي محل نظر نہ ايندو. گهر ۾ گهڻو ڪري کٽ تي پلٿي ماري ويھندو هو. جسم تي سنھو ململ جو پيراهن، هيٺ گوڏ، مٿان جهلي پيئي هلندي. لانڍيءَ ۾ وارِي وڇايل هوندي، اندران ۽ ٻاهران پاڻي پيو ڇڻڪاربو.
پڇاڙيءَ ۾ حرن سان جهيڙو ڪيائين، کيس معلوم ٿيو تہ حر سندس مرڻ جي فڪر ۾ آهن. ڏانھن گاريون ۽ چئلينج چورائي موڪليائين. خيرپور شھر اندر تہ مٿس حملو ٿيڻ مشڪل هو، تنھنڪري حرن کيس شھر مان ٻاهر ڇڪي آڻڻ جي ارادي سان، وڃي ٿر ۾ ڌاڙو هنيو. ڌاڙي جي جانچ ۾ غلام رسول شاھہ، پوليس جو وڏو اٽالو ساڻ ڪري، وڃي واردات واريءَ جاءِ تي پھتو. سندس رهائش واري بنگلي تي سڄي رات سؤ کن هٿياربند سپاهين جو پھرو رهيو، پر صبح جي نماز وقت سھڻا سپاهي پھري تان لھي ويا. اهو وجهہ وٺي، سؤ کن حر، جيڪي ساري رات پاسي واري جهنگ ۾ ِلڪا پيا هئا، بنگلي تي حملو ڪري آيا. ٻنھي طرفن کان بندوقون هليون. ڪجهہ سپاهي مئا، ۽ ڪجهہ حر. گهڻن سپاهين بزدلي ڏيکاري. حر، شاھہ صاحب کي قتل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ان کان پوءِ ستت ئي حر تحريڪ کي ختم ڪرڻ جي ارادي سان انگريزن مارشل لا لاڳو ڪيو. بھرحال ميان غلام رسول شاھہ جي زندگيءَ جي ڪھاڻي ان خوني نقطي تي وڃي ختم ٿي.

سرائي ڏنل خان مرحوم

ڇا صورت، ڇا سيرت! اهڙن ماڻھن ڏسڻ لاءِ هينئر نيڻ پيا ِسڪن. پر اڄوڪيون مائر ڪٿي ٿيون ڏنل خان جھڙا پٽ ڄڻين؟
جڏهن منھنجو واقف ٿيو، تڏهن ستر کن ورهين جي ڄمار کي رسي چڪو هو، پر سندس هاٺي اڃا بہ رڪ مثل هئي. قداور، ڀريل جسم، اڇي سلوار، اڇو چولو، اڇي پڳ. ڪنھن سان ملاقات ڪرڻي هونديس تہ فراڪ ڪوٽ پھريندو. احوال شروع ڪندو تہ ڄڻ ماکيءَ جي لار پيئي وهي. ميرن جي خاندان جو بنيادي خدمتگار هو. ڌاريجو ذات جو هو. مير علي مراد خان جو زمانو بہ ڏٺو هئائين. سندس تربيت علي مراد جي ڪچھريءَ ۾ ئي ٿي. وڏا مير مري ويا تہ نوڪري ڇڏي خيرپور ۾ رهڻ لڳو. گذران لاءِ ڪافي زمين هيس. مانيءَ جو ملھہ هو. اوطاق سا پراڻي ۽ ڊٺل هونديس، پر ماني اهڙي آڻيندو جو گويا محلات جي رڌل آهي، آخر شاهي مھمانداريون ڏٺل هيس!
هڪ دفعي 1938ع ۾، آءٌ قائداعظم پاڪستان جناح صاحب سان گڏ اپر سنڌ جي دوري تي ويس، جڏهن جيڪب آباد پھتاسون تہ وقتي حڪومت جي ڀؤ کان اسان جا ميزبان بہ ڀڄي ويل هئا، نہ ڪنھن ماِنيءَ جي صلاح ڪئي نہ اجهي جي. چيٽ جا ڏينھن هئا، ڪانوَ جي اک ٿي نڪتي، مرحوم عبدﷲ هارون بہ ساڻ هو، ۽ ٻيا بہ ڪيترا مسلم ليگي تحريڪ جا ڪارڪن گڏ هئا. بکئي پيٽ سان پوئين پير موٽڻو پيو. مون ڏنل خان کي تار ڪئي تہ خيرپور اسٽيشن تي ماني آڻي ريل ۾ ڏئي. وقت ٿورو مليس، پر ماني ڇا آندائين! پلئٽفارم تي ديڳڙن جا ڊھہ لڳا پيا هئا. جڏهن گاڏيءَ ۾ آندائون، تہ سڄو فرش، سموريون سيٽون، ۽ سامان رکڻ وارا طاق بہ ڀرجي ويا! جناح صاحب جھڙي ڪم گو انسان جي واتان بہ تعجب جا اکر نڪري ويا. عبدﷲ هارون مرحوم کي چيائين: ”سيٺ صاحب، ڏسو، بک ۽ ڏک جو قدرت پڇاڙيءَ ۾ ڪھڙو نہ انعام ڏئي ٿي!“ مون ڏنل خان کي چيو تہ مٿي چڙهي اچي جناح صاحب سان هٿ ملاءِ، وراڻي ڏنائين: ”منھنجو جناح تون آهين، مون لاءِ اهو ڪافي آهي. هر ڪنھن جي هٿ ۾ هٿ نہ ڏبو آهي!“
سخن جو اهڙو سچو هو جو اليڪشن توڙي ڪنھن بہ ڪم جي باري ۾ جنھن سان بہ واعدو ڪندو، ان تان هرگز نہ ڦرندو، پوءِ ڀل واريون وير وهي وڃن، ۽ نہ وري ڪا لالچ ئي رکندو.
پنھنجي حاجت وٺي ڪڏهن نہ ايندو. مون سان تعلق واري زماني ۾، ڪڏهن ڪڏهن خيرپور جا وزير يا ٻيا ڪم حاج وارا ماڻھو کيس مون ڏانھن بطور سفارشيءَ جي موڪليندا هئا. انھن ڏينھن ۾ هي دستور شروع ٿيو هو تہ ماڻھو ٻاهران تہ سفارش ڪرڻ جو واعدو ڪري ايندا هئا، پر جڏهن سفارش جي گهڙي ايندي هئي تہ ڳالھہ ئي نہ ڪندا هئا ۽ ٻاهر وڃي ڪوڙ ڳالھائيندا هئا تہ ”سفارش زور سان ڪري آيا آهيون. صاحب چيو آهي تہ همدرديءَ سان غور ڪنداسين“ اها عادت ڏنل خان ۾ هرگز ڪا نہ هئي. جنھن جي ڪم سان چڙهي پيو، پنھنجي طرفان پڄاڻي ڪري ڇڏيندو، پوءِ کٽائنس ڀاڳ. چوندو هو تہ ماڻھو دوغلا ۽ بيحيا ٿي پيا آهن. زبان تي هڪ ۽ دل ۾ ٻي پيا رکن. دلاسو ڏيئي بہ دوکو پيا ڪن. ڪنھن جي حاجت روائي ڪري سگهجي تہ ڪجي، پر حاجتمند جي دل ۾ اجايون اميدون جاڳائي سندس تختو ڇو ڪڍجي؟
غريب هو. نہ تاريخ جي صفحن تي ڪو نشان ڇڏيائين، ۽ نہ سندس ياد قائم رکڻ لاءِ ڪنھن کي گهنٽا - گهر کڙي ڪرائڻ جي ئي ضرورت محسوس ٿي. پر جيڪڏهن داتا جي دفتر ۾ انسانن جي اعمالن، افعالن، نيتن ۽ لڇڻن متعلق ڪو رڪارڊ رهي ٿو، تہ ان رڪارڊ ۾، مون کي يقين آهي، ڏنل خان جو نالو سونھري اکرن ۾ لکيل هوندو، ۽ چوٽيءَ تي!

ملڪ شير دل خان مرحوم

پوليس جو ناظم هوندو هو. ڪوٽڙيءَ جي نومڙين جي سردارن جي خاندان مان هو. ورهين جا ورهيہ خيرپور ۾ رهيو. طبيعت جو ڏاڍو ٿڌو ۽ ديرينو هو. زندگيءَ ۾ ڪنھن کي بہ ڪو نہ آزاريائين. چاپئين ڏاڙهي هوندي هيس. هميشہ سنڌي لباس پھريندو هو. دائما مير صاحب جي سر جو، ۽ وقتي وزير صاحب جي اقبال جو خير گهريو. پنھنجي اوطاق ۾ ويٺو هوندو هو. نہ ڪنھن کي ڏيڻي، نہ ڪنھن کان وٺڻي.

شيخ محمد حفيظ ﷲ خان

امرتسر جي هڪ ڪشميري خاندان مان هو، شيخ محمد قادر جي اوائلي زماني ۾، ملڪ شيردل جي رٽائر ڪرڻ کان پوءِ، خيرپور ۾ ناظم پوليس ٿي آيو. هر صبح، يونيفارم پھري، سھڻي گهوڙي تي سوار ٿي، اچي وزير صاحب جي مجلس ۾ ويھندو هو. مردانہ صورت جو اعليٰ نمونو هو. قداور، ڀورو، اکيون آسماني، ڏاڙهي صاف، شھپر وڏا، موٽا، ۽ سخت رعبدار - ڪو نہ سمجهندو تہ ڪو ديسي ماڻھو آهي. جنھن وقت يونيفارم پھري، گيٽر ۽ لانگ بوٽ لڳائي، گهوڙي تي چڙهندو هو، تہ رستي ويندڙ ماڻھو حيرت ۽ دهشت وچان ديوار وانگر ساڪن ٿي بيٺا ڏانھنس نھاريندا هئا.

وڏيرو مير محمد خان گهمرو مرحوم

ميرن، اميرن، وزيرن، پيرن، درويشن، ڪامورن ۽ ڪامين جي قلمي صورتن ڏيڻ کان پوءِ، هڪ بنيادي زميندار خاندان جو نمونو پيش ڪرڻ پڻ ضروري آهي.
وڏيرو مير محمد خان مرحوم، ڀنڀي ديري(ڪيٽي مير محمد گهمرو) جو زميندار هو، ۽ گهمرا خاندان جو اڳواڻ. مدبر، عاقل، عالم، دورانديش، وڏي دماغ جو صاحب هو. فارسيءَ ۾ شعر چوندو هو، ۽ رسم الخط بيحد خوبصورت هوندو هوس. ٿورو ڳالھائيندو، گهڻي لھہ وچڙ ڪا نہ ڪندو، پر جا گفتگو ڪندو سا پڪي پختي، سوچيل ۽ سمجهيل هوندي. ڪنھن وڏيءَ حڪومت جي وزير ٿيڻ جي لائق هو.
زمينداريءَ ۽ راڄداريءَ جو ڪم وڏي وقار سان هلايائين. انھن ڏينھن ۾ وڏيرن جو ڪو خاص مانُ ڪو نہ هوندو هو، جيستائين ڪنھن وڏي عملدار يا ڪاموري سان خاص تعلق پيدا ٿئين ۽ ان جو اعتماد حاصل ڪن. مير محمد خان تنھا هڪ اهڙو زميندار هو، جنھن ڊوڙي وڃي نہ ڪنھن ڪاموري جي خوشامد ڪئي ۽ نہ ساڻس ڪو ڳوڙهو تعلق ئي پيدا ڪيو.
سخت احتياط سان هلندو هو، سوڙ کي ڏسي ئي پير سيريندو هو. نہ ڪنھن جي سٽ کي هٿ لائي، نہ پنھنجو پٽ ڦاڙائي.
سندس محتاط طبيعت جو عجب عالم هوندو هو. ٻيڙيءَ جي سواريءَ کان پرهيز ڪندو هو تہ متان ٻڏي پوي. خيرپور وڃڻو هوندو هوس تہ سڌو گهوڙي تي چڙهي، ٻيڙيءَ تي درياھہ اُڪري نہ ويندو. حالانڪ سندس ڳوٺ درياھہ جي ڪناري تي هو، ۽ ان رستي سان فاصلو فقط ويھارو ميل مس هوندو. ان جي عيوض هيءُ صاحب خشڪيءَ رستي مديجي يا نصرت اسٽيشن تي ايندو: اتانھون ريل ۾ سوار ٿي، سکر - روهڙيءَ کان ڦيرو ڪري وڃي خيرپور لھندو!
حلواڻ جي گوشت مان، ڪارن مرچن ۽ مکڻ سان رڌل ٻوڙ کائيندو، جيئن هاضمي کي نقصان نہ رسي ۽ نہ زڪام ئي ٿئي.
گهوڙي جي سواري ڪندو، پر ڏسي وائسي، نرم طبيعت وارو وهٽ کڻندو. گهوڙي جي اڳ ۾ هميشہ هڪ ٻہ ڪنجڪي ڊوڙندو هلندو.
پنھنجي حياتيءَ اندر گهر ۾ بندوق رکڻ نہ ڏنائين: متان بيخبريءَ ۾ ڪنھن جي هٿان ڇٽي پوي ۽ نقصان ڪري وجهي! انھن ڏينھن ۾ امن امان بہ اهڙو هو جو ڪنھن کي، بعد جي زماني وانگر، پنھنجي حفاظت جو پاڻ بندوبست ڪرڻو ڪو نہ پوندو هو.
اولاد سان مثالي محبت هوندي هيس. گهر کان ٻاهر وڃي تعليم وٺڻ ڪنھن کي ڪا نہ ڏنائين. ڳوٺ ۾ مڪتب قائم ڪيائين، جتي سندس ۽ شھر جا ٻار پڙهندا رهيا.
اوطاق ۽ گهر جون جايون هميشہ ڪکايون رکيائين، جيئن سم سيلاب ڪري پڪي ڀت کاڄي، اوچتو ڪنھن جي مٿان ِڪري نہ پوي!
گاسليٽ جي بتي ٻرڻ نہ ڏيندو، ڇو تہ ان جو دونھون صحت لاءِ نقصانڪار ٿئي ٿو، تنھن ڪري روشنيءَ لاءِ ميڻ بتي استعمال ٿيندي.
فوري ضرورت کي منھن ڏيڻ لاءِ طاقت جون دوائون هميشہ ساڻ رکندو - مثلاً خميرو، ياقوتي، موتين جو چاٽو، وغيرہ.
”دورانديشيءَ“ جي معاملي ۾ وڏيري محمد خان مرحوم کان مٿانھون نمبر فقط مرحوم ميان عبدالمجيد صاحب دريشاڻي (پرنسپال خيرپور هاءِ اسڪول) جو هو. سندس باري ۾ مون ماڻھن کان ٻڌو تہ جڏهن کيس پنھنجي ڳوٺان، يعني شڪارپور مان، خيرپور وڃڻو پوندو هو تہ سکر - روهڙيءَ واري پل هميشہ پيرين پنڌ اُڪرندو هو، ۽ نہ ريل ۾. انديشو هوس تہ مباداً ريل جي بار ڪري اوچتو پل ِڪري پوي، ۽ ريل ۽ پاڻ ٻئي درياھہ ۾ ٻڏي وڃن.
انھن ڏينھن ۾ رهڻيءَ ڪرڻيءَ تي انگريزي تمدن جو اثر پوڻ شروع ٿيو هو. درجو ٻہ درجا انگريزيءَ جا پڙهي، ڪن زميندارن ڏاڙهيون ڪوڙائي مڇون رکڻ شروع ڪيون، شلوار ۽ پيراهن کي ڇڏي، سوٽ ڪوٽ تي طبع آزمائي فرمائڻ لڳا. جن سوٽ نہ پاتا، تن بہ گهٽ ۾ گهٽ ڳچيءَ ۾ بو يا نيڪ - ٽاءِ ٻڌڻ، ۽ پير ۾، موچڪي جتي ڇڏي، انگريزي وضع جا بوٽ پھرڻ شروع ڪيا. پر مجال آهي جو مير محمد خان مرحوم نئين زماني جي هوا کي پنھنجي پاسي مان لنگهڻ ڏئي. مٿي تي ململ جي پڳ، جسم تي پيراهن ۽ صدري، هيٺ مناسب شلوار، پيرن ۾ اها ئي موچڪي جتي، ڪلھي تي ڳاڙهو دٻڪن سان وڏو رومال.
گراموفون جي پھرين مشين مون وڏيري مير محمد خان وٽ ڏٺي. انھن ڏينھن ۾ گوهر جان ۽ ”امير جان پاني پت واليءَ“ جا رڪارڊ خاص طرح مقبول هئا.

ميان عابد علي شاھہ ۽ ٻڍل شاھہ

سادات خاندان مان هئا، خيرپور شھر ۾ رهندا هئا، ميرن جا هم مذهب يعني شيعا هوندا هئا. مير صاحب سندن وڏي عزت ڪندا هئا، حتاڪ فوت ٿيل ميرن جا جنازا کڻائي ڪربلا معليٰ ۾ وڃي دفن ڪرائيندا هئا. زميندار هئا. وچ شھر ۾ اوطاق هوندي هين. رهائش ميرن جي طرز جي - ساڳيا شوق، ساڳيا شغل. رياست ۽ ٻاهر جي ڪيترن معززن جو ساڻن رستو هو، جيڪي اچي وٽن مھمان ٿيندا هئا، دل سان خاطر تواضع ڪندا هئا.
ميان عابد علي شاھہ مرحوم مون ڪو نہ ڏٺو، سائين ٻڍل شاھہ مرحوم سان البت ڪيترا دفعا ملاقات ٿي. مرحوم پير پريل شاھہ، پير ڳوٺ واري، ۽ پير سائين تراب علي شاھہ مرحوم، قمبر واري، جو خاص دوست هوندو هو. انھن جي معيت ۾ ٻہ - ٽي دفعا مان وٽس مھمان ٿيس. سڄو ڏينھن ميرن جون ڳالھيون ۽ انھن جي ڪچھرين جا قصا هوندا هئا. ان دوران ۾ هٿيارن، ڪتن، مرن، بازن، شڪارن، گهوڙن ۽ اُٺن تي بہ پيئي ٽيڪا ٽپڻي ٿيندي.
ٿوري خواهش، ٿوري ذميداري، چڱي اٿڻي، چڱي ويھڻي، نہ جهيڙو نہ فساد، نہ هل نہ هنگامو، آرام جي زندگي، اطمينان جو موت.

حڪيم غلام حيدر

شيخ قادر مرحوم جي زماني ۾ شاهي طبيب هوندو هو. لقمان ۾ رهندو هو. وضعدار پيرسن انسان هو. سندس ڊيوٽي هوندي هئي تہ علي الصباح گهوڙي تي چڙهي، گهر گهر جو دؤرو ڪري، مير صاحبن ۽ سندس اهلڪارن جون نبضون ڏسي ۽ بشرط ضرورت علاج تجويز ڪري. پنھنجي فن ۾ هشيار هو. عام طرح بي خرچيون دوائون تجويز ڪندو. پر قضا الاهي ڪو ڪارائتو مير صاحب بيمار ٿي پيو تہ هزارن رپين جي خرچ سان ياقوتي ۽ مفرحن جا نسخا تيار ٿي ويندا، جن ۾ قيمتي جواهرات، موتين، مشڪ، عنبر ۽ مغزيات جو، خاص سماق جي روهين ۾ رڳڙجي، شامل ٿيڻ لازمي هوندو، شربت، عرق، ماءُ اللحم ۽ ضماد، ِان اپرانڌ - غذا تي خاص خيال رکيو ويندو. کير، ڏڌ، مکڻ، بند. ڳائي، ماهي ۽ ريڍي گوشت جو تہ ڪو سوال ئي پيدا ڪو نہ ٿي ٿيو، پر آچار ۽ چٽڻيون بہ ختم. خوراڪ لاءِ فقط تتر جو ڪاري مرچ تي رڌل ۽ بصرن بدران ڦوٽي سان داغ ڪيل شوروو تجويز ٿيندو. انھن ڏينھن ۾ طبيبن جي ڪاميابيءَ يا ناڪاميابيءَ جي ڪسوٽي هيءَ هوندي هئي تہ هو ”قوت باھہ“ کي ڪيتريقدر زور وٺائي سگهن ٿا، ۽ سندن تجويز ڪيل ممسڪن، طلائن ۽ ليپن ۾ ڪيترو اثر آهي. اهڙو ڪو ورلي امير هوندو، جنھن کي ڪمزوريءَ جي شڪايت نہ هوندي. شڪايت صحيح هجيس يا نہ، پر سمجهندو ائين پيو تہ جيڪا قوت اڳ ۾ اٿس، سا بلڪل ناڪافي آهي ۽ ان ۾ لازماً واڌارو ٿيڻ گهرجي. بيفڪريءَ جا ڏينھن هوندا هئا، جنگيون ختم ٿي چڪيون هيون، انگريزن جو سايو سر مٿان هو، اٿاھہ جاگيرون، لکين آمدنيون، شيون سستيون، کاڌو پيتو پنھنجين ٻنين جي پيداوار، نہ ڪم نہ ڪار، پوءِ اميرن ڪبيرن کي ڇو نہ ”قوت باھہ“ جو فڪر ٿيندو؟ اهو ئي هڪ ميدان هو، جنھن ۾ ڌاريءَ حڪومت طرفان پورن آزادي يا سوراج عطا ٿيل هو ۽ ڪا دست اندازي ڪانہ ٿي ٿي. (واجد علي شاھہ، اوڌ جي آخري تاجدار، پنھنجي ڪتاب ”بني“ ۾ لکيو آهي تہ ڪلڪتي ۾ نظربنديءَ واري زماني ۾ بہ هو جڏهن گهري ٿو تہ هڪ ڏينھن اندر پنجاھہ - پنجونجاھہ عورتن سان همبستر ٿي سگهي ٿو. اهو هو ”مطمح نظر“ يا ”مقصد زندگي“ ان دؤر جي ڪن اميرن جو !)
ﷲ تعاليٰ ٻڌي هئي طبيبن جي. ننڍي وڏي طبيب وٽ ”خانداني“، ”صدري“، ”سينہ بہ سينہ ورثي ۾ مليل“ نسخا هوندا هئا، ڪم از ڪم دعوا تہ اها ئي هونديس. پوءِ فقط واسرين جا وات کلن تہ اهي ناياب نسخا جڙي راس ٿين! ڪڍ ناڻو تہ گهمين لاڙڪاڻو!
ان موذي مرض جي علاج ۾ مرحوم غلام حيدر کي ڪيتري دسترس حاصل هئي، تنھن جو پتو ڪو نہ اٿم، پر ايترو ضرور ڏسندو هوس تہ وڏا وڏا ماڻھو کيس اٿاري، ڪنڊ ۾ وٺي، وڃي ساڻس ”ڪنَ ڳالھيون“ ڪندا هئا.
هڪ موقعي تي کيس ناياب سونھري بندوق انعام ۾ ڏني ويئي، جا هلندي هلندي، مالڪ بدلائيندي، آخر اچي مون تائين پھتي آهي. ڪنھن وڏي قلعي سر ڪرڻ کان سواءِ کيس اهڙو انعام مليو هجي، سا ڳالھہ اعتبار جوڳي ڪانھي.

ڊاڪٽر راجا خان

خيرپور اسپتال جو ايلوپيٿڪ ڊاڪٽر هوندو هو. ورهين جا ورهيہ ان جاءِ تي قائم رهيو. چڱي عزت هوندي هيس. شريف انسان هو. ڪن ڊاڪٽرن واري لالچ ڪا نہ هيس. نيم نان، صحت جان. نہ ڪوڙا سرٽيفڪيٽ ۽ نہ ڪورٽن اڳيان وڃي، اونڌا يا پاسيرا رايا ۽ اظهار ڏيئي، بيگناهن کي ٻڌائڻ ۽ گنھگارن کي ڇڏائڻ.
جيستائين مرض ڪا خاص خطرناڪ صورت اختيار نہ ڪندو، علاج طبيبن جو پيو هلندو - پڙيون، گوريون، جلاب، ڪشتا، معجونون وغيرہ نازڪ حالت کان پوءِ ئي وڃي سڏ ٿيندو ڊاڪٽر راجا خان کي. انھن ڏينھن ۾ اڃا ايلوپٿيءَ ايڏي ترقي ڪا نہ ڪئي هئي، ۽ هاڻوڪي قسم جون مجرب پيٽينٽ دوائون ميدان ۾ ڪين آيل هيون. البت ڦٽ ڦرڙيءَ، زخم، سرجريءَ وغيرہ جي سلسلي ۾ ان وقت بہ ڊاڪٽرن جو مانُ هوندو هو.

سرائي حسو خان

ان زماني ۾ خاندانن جي خدمتگارن جا پڻ خاندان هوندا هئا. تعلق ۽ خدمت جو سلسلو پيڙهي بپيڙهي هليو ايندو هو. ڪنھن خدمتگار پنھنجي بنيادي آقا کي ڇڏي وڃي ڪنھن نئين ماڻھوءَ وٽ نوڪري ڪئي تہ ”نمڪ حرام“ سڏيو ويندو، ۽ ڪٿي بہ منھن ڏيکارڻ جي قابل ڪو نہ رهندو.
سرائي حسو خان (حسن علي خان) ميرن جو خانداني خدمتگار هو. پنھنجي زماني ۾ مير علي نواز خان جو ”مھتمم شڪار“ هو، شڪارين جو کاتو، ڏڦيرن (جيڪي زخمي مرن کي ڏڦا هڻي ختم ڪندا هئا) جو اٽالو، ڪتن ۽ ڪتائين جو انتظام، شڪار گاهن ۽ راکن جي رکپالي - غرض تہ شڪار متعلق جا بہ ڳالھہ هئي، سا سندس سپرد هئي. مير صاحبن جا ”ڪنَ“ هو. حسو خان جا ڳالھہ ٻڌائي، سا لوح محفوظ جي تحرير سمجهي ويندي، ڪنھن کي مجال جو سندس راءِ کي ريٽي!
شڪار ٽالپرن جو ڏاج هو. صبح کان رات تائين شڪار ۽ شڪار جا قصا. سوَن ميلن ۾ جهنگ رکيل هئا، جن کي مھاڙين ۾ وراهيو ويو هو. هر مھاڙيءَ کي لوڙهو ڏنو ويندو، جيئن جانور بند رهن، يا مقرر لوگهن منجها ئي ايندا ويندا رهن، تاڪ شڪارين کي جانورن جي هلچل جي خبر پوندي رهي. هر مھاڙيءَ تي راکا رکيل هوندا، جيئن ماڻھو ۽ ڍور کيچل ڪري جانورن کي ڀڄائي نہ ڇڏين. گهڻي وقت تائين تہ ٻاهرئين ماڻھوءَ کي مھاڙيءَ جي پاسي مان لنگهڻ جي اجازت ڪا نہ هوندي هئي. ۽ اهو جيل جي سزا جوڳو فوجداري ڏوھہ سمجهيو ويندو هو. جانور کي هيرائڻ لاءِ رستن تي ان ڇَٽيو ويندو هو، جنھن کي ”چَوڻ“ چوندا هئا. شڪاري اهڙا استاد هوندا هئا، جو کين هر جانور جو پتو هوندو - جي مرون آهي تہ وَڄ ڪيترا آڱر هوندس، ڦاڙهو آهي تہ سڱ ڪيتريون گيراٺيون ٿيندس. پيرو کنيائون، تہ وڃي جانور جي مٿان بيھندا.
اصلي شڪار ڪرڻ جا ڪيترا ڍنگ هوندا هئا. مثلاً، ”اوسر“ جو شڪار. جانور رات وڳڙي ۾ چرڻ لاءِ وڏو جهنگ ڇڏي ٻاهر پوکن ڏانھن ويندا. لڙيءَ رات کان پوءِ سندن واپس ورڻ جو ٽائيم ٿيندو. ان وچ ۾ شڪاري. ننڍو جهنگ وچ ۾ وجهي، وڏي جهنگ جي ٻاهران باهيون ٻارائي ڇڏيندا، جيئن جانور وڏي جهنگ ۾ لنگهي نہ سگهن ۽ وچئين ننڍي جهنگ ۾ ئي رهجي وڃن. ننڍي جهنگ ۾ هڪ ڪکائون کڏ(کڏڻو) ٺھيل هوندو، جنھن ۾ ڪرسيون پيل هونديون. کڏ جي چئني طرفن کان سنھا پها ڪڍيل هوندا، جيئن انھن پهن ۾ گهمندڙ جانور کڏ ۾ ويٺل شڪارين کي چڱيءَ طرح نظر ايندا رهن. صبح جي روشني ٿيڻ کان اڳ ۾، شڪاري سرڪي وڃي کڏ ۾ ويھندا. سج نڪتي پريان تڙَ شروع ٿيندي. ماڻھو ۽ ڪتا جهنگ ۾ ڪاهي پوندا. ماڻھن جو هاڙهاهو - باجهاڙو، ۽ ڪتن جون ڀونڪون ٻڌي، جانور کڏي طرف ڀڄڻ شروع ڪندا، ۽ شڪاري چونڊيو پيا بندوقون هڻندن. جيڪڏهن ڪو مرون زخمجي پيو تہ ڏڦير ڏڦا کڻي وڃي گهيرو ڪندس. هڪ ماڻھو وجهہ وٺي، مرونءَ جي پويان اچي، مرونءَ جي پٺيءَ کي سينو ڏيئي، هٿ وڌائي سندس اڳيون ٽنگون جهليندو، ۽ ٽنگان ڪڍي، پٽ تي ڪيرائي وجهندس. ان وچ ۾ ڏڦي وارا ڊوڙي ڪک ۾ ڏڦو هڻندس، ۽ ختم ڪري ڇڏيندس. اهو ڪم وڏيءَ بھادريءَ جو هوندو، ۽ ڏڦيرن کي چڱا انعام ملندا هئا.
شڪار جو ٻيو طريقو هوندو هو ”چُوڻ يا ٽامي وجهڻ“. شڪاري، وڏو جانور ڏسي، سندس رستي ۾ ان يا وڻن جون ڪچيون سٺيون ٽامون وڍي، بطور چوڳ جي اڇلائيندا. جانور واٽ ويندي اهو مال مفت ڏسي هرکجي پوندو. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ تہ کيس عادت پئجي ويندي، ۽ ايتريقدر هري ويندو جو چوڻ جي لالھانگري تي، شڪاري هرکائي، آڻي ڏينھن ڏٺي جو کڏڻي يا اوطاق جي سامھون بيھاريندس، ۽ شڪاري کٽ تان ويٺي بندوق هڻي ماري وجهندس.
ٽيون طريقو هوندو هو ڪتن ۽ پنجوڙن سان مرن کي ڦاسائڻ جو. پيرا کڻي، پھريائين جانورن کي جهنگ جي ڪنھن خاص ٽڪري ۾ هٿيڪو ڪندا. ان کانپوءِ هڪ طرف واڻ جا پنجوڙ هڻي ويندا، ۽ ٻئي طرف کان وڃي ڪتا ڇڏيندا. ڪتا جانورن کي ٻوڙن مان ڪڍي ٻاهر ڀڄائيندا. جانور ڀڄندي اچي پنجوڙ ۾ پوندا، ۽ ويڙهجي ويندا. شڪاري، پنجوڙ مان ڪڍي، ڪاٺ جي گاڏيءَ ۾ بند ڪندن، ۽ اتان آڻي ڪوٽ ۾ ڇڏيندن - (ان ڪم لاءِ خاص چوديوارون ٺھرايل هونديون هيون، جن کي ”ڪوٽ“ سڏيو ويندو هو). ڦاٿل جانورن کي ڪجهہ ڏينھن تائين کارائي پياري تازو ڪندا، ۽ ان کانپوءِ ساڻن ڪتن جي ويڙھہ ڪرائيندا هئا. وڏو تماشو لڳندو هو. ڪٽڪ ماڻھن جا اچي ڪتن ۽ مرن جي ويڙھہ ڏسندا، ۽ ڪيترن ڏينھن تائين، حالتن پٽاندر، ڪن خاص ڪتن يا مرن جون تعريفون ٿينديون رهنديون. ”واھہ جو ٻھڙو ڪتو وڙهيو، مرندي مري ويو پر مرونءَ جي ڪن مان وات نہ ڪڍيائين!“ - “ٻولاهو، ڪتو تہ نہ هو، پر واسينگ هو! هڪ ئي ڦوڪ سان سوئر جو ساھہ ڪڍي ڇڏيائين“- ”بگهڙ (ان وچ ۾ گوار جو لفظ هوندو) ڪا گذا (غذا) ڪا نہ ڪئي. ڏسڻ جو تہ شينھن هو پر هو اٽي تي چٽي. مرونءَ جي پھرئين ٻھڪاٽ تي ڪؤن ڪؤن ڪندو ويو!“
ڪي وري مرن جي طرفداري ڪندا – ”سائين، لنڊي جي همٿ تہ ڏسوّ! هڪ ئي رومڙ سان ڏهن ئي ڪتن کي ڪاٽا ڪري وڃي ٻاهر پيو!“ ٻيو چوندو:”لنڊي ڪھڙي گذا ڪئي“ بھادري تہ بوجري جي هئي. ڪتا ڪنن ۽ ٻوٿاڙي ۾ چنبڙيا پيا آهن. مير الهڏني سائينءَ واري بلٽري پويان ٻيرا لاهيندي ويس، پر مڙي ڇو ٿو- ساريءَ لوڌ جون لاکان لاهي ڇڏيائين!“ ٽيو چوندو: ”اجائي پيا ڳالھہ ڪريو. قد ۽ بت بہ تہ ڏسوس ها، ماڙو گڏھہ لڳو پيو هو. ستن آڱرن کان مٿي تہ وَڄ هئس. مھينن جا مھينا بيھي ميراڻو ان کاڌو هئائين. ڪتن ويچارن جو مقدار ڪھڙو! ميرالهڏني جا ڪتا بہ ڪي ڪتا هئا ڇا! سڀ لوسي هئا، گهٽين مان ڳولي آڻي لوڌ ۾ ٻڌو هئوِن. مير ٻڍل سائينءَ وارو رونجهو ڇڏينس ها تہ مرونءَ کي بہ ڪل پوي ها تہ ڪنھن ڪتي سان ڪم پيو آهي!“
مطلب تہ ڪيترن ڏينھن تائين اوطاقن، دائرن ۽ مڪانن ۾ بحث مباحثا ٿيندا رهندا. ڪڏهن ڪڏهن تہ اختلاف ڪندي ڪندي ماڻھو پارٽين ۾ ورهائجي ويندا، ۽ نوبت وڃي لٺ باٺي تائين پھچندي!.
رات جو جهنگ ۾ پاڻيءَ جي تلاءَ يا پئي تي ويھي جانورن کي مارڻ، يا پوک جي ڪناري تي کڏ(ڪودي) ٺاهي ويھڻ، وڏي شڪار جا ٻيا طريقا هئا. جهنگ ۾ گهمي، گهمندڙ جانورن کي مارڻ، ”گهوم جو شڪار“ سڏيو ويندو هو.
پکين جو شڪار، بندوقن کان سواءِ، بازن سان بہ ٿيندو هو. مير صاحبن کي بازن جو خاص شوق هوندو هو، جن جي پالڻ لاءِ بازدارن جو خاص محڪمو هوندو هو. هر مير وٽ ڪيئي باز ٻڌا بيٺا هوندا هئا. هڪ دفعي، شام ويلي آءٌ وڃي ڪوٽ ڏيجيءَ جي ٻاهران بيٺس. تقريباً جيڪو بہ ماڻھو شھر مان ٻاهر ٿي نڪتو، تنھن جي هٿ تي باز هو. بازن کي هواخوريءَ ۽ ورزش لاءِ کليل ميدانن ڏانھن ڪڍيو ٿي آيا. مون ڏٺو تہ هڪ ڪوٽ ڏيجيءَ جي شھر اندر هزارين منھين باز هوندا.
خيرپور رياست ۾ ڪيترن قسمن جا جانور هوندا هئا. خاص طرح سوئر، ڦاڙها، سينڌڙ هرڻ، ۽ ڪاريھر هرڻ(1) ، مير علي مراد خان جي زماني تائين تہ ٻيلا ئي شينھن (tigers) بہ هوندا هئا. مير صاحب پاڻ ايترا شينھن ماريا هئا، جو انھن جي کلن مان تنبو ٺھرائي، تحفي طور راڻي وڪٽوريا ڏانھن لنڊن روانو ڪيو هئائين. مير علي مراد جي ڏڦيرن جي بھادريءَ جي هيءَ حالت هوندي هئي، جو زخمي شينھن تي بہ حملو ڪري، ڏڦن سان ماري وجهندا هئس. اهو فن ٻئي ڪنھن بہ ملڪ ۾ ڪو نہ هوندو هو، ۽ نہ اهڙا بي جگرا، بھادر انسان. اوڻيھين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين، خيرپور ۽ سنڌ جي ٻيلن ۾ نہ فقط شينھن هوندا هئا، بلڪ ممون، ٻارهن سڱا ۽ چيتا بہ نظر ايندا هئا. اوڻيھين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ واھہ کوٽجي ويا. آباديون ٿي ويون، بندوقون عام جام ملڻ ۽ استعمال ٿيڻ لڳيون، ۽ ڪيترن قسمن جي جانورن جو نسل بنھہ ختم ٿي ويو.
ان کان اڳ، عرب سياح ابن بطوطه جي زماني ۾ سنڌو درياھہ جي ڪناري وارن جهنگن ۾ تہ گينڊا بہ رهندا هئا.
مير علي مراد خان ۽ ان کان اڳين ميرن جي شڪار متعلق انگريزن جي لکيل سفرنامن مان گهڻو احوال ملي ٿو. مير علي مراد خان جي شڪاري زندگيءَ متعلق ”لينگلي“ صاحب پنھنجي ڪتاب ۾ تفصيل سان احوال ڏنو آهي. مير علي مراد خان ساري زندگي سفر ۾ رهيو، ۽ شڪار جي پٺيان. انھن ڏينھن ۾ ميرن متعلق هيءَ چوڻي عام هوندي هئي تہ ”مير نصير خان رنگ ۾ (يعني عيش عشرت ۾)، مير سهراب خان جنگ ۾(يعني ملڪ هٿ ڪرڻ ۽ وڌائڻ ۾) مير رستم خان ڀنگ ۾ (يعني نشي پتي ۾)، ۽ مير علي مراد خان جهنگ ۾ (يعني شڪار ۾).“ علي مراد خان کان پوءِ بہ سندس جانشينن اها روايت قائم رکي، پر وقت جي لحاظ سان جيئن پوءِ تيئن گهٽتائي ٿيندي ويئي. مير “سانگيءَ” هڪ جاءِ تي شڪار کي ”ڏاڏاڻي ڪار“ ڪري سڏيو آهي:
”بندوقون هڻي ڪي هرڻ مارجن،
وري ڪا ڪجي پنھنجي ڏاڏاڻي ڪار.“
جهڙيءَ طرح مٿي عرض ڪري آيو آهيان، مير علي نواز خان جي شڪاري ڪاروبار جو مکيہ ڪار پرداز سرائي حسو خان هوندو هو. قوم جو شيخ هو. وڏي ڌاڪي سان رهندو هو. پنھنجن ذاتڀائي شيخن جي سرپرستي ڪندو هو. سندس زماني ۾، ڪٿان ٿو شيخن جو گهوڙو جهل ڏئي؟ ”شيخ“ ڪيتريقدر بہ بدصورت، سڪل سڙيل ِليکن کاڌل ڇو نہ هجي، پر سندس مڇ دائما مکيل ۽ مٿانھين هوندي. سرڪاري شڪار خراب ڪرڻ ۽ جانورن کي ٽاهڻ جي الزامن هيٺ، بيشمار ڳوٺاڻن جا خانا خراب ڪرائي ڇڏيندا. شڪار گاهن جي پسگردائيءَ ۾ رهندڙ، ڀؤ جا ماريل هاري ۽ ناري، مالدار، ڀاڳيا، مکڻ ۽ ماکيون، ڇيلا ۽ ڪڪڙ مٿن تي کنيو، شيخن جي پٺيان ڊوڙندا وتندا هئا تہ جيئن کين هر دم راضي رکيو اچن.
حسو شيخ جون پنھنجون اوطاقون ۽ پنھنجون ڪچھريون هونديون هيون. جت ساريءَ رياست جي ٻڌي - ڇڙي پئي نبرندي هئي. جنھن پاسي گشت تي نڪتو، لانڍيون لڳي وينديون، پاڻي ڇڻڪارجي ويندا، ڇيلا ڪسجي ويندا، ديڳيون چڙهي وينديون. جيڏانھن منھن ڦيرائيندو، ”جيئي حسن علي خان!... سرائي صاحب جي سر جو خيرّ!“ جا نعرا لڳي ويندا.
مير تہ مير هو، پر گهٽ حسن علي خان بہ ڪو نہ هو. چوڻي آهي: ”سائين تہ سائين، پر سائينءَ جو ڪتو بہ سائين!“

شعر، شاعري ۽ شاعر

مير علي نواز خان مرحوم پنھنجي جلاوطنيءَ واري زماني ۾ گهڻو وقت هندستان ۾ رهي چڪو هو، تنھنڪري کيس اڙدو شعر شاعريءَ سان ڳوڙهي دلچسپي پيدا ٿي پئي هئي.
”مير بشارت حسين زيدي“ نالي هڪ شاعر، ۽ بقول خود “نامہ نگار اخبارات”، اڳ ۾ ئي خيرپور ۾ رهندو هو ۽ ميرن سان وابستہ هوندو هو. اصل رهاڪو يو. پي. جي طرف جو هو. اڙدوءَ جي ڪنھن هفتيوار اخبار ڏانھن ميرن جي تعريف ۾ مضمون موڪلڻ کانسواءِ، قصيدا بہ لکندو هو، ۽ انھن قصيدن کي ڪئلينڊرن تي ڇپارائي ورهائيندو هو. شادي ٿئي يا مماتي، مير صاحب ڪو وڏو مرون ماري يا وزير صاحب جي ڪنھن ڪمشنر يا گورنر سان ملاقات ٿئي، زيدي صاحب جو نظم مڙيو ئي تيار هوندو.
ورهين جا ورهيہ خيرپور ۾ رهيو، ۽ معمولي مشاعري تي ميرن وزيرن جون تعريفون ڪندي مري ويو. مسڪين ماڻھو هو، سندس گذران جو ذريعو اهو ئي هو.
قصيدہ گوئي ڪو تنھا سندس گڻ ڪو نہ هو. ان مرض ۾ وڏا وڏا ماڻھو مبتلا هوندا هئا. مير فيض محمد خان جي زماني ۾ لارڊ لئمنگٽن، گورنر بمبئي، خيرپور ۾ آيو. ان موقعي تي شمس العلماء جناب مرزا قليچ بيگ صاحب مرحوم کان هيءُ قصيدو مرحبائي لکرائي مجلس ۾ پڙهايو ويو، ۽ مرزا صاحب پاڻ وڏي فخر سان اهو قصيدو پنھنجي ڪتاب ”رياست خيرپور“ (مطبوعہ فيض پريس، خيرپور، سال 1924ع) ۾ درج فرمايو آهي:
قصيدہ مرحبائيہ
اسان جو شل هجي ايڊورڊ شاهنشاھہ سوڀارو،
زياده هؤ سندس شل عمر ۽ اقبال موچارو،
رکي ٿو خلق کي سو خوش، رعيت کي سدا راضي،
رهي ٿو نت غريبن ۽ اٻوجهن تي سو ٻاجهارو.
آهي هر قوم کي آزادگي هر قسم جي حاصل،
ڪنھين کي ناھہ ڪنھن پر مذهب ۽ ملت جو مونجهارو.
عملدارن کي ان جي عدل ۽ انصاف جو سعيو،
ٿيو علم ۽ هنر خواھہ مال ۽ دولت ۾ واڌارو.
اگرچه ڪي ويا ڪن کان وڌي علمي فضيلت ۾،
نہ آهي پاسداري ڪا، نہ ٿيو ڪو ڪنھن تي ريسارو.
ڏسي هي عدل ٿيا عادل، رياست جا سڀئي والي،
هلائي حڪم حڪمت سان، وسايو ملڪ تن سارو.
الاهي اهڙي شاهنشاھہ کي قائم رکج دائم،
سدا شل هند تي چمڪي سندس اقبال جو تارو!
بجا لک شڪر آڻيون ٿا، لمنگٽن لارڊ صاحب جا،
بھادر جو گورنر بمبئي جو آھہ ناميارو.
“ ليڊي صاحبہ جا پڻ اسين ممنون سڀ آهيون،
جو آيو خيرپور ۾ پڻ سندس تشريف جو وارو.
اپر احسان پڻ ڪيا ڪمشنر صاحب بمع مئڊم،
“ پڻ پوليٽيڪل ايجنٽ، جو هت آهي هاڪارو.
خدايا، رک سدائين تون اهي صاحب اسان جا خوش،
ڪرم ۽ لطف تنھنجي جو ڍري شل تن مٿي ڍارو.
ڏسئون سک سھسن شل صاحب گورنر جي حڪومت ۾،
ٿئي شل بيڪسن جو ڪس ۽ بيچارن سندو چارو.
رهي پڻ مير سر فيض محمد خان سلامت شل،
جنھين تي اصل کان آهي اسان سڀني جو نت آرو.
رياست جو آهي والي، سندس درجو آهي عالي،
هميشہ خيرپور ۾ جنھن جي نالي نر هڻن نارو.
سڌارا ٿيا اتي بيحد، هي يارهن سال جي گذريا،
وڌيو ڏيڍوڻو آدم، ۽ ٿيو ٻيڻو ٻني ٻارو.
جڙيا رستا، پليون، مڪتب، ڌرمسالا، شفاخانا،
وري ٿيا واھہ جاري، جر وهي جن مان ٿو جالارو.
الاهي، عمر خضري ڏي اسان جي مير صاحب کي،
رهي شل آل ۽ اولاد سان خوش سو وڙن وارو!
اسان جون هي مرادون شال سڀ پوريون ڪري پرور،
دعا لئہ سڀ خدا ڏي هٿ کڻو يڪجا اوهين، يارو!

يارن ويچارن تہ سمورن هٿ کڻي گهڻيون دعائون پنيون، مگر ”عمر خضري“ ڪنھن کي بہ ميسر ٿي ڪا نہ سگهي. ٿوري ئي عرصي اندر، ايڊورڊ کان وٺي مير فيض محمد خان تائين، سڀ فوت ٿي ويا، مرزا قليچ بيگ صاحب جي قصيدي مان بھرحال، ان زماني جي ذهنيت ۽ رواجن جو پتو پوي ٿو. مرزا قليچ بيگ مرحوم انھن ڏينھن ۾ بہ ڪافي مرتبي جو صاحب هو، اعليٰ تعليم يافتہ، بنيادي خاندان، صاحب علم ۽ قلم، مگر ان هوندي بہ کيس وقتي حاڪمن جي تعريف ۽ توصيف ڪرڻي ٿي پيئي. ۽ جڏهن مرزا صاحب مرحوم جي مجبوريءَ جو اهو عالم هو تہ پوءِ مير بشارت حسين زيدي يا ”مولوي ميھر“ تي ڪھڙي ميار؟
خيرپور جي خود ميرن مان بہ گهٽ ۾ گهٽ ٻن صاحبن سان شعر منسوب ڪيو وڃي ٿو.
مير علي مراد خان لاءِ چوڻ ۾ اچي ٿو تہ هو فارسي شعر چوندو هو، ۽ هيٺيون غزل سندس چيل چوڻ ۾ اچي ٿو:
آه، دل از فراِق تو داماِن من گرفت،
پروانہ پيشِ شمع رِه انجمن گرفت.
پروانہ فراِق تو تنھا نہ سوخت دل،
بس، جان درين شرر گہ پروانہ تن گرفت.
در محفلي ڪہ شخص غمت ميزبان بود،
مھمان چڱو نہ روئي ازان انجمن گرفت.
در دور حسن روي تو اسلام ڪفر گشت،
داد از برهمني ڪہ صنم از ثمن گرفت.
تاتارِ زلف پرشڪنت چينِ رخ گرفت،
مرغِ دل از خطا رهِ ملڪ ختن گرفت.
در هيچ دين شنيد ڪہ از يڪ نگہ گناھہ،
برمن گذشت روز من بوالحزن گرفت.
رفتم بڪوي دوست دهم شرح ِاشتياق،
شوقش بگشت آتشِ دامانِ من گرفت.
جز هجرِ او نصيب نگشتم ”علي مراد“،
آن هم زمانِ عمر بہ يغما زمن گرفت.


”هيءُ بيت بہ مير صاحب جو آهي:

از خضابم نبود هيچ دلم را مطلب،
غرض آن است ڪہ آهو صفتان رم نڪنند.

مير علي مراد خان کان پوءِ جنھن ٻئي مير شعر شاعريءَ ۾ دلچسپي ورتي، سو مير علي نواز خان هو. اڳ لکي چڪو آهيان تہ هن صاحب هڪ ديوان اڙدوءَ جو (”گلدستہ ناز“ نالي)، ۽ هڪ سنڌي ڪافين ۽ ڪلامن جو ڪتاب (”خلوت عشق“) ڇڏيو. انھن کانسواءِ، عمر خيام جي رباعين جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، ۽ ان مجموعي کي “ميڪده ناز” جو نالو ڏنائين. ”ليليٰ – مجنون“ واري قصي کي پڻ منظوم ڪيائين. اهي ٻئي رسالا آب تاب سان ڇپارائي ملڪ ۾ وراهيا ويا.
جنھن زماني ۾ مير صاحب مرحوم جي خانگي زندگيءَ تي دشمنن حملا ڪرڻ شروع ڪيا، درباري مفڪرن صلاح پيش ڪئي تہ مير صاحب هڪ نئين مذهبي سلسلي جو بنياد وجهي، ۽ پاڻ ان جو امام بڻجي، جيئن عوام جو خيال سندس خانگي معاملن تان هٽجي وڃي ٻئي طرف لڳي. چنانچ، ان سلسلي کي ”دين ﷲ“ جو نالو ڏنو ويو، ۽ مير صاحب جي پنھنجي نالي ۾ هڪ تعارفي رسالو ڇاپي پڌرو ڪيو ويو. پر ”دين ﷲ“ ڪا ترقي ڪا نہ ڪئي. ”باليءَ“ سان شادي ٿيڻ بعد نڪتہ چيني گهٽجي ويئي، ۽ ان تناسب سان ”دين ﷲ“ جي ضرورت ۽ تحريڪ بہ.
سندس زماني ۾ گهڻا ٻاهريان شاعر خيرپور ۾ ايندا رهيا. ”سھا“ شاعر مون اکين سان ڏٺو. قد جو ڄامڙو هو، وڌ ۾ وڌ ٻہ اڍائي فوٽ. ڏاڙهي مڇ ڪا نہ، ڇوڪرو پيو لڳندو هو. سڌو کڙيءَ ڪرسيءَ تي بہ نہ ويھي سگهندو هو، ٻارن وانگر ٽپ ڏيئي ڪرسيءَ تي چڙهندو هو. ماڻھو چوندا هئا تہ مير صاحب کي شعر ٺاهڻ ۾ وٽانئس گهڻي مدد ملندي رهندي هئي.
”سھا“ کانسواءِ، حفيظ جالنڌري ۽ حڪيم احمد شجاع لاهوري بہ ڪجهہ وقت تائين خيرپور ۾ رهيا. حڪيم احمد شجاع جي جوانيءَ جو زمانو هو. اهل علم، اهل سخن، ۽ دل وندرائيندڙ مصاحب هو. مير صاحب جي قريب هو. پاڻ ۽ بالي، ٻيئي هم وطني هئا. ان زماني ۾ جيڪو بہ رستو خيرپور مان نڪرندو هو، تنھن جو ڇوڙ وڃي لاهور ۾ ٿيندو هو.
حفيظ جالنڌري ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ، خيرپور مان خارج ٿي ويو، ڇو تہ شاعرانہ مستيءَ ۽ موج ۾ هڪ نظم لکي وڌائين. جنھن متعلق ماڻھن سمجهيو تہ ان ۾ ”باليءَ“ تي شخصي جلھون ٿيل آهن. اها نظم ”حفيظ“ جي ڪلام جي هڪ مجموعي ”سوزو ساز“ ۾، ”ايڪ رقاصہ سي خطاب“ جي سرخيءَ هيٺ درج ٿيل آهي. ان نظم جي شروعات هن طرح ٿئي ٿي:

اٺھي هي مغرب سي گهٽا، پيني ڪا موسم آگيا،
هي رقص مين ِاڪ مہ لقا،
نازڪ ادا ناز آفرين:


هان ناچتي جا، گائي جا، نظرون سي دل برمائي جا،
تڙپائي جا، تڙپائي جا،
اي دشمنِ دنيا ودين!


نظم جي جنھن خاص حصي تي ملڪ اندر ممڻ متو، سو هيءُ هو:

تيرا ٿرڪنا خوب هي،
ليڪن ٺھر، تو ڪون هي،
ڪيا مشرقي عورت هي تو؟ تيري ادائين دل نشين،
او نيم عريان نازنين!
هرگز نھين، هرگز نھين!
تيري هنسي بي باڪ هي،
تيري نگہ چالاڪ هي....
-- وغيرہ وغيرہ.
اسان جي زماني کان ٿورو اڳ، خيرپور رياست ۾ ”پيرل“ نالي هڪ شاعر ٿي گذريو هو، جنھن جون ڪافيون اسان جي ڏينھن ۾ ڏاڍيون مقبول هونديون هيون. چوندا هئا تہ اصل ڌنار هو. اتفاقاً آٽيريءَ وارن صاحبن سان سندس مجاز ٿي ويو، ۽ ان مجاز جي باھہ جا اُلا، ڪافين جي صورت ۾ ڀڙڪا کائيندا، کيس ۽ پڻ ٻين دردآشنا دلين کي ساڙيندا ۽ ٻاريندا رهيا.
آٽيريءَ جو ڪوٽ، خيرپور کان پير ڳوٺ ويندي، رستي تي نظر ايندو هو. خستہ حالت ۾ مون پاڻ ڏٺو. اُها بيبي صاحبہ انھن ڏينھن تائين زنده هئي ۽ ان ۾ رهندي هئي مير گل حسن خان جو ديرو هئي.
پيرل مري ويو، بيبي صاحبہ جنت سڌاري، آٽيريءَ جو ڪوٽ ِڪري پيو، آسي پاسي جا سارا نشان ئي مٽجي ويا، مگر عشق جو اهو داستان اڄ بہ اهڙو ئي تازو آهي، جھڙو اوائلي ڏينھن ۾. سچ آهي:
حسن بي بنياد باشد، عشق بي بنياد نيست!
مولانا محمد صادق صاحب راڻيپوريءَ هڪ مرتبو پيرل کي راڻيپور جي هڪ سڪل کڏ جي ڪناري تي، اڪيلائيءَ ۾ ڪافيون ڳائيندي ڏٺو. مولانا صاحب جو چوڻ آهي تہ پيرل کي کار جا ڌوتل ٿلھا اڇا ڪپڙا پيل هئا، ڄٽڪو پڳڙ مٿي تي هوس، ننڍي ڪتريل ڏاڙهي، بنان يڪتاري جي ڳل تي هٿ رکي پئي ڳايائين.

“پيرل جي هڪ ڪافي، هت نموني طور ڏجي ٿي(1) .

سوَ ناز سان سينگارجي آيو ڪوهيارل ڀنڀور ۾.
اکين اَڻيون، دل کي وڻيون، منجهن ڌوڏ ڌتار جي.
ابرو گوش، ڪن ٿا ڪوس، سٽن سيف شڪار جي.
ڪيچين آندي ڪيچ کان، کٿوري هٻڪار جي.
سرهو سڀ ڀنڀور ٿيو، جھڙي بوءِ بھار جي.
سرتيون سکاڻيون ٿيون، سونھن پسي سردار جي.
هر ڪنھن وائي وات ۾، آهي يار، يار جي.
”پيرل“ پياس، اٿم خاص، دوست جي ديدار جي.
دوست پاڻھي دوا ڪندا، برھہ جي بيمار جي.

هينئر نہ اها خيرپور رهي آهي، نہ اُهي مير، ۽ نہ حسن علي خان جھڙا ناميارا ڪامورا. دنيا فاني آهي - رهي نانءُ ﷲ جو!

________________________________________
(1) سينڌڙ هرڻ يعني سنڌي هرڻ، ڪاريھر هرڻ ڪارو ٿئي ٿو، اهو راجپوتانا جي پاسي عام جام آهي.
(1) ”پيرل“ جي هيءَ ڪافي جناب مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب المولا“ کان ملي - ناشر

سکر

---

عام حال

سکر سان منھنجو سٻنڌ پراڻو آهي. اکيون پٽيم، هوش آيم، سکر سامھون ڏٺم. اُهو سکر ٻيو هو. نہ اڄوڪو گند، گوڙ ۽ گهمسان، نہ ايتري تنگي، سوڙھہ ۽ ماڻھن جو حال پريشان. ڇا نظارا هوندا هئا! ڪھڙا نہ مٺا ماڻھو منجهس رهندا هئا!
اچو تہ ”چؤچاڪيءَ“(1) ۾ چڙهي، پھريائين اُنھن ڏينھن جي سکر جو ڪجهہ سئر ڪري وٺون ۽ ساڻس واقفيت پيدا ڪريون. پنھنجي شئل جي شروعات ٿيندي بندر سان.
بندر جي بھار جو ڪھڙو سمان هوندو!
پڪو موڪرو رستو، پپر جا وڏا وڻ، جن جون چوٽيون پيون آسمان سان ڳالھيون ڪنديون، مٺي ڇانوَ، بيٺي پيئي ننڊ ايندي. هنڌ هنڌ سھڻا ساوا پارڪ، پاڻيءَ جون سبيلون، لئبرريون ۽ آرام ڪرڻ لاءِ بينچون، درياھہ ۾ ”اشنان“ واسطي ڏاڪڻيون نرن لاءِ جدا ۽ نارين لاءِ جدا، وچ ۾ ڀتين جا پلويڙا، جن مان نہ ديده بازيءَ لاءِ ٽنگن نڪرڻ جو امڪان، نہ مٿان ڪنھن جي ٽپي اچڻ جو خطرو - بنان شنڪا، بغير چنتا، جنھن کي وڻي، پيو پاڻيءَ ۾ تڙڳي.
براج واري پاسي کان، ڪاٺ مڏيءَ يا مساڻن وٽان هلبو.
اناج جي واپارين جون ڪوٺيون، تن جي آڳر ۾ ڇڻڪار- شام ويلي رستي تي صندل ۽ کٽون پئجي وينديون. سيٺيون، ڌوتيون پھريو، وڏا پيٽ ڪڍيو، کٽن تي پلٿي ماريو يا وهاڻن تي ٽيڪون ڏيو ويٺا هوندا. وچ ۾ چالو هوندي چلم، بڙڪو بہ پيو لڳندو، ۽ بزار جي واءَ سواءَ تي ويچار بہ پيو ٿيندو.
اڳتي هلنداسين، خانبھادر ميان پير بخش مرحوم جي جاءِ نظر ايندي. ميان صاحب، حال حيات، رستي تي محفل لڳايو، پاڻ مير محفل بڻيو ويٺو هوندو. سندس نشست هڪ ڊگهيءَ موڪريءَ ”بحق ميان صاحب مخصوص“ آرام ڪرسيءَ تي هوندي، جا سندس ساريءَ ڄمار اندر نہ بدلي، نہ مرمت ٿي. ساڄي طرف کان کڙين ڪرسين جي قطار، کاٻي طرف ٻہ کٽون. آيو ويو پيو ڍرندو. ڪجهہ ضلعي جا ڪليڪٽر جا حال، ڪجهہ ميان ڪرم علي شاھہ جي ناڪامين جا احوال، ڪڏهن ڪڏهن مقامي هندن جي دراز دستين جا، دٻيل زبان ۾ داستان. غرض تہ بندر واري هندو ڳڙھہ اندر اهو ئي هڪ ديندار، ديرو دمايو، نعرو لڳايو ويٺو هوندو.
قدم وڌايوسين تہ ”آزاد ميدان“، جنھن ۾ وقت جي وڏن وڏن ليڊرن ميٽنگون ڪيون. ِتلڪ ِاتي آيو، گانڌيءَ ِاتي ڳالھايو، نائڊو جا نغما ۽ نھروءَ جا نعرا اتان بلند ٿيا، اتي ئي ڪانگريس جي والنٽيئرن تي پوليس جون لٺيون ڪڙڪيون، ۽ انھيءَ ئي ميدان اندر هاريل رت جو ڪجهہ حصو هندستان جي آزاديءَ واري نقشي تي اوائلي لڪيرن ڪڍڻ لاءِ ڪتب آيو.
فرلانگ - ٻہ وڌانداسين تہ منزلگاھہ جي تاريخي ميدان سان دوچار ٿيڻو پوندو. ات انگريز حاڪمن درٻاريون ڪيون، وڏيرن انعام ورتا ۽ لونگيون پھريون. سامھون، وچ سير ۾، نظر پيو ايندو ساڌ ٻيلي جو آستان، جنھن ڏانھن ويندڙ ٻيڙين جو لنگر ميدان جي بلڪل سامھون هوندو. صبح کان لڙيءَ رات تائين ماڻھن جا ميلا هوندا.
وڌندي، وک وڌائيندي، بندر اسٽيشن ٽپندي، ميونسپل واٽر ورڪس ڇڏيندي، هلي رسنداسين لئنسڊائون پل تي. پل هيٺان پارڪ. پاسي ۾ بگين ۽ ٽانگن جو اسٽينڊ.
چو طرف گهورڙيا ۽ گاڏين وارا.
”هل يار! ٻين آنين سواري!“
”غريب آباد!.....غريب آباد!“
”جيئي شاھہ.....جيئي شاھہ!“
”ٿلھو!.... سيروءَ جو چونڪ!“
”هل يار! وڌ يار!“
”رک قدم تہ وڌي ڀرم!“
- ِاهي ڪوڪرا لڳا پيا هوندا.
اهو تہ هوندو پڪو راڳ. ڪچي گاني جا قسم هي هوندا:
”ڪلفي! نيڻ ٺار ڪلفي! سدا بھار ڪلفي...“
”ڦارهوان! ڦارهوان! مٺا ڦارهوان، سٺا ڦارهوان، من ٺار ڦارهوان،
موذيءَ مار ڦارهوان!.... ڦارهوان! ڦارهوان....“
”پئسي گلاس! ڍولڻ، پئسي گلاس! سڄڻ، پئسي گلاس!
پئسي گلاس، فس ڪلاس! پيئندو وڃ، جيئندو وڃ!...“
”گيھہ جا پڪوڙا! سوڪ، ڀرڪڻا پڪوڙا! اصل مال جا پڪوڙا، تازا پڪوڙا، چھرا پڪوڙا، چٻيندو وڃ، چپ چٽيندو وڃ!“
”ڪتل! مٺي ڪتل، ماکيءَ جھڙي ڪتل، مصريءَ مثل ڪتل، بڻائتي ڪتل، روهڙيءَ واري ڪتل! ڪتل، ڍولڻ، ڪتل! ڪجهہ کاءُ ڪتل، ڪجهہ گهر کڻ ڪتل!...“
لئنسڊائون پل کان موٽي، براج تائين، درياھہ جي ساريءَ ڀڪ سان، ڳاڻاٽي کان ٻاهر، ٻيڙيون، ڍونڍيون، زورقون،چار خراريون، چوڏهن خراريون، ويھہ خراريون، ٽيھہ خراريون، سنڌڻيون، پنجابڪيون، بھاولپور جون، لنگر هڻيو بيٺيون هونديون، ناکئا، تيل ڦليل ڪريو، مڇون مکيو، ويٺا آڳلن ۽ پاڇلين تي حقا ڇڪيندا. مايون ڪي مانيءَ رڌڻ ۾ مشغول، ڪي ساهيڙين کان ِسير ڏيارڻ ۽ سينڌ ڪڍائڻ ۾ محو، ڪي ويٺيون جنڊ هلائينديون، تہ ڪي ويٺيون اَن ڇڙينديون. جن کي هوندي لڳل لنوَ، تن جو هٿ مھريءَ ۾، منھن ”ميھر“(1) ۾، مٺ جنڊ ۾، اک ”چنڊ“(2) ۾:
”دست بڪار، دل بہ يار!“
منجهائن ڪي ”نوريون“(3) ، ڪي ڪوڙيون، پر وِرھہ واندي ڪا ورلي!
درياھہ ڀر ڇڏي، وٺو وچ شھر وارو رستو: شيخ شينھن رحمة ﷲ جي درگاھہ، چڪلي جو پاسو، فوجداري، مارڪيٽ، مناري واري چاڙهي، معصوم شاھہ جو منارو، تلڪ هاءِ اسڪول، ليوڪس پارڪ، منگل مالھيءَ وارو باغ، بجلي گهر ۽ ڪليڪٽر جو بنگلو لنگهندا، ريلوي لائين لتاڙيندا، وڃي جيئي شاھہ جي درگاھہ تي بيھندا. هر هنڌ ماڻھن جا مجموعا. شام ويلي، ٽڪر وارن رستن تي تہ خاص طرح ٽولا، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا.
”وڳر ڪيو وتن، پرت نہ ڇنن پاڻ ۾.“
اونداهيءَ وڳڙي چڪلي وٽان گذر ٿيندو تہ ڪھڙو نظارو ڏسندا! ڏسڻا وائسڻا ڪامورا ۽ وڏيرا، منھن تي بوڇڻ ويڙهيو، پيا چڪلي مان ٻاهر نڪرندا- تکا، تڪڙا، ڄڻ ڪمان مان تير نڪتو ٿو وڃي. خدا ڏسي تہ پيو ڏسي، پر واقف ماڻھوءَ جي نگاھہ نہ پوي!
ٻيو رستو سکر جي مين ريلوي اسٽيشن جي سامھون نڪري ريلوي ناچ گهر ۽ ڊاڪ بنگلي وٽان گذرندو، ليمجي چاڙهيءَ وٽان اچي وڏيءَ بازار ۾ پوندو.
وڏيءَ بازار جو چهچٽو بہ ڏسڻ وٽان هوندو هو. شيوي بوديءَ جي مڃارڪي دڪان تي اپر سنڌ جي وڏيرن جا ميلا لڳا پيا هوندا. هر قسم جي شي سوکڙي موجود هوندي هئي. شيون ڏسي وڏيرن جا وات ڦاٽي ويندا هئا. ”اصلي ولايتي مال“ پيو نڪرندو، ڇو تہ شيوي بوديءَ جو ديسي ۽ نقلي مال ۾ ڪو وشواش ڪو نہ هوندو هو. جي ڪو آيو، ڄڻ ڪاريءَ تي پير پيس. سيٺ شيوي مل جي پنھنجي صورت بہ ڏسڻ وٽان هئي. بيحد ٿلھو، هر طرف پکڙيل، ماس ئي ماس، ويٺي ويٺي وگهرجي ويو هو.
انھيءَ بزار جي پراڻي فوجداريءَ وٽ، آڏُو پساريءَ جو هٽ هو. اتي بہ ساڳيو ئي حال. ساريءَ سنڌ جي طبيبن ۽ پسارين کي دوائون سپلاءِ ڪرڻيون پونديون هيس. ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيھڻو پوندو، تڏهن وڃي ٿيندو هو نسخو تيار.
بزار جي ٻئي ڇيڙي طرف وڪيلن جون آفيسون هونديون هيون، درجنن منھين. جنھن در مٿان ڏسو، ڀڀڪيدار بورڊ آويزان هوندو – ”ديوان فلاڻو ولد ديوان فلاڻو بي. اي. ايل. ايل. بي.، بار ايٽ لاءِ هاءِ ڪورٽ ايڊووڪيٽ، وغيرہ وغيرہ“. گهٽين ۾ وڪيلن جا دلال(ٽائوٽ) پيا لامارا کائيندا. ٻھراڙيءَ جو ڪو ٻروچ نظر آين تہ هڪدم تاڙي ويندا. ڪاهي پوندس ڪڍ - “ميان، اسان جي ديوان جي توکي ڪھڙي خبر؟ مرليڌر وڪيل بہ ڪالھہ کانئس صلاح وٺڻ آيو. ٽيو ڏينھن يڪا چار ڄڻا ڦاهيءَ تان لھرائي ڇڏيائين. ڌاڙي ۽ ڦر جو ڪيس تہ سندس اڳيان ڊھہ ئي ڪو نہ جهلي، چوريءَ جي ڪيس کي تہ بنھہ چرچو پيو سمجهي! زوريءَ زنا جي هڪ ڪيس ۾ ٽيو ڏينھن اهڙي آڏي پڇا ڪيائين جو فريادڻ روئي ڏنو، ۽ جوابدار کلندو ويو! ڀڳل رنن کي بنگلي تي چاڙهي، وات وڪيل ٺھرائي، نڪاح جي منظوري وٺي ڏيڻ ديوان جي هٿ جو کيل آهي! پر وڪيل زبرو آهي، ڦي ڳوري وٺي ٿو، باقي اصيل وڃي ٻانھن سيراندي ڪري سمھي!“... کين خبر هوندي تہ جن ڪيسن جو هو بيان فرمائي ويا آهن، تن مان ڪنھن نہ ڪنھن ۾ ضرور خان واڌو ڦاٿل هوندو. ريبي ريبي نيٺ وڃي ديوان وٽ پيش ڪندس. باقي رهيل کھيل هوش ديوان صاحب پاڻ پنھنجيءَ ائڪٽنگ سان ختم ڪندس. غرض تہ ”منان مردم بلوش“ جزالن ۽ بقالن هٿان ساري ڦونگڻي ڦرائي، رهيل رقم جو واعدو ڪري، وڃي گهر سھڙندو.
هڪ دفعي انھيءَ وڪيلن واري محلي ۾ اچي باھہ لڳي. باھہ بہ باهين جھڙي، جنھن جاءِ تي آءٌ رهندو هوس، اوستائين شعلا نظر ٿي آيا، پاڙي ۾ هڪ وڪيل جو گهر هو، تنھن دانھن ڪري چيو:
”ميان راشدي، اٿ! ِڪيس ٿي ويو، تون پيو اڃا ننڊون ڪرين!“
”خير تہ آهي؟“
”خير وري ڪھڙو آهي، اسان وڪيلن جو سارو محلو پيو باھہ ۾ سڙي! نہ داد آهي نہ فرياد. اڃا تائين پاڻيءَ جي انجڻ جو بہ سونچو ڪو نہ پيو ٻڌڻ ۾ اچي!“
ٿلھي وٽ هندو هوٽلون، مشھور ۽ معروف. کاڌي جا شوقين پريان پنڌ ڪري بہ اچي ات کائيندا. پٽاٽي چاپون، گوشت جا ڪنڊا، ڀڳل تيوڻ، تريل پلي جا ٽڪر، وڙين جو ڳنڌڻ، دال جي ڪڙهي، چڀڙن جون ڪتريون، ميھن ۽ تورين، ڀينڊين ۽ بصرن جي ڀاڄي، پاپڙ ۽ پوريو، مکيل ڦلڪا، چٽڻي، آچار - مطلب تہ ”ڍولڻَ، جو گهرڻو ٿئي، گهري وٺ.“ کاڌو سٺو، پر کاڌي ڏيندڙن ۾ صفائي ڪانہ. ساڳين هٿن سان ماني ڪڍندا، ساڳين ئي هٿن سان پيا بغل کنھندا ۽ ڌوتي درست ڪندا. مسلمانن لاءِ چينيءَ جون پليٽون، هندن لاءِ پاتل يا پپر جي پنن جا دونا يا ڪٽ جا باسڻ. مسلمانن واريون پليٽون جدا رکيل هوندين، پر اهڙي ”ڀيد ڀاو“ جي باوجود بہ مسلمان گراڪ مکين جيان سٿيا پيا هوندا. وڃن، سو وڃن ڪاڏي؟ ”اسلامي“ هوٽلن جو کاڌو هضم ڪرڻ ۾ قدري ڏکيو ٿي لڳو. گيھہ بدران چرٻي، گوشت جو الزام ڇيڇڙن تي، ٻوڙ ۾ ٻڪن منھين مرچ، ۽ نانن جي ڇڪڻ ۽ چٻاڙڻ لاءِ رڪ جي ڄاڙي ۽ رٻڙ جون رڳون درڪار!
البت شڪارپور روڊ واري ميان عبدالرحمان جي چانھہ سا پيئڻ جھڙي هوندي هئي. ان جي خاطر ورهين جا ورهيہ ماڻھن جا ڳاِهٽ رهيا. هڪ دفعي پيتوَ، تہ ٻئي ڏينھن پاڻيھي ٻاڙ کڻندوَ. مون پاڻ ِپي ڏٺي. سبحان ﷲ! ڇا سواد، ڇا خوشبو، ڇا رنگ! ڪن سالن بعد ئي وڃي راز کليو تہ ان چانھہ ۾ ڏوڏيءَ جو ڪافي مقدار درج ڪيو ويندو هو... پر اوستائين ميان عبدالرحمان عملاً رٽائر ڪري چڪو هو!
وچ بازار ۾ هڪ ٻيو دڪان ميان عبدالخالق شڪارپوري بوٽن واري جو هوندو هو، جو صاحب مون سان خاص مروت ڪندو هو. پر بدقسمتيءَ سان هڪ واقعي ڪري اسان جي تعلقات ۾ ڪجهہ ڪشيدگي پيدا ٿي پيئي. اهو سال شايد 1922ع هو. بمبئيءَ جو گورنر، سر جارج لائڊ، سکر براج جو بنيادي پٿر رکڻ لاءِ سکر ۾ ساري صوبي جي درٻار ڪري رهيو هو. انھن ڏينھن ۾ براج ڪالونيءَ جو نانءُ نشان ئي ڪو نہ هو، ٺلھو ميدان لڳو پيو هوندو هو. ٻين سان گڏ مون کي بہ بطور اخباري خاطوءَ جي درٻار جي ٽڪٽ مليل هئي. سياري جي موسم هئي. درٻارين کي پرھہ ڦٽيءَ اچي درٻار ۾ ويھڻو هو. اڳئين شام تي لٽي ڪپڙي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويئي. ڏٺم تہ موجودہ بوٽ پنھنجي عمر طبعي اڳ ۾ ئي پوري ڪري چڪو هو. تنھن ڪري نئين ”شوز“ خريد ڪرڻ لاءِ ڪاهي اچي ميان عبدالخالق جي دڪان تي پھتس، سلام ڪلام خوش خيرعافيت بعد، بوٽن جي پادرن جا انبار لائي ڇڏيائين. هڪ پادر پسند آيو، پائي ڏٺم. قيمت طئہ ٿي، رعايتي ۽ ڪفائتي، ميان عبدالخالق، تڪڙو تڪڙو ٻيو پادر بہ باڪس ۾ بند ڪري، باڪس مٿان سڳو ويڙهي، پارسل بگيءَ ۾ رکرائي ڇڏيو. آءٌ خوش تہ خريداري ڪامياب رهي. ٻئي صبح اسر ويل ڪپڙا ڍڪي، ڍڪيءَ ۾ ئي درٻار ڏانھن روانو ٿيڻو هو، سٿڻ قميص پھرڻ بعد بوٽ جو پھريون پادر پاتم، ِفٽ ٿي ويو. پر ٻيو پادر کڻي پير ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪريان تہ پير پادر ۾ پوي ئي ڪو نہ! پادر ماپي ڏٺم تہ معلوم ٿيو تہ پويون پادر ٻہ نمبر ننڍو هو. مصيبت ٿي ويئي! منھن روئڻ جھڙو تارون خشڪ. اسر مھل بوٽ بدلجي تہ ڪٿان بدلجي؟ ۽ نہ وري گورنر جي درٻار ۾ اگهاڙين پيرين وڃڻ جو ئي ڪو سوال پيدا ٿي ٿيو. وڃجي تہ ڪيڏانھن؟ نيٺ، مولا مدد پڪاري اکيون بند ۽ دل پڪي ڪري زور سان پير پادر ۾ وڌم. ڪٻو ِٿي اندر لنگهيو، ۽ درٻار جو سارو وقت، يعني چار - پنج ڪلاڪ، ڪرنڊڙيءَ حالت ۾ رهيو، بنھہ سڪي سڙي ويو. پر درٻار جو شوق کڻيو بيٺو هو، ۽ ان جي تاريخي حيثيت جو احساس. جا ڪسٽي قسمت آندي هئي، سا نيٺ ڪاٽي وڃي ٻاهر پيس. شام جو ميان عبدالخالق وٽ شڪايت کڻي ويس. همدردي گهڻي ڪيائين، پر جنھن صورت ۾ اهو بدنام پادر ٿورو استعمال ٿي چڪو هو، تنھن ڪري واپار جي رولن ريگيوليشين مطابق دڪاندار لاءِ ان جو واپس وٺڻ بيقاعدي هو. ان ڏينھن کان وٺي ميان صاحب ۽ اسان جا ”ڊپلوميٽڪ تعلقات“ ٽٽي، هميشہ لاءِ ختم ٿي ويا. ﷲ تعاليٰ مون کي صبر جميل جي توفيق عطا فرمائي، ۽ ميان عبدالخالق کي پنھنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي!
سکر جون ٻيون خصوصيتون ۽ چونڊ سوکڙيون هونديون هيون:
ديش ڀڳت ويرومل بيگراج جي گانڌي ٽوپي، ۽ جيڪي ڪجهہ ان جي اندر سمايل هو.
ديوان ڀوڄسنگهہ جي ڊگهي ٽالپري ڪلھنگي.
خانبھادر ميان پيربخش مرحوم جي عصا.
سائين ڪرم علي شاھہ جو درٻاري لباس.
سائين ڪرم علي شاھہ کي ڏسي، عبدﷲ صاحب سجادہ نشين درگاھہ شيخ شينھن جي دل جو دورنگي دنيا تان هڪدم اچاٽ ٿي وڃڻ.
ديوان صاحبسنگهہ وڪيل جو هار سينگار ڪري، هڪ اک تي سونو مونوڪل لڳائي، گهڙيءَ پل ۾ ساري دنيا تي ڪاميابيءَ سان نظر ڦيرائي وڃڻ.
ريلوي ناچ گهر جو ناتال جي رات وارو رقص.
بليءَ ايڪٽريس جا، ”دردِ دل عرف ميٺي ڇري“ کيل ۾ گانا – ”روئي گي چپيڙ کائيگي، بلي!“
مولوي محمد شعيب صاحب جون مارڪيٽ واريءَ مسجد مان ٻانگون.
گل خان جي هوٽل جا نان - پاوا.
عبدالرحمان جي ڪڙڪ چانھہ.
درياھہ جا تازا پلا.
ساڌ ٻيلي جا ٿلھا متارا پر چوريءَ ڦاسايل کڳا.
برف ڇاپ جون ڪلفيون.
سکر واھہ جي پل وٽان صبح جو نظارو.
ٽڪر جي ٿڌي رات.
کرڙيءَ واري پوليس ٿاڻي جي مارڪٽ.

________________________________________
(1) ”چؤچاڪي“: وڪٽوريا قسم جون چئن ڦيٿن واريون بگيون سکر ۾ عام هونديون هيون، عرف عام ۾ ماڻھو ان قسم جي گاڏين کي ”چؤچاڪيون“ سڏيندا هئا.
(1) ميھر: يار يا سينڌو
(2) چنڊ: محبوب.
(3) نـُـوريون: جن ۾ ڄام تماچيءَ واريءَ نوريءَ جھڙيون وفاداريون ۽ نينھن نباهڻ جون خصلتون موجود هجن.

سرڳواسي ٽيڪچند ماکيجاڻي

وڏن ماڻھن، ليڊرن ۽ مالدارن کي ڪجهہ وقت لاءِ اکين کان ٽاري، اڄ آءٌ پنھنجن انھن سڄڻن ۽ ساٿين جي ياد ۾ ڪجهہ ڳوڙها ڳاڙيان ٿو، جن جي محبت منھنجي زندگيءَ کي معنيٰ بخشي ۽ برداشت جي قابل بڻايو.
پنھنجي حياتيءَ اندر، تجربي ۽ تحقيق ڪندي ڪندي، جا قيمتي حقيقت مون تي کلي آهي، سا هيءَ تہ سچيءَ محبت ۽ بيغرض دوستيءَ جي ڳولائن کي محلن ۽ ماڙين ڏانھن نہ، پر غريبن جي ڪکاين جهوپڙين ۽ مسڪينن جي شڪسته، مڪانن ڏانھن منھن ڪرڻ گهرجي. ماڙيون دغا ۽ دولاب، روڄ ۽ روڳ جو گهر آهن، مسڪينن جون ڀونگيون محبت ۽ وفاداريءَ، صفائيءَ ۽ سچائيءَ جو مرڪز! جي مارئيءَ جي دل آهي تہ پنھنجو مقام مارن جا پکا آهن، ٿوڳن ۽ ٿوهرن ۾، ۽ نہ عمر جي ماڙيءَ، باغن ۽ باغيچن ۾. دلين جو ڪوس ڪرائڻو آهي تہ هلو بنگلن ڏانھن. دلين کي ڌوئڻو آهي تہ ڳوليو اڌ اَڏيل آڏاڻا، اباڻن جا، پيٽ بکين ۽ انگ اگهاڙن اباڻن جا، آباديءَ کان پري، تمدن کان ڏُور، ِڀٽن جي ڀر ۾!
سرڳواسي ٽيڪچند ماکيجاڻي سکر ميونسپل جي جنرل لئبرريءَ جو لئبررين هو. اخلاق، ايمانداريءَ، سچائيءَ ۽ دوستيءَ جو مجسمو هو، ۽ پنھنجي مذهب جو ڪوڏيو. فرض جي بجاآوري ۽ دوستيءَ جو نيباھہ ڪو کانئس سکي. ديوان ڀوڄسنگهہ سندس لئبرري ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري هوندو هو. ڀوڄسنگهہ جي اهڙي عزت ڪندو هو، جھڙي پنھنجي پتا جي. سکر ۾ وبا پوي، طوفان اچن، بارشون ڪڙڪن، ۽ رستا واھہ ٿي ڇڙن، پر ٽيڪچند هر حال ۾ ڊيوٽيءَ جي مقرر وقت کان مڙيوئي پنج منٽ اڳ لئبرريءَ ۾ موجود هوندو، بيمار هوندو، نست ۽ ناتوان، پر جيستائين ڀوڄسنگهہ لکت ۾ موڪل منظور نہ ڪري، ٽيڪچند پاڻ کٽ تي کڻائي بہ اچي آفيس ۾ حاضر ٿيندو. لئبرريءَ جي ڪتابن کي اولاد ڪري ڀانئيندو. مجال آهي جو ڪنھن ڪٻٽ يا ڪتاب يا رسالي تي مٽيءَ ذرو رهجي وڃي!
پنھنجي ماتا ۽ پتا جي پيرن جي پيزار هوندو هو. مھيني جي پھرين تاريخ ساري پگهار آڻي سندن اڳيان رکندو. هو پنھنجن هٿن سان جيڪا خرچي ڏيندس، سا وٺي اچي دوستن ۽ يارن کي کارائڻ پيارڻ تي خرچ ڪندو. والدين اڳيان حرام جو بيحجاب ٿي ڳالھائي، يا سندن گفتي کي ڪو رد ڏئي. جو چون، سو صحيح ۽ سند طور پيش ٿيڻ جي قابل. ڏانھن پٺي ڏيئي ڪڏهن نہ هلندو. وڏي ڀاءُ جي موجودگيءَ ۾ محض مشڪندو بہ ڪو نہ. پاڻ کان وڏا گهر ۾ موجود هوندا تہ پنھنجي ڌرم پتنيءَ سان بہ نہ ڳالھائيندو. هوڏانھن هوءَ مائي بہ پنھنجي منھن تي لٽو ڏيئي پيئي هلندي. عام حياداريءَ جو هيءُ عالم، جو منھنجي واقفيت وارن پندرهن سالن اندر مون ڪڏهن بہ ڪو نہ ڏٺو تہ هن ڪنھن ڌاريءَ عورت ڏانھن ڇڙو اکيون کڻي بہ واجهايو هجي. عورت جو پاڇو پوندس تہ اکيون وڃي زمين ۾ کپندس. ڪنھن بہ انسان جي دل ڏکوئڻ پاپ سمجهندو. زيردستن کان خطا ٿي پئي ۽ پاڻ ناراض ٿيو، تہ سندس مک مان جي سخت کان سخت اکر نڪرندا، سي هي هوندا: ”ڀائي صاحب، پوءِ اها ڳالھہ تہ ڪا نہ ٺھي!“. مون کي يقين آهي تہ سڄي حياتيءَ ۾ ڪڏهن ڪوڙ ڪو نہ ڳالھايائين.
بدقسمتيءَ سان، 1930ع ڌاري ۽ ان کان پوءِ، سکر هندو - مسلم ڇڪتاڻ جو وڏو مرڪز بنجي چڪو هو. هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ پھرين پھرين نفاق جي جيڪا باھہ ڀڙڪي، ۽ جنھن باھہ پوءِ وڌي ساريءَ سنڌ جي سون ورهين جي شاندار تاريخ، روايتي پريم، مثالي تھذيب، بلڪ ماڻهپي کي بہ ڀسم ڪري ڇڏيو، تنھن باھہ جي پھرين چڻنگ سکر ۾ دُکي. شروعات 1929 -30ع ۾ ٿي، پوءِ ڏھہ سال دکندي رهي. آخر 1940ع ۾، منزلگاھہ مسجد واري سوال تي ڀڙڪو کائي اٿي، ۽ هزارن منھين انساني حياتين ۽ ڪروڙين رپين جي جائداد کي ساڙي ٻاري وڃي ٻاهر پئي.
1930ع واري هندو- مسلم فساد جي سلسلي ۾ ڪن تنگدل هندو مھاسڀاين مسلمانن خلاف ڪوڙا فوجداري ڪيس داخل ڪيا. جيڪو بہ چرندڙ پرندڙ، قومي ڪم ۾ مسلمانن جي خدمت ڪندڙ مسلمان ڏٺائون، تنھن کي جيل ۾ وجهائڻ جي ڪوشش ڪيائون. منھنجي پريس (”سنڌ زميندار“) جو مئنيجر، مرحوم نظر علي خان بہ سندن زد ۾ اچي ويو. مرحوم کان ٻيو ڪجهہ ٿي سگهي يا نہ، پر هندو - مسلم سوال تي تقرير ضرور ڪندو هو، ۽ سا بہ وڏي گرجدار آواز ۾، جيڪا هندو مھاسڀائي مھاشين جي ڪنن کي ڏاڍي ڳوري لڳندي هئي. مٿس ڪيس داخل ٿيو، ۽ الزام هي آيس تہ فساد واري ڏينھن، جنرل پوسٽ آفيس جي ٻاهران کلئي ميدان ۾، هن صاحب، ڀائي چوئٿرام جي پيٽ ۾ آر لنگهائي سندس پران پورا ڪرائي ڇڏيا. اهو قصو هو سڄو ڪوڙو، نظر علي خان، ۽ ڪنھن جو ساھہ وٺي؟ امير جان باورچي ڪڪڙ جو ٻچو وٺي ايندو هو تہ ان جي ذبح ٿيڻ بہ مرحوم اکين سان ڏسي ڪو نہ سگهندو هو. بھرحال، ڪيس داخل ٿي ويو ۽ ڪراچيءَ کان آيل سي. آءِ. ڊي. عملدارن سختيءَ سان جاچ شروع ڪري ڏني. نظرعلي خان جي پريشاني ڏسڻ جي قابل هئي.
اصل حقيقت هيءَ هئي تہ فساد واري ڏينھن آءٌ ۽ نظر علي خان مورڳو سکر هئاسون ئي ڪو نہ، اڳينءَ شام جو اسين ٻيئي ريل ۾ چڙهي لاڙڪاڻي هليا ويا هئاسون. پنھنجي غير حاضريءَ کي ثابت ڪرڻ لاءِ شاهد ڪٿان آڻيون، ۽ سي بہ غير مسلم، ڇو تہ ان وقت جي فضا اندر مسلمان ملزم جي فائدي ۾ مسلمان شاهد جي شاهدي خود بخود ڪوڙي سمجهي ٿي ويئي، ۽ تنھن ڪري بيڪار هئي، هينئر هندو شاهد اچن ڪٿان؟ شاهدي ڪيتريقدر بہ سچي ڇو نہ هجي، پر ڪھڙي هندوءَ کي مجال هئي جو پنھنجي جاتيءَ جي فائدي، پاليسيءَ ۽ آگيا خلاف لبڪشائي ڪري سگهي؟
جنھن ڏينھن اسين لاڙڪاڻي روانا ٿي رهيا هئاسون، مسٽر ماکيجاڻي اسان کي ڇڏڻ لاءِ ريلوي اسٽيشن تائين آيو هو، ۽ جيستائين ٽرين ڇٽي هلي، هو پليٽفارم تي موجود هو. ڪيس داخل ٿيڻ بعد ضرورت محسوس ٿي تہ مسٽر ماکيجاڻي اها شاهدي اچي پوليس اڳيان ڏئي. پر ماکيجاڻي هندو هو، ۽ مسٽر نظر علي خان جي نظر ۾ ڪٽي قسم جو، ڇو تہ ساڻس گفتگو جي دوران هو صاحب هميشہ هندو ڌرم جي اصولن جي چڱائيءَ جو شرح ۽ بيان ڏاڍي زور سان ڪندو رهندو هو. اهو سچ هو تہ ماکيجاڻيءَ جو پنھنجي ڌرم سان ڳوڙهو پريم هو، سندس ايمان هو تہ هندو ڌرم ۽ ڌرمي ريتن رسمن ۾ اهڙي ڪا بہ شي ڪا نہ هئي، جنھن جو بنياد عقل ۽ انسانذات جي فائدي تي رکيل نہ هجي.
مسٽر نظر عليءَ جي نااميديءَ جي باوجود، مون وڃي ماکيجاڻيءَ سان سندس شاهديءَ جي ڳالھہ ڪڍي. ٻڌندي ئي تيار ٿي بيھي رهيو. چيائين:
”آءٌ سچ چوڻ کان ڪڏهن ڪو نہ پوئتي پوندس!“
”پر ان مان هندو قوم ۾ تنھنجي خلاف ڏاڍي ناراضگي ڦھلبي.“
”سچ تہ بيٺو نچ!“
”تنھنجي پتا منع ڪئي تہ پوءِ؟“
”منھنجو پتا سچو هندو آهي. پنھنجي پٽ کي ڪوڙ ڳالھائڻ تي هرگز ڪمپيل(مجبور) نہ ڪندو.“
”جيڪڏهن جنرل لئبرري ڪاميٽيءَ جي ”ڪافرن“ توکي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو تہ پوءِ؟“
”مسٽر راشدي، اهائي تہ زور آوري پيا ڪريو. ڪافر ڪنھن کي نہ چئجي. ڪافر ڪو بہ ڪو نہ آهي. سڀ ڌڻيءَ جا ٻانھا آهن. ڌڻي چڱو، تہ ٻانھا بہ چڱا. نوڪري کسيندا تہ ڇا ڪري وجهندا؟ رزق جي جوابداري انھيءَ مالڪ تي آهي. جنھن پيدا ڪيو آهي، تہ نپائيندو بہ اهو.“
ان کان پوءِ هڪ ڊگهي تقرير ڪيائين، جنھن جي دوران ۾ سکمني صاحب ۽ ٻين هندو پستڪن جا بيشمار ٽڪرا بطور ثبوت جي پيش ڪندو ويو.
آخر انڪوائري آفيسر اڳيان اچي شاهدي ڏنائين، ۽ مسٽر نظر علي خان جي جان ڇٽي.
سرڳواسيءَ جي سادگيءَ ۽ اسان سندس دوستن جي پرڪاريءَ جو هڪ واقعو ٻڌو.
آءٌ مٿي لکي چڪو آهيان تہ هو صاحب ڌاريءَ عورت جي پاڇي کان بہ بيزار هوندو هو. هڪ دفعي اچي اسان کي شرارت سجهي.
مون چيومانس: ”فلاڻي ڇوڪري توتي ڇڪن ٿي پيئي آهي. تون کيس ڪو منھن ڪو نہ ٿو ڏين. پرماتما وٽ ڪھڙو جواب ڏيندين؟“
پرماتما جو نالو ٻڌي ڏڪي ويو، ۽ چيائين: ”پر پرماتما جي ئي آگيا آهي تہ پنھنجيءَ ڌرم پتنيءَ سان سچا رهو!“
”جيڪڏهن پرماتما جي اها مرضي هجي ها تہ پوءِ توکي اهڙو حسن ڇو ڏئي ها، جيڪو هر ڏسندڙ ڇوڪريءَ کي ساڙيندو ٻاريندو رهي ٿو؟ قادر جو ڪو بہ ڪم چڱي مطلب کان خالي نٿو ٿئي.“
سندس ظاهري صورت معموليءَ کان بہ ٿورو گهٽ هوندي هئي، پر اسان جي يقين ڏيارڻ تي خاطري ٿي ويئي هيس تہ پاڻ واقعي حسين آهي. مٿيون جملو ٻڌي، پنھنجي ڪرسيءَ تي کڙو ٿي ويھندو. پتلون جي ڪريز ۽ ٽاءِ کي درست ڪري، منھن تمام ڳنڀير بڻائي، چوڻ لڳندو:
”مسٽر راشدي، مان اوهان جي راءِ ڪو نہ ٿو ريٽيان، پر انھن ڪمن ڪرڻ سان تہ مورڳو ڌرم ڀرشٽ ٿي ويندو.“
”ڌرم عشق آهي، ۽ عشق ڌرم آهي. دل ۾ عشق ۽ عشق جو درد نہ هوندو تہ ڇڙيءَ جسماني تپسيا سان ڌرم ڪھڙيءَ طرح درست ڪري سگهبو؟“
”اسان جي پستڪن ۾ بہ اهو ئي لکيل آهي. پر ماڻھو عشق تہ پنھنجي ڌرم پتنيءَ سان بہ ڪري سگهي ٿو؟“
”اهو تہ ٿيو تنھنجي عشق جو نمونو، جو اصولاً بلڪل صحيح آهي، پر هن غريب ڇوڪريءَ کي جو اچي لڳو آهي عشق، تنھن جو علاج ڪھڙو ٿيندو؟ جي هوءَ ِان عشق ۾ مورڳو مري وڃي تہ پوءِ ان جو بنبال ڪنھن تي پوندو؟....پوءِ تہ ڄڻ تون خوني ٿي پئين! ۽ اوهان جي شاسترن ۾ تہ شايد اهو بہ لکيل آهي تہ جيوَ هتيا نہ ڪجي!“
”مون کي پڻ اهو ويچار ٿئي ٿو. جڏهن کان اوهان ڳالھہ ٻڌائي آهي، پورو روٽيءَ ٽڪر بہ ڪو نہ ٿو وڻيم. جيڪڏهن اوهين چئو تہ مان پنھنجي ڌرم پتنيءَ سان بہ صلاح ڪريان! نيٺ زالون زالن جو کاڄ آهن، مانَ ڪو گر ٻڌائي؟”
“تنھنجي مت ته، ديوان صاحب، ويئي آهي بنھہ مارجي. جي مائيءَ کي وڃي اها خبر ٻڌائيندين ۽ کانئس مشورو ۽ موڪل وٺندين، تہ موڪل موڪل جي جاءِ تي، توکي بہ موچڙا هڻي گهرکان ٻاهر ڀڄائي ڇڏيندي، ۽ تنھنجي پتا کي بہ وڃي خبر ٻڌائيندي. ساڳئي وقت، اسان، تنھنجي سچن دوستن جي ريپوٽيشن پڻ خواھہ مخواھہ خاڪ ۾ ملي ويندي!“
اسان جو هڪ ٻيو دوست هوندو هو – ”ريمنگٽن“ ٽائپ رائٽر جو مقامي ايجنٽ، مسٽر ٽينڊن. اصل يو. پيءَ جو رهاڪو هو، سخت تيزفهم پر بيرحم، تنھن ان فرضي ڇوڪريءَ جي نالي ۾ هڪ درد ڀريو خط جرئت ڪري مسٽر ماکيجاڻيءَ جي ائڊريس تي ٽپال ۾ وجهي ڇڏيو. ان خط ۾ اظھار محبت بعد اهو بہ دڙڪو ڏنل هو تہ ”جيڪڏهن فلاڻي ڏينھن، فلاڻيءَ جاءِ تي تون اچي مون سان نہ ملندين تہ آءٌ سڌو روهڙيءَ واريءَ پل تان وڃي پاڻ درياھہ ۾ اڇلائينديس ۽ آپگهات ڪنديس! مرڻ کان اڳ هڪ خط تنھنجي پتا ڏانھن ۽ ٻيو تنھنجيءَ زال ڏانھن بہ روانو ڪري ڇڏينديس، جنھن ۾ لکيل هوندو تہ تون منھنجي ڌرم ڀرشقٽ ڪرڻ بعد مون ساڻ پنھنجا واعدا نہ پاڙيا، تنھنڪري آءٌ دنيا ڇڏيو ٿي وڃان!“
هڪ روز منجهند جو پري کان ڏسان تہ مسٽر ماکيجاڻي ڀڳو ٿو اچي. ڊنل، گهٻرايل، پگهر ۾ ڀريل - اچڻ سان آرام ڪرسيءَ تي ڊهي پيو ۽ منھن تي رومال وجهي روئڻ شروع ڪري ڏنائين. آءٌ حيران، پريشان، تہ آخر ڪھڙي مصيبت اوچتو مٿانس نازل ٿي آهي. اڃا صبح جو تہ وٽانس ٿي آيو هوس. ٽينڊن جي شرارت جو اوستائين مون کي ڪو پتو ڪو نہ هو.
حڪم ڪيائين: ”ماڻھو ٻاهر ڪڍ!“ تعميل ڪيم. ايتري ۾ ٽينڊن جو سندس پيرو کنيو ٿي وتيو، سو بہ اچي مٿان سھڙيو. مون ماکيجاڻيءَ کان پڇيو تہ حڪم هجي تہ ٽينڊن کي بہ ٻاهر ڪڍان؟ چيائين، ”نہ نہ، ٽينڊن تہ پنھنجو ڍولڻ ياڙ آهي، عقل بہ گهڻو اٿس، ان جي ِبرين (Brian) جو فائدو وٺڻو آهي!“
ٻيو حڪم ٿيو: ”در بند ڪراءِ!“ در بند ٿيا.
درين جا طاق ڏياري ڇڏ!“ اٿي طاق ڏنم.
”بجليءَ جي پکي جي چيئون - چيئون بند ڪر! ڊسٽرب ڪندو!“ پکو بند ٿيو.
ان کان پوءِ، خط کيسي مان ڪڍي مون کي ڏنائين. هيڏانھن مون خط پڙهڻ شروع ڪيو، ۽ هوڏانھن ماکيجاڻيءَ جي اکين مان ڳوڙها ڳڙڻ لڳا: اکيون مٿي کڻي، مون ڏانھن ڏسي، ڳوڙهن جي لڙي ڌرتيءَ تائين پڄائي، وري اکيون بند ڪري، ڪنڌ هيٺ لاڙي، گوڏن تي پيو هٿ هڻي. هوڏانھن ٽينڊن، خط سڃاڻي، تير نشان تي پوندو ڏسي، پنھنجو منھن ڪومائي، سر تاپا سوال جي صورت بڻجي ويھي رهيو. خط ڏسندي ئي آءٌ سمجهي ويس تہ اها حرڪت ڪنھن جي آهي.
پاڻ پڙهي، خط ٽينڊن کي ڏنم، ٽينڊن خط جا پھريان ٻہ جملا ڏسندي ئي زور سان اڇنگار ڪئي. هيڏانھن ماکيجاڻي اڇنگار ڪڍي، هوڏانھن ٽينڊن اٿي ٻانھون وڌايون، ۽ هيڏانھن ماکيجاڻيءَ وڌي ٻانھون ڊگهيون ڪيون.....ٻئي ڀاڪرين پئجي ويا، ۽ اڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳا! ٽينڊن ڌرتيءَ تي ِڪري پيو ۽ پنھنجي ٻکَ ۾ ماکيجاڻيءَ کي بہ هيٺ کڻيو ويو. هينئر ڏسان تہ ٽينڊن ۽ ماکيجاڻي، ٻئي پيا ڌرتيءَ تي ڦٿڪن!
گهڙيءَ کان پوءِ ٽينڊن کڻي اکيون ٻوٽيون، ڄڻ تہ بيھوش ٿي ويو آهي. سندس واتان روڄ جو آواز بند ٿي ويل ڏسي، ماکيجاڻيءَ ڪرَ کڻي ڏانھنس نھاريو. اڳئين کان وڌيڪ زور سان اڇنگار ڏيئي، دانھن ڪيائين: “تون اڃا ويٺو ڏسين! ويچاڙي کي ڏندڻ پئجي ويا آهن! پاڻيءَ لوٽو کڻ، منھن تي وجهينس ۽ ڏندڻ ڀڃينس!“
مون کي اهي ِانسٽرڪشن ڏيئي، پاڻ وري اکيون ٻوٽي رودن ۾ مشغول ٿي ويو.
هينئر جي آءٌ ِکلان ٿو تہ ماکيجاڻيءَ جي دل کي صدمو رسي ٿو. جيڪڏهن اصلي حقيقت ظاهر ڪريان ٿو تہ گاهي اعتبار نہ ڪندو. ظالم ٽينڊن توڙ جي سٽي هئي، لاچار، اٿي پاڻي ڀري آيس، ۽ ڏندڻ ڀڃڻ لاءِ نظر علي خان مرحوم جي کٿل ٽوٿ برش جي ڏانڊي هٿ ڪيم. پاڻيءَ جو لوٽو کڻي ٽينڊن جي منھن ۽ ڪپڙن تي نايم. تڏهن بہ سندس ڇند قائم! آخر برش جي ڏاٽي زور سان وٺي وات ۾ لنگهائيمانس اکيون پٽي، اشارو ڪيائين تہ ”ان کان بچاءِ!“ ٻن - ٽن منٽن کان پوءِ، پاسو ورائي، ماکيجاڻيءَ ڏانھن نھاريائين. ماکيجاڻي هر اکيون کولي ۽ هر بند ڪري - ٻنھي حالتن ۾ سندس سڏڪا چالو! ٽينڊن هٿ ڊگهو ڪري پاڻيءَ جو ٻيو ڀريل لوٽو مون کان ورتو، ۽ وٺي ماکيجاڻيءَ جي مٿي ۽ جسم تي اڇلايائين. مون کي هڪل ڪيائين: ”ماکيجاڻيءَ تي اڃا بہ پاڻي وجهہ، مبادا سندس هارٽ فيل ٿي وڃي!“ مون ٻيو لوٽو ڀري آڻي ڏنس. وري بہ ماکيجاڻيءَ تي وڌائين. غرض تہ پاڻيءَ ۽ گپ ۾ ٻنھي جا سوٽ ڀرجي ڇوڙو ٿي پيا. سندن پنھنجن منھن ۽ مٿن جو حال تہ ان کان بہ ابتر هو.
اڌ - مني ڪلاڪ بعد ٽينڊن پاڻ بہ اٿيو، ۽ ماکيجاڻيءَ کي بہ اٿاري، سڌو ڪري وري آرام ڪرسيءَ تي ويھاريائين. مون کي چيائين: ”آءٌ هاڻ گهر ڪو نہ ويندس. منھنجي زال ۽ ڀاتي ڇا چوندا تہ ڪٿان آءٌ سوٽ ۽ پنھنجو مٿو خراب ڪرائي آيو آهيان! مون کان ڪوڙو جواب ڏنو ڪو نہ ٿيندو. جي سچي ڳالھہ ٻڌائيندس تہ منھنجي دوست جي بدنامي ٿيندي. خدانخواسته، سڀاڻي جيڪڏهن اها ڇوڪري وڃي آپگهات ڪري ۽ پوليس - جانچ شروع ٿئي، تہ هيءُ واقعو اسان کي ملزم ثابت ڪرڻ لاءِ بلڪل ڪافي ٿيندو!“
مسٽر ماکيجاڻيءَ بہ فرمايو: ”ڪوائٽ رائٽ! پوءِ تہ ”سِٽوئيشن“ سچ پچ ”ڊپليڪيٽ“ ٿي پوندي!“
قصو ڪوتاھہ - ٽينڊن ماکيجاڻيءَ کي وٺي وڃي اندرينءَ ڪوٺي ۾ ويٺو. پنھنجو بہ سوٽ لاٿائين، ماکيجاڻيءَ جو سوٽ بہ لھرايائين. اهي کڻي وڃي مون وڌا سڪڻا. پاڻ انگوشا ٻڌي ويھي رهيا. مون ٽينڊن کي پاسي ڪري چيو تہ ”خدارا هاڻي وڌيڪ بدمعاشي بند ڪر، نہ تہ ماکيجاڻي غريب جو خون ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو!“
”هائو، پر پھرين شربت، ماني، ميوو آلو ۽ سڪو کاراءِ - ورنہ رات تائين ماکيجاڻيءَ کي ِهت ويھاري ويٺو هوندس! ٻي ڳالھہ تہ کانئس بک هڙتال بہ ڪرائيندس، تہ جيئن سندس عاشق ڇوڪريءَ جي دل ڀڄي پوي ۽ پنھنجو ضد ڇڏي ڏئي... پوءِ تہ تنھنجو ماکيجاڻي سچ پچ مري ويندو!“
مجبوريءَ وچان، جا بہ شي طلب ڪيائين، سا آڻي موجود ڪيم. کائي ِپي، سوٽ سڪائي، نئين استري ڪرائي، روانو ٿيڻ لڳو. وڃڻ کان اڳ مشورو ڏيئي ويو تہ ”ڇوڪريءَ جي ڏسيل جاءِ تي ماکيجاڻيءَ پاران راشدي وڃي، ۽ وڃي ڇوڪريءَ کي سمجهائي ان ارادي تان باز آڻي.“
ان وقت تہ مسٽر ماکيجاڻي بہ هليو ويو، پر اڌ ڪلاڪ کان پوءِ وري واپس آيو. ڪنڊ ۾ وٺي وڃي چيائين: ”گهر پھتس تہ هڪ پائنٽ ويچار ۾ آيم. چيم تہ ڊوڙي وڃي پنھنجي ڀاءُ جي ڪن تي وجهي اچان؟“
”چڱو ٿيو جو آيا. فقط پائنٽ ٻڌايو!“
”ڇوڪڙيءَ کي هيءَ ايڪسپلين ڪندا تہ مسٽر ماکيجاڻي اڳ ۾ ئي پرڻيل آهي!“
موٽي اچي آءٌ ميز تي ويٺس. پر گهڙي نہ گذري تہ ماکيجاڻي وري موجود -
”خير تہ آهي ؟“
”ون مور پائنٽ!“
”ڇوڪڙيءَ کي ڀل هيئن بہ ٻڌائيندا تہ مسٽر ماکيجاڻي جا ويچار هينئر برهمچاڙ پاسي پيا هلن!“
مسٽر ماکيجاڻيءَ جي اها اچ ۽ وڃ، آنڌ ۽ مانڌ ڏسي، آءٌ در بند ڪري ويھي رهيس. ان کان پوءِ بہ هڪ دفعو هو صاحب موٽي آيو، پر نوڪر واتان اهو ٻڌي تہ آءٌ ٻاهر نڪري ويو آهيان، واپس هليو ويو.
آخر فرضي ڇوڪريءَ واري فرضي خط ۾ مقرر ڪيل تاريخ ۽ وقت تي، گهڙيءَ - سوا لاءِ، ٻاهران ڦيرو کائي، اچي مسٽر ماکيجاڻيءَ سان مليس ۽ کيس تسلي ڏنم تہ ڇوڪريءَ کي سمجهائي پرجهائي، باز آڻي ڇڏيم: ”برهمچار جي امڪان جي خبر ٻڌي تہ ڇوڪري بنھہ ڀڄي ويئي!“
پاڻ فرمايائين: ”مسٽر راشدي، اوهين ويچار ڪري ڏسو، ڇوڪريءَ کي پوتر لوِ(Love) ڪا نہ هئي! ”ڪام“ جو پاڇو پيل هوس. تنھنڪري ئي برهمچاڙ جو ٻڌي ڀڄي ويئي! اڄوڪيون گهڻيون ڪاليجي ڪنيائون آهن ئي ”ڪام“ جي ڪڍ. ۽ ڪام جي ڇو نہ ڪڍ هونديون؟ صبح ويل کائن بيدا، منجهند جو واپرائن ماس، ۽ رات جو ڏسن ناٽڪ!“
ان فتح عظيم جي خوشيءَ ۾، مسٽر ماکيجاڻي اسان ٻن - چئن ساٿين کي ٿلھي واري ريسٽورانٽ تي وٺي وڃي پارٽي کارائي. پارٽيءَ ۾ ٽينڊن بلڪل بيدرديءَ سان کاڌو، ۽ مرڻ جيئڻ جي ڪا نہ ڪيائين. آخر تہ بل غريب ماکيجاڻيءَ کي ئي ڀرڻو ٿي پيو!
افسوس اهو آهي تہ ان ڏينھن، گفتگو هلندي، ٽينڊن ۽ مسٽر ماکيجاڻيءَ جي وچ ۾ تلخي پيدا ٿي پيئي.
ٽينڊن، گذريل واقعي تي آخري رائزني ڪندي چئي ويٺو تہ “ڇوڪري تہ هئي ڪام جي پوڄارڻ، پر مسٽر ماکيجاڻي بہ ماکيجاڻي نہ آهي: عشق ۽ محبت جي معاملي ۾ جنھن طرح هو ”بنگل“ ڪري ٿو، ان مان ظاهر آهي تہ هو ماکيجاڻي نہ، پر ”مکي کاِني“ (يعني مکيون کائيندڙ) آهي!“
”مکي کاني؟ نان سينس! شٽ اپ! واٽ آر يو ٽاڪنگ؟ يو آر انسلٽنگ مي!“(1)
ماکيجاڻي صاحب غصي ۾ بلڪل پيلو ٿي ويو، ۽ ان ڏينھن کان پوءِ وري ڪڏهن بہ ٽينڊن جي ويجهو نہ ويو. مون گهڻي ڪوشش ڪئي تہ ٻنھي ۾ وري صلح ڪرايان، پر مسٽر ماکيجاڻي پنھنجي ضد تي قائم رهيو.
هندو ڌرم جي چڱاين ٻڌائيندي مسٽر ماکيجاڻي ڍاپندو ئي ڪو نہ هو. هڪ لڱا نظر علي خان ۽ منھنجي اڳيان وياکياڻ ڏنائين. صحت بابت هندو ڌرم جا اصول - ان سلسلي ۾ ٻڌايائين تہ شاسترن ۾ لکيل آهي تہ سنان وقت ماڻھوءَ کي سرينھن يا ڄانڀي جي تيل جي آڱر ڀري، جسم جي هر سوراخ ۾ ڦيرائي ڇڏڻ گهرجي.
نظر علي خان مرحوم کي پنھنجيءَ صحت جو هر وقت خيال رهندو هو، تنھنڪري مفت ۾ جيڪا بہ دوا يا ڪو سستو ۽ سولو ڏس ملندو هوس تہ هڪدم پاڻ تي آزمائي ڏسندو هو. تنھن صاحب ماکيجاڻيءَ وارو ڏس ٻڌي ڪو دل ۾ رکي ڇڏيو هو. بواسير جي شڪايت اڳ ۾ ئي هيس. ٻئي ڏينھن صبح جو غسلخاني ۾ ويو. گهڙيءَ کن کان پوءِ غسلخاني مان دانھون اچڻ لڳيون، پر تمام زور سان، ڊوڙي غسلخاني ڏانھن ويس.
”آغا، خير تہ آهي؟ ڇا ٿي پيو؟ در تہ کول!“
”ظالم! ڀڄي وڃ! تون بہ ظالم، تنھنجا يار بہ ظالم!“
”پر آغا! غسلخاني اندر اسان توسان ڪھڙو ظلم ڪيو؟“
”ڪھڙو ظلم ڪيو! خدا جي مار پوي توتي ۽ ماکيجاڻيءَ تي، مون سان ناحق ڪري ڇڏيوَ!“
ان کان پوءِ ٻيو اڌ ڪلاڪ کن بہ دانھون ۽ گاريون غسلخاني منجهان اينديون رهيون. نيٺ آغا صاحب گوڏ ٻڌي، ٿاٻڙندو ڦٿڪندو، اچي کٽ تي ڪري پيو. سو بہ اهڙيءَ طرح، جو منھن هيٺ ۽ پٺ مٿان.
معلوم ٿيو تہ آغا صاحب غسل بعد، هندو شاسترن ۽ مسٽر ماکيجاڻيءَ جي وياکياڻ تي عمل ڪندي، ڄانڀي جي تيل مان آڱر ڀري استعمال ڪرڻ فرمائي هئي! تيل وڃي لڳو هوس موڪن تي، جن جي سڙڻ ۽ ڪڙهڻ ڪري اها قيامت کڙي ٿي هئي. برابر ٽي - چار ڏينھن آٰغا کٽ تي ڦڙھہ ٿيو پيو هو، ۽ مکڻ استعمال ڪندو ٿي رهيو.
آغا جي غصي جو اهو حال ڏسي، مون مسٽر ماکيجاڻيءَ کي بروقت اطلاع ڪري ڇڏيو تہ ”آغا سان ائڪسيڊنٽ ٿي پيو آهي. مبادا اوهان سان ڪو متڀيد ٿي پويس، تنھنڪري ٻئي اطلاع تائين پريس ڏانھن اچڻ جي تڪليف نہ فرمائجو!“

آغا نظر علي خان مرحوم

سرڳواسي ماکيجاڻيءَ جي ذڪر هلندي، آغا نظر علي خان جي ياد بہ قيْئي ستائي، تنھنڪري سندس احوال بہ هن ئي موقعي تي قلمبند ڪري ڇڏيان ٿو.
مرحوم لاڙڪاڻي جو ويٺل ۽ پھريائين پي. ڊبليو. ڊي ۾ داروغو هو. قومي ڪمن سان ڳوڙهي دلچسپي هيس. لاڙڪاڻي جي ڪنِ ڪٽر هندن جو ستايل هو. 1927ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ هندو - مسلم فساد ٿيا. فساد جي مکيہ ڪيس ۾ جي مکيہ مسلمان جوابدار بڻايا ويا، تن مان هڪ نظر علي خان بہ هو. مقدمي مان باعزت آزاد ٿيڻ بعد، مسٽر کھڙي کيس ”سنڌ زميندار“ پريس جو مئنيجر مقرر ڪري سکر روانو ڪيو. ٻن - ٽن مھينن کان پوءِ آءٌ بہ ساڳيءَ پريس ۾ ايڊيٽر ٿي ويس. مئنيجر ۽ ايڊيٽر جي پگهار، انھن ڏينھن ۾ هئي هڪ روپيو يوميه، ۽ اهو سال هو 1929ع.
نظر علي خان جي حياتيءَ جا اصول هئا: مالڪ پريس (مسٽر کھڙي) ذات سان وفاداري، خرچ جي معاملي ۾ ڪفايت شعاري، بني نوع انسان تي بي اعتباري، هندو ذات کان بيزاري، اڇيءَ چمڙي(يعني انگريزن) اڳيان نيزاري، مسلماني نالي ۾ مستقل آه ۽ زاري، صحت جي معاملي ۾ خبرداري، مفت جي ماني ملي تہ پيٽ کي پورن آزادي، بيماريءَ جي حالت ۾ دانھن ڪوڪ سخت، مگر دوا ضرور ملي مفت، جيڪڏهن پيرين پنڌ هلڻ ممڪن هجي تہ بگيءَ جو ڀاڙو خرچ ڪرڻ بدترين بدعت، صورت رعبدار، آواز گرجدار، يارن جو يار، پرمذاق، بذلہ سنج -.
ﷲ تعاليٰ جون شال سندس مرقد منور تي رحمتون وسن! مون جھڙي اڙٻنگ انسان جون جيتريون الغرضايون ان شخص برداشت ڪيون، نہ ٻئي ڪنھن اڄ تائين برداشت ڪيون، ۽ نہ هن کان پوءِ ئي ڪو ڪندو.
اسان ٻنھي، سالن جا سال، گڏ گذاريا. هڪ جاءِ ۾ رهندا هئاسين، هڪ ٿانوَ مان کائيندا هئاسين، ۽ جيستائين بجيٽ ۾ وسعت پيدا ٿي، سمهڻ لاءِ فراسي بہ ساڳي ئي استعمال ڪندا هئاسين. اخبار نويسيءَ جو ڌنڌو مالي نقطہ نگاھہ سان هونئن بہ هر سمي ۾ خراب آهي، پر انھن ڏينھن ۾ تہ خاص طرح عذاب هوندو هو. پگهار رپيو روز - کائون تہ پھريون ڇا، ۽ پھريون تہ کائون ڇا؟ تنھنڪري شب و روز تير تڪليءَ تي گذارو ڪرڻو پئي پيو. ڪم جي هيءَ حالت جو خبرن گهڙڻ، آرٽيڪلن ۽ ايڊيٽوريلن لکڻ کان سواءِ، ڪڏهن ڪڏهن اخبار کي فولڊ ڪرڻ ۽ ٽڪلين لڳائڻ جو ڪم بہ اسان ٻنھي شخصن کي ئي ڪرڻو ٿي پيو. پر نظر علي خان جي سنگت ۾ رهي مصيبتون محسوس ئي ڪين ٿي ٿيون. سڄو ڏينھن کل مذاق ۾ گذرندو هو. نظر علي خان جي دلچسپ شخصيت هر روز ڪو نہ ڪو لطيفو پيدا ڪريو ويٺي هوندي هئي.
مون مٿي عرض ڪيو آهي تہ مرحوم هندو مھاسڀاين جو سخت ستايل هوندو هو. تنھنڪري هندوءَ جو نالو پيو تہ ڄڻ ڪانوَ ڪمان ڏٺي. اصولاً دورانديش ۽ عافيت پسند هو، تنھنڪري زباني جمع - خرچ کان سواءِ، عملي طرح، هندن کي بہ ڪنھن خاص نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪا نہ ڪندو هو. پر انھن ڏينھن جا مھاسڀائي مھاشي مذاق سليم کان بلڪل عاري ۽ ”اسپورٽنگ اسپرٽ“ کان قطعي خالي هوندا هئا، چرچن ۾ چڙي ويندا، جنھن ڪري جتي بہ ڪو هندو - مسلم جهيڙو ٿيندو، تہ جوابدارن ۾ سڀ کان پھريائين نالو نظر علي خان جو ڏيندا هئا. هوڏانھن نظر علي خان جو نالو آيو، ۽ هيڏانھن ”سنڌ زميندار“ پريس ۾ ٽيجهو شروع ٿي ويندو. تارون، خط، عريضيون اخباري آرٽيڪل دانھون، ڪوڪون، نمازون، نفل، صلواتون، هر وقت ۽ هر طرف، پھريائين پنھنجي مرشد، مولانا ڪمالديرويءَ کان وڃي دعا طلبي ڪندو. ان کان پوءِ ٽڪٽ وٺندو لاڙڪاڻي جي- تاڪ پنھنجو حال زار کھڙي صاحب کي ٻڌائي کيس مدد لاءِ اُٿاري کڙو ڪري. انھن ڏينھن ۾ منھنجو تہ خاص طرح سان اٿڻ ويھڻ، سمهڻ سڀ حرام ڪري ڇڏيندو. اڌ رات جو ڄنگهہ کان وٺي اٿاري ويھاريندو:
”اي ظالم، اُٿ تہ سھي! تنھنجي وفادار دوست جي هارٽ فيل ٿي رهي آهي. ڪيڏو نہ سنگدل آهين! منھنجي لاڏاڻي جو وقت اچي ويو آهي، ۽ تون اڃا پيو نڀاڳ جون ننڊون ڪرين!“
ان دلدوز تمھيد کان پوءِ، بيخوديءَ جي حالت ۾ سندس دماغ اندر جيڪي بہ بخار اٿيا هوندا، تن کي ويھي ٻاهر ڪڍندو. مون کي جهوٽا کائيندو ڏسي فرمائيندو:
”تنھنجو ايمان اصل کان ڪمزور آهي. اڄڪلھہ ڪفر ۽ اسلام جي جنگ چالو آهي. مجاهدن تي ڌڙاڌڙ مقدما داخل ٿي رهيا آهن. مھاسڀائي تہ تنھنجو نالو ئي ڪو نہ ٿا وٺن، توتي ڪو مقدمو ئي داخل ڪو نہ ٿا ڪن، تنھن مان ظاهر آهي تہ تنھنجي ايمان ۾ سقم آهي! پنھنجي ايمان کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪر. جهاد جي ايام اندر جنھن مسلمان کي ننڊ آئي، تنھن جي مسلمانيءَ ۾ شڪ ڪرڻ لاءِ سبب آهي.“
زجر و توبيخ جو اهو سلسلو اوستائين چالو رکيو ايندو، جيستائين فجر جي نماز جو وقت ايندس. نماز پڙهڻ کان پوءِ، اُڀ - پيرين بيھي، دعائون پڙهندو، چئني طرفن ڏانھن درود شريف ڇوڪاريندو، ۽ پڻ پنھنجي چوڌاري آڱر سان حفاظتي حلقو ڪڍندو.
سندس باري ۾ بيشمار لطيفا آهن.
تندرستيءَ کي قائم رکڻ ۽ بيماريءَ کان بچڻ جو خيال مراق جي حد تائين پھتل هوس. هڪ دفعي سندس هڪ هموطني، لاڙڪاڻائي عملدار دوست سکر بدلي ٿي آيو. تنھن صاحب نہ ڪئي هم نہ تم، بئگ ۽ بسترو کڻائي اچي پريس ۾ لٿو. پريس ۾ کٽون هونديون هيون ٽي، تن مان ٻہ قابل استعمال ۽ ٽين ڇنل. مھمان کي ڏسي، مستقبل جو سارو نقشو آغا صاحب جي دماغ ۾ چڪر ڪاٽڻ لڳو. کٽون سڄيون هيون ٻہ - هڪ تي سمهندو هو پاڻ، ٻيءَ تي آءٌ. مھمان جي تشريف آوريءَ سبب، هڪ کٽ تہ ويندي ان ڏانھن، باقي بچندي کٽ هڪ - هاڻي اها پاڻ استعمال ڪري يا آءٌ؟ اهو هو فوري ”پرابلم“، جنھن کي ”ڊسڪس“ ڪرڻ لاءِ مون کي سڏي وڃي پنھنجي ڪمري ۾ ويھاريائين.
تقرير شروع ٿي (تقرير جو ڏاڍو شوق هوندو هوس، ۽ يقين هوس تہ سندس تقرير ٽڪرن ۾ بہ ٽنگ ڪري سگهي ٿي)، جنھن جو ماحصل هيءُ هو:
”... اهو مھمان تمام وڏو آفيسر آهي. پريس جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، کھڙي صاحب، جو همڪلاسي دوست آهي. اسان جو ڪم ڪار ڏسي کھڙي صاحب کي هڪ اکر چيائين، تہ اسان جي پگهارن ۾ خودبخود اضافا ٿي ويندا. ماني پنھنجي پاڻ تيار ڪرائيندو. باورچي ساڻ اٿس. دسترخوان تي لازماً اسان کي بہ سڏي پيو ويھاريندو. بنان خرچ جي پيا سٺيءَ ماني جا مزا ماڻينداسين. خوراڪ بہ لذيذ ۽ ساڳئي وقت خرچ جي بہ بچت. دورانديشيءَ جا اهي خيال رکي، مون فيصلو ڪيو آهي تہ پنھنجي کٽ سندس حوالي ڪريان.“
مون عرض ڪيو:
”اوهان جي سوچ سٺي آهي. ڀل پنھنجي کٽ ڏيوس. اوهان کي خاص اضافو وٺرائي ڏيندو. منھنجي خرچ لاءِ موجودہ تنخواھہ ڪافي آهي.“
”ادا سائين، توکي خبر آهي تہ مون کي جگر جي بيماري آهي. ننڊ آرام جي نہ آئي، تہ بخار چڙهندم. تنھن کان پوءِ قد بت ۾ بہ آءٌ توکان ڊگهو ۽ موٽو آهيان. جيڪڏهن پاڻ واري کٽ تون مون ڏانھن ٽرانسفر ڪندين، تہ تنھنجي هڪ وفادار دوست جي جان بہ بچي پوندي ۽ ساڳئي وقت توکي ثواب بہ حاصل ٿيندو. کٽ نمبر ٽيون، توڙيجو عمر رسيده آهي، پر ان هوندي بہ تنھنجي سمهڻ لاءِ منجهس ڪافي گنجائش پيدا ٿي سگهي ٿي.“
مون بھرحال، انھن فائدن ۽ ثوابن پرائڻ کان نابري واري. پر رات جو ٻاهران گهمي ڦري، موٽي اچي ڏٺم تہ آغا صاحب اڳ ۾ ئي مون واريءَ کٽ تي قبضو ڪيو، اکيون ٻوٽيون، ڦڙھہ لڳو پيو آهي. نوڪر کي چئي ڇڏيو هئائين تہ مون کي ٻڌائي تہ کين اوچتو سخت بخار ۽ دل جي ڌڙڪڻ جو عارضو پيدا ٿي پيو هو ۽ ڊاڪٽر هدايت ڪئي اٿس تہ سر شام سمھين پوي، ۽ ساري رات آرام جي ننڊ ڪري!
لاچار مون کي کٽ نمبر 3 تي سمهڻو پيو. ان کٽ جي عمر طبعي اڳ ۾ ئي پوري ٿيل هئي. جنھن طرف پاسو ڦيرايان، واڻ جي ٽڙڪڻ جا آواز پيا اچن! لاچار اُٿي ويھي رهيس. سوچڻ لڳس تہ ڪھڙي اسڪيم ڪري ان مھمان کي خود آغا هٿان ڪڍرايان، جيئن منھنجي کٽ پالھي ٿي پوي. نئين کٽ خريد ڪرڻ جي گنجائش نہ اسان جي پنھنجي بجيٽ ۾ هئي ۽ نہ ان تي پريس جي پئسن مان ئي خرچ ڪرڻ جو ڪو جواز هو. ﷲ تعاليٰ بروقت مدد فرمائي. منھنجي نگاھہ مھمان جي طرف ويئي - ڏسان تہ ننڊ جي حالت ۾ بہ پيو ٽنگون کنھي، ۽ قدري زور سان!
صبح تي مون آغا صاحب سان کٽ واري معاملي متعلق ڪا شڪايت ڪا نہ ڪئي. پاڻ زور سان سندس خير عافيت پرسي ڪئي ۽ کٽ نمبر 3 جي تعريف ڪيم. کيس بلڪل اطمينان حاصل ٿيو، سندس بخار بہ لھي ويو ۽ دل جو ڌڙڪڻ بہ بند ٿيو.
منجهند جو مھمان آفيس مان موٽي اچي پنھنجي کٽ تي ستو ۽ ننڊ ۾ وري پنھنجون ٽنگون ۽ انھن کان مٿئين بدن جي حصي کي زور سان کنهڻ شروع ڪري ڏنائين. مون آغا کي وٺي وڃي مٿانئس بيھاريو ۽ هن طرح عرض ڪيو: ”هيءُ غضب تہ ڏسو! هن مھمان کي تہ خارش جي بيماري آهي ۽ سا بہ جسم جي ناقابل بيان حصي ۾. ِاها خارش وچڙندڙ قسم جي معلوم ٿئي ٿي. ٿورن ڏينھن اندر اسان سڀني کي وڪوڙي ويندي. مون کي سخت خوف ٿو ٿئي سو آءٌ تہ وڃي ٿو ٻئي هنڌ رهان. خارش ٿي تہ ڪھڙو منھن ماڻھن کي يا خود مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي ڏيکاريندس. ڇا چوندوسانِ تہ ڪٿان اها بلا پرايم؟ دشمن قسما قسم جا قصا ٺاهيندا ۽ دوست بہ پيا اجايا انومان ڪندا.“
بيماريءَ جو نالو ٻڌي آغا جي لونءَ ڪانڊارجي ويئي. ان وقت ئي مشوري لاءِ وڃي ڊاڪٽر سان ملياسين. حقيقت مون پيش ڪئي ۽ مناسب حڪمت عمليءَ سان. ڊاڪٽر صاحب راءِ ڏني تہ خارش وچڙندڙ قسم جي ٿي سگهي ٿي. رات جو دستوري گهوم بعد واپس آيس، تہ مھمان ڪو نہ هو ۽ مھمان واريءَ کٽ تي منھنجو بسترو لڳل هو! اصل ۾ اها کٽ آغا صاحب جي هئي ۽ کٽ نمبر 2 کان وڌيڪ ڪشادي ۽ آرام ده، پر جنھن صورت ۾ ان تي هڪ رات وچڙندڙ خارش جو مريض مھمان سمھي چڪو هو، تنھن صورت ۾ دستوري دورانديشيءَ کان ڪم وٺي آغا صاحب آئنده لاءِ اها کٽ مون تي مرحمت فرمائي ڇڏي.
رسيده بود بلائي، ولي بخير گذشت!
آغا صاحب سخت ڪفايت شعار هوندو هو. جيڪڏهن مفت ۾ ڪم نڪري، تہ پئسي خرچڻ جو بنھہ نالو نہ وٺندو. سوال شريعت جي پيرويءَ جو هو ۽ شريعت ۾ اسراف جي منع هئي!
تيل، صابڻ ۽ ٽوال پنھنجو ڪڏهن ڪو نہ آڻيندو. منھنجين ئي شين تي پيو سندس گذارو ٿيندو. اصولاً بہ ان ڳالھہ کي صحيح سمجهندو هو. مئنيجر ۽ ايڊيٽر توڙيجو ظاهري طرح ٻہ شخصيتون آهن، مگر حقيقت ۾ هو هڪ ئي شاهي ِسڪي جا ٻہ پاسا ٿين ٿا - يا هڪ ئي مالڪ جي زمين جا ٻہ ٻارا، پوءِ هڪڙي ٻاري جو پاڻي ڀڄي ٻئي ٻاري ۾ لنگهي پيو، تہ ان ۾ ڪو مذائقو ڪو نہ هجڻ گهرجي. ان سونھري اصول پٽاندر، منھنجي ڪا بہ شيءِ آغا صاحب جي تصرف کان محفوظ ڪا نہ هوندي هئي. تيل جي شيشن تي سندس خاص نگاھہ ڪرم هوندي هئي. منھنجو نوڪر ڇوڪرو، علي محمد، ڪنھن شيءِ ڏيڻ کان انڪار ڪندس تہ کيس پريس کان ٻاهر ڪڍي بيھاريندو. اصول کان ٻاهر آغا ڪو قدم ڪو نہ کڻندو. علي محمد جي اخراج ۾ اصول هيءُ مضمر هوندو تہ هو منھنجو خانگي نوڪر آهي ۽ ”خانگي ماڻھن“ جو پريس اندر رهڻ قاعدي جي سراسر خلا ف!
آغا صاحب کي هر روز تيل بہ ڪافي مقدار ۾ کپندو هو. وار گهاٽا، ڏاڙهي وڏي، ۽ ساري جسم تي تيل جي مالش نہ ٿئي تہ خشڪي، خشڪي مان وري خارش جو خطرو!
هڪ دفعي منھنجو سؤٽ مرحوم سلطان شاھہ بيمار حالت ۾ مون وٽ آيو. ڊاڪٽر مشورو ڏنو تہ سندس قارو رو تپاسايو وڃي. مرحوم علي الصباح قارو رو ڪري تيل جي خوبصورت خالي شيشي ۾ بند ڪري، ڪٻٽ جي ڪنڊ ۾ رکي ڇڏيو. پاڻ ۽ آءٌ ٻئي ٻاهر هليا وياسين. آغا صاحب پويان غسل فرمايو ۽ تيل جي تلاش ۾ ڪٻٽ ڳوليندي اچي قاروري واريءَ شيشيءَ تي بيٺو. مال مفت دل بيرحم. ساري شيشي مٿي، منھن، ڏاڙهيءَ ۽ جسم تي مکي وڃي ٻاهر چڙهيو. پر قاروري ڪٿان ٿي تيل جون سڪون لاٿيون؟ موٽي آياسين تہ آغا صاحب علي محمد ملازم تي باھہ ٿيو ويٺو هو. - چي، ”هاڻي بي ايمان ٿي پيو آهي، توسان سخت ٺڳي ڪري ٿو، سستيون شيون وٺي اچي ٿو، ۽ بچايل پئسا مٿان پاڻ هضم ڪري وڃي ٿو. اڄ مون سندس آندل تيل استعمال ڪري ڏٺو آهي. شيشي ٻاهران تہ خوبصورت پر اندر جھڙو پاڻي. ساري شيشي کپائي اٿم پر حرام جو جسم تي تريءَ ۽ چڪنائي جو ڪو نشان پيدا ٿئي. ٿڌ ۾ ڦٽل چپن کي ذرو لاتم تہ مورڳو ڪرڻ لڳا. اهڙي حرامخور تي ڪرڙي نظر هجڻ گهرجي. ماڻھو جي پئسو خرچ ڪري، تہ شيءِ تہ سٺي ملڻ گهرجي!“
علي محمد کان پڇا ڪيم، هن چيو تہ تيل جي شيشي تہ اندر بند پئي آهي،آغا اهو تيل ڪٿان آندو؟
ورائي آغا کان پڇيم. وٺي وڃي قاروري جي خاليءَ شيشيءَ تي بيھاريائين.
پوءِ جو پيدا ٿيل Crisis بيان کان ٻاهر آهي. مختصراً، غسل ٿيا، گرم پاڻيءَ سان. جسم مبارڪ تي ميٽ تيل ۽ بيسڻ جون مالشون. ان جي مٿان صابڻ، هرملي ۽ عود جا واس. نمازون. پاڪائيءَ جون دعائون. آئنده جي احتياطي تدابير جو پروگرام. غرض اهو سارو ڏينھن پريس جو سمورو عملو ٿرٿلي ۾ رهيو.
پر منھنجي تيل جي شيشين جي ان کان پوءِ بہ جان ڪا نہ ڇٽي.
* * *
اوائلي ڏينھن ۾، سنڌ زميندار پريس مارواڙي محلي ۾ هوندي هئي، ۽ پريس جي ٻنھي پاسن ڏانھن مارواڙين جا گهر. انھن مارواڙي عورتن جهيڙي ۽ گارين جي فن کي ترقي وٺائيندي، وڃي هڪ مستقل آرٽ جي حد تائين پھچايو هو. جهيرو ٿي پيو تہ هفتن جا هفتا چالو رهندو. هر فريق محلي جي ٻين عورتن کي بہ وٺي اچي پاڻ سان جهيڙي ۾ شامل ڪندو. ان طريقي سان جهيڙو ڪاٿي بہ شروع ٿئي ۽ ڪھڙين بہ ٻن عورتن جي وچ ۾ ٿئي - پر محلو سارو ٻن پارٽين ۾ ورهائجي ويندو. جهيڙي جو پلان هيءُ هوندو: صبح جو گهر جي ڪم حاج لاهڻ بعد ٻيئي ڌريون گهرن کان ٻاهر نڪري اچي رستي تي ويھنديون، هڪٻئي جي سامھون. وچ ۾ چوني سان اڇو پٽو ڪڍي، طرفين جون حدون نروار ڪيل هونديون - پھريائين هڪ پارٽيءَ جون عورتون اٿنديون. گاريون وسائينديون، هٿن جا چالا ڪنديون، اڇي پٽي تي پھچنديون. ان کان پوءِ هو پوئتي ورنديون ۽ ٻئي طرف واريون اٿي حملو شروع ڪنديون. ساڳيءَ طرح گارين جا ”وڏڦڙا“ وسندا، ۽ هٿ فضا ۾ ڦرندا ايندا. شام تائين اهو سلسلو هلندو رهندو. گهر جي ڪم جو ٽائيم آيو تہ ”ٽروس“ ٿي ويندو ۽ ٻيئي ڌريون کير کنڊ، جيستائين وري ٻيو صبح اچي ۽ ميدان ڪارزار نئين سر گرم ٿئي. لڙائي هڪ دفعي شروع ٿي تہ مھينن جا مھينا پيئي هلندي، پر ان طريقي سان تہ روزانہ مقرر وقت اندر جهيڙو، ۽ ان کان پوءِ وري ٻئي ڏينھن تائين خير.
ان جهيڙي جي دوران ۾ آيو ويو، جيڪو بہ رستي تان لنگهندو، ان کي وچ ۾ آڻي پيون هڪٻئي کي پڻينديون - مثلاً:
”اڙي اهو ٽوپيءَ وارو توکي...“
”ٽوپيءَ وارو مون کي ڇو؟ توکي...“
آغا نظر علي خان روزانو ڏهين بجي مھل اخباري پني جي خريداريءَ لاءِ بزار ويندو هو. پريس کان ٻاهر قدم رکندو، تہ جهيڙي واريون عورتون سندس اهڃاڻ ڏيئي، هڪٻئي تي گاريون وسائڻ شروع ڪنديون --
”اڙي، اهو ڊگهيءَ ڏاڙهيءَ وارو تنھنجو....“
”ڊگهي ڏاڙهيءَ وارو تنھنجي آڪھہ جو...“ وغيرہ وغيرہ.
روزانہ اها ڪارروائي هلندي رهندي هئي، ۽ واٽ ويندي پيو آغا صاحب ائين گهلبو هو، پر مون کي اها خبر ڪا نہ هئي.
هڪ ڏينھن آغا صاحب فرمايو: ”اڄ مون سان گڏجي بازار هل تہ توکي هڪ اهڙو مزو وٺرايان ٿو، جنھن ۾ مزي جو مزو بہ ۽ شرع شريف جي بہ ڪا ڀڃڪڙي ڪا نہ.“
آءٌ تيار ٿيس. آغا صاحب ڊگهي شيرواني زيب تن فرمائي، پوءِ ترڪي ٽوپيءَ کي برش هڻي مٿي تي رکيائين ۽ لڪڻ هٿ ۾ کنيائين. ”مولاد مدد“ ڪري، پير دروازي کان ٻاهر وڌائين. آءٌ بہ سندس ڪڍ.
مارواڙين جو جهيڙو اڳ ۾ چالو ٿي چڪو هو. پري کان هڪل ڪئي هڪ عورت:
”اڙي! توسان اهو ڊگهي ڪوٽ وارو مولانا...“
ٻيءَ وراڻي ڏني:
”ڊگهي ڪوٽ وارو توسان، تنھنجيءَ آڪھہ سان..“
آغا صاحب ڪنڌ ورائي فاتحانہ انداز ۾ مون ڏانھن ڏٺو، پر ان وچ ۾، دانھن آئي -
”اڙي اهو ڊگهي ڪوٽ وارو منھنجي آڪھہ سان ڇا ڪندو. مان سندس آڪھہ...“
يعني گارين جو رخ ڦري پيو ۽ هينئر طرفين جون گاريون سڌيءَ طرح خود آغا صاحب قبلي تي وسڻ لڳيون. عورتن ڏسي ورتو هو تہ اهو شخص روزانہ جهيڙي جي ٽائيم تي اچي وچ ۾ پوي ٿو، تنھنڪري اڄ ضرور سندس حاج بہ لاٿي وڃي.
هيڏانھن گارين جي ٽاڙا واڙي تيز ٿيندي ويئي، ۽ هوڏانھن آغا صاحب جا قدم تيزيءَ سان اٿڻ لڳا. گهڙي ڀر ۾ وڃي نيم جي چاڙهيءَ وارن هٽن ۾ پناھہ ورتائين. مان ڪيتري بہ ڪوشش ڪئي، پر آغا صاحب کي پڄي نہ سگهيس. تنھنڪري موٽي پريس ۾ آيس. آغا صاحب سارو ڏينھن گهر بدر رهيو. شام جو جهيڙي ختم ٿيڻ بعد ئي واپس آيو. سخت ناراض. مون ڏانھن اکيون کڻي نہ سگهي. هليو هو پاڻ بہ شرعي مزو ماڻڻ ۽ مون کي بہ راھہ هلندي لطف وٺائڻ. مزو مزي جي ماڳ، وچان مٿس گارين جا بادل برسي پيا.
مون کي حڪم فرمايائين تہ بطور ايڊيٽر جي آءٌ هڪ زوردار ليٽر پوليس جي فوجدار ڏانھن لکان، جنھن ۾ کيس استدعا ڪريان تہ هو انھن عورتن جي جنگ بند ڪرائي، ڇو تہ ان مان پاڙي پنبي وارن لاءِ سخت آزار متو آهي. ليٽر ويو. پوليس آئي. جهيڙو بند ٿيو. پر عورتن جي دل ۾ آغا ڏانھن پاڻ زهر وڌيو.
آغا صاحب جو دستور هوندو هو تہ صبح ويلي اس وٺڻ جي غرض سان کڏيءَ تي چڙهي ويھندو هو. اها کڏي حاطي واري دروازي جي مٿان هوندي هئي. هڪ ڏينھن آغا صاحب حسب دستور وڃي کڏيءَ تي ويٺو.هيڏانھن هن جو موڙي تي ويھڻ ۽ هوڏانھن مٿانس پٿرن جو وسڪارو شروع ٿيڻ! شڪست خورده مارواڙي عورتن رات جو ئي پنھنجن گهرن ۾ پٿر گڏ ڪري رکيا هئا، جيڪي هينئر آغا صاحب تي وسڻ لڳا.
مان اندر ڪمري ۾ هوس. اوچتو آغا صاحب جون دانھون ڪنن تي پيون. ٻاهر نڪري اچي ڏٺم تہ نہ فقط کڏيءَ تي پر اسان جي ساري اڱڻ تي پيا پٿر وسن. پوئين دورازي کان نڪري، آءٌ ۽ آغا صاحب وڃي فوجداريءَ ۾ پھتاسون. اتانھون پوليس وٺي اچي ان مصيبت کي ختم ڪرايوسين.
انھن ڏينھن کان پوءِ پريس ۽ پاڙي وارن جا تعلقات ناخوشگوار ٿي پيا ۽ سلامتي ان ۾ ڏٺي ويئي تہ پريس جي جاءِ بدلائي وڃي. چنانچ اسان پريس کڻائي، وڃي ڪوئنس روڊ تي هوتچند وڪيل جي جاءِ ۾ رهڻ لڳاسين، جيڪا ليوڪس پارڪ جي ڀر ۾، ۽ چرچ آف انگلنڊ جي بلڪل سامھون هوندي هئي.
* * *
پريس جي پئسي کي ڪفايت سان استعمال ڪرڻ متعلق مئنيجنگ ڊائريڪٽر وٽان آرڊر پھچي چڪا هئا. جا هدايت خاص طرح سان ڏنل هئي، سا هيءَ تہ ڪنھن بہ نئين مد تي، مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي اڳواٽ اجازت کان سواءِ، ڪو بہ خرچ ڪرڻ ۾ نہ اچي.
سکر ۾ هڪ سال ڏاڍا مينھن اٺا. ستت ئي ڪالرا بہ اچي ٽٽي. صفائيءَ تي هر ڪنھن کي خيال ڪرڻو پيو، پر ان معاملي ۾ اسان جي پريس جو حال اڳ ۾ ئي ابتر هو. اڳيان مئنيجر صاحب گهڻو اهڙو مال ڇڏي ويا هئا، جو نہ سوختني هو نہ فروختني - مثلاً ڇنل پراڻا موڙا، ڀڳل کٽولا، ڪٽيل خالي مس جا ٽين، پراڻيون اڳڙيون، بيڪار اخبارن ۽ ڦاٽلن ڪاغذن جا سٿا، کوکا، بوتلون، شڪستہ ڪرسيون وغيرہ وغيرہ. پريس جو گهڻو حصو ان سامان سان ڀرپور هو. گند جي کوڙيءَ هيٺان ٻلين ٻچا ڄڻيا هئا، ۽ هر الماڙيءَ ۾ چمڙن، ڪوئن ۽ ڪرڙين جا آستانا هئا. مينھن کان پوءِ تہ هر کوڙ مان عجيب قسم جي بوءِ نڪري، رهندڙن جي دماغ کي معطر ڪرڻ لڳي. سامان جي ڪڍائي ڦٽي ڪرڻ جو ڪو سوال ئي پيدا ڪو نہ ٿي ٿيو. پريس جي رولن موجب اهو ”ڊيڊ اسٽاڪ“ هو، ۽ ”ڊيڊ اسٽاڪ“ نيلام ذريعي نيڪال ٿيڻو هو. پوءِ مينھن ۽ وبائن هلندي ڪنھن کي پئي هئي تہ اچي اهو گند خريد ڪري؟ هوڏانھن آغا صاحب لاءِ بہ ناممڪن هو تہ هو رول ٽوڙي. تنھنڪري ان ڊيڊ اسٽاڪ جو پريس ۾ پيو رهڻ امر فطري هو.
ان اپرانڌ آغا صاحب کي هاضمي جي مستقل شڪايت رهندي هئي، جنھن ڪري هر گهڙي کين بيت الخلا ۾ وڃڻو پوندو هو. ٻہ جايون کيس ڏاڍيون پياريون هونديون هيون، جاءِ نماز ۽ بيت الخلا. هر روز سندس حياتيءَ جو وڏو حصو انھن ٻن مرڪزن تي ئي پيو صرف ٿيندو هو.
بارشن ۽ وبا هلندي، هڪ ڏينھن شھر جو ڪو رولاڪ ۽ بيمار ڪتو، گهمندي گهمندي، آغا صاحب جي بيت الخلا ۾ لنگهي آيو ۽ اتي مري ويو. خبر تڏهن پيئي جڏهن آغا صاحب، حسب دستور، ڪاڪوس جي دوري تي ويو ۽ اتان فريادون ڪندو ٻاهر نڪري آيو. هڪدم پريس جي ڀوريءَ ڀنگياڻي جي تلاش لاءِ آرڊر جاري ٿي ويا. سندس ڳولا ۾ ماڻھو هر طرف پکڙي پيا. پر شام تائين ڀوريءَ ڀنگياڻيءَ جو پتو ڪو نہ پيو - ۽ سانجهن جو جڏهن آئي بہ تہ هيءُ عذر پيش ڪيائين تہ مئل ڪتو ڪڍڻ سندس فرائض ۾ داخل ڪو نہ هو: ان ڪم لاءِ تہ ٻہ - چئن مردن ۽ ميونسپل جي گند واريءَ گاڏيءَ جي ضرورت هئي! کيس راه راست تي آڻڻ لاءِ آغا صاحب هڪ طويل تقرير فرمائي، پر تقرير ختم ٿئي ان کان اڳ ۾ ئي ڀوري پنھنجو ٽين ۽ ٻھارو کڻي پريس کان ٻاهر نڪري ويئي. ڪتي جو لاش بدستور ڪاڪوس ۾ موجود ۽ ”سئرِ ڪاڪوس“ کان آغا صاحب محروم.
آغا صاحب ڪوشش ڪئي تہ ڪتي جو مڙھہ خود پريس جي نوڪرن ۽ چوڪيدار هٿان ڪڍارائي، سو ان مقصد سان، شريعت مطهره، صفائيءَ جي معاملي ۾ سچن مومنن تي جيڪي فرض عائد ڪيا آهن تن کان چڱيءَ طرح آگاھہ ڪيائين، مگر عملي جا اڪثر ماڻھو قلب جا ڪارا هئا، تنھن ڪري هن دنيا جي زندگيءَ کي آخرت جي مزن تي ترجيح ڏيندي ڪتي کي هٿ لائڻ کان نابري واري ويھي رهيا. ان ”ڊيڊ لاڪ“ ۾ رات بہ گذري ويئي.
ٻئي صبح تي ميونسپل جي ڀنگين سان ”گفت شنيد“ شروع ٿي. ڪتي ڪڍاڻيءَ جي في پندرهن رپيا گهريائون. اها رقم تمام وڏي هئي ۽ اصولاً ”نئين خرچ“ جي مد ۾ ٿي آئي، تنھنڪري بغير اجازت مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي، خرچ ٿي نٿي سگهيو. ڪفايت جي ڪوششن ۽ انھن قانوني موشگافين هلندي هلندي، ڪتي بہ اچي بوءِ ڪئي، ۽ پريس ۾ رهڻ ناممڪن ٿي پيو. ان اپرانڌ جا مصيبت کڙي ٿي، سا هيءَ تہ آغا صاحب جي ”سئرِ ڪاڪوس“ جو سلسلو بند ٿي ويو. کيس هر هر لوٽو کڻي مسلم بورڊنگ هائوس ڏانھن وڃڻو ٿي پيو، ۽ ان صبح جو تہ کيس ٻين زائرين سان گڏ باقاعده ”ڪيوُ“ (لائن) ۾ بيھڻو پيو هو.
آخر ٻيو ڪو بہ رستو نہ ڏسي، ايڊيٽر ۽ مئنيجر ٻئي درٻاري لباس پھري درخواست کڻي وڃي ميونسپل چيف آفيسر جي در دولت تي حاضر ٿياسون. چيف آفيسر کي اسان ڏانھن ذاتي شڪايت هئي. ڪجهہ ڏينھن اڳ، سندس هڪ معاشقي متعلق سنڌ زميندار اخبار ۾ آرٽيڪل ڇپجي چڪا هئا، جن جي ياد سندس دل تان اڃا محو ڪا نہ ٿي هئي. ڪتو ڪڍايائين، پر وڌيڪ ٻارهن ڪلاڪن جي تاخير بعد. اهو سارو عرصو اسان کي پريس کان ٻاهر، بطور مھاجر جي، رهڻو پيو.
آغا صاحب کي مون تي غصو ايندو هو تہ ان غصي جي اظھار جو طريقو هيءُ هوندو هو:
پھريان سڏي سامھون ويھاريندو. ان کان پوءِ غصي جو ڪارڻ تمام زورائتن اکرن ۾ بيان ڪندو. جڏهن بيان ختم ٿيندو،تڏهن پاڻ ڪرسيءَ تي آئڙي پوندو يا چوندو:
”ظالم هاڻي آڻ بندوق، دوست جو سينو موجود آهي. اچي ڪراءِ ڊز، ڊز، ڊز!“
“ڊز” ”ڊز“ جي اهڙي دعوت هر هفتي ٻہ - ٽي دفعا ملندي رهندي هئي، پر ان مان فائدي وٺڻ جو ڪو سوال ڪو نہ هو.
هڪ ڀيري سنڌ جي ڪمشنر ٿامس خلاف مون سخت مضمون لکيا. ان زماني ۾ ڪمشنر سنڌ جو بي تاج بادشاھہ هوندو هو. ڪنھن کي مجال هئي جو سندس ڪنھن فعل تي نڪتہ چيني ڪري سگهي؟ پر مون کان اهو گناھہ سر زد ٿي ويو. ستت ئي ڪمشنر جي منزل سکر ۾ ٿي. منھنجي نالي خط آيو تہ اچي ڪمشنر سان مل. اهو خط ٻہ لانسرز جا باوردي گهوڙيسوار سپاهي کڻي آيا، جيڪي ڪمشنر جا باڊي گارڊ هوندا هئا. ان گهڙيءَ آءٌ پاڻ پريس ۾ موجود ڪو نہ هوس. تنھنڪري ليٽر آغا صاحب تي تعميل ڪري ويا.
پريس ۾ موٽي اچي ڏسان تہ آغا صاحب ”ڊز، ڊز“ جي موڊ ۾ - چھرو لال، لب خشڪ، فل يونيفارم، پنھنجي ميز تي ”بہ اجلاس ڪائونسل“ ويٺو آهي. مون تاڙي ورتو تہ اڄوڪي ”ڊز، ڊز“ ڪنھن خاص قسم جي آهي.
”ميان صاحب! پنھنجي زيارت تہ ڪرايو!“
اچي سامھون ويٺس.
”ان مان هٿ ڇا آيوَ؟“
”ڇا مان!“
”مون ٻچڙيوال جي عزت کي ڊيم ڪرائڻ ۾.“
”خدا، خدا ڪر، مان ۽ تنھنجي عزت جو دشمن!“
”ڇڙيءَ عزت جو نہ، پر جان جو بہ دشمن؟“
”آخر خبر تہ ڪريو، مون ڪھڙي دشمني ڪئي؟“
ڪمشنر وارو خط ڪڍي. مون ڏانھن اڇلايائين. خط پڙهي عرض ڪيم:
”هيءُ خط مون ڏانھن آهي. اخبار جي مضمونن جي ذميواري ايڊيٽر تي آهي. جيڪڏهن ڪنھن کي جيل ۾ وجهندا، تہ ايڊيٽر کي - اوهان جو تنھن سان ڇا؟“
”پر اخبار جو پرنٽر پبلشر تہ آءٌ آهيان! ايڊيٽر ڪا بہ بڪواس لکي، پر ان جي اشاعت جي جوابداري پرنٽر پبلشر تي پوي ٿي...“
”آءٌ قبولدار ٿيندس، سڄي جوابداري پاڻ تي کڻندس.“
”گويا ملزم بہ تون ۽ فيصلي ڪندڙ بہ تون؟“
”پر آغا، همت مردان مددِ خدا! پبلڪ جي خدمت ڪندي تڪليف اچي تہ ڀلي اچي.“
”همت جو ڪھڙو سوال آهي؟ تون پاڻ جيڪڏهن اڄوڪو ڪربلا وارو نظارو ڏسين ها تہ توکي خبر پوي ها ۽ نہ وري اهو ئي اصول ڪو صحيح آهي تہ پبلڪ خدمت ڪندي هروڀرو پاڻ کي ۽ پنھنجن ٻچن کي تڪليف ۾ وجهجي. ﷲ پاڪ پاڻ فرمايو آهي تہ :اُدع اليٰ سبيل ربڪ بالحڪمہِ والموعظہِ الحسنہِ: ڪھڙي بہ ڊيوٽي هجي ان کي اهڙيءَ طرح بجا آڻجي، جو پنھنجي جان ۽ عزت هر حال ۾ سلامت رهي. ِسر آهي تہ سڀڪجهہ آهي.“
”هندو قومي ورڪر هر روز ڇا پيا ڪن؟ روز جيل، پوليس جا ڏنڊا، ڦاسيون، وغيرہ.“
”هندو قوم ۽ پاڻ واريءَ مسلمان قوم جي ذهنيتن ۾ بہ تہ ڪو فرق آهي يا نہ؟ هندو قوم پنھنجي هر ورڪر جي هر قدم جي پٺڀرائي ڪري ٿي. برعڪس ان جي مسلمان قوم پنھنجن ورڪرن کي خود پنھنجن هٿن سان پيئي ذليل ڪري. ڪو مسلمان ورڪر پبلڪ خدمت ڪندي، جيل ۾ ويو تہ قوم ان ۾ ۽ عادتي ڏوهاريءَ ۾ ڪو فرق ڪو نہ ڪندي. ورڪر پاڻ جيل ۾، پويان سندس ٻچا بک ۽ ڏک ۾، قوم کلندي، يا اٽلندو مٿس چٿرون ڪندي وتندي. تنھنڪري اهڙيءَ قوم جو ڪو ڪم ڪرڻو پوي تہ بہ پنھنجي سلامتيءَ جو خيال هر حال ۾ مقدم رکڻ گهرجي. ان کان سواءِ وڙهڻو هجي تہ هميشہ پاڻ کان هيڻي سان وڙهڻ گهرجي، جيئن تڪليف بہ ٿوري ۽ فتح بہ يقيني. گهٽ ۾ گهٽ تہ بہ پنھنجي جيءَ لاءِ جوکو گهٽ! تنھنجي بيوقوفي ۽ منھنجي بدبختي اها آهي، جو تو وڃي جهيڙو جوٽيو آهي سنڌ جي بادشاھہ سان! نالي ۾ بادشاھہ ڪير بہ هجي، پر حقيقت ۾ سنڌ جو بادشاھہ سنڌ جو ڪمشنر صاحب آهي.“
”آغا، نادر بہ نادر آهي، پر قادر بہ قادر آهي. جيڪڏهن قدرت کي نيڪي منظور آهي تہ ڪمشنر جو بابو بہ ڪجهہ ڪري ڪو نہ ٿو سگهي.“
”اها نا تجربيڪاري آهي. تون جيڪڏهن فقط اڄوڪيءَ ڪربلا جو نظارو ڏسين ها، تہ دل هڪدم ٽٽي پويئي ها ۽ وڃي ڪرين ها ڦھہ پٽيءَ تي.“
”ڪربلا جو ڪھڙو واسطو؟“
”چمڪندڙ تيز تکا اُڀا نيزا، گهوڙا ۽ شمر جھڙيون شڪليون ڪربلا ۾ هونديون يا سکر ۾؟“
”پر اهي شڪليون تو خواب ۾ ڏٺيون ٿيون ڏسجن. انھن جو ڪمشنر جي ليٽر يا منھنجي آرٽيڪلن سان ڪھڙو واسطو ؟“
”ڪمشنر جو ليٽر ڪير کڻي آيا هئا؟ - ٻہ بيرحم جلاد! گهوڙن تي چڙهيل، هٿن ۾ چمڪندڙ نيزا، ۽ نيزن جي چوٽين ۾ لال جهنڊا ڊز - ڊز - ڊز! اهي نمونا ڪربلا جا آهن يا ڪنھن ٻيءَ جاءِ جا؟ پاڙي پنبي جا ماڻھو گهرن مان ٻاهر نڪري اچي اهو دردناڪ نظارو ڏسڻ لڳا. جا ڳالھہ ان کان بہ وڌيڪ خراب ٿي، سا اها تہ اسان جون دشمن پاڙي واريون سيلاٽڻيون زالون اسان جو اهڙو حشر ڏسي، ڏند ڪڍي ٽھہ ٽھہ ڪرڻ لڳيون! هينئر ڪھڙو مانُ اسان جو هن محلي ۾ رهيو؟ پريس کان ٻاهر منھن ڪڍڻ جي قابل نہ رهيا آهيون! جيڪڏهن سڀاڻي گرفتار ٿي وياسون تہ پويان اهي دشمن سيلاٽڻيون سڄيءَ پريس کي تنبي، تيلي مڃ کان، مڃ تيليءَ کان ڌار ڪري ڇڏينديون. اهڙي جيئڻ کان مرڻ ڀلو آهي. ٻہ - نالي بندوق کڻي آءُ ۽ اچي منھنجي سيني ۾ ڪر ڊز - ڊز - ڊز..“
مون مان وڌيڪ کڙ تيل نڪرندو ڪو نہ ڏسي، آغا صاحب متوجه الي ﷲ ٿيو. مصلو وڇيو، نماز پڙهيائين، درود شريف دم ٿيو، ۽ آڱر سان پنھنجي چو طرف دستوري سلامتيءَ ۽ خير وارو حلقو ڪڍيائين. اهو ڪاروبار ٿوري ٿوري وقفي بعد چالو رکيون آيو. ان وچ ۾ جيڪو بہ ملاقاتي آيو، ان سان اهو حال بيان ڪندو رهيو، ۽ حال جي پڄاڻي هميشہ هن جملي سان ٿي ڪيائين: ”ادا، هاڻي تہ راشدي ميان کي بس بندوق کڻي منھنجي ڇاتيءَ ۾ ڪرڻ گهرجي ڊز- ڊز - ڊز!“
ٻئي ڏينھن آءٌ وڃي ڪمشنر سان گڏيس. ڪمشنر پھريان تيز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر منھنجي تيز جواب ٻڌڻ کان پوءِ آسمان تان لھي زمين تي آيو ۽ اسان ۾ صلح صفائي ٿي ويئي - تڏهن وڃي آغا صاحب جي ”ڊز - ڊز – ڊز“ مان منھنجي جان آزاد ٿي.
* * * * * * * * *
آغا صاحب جي لطيفن کان قطع نظر، سندس شخصيت بيحد خوبين جي حامل هئي. پنھنجي زماني اندر مسلماني ڪمن ۾ پيش پيش رهيو. هندو - مسلم فساد هجن، يا سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ واري هلچل، يا 1938ع کان سنڌ اندر جاري ڪيل مسلم ليگ تحريڪ، يا سکر منزلگاھہ مسجد جي وا گذاريءَ لاءِ ستياگرھہ - آغا صاحب باڪار رهيو ۽ نہ بيڪار. جا بہ خدمت سندس سپرد ٿي، سا سھڻي نموني ۾ سرانجام ڪيائين. شال حورن جي هنج ۾ هوندو‍!

خانبھادر ميان پيربخش مرحوم

سکر شھر جو ِپيل پائو سمجهيو ويندو هو. عيسوي اڻويھين صديءَ جي پڇاڙي ۽ ويھين صديءَ جا پھريان پنجٽيھہ سال سکر جي فضا تي ڇانيو رهيو. جنم 1854ع ۾ ۽ وفات 1935ع ۾ ٿيس. ان وچ ۾ سرڪاري ملازمت ڪندي، ڊپٽي ڪليڪٽر بڻيو، ۽ رٽائر ڪرڻ بعد پبلڪ لائيف ۾ گهڙيو. فرسٽ ڪلاس اسپيشل ماجسٽريٽ ٿيو، بمبئيءَ ڪائونسل جو سرڪاري ٿاڦيل ميمبر، سکر ميونسپل جو پريزيڊنٽ ۽ سکر ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو صدر رهيو. خانبھادريءَ ۽ سي. آءِ. اي. جا لقب مليس. انگريزن جو مٿس وڏو اعتبار هو. ڪنھن بہ تيز قسم جي قومي تحريڪ ۾ حصو ڪو نہ ورتائين. ”انجمن اسلام“ نالي هڪ جماعت قائم ڪئي هئائين، جنھن جو پاڻ صدر هو. انجمن جي نالي ۾، مسلمانن جي تعليم، نوڪري، ۽ حقِ نمائندگي سان تعلق رکندڙ سوالن بابت، موقعي سارو، سپاسناما پيش ٿيندا هئا. هر سپاسنامي جي ابتدا انگريز حڪومت سان وفاداريءَ جي اعلان، ۽ انتھا ملڪ معظم جارج پنجم جي ذاتي اقبال صحت لاءِ ”دلي دعائن“ سان ٿيندي هئي. اهي ڏينھن ئي اهڙا هئا. ميان صاحب مرحوم تي ڪا خاص ميار ڪا نہ هئي.
وقت جي حڪومت سان هر طرح وفاداري ڪرڻ سنڌ جي مسلمان زميندارن ۽ ڪاموري طبقي جي ماڻھن جي فطرت جو هڪ اهم جزو هو. حاڪم مغل هجن يا پٺاڻ، راڄ ٽالپرن جو هجي يا انگريزن جو - سنڌ جا وڏيرا هميشہ ”اُڀريءَ کي سلام“ ڪندا رهندا، ۽ هر حاڪم کان انعام ۽ آفرين ناما وٺندا ايندا. اوائلي ڏينھن ۾ تہ جاگيرون ۽ زمينون بہ ملنديون هين.
جن ڏينھن جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، انھن ڏينھن ۾ تہ ان وفاداريءَ جي وبا جو خاص زور هوندو هو - مثلاً، 1919ع ۾ سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا، ارل مانٽيگو، تحقيقات ڪرڻ آيو، تہ هندستان جي ماڻھن کي سياسي سڌارا ۽ خود - حڪومت جا حق ڏجن يا نہ؟ اهو فخر فقط سنڌ کي ئي حاصل ٿيو تہ اتانھون جي مسلمان نمائندن سندس اڳيان وڃي سپاسنامو پيش ڪيو، جنھن ۾ هيءَ ارداس ڪيل هئي تہ سنڌ جا مسلمان چالو ڪمشنري راڄ مان بلڪل راضي آهن، ۽ کين ڪنھن بہ قسم جا سياسي سڌارا ڪو نہ گهرجن! تنھن ڪري، اهڙي سمي اندر، مرحوم ميان پير بخش صاحب جي ”انجمن اسلام“ جو اعلان وفاداري ڪرڻ ڪو غير معمولي قدم ڪو نہ هو.
مرحوم پير ڪرم علي شاھہ، جنھن جو احوال اڳتي ايندو، ميان پربخش جو سياسي رقيب هو. ميان صاحب انجمن اسلام ٺاهي، تہ ان جي مقابلي ۾ پير صاحب بہ پنھنجي هڪ انجمن اسلام کڙي ڪئي. اچي لڳو جهيڙو ”اسلام“ جي ٻنھي انجمنن جي وچ ۾. خود انگريز تنگ ٿي پيا. سالن جي هنگامي بعد وڃي فيصلو ٿيو تہ هڪ انجمن جو نالو هجي “انجمن اسلام” ٻيءَ انجمن جي نالي ۾ “ن” کي زير اضافت ڏيئي اچارجي، يعني “انجمنِ اسلام”(انجمني اسلام). پوءِ لڳي لٺ ميمبر سازيءَ تي. ساري شھر جا مسلمان ٻن پارٽين ۾ ورهائجي ويا، حالانڪ ٻنھي انجمنن جي زندگيءَ جو مقصد هن کان سواءِ ٻيو ڪو ڪو نہ هو تہ وقت جي انگريز آفيسرن اڳيان حاضر ٿي، شھر جي مسلمانن پاران وفاداريءَ جي اعلان جي تجديد ڪنديون رهن.
اهو اُهو وقت هو، جڏهن هندو قوم سياسي طرح سخت سجاڳ ٿي چڪي هئي، ۽ ان جا فرد آزاديءَ جي تحريڪ ۾ شامل ٿي، هر قسم جون سختيون ۽ سور سهندا ٿي رهيا. سکر شھر ڪانگريس هلچل جو مرڪز بڻجي چڪو هو. ديش ڀڳت ويرومل ان هلچل جو مقامي اڳواڻ هو ۽ وقتاً فوقتاً جيل جون سزائون ڀوڳيندو ٿي رهيو. مقابلتاً شھر جا مسلمان ليڊر ڪوشان ٿي رهيا تہ ڪنھن بہ طرح مسلمانن کي انھن تحريڪن ۾ شامل ٿيڻ نہ ڏين. هندو، سرڪاري نوڪرين جي حصول وارو مقام اڳ ۾ ئي حاصل ڪري، هينئر آزاديءَ واري وڏي مقصد جي حصول لاءِ ميدان ۾ گهڙي پيا هئا. مسلمان اڃا پھرئين مقام تائين بہ نہ پڳا هئا، اڃا کين پوري تعليم ۽ ڪافي تعداد ۾ معمولي سرڪاري نوڪريون بہ ڪو نہ جڙيون هيون.
ميان پيربخش مرحوم ديندار، سنجيدو، سياڻو، ۽ بزرگ صورت هوندو هو. ميمڻڪو لباس پھريندو هو: زريدار گول پڳڙي، ڊگهو ڪوٽ، ۽ موڪرو پاجامو، هٿ ۾ ڊگهي عصا - آهستي ڳالھائيندو هو ۽ هر اکر چٻي چٿي. نڪتچيني ڪرڻي هونديس، تہ بہ اشارتاً. نہ ڳوڙهي دوستي رکندو نہ هٿ وٺي دشمني ڪندو. مرحوم ميان عبدالرحمان پيرزادي ۽ سرڳواسي ديوان ڀوڄسنگهہ وڪيل سان رستو هوس. ٽيئي شھر جا برک بزرگ هئا. انتھائي شرافت سان هڪٻئي سان نڀائيندا رهيا.
ميان صاحب مرحوم پاڻ ۽ سندس فرزند ميان رسول بخش مرحوم (جنھن پڻ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رٽائر ڪيو) ۽ ميان نبي بخش (انڪم ٽئڪس آفيسر) مون تي ذاتي طرح مھربان رهيا. مون کي هميشہ اها آس رهندي آئي تہ ڪڏهن ميان صاحب مرحوم کي سندس ابتدائي زماني جا حالات ٻڌي، قلمبند ڪريان. پاڻ اهڙو واعدو بہ ڪيائين، پر منھنجي بدقسمتي، جو فرصت ڪا نہ مليم. معلومات جو وڏو خزانو هو، جو هٿان هليو ويو.
________________________________________
(1) Makhi Khani? Non sense! Shut up! What are you talking? “You are insulting me!”

پير ميان ڪرم علي شاھہ مرحوم

پير ڪرم علي شاھہ مرحوم دل جو صاف هو، تنھنڪري قدري طبيعت جو تيز هو. جي رُسيو تہ رڻ ٻاري ڏيندو- اٿندي ويھندي پيو ياد ڪندو ۽ پنھنجي مخصوص انداز ۾. پر جي وڃي پرتو تہ ٻيڙائي ٻاهر، اوهان وٽس وڃو يا نہ وڃو، پاڻ هر روز پيو ڀيرو ڪندو. سندس مھربانيءَ حاصل ڪرڻ جو آسان طريقو ِاهو هوندو هو، تہ سندس ”انجمنِ اسلام“ جا ميمبر بڻجو، ميان پير بخش واريءَ انجمن اسلام کي غير - نمائنده سمجهو، شام جو گهڙي - سوا وڃي سندس ڪچھريءَ ۾ ويھو، ۽ جن ماڻھن تي پاڻ ناراض هجي، تن کان بيزاري ڏيکاريو! ساڻس دوستي ڪريو يا نہ، پر سندس دشمنن جا ضرور دشمن هجو - ۽ اهو هو معموليءَ کان معمولي شرط سندس مھرباني حاصل ڪرڻ جو.
زود رنج ۽ تيز طبع سببان جيتريءَ ترقيءَ جو لائق هو، اوتري ترقي حاصل ڪري نہ سگهيو - ورنہ ڪجهہ زمانو تہ شھر اندر ڏاڍي هلندي هيس. پنھنجي جذبات اڳيان بلڪل مجبور هو ۽ انھن جو اظھار ڏاڍي ِتکي نموني ۾ ڪندو هو. ان زماني جي سياست ۾ ڪاميابيءَ لاءِ پھريون شرط اهو هوندو هو، تہ ماڻھو پنھنجي زبان تي قبضو رکي، جيڪي ڪجهہ دل ۾ هجيس، تنھن جو پتو پنھنجي چھري جي ذريعي بہ لڳڻ نہ ڏئي، نہ پڪي دوستي ڪري ۽ نہ مستقل دشمني - جا هوا لڳي تنھن کي منھن ڏيندو رهي. سائين ڪرم علي شاھہ مرحوم انھن خراب اصولن تي عمل ڪرڻ کان عاجز هو – ”سڌي ڳالھہ سوٽي جي، ٻيڙي ٻڏي کوٽي جي.“
مرحوم ميان عبدﷲ صاحب شينھن واري سان پھريان دوستي هئس. پوءِ ڪنھن ڳالھہ تان ناراض ٿي پيس. صبح کان شام تائين، ميان عبدﷲ متعلق پنھنجي ناراضگيءَ جو اظھار ڪندو رهيو. جنھن ڪري ميان صاحب مرحوم جو هلڻ - چلڻ دشوار ڪري ڇڏيائين. سائين ڪرم علي شاھہ کي رستي سان ايندو ڏسندو، تہ هڪدم رستو ڇڏي پاسي ٿي ويندو.
ميان نعمت ﷲ قريشي پراڻي سکر جو هڪ با اصول ۽ سخت آزاد خيال قومي ورڪر هو. خلافت خواھہ مسلم ليگ تحريڪن ۾ وڏي انهماڪ ۽ مستقل مزاجيءَ سان ڪم ڪندو رهيو. ويھہ سال اڳ ”الوحيد“ اخبار جو خاطو هوندو هو. ان زماني ۾ ڪو مضمون لکيو هئائين، جنھن ۾ سائين ڪرم علي شاھہ تي نڪتچيني ٿيل هئي. بس پوءِ ڪٿي ٿي سندس جان ڇٽي؟ ”نعمت ﷲ“ مان ڦري ٿيو ”...ﷲ“ ۽ قريشي مان ”...“ جيستائين مرحوم سائين ڪرم علي شاھہ زنده رهيو، تيستائين ميان نعمت ﷲ جي انھن لقبن مان جند ڪا نہ ڇٽي.
سکر جون ٻہ ڪچھريون مشھور هونديون هيون: ميان پير بخش مرحوم جي، بندر تي، ۽ سائين ڪرم علي شاھہ جي مناري جي ڀر ۾. شام جو ڇڻڪار ٿيندا، ڪرسيون پئجي وينديون، ۽ پاڻ اچي وچ ۾ ويھندا. هر هڪ صاحب جا پوئلڳ اچي موجود ٿيندا. اوڀاريون لھواريون خبرون ڪندا. ڏينھن اندر حاصل ڪيل ڪاميابين ۽ مخالفين جي ناڪامين جا ذڪر ٿيندا. مغرب جي نماز تائين اهو سلسلو هلندو رهندو. انھن ڏينھن ۾ شربت پيارڻ يا سوڍا لمليٽ سان تواضع ڪرڻ وارو رستو اڃا ڪو نہ رائج ٿيو هو، تنھنڪري شريڪ مجلس، پاڻي هميشہ گهران ئي ِپي ايندا هئا.
ميونسپل اليڪشن جو ناد وڳو ۽ سائين ڪرم علي شاھہ مرحوم ميدان ۾ نڪتو. گوڏن تائين سنھيءَ سلڪ جو موڪرو ڪوٽ، مٿي تي بوسڪيءَ جي ڪشادي پڳ، هيٺ سلوار، پيرن ۾ ڪارو، سنھيءَ ٻوٿيءَ وارو بوٽ، ۽ هٿ ۾ لڪڙ. ٽانگو جوٽجي ويندو، گهٽي گهٽي گهمندو، گهر گهر ويندو. جنھن ووٽر ڪشاده پيشانيءَ سان ووٽ جو واعدو ڏنس، تنھن کي دعائون ڪندو. ”بابا سلامت هجين، سچو مومن آهين!“ جنھن جي نيت ۾ خلل نظر آيس، ان کي ٿڏي تي ”يزيد“ يا ”مروان“ جي لقب سان سرفراز ڪندو. پڇاڙيءَ ۾ ان باھہ کان بچڻ خاطر عام ماڻھن هيءُ طريقو اختيار ڪيو تہ منھن تي تہ ڏيندا هئس ووٽ جو واعدو ۽ پرپٺ وڃي ووٽ ڪندا هئا پنھنجي دلي منشا مطابق. ان ڪري ڪنھن عرصي لاءِ سندس بيھاريل اميدوار ناڪامياب ٿيڻ لڳا، ۽ پاڻ ڪڏهن ميونسپل اندر صدارت جو عھدو حاصل ڪري نہ سگهيو.
اصلي حقيقت هيءَ هئي تہ شاھہ صاحب مرحوم، اڳئين جڳَ جو بزرگ هو. قومي تحريڪن جي رائج ٿيڻ بعد عوام ۾ سجاڳي جا آئي هئي، تنھن جو اندازو ڪري ڪو نہ سگهيو هو. ڪو زمانو هو، جڏهن ماڻھو سيد ۽ پير فقير جي مراد پوري رکندا هئا. سندس خاندان تہ خاص طرح سان جيلاني هو، جنھن جو وڏو شان هو، ۽ آهي. سندس وڏا يا پاڻ جيڪو بہ حڪم ڪندا هئا، تنھن جي پئي پيروي ٿيندي هئي. پر بعد ۾ سياسي حالتن ۾ تڪڙي ڦيري اچڻ سبب ماڻھن جي ذهنن ۽ مرادن ۾ بہ ڦيرو اچي ويو هو. اهو راز هو بزرگ محسوس ڪري نہ سگهيو.
ذاتي طرح ڏاڍو دلچسپ ۽ وضعدار انسان هوندو هو.

ميان عبدالرحمان پيرزادو

- سکر جي چوياريءَ مان هڪ هو. ان چوياريءَ جا ٻيا ٽي رڪن هي هئا: ميان پير بخش، پير ميان ڪرم علي شاھہ ۽ ديوان ڀوڄسنگهہ. ميان ڪرم علي شاھہ، پڇاڙيءَ ۾ ان چوياريءَ کان علحده ٿي ويو، مگر باقي ٽن جي ياري، وضعداريءَ جي پراڻن بنيادن تي پڇاڙيءَ تائين هلندي رهي.
ميان عبدالرحمان، درگاھہ شاھہ خيرالدين رحمة ﷲ عليہ جو سجادہ نشين هو. ميونسپل سياست ۾ پورو حصو وٺندو هو، ان کان مٿينءَ سياست سان ڪو واسطو ڪو نہ رکيائين.
مون کي، کيس مطالع ڪرڻ لاءِ، ڪو بہ خاص موقعو ڪو نہ مليو. آءٌ ڪڏهن ڪڏهن درگاھہ جي زيارت لاءِ ويندو هوس. شام ويلي، پاڻ درگاھہ جي اندرئين دروازي جي سامھون تربتن کي پاسو ڏيو، ويٺو هوندو هو. زائر، درگاھہ جي زيارت بعد نذر نياز آڻي سندس اڳيان رکندا هئا.

ديوان ڀوڄسنگهہ پھلاجاڻي

اهڙو خشڪ طبيعت ماڻھو ورلي نظر آيو. ساريءَ زندگيءَ اندر شايد هڪ يا ٻہ دفعا مشڪل سان مرڪيو هوندو. صورت وڏي رعب واري - ڊگهو، ڏاڙهي ڪتريل ۽ سفيد، هيٺ پتلون ۽ ڪوٽ، مٿي تي بج سان ڪاري ٽوپي، ڪورٽ، بمبئي ڪائونسل، يا سنڌ اسيمبلي ۾ ايندو، تہ پوءِ ميراڻي ڏانوَ جي ڪلنگي ڍڪي ايندو.
وڪالت ۾ چوٽيءَ جو مقام حاصل ڪيل هوس. مقدمي ۾ هڪ - ٻہ مکيہ پائنٽ ڳولي هٿ ڪندو ۽ ان کي ٺاهڻ يا ڊاهڻ تي قانون جا درياءُ وهائي ڇڏيندو. مشھور هوندو هو تہ مرليڌر وڪيل جي آڏي پڇا، صاحبسنگهہ وڪيل جي حرفتبازي، ۽ ڀوڄسنگهہ جي قانون داني!
بمبئي ڪائونسل جو ميمبر ۽ سنڌ جدا ٿيڻ کان پوءِ سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ٿي رهيو. سندس راءِ کي وڏو وزن ڏنو ويندو هو. ٿورو ڳالھائيندو، پر جو ڳالھائيندو، سو نجو عقل هوندو. تقرير ۾ نہ لچڪ هوندي، نہ رنگ، نہ دليل. سندس دماغ ٽڪسال هو، جنھن مان سون ۽ چانديءَ جا ٺھيل ۽ اجاريل ِسڪا نڪري اچي ٻاهر پوندا هئا. ساريءَ زندگيءَ اندر ڪو گٿو اکر يا هلڪو لفظ سندس زبان تي نہ ٻڌوسون. نہ ڪڏهن ڪوڙ ڳالھايائين، نہ اڻپورو وعدو ڪيائين، ۽ نہ ضمير وڪيائين. آزاديءَ جي تحريڪ ۽ هندو قوم جي جاڳرتا سان ڳوڙهي دلچسپي هيس، پر جذبات جي درياءَ ۾ ڪڏهن ڪو نہ وهيو. ميانہ رويءَ جو اصول قائم رکيون آيو. انتھا پسندي هر معاملي ۾ ناپسند هيس. انگريز عزت ڪندا هئس، ڪانگريسي ۽ مھاسڀائي ڏانھنس خوش رهيا. ظاهري طرح ڏک جو سبب مسلمانن کي بہ ڪو نہ ڏنائين. ميونسپل پريزيڊنٽ جي حيثيت ۾ سکر شھر کي چڱيءَ طرح سينگاريائين. سال 1911ع کان 1914ع تائين ۽ وري 1924ع کان 1928ع تائين ان عھدي تي رهيو. وڏي وقار ۽ انتھائي ايمانداريءَ سان ڪاروبار هلايائين.

ديش ڀڳت ويرومل بيگراج

جوشيلو، قدري سخت طبيعت، زبان تي سوراج، پر دل ۾ ”هندو جاتيءَ جي جئه“ جا خيال. پھريان بال گنگاڌر تلڪ جو پوئلڳ ۽ ڪانگريس جو وائيس پريزيڊنٽ هو، ۽ پڇاڙيءَ ۾ هندو مھاسڀائي. ديش ڀڳت ويرومل بيگراج سکر جي سياست اندر، ڪنھن زماني تائين، وڏو هنگامو مچايو ويٺو رهيو.
جن شخصن سڀ کان پھريان سنڌ اندر سياسي سجاڳي آندي، تن مان هڪ مسٽر ويرومل بہ هو. ”سنڌي“ اخبار ڪڍيائين، جنھن جو پاڻ سمپادڪ بڻيو. اها اخبار پاڪستان ٺھڻ تائين زور شور سان هلندي رهي. منھنجو پھريون غير سياسي سنڌي مضمون ان اخبار ۾ شايع ٿيو. مضمون مقامي سٽي ماجسٽريٽ جي خلاف هو: ان صاحب جي عادت هئي تہ هر روز بلئي جي ناٽڪ ۾ وڃي مير مجلس بڻجي ويھي.ان ڪري ماڻھن ۾ ڏاڍيون چميگويون هلي رهيون هيون، جن کي مون مضمون جي صورت ڏيئي پڌرو ڪيو هو.
سياسي ميدان اندر ”سنڌيءَ“ ڪافي ڪم ڪيو. انگريزن خلاف باھہ ٻاري ڇڏيائين. ٻہ دفعا ويرومل کي جيل ڪاٽڻو پيو، جنھن جو مجموعي ميعاد پنج سال هو. پر ڀائي صاحب پنھنجن اصولن تان هٽيو ڪو نہ. آزاد هوندو هو تہ هر ڇهين مھيني ڪو نہ ڪو مچ مچايون ويٺو هوندو هو.
ان وچ ۾ هندو مھاسڀا تحريڪ شروع ٿي. خلافت هلچل جي ناڪاميءَ بعد، هندستان اندر هندو مسلم ڇڪتاڻ وڌي ويئي. هندن شڌي تحريڪ(مسلمانن کي زوريءَ هندو بنائڻ) شروع ڪئي ۽ مسلمانن وري تبليغ اسلام تحريڪ. مرڪز ٻنھي تحريڪن جو دهليءَ ۾ هو. هڪ جو اڳواڻ هو سوامي شرڌانند، جنھن کي ڪجهہ عرصي بعد هڪ مسلمان ڇرو هڻي ماري وڌو، ٻيءَ جو سرڪردو هو خواجه حسن نظامي مرحوم. ساري ملڪ اندر هندو مسلم فساد شروع ٿي ويا. شرڌانند جي موت بعد ضرورت محسوس ڪئي ويئي تہ شڌيءَ جي هلچل کي ڪو عزت ڀريو جامو پھرايو وڃي، تنھنڪري هندو مھاسڀا کڙي ڪئي ويئي.
1927ع ۾، لاڙڪاڻي ۾ هندو- مسلم فساد ٿيو. سنڌ جي تاريخ اندر ان قسم جو ِاهو پھريون فساد هو. ان جا شعلا ساريءَ سنڌ اندر پکڙجي پيا ۽ هندن مسلمانن جي ذهنيتن ۽ باهمي تعلقات ۾ وڏو فرق پئجي ويو. هندو ڪارڪن هندن جي تنظيم ڪرڻ لڳا ۽ مسلمان ڪارڪن مسلمانن جي. ڪيترائي هندو ڪارڪن ڪانگريس کي ڇڏي مھاسڀا ۾ ڪاهي پيا، جا ڪٽر هندن جي جماعت هئي. مسٽر ويرومل بہ ڪانگريس مان استعفا ڏيئي وڃي مھاسڀا جي اڳواڻي اختيار ڪئي. ان جماعت جا اصول هيٺيان هئا:
(1) هندو قوم جي، هندو مذهب جي بنياد تي، سنگٺن (تنظيم).
(2) هندن کي ملڪي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ طاقت وٺائڻ.
(3) مسلمانن کي ڪمزور، ڪنگال، ۽ ذليل ڪري رکڻ.
(4)اسلام جي غيبت ڪري اُن جي اثر کي ختم ڪرڻ.
مسٽر ويرومل جي پرچار، ٿوري ئي عرصي اندر، هڻي وڃي هنڌ ڪيو. سکر جي فضا ايتريقدر خراب ٿي ويئي، جو ان کان پوءِ جيڪي بہ هندو مسلم فساد ٿيا، سي سکر ۾ ئي ٿيا. 29-1930ع ۾، روهڙي ڊويزن اندر هندو مسلم مارا ماري ٿي. سال - اڌ بعد خود سکر شھر اندر ان قسم جا واقعا ٿيا. جيئن پوءِ تيئن ڪشيدگي وڌندي ويئي ۽ آخر 1940ع ۾ منزلگاھہ مسجد واري سوال تي سکر شھر ۽ پسگردائيءَ ۾ ايتريقدر خونريزي ٿي، جو الامان والحفيظ! سوين ماڻھو مارجي ويا،تقريباً ٻن ڪروڙن جي جائداد سڙي خاڪ ٿي ويئي، ۽ ڪيس، مقدما، جيل جون سزائون ۽ ڦاسيون ان اپرانڌ!
سکر جي واقعات سنڌ جي سياست تي مستقل اثر ڇڏيو. انھن ڏينھن کان پوءِ هندو- مسلم ميلاپ ناممڪن ٿي پيو. مسلمان مسلم ليگ ۾ گهڙي پيا ۽ پاڪستان جي حصول لاءِ ڪوشش شروع ڪري ڏنائون. ٿورن سالن بعد پاڪستان قائم ٿيو ۽ هندن کي مورڳو سنڌ مان لڏڻو پيو. مسٽر ويرومل پاڻ ان هوندي بہ پاڪستان مان ڪو نہ ويو. البت سندس سياست ختم ٿي چڪي هئي. حياتيءَ جا باقي ڏينھن خاموشيءَ سان ساڳئي سکر ۾ گذاريندي، چالاڻو ڪيائين.
ذاتي طرح چڱيءَ سڀاءَ جو صاحب هو. ڳالھائڻ جو نمونو وڻندڙ ۽ سنجيدو هوس. دل ۾ ڪجهہ بہ هيس، پر سڏيندو هر ڪنھن کي ”منھنجا پيارا ڀاءُ“. هٿ جي ٺھيل کڌر جا ڪپڙا پھريندو هو - ڌوتي، قميص، ۽ گانڌي ٽوپي. ڳالھائڻ ۽ لکڻ ٻنھي ۾ اثر هوس.ڌاريءَ حڪومت اڳيان ڪڏهن بہ سيس نہ نوايائين. پنھنجي هندو جاتيءَ جي شيوا جو عشق هوس. پر عشق ۾ توازن جو هجڻ لازمي آهي. اهو توازن سرڳواسيءَ جي طبيعت ۾ ڪو نہ هو، تنھنڪري سنڌ مان پنھنجي جاتيءَ ۽ خود پنھنجو ٿڏو ڪڍائي ويھي رهيو. گهڻيءَ حد تائين سندس قسمت جو بہ قصور هو. ايترين خدمتن ۽ قربانين هوندي خود سندس پنھنجي جاتيءَ بہ سندس ڪو قدر ڪو نہ ڪيو. سکر شھر ۾ هندن جي اڪثريت هوندي بہ هو هڪڙو دفعو بہ ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ چونڊجي نہ سگهيو. بمبئي ڪائونسل ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾، هندن جي پاران، ڀنگي ۽ ميگهواڙ بہ بطور ميمبر جي چونڊجي ويا، مگر ويرومل کي اهو معمولي اعزاز بہ حاصل نہ ٿي سگهيو. جڏهن بہ اميدوار بيٺو، ناڪامياب ئي رهيو:
”ماءُ ڄڻيندي پٽڙا، بخت نہ ڏيندي ونڊ!“

مسٽر عبدالحميد خداداد خان

مرحوم خانبھادر خداداد خان جو ٻيو نمبر فرزند، پراڻي سکر ۾ رهندڙ، صاف دل ۽ وضعدار انسان، سکر جي بزرگن مان هو.
سنڌ جي سياست جا هونئن تہ گهڻا ئي شھيد آهن، مگر ان قسم جي شھداءِ ڪرام ۾ عبدالحميد خان جو نمبر بلڪل مٿانھون آهي. سندس والد بيرسٽريءَ پڙهڻ لاءِ ولايت روانو ڪيس. اُت سياسي ليڊرن ۽ وڏن ماڻھن جي سنگت حاصل ٿيس. پڙهائي کان وڌيڪ پاليٽڪس تي توجھہ ڏنائين. ميٽنگون، ڊنرون، اخباري بيان، گروپ فوٽا، وغيرہ وغيرہ، جن جو ماحصل هن کان مٿي ڪو نہ ٿو ٿئي تہ:
”چار گهڙيون چانڊوڪي، پوءِ انڌاري رات.“
تعليم پوري ڪري ڪو نہ سگهيو. اڌوريءَ حالت ۾ ڇڏي، واپس وطن وريو. ولايت مان البت فوٽن جو هڪ سٿو ساڻ کنيون آيو. اهي فوٽا اڄ تائين سندس بنگلي جي ديوارين تي پيا لڙڪن. هينئر تہ فوٽن ۾ ڏيکاريل ماڻھو بہ گذاري ويا آهن ۽ اڏوهي خود فوٽن جي بہ صفائي ڪري ڇڏي آهي.
پنھنجي ملڪ ۾ موٽي اچڻ بعد بہ عبدالحميد خان جي پاليٽڪس جاري رهي. سندس جواني هئي ۽ ماڻھن مان بہ اڃا تائين خاندانيءَ جو خيال ۽ سچائيءَ جو لحاظ ختم ٿي ويل ڪو نہ هو. سکر ميونسپل جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو. آٿوراٿفيلڊ(مصنف ”وومين آف انڊيا“) سکر جو ڪليڪٽر ٿي آيو. ان انگريز جي پاليسي هئي، تہ چڱن گهراڻن جي انگريزي پڙهيل نوجوانن کي همٿائجي. عبدالحميد خان کي آنريري ماجسٽريٽ مقرر ڪرايائين. ان وچ ۾ خيرپور ۾ شيخ محمد قادر مرحوم وزير ٿي آيو. عبدالحميد خان سندس حلقه احباب ۾ شريڪ ٿيو. سندس مدد سان ڇهن مھينن لاءِ، هڪ باءِ اليڪشن ۾، هندستان جي سينٽرل ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. ان کان پوءِ سنڌ جي حالتن ۾ ڦيرو آيو. سياست تي قبضو ٿيو مالدارن جو، انساني شرافت، سچائي ۽ بنياد جو ڪو قدر ڪو نہ رهيو. جنھن وٽ چار پئسا ٿيا، ۽ ڪوڙ بدوڙ ۾ مھارت حاصل ڪيائين، سو اڳتي وڌيو. عبدالحميد خان جھڙا انسان، ڏسندي ڏسندي، پوئتي رهجي ويا. ان ۾ ڪو شڪ ڪو نہ آهي، تہ خود ان صاحب بہ پنھنجي پاران حالتن کي منھن ڏيڻ، ۽ انھن جي مقابلي ڪرڻ، جي ڪوشش ڪا نہ ڪئي:
نا سزائي را چو بيني بخت يار
عاقلان تسليم ڪردند اختيار.
آرام سان، ۽ پنھنجي استطاعت مطابق، اڳوڻن ساٿين سان ملندو، ۽ ملڪ جا سئر سپاٽا ڪندو رهيو. عملي دنيا کيس وساري ڇڏيو ۽ پاڻ عملي دنيا کي پٺي ڏيئي ويھي رهيو.
جت پڄڻ نہ پاهت، ات ڀڄڻ ڪم وريامن جو!

ڊاڪٽر محمد يامين

پيدائش پنجاب جي، مگر عمر ساري سکر ۾ صرف ٿيس. ڌنڌو دندان سازي، ۽ ڪجهہ سالن لاءِ اخبار نويسي. ”دعوت اسلام“ نالي اخبار ڪڍيائين، جنھن پير صاحب پاڳاري جي 30-1931ع واري مقدمي جي زماني ۾، مقدمي جي ڪارروائي ڇاپڻ سان، ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي. سياست ۾ بہ دلچسپي وٺندو هو. ”ميونسپل ڪمشنر“ (يعني ميونسپل ميمبر) بڻجڻ جو ساري عمر شوق رهيس، مگر سواءِ هڪ دفعي جي، ڪڏهن بہ چونڊجي ڪو نہ سگهيو. مخلص هو تنھنڪري زود رنج - گهڙيءَ رسي، گهڙيءَ پرچي. دوست، جانثار، سادو، ۽ صاف دل، ۽ نہ ڇڏي ڏک ۾ نہ بک ۾. ِاهو ئي ڪارڻ هو، جو ماڻھن سندس انھن خصلتن جو هميشہ ناجائز فائدو ورتو ۽ کيس استعمال ڪرڻ بعد هر موقعي تي منجهانئس هٿ ڪڍي ويا. ظاهر داري رکڻ کيس بہ بنھہ ڪا نہ ايندي هئي. هميشہ منھن سڄايو ويٺو هوندو. نہ کل مرڪ، نہ وڌي ڪنھن جي دل وٺندو. پوءِ ڇوٿا ماڻھو ويجهو اچنس؟ عام دنيا جو دستور آهي:
اندر ويھار ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنجهہ جي.
محمد يامين هنجهہ جي ٻولي ڪڏهن ڪا نہ سکي. ڀائيندو هو تہ جنھن صورت ۾ سندس اندر ۾ ڪانءُ ڪو نہ آهي، تنھنڪري هنجهہ جي ٻولي ڇو سکي؟ پر دنيا ۾ هلڻو آهي تہ هنجهہ جي ٻولي ضرور استعمال ڪرڻي آهي، پوءِ دل اندر ڪانءُ جو ڪو آکيرو هجي يا نہ! ڪنھن کي آهي فرصت ۽ ضرورت تہ ويھي ٻين جون دليون چڪاسي ۽ منجهن جي سچائيءَ جا موتي، ۽ چڱائيءَ جا ماڻڪ لڪل رهن ٿا، تن کي معلوم ڪري ۽ انھن جي قيمت جي ڪٿا ڪري؟ ۽ دنيا اندر آهن گهڻا موتين جا پارکو يا ماڻڪن جا خريدار؟
خواھہ مخواھہ وچ ۾ پئي، ٻين کي لونٺيون هڻي، اڳينءَ صف ۾ جاءِ هٿ ڪرڻ جي ڪڏهن ڪوشش بہ ڪا نہ ڪيائين. حالانڪ پنھنجي چو طرف هر روز ڏسندو ٿي رهيو تہ سندس همعمر ان قسم جي گونڊا گردي ڪندي، اڳتي وڌندا پئي ويا. سکر جي محدود حلقي اندر ڪا بہ اهڙي اسلامي تحريڪ ڪا نہ جاري ٿي، جنھن جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر محمد يامين سچائيءَ سان خدمت نہ ڪئي هجي. خلافت، تبليغ اسلام، منزلگاھہ، مسلم ليگ - غرض سڀني تحريڪن ۾ سندس حصو نمايان هو. منزلگاھہ جي سلسلي ۾ تہ مٿس ڪيس بہ هليو، جنھن جي وگهي ڏاڍيءَ پيڙا مان لنگهڻو پيس. پر نہ اف ڪيائين، نہ قوم کان ڪنھن انعام جي طلب.
سڙي سارو ڏينھن، ٻاهر ٻاڦ نہ نڪري.
“ نہ وري قوم پاڻ ئي وڌي مٿس ڪا ورکا ڪئي. سنڌ جون ميونسپالٽيون ۽ لوڪلبورڊ آهن ئي ان لاءِ تہ منجهانئن ميمبر جاوا ڪندا رهن. سکر ۾ تہ خاص طرح ڪيترن ميمبرن جو گذارو ئي محض ان آمدنيءَ تي پيو ٿيندو هو. پر ڊاڪٽر محمد يامين جيڪو بہ عرصو ميونسپل ميمبر رهيو، پنھنجي لاءِ يا پنھنجن لاءِ ڪو بہ فائدو حاصل ڪو نہ ڪيائين. ”دست حاجت“ دراز ڪرڻ جي عادت ئي ڪا نہ هيس. هر دم صبر ۽ شڪر، بک جي حالت ۾ بہ بيقراريءَ کان بالا مون اهو شخص ڏٺو.

ديوان صاحب سنگهہ وڪيل

سنهڙو، قد جو ويٺوڙو، نازڪ بدن، نفاست طلب، پر عمل ۾ ڪولٽ جو آٽو - ميٽڪ پستول. صاحب سنگهہ محض ڪيس ۾ وڪيل ٿي آيو، تہ آسانيءَ سان سچ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙ کي سچ ثابت ڪري ويندو. قانون جا اهڙا ناياب باريڪ نڪتا پيدا ڪندو، جي گهڻن وڪيلن ڪڏهن ٻڌائي ڪو نہ هوندا. قد ۾ گرانٺ، پر عدالت جي ساريءَ فضا تي ڇانيو پيو هوندو. پنھنجو مٽ ڪنھن کي ڪو نہ سمجهندو. ڪنھن وڪيل آڪڙ ڏيکاريس تہ عدالت جي ٻاهران، ۽ خود عدالت اندر، فقط، ٻہ ٺٺوليون ۽ چرچا ڪري ٻيڙي ٻوڙي ڇڏيندس. ديوان ڪندنداس کانئس سينئر وڪيل هو، ۽ پبلڪ پراسيڪيوٽر، قدر ۾ ٻئي هڪجيترا ۽ ٻنھي جي انگريز عملدارن سان لھہ وچڙ ۽ اٿ ويھہ هوندي هئي. پاڻ ۾، ڪنھن حد تائين، هم پيشگيءَ جي رقابت بہ هوندي هين. ائين ڪنھن ڪلب يا ڪورٽ ۾ ڪندنداس، صاحبسنگهہ جي ور چڙهي ويو، تہ ٺٺولين سان ابتي کل لاهي ڇڏيندس. چرچي جي شروعات هميشہ ڪندنداس وٽان ٿيندي، پر پوءِ جيڪي ڪجهہ صاحبسنگهہ هٿان ساڻس ٿيندو، سو ٻڌڻ ۽ ڏسڻ وٽان هوندو. سال 30-1931ع ۾ پير صاحب پاڳاري تي مقدمو ٿيو، ڪارروائي سکر جي جيل ۾ هلي، سرڪار پاران وڪيل هئا مسٽر سي ايم - لوبو(جو پوءِ سنڌ چيف ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو) ۽ راءِ بھادر ڪندنداس. پير صاحب پاران مکيہ وڪيل هو مسٽر محمد علي جناح، ۽ مددگار وڪيل صاحبسنگهہ. ڪيترا مھينا مقدمو هلندو رهيو. هر روز ڪندنداس ۽ صاحبسنگهہ جي وچ ۾ پيون جهڙپون ٿينديون هيون، خاص طرح ڪورٽ جي ٻاهران. ڪير جو ٿورو کلي؟ جناح صاحب مرڪندو بہ مشڪل سان هو، چه جائيڪ ڪنھن ڪچھريءَ ۾ ويھي يا ڪن ٻن شخصن جي وچ ۾ هلندڙ گفتگو ڏانھن ڪن ڏئي: پر ڪندنداس ۽ صاحبسنگهہ جي چڪرين ۾ خاصي دلچسپي وٺندو هو. انھيءَ زماني ۾ جناح صاحب جي اعليٰ لباس کي ڏسي، ٻين وڪيلن بہ نوان سوٽ سبارايا هئا. لوبو مارننگ سوٽ ۾ اچڻ لڳو. صاحبسنگهہ تہ لباس ۾ وڃي خود جناح صاحب سان ڪن هنيو. باقي رهيو هو ڪندنداس تنھن بہ پنھنجي پاران تہ ڪو نہ گهٽايو، پر صاحبسنگهہ جي جتيءَ ۾ ڪٿ ٿي پير پائي سگهيو؟ صاحبسنگهہ کي ٽوڪ لاءِ ٻيو مواد ڪو نہ ملندو تہ ڪندنداس جي ڪپڙن سان شروع ڪندو:
”ڪندنداس، اهو ڪوٽ جو ڪپڙو ڪٿان آندو اٿئي؟“
”ڪراچيءَ مان.“
”ڪوڙ ٿو ڳالھائين. اهو ڪپڙو فلاڻي جي ڳٺڙي ۾ آيو هو، جيڪا سکر جي مال گودام مان چوري ٿي ويئي ۽ جنھن جي بنسبت اڄ تائين پوليس ۾ رپورٽ داخل ٿيل آهي. آءٌ تہ سمجهان ٿو تہ ڳٺڙيءَ جي چورن مان ڪو تنھنجو اصيل آهي، جنھن وٽان اهو ٽڪر هٿ آيو اٿئي.“
ان کان پوءِ ڪندنداس گارين ۾ مچي ويندو. هڪ ڏينھن فساد صاحبسنگهہ جي هن ريمارڪ تي اچي متو: ڪندنداس جي جسم تي نئون سوٽ ڏسي پاسي ۾ بيٺلن ماڻھن کي سڏي چيائين: ”ڪندنداس، فيشن ايبل بڻجڻ جي تہ گهڻي ڪوشش ڪئي آهي- اڄ صبح جي اخبارن ۾ اها خبر بہ اچي ويئي آهي تہ ديوان صاحب هينئر ٽوٿ برش استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. پر ديوان جي ڊريس ۽ سندس صفائيءَ جو خانو خراب، سندس ڪن ڪيو بيٺا آهن، جي ڇٻن وانگر پيا لڙڪنس!“
انھن ڏينھن کان پوءِ مون اڪثر ڏٺو تہ ڪندنداس، صاحبسنگهہ کان مڙيو ئي پاسو پيو ڪندو هو. ڪندنداس ”سائين لوڪ“ قسم جو سڌو انسان هوندو هو - حرڪتن ۽ حرفتن ۾ ڪٿي ٿي صاحبسنگهہ جو مقابلو ڪري سگهيو؟
صاحبسنگهہ ڪمائيندو لک، پر پوئتي ڇڏيندو پائي بہ ڪا نہ. خوش پوش، خوش نوش، ۽ خوش خوراڪ. اٿڻي ويھڻي مغربي ڍنگ جي. رهندو ٽڪر تي علحده بنگلي ۾، جنھن جو هر ڪمرو سھڻيءَ طرح سينگاريل هوندو-خاص طرح آفيس وارو روم، جيئن ٻاهران ايندڙ اصيلن تي هڪدم رعب پئجي وڃي. ڪپڙن جو اڳ ۾ ئي ذڪر ڪيو اٿم: هٿن ۾ منڊيون، واسڪوٽ ٻاهران سوني گهڙيال جي سونھري زنجيري بمع لاڪيٽ جي پئي لڙڪندي، بوٽ هميشہ ولايتي، مٿي تي سفيد هيٽ، اکين تي خوبصورت سنھري فريم سان عينڪ، جناح صاحب کي ڏسڻ بعد هو بہ هڪ اک تي سونو مونوڪل رکي ماڻھن سان ڳالھائيندو رهيو. سواريءَ لاءِ موٽر، شام جو بلاناغه وڃي “نرسامل ڪلب” ۾ ويھندو.پاڻ بہ پيو پيئندو ۽ کائيندو ۽ آئي وئي کي بہ پيو کارائيندو ۽ پياريندو. گهڻا جج ۽ عملدار ان طريقي سان پنھنجا مريد ڪري ڇڏيائين.
ڪٽر قسم جو هندو ڪو نہ هو. دوستي مسلمانن سان رکيائين، ڪم هميشہ مسلمانن جو ڪيائين. حيدرآبادي عامل هو. سکر جي متعصب هندو حلقن سان ڪو ڳوڙهو واسطو ڪو نہ رکيائين. ميونسپل جو پريزيڊنٽ ڪڏهن ڪو نہ چونڊجي سگهيو. البت هڪ دفعي ميونسپل اسٽئنڊنگ ڪاميٽيءَ جو چيئرمن سو ضرور چونڊيو. پر چيئرمنيءَ ۾ پريزيڊنٽيءَ کان وڌيڪ ڏِک ڏنائين.

ديوان بھادر ايسرسنگهہ

رڄ اشراف مڙس هو. ڪيترا سال ميونسپل پريزيڊنٽ رهيو. ديوان ڀوڄسنگهہ جھڙي ماڻھوءَ کان پريزيڊنٽي اهو صاحب ئي ڇڏائي سگهيو. پيشو وڪالت هوس. جيڪب آباد ضلعي جو پبلڪ پراسيڪيوٽر پڻ رهيو. هندن جو خاص خيال رکيائين، پر ڦٽائيندو مسلمانن سان بہ ڪو نہ هو. فرينچ ڪٽ ڏاڙهي رکندو هو. ڳالھائڻ ۾ بحر، زبان ۾ بيمثل رواني! تقرير لاءِ اٿيو تہ ڄڻ ساوڻيءَ جي ليٽ اچي ويئي! اٿ - ويھہ خواص سان هيس، عوام سان عوام جي ليول تي لھي نہ ايندو هو. اهو ئي سبب هو، جو اسيمبليءَ ۾ ڪڏهن بہ چونڊجي ڪو نہ سگهيو، ۽ ڪجهہ عرصي بعد خود ميونسپالٽيءَ مان بہ نڪري ويو. ڪانگريس تحريڪ سان همدردي ضرور هيس، پر ظاهر ۾ انگريزن کي بہ خوش رکندو آيو، جن ”ديوان بھادريءَ“ جو لقب ڏنس. انھن ڏينھن ۾ ساريءَ سنڌ اندر فقط ٻہ يا ٽي ديوان بھادر هوندا هئا.
مجموعي طرح ماڻھو شاندار هو - ڏسڻ جهڙو، گفتگو جي لائق - ۽ نہ وري ڪيترن وڪيلن وانگر لالچي. ڪنھن سنگتي ساٿيءَ اچي سڏ ڪيس، تہ پھر پاچو مفت ۾ بہ وهي ويندو.

ديوان ڪندنداس

راءِ بھادر ٿيو. اٽڪل پندرهن سال سرڪاري وڪيل ٿي رهيو، شريف، سخن جو سچو، هلت چلت بزرگانہ. صبح جو سکمني صاحب جي دور ڪرڻ کان اڳ ماڻھوءَ جو منھن نہ ڏسندو. وڪيل ئي وڪيل هو. وڪيل کان سواءِ ڪجهہ بہ نہ. سياست ۾ ڪا دلچسپي ڪا نہ ورتائين. سندس جونيئر ڀائيوار ديوان ايسرسنگهہ تہ ميونسپل پريزيڊنٽ ۽ ديوان بھادر بڻجي ويو، پر ڪندنداس ”راءِ بھادر ڪندنداس وڪيل“ ئي رهيو. جيڪڏهن ڪو شوق هوس تہ ڪمائيءَ جو، جائداد ٺاهڻ جو، ٻچن کي پڙهائي قابل ڪرڻ جو ۽ ڪليڪٽر سکر جي اعتماد حاصل ڪرڻ جو - باقي دنيا کڏ پوي يا کوھہ. پٽ کي بارسٽري پڙهائڻ لاءِ ولايت موڪليائين، جيستائين ڇوڪرو واپس آيو، رات ڏينھن ان جون ڪھاڻيون ڪندو ٿي وتيو.
سرڪاري وڪيل جي حيثيت ۾ ٻيءَ ڌر کان رشوت نہ وٺندو. ضلعي جي ڪليڪٽر جي راءِ ضرور رکندو، پر صلاح پڇندس تہ غلط راءِ بہ نہ ڏيندو. ايماندار،حرفت بازيءَ کان قطعاً پري. هٿ وٺي ڪنھن کي نقصان ڪو نہ رسائيندو. اڍائي گهرن جو ئي خير گهرڻ وارو.

ديوان بسنترام

دوست، سچو دوست، اٿندي دوست، ويھندي دوست، مرندي دوست، دوست ئي دوست! نہ لالچ نہ لوڀ!
وڪيل هو، پر دوستن جو جيڪو معاملو ٿيندو، بسنترام جو وڪالت نامو خود بخود داخل ٿي ويندو. بگيءَ جو ِڀاڙو پاڻ ادا ڪندو. ڪورٽ في اسٽانمپ پاڻ ڳنھندو. نقلاڻو پاڻ ڀريندو. وقت ايندو تہ کارائي پياري بہ ڇڏيندو. پنھنجي قسمت سارو دوست نرڳ وڃي يا سرڳ، پر بسنترام جي وفا بسنت جي حالت ۾ ئي رهندي.
ميونسپل جي اسٽئنڊنگ ڪاميٽيءَ جو چيئرمن ٿيو. ان کان پوءِ ستت ئي ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ چونڊيو، پر هڪ لحظي لاءِ بہ خيال دماغ ۾ ڪو نہ آيس تہ ڪو هو وڏو ماڻھو بڻيو آهي. ساڳيو ئي حال ساڳي ئي هلت، اُهو ئي سادو سوٽ، اهو ئي مٽيءَ لڳل ڪهنو بوٽ، اُهي ئي گهٽيون اُهي ئي گهاٽ.
ماڻھو سخت تنگ ڪندس تہ بہ تکو اکر نہ ڳالھائيندو، منھن ۾ گهنڊ نہ وجهندو، قميص يا ڪوٽ جي ڪنڊ کان جهليندس تہ جهٽڪو ڏيئي پاند نہ پري ڪندو. ڏاڍو پريشان ٿيندو ۽ ڄڀ سڪي ويندس، تہ نڪ مان ڦوهارا ڏيڻ شروع ڪندو. سمجهي وٺبو تہ ڀائي بسنت تي هينئر ڏکي گهڙي اچي ويئي آهي.
سکر جي تاريخ ۾ عوامي ماڻھن مان بسنترام ئي پھريون شخص هو، جو ميونسپل جو پريزيڊنٽ بڻيو - محض خدمت، سچائي، ۽ دوست نوازيءَ جي طفيل، ۽ سو بہ واسينگن جي وچ ۾. وڏا وڏا وڪيل، ديش ڀڳت، ديوان بھادر، پير، امير، آغا، سنت، سيٺيون، ۽ سمپادڪ ميدان ۾ موجود هئا، پر بسنترام جي مقابلي ۾ مڙني کي بس ڪرڻي پئي. ۽ نہ وري انگريزن اڳيان ئي وڃي ڪڏهن سيس نمايائين. سچ آهي تہ اهو زمانو انگريزن جي بہ پڇاڙيءَ جو هو، پر ان هوندي بہ ميونسپل پريزيڊنٽ کي سکر جي ڪليڪٽر جي مڙيو ئي ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪاڻ ضرور ڪڍڻي پوندي هئي. بسنترام ان آزار کان بہ آزاد رهيو.
مون ساڻ دوستي هيس، پر اسان ٻنھي جي اڳيان هڪڙو مقام ڏاڍو مشڪل اچي ويو.
پاڻ سکر ميونسپل جو پريزيڊنٽ ۽ سندس ميمبر ۽ مددگار اڪثر هندو. مان سنڌ پراونشل مسلم ليگ جو جنرل سيڪريٽري ۽ مسجد منزلگاھہ جي واگذاريءَ واريءَ تحريڪ جي مکيہ اڳواڻن مان هڪ.
سال 1940ع ۾ منزلگاھہ جي سوال تي اچي متو هو ممڻ. مسلمانن گهر ڪئي تہ منزلگاھہ جي ميدان واريون ٻہ عمارتون مسجد ۽ ان جو حجرو آهن، تنھنڪري انھن جو قبضو موٽائي مسلمانن جي حوالي ڪيو وڃي. هندن ڪئي ان مطالبي جي زوردار مخالفت. سنڌ جو چيف منسٽر هو خانبھادر ﷲ بخش، ۽ خانبھادر مرحوم جو سنڌ اسيمبليءَ اندر مدار هو ڪانگريسي هندو ميمبرن جي ووٽن تي. فيصلو ڪيائين تہ اها عمارت مسجد نہ آهي، تنهڪري ان جو قبضو سرڪار وٽ ئي رهندو. مسلم ليگ فيصلو ڪيو ستياگرھہ جو. ڪجهہ ڏينھن جي هلچل بعد شروع ٿي ستياگرھہ. ستياگرهين وڃي ورتو قبضو مسجد جو. هزار کن پيا جيل ۾. جيل مان آزاد ٿي، وڃي ويٺا مسجد سڳوريءَ ۾. ﷲ بخش گورنمينٽ ڪيو ٻيو حڪم تہ بيقاعدي ورتل قبضو ڇڏايو وڃي. زوريءَ اچي گهڙي پوليس مسجد ۾. ڪن مسلمانن کي لڳيون لٺيون، ڪن تي اُٺي گئس، ڪن جا وهيا رت. پوءِ تہ شروع ٿيا هندو- مسلم فساد- ڪشت ۽ خون، ساڙ، ٻار، اوندھہ ۽ انڌوڪار! سوين ماڻھو، سکر شھر ۽ پسگردائيءَ اندر، ويا قتلام ٿي. لکن ڪروڙن جون جائدادون ٿي ويون باهين وگهي ڀسم. هزارين مسلمانن کي ڇڪي وڌائون جيلن ۾. ان وچ ۾ هندن پاڻ بيزار ٿي ڏني موڪل خانبھادر ﷲ بخش جي وزارت کي ۽ ان جي جاءِ تي قائم ڪرايائون مسلم ليگ جي پھرين وزارت. ان نئين وزارت کان ورتائون واعدو تہ هڪ ٽربيونل کڙو ڪري، ڪرايو ويندو فيصلو تہ فسادن ۾ اڳرائي ڪنھن ڪئي ۽ ٿيل نقصان جو هرجانو ڪير ڏئي ۽ ڪنھن کي. ٽربيونل جو جج مقرر ٿيو جسٽس وليسٽن - سنڌ چيف ڪورٽ جو هڪ جج. ٽربيونل اڳيان مسلمانن جو وڪيل آءٌ. هندن پاران مکيہ شاهد، سکر ميونسپل جو پريزيڊنٽ، يعني ديوان بسنترام. اهو هو منزلگاھہ جو قصو ۽ اهو هو امتحان منھنجي ۽ بسنت جي دوستيءَ جو!
جنھن وقت ٽربيونل جي ڪارروائي شروع ٿي، هندن خواھہ مسلمانن جي دلين ۾ اسان ٻنھي ڏانھن شڪ شبھا هئا. هندن کي خوف هو تہ مبادا بسنترام منھنجي دوستيءَ ڪري ڪوڙ ڳالھائي، مسلمانن کي فائدو پھچائي! ساڳيءَ طرح ڪن جوشيلن مسلمانن کي بہ خطرو هو تہ بسنترام سان تعلقات جي بنا تي مبادا مان کانئس زور سان آڏي پڇا نہ ڪريان ۽ ان ڪري مسلمانن جي مفاد کي ڇيھو رسي وڃي! هيون ٻيئي ڌريون غلط. اسان ٻنھي مان هر هڪ کي پنھنجو پنھنجو فرض بجا آڻڻو هو.
ٽربيونل اڳيان هندن پاران پھريون شاهد هو بسنترام. بسنت اڳ ۾ ئي هندن کي چئي ڇڏيو هو تہ هو ڪوڙ ڪو نہ ڳالھائيندو، البت جيڪي ڏوھہ سچ پچ مسلمانن ڪيا آهن، تن کي ڍڪڻ جي بہ ڪوشش ڪو نہ ڪندو. ڪورٽ جي ڪارروائي شروع ٿي. هندن پاران درجن کن وڪيل، سرڪار پاران اوسليوان بيرسٽر، خانبھادر ﷲ بخش طرفان ڪراچيءَ جو ناميارو هندو وڪيل سري ڪشنداس لولا، ۽ مسلمانن پاران فقط آءٌ - نہ وڪيل هوس، نہ ڪڏهن ڪنھن وڪيل جو منشي ئي ٿي رهيو هوس. حقيقت هيءَ هئي تہ مسلمانن کان وڪيل جي فيءَ جا پئسا ڪو نہ ٿي ِٿي سگهيا، تنھنڪري ئي ِاها ڦاهي منھنجي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏي هئائون.
آيو پھريون شاهد ديوان بسنترام. جيترو ڏٺو يا ٻڌو هئائين، سو سڀ چئي ويو. هندو ڏاڍو خوش ٿيا. سرڪاري وڪيل آڏي پڇا ڪيس. ساڳيءَ طرح ﷲ بخش جي ايڊووڪيٽ بہ. ان کان پوءِ آيو منھنجو وارو. سچ هيءُ آهي تہ مون کانئس آڏي پڇا تمام بيرحميءَ سان ڪئي. ڪو بہ لحاظ دوستيءَ جو ڪو نہ رکيو مانس. پورا ٻہ ڏينھن کيس ڇيڇاڙيندو رهيس. غريب وڃي تہ ڪاڏي وڃي؟ مان هوس ڪڙمي ڪارائو. هر هڪ واقعو منھنجين پنھنجين اکين اڳيان ٿي گذريو هو، پوءِ ڪيئن ٿي بسنترام انھن ڳالھين کي لڪائي سگهيو؟ نتيجو اهو نڪتو، جو پھرين ٻن ڏينھن جي ڪارگذاريءَ منجهان ئي جج کي اصل حقيقت جو پتو پئجي ويو. ڪيس مسلمانن جي فائدي ۾ فيصل ٿيو.
مون کي خطرو هو تہ بسنترام ۽ منھنجي دوستيءَ جو پويون ڏينھن اچي ويو. مون نٿي سمجهيو تہ سندس دل ۽ دماغ ۾ ڪا ايتري وسعت آهي، جو هو منھنجي ڪيل ساريءَ سختيءَ ۽ بي مروتيءَ کي وساري سگهي. ڪيترن ڏينھن تائين تہ سندس منھن ڏسڻ کان بہ گسائيندو وتيس. پر جڏهن وري مليو تہ معلوم ٿيو تہ کيس اهو واقعو ياد ئي ڪو نہ هو، ۽ نہ وري پڇاڙيءَ تائين ڪڏهن ان جو ڪو ذڪر ئي ڪيائين. هندن ڏاڍيون ميارون ڏنيس - چي ”راشدي تنھنجو دوست ٿي، توسان ڇا نہ ڪري گذريو؟“ جواب ڏيندو هونِ: “راشديءَ پنھنجي ڊيوٽي ادا ڪئي. ان ۾ دوستيءَ يا ميار جو ڪھڙو سوال هو؟”
ساڳئي ٽربيونل اڳيان، هندن پاران، ڪي ڏسڻا وائسڻا مسلمان ليڊر بہ بطور اچي پيش پيا هئا ۽ پير کوڙي مسلمانن جي ٻيڙي ٻوڙي هئائون. مون کانئن بہ آڏي پڇا ڪئي هئي ۽ ساڳيءَ سختيءَ سان. اڄ ان ڳالھہ کي چوويھہ ورهيہ گذري ويا آهن، پر اڃا مون کي معاف نہ ڪيو اٿن! - اهو هو فرق هنن مسلمانن ۽ بسنترام جي ڪيريڪٽر ۾!
افسوس اهو آهي تہ پاڪستان ٺھڻ بعد بسنترام کي بہ پنھنجو اباڻو وطن ڇڏڻو پيو. جيڪڏهن رهجي وڃي ها، تہ سکر بلڪ ساريءَ سنڌ جي پبلڪ لاءِ ڏاڍو ڪارگر ثابت ٿئي ها. سندس دل ۽ دوستيءَ جو هيءُ عالم آهي، جو ايترن ورهين گذرڻ کان پوءِ بہ دوستن کي ڪو نہ وساريو اٿائين. اسان مان ڪو کيس ياد ڪري يا نہ، هو ضرور چٺي چپاٽي لکندو رهندو.
چڱيءَ دل ۽ خراب دل وارا انسان، مائن جي پيٽن مان پنھنجون خاص طبيعتون وٺي ٻاهر نڪتا آهن. انھن طبيعتن ۾، جا سندن اصلي فطرت آهي، زماني جي حال موجب ڪو بہ ڦيرو ڪو نہ ٿو اچي. سياڻن سچ چيو آهي:
”جيڪي ڪني ۾ هوندو، سو ئي پاٽ ۾ پوندو!“

ديوان ڪرمچند وڪيل

ان زماني ۾ وڪيل ٽن قسمن جا هوندا هئا: هڪڙا نانوَ چڙهيا واپاري، جي پنھنجيءَ لياقت ۽ دماغ جي مدد سان وڃي چوٽيءَ کي رسيا هئا، ٻيا اُهي، جن وقت جي ججن ۽ ماجسٽريٽن جون خوشامدون ٿي ڪيون، ۽ پنھنجيءَ محنت ۽ لياقت ذريعي نہ، پر ان خانگي تعلق جي بنا تي وڏيون فيون ڳڙڪائيندا ٿي رهيا، ۽ ٽيان اُهي، جن کي نہ خاص دماغ هو ۽ نہ ججن ۽ ماجسٽريٽن کي هٿ ڪرڻ جو ئي ڪو ڍنگ ِسکيو هئائون، فقط محنت، ڪوشش ۽ اورچائيءَ جي وسيلي پنھنجو ڌنڌو هلائيندا ۽ گذران ڪندا ٿي رهيا.
ان پوئين ڪلاس جي وڪيلن مان هڪ ديوان ڪرمچند هو. عام طرح ماڻھو کيس ”چچڙ“ چوندا هئا. جنھن ڪيس ۾ وڪالت نامو وڌائين، اصيل پاران چچڙ ٿي چنبڙي پوندو. سندس پنھنجي ماني حرام، اصيل جي ماني حرام، ڪيس هلائيندڙ ماجسٽريٽ جي ماني بہ حرام، دنيا ٿڪجي ۽ بيزار ٿي پوندي، خود اصيل بہ ڇڏي ڀڄي ويندس، پر ديوان ڪرمچند اڳ کان اڳرو هوندو. ڏسندڙن جي راءِ هئي تہ ساري عمر هڪڙي ئي سوٽ ۾ گذاريائين. ڌنڌي جي خفت ۾ شايد منھن ڌوئڻ جي بہ واند مشڪل لڳندي هيس. پتلون مٿان پٽي بدران اڳٺ ٻڌندو هو، ۽ اڳٺ مٿان ٽاءِ. ڪورٽ ۾ لنگهندو تہ ٽاءِ چيلھہ مان ڇوڙي، ڳچيءَ ۾ پھريندو. ڪورٽ جو ڪم ختم ٿيو تہ ٽاءِ ڳچيءَ مان لھي، موٽي وڃي ڪمر سان ڪشبي. پير ۾ شوز نہ، پر ِڦلهڙو سليپر، جنھن رنگ جو منھن ڪڏهن ڪو نہ ڏٺو هوندو. ساري حياتي نہ ڪلب ۾ ويو، نہ ڪنھن محفل ۾. کيس اها خبر ئي ڪا نہ هئي، تہ اخبار بہ ڪا شي ٿيندي آهي. ڪورٽ تائين پيرين پنڌ پھچڻ جو امڪان هوندو تہ بگيءَ جو ڀاڙو نہ خرچيندو. بغل ۾ ڪيس جا ڪاغذ، مٿي تي چٿيل سولا هئٽ، کيسي ۾ اڳڙي، اڳڙيءَ ۾ ڦلڪو، پٽاٽن جي ڀاڄي ۽ پاپڙ ٻڌل - انھيءَ شان سان سندس حياتيءَ جو هر ڏينھن شروع ٿيندو.
فرياديءَ جو وڪيل هوندو تہ جوابدارن تي اوائل ۾ ئي وارنٽ ڪڍرائڻ لاءِ ماجسٽريٽ جي بنھہ پڇ ۾ چنبڙي پوندو. تقرير ڪندو، منٿون ڪندو، آخر اکين مان ڳوڙها بہ ڳاڙيندو، پر وارنٽ ضرور جاري ڪرائيندو. وارنٽ جو نڪرڻ، فرياديءَ لاءِ وڪيل جي ڪاميابيءَ جو وڏو دليل هوندو. هوڏانھن وارنٽ جو حڪم ٿيو، هيڏانھن اچي ڀچندو اصيل سان: ”ميان، رقم ڪڍ! رقم کانسواءِ بہ جيئرن جاڳندن ماڻھن تي ڪو وارنٽ نڪرندا آهن!“ رقم جو تفصيل هن طرح هوندو: ڪورٽ جي سرشتيدار جو ”منھن مٺي ڪراڻي“ وارنٽن لکڻ واري منشيءَ جي ”لاڳت“، پٽيوالن جي ”خرچي“، سندس پنھنجي منشيءَ جو ”منشاڻو“ (گهڻو ڪري منشيءَ جو وجود ئي ڪو نہ هوندو)، بگيءَ جو ڀاڙو، وغيرہ. مطلب تہ اصيل جي ڪپڙيءَ ۾ جيڪي بہ ڪڻا هوندا، سي سمورا ڪڍي وٺندو. پئسي نہ هجڻ جو عذر پيش ٿيو تہ سارا ڪپڙا جاچي ڏسندو. پٽڪي جي ورن کان شروع ڪندو، ۽ ابداڻي ۽ اڳٺ تائين وڃي ڇيھہ ڪندو! پڇاڙيءَ ۾ واقف اصيل، سندس خوف کان پئسا جتين جي پاتاهن ۾ لڪائي ڇڏيندا هئا. في ادا ٿي ۽ ٻيون طلبون بہ پوريون ٿي ويون، تہ حڪم ڪندو:”ميان تنھنجي ڳوٺ ڏي ڏاڍا ٻٻڙ(ٻٻر وڻ) ۽ ڏاڍيون ِنمون پيون ٻڌجن. ٻيو ڀيرو اچين تہ ٻہ - ٽي ويڙهيون ڏندڻن جون تہ کنيون اچجانءِ.“
جوابدار جو وڪيل هوندو تہ شاهد جي آڏيءَ پڇا ۾ ايڏي ڊيگهہ ڪندو جو ساري ڪورٽ ڪڪ ٿي پوندي، پر شاهد جي جند اوستائين ڪو نہ ڇڏيندو، جيستائين ڪا نہ ڪا پنھنجي فائدي جي ڳالھہ سندس واتان نہ چوارائيندو. نوٽ ڪيل سوال پورا ٿي ويندا، تہ بہ ٽنگن تي اُڀو بيٺو رهندو. ماجسٽريٽ پڇندس: ”ديوان، هاڻي تہ سوال ختم ٿيا؟“
”نو، سر! ميني ميني مور ِاسٽيل!“(1)
سندس ”ميني ميني مور“ سوالن مان ڪجهہ هن طرح جا سوال هوندا:
”تنھنجيءَ زال جو نالو فلاڻو آهي؟“
”تنھنجي زال تمام سھڻي آهي؟“
”تنھنجي زال جو ناتو جوابدار سان آهي؟“
”تنھن تي تو پنھنجيءَ زال سان مارڪٽ بہ ڪئي هئي؟“
”تو جوابدار کي بہ دڙڪا ڏنا هئا تہ توکي ڪڏهن نہ ڪڏهن ڏسي رهندس؟
شاهد دانھون ڪندو رهندو تہ کيس زال ئي ڪا نہ آهي، ڪڏهن شادي ئي ڪا نہ ڪئي اٿس، پر ڪير جو ڪرمچند کي سمجهائي؟ سوالن پويان سوال! سندس لائين تقريباً هر ڪيس ۾ ۽ شاهد بنسبت اها هوندي تہ اهو مقدمو ان ڪري ٿيو آهي جو جوابدار فرياديءَ ۽ شاهدن جي زالن سان کريل هو!
اهڙيءَ بدناميءَ جي ڀؤ کان، ڪرمچند جو نالو ٻڌي، گهڻا شاهد تہ مورڳو ڪورٽ ۾ حاضر ٿيڻ ۽ شاهدي ڏيڻ کان ئي ڀڄي ويندا هئا. عام چوڻي هوندي هئي تہ ”ڄڻ ڪرمچند ڪڍ پيو اٿئي!“ ڪي شاهد چڙ وچان ڪڏهن ڪڏهن کليل ڪورٽ ۾ کيس بہ بدشد چوندا هئا. هڪ ٻہ ڀيرا ڪورٽ جي ٻاهران ديوان جي بي ادبي، جسماني طرح بہ ڪيائون. پر انھن ننڍين ڳالھين جو ڪو خيال ڪو نہ ڪندو. سندس مقصد فقط هڪڙو ئي هوندو – ”ڪجهہ بہ ٿئي، پر ڪيس ضرور کٽجي!“
سندس سوالن ڪيترن بيگناهن کي مارائي ڇڏيو. ٻروچن لاءِ اها وڏي ڳالھہ هوندي هئي جو کين ننگ جو مهڻو ملي! مهڻي ملڻ کانپوءِ اها جاچ ئي ڪا نہ ڪندا تہ ڪو ڳالھہ سچي بہ آهي يا نہ، ۽ وڪيل کي اهو سوال اصيل سيکاريو هو يا خود وڪيل پنھنجيءَ دليان ٺاهيو. ڪورٽ مان سوال ٻڌي، موٽي اچي پنھنجيءَ زال کي، ۽ جنھن مرد جو نالو ڪورٽ جي سوال ۾ ورتل هوندو تنھن کي، ”ڪارو“ ڪندا. پھرين زال ماريندا، تنھن کان پوءِ اُن مرد کي. ڪيس شروع ٿيو هوندو ڍڳيءَ جي چوريءَ تي، پر انتھا ٿيندي خونريزيءَ تي.
ديوان ڪرمچند سان شڪايت ڪئي ويندي تہ جواب ڏيندو: ”خونن جي ٻي ڳالھہ آهي، ڍڳيءَ وارو ڪيس تہ کٽيوسين! رَن پٽ ائين تہ وڃي ڪو نہ چوندو تہ ديوان ڪرمچند کان ڪو ڪيس کٽي آيس. خون ٿي پيا آهن تہ ان جو ڪو فڪر نہ ڪريو، آءٌ خونن جي ڪيس کڻڻ لاءِ بہ تيار آهيان! في پوري ڏيو، ڌڻيءَ گهريو تہ ڦاهن تي چاڙهائي ڏيندو سانوَ!“
ڪرمچند ساري زندگي محنت ڪئي، نہ ڪڏهن آرام ڪيائين، نہ وندر، نہ چڱو کاڌائين، نہ چڱو پھريائين. جا گهڙي جيئرو هو، گهاڻي جي ڏاند وانگر وهندو رهيو. پئسو ڪمايائين، پر ڪيڏي نہ قيمت ڏيڻي پيس! هن دنيا ۾ ڄڻ ڄائو ئي ڪو نہ هو!

___________
(1) No, sir !many, many, more still

هيمو ڪالاڻي

ملڪ جي آزاديءَ خاطر جن پروانن شمعِ وطن اڳيان پنھنجين ڳچين جا ڳچ نذر ڪيا، تن مان هڪ هيمو ڪالاڻي بہ هو. وڏي ناانصافي ۽ سخت ناشڪر گذاري ٿيندي، جيڪڏهن سکر جي ذڪر هلندي آءٌ کيس وساريندس.
نوجوان هو، اڃا تعليم بہ پوري ڪانہ ڪئي هئائين. پراڻي سکر جي ڪالاڻي ڪٽنب مان هو. ظاهري طرح سياست سان ڪو واسطو ڪونہ هوس. توڙي جو آءٌ ورهين جا ورهيہ سکر ۾ رهي چڪو هوس، پر سندس نالو ڪڏهن بہ منھنجي ڪن تي ڪونہ پيو. معلوم ٿئي ٿو تہ اندر ئي اندر ۾ پئي سڙيو ٻريو.
1942ع ۾، مھاتما گانڌيءَ انگريزن کي هندستان مان ڪڍڻ لاءِ مشھور (Quit India) ”هندستان مان نڪري وڃو“ تحريڪ شروع ڪئي. ان تحريڪ جي سلسلي ۾ ساري هندستان اندر باھہ ٻري ويئي: بيشمار فساد ٿيا، سرڪاري عملدارن تي خوني حملا ڪيا ويا، ريلون ڪِريون، پوليس ٿاڻا سڙيا، سرڪاري عمارتون ڀسم ٿي ويون. انتقام جي جذبي ۾ انگريز بہ انڌا ٿي پيا. جبر ۽ تشدد جو اهڙو طوفان کڙو ڪيائون جو خود سندن تاريخ ۾ بہ ان جا ٿورا مثال ٿي مليا.
ان دوطرفيءَ خوني هلچل جو پاڇو سنڌ تي بہ پيو. سال 1942ع ۾، هيمو ڪالاڻيءَ، پراڻي ۽ نئين سکر جي وچ ۾ هڪ جاءِ تان ريل جي پٽي ڪڍي، ريل ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ريل تہ ڪانہ ڪِري، پر پاڻ پڪڙجي پيو. انھن ڏينھن ۾ حرن کي سزا ڏيڻ لاءِ اڳ ۾ ئي سنڌ سان مارشل لا لاڳو ٿي چڪو هو. هيموءَ تي بہ ڪورٽ مارشل ۾ ڪيس هليو، ڦاسيءَ جي سزا مليس. مٽن مائٽن سندس پاران گهڻيون ئي رحم جون درخواستون ڪيون، پر هيمو ڪالاڻيءَ پاڻ اهڙيءَ ڪنھن بہ درخواست تي صحيح ڪانہ پاتي. ملٽري ڪمانڊر، انھن رحم جي درخواستن تي فيصلي ڪرڻ کان اڳ، پنھنجا عملدار موڪليا تہ هيموءَ سان ملي معلوم ڪن تہ کيس پنھنجي ڪِئي تي شرمندگي محسوس ٿي آهي يا نہ. ڪمانڊر جو خيال هو تہ جيڪڏهن منجهس ٿوري بہ پشيماني آئي هجي تہ هو مٿانئس ڦاسيءَ جي سزا معاف ڪري ڇڏي.
عملدارن وڃي هيموءَ سان ملاقات ڪئي، پر ڇا ڏٺائون؟ اڳ کان اڳرو! نہ ڪئي تي پشيماني، نہ موت کان ڪا ڪنبڻي. چيائين:”جيئرو رهيس تہ وري بہ اهڙا ڪم ڪندس! ۽ اوستائين جاري رکيو ايندس، جيستائين انگريزن جي حڪومت هندستان مان ختم ٿي نہ ويئي آهي!“
ڪيترا مھينا ڦاسي نہ ڏنائونس. اهو سارو وقت انگريز فوجي عملدار ان انتظار ۾ رهيا تہ ڪڏهن ٿو ڇوڪرو پڇتائي. پر هيمو، ۽ پشيماني يا پريشاني؟ ناممڪن هو! آخر تنگ ٿي، تختي تي چاڙهيائونس. رسيءَ کي چمي ڏنائين، ۽ کلندي ساھہ سائينءَ جي سپرد ڪري ڇڏيائين.

ميان فتح شاھہ

ديوان ڪرمچند وڪيل جي ڪھاڻيءَ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي تہ نموني طور سندس هڪ اصيل بہ آڻي ميدان ۾ موجود ڪجي.
سنڌ ۾ جيئن وڪيلن جا ڪلاس ۽ درجا هئا، تيئن اصيلن جا بہ ڪلاس ۽ درجا هوندا هئا. مثلاً، هڪڙا اُهي اصيل، جن کي ڪورٽ ۾ اچڻ کان سخت عار هو، ڪورٽ ۾ اچڻ بيعزتي ۽ بدبختي سمجهندا هئا. ٻيا اهي اصيل، جن جو ڌنڌو هوندو هو چوراڪاري ۽ چورن جون پاٿاريون هلائڻ، انھن جي حياتيءَ جو ڪجهہ حصو ٻاهر تہ ڪجهہ حصو جيل جي حوالي. ٽيان اهي اصيل، جن جو خواھہ مخواھہ ڪورٽن سان عشق هوندو هو. سبب هجي يا نہ، ٿوري گهڻي تي فريادي يا شاهد بڻيا ڪورٽن اڳيان بيٺا هوندا هئا. عام طرح انھيءَ نموني جي اصيلن کي ماڻھو ”ڪورٽ جا ڪيئان“ سڏيندا هئا. خاص شڪارپور جي علائقي ۾ ”پڪشٽ“ سڏبا هئا. ڪنھن ماڻھوءَ هلندي ڪو اکر چين يا دڙڪو ڏنن، تہ ٻئي ڏينھن ٺڪ ڪورٽ ۾ فرياد داخل هوندو. گسندا وڏي ماڻھوءَ مان بہ ڪو نہ. پاڙي پنبي جي ڪنھن وڏيري مان خطرو ٿين تہ انبار درخواستن جا آفيسرن ڏانھن روانا ڪندا. انھن درخواستن کي عرف عام ۾ ”رڪاٽي“ يعني ”رڪارڊي“ درخواستون چئبو هو. مضمون هوندو هو: ”فلاڻي پاڙي جي وڏيري جو عرضدار سان تڪرار آهي. هو عرضدار کي ڪنھن ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي درپي آهي. ممڪن آهي تہ آفيسرن کي شڪايت ڪري ڪو بدمعاشيءَ (110 قلم ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ) جو معاملو کڙو ڪرارائين. تنھنڪري، عرضدار جي هيءَ درخواست سرڪار جي رڪارڊ تي رهي.“ ِاهي ”رڪاٽي“ درکاشون (درخواستون) ”رجيٽڻ“ (رجسٽرڊ پوسٽ) ڪيون وينديون هيون، موٽ رسيد سان. عريضيءَ جو نقل موٽ رسيد سميت، تمام حفاظت سان رکيو ويندو هو، جيئن وقت سر بچاءُ ۾ پيش ٿي سگهي. پڇاڙيءَ جي زماني ۾ مقامي اخبارن جي ڪالمن کي بہ ان ڪم لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. ايڊيٽرن کي پئسا ڏيئي، نوٽيس ڇپرايا ويندا هئا، جن جون سرخيون هونديون هيون: ”ڌيان طلب ڪليڪٽر ۽ ڪماني صاحب.“ ان کان پوءِ وڏيري جي اُرھہ زوراوريءَ جو، ۽ نوٽيس ڇپارائيندڙ کي منجهانئس جيڪو خطرو هوندو، تنھن جو تفصيل ڏنل هوندو. انھيءَ ٽئين ڪلاس جي اصيلن جا ڪن خاص وڪيلن سان پڪا منھن رکيل هوندا هئا. جنھن صورت ۾ سندن معاملا بہ اڻکٽ هوندا هئا، تنھنڪري سندن لاءِ لازمي هو تہ وڪيلن سان مستقل انتظام رکيو اچن.
ميان فتح شاھہ مرحوم، باگڙجيءَ جي قريب رهندو هو. سيد هو، ٻروچ مريد هوندا هئس. صورت جو معتبر، ڀورو رنگ. چاپئين ڏاڙهي، قد ڊگهو، بت سنھو، مٿي تي ڪارو پٽڪو جنھن کي ڀٽائيءَ جو ويس چوندا هئا، جسم تي ڪارو الپاڪي جو ڪوٽ، جنھن کي اڇا ِسپ جا بٽڻ لڳل هوندا، هٿ ۾ چم چڙهيل نيٽ جو سنھو لڪڻ... صبح جو ڳوٺان نڪرندو، ريل ۾ چڙهي اچي ديوان ڪرمچند جي آفيس ۾ پھچندو. ڪورٽون کلنديون تہ ڪرمچند کي کنجي وڃي ڪنھن نہ ڪنھن ڪورٽ اڳيان بيھاريو بيٺو هوندو.ساڳئي ڏينھن تي هڪ کان وڌيڪ ڪورٽن ۾ ڪم هوندس: ڪٿ فريادي هوندو، ڪٿ شاهد ڪٿ جوابدار ۽ ڪٿ روبرو “رڪاٽي درکاشون” پيو پيش ڪندو. سڄي ڏينھن جي ان ورڪ بعد، رات جي ريل ۾ باگڙجيءَ موٽندو. ڪڏهن ڪڏهن دشمن رستو جهليو بيٺا هوندس، ۽ ٿوري ٿڦا ٿڦي ٿي ويندي. ٻئي ڏينھن صبح جو موٽي ڪرمچند وٽ پھچندو. هن دفعي دشمن خلاف ”خون جي ڪوشش“ جو ڪيس داخل ٿيندو!
فتح شاھہ مرحوم جي ساري زندگي ڪرمچند جي پٺيان گذري. گهڻين خصوصيتن جو مالڪ هو. هميشہ هشيار رهندو. اعتبار ڪپڙن تي بہ ڪو نہ ڪندو. خوددار، ڪنھن جو احسان نہ کڻندو، پاڻ بہ مشڪل سان ٻئي ڪنھن تي احسان ڪندو. جو پئسو هٿ لڳندس، سو ڪرمچند جي نذر ڪندو ۽ ڪيسن تي ڳاريندو. پاڙي جا وڏيرا سندس پاڇي کان بہ پيا ڇرڪيندا.
ڪورٽن ۽ وڪيلن جو اهڙو عاشق فقط هڪ ٻيو شخص منھنجي نظر مان گذريو، جنھن جو ذڪر موقعي تي ايندو، ورنہ سنڌ ۾ فتح شاھہ جي پايي جو ٻيو “پڪشٽ” ان دؤر اندر ڪو پيدا ڪو نہ ٿيو.

ٻاپو گل

منھنجي ننڍڙائيءَ جي نوڪر، علي محمد خروس، جو پوڙهو پيءُ، ٻاپو گل، سکر شھر جي ٻاهرئين حصي ۾، چمڙي گدام جي نزديڪ، هڪ جهوپڙيءَ ۾ رهندو هو. وڏو عيال هوس. هڪ پٽ مون وٽ ملازم هوس، ٻيو ٽانگو هلائيندو هو. حال تمام مسڪينيءَ جو – ”آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا.“ پر ڇا سندس دل، ڇا محبت، ڇا وفاداري! مھمان آيو تہ دل بھار بھار ٿي وينديس. گهر واريءَ جهوپڙيءَ جي ڀر ۾ ٻيو ڇپر آڏي ڇڏيو هئائين. ڇپر هيٺان مھمانن لاءِ کٽون پيل، ۽ کٽن مٿان رلھيون وڇايل، وچ ۾ چلم، ڪنڊ ۾ پاڻيءَ جو مٽ، چلم جي ٽانڊي لاءِ دونھي هميشہ پئي دکندي. اها سڌ ڪا نہ هونديس تہ سڀاڻي ڇا کائبو -
ماني بہ ميسر ٿيندي، يا مورڳو بک تي ويھڻو پوندو - پر اڄوڪي ڏينھن کي اڄ جي ئي بنياد تي، بلڪل بيفڪريءَ سان بسر ڪندو. اصول هوندو هوس - سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان، وٺو اڄ جي ڳالھہ کي. مھمان آيس تہ پھرين مانيءَ ٽڪر آڻي اڳيان رکندس، ان کان پوءِ وٺندس حال احوال. بکئي پيٽ تي مھمان کان حال پڇڻ ۾ عار سمجهندو هو. ڪو معتبر ماڻھو آيو تہ ڪڪڙ بہ ڪھي وجهندو. خاص ان مقصد لاءِ ڪڪڙ پاليو ويٺو هوندو هو. ان ۾ شڪ نہ آهي تہ اهي ڏينھن سستائيءَ جا هوندا هئا، پر سستائي هجي يا مھانگائي، اصل سوال آهي تہ انسان جي دل جو - ۽ دل جي معاملي ۾ ﷲ تعاليٰ ٻاپي گل کي گلاب جو گل بڻائي ڇڏيو هو.
اوائلي زماني ۾ پاڻ ڊکاڻڪو ڪم ڪندو هو، پر پوءِ سندس هڪ اک خراب ٿي پئي، جنھنڪري اهو ڪم بہ ڇڏي ڏنائين ۽ بنھہ توڪل جو تنبو اڏي ويھي رهيو. چوندو هو: ”نہ فقير جو ﷲ مري، نہ فقير جو ڪشتو ٽٽي.“
مھمانن جي وندرائڻ لاءِ رات جو يڪتاري تي ڪلام بہ چوندو هو. سنھو آواز، ۽ آواز ۾ سوز هوس. پوڙهي جي واتان جو اکر نڪرندو هو، سو تير ٿي نڪرندو هو. ٻن - ٽن ڪافين تي خاص طرح سان پکو هوس، جي تمام اثرائتي نموني ۾ ڳائيندو هو:
- حسن حيراني، لاتوَ جاني، مين قرباني، سھڻا مين قرباني!
- سسئي بيٺي سڏ ڪري، منھنجي پارت ڪجو تہ پنهل کي!
ڳائڻ وقت پگهر وهندو هوس، ۽ سندس چھري تي عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي.
سکر ۾ لکاپتي ماڻھو بہ رهندا هئا، ۽ گل جھڙا مسڪين بہ، پر جا محبت ۽ جو اطمينان گل جي ڇپر هيٺ ميسر ٿيندو هو، تنھن جو نانءُ نشان بہ وڏن ماڻھن جي محلات ۾ ڪو نہ هوندو هو.
ڪنھين ڪڏهين ٿئي، هنن ڏهاڙي عيد!
سندس هڪ عزيز پاڙي ۾ پڪائون ڪوٺو ٺھرايو. گهر جي ڀاتين ٻاپي گل کي بہ چيو تہ پڪو ڪوٺو اَڏجي، قرض پکو کڻي، في الحال پورت ڪجي، پوءِ پيو قرض لاهبو. مون بہ ساڳي صلاح ڏنيمانس. گهڻي زور بار بعد دل جو حال ٻڌايائين. چيائين:
گانڊوءَ سندي گام ۾، گهر اَڪن جو اَڏ،
جي چوني لڏ، تہ لاهي وڃينس لتن سان!
“سکر شھر مالدارن جي وستي آهي. غريبن کي تہ جهوپڙيءَ اڏڻ واسطي بہ زمين جو ٽڪر ڪو نہ ٿو ملي. ان کان پوءِ ڪامورن جو بہ زور آهي. حد جو پوليس - جمعدار ڪاوڙجي تہ ٻچا ٻٻر تي چاڙهي ڇڏي. پڪو ڪوٺو اڏيو تہ ڄڻ ماڻھو ڪاٺ پيو. ان جي لالچ تي پيو موچڙا کائيندو ۽ سختيون سهندو. ڪچو گهر هوندو تہ لتن سان بہ ڊاهي ڪنھن ٻئي طرف هليو وڃبو. ”ملڪ مولا جو پڪو پيو آهي، جتي پڪي اُتي کاڌي.“
جيستائين زنده هو، محبت مچايو ويٺو رهيو. سندس اوطاق جي دونھي ڪڏهن ڪا نہ وساڻي. پاڻ فوت ٿيو تہ وٿاڻ ئي ويران ٿي ويا. ڪجهہ ڏينھن ٿيا تہ اتانھون لنگهڻ جو اتفاق ٿيم... نہ گل باقي هو، نہ گلستان جو نشان:
”ڪا جا لڳي واءُ، ويا انگڙا لٽجي!“

ميان فضل محمد سومرو

سال ويھہ بہ نہ گذريا آهن...پوءِ سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ اُها سنڌ، جا هنن اکين ڏٺي، سا اوچتو ڪيڏانھن غائب ٿي ويئي! اُهي ماڻھو ڪٿي وڃي لڪا آهن؟ ڪنھن کان رسي ويا؟ ڇو منھن مٽي ويا؟ ڪھڙو ڏوھہ ڪيو هوسين؟ ڪھڙو گناھہ سرزد ٿيو؟ پاڻ تہ هليا ويا، اسان پوين کي حيوانن جي حوالي ڪري ويا - ۽ حيوان بہ اهڙا، جن جون بدعادتون ۽ بيوفايون ڏسي جهنگ جا جانور بہ شرم وچان وڃيو لڪن!
آخر ڇو ِاها وِڄ ِڪري ِانھن واهيرن تي؟ بيقصور پکيئڙن جي بيضرر آشيانن تي! نہ ڪنھن جي راھہ ٿي رُڪي نہ ڪنھن جي واِهي ٿي ڀڳي، نہ ڪنھن جي پوک ٿي پٽي، نہ ڪنھن جي ٻني ٿي سڪي، پوءِ ڪھڙي قصور، ڪري ويا ايڏا ڪلور؟ وڻ بدستور بيٺا آهن، اڃا ٽاريون بہ پيون لڏن، پر نہ اُهي آکيرا نہ اهي پکيئڙا، نہ اهي روح پرور صبح جا نغما، نہ اُهي شام جون مٺيون لاتيون.
ھھڙا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾!
مرحوم فضل محمد سومرو، ڪم تہ ڪندو هو کٽڪو - ڪپڙن ڌوئڻ، ڪپڙن تي رنگ چاڙهڻ جو، پر پنھنجيءَ محبت ۽ وفا وسيلي، دوستن جي دلين جا بہ کنڀ چاڙهيندو رهندو هو - کين ڌوئندو هو، صاف ڪندو هو، اڇو ڪندو هو، اُجاريندو هو - اڃا بہ ڪو چٽو رهجي وڃي، تہ مورڳو نئون رنگ چاڙهيندو هونِ، پر دوست جي دل تي مونجهہ جي مير هرگز رهڻ نہ ڏيندو.
غريب آباد ۾، شڪارپور رستي تي سندس گهر هو. هيٺئين وچولي درجي جي حيثيت هيس. مون جڏهن ڏٺو، تڏهن پنھنجي هٿ سان ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هئائين، سندس اولاد ڪپڙن جو ڪم ڪندو ٿي رهيو. پنھنجي وقت اندر پنھنجي آرٽ ۾ يگانو ٿي گذريو هو. جنھن لٽي کي سندس هٿ لڳو، سو پري کان بکندو ايندو. لٽي ڏسڻ سان ئي شوقين پروڙي ويندا تہ ڪپڙي سان اهو ڪرشمو ڪھڙي استاد جو ڪيل آهي. فضل محمد جو ڌوتل لٽو پھرڻ عزت جو نشان سمجهيو ويندو هو. پر اهو فخر هر ڪنھن شخص کي حاصل ڪو نہ ٿيندو هو! ڳاڻو گراهڪن کي قبول ڪندو هو، جن کي ان هنر جي صحيح پروڙ هوندي. آيل ڪپڙي جي هر ٽڪر کي خيال سان کولي ڏسندو، مٿس پيار سان آهستي آهستي هٿ گهمائيندو - ڄڻ مالھي آهي، جو گلاب جي گلن کي سوهي سموهي، گلدستن ۾ رکڻ لاءِ پيو تقسيم ڪري. ڪنھن بہ ڪپڙي تي سڃاڻپ جو نشان ڪو نہ ڪندو. جو ڪپڙو هڪ دفعي ڏٺائين، سو وري نہ وسرندس، ۽ نہ مٽجي ڪنھن غلط مالڪ ڏانھن ويندو. چوندو هو، ”هنر تہ شوق! شوق نہ رکبو تہ هنر هرگز حاصل ڪو نہ ٿيندو. ڦرهي تي ڪپڙن کي ڪٽڻ هروڀرو هنر نہ آهي.“
فجر ويل، ڇلي کڻي، ٻوڙ - ڀاڄيءَ جي وٺڻ لاءِ مارڪيٽ ويندو. وچولي درجي جي ماڻھن لاءِ صبح جو مارڪيٽ وڃڻ وڏيءَ وندر جو باعث هوندو هو. هر گهر جو سکيو ڀاتي ٻوڙ - ڀاڄي ضرور پاڻ وڃي وٺندو. ان بھاني تي هر صبح مارڪيٽ ۾ شھر جي بزرگن جو چڱو ميلو لڳي ويندو هو. هڪٻئي سان سلام ڪلام ڪندا، هلندڙ حالتن ۽ معاملن بابت بيٺي بيٺي پاڻ ۾ ڳالھين جا بہ ٻہ - چار ڊُنگ ڪري وٺندا، ان کانپوءِ ٿيندي يورش قاصائيءَ تي. ڪو بہ ڏينھن اهڙو ڪو نہ هوندو، جنھن ڏينھن گوشت نہ وٺبو. گوشت جو دسترخوان تي هجڻ لازمي هو. البت جنھن ڏينھن سٺا تازا پلا مارڪيٽ ۾ اچي ويا، تہ پوءِ گوشت ڇڏي پلو وٺبو. سو بہ ڏسي وائسي کيرو، ۽ جي آنيارو، تہ بہ ننڍو، ۽ نہ ڦرهي جهڙو، بيڊولو ۽ بي سائو.
پلي ۽ گوشت جي سڃاڻ بجاءِ خود هڪ آرٽ هو. گوشت وٺبو، تہ بہ هڏي هڏي ۽ ٻوٽي ٻوٽي ڏسي وائسي. وڏيءَ ٻڪريءَ جي ويجهو فقط هوٽلن وارا ويندا، گهرن ۾ پچڻ لاءِ ننڍڙي ليلي يا هلواڻ جو گوشت درڪار هوندو. قاصائي گراهڪن کي خاطري ڏيارڻ لاءِ ليلي جو پڇ سلامت رکيو ويٺا هوندا هئا. پارکن کي پڇ مان ئي خبر پوندي هئي تہ واقعي ئي ليلو آهي يا وڏو ڇيلو. ڇيڇڙي يا وڏي هڏي کي بنھہ هٿ نہ لائيندا. پٺيءَ جو گوشت، ران جو ٽڪر، ۽ پاسرين جون ٻہ - ٽي چاپون چونڊي ٻاهر ڪڍندا، ان کان پوءِ بڪيءَ ۽ جيري جا ٽڪر گهري وٺندا. قاصائي هڪ بڪي وجهندو تہ هي ٻن جي گهر ڪندا - “ميان خير تہ آهي؟ بڪيءَ ٽڪر وجهندي پيو پگهر وٺيئي! آخر ورهين جو منھن آهي، اهڙي بي محابائي ڇو پيو ڪرين؟“...”کوڙ بڪيون، بڪين جي بہ ڪا کوٽ؟ وٺو هي ٻيون! اوهان ئي راضي ٿيو.“ گراهڪ هندو هوندا تہ بڪين بدران ڪپورن هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. عام خيال هو تہ ڇيلي جي ڪپورن ۾ وڏي طاقت ٿئي ٿي.
ان کان پوءِ وڃي بيھندا ڀاڄين واري جي مٿان. بصرن جو سير، ٿوم جي ويڙهي، ۽ هڪ قسم جي ڀاڄي(موسم سارو) تہ وٺبي لازماً، ان کان پوءِ شروع ٿيندي جنگ مفت جي. متفرقات تي: ”ٻہ - ٽي ساوا مرچ تہ هيڏي ڪر؟ اڄ الائي ڇا ٿي ويو اٿئي!“.... ”اڄ تہ ڦودني جو ذرو بہ گوڏي هيٺان لڪايو ويٺو آهي؟”...“ ساون ڌاڻن جي ڇنڊ تہ وجهہ. آخر ڀاڄي ڪيئن رڌبي؟“
ميوي سان سنڌين جي گهڻي ڪا نہ پوندي هئي. پر جي انبن يا کارڪن جي موسم هوندي، تہ موٽندي سير - اڌ ٻارن لاءِ وٺيو ايندا.
ميان فضل محمد ڀاڄيءَ جي ڇلي آڻي گهر واريءَ جي اڳيان رکندو. مائي سڳوري هر هڪ شي کوليندي بہ ويندي ۽ ٽيڪا ٽپڻي بہ ڪندي ويندي: ”مستوءَ جي پيءُ اڄ تہ ڪو نشو پيتو آهي!.... ادي فلاڻي! اچ اچي، هي گوشت تہ ڏس - ڇڙو ڇيڇڙا آهي! هٿ لائي، تہ لڳ ِلڳ پيو ڪري!“
ميان فضل محمد موٽ کائيندو: ”مستوءَ جي ماءُ ! ڪھڙي ڏينھن منھنجي آندل شي توکي پسند پيئي آهي؟ قاصائي اهو هلواڻ پٺيءَ پاڏانھن لڪايو ويٺو هو، وڏن زورن ۽ جهيڙن سان تہ ذرو ورتو اٿمانس. تون پئي چئين تہ ڇيڇڙا آهي! هلواڻ جو گوشت نرم نہ هوندو تہ ڇا هوندو؟ آخر مينھين جي مھادي تي ڪا نہ پئي هئي، جتان سخت گوشت وٺي اچان ها؟“
”هي بڪيون ۽ جيرا بہ ليلي جا آهن؟“
”نہ تہ ڇا جا آهن؟“
”اُٺ جا!“
”اُٺ جا آهن تہ تون ڪري نہ کائجانءِ!“
”هيءُ ڪوماڻيل پاروٿو گوبيءَ جو گل بہ دڪان واري جي گوڏن هيٺان ڪڍي آيو آهين؟“
”تنھنجي مرضي اها هئي تہ ڪنھن جي واڙيءَ ۾ گهڙي پوان ها ۽ اتان گوبيءَ جو گل پٽي سڌو ڀڄندو اچي تنھنجي اڳيان رکان ها؟ پوءِ تون ٿئين ها راضي!“
”ڪجهہ ڌڻيءَ جو بہ ڀؤ ڪر. توکي ڳالھہ چئجي ٿي تہ هٿن مان نڪريو وڃين! اک کڻي هنن مرچن ڏانھن تہ نھار، ساوا مرچ آهن يا گوگائي مرچن جون بونڊيون؟ چک تہ ڄڻ اڪ جي پاڙ!“
آخر مقابلي جو وڌيڪ تاب نہ آڻي، ميان فضل محمد گهر کان ٻاهر نڪري ويندو، ۽ موٽندو تڏهن، جڏهن مانيءَ جو سڏ ويندس. ان وچ ۾ وڏي پپر جي هيٺان وڇايل کٽن تي ويٺو دوستن سان اُڀاريون - لاهواريون هڻندو. ڀر ۾ ِٽڪئي جي سوڍا. لمليٽ جي ِپڙي هوندي. ڪو آيو ويو تہ پڙي تان لمليٽ يا آئيس ڪريم - سوڍا جي بوتل گهرائي پيو پياريندس. سندس دوستن جو هڪ خاص ٽولو هوندو هو، جن مان جنھن کي بہ جا گهڙي واندڪائيءَ جي ملندي، تہ سڌو اچي ميان فضل محمد جي محفل ۾ ويھندو هو. سندس خاص احباب هوندا هئا: غلام حسين درزي، بابو عبدالغفور، ۽ عيدن پوليس - سپاهي، گفتگو شروع ٿيندي ميونسپل جي ڪاروبار سان، ۽ ختم ٿيندي وڃي، چڪلن جي تازن جهيڙن تي، گفتگو لاءِ مضمون ڪو نہ هوندو تہ پتن جي راند شروع ٿيندي.
سکر جو چڪلو ساڳئي شڪارپوري رستي جي ٻئي ڪناري تي، بلڪل سامھون هوندو هو، ۽ اتي رات ڏينھن رنڊين جي مختلف پارٽين جي وچ ۾ پيا جهيڙا ٿيندا هئا، جن ۾ مکيہ پارٽ ادا ڪندا هئا پوليس جا صوبيدار ۽ جمعدار. سکر جي پبلڪ لائيف ۾ چڪلي ڪوارٽر کي خاص اثر حاصل هوندو هو. هزار کن ووٽن جو فقط چڪلي ۾ هوندو هو، رنڊين ۽ انھن جي متعلقين جو. هرڪو اميدوار اها ڪوشش ڪندو هو تہ رنڊين جي ڪا نہ ڪا پارٽي ضرور سندس ”سڳي ڌاڳي“ ۾ رهندي اچي. نوجوان پوليس - صوبيدار بي تحاشا تماشا بيني ڪندا هئا. هر ڪنھن صوبيدار سان ڪا نہ ڪا رنڊي وابستہ هوندي هئي، ۽ پوءِ ڪنھن کي مجال جو ان رنڊيءَ جو پير اورانگهي سگهي؟ اهي رنڊيون، شام ويلي بگين تي چڙهي، هوا خوريءَ تي وينديون هيون. کين ڏسڻ لاءِ ماڻھو رستن تي بيهجي ويندا هئا:
”هيءَ اڪبر خان واري آهي!“
”اڙي يار، هيءَ تہ علي خان واري اٿئي! چون ٿا، سيالڪوٽ مان آئي آهي.“
”علي خان تہ هاڻ ڇڙو مٿين پنڌن تي پيو هلي، وچان ئي وزير شاھہ والار وجهي ويو اٿس.“
”وزير شاھہ يا امير شاھہ؟“
”امير شاھہ جو رستو تہ زردالوءَ سان آهي.“
”زردالو تہ وڏي هست رنگي آهي، ڦري کائي امير شاھہ کي ٿي، پر دلي رستو گورڌن( شھر جو وڏو هندو گونڊو هوندو هو) سان اٿس. انھيءَ زردالوءَ تي ئي تہ گورڌن ۽ رمون مڪرانيءَ جي وچ ۾ چاقو چليا هئا!“
”گورڌن ڪٿان ٿو رمونءَ کان بازي کٽي سگهي!“
”ڇڏ يار، رمونءَ جو هاڻي وڃي ڇڙو نالو رهيو اٿئي. گورڌن اڃا تائين پنھنجي نانءَ سان آهي. ڪنھن ڏينھن ٻڌندين تہ رمونءَ ۽ رن، ٻنھي جا آنڊا نڪتا پيا هوندا.“
”رمونءَ کي هافيسرن جو زور کڻيو بيٺو آهي. ڦوجدار صاحب جو هٿ اٿس. سٽي ماشيٽر (سٽي ماجسٽريٽ) جو شيدار(سرشتيدار) شيخ بہ پيو منجهانس کائي پيئي. اڄ صبح ٻڌندين تہ گورڌن وڃي ڪاٺ پيو. هن زماني ۾ ڇڙي داداگيري تہ ڪم ڪا نہ ٿي اچي، ڪجهہ رس - رسائي بہ گهرجي. رمون جيڪي ڦري، سو پيو ڪامورن جي وات وجهي.“
انھيءَ قسم جي گفتگو فضل محمد جا احباب بہ پاڻ ۾ ڪندا رهندا. ميان صاحب پاڻ بہ ويٺو ٻڌندو، ڪڏهن ڪڏهن اکر - ٻہ چئي بہ وٺندو. دل جي خواهش اها هونديس تہ اهڙي گفتگو نہ ٿئي، پر ساٿين کي ظاهر منع ڪري سندن دلشڪني بہ نہ ڪندو. سندس پنھنجي زندگي ابتدا کان وٺي صاف شفاف رهي هئي. جوانيءَ ۾ البت ڪپڙي لٽي جو خاصو شوق ڪندو هو. قميص سلوار، ڪاري الپاڪي يا چينا سلڪ جو ننڍو ڪوٽ پھريندو هو! مٿي تي بره جي کل جي ٽوپي، ۽ پير ۾ سٺو چمڪدار پمپ شوز. لٽا پنھنجن هٿن جا ڌوتل هوندس پر وڏي کان وڏي امير جي نصيب ۾ نہ هوندو تہ اهڙا کنڀيل ۽ ڪلفدار ڪپڙا ڍڪي. شھر کان ٻاهر ويندو تہ ٺھي ٺڪي، شان ۽ مانَ سان. هٿين خالي ڪڏهن نہ ويندو، دوستن لاءِ قسما قسم تحفا ساڻ کڻي هلندو، خاص طرح ميوَن جا ٽوڪرا، جن جي مٿان ڳاڙهي ڪاغذ جا پوش پيل هوندا. ٻارن کي خرچيون ڏيندو، نوڪرن ۾ سوکڙيون تقسيم ڪندو. غريبي حال ۾ اميري شان پيدا ڪرڻ، اُن جڳ جي بزرگن کي ايندو هو.
* * * *
هاڻي موٽي ميان صاحب جي گهر اچون ٿا. مٿيون ڳالھيون تہ ذڪر هلندي وچ ۾ اچي ويون هيون.
ماني تيار ٿيندي، مگر وڌبي اوستائين نہ، جيستائين ميان فضل محمد پاڻ اچي کٽ تي نہ ويھندو. سندس گهر واريءَ صبح جو تہ جهيڙو ڪيو هوس، مگر هينئر مائيءَ جو حال ڏسڻ وٽان هوندو.
جيستائين ميان گهر نہ آيو هوندو ۽ سندس منھن ۾ گراھہ نہ ويو هوندو، مائيءَ کي آنڌ مانڌ لڳي پئي هوندي. پنھنجو پاڻ پيئي ڳالھائيندي – ”مستوءَ جي پيءُ کي هيڏي دير ٿي ويئي آهي، بکئي پيٽ تي ِنپٽا ٻاهر وٺيو ويٺا اٿس! خدا نہ پنھنجو گهر گهاٽ ڏنو اٿن. نہ ٻئي جي گهر گهاٽ جو ڪو ويچار اٿن! اونڌيون ڳالھيون ۽ اجايا بستان ڪڍيو ويٺا هوندس.“
ميان ايندو تہ ماني آڻي اڳيان رکنديس. نرم اڦراٽا هوندا ۽ ديڳڙي ۾ جا بہ چڱي ٻوٽي هوندي سان ڪڍي آئي هوندي. هٿ ڌئاري، پنھنجي هٿ ۾ پکو کڻي ويھندي. آهستي آهستي پکو بہ پيئي جهليندي، ۽ ساڻس ڳالھيون بہ پيئي ڪندي:
”مستوءَ جا پيءُ! شبوءَ (سندن پٽ) کي تہ ڪا ڌڌڪ ڪڍ، سارو ڏينھن الائي ڪيڏانھن رُلندو پيو وتي. نہ کائي ٿو ماني وقت تي، نہ پئيس ٿو ساھہ جو.
”حميدڻ رات لڱن جي سور جون پئي دانھون ڪيون. هڏن ۾ ڪو تپ جو ذرو رهجي ويل اٿس. ڪڏهن ڪڏهن ڪڻس بہ ٿيو پويس. اڄ سانجهيءَ جو وٺي وڃي ادي عبدالحق (حڪيم) کي تہ ٻانھن ڏيکاري اچينس. ائين پئي پئي تہ ڇوڪر صفا نجهري ويندو.
”ادي ِٽڪئي ماءُ ڦجر آئي هئي. پنھنجي ننھن ۽ سورن جون ڳالھيون ڪري، هيانءَ ڦٽي پئي رني. ننهڻس مڙس جو ِڦرڪوئي ڦيرائي ڇڏيو آهي. ماريو، جيڪي آڻي نئي، سڌو اچي زال جو ڀڀ ڀري، ماءُ ويچاريءَ کي تہ تريءَ تيل بہ لائڻ نٿو ڏئي. اهڙا پٽ، جھڙا ٿيا تهڙا نہ ٿيا!“
”ادي عبدﷲ کي بہ ڪالھہ پوٽو ڄائو ٿئي! ماسيءَ سگهڙ ڳالھہ پئي ڪئي تہ ڏاڍا شادمانا ڪيا اَٿئين. ويچارو سڪايل هو. ٽي ٻار تہ اڳي لٿا اٿس، مانَ ڌڻي هي چوٿون بخشي ڏئيس! تون بہ جيڪر مبارڪي ڏيئي اچينس تہ ڇا ٿي پوي. پاڙي پنبي وارا تہ سڀ ٿي آيا اٿس.“
”مستوءَ جا پيءُ، ٻي ڳالھہ تہ ٻڌ! انھيءَ ماريي موٽوءَ جو ڇو اچي مٿو ڦريو آهي! پنھنجي گهر جو سارو گند آڻي ٿو اسان جي گهر اڳيان ڍير ڪري! اهڙي بڻانس ٿي اچي کڙي ٿئي جو ماڻھو ويھي نٿو ساءُ ڪري. ڪالھہ مستوءَ ڇڙو ڏوراپو ڏنس تہ ڇوڪر سان ِچيٽ پئجي ويو. رات ڏينھن وڙهسان، وڙهسان پيو ڪري. ڏس تہ سھي ماريي جو ڪيئن نہ پيٽ ڀريو آهي! اڃا ڪالھوڪو ڏينھن آهي تہ بيھن جو ٿالھہ مٿي تي کڻيو هوڪا ڏيندو پئي وتيو، هاڻي پئسڙو ٿيو اٿس، ۽ جائڙي ٺھرائي اٿائين تہ ائين پيو سمجهي، ڄڻ تہ لک تي مٿو ڌوتو اٿائين! پوري منھن سان ڪنھن جي ڳالھہ بہ ڪونہ ٿو ٻڌي، ڪو چويس تہ مورڳو گونزل پيو ڇڏي!
”مستوءَ جا پيءُ، هاڻي جتي بہ تہ نئين ٺھڻي ڏي! ڪھڙو پراڻو بوٽ گهليندو پيو وتين! پير بہ نٿا سور ڪنئي؟ تڪڙ ڪري وڃي دڪان تان وٺي آئين، گهڻا ڏينھن هليئي؟
بوٽ هجي تہ هٿ جو ٺھرايل. بازاري بوٽن ۾ تہ ڇڙو ٿا ميٽ وجهن. هاڻي مارين کي حرام کائي ويو آهي. بک ۽ بي ايماني ڪاهي پئي اٿن. اڳ اهڙا ڪاٿي هوندا هئا. جنھن سوچيءَ کان ادي عيدن بوٽ ٺھرايو آهي. تون بہ انھيءَ کي چئي اچ. ڏسجي چڱو ٿو. جي توکي بہ پسند اچي تہ پوءِ عيد لاءِ ٻارن جا جوتا بہ انھيءَ کان ئي ٺھرائينداسين.“
ان قسم جي ڳالھين ڪندي ڪندي، ميان کي سموري ماني کارائي وٺندي. پوءِ هٿ ڌئاري، رلھي ڇڪي کٽ تي وجهي، کيس آهلائي ڇڏيندي. پاڻ وڃي باقي ڀاتين جي ماني وڌيندي.
ميان فضل محمد چيلھہ ڊگهي ڪندو، ِٻيڙي دکائيندو، هٿ ۾ ڪتاب، ”وارث شاھہ جي هير – رانجهو“ کڻي، ورق اٿلائي، وچان ڪو نہ ڪو ٽڪر ڪڍي، مٺي آواز سان پڙهڻ شروع ڪندو:
هير آکيا، جوگيا، جوٺ بولين ڪون رٺڙي يار مناؤندائي،
ايسا ڪوئي نہ مليا، مين ڍونڍ ٿڪي، جھڙا گيان نون موڙلياوندائي،
ميرا جيءُ جامه جيهڙا، آن ميلي سر صدقه اُسدي نام ندائي،
ڀلا موئي، تي وڇڙي ڪون ميلي اينوين جيوڙا لوگ ولاوندائي!
ڪڏهن ڪڏهن ”هِير“ پڙهندي، اکين مان ٻہ - چار لڙڪ بہ وهي ٻاهر نڪرندس.
* * *
سانوڻيءَ جي موسم هوندي، پاڻي وهي ايندا، تہ سنگتي ساٿي گڏ ڪري، روهڙيءَ جي باغن ۾ وَهين جي شڪار تي نڪرندو. رات کان وٺي مانيون تيار ٿينديون. ساٿين ڏي سڏ ويندا. ٽانگا ڀاڙي ٿيندا. ساري گهر، بلڪ پاڙي پنبي ۾ هلچل مچي ويندي. ڪو بندوق آڻيندو، ڪو ڪارتوسن جو باڪس رومال ۾ ٻڌيو ايندو، ڪو چاقو ڪڍي پيو روهيءَ تي لاهيندو. ڪنھن جي هٿ ۾ ميوي جي ڇلي هوندي. ڪو سگريٽن ۽ ٻيڙين جا بنڊل پيو کيسي ۾ وجهندو. وڏي هل هنگامي بعد سواري نڪرندي. هلندي هلندي، ٻانھن کان وٺي، ٻارن کي بہ ٽانگن ۾ سٿڻو پوندس، ڇو تہ پردي جي اندران مستوءَ جي ماءُ محشر مچايو بيٺي هوندي تہ ”ٻارن کي بہ وٺيو وڃ. روئي روئي ويچارا ساڻا ٿي پيا آهن. آخر توکي ڇا ڪندا. ڪنھن ڪنڊ پاسي چپ ڪريو ويٺا هوندا، تون پيو شڪار ڪجانءِ.“
ٻار هليا تہ ميان فضل محمد جو پنھنجو شڪار ختم ٿيو. بگيون ڀري وڃي درياءَ پار باغن ۾ لاهيندو. ٻيا ساٿي بندوقون ڪلھن تي رکي وهين جي پويان نڪري پوندا. ميان صاحب پاڻ ٻارن کي قبضي ۾ ڪريو، ڪنھن وڻ جي ڇانوَ ۾ ويٺو هوندو. باغن ۾ کجين جي وڻن تي وهيا سٿيا پيا هوندا. هڪ ٺڪاءُ ڪريو تہ ويھہ ِڪري پوندا. مگر ميان فضل محمد جا مھمان تجربيڪار شڪاري ڪو نہ هوندا. سالن ۾ بہ ڪڏهين ڪو ڪارتوس ڪو نہ ڇوڙيو هوندائون. وهيا اولھہ هوندا تہ هنن جي بندوق پئي اوڀر ويندي! وهيو ڪو مئو نہ مئو، رلي پني، لاڙوين سج موٽي اچي ميان صاحب واري ماڳ تي رسندا. حال احوال ٿيندا، چرچا گهٻا لڳندا، مانيون کائبيون، باغن مان کارڪون ۽ انب خريد ٿيندا، درياءَ ڀر تان تازا پلا ورتا ويندا، بگيون جوٽبيون، ۽ جنھن پيرين ويا هوندا، ساڳئين پيرين موٽي اچي گهر سھڙندا.
گهر پھچڻ تي کارڪون، انب پلا وغيرہ، اورين پرين ساٿين جي گهرن ۾ تقسيم ڪيا ويندا. غرض تہ سڄي شھر کي خبر تہ پئجي ويندي تہ ميان فضل محمد وارا اڄ شڪار تي ويا هئا. ڪجهہ تفريح ٿي، ڪجهہ نام و نمود!
* * *
ميان فضل محمد کي مذهبي محفلن سان بہ خاصي دلچسپي هوندي هئي. معراج - رات ڌام ڌوم سان ملھارائيندو هو. گهر جي سامھون شاميانو لڳندو. گلم غاليچا وڇائجي ويندا. چانھہ جي ديڳ چڙهندي. واعظي مولوي اچي موجود ٿيندا. ڪجهہ شھر جا معزز بہ مدعو ٿي ايندا. مولوين ۾ پنھنجا جهيڙا ۽ اختلاف هوندا: ڪو وهابي آيل هوندو تہ حنفيءَ جو منھن لٿو پيو هوندو. حنفيءَ کي وعظ لاءِ پھرين اٿاريو ويو تہ وهابي مولوي رسي ڀڄڻ لاءِ پيو رستا نھاريندو. مولوي دين محمد وفائي مرحوم يا ميان عبدﷲ شيخ شينھن واري تي نظر پئي تہ پير ميان ڪرم علي شاھہ جتي بہ نہ پائيندو، بيٺي بيٺي، بنا موڪلائي روانو ٿي ويندو. ميان فضل محمد مرحوم انھن اختلافن مٽائڻ ۽ محفل کي ڪامياب بنائڻ لاءِ سارو وقت سرگردان هوندو. مولوي محمد هاشم مرحوم، رڪن جو ويٺل، مشھور ”واعظ الاسلام“ هوندو هو. سندس ڌنڌوئي اهو هو تہ گشت ڪندو، وعظ ٻڌائيندو وتي. پڇاڙيءَ ۾ خوش الحان ڇوڪرن جو هڪ ٽولو تيار ڪيو هئائين، جيڪي محفلن ۾ سرَ سان نعتيه ڪلام پڙهندا هئا. انھن تي نالو رکيو هئائين:”بلبلانِ اسلام“! جنھن بہ مجلس ۾ انھن ”بلبلانِ اسلام“ جي آمد جو آسرو هوندو، ماڻھن جا انبوھہ، سڏيا اڻسڏيا، اچي موجود ٿيندا. انھن ڏينھن ۾ اڃا فلمن زور ڪو نہ ورتو هو ۽ ماڻھن کي مذهب سان بہ دلچسپي هوندي هئي، تنھنڪري اهڙين محفلن وسيلي وندر جي وندر بہ، ۽ مذهبي جذبي جي تسڪين بہ پئي حاصل ٿيندي هين. معراج جي محفل منعقد ڪرائڻ ۾ حڪيم عبدالحق صاحب ميان فضل محمد جو خاص ٻانھن ٻيلي ٿيو بيٺو هوندو هو. حڪيم صاحب بجاءِ خود تمام دلچسپ ماڻھو هو. مريض اچڻ جو آسرو هجي يا نہ، هي صاحب ضرور حڪمت جو هٽ کوليو، ۽ هٽ اندر شيشن ۽ ڏَٻن جون لائنون لڳايو ويٺو هوندو هو. ٻاهران پيو بورڊ لڙڪندو، جنھن تي مڙسيءَ کان ويٺل ۽ بواسير جي سٽيل، لا علاج مريضن لاءِ ”شرطي علاج“ جا قسمي واعدا، ڳاڙهن ساون اکرن ۾ لکيل هوندا – ”وقت اندر فائدي نہ ٿيڻ تي ٻيڻا پئسا واپس“! ماڻھو بي ضرر، ايماندار ۽ خوددار هو(1) . ڪنھن بہ مذهبي يا مجلسي ڪم لاءِ سڏ ڪبس تہ پير پوئتي نہ ڏيندو.
ميان فضل محمد جي زندگيءَ جا پڇاڙي وارا سال ڏک ۽ فراق جي نذر ٿي ويا. سندس ساٿي ۽ رفيق هڪٻئي پٺيان هن دنيا مان روانا ٿيندا ويا. منھنجي ڏاڏي مرحوم سان خاص عشق هوس. ان جو انتقال ٿيو تہ فضل محمد مرحوم جي زندگي بہ يڪسر بيرنگ ۽ بيمزي رهجي ويئي. حبيب جي فراق ۾ سندس شمعِ حيات بہ، ميڻ بتيءَ وانگر رجي، ستت ئي خموش ۽ هميشہ لاءِ ختم ٿي ويئي.

____________
(1) خوشقسمتيءَ سان، زنده آهي.

سردار بھادر قيصر خان بوزدار

مرحوم سردار بھادر قيصر خان بوزدار، سنڌ جي وڏيرپ جو بھترين سئمپل هو. ميرپور ماٿيلي جو ويٺل هو. نہ وٽس وڏي زمينداري نہ علم، پر سندس حڪمت عملي (ڊپلوميسي) زماني جي حال سارو، اڻٽر ۽ اڻگس هئي. ۽ نہ وري اهو ڪنھن خاص موقعي تي ڪنھن خاص وقت جو سوال هو: جا گهڙي جيئرو هو، سندس ڊپلوميسي چالو رهي، ۽ هر دفعي ۽ هر مقصد لاءِ ڪامياب. خان صاحب بڻيو، خانبھادر ٿيو، سردار بھادر بڻجي وفات ڪيائين - انگريز جو راڄ رهي ها تہ نواب بہ ٿي وڃي ها. سياست ۾ بمبئي ڪائونسل جي زماني کان ميمبر چونڊبو آيو. سنڌ جدا ٿي تہ مرڻ گهڙيءَ تائين سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. اليڪشن ۾ هڪڙو دفعو بہ نہ هارايائين. ضلعي جي پاليٽيڪس اندر سندس هنيل مورو وري نہ موريو. خانبھادر ﷲ بخش مرحوم جھڙي ماڻھوءَ کان ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي پريزيڊنٽي کسي، ورهين جا ورهيہ پنھنجي هٿ رکيائين. غضب خدا جو، انھن سارن مقابلن جي باوجود، اهڙي فضا ڪڏهن بہ پيدا ٿيڻ نہ ڏنائين، جنھن هيٺ سندس حريف پير کوڙي ساڻس دشمني ڪن ۽ کيس ڪنھن وڏي جنجال ۾ وجهي ڇڏين! نصيب چئو يا حڪمت عملي، ڪا شي منجهس ضرور هئي. سکر ضلعي جي هڪ ڪنڊ جو رهاڪو هو، پر سندس پرتاب سڄي ضلعي مٿان ڇانيل رهيو. اچو تہ مرحوم جي طريقِ ڪار جو تجزيو ڪريون.
قيصر خان هڪڙو مقصد معين ڪيو هو، ۽ ان مقصد جي حصول لاءِ پنھنجون سموريون قوتون صرف ڪندو رهيو. اهو مقصد هوس تہ پنھنجن هڪجيڏن ۽ همعصرن جي صف ۾ ممتاز ترين جاءِ حاصل ڪري - يعني خطاب وٺي، ميمبريون ماڻي، ۽ ضلعي اندر سرخرو رهي.
معلوم ائين ٿئي ٿو تہ ان مقصد طرف قدم کڻڻ کان پھريائين هن اڳيان ايندڙ سفر جي سمورين منزلن، رڪاوٽن ۽ دشوارين متعلق پنھنجي دماغ ۾ صحيح اندازو موجود رکيو هو - اهڙيءَ طرح، جيئن هوائي جهاز جي پائلٽ، جهاز هلائڻ کان پھريائين، رستي ۽ رخ، هوا ۽ فضا، لانجيٽيوڊ ۽ لسٽيٽوڊ (ڊگهائي ڦاڪ ۽ ويڪرائي ڦاڪ) متعلق، نقشن، چارٽن ۽ رپورٽن جو مطالعو ڪري، ۽ ان مطالعي جي بنياد تي ڪمپاس کي سامھون رکي، پرواز شروع ڪري. عام ماڻھو سياسي سفر شروع ڪرڻ کان اڳ اهڙي سوچ ويچار بنھہ ڪو نہ ٿا ڪن، اکيون ٻوٽي هلي پوندا - ڪڏهن ٿاٻڙندا، ڪڏهن ِڪرندا، ڪڏهن اٿندا، ڪڏهن ڦٿڪندا، ڪڏهن وڪڙ کائيندا، غرض تہ ”فتان خيزان“ حالت ۾ هلندا رهندا. قسمت رهنمائي ڪئي تہ وڃي منزل تي رسندا، ورنہ رستي ۾ ئي گهات ٿي ويندا.
قيصر خان پنھنجي زندگيءَ جو ”چارٽ“ ابتدا کان ئي اکيون کولي تيار ڪيو هو. اهڙو ڪو بہ ماڻھو ڪو نہ هوندو، جنھن لاءِ ان چارٽ ۾ اڳواٽ ”ستيءَ پڙيءَ“ جو انتظام ٿيل ڪو نہ هوندو، اهڙو ڪو بہ حادثو يا اتفاق ڪو نہ هوندو، جنھن کان بچڻ لاءِ پيشگي بندوبست نہ هوندو. جا دشواري آئي، علاج موجود! جو مقام آيو، اُن کي اُڪرڻ لاءِ تجويز تيار! نہ منجهندو، نہ پريشان ٿيندو، نہ مقصد هٿان ڇڏيندو.
سندس ”طريق ڪار“ جي ترتيب ۽ تجويز ۾ انساني فطرت جي خصوصيتن جو خاص لحاظ رکيل هو. وقت آئي، اڳلي مان ڪھڙيءَ طرح پنھنجو ڪم ڪڍجي، سو ڪو کانئس سکي ها.
سڀ کان اول، عام همدردي حاصل ڪرڻ ۽ خود مخالف کي بيخبر رکڻ خاطر، پاڻ کي سخت ڪمزور، مقابلي کان گريزان، بلڪ ڪهل جي قابل ثابت ڪندو. سندس وڏي کان وڏو دشمن بہ کيس بيضرر سمجهي، منجهانئس خوف رکڻ جي ضرورت محسوس نہ ڪندو، نہ پاڻ اڳواٽ خبردار ٿيندو، نہ قيصر خان هٿان ٿيندڙ حملي کان بچڻ لاءِ ئي ڪو بندوبست ڪندو. خبر تڏهن پونديس، جڏهن شڪست کائي وڃي پٽ تي پوندو. نہ وري قيصر خان پنھنجي مخالف کي ان منزل تي ئي ڇڏي ڏيندو، ڇو تہ امڪان هوندو تہ ڌڪ کائي دشمن وڌيڪ تيز ٿي مٿس نئون حملو ڪري ۽ کيس ڪو وڏو نقصان پھچائي وجهندو. تنھنڪري، دشمن کي ڪيرائڻ کان پوءِ هڪدم وڃي سندس دل تي ڇنڊو وجهندو. چوندس، ”مون کي معافي ڏي، غلطي ٿي ويئي، تنھنجي وڏن سان منھنجو نيازمنديءَ جو رستو هو، وچ وارن چرچون ۽ چوڪون ڏيئي اسان ٻن سڄڻن کي پاڻ ۾ ويڙهائي وڌو، هاڻي تون وڏو ٿيءُ، ٻئي موقعي تي اها ساري موڙي سائينءَ جي اڳيان هوندي“ غرض تہ شڪست خورده دشمن سان هر طرح همدردي ڪندو، سندس زخم ميٽيندو، نہ مٿس ٽوڪ ڪندو ۽ نہ سندس اڳيان مرڪي گهمندو. هر حال ۾ تلخيءَ کي مٽائڻ جي پيو ڪوشش ڪندو. اڳتي هلي وري مقابلي جو ڪو موقعو آيو، تہ دشمن کي ساڳيءَ طرح شڪست ڏيئي ڇڏيندو - پر مقابلن جي وچ واري عرصي ۾ دشمن کي پهائڻ ۽ پرچائڻ جون ڪوششون بہ جاري رکيو ايندو. اصول هوس تہ ”ماڻھوءَ جو ڪم آهي اصلي مقصد جي حصول سان. مقصد حاصل ٿي وڃڻ کان پوءِ خواھہ مخواھہ ڇو پيئي تلخي پيدا ڪجي؟ جيڪو ڳڙ سان مري، تنھن کي زهر ڇو ڏجي!“
ٻيو اصول هوس هر ماڻھوءَ سان نياز ۽ نوڙت. ٻئي ڪنھن کان بدتميزي ٿي ويندي تہ بہ پاڻ ساڻس کلندو رهندو، اگرو اکر وات تي نہ آڻيندو. ڪاموري ذات جو خاص خيال رکندو هو. معموليءَ کان معمولي سپاهي ۽ ڪوٽوار جي اڳيان بہ آڌر ڀاءَ لاءِ اُٿي بيھندو. نوڙت سان پيش ايندس، ۽ جو بہ ڪم چوندس، هڪدم پورو ڪري ڏيندس. سڄي عمر ڪنھن بہ آفيسر سان ارڏو نہ هليو. اتفاقاً ڪو سخت آفيسر اچي ويندو، تہ بہ پاڻ کيس آڏو جواب ڏيئي ۽ حجاب جي پردي مان ڪڍي، وٽانئس ٻاهر نہ نڪرندو.
موقعي فهميءَ جي فن ۾ ”استاد ڪامل“ جو درجو حاصل هوس. ان زماني ۾ هر سال سنڌ جي وزارتن ۾ ڦيرا گهيرا ٿيندا ٿي رهيا. قيصر خان کي الائجي ڪھڙي ڏات هئي، جو ڇھہ مھينا اڳ سمجهي وٺندو هو تہ ڪھڙي شخص جو ستارو اڀرڻ وارو آهي! ان کانپوءِ ڇهن مھينن اندر ان شخص سان سندس بھترين تعلقات قائم ٿي ويندا هئا. سترهن ورهيہ کن سنڌ جون وزارتون هليون، ان عرصي اندر سترهن کان مٿي وزارتون ڊٺيون ۽ ٺھيون، پر قيصر خان مرحوم تي ڪو اثر ڪو نہ پيو. هر موقعي تي هو ڪامياب ڌر جي وچ ۾ خاص مقام حاصل ڪريو ويٺو رهيو.
ٻئي بہ ڪنھن شخص ۾ ڪم پوڻ جو امڪان نظر ايندس، تہ وقت کان گهڻو اڳ ان جو اونو ڪرڻ شروع ڪندو. هڪ تجربيڪار طبيب وانگر، ماڻھوءَ جي طبيعت جو مطالعو ڪندو ۽ مناسب نسخو تجويز ڪندو. سنڌ اسيمبلي پنھنجن ميمبرن مان هڪ يا ٻن ماڻھن کي ريلوي ايڊوائزري ڪاميٽيءَ جو ميمبر چونڊيندي هئي. ان ميمبريءَ مان اهو فائدو هوندو هو تہ ريلوي جا بابو هر دم پيا سلام ڪندا هئا ۽ خدمتون بجا آڻيندا هئا. قيصر خان ڇھہ مھينا اڳ پنھنجي دل ۾ فيصلو ڪيو تہ اها ميمبري ضرور هٿ ڪرڻي آهي. اسيمبليءَ جي پارٽين جي پوزيشن جو جائزو وٺي ڏٺائين تہ مقابلي جي حالت ۾ فيصله ڪن ووٽ يورپئين گروپ جي ٽن ميمبرن جا ٿيندا. هينئر هن صاحب انگريز ميمبرن جا سلام ڪرڻ شروع ڪيا. رستي ۾ ملنس يا لابيءَ ۾، يا خود اسيمبليءَ اندر، سندن استقبال لاءِ اڀو ٿي بيھي رهندو، ۽ جهڪي سلام ڪندن. موڪل جو ڏينھن هوندو تہ سندن بنگلن تي ويندو، ۽ هر ڀيري ميوي جا ٽوڪرا، بطور ڏاليءَ يا مھمانيءَ جي، ميم صاحبن لاءِ کڻي ويندو. گفتگو جي دوران اڳوڻن انگريزن جا جيترا بہ نالا ياد ايندس، تن کي دهرائيندو، سندن تعريف ڪندو، ۽ انھن جي مٿس ڪيل ڳڻن کي ڳائيندو. هلندي هلندي هيءُ بہ ظاهر ڪري وٺندو تہ ڪانگريسي ۽ مسلم ليگي سڀ فسادي ۽ باغي آهن، انگريز سرڪار جي بيجا مھربانيءَ ۽ نرميءَ جو فائدو وٺي، خواھہ مخواھہ پيا اسيمبلين ۾ بغاغو مچائين. ٿورن ئي ڏينھن ۾ انگريز ميمبرن جو اهڙو حال ڪري ڇڏيائين، جو ليلي وانگر قيصر خان جي ڪڍ لڳا وتن. ريلوي - ڪاميٽيءَ جي چونڊ جو وقت آيو تہ انھن انگريزن جي ووٽن جي آڌار تي، پھرينءَ سٽ ميمبر منتخب ٿي ويو! جنھن انگريز ميمبر کان پڇو، هڪدم رايو ڏيندو:”او! قيصر خان از اَ ويري گڊ مئن!“(1)
بغير پوريءَ سوچ ويچار جي، قيصر خان ڪو ڪم ڪو نہ ڪندو. جڏهن بہ ڏسو تہ قيصر خان مرحوم پنھنجن شھپرن کي پيو مروٽي، ۽ مروٽي وات تائين پيو نئي، تہ سمجهي وٺو تہ هو ڪو نئون ”فائيوِ ِائير پلان“(2) رٿي رهيو آهي.
مقامي طرح، سندس مقابلو پاڙي جي ٻن زميندارن سان هوندو هو. هڪ هو مرحوم خانصاحب دادڻ خان لنڊ، ۽ ٻيو ڄام ڀنڀو خان مرحوم. انھن ٻنھي جون طبيعتون مرحوم قيصر خان جي طبيعت سان ڪين ملنديون هيون. دادڻ خان سخن جو سچو، ۽ دوستيءَ - دشمني جو سخت پختو هو. جنھن سان ”هائو“ ڪيائين، تہ وري سندس واتان ”نه“ جو اکر نہ نڪرندو، ڀل جانِ جي مٿانس ريلون وهي وڃن. ڀنڀو خان سخت خوددار، بھادر هو، ۽ تنھنڪري اگريءَ طبيعت جو صاحب هو، ساريءَ زندگيءَ اندر ٿورن ماڻھن کيس ڪڏهن مشڪندو ڏٺو هوندو. جنھن شخص جو ڏٺي منھن نہ وڻيس، يا عمر وري ان ڏانھن نہ واجهائيندو، پوءِ ڀل تہ اهو شخص ڪليڪٽر هجي يا ڪمشنر!
انھن ٻنھي صاحبن جا قيصر خان سان دائمي مقابلا رهيا، پر هڪڙو دفعو بہ قيصر خان خلاف ڪامياب نہ ٿي سگهيا. جڏهن بہ دادڻ خان مرحوم جي صداقت ۽ قيصر خان مرحوم جي ”سياست“ جي وچ ۾ ٽڪر ٿيو، جڏهن بہ ڄام ڀنڀي خان جي خوديءَ ۽ قيصر خان جي بيخوديءَ مابين تصادم ٿيو، تہ فتح هميشہ قيصر خان جي ٿي!
هڪ فارسي شاعر چيو آهي:
طبعي بھم رسان ڪہ بسازي بعالمي،
يا همتي ڪہ از سر عالم توان گذشت!
(يا اهڙي طبيت ڌاريو جو دنيا سان ٺھي ۽ منجهس کپي وڃو، يا اهڙي همت جو مورڳو دنيا کان ٻاهر نڪري وڃو.)
قيصر خان مرحوم جو ويساھہ پھرئين اصول ۾ هو. وقت بوقت زماني جي حالتن جو بہ سانچو ٺاهيو، هيءُ اُن ۾ کپي ويندو هو. برعڪس ان جي، دادڻ خان ۽ ڀنڀو خان بيغرضيءَ، خودداريءَ، سچائيءَ، ۽ وفاداريءَ جي واٽ هلندا رهيا، پر قيصر خان مرحوم جي مقابلي ۾ تقريباً هميشہ ناڪام رهيا.
دنيا جا اهي غمزا ڏسي، انسان غريب سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو تہ آخر ”اخلاقي قدرن“ ۽ ”قدرت جي انصاف“ متعلق جو آسماني صحيفن ۽ انساني قرطاسن ايترو زور ڏنو آهي، تن جي اصلي حقيقت ڇا آهي، ۽ انسان جي عملي زندگيءَ تي انھن جو ڪھڙو اثر پوي ٿو؟ جيڪي ڪجهہ هيءُ اکيون ڏسي رهيون آهن، سو عمومي طرح هن کان سواءِ ٻيو ڪجهہ نہ آهي تہ چور ڇٽي ۽ ڀاڳيو ٻڌو وڃي ٿو، ڪوڙو تخت تي، ۽ سچو تختي تي پيو نظر اچي - ۽ جڏهن ِاهو نظارو ٿو سامھون اچي، تڏهن هن مزيد فلسفي پيش ڪرڻ کانسواءِ ڪو چارو ڪو نہ ٿو رهي تہ ”ڪي رند پروڙن راز، قضيي ڪربلا جو!“
قيصر خان مرحوم جي موت جو نمونو ۽ مضمون بہ سندس زندگيءَ واري عام عنوان جي عين مطابق هو. هڪ رات، تندرست ۽ تنومند، خوش ۽ خورم، يارن غارن جي محفل ۾ کلندي ڳالھيون ڪندي، اوچتو ڪري اکيون ٻوٽيائين - ڊوڙي ڏٺائون تہ دل ٽٽي ۽ دم ختم ٿي چڪو هو - ﷲ تعاليٰ کيس پنھنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ ڏئي!
* * *
________________________________________
(1) Oh! Kaiser Khan is a very good man.
(2) Five Year plan.

سردار بھادر امام بخش جتوئي

سندس وجود، هڪ خاص اداري جي حيثيت ٿي رکي. جتوئي قوم جو سردار هو، نيپئر آباد نالي ڳوٺ ۾ رهندو هو. درياهي علائقي، يعني ڪَچي، جو بي تاج بادشاھہ هو. لاڙڪاڻي کان ڪشمور تائين، درياھہ جي ٻنھي ڀرين تي. جهنگن ۾، سندس قوم جي ماڻھن جون دڻيون پکڙيل هيون. ساري ملڪ جي “ٻڌي - ڇوڙي“ انھن دڻين تي پيئي طئہ ٿيندي هئي. چوپايو مال چوري ڪٿان بہ ٿئي، پر ان جو ڇوڙ وڃي انھن مان ڪنھن نہ ڪنھن دڻيءَ تي ٿيندو. رگويد ۾ لکيل آهي تہ اڳئين زماني ۾ سنڌ جا چور ۽ رهزن ڏکڻ ۾ مدراس تائين پھچي وڃي چوريون ڪري ايندا هئا، ۽ ان ڪري ڏکڻ جون ساريون قومون پيون کانئن ڏڪنديون هيون. ممڪن آهي تہ اسان جن همعصر ڪاٽڪن جي بہ ڪا لِڇ وڃي انھن بزرگن سان لڳندي هجي. بھرحال، جيڪي ڪجهہ اسان پاڻ اکين سان ڏٺو، سو بہ ڪو گهٽ ڪونہ هو.
آباديءَ کان پري، گهاٽي جهنگ ۾، درياھہ جي ويجهو وڃي وجهندا هئا اهي دڻيون. دڻيءَ جي معنيٰ هڪ - ٻہ ڇپر پنھنجي رهڻ لاءِ، باقي چوپائي مال جي بيھارڻ لاءِ مَنھہ. چوپايو مال گهڻو ڪري مينھن جو هوندو هون. چوري ڪارِي بہ مينھن جي ئي ڪندا رهندا هئا. مينھن ٻڌي تہ هڪ دُڻي ٻيءَ دُڻيءَ تائين پھچائيندس، ۽ ٻي وري ٽينءَ تائين. نتيجو اهو نڪرندو جو لاڙڪاڻي مان چورايل مينھن ٿورن ڏينھن اندر ئي وڃي پھچندي ڪشمور. ان جي بدلي ۾ وري ڪشمور وارا رواني ڪندا اتان جي چوري ٿيل ڪا مينھن، جيڪا لاڙڪاڻي رسڻ بعد بلڪل ”مال حلال“ بڻجي پوندي. ٻئي طرف، مينھن جا مالڪ قرآن مٿن تي کڻيو پيا دڻيون گهمندا ۽ چورن کي ستائيندا. عام دستور هوندو هو تہ چوري ٿيل مال جا ڀاڳيا، قرآن شريف کڻي، پاڙي جي ڪاٽڪن جي دڻين تي پھچي وڃي کين قسم ساک وجهن ۽ چوري ٿيل مال جو ڏس پتو پڇن. اوائلي زماني جا چور تہ قرآن شريف کان گهڻو ڊڄندا هئا ۽ قرآن آئي، جو بہ پتو هوندو هون، ٻڌائي ڇڏيندا هئا. پر وقت گذرندي اها مراد ختم ٿيندي وين، ۽ پوئين زماني ۾ تہ قرآن پاڪ ڏسي چوندا هئا:”ڀلا ڀل پيا ڀلن ڏي اچن!“ - يعني قرآن بہ ڀلو، ۽ پاڻ چور بہ ڀلا: هڪٻئي ڏانھن لنگهي آيا، تہ اُن ۾ خوف ڪرڻ ۽ چوري ٿيل مال موٽائي ڏيڻ جو ڪو سوال ئي ڪونہ ٿو پيدا ٿئي! نعوذ بﷲ!
اڄ تائين بہ ايترو رواج ضرور آهي تہ ڪو چوريءَ جو ستايل غريب، قرآن شريف کڻي، ڪنھن ”مھانڊي“ چور وٽ لنگهي آيو، تہ اڳلو پري کان قرآن پاڪ ڏسي استقبال لاءِ اٿي بيھندو، قرآن وٺي اکين تي گهمائيندو، ۽ چمي، مٿانھينءَ جاءِ تي رکندو. ان کان پوءِ، آئي کي مانيءَ ٽڪر کارائيندو، ۽ کانئس حال احوال وٺندو، چوريءَ جو ڏس پتو ڏئي يا نہ، پر ايترو آڌرڀاءُ ضرور ڪندو. موٽندي، لٽي ٽڪر ڦاڙي، قرآن شريف تي پوتي بہ چاڙهي ڇڏيندو!
چوري ٿيل چوپايو مال پوليس جي مدد سان هرگز نہ موٽندو. ٿاڻي ۾ رپورٽ ٿي تہ ﷲ ٻڌي پوليس جي! چوري ٿيل ڍور تہ ڪونہ ملندو، باقي ڀاڳئي جا رهيل ڇيلا ڪڪڙ بہ سندن مھمانين ڪندي ختم ٿي ويندا. تنھنڪري، چوپائي مال جي چوري موٽائڻ جا ٻيا طريقا هوندا هئا. مثلاً: (1) قرآن شريف گهمائي، خود چورن مان پتو لهڻ، ۽ کين ستائي، قرآن محابي مال ورائڻ،
(2) ڀونگ (يعني روڪ رقم) ڏيئي، اصلي مال موٽرائڻ (ڪيترا چور تہ ڀونگ وٺي پوءِ بہ مال ڪونہ موٽائيندا هئا ۽ مال خواھہ ڀونگ ٻئي هضم ڪري ڇڏيندا هئا)،
(3) مال جي پتي پوڻ بعد، چورن جي قومي سردار کي منٿون ميڙيون ڪري، کانئس چورن تي دٻاءُ وجهرائڻ ۽ ان طريقي سان مال واپس ڪرائڻ.
چور قرآن کي ڏسي ڀل نہ ڀِرمن، پر پنھنجي سردار سان ڪوڙ ڪڏهن ڪونہ ڳالھائيندا. سردار جي کٽ تي هٿ رکي ڳالھہ ڪيائون تہ گويا وڏي ۾ وڏو قسم کڻي وڌائون. جنھن شخص کٽ تي هٿ رکي ڪوڙ ڳالھايو ۽ اڳتي هلي سندس ڪوڙ ظاهر ٿي پيو، تہ سندس لاش درياھہ ۾ لڙهندو هٿ ايندو. خود پنھنجيءَ قوم جا ماڻھو سر وڍي ختم ڪري ڇڏيندس.
”دڻين“ تي رات ڏينھن پيا چورين ۽ چورن جا قصا هلندا. انھن دڻين کي پنھنجي زباني ”وائرليس“ هوندي هئي. ڪو بہ اهڙو واقعو ڪونہ ٿيندو، جنھن جو چورن سان واسطو هوندو ۽ ان جي خبر جلد کان جلد انھن دڻين تائين پھچي نہ ويندي. رات ڏينھن دڻين جي ماڻھن جي هڪٻئي ۾ اچ - وڃ لڳي پيئي هوندي. هڪ ڪنڊ جي هليل خبر، بنادير جي وڃي ٻيءَ ڪنڊ تائين پھچندي. ٿاڻي تان پوليس جو ٽولو اڃا مس روانو ٿيندو تہ اڳواٽ دڻين تائين خبر پھچي ويندي. مال کي هڪلي وڃي لڪائيندا گهاٽي جهنگ ۾، پاڻ مرد بہ ٿي ويندا ”ڪک پن“، باقي دُڻيءَ تي وڃي رهنديون ڪراڙيون عورتون، جيڪي قرآن جي ڪوڙن قسمن کڻڻ ۽ سچ کي لڪائي، پوليس کي دوکو ڏيئي ٻئي پاسي رواني ڪري ڇڏڻ واري فن ۾ ڪيئي ڊگريون ۽ ڊپلوما حاصل ڪريو ويٺيون هونديون! پوليس اڃا بہ سختي ڪئي تہ اوڇنگارون ڏيئي، روئڻ پٽڻ ۽ پار ڪڍڻ شروع ڪري ڏينديون، پوءِ ڪير هوندو جو اهو ماتم ڪندو ڏسي پوئين پير نہ ورندو؟
انھن چورن جون صورتون بہ ڏسڻ وٽان هونديون. سکن وانگر، منھن يا مٿي جي وارن کي هرگز هٿ نہ لائيندا. ڏاڙهي جيتري ڊگهي، اوترو مڙس مھانڊو. ڀرون وڌي اکين ۾، ۽ مڇون وڌي وات ۾ پوندن، ڏاڙهين جو دُن تائين پھچڻ معمولي ڳالھہ هوندي. مٿي تي وڏو اڇو پڳڙ، هيٺتي سٿڻ هجي يا ڇڙو پوتڙو ٻڌل، تنھن جي پرواھہ ڪانہ. عام طرح هٿ ۾ لٺ، چوريءَ جي شغل سان نڪتل هوندا تہ ڪلھي تي ڪھاڙي ۽ چيلھہ سان، مال کي ڪڙڻ لاءِ، ٽوڙهو وڪوڙيل هوندن. خوراڪ کير مکڻ ۽ لسي. گوشت ڪڏهن ڇٺيءَ ڇماهيءَ. ڳنڌڻ جو خيال ٿين تہ چڻن يا مٽرن جي پلي، يا سرينھن ڄانڀي جا ڳنر چاڙهيندا، سي بہ ٺڪر جي ڪُني ۾. ماني جوئر جي، تئي تي نہ پر ٺڪر جي دانگيءَ يا پٿر جي ٿوٻيءَ تي پڪل. تعليم سان بنھہ واسطو ڪونہ. شھرن کان بلڪل ڀڳل. جيل وڃڻ کان ڪيٻائيندا ضرور پر مٿي تي اچي وين تہ مڙس ٿي منھن ڏيندا. جيل مان نڪرندا تہ اڳ کان اڳرا ٿي، چوندا هئا: ”مڙس لاءِ جيل ائين آهي، جيئن ڪنوار لاءِ ونواھہ.“
جھڙا پاڻ تهڙا سندن نالا: مثلاً ڀوت، گوشو، ٽنڊو، راوت، اوڀاهيو، شاهم، بنڊيڻ، يختيار (اختيار)، وغيرہ وغيرہ.
زال ذات لاءِ قاتل، ڪنھن عورت جي چال بابت شڪ پين تہ هڪدم قتل ڪري ڇڏيندس. اهڙيءَ عورت جي واهر سندس پيڪا بہ ڪونہ ڪندا. جيڪڏهن مڙس همٿ نہ ڪئي تہ پيڪا پاڻ پورو ڪري ڇڏيندس. ڀائر ڀينرن کي ماريندا، پيئر ڌين کي. نہ دانھن نہ ڪوڪ، نہ شاهد نہ گواھہ- ڄڻ ڄائي ئي ڪانہ هئي. عورت جو قصو ختم ڪري، پوءِ پوندا مشڪوڪ مرد جي ڪڍ. اُن جي جان فقط ٻن حالتن ۾ بچي سگهندي: سردار وٽان فيصلو ڪرائي، بدلي ۾ سڱ ڏئي يا سڱ جي قيمت بطور حرجاني جي ادا ڪري. اها قيمت هزار کان ٻن هزارن رپين تائين هوندي. ٻيءَ حالت ۾، ”ڪارو“ ڪري، ڪتي وانگر ماري ڇڏيندس. مجال آهي جو مقتول جو ڪو مٽ مائٽ بہ وڃي سرڪار ۾ دانھين ٿئي!
پر عورت جي فطرت کي ڪٿي ٿي اهي ڪھاڙيون قابو ۾ رکي سگهيون؟ موت جي ان ظاهري يقين هوندي بہ، حضرت عشق جون ڪار فرمايون بدستور جاري هونديون. لنوَ لڳي ويئي تہ سارا ڀوَ ڀولا ختم ٿي ويا. هٿ کولي عشق جو استقبال ڪنديون. جيترا ڏينھن لڪي سگهيو، لڪائينديس، ظاهر ٿي پيو، تہ نہ ڀڄنديون، نہ ڊڄنديون. مقرر ڏينھن تي، وهنجي سهنجي، سينڌ سرمو ڪري، مِٺن پيارن کان موڪلائي وڃي سر اڏيءَ تي رکنديون!
عشق جي انھن شھيدن کي ٻروچڪي ٻوليءَ ۾ ”ڪاري“ ۽ ”ڪارو“ سڏيندا - يعني عورت هوندي تہ ”ڪاري“، مرد هوندو تہ ”ڪارو“. ڪو ٻروچ بزرگ ڍڳي جي چوري ڪندي، يا کاٽ هڻندي، لٺ، لَوڙِ يا لوڙھہ لڳڻ سبب مري پيو تہ وڏيءَ عزت وارو موت نصيب ٿيس. يار دوست عذر معذور لاءِ ايندا، عزيز خويش سندس ياد ۾ پيا روئندا ۽ پار ڪڍندا. پر عشق ۽ عاشقيءَ جي سلسلي ۾ ڪا عورت فقط شڪ جو ئي شڪار ٿي ويئي، تہ ڄڻ ڪتي ٻلي مري ويئي. گهڻو ڪري، ماري، لاش درياھہ ۾ اڇلائي ڇڏيندس. پر جيڪڏهن درياھہ ويجهو نہ هوندو، ۽ لاش کي دفن ڪرڻ جي ضرورت پيش ايندي، تہ بہ بنان ڪفن جي، ۽ فقط اونھي کڏ کوٽي، مئل مڙھہ کي ٽَنگ يا ٻانھن کان گهلي، منجهس اڇلائي ڇڏيندا، نہ قبر هوندي، نہ لوڙھہ جو نشان. مجال آهي جو ڪو گهر جو ڀاتي بہ ڪڏهن مقتوله کي وري ياد ڪري يا سندس نانءُ وٺي!
ڪيتريون عورتون تہ بيگناھہ فقط ”ويڻ“ وگهي بہ مارجي وينديون. ”ويڻ“ جي معنيٰ هيءَ آهي تہ عورت جي مڙس کي ڪنھن شخص، ڪنھن پنھنجي ٻيءَ دشمنيءَ سبب ئي، فقط هيترو چيو تہ ”پاڻ تہ پڳڙ ٻڌيو ٿو وتين، جوڻھين وتي ٿي جهنگ جهٽيندي!“ پوءِ اڳلو نہ ڪندو جاچ نہ جوچ، کڻي ڪھاڙي، پل ۾ پنھنجيءَ زال کي پورو ڪري ڇڏيندو.
اهڙن خونن جي سلسلي ۾، هر سال سوين ٻروچ ڦاهين تي لڙڪندا رهن ٿا، مگر ان هوندي بہ اهو خوني سرشتو قائم رهندو پيو اچي. ڪاريءَ ڪاري ماريندي جنھن کي ڦاسي آئي، ڄڻ شھيد ٿيو!
* * * * * * * * *
جتوئين جي قوم جو سردار هو، سردار بھادر امام بخش خان.(1) نوي - پنجانوي سال جيئرو رهيو. انگريزن کيس پھرين ”خانبھادر“ ۽ بعد ۾ ”سردار بھادر“، جو لقب ڏنو.
حڪومت جي ”وفادارن“ ۾ پھريون نمبر هو، رڄ چڱو مڙس هو. صورت ۾ بہ اثر هوس. ٻروچن جي دستور موجب، ڪارو ڪپڙو ڪڏهن نہ ڍڪيندو. مٿي تي اڇي وڏي پڳ، جسم تي موڪرو پيراهن، هيٺتي شلوار، پيرن ۾ سنڌي جُتي، جيڪا ڳاڙهي پٽ تي ڀريل هوندي، هٿ ۾ رات - ڏينھن تسبيح، چپ هميشہ متحرڪ.
سندس اوطاق تي رات - ڏينھن چورين ۽ خونن جا فيصلا پيا ٿيندا. آئي وئي جي ڌم لڳي پيئي هوندي. ڪنھن فيصلي جي سلسلي ۾ ڪنھن ڌر تي ڏنڊ وڌائين تہ ان ڏنڊ جو مقرر ”سرداري حصو“ سندس پنھنجي خزاني ۾ جمع ٿيندو. وقت سر راڄ مان ڦوڙي بہ وصول ڪندو. مثلاً، ”في پڳ تي رپيو، يا في پڳ تي ٻہ رپيا“. ڪنھن کي بہ طاقت نہ ٿيندي جو ان ”سرداري ڦوڙيءَ“ جي ادا ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪري. ساري عمر چڱي دٻدٻي سان رهيو. پنھنجيءَ قوم اندر ڏاڍي مڃتا هيس. البت، پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ نئينءَ حڪومت جي نظر ۾ سردارن جو اڳيون وقار ڪونہ رهيو. قريبي زماني ۾ امام بخش خان جي عزيزن تي قتل جا مقدما ٿيا. انھن جي سلسلي ۾ پاڻ لاهور ويو، ۽ اتان موٽندي، ريل ۾ ئي سندس موت واقع ٿي پيو-
وڏيري هياس، چنيسر جي راڄ ۾،
دهلين دمامين نقرين، پر ۾ پڇياس،
ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڏهاڳڻ ڏيھہ ۾!

(1) سنڌ جي هڪ اڳوڻي ڪمشنر سر هينري لارينس جي زال، ليڊي لولي لارينس پنھنجي ڪتاب ۾ بہ سندس ذڪر ڪيو آهي.

سکر جا اخبار نويس

ابتدائي زماني ۾ سکر، اخباري ڪاروبار جو مرڪز هوندو هو. ان کان وڏا مرڪز فقط حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ هوندا هئا.
هندن مان، ديش ڀڳت ويرومل بيگراج، ”سنڌيءَ“ جي نالي سان، پھرين اخبار جاري ڪئي، جا هفتيوار هئي.
مسلمانن مان، شيخ محمد سليمان ”الحق“ نالي هفتيوار پرچو جاري ڪيو، جنھن جي اجراءَ ۾ مسلمان ڪامورن ۽ خيرپور جي وزير جو هٿ هو. علي محمد خان دهلوي، جو بعد ۾ بمبئي ڪائونسل جو ناميارو پريزيڊنٽ بڻيو، ”الحق“ جو پھريون ايڊيٽر ٿيو.”الحق“ ڪجهہ ڏينھن حيدرآباد مان نڪتي، ۽ ان کان پوءِ هميشہ لاءِ منتقل ٿي سکر آئي. بابو سليمان پنھنجي پرچي ذريعي مسلمانن جي چڱي خدمت ڪئي. منھنجي سانڀر کان اڳ سندس انتقال ٿي چڪو هو، تنھنڪري مون کيس ڪو نہ ڏٺو، پر منھنجي زماني ۾ بہ سندس نالو عزت سان ياد ڪيو ويندو هو. سندس فرزند، شيخ عبدالعزيز، کانئس پوءِ پريس ۽ اخبار جو ڪم سنڀاليو. پر آزاد خيال هو، انگريزن جي وفاداريءَ کان بيزار ۽ ڪاموري شاهيءَ جو دشمن، تنھنڪري ٿورن ئي ڏينھن اندر کيس اخبار کان بيدخل ٿي سکر ڇڏڻ تي مجبور ٿيڻو پيو. شيخ عبدالعزيز مون ڏٺو. ڏاڍو جوشيلو قومي ورڪر هو. تقريرن ۾ انگريزن جي خوب خبر وٺندو هو. خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾ کيس جيل بہ ڀوڳڻو پيو، پر سندس همت ۽ اصول ان هوندي بہ نہ ٽٽا. البت، ڏکن ۽ تڪليفن ڪري، سندس زبان ۾ سو ڪافي تلخي پيدا ٿي چڪي هئي. هرڪو ماڻھو کانئس پاسو ڪرڻ لڳو، ۽ ڪنھن بہ سندس سرپرستي ڪا نہ ڪئي، فقيراڻي ۽ عسرت جي زندگي بسر ڪندو رهيو، پر نہ سياسي نظريو ڦيرايائين ۽ نہ خودداري ئي هٿان ڇڏيائين. پڇاڙيءَ ۾ ۾ پير ضياءَ الدين شاھہ صاحب جهنڊي واري رحمـة ﷲ عليہ سان وابستہ ٿيو، ۽ سندس خدمت ڪندي زندگيءَ جو باقي عرصو پورو ڪيائين.
”الحق“، ان کان پوءِ، سندس ننڍي ڀاءُ ميان عبدالحڪيم مرحوم جي حوالي ٿي. پر جنھن زماني ۾ آءٌ سکر آيس، ان کان اڳ ۾ ئي سندس عمر طبعي پوري ٿي چڪي هئي، ۽ فقط سرڪاري اشتھارن ڇاپڻ لاءِ پيئي پساھہ کڻندي هئي. هفتي - پندرهين ڏينھن اشتھار آيا، تہ پرچو نڪتو، ورنہ ٿيو ڀلو. مون پاڻ ڪجهہ وقت ان اخبار ۾ مضمون لکيا، ۽ ڪوشش ڪيم تہ منجهس دوباره ساھہ ڦوڪيان، پر پرچي جي پاليسي هئي تہ وقت جي سرڪار جي ثناخواني ڪجي ۽ اشتھار وٺجن. انھن ڏينھن ۾ ڪافي سياسي سجاڳي بہ اچي چڪي هئي، تنھنڪري اهڙي پرچي کي همٿائڻ لاءِ پبلڪ تيار ڪا نہ هئي.
”الحق“ جي مقابلي ۾، اوائلي زماني ۾ ئي، آزاد خيال مسلمان طبقي ”آفتاب سنڌ“ جي نالي سان هڪ ٻي هفتيوار اخبار جاري ڪرائي هئي، جا منھنجي زماني تائين نيم مرده حالت ۾ تلڪندي ٿي رهي، پھرين ڏينھن ۾ چڱو نالو ڪڍيو هئائين. مرحوم شمس الدين ”بلبل“ ايڊيٽر هوس. ”بلبل“ سنڌ اندر اخبار نويسيءَ ۽ لٽريچر جو ڏاڏو آدم هو. مون کي سندس ديدار ڪڏهن بہ نصيب ڪو نہ ٿيو، پر سندس مضمون ۽ نظمن جو پوريءَ دلچسپيءَ سان مطالعو ڪندو رهيس.
”الحق“ ۽ ”آفتاب سنڌ“ جي ختم ٿي وڃڻ بعد، هڪ نئين مسلماني اخبار جي ضرورت محسوس ڪئي ويئي. وقت جي مسلمان عملدارن، شيخ محمد قادر وزير خيرپور جي مدد سان، زميندارن مان چندا گڏ ڪيا، ۽ ”سنڌ زميندار“ اخبار جو بنياد وڌو. اخبار جو پھريون ايڊيٽر ماستر عبدالوهاب مرحوم مقرر ٿيو. مون سندس زيارت ڪئي. پٺاڻ، پٺاڻ صورت ۽ پٺاڻ سيرت بزرگ هو. دورانديش، سنجيدو، ”ڪم“ جي ڳالھہ ڪندو. ”چم“ سان ڪو واسطو نہ رکندو. حقيقت لکندو، عملدارن جي ”ڌيان“ کي ”دعوت“ ڏيندو، حڪومت سان واسطو رکندڙ تحريرن ۾ ادب ۽ انڪار جي ازلي حدن کي لازماً ملحوظ رکندو. مضمون ۾ نہ مرچ وجهندو نہ مسالو، نہ مثالي شعر ڏيندو، نہ ڪو جوشيلو جملو. تحرير جي سطح ايتري قدر هيٺانھين رکندو ۽ زبان اهڙي سهل رکندو، جو معمولي کان معمولي سنڌي پڙهيل انگريز آفيسر بہ آسانيءَ سان مطلب سمجهي سگهي، ۽ روز مرھہ پاڻ وٽ ايندڙ درخواستن ۽ هن اخبار ۾ ڇپيل مضمونن جي روح ۽ انداز ۾ ڪو فرق محسوس نہ ڪري.
گورن عملدارن جا دماغ تہ اصل کان ڦريل هوندا هئا، پر ڪارن ڪامورن جو رت بہ ٿوريءَ گهڻي ڳالھہ تي بگڙي ٿي ويو، تنھنڪري سندن وفادارن لاءِ لازم هو تہ ”ڪَتِن بہ، ڪَنبن به!“ وفاداريءَ جي والھانہ واعدن ۽ قسميه اقرارن ۾ ملفوف، واجبيءَ کان واجبي معروضات کي بہ، زبان جي لحاظ سان، منڪسرانہ ۽ ملتجيانہ، بلڪ گداگرانہ لفظن ۾ ئي پيش ڪرڻو ٿي پيو. ورنہ نازڪ مزاج صاحبلوڪن جي ناراض ٿي پوڻ جو خطرو هوندو هو. البت اهي شرط لاڳو هئا فقط مسلمانن سان. هندن ۽ سندن اخبار نويسن تہ انھن ڏينھن ۾ بہ انگريزن جا خوب پئي ٿي ڇوڏا لاٿا. حيدرآباد مان ”سنڌ واسي“ ۽ ”ڀارتواسي“، ۽ ڪراچيءَ مان ”نيوٽائمز“ اخبارون نڪرنديون هيون. انھن اخبارن انگريزن خلاف رڻ ٻاري ڏنو هو. ٻئي طرف، لاهور جي ”زميندار“ اخبار (مولانا ظفر علي خان جي ايڊيٽريءَ هيٺ) پڻ سکر ۾ ايندي رهندي هئي، ۽ اڙدو پڙهندڙ عوام جي ذهنيت ۾ ڪافي فرق پيدا ڪيو هئائين. خلافت ۽ ڪانگريس تحريڪن جو اثر ان کان سواءِ هو. پڙهيل - لکيل عوام ۾ آزاديءَ جو جذبو جاڳي چڪو هو، ۽ انگريز مجبور ٿي پيا هئا تہ مسلمانن - خاص طرح زميندارن - تي هٿ رکن، کانئن اخبارون ڪڍرائين، ”امن سڀا“ ۽ ”سنڌ محمدن ائسوسيشن“ جھڙيون وفادار ۽ فقط نوڪريون گهرندڙ جماعتون قائم ڪرائينِ“ ۽ حڪومت سان وفاداريءَ جي وسامندڙ جذبي کي نئين هوا ڏياري، ان کي قائم ۽ روشن رکن.
”سنڌ زميندار“ اخبار جو جاري ٿيڻ، عين ان پاليسيءَ پٽاندڙ هو، ۽ ماستر عبدالوهاب مرحوم پنھنجا فرائض بلڪل چڱيءَ طرح بجا آندا. سندس انتقال کان پوءِ مسٽر احمد علي خان عليگ ايڊيٽر مقرر ٿيو. ۽ مئي 1929ع ۾، مون پاڻ وڃي مسٽر احمد عليءَ جي ڇڏيل ڪرسي سنڀالي. منھنجي ڏينھن ۾ اخبار جي پاليسي بلڪل ڦري ويئي. ان ڪم ۾ قدرت بہ مدد ڪئي. اصلوڪا ڊائريڪٽر مري کپي چڪا هئا. پريس جو سارو انتظام خانبھادر محمد ايوب کھڙي جي قبضي ۾ اچي ويو هو. اهو صاحب پاڻ نوجوان هو، خود دار هو، ۽ ايڊيٽر جي ڪم ۾ ڪا بہ دست اندازي ڪا نہ ڪندو هو. ساڳئي وقت عام حالتن ۾ بہ تبديلي اچي ويئي هئي، تنھنڪري اخبار جي تحريرن کي تيز ڪندي منھنجي رستي ۾ ڪا بہ رڪاوٽ ڪا نہ پئي. البت ڪيترا ڀيرا وقت جا عملدار ضرور ناراض ٿي پيا. هڪ دفعي ڪوشش بہ ڪيائون تہ مون کي ڪڍرائي، مرحوم عبدالوهاب خان جھڙو ڪو پوڙهو رٽائرڊ سنڌي ماستر آڻي ايڊيٽر ڪري ويھارينِ، پر کھڙي صاحب بنھہ تريءَ تيل لڳڻ ڪو نہ ڏننِ، ۽ سال 1933ع تائين آءٌ پنھنجيءَ جاءِ تي بحال رهيس. اهو هو قصو ”سنڌ زميندار“ جو.
هندن طرفان، سنڌيءَ کانسواءِ، هڪ ٻي بہ هفتيوار اخبار، ”ڌرم ويرُ“ نالي سان، ٻائي امرداس ڪڍي. امر داس ساڌ ٻيلي واري ٻائي صاحب جو چيلو هو. برهمچاري، ڏاڙهي ۽ مڇون ۽ مَٿو ڪوڙيل، ساڌن جي لباس ۾ رهندو هو. سندس اخبار وچولي قسم جي ٿڌيءَ پاليسيءَ تي پيئي هلندي هئي. اصلي مقصد هوس هندن جي خدمت، پر هروڀرو مسلمانن جون دليون بہ ڪو نہ دکائيندي هئي.
ويرومل بيگراج جي سنڌي اخبار تہ بنھہ ليڪا لتاڙيو بيٺي هوندي هئي. سندس نقطہ نگاھہ موجب، هندو هر ڳالھہ ۾ حق تي ۽ مسلمان هر معاملي ۾ ناحق تي هئا. محض موقعي جي منتظر رهندي هئي، موقعو آيو، ۽ مسلمانن کي لتاڙڻ شروع ڪري ڏنائين. ويرومل هڪ موقعي تي هندو وڌوائن (بيواھہ عورتن) جي رهائش لاءِ ”وڌوا گهر“ کولرايو - خاص هندو محلي ۽ خالص هندو انتظام هيٺ. مسلمانن کي تہ فقط ان رستي تان گهمڻ جي بہ اجازت ڪا نہ هئي. ڪجهہ عرصي بعد خبر کُلي تہ ڪيترين وڌوائن کي ”اُميد واري“ ٿي ويئي آهي! هاڻي ِاها بلا ِڪري تہ ڪنھن تي؟ ”سنڌي“ اخبار وڏين هيڊنگن سان مضمون شايع ڪيو، جنھن جو هي جملو مون کان اڄ تائين نہ وسريو آهي –”ڪن دشت دراچاري مُسلن، ابھم ڪنيائن جو ڌرم ڀرشٽ ڪري ڇڏيو آهي!“ ابھم ڪنيائن جو ڌرم ڀرشٽ“ جنھن بہ ڪيو، تنھن کي ڦٻيو، مار اچي پيئي مسلمانن تي! اهي هونديون هيون ڪرامتون ان اخبار جون.
پڇاڙيءَ وارن ڏينھن ۾ مسٽر آرتمل پنجابيءَ، جاڳڻ (تعلقو شڪارپور) جي هڪ تيز طبع هندو نوجوان، ڪھي اچي سکر ۾ پنھنجا آسٿان کوڙيا. ”هندو ليگ گزيٽ“ نالي سان هفتيوار اخبار ڪڍيائين. هيستائين جيڪا ڪسر ”سنڌي“ اخبار ڇڏي هئي، سا ”هندو ليگ گزيٽ“ اچي پوري ڪئي. اخباري لحاظ سان اسان جا جبرا مقابلا لڳا پيا هوندا هئا، ذاتي طرح مون سان دوستيءَ جو تعلق پڇاڙيءَ تائين قائم رکيو آيو. کيس خاص انتظار هوندو هو تہ مان سندس مضمونن جا جواب ضرور لکان، ڇو تہ ان ڪري هندن ۾ سندس اخبار جي وقعت وڌڻ جو امڪان هو. جنھن بہ هندو پرچي خلاف مسلمان اخبارن شڪايت لکي، تنھن کي ڪٽر قسم جا هندو، پنھنجي جاتيءَ لاءِ وڏي وٿ سمجهي، مٿي تي کڻي بيھي رهندا هئا. هندو اخبارن ۾ چٽا ڀيٽي هن ڳالھہ تي لڳي پيئي هوندي هئي تہ منجهانئن ڪھڙو پرچو ٿو مسلمانن تي وڌيڪ حملو ڪري، ۽ ڪھڙي پرچي خلاف مسلمان اخبارون ٿيون وڌيڪ هاءِ گهوڙا ڪن.
حقيقت کي ڏسبو تہ هئي فقط ڪن هندن جي سمجهہ جي غلطي. انھن طريقن اختيار ڪرڻ سان، ”هندو - مسلم اختلاف“ جي جا باھہ دکارايائون، تنھن جي پھرين خوراڪ خود پاڻ ٿي ويا. پر اوائلي مستيءَ جي ڏينھن ۾ کين ڪير سمجهائي ۽ ڪير باز آڻي ٿي سگهيو؟ انڌ جي گهوڙي تي سوار هئا. پنھنجي غريباڻي نموني تہ مون کين گهڻو سمجهايو، پر نہ سمجهيا: مضمون لکيم تہ گاريون ڏنائون، ڪتاب لکيم تہ انھن کي سرڪار هٿان ضبط ڪرايائون.
آرتمل، اخباري ماحول کان ٻاهر، مزيدار ماڻھو هو. سندس دفتر هوندو هو وچ بزار ۾، ۽ اسان جي پريس هئي مٿي ٽَڪر تي. جڏهن بہ پري کان ڏسبو هو تہ آرتمل ڌوتيءَ جي ڪنڊ ۾ هٿ وجهيو، چاڙهي چڙهندو، سھڪندو، پگهر ڳاڙيندو، ڀڄندو پيو اچي، تہ سمجهي وٺبو هو تہ اڄ مسلمانن خلاف ضرور ڪو زهريلو مضمون لکي آيو آهي، ۽ هينئر خبردار ڪرڻ پيو اچي تہ جواب لکڻ لاءِ اسين بہ پنھنجي قلم ۽ مس ڪپڙيءَ کي تيار رکون. ان قسم جي سوال - جواب ۾ ڦاسائڻ کان آءٌ هميشہ ڪيٻائيندو هوس، پر آرتمل جي معاملي ۾ بنھہ بيوس هوس. جواب نہ لکبو تہ چچڙ ٿي چنبڙي پوندو. ان کان پوءِ بہ انڪار ڪبو، تہ اچڻ - وڃڻ ڇڏي ڏيندو، ۽ وچ وارن دوستن وسيلي ڏک ڀريل ڏوراپا پيو ڏياري موڪليندو. تنھنڪري پڇاڙيءَ جي ان جنجال کان بچڻ لاءِ، آءٌ پھرين کان ئي پيو سندس دل رکندو هوس.
آرتمل جو هڪ ”ٻيو وزٽ“ ٿيندو هو لاڙوين سمھاڻينءَ، جڏهن، کائي پي، ماڻھو سمهڻ لڳندا هئا. اسان جو مئنيجر، ميان نظر علي خان، منھنجي ڀر ۾ سُتل هوندو هو، ۽ ان مرحوم جي آرتمل سان مورڳو ڪا نہ پوندي هئي. آرتمل کي خطاب ڏنو هئائين ”دجال“ جو، ۽ هميشہ انھيءَ لقب سان ئي پيو کيس سڏيندو هو. آرتمل هڪ دفعي کانئس ”دجال“ جي معنيٰ پڇي. چيائينس:”دجال جي معنيٰ آهي، مسلمان قوم جو وڏي کان وڏو دشمن“. آرتمل ان کان پوءِ، ان لقب کي پنھنجي لاءِ وڏو اعزاز سمجهڻ لڳو، ۽ مون کي چيائين تہ “منھنجي قلم جو زور هينئر خود نظر علي بہ محسوس ڪرڻ لڳو آهي!“

مسلمان قومي ورڪر

”هجئي ناڻو تہ گهُم لاڙڪاڻو!“ ان مقولي ۾، تجربن ظاهر ڪيو آهي تہ ڪجهہ ڦير ڦار ٿيڻ لازمي آهي. يعني: ”هجئي ناڻو تہ گهُم مسلم سياست جو لاڙڪاڻو!“ جي ناڻو موجود نہ آهي تہ مسلمان قومي ورڪرن لاءِ سياست جو ميدان محض مٿي جو سور، بلڪ هڪ مستقل مصيبت ثابت ٿيو پوي.
مسلم سنڌ اندر، سياسي بيداري ۽ آزاديءَ جو اوائلي جذبو جاڳائيندڙ مسلم زميندار، جاگيردار ۽ سرمائيدار نہ پر چند مسڪين مسلمان قومي ورڪر هئا، جن پاڻ ان لاءِ سور سٺا ۽ قيد ڪاٽيا، تہ عام مخلوق کي آرام رسي ۽ آزاديءَ جي نعمت ميسر ٿئي.”پاڻ کي مارڻ ۽ ٻين کي جيارڻ“، غريب جو ئي شيوو ٿي سگهي ٿو. انھن غريب مسلم قومي ورڪرن جون چار جماعتون هونديون هيون. هڪ جو مرڪز هو ڪراچي، ٻيءَ جو حيدرآباد، ٽينءَ جو لاڙڪاڻو، ۽ چوٿينءَ جو سکر ۽ شڪارپور. هن موقعي تي آءٌ فقط پوئينءَ جماعت جو ذڪر ڪندس.
پھرين عالمگير جنگ ختم ٿيڻ بعد، سلطان ترڪيءَ جي خلافت کي برقرار رکائڻ لاءِ، محمد علي ۽ شوڪت علي ڀائرن(سندن روحن تي رحمتون هجن) جي اڳواڻيءَ هيٺ ساري هندستان اندر هڪ زوردار هلچل چالو ٿي چڪي هئي. ان هلچل سنڌ ۾ بہ ڏاڍي قومي بيداري آندي، ۽ ڪيترا مخلص ورڪر پيدا ڪيا. انھن ورڪرن مان، سکر سان تعلق رکندڙ، ڪن صاحبن جو ذڪر نہ ڪرڻ سخت احسان فراموشي ٿيندي.
ابو شوڪت حمزو، چڪ جو ويٺل هو. سنڌي ماستري ڇڏي، ٿلھو وڏو بيد جو ڏنڊو هٿ ۾ کڻي، اچي سياست جي ميدان ۾ گهڙيو هو. قد جو ڊگهو، چاپئين ڪاري ڏاڙهي، شُڌ کڌر جو لباس، مٿي تي ڪاري ڪُلائين اُڀي ٽوپي، صورت خواھہ سيرت ۾ شاندار مڙس هو. سندس اصول هو - هر ظلم، هر زبردستيءَ ۽ هر قسم جي غلاميءَ ۽ مجبوريءَ جو مقابلو ڪرڻ، جبر ۽ استبداد جي هر ديوار سان مٿو ٽڪرائڻ، پوءِ جي ديوار نہ ڪري تہ ڀل پنھنجو ئي مٿو ٽڪر ٿي وڃي. چوندو هو:“انساني حياتيءَ جو مقصد ئي اهو آهي تہ ظلم خلاف جهاد ۾ صرف ٿئي. ظلم خلاف ضمير بغاوت نہ ڪئي تہ سمجهڻ گهرجي تہ ضمير مري چڪو يا حياتي بيڪار ٿي ويئي.
هفتي ۾ ٻہ - ٽي دفعا سکر ايندو. هر دفعي غريب مظلوم ڳوٺاڻن جي درخواستن سان پنھنجا کيسا پُر ڪريو ايندو. ڪجهہ عملدارن ۾ ورهائيندو، ڪجهہ اخبارن ۾ شايع ڪرائيندو. ان هوندي بہ ڪم نہ بڻيو تہ پبلڪ ميٽنگ سڏائيندو، ٻيا ورڪر ڪوٺيندو، تقريرون ڪندو، ٺھراءُ پاس ڪرائيندو، ۽ اهي ٺھراءَ دوباره وڃي اخبارن جي دفترن تائين پھچائيندو. اهي شڪايتون هونديون يا تہ مقامي عملدارن خلاف، يا هندن متعلق. ٻئي ڌريون زور واريون، ٻنھي وٽ اختيار، ٻنھي جي فائدي ۾ وقت جي هوا! پر ابو شوڪت جي ڦٽڪار هر حال ۽ هر موسم ۾، مٿن سانوڻيءَ جي مينھن وانگر وسندي رهندي. مٿس ڪيس داخل ٿيندا، وارنٽ نڪرندا، ڪڏهن ڪڏهن ضامن رد ڪري ٻن - چئن ڏينھن لاءِ جيل جي ياترا بہ ڪرائيندس، پر ”چريو ڪيئن، چي ويران وير وڌ“! ٻاهر نڪرندو، ٻيو ٻارڻ ٻاريندو! نہ پاڻ سک سمهندو، نہ ظالمن کي ئي تيسين ننڊ نصيب ٿيڻ ڏيندو!
سندس تقرير هڪ بھادر سپاهيءَ جي تقرير هوندي هئي، ڪامل خود اعتماديءَ ۽ يقين محڪم تي مبني. نہ منجهس عرض هوندو، نہ ارداس، نہ نوڙت جو نشان، نہ نااميديءَ جو بيان، حقيقت ٻڌائيندو، انصاف ۽ انسانيت جي اصولن تي ان جو تجزيو ڪندو، ۽ ”فوري جبري قدم“ کڻڻ لاءِ بالا عملدارن، نہ تہ پبلڪ کي آرڊر ڏيندو. سندس هڪ تقرير تي توجھہ نہ ڏنو ويو تہ ٻيءَ تقرير ۾ وڌيڪ تلخيءَ کان ڪم وٺندو، حتاڪ ”فيل مست فرنگيءَ“ کي ”ڦوسڙيءَ“ ۽ ”لال کٽياڻيءَ“ سان تشبيھہ ڏيندي بہ ڪو نہ گسندو.
جو دم جيئرو هو، جهاد ۾ مصروف رهيو، جو قدم کنيائين، ظلم ۽ استبداد ۽ غلاميءَ خلاف! افسوس اهو آهي تہ سندس مئي کان پوءِ احسان فراموش انسانن کين وساري ڇڏيو - شايد غريب هو، ۽ ناڻو ڪو نہ هوس، تنھنڪري! ورنہ ابو شوڪت جي آخري آرامگاھہ اڄ وڏي زيارتگاھہ هجي ها، ۽ سندس مزار جي تعمير لاءِ پڻ ٻاهرين ملڪن جا ماڻھو پيا نقشا ۽ سنگ مرمر موڪلين ها.
اي آنڪہ نُور مي طلبي از مزارها،
از مرقد منور پروانہ غافلي!


* * *
مولانا عبدالڪريم چشتيءَ (1) سان منھنجي اولين ملاقات لاڙڪاڻي ۾، سرڳواسي ٽهلرام جي ”لاڙڪاڻہ گزيٽ“ اخبار جي دفتر ۾ ٿي. سال پورو ياد نہ اٿم، پر شايد 1922ع هو. ٽهلرام تعارف ڪرايو. هڪ قبول صورت نوجوان، طرحدار دستار، کاڌيءَ جا اڇا اُجرا ڪپڙا، ۽ ڪپڙن مٿان عربي قسم جي عبا ڍڪيو ويٺو هو. “هي آهي مولانا عبدالڪريم صاحب چشتي، شڪارپوري، خلافت موومنٽ جو جوشيلو ليڊر، قومي خيالن جو رکندڙ، ۽ ”لاڙڪاڻہ گزيٽ“ لاءِ ليک موڪليندڙ!“
ان ڏينھن جي لڳي وري نہ ٽُٽي. ورهيہ گذري ويا، حالتون ڦري ويون، اختلاف پيدا ٿيا ۽ پورا ٿي ويا، وزارتون ٺھيون ۽ وري ڊٺيون، حڪومتون آيون ۽ رخصت ٿي ويون، پر مولانا جي مھربانيءَ ۽ تعلق تي ڪو اثر ڪونہ پيو. اهل دل آهي، دل جو قدر اٿس، دل جي پاڪ دنيا کي وقتي ڪدورتن وگهي هرگز ملوث ٿيڻ نٿو ڏئي.
آزاديءَ جي تحريڪ ۾ پيش پيش رهيو. هزارين تقريرون ڪيائين. جيل جي سزا ڪاٽيائين. ڪانگريس مان مسلمان علحده ٿيا، ۽ خلافت تحريڪ ختم ٿي، تہ مولانا تبليغ ۽ اشاعت اسلام جي ميدان ۾ ڪاهي پيو. سيرت تي ڪتاب شايع ڪيائين. اخبارن ۾ مضمون لکيائين. ساريءَ سنڌ اندر وعظ ڪندو رهيو، پر سنجيده نموني ۾، اسلام جون خوبيون بيان ڪيائين، پر سواءِ ڪنھن بہ ٻئي ڌرم تي اگري حملي ڪرڻ جي.
پاڻ اخبارون جاري ڪيائين. ٻين جي جاري ڪيل اخبارن جي ادارت سنڀاليائين. ڪجهہ ڏينھن روزانہ ”الوحيد“ جو ايڊيٽر رهيو. ”الوحيد“ ڇڏڻ کان ڪجهہ عرصي بعد خانبھادر الھہ بخش مرحوم جي ”آزاد“ اخبار جي ايڊيٽري سندس سپرد ٿي. وڏي جوش جو زمانو هو، پر ان عام جوش کي ڪڏهن بہ خراب نہ ڪيائين. پاڻ ٻين جي عزت ڪندو هو، ۽ ٻيا سندس عزت ڪندا هئا. شخصي بحثن کان پنھنجيءَ تحرير کي هميشہ پري ۽ پاڪ رکيائين. مضمونن ۾ تلاوت ضرور ڪندو هو، پر نہ اهڙي جو پڙهندڙن کي ٿڪائي سندن دم ڪڍي ڇڏي.
ذاتي ۽ خانگي زندگيءَ ۾ مولانا دلبر دوست آهي. جنھن سان ياري ٿيس، تنھن کي ڏک ۾ نہ ڇڏيندو، ۽ نہ وقتي فائدن حاصل ڪرڻ لاءِ، عام ماڻھن وانگر پارٽي بدلائيندو، پوءِ ڀل تہ پبلڪ ۾ سندس پنھنجيءَ مقبوليت کي نقصان ئي پھچي وڃي! مجلس جو مور آهي، گفتگو ڪندو تہ ڄڻ طوطو پيو ٻولي. عرب جي ڪا عشقيہ آکاڻي ڇيڙيائين تہ ٻڌندڙ جي دل ڀِڄائي پاڻي ڪري ڇڏيندو. ”ليليٰ – مجنون“ جو قصو تہ خاص طرح سان ڪو سندس واتان ٻڌي!
نازڪ مزاج ۽ نفيس طبع آهي. چڱا لٽا پھريندو، چڱو کائيندو، ۽ چڱو رهندو. سندس نشترگاھہ قريني سان سجايل آهي. منجهس جدا جدا ملڪن جون سوکڙيون ۽ احبابن جا تحفا سليقي سان رکيل رهن ٿا. مرحوم نظر علي خان سندس اوطاق کي ”چشتي ميوزم“ سڏيندو هو.

___________
(1) هيءُ احوال مولانا جي انتقال کان اڳ لکيو ويو هو.
___________
* * *
سکر قومي ورڪرن جو وڏو اڏو هوندو هو. ميان سردار علي شاھہ مرحوم جو لوھہ جو ڪارخانو هو. ميان سردار علي شاھہ آزاد خيال بزرگ هوندو هو، ۽ سندس فرزند ميان محبوب علي شاھہ قومي تحريڪن جي چڱي سرپرستي ڪندو هو. ان وقت جا سمورا قومي ورڪر ساڻس وابستہ رهندا هئا - ابو شوڪت حمزو، ماستر ميان عبدالرزاق، مولانا دين محمد وفائي، مسٽر تاج محمد عليگ، ميان نعمت ﷲ صاحب قريشي، وغيرہ. شھر ۽ ضلعي ۾ ٻہ محاذ هوندا هئا - هڪڙو محاذ هوندو هو سرڪار جي وفادارن جو، ۽ ٻيو محاذ قومي ورڪرن جو. پوئين محاذ جو سمورو انتظام ميان محبوب علي شاھہ رکيو ايندو هو. صبح کان شام تائين سندس جاءِ تي انھن ورڪرن جو اجتماع رهندو. وقت جي مسئلن تي گفتگو پئي ٿيندي، ”الوحيد“ اخبار لاءِ هر روز پيا مضمون لکبا، ۽ هفتي ۾ هڪ - ٻہ دفعو پبلڪ جلسا بہ ٿي ويندا. زندگي هوندي هئي، ۽ زندگيءَ جون سموريون بيتابيون. اڳتي هلي محبوب علي شاھہ صاحب ٻہ - ٽي دفعا اليڪشن ۾ اميدوار بيٺو، پر ناڪامياب ٿي پيو. سندس طبيعت تي انھن وقتي ناڪامين جو ڏاڍو اثر ٿي پيو. آخر قوم جي شعور مان نااُميد ٿي، قطعاً گوشي نشين ٿي ويو. ستت ئي سندس ساٿي بہ مري ۽ ڪجهہ ٽڙي پکڙي ويا. پر پنھنجي زماني اندر اها مختصر جماعت ڪافي خدمت ڪري ويئي.

حضرت مولانا تاج محمود امروٽي رحمة ﷲ عليہ

انگريزن خلاف، خلافت ۽ ڪانگريس تحريڪن جي سلسلي ۾ جو جهاد جو جذبو جاڳيو، اُن جو سنڌ اندر حقيقي جاڳائيندڙ مولانا تاج محمود امروٽي هو. ان ڪم ۾ ساڻس ٻيا بزرگ بہ شريڪ رهيا - مثلاً پير تراب علي شاھہ رحمة ﷲ عليہ، پير صاحب جهنڊي وارو (پير ميان رشد ﷲ شاھہ صاحب عليہ رحمة)، مولانا عبيدﷲ سنڌي، حاجي عبدﷲ هارون، شيخ عبدالرحيم حيدرآبادي، رئيس جان محمد جوڻيجو، پر انھن تحريڪن جو اصلي روح روان مولانا امروٽي هو، جنھن جي قدم ان ميدان اندر پڇاڙيءَ تائين ڪا بہ لغزش ڪانہ کاڌي.
مون سندن زيارت فقط هڪ ڀيرو ڪئي. پير سائين تراب علي شاھہ مرحوم قمبر وارو مولانا سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيو، ۽ پنھنجي خدمت ۾ مون کي بہ وٺي آيو. رڪ جنڪشن تان لھي، بگيءَ تي چڙهي، اچي امروٽ پھتاسون. مولانا مسجد جي ٻاهران، وڻ جي سايي هيٺ، کٽ تي چڙهيو ويٺو هو. نحيف البدن ۽ تمام پوڙهو ٿي لڳو. ڊگهو مڙس هو، پر انھن ڏينھن ۾ نظر ائين ٿي آيو تہ ڄڻ هڏن تي کل چڙهيل آهي. سُنھاري مبارڪ ڊگهي ۽ سفيد، پر نہ چاپوئين نہ گهاٽي. لباس کاڌيءَ جو. ٻنھي بزرگن محبت سان مصافحو ڪيو، ۽ گهڻو وقت پاڻ ۾ گفتگو ڪئي. افسوس اٿم جو ان گفتگوءَ جو مطلب منھنجي دل تان هينئر ميسارجي ويو آهي. سڄو ڏينھن رهي، شام جو واپس آياسين.
مولانا وڏو عالم هجڻ کان سواءِ پير طريقت بہ هو. ساريءَ سنڌ اندر سندس لاءِ عزت ۽ احترام جو جزبو موجزن هو. ڪانگريس خواھہ خلافت جا وڏا وڏا ليڊر سندن قدر ۽ ادب ڪندا هئا. “عدم تعاون (non-co-operation) جي تجويز، جنھن تي پوءِ ڪانگريس عمل ڪيو، اول اول مھاتما گانڌيءَ جي دماغ ۾ مولانا امروٽيءَ وڌي. ان تجويز جي معنيٰ هئي تہ انگريز سرڪار سان ڪنھن بہ ڪم ۾ تعاون ۽ شرڪت نہ ڪئي وڃي: سرڪاري ملازم انگريز جي ملازمت ڇڏي ڏين، مسلمان فوجي فوج مان نڪري اچن، ڍلون ڏيندڙ ڍلن ڏيڻ کان انڪار ڪن، لقبن ۽ خطابن وارا انگريز وٽان مليل اعزاز موٽائي ڦٽا ڪن، وغيرہ.
ٿورن ڏينھن ۾ هجرت جي تحريڪ شروع ٿي، جنھن جي معنيٰ هئي تہ انگريزن جي حڪومت هوندي هندستان ”دارالحرب“ بڻجي چڪو آهي، تنھنڪري مسلمان پنھنجي وطن مان هجرت ڪري وڃي افغانستان ۾ رهن، ۽ اتان فوج ٺاهي اچي انگريزن سان جنگ جوٽين. مولانا عبيدﷲ سنڌي اڳ ۾ ئي، مخفي طرح، پيرين پنڌ هلي، ٽڪر ٽاڪي ۽ جبل جهيلي، وڃي افغانستان پھتو هو. امان ﷲ خان تازو افغانستان جي تخت تي ويٺو هو. سندس دل ۾ بہ انگريزن خلاف تاءُ هو. هن پنھنجي ملڪ تان انگريزن جو تسلط ختم ڪرڻ ٿي گهريو، جنھن لاءِ انگريز اڃا تيار ڪين هئا.
ان پس منظر کي سامھون رکي، مولانا امروٽي صاحب سنڌ ۽ هند جي مسلمانن کي اپيل ڪئي تہ هو هجرت ڪن، ۽ هجرت جي تنظيم جو ڪم پير سائين تراب علي شاھہ مرحوم جي حوالي ڪيائين. هندستان مان تہ ڪي ڳاڻوان ماڻھو ويا، پر سنڌ مان هزارين ماڻھو، گهر ٻار، زمينون ۽ جائدادون وڪڻي، قافلا ٺاهي، افغانستان روانا ٿي ويا. پروگرام اهو هو تہ ڪافي تعداد ۾ مھاجرن جي نڪري وڃڻ بعد، پوئين قافلي سان خود مولانا صاحب ۽ پير تراب علي شاھہ پاڻ بہ روانا ٿي ويندا. پر ان وچ ۾ افغانستان ۽ انگريزن جي وچ ۾ سرحد تي باقاعدي جنگ شروع ٿي ويئي. انگريزن، افغانستان جي آزادي تسليم ڪري، تڪڙ تڪڙ ۾ امان ﷲ سان صلح ڪري ورتو. صلح جو هڪ شرط اهو بہ هو تہ هندستان مان آيل مھاجرن کي پناھہ نہ ڏني ويندي. چنانچ، امان ﷲ ۽ انگريزن جي صلح ٿيڻ بعد، پٺاڻن سنڌي مھاجرن سان هڪدم سخت بدسلوڪي شروع ڪري ڏني. اصلوڪا واعدا پاڙين سو تہ ٺھيو، پاڻ مھاجرن جيڪي ٽپڙ پاڻ سان آندا هئا، سي بہ کانئن کسي ورتائون. آخر دربدر ۽ خاڪ بسر ٿي، مھاجرن کي واپس وطن ورڻو پيو. مولانا جو پنھنجو قافلو روانو ٿئي، ان کان اڳ ۾ ئي هجرت جي تحريڪ ختم ٿي ويئي.
مولانا امروٽيءَ کي پٺاڻن جي ان روش ڪري ڏاڍو صدمو پھتو. ان ڏينھن کان پوءِ گهڻو وقت زندھہ ڪونہ رهيو. ﷲ تعاليٰ سندن روح مبارڪ تي رحمت ڪري!

حضرت مولانا عبدالغفور همايوني رحمة ﷲ عليہ

حضرت مولانا امروٽيءَ جو همعصر، وڏو عالم، پير طريقت ۽ شاعر هو، پر سياست کان مولانا عبدالغفور همايوني هميشہ متنفر ۽ ڪناره ڪش رهيو.
سندن ”خدمت خلق“ جو طريقو ٻيو هو - شرع شريف جي خدمت، درس تدريس، فقہ جي تشريح، ۽ پيري مريدي. پنھنجي زماني اندر وڏو فقيہ تسليم ڪيو ويندو هو، ۽ سندس ڪتاب ”فتاوا همايوني“ کي اڄ تائين مستند سمجهيو پيو وڃي. مولانا محمد صادق راڻيپوريءَ مون کي ٻڌايو تہ پاڻ تبرڪاً مولانا همايونيءَ کان هڪ سبق ورتو هئائون. سندس مشاهدي موجب، مولانا ”اهل ﷲ“ هو.
منھنجن اوائلي ڏينھن ۾ پاڻ حيات هو، پر آءٌ سندن خدمت ۾ ڪڏهن بہ حاضر ٿي نہ سگهيس. البت سندن شعر، خاص طرح ڪافين جو ڏاڍو شھرو هوندو هو. هيٺين ڪافين جي تہ ڌُم لڳي پئي هوندي هئي، جهنگ جر ۾، ننڍي وڏي جي وات تي هونديون هيون -
تنھنجي زلف جي بند ڪمند وڌا،
زندان هزارين، مان نہ رڳو.

تنھنجي جلوي جمال جي عشوہ گري،
ٿيا ملڪ مطيع وسيع وري،
ڇا جن و ملائڪ حور پري،
دربان هزارين، مان نہ رڳو.

ڪيئي گهائل تنھنجي گهُور سندا،
مخمور غفور سرور سندا،
تنھنجي نُور حضور ظهور سندا،
نگران هزارين، مان نہ رڳو.

ڪئين ابرو تيغ شھيد ڪيا،
ڪئين ناز مزيد مريد ڪيا،
ريءَ ناڻي ديد خريد ڪيا،
سلطان هزارين، مان نہ رڳو.

اي ماه لقا، محبوب مٺا،
تنھنجي ناز ادا تان جان فدا،
ٿيا دامنگير امير و گدا،
حيران هزارين، مان نہ رڳو.

اي دلبر پيارا، نورِ نظر،
مسرور عالم ”مفتون“ سَيَر،
ٿيا تارا، توتان، شمس و قمر،
قربان هزارين مان نہ رڳو.

سندن ٻي ڪافي جا عوام ۾ سخت مقبول هوندي هئي، سا هئي:
هو ٿا چُوڻ جڳن، منھنجا نيڻ سِڪن!
سندن تخلص هوندا هئا ”مفتون“ ۽ ”غفور“. سندن ڪلام ديوان جي صورت ۾ شايع ٿيل آهي. ڪتاب جو نالو آهي ”ديوان مفتون“.
ولادت 1845ع/1261 ھہ جي هونِ، ۽ انتقال 1918ع/1336ھہ.
اولاد ڪونہ هون، انھيءَ ئي ڏک ۾ مٿين ڄاڻايل پوئين ڪافي چئي هئائون. تصوير مطابق، سندن چھرو گول، سُونھاري مبارڪ چاپوين ۽ سفيد، مٿي تي ٻروچڪي نموني جي وڏي سفيد دستار هوندي هئي.

ڪي وقتي عملدار

سکر ضلعو پھريائين شڪارپور ضلعي جو هڪ حصو هو. 1901ع ڌاري، شڪارپور ضلعي کي ختم ڪري، منجهانئس ٻہ ضلعا ٺاهيائون، يعني سکر ۽ لاڙڪاڻو.
سکر جي ڪليڪٽرن جو ٻاٻو آدم ڪرنل ميھو هوندو هو، جنھن سڀ کان پھرين سکر کي ٺاهي ۽ سينگاري، موجودہ صورت وٺرائي. اسان جي زماني کان گهڻو اڳ ميھو جو دور ختم ٿي چڪو هو، پر سندس ڪھاڻيون اڪثر ماڻھن کي ياد هيون ۽ مان ٻڌندو رهيس. چوندا هئا، وڏو انصاف پسند انگريز هو. ويس بدلائي، رات ڏينھن پيو هلندو هو، ڪڏهن پنڌ ۽ ڪڏهن وهٽ تي. کيس سخت اونو هو تہ غريبن جي حالتن کان واقف رهي، ۽ سندن ڏک سک ۾ شريڪ ٿئي. گهڻو ڪري ڌنارن ۽ مال چاريندڙ ٻارن کان حال احوال وٺندو هو، ڇو تہ سندن خيال هو تہ اهي معصوم آهن، جا حقيقت ٻڌائيندا سا صحيح هوندي.
مون سکر جو پھريون ڪليڪٽر پنھنجن اکين سان ڏٺو، سو هو مائسي صاحب (E.L. Moysey). پنھنجي ڏاڏي مرحوم سان گڏجي وٽس ويو هوس. ٽَڪر واري بنگلي جي ڀر ۾، پنھنجي دفتر ۾ ويٺو هو. شريف انسان هو. استقبال لاءِ دروازي تائين آيو. وڏيءَ عزت جو سلوڪ ڪيائين. حال احوال پڇيائين. ڏاڏي مرحوم جو ڪم چيس، هڪدم ڪري ڏنائين. رخصت بہ ساڳيءَ طرح ڪيائين. آءٌ بلڪل ننڍڙو هوس. مون ۾ دلچسپي ورتائين. مٿي تي هٿ رکي پيار جا اکر چيائين.
ان کان پوءِ ٻيو انگريز جو مون سکر جي حلقي اندر ڏٺو، سو هو مانٽگمري، اسسٽنٽ ڪليڪٽر شڪارپور. سنھو، ڊگهو، ۽ ڏاڍو تند مزاج. گهڻي وقت تائين تہ شادي ڪانہ ڪيائين، ۽ جڏهن زال مليس تہ ان کي بہ سخت ضابطي هيٺ رکيائين. ڪھڙي مجال ميم صاحبہ کي، جو ڪنھن سان کلي ڳالھائي يا صاحب جي نظر کان پري ٿئي! هڪ دفعي مانٽگمري لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر مقرر ٿي آيو. اسين کيس ۽ سندس ميم صاحبہ کي شڪارپور جي دعوت ڏيئي پنھنجي ڳوٺ وٺي آياسين. سارو عرصو ويچاريءَ عورت جو ساھہ سُڪو پيو هو. اهو انگريز ٿور - ڳالھائو ۽ فيصلي جو تيز ۽ سخت هو. جنھن لاءِ خراب رايو ٿيس، بنھہ ويجهو اچڻ نہ ڏيندس. ڪنھن ڪوڙ ڳالھايس تہ ٻوٿ پٽي ڇڏيندس. جو شخص ڪمشنر يا ڪليڪٽر جو درٻاري(1) نہ هوندو، تنھن کي ڪرسيءَ تي هرگز ويھڻ نہ ڏيندو، پوءِ پنھنجي جاءِ تي اهو شخص ڪيڏو بہ معزز ڇو نہ هجي. اُڀي پيرين بيھي، حقيقت ”عرض“ ڪرڻي پونديس. ان زماني کان ٿورو اڳ تہ ملاقاتين سان پاڻ وڌيڪ بيعزتيءَ جو سلوڪ ٿيندو هو. مثلاً، بيڪر صاحب نالي هڪ ڪليڪٽر هوندو هو، ان وٽ ڪنھن بہ ملاقاتيءَ کي جُتي پير ۾ پائي اندر اچڻ جي اجازت نہ هوندي هئي. ملاقاتين کي پٽيوالا ٻانھن کان وٺي اندر پيش ڪندا هئا، ۽ دروازي کان ٻاهر جُتي لھرائي ڇڏيندا هئن.
اومني صاحب، پوليس کاتي جو وڏو ناميارو آفيسر هو. پھرين سکر جو پوليس سپريڊنٽ هو، ۽ پوءِ ٻين ضلعن مان ٿيندو، وڃي ساريءَ سنڌ جو ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل بڻيو هو. ڊگهو مڙس، رعبدار وڏيون مُڇون، نراڙ ۾ هميشہ گهنڊ، ڪرڙيءَ نظر سان ڪنھن ڏانھن ڏٺائين تہ ماڻھوءَ جا حواس گم ٿي ويندا. سندس ميم وري اوتريقدر ئي نرم مزاج هئي. جنھن تي صاحب ڏمربو، هيءَ مائي ان کي پرچائڻ ۽ دلاسي ڏيڻ جي پئي ڪوشش ڪندي. زال - مڙس جي زندگي هڪٻئي کان سواءِ نامڪمل هئي. مڙس تندخو، تہ مائيءَ جو سڀاءُ مٺو. صاحب جوش ۾، تہ ميم هوش ۾. صاحب باھہ ٻاريندو تہ مائي باھہ تي پاڻي پيئي ڇڻڪاريندي. انھيءَ طرح ئي، متوازن زندگي ۽ فضا پيدا ڪري سگهيا هئا.
انھيءَ ساريءَ تند مزاجيءَ جي باوجود، اومني جنھن جو دوست ٿيو، تنھن شخص جو ڄڻ پارس پاهڻ سان پاسو لڳو. چوندس ڪجهہ بہ نہ، ٻڌائيندس رتي بہ ڪانہ، واعدي يا دلاسي جو تہ سوال ئي ڪونہ هوندو، پر پرپٺ، ۽ مخفي ريت، ان شخص کي اُڀارڻ، بلڪ آسمان تائين پھچائڻ جون ڪوششون هر وقت جاري رکيو ايندو. شڪار جو ڏاڍو شوق هوس. ان سلسلي ۾ جنھن بہ مسڪين کان مسڪين ماڻھوءَ سان واهپو ٿيس، پڇاڙيءَ تائين ان کي ڪونہ وساريندو. پوليس ۾ نوڪري ڏيندس، پنھنجي هڙان پئسا پھچائيندس، پر ڪنھن بہ حالت ۾ حاجتمند ٿيڻ نہ ڏيندس. پاڻ رٽائر ڪري هميشہ لاءِ ولايت هليو ويو، پر اتان بہ انھن غريب سنگتين سان چٺيءَ چپاٽيءَ ذريعي تعلق قائم رکيو آيو.
سندس بنسبت مشھور هو تہ سواليءَ جي ڳالھہ ٻڌڻ کان پوءِ جيڪڏهن مڇ تي هٿ رکيائين تہ سمجهبو تہ ڪم ٿي ويو. جنھن ضلعي ۾ هوندو، مجال آهي جو ڪو ڏوھہ ٿي وڃي. ڏوهاري نہ لڌو تہ حد جو پوليس آفيسر ڪاٽا ٿي ويندو. چونڊي، چڪاسي، معتمد عملدار رکندو، ۽ ان کان پوءِ هر طرح سندن پٺڀرائي ڪندو رهندو. ڪير جو انھن تي پڪار ڪري يا انھن جو نالو وٺي سگهي! حافظ سليمان، ساجنسنگهہ، ديوان چمنداس، عبدالستار، سندس معتمد پوليس عملدار هوندا هئا. پنھنجي ڪم ۾ ڏاڍا برجستا ۽ تِکَڙ هئا. ڌاڙي، ڦر، چوريءَ يا خون جي جانچ ۾ چڙهي پيا تہ پڙلئي ڪري ڇڏيندا. سڄي علائقي جي ماڻھن کي ڪنبڻي وٺي ويندي. وڏا اٽالا پوليس عملو، زميندارن ۽ پيراڍن جا پاڻ ساڻ وٺي ٻاهر نڪرندا. جنھن ڳوٺ ۾ وڃي منزل ڪيائون، ٿرٿلو مچي ويندو. نہ ڪو ڪڪڙ زنده رهندو، نہ ڇيلو، نہ ڪنھن جي گُنديءَ ۾ ڪو داڻو بچندو، نہ چاڏيءَ ۾ چانورن جي ٻُڪي. مکڻ جا ماٽا ۽ کير جا مَٽ اچي ويندا. مارڪٽ جو سلسلو ان اپرانڌ. پاڙي پنبي جا سمورا مشڪوڪ ماڻھو آڻي گڏ ڪندا. ڪنھن ماڻھوءَ ۾ خاص شڪ لاءِ سبب هوندو، تہ ان جون عورتون بہ گهرن مان سڏجي اچي موجود ٿينديون. جانچ جو پھريون دور ڏاڙهيءَ پَٽ سان شروع ٿيندو. بي تحاشا ڏاڙهين جي چَڳن جون چَڳون پٽي فضا ۾ اڏائيندا رهندا. ان کان پوءِ بہ ڪنھن ڏوھہ نہ باسيو تہ اونڌو ڪري ٽنگيندس، اوجاڳو ڏيندس، هٿن پيرن جون تريون ڪُٽيندس، برف وجهندس، وغيرہ وغيرہ.
ٻيو دور اڃا ان کان بہ وڌيڪ ظالماڻو هوندو هو. عورتن کي ڀرئي مجمعي اڳيان اگهاڙو ڪيو ويندو. اگهاڙي ڪرڻ کان اڳ، ڪجهہ وقت لاءِ، سندن سٿڻن ۾ جيئريون ٻليون وجهي ڇڏيندا. ڪڏهن ڪڏهن تہ ان کان بہ وڌيڪ بيحرمتيون ڪيون وينديون، جن جي بيان جي قلم اجازت نٿو ڏئي.
ان ساري ”ڪارخير“ ۾ پاڙي جا وڏيرا پوليس جا ٻانھن - ٻيلي ٿي بيٺا هوندا.
پوليس جي انھن سخت ڪارروائين ڪري، انھن ڏينھن ۾ وڏا ڏوھہ ڪي ورلي ٿيندا هئا. ڌاڙو لڳو يا خون ٿيو تہ سوين ميلن تائين سنسني ڦھلجي ويندي.
اومني صاحب برجستن زيردستن جي وڏي سرپرستي ڪندو هو. سندن خلاف پڪار ٿيندي تہ بنھہ ڪونہ ٻڌندو - پاڻ انعام اڪرام ۽ اضافا ڏيندو رهندن. جا شي کيس کپندي هئي، سا اِها تہ زيردست ساڻس سچ ڳالھائي، ۽ پنھنجي حد اندر ڪنھن بہ قسم جو ڏوھہ ٿيڻ نہ ڏئي.
آٽو راٿفيلڊ (Otto Rothfield) پڻ منھنجيءَ سانڀر واري زماني ۾ سکر جو ڪليڪٽر هو. ان صاحب وڏا ڪتاب لکيا آهن، مثلاً ”هندستان جون عورتون“ (Women of India).
ڪليڪٽريءَ جي زماني ۾، خاندانن ۽ شريفزادن کي ڏاڍو همٿائيندو هو. عالم قسم جو انگريز هو. تحقيق جو خاص شوق هوس. مقامي ريتين رسمن جي کوجنا ڪندو وتندو هو. ڪابہ نياري يا دلچسپ شي ڏٺائين تہ ان جي ماهيت معلوم ڪرڻ لاءِ، سرڪاري ڪم بند ڪري، گوڏو کوڙي ويھي رهندو هو. گول ٿلھو منھن، ۽ قد ڊگهو هوس. مون کيس ڪيترا ڀيرا ڏٺو.
عالم ۽ محقق قسم جي انگريزن مان جو ٻيو صاحب سکر جو ڪليڪٽر ٿي آيو، سو هو ڊاڪٽر سارلي صاحب(1)، جنھن شاھہ عبداللطيف عليہ الرحمة تي انگريزيءَ ۾ ڪتاب(1) لکيو آهي. جن ڏينھن ۾ سکر جو ڪليڪٽر هو، اسان ڪونہ ٿي سمجهيو تہ ڪو هو ايڏي پايي جو عالم آهي. بعد ۾ معلوم ٿيو تہ سکر وارن ڏينھن ۾ بہ هو پيو شاھہ عبداللطيف متعلق خاموشيءَ سان تحقيق ڪندو هو. انھن ڏينھن ۾ محض منتظم پيو نظر ايندو هو. ضلعي جو وڏيرو ڪيتريقدر بہ ڇو نہ سندس دوست هجي، پر جي ڪو غلط ڪم ڪيائين تہ هرگز معاف نہ ڪندس.
سارلي ٻيو دفعو، تازو پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ، بورڊ آف روينيو جو ميمبر بڻجي ڪراچيءَ آيو. مون هڪ دفعي سندس تقرير ”سنڌي زبان جي خصوصيتن“ تي ٻڌي. سندس تحقيق ۽ نتيجن جي ڳوڙهائي ڏسي حيرت وٺي ويئي. سندس راءِ هئي تہ دنيا جي ڪابہ ٻولي، ۽ ڪنھن بہ ٻوليءَ جو ڪو بہ اُچار، اهڙو ڪونہ آهي، جو سنڌي رسم الخط ۾، سندس اصلي صورت ۾ قلمبند نہ ٿي سگهي.
مون پنھنجي سنڌ جي روينيو منسٽريءَ جي زماني ۾ کيس آڇ ڪئي تہ ”سنڌ جي گزيٽيئر“ تي نظر ڪري، نئون ايڊيشن لکي ڏئي، پر اڃا لکپڙھہ هلي ئي ٿي، تہ آءٌ مرڪزي حڪومت پاڪستان ۾ وزير ٿي ويس، ۽ اها تحريڪ اُتي ئي ختم ٿي ويئي.
سارلي قد جو ڊگهو ۽ بُت ۾ سنھو نہ ٿلھو، وچٿرو هو. عالم هو، تنھنڪري گهٽ ڳالھائيندو هو. سڄو وقت سوچ ۾ غرق رهندو هو.
جن ڏينھن ۾ آءٌ ”سنڌ زميندار“ جو ايڊيٽر هوس، سکر جو ڪليڪٽر، مسٽر هوڊ نالي هڪ انگريز هوندو هو. هندن ۽ مسلمانن جا جهيڙا شروع ٿي چڪا هئا. انھن جهيڙن ۾ ڪن هندو عملدارن پنھنجي قوم جي کُلي کُلائي طرفداري ٿي ڪئي.
هندو عملدارن مان هڪ صاحب هو ايڇ.ايم.پٽيل، آءِ.سي.ايس.، اسسٽنٽ ڪليڪٽر، سکر - شڪارپور ڊويزن. اهو صاحب پوءِ هندستان جي گورنمينٽ جو ڊفينس سيڪريٽري ۽ ڪئبنيٽ جو سيڪريٽري جنرل وڃي بڻيو. سکر وارن ڏينھن ۾ اڃا سندس ابتدائي زمانو هو. آءِ.سي.ايس. پاس ڪري، تازو اسسٽنٽ ڪليڪٽر مقرر ٿي آيو هو. اصل وطن گجرات هوس، ۽ ان لحاظ سان سردار ولڀ ڀائي پٽيل، هندستان جي وڏي ڪانگريسي ليڊر ۽ آزاد هندستان جي ڊپٽي پرائم منسٽر، جو هموطني ۽ گهڻيءَ حد تائين سندس همخيال هو.
باگڙجيءَ جي ڀر ۾ بيچانجي نالي هڪ ڳوٺ هو. اتان جا بنيادي زميندار پٺاڻ هوندا هئا. منجهانئن هڪ شخص علي احمد خان، وڏو بھادر شخص هو. ڳوٺ جا هندو کانئس سخت خائف هوندا هئا، ۽ ڪوشش ڪندا ٿي رهيا تہ ڪنھن طرح کيس باهڙائي، حڪومت هٿان برباد ڪرائي ڇڏين. پٽيل صاحب بہ سندس ڪڍ ڪاهي پيو. بدمعاشيءَ جي قلم هيٺ گرفتار ڪيائينس. ان کان سواءِ بہ ڪيتريون ڪارروايون هندن جي پڪارن تي، سندس خلاف چالو ڪري ڏنائين. آءٌ بحيثيت ايڊيٽر ”سنڌ زميندار“، علي احمد جو مددگار هوس. اسان محسوس ڪيو تہ پٽيل سان سڌي مقابلي ڪرڻ کان سواءِ پٺاڻن جو بچڻ محال آهي. هڪ دفعي پٽيل پاڻ بيچانجيءَ ويو. اتي علي احمد جي سؤٽ، بچل خان پٺاڻ سان تکو پيو. ڪجهہ گهٽ وڌ بہ ڳالھايائينس، ۽ بچل خان جي چوڻ موجب، کيس ڪجهہ جسماني ايذاءُ بہ پھچايائين. بچل خان اچي مون ساڻ احوال ڪيو. ميان عبدالرحيم کرل (جو صاحب بعد ۾ خيرپور جي هاءِ ڪورٽ جو چيف جج ۽ ويسٽ پاڪستان هاءِ ڪورٽ جو جسٽس بڻيو) کي وڪيل ڪري، اسان بچل خان کان، پٽيل جي خلاف، مسٽر هوڊ ڪليڪٽر وٽ مارڪٽ ۽ گارگند جو سڌو فوجداري فرياد داخل ڪرايو. فرياد داخل ٿيڻ کان اڳ اسان ائين پئي سمجهيو تہ هوڊ پنھنجي آءِ.سي.ايس. اسسٽنٽ ڪليڪٽر خلاف هڪ رعيتي غريب ماڻھوءَ جي دانھن ڪانہ ٻڌندو، چجائيڪ اهڙي دانھن ٻڌي مٿس ڪو فوجداري مقدمو بہ چالو ڪري ڇڏي.
پر هوڊ صاحب ڪيو ڇا؟ خاموشيءَ سان عبدالرحيم کان فرياد جي درخواست وٺي، غور سان پڙهيائين. فريادي بچل خان جو زباني اظھار وٺي، فرياد رڪارڊ تي رکيائين، ۽ حڪم ڪيائين تہ جوابدار پٽيل، سندس عدالت اڳيان، جواب ڏيڻ لاءِ روبرو اچي سندس اوٻاوڙي جي منزل تي حاضر ٿئي! ڪانوَ گهنڊيرا ٿي ويا. پٽيل ڊوڙي وڃي هوڊ سان ملاقات ڪئي، ۽ چيائينس تہ فرياد وٺڻ سان تو ڊويزن اندر منھنجي رعب ۽ انتظام جي وقار کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، ان ڳالھہ جو خراب اثر خود حڪومت جي ڪاروبار تي پوڻو آهي، وغيرہ وغيرہ. هوڊ صاحب جواب ڏنس تہ “هي فوجداري ڪيس ۽ انصاف جو معاملو آهي. ان باري ۾ آءٌ خانگي ليول تي توسان ڪا بہ گفتگو ڪانہ ڪندس. مقرر تاريخ تي، کليل ڪورٽ ۾ حاضر ٿي اچي پنھنجو طرف پيش ڪج.“ ائين چئي پٽيل کي روانو ڪري ڇڏيائين.
پٽيل جو حوصلو پوءِ هارجي ويو. خانگي طرح، بچل خان کي سندس عزيزن کان ”چو چوائت“ ڪرائي، ساڻس رضانامو ڪيائين. بچل خان فرياد ڪڍرائي ورتو. هوڊ صاحب سمجهي ويو تہ فرياد ڇو نڪتو! بمبئي سرڪار کي لکي، پٽيل کي سکر مان بدلي ڪرائي ڇڏيائين. ان کان پوءِ پٽيل کي گهڻو ڪري ڊويزن يا ضلعي جي چارج ڪانہ ڏنائون.
اهو هو اُن زماني جي انگريزن جو انصاف!
پوين ڏينھن ۾ انگريز ڪليڪٽرن جو تعداد گهٽجڻ شروع ٿيو. ٽن ديسي ڪليڪٽرن، جي هڪٻئي پٺيان سکر ۾ آيا، جِي ياد منھنجي دماغ ۾ اڃا تازي آهي.
مسٽر يو.ايم.ميرچنداڻي، آءِ.سي.ايس.، حيدرآباد جو عامل هو. ايماندار، منتظم، ۽ پنھنجي ڪم ۾ ڏاڍو هوشيار. هر ڪنھن کي اک ۾ رکندو، کيچل ڪنھن سان نہ ڪندو. هندن سان ڀل همدردي هجيس، پر دل انھن جي بہ هروڀرو وڌڻ ڪانہ ڏيندو. هندو جماعتن ۽ شيوا - منڊلين جي ڪم ۾ خاص دلچسپي وٺندو هو. جتي بہ موقعو ملندس، پنهجيءَ قوم جي پيڙھہ پُختي ڪرڻ جي پيو ڪوشش ڪندو، پر بغير وڏيءَ نمائش جي.
خانگي زندگي صاف شفاف هيس. ساري عمر شادي نہ ڪيائين، جو خوف هوس تہ سندس زال مبادا سندس ماتا سان سٺو سلوڪ نہ ڪري. پنھنجيءَ ماتا جي تقريباً پوڄا ڪندو هو. سندس اعتقاد هو تہ انسان ”امڙ جي آسيس“ سان ئي دنيا ۽ آخرت سنواري سگهي ٿو. ٿوري عرصي لاءِ سنڌ جو روينيو ڪمشنر بہ بڻيو.
مسلمان ڪليڪٽرن مان شيخ يعقوب پھريون صاحب هو، جو سکر ضلعي ۾ ڪليڪٽر مقرر ٿي آيو. وڏو تجربيڪار ۽ موقعي شناس هو. زماني سيکاريو هوس تہ انسان لاءِ ”اول خويش بعد ۾ درويش“ وارو اصول ئي ٺيڪ آهي. ڪليڪٽر هو، تنھنڪري قومي وابستگين کان گهڻو بالا ٿي چڪو هو. مسلمانن سان اهڙي ڪشمڪش جي زماني ۾ همدردي ڪري ها تہ سندس نيڪنامي کي نقصان پھچڻ جو انديشو هو. پنھنجو جيءُ جنجال ۾ وجهي پنھنجي قوم جي خدمت ڪرڻ، مورڳو وقت ۽ دورانديشيءَ جي تقاضائن جي سراسر خلاف سمجهيو ٿي ويو. البت موقعو ملندو هوس تہ هندو قوم تي ضرور ڪرم ڪري وٺندو- اقليت هئي، منظم هئي، سجاڳ هئي، مالدار هئي، زبان هيس، ۽ سياسي اقتدار حاصل هوس.
حضور جن جي حديث شريف آهي ”هڪٻئي وٽ اچو وڃو تہ تحفا تحائف کڻي وڃو، ان ذريعي هڪٻئي ڏانھن محبت جو جذبو وڌي ٿو“. شيخ صاحب نمازي هو، ۽ نيڪ بخت. ان حديث مبارڪ ۾ پورو وشواش هوس. سندس دشمن بڪواس ڪندا رهندا هئا تہ جيڪڏهن ڪو حاجتمند وٽس ”ناس جو شيشو“ بہ بطور تحفي جي کڻي وڃي ٿو، تہ هي فقير منش بزرگ ان تحفي کي بہ، بطيب خاطر، قبول فرمائي ٿو. ايترو مون پاڻ بہ ڏٺو هو تہ شيخ صاحب ناس ڪثرت سان استعمال ڪندو هو.
اڻوڻندڙ ۽ رُکن ملاقاتين کي نيڪال ڪرڻ لاءِ عجيب طريقو ايجاد ڪيو هئائين. ملاقاتي دروازي کان لنگهندو، ۽ هي صاحب تقرير ۾ ڇٽڪي پوندو. تقرير سارو وقت جاري رهندي، ۽ ملاقاتيءَ کي هڪ اکر چوڻ جي بہ مھلت نہ ڏيندو. تقرير پوري ئي نہ ٿيندي، تہ اوچتو اٿي بيھي ملاقاتيءَ کي رخصت ڪري ڇڏيندو. فرمائيندو، ”گهڻي گفتگو ڪري چڪا آهيون، وقت پورو ٿي ويو آهي، ٻيو ضروري ڪم ڪرڻو آهي، ڪنھن ٻئي موقعي تي وري ملنداسين ۽ وڌيڪ حال احوال ڪنداسين.“ ائين چئي، پاڻ پٺي ڏيئي بيھي رهندو، ۽ ملاقاتي مسڪين، جھڙو سو تهڙو، منھن ٻڌي، ٻاهر نڪتو ويندو، دل جي رٿيل دل ۾ ئي رهجي وينديس.
ﷲ تعاليٰ بخشيس! شيخ صاحب رنگ جو بہ سانورو هو.
شيخ يعقوب، يو.ايم. مير چنداڻيءَ ۽ سردار بھادر قيصر خان کي گڏي، معجون مرڪب بڻائيندا تہ ان تي نالو ”ڪوٺاوالا“ رکڻو پوندو. ڪوٺاوالا صاحب بمبئيءَ جو پارسي هو. ٻہ دفعا سکر جو ڪليڪٽر بڻجي آيو. هر چرندڙ پرندڙ انسان جي نڪ ۾ نوڙي ۽ ناڪيلي وجهيو ويٺو هوندو. البت نوڙين ۽ ناڪيلين جا رنگ ۽ وزن سو ضرور جدا جدا هوندا. وڏو وزير هوندو تہ ان لاءِ ريشمي ۽ رنگدار نوڙي هوندي: استقبال، آڌرڀاءُ، ائڊريس، ائٽ هوم، ڊنرون، ميونسپل رستن ۽ باغن تي نالا، بندوق جي هڪ ليسن لاءِ سفارش ٿيندي تہ هڪ ڊزن ليسن تيار ٿي ويندا، ۽ ليسن جي في بہ هڙان پياري ويندي - غرض تہ ڪھڙي مجال هوندي ڪنھن وڏي وزير کي جو نوڙي ڇنائي، صحيح سلامت وڃي گهر ۾ پھچي! خواب ۾ پيو ”ڪوٺاوالا، ڪوٺاوالا“ ڪندو.
پير الاهي بخش صاحب، بطور تعليمي وزير جي، بالغن کي تعليم ڏيارڻ جي مھم جاري فرمائي. پير صاحب اوستائين مستقل وزير سمجهيو ويندو هو. انھن ڏينھن تائين سنڌ ۾ اڻڳڻت دفعا وزارتون ڦري چڪيون هيون، مگر اتفاقاً پير صاحب هر وزارت ۾ موجود هوندو هو. ڪوٺاوالا صاحب کي خيال ٿيو تہ اهڙي لازوال وزير جو يادگار بہ لازوال ئي قائم ٿيڻ گهرجي. هڪدم چندي جي فراهميءَ لاءِ زيردست عملدارن کي هدايتون ڏنائين. ضلعي جا وڏيرا، ڪوٺاوالا صاحب جي حڪم پھچندي، ائين ڇڻي پيا جيئن چيٽ ۾ پڪل ٻير جو وڻ. ٿورن ئي ڏينھن ۾ ”پير الاهي بخش لٽريسي ٽاور“ ٺھي تيار ٿيو. ولايت مان هڪ وڏو گهڙيال گهرائي، اهو بہ ٽاور جي چوٽيءَ تي لڳايو ويو. پر ٽاور ٺھڻ کان پوءِ، ٽاور جي چوطرف جيڪي پٿرن ڪڍڻ لاءِ کڏون کوٽايل هيون سي پورجن، تنھن کان اڳ ۾ ئي خود ڪوٺاوالا صاحب بدلي ٿي ويو. اتفاقاً، تفريح جا ڪي طالب، رات وڳڙي ۾ ٽاور جو ديدار ڪندي، وڃي انھن کڏن ۾ ڪريا ۽ ٽنگون ٻانھون ڀڄي پين. وٺي ڪيائون ديواني دعوائون تہ کين هرجانو ڀري ڏنو وڃي! ڪيترن سالن تائين تہ اهي دعوائون هلنديون ٿي رهيون. پير الاهي بخش صاحب پاڻ وزارت تان لھي ويو تہ ٽاور جو گهڙيال بہ بيهجي ويو. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ڪي شاهينگ مورڳو گهڙيال جا آنڊا گجيون ئي ڪڍي هليا ويا. پوئين دفعي جڏهن مون اهو ٽاور ڏٺو، تہ معلوم ائين ٿيو تہ چؤطرف واري ايراضي تفريح لاءِ نہ، پر غير تفريحي مقصدن لاءِ پئي استعمال ٿئي، تنھنڪري ٽاور جي ڀر ۾ بيھي ڪنھن جي ياد ۾ چئن ڳوڙهن ڳاڙڻ جي بہ مجال ڪانہ ٿي ٿِي سگهي.
منزلگاھہ مسجد واري ستياگرھہ پڻ ڪوٺاوالا جي ڪليڪٽريءَ واري زماني ۾ ٿي. ابتدا ۾ وقت جي وزير، خانبھادر ﷲ بخش مرحوم، کي يقين ڏياريو هئائين تہ اها تحريڪ ڪامياب نہ ٿيندي، مقامي مسلمان قومي ورڪرن سان اڳ ۾ ئي سندس ڳالھيون وغيرہ طئہ ٿي چڪيون آهن، ان هوندي بہ ڪو ٻاهريون جٿو وچ ۾ ٽپي پيو، تہ جيل اندر وڌيڪ ٽن سوَن قيدين کي باند ڪرڻ لاءِ جاءِ جو خاطر خواھہ بندوبست رکيل آهي. خانبھادر مرحوم، ڪوٺاوالا کي سندس اهڙي ڦڙتائيءَ تي کيرون ڏنيون، ۽ مسلم ليگ سان ٺاھہ ڪرڻ کان انڪار ڪيائين. جڏهن ستياگرھہ شروع ٿي تہ ڪوٺاوالا صاحب مسلم ليگ سان بہ ڪونہ ڦٽايو. صبح جو سرڪاري ڊيوٽيءَ تي هوندو هو، تہ شام جو مسلم ليگ ستياگرهين سان بہ پيو ملندو هو ۽ کين دوستانہ مشورن سان مستفيد ڪندو هو. آخر نوبت وڃي خونريزيءَ ۽ فساد تي پھتي. ﷲ بخش جي وزارت ختم ٿي ويئي، ان جي جاءِ تي قائم ٿي مسلم ليگ جي وزارت. ڪوٺاوالا جو وجود مسلم ليگ گورنمينٽ لاءِ بہ اوتريقدر ئي مفيد ثابت ٿيو، جيتريقدر اڳئينءَ ﷲ بخش وزارت لاءِ.
ڪوٺاوالا صاحب کي ماڻھن جي نفسيات سمجهڻ لاءِ خاص ملڪو حاصل هو. منھن ڏسندي سمجهي وٺندو تہ اڳلي جي دل ۾ ڇا پيو وهي واپري، ڪھڙيون تمنائون اٿس، ۽ ڪھڙي ڳالھہ ٻڌڻ سان خوش ٿيندو. انھن نُڪتن کي سامھون رکي، آيل ماڻھوءَ سان، عين سندس مقصد ۽ طبيعت مطابق، پاڻ گفتگو شروع ڪري ڏيندو، ۽ کيس خوش ڪري گهر روانو ڪندو. سکر ضلعي ۾ ڪو بہ اهڙو چُرندو پُرندو ماڻھو ڪونہ هو، جنھن ڪوٺاوالا کي خاص پنھنجو دوست ۽ مھربان نہ ٿي سمجهيو. صبح ٿيندو، ۽ موٽرون، ٽانگا ۽ وڪٽوريا ٻگهيون ڪوٺاوالا جي بنگلي طرف هلڻ شروع ڪنديون. سج مس اڀرندو تہ ماڻھن جا ڪٽڪ لڳي ويندا. سنڌي چوڻيءَ موجب، هر ڪنھن کي ”پُٽ ڏيئي روانو ڪندو، ڌيءَ ڏيڻ جو تہ سوال ئي ڪونہ هوندو!“ اها پاليسي ان ڪري ڪاميابيءَ سان هلائي ٿي سگهيو، جو سندس طبيعت ۾ چِڙ يا غصو قطعاً ڪونہ هو. صبح کان رات تائين، ڪم جو ڪيترو بہ بار ڇو نہ هجيس، منھن ڪڏهن ڪونہ گهنجائيندو. دل ۾ جيڪي بہ هوندس، پر ظاهريءَ طرح هر ڪنھن سان پيو کلندو ڳالھائيندو. جيڪڏهن غصي ڪرڻ جي عادت هجيس ها تہ هڪدم ظاهر ٿي پوي ها، ۽ سندس اها پاليسي ڪامياب ٿي ڪانہ سگهي ها.
کيس آرٽ ۽ تاريخي يادگارن گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. شوق کي ڇڏي بہ، اهي شيون بجاءِ خود قيمتي ٿين ٿيون. اُڀي جي هڪ مخدوم صاحب جو اچي منجهس ڪم پيو. هوشياريءَ ۽ زماني شناسيءَ ۾ اهو مخدوم صاحب ڪوٺاوالا کان بہ ٻہ - چار قدم اڳڀرو هو. هڪ ڇنل پراڻيءَ ٽپڙيءَ جو ٽڪر آڻي ڏنائينس، چي، هيءُ شاهجهان بادشاھہ جي نماز پڙهڻ جو مصلو هو، جو اسان جي خاندان ۾ اڄ تائين محفوظ رهندو آيو آهي! تبرڪ وٺي، ڪوٺاوالا صاحب ڏاڍو خوش ٿيو. هڪدم ڪم ڪري ڏنائينس! - جتي لوڀي هوندا، اُتي ٺوڳي بک نہ مرندا.
ان ڪاروبار ۾ سندس صاف ۽ وڻندڙ چھري خاص مدد ٿي ڪيس.
هڪ دفعي مولوي ضياءُ الدين صاحب، سکر ضلعي جو پوليس سپريڊنٽ مقرر ٿي آيو. اصل پنجاب جو هو، پر ملازمت سنڌ ۽ بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ ڪئي هئائين. گول، چاپئين سونھاري، مٿي تي وڏي، ڪاري، بوجري، علامہ اقبال واري ٽوپي، جسم تي عربي ڍنگ جي عبا. ملاقاتي ويندس تہ ساڻس زماني جي ڳالھين کان وڌيڪ ﷲ ۽ رسول جون ڳالھيون ڪندو. نوانوي فيصدي ملاقاتي وٽانئس پنھنجو ايمان تازو ڪرائي ٻاهر نڪرندا، ڪم تہ حوالي قادر جي. زيردست پوليس عملدارن جي ڪم ۾ دست اندازي ڪانہ ڪندو هو. هندن ۾ بہ مقبول هوندو هو. مسلمان تہ اڳ ۾ ئي مولوي صاحب جي عالمانہ وصفن کان متاثر هئا، پر تصوف ۽ ويدانت جي علم ۽ گفتگو وگهي هندڪار بہ سندس قائل ٿي ويو هو.
سکر جي عملدارن جو قصو جماندار درياخان جي ڪھاڻي بيان ڪرڻ کان سواءِ مڪمل ٿي نٿو سگهي. درياخان هوندو تہ فقط پوليس جو جماندار هو. پر سندس دماغ وڏين وڏين اسڪيمن سان پُر رهندو هو. مثلاً، جنھن بہ ٿاڻي جو انچارج ٿي ويندو، تہ اُت مھماني ۽ رسائي فنڊ ڪٺي ڪرڻ لاءِ عجيب غريب تجويزون رٿي عمل ۾ آڻيندو، ۽ ڪمال اهو تہ سندس هر تجويز آئيني (Constitutional) قسم جي هوندي، ۽ قانوني لحاظ سان ناقابل شڪايت! مثلاً، پھرين ساريءَ حد اندر مشھور ڪرائي ڇڏيندو تہ ”بدمعاشن جي رجوعات“ لاءِ ”مٿان“ سخت حڪم پھچي ويا آهن، تنھنڪري جماندار صاحب کي جلد گرفتارين ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻو پوندو. ان کان پوءِ، هٿڪڙيون ۽ زنجير صاف ڪرائڻ شروع ڪندو. ڏينھن جا ڏينھن نمائشي نموني ۾ پيو اهو ڪم هلندو، ۽ ان ۾ علائقي جي سمورن ڪاٽڪن کي خبرون پھچي وينديون تہ هزارن جي تعداد ۾ ماڻھو گرفتار ٿيڻا آهن، تنھنڪري ٿاڻي ۾ هٿڪڙين ۽ زنجيرن جي ”ماڃ ماڃا“ پيئي ٿئي. هٿڪڙيون ۽ ٿاڻي جا زنجير صاف ٿي ويندا، تہ وري عام ماڻھن کان گهوڙن جا نيل گهرائڻ شروع ڪندو. چي: “سخت حڪم اچي ويا آهن. بيشمار ماڻھو گرفتار ٿيڻا آهن. ٿاڻي جون سرڪاري هٿڪڙيون پوريون ڪين پونديون، تنھنڪري وانگار ۾ ڪجهہ ڏينھن لاءِ پنھنجن گهوڙن جا نيل اڌارا ڏيو. جڏهن هٿڪڙيون رُجهي وينديون تہ اهي نيل گرفتار ٿيل ماڻھن جي پيرن ۾ وڌا ويندا. پوءِ نيل اچڻ شروع ٿيندا.
ان وچ ۾ ڪاٽڪو ۽ وڏيرا، ان ايندڙ پليگ کان پاڻ بچائڻ خاطر، هڪدم جماندار صاحب سان ”منھن ڏيڻ“ ۽ ”منھن رکڻ“ جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيندا. اڃا بہ ڪا ڪسر رهجي ويئي، تہ هٿڪڙين، زنجيرن ۽ نيلن ساڻ بيل گاڏي ڀرائي، ٿاڻي جو سارو اٽالو ساڻ کڻي، گشت تي نڪري پوندو. پوءِ اهڙو جلوس ڏسي، ڪھڙي ڳوٺاڻي جي دل دهلجي نہ ويندي؟ جتان گهمي ايندو، ڄڻ ماڪڙ ڦيرو کائي ويئي!
هيٺئين درجي جي پوليس عملدارن مان ٻيا بہ ڪيترا نالي وارا هوندا هئا: مثلاً، محمد بخش صوبيدار، جيڪو ڏھہ - پندرهن ورهيہ ساندھہ ڳاهيجن تعلقي ڳڙهي ياسين جي ٿاڻي تي رهيو. مٿير مڙس هو. پنھنجن عملدارن خواھہ وڏن زميندارن خواھہ ڪاٽڪن کي هڪڙيءَ ئي بوتل ۾ بند رکيو ويٺو هوندو هو.
ان ڪڙيءَ جا ٻہ - چار ٻيا صوبيدار بہ ان زماني ۾ هوندا هئا. صوبيدار جمعو خان، مديجيءَ جو ويٺل هوندو هو. تقريباً اڻپڙهيل، پر انڊين پينل ڪوڊ سارو حفظ ڪري ڇڏيو هئائين. علي بخش خان ماهوٽو، ماهوٽن ضلعي لاڙڪاڻي جو ويٺل هو، پر صوبيداري سکر ضلعي ۾ ڪيائين. شڪل ڪانہ هيس، پر پوليسي ڪم جو ڪاريگر هو. رٽائر ڪرڻ کان پوءِ ويھارو ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ گهڻو ڪري سارو ڏينھن پنھنجي ڳوٺ ۾، شاهي رستي تي، وڻن هيٺان ڪرسيون وجهيو، ڪچھري لايو ويٺو هوندو هو. غلام اڪبر خان، اصل پنجاب جو ويٺل هو. گهڻو وقت سکر شھر ۾ صوبيدار ٿي رهيو. ان کان پوءِ ترقي ڪندي ڪندي، آخر ۾ وڃي پوليس سپريڊنٽ بڻيو. صوبيداريءَ ۾ بہ ڪرڙو آفيسر هو. حضرت پير صاحب پاڳاري عليہ الرحمة تي پھريون مقدمو سندس صوبيداريءَ جي زماني ۾ قائم ٿيو، جنھن ۾ پوليس جي ڌر ڪامياب رهي. مرحوم خانبھادر محمد پناھہ خان ڊکڻ جي ڪيس جي جانچ بہ ان صاحب ڪئي. ساڳيءَ طرح خانبھادر ايوب کھڙي کي، خانبھادر الھہ بخش سومري جي قتل جي سلسلي ۾، ان صاحب رجوع ڪيو، پر خوشقسمتيءَ سان کھڙو صاحب آخر بيگناھہ ثابت ٿي باعزت آزاد ٿيو.
اهي صوبيدار نہ هئا، پر پنھنجي وقت جا نواب هئا - عام علم کان زياده عقل ۽ سيني جي زور تي.

ڪوٽ مير محمد جا مير صاحب

روهڙي تعلقي ۾ ٽالپر ميرن جا ڪيترا ڳوٺ هوندا هئا. انھن ٽالپرن جو اصلي تعلق خيرپور جي شاهي گهراڻي سان هو. مير علي مراد خان کي رياست ملڻ بعد، باقي خاندان جي فردن رياست مان نڪري وڃي ٻاهر انگريز جي حد ۾ نوان ڳوٺ ٻڌا هئا، جن ۾ مشھور ڳوٺ هوندا هئا: ڪوٽ مير محمد خان، ڪنڌرا، داڙا واهڻ، جنوجي، راهوجا، آٽيري، وغيرہ. انھن صاحبن جي هٿن ۾ وڏيون جاگيرون هونديون هيون، تنھنڪري معاش جي فڪر کان آزاد رهي، اڪثر وقت شڪارن ۽ تفريحن ۾ پيا صرف ڪندا هئا. اهي جاگيرون نالي تہ هونديون هيون گهرن جي پڳدارن جي، پر پگهارون باقي سڀني فردن کي پيون ملنديون هيون.

مير محمد خان

مير محمد خان جو ڪوٽ، انھن مير صاحبن جي مکيہ مرڪزن مان هڪ هو. جنھن زماني جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، اُن زماني ۾ اُتانھون جو پڳدار هوندو هو مير محمد خان مرحوم. صورت ۽ سيرت ڏسڻ وٽان هيس. سفيد چاپوئين ڏاڙهي، قد ۾ قدري ڀريل، جسم تي شلوار ۽ پيراهن، مٿي تي ڀرت ڀريل بخملي ٽوپي، پير ۾ سيم تي سنڌي جُتي، موقعو ايندو هو تہ زريءَ سان ڀريل بخملي ڪوٽ پھريندو هو. طبيعت جو ايتريقدر مٺو، جو ڪنھن سان ڏاڍيان بہ نہ ڳالھائيندو. نوڪرن چاڪرن، ڪامي ڪمدارن سان بيحد ڪريماڻو سلوڪ ڪندو. جو پئسو ايندس، متعلقين تي صرف ڪري ڇڏيندو. حساب ڪنھن کان نہ وٺندو. پنھنجن فرزندن کي بہ ”سائين“ ڪري سڏيندو – ”مير فتح محمد خان سائين،“ ”مير گلڻ سائين“، وغيرہ وغيرہ.
شڪار جو ڏاڍو شوق هوس، جاگيرن جو وڏو رقبو سندس مھاڙين هيٺ هو. ٻارهن ئي مھينا شڪار، ۽ جو وقت شڪار کان بچندو، سو شڪار جي ڳالھين ۾ صرف ٿيندو. شڪار تي نڪرندو تہ ساري خاندان جي فردن کي ساڻ کڻندو. سڀ سندس مھمان هوندا هئا، ۽ هر مھمان جي خدمت انتھائي ڪشاده دليءَ سان پيئي ٿيندي.
منھنجي ڏاڏي مرحوم سان سندس خاصي دوستي هوندي هئي، هڪ دفعي ريڻيءَ جي شڪار تي دعوت ڏيئي کيس وٺي ويو. آءٌ بہ سندس خدمت ۾ حاضر هوس. (ريڻيءَ جي معنيٰ آهي ”اٿاھہ ٿر“، جيڪو روهڙي ڊويزن ۽ جيسلمير رياست جي سرحد تي آهي.) انھن ڏينھن ۾ نہ موٽر هئا، نہ جيپون. سواري اُٺن تي ٿيندي هئي. پھرين منزل داڙا واهڻ ۾ ٿي، جت شڪار جي پارٽيءَ جا سڀ ميمبر اچي گڏ ٿيا. باقاعدي قافلو تيار ٿي ويو. ٻہ سؤ کن اُٺ هئا، ڪي سواريءَ جا، ۽ ڪي بار برداريءَ لاءِ. رهائش واسطي تنبو ۽ رانوتيون کنيل هين. کاڌي جي انتظام لاءِ بورچين جي جماعت هئي. خوراڪ سان تعلق رکندڙ اهڙي ڪا شي ڪانہ هئي، جا ساڻ نہ کنئي ويئي هئي.
داڙا واهڻ ڇڏڻ کان پوءِ، شڪار جون منزلون شروع ٿي ويون. اسان جي پھچڻ کان اڳ، قافلي جو بار برداريءَ وارو حصو، منزل واريءَ جاءِ تي پھچي، منزل جو انتظام ڪندو هو. ميرن ۽ مھمانن لاءِ تنبو ۽ نوڪرن لاءِ رانوتيون کڙيون ڪيون وينديون هيون. بورچيخاني لاءِ پاسي پلؤ مان ڪاٺيون ۽ ڪک گڏ ڪري اچي لانڍيون اڏيندا هئا. ٿر ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ هوندي هئي، تنھنڪري منزل هميشہ ڪنھن نہ ڪنھن تڙ جي قريب ڪئي ويندي هئي.
صبح جو منزل تان روانو ٿبو هو. هرڻن جو شڪار هوندو هو، ۽ مھاڙي جي نموني جو. هڪ پاسي کان ڀِٽون سامھون ڪري، ڪکن جا کُڏ ٺاهي، شڪاري پاڻ ويھي رهندا هئا، ٻئي پاسي کان اُٺن وارا وڃي هرڻن کي هڪل ڪندا هئا. هرڻن جا وڳ هلي اچي شڪارين جي سامھون لنگهندا. سوين بندوقون ڇٽي وينديون. جانور ڀڳڙن وانگر ڀُڃجي پوندا. جنھن شڪاريءَ ڪو ڀَڄندو هرڻ رائفل جي گوليءَ سان ڪيرائي وڌو، تہ واه واه ٿي وينديس. پر جيڪو گُسي پيو، تہ شامت اچي ويس. اهو سارو ڏينھن شرم وچان منھن لڪايو پيو هلندو. انھن ڏينھن جا شڪاري نر - ماديءَ جو خيال ڪونہ ڪندا هئا، جو جانور سامھون آين، بندوق هڻي ڪڍندس. هڪ مھاڙ ختم ٿي، تہ وري ٻہ - چار ميل اڳتي هلي، ٻيءَ مھاڙيءَ ۾ ويهبو. ان طرح شام تائين پنج يا ڇھہ مھاڙيون کڄي وينديون. سارو ڏينھن کل ڀوڳ لڳو پيو هوندو. منجهند جي ماني ڪنھن مقرر جاءِ تي، وڻن جي سايي ۾ کائڻي پوندي هئي. منزل وارا طعام پچائي، ٿانون ۾ بند ڪري، ۽ پاڻي گهڙن ۾ کڻي، اچي اڳواٽ ان جاءِ تي ويھي رهندا هئا. گلم غاليچا ۽ اُٺن جون نتون وڇائجي وينديون. هڪڙيءَ ئي جاءِ تي ويھي سڀ ماني کائيندا. طرح طرح جا طعام هوندا، جيڪي شھرن ۾ بہ ميسر ٿيڻ مشڪل هئا. نمڪين ٻوڙ، مٺا ڪوفتا، دم پختا، پلاءُ، چاشنيون، ڪباب، پڪل هرڻ، تترن جون سيخون، ڪڪڙن جا قورما، حلوا، مٺايون، ميوا، شربت - غرض تہ کائو، پيئو، اوڳرايون ڏيو، ۽ وقتي رزاق مطلق ياد پوي تہ ”الحمد ﷲ“ بہ چئي وٺو!
ان علائقي ۾ ڪو اهڙو گاھہ هو جو جيڪڏهن ڪنھن هرڻ کاڌو هوندو تہ ان هرڻ جي گوشت ۾ جلاب جو اثر پيدا ٿي پوندو هو. پوءِ جنھن بہ ماڻھوءَ جي پيٽ ۾ اهڙو گوشت داخل ٿيو، تنھن کي اسھال شروع ٿي ويندا، ۽ اسھال بہ اهڙي زور جا، جو اڳٺ ٻڌڻ يا ڇوڙڻ جي مھلت بہ ڪانہ ملنديس. ان مصيبت وگهي، ڪئمپ جا گهڻا ماڻھو، ڪئمپ جي ٻاهران، جهنگ ۾ ٿوهر، ڦوڳ، لاڻي ۽ ڪنڊين جي ٻوٽن پٺيان پکڙيا پيا هوندا هئا. ان خوف وچان معززين پاڻ گهڻو ڪري هرڻ جي گوشت کي هٿ ئي نہ لائيندا هئا. سندن واسطي ڇيلن ۽ ٻڪرين جي گوشت جو انتظام ڪيو ويندو هو.
شڪار جي تياري انڌاري ۾ ٿيندي هئي. چئين وڳي صبح جو هر تنبوءَ ۾ ناشتي جو وڏو ٿالھہ اچي نازل ٿيندو هو. هرڪو اٿي ناشتي تي ويهجي ويندو هو. ناشتي ۾ بہ هر چيز هوندي - اڦراٽا، پڪل گوشت، حلوو، بسڪوٽ، مٺايون، چانھہ، وغيرہ. ناشتي مان فارغ ٿي، ڍڪيءَ ۾ ئي، اُن تي سوار ٿي، شڪار واريءَ جاءِ ڏانھن روانو ٿيڻو پوندو هو.
مير صاحبن وٽ، ان زماني سارو، تمام اعليٰ قسم جا هٿيار هوندا هئا. گهڻو شوق رائفل سان هوندو هون. مزل لوڊر جا ڏينھن ختم ٿي چڪا هئا، حالانڪ ڪي شوقين اڃا بہ چونڊ ۽ نشان جي چٽين لوڊرن کي ساڻ کنيو وتندا هئا. بريچ لوڊرن جو اهو اوائلي زمانو هو. اڃا ڪاري داروءَ جا ڪارتوس پيا استعمال ٿيندا هئا. اڇي ۽ ڪورڊائٽ دارونءَ جو رواج اڃا هاڻي پئي پيو. بريچ لوڊرن جا جيڪي بور اوستائين رائج ٿي چڪا هئا، سي هئا: 303، 605 ايم - ايم، 40 - 32، 22 هاءِ پاور، 3000 - 250. هٿيارن جي سلسلي ۾ مير صاحبن جو هڪ خاص دستور هو. بندوقن جي ڪنداقن تي بخمل جا پوش چاڙهيندا هئا، گهڻو ڪري سائي يا آسماني رنگ جا، جن تي ريشمي ڀرت جا گل ڀريل هوندا هئا. رنگارنگي ۽ بيحد خوبصورت. بندوقن کي ڦاڙهي جي رڱيل کل مان ٺھيل چولين ۾ رکندا هئا، ۽ انھن چولين تي بہ ڀرت هوندو هو. ترارين جو رواج بلڪل ختم ٿي ويو هو، فقط ڪي ڪي پوڙها پراڻي زماني جا ميراڻا ملازم نمائش خاطر اڃا بہ چيلھہ سان ٻڌيو وتندا هئا.
مير محمد خان مرحوم وٽ پراڻين جوهردار تلوارن جو هڪ وڏو ذخيرو هوندو هو. انھن مان ڪيتريون تہ بلڪل تاريخي هيون، جيڪي سنڌ جي قديمي جنگين ۾ استعمال ٿي چڪيون هيون. ترارين تي ۽ انھن جي هٿين تي سون جو ڪم ٿيل هو، اصلي مالڪن جا نالا، ۽ فارسي شعر بہ سون ۾ ئي اڪريل هئا. ٻاهران کپن تي بہ سون ۽ چاندي چڙهيل هئا، ڪن ڪن تي تہ جواهر بہ جڙيل هئا. هر تلوار جو نالو جدا هو، ۽ هر تلوار جي اڳوڻي تاريخ مشھور. گهڻيون تلوارون اصلي ايران کان آيل هيون. ڪيتريون تہ ان وقت جي ايراني بادشاهن وٽان، تحفي طور، سنڌ جي حاڪمن کي مليون هيون.
سنڌ جي ميرن جا ايران جي بادشاهن سان ڳوڙها تعلق هوندا هئا. في الحقيقت، اهو ئي ڪارڻ ٿيو سنڌ تي انگريزن جي پھرين نگاھہ پوڻ جو. اڻويھين صديءَ جي اوائل ۾، نيپولين اعظم ايران جي رستي سان هندستان ۾ داخل ٿيڻ ٿي گهريو. ان غرض سان هن ايران جي بادشاهن سان اڳواٽ راھہ رسم پيدا ڪئي. اها خبر انگريزن کي بہ پئجي ويئي. هنن سمجهيو تہ ايران جي شاهن جي سنڌ جي ميرن سان دوستي آهي، تنھنڪري شايد ان تعلق سبب هندستان جو دروازو نيپولين لاءِ کُلي پوي. ابتدائي تحقيقات لاءِ هينري پاٽنجر کي روانو ڪيائون، جنھن صاحب جي فراهم ڪيل معلومات، اڳتي هلي، انگريزن لاءِ ڏاڍي ڪارگر ثابت ٿي.
مير محمد خان مرحوم، پنھنجن شڪاري دوستن کي ڪڏهن ڪونہ وساريندو هو. شڪار جي موسم شروع ٿيندي تہ دعوتون موڪليندو - سانوڻيءَ جي موسم آئي تہ پنھنجي باغ جا انب ۽ کارڪون تحفي طور موڪليندو. سَوَن جي مُنھن ٽوڪرا ايندا. انب جي هر داڻي تي نالو لکيل هوندو. مير صاحب جا باغ مشھور هئا. انب جي هر وڻ تي جدا نالو رکيل هو. ان ڳالھہ کي ستٽيھہ ورهيہ گذري چڪا آهن، پر انھن انبن جو ميٺاج ۽ لذت اڄ تائين بہ حافظي ۾ محفوظ آهي.
مير محمد خان مرحوم پاڻ علم سان گهڻو واسطو ڪونہ رکندو هو، پر سندس ننڍو ڀاءُ، مير راز محمد خان، فارسي علم جو گوهر هو. ڇا سندس گفتگو، ڇا سندس وقار ۽ رعب، ڇا سندس فهم ۽ معاملي شناسي، هر لحاظ سان مير راز محمد خان جي شخصيت قابل قدر ۽ قابل ديد هئي.
مير صاحبن کي حقي ۽ چلم جو خاص شوق هوندو هو. حقي تيار ڪرڻ لاءِ خاص عملو رکيل هو. چانديءَ جا حقا ۽ ڪانسيءَ جون چلمون هونديون هيون. نڙ ڊگها، پيچوان، زريءَ ۽ ريشم جي ڪم سان. تماڪ سٺو، ڳڙاڪو، جنھن ۾ خوشبو لاءِ عنبر وڌل هوندو هو.
پنھنجي رهڻ لاءِ مير صاحبن ڪي بہ محلاتون يا وڏا بنگلا ڪونہ ٺھرايا. في الحقيقت، سندن زماني ۾ عمارتسازيءَ جي فن سان ڪنھن جي دلچسپي ڪانہ هئي. سندن زنانخانا وڏن ڪوٽن جي اندر هوندا هئا، جن ۾ ڪچين سرين سان جڙيل مختصر جاين کان سواءِ، ڪکايون لانڍيون بہ هونديون هيون، جن ۾ پوڙهيون طعام رڌينديون هيون ۽ پاڻ بہ پيون رهنديون هيون. ٻاهر، مير صاحبن جي پنھنجي ويھڻ لاءِ نالي ماتر بنگلا هوندا هئا. ڪَچين سرن سان ٺھيل، تمام ٿلھيون ديواريون، ڇت بيحد اوچي ۽ ڪاٺيءَ ۽ پٿرن سان جڙيل. اهڙي بنگلي جي معنيٰ هڪ ورانڊو، اُن جي اندر هڪ وڏو صفو، ۽ صفي پٺيان يا پاسي ۾ ٻہ ڪوٺيون جن ۾ هنڌ بسترا، گهوڙن جا هنا ۽ اُٺن جا پاکڙا پيل هوندا. سياري ۾ ورانڊي اندر باهيون ٻاري ويھندا. سانوڻ جو اٿڻ - ويھڻ صفي ۾ ٿيندو، جنھن ۾ هٿ سان لوڏڻ واري جهلي لڳل هوندي. ان قسم جي عمارتن جي وڏي خوبي اها هوندي تہ سياري ۾ گرم ۽ سانوڻ ۾ سرد هونديون - سنڌ جي عين آبھوا مطابق. جهولن جي زماني ۾ ڪَچيون لانڍيون جوڙيون وينديون هيون، جن جي پاسن ۾ ڪانڍيري جي ٻوٽن مان ٺاهيل پترون هنيون وينديون هيون. انھن پترن تي سارو ڏينھن ماشڪي پيا پاڻي اڇلائيندا. هيٺ فرش تي واري پيل هوندي، جنھن تي پڻ ڇڻڪار پيو ٿيندو. جهولي جو جيڪو جهوٽو اندر ايندو، سو ٺريو ڳڱ ٿيو ايندو. اڄوڪي زماني جي ايئر ڪنڊيشن کان اهو انتظام بدرجها زياده آرام ڏيندڙ ۽ صحت بخش هوندو هو.
مير صاحبن جي ڏينھن ۾ عمارتسازي ان سبب بہ ترقي ڪري نہ سگهي، جو مير صاحبن جو پنھنجو وقت شڪار جي شوق ۾، گهڻو ڪري جهنگن ۽ ٻيلن ۾ پيو گذرندو هو. پوءِ لکين رپيا خرچ ڪري محلاتون ٺھرائين، تہ انھن ۾ رهي ڪير؟
پاڻ اهل تشعيت جا هوندا هئا. گهر گهر ۾ حضرت عباس علمدار جو آنگاس يا عَلم لڳو پيو هوندن. محرم جي ڏينھن ۾ ڪارا لٽا پائيندا هئا، ۽ ماتم ڪرائيندا هئا. پر ستائيندا سُنين کي بہ ڪونہ هئا. سندن رواداري بيمثال هوندي هئي.

سکر ۽ روھڙيءَ جا تاريخي خاندان

---

سردار سيد ثابت علي شاھہ مرحوم

سکر ۽ روهڙيءَ ۾ ٻہ - ٽي خاندان تاريخي هئا. حڪومتن ۽ زمانن ڦرندي، اڳئي کان گهڻي گهٽتائي هئي، پر ان هوندي بہ اڃا صفحه هستيءَ تي موجود هئا. معصومي ساداتن جو خاندان پراڻي سکر ۾ رهندو هو. سندن مورث اعليٰ مشھور سيد محمد معصوم بکري هو، جنھن سکر ۾ پنھنجي نالي سان منارو ۽ ٻيا ڪيئي يادگار ٺھرايا. ”تاريخ معصومي“، ”طب نامي“، ”ديوان نامي“ وغيرہ سندس تصنيفون آهن. اڪبر اعظم جو معتمد خاص هو. عمارتن ٺھرائڻ، ڪَتبن اُڪرائڻ، ۽ ڪتابن لکڻ جو خاص شوق هوس. سکر شھر کي سينگارڻ جو ڪم سڀ کان پھرين سندس هٿان شروع ٿيو هو.
آءٌ پھرين سکر آيس تہ شوق پيدا ٿيم تہ ڪنھن طرح سيد معصوم جي سوانح متعلق معلومات جمع ڪري شايع ڪريان. اوستائين سيد صاحب جي ڪم جو ڪنھن کي احساس ڪونہ هو. سندس لکيل ”تاريخ معصومي“ اڃا تائين ڪانہ ڇپي هئي. ان ڪتاب جا فقط ٻہ - ٽي قلمي نسخا ڪن ڪن جاين تي موجود پيا ٻڌبا هئا. باقاعدي تحقيقات ڪنھن بہ ڪانہ ڪئي هئي.
مون سڀ کان پھرين مناري واري قبرستان ۽ ٻين آثارن تي جيڪي بہ ڪتبا لکيل هئا، تن کي نقل ڪيو. ان ڪم کي اهڙي شوق ۽ انهماڪ سان جاري رکيم جو هڪ دفعي سياري جي موسم ۾ سرد هوا لڳڻ ڪري، ڪتبن نقل ڪندي، نمونيا بہ ٿي پيئي. پر ڪتبا سڀ نقل ٿي ويا. سيد معصوم سان جن جن يادگارن جو تعلق هو، سي معلوم ٿي ويا. سندس تصنيف ڪيل ڪيترا ڪتاب نظر مان گذريا. اڪبري دربار مان کيس مليل پروانن ۽ سَنَدن سان ڀريل هڪ صندوق ڏٺم(1). ان کان پوءِ، سيد صاحب جي سوانح تي جيڪو بہ مواد اوستائين ميسر ٿيو، تنھن جي بنياد تي هڪ مضمون بہ شايع ڪيم. ان تحريڪ ايتري زندگي پيدا ڪئي، جو سيد صاحب جي خاندان جي سمورن فردن پنھنجي ڪانفرنس ڪري، پاڻ مان سڀ کان وڏيءَ عمر واري بزرگ، سيد ميان ثابت علي شاھہ کي پنھنجو سردار چونڊيو، ۽ کيس سرداريءَ جي پڳ ٻڌايائون. ان کان پوءِ ستت ئي ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب(2) بمبئيءَ مان هلي سکر آيو، ۽ مون وٽ گڏ ٿيل معلومات کي نگاھہ مان ڪڍي، موٽي وڃي ”تاريخ معصومي“ جو پھريون بمبئي - ايڊيشن شايع ڪيائين.
سيد ثابت علي شاھہ پراڻي ۽ گذري ويل زماني جو بھترين يادگار هو. مخلص، سچو، شريف، عبادتگذار، ۽ نرم طبيعت جو صاحب هوندو هو. پنھنجي سرداريءَ کي ڪنھن بہ سياسي جهڳڙي ۾ استعمال نہ ڪيائين. پنھنجي خاندان جي هر فرد سان محبت ڀريل سلوڪ ڪندو رهيو. اهڙن نيڪ انسانن کي وري ڏسڻ لاءِ اکيون پيون ترسن. پر اهي بهشتي پکي هئا - دنيا ۾ آيا، گهڙي ساعت رهي، پنهجين خوبين سان ماڻھن کي مسرور ڪيائون، وري اڏامي هليا ويا!

سيد صادق علي شاھہ مرحوم

روهڙيءَ جي معزز ڪوٽائي سادات خاندان جو سردار هو، فرسٽ ڪلاس جاگيردار، ۽ اڳوڻي زماني جي اميرانہ روايتن جو آئينہ دار. جاگيرن مان آمدني گهٽجي ويئي، حصيدارن جو تعداد وڌي ويو، نہ قديمي قدر رهيا نہ قدردان حاڪم، پر صادق علي شاھہ مرحوم وس آهر پنھنجي وقار ۽ پراڻين خانداني روايتن کي قائم رکيو. محلاتن جو زمانو گذري ويو، تہ ڪوٽ جي ڪنڊ تي هڪ اُنچو دڙو ڏسي، ان تي اوطاق ٺھرايائين. هڪ ڪمرو، هڪ ورانڊو، آڳر ۾ اڳڻ، اڳڻ ۾ جهَلي لڳل، ڪمري کي سينگارڻ لاءِ سخت ڪوشش ٿيل، کٽ تي هر وقت ريشمي بسترو وڇايل، سامھون ڪرسين جي صف، وچ ۾ ٽيبل، ڀت تي ڪئلينڊر ۽ قطعا. هڪ دفعو سڄو سامان آڳر ۾ رکرائي، پاڻ ۽ پُٽَ، وچ ۾ ويھي، فوٽو ڪڍرايائون. سندن پويان سندن ملازم بندوقون ۽ تراريون ڪلھن تي رکي بيٺا. فوٽوءَ وقت هڪ نيٽ جي ڪرسي ٻاهر رهجي ويئي هئي: ان گهٽتائيءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ، فوٽو گرافر کي بعد ۾ هٿ سان هڪ وڌيڪ ڪرسيءَ جو نقش، ٺھيل فوٽوءَ مٿان چٽڻو پيو. روهڙيءَ جي هڪ هيءَ رسم بہ هوندي هئي تہ محرم جي جلوس ۾ ڪوٽائي سردار ۽ سندن سپاهي اگهاڙيون تراريون کڻي هلن. جلوس رات جو نڪرندو هو، شايد ڪنھن زماني ۾ سنين جي خوف کان اها حفاظتي تدبير رائج ڪئي ويئي هئي. سائين صادق علي شاھہ پڇاڙيءَ تائين اهو حق هٿان نہ ڇڏيو. محرم رات آئي، ۽ مرحوم تراريون کڻائي اچي شامل ٿيو.
مھمان نوازيءَ ۽ واعدي جي سچائي سندس خاص خوبيون هيون. هڪ ڏينھن ڪنھن اليڪشن جي سلسلي ۾ مون کيس ووٽ لاءِ عرض ڪيو. پاڻ واعدو ڏنائين. پولنگ واري ڏينھن سخت بيمار هو، پر پاڻ کٽ تي کڻائي بہ اچي ووٽ داخل ڪيائين.
صورت جي سينگار جو بہ گهڻو خيال هوندو هوس، ٻاهر نڪرندو تہ ٺھي ٺڪي، سينڌ سرمو ڪري - مٿي تي بوسڪيءَ جي پڳ، بوسڪيءَ جي قميص، کُنڀيل ۽ چڱيءَ طرح چُڻيل سلوار، الپاڪي جو ڪوٽ، ڪوٽ جي کيسي مان سوني زنجيري لڙڪندي رهندي. ڪوٽ جا ٻيڙا هرگز بند نہ ڪبا، جيئن قميص ۾ لڳل سونن بٽڻن جي قطار نگاهن کان غائب نہ رهي.
سندس دستر خوان تي موسم آهر روهڙيءَ جو پڪل مشھور پلو ضرور موجود هوندو. البت حلوي ۽ سَيِن لاءِ تہ موسم جي محتاجي ڪانہ ٿئي!

_________________
(1) بعد ۾ ٻڌڻ ۾ آيو تہ انھن ڪاغذن مان گهڻا اڏوهي لڳڻ ڪري ضايع ٿي ويا، ۽ مالڪن درياھہ ۾ اڇلائي ڇڏيا.
(2) شمس العلماءُ ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب انھن ڏينھن ۾ بمبئيءَ جي اسماعيل ڪاليج (انڌيري) جو پروفيسر هوندو هو

شڪارپور

---

عام حال

شڪارپور!... منھنجي پنھنجيءَ سانڀر اندر اپر سنڌ جي شوقينن جو شڪارگاھہ هوندي هئي. سندن تمدن ۽ ماڻھن جي اٿڻي ويھڻي، ٻين پاسن کان قدري نرالي! وڏي اؤج جا ڏينھن ڏٺائين. سنڌ ورڪي ڀائيبندن جو منجهس وڏو زور هو. سمرقند ۽ بخارا تائين ڌنڌو واپار ڪندا هئا، پر جا بہ ڪمائي ٿيندن، سا آڻي خرچ شڪارپور اندر ئي ڪندا هئا. وڏيون وڏيون محلاتون ٺھرايائون. شھر کي سينگارڻ ۾ ڪا گهٽتائي نہ ڪيائون. خير جي ڪمن ۾ کُليءَ دل سان خرچ ڪندا رهيا. ڊاڪٽر هالنڊ، مشھور اکين جي معالج، کي سال ۾ هڪ دفعو گهرائي، اکين جي مريضن جو مفت علاج ڪرائيندا هئا، ۽ ان طرح سان لکن ماڻھن جي بينائي بچي ويئي. هڪ ٻي وڏي اسپتال ٺھرايائون. پوين ڏينھن ۾ اپر سنڌ جو تنھا ڊگري ڪاليج شڪارپور ۾ ئي کليو. هي سارا ڪم سندن خيرات وسيلي ٿيندا رهيا.
نہ وري سندن رهڻي ڪرڻي ئي ڪا معمولي هوندي هئي. اميراڻي ٺٺ سان پيا زندگي گذاريندا. شھر اندر محلات، شھر کان ٿورو ٻاهر باغ، ۽ باغ ۾ بنگلو. شام جو سرود سماع جون محفلون. چونڊ ڳائڻ واريون پيون گهرائبيون، ڪڏهن لاهور مان، ڪڏهن بمبئيءَ مان، ۽ ڪڏهن ڪلڪتي مان. سال ۾ هڪ دفعو گاني جو وڏو مانڊو ٿيندو. هندستان جا مشھور گويا سڏجي ايندا. مقابلا ٿيندا، ۽ وڏا وڏا انعام وراهائبا.
انھن ڏينھن ۾ اڃا موٽرن جو رواج ڪونہ پيو هو. سيٺين سواريءَ لاءِ ٻہ - گهوڙيون وڪٽوريا گاڏيون رکيون هيون. اهي گاڏيون خواھہ گهوڙا ڏسڻ وٽان هئا.
شام جو انھن گاڏين ۾ سوار ٿي، هواخوريءَ تي نڪرندا. لکي در جو ديدار ڪندا، وڃي پنھنجي باغ ۾ پھچندا. ”دارونءَ“ يعني شراب جون ٻاٽليون کلي وينديون. ”چھر بھر“ لاءِ لکي در جي مشھور هندو نانواين وٽان گهرايل پڪل گوشت جا ”ڪنڊا“ ۽ پٽاٽي چاپون موجود هونديون، ٿورو گهڻو ڳائڻ وڄائڻ جو انتظام به. چانڊوڪي رات، موتئي، رابيل ۽ گلاب جي گلن جي خوشبو، طبلي جي خفيف ٿاپ، سارنگيءَ جو سنھو سُر، ڪنھن خوشگلو نازنين جو مٺڙو آواز - غرض تہ ساري سِين سندر، بلڪ سرڳ جو نمونو! ڀائيبند پاڻ آرام ڪرسين، کٽن يا پينگهن ۾ ليٽيا پيا هوندا. ڌوتين جي ور مان سونيون گينيون ڇوڙيون پيا طوائفن طرف اڇلائيندا. انھن ڏينھن ۾ نوٽ نڪتا هئا، پر ”ڪاغذي ناڻي“ جو اڃا قدر ڪونہ هو. امير چانديءَ جي ٺوڙهي رپئي (ايڊورڊ ستين جو مٿو ٺوڙهو هوندو هو، ۽ جنھن صورت ۾ چانديءَ جي رپئي تي سندس شڪل هوندي هئي، تنھنڪري ماڻھو رپئي کي ٺوڙهو سڏيندا هئا) کي بہ هيچ سمجهندا هئا، تنھنڪري وقت جو معزز سِڪو هوندو هو سون جون گينيون!
شڪارپور ۾ آهستي آهستي مسلمانن بہ پنھنجو مقام پيدا ڪرڻ شروع ڪيو هو، پر اڃا تائين ”ڪامورو ڪلاس“ نہ هئا. پٺاڻن جي حڪومت واري زماني جا امير انگريزن جي اچڻ کان پوءِ يا تہ ٽڙي پکڙي وڃي ٻھراڙين ۾ رهڻ لڳا هئا، يا بنھہ ڪمزور حالت ۾ رهجي ويا هئا. هينئر نئين سر، هيٺئين ۽ وچولي درجي جي ماڻھن انگريزي تعليم پرائي سرڪاري نوڪريون هٿ ڪرڻ شروع ڪيون هيون، ۽ اهو پيشو ئي سندن زندگيءَ جي اساس بڻجي چڪو هو.
مون کان اڳ شڪارپور ۾ ٻہ ناميارا مسلمان وڪيل ٿي گذريا هئا: ميان محمد حسن ۽ ميان محمد شعبان محمد حسين مرحوم پنھنجي اولاد کي انگريزي تعليم ڏني.
سندس وڏو فرزند، ميان علي بخش، مرحوم رئيس ميان غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جي انتقال بعد، 1920ع ڌاري، ڪائونسل آف اسٽيٽ جو ميمبر چونڊيو، ۽ جيستائين آزاد هندستان ۽ پاڪستان قائم ٿيا، سندس ميمبري قائم رهندي آئي. انگريزي معمولي ايندي هيس. ڪنھن بہ سياسي تحريڪ ۾ حصو نہ ورتائين. جيڪي ويھہ - پنجويھہ ورهيہ ڪائونسل آف اسٽيٽ جو ميمبر رهيو، شايد هڪ دفعي بہ تقرير نہ ڪيائين، ۽ نہ ڪڏهن ڪو سوال ئي پڇيائين. سندس ووٽ هميشہ سرڪار طرف هوندو هو، ۽ پڇاڙيءَ واري زماني ۾ تہ خانبھادريءَ جو لقب بہ مليس. سندس سياسي پاليسي درڪنار، بطور انسان جي ميان علي بخش سٺي سڀاءَ جو صاحب هوندو هو. ڏيندو نہ، تہ ڏکوئيندو بہ نہ. مرحوم محمد حسين جو ٻيو نمبر فرزند، ۽ ميان علي بخش جو ٻيو نمبر ڀاءُ، خانبھادر نبي بخش، روينيو کاتي ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيو. هڪ زماني ۾ ڪمشنر سنڌ جو نيٽو اسسٽنٽ ٿي رهيو، ۽ وڏي ڌاڪي سان. ساري سنڌ پيئي سندس اڳيان نوڙندي هئي. انگريزن پاران ٻڌي - ڇوڙي سندس هٿ ۾ هئي. ڪيترن عھدن ماڻڻ کان پوءِ، بھاولپور رياست جو وزيراعظم مقرر ٿيو ۽ اتان پينشن ورتائين. ميان محمد حسين جو ٽيون نمبر فرزند، خانبھادر عبدالقادر، پڻ پنھنجي سرڪاري ملازمت جي ابتدا روينيو کاتي سان ڪئي. بطور مختيارڪار جي مقرر ٿيو، ڪجهہ عرصي بعد ڊپٽي ڪليڪٽري مليس، ان کان پوءِ جيڪب آباد جو ڊپٽي ڪمشنر مقرر ٿيو. سنڌ جي ڪن ٻين ضلعن ۾ بہ ڪليڪٽري ڪمايائين. آخر ۾ وڃي جهوناڳڙھہ رياست جو وزيراعظم مقرر ٿيو.
ميان محمد شعبان پڻ پنھنجي زماني ۾ وڏو وڪيل ليکيو ويندو هو، پر مون ڪونہ ڏٺو. منھنجي واقفيت سندس پوٽي، ميان غلام قادر سان ٿي. اهو نيڪ انسان هينئر بہ حيات آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ پيو رهي. ڪجهہ عرصو گڏيل هندستان جي سينٽرل اسيمبليءَ جو ميمبر بہ هو. ساريءَ حياتيءَ اندر شايد ڪنھن بہ بني بشر کي ڪونہ ڏکويو هوندائين.
شڪارپوري مسلمانن جو ٻيو برسراقتدار خاندان، شيخن جو هوندو هو، جنھن جو مورث اعليٰ شيخ صادق علي مرحوم، وزير خيرپور، هو. سندس پنھنجا فرزند ۽ سندس خاندان جا ٻيا فرد، انگريزي پڙهي، نوڪرين ۾ گهڙي پيا. ڊپٽي ڪليڪٽري ۽ انڪم ٽيڪس آفيسريءَ کان مٿي ڪونہ چڙهيا، پر تعداد جي لحاظ سان ان خاندان جي پکيڙ ڪافي رهي.
منھنجين پنھنجين اکين اڳيان شڪارپور جي شھرت جو ڪارڻ ٽي ماڻھو هئا-
منشي پوڪرداس ۽ سندس سنڌي ڇاپخانو. پوڪرداس پاڻ اڳ مري ڇڪو هو، پر سندس پويان سندس ڪاروبار پوءِ بہ هلائيندا ٿي رهيا. جيڪڏهن سنڌي زبان اڄ تائين حيات آهي، تہ ان جو هڪ سبب پوڪرداس جو ڇاپخانو بہ آهي. ان ڇاپخاني جي وسيلي اڌ صديءَ تائين سنڌي ڪتاب ڇپبا رهيا. پوڪرداس جي حيثيت سنڌي زبان جي تاريخ ۾ اُهائي آهي، جا اردو زبان جي حالت ۾ لکنؤ واري منشي نولڪشور کي حاصل ٿي. سرڳواسيءَ سوين ڪتاب لکرايا ۽ هزارين جلد ڇاپي پڌرا ڪيا. سندس مقابلي ۾ سکر جي ماستر هريسنگهہ بہ پوءِ ساڳيو ڪاروبار شروع ڪيو، ۽ زبان جي وڏي خدمت ڪئي، پر پوڪرداس جو ڪاروبار وڌيڪ وسيع هو. سنڌي زبان جي ڪا بہ تاريخ اوستائين مڪمل ٿي ڪانہ سگهندي، جيستائين ان ۾ سنڌيءَ جي انھن ٻن محسنن، يعني پوڪرداس ۽ هريسنگهہ، جو ذڪر نہ هوندو.
ديوان بھادر مرليڌر، شڪارپور جو وڏي ۾ وڏو وڪيل هو. شاهد جي آڏيءَ پڇا لاءِ اٿندو تہ مقدمي جون ٿڳڙيون نڪري وينديون. شڪارپور ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ بہ چونڊيو، انگريز حڪومت ديوان بھادريءَ جو لقب بہ ڏنس، پر سندس اصلي مقام قاعدي قانون جي دنيا اندر ئي هو. سالن جا سال سندس نالو بطور چوڻيءَ يا مثال جي ڪتب ايندو رهي. چي، ”ائين پيو ڳالھائين، ڄڻ مرليڌر آهين“!
شڪارپور جي شمع اجهامڻ کان اڳ هڪ آخري ڀڙڪو کاڌو، ۽ ان ڀڙڪي جو نالو هو خانبھادر ﷲ بخش سومرو. پر ان مرحوم جو ذڪر ٻيءَ جاءِ تي ايندو، تنھنڪري هت سندس وڌيڪ احوال ڪونہ ٿو ڏيان.
شڪارپور هينئر زبون حالت ۾ آهي. سکر بئراج نڪرڻ بعد سم سيلاب شھر کي گندو ڪري ڇڏيو. 1947ع ۾ قائم ٿيو پاڪستان. سنڌ ورڪي ڀائيبند، ڪاروبار بند ڪري، هڪدم هندستان ڀڄي ويا. سندن محل حوالي ٿيا مسلمان مھاجرن جي. مھاجرن وٽ انھن محلن کي سنڀالڻ ۽ قائم رکڻ جا ذريعا ڪين هئا. نتيجو اهو نڪتو جو جت اڳ ماڙيون هيون، اُت مٽيءَ جا دڙا آهن. جتان اڳ گوهر جان، امير جان ۽ امرناٿ جا آلاپ پيا ايندا هئا، اتان اڄ چٻ جي لات بہ ڪنن تي ڪانہ ٿي پوي.
واپار جي لحاظ سان پڻ ڪن ڏينھن ۾ شڪارپور چوٽ تي هئي. سنڌ ورڪي هندن جي وسيع بيروني واپاري تعلقات جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. پر خود شڪارپور شھر اندر بہ وڏو ڪاروبار پيو هلندو هو. جا شي ٻئي ڪنھن بہ شھر مان نہ ملندي، سا شڪارپور مان آسانيءَ سان ميسر ٿي سگهندي. مثلاً، هر قسم جي جواهرات، قيمتي دوائون، زريون، ڪيمخاب، ريشمي ڪپڙو، پشمينو، سيمور جون کلون، سون چانديءَ جا زيور، ڪابل ۽ قنڌار جا ميوا، وغيرہ وغيرہ.
شڪارپور جو حلوو جنھن کاڌو هوندو، تنھن کي ئي ان جي لذت جو احساس هوندو، باقي عام کي ڪھڙي مام! ڍڪيل بزار جي وچ ۾ هڪ چونڪ هوندو هو، جنھن کي چبوترو سڏيندا هئا، ۽ ات ئي ان تاريخي حلوي جا دڪان هوندا هئا. آيو ويو پيو ڍرندو هو. ساڳيءَ طرح ان شھر جو آچار پڻ مشھور هوندو هو. هر شي مان آچار ٺاهيندا هئا- انبڙين مان، ڦاروَن مان، ليمن مان، ڪلويڙين مان، سيانتي جي ڦرين مان، ڏُؤنرن مان. هر شڪارپوري ميزبان جي دسترخوان تي ٻيون ڪھڙيون بہ ”ست رڇيون“ هجن، پر ٽي - چار شيون ضرور نظر اينديون: ساڳ ۾ رڌل گوشت، موسم هوندي تہ پلو، آچار ۽ حلوو. پويانڙي ٿي تہ چانھہ نہ، پر ٿاڌل، برف ۾ ٺريل - ڀنگ جي لغار هجيس يا نہ، تنھن جو مدار مھمان جي پنھنجي ذوق سليم تي. گرميءَ جي موسم ۾ سنڌ واھہ جو ڪنارو هوندو. سارو ڏينھن ميلو لڳو پيو هوندو شوقين، واھہ ۾ انب اڇلايو، تڙڳي پيا ٻاهر ڪڍندا ۽ چوسيندا. سج لٿي کان پوءِ لکي در آباد ٿيندو. چئني پاسين کاڌي جون هوٽلون، شربت ۽ سوڍا لمليٽ جون سبيلون، بجليءَ جا پکا ۽ بتين جي چانڊاڻ. سواءِ لولن، لنگڙن ۽ ناڪاره انسانن جي، باقي هر چرندڙ پرندڙ ماڻھو شام ويلي لکي در جو ديدار ضرور ڪندو. لکي در جي سير لاءِ ڊريس فارمل (formal) هوندي. ململ يا سنھي وائل، يا ﷲ ڏئي تہ بوسڪيءَ جو پيراهن، ڳچيءَ جو ڳلو لازماً کليل، جيئن ڳچي ۽ سينو ظاهر رهي، هيٺتي گوڏ، ڳچيءَ ۾ موتئي جو هار، هڪ هٿ ۾ پکو، ٻئي هٿ ۾ رومال. لڙيءَ رات تائين پيا چونڪ ۾ گهمندا ڦرندا، ٿڪبا تہ هوٽل ۾ ويھي شربت جو گلاس پيئندا، سگريٽ ڇڪيندا، ۽ اوڀاريون لھواريون ڳالھيون ڪندا-
”ڇڏ يار، ڳالھہ ڪھڙي پيو ڪرين؟“
”تون تہ ڪو پڪشٽ پيو ڏسجين!“
گهوڙن جي پڻ وڏي مارڪيٽ شڪارپور ۾ ئي هئي. سٺن گهوڙن ڌارڻ جو خاص شوق هوندو هون. سنڌ جي جنھن بہ ماڻھوءَ کي سٺي گهوڙي خريد ڪرڻ جو ارادو ٿيندو تہ شڪارپور جو سفر اختيار ڪندو. ساڳيءَ طرح ٽانگن ٺاهڻ جا ڪارخانا پڻ ڪثرت سان هوندا هئا. ٽانگا هلڪا پر مضبوط ٺاهيندا هئا، ۽ تمام سھڻا ۽ ”جوپوان“!
شڪارپور جو اصلي بنياد لکيءَ جي دائود پوٽن وڌو، ۽ انگريزن جي آمد کان صدي يا ڏيڍ صدي اڳ. دائودپوٽن کي ڪلھوڙن ڀڄائي بھاولپور پھچايو، ۽ ڪلھوڙن جو ڪم وري پٺاڻن پورو ڪيو، ۽ ان طرح سان پويون سارو عرصو شڪارپور پٺاڻن جو مرڪز بڻي رهي. ڪلھوڙن جي جانشين ٽالپر حاڪمن، شڪارپور کي وري هٿ ڪرڻ لاءِ، وقت بوقت ڪوششون ضرور ڪيون ۽ ڪيئي ڀيرا مقابلا ۽ جنگيون بہ ٿيون، پر پٺاڻن جي پاڙ پٽجي ڪانہ سگهي. آخر انگريز آيا، جن پٺاڻن کي خارج ڪري شڪارپور کي ضلعو بڻايو. ان طرح پٺاڻن جي حڪومت تہ ختم ٿي ويئي، پر سندن رنگ پوءِ بہ قائم رهجي ويو، ۽ اڄ تائين موجود نظر ايندو. مرد ڀورا، سھڻا، قداور، ۽ عورتون پنھنجو مثال پاڻ. سنڌ جي ڪنھن بہ حصي ۾ خوبصورتيءَ جي ايڏي پرسنٽيج (Percentage) نظر ڪانہ ايندي، جيتري شڪارپور اندر. شڪارپور جي مفصل تاريخ لکندڙ کي مرزا عطا محمد جو ڇڏيل روزنامچو ضرور نظر مان ڪڍڻو پوندو. ٻيءَ صورت ۾، کيس پتو ئي ڪونہ پوندو تہ ساريءَ سنڌ اندر شڪارپور کي انساني حسن جي معاملي ۾ اهو مقام ڇو ۽ ڪھڙيءَ طرح حاصل ٿيو.

خانبھادر ﷲ بخش مرحوم

شڪارپور جو ذڪر ڪندي عرض ڪيو اٿم تہ شڪارپور جي شمع اجهامڻ کان اڳ هڪ ڀڙڪو کاڌو هو، ۽ ان ڀڙڪي جو نالو هو ﷲ بخش مرحوم.
مرحوم خانصاحب محمد عمر جو فرزند هو. گهراڻي جو ڌنڌو هو ٺيڪيداري، ۽ بعد ۾ ٺيڪيداريءَ سان گڏ زمينداري به. ان خاندان جي تاريخ مرحوم محمد عمر سان شروع ٿي. جنھن وقت سندس انتقال ٿيو، سندس فرزند مرحوم ﷲ بخش جي عمر پنجويھہ ورهيہ کن هئي. انگريزي تعليم ڇڏي، ڪاروبار سنڀالڻ لڳو. ڪاروبار ۾ هينئر پھريون دفعو سياست بہ شامل ٿي. پھرين لوڪلبورڊ جو ميمبر، پوءِ پريزيڊنٽ چونڊيو. ستت ئي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر منتخب ٿيو. 1937ع ۾ سنڌ جو جدا صوبو قائم ٿيو تہ پاڻ بہ وري نئينءَ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1938ع جي مارچ مھيني ۾، سر غلام حسين هدايت ﷲ جي وزارت ڪِري، تہ ﷲ بخش مرحوم چيف منسٽر بڻيو. منزلگاھہ وارن فسادن کان پوءِ، سال کن لاءِ وزارت کان ٻاهر رهيو، پر 1941ع ۾ ٻيھر وزارت عظميٰ مليس. 1939ع کان ٻي عالمگير جنگ شروع ٿي چڪي هئي. 1942ع ۾ ڪانگريس فيصلو ڪيو تہ ماڻھو انگريزن وٽان مليل لقب واپس ڪن. مرحوم ﷲ بخش بہ خانبھادريءَ جي لقب تان استعيفا ڏني. سنڌ جي انگريز گورنر، سر هيوڊو، ان قدم کي حلف وفاداريءَ جي ڀڃڪڙي ٺھرائي، آڪٽوبر 1942ع ۾ کيس وزارت مان ڊسمس ڪيو، ۽ سندس جاءِ تي سر غلام حسين کي (جو خود ﷲ بخش وزارت ۾ هوم منسٽر هو) وزيراعظم مقرر ڪيو. آڪٽوبر 1942ع کان مئي 1943ع تائين، مرحوم سياسي ۽ فلسفيانہ ڪتابن جو مطالعو ڪندو رهيو. اوائل مئي 1943ع ۾، شڪارپور شھر اندر، حرن جي هڪ ٽولي کيس شھيد ڪيو. حرن کي ڏانھنس هيءَ شڪايت هئي تہ سندس وزارت جي زماني اندر مارشل لا لڳو هو، جنھن جي دوران ۾ (مارچ 1943ع) حڪومت خود پير صاحب پاڳاري رحمت ﷲ عليہ کي ڦاسي ڏيئي شھيد ڪيو هو.
هر نئين ملڪ جي زندگيءَ جا پھريان ٻہ - چار سال تمام اهم ۽ فيصلي ڪُن ٿين ٿا. انھن ئي ابتدائي ڏينھن اندر سياسي ۽ اخلاقي اصولن ۽ قدرن جو بنياد پوي ٿو، ۽ قومي زندگيءَ واريءَ عمارت جي پيڙھہ جا پھريان بار رکيا وڃن ٿا. اهي بار جيڪڏهن صحيح آهن تہ ساري عمارت صحيح طريقي سان مٿي کڄندي، پر جيڪڏهن ان موقعي تي ڪا وڏي غلطي سرزد ٿي ويئي تہ پھرين تہ عمارت ئي ڪانہ جڙندي، پر جيڪڏهن جڙي بہ، تہ پائدار ثابت ڪانہ ٿيندي.
سنڌ، سال 1937ع ۾، بمبئيءَ کان ڇڄي جدا صوبو بڻي. 1937ع کان 1947ع تائين ان جي نئين قومي زندگيءَ جو بنياد پوندو رهيو، پر غلط اصولن تي، جن سياست جا غلط قدر (Values) وجود ۾ آندا، ۽ آخر خود صوبي کي ئي نھوڙي ڇڏيو.
جدا ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي سياسي زندگيءَ تي سنڌ جا وڏيرا صاحبان ۽ پير صاحبان، پنھنجي دولت، راڄوڻي اثر، ۽ پيريءَ - مريديءَ جي آڌار تي، هڪدم ڇانئجي ويا. نہ ڪا مستقل سياسي پارٽي ٺھڻ ڏنائون، نہ سياست جو مدار ئي ڪن مفيد اخلاقي اصولن تي رکڻ ڇڏيائون.
جن “اصولن تي جدا سنڌ جو سياسي ڪاروبار هلڻ لڳو، سي، مختصراً، هي هئا:
(1) وزير هر حال ۾ ٿيڻو آهي، ۽ وزير ٿيڻ کان پوءِ هر حال ۾ بطور وزير جي قائم رهڻو آهي، پوءِ ان مقصد جي حصول لاءِ ڪيتريون بہ پارٽيون ڇو نہ بدلائڻيون پون، ۽ پنھنجن واعدن ۽ قولن ۽ اصولن تان ڪيترا ڀيرا بہ ڇو نہ ڦرڻو پوي.
(2) جو عرصو وزير رهجي، محض پاڻ کي متاري ۽ مضبوط ڪرڻ ۾ مصروف رهبو اچجي.
(3) سنڌ جي عوام جي ڀلائيءَ جو ڪو سوال ئي ڪونہ هو، ڇو تہ جنھن شي کي سياسي اصطلاح ۾ عوام سڏيو ٿي ويو، تنھن شي جو وجود ئي تسليم ڪونہ ٿي ڪيو ويو. سندن خيال مطابق، سنڌ جا ماڻھو ٽن حصن ۾ وراهايل هئا: (الف) پير ۽ وڏيرا، جن جو پيدائشي حق هو وزارت ۽ حڪومت ڪرڻ، (ب) ڪامورا، جن جو ورثو هو مسلماني ٽڪيٽ تي نوڪريون وٺڻ، ۽ نوڪرين وٺڻ کان پوءِ هڪ طرف وڌيڪ ترقيءَ جو سعيو ڪرڻ ۽ ٻئي طرف پنھنجي پيٽ جي چيٺ ڪرڻ، ۽ (ج) ٻھراڙيءَ جا انگ اگهاڙا ۽ پيٽ بکيا، لکين ڳوٺاڻا، جن لاءِ اها ئي سعادت ڪافي هئي تہ سندن سر تي وڏيرن ۽ پيرن جو سايو دائم ۽ قائم رهندو اچي.
(4) سياسي پارٽي هرگز ٺھڻ نہ ڏجي، ڇو تہ سياسي پارٽي ٺهندي تہ ان جو رخ ٿيندو عام ماڻھن ڏانھن، ۽ عام ماڻھن سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو تہ وڏيرڪي ”هڪ هٽيءَ“ جا وکا پڌرا ٿي پوندا. تنھنڪري اهڙي زهريلي سلي کي مورڳو اسرڻ ئي نہ ڏجي.
(5) ان اُصول پٽاندر، ۽ وقتي فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ، وقت بوقت، جيڪا طاقت چوٽ چڙهيل ڏسجي، تنھن جي پاٺ پوڄا شروع ڪرڻ ۾ دم جي دير وجهڻ نہ گهرجي، پوءِ اها طاقت هندن جي ڪانگريس هجي يا مسلم ليگ، يا ڪنھن خاص شخص جي وقتي مرڪزي حيثيت. مطلب تہ هر موقعي جو فائدو وٺجي، ۽ جنھن بہ چشمي ۾ سياسي پاڻيءَ جو ڪو چڪو نظر اچي تہ چهنب تنھن ۾ ئي چڀائجي.
صوبي جي سياست جو اهو ئي پس منظر هو، جنھن جي اڳيان مرحوم ﷲ بخش نئينءَ سنڌ جي پوليٽيڪل ميدان اندر قدم رکيو ۽ ڪاروبار هلايو. هينئر پاڻ مرحوم موجود نہ آهي، سندس زندگي ۽ سياست ٻيئي ختم ٿي چڪيون آهن. سندس حياتي هلندي، يقيناً منھنجا ساڻس اختلاف رهيا، پر هينئر هو دنيا جي سمورين آلائشن کان آزاد ٿي آخري آرام ۾ آهي. تنھنڪري هن وقت آءٌ اڳوڻي اختلافي ڪيفيت کان هٽي، آسانيءَ سان سندس سياست جو تجزيو ڪري سگهان ٿو. منھنجي راءِ اها آهي تہ ان وقت جي حالتن ۽ رقابتن سارو، پنھنجن سمورن همعصرن اندر مرحوم جو مقام ڪافي مٿانھون هو.
صحيح يا غلط، پر سندس رفاقت هڪ ڀيرو ڪانگريس سان ٿي ويئي هئي. ان رفاقت کي پڇاڙيءَ تائين قائم رکندو آيو. وزارت ويئي، سياست چڪر ۾ پئجي ويئي، پر ڪانگريس سان اها قرابت آخر دم تائين قائم رهندي آئي. ڪانگريس جي اثر هيٺ اچڻ ڪري، سندس نظريو هيءُ ٿيو تہ “مذهب جي بنياد تي ملڪي ورهاڱي سبب وڏا ڏڦيڙ پوندا، سياست اندر مذهب جي ڪار فرمائي، مجموعي طور تي، ۽ نتيجي جي اعتبار کان، نيٺ هڪ ڏينھن نقصانڪار ثابت ٿيندي، ۽ ممڪن آهي تہ ماڻھن کي ڪنھن منزل تي رسي، خود مذهب کان بيزار ٿيڻو پوي: تنھنڪري سياست جو بنياد مذهب تي نہ، پر تنھا اقتصاديات تي هجڻ گهرجي.“
سندس خلاف وڏا طوفان کڙا ٿيا، هڪ - ٻہ ڀيرو تہ پنھنجي حياتيءَ کي بہ خطري ۾ ڏٺائين، پر هڪ دفعي جي معين ڪيل نظريي تان پڇاڙيءَ تائين نہ هٽيو.
سندس وزارت هلندي، منزلگاھہ جي تحريڪ شروع ٿي. مسلمانن جي مذهبي جوش جو عالم سندس اکين اڳيان هو. محسوس ٿي ڪيائين تہ جيڪڏهن مسلمانن جو اهو مطالبو منظور نہ ڪيو ويو تہ پنھنجيءَ قوم اندر سندس وقار کي سخت نقصان پھچندو. مون پاڻ هڪ ڀيرو، منھن چڙهي وڃي چيس تہ ”جيڪڏهن مسجد واپس نہ ڏيندين تہ نقصان پرائيندين، جيڪڏهن ٿورو نرم ٿيندين تہ صلح صلاحيت جي سبيل پڻ نڪري سگهي ٿي.“ پر جواب ڏنائين: ”جيستائين مون ان فتني کي زور سان ختم نہ ڪيو آهي، اوستائين ان موضوع تي مورڳو ڪنھن گفتگو ڪرڻ لاءِ بہ تيار نہ آهيان!“ انھن ڏينھن ۾ منھنجي بہ جواني هئي، ۽ جواني بہ جوش سان ڀريل. آءٌ اٿي کڙو ٿيس. چيومانس:”آءٌ پڻ توسان واعدو ڪريان ٿو تہ جيستائين توکي وزيراعظم جي هن بنگلي مان خارج نہ ڪرايو اٿم، اوستائين هن بنگلي ۾ وري قدم نہ رکندس!“ ۽ ان چئلينج ڏيڻ کان پوءِ، منزلگاھہ جي فائدي ۾، ۽ مرحوم جي خلاف، مون بہ حال سارو ڇيھہ ڪري ڇڏيا. فساد ٿيا، مقدما هليا، ۽ خونريزي ڏسي، خود هندن کي کيس ڪجهہ عرصي لاءِ وزارت کان ۽ وزيراعظم جي بنگلي مان خارج ڪرڻو پيو، پر مرحوم پاڻ نہ ڪڏهن ڪمزوري ڏيکاري ۽ نہ ڪا ٻولي ئي ٻي ٻولي. آخر ڏٺو ويو تہ ٻول ٻنھي جا پَريا: پنھنجن هٿن سان منزلگاھہ مرحوم ڪانہ ڏني، وزيراعظم جي بنگلي ۾ ٻيھر منھنجو قدم بہ اوستائين ڪونہ پيو، جيستائين مرحوم جو پنھنجو قدم اتان ٻاهر نڪري نہ چڪو هو.
ڪيترين ٻين ڳالھين ۾ بہ ﷲ بخش، پنھنجن همعصرن ۽ رفيقن کان بلڪل مختلف هو. مثلاً، هن صاحب وزارت جي سطحي اعزازن ۽ نمائشي پھلوئن کي ڪڏهن بہ استعمال نہ ڪيو. نہ سندس موٽر تي جهنڊي جهُلي، نہ سندس سواريءَ وقت رستا بند ٿيا يا رستن تي باوردي پوليس بيٺي، نہ پوليس جو گارڊ آف آنر ورتائين، ۽ نہ اڳواٽ حڪم ڪري يا پروگرام ڪڍي استقبال لاءِ مجمعا ئي ڪٺا ڪرايائين. سندس اعزاز ۾ نہ ڊنر ٿيندي، نہ پارٽي، ۽ نہ وري لوڪلبورڊ يا ميونسپل طرفان ڪا ايڊريس ئي پيش ٿيندي، جا چانديءَ جي قلمدان ۾ مڙهجي اچي سندس بنگلي جي سينگار جو سبب بڻجي. پير جو تمام هلڪو - ڪم پيو يا ضرورت پيش آئي تہ دوست ڇا، زيردست وٽ بہ لنگهي ويندو. ڪپڙا تمام سادا پائيندو، پڇاڙيءَ ۾ تہ جوڙي پھرڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن معمولي سوٽ، نہ تہ عام طرح سان سادو سنڌي وڳو. پير ۾ پھرين بخمل جو نرم سليفر، ۽ پڇاڙيءَ واري زماني ۾ پشاوري چپل. خاص موقعو هوندو تہ شيرواني بہ ڍڪيندو. مٿي تي ٽوپي تہ ترڪي، نرم، نہ گانڌي ٽوپيءَ جي ويجهو، نہ جناح ڪئپ جي قريب. موٽر ۾ چڙهندو تہ پاڻ ڊرائيور جي ڀر ۾ ويھندو. ۽ پويان اعزازي جاين تي سنگتين کي ويھاريندو. ريل جو سفر ڪندو تہ ساٿي هيٺين سيٽن تي سمهندا ۽ پاڻ مٿئين تختي تي پئجي رهندو. ڪم جي پٺيان پوندو تہ ڪيترو وقت بہ، بغير ننڊ يا آرام جي پيو هلندو، پر جي ننڊ جو خيال ڪيائين تہ فقط اکين ٻوٽڻ جي دير هوندي، پوءِ ڪرسيءَ تي ويٺل هجي يا ٽانگي تي چڙهيل. پڄي سگهندس تہ نيڪي ڪندو، هٿ وٺي نقصان دشمن کي بہ نہ رسائيندو. ڪاوڙ ڪيتري بہ هجيس، پر تِکو يا اُگرو اکر سندس وات تي هرگز نہ ايندو. ڏکويل هوندو، تہ بہ سندس چھرو ان ڪيفيت جي غمازي ڪرڻ کان عاجز پيو نظر ايندو. ٻيا وزير، وقت جو فائدو وٺي، ڀل پيا ڀڀ ڀرين، پر ﷲ بخش لاءِ ”بالائي آمدني“ حرام هوندي. پڇاڙيءَ ۾ انتقال ٿيس تہ مقروض حالت ۾، حالانڪ پنھنجي اباڻيءَ جائداد مان آمدني ڪافي هوندي هيس. مھمان نواز هو، ۽ هٿ جو ڇوٽ، جنھن کي ڏنائين، وري نہ پچاريائين. خيرات سڄي هٿ سان ٿي، تہ کٻي هٿ کي ڪا خبر ڪانہ پيئي. پويان ڏينھن قرآن مجيد جو مطالعو ڪندو رهيو، ۽ سوشلزم ۽ اقتصادي مسئلن جو اڀياس.
ابتدائي دؤر ۾، سندس وزارت هٿان ڪيترا چڱا ڪم ٿيا. مثلاً، درٻارين جو پراڻو رواج ختم ڪيو ويو، ڪمشنرن ۽ ڪليڪٽرن جي ڪرسين جا پروانا پورا ٿي ويا. لوڪلبورڊن ۽ ميونسپالٽين مان سرڪاري ٿاڦيل ميمبرن کي نيڪالي ملي، ورنہ اڳ انھن ٿاڦيل ميمبرن جي ذريعي ڪامورا شاهي لوڪل باڊيز جي ڪاروبار ۾ گهڻي دست اندازي ڪندي هئي، سياسي قيدي آزاد ڪيا ويا، ۽ مولانا عبيدﷲ سنڌيءَ کي بہ اجازت ملي تہ جلاوطني ختم ڪري ڀل واپس اچي، ۽ پوءِ ستت ئي هو صاحب مڪي شريف مان روانو ٿي اچي سنڌ ۾ پھتو. اڳ وڏيرن کي اسپيشل ماجسٽريٽيءَ جا پاور ڏنا ويندا هئا، جن جي آڌار تي هو پاڙي پنبي تي پنھنجو ڌاڪو ڄمايو ويٺا هوندا هئا، پر ﷲ بخش مرحوم ان رسم کي بہ رد ڪري ڇڏيو، توڙي جو ايم. ايل. اي. وڏيرا ڪيتري عرصي تائين ٻاڪاريندا رهيا، نظر بظاهر، توڙي جو اهي چڱا ڪم ﷲ بخش مرحوم هٿان ٿيا، پر اها ڳالھہ پڻ وسارڻ مناسب نہ ٿيندي تہ انھن قدمن کڻڻ لاءِ فضا تيار ڪرڻ ۾ وڏو هٿ جي.ايم. سيد جو هو.
ﷲ بخش مرحوم جون ٻہ - ٽي طبعي خصوصيتون پڻ بلڪل نمايان هونديون هيون:
(1) ضروري ڳالھہ فقط پاڻ تائين محدود رکندو، پنھنجي اندر جو منجهہ ڪنھن کي بہ نہ ڏيندو، ۽ نہ وري سندس منھن مان ئي ڪا ڳالھہ بکندي.
(2) ڀروسو فقط پاڻ تي ڪندو. سندس خيال هوندو هو تہ هر ڪم چڱيءَ طرح سان، محض پاڻ ئي سرانجام ڪري سگهندو، نہ ڪو ٻيو. اهو ئي سبب هو جو هر عمل پنھنجي دماغ اندر محفوظ رکندو، نہ ڪنھن سان دلي حال اوريندو ۽ نہ تقسيم عمل ئي ڪندو. منھنجو خيال آهي تہ مرحوم لاءِ اها خصوصيت سخت نقصانڪار ثابت ٿي. ليڊر لاءِ ضروري آهي تہ پنھنجو وقت گهڻي ۾ گهڻو سوچڻ ۽ بنيادي اصولي ڳالھين بابت فيصلن ڪرڻ ۾ صرف ڪري، تعميل جو ڪم ٻين تي ڇڏي، ۽ ان مقصد لاءِ پھرين چڱن ماڻھن جي ڳولا ۽ چونڊ ڪري، کين پنھنجي چوگرد رکي. جنھن ليڊر دماغي ۽ جسماني ٻئي ڪم ڪرڻ پنھنجي ذمي ڪيا، سو ڪجهہ وقت کان پوءِ دماغي طرح ٿڪجي پوندو، غلطيون ڪندو، ڪنھن بہ طرف پوري پئجي ڪونہ سگهندو، ۽ نيٺ خاص پنھنجين ئي غلطين وگهي منجهي مرندو. ﷲ بخش مرحوم جو اصول ان جي ابتڙ هو، هو هر ذمه واري پنھنجي سر تي رکندو هو.
(3) اميد ۽ ڪاميابيءَ جو آسرو. هر چونڊ ۽ هر مقابلي ۾ اٿندو، تہ ان ارادي سان تہ ڪاميابي ضرور حاصل ٿيڻي آهي. اندر ۾ ڪيترين بہ ڪمزورين جو احساس هوندس، پر ساٿين ۽ ورڪرن تي اُهي ڪمزوريون هرگز ظاهر نہ ٿيڻ ڏيندو. پاڻ کين وڏا وڏا آسرا ڏيئي، آخري دم تائين مقابلي جي ميدان ۾ مڙيو ئي اڳتي وٺيو پيو هلندو. ان اصول تي ۽ اهڙي يقين ڪامل سان قدم کڻندي، ڪيترا ڀيرا کيس اهڙن معاملن ۾ ڪاميابيون حاصل ٿيون، جي پھرين ناممڪن نظر ٿي آيا. سندس اصول هو تہ شڪست پاڻ ڪڏهن بہ نہ ٻولجي، آخر ساعت تائين ڪوشش ڪبي اچجي، امڪان آهي تہ پنھنجي استقلال ۽ استقامت ڪري وقت گذرندي، حالتون ڦري پون، ۽ جا شي ڪنھن وقت ناممڪن نظر ايندي هجي، سا ممڪن ٿي پوي.
(4) سياست جي لاهن - چاڙهن سبب دلگير نہ ٿيندو. سياست ۾ ڪنھن وقت جاءِ نہ رهي يا شڪست آئي، تہ هڪدم پنھنجي خانگي ڪاروبار ۾ لڳي ويندو، ۽ عارضي طرح خوش رهندو: نہ دماغي توازن وڃائيندو، نہ رودن ڪندو، نہ بيصبر ۽ بيتاب ٿيندو، نہ ڪامياب مخالف جي قدمن تي ڪرندو، نہ مايوس ٿي ۽ هٿيار ڦٽا ڪري پاڻ کي ذليل ئي ڪندو. وقت جي ڪارفرمائيءَ ۾ وڏو ڀروسو هوندو هوس.
(5) هر مسئلي جي انگن اکرن ۽ بنيادي حقيقتن واري پھلوءَ تي خاص زور ڏيندو، جذباتي لَڙهي ۾ لُڙهندو. سندس تقرير ۾ نہ شاعري هوندي، نہ ادبي رنگ، نہ جذباتي چشڪو - انگ اکر، ٺلھي حقيقت، ۽ ٺيٺ منطق.
شڪل صورت جي معاملي ۾ مرحوم کي ڪا غير معمولي وجاهت حاصل ڪانہ هئي. قد منڌرو، جسم هلڪو، رنگ ڪڻڪ ونو، چھرو مستطيل، نڪ ڊگهو، پيشاني ڪشادي، هٿ ۾ گهڻو ڪري پينسل رکندو، ۽ تقرير ڪندي بہ پينسل کي پيو آڱرين ۾ ڦيرائيندو. البت، اثر جي لحاظ سان سندس چھرو ڏسي، هر ماڻھو کيس بامايي، وزندار ۽ اهم خيالن جو حامل سمجهندو. جو شخص هڪ دفعي سندس ويجهو آيو، سو گهڻو ڪري هميشہ لاءِ ساڻس گڏيو هلندو. پاڻ بہ سنگتين ساٿين کان ڌار رهڻ پسند نہ ڪندو. جيڏانھن ويندو، اڪيلو نہ ويندو، هڪ - ٻہ ساٿي ضرور پاڻ سان گڏ کڻيو وتندو. سندس شخصيت ۾ يقيناً هڪ خاص قسم جي جاذبيت هوندي هئي.

سر غلام حسين هدايت ﷲ مرحوم

وڏو بختاور انسان هو. ٽيھن سالن کان مٿي سنڌ جي سياسي فضا تي ڇانيل رهيو، بغير سرمايي صرف ڪرڻ جي، بغير ڪنھن سختي سھڻ يا قربانيءَ ڏيڻ جي. چون ٿا تہ سندس ولادت شڪارپور ۾ ٿي، پر وڪالت پاس ڪرڻ کان پوءِ ڌنڌو حيدرآباد مان شروع ڪيائين. مھمان نوازيءَ جو انگ اول کان ئي هوس. آئي وئي کي مانيءَ ٽڪر مڙيو ئي کارايو ڇڏيندو هو. ٿورن ئي ڏينھن اندر چڱو اثر پيدا ڪيائين. پھريائين ضلعي لوڪلبورڊ حيدرآباد جو پريزيڊنٽ چونڊيو. ان کان پوءِ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر،“ 1920ع ۾ ”سڌارا“ آيا، تہ سنڌ پاران بمبئي سرڪار جو وزير بڻجي ويو. اَٺ سال کن وزيري ڪيائين، ۽ پڇاڙيءَ وارا ڪجهہ سال ايگزيڪيوٽو ڪائونسلر ٿي رهيو. 1933ع ڌاري رٽائر ڪري سنڌ ۾ آيو، ۽ اچي ڪراچيءَ ۾ رهڻ لڳو. سنہ 1934ع ۾ ليجسليٽو اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون. پاڻ سنڌ جي زميندارن ۽ جاگيردارن پاران اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1936ع ۾ سنڌ جو صوبو بمبئيءَ کان جدا ٿيو. 1937ع ۾ پھريون چونڊون ٿيون. وري بہ زميندار- جاگيردار سيٽ مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ چونڊجڻ شرط سنڌ جو وزيراعظم مقرر ٿيو- 1938ع ۾ سندس وزارت کي شڪست آئي ۽ مرحوم ﷲ بخش سندس جاءِ تي وزيراعظم بڻيو. سر صاحب اچي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ سارو سال مسلم ليگ تحريڪ ۾ هلندو رهيو. پر مسلم ليگ ﷲ بخش وزارت کي ڊاهڻ ۾ ڪامياب نہ ٿي سگهي، جنھنڪري جنوري 1939ع ۾ سر صاحب مسلم ليگ ڇڏي وڃي ﷲ بخش سان شامل ٿيو ۽ وٽانئس هوم منسٽريءَ جو عھدو ورتائين. آڪٽوبر 1942ع ۾ ﷲ بخش مرحوم ڊسمس ٿيو. ان جي جاءِ تي پاڻ دوباره وزيراعظم مقرر ٿيو. 1943ع ۾ ﷲ بخش مرحوم شھيد ٿي ويو. 1945ع ڌاري مسلم ليگ خاصو زور ورتو. سر غلام حسين ان کان اڳ ئي منجهس وري شامل ٿي چڪو هو. 1947ع جي پڇاڙيءَ تائين وزيراعظم بڻيو رهيو. پاڪستان ٺھيو تہ قائداعظم جناح عليہ الرحمة کيس سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو. 1948ع جي پڇاڙيءَ ۾ قائداعظم عليہ الرحمة جو انتقال ٿيو. اها خبر ٻڌي سر صاحب گورنر جنرل جي محل ۾ ويو. اتي ئي اوچتو دل جو دورو پيو، موٽي گهر آيو، هفتي کن اندر هن جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو. انﷲ و انا اليہ راجعون. جيترو وقت جيئرو رهيو، حڪومت ڪندو رهيو. پر اهي وقت ٻيا هئا ۽ ان زماني جا ماڻھو بہ ٻئي قسم جا هوندا هئا.
سر صاحب مرحوم جي زندگيءَ جو مون گهڻو مطالعو ڪيو. پويان تيرهن - چوڏهن سال تہ ساڻس خاصو سڌو تعلق بہ رهيو، پر اهو تعلق بطور سياسي مخالف جي هو نہ بطرح سياسي حاميءَ جي. اصلي سبب اسان جي اختلاف جو، هيءُ هو تہ مرحوم ويندو هو وقتي حالتن جي تقاضائن مطابق، ۽ اسان واريءَ پاليٽيڪس جو بنياد هوندو هو محض جذبات تي ۽ انھن اصولن تي جيڪي ڪتابن ۾ پڙهيا هئاسين. پر ان زماني جي سنڌ جي ماڻھن ۽ سياست سان انھن اصولن جي ڪا بہ مناسبت ٿي ڪانہ ٿي سگهي. هو صاحب هو realist يعني سخت حقيقت شناس ۽ اسان هئاسين visionary ۾ يعني سپنن جي دنيا جا سياح، هن جي اڳيان هو ”امروز“، اسان کي لڳل هو ”فڪر فردا“، هُو هو دماغ جو قائل ۽ اسان هئاسين دل سڳوريءَ جا گهائل. بڻجي تہ ڪٿان؟ ساٿ رهي تہ ڪھڙي بنياد تي؟
سڀ کان پھريون اختلاف جو سبب هيءُ هو تہ مون گهريو ٿي تہ سنڌ جدا ٿيڻ بعد ڪامورا شاهيءَ جو زور ٽوڙڻ گهرجي، ڇو تہ علحدگيءَ واريءَ تحريڪ جو هڪ بنيادي مقصد اهو بہ هو تہ انھيءَ مقصد جي بنياد تي ئي آءٌ ان تحريڪ ۾ ايتريقدر بھرو وٺي چڪو هوس.
انگريزن جي زماني ۾ عملدار شاهيءَ خوب جاوا ڪندي رهي هئي، پر- تمنا اها هئي تہ سنڌ جدا ٿيڻ شرط هڪدم ان جون پاڙون پٽي پڌر ۾ اڇلايون وينديون. پر سر غلام حسين مرحوم، وزارت عظميٰ جي پھرئين سال اندر، ان ڏس ۾ ڪو قدم ڪونہ کنيو- پاڻ عملدارن جي کڻي ﷲ ٻڌي، ”سائين سائين“ ڪندي هر هڪ موذيءَ اچي مرحوم جا پير جهليا- اُهي ئي پراڻا دستور، اها ئي اڳوڻي فضا، اهي ئي نوڪر شاهيءَ جا آزار، گويا سنڌ جي علحدگي ئي رائگان ويئي.
سر غلام حسين کي جنھن وقت گورنر، سر لانسلاٽ گراهم، وزيراعظم مقرر ڪيو ان وقت سندس پٺيان، سٺ ميمبرن مان فقط ڇھہ ميمبر هئا. پر چئن - پنجن مھينن اندر حالت اهڙي ٿي ويئي جو سواءِ ڇهن - ستن ڪانگريسي هندو ميمبرن جي، باقي سمورا ميمبر سر صاحب جا حامي بڻجي پيا. ظاهري طرح وزارت پارٽيءَ ۽ مخالف ڌر (جنھن جا اڳواڻ هئا، مرحوم ﷲ بخش ۽ مسٽر جي. ايم. سيد) جي وچ ۾ هڪ اقرار نامو ٿيو، جنھن ۾ ڪن مختصر انتظامي سڌارن رائج ڪرڻ جو وزارت طرفان واعدو ڪيو ويو ۽ ان واعدي عوض مخالف ڌر سر صاحب جي پٺڀرائي ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
مھينن پٺيان مھينا گذري ويا، پر اقرار نامي تي ڪو عمل ڪونہ ٿيو. سر صاحب پنھنجي دستور موجب ڪم هلائيندو رهيو. جي. ايم. سيد صاحب، نيٺ لاچار ٿي بغاوت ڪئي ۽ مارچ 1938ع ۾ سر صاحب جي وزارت فقط هڪ ووٽ جي فرق سان ڪِري پئي.
ان وزارت کي ختم ڪرائڻ ۾، پس پرده، مون بہ ڪجهہ حصو ورتو. جي. ايم. سيد جو آءٌ سياسي رفيق هوس ۽ هو منھنجيءَ راءِ کي چڱي وقعت ڏيندو هو. سنڌ جي ”نوڪر شاهيءَ“ کي ناس ڪرڻ جو جيترو اونو مون کي هو، ان کان زياده خود کيس هو. جذبات جي سندس طبيعت جي تشڪيل ۾ اوتري ئي ڪارفرمائي هئي، جيتري منھنجي مزاج جي ترتيب ۾. سنڌ جي علحدگيءَ لاءِ ٻئي گڏجي ڪم ڪري چڪا هئاسين. علحدگيءَ بعد پھرئين عام اليڪشن ۾ پڻ ساڳي ئي يونائيٽيڊ پارٽي جي عَلم هيٺ گڏجي هنگاما برپا ڪيا هئاسين. پروگرام ٻنھي جو ساڳيو هو- ذاتي غرض نہ کيس هو ۽ نہ مون کي.
ڊسمبر 1937ع جي پڇاڙيءَ ۾، آءٌ جي. ايم. سيد سان ملڻ لاءِ، سندس ڳوٺ ويس- رات جو مجلس ٿي، ٻٻر جا بنڊ وچ ۾ پئي ٻريا، اسان تڏي تي هنڌن کي پٺي ڏيو پيا هئاسين، ڳالھين پٺيان ڳالھيون هلنديون ويون، نيٺ اچي بيٺاسين سنڌ جي سياست تي.
مون کين عرض ڪيو تہ سنڌ جي جدائي مورڳو اڪارتي ويئي، عملدار شاهي اڳ کان اڳري رهجي ويئي، سڌارو هڪڙو بہ ڪرائي ڪونہ سگهياسين، پورا ٻارهن مھينا اجاين اميدن جي نذر ٿي ويا، سو غلام حسين مان اها اميد رکڻ تہ هو محض اقرار پاڙڻ خاطر پنھنجي عمر جي پڇاڙيءَ ۾ پنھنجي پاليسي بدلائي انقلاب آڻيندو قطعاً ناداني هئي، اسان کي محسوس ڪرڻ کپندو هو تہ سر صاحب لاءِ اهڙو اقرار پاڙڻ ناممڪن هو، ڇو تہ سندس سياست جو مدار ئي آهي عملدارن جي مدد ۽ ”جُڙيءَ کي جس“ Status Quo واريءَ پاليسيءَ تي، جيڪڏهن هو پنھنجن هٿن سان انھن عملدارن کي ختم ڪندو تہ پوءِ سياست هلائڻ لاءِ کيس ٻي مدد ڪٿان ملندي؟
مون تقرير ڪافي دليلن، جوش ۽ جذبي سان ڪئي، بنان ڪنھن جواب ڏيڻ جي سيد صاحب اٿي گهر هليو ويو، مون سمجهيو تہ هينئر غلام حسين وزارت جو ڪم لٿو.
جنوريءَ جو مھينو خير سان گذريو، فيبروريءَ ۾ سيد صاحب وزارت ڪيرائڻ لاءِ پنھنجو نقشو تيار ڪيو. مارچ جي اوائل ۾ اسيمبليءَ جو بجيٽ اجلاس شروع ٿيو. مون ڏانھن خط آيو تہ ڪراچيءَ ۾ هليو اچان. مون سمجهيو تہ وزارت ڏانھن خير ڪونہ آهي، تنھنڪري مون سارو سفر، ڪراچيءَ تائين ٿرڊ ڪلاس گاڏيءَ جي مٿئين تختي تي سمهندي پورو ڪيو، ڇو تہ آءٌ سر صاحب جي وزارت جو مشھور مخالف هوس، جڏهن ٻين سڀني وڃي ساڻس ٺاھہ ڪيو هو تڏهن آءٌ ٻاهر رهيو هوس، هينئر بجيٽ هلندي منھنجو ڪراچيءَ وڃڻ، لازماً چوٻول پيدا ڪري ها ۽ سندس رفيقن کي خبردار ٿيڻ جو موقعو ملي وڃي ها. مون نٿي گهريو تہ وقت کان اڳ وزارت کي اسانجن ارادن جو پتو پوي.
ڪوٽڙي اسٽيشن تي چانھہ پيئڻ لاءِ اڃا ڪنڌ مس ٻاهر ڪڍيو هو، تہ پريان مرحوم سائين ميران محمد شاھہ کي ايندو ڏٺم. ميران محمد شاھہ، ان زماني ۾ اسپيڪر هو ۽ سر غلام حسين جو حامي، توڙي جو رهندو جي. ايم سيد جي بنگلي ۾ هو، ۽ صلاح صلاحيت ۽ امن امان جي مصلحت ان کي بہ پيو ڏيندو هو. کيس ڏسي مان وري بہ ڪنڌ هيٺ ڪري لڪي پيس. اهڙيءَ ريت ڪراچيءَ پھچڻ تائين پورا چوڏهن ڪلاڪ، نہ ڪٿ ماني کائڻ لاءِ اٿيس نہ چانھہ جو ڍڪ نصيب ٿيم. جي. ايم. سيد جي بنگلي تي پھتس تہ ميران محمد شاھہ صاحب ات اڳ ۾ ئي پھچي چڪو هو‍! مون کي ڏسي گهڻو ئي ڪن اُڀا ڪيائين، پر مان ظاهر ڪندو رهيس تہ منھنجو اچڻ محض ڊاڪٽري علاج جي سلسلي ۾ ٿيو آهي ۽ ڊاڪٽر کي پاڻ ڏيکاري ڏينھن - اڌ ۾ وري واپس هليو ويندس. پر شاھہ صاحب کي وري بہ اطمينان ڪو نہ ٿيو. رات جي هڪ بجي تائين وچ ۾ ويٺو رهيو. جي. ايم. سيد ۽ مون کي اصلي ڳالھہ ٻولھہ ڪرڻ جو موقعو ئي ڪونہ ٿي مليو. نيٺ اسان مجلس برخواست ڪري وڃي سمھياسين. جڏهن ميران محمد شاھہ بہ وڃي سمھيو ۽ اسان کي خاطري ٿي تہ هو هينئر محو خواب آهي، تڏهن جي. ايم. سيد ۽ آءٌ موٽي اٿي اچي هڪ اونداهي ڪمري ۾ ويٺاسون ۽ وزارت تي رٿيل حملي واري نقشي کي آخري طرح نظر مان ڪڍيوسين. بجيٽ تي آخري ووٽنگ ۾ باقي ٻہ ڏينھن هئا. جي. ايم. سيد صاحب ڪانگريس ۽ نهچلداس وزيراڻيءَ واريءَ هندو پارٽيءَ سان اڳ ۾ ئي، هڪ اصلاحي پروگرام جي بنياد تي، ٺاھہ ڪري ڇڏيو هو. رٿ هيءَ هئي تہ ووٽنگ جي آخري گهڙيءَ تائين جيڪو ميمبر جنھن بينچ تي ويھندڙ هجي، اتي ويٺو رهي. مسٽر سڌوا، ڪانگريس پارٽيءَ جو پارسي ميمبر، عدم اعتماد جي اظھار لاءِ هڪ رپئي جو ڪَٽ موشن ڏئي. تقريرون فقط ڪانگريسي ميمبر ڪن. ٻيا سڀ خاموش رهن. جنھن وقت آخري ووٽنگ جو ٽائيم ٿئي، ان وقت سڀ باغي ۽ انقلابي ميمبر اٿي وزارت جي خلاف ووٽ ڏين.
ووٽنگ کان اڳئين رات تي حسب دستور، سر غلام حسين پنھنجن سمورن مددگار ميمبرن جي اعزاز ۾ ڊنر ڏني. سوال اٿيو تہ جي. ايم. سيد صاحب ان ڊنر ۾ شامل ٿئي يا نہ؟ ڪن جو خيال هو تہ جنھن صورت ۾ سر غلام حسين کي ٻئي ڏينھن تي ڪيرائڻو آهي، تنھن صورت ۾ هينئر ان جو نمڪ نہ کائجي. پر بحث مباحثي بعد هن نتيجي تي پھتاسون تہ جيڪڏهن سيد صاحب ڊنر ۾ شريڪ نہ ٿيندو، تہ هڪدم شڪ شبھا جاڳندا، ميمبرن تي وزارت پاران چوڪسي شروع ٿي ويندي، ڪن کي تہ عھدن جا پڻ واعدا ملندا، غرض ان هڪ غلط قدم ڪري ساري ڪئي ڪمائي ختم ٿي ويندي. تنھنڪري سيد صاحب ڊنر ۾ ضرور شريڪ ٿئي.
ڊنر کان پوءِ سيد جي بنگلي تي اسان جي آخري ميٽنگ ٿي، جنھن ۾ نهچلداس بہ اچي شريڪ ٿيو. اها ميٽنگ اڃا هلي رهي هئي تہ ٻاهران خبر ملي تہ کھڙو صاحب (1) اچي رهيو آهي. کھڙي صاحب جو نهچلداس کي آڌيءَ رات وڳڙي اسان وٽ ويٺو ڏسڻ خطرناڪ سمجهيو ويو، تنھنڪري مون نهچلداس کي اٿاري وڃي غسلخاني ۾ بند ڪيو. کيس سمجهائي ڇڏيم تہ جيستائين کھڙو هت آهي تيستائين پاڻ غسلخاني اندر ڪمونڊ کي ڪرسي بڻايون ويٺو هجي، جنھن ويلي کھڙو اٿي ويو تہ آءٌ فوراً در کولي اچي کيس ٻاهر ڪڍندس. کھڙي صاحب کي ڳالھين ڪندي ڪي ڪلاڪ گذري ويا، آخر پاڻ روانو بہ ٿي ويو، ۽ اسان کي اچي ورتو ننڊ. اها ڳالھہ ئي مورڳو وسري ويئي تہ ڪو نهچلداس غريب غسلخاني ۾ بند آهي ۽ سمهڻ کان اڳ کيس اتان آزاد ڪرڻو آهي. ڪنھن ويلي قضا حاجت لاءِ غسلخاني ۾ داخل ٿيس تہ ڏٺم نهچلداس باقاعدي ڪمونڊ تي ويٺو آهي. مون ساڻس گهڻي همدردي ڪئي. کيس چيم تہ ”هن وقت تائين کھڙي اٿڻ جو نالو ئي ڪونہ ٿي ورتو، تنھنڪري اسان بہ ويٺا رهياسين. معلوم ٿئي ٿو تہ وزارت پارٽيءَ کي ڪو شڪ جاڳيو آهي، جنھن جي تحقيق لاءِ کھڙي کي مقرر ڪيو هئائون. اسان بہ کيس ويھاري خوب ويساھہ ڏنا آهن. هو هينئر اٿي ويو آهي ۽ مون اچي در کوليو آهي.“
نهچلداس جي دماغ تي وزارت جو شوق چڙهيل هو، سو هُن اُن ساريءَ رات جي ڪشٽ کي تڇ برابر بہ ڪونہ سمجهيو. کلندو اٿي گهر ڏانھن روانو ٿي ويو. هلندي فقط ايترو سو پڇيائين تہ ”پروگرام تہ آل رائٽ آهي؟“
”بلڪل آل رائٽ.“
پروگرام جو هڪ حصو هيءُ بہ هو تہ سردار سهراب خان سرڪيءَ کي اسيمبليءَ ۾ اچڻ نہ ڏبو ۽ کيس موٽر ۾ ويھاري منگهي پير ڏانھن ڪڍي وڃي بند ڪبو.
آخري ڏينھن تي آءٌ بہ وڃي گيلريءَ ۾ ويٺس. وزارت کي ڪيرائڻ جو انتظام مڪمل ٿي چڪو هو. ڪلاڪ - ٻن کان پوءِ ووٽنگ ٿيڻي هئي، تنھنڪري وڌيڪ لڪل رهڻ بيڪار هو. ساڳيءَ شام ”سنڌ آبزرور“ اخبار لکيو تہ ”سنڌ جي لارينس (1) کي گيلريءَ ۾ ويٺو ڏسي اسان اڳ ۾ ئي تاڙي ويا هئاسين تہ اڄ وزارت جو خير ڪونہ آهي.“
شام جو پنج بجي ووٽنگ ٿي، هڪ ووٽ تي وزارت ڪِري پئي. سر غلام حسين مرحوم جوش ۾ اچي ”Treachery Treachery“ (دغا، دغا) پڪاريندو ٻاهر نڪري ويو. بدقسمتيءَ سان ورانڊي ۾ آءٌ سندس سامھون پئجي ويس. بزرگانہ انداز ۾ ڪافي تنبيھہ ڪيائين - چي، ”تو ئي اچي هيءَ دغا ڪرائي آهي. پر منھنجي دل کي ڪا پرواھہ ڪانہ آهي. ووٽنگ ڇا بہ هجي پر منھنجي وزارت ڪانہ ويندي.“
مون کيس وراڻي ڏني: ”سر صاحب، اوهان جيڪي بہ چئو پر خدا جي حڪم سان اوهان جي وزارت ويئي پئي آهي. ٻڪري جي ماءٌ ڪيستائين خير منائيندي رهندي.“
مرحوم جي دل صاف هوندي هئي، تنھنڪري زبان کي آزاد ڇڏي ڏيندو هو. ان ڏينھن، سندس ان خصوصيت جو مون کي ڪافي تجربو حاصل ٿيو.
گورنر، سر لانسلاٽ گراهم، سر غلام حسين جو دلي دوست هو، ۽ پنھنجن هٿن سان کيس وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي ويھاري چڪو هو، مگر وري بہ انگريز هو، ان ڪري قانون ۽ آئين جو پابند. ڏينھن - ٻن اندر ئي سر صاحب کان استعفا وٺي مخالف ڌر جي اڳواڻ خانبھادر ﷲ بخش کي سڏي وزيراعظم مقرر ڪيائين. انھن ڏينھن ۾ ڪل ٽي وزير ٿيندا هئا. نئين وزارت ۾ باقي ٻہ وزير ٿيا: پير الاهي بخش ۽ مسٽر نهچلداس وزيراڻي.
سنڌ جي وزارت جي ان پھرينءَ تبديليءَ جا ٻہ - ٽي ٻيا پھلو پڻ قابل ذڪر آهن:
مثلاً وزارت جي هڪ اميدوار کي جو اسان وٽ بند هو، سندس هڪ بزرگ اوچتو اچي پيرين اگهاڙو اسان وٽان ڀڄائي ويو. جڏهن وري هٿ آيو تہ اسان کيس وٺي وڃي راڻي باغ جي هڪ ڪنڊ ۾ لڪايو.
پير الاهي بخش صاحب وزير بڻيو تہ مون کي، بطور سيڪريٽريءَ جي، ساڻس وابستہ ڪيو ويو. پير صاحب ساريءَ سنڌ جو دورو ڪيو ۽ آءٌ سندس خدمت ۾ رهيس. ڪاموراشاهيءَ جي خلاف خوب تقريرون ڪيونسين. پير صاحب تہ کليل ميٽنگن ۾ ظالم ۽ رشوتي ڪامورن کي ڏنڊا بہ ڏيکاريندو رهيو. پبلڪ تي اثر تمام چڱو پيو، ماڻھن ۾ ڪجهہ همت پيدا ٿي. هزارن جي تعداد ۾ ڪامورن خلاف درخواستون ڏنائون، عملدار شاهيءَ کي ساريءَ سنڌ اندر ڏڪڻي وٺي ويئي. مجموعي طرح پڻ نئين وزارت ويھڻ شرط ٻہ - چار تمام دلپسند قدم کنيا: درٻارين ۽ ڪرسين جي سلسلي کي ختم ڪيو ويو، اسپيشل ماجسٽريٽن کي رخصت ڏني ويئي، لوڪل باڊيز مان ٿاڦيل ميمبر ڪڍيا ويا، مولانا عبيدﷲ سنڌيءَ کي جلا وطني ختم ڪري واپس سنڌ ورڻ جي اجازت ملي، ۽ سياسي قيدي آزاد ٿيا.
پر ٽن - چئن مھينن اندر نوڪرشاهي نئين وزارت تي قبضو ڪري ويئي. گورنر ۽ هيٺين عملدارن محسوس ڪيو تہ جيڪڏهن وزارت تي جي. ايم. سيد جو اثر وڌيڪ هليو تہ پوءِ ڪامورا شاهي ختم آهي، تنھنڪري ڪوشش ٿي تہ جي. ايم سيد ۽ ﷲ بخش کي هڪٻئي کان جدا ڪن. اوچتو ئي اوچتو مرحوم ﷲ بخش کي آماده ڪيو ويو تہ سکر بئراج ايراضي اندر ڍلون وڌائي. جي. ايم. سيد ڍلن جي مخالفت ڪئي. ﷲ بخش پنھنجي ڳالھہ تي قائم رهيو. هوڏانھن ڍلون زوريءَ وڌايون ويون، هيڏانھن جي. ايم. سيد ۽ اسان جي وزارت پارٽيءَ کان جدا ٿي وياسون. ڪانگريسي هندو، سيد جي علحدگيءَ جو فائدو وٺي، ﷲ بخش کي چنبڙي پيا.
جي. ايم. سيد ۽ اسان، ڪانگريسين جا اهي لڇڻ ڏسي، وڃي مسلم ليگ ۾ شامل ٿياسون ۽ ان کان پوءِ سنڌ اندر مسلم ليگ ۽ هندستان اندر پاڪستان تحريڪ جو بنياد پيو، جنھن جو تفصيل مناسب جاءِ تي ڏنو ويندو.
سر غلام حسين، اها حالت ڏسي،اچي اسان سان مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. مسلم ليگ پاران، ﷲ بخش وزارت کي ٽوڙڻ لاءِ هڪ ”وار ڪائونسل“ ٺاهي ويئي، جنھن جو اڳواڻ، منھنجي تحريڪ تي، سر غلام حسين مقرر ٿيو ۽ آءٌ پاڻ ان ”ڪائونسل“ جو سيڪريٽري چونڊيس. ”ڪائونسل“ جا ٻيا ميمبر هئا: جي. ايم. سيد، سر حاجي عبدﷲ هارون، خانبھادر کھڙو، شيخ عبدالمجيد، ۽ مسٽر محمد هاشم گزدر.
مرحوم سر حاجي عبدﷲ هارون، ۽ سر غلام حسين جا پاڻ ۾ سخت اختلاف هوندا هئا. انھن اختلافن پٺيان سر عبدﷲ هارون جو پنھنجو ڪو ذاتي مقصد ڪونہ هو. مرحوم پراڻو قومي ڪارڪن هو، سندس دماغي تشڪيل ئي هن طرح ٿي چڪي هئي تہ جيڪو بہ ماڻھو قومي تحريڪ لاءِ مفيد آهي سو سندس نظر ۾ چڱو ماڻھو آهي ۽ ان جي برعڪس جو بہ شخص ذاتي مقصدن کي قومي مقصدن تي ترجيح ڏئي ٿو، سو ايتريقدر خراب آهي جو ان سان هوند هڪ ٽيبل تي ويھي ماني بہ نہ کائجي. سر غلام حسين مرحوم سان، تنھنڪري، اڪثر ڪانہ پوندي هئس.
جنھن ڏينھن سر غلام حسين وار ڪائونسل جو چيئرمن چونڊيو ان ڏينھن، ميٽنگ مان اٿي، آءٌ سر عبدﷲ هارون کي ريلوي اسٽيشن تي ڇڏڻ لاءِ ويس. پاڻ شمله يا دهليءَ وڃي رهيو هو. صدر جي پليٽفارم تي پھچندي ئي سر عبدﷲ هارون، غصي وچان، وار ڪائونسل جا ڪاغذ مون کي اڇلائي ڏنا- چي، ”هينئر غلام حسين اڳواڻ ڪيو اٿوَ تہ پوءِ عبدﷲ هارون جي پٺيان ڇو پيا اچو“- مون دل ڀِڄائيندڙ اپيلون ڪيس. ﷲ بخش ۽ ڪانگريسين جي نئين سنٻنڌ سبب سنڌ جي مسلمانن لاءِ جي نوان خطرا پيدا ٿي چڪا هئا، تن کان کيس آگاھہ ڪيم. کيس يقين ڏنم تہ توڙي جو نالي ماتر سر غلام حسين اڳواڻ چونڊيو آهي، مگر حقيقي اڳواڻ پاڻ ئي رهندو. اسان سڀ سندس پئلڳ آهيون. سر غلام حسين کي محض مصلحتاً اهو اعزاز ڏنو ويو آهي، ڇو تہ سنڌ اسيمبليءَ اندر هو ئي ڪم ڏيئي سگهندو، وغيرہ وغيرہ. سر صاحب مرحوم نيٺ ٿڌو ٿيو ۽ فائيل موٽائي ورتائين. آءٌ ڪلمو ڀري واپس آيس. ان کان پوءِ ورندڙ جنوريءَ (1939ع) تائين (جڏهن سر غلام حسين اسان کي ڇڏي اوچتو ئي اوچتو وڃي ﷲ بخش سان شامل ٿيو) منھنجو فرض اهو رهيو تہ انھن ٻن شينھن سان هڪڙي ئي ٻيلي اندر منھن ڏيو ويٺو هجان ۽ کين هڪٻئي سان زور آزمائي ڪرڻ نہ ڏيان. ڪم مشڪل هو، پر پنھنجي طرفان پوري ڪوشش ڪندو رهيس.
ان وچ ۾ گهڻا ئي قصا ٿي گذريا. مسلم ليگ تحريڪ کي زور وٺرايو ويو. ڪراچيءَ ۾، آڪٽوبر 1938ع ۾، مسلم ليگ جي پھرين ڪانفرنس قائداعظم جي صدارت هيٺ سڏائي ويئي. ان ڪانفرنس ۾ پھرئين دفعي هيءُ ٺھراءُ پاس ڪيو ويو تہ جنھن صورت ۾ ڪانگريسي هندو مسلمانن سان ڪنھن بہ منصفانہ سلوڪ ڪرڻ لاءِ تيار نہ آهن، تنھن صورت ۾ مسلم ليگ کي پاڪستان قائم ڪرائڻ لاءِ ڪوشش شروع ڪرڻ گهرجي. پاڪستان اسڪيم جي تحقيق ۽ مقبوليت لاءِ ڪاميٽي ٺھي، جنھن جو چيئرمن مرحوم عبدﷲ هارون ۽ سيڪريٽري آءٌ مقرر ٿيس. سنڌ پراونشل مسلم ليگ جو پايو پيو، جنھن جو پڻ عبدﷲ هارون صدر ۽ آءٌ سيڪريٽري چونڊيس - وغيرہ وغيرہ.
ايندڙ جنوريءَ تائين ٻہ - چار ڳالھيون بلڪل ظاهر ٿي چڪيون:
(1) مسلم ليگ جو وڌندڙ زور ڏسي، ڪانگريسي ﷲ بخش مرحوم جا پير جهلي بيھي رهيا،
(2) سنڌ جا اڪثر وڏيرا ايم. ايل. اي. ﷲ بخش وزارت جا مددگار رهيا،
(3) وزارت جي ڪِرڻ جو ڪو امڪان باقي ڪونہ بچيو.
(4) مسلم ليگ تحريڪ اندر سر عبدﷲ هارون جو اثر ۽ رتبو وڌندو ويو، ۽ سر غلام حسين لاءِ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ نا اميديءَ جي فضا پيدا ٿيندي ويئي.
(5) سر غلام حسين کي زندگيءَ ۾ پھريون دفعو يڪا ڏھہ مھينا وزارت ۽ اقتدار کان ٻاهر رهڻو پيو، ۽ کيس اڳ لاءِ ڪا بہ گهڻي اميد ڪانہ رهي، ڇو تہ هن محسوس ڪري ورتو تہ جيڪڏهن مسلم ليگ کي ڪنھن موقعي تي وزارت ٺاهڻ جو موقعو بہ مليو، تہ جناح صاحب وڏي وزيري کيس نہ ڏيندو، پر جي. ايم. سيد يا عبدﷲ هارون جي حوالي ڪندو،
(6) سر صاحب جي ساٿين ۽ حامي عملدارن تي مشڪل گهڙيون اچي ويون هيون، تقريباً ڏھہ مھينا انھن پونئرن کي پاڻي ڪونہ مليو هو، سڀني مڙي مٿس زور آڻڻ شروع ڪيو تہ ليگ کي ڇڏي، ﷲ بخش سان ٺاھہ ڪري، ننڍي وزيري ئي هٿ ڪجي، جيئن وڌيڪ وقت لاءِ کيس ”اقتدار“ کان ٻاهر رهڻو نہ پوي.
جنوريءَ (1939ع) ۾ اسيمبلي - اجلاس ٿيڻو هو. اسان پنھنجي پاران خوب تياريون ڪيون، ﷲ بخش وزارت ۽ سندس مددگار ميمبرن تي اثر وجهڻ جون. سر غلام حسين ناتال جي موقعي تي بمبئيءَ ويو. ويندي مون کي چوندو ويو تہ اسيمبليءَ جي اجلاس وقت گئلريءَ ۾ پبلڪ کي آڻي ويھارڻ جو بندوبست اڳواٽ ڪري ڇڏيان. ريل ۾ ويھڻ وقت بہ چٺي لکي ڇڏي ويو تہ مسلم ليگين لاءِ گهڻي ۾ گهڻيون گئلري - پاسون ڪڍرائي رکان. اسان سڀني کي يقين ٿيو تہ سر صاحب بلڪل پختو آهي. انھن ڏينھن تائين پارٽين بدلائڻ جو رواج اڃا ڪونہ پيو هو، تنھنڪري اسان جي تصور ۾ بہ ڪونہ ٿي آيو تہ سر صاحب جي پايي واري ليڊر کان ڪا لغزش واقع ٿيندي، ۽ هو ساڳئي ﷲ بخش کان، جنھن کيس وزارت مان لاٿو هو، ننڍي وزيري وٺي، پنھنجي جماعت کي پُٺي ۾ ڇُري ۽ اقرارن تي ٻُڙي ڏيئي ويھي رهندو.
اجلاس کان اڳئين ڏينھن تي هو بمبئيءَ کان واپس آيو ٻئي ڏينھن اجلاس شروع ٿيو. پاڻ مخالف بينچن تي، بطور اپوزيشن ليڊر جي ويٺو رهيو. وزارت خلاف عدم اعتماد جي رٿ پيش ٿي، پاڻ اُٿي ان جي پٺڀرائي ڪيائين.
ٻئي ڏينھن جي اجلاس ۾ مورڳو شامل ئي ڪونہ ٿيو.
ٽئين ڏينھن اجلاس ۾ آيو، پر سڌو اچي وزارت جي بينچن تي ويھي رهيو. ۽ جڏهن مسلم ليگين طرفان تعجب، حيرت ۽ قدري نفرت جو اظھار ٿيو، تہ جوش ۾ اچي کين ٻہ - ٽي سخت جملا چئي ڏنائين، ۽ اڳتي هلي، ساڳئي عدم اعتماد واري ٺھراءَ تي ووٽنگ ٿي تہ پنھنجو ووٽ وزارت جي فائدي ۾ ڏنائين. ان کان پوءِ، ٻن - چئن ڏينھن اندر هوم منسٽر بڻيو، ۽ 1942ع تائين ﷲ بخش سان گڏيو رهيو.
1942ع ۾ ﷲ بخش کي انگريزن ڊسمس ڪيو تہ پاڻ ان جي جاءِ تي وزيراعظم بڻيو ۽ ٿورن ئي ڏينھن اندر دوباره مسلم ليگ ۾ داخل ٿيو. ان کان پوءِ، رفتي رفتي، حالتون پڻ مسلم ليگ لاءِ سازگار ٿينديون ويون ۽ سر صاحب مرحوم پنھنجي باقي زندگيءَ جا ڇھہ - ست سال مسلم ليگ اندر ئي خاصو مقام وٺيو، ويٺو رهيو. وقت گذرندي، جناح صاحب جو پڻ ڀروسو ٿي ويو. عبدﷲ هارون مرحوم ان وچ ۾ انتقال ڪري ويو هو. جي. ايم. سيد ۽ مون کي تہ مورڳو مسلم ليگ مان ڪڍي ڇڏيو هئائون، ڇو تہ اسين، سنڌ جي قيادت سر غلام حسين جي سپرد رهي، تنھن جي سخت مخالفت ڪندا ٿي رهياسين، ۽ آخر بيزار ٿي، کليل بغاوت بہ ڪئي هئيسين.
سر غلام حسين مرحوم پڇاڙيءَ ۾ فنا في المسلم ليگ جو درجو حاصل ڪري چڪو هو. ڪئبينيٽ مِشن جي پلان خلاف، 1946ع ۾ مسلم ليگ سڌي قدم جو فيصلو ڪيو، تہ ان تجويز جو پيش ڪندڙ پاڻ بڻيو. نہ فقط ايترو، بلڪ انگريزن جي لقبن ڇڏڻ لاءِ پڻ رٿ ڏنائين، ۽ سڀ کان اول خاص پنھنجن لقبن (خانبھادر، ڪي. سي. ايس. آءِ. وغيرہ) اڇلائڻ جو فيصلو ڪيائين. ساري هندستان جي مسلمانن اندر واه واه ٿي ويئي. سر صاحب ساريءَ قوم جو هيرو بڻجي ويو. اسين سنڌ جا اصلوڪا مسلم ليگي، محض واجهائيندا ۽ جُتيون چٽخائيندا رهجي وياسين.
اهڙي هئي سر صاحب مرحوم کي ”وقت جي سڃاڻ“، ۽ ايتريقدر عملي هئي سندس سياست! انگريز هئا، تہ پاڻ اڳ ۾: ﷲ بخش ۽ ڪانگريس جو زور ٿيو، تہ بہ پاڻ وچ ۾: مسلم ليگ جو وارو وريو، تہ مورڳو ساريءَ ملت اسلاميه جي مٿي جو موڙ!
سر غلام حسين مرحوم جي ڪاميابيءَ جو راز سندس ڪھڙين وصفن ۾ سمايل هو، تنھن تي مون گهڻو غور ڪيو، ۽ آخر هيٺين نتيجن تي پھتس:
(1) فيصلي جو صحيح ٽائيم مقرر ڪرڻ. مثلاً، سياسي وڳوڙ جي ابتدا ٿي ۽ مخالف ڌر سندس وزارت ڪيرائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون. ڪيڏو بہ هل مچي ويو، سنگتين ۽ ساٿين اچي خبرون پھچايس تہ وزارت وڃي رهي آهي، ۽ مخالفن، ميمبر سڀ ڦيرائي ڇڏيا آهن، وغيرہ وغيرہ، مگر پاڻ پيو فقط کلندو ۽ ساڻن چرچا گهٻا ڪندو. چي، ”آءٌ فقير آهيان، خدا منھنجي مدد ڪندو.“ شام بنان ناغي ”ڪراچي ڪلب“ ۾ ويندو ۽ آفيس ۾ وڃڻ بہ چالو رکيو ايندو، سندس منھن مان ڪا بہ پريشاني ظاهر ڪانہ ٿيندي. مخالف، سندس اهڙيءَ بيپرواهيءَ کي بيخبري تي محمول ڪري، وڌيڪ جرئت سان وزارت ڪيرائڻ جو ڪم هلائيندا رهندا. سر صاحب ويٺو سندن مخالفت جي نقشي تي ويچار ڪندو. ۽ پنھنجي پاران اوستائين ڪو قدم نہ کڻندو، جيستائين مخالفن پنھنجو سارو نقشو ظاهر نہ ڪري ڇڏيو آهي. ان کان پوءِ، آخري ساعت تي هڪڙو ئي گهاتڪ ڌڪ هڻندو، جنھن جي وسيلي مخالف ڌر جي ساريءَ ڪئيءَ ڪمائيءَ تي پاڻي ڦيرائي ڇڏيندو. سندس طريقه ڪار اهو هو تہ ”اڳواٽ پريشان نہ ٿجي. مخالف کي ڊگهي رسي ڏجي تہ ڀل پنھنجو سارو منصوبو ظاهر ڪري بيھي رهي. ان کان پوءِ آخري گهڙيءَ تي قدم کڻجي، ۽ اهو قدم اوچتو کڄي، زبردست هجي، ۽ ان جو سارو زور منصوبي واريءَ زنجيريءَ جي ڪمزور ترين ڪڙيءَ تي اڇلائي وجهجي“. سندس ساريءَ سياسي زندگيءَ اندر، سندس اهو طريقه ڪار هڪڙو دفعو بہ ناڪامياب ٿيندو نظر نہ آيو.
(2) ننڍين ننڍين ڳالھين ۾ انتقام ۽ بدلو وٺي، نہ دشمنن جو تعداد وڌائجي ۽ نہ دشمنيءَ ۾ تيزي پيدا ٿيڻ ڏجي. دنيا تي عام اثر اهو ويھارجي تہ ”سر صاحب نيڪدل انسان آهي، ساڻس بڇڙائي ڪجي ٿي تہ بہ پنھنجي پاران چڱائي ڪريو ڇڏي“. سخت دشمني ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن ساڳيو دشمن ڪنھن ڪم لاءِ هلي ويس تہ پھريائين جوش وچان ڪجهہ قدر گهٽ - وڌ چوندس، مگر ان سان گڏوگڏ ڪم بہ ڪري ڏيندس. مانيءَ جو وقت هوندو تہ ماني بہ کارائيندس ۽ کيس هي بہ ٻڌائي ڇڏيندو تہ ”تنھنجا فلاڻا وڏا منھنجا دوست هوندا هئا، مون سان هر طرح وفاداري ڪندا رهيا. سندن فلاڻو مقدمو ٿيو، جنھن ۾ مون سندن مدد ڪئي هئي. تنھنجا بزرگ تمام مھربان هوندا هئا. تون ئي هڪ اهڙو شخص پيدا ٿيو آهين، جنھن پنھنجن وڏن جي دوستن سان بيوفائي شروع ڪري ڏني آهي.“ ڪم ٿيڻ ۽ مانيءَ کائڻ کان پوءِ اهو ماڻھو گهڻي وقت تائين دغدغي ۾ پيو رهندو.
(3) مھماننوازي سندس خاص وصف هئي. في الحقيقت، دسترخوان جي ڪشادگيءَ وسيلي ئي هن پھرئين زماني ۾ اثر پيدا ڪيو هو، ۽ بعد ۾ ان اثر کي قائم رکيو آيو.
(4) مخالف کي ڌڪ نہ هڻندو، پر جي هڻندو تہ بلڪل ڪاري، ۽ حتي المقدور اڻسڌو - پڇاڙيءَ تائين کيس پنھنجنّ ارادن جي خبر پوڻ نہ ڏيندو. کھڙو صاحب سندس ڪئبينيٽ جو ميمبر هو، پر سر صاحب محسوس ڪيو تہ اڳتي هلي کھڙو کيس تڪليف رسائيندو. اوچتو ئي اوچتو ﷲ بخش مرحوم جي خون جي جانچ شروع ٿي ويئي، نئين سر، تقريباً هڪ سال کان پوءِ. جانچ جو رخ هن دفعي کھڙي جي خلاف هو، پر کھڙو وري بہ سر صاحب سان صلاح مصلحت ڪندو رهيو. اوچتو ئي اوچتو، هڪ ڏينھن گورنر کھڙي صاحب کي گهرائي کانئس وزارت جي استعفا ورتي، ۽ ساڳئي ڏينھن (يا وڌ ۾ وڌ ٻئي ڏينھن) پوليس اچي کيس گرفتار ڪيو. ٻارهن مھينا ڪيس هلندو رهيو، ۽ کھڙو صاحب جيل ۾ بند رهيو. ان وچ ۾ مسلم عوام جي همدردي کھڙي صاحب سان پيدا ٿي ويئي، ۽ جڏهن ڪيس مان آزاد ٿي بطور ڪامياب هيرو جي ڪراچيءَ رسيو تہ سندس استقبال لاءِ اسٽيشن تي سر غلام حسين صاحب خود موجود هو ۽ کيس جلوس ۾ وٺي آڻي گهر پھچايائين. ان کان پوءِ چونڊون ٿيون، کھڙو صاحب ۽ سر غلام حسين ساڳيءَ ڪئمپ ۾ رهيا، ۽ اليڪشن جي ڪاميابيءَ بعد کھڙو صاحب دوباره سندس ڪئبينيٽ ۾ وزارت وٺي ويھي رهيو. سر صاحب وري ساڳيءَ ڪئبينيٽ جي هڪ ٻئي ميمبر، مسٽر محمد هاشم گزدر تي ناراض ٿي پيو. اوچتو ئي اوچتو، قائداعظم وٽان بمبئيءَ مان حڪم اچي ويو تہ گزدر استعفا ڏيئي ٻاهر نڪري وڃي، ٻيءَ صورت ۾ کيس وزارت مان ڊسمس ڪرايو وڃي. گهڻيون ئي اپيلون ڪيون ويون، گهڻا واجهہ وڌا ويا، مگر جناح صاحب باز نہ آيو، ۽ ٻن ڏينھن اندر گزدر صاحب کي ٻاهر نڪرڻو پيو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سر صاحب گورنر مقرر ٿيو، ۽ کھڙو صاحب سنڌ جو چيف منسٽر. ٻنھي جي وچ ۾ سخت اختلافات پيدا ٿي پيا. قائداعظم پاڻ سر غلام حسين کي اجازت ڏني تہ کھڙي صاحب کي ڊسمس ڪري مٿس (بدانتظامي وغيرہ جي الزامن جي سلسلي ۾) ڪورٽ آف انڪوائري ويھاري. ان وچ ۾ قائداعظم ۽ سر غلام حسين ٻنھي جو انتقال ٿي ويو، پر کھڙي صاحب لاءِ ان کان پوءِ بہ اِها پيڙا ڪيتري عرصي تائين هلندي رهي. جڏهن سر صاحب جو انتقال ٿيو تہ کھڙو صاحب بہ جنازي سان گڏجي عيدگاھہ واري قبرستان تائين هليو، ۽ اتي ٻين وانگر پاڻ بہ قرآن مجيد ڪڍي ويھي پڙهڻ لڳو. دعا ڪھڙي گهريائين، تنھن جو مون کي پتو ڪونہ رهيو، پر ايصال ثواب جي سلسلي ۾، ٻين وانگر، سندس هٿ پڻ فضا ۾ متحرڪ رهيا.
(5) خوشيءَ خواھہ غم جي اثر کي ڳوڙهو وڃڻ ڪونہ ڏيندو هو. وڏي ۾ وڏو صدمو تڏهن رسيو، جڏهن سندس هوم منسٽريءَ جي زماني ۾ حرن، ٽنڊي آدم وٽ، لاهور ميل ڪيرائي، سندس فرزند کي بيگناھہ شھيد ڪري ڇڏيو. ماڻھن سمجهيو ٿي تہ ان صدمي جي بار هيٺ سر صاحب ختم ٿي ويندو، مگر جلد ئي کين راءِ بدلائڻي پئي. سر صاحب کي ڏک رسڻ لازمي هو، ۽ واقعي ڏک بہ سخت رسيس، مگر سندس زندگيءَ جي معمولات ۾ ڪو بہ فرق ڪونہ آيو. بدستور صبح جو آفيس ۾ ويندو رهيو، ۽ شام جو ڪراچي ڪلب ۾. سندس فرزند جي شهادت 1942ع ۾ ٿي، ۽ سندس پنھنجو انتقال ان کان ڇھہ سال پوءِ، يعني 1948ع ۾.
(6) خانگي ۽ غير سياسي دوستن سان ڏاڍو نيبھہ ڪندو هو. اوائلي عمر ۾ جيڪي دوست ٿيس، انھن سان پڇاڙيءَ تائين ڳنڍيو آيو.
(7) ڪامورن ۽ عملدارن جي عزت ڪندو هو ۽ انھن کي هٿ ۾ رکندو هو. جيتريقدر ٿي سگهندس، ڪنھن بہ عملدار جي مرضيءَ خلاف، سندس ڪم ۾ دست اندازي نہ ڪندو، ۽ نہ جهٽ ۾ ناراض ٿي نقصان ئي پھچائيندس. پر وقت پئي جيڪڏهن منجهانئن ڪنھن کي ڪو حڪم ڪندو تہ ان جي تعميل ۾ اهو عملدار مرڻ جيئڻ جي بنھہ ڪانہ ڪندو.
(8) طاقت جو وقت سر، جيڪو بہ مرڪز هوندو، سر صاحب جا ان سان بھترين تعلقات هوندا. جيستائين طاقت جو منبع بمبئيءَ جو گورنر هو، سر صاحب ان جو معتمد خاص هوندو هو. سنڌ جدا ٿي تہ وري بہ اصلي طاقت جو سر چشمو گورنر سنڌ ئي رهيو، ۽ جيڪو بہ گورنر آيو سو سر صاحب جو سرپرست ٿي رهيو. ان کان پوءِ آيو دؤر قائداعظم ۽ پاڪستان جو. ان دؤر اندر بہ سر صاحب سخت اعتبار جي قابل سمجهيو ويو. جنھن ڳالھہ ۾ سر صاحب مرحوم کي خاص ملڪو هوندو هو، سا هيءَ تہ کيس وقت کان گهڻو اڳ محسوس ٿي ويندو هو تہ طاقت جو رخ ڪھڙي طرف ڦري رهيو آهي، ۽ ان احساس جي بنياد تي هو وقت کان اڳ ۾ ئي پنھنجا تعلقات ان ڌر سان پيدا ڪري ڇڏيندو هو. سياسي موسم شناسيءَ (political metereology) ۾ سندس ثاني مون ڪونہ ڏٺو آهي، حالانڪ ان فن ۾ مھارت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش گهڻا ئي سياسي همعصر ڪندا پئي رهيا آهن.
(9) دفتري ڪم (فائيل پڙهڻ ۽ نوٽ لکڻ) سندس پرسنل اسسٽنٽ (مسٽر ڪارڊيرو) جي سپرد هوندو هو، ۽ انتظامي معاملات سيڪريٽرين جي حوالي. جيڪڏهن پاڻ کي ڪو خاص ڪم ڪرڻو هوندو هوس، تہ بہ اشارو سيڪريٽرين کي ئي ڪري ڇڏيندو هو. پاڻ پنھنجو وقت سياسي معاملات متعلق غور يا فڪر ڪرڻ تي صرف ڪندو رهندو هو. کيس چڱيءَ طرح معلوم هو تہ جيڪڏهن ڪنھن پارٽي - ليڊر يا وزير سياست بہ هلائي ۽ ساڳئي وقت دفتري ڪم بہ پنھنجي سر تي کنيو، تہ کيس سوچڻ لاءِ ڪو بہ وقت نہ ملندو، ۽ خبر تڏهن پونديس، جڏهن اوچتو وڃي ڪنھن کڏ ۾ ڪِرندو. پاڻ ابتدا ۾ ئي ماڻھو قابل اعتماد هٿ ڪندو هو، ۽ ان کان پوءِ کين ڪم هلائڻ لاءِ ڊگهي رسي ڏيئي ڇڏيندو هو- ۽ ان ڪري سندس زيردست کانئس خوش بہ هوندا هئا- هر ڪو ائين پيو سمجهندو هو تہ سر صاحب جو منجهس پورو پورو ڀروسو آهي، ۽ تنھنڪري سر صاحب جو پاور ۾ رهڻ گويا سندس پنھنجو پاور ۾ رهڻ آهي. مسٽر ڪارڊيرو سر صاحب جي اوائلي وڪالت وارن ڏينھن کان وٺي ساڻس وابستہ رهيو هو، ۽ پڇاڙيءَ تائين کانئس ڪو نہ ٽُٽو. سر صاحب پاران لکپڙهن نيڪال ڪرڻ ۽ فائيلن تي نوٽن لکڻ جو سمورو ڪم ڪارڊيرو ڪندو هو. مون پنھنجين اکين سان ڏٺو تہ ڪن ڪاغذن تي هو سر صاحب جي صحيح بہ پاڻ ئي ڪري ڇڏيندو هو. ڪمال اهو هو تہ پنجٽيھن سالن جي تعلق اندر ڪارڊيري کان اهڙو ڪو بہ فعل سرزد ڪونہ ٿيو، جنھنڪري پنھنجي آقا جو اعتبار وڃائي ويھي.
(10) سر صاحب هر شام سنڌي نموني جي ڪچھري ڪندو هو، يار دوست، ڪامورو ڪڙو، وڪيل وڙو، آيو ويو، پيو وٽس ڍرندو هو. پاڻ ويٺو خبرون پڇندو، ڳالھيون ٻڌندو، ۽ کل مذاق ڪندو. ان ڪچھريءَ جي ذريعي، روزاني کيس ساري ملڪ جو واءُ سواءُ گهر ويٺي پيو معلوم ٿيندو هو.
سر صاحب جي رهڻي ڪرڻي صاف سٿري هوندي هئي. ڪپڙا سٺا پھريندو هو. کائيندو چڱو چوکو هو. ڪنھن بہ وقت وٽس وڃبو تہ ٻہ - چار قسم ماني تيار ملندي، ۽ روزاني جي ضرورت کان وڌيڪ انداز ۾ ٺھيل هوندي. مھمان کي ماني کارائيندي کيس خوشي محسوس ٿيندي هئي.
نہ وري مغرور يا متڪبر ئي هو. هڪ دفعي مون کي ڪنھن پارٽيءَ جي سلسلي ۾ دوستن لاءِ ڪارڊ وٺڻا هئا. مون وڃي کيس چيو. پاڻ گهر جا ڪپڙا پھريو ويٺو هو، پاجامو ۽ سنھو لنڊو ململ جو پيرهن. مرحوم انھيءَ حال ۾ ئي موٽر ۾ چڙهي هلي مون کي ڪارڊ وٺي ڏنا.
سياسي طور تي آءٌ هميشہ سندس مخالف رهيس. پر ان هوندي بہ وقت پئي مون کي ڪڏهن ڪونہ ڏکويائين. منزلگاھہ فسادن جي زماني ۾ مون هڪ ڪتاب لکيو، جنھن ۾ ڄاڻايم تہ ان ساريءَ خونريزيءَ جي جوابداري سنڌ وزارت تي آهي ۽ ان وزارت اندر لا ائنڊ آرڊر جو پورٽفوليو سر صاحب جي حوالي آهي. اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ان ڪتاب جو ذڪر آيو. پاڻ جوش مان اٿي، سر عبدﷲ هارون ۽ مون لاءِ گهڻو گهٽ - وڌ چيائين. ماڻھن سمجهيو تہ هاڻي ”لڳو ڌڪڙ تي اٽو“، پر ٿيو ائين ڪونہ. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ منھنجي ساڻس ملاقات ٿي: ساڳي خنده پيشاني، ساڳي نوڪ جهوڪ، گويا ياد ئي ڪونہ هوس تہ مون ڪو اهڙو ڪتاب بہ لکيو هو.
موسيقيءَ ۽ ڪلب لائيف کان سواءِ کيس ٻيو ڪو بہ شوق ڪونہ هو، تنھنڪري ورزش کان پري رهيو. پر ان هوندي بہ سندس صحت تمام چڱي هوندي هئي. هر صبح فقط تيل - مالش ڪرائيندو هو، ۽ ان ڪم لاءِ هڪ خاص ملازم رکيل هوس.
1938ع جي آڪٽوبر مھيني ۾، ڪراچيءَ جي عيدگاھہ ميدان تي مسلم ليگ جي ڪانفرنس ٿي. سر صاحب انھن ڏينھن ۾ مسلم ليگ ۾ شامل هو. پر ڪانفرنس جي انتظامي يا استقباليہ ڪاميٽيءَ ۾ کيس ڪو عھدو ڏنل ڪونہ هو. ڪانفرنس شروع ٿيڻ وقت عھديدارن بخمل جون رنگين بئجون پنھنجن ڪوٽن تي چسپان ڪيون. سر صاحب جي نظر بئجن تي پئجي ويئي، پڇيائين، ”منھنجي بئج ڪٿي آهي؟“ ڪنھن ماڻھوءَ جواب ڏنس تہ ”اوهين استقباليہ ڪاميٽيءَ جا عھديدار نہ آهيو، تنھنڪري اوهان لاءِ ضروري نہ آهي تہ ڪا بئج لڳايو.“
”پر مون پنج سؤ (يا هزار) رپيا چندو جو ڏيڻو ڪيو آهي؟“
”چندي تي بئج نہ ملندي آهي.“
بس، پوءِ تہ سر صاحب غصي ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. سر عبدﷲ هارون (چيئرمين استقباليہ ڪاميٽي) کي، مون کي، ۽ ٻين مسلم ليگين کي، ڪيترائي لقب ڏيندو، ڪانفرنس ڇڏي هليو ويو. ڪجهہ وقت بعد مون کي خبر پئي تہ سر صاحب بئج جي ڳالھہ تي ڪاوڙجي پيو آهي. آخر، جيتريقدر مون کي ياد پوي ٿو، شايد جي. ايم. سيد، يا ڪو ٻيو مسلم ليگي کيس بئج لڳائي، منٿ ميڙ ڪري، واپس ڪانفرنس ۾ وٺي آيو.
انھن ڏينھن ۾ هڪ دفعي جناح صاحب پنھنجيءَ جاءِ رهائش (سر عبدﷲ هارون جو وڪٽوريا روڊ وارو بنگلو) تي مسلم ليگي اسيمبلي ميمبرن جي ميٽنگ سڏائي. ان مقصد لاءِ تہ پارٽي جا عھديدار سندس موجودگيءَ ۾ چونڊيا وڃن. ان زماني ۾ امڪان پيدا ٿيو تہ شايد ﷲ بخش مرحوم استعفا ڏئي ۽ نئين وزارت ٺاهڻ جو موقعو مسلم ليگ کي ملي. ميٽنگ اندر گفتگو هلندي، سر غلام حسين مرحوم محسوس ڪري ورتو تہ جناح صاحب پارٽيءَ جو ليڊر جي. ايم.سيد کي چونڊائڻ گهري ٿو، ۽ نہ کيس. جناح صاحب پاڻ ان حد تائين ظاهر ڪري ڏنو تہ جيڪڏهن ليڊريءَ لاءِ سر غلام حسين جو نالو پيش ٿيو تہ پاڻ مورڳو ميٽنگ ئي ڇڏي هليو ويندو. اها حالت ڏسي سر صاحب، حسب دستور غصي ۾ پئجي، intrigue intrigue (سازش! جوڙ توڙ!) پڪاريندو، اٿيو هليو ويو.
اسان پاڻ اهو ئي ٿي گهريو تہ سر غلام حسين دوباره سنڌ جو وزيراعظم نہ ٿئي، ڇو تہ جنھن انقلاب جي درپئي اسين هئاسين، سو انقلاب سندس هٿان ٿيڻ بلڪل ممڪن نہ هو. جيتوڻيڪ ان ڏينھن سر غلام حسين ميٽنگ کي بائيڪاٽ ڪري هليو ويو، مگر ڪجهہ خطرو اڃا موجود هو تہ شايد، اتحاد خاطر، جناح صاحب خود کيس ليڊري ڏيئي وري موٽائي آڻي، ۽ چيف منسٽري سندس ئي سپرد ڪري.
ٻئي صبح تي، سر عبدﷲ هارون وٽ جناح صاحب جي اعزاز ۾ ناشتي جو انتظام ٿيو. آءٌ بہ ٽيبل تي موجود هوس. سر غلام حسين جي ڳالھہ نڪتي. مون وڏي واڪي چئي ڏنو تہ ”سر غلام حسين ظاهر ڪري رهيو آهي تہ هو قائداعظم کي ان راءِ تان باز آڻيندو، ۽ ان مقصد لاءِ هو کيس سندس ڀيڻ، يعني مس فاطمه جناح، کان سفارش ڪرائيندو.“
منھنجو ايترو چوڻ ۽ جناح صاحب غصي ۾ اچي ويو. وڏي گرجدار آواز ۾ چيائين: ”جيڪڏهن منھنجي ڀيڻّ اهڙي ڪا ڳالھہ مون سان ڪئي تہ آءٌ سندس ڳچي مروٽي ڇڏيندس.“
سر غلام حسين توڙي جو ميٽنگ ڇڏي ويو هو، مگر ان هوندي بہ سردست مسلم ليگ تان استعفا ڪانہ ڏنائين، ۽ نہ وري مسلم ليگ ئي انھن ڏينھن ۾ وزارت ٺاهي سگهي. اهو زخم سر غلام حسين پنھنجيءَ دل اندر سانڍي رکيو. ﷲ بخش سان صلح جون ڳالھيون هلايائين. ايندڙ جنوريءَ ۾ جڏهن اسيمبلي اجلاس شروع ٿيو تہ اوچتو مسلم ليگ ڇڏي وڃي ﷲ بخش پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو، ۽ اتان هوم منسٽري حاصل ڪيائين. ان واقعي جو ذڪر ٻيءَ جاءِ تي ٿي چڪو آهي.
ان کان پوءِ زمانو گذرندو ويو. هڪڙو ڏينھن اهڙو بہ آيو، جڏهن ساڳيو سر غلام حسين، ساڳئي قائداعظم جو معتمد خاص بڻجي ويو، ۽ ساڳيءَ مسلم ليگ مان، ساڳيو جي. ايم. سيد، ساڳئي قائداعظم هٿان خارج ڪيو ويو‍!
ايتريقدر بي پناھہ، ۽ اهڙي گهاتڪ هوندي هئي سر صاحب مرحوم جي پاليٽڪس!
قد جو پورو پُنو ۽ جسم ۾ ڀريل هوندو هو. هٿ نسبتاً ننڍا، نرم ۽ نازڪ، رنگ ڀورو. اڪثر چوندو هو تہ ”بابا، آءٌ فقير آهيان، مون سان نہ ڦٽايو، مون کي ستائي سک نہ پائيندؤ.“
مرحوم پنھنجو وارو وڄائي ويو، زندگيءَ جو مقصد جيڪو مقرر ڪيائين، سو ”ازمهد تالحد“ ماڻيندو رهيو. ڪراچيءَ ۾، بندر روڊ تي، عيدگاھہ ميدان جي هڪ ڪنڊ ۾ مدفون آهي.

ڪريم بخش ٽانوري

جيڪڏهن ميان ڪريم بخش ٽانوريءَ جي وقتي مدد نہ پھچيم ها تہ منھنجي اخبار نويسي اُپڙي ئي ڪانہ ها، ۽ آءٌ بطور اخبار نويس جي اسٽيج تي اچي ئي ڪونہ سگهان ها.
سال 28 - 27 - 1926ع ۾، حنفي ۽ وهابي علمائن ۽ پيرن جي وچ ۾ سخت جهيڙو ڇڙي پيو هو. سڪون جا ڏينھن هئا، حڪومت انگريزن جي سپرد، انتظام سٺو، امن امان، کاڌي پيتي جي ڪا تڪليف ڪانہ، ملڪ ۾ هر شي سھانگي ۽ عام، تنھنڪري مذهبي ۽ فرقيوارانہ ڇيڙ ڇاڙ لاءِ وقت تمام موزون ٿي پيو. جيڪڏهن ستت ئي هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ فساد شروع ٿي نہ پون ها، تہ مسلمانن جا اهي باهمي جهيڙا هوند ڪو وڏو خلم مچائين ها.
جن ڏينھن جو آءٌ قصو ڪري رهيو آهيان، انھن ڏينھن ۾ سنڌ جا علما ِّ ۽ مذهبي رهبر ٻن پارٽين ۾ ورهائجي ويل هئا. هڪ پارٽي، يعني غير مقلد پارٽي، جي روح روان ”الوحيد“ اخبار هئي. مولانا دين محمد صاحب ”وفائي“ مرحوم ان جو ايڊيٽر هو. حنفين سان، جن کي جهيڙي جي زبان ۾ ”بدعتي“ سڏيو ٿي ويو، مولانا مرحوم جي بنھہ ڪانہ ٿي پيئي. سندس مددگار ٻيا بہ ڪيترا علما ِّ هئا، جيڪي حنفين خلاف چوطرف وعظ ڪندا ٿي وتيا.
”الوحيد“ جي مقابلي ۾، حنفي حضرات ”الحنيف“ نالي هڪ هفتيوار پرچو شڪارپور مان جاري ڪرايو. مرحوم مغفور حضرت پير آقا محمد حسن جان صاحب سرهندي (ٽنڊو سائينداد، ضلعو حيدرآباد) حنفي جماعت جا اڳواڻ هئا. انھن جي سرپرستيءَ هيٺ، ”الحنيف“ جو اجراءُ عمل ۾ آيو، ۽ ان مقصد لاءِ هڪ پريس بہ قائم ڪئي ويئي. ان پريس جو مئنيجر، ۽ ”الحنيف“ اخبار جو ايڊيٽر، ميان ڪريم بخش ٽانوري بڻيو. پريس لاءِ نو شھري دروازي جي قريب عام رستي تي، هڪ خوبصورت ۽ وسيع عمارت هٿ ڪئي ويئي هئي.
آءٌ، 1926ع ڌاري، ”الراشد“ نالي هڪ ماهوار رسالو جاري ڪري چڪو هوس، جنھن جا پھريان پرچا ”سنڌ زميندار“ پريس سکر مان ڇپارايا هوم.
”الراشد“ ۾ وڏيرڪي سياست تي ڪڏهن ڪڏهن تکي نڪتچيني ٿيندي ٿي رهي، جنھنڪري ”سنڌ زميندار“ وارن وڌيڪ پرچن ڇاپڻ کان نابري واري. مون وٽ نہ سرمايو هو ۽ نہ پريس جو ڪو انتظام.سخت مونجهاري جي حالت ۾، ميان ڪريم بخش وٽ ويس، جنھن نھايت حوصلي سان نہ فقط رسالي ڇاپڻ جو بار پاڻ تي کنيو، پر اوڌر ڪرڻ جو پڻ واعدو ڪيائين. ان کان پوءِ ڪيتري عرصي تائين ”الراشد، ”الحنيف“ پريس مان ڇپبو رهيو، ۽ ميان ڪريم بخش ڪڏهن بہ مون سان حساب ڪونہ ڪيو.
ڪريم بخش جي نيڪ نفسي ۽ سير چشمي بيمثال هئي. ان زماني جا پريسن ۽ اخبارن وارا سخت لالچي هوندا هئا. پر ميان ڪريم بخش قلندر مزاج هو. پئسو ملي يا نہ، بل جي رقم ادا ٿئي يا مورڳو بل نڪري ئي نہ، پر ڪم مڙيو ئي هلندو رهي. رسالي ڇاپڻ سان گڏ مھمان نوازيءَ جا مراسم پڻ ادا ڪندو ٿي رهيو. هڪ ڪمرو خاص منھنجي رهڻ لاءِ رزرو ڪري ڇڏيائين. شام جو ٽانگي ۾ ويھاري، لکي جو سير بہ ڪرائيندو رهيو.
پاڻ پريس ۾ اچڻ کان اڳ ڪجهہ وقت ماستري بہ ڪري چڪو هو. پر سندس طبيعت تي ماستريءَ ڪو اثر ڪونہ ڇڏيو هو. زندگيءَ اندر ڪيترن ماسترن سان منھنجو واسطو پئي پيو آهي. مون هميشہ هي ڏٺو آهي تہ هڪ دفعي ماستري ڪرڻ بعد ماڻھو سموريءَ انسانذات کي شاگرد، ۽ تنھنڪري عقل ۽ علم ۾ پاڻ کان گهٽ سمجهڻ لڳي ٿو. ساڳئي وقت، طبيعت جي نسخي ۾ ڪجهہ آميزش، غرور ۽ دماغي خشڪيءَ جي پڻ ٿيو وڃي. پر ميان ڪريم بخش جي حالت ۾ ماستري ائين گذري ويل هئي، جيئن مرغابيءَ جي پرن تان پاڻي.
”الراشد“ جي بند ٿيڻ کان پوءِ، ميان ڪريم بخش بہ پريس جو ڪاروبار ڇڏي وڃي پنھنجي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو، ۽ وري اخبار نويسيءَ جو نالو نہ ورتائين. خوشقسمتيءَ سان اڃا تائين بقيد حيات آهي. عيد برات ٿئي تہ هميشہ مبارڪباد جو ڪارڊ موڪليندو رهي ٿو. وضعداري آهي، ۽ نيباھہ جو اٿاھہ انگ.

ٻڍڙو فقير

سنڌ جي حق ۾ تصوف يا صوفي سلسلو باعث رحمت هو يا باعث زحمت، ان جو فيصلو هن وقت ڪرڻ مشڪل آهي. ڪن جو خيال آهي تہ تصوف جي سيلاب ۾ وهي وڃڻ سبب، سنڌين کي پنھنجي ديس جي سياسي آزاديءَ ۽ اقتصادي ترقيءَ جو ڪو اونو ڪونہ رهيو. جنھن بہ رهزن سنڌ تي ڪاهيو، ڪامياب ٿيو. درگاهون ۽ آستانا آباد، مگر سنڌ باقي هر معاملي ۾ برباد ٿيندي ويئي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونہ آهي تہ تصوف جو ڪيف انسان کي دنيا کان ڇني هڪ اهڙي رستي تي وجهي ٿو، جنھن جي انتھا وڃيو عالم بالا ۾ ٿئي. ان کان سواءِ، ان جي وسيلي انفراديت کي تقويت پھچي ٿي ۽ اجتماعي زندگيءَ ۾ ڪمزوري واقع ٿئي ٿي. هر شخص پيو پنھنجي آخرت ۽ اڳئين جھان کي موچاري بنائڻ جي ڪوشش ڪندو. روحاني پِڪ جو پيالو وڌيڪ پِي ويٺو، تہ مورڳو تارڪ الدنيا ٿي وڃي جهنگ وسائيندو -
”منھنجو ڪڄاڙو، ڀينر هن ڀنڀور ۾؟“
جنھن ”ڀنڀور“ جا بھترين ماڻھو دنيا کان تارڪ ٿي ويندا، ان ڀنڀور جو دنيوي ڪاروبار ڪير هلائيندو، ۽ اهو خود ڪنھن جي حوالي ٿيندو؟ تصوف جي راھہ تي قدم رکڻ کان پوءِ دنيا ۽ آخرت جي معاملن ۾ پورو تناسب قائم رکيو اچڻ، هر ڪنھن ماڻھوءَ جو ڪم نہ آهي. اهو تناسب ۽ توازن فقط اهي چند بزرگ رکي سگهن ٿا، جن جو مقام عام سطح کان بالا آهي - ۽ اهڙا گهڻا ماڻھو هر سمي ۾ پيدا ٿين ٿا؟
تنھنڪري، گهڻن مفڪرن جو اهو خيال آهي تہ سنڌ جي اجتماعي ۽ خاص طرح سان سياسي زندگيءَ کي غير متوازن ۽ عوامي قسم جي تصوف وگهي گهڻو نقصان پئي پھتو آهي.
پر ان جي اها معنيٰ نہ آهي تہ اهو نقصان فائدي کان قطعاً خالي پئي رهيو آهي. مثلاً، تصوف جي طفيل، سنڌ اندر، اوائلي زماني ۾، هندن ۽ مسلمانن جي زندگيءَ ۾ ڪنھن حد تائين يڪرنگي پيدا ٿي ويئي هئي. مسلمان بزرگن جا هندو مريد ٿيا، ۽ ڪيترن هندو سنتن جا معتقد مسلمان هوندا هئا. ان سلسلي اهڙيءَ حد تائين ترقي ڪئي جو بيشمار هندو گهرن ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت ٿيندي رهي، ۽ ڪيترن مسلمانن شوق سان گيتا جو اڀياس ڪيو. پوئين زماني ۾، جيڪڏهن سياسي حالتون غلط پلٽو نہ کائين ها، ۽ هندن ۾ ملڪ گيريءَ جي هوَس پيدا نہ ٿئي ها، تہ شايد صوفي بزرگن جي ان پوکيل ٻج مان سنڌي قوميت جو ڪو شاندار درخت نمودار ٿئي ها. اهو تہ مون پاڻ بہ ڏٺو تہ راڄوڻي فيصلن ۾ هندو قرآن مجيد جي قسم کڻڻ کان پوءِ هرگز ڪوڙ نہ ڳالھائيندا هئا، ۽ نہ وري مسلمان ئي ڪوڙ تي ”گيتا“ کي مٿي ڏيڻ لاءِ تيار ٿيندا هئا.
ان طرح جي خيال مان ٻيو اهو فائدو حاصل ٿيو تہ سنڌ جي لٽريچر کي گهڻي هٿي ملي ويئي. جنھن بہ بزرگ تي اها روحاني ڪيفيت طاري ٿي، سندس دماغ ۽ زبان هڪدم کُلي پيا: درد ڀريا ڏوهيڙا چوندو، سوز ڀريل ڪافيون ٺاهيندو، ۽ جيڪڏهن اظھار جي انھن طريقن مان بہ تسڪين حاصل نہ ٿيس، تہ يڪتارو هٿ ۾ کڻي ميدان ۾ نڪري پوندو - پاڻ بہ بيتاب رهندو، دنيا کي بہ بيتاب ڪندو ويندو. گهڻن درويشن تہ اڪتفا فقط ان يڪتاري تي بہ نہ ڪئي، پيرن ۾ ڇيريون ۽ هٿن ۾ گهنگهرو ٻڌائون - جنھن محفل ۾ داخل ٿيا، محشر مچائي ڇڏيائون!
سچل سرمست، مصري شاھہ، خير محمد فقير هيسباڻي، ۽ ٻيا بزرگ اسان جي سانڀر کان اڳ ٿي گذريا هئا. منھنجي ڏينھن ۾ اڃا ٻہ درويش زنده ۽ خاص طرح مشھور هوندا هئا: محمد فقير کٽياڻ حيدرآباد پاسي، ۽ ٻڍڙو فقير شڪارپور طرف.
ٻڍڙو فقير، جنھن کي ”ٻڍل سائين“ بہ چوندا هئا، شڪارپور کان پنجن ميلن جي فاصلي تي، بخشي انڙ جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. وڏيءَ عمر کي رسي، سال 1939ع(1) ۾ وفات ڪيائين. سندس والد جو نالو ميان عبدالواسع صاحب هو.
ٻڍڙي فقر کي ننڍڙي کان ئي ”لَنو“ ۾ ڪا ”لغار“ لڳل هئي. ڍورن چاريندي، پَسڻ ٿي ويو هوس. هڪ ڏينھن، ذوق جي انتھائي غلبي ۾، سندس واتان هيءَ ڪافي نڪتي (جا سندس پھرين ڪافي چوڻ ۾ اچي ٿي):
سگهو موٽج يار، توکي ويٺا ساريون!
پويون بند هوس:
عشق ”ٻڍل“ کي هو ٻنڌڻن لاڪؤن،
منهڙو ڍڪين ٿو ڇو محب اسان کئؤن،
روح رَتو آ تن هي توهان کئؤن،
دم نہ ٿجانءِ تون ڌار، توڏي ٿا نھاريون!
چون ٿا تہ ڪافي چوندي، غش کائي ڪِري پيو. گهر - ڀاتين سمجهيو تہ ڪنھن جن ڀوت جو پاڇو پيو اٿس. دعائون ۽ ساٺ سوڻ شروع ڪرايائون، پر، بزرگ اڳ ۾ ئي ان مقام معليٰ تي پھچي چڪو هو، جت انھن شين جو ڪو چارو ڪونہ ٿي چليو. پاڻ نتيجو هيءُ نڪتو جو رهيل کھيل حجاب جو پردو ڦاڙي، پيرن ۾ ڇيريون ٻڌي، هٿ ۾ يڪتارو کڻي، نچڻ ۽ ڳائڻ نڪري پيو. خويشن عزيزن سمجهيو تہ بنھہ ”ڪل ٿڙي ويئي“ اٿس، ۽ چريو ٿي پيو آهي. تنھنڪري، ٻين علاجن سان گڏ، جسم تي ڏنڀ بہ ڏياريائونس. مگر فرق ڪونہ پيو، پڇاڙيءَ تائين پنھنجي حال ۽ درويشي خيال تي قائم ۽ مستحڪم رهيو.
منھنجيءَ سانڀر ۾، سندس ڪلام ننڍي وڏي جي وات تي هوندو هو. ڪو بہ ڳائيندڙ اهڙو ڪونہ هوندو، جو شروعات ٻڍڙي فقير جي ڪلام سان نہ ڪندو. ڪلام جي نموني طور، ٽي ڪافيون ڏجن ٿيون.
(1)
(طرز بيدل: سک رمز وجود وڃاوڻ دي، ناهي حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي)
سک رمز جِيتي مرجاوڻ دي،
ناهي حاجت هنر هلاوڻ دي.
شاھہ منصور سر سُولي ٻولي، رمز اِنھيءَ سان اِها ڳالھہ چولي،
لنو لنو دي وچ ڏتڙي لولي، انا الحق آلاوڻ دي.
علم عقل نون عشق نہ مندا، جان جان هستي حال نہ ڀندا،
ڇوڙ تڪيا اِنھيءَ خاڪي تن دا، نيت نہ رک ول آوڻ دي.
ڇوڙ دعويٰ هڪ درد ڪون گهِن تون،
مرشد واري مام چاڳهين تون، بد هوائي دا بوتا ڀن تون،
مرشد واري مام چاگهن تون، ڪر نہ ڪسب ڪماوڻ دي.
پڙھہ پڙھہ علم ڪيا فاضل هووين، مرڻ ڪنون اڳي مول نہ مووين،
جھڙا هووين تهڙا هووين، پڙھہ آيت آپ وڃاوڻ دي.
”ٻڍل“ نفي اثبات ڪر ڄاڻين، وچ اپڻا دي آپ نہ آڻين،
ساري ذات صفات سڃاڻين، احدؤن عبد ڇپاوڻ دي.

(2)
(طرز فريد: بن دلبر شڪل جھان آيا.)

وه دلبر ڪر سينگار آيا، هر صورت دي وچ يار آيا!
ڪاٿي ميخاني تي مخمور ڏٺم، ڪاٿي شريعت ذوق ظهور ڏٺم،
ڪاٿي سوري تي منصور ڏٺم، چئي انا الحق اظھار آيا.
ڪاٿي تخت مٿي تيار ڏٺم، ڪاٿي چِٽو چوڪيدار ڏٺم،
ڪاٿي ڪارائو تي ڪمدار ڏٺم،

ڪاٿي ناچو ٿي نروار آيا.


ڪاٿي عيسيٰ روح ﷲ ڏٺم، ڪاٿي ابراهيم خليل ﷲ ڏٺم،
ڪاٿي موسيٰ ڪليم ﷲ ڏٺم، ڪاٿي احد، علي اظھار آيا.
ڪاٿي صحيح ”ٻڍا“ سلطان ڏٺم، ڪاٿي پڙهندا ياد قرآن ڏٺم،
ڪاٿي ڳل جڻيا صنعان ڏٺم، ڪاٿي يوسف مصر بازار آيا.


(3)
تن مارن جا، ميان عمر، سور وڃن ٿا ساڙيون:

پَسان پيڪن جون پَٽ تي، ويڙهيچن جون واڙيون.


آءُ ڪانگا ڪا تن جي، لَنؤ هاڻي لات وري،
سانگيئڙن جي سڪ ۾، رئندي ڳچ پيا ڳري:
دم دم ڪريان ٿي دانھون، ڳوڙها ڳلن تي ڳاڙيون.
تي ڳاڙيون.
رنجايل جي روح ۾، پلپل پُور پون،
سانگيئڙن کي ساريو، نت نت نيڻ وهن:


بيوس ٿي هان بند ۾، روز ڪريان ٿي راڙيون.
تن مارن سان عمر منھنجا نيڻ لڳا،
ساھہ سيبائي ڪينڪي، تنھنجا ويس وڳا:
لاکيڻي اٿم لوئي، پَٽُ ڦِٽي ڪريان ڦاڙيون.
”ٻڍڙو“ آکي، ٻن پيا تن ريءَ گهر گهٽيون،
جهانگيئڙن سان جهنگ ۾، وڃي پيان خوب کٽيون:
ڏوٿيئڙن جي ڏک ۾، مور وڻن نہ ماڙيون.

____________
(1) سنڌ جدا ٿيڻ کان پوءِ جي. ايم. سيد ۽ اسان سخت ڪوشش ڪري درٻارين ۽ ڪرسين جو اهو سرشتو بند ڪرائي ڇڏيو.
(1) تاريخ 12 - آڪٽوبر، 1939ع

مير علي نواز علوي

شڪارپور جي مقتدر هستين مان هو. منھنجي زندگيءَ جي اوائلي دور اندر زنده هو. عالم هو، شاعر هو، ۽ وڏي پايي جو طبيب هو. مالدار ماڻھو ڪنھن سخت بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيندا هئا تہ علاج لاءِ مير صاحب کي سڏيندا هئا. رهڻي ڪرڻي اميراڻي هوندي هيس. وڏو ڪتبخانو ڪٺو ڪيائين، پر اولاد ڪونہ هوس. سندس انتقال بعد گهڻا ڪتاب ضايع ٿي ويل ٻڌجن ٿا.
سندس ڪلام عام ۾ ايتريقدر مقبول ۽ مشھور نہ هو، جيترو عالم ۽ خواص طبقي ۾. فارسي، سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ چوندو هو، ۽ سندس ڪليات سندس حياتيءَ ۾ ئي ڇپجي پڌري ٿي.
ڪيترا ڪتاب لکيائين، مثلاً: (1) صارم المسلول عليٰ منڪر علم غيب الرسول (4 جلد)، (2) الاشاره، (3) بياض علوي (علم طب).
سال 1940ع ۾ سندس انتقال ٿيو. عين نزع جي حالت ۾ هي ڪلام چيائين:
منھنجي دل ٿي ساري، سڄڻ کي سنڀاري،
زيارت مديني جي رب شال ڪاري!

منھنجو مير آهي مديني ۾ جاني،
نہ هت ڪو سندس مٽ، نہ عقبيٰ ۾، ثاني،
سندس هجر مون کي ڏني ناتواني،
جدا جسم کان جان، هت ڪيئن گذاري --
منھنجي دل ٿي ساري...
ڪري پنڌ پٽيون، مان ڏونگر کي ڏوريان،
وڃي پِر جي پاڙي ۾ آءٌ جاءِ جوڙيان،
ڳجهو حال دل جو عجيبن سان اوريان
ٿيان شاد، رهبر جو روضو نھاري --
منھنجي دل ٿي ساري...
عرب ڏي مھارون مان قسمت جون موڙيان،
پرين جي مان پيزار تان پاڻ گهوريان،
سڄڻ ساڻ هڪ ٿي، ٻيائيءَ کي ٻوڙيان،
پوان نت وڃي مان پرين جي پناري --
منھنجي دل ٿي ساري...
سندس ڪلام اڪثر نعتيه هو، ۽ اثر سان ڀرپور. نعت سان هونئن بہ سنڌي شاعرن جي ڪافي دلچسپي پئي رهي آهي. حضور صلي ﷲ عليہ وسلم سان جا محبت سنڌ جي ماڻھن کي رهي آهي، ان جو مثال مون کي خود عرب ملڪن ۾ بہ نظر ڪونہ آيو. حضور پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم جو نالو ايندو ۽ سنڌي بيتاب ٿي ويندا. سندن تعريف ۾ جو ڪلام واتان نڪرندن، شعله بدامان هوندو. ساڳيءَ طرح، حضرت غوث الاعظم شيخ عبدالقادر جيلاني رحمة ﷲ عليہ سان پڻ جا عقيدت هن علائقي جي ماڻھن کي آهي، اهڙي عقيدت ڪنھن ٻئي اسلامي ملڪ جي عوام کي ساڻن ڪانہ آهي. خود عراق جي حالت اها آهي. مان بارها، صبح ۽ شام ويلي، سندن درگاھہ تي حاضر ٿيندو رهيو آهيان، پر مجاورن کان سواءِ ملڪي زائر گهڻو ڪري موجود ڪونہ ڏٺو اٿم. سندن زيارت لاءِ ماڻھو ٻاهران اچن ٿا، خاص طرح سان پاڪستان ۽ هندستان مان. انھن زائرن جي محبت ۽ مراد البتہ ڏسڻ وٽان آهي. هت بہ ڪھڙو سنڌي ڳوٺاڻو آهي، جنھن محبوب سبحانيءَ جي ”يارهين“ نہ ڪئي هوندي، يا مشڪل آئي ”سوا ڪسيرو“ نہ باسيو هوندو؟ مير علوي جو ڪلام ان عام سنڌي جذبي جو هڪ بھترين مظھر هو.
پر ان جي اها معنيٰ نہ آهي تہ مير مرحوم ٻين مضمونن تي طبع آزمائي نہ ڪئي. عشق تي بہ گهڻو ڪجهہ پئي آلاپيو اٿس. فارسيءَ ۾ فرمائي ٿو:
رسيد موسم گل، ترڪ ڪار بايد ڪرد،
نظارهِّ گل و روي نگار بايد ڪرد.
غم و نشاط جھان را چو اعتباري نيست،
بعيش عشقِ بتان اختصار بايد ڪرد.
سرائڪيءَ ۾:
شوق ملڻ دا ٿيا بسيار، منھن ويکان هڻ شال صنم دا!
نال ماهي دي نينهڙا لاتم، بار برھہ سر اپڻي چاتم،
زلف ماهي ڳل جڻيا پاتم، عشق سڄڻ دا ڪر اختيار،
سمجهہ ڳيس ڳُّجهہ دين ڌرم دا.


“ سنڌي ڪافي، مولانا عبدالغفور همايونيءَ جي مشھور ڪافيءَ جي تتبع تي:
تنھنجي حسن سڄڻ حيران ڪيا، انسان هزارين، مان نہ رڳو.
تنھنجي شان برابر شاھہ نہ ڪو،
تنھنجي سونھن سندو مَٽ ماھہ نہ ڪو،
تنھنجي خيال کان خالي ساھہ نہ ڪو،

خواهان هزارين، مان نہ رڳو.


قرآن سراسر شان تنھنجو،
آهي واصف خود رحمان تنھنجو،
ٻيو ڪھڙو ڪري تہ بيان تنھنجو،

حيران هزارين، مان نہ رڳو.


ٻڌا جاني جن ڪلام تنھنجا،
ڪن سھسن سڪ مان سلام تنھنجا،
ٿيا حلقه بگوش غلام تنھنجا،

سلطان هزارين، مان نہ رڳو.


تنھنجا مادح ميڪائيل جهڙا،
ڪيئي عاشق اسرافيل جهڙا،
تنھنجي در تي جبرائيل جهڙا،

دربان هزارين، مان نہ رڳو.


توتان پاڻ فدا ڪن شاھہ گدا،
ريءَ ناڻي ٻانھا ٻول ٻڌا،
ٿيا خادم تنھنجي خُلق سندا،

خاقان هزارين، مان نہ رڳو.


ناهي ”علوي“ هڪ ”مفتون“ تنھنجو،
آهي عالم سڀ ممنون تنھنجو،
ٿيو جاني جڳ مرهون تنھنجو،

قربان هزارين، مان نہ رڳو.

جيڪب آباد

---

عرض حال

شڪارپور تائين پھتا آهيون تہ وڌيڪ پنجاھہ ميلن جو سفر ڪري، جيڪب آباد تي بہ هڪ نظر ڪندا هلون تہ بھتر ٿيندو.
جيڪب آباد؟ ”ييڪمباد“، يا ”جيڪماباد“، جيئن بہ سڏيوس، لکاپتي وڏيرن جو مرڪز، خانن ۽ سردارن جو ڳڙھہ، ٻروچن جي تھذيب جو ميوزم، اڻويھين صدي واريءَ سنڌ جي مٽجندڙ آخري تصوير، ۽ سرڪاري ڪامورن لاءِ ”سڻڀو ٽڪر“!
زماني جي انقلابن کان ﷲ بچائيس، ڪيترين ئي خصوصيتن جو حامل شھر آهي، ۽ گهڻين ئي ڳالھين ۾ پنھنجو مثال پاڻ.
جنھن بہ ڪاموري جي بدلي جيڪب آباد ضلعي ڏانھن ٿيندي هئي، تہ ائين سمجهيو ويندو هو تہ ڄڻ ڪنوار کي ونواھہ کائڻ جو وجهہ مليو. پير پير تي پئسو - ننڍو موقعو هجي يا وڏو، پر مھماني ضرور ملندي، سردار يا وڏيري کي اوستائين آرام نہ ايندو، جيستائين نئين آيل ڪاموري وٽانئس مھمانيون وٺڻ شروع نہ ڪيون آهن. وڏيون زمينداريون، اٿاھہ آباديون، اڪيچار آمدنيون، پوءِ وڏيرا پئسو کپائين تہ ڇا تي؟ نہ علم، نہ نئين روشني، نہ ٻاهرينءَ دنيا جي گهڻي پروڙ، ۽ نہ دولت جي صحيح مصرف متعلق ڪا پروڙ - پوءِ دولت صرف ٿئي تہ ڇا تي؟ يا جهيڙن فسادن ۽ مقدمن تي، يا لوڪلبورڊ ۽ ميونسپل جي چونڊن تي، يا ڪامورن ۽ آفيسرن جي خوشامد تي، يا ڀلن گهوڙن ۽ موٽرن تي، يا سينڌين ۽ سريتن تي. پاڻ کي نصيب هوندن، پھرڻ لاءِ ڏورئي جو ڊگهو پيراهن، محمودي جي سٿڻ، ۽ ململ جي وڏي پڳ. کائڻ لاءِ گوشت جو ٻوڙ ۽ ٿلھو ڊڳڙ، تن جي مٿان لسيءَ ۽ جهاري جو وٽو، گوشت پيل چانور، جن تي پلاوَ جو الزام هوندو، سي محض عيد برات ڏينھن. رهڻ لاءِ معمولي اوطاق، جنھن ۾ کٽون پيل هونديون. کائيندا تہ هڏا فرش تي پکيڙيندا ويندا. واندڪائي هوندن تہ چؤطرف ڀتين ۽ زمينن کي ٿڪن ۽ بلغم سان پيا چِٽيندا. زمينداريءَ جو ڪاروبار هندو مودين جي حوالي، جو پئسو ايندو، سو جهيڙن جي سپرد يا عملدارن جي کيسن ۾. سرڪاري ڍلن ڏيڻ جو وقت ايندو، تہ يا رپئي تي چار آنا درماهي وياج سان هندو شاهوڪارن کان قرض ورتو ويندو، يا روينيو عملدارن کي رشوتون ڏيئي کانئن مھلت جي درخواست منظور ڪرائي ويندي. هر سال، ان قرض وگهي، ڪجهہ نہ ڪجهہ ايراضي ضرور ”قطعي وڪرو“ ٿيندي رهندي. جيڪڏهن پاڪستان نہ اچي ها، ۽ هندو شاهوڪار هندستان ڏانھن ڀڄي نہ وڃن ها، تہ هيل تائين جيڪب آباد جي گهڻن وڏيرن جون زمينون هندن جي کاتن تي چڙهيل نظر اچن ها.
جيڪب آباد جو ڊپٽي ڪمشنر حد جي وڏيرن ۽ سردارن لاءِ شمع جي حيثيت رکندو، جنھن جي چوگرد هي پروانا شب روز پيا چڪر ڪاٽيندا، ۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ ان شمع وگهي سڙندا ٻرندا بہ پيا.
سمائٿ نالي هڪ نانءَ ڪٺيو ڊپٽي ڪمشنر هوندو هو. سالن جا سال جيڪب آباد جي گردن تي چڙهيو رهيو. ڪرڙو، ۽ ڪاوڙيل. سندس ڏينھن ۾ سردارن ۽ وڏيرن جا ور نڪتا پيا هوندا هئا.
سندس پنھنجي ذات اقدس تہ بحث کان بالا، پر سندس حوالدار ئي هڪ خود مختار حاڪم جي پيو ڏِک ڏيندو هو: ڊپٽي ڪمشنر صاحب جو شريڪِ حال، زيردست ڪامورن لاءِ ڪال، وڏيرن واسطي وبال، ضلعي جي ساري ٻَڌي، ڇوڙي ان حوالدار صاحب جي حوالي هوندي هئي. ملاقاتي سردار ۽ وڏيرا، ڪھڙي آرڊر ۾ ڊپٽي ڪمشنر صاحب اڳيان پيش ٿين، تنھن جو فيصلو سندن سپرد، ڪلاسن ۽ درجن پيرين پيو ڪم هلندو. سڻڀا، ستابا، سترا، سي ورانڊي ۾، ۽ پھرئين پتڻ پيش. ”ٻن رپين سلاميءَ“ وارن کي ٻاهرينءَ ڪَنڊيءَ جي پاڇي ۾ پگهر سڪائڻو پوندو. رهي عام مخلوق خدا جِي، سا قطعاً ڪمپائونڊ کان آئوٽ!
هر سال، سياري جي موسم ۾، گهوڙن جو ميلو لڳندو هو. ميلو ڇا هوندو هو، عملداري ۽ وڏيري دنيا جو ”ورائٽي شو“. ظاهري مقصد تہ گهوڙن جي گوءِ ۽ سٺن گهوڙن جي مالڪن ۾ انعامن جي تقسيم، جيئن گهوڙن جي ”پاپوليشن“ وڌي ۽ منجهس ماڻھن جي دلچسپي پيدا ٿئي، پر حقيقي مطلب هوندو عملدارن جو جشن نوروز. مير محفل ٿيندو سنڌ جو ڪمشنر، شموليت لاءِ ايندا ساريءَ سنڌ جا ڪليڪٽر، ڪپتان ۽ ٻيا آفيسر. درٻاريون، مھمانيون، ڊنريون، پارٽيون، ڪن کي انعام تہ ڪن تي الزام. جن تي ”راءُ“ راضي، تن جي جهوليءَ چنڊ جهُليو. جن کان پرين پاسيرا، تن جا ٻہ بہ ويا تہ ٻارهن بہ ويا. وڏيرڪيون اوطاقون مھمانن سان ٽمٽار هونديون. ڇيلا پيا ڪُسندا، ديڳڙن پويان ديڳڙا پيا دمبا. وڏيرن جا لامارا عملدارن جي بنگلن ٻاهران، باقي خلق، ڏينھن جو پِڙيءَ ۾، ڏئي ٻِرئي ڌُو چڪلي ۾!
ضلعي جي پبلڪ قومن يا ذاتين پيرين ورهايل هوندي هئي، ۽ هر ذات يا قوم کي پنھنجو سردار هوندو هو. سردار پنھنجيءَ قوم اندر، ساري سياھہ ۽ سفيد جو مالڪ ۽ مختار هوندو هو- جنھن کي ٻَڌائي، جنھن کي ڇوڙائي: ڪنھن کي بنھہ مارائي ڇڏي، تہ بہ ٻڙڪ ٻاهر نہ نڪرندي. چورين، ڌاڙن، سياهڪارين، بلڪ خونن تائين فيصلا سردار جي کٽ سامھون ٿيندا.
ان سرشتي کي وقت جي حڪومت جي سرپرستي پڻ حاصل هوندي هئي. جيڪب آباد ضلعي سان هڪ خاص قانون لاڳو ڪيل هو، جنھن کي ”سنڌ فرنٽيئر ريگيوليشن“ سڏيو ويندو هو. اهو قانون انگريزن پنھنجي آمد جي اوائلي ڏينھن ۾ ٺاهيو هو، جڏهن اڃا انھن علائقن ۾ بغاوت ۽ ڏوهن جو ٻج باقي هو. ان قانون پٽاندر، ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي بنا مقدمي هلائي، ۽ بنا ڪنھن بہ سبب ٻڌائي، جيل ۾ رکي سگهبو هو. ساڳئي قانون هيٺ، مقامي سردارن جا جرگا قائم ڪيا ويندا هئا. اهي جرگا خانگي ڏوهن جي جاچ ڪري، ڊپٽي ڪمشنر کي سفارش ڪندا هئا تہ ملزم کي سزا ڏجي يا آزاد ڪجي، ۽ جيڪڏهن سزا ڏجي تہ ڪيتري. جرگا بہ ٻن قسمن جا هوندا هئا: لوڪل جرگا، ۽ شاهي جرگا. لوڪل جرگا معمولي ۽ آسان قسم جا معاملا فيصل ڪندا هئا. اهم مقدما شاهي جرگن اڳيان ويندا هئا. جرگن جا ميمبر ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪندو هو، ۽ گهڻو ڪري قومي سردارن منجهان.
سردار شير محمد خان بجاراڻي، ضلعي جيڪب آباد جي مکيہ سردارن منجهان هڪ هو. ملڪ کي آئيني سڌارا مليا، تہ جيڪب آباد ضلعي طرفان شير محمد خان ئي بمبئي ڪائونسل جو ميمبر چونڊبو ٿي رهيو. سندس اثر، اقتدار ۽ دولت جو شھرو ايتريقدر هو، جو ڪنھن بہ همعصر کي چونڊ ۾ سندس مقابلي ڪرڻ جو حوصلو ڪونہ ٿيندو هو.
هڪ دفعي ٻہ - ٽي يورپي آفيسر (ڪرڪ، سکر جو سيشن جج، ۽ ٽانٽن، جو ان وقت اڃا اسسٽنٽ ڪليڪٽر هو ۽ پوءِ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ ڪمشنر بہ بڻيو) شڪار ڪري واپس ٿي وريا. رستي ۾ ڪنھن نامعلوم شخص سندن موٽر تي گولي ڇوڙي. گوليءَ جو ڌڪ تہ ڪنھن کي بہ ڪونہ لڳو. پر گوليءَ جو فقط ڇٽڻ ئي سرڪاري رعب لاءِ ڪافي چئلينج جو سبب بڻجي پيو. ساري جيڪب آباد ضلعي اندر ٿرٿلو مچي ويو. هر طرح سان جاچ ڪئي ويئي، پر اصلي ڏوهاريءَ جو ڪو پتو پئجي ڪونہ سگهيو. آخر سرڪاري سومان ۽ دٻدٻي کي برقرار رکڻ خاطر، فيصلو ڪيو ويو تہ ان ضلعي جي مکيہ مان مکيہ ماڻھوءَ، يعني سردار شير محمد خان، کي ”فرنٽيئر ريگيوليشن“ هيٺ گرفتار ڪري، ڪجهہ ڏينھن لاءِ جيل ۾ رکيو وڃي، جيئن عام ماڻھو سمجهن تہ انگريز جي فيل مستي اڃا بدستور قائم آهي. هڪ ڏينھن اوچتو ئي اوچتو، شير محمد خان کي گرفتار ڪري،سکر جيل ڏانھن اماڻي ڇڏيائون، ۽ ”فرنٽيئر ريگيوليشن“ هيٺ! وڏيءَ ڪوشش ۽ گهڻيءَ آزيءَ نيزاريءَ بعد وڃي سردار صاحب تان اهو ڪشٽ لٿو، ۽ پاڻ آزاد ٿيو.
جن ڏينھن جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، انھن ڏينھن تائين اڃا جيڪب آباد ضلعي اندر سنڌ جي پراڻين اخلاقي صلاحيتن جي ڪا نہ ڪا جهلڪ، ڪڏهن ڪڏهن ضرور ڏسڻ ۾ ايندي هئي. مثلاً، سردارن جي ليول کان هيٺ لھي، عام ماڻھن تي نظر ڪبي هئي تہ معلوم ٿيندو هو تہ منجهن دوستي، وفاداري ۽ واعدي وفائيءَ جي بوءِ اڃا تائين باقي آهي: قسم ساک کنيائون تہ ان تي قائم رهندا هئا، دوستيءَ جو پيچ پاتائون تہ بيوفائي نہ ڪندا، احسان ڪبن تہ وسرندن ڪونہ، واعدو ڪيائون تہ وس پڳي ان کي نباهيندا، سام جهليائون تہ سر تائين ڏيئي چڪندا، مھمان يا مسافر در پيھي آيو تہ پاڻ بک تي ويھي رهندا، پر ان جي خاطر تواضع ۾ گهٽتائي نہ ڪندا، پير فقير جو لحاظ هون، سيد ميڙ ٿي آيو تہ خون بہ بخشي ڇڏيندا، ﷲ تعاليٰ جي نانءَ تي سر قربان ڪرڻ ۾ دريغ نہ ڪندا، چور هوندا، تہ بہ سيد، فقير، رن جو“، نياڻيءَ ۽ پاڙي جي تڏي کان ضرور ٽري لنگهندا، غيرت جي معاملن ۾ مارڻ ۽ مرڻ، ٻنھي لاءِ هر وقت تيار.

سردار شير محمد خان بجاراڻي

شير محمد خان مرحوم جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. منھنجي ساڻس واقفيت هوندي هئي. شڪل شباهت ۾ وڏي وقار جو ڌڻي هو. ڊگهو قد، ڇڙڪ جسم، ڏاڙهي وڏي ٻروچڪي، خوش لباس، هٿ جو ڪشادو، زنده دل، مھمان نواز، سنجيدو، حوصلي ۽ همت جو صاحب. ورهين جا ورهيہ بمبئيءَ ڪائونسل جو ميمبر ٿي رهيو. ووٽ هميشہ سرڪار کي ڏيندو هو، پر سچ ڪڏهن ڪڏهن سرڪار کي بہ چئي ڏيندو هو. سنڌ جدا ٿيڻ کان پوءِ، سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبريءَ لاءِ اميدوار بيٺو، پر ڪانگريس اميدوار، مسٽر محمد امين کوسي هٿان شڪست کاڌائين. کيس شڪست کارائڻ ۾ ڪجهہ قدر مون ۽ منھنجي ڀاءُ حسام الدين جو بہ هٿ هو.

مسٽر محمد امين خان کوسو

جيڪب آباد جي کوسا قوم جو فرد هو. عليڳڙھہ مان بي.اي.، ايل.ايل. بي. ٿي، مولانا محمد عليءَ جي سوانح تي ڪتاب لکي، سنڌ ۾ موٽي اچڻ تي هڪدم سياست ۾ ڪاهي پيو. اليڪشن ۾ سردار شير محمد خان بجاراڻي مرحوم سان مقابلو ٿيس، جنھن کي شڪست ڏنائين. سنڌ اڃا هاڻ جدا ٿي هئي، ماڻھن ۾ نيون اميدون ۽ نوان ولولا هئا. شير محمد خان مرحوم، جو پنجويھن سالن کان ساڳيءَ حد مان چونڊبو ٿي آيو، سو هن دفعي انھن ولولن جي لڙھہ ۾ لڙهي ويو. ماڻھن سمجهيو ٿي تہ نئون زمانو آيو آهي، تنھنڪري نون ماڻھن چونڊڻ سان پراڻي دور جو خاتمو ڪري سگهبو. ووٽر گهڻو ڪري اڻپڙهيل ڳوٺاڻا ٻروچ هئا، پراڻي دور جي دستورن ۽ سختين جا ستايل هئا، ۽ ايترو شعور هون تہ جيڪڏهن ووٽ جي ٽُڪري ڏيڻ سان هميشہ لاءِ جيءُ ان جنجال مان ڇٽي سگهي تہ وچ جون ڀلڪارون گهڙي پلڪ برداشت ڪري وٺجن. محمد امين خان کي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪيائون. اڳتي هلي سندن اميدون پوريون ٿيون يا نہ، سو بعد جي تاريخ ڏسڻ سان معلوم ٿيندو. سنڌ جدا ٿيڻ کان پوءِ، محمد امين خان ئي پھريون ۽ پويون مسلمان هو، جو ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو.
اسيمبليءَ اندر محمد امين خان، خانبھادر ﷲ بخش مرحوم جي گروپ سان ڳنڍيل رهيو. ماحول وسيلن ۽ ذريعن جي خيال کان، سندس سياسي پروگرامن ۽ خيالن جي پکيڙ قدري حد کان وڌيل رهي، جنھنڪري صوبائي حالات تي گهڻو اثر پيدا ڪري نہ سگهيو. ڪانگريس پارٽي سندس اسلامي رجحان، مسلماني شڪل شباهت ۽ گفتگو جي نياري انداز ڪري، کانئس مشڪوڪ رهي. مرحوم ﷲ بخش سندس ووٽ کان تہ مستفيد ٿيندو رهيو، پر سندس خيالات کان بنھہ نہ. مسلم ليگين سان تہ نہ سندس پيل هئي، نہ مسلم ليگين جي ساڻس.
طبيعت جي اهڙيءَ آزاديءَ ۽ خيالن جي ايتريءَ بلنديءَ سبب، ڪجهہ عرصي بعد، محمد امين خان پنھنجن سمورن همعصرن کي پوئتي ڇڏي وڃي اهڙي مقام معليٰ تي پھتو، جت ٻئي ڪنھن بہ بشر جو پير ڪونہ هو، ۽ پاڻ اڪيلو ئي اڪيلو رهجي ويو. اڪيلائيءَ جي احساس طبيعت ۾ وڌيڪ سختي پيدا ڪيس، ۽ جڏهن ڏٺائين ٿي تہ زمين تي رهندڙ محدود علم ۽ محدود شعور رکندڙ انسان سندس اهڙي اعليٰ پيغام جو ڪو قدر ڪونہ ڪري رهيا آهن، تڏهن جلالي ڪيفيت ۾ اچي ٿي ويو. اسيمبليءَ جي عين ايوان اندر ڪن ميمبرن کي سندن ٽائينِ مان جهلي گهونسا هڻي ڪڍيائين. اوستي محمد جي پبلڪ ميٽنگ ۾ سندس تقرير هلندي اسٽيج تي حملو ٿيو. ڪجهہ عرصي تائين تہ ڌوڙ - ڌڪاءُ هو. پوليس جي دخل اندازيءَ بعد جڏهن سڪون پيدا ٿيو، تہ ڏٺو ويو تہ خود محمد امين خان جي پيشانيءَ مان خون جا قطرا ڪِري رهيا هئا. هڪ عاشقانہ سُنت هئي، جا ان طرح پوري تہ ٿي، پر سندس سياسي حالتن ۽ انساني لڇڻن تي ان کان پوءِ بہ ڪو اثر پيدا ڪونہ ٿيو. سال - ٻن کان پوءِ مرحوم ﷲ بخش خان شھيد ٿيو، جنھنڪري محمد امين خان جي تنھائي پاڻ وڌيڪ شدت ۽ وڌيڪ سنگيني اختيار ڪئي.
46-1945ع وارين عام اسيمبلي چونڊن ۾ محمد امين خان ناڪامياب ٿيو. 1947ع ۾ پاڪستان آيو، ۽ ڪانگريسي سورما مورڳو ملڪ ڇڏي ويا. نہ رهيو اڳوڻو ”وايو منڊل“ نہ رهيا اڳوڻا ساٿي.
و ان قدح بشڪست، و ان ساقي نماند.
سردار عبدالرحيم خان کوسو
کوسن جي قوم جيڪب آباد ضلعي اندر چڱي انداز ۾ پکڙيل آهي. منجهس زميندارن ۽ مالدارن جو تعداد پڻ ڪافي آهي. سردار عبدالرحيم خان، جنھن کي برٽش سرڪار ”سردار بھادر“ جو خطاب بہ ڏنو، ان قوم جو اڳواڻ هو. پنھنجن همعصرن اندر اخلاقي طرح، سندس مقام تمام اوچو هو. ڪيترين خصوصيتن سبب ماڻھو سندس ڏاڍي عزت ڪندا هئا. مثلاً ڪوڙو واعدو هرگز نہ ڪندو هو، ۽ ان ڪري ”عبدالرحيم خان جو واعدو“ ضرب المثل بڻجي پيو. ڪوڙ پڻ نہ ڳالھائيندو. راءِ ڏيڻ ۾ منافقيءَ کان ڪم نہ وٺندو. جنھن شخص لاءِ چڱي راءِ ٿيس، ان جو پاسو هرگز نہ ڇڏيندو. پارٽيبازيءَ کان پري رهندو، پر جنھن بہ پارٽيءَ طرف هڪ دفعو لاڙو ٿيس تہ ان سان پڇاڙيءَ تائين گڏيو هلندو. سر غلام حسين سان دوستي هيس ۽ ان کي چڱو ماڻھو سمجهندو هو. پڇاڙيءَ تائين سندس ساٿ نہ ڇڏيائين. ڪامورن جي دروازن تي ڌڪا نہ کائيندو، نہ کين رشوتون کارائيندو. پنھنجي عزت ۽ پنھنجو وقار رکي ڄاڻندو هو. پنھنجي ڳوٺ اندر، بنگلي جي چوڌاري وڏو ڪوٽ کڻائي ڇڏيو هئائين. آيو ويو ڪوٽ جي ٻاهران هوندو، اندر اچڻ جي اجازت ڪوششن سان ميسر ٿينديس. اڻ وڻندڙ ۽ غلط ماڻھن جو منھن ڏسڻ پسند نہ ڪندو هو. جنھن بہ ملاقاتيءَ کي هڪدم ملاقات جو موقعو ڏنائين، تنھن لاءِ اها ڳالھہ باعث امتياز سمجهي ويندي هئي. اسيمبلي يا ڪائونسل جي ميمبريءَ لاءِ ڪڏهن بہ اميدوار نہ بيٺو، حلانڪ سندس اثر ڪافي هو. سبب هيءُ هو تہ ووٽ گهرڻ پنھنجي وقار ۽ خودداريءَ جي منافي ٿي سمجهيائين. البت ضلعي لوڪلبورڊ جي پريزيڊنٽي سا ورهين تائين سندس حوالي رهي، ۽ ان سلسلي ۾ ڪڏهن بہ سختيءَ سان سندس مقابلو ڪونہ ٿيو.
شڪار ۽ هٿيارن گڏ ڪرڻ جو بيحد شوق هوس. پنھنجو اڪثر وقت شڪار پٺيان ئي صرف ڪندو هو. نشانيبازيءَ ۾ يڪتا هو. چوندا هئا تہ ڀڄندڙ گهوڙيءَ جي پٺيءَ تان اڏامندڙ تتر ماريندو هو. ممڪن آهي تہ ان ۾ ڪجهہ مبالغو بہ هجي، پر اها ڳالھہ صحيح آهي تہ سندس هٿ غير معمولي طرح سڌو هو. جڏهن سندس انتقال ٿيو تہ وٽانئس سوَن جي تعداد ۾ بندوقون، هزارن جي تعداد ۾ ڪارتوس، بيشمار چاقو، ۽ اڪيچار ٻيو شڪاري سامان نڪتو. اولاد ڪونہ هوس. سندس جاءِ نشينيءَ تي جهيڙو ٿي پيو. ﷲ تعاليٰ کڻي عملدارن جي ٻڌي، اهو سارو سامان لحظي ۾ تتر بتر ڪري ڇڏيائون.
مون تي مھربان هوندو هو. ٻہ - ٽي دفعا منھنجي ساڻس ملاقات ٿي. کٽ تي پلٿي ماري ويھندو هو، بت ۾ وزني هوندو هو. مٿي جا وار وڏا، ڏاڙهي نہ بي تحاشا وڏي ۽ نہ بلوچڪي اصول خلاف ننڍي، مٿي تي اڇي پڳ، جسم تي پيراهن يا قميص، هيٺتي چوتختي محمودي جي سلوار، پير ۾ نرم سنڌي جُتي، ڏِسڻيءَ خواھہ اٿڻيءَ ويھڻيءَ ۾ حشمت ۽ وقار. پنجاھہ - پنجونجاھہ ورهين جي عمر ۾ انتقال ٿيس.

سردار عبدالرحيم خان کوسو

کوسن جي قوم جيڪب آباد ضلعي اندر چڱي انداز ۾ پکڙيل آهي. منجهس زميندارن ۽ مالدارن جو تعداد پڻ ڪافي آهي. سردار عبدالرحيم خان، جنھن کي برٽش سرڪار ”سردار بھادر“ جو خطاب بہ ڏنو، ان قوم جو اڳواڻ هو. پنھنجن همعصرن اندر اخلاقي طرح، سندس مقام تمام اوچو هو. ڪيترين خصوصيتن سبب ماڻھو سندس ڏاڍي عزت ڪندا هئا. مثلاً ڪوڙو واعدو هرگز نہ ڪندو هو، ۽ ان ڪري ”عبدالرحيم خان جو واعدو“ ضرب المثل بڻجي پيو. ڪوڙ پڻ نہ ڳالھائيندو. راءِ ڏيڻ ۾ منافقيءَ کان ڪم نہ وٺندو. جنھن شخص لاءِ چڱي راءِ ٿيس، ان جو پاسو هرگز نہ ڇڏيندو. پارٽيبازيءَ کان پري رهندو، پر جنھن بہ پارٽيءَ طرف هڪ دفعو لاڙو ٿيس تہ ان سان پڇاڙيءَ تائين گڏيو هلندو. سر غلام حسين سان دوستي هيس ۽ ان کي چڱو ماڻھو سمجهندو هو. پڇاڙيءَ تائين سندس ساٿ نہ ڇڏيائين. ڪامورن جي دروازن تي ڌڪا نہ کائيندو، نہ کين رشوتون کارائيندو. پنھنجي عزت ۽ پنھنجو وقار رکي ڄاڻندو هو. پنھنجي ڳوٺ اندر، بنگلي جي چوڌاري وڏو ڪوٽ کڻائي ڇڏيو هئائين. آيو ويو ڪوٽ جي ٻاهران هوندو، اندر اچڻ جي اجازت ڪوششن سان ميسر ٿينديس. اڻ وڻندڙ ۽ غلط ماڻھن جو منھن ڏسڻ پسند نہ ڪندو هو. جنھن بہ ملاقاتيءَ کي هڪدم ملاقات جو موقعو ڏنائين، تنھن لاءِ اها ڳالھہ باعث امتياز سمجهي ويندي هئي. اسيمبلي يا ڪائونسل جي ميمبريءَ لاءِ ڪڏهن بہ اميدوار نہ بيٺو، حلانڪ سندس اثر ڪافي هو. سبب هيءُ هو تہ ووٽ گهرڻ پنھنجي وقار ۽ خودداريءَ جي منافي ٿي سمجهيائين. البت ضلعي لوڪلبورڊ جي پريزيڊنٽي سا ورهين تائين سندس حوالي رهي، ۽ ان سلسلي ۾ ڪڏهن بہ سختيءَ سان سندس مقابلو ڪونہ ٿيو.
شڪار ۽ هٿيارن گڏ ڪرڻ جو بيحد شوق هوس. پنھنجو اڪثر وقت شڪار پٺيان ئي صرف ڪندو هو. نشانيبازيءَ ۾ يڪتا هو. چوندا هئا تہ ڀڄندڙ گهوڙيءَ جي پٺيءَ تان اڏامندڙ تتر ماريندو هو. ممڪن آهي تہ ان ۾ ڪجهہ مبالغو بہ هجي، پر اها ڳالھہ صحيح آهي تہ سندس هٿ غير معمولي طرح سڌو هو. جڏهن سندس انتقال ٿيو تہ وٽانئس سوَن جي تعداد ۾ بندوقون، هزارن جي تعداد ۾ ڪارتوس، بيشمار چاقو، ۽ اڪيچار ٻيو شڪاري سامان نڪتو. اولاد ڪونہ هوس. سندس جاءِ نشينيءَ تي جهيڙو ٿي پيو. ﷲ تعاليٰ کڻي عملدارن جي ٻڌي، اهو سارو سامان لحظي ۾ تتر بتر ڪري ڇڏيائون.
مون تي مھربان هوندو هو. ٻہ - ٽي دفعا منھنجي ساڻس ملاقات ٿي. کٽ تي پلٿي ماري ويھندو هو، بت ۾ وزني هوندو هو. مٿي جا وار وڏا، ڏاڙهي نہ بي تحاشا وڏي ۽ نہ بلوچڪي اصول خلاف ننڍي، مٿي تي اڇي پڳ، جسم تي پيراهن يا قميص، هيٺتي چوتختي محمودي جي سلوار، پير ۾ نرم سنڌي جُتي، ڏِسڻيءَ خواھہ اٿڻيءَ ويھڻيءَ ۾ حشمت ۽ وقار. پنجاھہ - پنجونجاھہ ورهين جي عمر ۾ انتقال ٿيس.

خانبھادر دلمراد خان کوسو

مردن ۾ مرد، سخن جو سچار، دوستيءَ خواھہ دشمنيءَ ۾ پُختو، سخت عزت پسند، بي تحاشا خرچائو، آرام طلبيءَ کان ڏُور، سختيءَ ۽ مشقت کي زندگيءَ جا لوازمات سمجهندڙ، خانبھادر دلمراد جي معيار جو ٻيو ماڻھو، منھنجي سانڀر اندر، مون کي ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو. بلوچي روايتون مٿس اچي ختم ٿي ويون، گويا سندس موت انھن روايتن جو موت هو.
کوسن جو سردار نہ هو، پر کوسن اندر سندس وقار ۽ هلندي کوسا سردار کان گهٽ ڪانہ هوندي هئي. جيڪب آباد ميونسپل جي اليڪشن ۾ پريزيڊنٽيءَ لاءِ اميدوار بيٺو. وقت جي وڏي کان وڏي سرمائيدار سان مقابلو هوس. ڄاڻن جي راءِ هئي تہ سنڌ جي تاريخ اندر نہ ان کان اڳ ۽ نہ ان کان پوءِ ڪنھن بہ چونڊ تي ايڏو خرچ ٿيو. فقط هڪ هندو مختيارڪار پنھنجي ووٽ جي قيمت ٽيھہ هزار رپيا ورتي! ان وقت جي في رپئي جي قيمت، اڄوڪي رپئي کان ڏھہ حصا وڌيڪ هوندي هئي.
انھن ئي اليڪشني مقابلن جي سلسلي ۾، جيڪب باد جا هندو سندس مخالف ٿي پيا. هڪ شام جو ڪو نامعلوم مسلمان بندوق کڻي شھر اندر ڪاهي پيو. اٺن - ڏهن هندن کي خون ڪري وڃي ٻاهر نڪتو. ساريءَ سنڌ اندر ٿرٿلو مچي ويو. اُهي ڏينھن هندو قوم جي وڏي وقار ۽ زور جا هئا. اهو ئي پھريون واقعو ٿيو، جنھن ۾ قومي منافرت جي بنياد تي هڪ مسلمان هٿان هندو مئا. ان کان پوءِ تہ گهڻا ئي فساد ٿيا، جن ۾ هندن مسلمانن هڪٻئي کي دل کولي ماريو، پر جيڪب باد وارو حادثو ان قسم جو اڃا پھريون حادثو هو، تنھنڪري اُن جي اهميت انداز کان ٻاهر هئي. ان زماني جي ڪن هندو اڳواڻن جو اهو دستور هوندو هو تہ اهڙن معاملن ۾، اصل ڏوهاري هٿ اچي يا نہ، پر مسلمانن مان ڪنھن نہ ڪنھن وڏي ماڻھوءَ کي ضرور جيل ۾ وجهرائين، جيئن سندن ڌاڪو ويھي. جيڪب باد واري حادثي جي سلسلي ۾، جڙتو شاهديون ڏيارائي، خانبھادر دلمراد خان، مرحوم مغفور حڪيم قائم الدين ۽ اٺن ٻين مسلمانن کي خوني سازش واري قلم هيٺ گرفتار ڪرائي ڪورٽ اڳيان رجوع ڪرايائون. عام طرح اهڙن مقدمن ۾ مسلمان قوم مسلمان ”ملزمن“ جي مدد ڪندي هئي، ۽ هندو قوم هندو فريادين جي پاران، پنھنجيءَ دولت ۽ وڪالت جي زور تي پرٽجي پوندي هئي، پر هن مقدمي هلندي مسلمان قوم پنھنجن مظلوم ڀائرن جي ڪا مدد ڪانہ ڪئي. اکيون ٻوٽي، پري کان تماشو ڏسندي رهي. نہ فقط ايترو، پر دلمراد خان جي ڪن مسلمان سياسي مخالفن پاڻ هندن جي امداد فرمائي. برعڪس ان جي، سنڌ جي ننڍي وڏي هندوءَ، هندن پاران، ان مقدمي ۾ ڳوڙهي دلچسپي ورتي، ۽ سمجهيو ائين ٿي ويو تہ ان چڪر مان دلمراد خان جو بچي نڪرڻ محال آهي. پر دلمراد خان پاڻ همٿ نہ هاري، نہ ڪنھن جي اڳيان هٿ ئي ڊگهو ڪيائين. مقدمي جو سارو بار پنھنجي سر تي کڻي بيھي رهيو. سندس پاران سر محمد شفيع مرحوم، لاهور وارو، وڪالت ڪرڻ لاءِ آيو، شايد پندرهن سؤ رپيا في روز فيءَ سان. سکر جي سيشن ڪورٽ اڳيان ڪيس هليو. اهو ئي پھريون ۽ آخري موقعو هو جو مون سر محمد شفيع جي صورت ڏٺي. انھن ڏينھن ۾ مسٽر جناح پڻ سکر ۾ آيل هو، پير صاحب پاڳاري جي پھرئين ڪيس جي سلسلي ۾. مون پھريون دفعو مسٽر جناح سان پڻ ان موقعي تي ئي ملاقات ڪئي. پاڻ ٽَڪر تي، پاڻيءَ واري ٽانڪيءَ جي ڀر واري بنگلي ۾ (جو ان وقت سرڪٽ هائوس طور ڪتب ايندو هو) رهيو ٿي. سر شفيع جي رهائش مير خيرپور جي بنگلي ۾ هئي، جو واٽر ورڪس ۽ پوليس ڪپتان جي بنگلن جي وچ ۾ هوندو هو.
مون کي هينئر چٽائيءَ سان ياد نہ آهي، پر ڪنھن ڳالھہ جي سلسلي ۾ آءٌ سر شفيع سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ويس. گرميءَ جا ڏينھن هئا، پاڻ چينا سلڪ جو تازو استري ٿيل سفيد سوٽ پھريو، ڊرائينگ روم جي وچ ۾ ويٺو هو. ارد گرد ٻيا ماڻھو بہ هئس. سندس مٿو وارن کان خالي، منھن گول، چھري جا خط ۽ خال ٿُلھا، قد اوچو، ڏاڙهي مڇون ڪلين شيو. مون سندس خدمت ۾ احوال پيش ڪيو، پر پاڻ گهڻو توجھہ ڏيئي نہ سگهيو. ڪيس جو ڪم هوس، ۽ ان اپرانڌ، خانبھادر دلمراد خان وٽان بہ ان ڏينھن جي فيءَ جا پئسا اڃا تائين ڪين آيل هئا. فضا قدري ثقيل هئي.
دلمراد خان جو ڪيس ڪاميابيءَ سان ختم ٿيو. ڪورٽ کيس ۽ ٻين سمورن مسلمان ملزمن کي بيقصور ٺھرائي باعزت آزاد ڪيو. مالي ڌڌڪو ضرور دلمراد خان کي پھتو، پر دل جو ڌڌڪو سندس مخالفن کي بہ سھڻو پيو.
مرحوم، ڏسڻي وائسڻيءَ ۾ سؤ في صدي ٻروچ هوندو هو. انھن ڏينھن ۾ لباس وغيرہ جي معاملن ۾ نئون فيشن جيڪب آباد تائين پھچي چڪو هو. سردارن جي نئين پوش، ٻروچڪا جوتا ڦٽا ڪري، انگريزي شُوز پھرڻ شروع ڪيا هئا. موڪري پيراهن جي جاءِ انگريزي طرز جي قميص کي حاصل ٿي چڪي هئي. ٻروچڪي پراڻي وڏي اڇي گول پڳ جي جاءِ تي مشھدي لنگيون اچي ويون هيون، يا ڪلف لڳل پٽڪا - ننڍا، پر طرا اُڀا. قميص جي ٻاهران اڳ ننڍيون صدريون پھريون وينديون هيون، پر هينئر ڊگها فراڪ ڪوٽ مروج ٿي چڪا هئا. مڪمل انگريزي سوٽ - ڪوٽ پھريندي اڃا بہ سردارن کي خوف پئي محسوس ٿيو، ڇو تہ ان مان انگريز حاڪمن سان همسريءَ جي بوءِ اچڻ جو خطرو هو. ساري جيڪب آباد ضلعي اندر، انھن ڏينھن ۾، فقط هڪ نوجوان انگريزي خوان هو، جنھن مڪمل طرح سان انگريزي فيشن جي زندگي اختيار ڪئي. ۽ اهو هو مسٽر محمد پناھہ خان اڍو، جنھن جو مفصل ذڪر ٻيءَ جاءِ تي ايندو.
بھرحال، نئينءَ ۽ پراڻيءَ تھذيب جي انھن سارن تصادمن جي باوجود، خانبھادر دلمراد خان پنھنجي رهڻي ڪرڻيءَ جي معاملي ۾ ڪو بہ نئون اثر قبول ڪونہ ڪيو.

سردار بھادر صحبت خان گولو

مون ڪونہ ڏٺو، پر سندس نالو ۽ سندس روايتون گهڻيون ٻڌم. امير ڪبير هو. صحبت پور (بلوچستان) ۾ رهائش هيس، پر تعلق جيڪب آباد سان اوترو ئي هوس، جيترو ڪنھن بہ ضلعي جي رهاڪو امير جو. اڪيچار دولت جو صاحب ليکيو ويندو هو. هٿ جو پڻ ڏاڍو ڪشادو هو. خير جي ڪمن ۾ خوب پئسو ڏيندو هو. ڪاموري عالم جو تہ ”ان داتا“ هو. جيڪو بہ عملدار سندس حد تي مقرر ٿي ايندو، ان جي مھماني معين ٿيندي - ۽ اها مھماني ان عملدار جي مرندي گهڙيءَ تائين قائم رهندي، پوءِ توڙي جي هو بدلي ٿي وڃي يا پينشن وٺي هليو وڃي. ماني گهڻو ڪري ٻئي ڪنھن وٽ بہ نہ کائيندو. جيڏانھن ويندو، پنھنجو بورچيخانو ساڻ وٺيو ويندو. اوهان جو خاص دوست هوندو تہ اوطاق اوهان جيءَ ۾ رهندو، پر ماني پنھنجي ٺھرائيندو. سبب اهو چوڻ ۾ ايندو هو تہ هو ڪنھن بہ ٻئي شخص جو نمڪ کائڻ پسند نہ ڪندو هو، ڇو تہ هڪ دفعي نمڪ کائڻ ڪري، ٻروچڪي دستور موجب، ساريءَ عمر لاءِ ذميواريون مٿانئس عائد ٿي ٿي ويون. ۽ انھن ذميوارين کان هو بچڻ جي ڪوشش پيو ڪندو هو.
سردار بھادر جيڏانھن ويندو، نوڪرن چاڪرن، منشين مڙن جو وڏو اٽالو ساڻ کنيو ويندو. سندس جاءِ رهائش تي خاصو ميلو لڳي ويندو. اهو پڻ پراڻو دستور هوندو هو. امير ڪيڏانھن بہ اڪيلا نہ ويندا هئا، نوڪر ٿورا ٿي پوندن تہ راڄ جا ماڻھو بہ سڏيو ساڻ کنيو ويندا.
سامان کڻڻ لاءِ انھن ڏينھن ۾ اڃا چمڙي جا ”سوٽ ڪيس“ رواج ۾ ڪين آيا هئا، تنھنڪري خرجينون استعمال ٿينديون هيون. اهي خرجينون ڏاس مان ٺهنديون هيون، جن تي رنگارنگي ڪم ٿيل هوندو هو، ۽ چئني پاسن کان خوبصورت ڪوڏيون، ڪچ ڪوڏيون ۽ جهاٻا جڙيل هوندا هئن. ساڳيءَ طرح ”بستر بند“ جو رواج پڻ اڃا ڪونہ پيو هو. مھمان مورڳو بسترا پاڻ سان کڻي ئي ڪونہ ويندا هئا. اهو فرض ميزبان جو هوندو هو تہ مھمانن لاءِ بسترا فراهم ڪري. جنھن بہ ميزبان سٺا ريشمي بسترا فراهم ڪيا، ان کي آسودو ليکيو ويندو هو. ماڻھوءَ وٽ ٻي ڪا شي گهر ۾ هجي يا نہ، پر ٻہ - چار سٺا بسترا هر حال ۾ موجود رکندو. مھمان در لنگهي آيو، ۽ هڪدم عمدو بسترو وڇائجي نہ ويو، تہ ميزبان لاءِ سخت شرمندگيءَ جو مقام ٿي پوندو. ڇيلي يا ڪڪڙ ڪهڻ جو سوال پوءِ اٿندو، پھرين بسترو وڇندو.
غاليچا ۽ فراسيون، البت، امير ڪبير پاڻ سان ضرور موجود رکندا هئا. جت بہ پھر پاڇو پئجي وين تہ غاليچو وڇائجي ويندو ۽ پاڻ پلٿي ماري ڪچھري ڪرڻ ويھي رهندا.
پئسي جي ڏي - وٺ هندو منشي ڪندا هئا، امير خاص پنھنجي جسم تي گهڻو ڪري پئسو ڪونہ رکندا هئا. هٿيار، تراريون، بندوقون ۽ پستول چؤطرف هوندا هئا. هر رفيق وٽ ڪونہ ڪو هٿيار ضرور هوندو.
سردار بھادر صحبت خان مرحوم متعلق ٻڌڻ ۾ ايندو هو تہ هو انھن سمورين رسمن کي قائم رکيو آيو، ۽ جڏهن سندس انتقال ٿيو تہ ماڻھن کي ڏاڍو صدمو پھتو.

خانبھادر چاڪر خان سھرياڻي

دولت يا جائداد جي لحاظ سان پنھنجن همعصرن سردارن کان گهٽ هوندو هو، پر اثر ۽ وقار، عزت ۽ هشياريءَ ۾ گهڻن کان مٿانھو رهيو. وقت جي انگريز عملدارن جو تہ منجهس مڪمل ڀروسو هوندو هو. کيس عاقل ۽ صاحب فهم سمجهندا هئا. گهڻا ئي اعزاز ڏنائونس. خانصاحب ۽ پوءِ خانبھادر بڻايائونس. سنڌ جو اڪيلو غير عملدار هو، جنھن کي فرسٽ ڪلاس اسپيشل ماجسٽريٽ جا پاور مليا. هوندو فقط سنڌي پڙهيل هو، پر سنڌيءَ ۾ سندس لکيل فيصلا گهڻو ڪري اپيلن ۾ بہ نہ ڦرندا هئا. جو دم زنده رهيو، اثر ۽ عزت سان، مستعد ۽ مشغول.
مون مرحوم کي گهڻو ڏٺو - قداور، ڊگهي سفيد ڏاڙهي، ڊگهو پيراهن، سفيد گول پڳ، هٿ ۾ دائما ڊگهي لٺ، گهڻو ڪري جنڊيءَ لٿل. محفل جو مور هوندو هو، جت ويٺو، رونق لڳي ويئي - لطيفا، قصا، ڪھاڻيون، ۽ ڪڏهن ڪڏهن فارسيءَ ۽ سنڌيءَ جا مثالي شعر پڻ.
هڪ خاص مقصد کي سامھون رکيائين ۽ ساري زندگي ان جي حصول لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو. مقصد اهو هو تہ پنھنجي خاندان جو بنياد پختو رکي. سھرياڻي قوم کي منظم ڪري، پاڻ ان جو سردار بڻيو. زمين وڌايائين، ۽ اولاد کي جديد اعليٰ انگريزي تعليم ڏياري، منجهانئن هر هڪ کي چڱين سرڪاري ملازمتن سان لاتائين. پئسا بچائڻ خاطر اليڪشن جي ڪنھن بہ وڏي جهيڙي ۾ ڪڏهن بہ ڪاهي ڪونہ پيو. ڪو بہ مقابلو يا تصادم ٿيو تہ پاڻ هميشہ ڪناري تي رهيو. هوندو هر جاءِ تي ۽ هر معاملي جي وچ ۾، پر پنھنجي دامن ڦاسائي بغير. دوستيءَ ۽ تعلق جو ڪافي لحاظ رکندو هو. هر گهڙيءَ يار مٽائڻ جي عادت بنھہ ڪانہ هيس.
نماز روزي جو پابند. سندس لٺ جو لوازمو، يعني تسبيح بہ ڪڏهن ڪڏهن گردش ۾ نظر پيئي ايندي هئي.
سندس ڳوٺ جيڪب باد ضلعي جي ڪشمور تعلقي ۾ هوندو هو، پر سندس شخصيت ساري ضلعي ۾ ڇانيل هوندي هئي.

آزاد خان جکراڻي

جکراڻي سردارن جي خاندان مان هو. انگريزي پڙهيائين ۽ سڌو پوليس انسپيڪٽر مقرر ٿيو، ۽ ستت ئي رتيديري تعلقي ۾ بدلي ٿي آيو، جت مون کيس پھريون دفعو ڏٺو. انگريزي پڙهيو، انسپيڪٽر بڻيو، پر ٻروچ جو ٻروچ ئي رهيو. ڊگهي ڪاري ڏاڙهي، جنھن ۾ هٿ سان گهنڊيون پيو ٺاهيندو هو. ٻروچڪو لباس، جنھن ۾ سڌارو فقط ايترو ٿيو جو پيراهن مٿان لنڊو انگريزي وضع جو ڪوٽ پھرڻ لڳو. پيرن ۾ گهڻو ڪري نرم، ڳاڙهي ڀرت تي ڀريل، سنڌي سوچڪي جُتي، موڪرو رنگين ريشمي رومال هٿ ۾، جنھن جي ڪنڊ ۾ چانديءَ مان ٺھيل ڏند ۽ ڪنَ کوٽڻيون ٻڌل هونديون. اٿڻ ويھڻ جي ڦڙتي بلڪل ڪانہ، جت آيو، ٿڌو منھن ڪري ويھي رهيو. آمد بعد، پھرين خوش خير عافيت ٿيندي، کٽ تي نيٽ جو لڪڻ سمھاربو، پڳ لاهي رکبي، مٿي جا ڊگها وار ڇوڙبا، ٿاڌل پيبي، حال احوال وٺبو، چور چڪار جي جاچ ڪبي. ان وچ ۾ ماني ايندي، اها کائبي، ۽ سمھي پئبو. هڪ - ٻہ ٽاپرو ويٺو ٽنگن کي مڪون هڻندو. شام جو اٿڻ البت دير سان ٿيندو. برف پيل ٿاڌل اڳ ۾ ئي تيار هوندي، گلاسن جا گلاس پيا نوش ٿيندا ۽ اوڳرايون ڏبيون. ان وچ ۾ زيردست بہ اچي مجلس ۾ ويھندا، اوڀاريون - لھواريون پيون لڳنديون. گهڙي ساعت بعد رات جي ماني ايندي، اها کائبي. ٻہ - اڍائي سير ماهيو ڪَچو کير کنڊ پيل نوش فرمائبو ۽ ﷲ جو نالو وٺي سمھي پئبو. ٻئي صبح جو معاملو ٻئي صبح ساڻ.
ڪجهہ عرصي بعد، پاڻ نوڪريءَ منجهان ۽ انگريز منجهانئس بيزار ٿي پيا. ان وچ ۾ جکراڻي خاندان جا باهمي اندروني جهيڙا پڻ چوٽ چڙهي ويا. ڪيترائي ماڻھو خون ٿيندا رهيا. آزاد خان استعفا ڏيئي وڃي جهيڙن ۾ جوٽيو. ڪجهہ سالن بعد خود بہ قتل ٿي ويو.
حقيقت هيءَ هئي تہ سردار خيل صاحبزادن ۽ وڏيرڪن ٻارن انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ بہ سرڪاري ملازمتن ۾ گهڻو ڪري ٻوٽو ڪونہ ٻاريو. انگريزن پنھنجي طرفان گهڻي ئي ڪوشش ڪئي. پر هٿي مٿي ڪري جنھن بہ نينگر کي نوڪري ڏنائون، سو ٿورن ڏينھن بعد ناڪام ٿي ٻاهر نڪتو. اصل سوال هو پرورش، عادتن ۽ ڄائي ڄم جي ماحول جو.

حڪيم قائم الدين احمد عليہ الرحمت

حڪيم صاحب جي نالي سان ”عليہ الرحمت“ لکندي جو احساس پيدا ٿئي ٿو، سو دل کي ڏاريو ڇڏي. ڇا، حڪيم صاحب گذاري ويو؟ اهڙو اوچتو؟ نہ موڪلايائين نہ توڪلايائين؟ ۽ هاڻي ميلو ممڪنات کان ٻاهر ٿي پيو! ڪير هينئر منھنجي سار لھندو؟ ور ور ڪري ڪير منھنجي سنڀال ڪندو؟ منھنجي صحت جي، منھنجي دل جي، منھنجي روح جي؟ يار هوم، پر يار بہ هنئين جو حقيقي ٺار. هزار الغرضايون سرزد ٿين، پر شڪايت جي حڪايت زبان تي نہ ايندي. بارها بيھودگيون ۽ بي توجهيون برتجن، پر انھن جي حقير دز، ڪريمي، حليمي، ۽ حوصلي جي ان هماليه پهاڙ کي هرگز غبار آلود ڪري نہ سگهندي. اهي اُهي عظيم انسان هئا، جن بردباري ۽ وسيع القلبيءَ جي انتھائي بلندين تان بيھي اسان پارن ظلوماً، جهولاً، فرومايه، مختصر دل ۽ محدود مزاج ماڻھن جي پستين جا نظارا ٿي ڏٺا، ۽ سو بہ نہ ان غرض سان تہ ڪنھن جي تحقير ڪن يا تضحيڪ، پر ان ارادي سان تہ انھن کي ڍڪين، پدرانہ پلاند سان، ڌوئين، مادرانہ لڙڪن سان!
محبت ڪيائون محبت خاطر، ياري رکيائون، وري نہ ٽوڙيائون، جي پُکي پين، سي ڪڇڻئون وين. مھراڻ جي موجن اندر جنھن مڇيءَ اچي هڪ لڱا پاڻ کي پيوست ڪيو، تنھن کي هميشہ لاءِ پناھہ ملي. پاڻان ورائي، مير مھراڻ، ڪڏهن ڪونہ پڇيس تہ کِک ڀريو کڳو آهين يا گندي گندڻي.
بادل جي فطرت آهي مينگهہ ملھار ڪرڻ، وسڻ ۽ وسڪارا ڏيڻ، پوءِ سامھون سُڃ هجي يا سبزگاھہ، ويءُ هجي يا ويراني!
قادر جي ڪريمي ۽ انسان جي شرافت، ٻہ شيون آهن، قطعاً غير مشروط، ۽ مطلقاً غير محدود. مشروط ڪريمي، ڪريمي نہ پر عدالت آهي، عدل ٿي سگهي ٿو، پر نہ فضل: ساڳيءَ طرح شرافت، مشروط ۽ محدود، پڻ تجارت ليکجي سگهي ٿي، پر نہ شرافت!
قائم الدين جي ڪريمي الطبعي ۽ شرافت پڻ اهڙيءَ ئي ڪڙيءَ رسيل هيون. ڪڌو ڪم دوست کان سرزد ٿئي، پر لڄ حڪيم صاحب کي ٿيندي. احساس جي نزاڪت جو هيءُ عالم جو اُن لڄ کي بہ لڪائڻ جي پيو ڪوشش ڪندو، جيئن دوست کي ڪنھن بہ طرح خفت محسوس نہ ٿئي. پنھنجي پاران شڪايت جو حرف حرام. ياد هميشہ دوست جي نيڪي ئي رهنديس. دوست جو ڪم پيو، شفاخانو فراموش ٿيو. ڪرسيءَ تي رکيل ننڍي ڪٽ سان ڪوٽ ۽ ترڪي ٽوپي، ۽ ڀر ۾ پيل لڪڙ، جنبش ۾ اچي ويندا. گهوڙي گاڏي سڏجي ويندي - دوست اڳ ۾، پاڻ پٺيان. جيستائين هڻي هنڌ نہ ڪندو، واپس نہ ورندو. ڀاڙو پڻ سندس پنھنجي ئي پراڻي ٻٽون مان نڪرندو. واپسيءَ تي ماني پڻ تيار هوندي، جنھن جو ديباچو قسما قسم شربت هوندا. ساوڻ جي موسم ۾ ڪمري اندر ڇڻڪار ٿيل هوندو ۽ جهليءَ ڇڪڻ لاءِ ڇوڪرو موجود.
سندس مجلس پڻ باغ بھار جو نمونو هئي. واقعا، لطيفا، ٽيڪا ٽپڻي، کل مذاق، سڀ مھيا. گفتگو مان جا شي غائب هوندي سا تلخي، ترشي، ڪنھن جي تحقير.
ويٺل کڙيءَ ڪرسيءَ تي، ننڍي ٽيبل سامھون، ٻئي ڪهنا، ورهين جا نيازمند. چوگرد مريضن جو هجوم، هڪ هٿ نبض تي، ٻيو قلم ۾ تشخيصون ٿينديون وينديون، نسخا لکبا وڃبا، ۽ ساڳئي وقت گفتگو جا گل بہ پکڙندا رهندا. خاص احبابن جو تعداد محدود. پر جو خوش نصيب ان زمري ۾ هڪ دفعو داخل ٿيو، سو عمر تائين اڙجي ويو. ڏينھن ۾ هڪ دفعو جيستائين حڪيم صاحب جو منھن نہ ڏسندو، آرام نہ ايندس. مرحوم سردار بھادر عبدالرحيم خان کوسي سان خاص دوستي هيس. سندس معالج بہ هوندو هو، جسماني خواھہ روحاني بيمارين جو. عبدالرحيم خان جي انتقال بعد ساڳيا تعلقات خانصاحب سردار خان کوسي سان پيدا ٿيس، جن کي پنھنجي روايتن ۽ شان مطابق نباهيندو رهيو. جهيڙي جو اعلان ڪرڻ سردار خان جي جوابداري، جهيڙي ۾ جنبي پوڻ ڪم حڪيم صاحب مرحوم جو. پڇندس ايترو بہ ڪونہ تہ جهيڙو ڪنھن سان ٿي رهيو آهي، ڪھڙي سبب جي بنياد تي، ۽ ڪيترو عرصو قائم رهندو. جت پير سردار خان جو پوندو، اتي ئي پيرو حڪيم صاحب جو پسبو. وقتي وندر لاءِ محمد امين کوسي جي موجودگيءَ جو پڻ خير مقدم ڪندو رهندو، باقي سردارن ۽ وڏن ماڻھن کان بلڪل پاسو. بيمار ٿي علاج لاءِ ڀل اچن، پر دوستيءَ جو دم ڪا ٻي چيز آهي.
آءٌ پاڻ انھن ٿورن خوشقسمت انسانن مان آهيان، جن کي حڪيم صاحب جي شفقت جي نعمت نصيب ٿي.
سال شايد 1930ع هو. جيڪب باد ميونسپل پريزيڊنٽيءَ جي چونڊ تي لٺ لڳي ويئي هئي. انھن ڏينھن ۾ جيڪب آباد ميونسپل اليڪشن جو دستور هوندو هو تہ چونڊ کان گهڻو اڳ سرمائيدار اميدوار پنھنجن مددگار ميمبرن کي ڀڄائي وڃي ڪنھن ڏورانھين شھر ۾ لڪائيندا هئا، جيئن مخالف ڌر وارا کين ان وچ ۾ پئسا ڏيئي ڦيرائي نہ وڃن. ميمبرن جي انھن جلاوطن ٽولن لاءِ خاص انتظام ٿيندا هئا، ۽ گهڻو ڪري لاهور يا ڪوئيٽا طرف - کانا پينا، گانا بجانا، سڀ مال مفت ۽ مناسب، ”واسري“ ان اپرانڌ!
حڪيم صاحب پاڻ ميمبر هو، پر جنھن اميدوار سان واسطو پيو هوس، سو هڪ غير سرمائيدار وڪيل هو، جنھن جي پاران باقي ميمبرن کي لڪائڻ جي ذميواري پڻ حڪيم صاحب جي پنھنجي ئي وجود تي اچي پئي هئي. لاهور ۽ ڪوئيٽا تائين تہ وٺي ڪونہ ٿي وڃي سگهين، پر سکر تائين ضرور آڻي ڪڍيائين. ساڻس گڏ وڪيل اميدوار پڻ هو، جنھن سان منھنجي واقفيت هئي. آءٌ سکر جي “سنڌ زميندار جو ايڊيٽر هوس. هڪ صبح، اوچتو، وڪيل صاحب ساري مجموعي کي وٺي اچي غريبخاني تي موجود ٿيو. ان مجموعي ۾ حڪيم صاحب بہ هو ۽ منھنجي ساڻس ملاقات پھريون دفعو ان ڏينھن ٿي.
خبر نہ آهي. کيس ڏسڻ شرط ئي ڇو منھنجي دل هيءُ اعلان ڪري ڏنو تہ ان شخص سان ساريءَ عمر لاءِ دوستي رکڻي آهي. ڪا شي هئي، جنھن هڪدم ڇڪي ورتو.
ظاهراً اُگريءَ ۽ سخت طبيعت جو صاحب ڏسڻ ۾ ٿي آيو. قداور، ڀريل جسم، رنگ سانورو، سنجيدگي، متانت ۽ رعب جي هڪ اهڙي تصوير، جنھن تي مصور ڪنھن سخت قلم سان لڪيرون ڪڍيون هجن. مُک تي مرڪ بنھہ ڪانہ. گفتگو پنھنجي طرفان شروع ڪانہ ٿيندي، پر ڪو ٻيو اهڙي جرات ڪندو تہ جواب ٻارهن نہ پر محض ٻن اکرن ۾ ملندس.
هيترن سالن جي غور بعد، آءٌ ٿڌي دماغ سان سوچي هن نتيجي تي پھتو آهيان تہ مون کي سندس نيازمند بڻجڻ لاءِ شايد سندس ٻن خصوصيتن جي احساس اُڀاريو هوندو: (1) ذاتي اخلاق ۽ سياسي ڪيريڪٽر - جنھن اليڪشن جي سلسلي ۾ مخالف سرمائيدار اميدوار پاران هزارن ڪلدارن جي ورکا ٿيندي ٿي رهي، عين ان اليڪشن ۾ هڪ ڪنگال وڪيل جو پاسو وٺي بيھي رهڻ (چوطرف جي سخت رشوتي ماحول کي نظر ۾ رکندي)، هڪ معمولي ڪيريڪٽر واري ماڻھوءَ جو ڪم ٿي ڪونہ ٿي سگهيو، ۽ نہ وري حڪيم صاحب پاڻ ئي ڪو سرمائيدار يا دنيوي ذميدارين کان آجو انسان هو، (2) سندس ڪم گوئي ۽ چھري ۽ نگاھہ جي سختي - فرومايه يا بي مابي انسان ۾ ايتري خود اعتمادي يا سنجيدگي پيدا ٿي نٿي سگهي، تنھنڪري، بغير چئي ۽ سواءِ ڪنھن خاص قول ڪئي، چُپ ئي چُپ ۾، ٻنھي دلين هڪٻئي سان ٻول ٻڌي ڇڏيا، جن کي نہ سنڌي زندگيءَ جا حوادث، ۽ نہ وقت جا آهني هٿ ئي ڪڏهن ٽوڙي سگهيا.
1938ع جي اوائل تائين اڃا ڪانگريس جو چرچو هو، حڪيم صاحب بہ ڪانگريس جو همدرد هوندو هو. پر 1938ع جي پڇاڙيءَ ۾ ظاهر ٿي پيو تہ گهڻا ڪانگريسي هندو، جماعت خواھہ قوميت کي، خاص هندن جي سياسي طاقت وڌائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن. تنھنڪري آءٌ ۽ ٻيا ڪيترا مسلمان ورڪر مسلم ليگ ۾ گهڙي پياسين. حڪيم صاحب خود لاءِ وري بہ سياسي پارٽي بدلائڻ ڏکيو ٿي پيو. حالات ڪھڙا بہ هجن، پر هڪ دفعو ڪانگريس ۾ رهڻ بعد، ساڳيءَ جماعت جو مخالف ٿي بيھڻ سندس طبيعت کي ڪونہ ٿي آئڙيو. پر هو ٻن باهين ۾ - هڪ طرف وضعداري ۽ پراڻي تعلق جي ڇِڪ، ۽ ٻئي طرف اسان ساٿين جي ڪشش - مورڳو سياست کان ڪناره ڪش ٿي ويھي رهيو. ذاتي تعلق، ڪانگريسي خواھہ مسلم ليگي ساٿين سان هڪڙي ئي ڪڙيءَ تي نباهيندو آيو.
1938ع جي آخر ۾ قائداعظم محمد علي جناح، بطور صدر آل انڊيا مسلم ليگ، سنڌ جو دورو ڪيو. پھرئين جوش جي جولانيءَ ۾ جيڪب آباد جي ڪن وڏيرن پڻ اچي دعوت ڏنيس، تنھنڪري پروگرام ۾ جيڪب آباد بہ شامل ڪئي ويئي. پر مقرر ڏينھن تي جڏهن اسان جو قافلو جيڪب آباد اسٽيشن تي پھتو تہ معلوم ٿيو تہ پبلڪ ميٽنگ جو انتظام رکيل ڪونہ هو. ﷲ بخش وزارت جي خوف ۽ جيڪب آباد اندر ڪانگريس جي زور سبب ميٽنگ ڪرڻ محال سمجهي ويئي هئي. ڪيترا وڏيرا ۽ سردار تہ بنھہ اوطاقن تي قلف چاڙهي، اهو ڏينھن جيڪب آباد ڇڏي وڃي ڪٿ لڪا هئا.
حاجي عبدﷲ هارون مرحوم، جنھن جي وساطت سان جيڪب آباد جو پروگرام ٺھيو هو، سخت ششدر ٿي پيو. اهڙن معاملن جي سلسلي ۾ قائداعظم مرحوم جي طبيعت جي گرمي خاص طرح سان مشھور هوندي هئي. مرحوم عبدﷲ هارون انتھائي پريشانيءَ جي حالت ۾ مون ڏانھن نھاريو. آءٌ، جناح صاحب ۽ خود مرحوم سيٺ صاحب کي ويٽنگ روم ۾ ڇڏي، ڀڄي وڃي حڪيم صاحب وٽ پھتس. منھنجو هيڻو حال ڏسي حيڪم صاحب اٿي کڙو ٿيو. مسلم ليگ جماعت جو تہ ڪو نانءُ نشان ئي ڪونہ هو، جنھن جي ورڪرن کان ميٽنگ جي باري ۾ ڪم وٺي سگهجي ها. تنھنڪري حڪيم صاحب هلي ڪانگريسي ورڪرن کي حڪم ڪيو تہ هڪدم پبلڪ ميٽنگ جو بندوبست ڪن. آڪٽوبر مھينو، جيڪب آباد جي گرمي، وقت منجهند، پر ڪانگريسي ورڪرن ان هوندي بہ خاص حڪيم صاحب جي لحاظ خاطر، ڊڪي ڊوڙي، چوڪ ۾ ماڻھو گڏ ڪيا ۽ پاڻ، پنھنجون گانڌي ٽوپيون لڪائي، مٿا اگهاڙا ڪري، اچي ميٽنگ ۾ ويٺا. جناح صاحب تقرير ڪئي، دٻيل زبان ۾ ڪانگريس جي ڪٺي ڪيل حاضرين ”زنده باد“ جا نعرا هنيا. معاملو رفع دفع ٿي ويو. جناح صاحب ۽ اسين جيڪب آباد کي خيرباد چئي، خير خوبيءَ سان واپس روانا ٿي وياسون.
اٺن - نون سالن اندر پاڪستان ٺھي ويو. قائداعظم پاڻ گورنر جنرل بڻجي آيو. دنيا نئون پيراهن پھريو. اُهي ساڳيا مغرور وڏيرا ”آبا اجدا“ کان مسلم ليگي هجڻ جون دعوائون ڪندا، سياسي شجرا هٿن ۾ لڙڪائيندا، اچي مسلم ليگي محفل جي عين وسط ۾ ويھي رهيا. سندن استقبال ۾ چئني طرفن کان مرحبا جا آواز اُٿيا، جو جو سياسي مرغ مسلم پاڪستان جي دسترخوان تي پيل نظر چڙهين، سوري پاڻ ڏانھن ڪيائون. اهلاً و سھلاً! ”فَضل يا شيخ“!
پر حڪيم صاحب وري بہ بدستور پنھنجي ساڳئي مختصر مطب اندر، ساڳيءَ ڪهني ڪرسيءَ تي سوار ٿيو ويٺو رهيو، ۽ حالات جي بي ثباتي ۽ ماڻھن جي هلڪڙائيءَ تي کلندو رهيو - بيفڪر، بيپرواھہ، بيغرض!
1945ع ۾ آءٌ انڊين ليجسليٽو اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ اميدوار بيٺس. بغير سرمايي، بغير آسري ۽ بغير انتظام جي - هڪ قول هو، هڪ ضد هو، جو پورو ڪرڻو ٿي پيو. پر حڪيم صاحب مرحوم جو حال انھن ڏينھن ۾ ڏسڻ وٽان هو. مريض فراموش، مطب خاموش، ننڊ ختم، آرام حرام - ٽانگو ۽ پاڻ، جيڪب آباد جا جهولا ۽ حڪيم صاحب جو جسم. مھيني بعد وڃي مون سندس منھن ڏٺو. ائين نظر آيو، جيئن سڙيل گوشت جو ٽڪر. پر مسرت جي مُرڪ ان کان پوءِ بہ مُک تي موجود رهيس. مون عرض ڪيو تہ ميمبري ايترو لھي ئي ڪانہ، جيتري تڪليف هو پاڻ وٺي رهيو آهي. چيائين ”ميمبري واقعي ڪا شي ڪانہ آهي، اصلي سوال هيءُ آهي تہ دشمن ائين نہ سمجهن تہ جيڪب آباد اندر علي محمد جو هڪڙو سچو دوست بہ ڪونہ هو!“
بطور طبيب جي پڻ، قائم الدين مرحوم وڏي پايي جو صاحب هو. دهليءَ جي طبيه ڪاليج مان سَند ورتائين، ۽ بعد ۾ ڪجهہ وڌيڪ عرصو پڻ دهليءَ ۾ رهي عملي تجربو حاصل ڪيائين. تشخيص ۾ پنھنجن همعصرن جي حلقي اندر يڪتا هو.
سندس انتقال اوچتو ٿيو، دل جي ٽٽڻ سبب. آخر ڪيترا ڏينھن اها غريب دل چوطرف جي بيوفائين جا سور سهندي رهي ها؟ هلي، جيترا ڏينھن هلي سگهي - نيٺ هڪ ڏينھن خاموش ٿي ويئي، پر خاموش ڇا ٿي، محبت ۽ وفا جي سمورين وستين کي ويران ڪري ڇڏيائين.
خواجه غلام فريد صاحب عليہ الرحمت کي جڏهن سندس دوست مخدوم سيد ميان ولايت شاھہ بخاي اُچ واري جي قضيي جي خبر ملي، تڏهن سندس زبان مان بي اختيار نڪتو!
لڏ گئي محرم راز دلين دي، ها نال جنھان دي رَلا،
آپ وُٺي وڃ رنگ محلان، سانون ڇوڙ اڪلا،
جائي ڄم ديان پيان مونجهان ڳل وچ، وه قسمت دا ڀلا،
نا ڪوئي حال سُڻي، نا ڏيوي آس اُميد تسلا،
ملسون ڦير ”فريد“ جڏان ڪوئي سانگ بڻيسي ﷲ.


- اسان جي اندر جي عقيدت بہ ساڳي ئي رهجي ويئي آهي.

مولوي محمد حسين مرحوم

مولويءَ جي فقط تھمت ڌريل هُيس، ورنہ مڙس مکڻ هو. ”الحنيف“ پريس کي ميان ڪريم بخش ٽانوريءَ ڇڏيو، تہ مولوي محمد حسين ورتو. شڪارپور مان کڻائي جيڪب آباد ۾ ويو، ۽ اتان زندگيءَ جي آخري دم تائين جاري رکيو آيس. حنفي تحريڪ ختم ٿي ويئي، ان جا اڪثر باني وڃي ابدي ننڊ ستا، مگر ”الحنيف“ پاڻ ٽُلڪندي رهي.
مولوي محمد حسين دوستيءَ جي حقن کي مذهبي معتقدات مطابق ملحوظ رکندو هو. نماز ۾ ناغو پئجي وڃي، روزو قضا ٿي وڃي، مگر دوستيءَ جي فرائض جي ڀڃڪڙي نہ ٿيندي. احبابن جي جنھن حلقي ۾ هڪ دفعي داخل ٿيو، وري ان جي حد نہ اورانگهيائين. ”ڪم گو مگر بسيار ڪن“ هو. نہ ڊاڙ هڻندو، نہ لٻاڙ. ڪڏهن ڪڏهن تہ جواب کان بہ جواب هوندو مگر دوست ڪم چيو ۽ پاڻ جنبي ويو، پوءِ مرڻ جيئڻ جي بنھہ ڪانہ ڪندو.
هو اصل وارھہ تعلقي، ضلعي لاڙڪاڻي جو، مگر عمر جو وڏو حصو جيڪب آباد ۾ صرف ڪيائين. لاڙو ڪانگريس طرف هوندو هوس، مگر منھنجي زور بار سبب مسلم ليگ سان پڻ ڳن ڏيو بيٺو هو.
پھريون دفعو دهلي مون سندس معيت ۾ ڏٺي. سنڌ جي بمبئيءَ کان جدا ڪرائڻ لاءِ تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي. لنڊن ۾ پھرين رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس ٿي رهي هئي. اسان جو مقصد هو تہ لاهور ۽ دهليءَ جي مسلمان اخبارن کي تحريڪ جي حمايت تي آمادہ ڪريون.
لاهور ۾ ان وقت ٽي مشھور مسلماني اردو اخبارون هونديون هيون. مولانا ظفر علي خان جي ”زميندار“، سالڪ ۽ مھر جي ”انقلاب“، ۽ سيد حبيب جي ”سياست“ انھن ڏينھن ۾ تازو هڪ انگريزي هفتيوار پرچو پڻ جاري ٿيو هو، جنھن جو نالو هو ”ايسٽرن ٽائمز“، فيروز سنز وارا ڪڍندا هئا. ”زميندار“ اخبار ڪانگريس ۽ قوميت جي پرچار ۾ مصروف هئي، مولانا ظفر علي خان کي انگريز سان دشمني مقصود هئي، تنھنڪري ننڍين ڳالھين تي توجھہ ڏيئي ڪونہ ٿي سگهيو. ان کان سواءِ جيلن ۾ پڻ سندس اچ - وڃ ٿيندي ٿي رهي. لاهور جي هڪ دوست ٻڌايو تہ اليڪشن جي زماني ۾ جڏهن بہ پنجاب جي انگريز پرست ليڊرن کي مولانا کي باند ڪرائڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي هئي، تہ شاگردن جي هڪ ٽولي کي جهنڊيون هٿ ۾ ڏيئي مولانا ڏانھن موڪليندا هئا. ڇوڪرا پري کان ”ظفر الملت مولانا ظفر علي خان زنده آباد“ جا نعرا هڻندا ويندا هئا. مولانا جي ڪن تي جيئن ”زنده آباد“ جو آواز پھچندو هو، تيئن اٿي کڙو ٿيندو هو. ان وچ ۾ ڇوڪرا بہ اچي پھچندا هئا.
”ڪيا هو گيا؟ ڪيا هوگيا!“
”مولانا، ڪيا هوگيا، ظلم هوگيا!“
”ڪيا ظلم؟“
”انگريز ڪا ظلم، حڪومت ڪا ظلم - آپ ميدان مين جلوہ افروز نہ هونگي تو قوم مرجائيگي“. بس، مولانا نہ ڪندو هم نہ تم، لٺ هٿ ۾ کڻي اچي چوڪ ۾ بيھندو ۽ ٻہ - ٽي ڪلاڪ ساندھہ پيو انگريزن کي گاريون ڏيندو. پوليس اڳ ۾ ئي تيار بيٺي هوندي. بغاوت جي ڏوھہ ۾ مولانا کي گرفتار ڪري، ڪندي چالان عدالت ۾. عدالت مان مولانا کي ٻہ - ٽي سال جيل جي سزا ملي ويندي.
مولانا پاڻ تہ ٿيو باند، پٺيان چالو ٿي ويندو ليڊرن جي اليڪشن وغيرہ جو ڪم. چونڊ پوري ٿيڻ بعد مولانا کي جيل ۾ رکڻ جي ڪا ضرورت ڪانہ رهندي. خود مولانا جي صحت بہ ان وچ ۾ خطري جي قريب رسي ويل هوندي. تنھنڪري مولانا قيد جي ميعاد پوري ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي آزاد ٿي، واپس گهر ايندو.
”زميندار“ اخبار پاڻ مولانا صاحب جي انھن چڪرن ۾ گرفتار هئي، تنھنڪري ان وٽان اسان جي تحريڪ کي ڪا بہ مدد ملي ڪانہ سگهي.
”انقلاب“ جو مولانا مھر پاڻ علامہ اقبال سان گڏ ولايت ويل هو. پٺيان مولانا سالڪ سان ملاقات ٿي. پر اسان جو عرض مولانا جي بذله سنجيءَ ۽ ”افڪار و حوادث“ جي لَڙهيءَ ۾ لُڙهي ويو. ڪو خاص نتيجو ڪونہ نڪتو.
البت سيد حبيب گهڻي ئي همت ڏيکاري. سندس ”سياست“، اخبار مضمونن پٺيان مضمون شايع ڪيا، جنھن جو اثر انگريزي هفتيوار ”ايسٽرن ٽائمز“ پڻ قبول ڪيو، ۽ هڪ - ٻہ ايڊيٽوريل سنڌ جي جدائيءَ جي فائدي ۾ لکي ڇڏيائين.
لاهور مان هلي دهليءَ پھتاسين. ”الامان“ اخبار اڪيلي مسلمان اخبار هوندي هئي، جا پيئي هندن سان مقابلا ڪندي هئي. سندس مالڪ ۽ ايڊيٽر مولانا مظھرالدين کي، ڪجهہ وقت اڳ ۾، ڪن خبيثن خون ڪري ڇڏيو هو، تنھنڪري اخبار جو ڪاروبار هينئر سندس بيواھہ، ۽ ان جي پاران هڪ شخص سيد عبدالحميد شملويءَ جي حوالي هو. اسان جي گهڻي مدد ٿي، ڪافي آٿت مليو.
اطمينان جي عالم ۾، مولانا محمد حسين ۽ مون دهليءَ جو سير شروع ڪيو. جامع مسجد جو جنسار ڏسي، عقل ئي دنگ رهجي ويو. خوب نمازون پڙهيونسين.
لال قلعي ۾ پھچڻ بعد ائين پئي سمجهيوسين تہ ڄڻ ڪنھن خواب جي عالم ۾ آهيون. حقيقت ايتريقدر خوبصورت هجي، سو ڪيئن ممڪن ٿِي ٿي سگهيو؟ - پر هئي حقيقت. بھادر شاھہ، آخري بادشاھہ، جي حرم محترم جا ڪپڙا شيشي جي ڪٻاٽن ۾ ٽنگيل ڏسي، اسلامي سوز گداز ڳوڙهن جي صورت اختيار ڪري ڏني.روئندا پٽيندا، ڪجهہ وقت بعد ٻاهر نڪتاسين.
اسان جو اهو سارو سفر فقط هڪ سؤ رپين جي خرچ سان طئہ ٿيو، جيڪي پڻ مولانا محمد حسين ڀريا. سستائي هئي، ضرورتون مختصر، ٿرڊ ڪلاس جو سفر اهڙو ئي آرام ده، جھڙو بعد جي فرسٽ ڪلاس جو.
مولانا مرحوم جي بيگم صاحبہ جو ساڻس غير معمولي عشق هوندو هو. گهڙي پھر بہ سنگتين سان ويھڻ نہ ڏيندي هيس. مون تي خاص ناراضگي هوندي هيس، ڇو تہ منھنجي جيڪب آباد وڃڻ بعد مولانا جو گهڻو وقت مون سان صرف ٿيندو هو. مائي صاحبہ ڪڏهن ڪڏهن مون تي مغلظات جا وسڪارا بہ ڪندي هئي، ۽ بلڪل اوطاق جي دروازي جي ٻاهران بيھي. مولانا پاڻ بيوس هوندو هو، ۽ منھنجي بچاءَ ڪرڻ کان عاجز.
مرحوم جي عبدالرحمان خان بگٽيءَ سان دلي دوستي هوندي هئي. عبدالرحمان خان تي سندس والد نواب محراب خان بگٽي ناراض هو، جنھنڪري سندس عمر جلاوطنيءَ، تنگدستيءَ، نظربنديءَ ۽ بيماريءَ ۾ پيئي گذرندي هئي، مولانا جي دل ۾ هميشہ ان ڳالھہ جو ناسور چڪندو رهيو. عبدالرحمان وٽ سارو وقت سڃائي ۽ سُڃ، سندس مخالفن وٽ هر شي موجود. پر مولانا جي ديانت ۾ ڪڏهن ڪو خم ڪونہ پيو، حالانڪ رشوتخوريءَ ۽ لالچ خاطر دوستن کي وسارڻ ۽ وڪڻڻ جو رواج انھن ڏينھن ۾ عام ٿيڻ لڳو هو.
نہ وري مولانا صاحب پاڻ کي ڪڏهن وقتي حڪومت جي هٿ تي ئي وڪيو. باغي رهيو، اول کان آخر دم تائين. جا بہ تحريڪ انگريز جي خلاف هوندي، مولانا جي شرڪت لازماً ان ۾ هوندي.
غرض تہ مولانا محمد حسين انھن برگزيدہ هستين مان هو، جن سچائيءَ کي هميشہ سونھن جو باعث سمجهيو، ۽ ان جي دٻاءَ هيٺ زندگيءَ جا قدر ۽ اخلاق جا اصول ڪڏهن بہ هٿان نہ ڇڏيا. ڌڻي تعاليٰ کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي!

محمد اسلم اچڪزئي ۽ برڪت علي ”آزاد“

جت تشدد هوندو آهي، بغاوت جو سلو بہ اتان ئي اسرندو آهي. بلوچستان ۽ ساڻس ملحق سنڌ جو جيڪب آباد ضلعو، انگريز شاهيءَ جو آخري ڳڙھہ هوندو هو. انگريزن بلوچستان کي سرحدي علائقو ٺھرائي، اتان جي رهاڪن جي ڳچيءَ ۾ نوڪر شاهيءَ جي غلاميءَ جو ڳٽ وجهي ڇڏيو هو. ڪيترن سردارن تہ پوءِ بہ ان ڳٽ کي زيور ٿي سمجهيو، پر اهل نظر ۽ عزت نفس رکندڙ انسانن لاءِ ڳٽ ڳٽ ئي هو.
اسلم اچڪزئي انھن نوجوانن مان هو، جن بلوچستان اندر انگريزن جي راڄ خلاف سڀ کان پھريائين جهنڊو کنيو، ڌاري حڪومت، سرداري سسٽم، ۽ نوڪر شاهي، سڀ کي مصيبت سمجهيائون، ۽ ان مصيبت کي لاهڻ لاءِ جيڪا بہ موڙي وٽن هئي، سا قربان ڪيائون. اسلم گهراڻي چڱي جو هو، پر موڙي وٽس فقط ”جان عزيز“ هئي. بلوچستان مان جلاوطن ٿيو، جيڪب آباد ۾ رهي، اتان مچٽ مچائڻ شروع ڪيائين.
برڪت علي هڪ سلڇڻو، تعليم يافتہ ۽ درد دل رکندڙ مڪاني نوجوان، اسلم سان شامل ٿيو. انھن ٻن کي ڏسي، ٻيا بہ اچي مڙيا. چڱو چهچٽو لڳي ويو. اخبارن ۾ آرٽيڪل پمفلٽ، ميٽنگون، تقريرون، غرض تہ تحريڪ جا سارا لوازمات پورا ٿيندا رهيا. ڪجهہ وقت تہ انگريز ڏسندا رهيا، پر نيٺ تنگ ٿي سخت قدم کڻڻ شروع ڪيائون - زبانبندي، جيلخانو، ضلعي مان نيڪالي، جيتري بہ بڇڙائي ٿي سگهين ٿي، سا ڪندا رهيا. اسلم مرحوم کي دق ٿي پيو، ۽ ان وگهي جوانيءَ ۾ ئي جھان ڇڏڻو پيس. ڪامريڊ برڪت علي شايد اڃا تائين زنده آهي، پر صحت اُن جي بہ تحريڪ جي نذر ٿي ويل هئي.
ڪجهہ وقت لاءِ انھن نوجوانن کي يوسف خان مگسيءَ جي سرپرستي پڻ حاصل ٿي. 1935ع واري ڪوئيٽا جي زلزلي ۾ يوسف علي خان اوچتو انتقال ڪري ويو، جنھنڪري هو وري بہ اڪيلا رهجي ويا.
يوسف علي خان مرحوم عجيب انسان هو. نواب قيصر خان مگسيءَ جو ٻيو نمبر فرزند هو. انگريزن نواب صاحب مرحوم کي جلاوطن ڪري، ملتان ۾ رهايو هو. نواب صاحب پنھنجو سارو خاندان (سواءِ وڏي پٽ گل محمد خان جي) پاڻ سان وٺي ويو. ڪن سالن کان پوءِ سندس انتقال ٿيو. سندس مسند تي پھريائين سندس وڏي پٽ گل محمد خان کي ويھاريائون، گل محمد خان جي معزوليءَ بعد پڳ يوسف علي خان کي ورثي ۾ ملي.
يوسف جي جواني پنجاب جي ماحول ۾ بسر ٿيل هئي. بلوچستان جون حالتون ۽ اتان جي عملدار شاهي ڪٿان ٿي کيس آئڙيون؟ بلوچستان جي اصلاحات لاءِ تحريڪ شروع ڪيائين. نوابيءَ جو مخملي لباس لاهي، کدر جو ڪڙتو ۽ پاجامو پھريائين. دولت، ڪافي انداز ۾، سندس والد جي ڇڏيل هئي، کلئي هٿ سان تحريڪ تي خرچ ڪندو رهيو.
مون سان ڪيترا ڀيرا ملاقاتون ٿيس. ليڊريءَ جا سمورا انداز منجهس موجود هئا. ڪڏهن ڪڏهن شعر بہ چوندو هو، جو لاهور جي ”زميندار“ اخبار جي سرورق تي پيو شايع ٿيندو هو. انگريزن ڪجهہ وقت لاءِ نظربند ڪيس، مگر نہ معافي ورتائين، نہ سجدہ سھو ئي ڀريائين. قومي ورڪرن جي ڪافي پرورش ڪندو رهيو. جيڪڏهن زلزلي واري حادثي ۾ شھيد نہ ٿئي ها، تہ وڏي ڪمال کي رسي ها.
سندس وڏي ڀاءُ گل محمد خان جو مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان. پنھنجي رنگ ۾ هو صاحب بہ يڪتا هو. سردار بڻيو، پر سرداريءَ ذريعي جي سھولتون ميسر ٿيس، تن کي شعر شاعريءَ لاءِ ڪتب آڻيندو رهيو. کيس يقين ٿي چڪو هو تہ پاڻ وڏي پايي جو شاعر آهي، ۽ سندس درجو فردوسيءَ کان ٿورو گهٽ، پر نظيريءَ کان يقيناً مٿي آهي. نہ فقط شعر چيائين، پر صورت ۽ رهڻي ڪرڻي بہ شاعرن جھڙي ڪري ڇڏيائين. ڪجهہ وقت بعد ماڻھو کيس ديوانو سمجهڻ لڳا. اڳتي هلي انگريزن جي بہ ساڳي راءِ ٿي، تنھنڪري مورڳو سرداريءَ کان معزول ڪري، شھدادڪوٽ ۾ رهائي ڇڏيائونس، جت ڪجهہ عرصي بعد سندس انتقال ٿيو. فارسي ڪلام جا ٻہ ديوان شايع ٿيل اٿس. مون کيس بہ ڏٺو، ۽ سندس والد مرحوم نواب قيصر خان کي به. نواب قيصر خان وڏو مدبر هو، سياست جو ماهر، ۽ فارسي علم جو چڱو ڄاڻو. طبيعت جو قدري ضدي هوندو هو، ۽ پنھنجيءَ ڳالھہ تان هرگز نہ هٽندو هو، پوءِ نقصان ڪيترو بہ ڇو نہ ٿي وڃي. چانڊين منگسين جي پاڻ ۾ لڙائي اپر سنڌ جي مقامي تاريخ جو هڪ اهم واقعو هو. حڪومت طرفان ڪيترو بہ زوربار آيو، پر نواب قيصر خان چانڊين سان وڙهڻ کان ڪين مڙيو. سندس جلاوطني ۽ منگسين جي سرداريءَ کان معزوليءَ جو هڪڙو سبب اُها رنجيدگي بہ هئي. مرحوم کي مون ڪيترا ڀيرا ڏٺو. لاڙڪاڻي کان سکر ويندي، ريل گاڏيءَ ۾ سيڪنڊ ڪلاس ۾ ويھندو هو. ڏاڙهي وڏي هيس. پر نہ چاپئين، وار ڊگها، بت جو ڀريل. مخمل جو سائو ڪوٽ، جنھن تي مختصر زريءَ جو ڪم ٿيل هوندو هو، سندس مرغوب لباس هوندو هو. هٿيارن جي ڀري هردم ڀر ۾ رکندو هو، جن ۾ رائفل، تلوار، پستول، ۽ ڪارتوسن جا پٽا هوندا هئا، پير ۾ ڀرت ڀريل سنڌي جُتي پيل هوندي هيس. نڪ اگهڻ لاءِ ڳاڙهو وڏو رومال هٿ ۾. گفتگو ۽ حالات معلوم ڪرڻ جو شوقين هو. ناواقف ماڻھوءَ سان بہ ڳالھہ ٻولھہ ڇيڙيندي ڪونہ مڙندو هو.
منگسين جو حال تہ ضمناً اچي ويو، اصل مقصد هو ڪامريڊ برڪت علي ۽ مرحوم اسلم اچڪزئيءَ جو احوال ڏيڻ. انھن ٻنھي نوجوانن جيڪب آباد جي ماحول ۾ ڪافي ڦيرو آندو. ميڻ بتيءَ وانگر پاڻ کي رجايائون، ان لاءِ تہ ٻين لاءِ روشني هجي.

خانصاحب سھراب خان سرڪي

جيڪب آباد ۾ ٻروچن جو زور ڏسي، غير ٻروچن بہ ذاتين ۽ پاڙن جي بنياد تي پاڻ کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. ممڪن آهي تہ ڪنھن وقت جي انگريز عملدارن کي اها ڳالھہ سُجهي آئي هجي، ۽ ٻروچن جي مقابلي تي غير ٻروچن کي اٿاري کڙي ڪرڻ لاءِ ان قسم جو اشارو ڏنو هجيئون، ڇو تہ جن ڏينھن جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، انھن ڏينھن ۾ عملدارن جي اشاري يا اجازت کان سواءِ وڻن جا پن بہ ڪونہ ٿي لُڏيا.
آءٌ انھن ڏينھن ۾ هڪ هفتيوار اخبار ايڊٽ ڪندو هوس. اوچتو اطلاع اچي رسيو تہ سرڪي قوم جو وڏو جلسو ٿي گذريو، ۽ سرداريءَ جي دستار وڏيري سھراب خان جي سر تي رکي ويئي. مضمون ۾ اڳتي هلي نئين سردار جا ذاتي فضائل ۽ خصال بيان ڪيل هئا، ۽ ڪجهہ حصو سندس ”خيبر شڪن“ تقرير جو پڻ ڏنل هو. مضمون سان گڏ هڪ خط هو، جنھن ۾ لکيل هو تہ جنھن پرچي ۾ اهو مضمون شايع ٿئي، اهو پرچو، سال جي چندي ۾، سردار صاحب ڏانھن وي.پي. ڪري موڪليو وڃي. ان زماني ۾ ڪنھن بہ مضمون شايع ڪرڻ لاءِ وي.پي. جو دلاسو ڏيڻ لازمي هوندو هو. ايڊيٽر کي چندي جو دلاسو رسيو، تہ مضمون جو مطلب ڇا آهي، تنھن جي ڪا پرواھہ ڪانہ ڪندو، اکيون ٻوٽي شايع ڪري ڇڏيندو، پوءِ ڀل اڳتي هلي ان مان خود سندس پنھنجي وجود لاءِ ڇو نہ ڪو خرخسو پيدا ٿي پوي. اڪثر اهڙن ئي مضمونن جي بنياد تي ايڊيٽرن جي خلاف بدناموسيءَ جا ڪيس داخل ٿيندا هئا، ۽ هڪ سال جي چندي عيوض ويچارن کي ورهين جا ورهيہ ڪورٽن جا ڪشٽ پيا ڪاٽڻا پوندا هئا.
سردار سھراب خان کي خاص طرح سان اها صلاح ملي چڪي هئي تہ ايڊيٽرن جي وات ۾ هميشہ چوڳو وجهندو رهي، تنھنڪري هو صاحب هر اخبار جو مستقل خريدار هوندو هو. جيڪا بہ اخبار نڪرندي، تنھن جو پھريون پرچو سھراب خان جي نالي ضرور وي.پي ٿي ويندو. ايڊيٽر، ان سببان، هميشہ سندس لحاظ رکندا هئا. نزلو ٿيندو هوس، تہ بہ پبلڪ کي اپيلون ڪندا هئا تہ هن مخير ۽ فخر قوم سردار جي جان بخشيءَ ۽ صحت لاءِ هٿ مٿي کڻي ڌڻيءَ اڳيان ٻاڏايو وڃي.
اخباري پروپئگنڊا سھراب خان مرحوم جي سرداريءَ کي خوب چمڪايو. سنڌ جدا ٿي، تہ پاڻ نئين سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو.
مرحوم تمام نرم مزاج ۽ حضور شرم قِسم جو انسان هوندو هو. ڪنھن بہ ٻانھن کان اچي جهليس، تہ ان کي جواب ڪونہ ڏيندو هو. وزير ۽ وزيريءَ جا اميدوار تہ ماشاءَ ﷲ ان فن جا ماهر هوندا هئا. جڏهن بہ ڪو وزارتي زلزلو آيو، تہ ٻنھي ڌرين جا هٿ سردار سھراب خان جي ٻانھن ۾ هوندا هئا.
جدا سنڌ جي پھرين وزارت سر غلام حسين ٺاهي هئي، اپريل 1937ع ۾. مارچ 1938ع ۾، ان وزارت کي ڪيرائڻ لاءِ سانباها ٿيا. جنھن ڏينھن فيصلي ڪن ووٽنگ ٿيڻي هئي، ان ڏينھن مخالف ڌر وارا سردار سھراب خان کي موٽر ۾ ويھاري منگهي پير طرف کڻي ويا، ۽ اوستائين موٽڻ ڪونہ ڇڏيائونس، جيستائين هڪڙي ووٽ جي گهٽتائيءَ سبب سر غلام حسين جي وزارت شڪست کائي ڪِري نہ پيئي.
سھراب خان مرحوم جي اهڙيءَ نرم مزاجيءَ جا مظاهرا ڏسي، سياسي حلقن کي سخت صدمو ٿي رسيو. اهي ڏينھن اڃا ابتدائي هئا، ماڻھن جي سياسي اخلاق سان هاڃي ٿيل ڪانہ هئي. ڪو بہ شخص پارٽي بدلائيندو هو تہ سندس خلاف سخت نفرت پيدا ٿيندي هئي. 1939ع جي اوائل ۾ جڏهن مرحوم سر غلام حسين اوچتو مسلم ليگ ڇڏي وڃي ﷲ بخش پارٽيءَ سان شموليت ڪئي، ۽ اتان هوم منسٽريءَ جو عھدو ورتو، تہ ماڻھن جا دماغ قطعاً چڪرائجي ويا هئا. سر غلام حسين جي ڪيترن دوستن ۽ سياسي رفيقن ساڻس ذاتي تعلق بہ ٽوڙي ڇڏيا، ۽ ساريءَ سنڌ اندر ايتري قدر غصو پيدا ٿيو جو هزارن جي تعداد ۾ ماڻھو مسلم ليگ ۾ گهڙي پيا، اڳتي هلي، سنڌي ليڊرن جون اهي ڦڙتيون گهرتيون ڏسي، مرحوم جمشيد مھتا مورڳو سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبريءَ تان استعفا ڏيئي ڇڏي.
ڌڻي تعاليٰ کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي، سھراب خان مرحوم کي ڪنھن بہ شخص کي رنجائڻ ۽ نااميد ڪرڻ سخت ناپسند هوندو هو، ۽ سندس ان خصوصيت جو ئي اڪثر ليڊر پيا فائدو وٺندا هئا. قداور پر ڇڙڪ مڙس هو. مائل بہ نفاست، خوش پوش ۽ خوش خلق.

ٻہ چاچا

چاچو ميان ﷲ بخش قوم لاشاري، عمر 65 - 70 ورهيہ، سؤ فيصدي لاشاري ٻروچ، سفيد ڏاڙهي ڊگهي، پير ۾ گهيتلو هيٺتي هلڪي سلوار - ڪڏهن ڌوتل ڪڏهن ميري، جسم تي پاسي سان ڳچيءَ وارو پيراهن، سر تي پڳڙ، هٿ ۾ نيٽ جو لڪڙ، سندس فرزند ميان غلام قادر خان وڪيل جي ڪجهہ ترقي ۽ ڏيک ويک ٿي، تہ پاڻ هڪدم مٿس ناراض ٿي پيو، خاص مٿس نڪتيچيني ڪرڻ لاءِ هڪ هفتيوار اخبار ڪڍيائين. انگريزن جو زمانو هو - اخبار نويسي ڪم آسان هو، فقط ڊپٽي ڪليڪٽر اڳيان ڊيڪلريشن ڏيڻو پوندو هو تہ آءٌ فلاڻي نالي سان اخبار جاري ڪريان ٿو، جا فلاڻيءَ پريس مان ڇپجي نڪرندي، باقي خير.
چاچي ﷲ بخش کي ڪنھن شرير سُر ڏنو تہ هو هڪ پرچو مون ڏانھن روانو ڪري، منھنجي راءِ پڻ معلوم ڪري. غلام قادر خان منھنجو دوست هو. سُر ڏيندڙ شرير جو اهو خيال هو تہ آءٌ راءِ ضرور خراب ڏيندس، جنھن کان پوءِ چاچو سائين مون تي بہ ناراض ٿي پوندو، ۽ پنھنجي مخصوص انداز ۾ پنھنجا لطف ۽ ڪرم ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو.
سندس پرچي ۽ حڪمنامي پھچڻ شرط مون سندس خدمت ۾ هڪ نھايت ئي نياز ڀريل راقعو روانو ڪيو - عرض ڪيم:
“خدمت ۾ فيضواري وڏي شان ۽ وڏي مانَ وارو، فخر جيڪب آباديان، محترم قومان، صاحب سو مان، گوش هوشمندان، بيني ِّ بزرگان، شڪم درويشان، دست
رستم زمان، پاءِ قلندران، خان خرد مندا، سرتاج ايڊيٽران، شمع شاعران، حضرت عموي صاحبيم، چاچا سائين ميان ﷲ بخش خان، دام فيوض تڪم.
”واڌو وينتي تہ چاچا سائينجن جو پليل پيار ڀريل پرچو اڄ رسيو، دل بھار ٿي ويئي، دماغ تي سينٽ ۽ عطر هارجي ويا. مضمون ڇا هئا؟ پرچي جي ترتيب ۾ ڪھڙا ڳوڙها راز رکيل هئا؟ هر اکر ۾ معنائن جا ڪيڏا درياھہ سمايل هئا؟ بس، ڏسي ۽ پڙهي، دل مان دانھن نڪري ويئي تہ اسدﷲ عرف غالب خان کان پوءِ هڪ چاچو ﷲ بخش خان ئي دنيا اندر پرگهٽ ٿيو، جو صحافت جي آسمان مٿي گهيتلي سان پيو گهُمي.
چندو بذريعي مني آرڊر عرض رکيو اٿم. پرچي جي هر هفتي عنايت ٿيندي رهندي تہ بندي جا دين دنيا ٻيئي روشن ٿيندا رهندا. واڌو حد ادب.
- و غير ذالڪ من الهفوات“
مون تہ اهو خط لکيو محض پنھنجي سِر بچائڻ لاءِ ڪھڙي خبر هيم تہ ان مان منھنجي دوست غلام قادر خان لاءِ پاڻ وڌيڪ ممڻ مچي پوندو.
رقعي پھچڻ بعد چاچي سائينءَ جي قدم کنيا، سي هيءُ هئا:
خط کڻي وڃي حڪيم قائم الدين صاحب وٽ پھتو. کانئس ”گالب کان“ جو پتو پڇيائين. حڪيم صاحب ٻڌايس تہ جنھن اسدﷲ عرف غالب خان جو ذڪر خط ۾ ٿيل آهي، سو وڏو جرنيل ٿي گذريو آهي، جنھن جون اڪبر بادشاھہ سان جنگيون ٿينديون رهيون هيون. ”شڪم درويشان“ تي حڪيم صاحب جي منھن تي مُرڪ ڏسي، هڪدم معنيٰ جي فرمائش ڪيائين. جواب مليس تہ ان جي معنيٰ آهي تہ ”درويش جي پيٽ وانگر تنھنجي پيٽ ۾ بہ فقط نُور سمايل رهي ٿو.“ باقي ڪابہ اهڙي تشبيھہ خط ۾ نظر ڪانہ آيس، جنھن جي معنيٰ ازخود سمجهي نہ سگهيو هجي. اٿندي حڪيم صاحب کي چيائين تہ ”باقي سڄو خط پڙهي ويو آهيان، ساڳي ”آريزيءَ“ (عريضي) جي ڍنگ تي لکيل آهي. مرادوند ڇوڪرا پنھنجن وڏن ڏانھن هميشہ آريزي ناموني (نموني) جا ئي ليٽر لکندا آهن. هڪڙو گلامّ ڪادر ٻيءَ طرح جو آهي، ان سان هينئر پڄي پونداسين.“ (چاچو مرحوم ڪنھن زماني ۾ عريضي نويسيءَ جو ڪم ڪري چڪو هو.)
اتان اٿي پريس ۾ آيو. منھنجي خط کي پھرئين صفحي تي ڇپارايائين، ۽ مٿس سرخي هنيائين- راشدي صاحب جو ساٽيفڪٽ.“
ان کان پوءِ اچي ويٺو چونڪ جي هوٽل ۾. آئي وئي کي رستي تان سڏيو پئي خط پڙهايائين. خط پڙهائيندي پڙهائيندي پڙهندڙ کي ٻہ - ٽي سخن بہ ڏيندو ٿي رهيو - چي، ”اوهان... هئا، ڪونہ ٿي مڃيوَ تہ ڪو ﷲ بخش خان بہ ايڊيٽر آهي. هاڻي ڏسو- اوهان جي بابي راشديءَ بہ ساٽيفڪٽ ڏيئي ڇڏيو آهي تہ چاچو ﷲ بخش ”گالب خان“ کان بہ مٿي آهي!“
”غالب“ جيڪب آباد جي ماڻھن ۾ مشھور ڪونہ هو، تنھنڪري جڏهن کانئس پڇيو ٿي ويو تہ اهو خانوادو ڪير هو، تہ پاڻ سمجهاڻي ٿي ڏنائين:
”..... ڄٽ، ڪتي جا ڦٽ، اوهان کي گالب کان جي بہ کبر ڪانہ آهي! جرنيل هو، اڪبر بادشاھہ سان انھيءَ گالب کان جرنيل جون تہ چوٽون ٿينديون ٿي رهيون. پت اڃا بہ نہ اچيوَ تہ وڃي پنھنجي بابي قائم الدين کان گالب کان جون کبرون پڇو.“
ان واقعي کان پوءِ، سندس ڪلام ۾ غلام قادر خان لاءِ پاڻ وڌيڪ تيزي پيدا ٿي، جنھن جو مون کي ڏاڍو ارمان رهيو. مون کي ڪا خبر ڪانہ هئي تہ منھنجي ساٽيفڪٽ کان پوءِ چاچي مرحوم کي پنھنجي قلم ۾ وڌيڪ ويساھہ پيدا ٿيندو ۽ ان جو اثر منھنجي دوست غلام قادر تي پوندو.
ڪجهہ عرصي بعد عموي صاحبيم جو انتقال ٿيو، ۽ ان طرح منھنجن چاچن جي فهرست اندر هڪ خانو خالي ٿيو.
ٻيو چاچو، بحمدﷲ تعاليٰ، اڃا تائين زندھہ ۽ قائم آهي. اهو آهي ميان نبي بخش خان سرڪي، عرف ”لالو مٺو،“ ايڊيٽر اخبار ”اتحاد“ جيڪب آباد.
نيڪ نفس، نيڪ دل، ۽ محبت ڪندڙ انسان آهي. هميشہ چڱو ڍڪي، چڱو کائي، چڱو گهمي، چڱو گهتي! باوجود ان جي جو ڪاري عينڪ چوويھہ ڪلاڪ ئي چڙهيل هوندي اٿس، مگر منجهانئس ڏسندو سڀڪجهہ پيو. جيڪب آباد ميونسپالٽيءَ سان وابستہ ڪنھن شخص کان بہ پنھنجي فرائض جي ادائگيءَ ۾ ڪا ڪوتاهي ٿي ويئي، تہ ”ڌيان طلب“ مضمونن جي ڌم لڳي ويندي، ۽ اوستائين سندس جان نہ ڇڏيندو، جيستائين يا تہ اڳلو پنھنجي اصلاح ڪري، يا وري چاچي سائينءَ جي خلاف بدناموسيءَ جو ڪيس داخل ڪري.
ٻھراڙيءَ جي پوليس عملي تي پڻ سندس ڪرڙي نظر آهي. جمعدارن ۽ صوبيدارن جي ڪارگذارين بابت ”جناب ڪماني صاحب“ جي ”ڌيان طلبي“ گهڻو ڪري هر هفتي ٿيندي رهي ٿي. جن کان چڱو ڪم ٿئي ٿو، تن جي تعريف ۾ پڻ مضمون شايع ٿين ٿا، ۽ ان قسم جي هر مضمون جي انتھا ”جوڳي قدرشناسيءَ“ عرف ”مناسب انعام“ جي سفارش سان ٿئي ٿي. ڪنھن رن روڳڙيءَ کي مڙس کان طلاق وٺڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي تہ ”نوٽيس“ چاچي جي اخبار ۾ ئي پڌرو ڪرائي ٿي.
غرض تہ ضلعي جي پبلڪ ۽ صحافت جي گهڻين ئي ضرورتن جي پورت، لالي مٺي، جي قلم ۽ پرچي جي ذريعي ٿيندي رهي ٿي- چڱو مچٽ مچايون ويٺو آهي.

ڊکڻ

”ذات نہ پڇي ڏات، جيڪو لوچي سو لھي.“
ڳڙهي ياسين تعلقي جا ڊکڻ، ذات جا ڊکڻ هئا، پر ڏات وگهي نہ پاڻ کي پر ڊکڻ اکر کي بہ باعث عزت بڻائي ڇڏيائون.
رتيديري کان ڳڙهي ياسين ويندي، رستي تي ٻہ شھر اچن ٿا، بڊو ۽ عبدالرحيم خان ڊکڻ جو ڳوٺ. اهي ٻيئي ڳوٺ مردم خيز ثابت ٿيا.
ملا محمد عثمان، اسان کان اڳ ٿي گذريو. منھنجو استاد حضرت مولانا محمد سومر عليہ الرحمة چوندو هو تہ محمد عثمان وڏو عقلمند، دور انديش ۽ پرهيزگار شخص هو. سندس ڪمال اهو هو تہ توڙي جو پاڻ ملا قسم جو ماڻھو هو، ۽ ان زماني ۾ ان قسم جي ماڻھن کي انگريزي علم ۽ تھذيب کان سخت نفرت هوندي هئي، پر ايندڙ وقت جي تقاضائن کي اڳواٽ محسوس ڪري، هن پنھنجن چئن ئي پٽن کي اعليٰ قسم جي انگريزي تعليم ڏياري. چئن مان ٻہ ايم.اي.ايل. ايل. بي.، ۽ ٻہ بي. اي. ايل. ايل. بي. ٿيا.
سندس وڏو فرزند، مرحوم غلام مصطفيٰ خان عيساڻي، ڊپٽي ڪليڪٽر بڻيو، ۽ مون کيس گهڻو ڏٺو. سندس ٻئي نمبر فرزند، غلام صديق خان مرحوم، پڻ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رٽائر ڪيو.
اهي ٻيئي انسان، پنھنجي پنھنجي نوع ۾، عجب طبيعتن جا مالڪ ٿي گذريا. خوشقسمتيءَ سان، منھنجو واسطو ٻنھي صاحبن سان پيو.
غلام مصطفيٰ خان جون خصوصيتون ٻڌو:
انھن ڏينھن ۾ هر هڪ ديسي علمدار وقت ۽ عھدي جو فائدو وٺي، پاسو پلؤ لُٽي ڦري، پنھنجا گهر پئي ٺاهيا، مگر غلام مصطفيٰ خان کي شوق هو تہ پنھنجو گهر ڊاهي ۽ پنھنجي وجود کي تڪليف ۾ وجهي، ٻين جا گهر اڏيندو رهي. شال نہ ڪو سوالي وٽس لنگهي اچي - گهر خواھہ دفقرِ، ٻيئي بنھہ مٿي تي کڻي بيھي رهندو. پاڻ وٽ ڪم هوندس تہ جيستائين سندس آفيس جي منشين اهو ڪم پورو ڪري نہ ڏنو آهي، اوستائين مٿن لٺ پئي وسندي ۽ سارو دفتر ٿرٿلي ۾ هوندو. وڃڻ کان اڳ، ڪم واري ماڻھوءَ کي ماني بہ کارائيندو - البت پڊنگ جي جاءِ تي سندس حق ۾ ٻہ - چار اُگرا اکر ضروري چئي ڇڏيندو. سواليءَ جو ڪم جيڪڏهن ڪنھن ٻئي عملدار ۾ هوندو تہ غلام مصطفيٰ خان کان پنھنجو ڪم بلڪل وسري ويندو. هڪدم ٽانگو سڏجي ايندو: وڏو ٽوپلو مٿي ۾ وجهي، لٺ هٿ ۾ کڻي وڃي واسطيدار آفيسر وٽ پھچندو، ۽ اوستائين سندس پچر نہ ڇڏيندو، جيستائين ان سواليءَ جي حاجت پوري ڪري نہ ڏني اٿس. ساڳيو ڪاروبار واٽ ويندي بہ چالو رهندو. مثلاً، هڪ ڏينھن سکر ۾ ٽانگي تي چڙهيو، مون سان ڪنھن طرف هلي رهيو هو. سکر جيل وٽان لنگهياسين تہ رستي تي هڪ واقف ڳوٺاڻي ٻروچ تي نظر پئجي ويس. ٽانگو روڪي، کانئس جيل ٻاهران رستي تي بيھڻ جو سبب پڇيائين. ٻروچ ٻڌايس تہ جيلر ۾ ڪم اٿم. ٻانھن کان ڇڪي چاڙهيائينس ٽانگي تي، ۽ ٽانگي واري کي حڪم ٿيو تہ هل جيل جي دروازي تي. جيل جي گيٽ ٻاهران بيھي. اندران جيلر کي سڏارايائين. جيلر اچي گيٽ جي ٻئي پاسي کان بيٺو. غلام مصطفيٰ خان سواليءَ جو ڪم ٻڌايس. جيلر ڪم ڪرڻ کان ڪجهہ قدر پاڻ ڪڍائڻ لڳو. اچي ويو غلام مصطفيٰ خان کي جوش- دروازي جي سيخن مان پنھنجو لڪڻ اندر لنگهائي، ان جو انگوڙو جيلر جي گردن ۾ وجهي، کيس زور سان پاڻ ڏانھن ڇڪڻ لڳو. اِن جسماني ڪارروائيءَ سان گڏ، زوردار گفتگو جي ذريعي، جيلر صاحب جو روحاني معالجو بہ ٿيندو رهيو. غرض تہ اوستائين جيلر جي ڳچيءَ مان انگوڙو نہ نڪتو، جيستائين هن ڪم ڪرڻ جو وعدو نہ ڪيو. هلڻ کان اڳ، کلندي، جيلر کان سندس هر هڪ گهر - ڀاتيءَ جي خير عافيت جو احوال بہ پڇي ورتائين.
هڪ دفعي، منھنجي ڪنھن ڪم جي سلسلي ۾، مون سان گڏجي ڀِرين واري مرحوم سيد مراد علي شاھہ ڏانھن هليو. ڀرين مان ڪم لاهي، ريل ۾ سوار ٿيڻ لاءِ، موٽي پڊ عيدن اسٽيشن طرف آياسون. گاڏي اڳ ۾ ئي پلئٽفارم تي اچي ويئي هئي، تنھنڪري ٻاهرئين ڦاٽڪ واري، گيٽ بند ڪري ڇڏيو هو. ٽانگو ڇڏي، پاڻ پنڌ پلئٽفارم طرف هلڻ لڳو. پلئٽفارم جي ڇيڙي تي آياسين تہ گاڏي ڇٽي هلي. پاڻ هڪل ڪري (ان هڪل ۾ ڪن اهڙن اکرن جي بہ آميزش هئي جن جي نوعيت متعلق پڙهندڙن کي پنھنجو دماغ استعمال ڪرڻو پوندو)، ڊرائيور کي حڪم ڪيائين تہ ”جهل گاڏي!“ ڊرائيور ڪنھن فيصلي تي پھچي، ان کان اڳ ئي، وک وڌائي، لڪڻ جو انگوڙو وڌائين ڊرائيور جي ٽَنگ ۾، ريل بيهجي ويئي. پاڻ ساري ريلوي اسٽاف تي غصي جو اظھار ڪندو، هلي ويٺو گاڏيءَ ۾، ۽ ان کان پوءِ ٽرين رواني ٿي روهڙيءَ طرف. اڳئينءَ اسٽيشن تي سوڊالمليٽ واري کي سڏ ٿيو. هڪ ئي ڍڪ ۾ ٻن ٻاٽلين پيئڻ بعد محسوس ٿيس تہ ٻاٽلين ۾ پوري برف ڪانہ هئي. ريلوي انتظام جي دوباره تعريف ٿيڻ لڳي! خوف وچان، سوڊالمليٽ واري ڀائيبند جون اکيون ٻاهر نڪري آيون. نيٺ، مون وچ ۾ پئي، ڊنل ڀائيءَ جي جان ڇڏائي.
هڪ وقت روهڙي ڊويزن جو ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيو. سموريون غير آباد سرڪاري زمينون، ادنيٰ مالڪاڻي تي، آئي وئي ۾ ورهائي ڇڏيائين. سوين ماڻھو سکيا ستابا ٿي ويا. اهو حال ڏسي، سرڪار مورڳو زمينن ڏيڻ جا اختيار ڊپٽي ڪليڪٽرن کان کسي ورتا.
ٻئي وقت تحريڪ ٿي تہ زميندارن جي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ خاص ڪاليج کولجي ۽ ان لاءِ چندو گڏ ڪجي. غلام مصطفيٰ خان، پنھنجي تاريخي لڪڻ سان ليس ٿي، چندي گڏ ڪرڻ لاءِ نڪري پيو. ڪنھن کي مجال جو کيس خالي موٽائي! ٿوري ئي عرصي اندر مقرر ڪيل رقم گڏ ٿي ويئي. ان وچ ۾ سندس بدلي بمبئيءَ طرف ٿي. پٺيان ڪاليج ڪونہ کلي سگهيو، پر ان رقم ۽ شيخ قادر واري گڏ ڪيل چندي مان ڪراچيءَ اندر مسلمان شاگردن جي رهائش لاءِ هاسٽل تعمير ٿيو، جنھن کي پھرين ”ليسلي ولسن مسلم هاسٽل“ ۽ هينئر ”جناح هاسٽل“ سڏيو پيو وڃي.
عيساڻي ڀائرن جا ڪي خاص اصول هوندا هئا. جن سان دوستي رکيائون، انھن جي خدمت ۽ مدد ڪندي، پنھنجن هٿن ساڙڻ ۽ مفادن کي قربان ڪرڻ کان بہ پوئتي ڪين پوندا، پر جنھن بدبخت انسان سان پوَت نہ پين، اُن جي پاڇي کان بہ پري پيا ڀڄندا.
مرحوم غلام مصطفيٰ خان جي سرڪاري ملازمت بہ ان خصوصيت سبب ئي قبل از وقت ختم ٿي ويئي. پاڻ ٿاڻي ضلعي (بمبئي پريزيڊنسيءَ) ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر هو. سنڌ ان زماني ۾ بمبئي پريزيڊنسيءَ سان لاڳو هوندي هئي. ڪيترا سنڌي عملدار مرحوم عيساڻيءَ جي ذريعي بمبئي سيڪريٽريٽ مان پنھنجي اضافي ۽ رڪارڊ وغيرہ متعلق پيا خبرون هٿ ڪندا هئا. عيساڻي صاحب جا دوست ڪثرت سان هوندا هئا، حتاڪ سيڪريٽريٽ جي ڪانفيڊنشل برانچ بہ سندس دسترس کان ٻاهر نہ هوندي هئي. جا بہ خبر کيس گهربي هئي، سا انھن دوستن ذريعي آسانيءَ سان معلوم ڪري سگهندو هو. ڪن بد باطن ماڻھن اها ڳالھہ وڃي سرڪار تائين پھچائي. چي، عيساڻي صاحب اهڙو ڄار پکيڙيو آهي جو سرڪار جو ڪو بہ مخفي ڪاغذ کانئس مخفي ڪو نہ ٿو رهي، ۽ هر ڪو سنڌي عملدار سندس معرفت پيو پنھنجي رڪارڊ متعلق خبرون گهرائي. هڪ اهڙي ئي بدباطن ماڻھوءَ کي ان ڪم تي رکيو ويو تہ هو غلام مصطفيٰ خان معرفت پنھنجي ڪانفيڊنشل رڪارڊ جي ڪاپي هٿ ڪري آڻي سرڪار وٽ پيش ڪري. اهو ماڻھو وڃي غلام مصطفيٰ خان کي چنبڙيو. غلام مصطفيٰ خان، حسب طبيعت، سندس چيو ڪو نہ موٽايو. هڪ دوست ذريعي سندس مخفي رڪارڊ جو اصلي نقل وٺي سندس سپرد ڪيائين. اهو نقل وڃي پھتو سرڪار وٽ. فيصلو ٿيو تہ سرڪاري رازن جي افشان ڪرڻ واري جرم هيٺ غلام مصطفيٰ خان جي نوڪري ختم.
جا ڳالھہ ان سلسلي ۾ خاص طرح سان ڏکوئيندڙ هئي، سا هيءَ تہ غلام مصطفيٰ خان پنھنجي عرصي ملازمت اندر هزارن ماڻھو جون مددون ڪيون هيون، ان حد تائين جو ڪو بہ سوالي وٽانئس خالي ڪونہ موٽيو، پر جڏهن خود مٿانئس وقت آيو، تڏهن انھن بدبختن مان ڪنھن هڪڙي شخص بہ ميدان ۾ نڪري سندس مدد ڪانہ ڪئي.
پاڻ بہ مرحوم سخت خوددار هوندو هو. نوڪريءَ مان خارج ٿي اچي گهر ويٺو ۽ زمينداري ڪم ڪرڻ لڳو، پر پنھنجي باري ۾ ڪنھن بہ دوست آشنا اڳيان هٿ نہ ڊگهيريائين!
غلام مصطفيٰ خان جو ٻيو نمبر ڀاءُ غلام صديق خان تہ قطعاً ﷲ لوڪ هو - وڏو عالم ۽ وڏو فلاسفر. پھرين بطور مختيارڪار جي ملازم ٿيو، ۽ ڪجهہ عرصي بعد ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. ملازمت جي سلسلي ۾ ساري سنڌ ڦِريو. ڪڏهن دفتردار، ڪڏهن ڊپٽي ڪليڪٽر، ڪڏهن سٽي ماجسٽريٽ. مختصر دوست رکندو هو، پر جنھن کي دوست سڏيائين ان تي قربان هوندو هو. دوستيءَ جون جوابداريون سختيءَ سان محسوس ڪندو هو، تنھنڪري دوست اوترا ڪندو هو، جن متعلق اُهي جوابداريون نباهي سگهي. راءِ جو سخت هوندو هو، ڪنھن شخص لاءِ راءِ خراب ٿيس تہ هميشہ لاءِ خراب ئي رهندس. اُن راءِ جي بنا تي ڪو خاص نقصان بہ نہ پھچائيندس، ڇو تہ ڪنھن بہ انسان کي هٿ وٺي نقصان رسائڻ سندس فلسفي موجب گناھہ عظيم هو، پر نہ ساڻس دوستي رکندو ۽ نہ سندس ويجهو ئي پوندو.
ساري زندگي فلسفيانہ هيس. دنيا اندر ماڻھو مسافر آهي، تنھنڪري دنيا سان دل لائڻ جي معنيٰ آهي ذميواريون وڌائڻ، اطمينان قلب ختم ڪرڻ، ۽ قيمتي وقت ضايع ڪرڻ، ماڻھوءَ جي پنھنجي دنيا پنھنجي دل ۽ دماغ اندر آهي، تنھنڪري پنھنجو حال پاڻ سان ئي اورجي، پنھنجو ڏک پاڻ سان ئي ونڊجي. شيون اوتريون ڌارجن، جيتريون زنده رهڻ لاءِ سخت ضروري هجن، ۽ نہ ايتري انداز ۾ جو انھن جي حاصل ڪندي ۽ سنڀاليندي ماڻھو خود پريشانيءَ ۾ مبتلا رهي. مال ملڪيت جنجال آهي. اوترو هجڻ ڪافي آهي جو ماڻھوءَ کي انتھائي سادگيءَ سان زنده رهڻ خاطر نہ ڪنھن جي اڳيان هٿ ڊگهيرڻو پوي، نہ عزت نفس برباد ٿئي، ۽ نہ ڪنھن غلط ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پوي. وڏائي، تڪبر ۽ غرور بيوقوفيءَ جون علامتون آهن. دنيا ۾ ماڻھو مسافر آهي، پرڏيھيءَ ۽ مسافر کي مغروري ڪرڻ نہ جُڳائي.
پنھنجي حياتي ڪيئن گذاريائين، تنھن جو تفصيل ٻڌو.
عام لباس: مٿي تي پراڻو ٽوپلو، جسم تي سستي ڪپڙي جي قميص، ڳچيءَ ۾ سستي ٽائي، هيٺ تي گوڏن تائين خاڪي نِڪر، ڊگها جورابَ ۽ سستي ۾ سستو شوز. سرديءَ جي زماني ۾ اوني ڪوٽ، ۽ ڦٽل رنگ جي ڊگهي پتلون. منھنجي قياس موجب، ساريءَ حياتيءَ اندر ٻن - ٽن جوڙن ڪپڙن کان مٿي نہ چوڙيائين.
خوراڪ: سادو ڇِٽو ٻوڙ، ۽ ڪڻڪ جي اڻ مکيل ماني. ڀاڄي ملي تہ گوشت جي ويجهو نہ وڃبو.
رهائش: هڪ ڪھنہ سال ڪرسي پنھنجي ويھڻ لاءِ، ۽ ٻي هڪ - اڌ آئي وئي واسطي. سمهڻ لاءِ سنڌي کٽ، ڪتابن رکڻ لاءِ ٽپائي، لکڻ پڙهڻ لاءِ ميز جو ٽُڪر. نہ آرائش نہ زيبائش، نہ آرٽ نہ نمائش.
سواري هميشہ ڀاڙي جي ٽانگي ۾ ٿيندي - نہ موٽر، نہ گهوڙو، نہ اُٺ ڌارڻو. نوڪريءَ جي ڪم بعد جيترو وقت بچندس، سو ڪتابن ۽ اخبارن بلي هوندو. در بند ٿي ويندو، ملاقاتين لاءِ ”صاحب گهر موجود ڪونہ هوندو“. صحت کي بحال رکڻ لاءِ صبح شام ٻہ - چار ميل پنڌ ٿيندو، سو بہ ڪنھن ويرانيءَ طرف، جت ماڻھو منھن نہ پوي. پگهار مان سٺ - ستر رپيا پنھنجي خرچ لاءِ رکندو، باقي عزيزن خويشن، بيواھہ عورتن، يتيم ٻارن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيندو. پنھنجي لاءِ رکيل سٺ - ستر رپين جو پڻ وڏو حصو ڪتابن خريد ڪرڻ تي خرچ ڪندو.
اوائل زندگيءَ ۾ شادي ڪيائين، جنھن مان پٽ ڄائس. گهرواريءَ جي ستت ئي فوت ٿي وڃڻ بعد، وري نہ شادي ڪيائين ۽ نہ دوباره گهرو زندگي ٺاهيائين. پٽ نوجوان ٿيس، جنھن شادي بہ ڪئي، پر عين جوانيءَ جي ڦوھہ ۾ هڪ حادثي وگهي فوت ٿي ويو. ماڻھن سمجهيو ٿي تہ ان صدمي وگهي غلام صديق خان ختم ٿي ويندو، مگر نہ پاڻ ختم ٿيو ۽ نہ سندس زندگيءَ جي روزاني پروگرام ۾ ڪو فرق آيو. بطور هڪ فلاسفر جي، ان پيالي کي خنده پيشانيءَ سان پِي وڃي مٿي چڙهيو.
رٽائر ڪرڻ کان پوءِ تہ ماڻھن سان تعلقات بنھہ ٽوڙي ڇڏيائين. سياري جا ڏينھن ڳوٺ بڊھہ ۾ رهندو هو، جت هڪ ماڙي ٺھرائي، ان جي مٿئين طبقي ۾ تنھا رهڻ، ڪتاب پڙهڻ، ۽ غور فڪر ڪرڻ لڳو. ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي وٽس وڃڻ جي اجازت نہ هوندي هئي. وقت تي فقط نوڪر مانيءَ جو ٽڪر ڪُنڊ ۾ رکي ٻاهر نڪري ويندو هو، ۽ ڪجهہ وقت بعد وري اچي خالي ٿانوَ کڻي هليو ويندو هو. جاءِ جي ڇت پنجاھہ فوٽ ڊگهي هوندي هئي. صبح جو ”واڪ“ بہ اُن ڇت تي ٿيندو هو، جيئن هيٺ لهڻ سان ماڻھوءَ جي منھن پوڻو نہ پوي.
سانوڻ جي موسم ۾ ٺٽي ۾ رهندو هو. سندس هڪ وفادار ملازم هوندو هو، جنھن ساري عمر سندس خدمت ۾ گذاري هئي. ان جو گهر ٺٽي ۾ هو، ۽ پاڻ ان گهر ۾ وڃي رهندو هو. در اُت بہ بند هوندا. مھينن جا مھينا رهيو پيو هوندو، مگر خبر ڪنھن کي ڪانہ پوندي تہ ڪو عيساڻي صاحب آيل آهي. هڪ سال ٺٽي ۾ ٻوڏ آئي. سارو شھر پاڻيءَ هيٺ اچي ويو. جايون ڪِرڻ لڳيون. سرڪار ماڻھن کي شھر مان ڪڍي آڻي مڪليءَ تي رهايو. حد جي عملدارن عيساڻي صاحب جي رهائش لاءِ مڪليءَ تي خاص بندوبست ڪيو، پر پاڻ شھر مان ٻاهر نہ نڪتو. پاڻي جاءِ کي وڪوڙي ويو، تہ ڪتابَ کيسي ۾ وجهي، ويجهو هڪ وڻ تي چڙهي ويھي رهيو. گهڻي وقت بعد ۽ وڏي مشڪل سان کيس ان وڻ تان لاهي، پاڻيءَ مان ڪڍي آڻي سڪيءَ تي ويھاريائون.
انھن ڏينھن ۾ آءٌ روينيو وزير هوس. ٻڌم تہ عيساڻي ٺٽي، آيل آهي. سندس ڏسڻ لاءِ دل ۾ اڪير پيدا ٿي. ٺٽي پھچي، سندس رهائش واريءَ جاءِ ٻاهران وڃي بيٺس. در بند. گهڻائي سڏ واڪا ڪيم، پر ڪو بہ جواب ڪونہ آيو. نيٺ موٽر مان لھي دروازي جي چانئٺ تي چڙهي ويھي رهيس. ڪلاڪ - ٻہ گذريو، ان کان پوءِ مس مس دروازو کليو ۽ اندر وڃڻ جي اجازت ملي. مون کي ڏسندي، کلي چيائين: ”اڙي سائين، هي ڪھڙا ڪم پيا ڪريو. ڪاٿي اچي نڪتا آهيو. ڇو اهڙي تڪليف ڪئي اٿوَ؟“ ان کان پوءِ گفتگو جو سلسلو شروع ٿيو تہ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو هلندو. پر اها ساري تقرير يڪطرفي هوندي، اڳلي کي وچ ۾ هڪ اکر چوڻ جو بہ وجهہ ڪونہ ملندو. گفتگو گهڻو ڪري سطحي هوندي - گذري ويل انگريزن جا واقعا، زميندارن جا قصا، وقتي حجالات جي اپٽار، وغيرہ وغيرہ. نہ پنھنجي فلسفيانہ کوجنا جا نتيجا ظاهر ڪندو، نہ پنھنجا نظريا ٻڌائيندو. خيال هوندو هوس تہ ماڻھن ۾ ايترو استعداد ئي ڪونہ آهي جو سندس دل جي رازن جا متحمل ٿي سگهن.
هڪ ڀيري مون کيس ڏاڍو تنگ ڪيو، ان لاءِ تہ ڪجهہ دل جا راز ٻڌائي. مون عرض ڪيو تہ ”هزارن ڪتابن پڙهڻ ۽ اڌ صديءَ تائين انساني حالات تي غور ڪرڻ بعد اوهين لازماً ڪن نتيجن تائين پھتا هوندا، جن جي ٻڌڻ کان سواءِ آءٌ اڄ بنھہ ڪونہ اٿندس.“ گهڻي ڪوشش ڪيائين تہ آءٌ ان ضد تان لھان، مگر آءٌ ڪونہ مڙيس. آخر مجبور ٿي پڇيائين.
”نيٺ اوهين ڇا ٿا معلوم ڪرڻ گهرو؟“
”ايتري غور ۽ فڪر بعد، انساني زندگيءَ متعلق ڪھڙيون مکيہ حقيقتون اوهان کي محسوس ۽ معلوم ٿيون؟“
”مون اهو ڏٺو تہ ماڻھو مرونءَ کان بدتر آهي. مرون مرندي مري ويندو، پر زندگيءَ ۽ فطرت جي معين اصولن تان ڪڏهن ڪونہ هٽندو. مقابلتاً، انسان ڪنھن بہ اصول جو پابند ڪونہ آهي. اوهان کي ڪڏهن بہ يقين رکڻ نہ گهرجي تہ کانئن ڪھڙي وقت تي ڪھڙي خرابي ۽ ڪھڙي بيھودگي واقع ٿئي ٿي. ٻي ڳالھہ جا مون ڏٺي، سا هيءَ تہ انسان جي اميد اڻکٽ آهي. بطور ماجسٽريٽ جي. پنھنجيءَ زندگيءَ اندر مون تقريباً پنج سؤ ماڻھو ڦاهيءَ تي چڙهندي ڏٺا. منجهانئن هر هڪ کي آخري گهڙيءَ تائين اها اميد هئي تہ ڪو نہ ڪو اهڙو واقعو ضرور ٿيندو، جنھنڪري هو ڦاسيءَ تان بچي ويندو. جيڪڏهن قدرت انسان جي دل کي اميد جي ايڏن خزانن سان مالا مال نہ ڪري ها تہ هوند انسان جي دل ڦاٽي پوي ها ۽ انسانذات جي اڪثريت جيئري رهي ئي ڪا نہ سگهي ها.
پنھنجي وزارت جي زماني ۾ مون کيس گهڻيون ئي منٿون ميڙيون ڪيون تہ هو وري ڪا سرڪاري مشغولي اختيار ڪري. توڙي جو پاڻ اصلي ملازمت جو مقرر عرصو پورو ڪري اڳ ۾ ئي پينشن وٺي چڪو هو، تنھن هوندي بہ آءٌ تيار هوس تہ کيس دوباره مقرر ڪري ڪليڪٽريءَ جي پايي جو ڪو عھدو ڏيان، جيئن مشغوليءَ سان گڏ سندس آمدنيءَ ۾ بہ ڪجهہ اضافو ٿئي. پر پاڻ ان ڳالھہ لاءِ تيار ڪونہ ٿيو. چي، “پنھنجي حياتيءَ جي ٽائيم ٽيبل ۾ وڌيڪ نوڪريءَ لاءِ وقت ڪونہ بچيل آهي. شيطان جي ڏر مان هڪ دفعي ٻاهر نڪري اچڻ بعد، ڪنھن جي دل گهرندي تہ ساڳئي ڏر ۾ وري گهڙي، دوباره شيطان جي غلاميءَ جو ڳٽ پنھنجي ڳچيءَ ۾ وجهي؟“
سندس مطالعو بلڪل وسيع هو. اخبارن جو اکر اکر پڙهندو. جو ٽڪرو دلچسپ نظر ايندس، سو ڪاٽي ڪتابن تي چنبڙائيندو. ڪتاب هر مھيني نوان نوان گهرائيندو رهندو. خاص طرح سان ٽن مضمونن سان ڪافي دلچسپي هوندي هيس:
(1) شيڪسپيئر جو ڪلام، (2) راڻي وڪٽوريا جي زندگي ۽ سندس تحريرون، (3) برٽش ارسٽو ڪرسي (British Aristocracy) جا حالات.
شيڪسپيئر کي سڀ کان وڏو مفڪر سمجهندو هو. چوندو هو تہ شيڪسپيئر جي ڪلام اندر ڪائنات جي هر راز جي ڪنجي موجود آهي. جنھن شخص شيڪسپيئر پڙهيو ۽ سمجهيو، ان کي ٻئي ڪنھن ڪتاب پڙهڻ يا معلومات جي ذريعي پٺيان وڃڻ جي ضرورت ڪانہ هجڻ گهرجي.
ستر سال جي عمر کي پھتو تہ ڪتاب وغيرہ. اڇلائي ڦٽا ڪيائين. چي، هاڻي موت اچڻ گهرجي، ڇو تہ ستر ورهين کان مٿي زندھہ رهڻ جي ضرورت ڪا نہ آهي. بيمار ٿيو تہ ڊاڪٽر وغيرہ کي پاڻ ڏيکارڻ کان نابري واري ويھي رهيو. عزيزن قريبن لاءِ مصيبت ٿي ويئي. گهڻيون ئي ڪوششون ڪيائون تہ زندگيءَ ۾ سندس دلچسپيءَ کي قائم رکن. پر بظاهر پاڻ بہ تندرست تنومند، مگر حياتيءَ جي معلومات قطعاً ڇڏي ڏنائين. سندس ڀاءَ، غلام مرتضيٰ خان، بڊھہ مان ڪڍي آڻي ڪراچيءَ رهايس. ٿورن ئي ڏينھن ۾ ڪري اکيون ٻوٽيائين. صبح جو خبر ملي تہ مسافر سفر ختم ڪري وڃي پنھنجيءَ آخريءَ منزل تي رسيو - انﷲ و انا اليہ راجعون. حياتي اهڙي صاف حالت ۾ گذاريائين، جيئن بلور جي شڪل.
ٽيھہ - پنجٽيھہ ورهيہ ماجسٽريٽ ٿي رهيو، پر هڪ ڀيرو بہ اها شڪايت نہ ڏنائين تہ سندس هٿان ڪنھن سان بي انصافي ٿي.
ساڳيو عرصو روينيو آفيسر بہ رهيو، مگر پئسو وٺڻ تہ درڪنار، ڪنھن جي ماني بہ نہ کاڌائين. رهڻيءَ ڪرڻيءَ جو انداز ايتريقدر سادو رکيائين، جيترو بنھہ جيئري رهڻ لاءِ ضروري هو.
پنھنجي پگهار جو وڏو حصو مخفي طرح حاجتمندن ۾ ورهائيندو رهيو، ۽ اها خبر ڪڏهن بہ نہ ظاهر ڪيائين تہ ڪنھن کي ڏيندو رهيو ۽ ڪيترو.
وقت سمورو حصول علم، غور و فڪر، ۽ پنھنجن رازن کي پاڻ سان اوريندي بسر ڪيائين. انسانذات سان اهڙو لاڳاپو ئي ڪو نہ رکيائين، جو ڪنھن بہ وقت انھن جي بيوفائين يا غمزن جو شڪار ٿيڻو پويس.
فرض سمورا نباهيائين - حڪومت جا، ماڻھن جا، عزيزن جا، دوستن جا. ڪنھن جو بہ پاءُ پاڻيءَ جو پاڻ ڏانھن رهڻ نہ ڏنائين.
خود داريءَ ۽ عزت نفس کي قائم رکندي، ڪنھن جي بہ اڳيان حاجتمند بڻجي نہ ويو. نہ اميد رکيائين، نہ مرادن جي منجڌار ۾ پنھنجي زندگيءَ جو ٻيڙو مبتلا ڪيائين. هڪ مختصر اصول تي هليو، ۽ اُهو هو:
”نامراديءَ جي نجهري، پيھي پس ﷲ!“
موت کي تڇ برابر نہ سمجهيائين. هن دنيا مان ائين ئي روانو ٿي ويو، جيئن ڊپٽي ڪليڪٽريءَ واري زماني ۾ هڪ هنڌان منزل پٽي ٻيءَ منزل طرف روانو ٿيندو رهندو هو.
ﷲ تعاليٰ بي نياز بادشاھہ آهي. وٽس اَگهي تہ پاءُ، نہ تہ مڻ بہ موٽيا وڃن. پر مون کي يقين آهي تہ غلام صديق خان جھڙو قلندر، حيات بعدالممات اندر، حورن جي هنج ۾ هوندو.
اها ٻي ڳالھہ آهي تہ جيئن خاڪي زندگيءَ اندر خاڪي حورن جي پاڇي کان بہ ڀڄندو رهيو، تيئن روحاني حورن جي همسائگيءَ کي نامنظور ڪيو هجيس!
* * *
ڊکڻ خاندان جو ٻيو مرڪز، جيئڻ مٿي ذڪر ڪيو اٿم، ڳوٺ عبدالرحيم ڊکڻ ۾ هو. اتي ٽي شخص ناميارا پيدا ٿيا.
غلام قادر خان مرحوم منھنجي وقت کان گهڻو اڳ گذاري ويو. ڏاڏو مرحوم بيان ڪندو هو تہ بطور دوست جي، غلام قادر پنھنجو مَٽ پاڻ هو- وفادار، وضعدار، ۽ باوقار هو. غلام قادر خان جو وڏو فرزند، خانبھادر شاهنواز خان مون بہ ڏٺو. مرداني حُسن ۾ سندس همپايي ٻيو ماڻھو مون اڄ تائين ڪونہ ڏٺو. ڏاڙهي چاپئين، ائين پئي نظر ايندي، ڄڻ جنڊيءَ تان لٿل آهي. قدبُت موزون. هٿ - پير جو پوان ۽ خوبصورت، وار وڏا. ڪپڙا پھريندو تہ هر گهڙيءَ گهوٽ پيو نظر ايندو. ڳالھائيندو تہ موتي پيا جهڙندا. هڪ دفعو ڪنھن سان ڳالھايائين تہ اڳلو عمر تائين موهجي ويو. وقت جا عملدار، خاص طرح انگريز تہ مورڳو مٿس ڇڪن هوندا هئا. پھرين ”خانصاحب“، ۽ ٿوري وقت بعد ”خانبھادر“ بڻايائونس. اسپيشل ماجسٽريٽيءَ جا پاور ابتدا کان ڏنل هئس. وٽس نہ وڏو راڄ هو، جنھن جو پاڻ سردار هجي، نہ پنھنجن همعصر زميندارن جاگيردارن جي مقابلي ۾ ڪا اڻکٽ جائداد: سندس اصلي سرمايو هو سندس ذهن، سندس انداز گفتگو، سندس وڻندڙ شخصيت (Personality)، ۽ سندس طريقه ڪار، جنھن جو بنياد هو سنجيدگيءَ ۽ معامله فهميءَ تي. دشمني ڪنھن سان نہ ڪندو، جهيڙي فساد کان قطعاً ڪنارو، هٿ صاف، جا ڳالھہ ڪندو سا صحيح ۽ صاف، جيئن مُنڊيءَ تي ٽِڪ، ڳُوڙهائي ۽ ڇيڳرائي دوستيءَ ۾ بہ ڪانہ.
حياتيءَ وفا ڪانہ ڪيس. شايد پنجٽيھن ورهين جي عمر ۾ انتقال ٿيس. هڏڪيءَ جي مرض ۾، جنھن جو علاج وقت جي وڏن وڏن حڪيمن ۽ ڊاڪٽرن کان بہ ٿي ڪونہ سگهيو. منهجي ڏاڏي مرحوم جو دلي دوست هوندو هو. سندس بيماريءَ جي زماني ۾ ڏاڏو مرحوم اڪثر وقت سندس قريب رهيو. پويان ڏينھن دِل جهلي نہ سگهيو، موٽي گهر آيو. مون کي اهو صبح چڱيءَ طرح ياد آهي، جڏهن خبر آئي تہ شاهنواز خان گذاري ويو. ڏاڏو مرحوم پنھنجيءَ جاءِ تي صبر، سنجيدگيءَ ۽ وقار جو هماليا پهاڙ هوندو هيو، وڏي کان وڏي صدمي جي باوجود سندس چھري مان پريشاني هرگز ظاهر نہ ٿيندي هئي. ان ڏينھن پاڻ باغ ۾ ٽهلي رهيو هو. پاڻ اڳ ۾، آءٌ سندس پويان. گلابن جي ٻوٽن سان خاص پيار هوندو هوس. هر ٻوٽي مٿان بيھي، ٽڙيل مکڙين جو معائنو ڪندو ٿي هليو. ٻاهران پورهيت اچي خبر ڏني تہ ڊکڻن کان ماڻھو آيو آهي، جيڪو چوي ٿو تہ شاهنواز خان گذاري ويو. ڏاڏي مرحوم جيئن نوڙي بيٺي هڪ گل کي هٿ لاتا، تيئن سندس اکين مان ٻہ ڳوڙها ڳڙي وڃي ان گل جي پتين مٿان پيا.
دل جو معاملو هو- گل ٻُڌو ۽ بس.
مرحوم خانبھادر شاهنواز خان جا ٻہ ملازم خاص طرح سان قابل ذڪر آهن: حوالدار احمد ڊکڻ، ۽ منشي علي بخش. مون ٻيئي ڏٺا.
حوالدار احمد جي صورت حشمت واري، قداور، ڏاڙهي راجپوتن وانگر وڏي ۽ وچ مان چيريل، مٿي تي خاڪي يا سفيد پٽڪو، ٻاهر نڪرندو تہ برجس يا شلوار مٿان پٽيون ٻڌندو. پنھنجي آقا جو نہ فقط معتمد خاص هو، پر بطور انسان جي بہ قابل اعتماد. هر وڏي ماڻھوءَ وٽ، انھن ڏينھن ۾، هڪ معتمد ۽ معزز ملازم هوندو هو، جيڪو نہ فقط ملازمن جي حلقي اندر ممتاز ۽ معتبر هوندو، پر پنھنجي آقا جي هر مخفي ۽ نازڪ راز جي سانڍڻ جو پڻ اهل هوندو هو. ڪنھن دوست آشنا ڏانھن ڪو مخفي حال موڪلڻو هوندو هون تہ ان قسم جا ملازم زباني طور کڻي ويندا هئا. دستي خط ۾ فقط ايترو لکيو ويندو هو تہ ”فلاڻو معتمد خاص احوال ساڻ اچي ٿو، سندس چئي کي معتبر سمجهندا“. حوالدار احمد، شاهنواز خان پاران اهڙن ئي ڪمن تي مقرر هوندو هو. ڏاڏي مرحوم وٽ اڪثر ايندو رهندو هو. پنھنجي آقا جي ”ٽيپ رڪارڊر“ هو. شاهنواز خان جي ڏنل پيغام مان، مجال آهي جو هڪ اکر هيٺ مٿي ٿئي، ۽ بيان بہ اهڙيءَ سنجيدگيءَ، نفاست ۽ نزاڪت ساڻ پيو ڪندو هو، ڄڻ خود شاهنواز خان پاڻ پيو ڳالھائي.
منشي علي بخش لکپڙھہ ۽ مئجسٽريٽي ڪاروبار جي سلسلي ۾ سرشتيداريءَ جو ڪم ڪندو هو. ڊگهي اڇي ڏاڙهي، مولوياڻو نمونو، خط خوبصورت، طرز نگارش عالمانہ ۽ دور انديشيءَ سان ڀريل. فارسيءَ جو وڏو ڄاڻو، علم مجلسيءَ جو ماهر. سندس هڪ بياض مون کي هٿ آيو، جو بعد ۾ مون محمد حنيف وڪيل کي ڏنو. اهو ڪتاب مجموعو هو مثالي شعرن، بزرگن جي قولن ۽ تاريخي ڳالھين جو. سنڌ جي اڳوڻي حاڪم ميان نور محمد ڪلھوڙي جي وصيت، ”منشور الوصيت و دستور الحڪومت“، ڪيتري عرصي کان اڻلڀ ٿي ويئي هئي، سا مون کي ان بياض مان ملي. بياض تي نالو رکيو هئائين ”روح رهاڻ“، ۽ هو بہ واقعي ”روح رهاڻ“ مرحوم ناس جا ٻڪ ڏيندو رهندو هو، جنھن جي نشان سان نہ فقط سندس وڏو رومال چٽيل رهندو هو، مگر عينڪ کان وٺي پيرهن ۽ شلوار تائين سندس ان عادت جي غمازي ڪندا ٿي رهيا.
* * *
شاهنواز خان مرحوم جو ٻيو نمبر ڀاءُ، خانبھادر محمد پناھہ خان ڊکڻ هو، جو منھنجو همعصر هو، ۽ جنھن جي زندگيءَ جي اقبال جي بھار خواھہ خزان منھنجي اکين اڳيان ٿي گذري. ڀاءُ جي انتقال بعد، محمد پناھہ خان خاندان جي سياسي ميراث کي نہ فقط سنڀالڻ شروع ڪيو، پر ان کي وڏي ترقي وٺارايائين. زماني بہ ڦِرڻ شروع ڪيو. 20 - 1919ع ۾ آئيني سڌارا آيا، بمبئي ڪائونسل ۽ هندستان جي اسيمبليءَ جون نيون چونڊون ٿيون. محمد پناھہ خان آسانيءَ سان بمبئي ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو. انھن ڏينھن ۾ اڃا ووٽ لڳ لاڳاپي تي ويندا هئا. نہ سياسي پارٽيون پيدا ٿيون هيون، نہ رشوتخوريءَ ۽ دغا دولاب تي ماڻھو هريا هئا. ڪو خاندان اميدوار ڪنھن جي در تي لنگهي ويو تہ ڇيھہ ٿي ويندو، دنيا هيٺ مٿي ٿي وڃي پر هڪ دفعي جو ڏنل واعدو ڪونہ ڦرندو هو. محمد پناھہ خان جي گهر جو اڳ ۾ ئي ڪافي اثر هو، ضلعي جي ماڻھن گهڻو ڪري سندس چٺين چپاٽين تي ئي کيس ووٽ ڏنا.
اهو زمانو مون کي بہ چڱيءَ طرح ياد آهي. محمد پناھہ خان بمبئي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ بمبئيءَ روانو ٿيو، هلندي ڏاڏي مرحوم کي بہ بمبئيءَ اچڻ جي دعوت ڏيئي ويو. ڏاڏو مرحوم هليو، تہ مون کي بہ ساڻ وٺي ويو. اهو پھريون دفعو هو جو مون بمبئي ڏٺي.
ڳوٺان ريل ۾ سوار ٿي حيدرآباد پھتاسون. اتان شام جو بمبئي - ميل، جنھن کي عام ماڻھو ”راجا جي گاڏي“ سڏيندا هئا (ان ڪري جو اها لائين جوڌپور ۽ بيڪانير رياستن جي هوندي هئي)، ۾ چڙهياسون. صبح ٿيو تہ جوڌپور رياست جا پَٽ اکين اڳيان هئا. ميلن ۾ سائو گاھہ ئي گاھہ، هنڌ هنڌ هرڻن جون ”ڊارون“. جيستائين اک ٿي پھتي، اوستائين اهو بهشتي نظارو نظر ٿي آيو. پھرين ”مارواڙ پالي“ جي اسٽيشن آئي. ڏاڏي مرحوم اسٽيشن جي قريب، ڪنھن زماني ۾، شڪار ڪيا هئا. پاڻ پلئٽفارم تي لھي، ڪن واقف ماڻھن سان مليو ۽ کانئن هرڻن متعلق حال احوال ورتائين. اتان هلي. ”مارواڙ جنڪشن“ تي آياسون. اهو پڻ ڏاڏي مرحوم جي شڪارن جو خاص مرڪز هو. گهڻو ڪري هر سال اچي مارواڙ جي ڊاڪ بنگلي ۾ منزل ڪندو هو، ۽ هر روز اتان اٿي، بيل گاڏيءَ ۾ چڙهي وڃي پسگردائيءَ ۾ شڪار ڪندو هو. ان علائقي سان مرحوم جي بيحد محبت هوندي هئي. ننھي خان نالي سان سندس شڪاري هوندو هو. اسٽيشن تي پھچڻ شرط، ماڻھو موڪلي ان کي گهرايائين. ساڻس اهو بندوبست ڪيو ويو تہ بمبئيءَ کان واپسيءَ تي اتي لھي شڪار ڪبو. مارواڙ اسٽيشن جي رفريشمينٽ - روم جا ”ڪَڙهي چانور“ مشھور هوندا هئا. اهي کائي، وري ريل ۾ روانا ٿياسون. چئين بجي ڌاري گاڏي ”اَبو روڊ“ اسٽيشن تي آئي. اتي هڪ پوڙهو نانوائي هوندو هو، جنھن جو ٻوڙ، اڦراٽا ۽ ڪباب ايتريقدر لذيز هوندا هئا. جو ماڻھو سارو ڏينھن پري کان ان غرض سان بکيا هليا ايندا هئا تہ اَبو پھچڻ بعد ان پوڙهي وٽان ماني وٺي کائين. گاڏيءَ بيھڻ شرط، مسافر پوڙهي جي ديڳڙن مٿان پرٽجي پوندا هئا. اسين بہ خالي ٿانوَ کڻي ان هجوم ۾ شامل ٿي وياسون. واري اچڻ تي اسان کي بہ ڪوٽا ملي، جا وٺي آڻي پاڻ وٽ رکيسين ۽ رات ويلي کائي پوري ڪئي سين. ان ڏينھن ۽ اڄوڪي ڏينھن جي وچ ۾ تقريباً اٺٽيھہ سال گذري ويا آهن، مگر ان طعام جي لذت اڄ بہ محسوس ٿي رهي آهي. آءٌ دعويٰ سان چوان ٿو تہ جيڪڏهن اڄ بہ دستر خوان تي هزارن طعامن سان ملائي آڻي ان پوڙهي جو رڌل ٻوڙ، اڦراٽا يا ڪباب اڳيان رکندا، تہ آءٌ آسانيءَ سان انھن کي سڃاڻي ٻاهر ڪڍي ويندس. اهڙي هئي لذت، پوڙهي جي تيار ڪيل طعام ۾!
سج لٿي بعد گاڏي احمد آباد پھتي، اتان وري ٻيءَ ٽرين ۾ سوار ٿياسون. صبح ويلي بمبئيءَ جي گرانٽ روڊ اسٽيشن تي اچي لٿاسون (بعد ۾ گرانٽ روڊ اسٽيشن کي ڊاهي، ان جي جاءِ تي نئين اسٽيشن، ”بمبئي سينٽرل“ جي نالي سان تعمير ڪئي اٿن). بمبئيءَ ۾ موٽرن جو رواج اڳ ۾ ئي پئجي چڪو هو، پر اڃا تائين عام ڪونہ ٿيون هيون. ٽئڪسيون تہ مورڳو هيون ئي ڪين. بمبئيءَ جي سواري هوندي هئي وڪٽوريا گاڏي. اسين بہ هڪ وڪٽوريا هٿ ڪري، منجهس چڙهي اچي اورينٽ هوٽل ۾ لٿاسون. اها هوٽل ڪرافورڊ مارڪيٽ جي سامھون، شھر جي بلڪل وچ ۾ هوندي هئي. ٽن رپين ڏهاڙيءَ تي ڊبل ڪمرو مليو. ان زماني ۾ هوٽلن جا اگهہ ايتريقدر گهٽ هوندا هئا جو بمبئيءَ جي تاج محل هوٽل جو بھترين ڪمرو فقط ستاويھن رپين روز تي پيو ملندو هو.
بمبئيءَ جو شان ڏسڻ وٽان هوندو هو. آءٌ هيستائين دنيا جا گهڻا شھر ڏسي چڪو آهيان، پر مون کي موجودہ دور اندر اهڙو ٻيو ڪو شھر نظر ڪونہ آيو آهي، جنھن جي هلچل يا فضا انھن ڏينھن جي بمبئيءَ جھڙي هجي.
فورٽ ايريا ۾ لنگهبو هو تہ عمارتون خواھہ دڪان ڏسي ڏند چپن سان لڳيو ويندا هئا. مقابلتاً اڄ لنڊن جي ”ويسٽ ائنڊ“ بہ قبرستان پئي معلوم ٿئي. وائٽ وي ليڊ لا، آرمي ائنڊ نيوي اسٽور، ايوانز فزيزر، اسڪوئٿ ائنڊ لارڊ جي دڪانن (ڊٽارٽمينٽل اسٽورن) ۾ قدم رکڻ کان پوءِ ائين پيو محسوس ٿيندو هو، ڄڻ ماڻھو بهشت برين جي ڪنھن خاص ڪنڊ ۾ پھچي چڪو آهي. ڇا سامان جي ڪثرت، ڇا سامان رکڻ جي ترڪيب، ڇا خوشبو“! جا شي گهرو، سا موجودہ. نہ قيمت ۾ ڦير، نہ هڪ شي ڏيکاري ٻي شي ڏيڻ جو رواج. دڪانن ۾ ڪم ڪرڻ وارا انگريز. کين ڏسيو سنڌ جا ڪليڪٽر ۽ ڪمشنر ياد اچيو ويندا هئا - ۽ اسان ماڻھن کي تہ انھن انگريزي دڪاندارن سان بہ ساڳيءَ طرح ادب سان ئي ڳالھائڻو پوندو هو. جنھن ڏينھن کلي ڳالھائيندا هئا تہ ان ڏينھن ۾ اشتھا ۾ خاص اضافو ٿي ويندو هو.
فورٽ ايريا مان لنگهي، اپالو بندر تي پھچبو هو. تاج محل هوٽل ۾ پير رکندي تہ ڏڪڻي وٺيو ويندي هئي، تنھنڪري ٻاهران ئي بيھي ان جي شان جو داد ڏبو هو. شام وقت، هوا خوريءَ خاطر، بمبئيءَ جو سارو حسن هڪلجي اچي ان اپالو بندر تي جمع ٿيندو هو.
ڪرافورڊ مارڪيٽ پڻ ڏسڻ وٽان هوندي هئي. هر قسم جي شين جا دڪان، وسعت جو اهڙو عالم، جو منجهس هلندي ماڻھو ٿڪجيو پوندو هو.
مارڪيٽ سامھون ڦُٽندي هئي محمد علي اسٽريٽ، جنھن تي وڏا وڏا بندوقن جا دڪان هوندا هئا. مثلاً محمد علي نُور ڀائي، احمد علي نُور ڀائي، غلام حسين علي ڀائي، بمبئي آرمري، وغيرہ. قسمن قسمن جا هٿيار موجود، ۽ اڄ وارين قيمتن جي مقابلي ۾ ڄڻ ڦلن جي مٺ تي پيا وڪامندا هئا.
بمبئيءَ تي ان سطحي نظر ڦيرائڻ بعد، محمد پناھہ خان جي وٿاڻن ڏانھن ورجي ٿو. محمد پناھہ خان، ۽ ساڻس گڏ ٻہ - چار ٻيا سنڌي ڪائونسل ميمبر، بيرامجي هال نالي هڪ جاءِ ۾ رهيل هئا، جنھن جو انتظام سرڪار طرفان ٿيل هو. جن ٻين صاحبن سان انھن ڏينھن ۾ پھريون دفعو ملاقات ۽ واقفيت ٿي، سي هئا خانبھادر قيصر خان بوزدار، خانبھادر غلام محمد خان اسراڻ، ۽ خانبھادر امام بخش خان جتوئي (نوابشاھہ ضلعي وارو). اهي سڀ صاحب ڪائونسل جا ميمبر هئا، ۽ ساڳئي بيرامجي هال ۾ رهيا ٿي.
محمد پناھہ خان جو رعب تاب قابل ديد هو. سنڌي ڪپڙن تي بو - ٽائِي ٻڌڻ انھن ڏينھن کان شروع ڪئي هئائين، جا تمام سھڻي لڳيس ٿي. هيٺتي پندرهن - ويھن والن جي شلوار، انگريزي طرز جي قميص، ”اسڪوئٿ ائنڊ لارڊ“ جو سبيل سفيد چائنا سلڪ جو شارٽ ڪوٽ، پيرن ۾ انگريزي طرز جو شوز، مٿي تي زريءَ سان بنارسيءَ جي پڳ: جنھن ڏٺس ٿي، تنھن سمجهيو ٿي تہ ڪنھن رياست جو والي آهي. پنھنجي هلڻي چلڻي بہ اهڙي ئي کڙڪي سان هيس. مھمانداريءَ جو مَلھہ، جو ماڻھو هٿ چڙهندس، تنھن کي وٺي وڃي ڪنھن نہ ڪنھن وڏي ريسٽورانٽ ۾ ماني کارائيندو. انگريز عملدارن ۾ وڏي هلندي هيس. سندس ڀاءُ مرحوم شاهنواز خان جا واقف آفيسر اڃا ويٺا هئا، تنھنڪري هر هنڌان کيس عزت ۽ مانُ ملندو رهيو ٿي.
هڪ دفعي بمبئي وڪٽريا ٽرمينس ريلوي اسٽيشن ڏيکارڻ لاءِ وٺي هليو، انھن ڏينھن ۾ اها اسٽيشن اڃا نئين ٺھي هئي. اڳ ۾ ان اسٽيشن جو نالو هوندو هو ”بوري بندر“ اسٽيشن. اسٽيشن جي ريسٽارنٽ ۾ ماني کارايائين. هڪ ڪورس چيز ۽ ٽوسٽ جو هو. مون کي خبر ڪانہ هئي تہ ”چيز“ (Cheese) ڇا بلا ٿيندي آهي. ذرو کڻي وڌم وات ۾ پوءِ تہ الٽيءَ جھڙو حال ٿي ويو. ڪجهہ وقت تائين تہ طبيعت تي زور وجهيو اها بلا منھن ۾ جهليو ويٺو رهيس، پر آخر مجبور ٿي، اتان کسڪي وڃي پري رکيل گلن جي هڪ ڪونڊيءَ ۾ ٿوڪاري آيس. ان کان پوءِ گهڻن سالن تائين وري ڪڏهن چيز جي ويجهو ڪونہ ويس. اسٽيشن، اسٽيشن نہ هئي، پر بمبئي شھر اندر هڪ ٻيو نئون شھر قائم ڪيل هو. ڀانت ڀانت جا ماڻھو، اڌ - اڌ ڪلاڪ اندر هندستان جي ڪنھن نہ ڪنھن طرف کان ٽرين آئي ٿي - بين الاقوامي ميلي جو سمان هو.
بمبئيءَ جي سيڪريٽريٽ پڻ ڏٺي سون. عمارت قدري پراڻي هئي، پر گهٽتائي منجهس ڪنھن شيِّ جي ڪانہ هئي. ريزيڊنسيءَ جو سارو انتظام اتان ٿي هليو. مگر ظاهري طرح ايتريقدر خموشي طاري هئي جو ائين پئي سمجهڻ ۾ آيو، ڄڻ ڪو ماڻھو ئي منجهس ڪونہ آهي. ايگزيڪيوٽو ڪائونسلر تہ وڏي شي هئا، پر سيڪريٽريٽ جا چپراسي (اڇن ۽ ڳاڙهين وردين ۽ سونھري ڪمربندن سان ليس، جن جي چيلھہ سان خنجر پئي لٽڪيا) ڏسيو ڏڪڻي وٺيو ٿي ويئي.
ڪجهہ ڏينھن بمبئيءَ ۾ رهي، واپس ورياسون. محمد پناھہ خان، خانبھادر غلام محمد خان اسراڻ، ۽ خانبھادر امام بخش خان جتوئي بہ اسان سان گڏ نڪتا. رستي ۾، شڪار ڪرڻ جي ارادي سان، اچي مارواڙ جنڪشن تي لٿاسون. اسٽيشن جي ڀر ۾ ڊاڪ بنگلو هوندو هو. سارو لڏو هلي ان ۾ لٿو. مقامي شڪاري اچي ويا. جُوءِ جي خبرچار ورتي ويئي. ٻئي ڏينھن جو پروگرام رٿيو ويو.
صبح جو شڪاري ٻن پارٽين ۾ ورهائجي، بيل گاڏين ۾ سوار ٿي، روانا ٿيا. ڏاڏو مرحوم، محمد پناھہ خان ۽ آءٌ، هڪ ئي بيل گاڏيءَ ۾ چڙهياسون. ڏاڏي مرحوم پنھنجي رائيفل محمد پناھہ خان کي ڏني ۽ پاڻ هٿين خالي هليو. مون کي 30 - 32 بور جي هڪ يڪنالي، ٽاپ ليور رائفل مقامي شڪاريءَ کان وٺي ڏنائين. جوڌپور رياست ۾ بغير ليسن هٿيارن رکڻ جي آزادي هوندي هئي، تنھنڪري عام کان عام ماڻھن وٽ بہ چڱا چڱا هٿيار هوندا هئا. مون اڳ ڪڏهن بہ هرڻ تي گولي ڪانہ ڇوڙي هئي. عمر ۾ اهو پھريون دفعو هو جو هرڻن جي شڪار تي وڃڻ جو اتفاق ٿيو. هلندي، ڏاڏي مرحوم سمجهاڻي ڏني تہ ”بابا، هي شڪار محمد پناھہ خان لاءِ آهي، جو اسان جو مھمان ٿيو پيو هلي. تون گولي نہ ڇوڙجان“، مبادا تڪڙ ڪري مھمان جو شڪار خراب ڪري وجهين.“
محمد پناھہ پلٿي ماري بيل گاڏيءَ ۾ ويھي رهيو. اڳتي هلي، بندوق ۾ ڪارتوس وڌائين. شھر کان اڃا اڌ ميل کن مشڪل سان ٻاهر ويا هئاسون تہ هڪ هرڻ گاھہ ۾ بيٺل نظر آيو. بيل گاڏي ڦيرائيندي ڦيرائيندي وڃي ويجها پياسونس. محمد پناھہ خان کي تيار ٿيندو ڏسي، چوريءَ چوريءَ، مون بہ پنھنجي يڪناليءَ ۾ ڪارتوس وڌو. مناسب جاءِ تي گاڏي روڪي ويئي. محمد پناھہ خان جي گولي ڇٽي، پر هرڻ تندرست تنومند حالت ۾ ڀڄي نڪتو. ڀڄندي هرڻ تي نظر وٺي مون بہ ڪري گولي ڇوڙي، گردن ۾ لڳيس، ۽ هرڻ بولاٽيون کائيندو وڃي ڪريو. ظاهراً تہ واه واه ٿي ويئي. محمد پناھہ خان چيو:
”پير شاھہ سائين، علي محمد شاھہ تہ هاڻي ئي پيو ڀڄندا هرڻ ماري.“
”مون تہ روڪيو هوس، پر ڇوڪرو تڪڙو آهي.“
”روڪڻ اجايو هوس، جيڪڏهن علي محمد شاھہ گولي نہ هڻي ها تہ هرڻ هونئن بہ ڀڄي وڃي ها“.
ٻاهران ٻاهر تہ محمد پناھہ خان اهڙيءَ وسيع القلبيءَ جو اظھار فرمايو، مگر اندرون اندر طبيعت بي مزي رهيس. ان کان پوءِ وري بندوق مون ڪانہ هنئي، هرڻ محمد پناھہ خان کان بہ ڪونہ مئو. گهمي ڦري، شام جو ڊاڪ بنگلي تي موٽي آياسون. محمد پناھہ خان جي گسڻ ۽ منھنجي هرڻ مارڻ جو واقعو موضوع بحث بڻجي پيو. مرحوم امام بخش خان جتوئي سخت با مذاق انسان هوندو هو. محمد پناھہ خان مرحوم تي خوب ٽوڪون ۽ چٿرون ڪندو رهيو.
پنھنجي علائقي اندر محمد پناھہ خان وڏو ڌاڪو پيدا ڪيو. ڀاءُ جي مرڻ بعد اسپيشل ماجسٽريٽيءَ جا پاور کيس ملي چڪا هئا. وڏي رعب سان ڪورٽ جو ڪم هلائيندو هو.
بمبئي ڪائونسل جي ميمبريءَ جو ٽرم پورو ٿيس، تہ محمد پناھہ خان انڊين سينٽرل اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. ان زماني اندر زميندارن جو مارو بمبئي ڪائونسل جي ميمبريءَ تي هوندو هو، ڇو تہ مقامي معاملن جو واسطو پراونشل سرڪار ۽ پراونشل ڪائونسل سان هوندو هو، ۽ سينٽرل اسيمبليءَ ڏانھن ڪنھن جو توجھہ ڪونہ هوندو هو. ڪيترن بمبئي ڪائونسل جي ميمبرن کي سينٽرل اسيمبليءَ جو پورو نالو وٺڻ بہ ڪونہ ايندو هو. هڪ دفعي محمد پناھہ خان پاڻ ذڪر ڪيو تہ ورڪ ڪندي جڏهن بمبئي ڪائونسل جي هڪ وڏيري ميمبر وٽ پھتو ۽ کيس پنھنجو مقصد ٻڌايائين، تڏهن ميمبر صاحب اظھار راءِ فرمايو:
”اها ايسلمبي ڪھڙي بلا آهي؟ ميان، ايڏي تڪليف تہ ڪائونسل لاءِ وٺين ها تہ چڱو ٿئي ها“.
ان سال جي چونڊيل ”ايسلمبي،“ جنھن جو سنڌ پاران ميمبر محمد پناھہ خان چونڊجي ويو، هندستان جي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي اسيمبلي ٿي گذري. جواهر لال نھرو جو پيءَ، پنڊت موتي لال نھرو، ڪانگريس پارٽيءَ جو ليڊر بڻيو. هندستان جي تاريخ ٺاهيندڙ سمورا ماڻھو، سواءِ هڪ مھاتما گانڌيءَ جي، ان جا ميمبر هئا: مثلاً، پنڊت مدن موهن مالويا، لالا لاجپتراءِ، مسٽر جناح، ۽ ٻيا ڪيترا عظيم مرتبي جا ليڊر. نئين دهليءَ جي شھر، نئين وائسريگل لاج، نئين سيڪريٽريٽ ۽ نئين اسيمبلي چيمبر جو افتتاح پڻ ان سال ئي ٿيو. اُن نئينءَ چونڊيل اسيمبليءَ جو پھريون اجلاس ان نئينءَ عمارت ۾ ٿيو. اهڙي تاريخي موقعي ملھائڻ لاءِ وڏا شادمانا ٿيا، جن جو تفصيل محمد پناھہ خان جي زباني ٻڌوسون. ڪٿ ٻڌوسون، سو موقعو پڻ ياد پويم ٿو. الهداداڻي اسٽيشن جي قريب، فقير جي ڳوٺ واري انجنيئري بنگلي ۾ رهيل هئاسون. شڪار جي ڪئمپ هئي. مسٽر اومني، پوليس جو ڊي. آءِ. جي.، آيل هو. ڏاڏو مرحوم، ابو سائين، ۽ آءٌ بہ مدعو هئاسون. محمد پناھہ خان، تازو اسيمبليءَ جو پھريون اجلاس پورو ڪري، دهليءَ مان واپس آيو هو. احوال اهڙي انداز ۾ بيان ڪيائين، جو اسين سڀ تعجب جي تصوير بڻجي وياسون.
محمد پناھہ خان هو فقط سنڌي خواندو، پوريءَ طرح ايندي اردو بہ ڪانہ هيس، اسيمبليءَ جي ساري عرصي اندر مشڪل سان ٻہ يا ٽي دفعا، ٻن - ٻن منٽن لاءِ مس ڳالھايائين، سو بہ ڀڳل ٽٽل اردوءَ نہ پر ”اڙدوءَ“ ۾، مگر ان هوندي بہ اسيمبليءَ جي مختلف حلقن اندر اثر اٿاھہ پيدا ڪيائين. سندس ڊنرين، پارٽين، هستيءَ سان هلڻ چلڻ، رعبدار صورت ۽ موقر شخصيت، هڻي وڃي هنڌ ڪيو هو. هڪ ڀيرو تہ ساريءَ اسيمبليءَ طرفان هندستان جي ريلواين جي سينٽرل صلاحڪار ڪائونسل جو ميمبر پڻ چونڊجي ويو، ۽ سيلون گاڏي وٺي، ساري هندستان جو دورو ڪري آيو. ان ڪائونسل لاءِ فقط ٻارهن ماڻھو منتخب ٿيندا هئا، ۽ انتخاب ۾ ووٽ ساريءَ اسيمبليءَ کي ڪرڻو پوندو هو. ان چونڊ ۾ فقط اهي ماڻھو اميدوار بيھي سگهندا هئا، جن جي پٺيان وڏيون پارٽيون هونديون هيون.
ٽن سالن جي عرصي بعد اسيمبليءَ ۽ ڪائونسلن جون نيون چونڊون ٿيون. محمد پناھہ خان ان دفعي ڪائونسل آف اسٽيٽ لاءِ اميدوار بيٺو ۽ ناڪام ٿيو، پر ان کان اڳ ضلعي جي سياست اندر وري بہ سندس هستي قائم رهي.
شڪار جو پڻ شوقين هو. سندس شڪار جون محفلون وسرڻ جون نہ آهن. سنگتي ساٿي گڏ ڪري هلي مناسب جاءِ تي منزل ڪندو. ڇيلا ڪُسي ويندا ۽ طرحين طرحين طعامن جا ديڳڙا دمجي ويندا. سَون مُنھين ڇيڙا اچي گڏ ٿيندا، جن لاءِ تانھريءَ جون ديڳيون اڳواٽ چڙهيل هونديون. پاڻ برجيس پھريندو، جنھن جي مٿان پٽيون ڪشيون وينديون، پير ۾ لانگ بوٽ ۽ مٿي تي نرم ترڪي ٽوپي. جو تتر ۽ پکي سندس اڳيان اٿيو، تنھن جو پويون ڏينھن هوندو. جان ولڪس ڪمپنيءَ جي جڙيل هڪ 12 بور جي خوبصورت دونالي بندوق وٽس هوندي هئي، جنھن تي خاص طرح سان سندس هٿ ڏاڍو هريل هوندو هو.
گهڻو ڪري الھداداڻي ۽ تاجديري جي پسگردائيءَ ۾ اهي محفلون رچيندو هو. ساون جهنگن جي وچ ۾ سرنھن جي ڦولار جا کيت هوندا هئا. جنھن طرف اک ويندي، ان طرف فقط اهو زعفراني فرش پکڙيل پيو ڏسبو، ۽ هوندي خوشبو“، سرنھن ۽ ڄانڀي جي گلن جي! ۽ انھن ميدانن مان ڪارڙن تترن جو مٿي اٿڻ، ۽ مٿان بندوق کائي، رمال بڻجي اچي هيٺ ڪرڻ!
سندس زندگيءَ جا ڪيترا دلچسپ پھلو هوندا هئا. مثلاً، مھمان نوازي.
اڪيلو ماني کائڻ سندس لاءِ مصيبت هوندي هئي. جيستائين ٻہ - چار سنگتي ساٿي مھمان دستر خوان تي موجود نہ هوندا، سندس طبيعت نہ کُلندي، ۽ جيڪڏهن سندس طبيعت کُلي، کِلندي کِلندي پيٽن ۾ سور پئجي ويندا.
کاڌي پيتي سان چاھہ هوس: ٻہ - چار قسم ٻوڙ، پلاءُ ڀاڄيون ۽ ميوو هر وقت دستر خوان تي موجود رکندو. سفر تي چڙهندو، تہ بہ کاڄا پيڄا جو انتظام پھرين ٿيندو. ميوَن ۽ ڀاڄين جا ٽوڪرا ساڻ هلندا، ۽ انھن سان گڏ برف جا ٿرماس ۽ تيار طعام سان پُر ٽفن باڪس.
سندس شخصيت ۾ اهڙو اثر هوندو هو جو جنھن بہ محفل ۾ ويٺل هوندو، ان محفل اندر سڀ کان وڌيڪ ممتاز پيو نظر ايندو ۽ هر ڪنھن جي نظر وڃيو مٿس پوندي.
خود اعتماديءَ جو اهم عالم هوس جو هر شخص کي هيچ ۽ پاڻ کي هر مشڪل کان مشڪل مقام ۽ منصب جو اهل پيو سمجهندو هو.
آءٌ اڄ هيءُ مضمون فلپائن جي پرفضا شھر باگئي ۾ ويٺو لکان. چئني طرفين ساوڪ ئي ساوڪ آهي - رنگا رنگي گل، قسما قسمين درخت، ۽ طرحين طرحين جا سڳند. في الحقيقت هتان جا سرو صنوبر ايتريقدر مشھور آهن جو انھن جي سونھن پسڻ لاءِ ماڻھو آمريڪا کان بہ ڪاهيو پيا اچن، پر منھنجيءَ دل کي ڪا بہ شيءِ ڪانہ پئي آئڙي. جو ڪيف سنڌي سرنھن جي گلن ۾ مضمر هو، ۽ جا سرنھن ڪَچي جي لئن جي ڳاڙهن گُلن ۽ ٻٻرن جي ٻور اندر سمايل هئي، تنھن جو مقابلو ڪٿان ٿيون هي شيون ڪري سگهن؟-- هي چمن انسان جو سجايل آهي، هو چمن قدرت جو رکيل هو.
محمد پناھہ خان مرحوم جو هڪ قول مون کي اڄ تائين چڱيءَ طرح ياد آهي. آءٌ اٺن - ڏهن ورهين جي عمر جو مَس هوس. هڪ دفعي پاڻ اچي اسان وٽ مھمان ٿيو. شام جو ڪچھري ٿي. ڪا ڳالھہ نڪتي. مون وڏي جوش سان گفتگو ۾ حصو ورتو. ڏاڏي مرحوم مون کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. محمد پناھہ خان چيو:
”پير شاھہ سائين، علي محمد شاھہ کي نہ روڪيو. ايندڙ زمانو پڙٻاٽين جو آهي. ماڻھو جيتري قدر پڙٻاٽي ۽ گهڻ - ڳالھائو ٿيندو، اوتريقدر ٻُڌو ويندو ۽ اوتري قدر ترقي ڪندو. اوهان ۽ اسان جهڙن ٿور - ڳالھائن کي ڪو پڇندو بہ ڪونہ.“
اهو واقعو آئيني سڌارن جي رائج ٿيڻ، ۽ سياسي بيداري جي پيدا ٿيڻ کان اڳ جو هو.
افسوس آهي، هينئر اُهي وقت نہ رهيا، اُهي فراغتون ختم ٿي ويون، اُهي مجلسون اُجڙي ويون!
محمد پناھہ خان مرحوم جا ڪي همعصر همسايا، جن سان سندس اُٿ- ويھہ هوندي هئي، پڻ قابل ذڪر آهن:
مديجيءَ ۾ ميان مبارڪ شاھہ پٺاڻ هوندو هو. ٿلھو متارو، قداور، ڀورو، موڪرن پاچن سان پٺاڻڪي نموني جي سٿڻ پائيندو هو. هٿ ۾ ٿلھو نيٽ جو ڏنڊو کڻندو هو. سندس اهڙي هيئت اسان لاءِ باعث تعجب هوندي هئي. بذله سنج هوندو هو. گهڻو زمانو ڏسي چڪو هو. جا ڳالھہ ڪندو هو، سا عقل سان ڀرپور هوندي. پاڙي جا وڏا ماڻھو ڀل پيا پاڻ ۾ وڙهن، مگر هي صاحب دور انديشيءَ کان ڪم وٺي پاسو ڪريو ويٺو هوندو هو. سڀ جو سلام سڀ سان رام رام!
امروٽ جو سيد ميان جمن شاھہ، سنڌي مردانہ حسن ۽ حشمت جو اعليٰ نمونو هوندو هو. قداور، ڀورو، وار وڏا، ڏاڙهي چاپئين، اڇا کُنڀيل ڪپڙا، سفيد وڏي گول پڳ، پير ۾ سيم سان ڀريل سنڌي جُتي. ٻھراڙيءَ جي ماڻھن کي خيال هوندو هو تہ ميان صاحب جي هٿن ۾ جن آهن، ۽ ڇتي ڪُتي جي کاڌل ماڻھن تي سندس پڙهي ڏنل سڳو اثر ڪري ٿو، تنھنڪري گهڻائي جن جا ورتل يا ڇتي ڪُتي جا کاڌل ماڻھو پيا وٽس ويندا هئا. پاڻ ڏاڍي فهم ۽ ڌيرج جو صاحب هوندو هو. فارسي علم کان بہ واقف هو. جنھن مجلس ۾ هوندو، هڪ خاص قسم جي فضا پيدا ڪري ڇڏيندو.

وڏيرو همت علي خان ڪماريو: ترائيءَ ۾ رهائش هيس، ۽ ساريءَ ابڙا قوم جو سردار هو. ڪنھن زماني ۾ ابڙن جو چڱو زور رهي چڪو هو. ڪلھوڙن جي صاحبيءَ اندر ڪلھوڙن حاڪمن سان چڱيون چڪريون کائيندا رهندا هئا، ۽ انھن واقعن تي اڄ تائين هر هڪ غريب کان غريب ابڙي کي بہ فخر ۽ ناز آهي. شڪارپور کان وٺي لاڙڪاڻي جي پسگردائيءَ تائين سندن قوم جي پکيڙ هوندي هئي لٺ بانٺي جي معاملي ۾ خاص طرح سان مشھور هوندا هئا. مون پاڻ منجهانئن هڪ شخص ڏٺو، جنھن جو نالو باغ هو ۽ ذات جو ککراڻي هو (ککراڻي ابڙا قوم جي هڪ شاخ آهي) اسان جي پاڙي ۾ رهندو هو، سندس متعلق هيءَ مسلم راءِ هوندي هئي تہ هو فقط لٺ سان اڪيلي سر پنجاھہ ماڻھن جو مقابلو ڪري سگهيو ٿي، ۽ مقابلي ڪندڙ ڀل ڪھاڙين، ترارين، لوڙين يا لٺين سان مسلح هجن. لٺبازي سنڌ جو پراڻو اباڻو ورثو هو، جو هينئر بندوقن آئي ختم ٿيندو پيو وڃي.
همت علي خان سان اسان جي گهَر جي پڪي دوستي هوندي هئي، سندس ڳوٺ ترائي، اسان جي ڳوٺ کان فقط ڇهن ميلن جي مفاصلي تي هوندو هو. هڪ روايت موجب، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي پڻ ترائيءَ ۾ آيو هو، جو سندس ”نظارو“ هڪ ابڙي عورت سان هوندو هو. انھن ڏينھن ۾ ترائيءَ جي سردار کي نرينو اولاد ڪونہ ٿيندو هو، تنھنڪري ان سردار جي والده شاھہ صاحب وٽ لنگهي آئي ۽ اچي کانئس دعا پنيائين. شاھہ صاحب وراڻيءَ ۾ هڪ شعر چيو:
”تنھن جوري واريءَ جوءِ ويو شھر ورائيو،
سڙيءَ لام منجهان ڪو جو مورو موريو.“


ان کان پوءِ سردار کي پٽ ڄائو، ۽ اهو خاندان اڄ تائين قائم رهندو اچي. منھنجي پنھنجي زماني اندر همت علي خان کي پٽ جو اولاد ڪونہ ٿيندو هو، حتاڪ سندس ڄمار اچي سٺ ورهين کي رسي هئي. سندس قوم جي ماڻھن کي ان هوندي بہ هميشہ آسرو هوندو هو تہ ڪنھن نہ ڪنھن ڏينھن همت علي خان کي ضرور پٽ ڄمندو، ڇو تہ ”ان خاندان کي ڀٽائي صاحب جي دعا ٿيل آهي ۽ تنھنڪري ان جو نسل هرگز ختم نہ ٿيندو.“ آخر، خدا جي قدرت، ٿيو بہ ائين. همت علي خان کي، پنھنجي مرڻ کان ٻہ سال کن اڳ ۾، پٽ ڄائو، پر گونگو ۽ ٻوڙو-- وري بہ پٽ هو! هينئر اهو گونگو وڌي مڙس ٿيو آهي،“ ڪماريي خاندان جو نالو قائم رکيو اچي.
همت علي خان مرحوم جي طبيعت بلڪل نرالي قسم جي هوندي هئي. هو نہ ڪنھن انگريز عملدار ۽ ديسي ڪاموري سان دوستي رکندو هو، ۽ نہ انھن سان گهڻو ڪري اچ - وڃ ئي رکندو هو. پاڻ هڪ وڏي قوم جو سردار ۽ فرسٽ ڪلاس جاگيردار هوندو هو، پر ڌاريءَ حڪومت جي اهلڪارن سان ويجهو پوڻ ناپسند ڪندو هو. ساريءَ عمر اندر هڪڙي بہ انگريز عملدار کي ڪڏهن دعوت ڪانہ ڏنائين، ۽ نہ منجهانئن ڪنھن کي شڪار ئي ڪرايائين. حالانڪ اُهي ڏينھن اهڙا هوندا هئا جو عملدارن کي شڪارن ڪرائڻ لاءِ زميندار هميشہ سرگردان پيا رهندا هئا. ان گوشه نشينيءَ ڪري همت علي خان جي اثر ۽ هلنديءَ کي گهڻو نقصان رسيو، ان حد تائين جو ڪمن ڪارين وارا ماڻھو کيس ”بي همت“ سڏڻ لڳا، پر اُنھن اُلَن يا چوڻين جي خود کيس ڪا پرواھہ ڪانہ رهي. هو پنھنجيءَ جاءِ تي ڪنارو ڪريو ويٺو رهيو، ۽ جيڪڏهن اُٿي ڪنھن جو ڪم نہ ڪيائين تہ ڪنھن کي ڏکويائين بہ ڪونہ. شڪار سان البت دلچسپي هوندي هيس. گهڻو ڪري ڪو بہ اهڙو هفتو ڪونہ گذرندو، جنھن ۾ سندس هڪ - ٻہ پروگرام شڪار جا رکيل نہ هوندا. هڪ 16 بور جي دو نالي بندوق وٽس هوندي هئي، جنھن سان گهڻو شوق هوس، ۽ جنھن تي سون جو پاڻي پڻ چڙهايو هئائين. اُها بندوق اُٺ تي اڳيان رکي روانو ٿيندو هو. پاسن سان گهوڙيسوار ملازم رليا ايندا هئس. شڪار جي جاءِ تي پھچڻ بعد، پاڻ لھي اڪيلي سر ٻہ - چار ٺڪاءُ ڪري وري واپس هليو ايندو هو. ڪمن نالي سندس هڪ ملازم هوندو هو، جو ڪڏهن ڪڏهن ساڻس شريڪ شڪار پيو ٿيندو هو. اهو سندس معزز ۽ معتبر ملازم هوندو هو. جنھن تان ٻيو سڀ ڪم ڪار معاف هوندو هو. هو سارو ڏينھن فقط بندوق ڪلھي تي کنيو، شڪار پٺيان، ٻيلن ۾ ڦرندو وتندو هو. اهڙو ڪو ڏينھن مشڪل سان ٿيو هوندو. جنھن ڏينھن ڪمن خالي هٿين گهر وريو هوندو. ڪمن مون گهڻو ڏٺو. واقعي عزت ۽ اعتبار جي قابل انسان هوندو هو. مجلس ۾ ويھندو تہ تھذيب سان، ڳالھائيندو تہ چٻي چٿي، ڪم ڪار ڪندو تہ سليقي ساڻ. پنھنجي آقا جو نالو، ادب وچان، هرگز وات تي نہ آڻيندو، هميشہ وڏيرو سائين“ ڪري پيو ڏانھنس اشارو ڪندو. ساري زندگي شڪاري يونيفارم ۾ رهيو. خاڪي شلوار، تنھن تي پٽيون ٻڌل، ڳچيءَ ۾ ڪارتوسن جو ٿيلھو، مٿي تي خاڪي موڱو پٽڪو ۽ ڪلھي تي بندوق،عام چوڻي هوندي هئي تہ ”جهنگ ۾ ٺڪاءُ ٻڌو تہ سمجهو تہ ڪمن آهي ۽ ڪانہ ڪا شي ضرور ماري اٿس-“ ڪمن جو ڪارتوس خالي نہ ويندو هو.
همت علي خان مرحوم ڪنھن زماني ۾ عشق وچان شاعري ڪئي هئي. اهائي مائي مُئي تہ ان جي قبر ڀرسان پنھنجي قبر بہ ٺھرائي ڇڏيائين، جنھن ۾ ڪڏهن ڪڏهن وڃي پاڻ سمهندو بہ هو. انتقال بعد کيس انھيءَ قبر ۾ دفن ڪيائون.
مرحوم اڻپڙهيل هوندو هو. صحيح بدران، اڳوڻي دستور موجب، پنھنجي منڊيءَ تي ٽِڪ بطور مھر جي هڻندو هو. ڳالھائيندو مختصر هو، ٻڌندو گهڻو هو، جيڪو اکر پاڻ چوندو هو، سو شائستو ۽ وڻندڙ هوندو. شيعي مذهب جو هو. غريب کان غريب سيد بہ ڪڏهن وٽس لنگهي آيو تہ پاڻ اٿي کڙو ٿيندو. وڌي، نوڙي، پيرين پئي، کيس وٺي آڻي سيرانديءَ ڏانھن ويھاريندو. سيد سڳورو بعد ۾ جيڪو بہ حڪم ڪندو، تنھن جي حتي الوسيع تعميل ٿيندي.
وڏيرو غلام عباس خان، سندس سؤٽ ۽ سندس همعصر هو. اهو صاحب وري پنھنجي اوطاق کوليو، جدا ڪچھري ڪريو ويٺو هوندو هو. شريف انسان هوندو هو. سندس صورت ڏسي، اڳئين زماني جي سنڌي اميرن ۽ سردارن جون صورتون اکين اڳيان ڦرڻ لڳنديون هيون.
محمد پناھہ خان ڊکڻ جي خاندان جو، وقت جي حڪومت سان تعلق هجڻ سبب، وڏو پرتاب هوندو هو. تنھنڪري همت علي خان مرحوم کي هميشہ ساڻس ٺھي هلڻو پيو. انھن ڏينھن ۾ ”پاڙي جي شرم ۽ لحاظ“ جو سوال پڻ هوندو هو. ”پاڙي کي پٺي ڏيڻ“ ائين سمجهيو ويندو، جيئن ڪتي جو ماس کائڻ. ائين نہ آهي تہ رقابتون نہ هونديون هيون، پاڙيچا پاڻ ۾ وڙهندا نہ هئا. پر انھن رقابتن کي حد اندر رکيو ويندو هو ۽ هر ويڙھہ جو فيصلو پاڙي جا چڱا مڙس پاڻ ۾ مڙي ڪري ڇڏيندا هئا. جيئن گهڻي اوگهڙ نہ ٿئي. پاڙي جي ماڻھوءَ هٿان ڪھڙي بہ ”ڪَسي پڪي“ ٿي پوي تہ پاڙي جو ٻيو ماڻھو ان جو ”پن نہ کڻندو“. پنھنجي همسايي خلاف ڪنھن چغلي هنئي، تہ ڀت ڀاڄيءَ کان خارج ٿي ويندو. شل نہ ڪنھن تي نالو پوي چغل جو. جيڏانھن منھن کڻندو،اتان ڦٽڪار پئي وسنديس. جيڪڏهن مورڳو ڪنھن ماري وڌس تہ بہ گهڻو داد فرياد ڪونہ ٿيندس. اهڙي ماڻھوءَ کي سڏيو ويندو ”چغل ٽويو“. ۽ چغل ٽوئي کي راڄ طرفان ڪنھن بہ قسم جي پناھہ يا مدد ڪانہ ملندي. ان ”چغل“ جي هيڊنگ هيٺ ٻہ ٻيون صنفون بہ اينديون هيون: يعني (1) ”چانجوس“ يا ”ياسوس“ (جاسوس)، ۽ (2) ”باڪو“. ”چانجوس“ اهو هوندو هو، جو لڪي ڇپي ڪا خبر معلوم ڪري ۽ چپ چپاوت ۾ وڃي ٻئي تائين پھچائي. ”باڪو“ اهو هوندو، جو ڪچھري ۾ اچي کليو کلايو ڪنھن خلاف شاهدي ڏئي يا ڪنھن جو پلؤ کڻي. انھن ٻنھي قسمن جي ماڻھن کي حقارت سان ڏٺو ويندو ۽ مٿن اعتبار ڪو بہ ڪونہ ڪندو.
اهي هونديون هيون ابڙا قوم يا ابڙا سوسائٽيءَ جون عام روايتون، جنھن جو فائدو پاڙي جا ٻيا غير ابڙا بہ پيا ماڻيندا هئا. محمد پناھہ خان ڊکڻ جون اليڪشنون ٿيون، ڏورانھن پري وارن سان جهيڙا لڳا، خود مٿس مقدمو داخل ٿيو، پر همت علي خان جو خاندان هر موقعي تي ساڻس ٻانھن ٻيلي ٿيو بيٺو رهيو.
محمد پناھہ خان مرحوم جي ڪچھريءَ ۾ چرچا گهٻا خوب ٿيندا هئا، ۽ ان ڪري سندس محفل ڪڏهن بہ بي رونق نہ هوندي هئي. وقتاً فوقتاً هميشہ ڪو نہ ڪو ساٿي پاڻ سان گڏ کنيو وتندو هو، جنھن کان مسخريءَ جي ڊيوٽي ورتي ويندي هئي.
خير محمد ڊکڻ نالي هڪ بذله سنج ماڻھو هوندو هو، جنھن کي ڪنھن زماني ۾ آڻي پاڻ وٽ رکيائين. خير محمد پنجوديري جو ويٺل هوندو هو ۽ تپيدار رهي چڪو هو. تپيداري مان سندس ڊسمس ٿي نڪرڻ جو سبب اهو ٿيو جو هن پنھنجي اسسٽنٽ ڪليڪٽر جي هڪ داشته، مقامي مھاڻي عورت سان هٿچراند ڪري وڌي هئي. اهو اسسٽنٽ ڪليڪٽر مسٽر ڪريرار هو، جو بعد ۾ سرجيمس ڪريرار جي نالي سان، پھريائين بمبئي سرڪار جو ايگزيڪيوٽو ڪائونسلر، ۽ پڇاڙيءَ ۾ وائسراءِ جو ايگزيڪيوٽو ڪائونسلر بڻيو. خير محمد وارو واقعو انھن ڏينھن ۾ ٿي گذريو هو، جڏهن ڪريرار قنبر ڊويزن جو اسسٽنٽ ڪليڪٽر هو ۽ خير محمد هو تپي ڪنڊڙيءَ جو تپيدار.
ان ڳالھہ کي ڪيترا سال گذري ويا. ڪريرار ترقي ڪندي ڪندي وڃي بمبئي سرڪار جو ايگزيڪيوٽو ڪائونسلر مقرر ٿيو، ۽ خير محمد تپيداريءَ مان نڪرڻ بعد رلندي پنندي وڃي محمد پناھہ جي مصاحبي اختيار ڪئي، ۽ محمد پناھہ خان بمبئي ڪائونسل جي ميمبر چونڊجڻ بعد جڏهن اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ بمبئيءَ ويو تہ خير محمد بہ ساڻس گڏيو ويو.
هڪ ڏينھن، بمبئيءَ جي اسڪوئٿ ائنڊ لارڊ ڪمپنيءَ جي دڪان اندر، اوچتو ئي اوچتو ڪريرار ۽ خير محمد هڪٻئي جي آمھون سامھون ٿي ويا. خير محمد، محمد پناھہ سان گڏ هو، ۽ محمد پناھہ خان، ڪريرار کي دڪان اندر ڏسي، وڌي وڃي سلام ڪيو. سندس پٺيان خير محمد بہ لڳو ويو. ڪريرار محمد پناھہ خان کي هٿ ڏيڻ بعد جيئن نگاھہ کنئي تہ وڃي خير محمد تي پيس. هڪدم ڇرڪ ڀري، خير محمد ڏانھن منھن ڪري، چيائين:
”ويل، ڪنڊڙيءَ جو تپيدار؟“
خير محمد سينو تاڻي وراڻي ڏني:
”حضور، ساڳيو ئي گنھگار‍!“
سردست رديف قافيي جو معاملو تہ طئہ ٿي ويو، مگر محمد پناھہ خان بعد ۾ جڏهن خير محمد کان ان بيتبازيءَ جو پس منظر معلوم ڪيو، تڏهن پيشانيءَ تي پگهر اچي ويس.
انھن ڏينھن ۾ واقعي ڪي رعب هوندا هئا انگريز عملدارن جا. صاحب جي داشتہ تي ڪنھن ديسي ماڻھوءَ جي نگاھہ بہ پوي، ۽ اهو ماڻھو وري ڪنھن زميندار سان گڏ گهمندو ڦرندو نظر اچي! ناقابل معافي جرم هو.
خير محمد جا اڪثر لطيفا اهڙي قسم جا هوندا هئا، جي فقط مردن اڳيان، ۽ سو بہ ان زماني ّجي وڏيرڪين محفلن اندر ئي بيان ٿي سگهندا هئا. اڄ انھن کي ڪتاب ۾ آڻڻ مشڪل آهي. حقيقت هيءَ آهي تہ مڙس اهڙو هو، جنھن جي ويٺي غم غلط هوندا هئا.
خير محمد کان اڳ، محمد پناھہ جو هڪ مصاحب گنومل بہ هوندو هو. گنومل ان علائقي جي اڪثر وڏن ماڻھن جو واقف هوندو هو. کين وياج تي پئسا ڏيندو هو، ۽ وٽن ايندو ويندو ۽ رهندو هو. ڏاڍو چرچائي هو. جا ڳالھہ ڪندو سا روڪ ٽوڪ بنا، ۽ جنھن مجلس ۾ ويٺل هوندو ان مجلس تي اداسي ڇانئجڻ هرگز نہ ڏيندو. چرچن ڪندي، مُڙندو وڏي کان وڏي ماڻھوءَ مان بہ ڪو نہ، ۽ ڪنھن نہ ڪنھن وقت محمد پناھہ خان جھڙي انسان سان بہ سوڙھہ- گهُٽ ڪري ڇڏيندو هو.
هڪ ڀيري محمد پناھہ خان کي ڏاڍو تنگ ڪيائين. محمد پناھہ خان انتقام وٺڻ جي ارادي سان پنھنجي بورچيءَ کي سمجهائي ڇڏيو تہ ان ڏينھن ٻوڙ ۾ وڏي ٻڪريءَ جو گوشت استعمال ڪري، جنھن تي وڏي گوشت جو شھبو ٿي سگهي. اهو بہ چيائينس تہ گنومل ٻوڙ کائي ويھي ۽ کانئس (بورچيءَ کان) گوشت جي سخت هئڻ بابت سوال پڇيو وڃي، تہ هو جواب ڏئي تہ اهو ٻوڙ وڏي گوشت مان رڌل هو.
دستر خوان وڇيو، ماني آئي، گنومل گوڏا کوڙي تيوڻ واپرايو. جڏهن پليٽ صاف ڪري ويٺو تہ محمد پناھہ خان بورچيءَ کان گوشت بابت پڇيو. بورچيءَ چيو تہ ”ان ٻوڙ ۾ تہ وڏو گوشت هو!“ پر گنومل ڳالھہ تاڙي ويو. بورچيءَ ڏانھن منھن ورائي چيائينس: ”ميان اڄوڪي تيوڻ ۾ ڏاڍو ساءُ ۽ مَجو (مزو) هو. مون کي ڏاڍو وڻيو. اڳتي بہ اهڙا تيوڻ تيار ڪندو رهجان“، ڇڙو ڪنھن هٽ واڻئي سان اها پچار نہ ڪجانءِ، جيئن اها ڳالھہ پنچائت تائين نہ پُڄي، ۽ چريا واڻيا اجايو مون کي نڙ تان لاهي نہ ڇڏين.“
محمد پناھہ خان جا ٻہ ٻيا ساٿي پڻ ڪچھريءَ جا ڪوڏيا هوندا هئا: هڪ وڏيرو قائم خان وڳڻ مرحوم، ۽ ٻيو الھہ بخش خان ڪاڪيپوٽو مرحوم، جو بعد ۾ ”خانبھادر سردار الھہ بخش خان ڪاڪيپوٽي“ جي نالي سان مشھور ٿيو. ٻيئي دلچسپ انسان هوندا هئا، کِل چرچي کان سواءِ ويھڻ ڪونہ ايندو هونِ. محمد پناھہ خان مرحوم تي عاشق هوندا هئا. اهڙو ڪو هفتو مشڪل سان گذرندو هو، جڏهن منجهانئن هڪ نہ ٻيو محمد پناھہ خان وٽ ٽڪيل نہ هوندو. انھن ڏينھن ۾ واندڪايون بہ هيون، ۽ خوشي مذاق ۽ ڪچھرين لاءِ ڪافي وقت هوندو هو.
محمد پناھہ خان مرحوم جي انتقال بعد، هڪ دفعو مان سندس اوطاق تي ويس. ويراني ئي ويراني لڳي پئي هئي. اڳين ڏينھن جو هاڻوڪن ڏينھن سان مقابلو ڪندي ۽ دنيا جي بي ثباتيءَ تي ڳوڙها ڳاڙيندي، روانو ٿي ويس:
هنڌ اهي ئي ماڳ، پر جَت نہ پَسان جُوءِ ۾!

____________
(1) کھڙو صاحب سر غلام حسين جي وزارت ۾ پارليامينٽري سيڪريٽري هو.
(1) عرب جي لارينس، پھرين عالمگير جنگ جي زماني ۾ عرب ممالڪ ۾ انقلاب آندو هو.

لاڙڪاڻو

---

نئين ديري جا مشاهير

---

وڏيرو رسول بخش خان ڀٽو

سنڌ جي اميرن جو شان ڪنھن کي ڏسڻو هوندو هو تہ نئين ديري وڃي، مرحوم مغفور وڏيري رسول بخش خان ڀُٽي جو ديدار ڪري ايندو هو.
قداور ۽ ڪُوپو مڙس، منھن گول، ڀورو، ڀرون جاڙيون، ڏاڙهي ڪتريل. چوندا هئا، جوانيءَ ۾ آگوٺي جي زور سان رپئي تان انگ اکر ميساري ڇڏيندو هو.
سخي مرد هو. سٺ هزار ايڪڙ آباد زمين جنھن مان آمدني اٿاھہ، پر هٿ ايتريقدر ڪشادو جو آمدنيءَ کان سندس خرچ هميشہ وڌيل رهيو.
دل جو ايتريقدر صاف، جو فقط در پيھي اچڻ جي دير هوندي هئي. پسگردائيءَ جا ماڻھو ساڻس ڪيترين بيھودگين ڪرڻ بعد، ڪم پئي وٽس لنگهي ايندا هئا تہ نامراد ٿي ڪو نہ موٽندا هئا. عام چوڻي هوندي هئي تہ ”رسول بخش خان جي ڪاوڙ ڪکن جي باھہ مثل آهي: گهڙيءَ جو شعلو، ان کان پوءِ ٿڌي خاڪ.“
اکين جي لڄ ۽ حضور شرمي ايتريقدر، جو ڪنھن سان بہ انڪار ڪري ڪونہ سگهندو. سندس ان خصوصيت جو ڪيترن ئي ماڻھن ناجائز فائدو پئي ورتو. پر هو صاحب پنھنجي طريقي تان ڪونہ هٽيو. ڇَتي نالي هڪ ٻرڙو سندس زمينداريءَ اندر رهندو هو. ان بزرگ جو ڌنڌو اهو هوندو هو تہ رسول بخش خان خلاف آفيسرن ڏانھن ڪوڙيون درخواستون موڪليندو رهي، ۽ ساڻن ملاقاتون ڪري رسول بخش خان خلاف چغليون هڻي. رسول بخش خان کي اها ساري حقيقت معلوم هئي، مگر ان هوندي بہ ڇَتي ٻرڙي جي هر وقت نہ فقط حاجت روائي، پر باقاعده پرورش ڪندو رهيو. ڇَتو خان قداور، هڪ اک کان ڪاڻو، اڻپڙهيل، پر پنھنجي ڌنڌي اندر پنھنجو مثال پاڻ هو. جنھن وڏيري وٽ لنگهي ويندو تہ وڏيري کي ڏڪڻي وٺي ويندي.
رسول بخش خان جي رهڻي ڪرڻي، شوق شغل، رياست جي والين جھڙا هوندا هئا. جنھن بہ شخص اچي وٽس ملازمت ڪئي، تنھن کي اولاد وانگر پاليائين، ۽ ايتريقدر ڏنائين، جو هو هميشہ لاءِ اڏجي ويو. جھڙو پاڻ ڍڪيائين، اهڙو ئي ان کي بہ پھرايائين. عبدالمجيد ۽ ڇمڪي نالي سندس عام مانورا ملازم هوندا هئا، جن جي ڏِک عام زميندارن کان بہ ٿورو زياده هوندي هئي.
شڪار سندس زندگيءَ جو تنھا مشغلو رهيو. نہ سنڌ کان ڪڏهن ٻاهر ويو، نہ وڏن شھرن گهمڻ جو ئي شوق هوس. جو وقت هوندو، سو شڪار بلي صرف ٿيندو.
ڪُتن جون لوڌون، شڪارين جون پلٽڻون، بندوقن جا انبار، ڪارتوسن سان توشا خانا ڀريل، سواريءَ لاءِ اُٺن جا وڳ ۽ گهوڙن سان طنبيلا ڀريل، اٺن ۽ گهوڙن جي پٺين تي ريشم جا سَنج ۽ ڳچين ۾ پَٽ جون ڳانيون ۽ چانديءَ جون سريون. تيار ٿي ڪيڏانھن نڪرندو تہ پاڻ اُٺ تي، ۽ اڳيان پويان گهوڙيسوارن جون قطارون. بوقت سواري، انگريزي طرز جا، سواريءَ جا ڪپڙا پھريندو: خاڪي قميص ۽ ڪوٽ، ساڳئي ئي رنگ جي برجيس، جنھن تي پٽيون ٻڌل هونديون، پير ۾ لانگ بوٽ، مٿي تي سرديءَ ۾ بالڪلاوا ٽوپي ۽ گرميءَ ۾ سولا هئٽ.
اڏامندي پکيءَ کي بندوق هڻڻ ۾ سندس ثاني مون اڄ تائين ڪونہ ڏٺو. پَري ۾ هلي بيھندو تہ مشڪل سان ڪو پکي بچي نڪرندو. هميشہ ٻہ بندوقون پاڻ سان رکندو هو: هڪ پنھنجي هٿ ۾، ٻي لوڊر ماڻھو ڀريو سندس ڀر ۾ جهليو بيٺو هوندو هو. ٻنھي بندوقن کي ايتريءَ ڦڙتائيءَ سان استعمال ڪندو هو، جو هڪ ئي پير تي چار پکي ڪيرائي وجهندو هو. سندس شڪاري عملو ايتريقدر تجربيڪار هوندو هو، جو پکين کي اهڙي طريقي تي اُٿاريندا هئا، جو سمورا پکي ٻين شڪارين کان پاسو ڪريو، سڌا وڃي رسول بخش خان مٿان پوندا هئا.
سنڌ جي ڪيترن ئي ٻيلن ۾ سندس مستقل مھاڙيون رکيل هونديون هيون، جن جي سنڀال لاءِ شڪاري مقرر هوندا هئا. جنھن ڏينھن ست ڦاڙها ماريائين، يا ٻن گراٺين يا ان کان مٿي سڱن وارو ڦاڙهو مئو، ان ڏينھن شڪارين مٿان انعامن اڪرامن جا مينھن وسي ويندا.
سندس شرافت جو ڪجهہ ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي، ان جا ڪجهہ وڌيڪ مثال ٻڌو.
منھنجي ڏاڏي مرحوم ۽ سندس وچ ۾ ڪنھن زماني ۾ تلخي هوندي هئي. همسائگيءَ جون رقابتون هيون، ۽ شخصيتون ٻنھي بزرگن جون زوردار! هڪ ئي ٻيلي اندر ٻہ شينھن رهن، سرو ذرا مشڪل هو.
عين ان تلخيءَ جي زماني اندر، ڏاڏي مرحوم تي هڪ سرڪاري معاملو ٿي پيو. معاملي جي نوعيت هيءَ هئي: مرحوم کي ڪنھن پاسي پوسٽ ڪارڊ لکڻو هو. ٽپال آفيس پسگردائيءَ ۾ ڪانہ هوندي هئي. انجنيري کاتي جي ڪنھن ملازم آڻي کيس هڪ پوسٽ ڪارڊ ڏنو، جنھن تي پاڻ ڪجهہ لکي ڪري ٽپال ۾ وڌائين. اهو ڪارڊ ”سروس“ پوسٽ ڪارڊ هو. پر ڏاڏو مرحوم انگريزي پڙهيل ڪونہ هو، تنھنڪري کيس خبر پئجي ڪانہ سگهي تہ عام پوسٽ ڪارڊ ۽ سروس پوسٽ ڪارڊ ۾ ڪھڙو فرق ٿئي ٿو. ٽپال ۾ پوڻ بعد ڪارڊ پڪڙيو، ۽ پوسٽ ايڪٽ هيٺ مرحوم مٿان مقدمو داخل ٿيو.
عام دنيا جي دستور موجب، رسول بخش خان کي، پنھنجي دشمن خلاف ان موقعي جو هر طرح فائدو وٺڻ کپندو هو. پر هن صاحب ڪيو ڇا؟ حاضريءَ کان هڪ ڏينھن اڳ، چانديءَ جي رپين سان هڪ ڳوڻ ڀري اچي ڏاڏي مرحوم وٽ پھتو. چيائينس:”ميان پير شاھہ سائين، پنھنجا معاملا پاڻ ۾ پيا فيصل ڪنداسين. هيءُ ٻاهريون حملو آهي، ان ۾ جيڪو بہ خرچ ٿيندو سو آءٌ پاڻ ڪندس، توکي ڪرڻ ڪونہ ڏيندس.“
معاملو تہ پھرينءُ ئي حاضريءَ تي ختم ٿي ويو، ڇو تہ سرڪار پاڻ ئي ڪيس ڪڍائي ورتو. پر رسول بخش خان جي شرافت جو هڪ وڌيڪ غير فاني مثال ملي ويو.
انھن ساڳين ئي ڏينھن جو ذڪر آهي: جڏهن ٻنھي بزرگن جي وچ ۾ سخت جنگ ڇڙيل هوندي هئي، تڏهن بہ سندن سلوڪ هڪٻئي جي اولاد سان بلڪل مختلف قسم جو هوندو هو.
مرحوم رسول بخش خان ابي مرحوم سان ۽ ڏاڏو مرحوم رسول بخش خان مرحوم جي فرزند احمد خان (بعد ۾ خانبھادر احمد خان) سان مربيانہ سلوڪ ڪندو رهيو. تحفا تحائف ڏيڻ، اچڻ وڃڻ، شوق شڪار ۾ شرڪت، مطلب تہ دوستيءَ ۽ محبت جا سمورا لوازما پورا ٿيندا ٿي رهيا. چوندا هئا: ”مڙسن جا وير ٻچن کان نہ وٺبا آهن.“

سردار واحد بخش خان ڀٽو

عمر وفا ڪانہ ڪيس. اٺاويھن - اوڻٽيھن ورهين جي ڄمار ۾ ئي انتقال ڪري ويو - نہ تہ گهڻن ئي همعصر وڏيرن ۽ سرمائيدار سياستدانن جي صفائي ڪري ڇڏي ها.
اميراڻي طرز تي رهڻ ۽ هلڻ ڪو کانئس سکي ها! زمينداري وڏي ۽ دولت ڪافي هيس، پر اُن جو ڏيکاءُ اصلي مُوڙيءَ کان بہ زياده پيو ٿيندو هو. اڌ سنڌ جي وڏيرن کي دوستيءَ جي دام ذريعي پنھنجيءَ سنگت ۾ شامل ڪري ڇڏيائين. مشڪل سان ڪو اهڙو ضلعو هو، جت ڪو نہ ڪو سندس سر ڦِريو سنگتي موجود نہ هوندو هو. دوستي گهڻو ڪري جوان مردن ۽ همت وارن ماڻھن سان رکندو هو. نہ وري سندس دوستي ٺلھي يا رُکي قسم جي ئي هوندي هئي. پنھنجن دوستن سان انتھائي ڪشاده دليءَ جو سلوڪ ڪندو هو. جيڏانھن نڪرندو، سنگتين جو ٽولو ساڻ وٺي هلندو. انھن جي خدمت ۽ خاطري ايڏي پيماني تي پئي ٿيندي، جو هلندي هلندي مھينا گذري ويندا، پر ڳوٺ ياد ڪونہ پوندن. شئل شڪار، سير تفريح، کانا گانا، سڀ شي موجود: پوءِ ڪير اهڙو بي سمجهہ هوندو، جو اهي مزا ڇڏي وڃي پنھنجن گهرو معاملن ۾ مبتلا ٿئي ها؟
ﷲ تعاليٰ ڪن ڪن ماڻھن ۾ اهڙيون خصوصيتون رکي ٿو، جن جو اثر تہ محسوس ٿيندو رهي ٿو، پر انھن کي ڪنھن معين نالي سان سڏي نٿو سگهجي. مثلاً، واحد بخش خان مرحوم ۾ هيءَ خصوصيت هوندي هئي تہ جتي موجود هوندو، اتي ميلو لڳو پيو هوندو - نہ فقط سندس رهائش واريءَ جاءِ تي، پر ان ساري شھر مٿان بسنتي رُت ڇانيل هوندي - ڳليءَ ڪوچي، وڻ ٽڻ مان ائين پيو بکندو تہ اڄ ڪو غير معمولي ماڻھو آيل آهي.
ڪجهہ عرصي جي پيڙھہ ٻڌڻ کان پوءِ، مرحوم پنھنجي اصلي مطمح نظر، يعني سياست طرف هلڻ شروع ڪيو. سينٽرل اسيمبليءَ جون چونڊون شروع ٿيون. پاڻ سنڌ جي زميندارن جاگيردارن واريءَ سيٽ لاءِ اميدواريءَ جو اعلان ڪيائين. سندس شخصيت ۽ تعلقات ۽ دولت جو اڳ ۾ ئي اهڙو پَرتو پيل هو، جو ڪنھن کي بہ سندس مقابلي ۾ بيھڻ جي مجال ڪانہ ٿي. وقت آئي هر ٻيو اميدوار ڀڄي ويو. دهليءَ پھچڻ بعد پڻ سندس طريقو ساڳيو ئي رهيو. اٿڻي ويھڻي، رعب ۽ تاب ۾ هندستان جي نوابن ۽ راجائن سان ڪلھا گسائيندو رهيو. سياسي علم گهڻو ڪونہ هوس، تنھنڪري اسيمبليءَ اندر تقرير ڪرڻ جو سوال پيدا ڪونہ ٿي ٿيو، پر ٻاهران ٻاهر ڪافي فضا پيدا ڪريو ويٺو رهيو. سينٽرل اسيمبليءَ جي ٽرم پوري ٿيڻ بعد بمبئي ڪائونسل جو ميمبر منتخب ٿيو، پر وري بہ بنا مقابلي.
همت ۽ هستيءَ ۾ پنھنجو مثال پاڻ هو. جنھن جي مخالف ٿيو، ان جي ننڊ حرام ٿي. سخت کان سخت مقابلو ڪندي بہ هرگز باز نہ ايندو. خوددار هو، تنھنڪري وقت جا ڪامورا گهڻو ڪري ساڻس ڪونہ ٺھيا.
هڪ دفعي مٿس ڏاڍو نازڪ ڪيس ٿي پيو. ڇَتي ٻرڙي جو ذڪر، وڏيري رسول بخش خان ڀٽي سان تعلق رکندڙ مضمون ۾ اچي چڪو آهي - ان ڇتي جي زال ڀڄي ويئي. ڇتي وڃي گور والا نالي لاڙڪاڻي ڊويزن جي هڪ جوشيلي نوجوان پارسي اسسٽنٽ ڪليڪٽر کي درخواست ڏني تہ سندس زال کي گم ڪرائڻ ۾ واحد بخش خان جو هٿ آهي، ڇو تہ واحد بخش جي ساڻس دشمني آهي. گور والا وڏيرن جي خلاف هوندو هو، موقعي ملندي ڪنھن بہ وڏي ماڻھوءَ جي آبرو ريزي ڪندي ڪونہ مڙندو هو، تنھن اها درخواست جاچ لاءِ ضلعي جي ڪپتان مسٽر جج ڏانھن رواني ڪئي. جج جو سڀ کان زياده معتمد سب انسپيڪٽر، عبدﷲ خان نالي هڪ پٺاڻ هوندو هو. اهو عبدﷲ خان، پنھنجي مٿي، هڪ وڏو ڪيريڪٽر هو. ڪيترا سال رتيديري ۾ صوبيدار رهي چڪو هو. پوليس جو ڪاروبار هلائڻ ڪو کانئس سکي ها. مجال آهي ڪنھن چور کي جو ساڻس سچو احوال نہ ڪري، يا وري عبدﷲ خان جي حد اندر، عبدﷲ خان جي آئي کان پوءِ، ڪو ڏوھہ ڪري وجهي. هوندو فقط صوبيدار هو، پر ڏِک اڳوڻن مغل نوابن جھڙي پيو ڏيندو. رپورٽن لکڻ يا ڪيس تيار ڪرڻ ۾ استاد جو درجو حاصل هوس. قاعدي قانون جو زبردست ماهر هو. پنھنجن آفيسرن يا ڪنھن عدالت اڳيان بيھي ڪنھن ڪيس جو تجزيو ڪيائين، تہ ڪنھن کي مجال ڪانہ هوندي جو ان سان اختلاف ڪري سگهي. جنھن انگريز پوليس ڪپتان سان واهپو ٿيس، سو سندس عاشق ٿي پيو.
ڇَتي ٻرڙي جي درخواست جاچ لاءِ ان عبدﷲ خان جي سپرد ٿي، تہ ماڻھن کي يقين ٿي ويو تہ هينئر واحد بخش خان ڏانھن خير ڪونہ ٿيندو. آخر ٿيو بہ ائين. بدقسمتيءَ سان جاچ هلندي، اُها عورت (جنھن جو نالو هو مسمات خانزادي) مري ويئي، جڏهن پوليس وڃي سندس قبر کوٽي، تڏهن ڏٺو ويو تہ قبر مان لاش تازو نڪتل آهي.
سياري جي موسم هئي. هڪ شام جو اوچتو هيءَ خبر لاڙڪاڻي ۾ پکڙجي ويئي تہ پوليس واحد بخش خان کي گرفتار ڪري، ريزيڊنٽ ماجسٽريٽ جي ڪورٽ اڳيان چالان ڪري رهي آهي. آءٌ بہ ڊوڙي وڃي ڪورٽ ۾ پھتس. هشام ماڻھن جا تماشي ڏسڻ لاءِ موجود هئا. ٿوريءَ دير ۾ عبدﷲ خان واحد بخش خان کي گرفتار ڪري، ڪورٽ ۾ وٺي آيو. ڪورٽ بند ٿيڻ تي هئي، مگر ماجسٽريٽ ان هوندي بہ ڪورٽ کولي ويھي رهيو. ضمانت لاءِ درخواست پيش ٿي، ڌرين جي وڪيلن تقريرون ڪيون، ماجسٽريٽ درخواست رد ڪئي، پر ان هوندي بہ واحد بخش خان کي ڪورٽ ۾ ويھاريو ويٺو رهيو، ڇو تہ کيس ٻڌايو ويو هو تہ ضمانت جي ٻي درخواست سيشن ڪورٽ اڳيان پيش ٿي رهي آهي ۽ ان جي نتيجي نڪرڻ تائين واحد بخش خان کي جيل ڏانھن نہ موڪليو وڃي. ان وچ ۾ رات پئجي ويئي، ڪورٽ جي اهلڪارن ڊڪي ڊوڙي گاسليٽ سان ٻرندڙ بتيون هٿ ڪري آڻي ڪورٽ ۾ رکيون. واحد بخش خان مرحوم، منھنجي قريب، ڪرسيءَ تي ويٺو رهيو. سندس چھري تي ڪنھن بہ قسم جي پريشانيءَ جا آثار ڪين هئا، پاڻ پوليس عملدارن ڏانھن ڏسندو ۽ پنھنجن شھپرن تي هٿ ڦيرائيندو ٿي رهيو. اٺين بجي ڌاري سيشن ڪورٽ وٽان سندس ضمانت تي آزاديءَ جو حڪم آيو، ۽ پاڻ اٿي پنھنجي بنگلي تي آيو. بعد ۾ معلوم ٿيو تہ سيشن جج، (مرحوم سر شاهنواز خان ڀٽي جي چوڻ تي، ٽينس جي راند ڇڏي، اچي پنھنجي ڪورٽ کولي هئي، ۽ اتي خود سر شاهنواز خان ڀٽي کي ضامن وٺي، واحد بخش خان جي رهائيءَ جو حڪم ڪيو هئائين.)
ڪيس هلندي ساري سنڌ ٿرٿلي ۾ هئي. هر ڪنھن جون اکيون ان مقدمي تي کتل هيون. سرڪار، خاص ان ڪيس هلائڻ لاءِ، آغا غلام حسين کي اسپيشل ماجسٽريٽ مقرر ڪيو. آغا غلام حسين وڏي رعب سان ڪيس هلايو. ٻنھي طرفن کان وڏا وڏا وڪيل پيروي ڪندا رهيا. واحد بخش خان جو وڪيل مسٽر ٽي. جي. الفنسٽن ٿيو، جو انگريز هو ۽ سنڌ جو پبلڪ پراسيڪيوٽر پڻ هو. انھن ڏينھن ۾ پئسي وارا وڪيل ڪري ايندا هئا. اهي انگريز وڪيل قانوندانيءَ ۾ ڪيترن ديسي وڪيلن کان گهٽ هوندا هئا، پر اڇي چمڙيءَ جو وڏو مانُ هوندو هو ۽ ديسي ماجسٽريٽ سندن گهڻو خيال رکندا هئا.
آغا غلام حسين اوائلي جاچ ختم ڪري، ڪيس سيشن ڪورٽ ڏانھن ڪمٽ ڪيو. ڪيس حيدرآباد جي سيشن ڪورٽ ۾ هلڻو ٿيو. ڪيس کي اڳ ۾ ئي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو هو. انگريز جج هو، تنھن ڪيس جو هڪ حصو هلائي، جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو. ان فتويٰ کي ڏسي، بمبئي گورنمينٽ ڪيس جو ٻيو حصو، جنھن ۾ واحد بخش خان پاڻ ماخوذ هو، پاڻ وٿڊرا (Withdraw) ڪرائي ورتو ۽ ان طرح مرحوم واحد بخش خان، ڪيتري عرصي جي پيڙا بعد وڃي آزاد ٿيو.
انھن ڏينھن ۾ ”سنڌ آبزرور“ نالي (1) هندن جي هڪ روزانہ اخبار ڪراچيءَ مان نڪرندي هئي. ڪي. پنيا نالي هڪ سخت متعصب مدراسي هندو ان جو ايڊيٽر هوندو هو. ان اخبار جي پاليسي هوندي هئي تہ هر طريقي سنڌ مان مسلمانن جو زور ڀڳو وڃي. تنھن، واحد بخش خان جي ڪيس جي خارج ٿيڻ جو ٻڌي، هڪ سخت ايڊيٽوريل لکيو (2) جنھن ۾ بمبئي سرڪار تي هيءُ الزام لڳايو هئائين تہ هن سر ڀٽي جي سياسي اثر هيٺ اچي، واحد بخش خان، سندس سؤٽ تان ڪيس ڪڍائي قانون ۽ انصاف سان سخت هاڃي ڪئي آهي. ان ايڊيٽوريل ڪري چوٻولو گهڻو پيدا ٿيو، ۽ خود بمبئي ڪائونسل جي اجلاس اندر بہ بحث مباحثو ٿيو، پر مقدمو اڳ ۾ ئي ختم ٿي چڪو هو.
اهو مقدمو، مقدمو نہ هو، هڪ مستقل مصيبت هئي. پر واحد بخش خان مرحوم جو حوصلو ڪڏهن بہ پست ڪونہ ٿيو - ساڳيو شان، ساڳي لاپرواهي، ۽ ساڳيون چئلينجون دشمنن کي. البت، پس پرده، ياد خدا ۽ نماز جي ادائگي خاص خيال سان ٿيندي ٿي رهي.
مرحوم ڪنھن بہ پاڻ جھڙي انسان اڳيان هٿ ڊگهو نہ ڪيو، باقي پنھنجي آقا اڳيان نوڙت ڪندي، يا ان سان حاجت بيان ڪندي، ڪنھن بہ شرم يا حجاب جو ڪو سوال پيدا ڪونہ ٿي ٿيو.
ڪپڙي لٽي ۽ ساز سامان جو مرحوم کي بيحد شوق هوندو هو.
انڊين اسيمبليءَ ۾ چونڊجي دهلي ويو. اتي ڳاڙهي رنگ جي هڪ تازي آيل شاهي موٽر ڪار، پئڪارڊ، ورتائين - جيڪا اوستائين ٻئي ڪنھن بہ راجا راجواڙي وٽ ڪانہ هئي. ان ۾ وري هڻايائين وڏيون وڏيون شمعون ۽ غير معمولي قسم جا هارن، جن مان موسيقيءَ جا آواز ٿي نڪتا. پوئينءَ سيٽ جي اڳيان، هوا کي روڪڻ لاءِ وڏو شيشو هڻائي، ان تي وڏن اکرن ۾ پنھنجو نالو لکارايائين، تہ جيئن ڏسندڙن کي موٽر سان گڏ موٽر جي مالڪ جو نالو بہ معلوم ٿيندو رهي. جڏهن اها موٽر ڪراچيءَ ۾ هلندي هئي، تہ ماڻھن جا هشام مڙي ويندا هئا. پاڻ لباس بہ راجائن جھڙو ئي پھريندو هو. راجپوت قسم جي، پاسي تي آهليل رنگا رنگي پڳ، سوٽ يا شيرواني ۽ شلوار، ڪڏهن ڪڏهن شلوار سان گڏ ريشمي گلدار پھراڻ ۽ زريءَ سان ڀريل جُتي. ڌڻي تعاليٰ صورت بہ ڏسڻ جھڙي ڏني هيس، جنھن تي هر قسم جو ڪپڙو پيو ٺهندو هو- قد ڊگهو ۽ موزون، چھرو موڪرو، شھپر وڏا، ڀرون جاڙيون، ۽ رنگ کليل.
پنھنجي ڳوٺ (ڳوٺ پير بخش ڀٽو تعلقو رتو ديرو) اندر، رهڻ واريءَ جاءِ کي محلات جي نموني تي سينگاريائين. روشني ۽ پکن هڻائڻ لاءِ خاص پنھنجي خرچ تي بجليءَ جو جنريٽر هڻارايائين. نوڪرن چاڪرن، بٽلرن ۽ ڊرائيورن کي مونوگرام سان ورديون ڏنائين. جنھن صورت ۾ حڪومت اڃا کيس ڪنھن بہ وڏي خطاب ڏيڻ لاءِ تيار ڪانہ هئي، تنھن صورت ۾ هن صاحب پاڻ ڀٽي قوم کي گڏ ڪري، انھن جي سرداري قبول ڪئي. ان ڏينھن کان پوءِ، عام ماڻھو کيس سردار واحد بخش خان سڏڻ لڳا. پسگردائيءَ جا غريب ۽ نوڪر چاڪر کيس ”نواب صاحب“ سڏيندا رهيا. نوابن کي سڱ ڪونہ ٿيندا هئا، جيڪڏهن واحد بخش خان نوابيءَ جي لائق ڪونہ هو، تہ سنڌ اندر يقيناً ٻيو بہ ڪو نوابيءَ جي لائق ڪونہ هو.
سندس قضيو، جو شروع جوانيءَ ۾ ٿيو، ضلعي جو سخت درد انگيز واقعو هو. مرحوم چڱو ڀلو بمبئيءَ ويو، ۽ اتان موٽندي رستي ۾ نمونيا ٿيس. لاڙڪاڻي جي مقامي ڊاڪٽرن علاج ڪيس. پر ڪامياب ڪونہ ٿيو. انھن ڏينھن ۾ نمونيا لاءِ هاڻي وارا علاج اڃا تجويز ڪين ٿيا هئا، نہ ائنٽي بايوٽڪس هوندا هئا، نہ پينسلين. ﷲ تعاليٰ جون سندس روح مٿان رحمتون هجن! سخي مرد هو، سوَن هزارن نادارن، بيوھہ عورتن ۽ يتيمن جي پرورش ڪندو رهندو هو.

________________

(1) پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ اها اخبار مسٽر کھڙي ورتي، ۽ 1948ع کان 1953ع تائين آءٌ ان جو ايڊيٽر ٿي رهيس.
(2) ان ايڊيٽوريل جي هيڊنگ هئي: ”A Scandal of the First Magnitude.“

نبي بخش خان ڀٽو

واحد بخش خان مرحوم کان پوءِ سندس ورثو سندس ڀاءُ نبي بخش خان سنڀاليو. قدرت ٻنھي ڀائرن جون طبيعتون متضاد خلقيون هيون - واحد بخش خان جي طبيعت جيتريقدر هنگامه خيز پسند هئي، اوتريقدر نبي بخش خان جي طبيعت صلح پسند، خاموش ۽ فقيرانہ هئي.
نبي بخش خان اڃا حيات ۽ موجود آهي. اهڙو سانتيڪو، سچو، شريف ۽ اڻ ڏکوئيندڙ انسان مون سنڌ جي زميندار طبقي اندر ٻيو ڪونہ ڏٺو آهي. ڪو ماڻھو سخت ڏک پھچائيندس تہ بہ ٻاهر ٻڙڪ ڪانہ ڪڇندو. ساريءَ عمر اندر شايد ڪنھن سان بہ تکو اکر ڪونہ ڳالھايو اٿس. ڪم گوئيءَ ۽ خاموشيءَ جو هيءُ عالم، جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو هوندو، ۽ جيستائين ٻيو ڪو ساڻس نہ ڳالھائيندو، پاڻ ڪونہ ڪڇندو. سندس وعدو سون جو سِڪو، سندس ڪئريڪٽر قطعاً بيداغ، پاليٽڪس ۾ ورهين جا ورهيہ رهيو، پر ڪڏهن بہ سياست کي پنھنجن غرضن جي پوري ڪرڻ لاءِ اوزار طور استعمال نہ ڪيائين.
سر شاهنواز خان جي بمبئي وڃڻ کان پوءِ نبي بخش خان لاڙڪاڻي ضلعي جو پريزيڊنٽ چونڊيو، ۽ تقريباً اَٺ ورهيہ کن ان منصب تي رهيو. سندس ايمانداري بطور ضرب المثل استعمال ٿيندي رهي. ٽي - چار سال بمبئي ڪائونسل جو ميمبر، ڏھہ سال سينٽرل اسيمبليءَ جو ميمبر، ۽ اٺ - ڏھہ سال سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر هو، پر ڪڏهن بہ نہ پارٽي بدلايائين، نہ سرڪار جو ڇاڙتو بڻيو، نہ خطاب ورتائين، نڪي وزارت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين، جنھن سان وعدو ڪيائين، توڙ نباهيائين.
33-1934ع ۾، انڊين ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. انھن ڏينھن ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس پڻ اسيمبليءَ ۾ گهڙي پئي هئي، جنھنڪري اسيمبلي، سرڪار ۽ ڪانگريس جي وچ ۾، ڪرڪيشترا جو ميدان بڻجي پئي هئي. گهڻن ئي ڏسڻن وائسڻن ميمبرن پاڻ کي سرڪار سان وابستہ ڪري، پنھنجا ڪيترائي ڪارج پئي سَڌ ڪيا. مگر نبي بخش خان قطعاً لاطمع ٿيو ويٺو رهيو، ۽ بلڪل آزاديءَ سان ووٽ استعمال ڪندو رهيو.
سرڪار ۽ ڪانگريس جي وچ ۾ سڀ کان پھريون مقابلو اسيمبليءَ جي صدارت جي چونڊ تي ٿيو، سرڪار جي همدردي هئي مرحوم سر عبدالرحيم سان، جيڪو جناح صاحب جي انڊپينڊنٽ پارٽيءَ طرفان اميدوار بيٺو هو. ٻيءَ ڌر طرفان، ڪانگريسي اميدوار مسٽر شيرواني هو. کٽ يا هار جو مدار فقط هڪ - ٻن ووٽن تي هو. تنھنڪري ميمبرن تي وڏا زور بار اچڻ لڳا. نبي بخش خان دهليءَ پھچڻ شرط ئي پنھنجي ووٽ جو وعدو شيروانيءَ سان ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ مٿس قسم قسم جي اثرن هلائڻ جي ڪوشش ٿي، پر سندس واعدي ۾ ڦيرو ڪو نہ آيو. انھن ڏينھن ۾، سندس خلاف داخل ٿيل اليڪشن پٽيشن ساڳيءَ هندستان سرڪار جي اڳيان زير غور هئي. ڪيترن سرڪاري ڇاڙتن کيس دڙڪا ۽ لالچون ڏنيون، چي، ”جيڪڏهن ووٽ سرڪار طرف ڏيندين تہ تنھنجي اليڪشن پٽيشن ابتدا ۾ ئي رد ٿي ويندي، ٻيءَ حالت ۾ اليڪشن پٽيشن کي منھن ڏيڻ تي اوترو ئي خرچ ڪرڻو پوندئي، جيترو خرچ اليڪشن تي ٿيو اٿئي“، وغيرہ وغيرہ. مگر نبي بخش خان تي ڪو اثر ڪونہ ٿيو. سندس ووٽ شيروانيءَ کي ئي مليو. البت، هڪ ٻئي سنڌي ميمبر ان موقعي جو چڱو ئي فائدو ورتو. ان بزرگ اوائل ۾ واعدو بہ شيروانيءَ سان ڪيو، پر جڏهن جنگ جو ميدان گرم ٿيو، تڏهن سرڪار سان پنھنجون صلح صفايون ڪري، پنھنجو ووٽ مخفي طرح وڃي سرڪاري اميدوار کي ڏنو. فرق هڪڙي ئي ووٽ جو هو- اهو ووٽ سر عبدالرحيم، سرڪاري اميدوار کي مليو، جنھنڪري شيرواني هڪ ووٽ تي هارايو.
سينٽرل اسيمبليءَ اندر ٻي يُڌ لڳي هڪ سرڪاري بل تي، جنھن جي مراد هئي تہ سرڪار کي اختيار ڏنو وڃي تہ ڪنھن بہ انقلابي ماڻھوءَ کي بغير ڪيس هلائڻ جي ڪيتري بہ عرصي لاءِ جيل ۾ بند رکي سگهي. سر نرڀندراناٿ سرڪار، لا- ميمبر هو، تنھن اهو بل اسيمبليءَ اڳيان آندو. بل جي فائدي ۾ سر نرڀندرا جي ڪيل تقرير طوالت جي لحاظ سان ان اسيمبليءَ جي تاريخ اندر رڪارڊ هئي. بل پيش ٿيڻ بعد هڪ طرف اها تقرير شروع ٿي، ۽ ٻئي طرف بل جي فائدي ۾ ووٽن حاصل ڪرڻ لاءِ سرڪاري ڪوشش. ڪانگريس پارٽي تہ اڳ ۾ ئي اهڙن بلن جي مخالف هئي، پر غير ڪانگريسي ميمبرن بہ ان بل جو وجهہ وٺي، سرڪار کي بلئڪ - ميل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. ڪن پنھنجي ووٽ جي قيمت خطابن جي صورت ۾ گهري، ڪن کي عھدا گهربا هئا، ڪي رٺا ٿي، ۽ ڪي وري ووٽ جي قيمت وڌارائڻ جي نيت سان دهلي اندر لڪندا وتيا ٿي. غرض تہ جنھن صورت ۾ سرڪار کي ڪاميابيءَ جو يقين ڪونہ ٿي ٿيو، تنھن صورت ۾ سر نرڀندرا جي تقرير هلندي رهي، حتاڪ دهليءَ جو اجلاس ختم بہ ٿي ويو، مگر تقرير جي پڄاڻي ڪانہ ٿي.
ٻيو اجلاس شملي ۾ ٿيو. ان وچ ۾ نبي بخش خان تي مقامي عملدارن جي ذريعي پڻ ڪيترائي زوربار آندا ويا، مگر هو صاحب ڪونہ مڙيو. هن اوائل ۾ ئي فيصلو ڪيو هو تہ ووٽ سرڪاري بل جي مخالفت ۾ ڏبو، تنھنڪري آخر گهڙيءَ تائين ان اصول تي قائم رهيو. سر نرڀندرا جي تقرير شملي واري اجلاس اندر بہ ڪيترن ڏينھن تائين هلندي رهي. بل جو آخر ڪھڙو حشر ٿيو، سو هينئر ياد ڪونہ اٿم.
سنڌ اسيمبليءَ اندر پڻ نبي بخش خان جي پاليسي ساڳي ئي رهي. ڪيترائي ميمبر حضرات پنھنجا وعدا ٽوڙيندا، پارٽيون ۽ اصول بدلائيندا، عھدا ۽ فائدا وٺندا رهيا، مگر نبي بخش خان جنھن بينچ تي پھرئين ڏينھن اچي ويٺو، پوئين ڏينھن تائين ان تي ئي ويٺو رهيو. ذاتي فائدو ڪو نہ ورتائين، پنھنجي ضمير، اصول ۽ ايمان کي پڻ مجروح ٿيڻ ڪونہ ڏنائين، صاف هٿن سان آيو هو، ۽ صاف هٿن سان پنھنجي ميمبريءَ جو عرصو پورو ڪري ٻاهر نڪتو.
سنڌ جي سياسي تاريخ اندر نبي بخش خان جھڙا ماڻھو مشڪل سان نظر آيا. خانبھادر کھڙي جھڙي ماڻھوءَ جيڪڏهن ڪا بہ اليڪشن هارائي تہ اُها نبي بخش خان جي مقابلي ۾. سر شاهنواز جي سنڌ مان رواني ٿي وڃڻ بعد، ضلعي لوڪلبورڊ لاڙڪاڻي جي پريزيڊنٽي خالي ٿي. ان جاءِ لاءِ کھڙي صاحب ۽ نبي بخش خان جي وچ ۾ مقابلو ٿيو، ۽ مقابلو بہ مقابلن جهڙو. ساري سنڌ ٿرٿلي ۾ اچي ويئي. ميمبر صاحبن جي کڻي ﷲ تعاليٰ ٻڌي. ڪڏهن هڪ اميدوار جي ڪئمپ ۾، ڪڏهن ٻئي جا مھمان. ٻہ مھينا کن هنگامو هليو، آخر نبي بخش خان ئي ڪامياب ٿيو.
ان کان پوءِ ستت ئي سينٽرل اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون. ٻن جاين لاءِ ٽي اميدوار بيٺا: سر عبدﷲ هارون مرحوم، شيخ عبدالمجيد صاحب سنڌي، ۽ نبي بخش خان ڀٽو. ساريءَ سنڌ کي ووٽ ڏيڻا هئا. عبدﷲ هارون اڳ ۾ ئي ميمبر رهندو آيو هو، تنھنڪري سندس لڳ لاڳاپا، ورڪر ايجنٽ موجود هئا. شيخ عبدالمجيد صاحب جي هٿ ۾ هئي ”الوحيد“ اخبار، جا سنڌ جي مسلمانن جي تنھا روزانہ اخبار هئي ۽ خلافت تحريڪ جي ڏينھن کان وٺي هلندي ٿي آئي. ساريءَ سنڌ جي مسلمانن مٿان ان اخبار جو اثر هو، ۽ ان جا خاطو ۽ مددگار، جن کي ”الوحيدي ٽولو“ سڏيو ويندو هو، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکيڙيا پيا هئا. ٽي - چار مھينا ورڪ هليو، پنھنجي وس پڄندي ڪنھن بہ اميدوار ڪونہ گهٽايو. آخر نبي بخش خان پھرئين نمبر ۾، ۽ سر عبدﷲ هارون ٻئي نمبر ۾ ڪامياب آيو، شيخ عبدالمجيد صاحب هارايو. شيخ صاحب بعد ۾ اليڪشن پٽيشن داخل ڪئي، جا پڻ رد ٿي.
نبي بخش خان جو ٽيون مقابلو ٿيو قاضي فضل ﷲ سان، سنڌ اسيمبليءَ جي رتيديري - ميرو خان تعلقن واريءَ سيٽ تي. اها اليڪشن بہ سخت هنگامي خيز هئي. اِهو اُهو ئي تڪ هو، جتي اڳ ۾ سر شاهنواز خان هارائي چڪو هو. مگر هن دفعي نبي بخش خان ڪامياب ٿي ويو ۽ قاضي فضل ﷲ شڪست کاڌي.
نبي بخش خان جي هڪ ٻي چونڊ نھايت دلچسپ قسم جي ٿي گذري.
سينٽرل اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊجڻ بعد، نبي بخش خان اسيمبلي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ دهليءَ پھتو. آءٌ بہ ساڻس گڏيو ويس. منھنجا ساڻس تعلقات هئا، پاڙيچائيءَ جو سوال هوندو هو، جنھنڪري هر چونڊ، هر مقابلي ۽ هر معاملي ۾ سندس طرفان مون کي ئي انتظام ڪرڻو پئي پيو.
دهليءَ پھچڻ بعد، نبي بخش خان کي خيال ٿيو تہ پھرين هندستان جي ريلوي ايڊوائزري ڪاميٽيءَ جو ۽ بعد ۾ سينٽرل ايڊوائزري ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي.
انھن ڪاميٽين لاءِ گهڻو ڪري پارٽين طرفان ئي اميدوار بيھندا هئا، ۽ پارٽيون محض پنھنجن سينيئر کان سينيئر ميمبرن کي انھن اعزازن لاءِ کڙو ڪنديون هيون. اسيمبليءَ اندر مکيہ پارٽيون ٽي هيون: سرڪاري پارٽي، ڪانگريس پارٽي ۽ مسٽر جناح جي انڊپينڊنٽ پارٽي (انھن ڏينھن تائين مسٽر جناح اڃا مسلم ليگ پارٽي شروع ڪانہ ڪئي هئي). نبي بخش خان انھن مان ڪنھن بہ پارٽيءَ جو ميمبر ڪونہ هو. چونڊ ۾ سينٽرل اسيمبليءَ جي سمورن ميمبرن کي ووٽ ڏيڻو هو، ۽ جايون جملي ست هيون.
نبي بخش خان جي فائدي ۾ مون ورڪ تہ شروع ڪيو، مگر ورڪ لاءِ گنجائش تمام گهٽ نظر آئي. اسيمبليءَ جو هر هڪ ميمبر پنھنجيءَ جاءِ تي ڪُهن سال کک، ۽ کائي - پِي چڙهيل هو، تنھن تي نبي بخش خان جھڙي نو آموز ۽ نئين آيل نوجوان جو اثر پوي تہ پوي ڪھڙيءَ طرح؟ ان اپرانڌ، سندس تعلق ڪنھن پارٽيءَ سان بہ ڪونہ هو، تنھنڪري ڪنھن پارٽيءَ طرفان سندس اميدوار بيھڻ جو سوال ئي پيدا ڪونہ ٿي ٿيو. کانئس سواءِ، سنڌ مان ٻيا ٽي ميمبر هئا (سر غلام حسين هدايت ﷲ، سر عبدﷲ هارون، ۽ مسٽر لالچند نولراءِ)، پر انھن ۾ بہ مدد جي اميد ڪانہ هئي. سر غلام حسين ۽ سر عبدﷲ هارون جي تازين چونڊن ۾ مخالفت ڪري چڪا هئاسون، ۽ لالچند نولراءِ پاڻ اميدوار هو.
سڀ کان اول آءٌ ۽ نبي بخش خان وڃي قائداعظم (رحمتہ ﷲ عليہ) جي خدمت ۾ حاضر ٿياسين. ساڻس ٿوري گهڻي شناسائي اڳ ۾ ئي هئي، پاڻ پير صاحب پاڳاري واري پھرئين ڪيس جي سلسلي ۾، بطور وڪيل، سنڌ ۾ ڪيترا مھينا اچي رهيو هو ۽ ان دوران ۾ منھنجي ساڻس چڱي واقفيت پيدا ٿي چڪي هئي. مون کي آسرو هو تہ شايد ان ڏيٺ ويٺ ڪري کيس اسان جو ڪو لحاظ پئجي وڃي.
پاڻ (جناح صاحب عليہ الرحمت) ”ويسٽرن ڪورٽ“ جي هڪ ڪمري ۾ رهيل هو. ويسٽرن ڪورٽ هڪ هوٽل هوندي هئي، جا سرڪار طرفان اسيمبلي ميمبرن جي رهائش لاءِ قائم ڪيل هئي. ٽيليفون ذريعي کانئس ٽائيم ورتو ويو. مقرر وقت تي آءٌ ۽ نبي بخش خان ٺھي ٺڪي، سوٽ ڪوٽ پھري، وڃي وٽس پھتاسون. حالِ دل عرض ڪيو ويو. ٺڙٺپ جواب ڏيئي ڇڏيائين. چي، ”ناممڪن، ناممڪن! اها تمنا واهيات (absurd)آهي، انھن جاين لاءِ پارٽين طرفان اميدوار بيھندا آهن، ۽ سي بہ تمام سينيئر ميمبر. اسان جي پارٽيءَ پاران مولانا شوڪت عليءَ جي پايي جا ماڻھو اميدوار آهن، ٻين پارٽين بہ ساڳيءَ طرح پنھنجن مکيہ ليڊرن کي ميدان ۾ آندو آهي، تنھنڪري ٻئي ڪنھن بہ ٻاهرئين اميدوار لاءِ قطعاً ڪا بہ گنجائش ٿي ڪانہ ٿي سگهي.“ انھيءَ فرمودي بعد، پاڻ هڪدم اٿي کڙو ٿيو ۽ انگريزيءَ ۾ خدا حافظ چئي، اسان کي رخصت ڪري ڇڏيائين. هلندي هلندي، مون کان بہ رهيو ڪونہ ٿيو، منھن ورائي چئي ڏنومانس: ”مسٽر جناح، ﷲ تعاليٰ گهريو تہ انھن ڳالھين هوندي بہ نبي بخش خان ضرور ڪامياب ٿي ويندو، ۽ اوهان جي ذڪر ڪيل ليڊر اميدوارن مان ڪي نہ ڪي پَٽ تي پيل نظر ايندا.“
ان چئلينج بازيءَ بعد، معاملي سخت نازڪ صورت اختيار ڪئي. اسان جي بہ نوجواني ۽ ناتجربيڪاري هئي، ان تي مستزاد تازين اليڪشني ڪاميابين جو نشو، تنھنڪري حوصلو هارائي پوئتي موٽڻ جو سوال ئي پيدا ڪونہ ٿي ٿيو.
مون اليڪشين جو نقشو تيار ڪيو، ۽ سو بہ سنڌي ڍنگ ۽ معيار تي.
اسيمبليءَ اندر، جهڙيءَ طرح مون مٿي ذڪر ڪيو آهي، مکيہ ٽي پارٽيون هونديون هيون. انھن مان هر هڪ پارٽيءَ ۾ ٻن قسمن جا ميمبر هوندا هئا: هڪڙا ليڊر يا سينيئر ميمبر، جي ساريءَ فضا تي ڇايا رهندا هئا، ۽ ٻيا جونيئر ميمبر، جن غريبن کي گهڻو ڪري ڪو پڇندو بہ ڪونہ هو. انھن جونيئر ميمبرن جي ڊيوٽي هوندي هئي تہ اجلاس ۾ اچي شامل ٿين، پنھنجن ليڊرن جي پٺيان بينچن تي ويھي رهن، ۽ جيڏانھن حڪم ٿئين، ان پاسي ووٽ ڏين.
منھنجي نظر انھن يتيم قسم جي ميمبرن تي وڃي پئي. جڏهن سندن لسٽ تيار ڪيم، تڏهن ڏٺم تہ اسيمبليءَ اندر مجموعي طرح اڪثريت انھن ئي يتيمن جي وڃيو ٿي ٿئي. مون خيال ڪيو تہ جيڪڏهن انھن ڇورن ٻارن تي اڳواٽ هٿ رکيو ويندو، جن کي عام طرح ڪو پڇي بہ ڪونہ پيو، ۽ ساڻن سٺا دوستانا تعلقات پيدا ڪيا ويندا، تہ ممڪن آهي تہ منجهانئن گهڻا مخفي طرح اسان کي ووٽ ڏيئي وڃن. ووٽ بذريعي بئلٽ ٿيڻو هو، جنھنڪري ڪنھن جي بہ راز افشا ٿيڻ جو امڪان ڪونہ هو.
پوءِ تہ انھيءَ لائين تي ئي اچي ڪم شروع ٿيو. ڳولي ڳولي دهليءَ جي ننڍين ننڍين هوٽلن مان وڃي انھن نڌڻڪن ميمبرن کي لڌوسون. سندن مھمانداريءَ ۽ خوش آمد برآمد جو سلسلو هڪدم چالو ٿي ويو. سوکڙيون پاکڙيون، سنڌ جا حلوا، ڊنرون، قواليون، سڀ فراهم. هر شام هوا خوري، هر رات محفل! شال نہ منجهانئن ڪو بيمار ٿي پوي، خبر گيري ۽ تيمارداريءَ ۾ مائٽن کان بہ لنگهي ٿي وياسون.
ان ورڪ جي دوران جا ٻہ واقعا قابل ذڪر آهن: سرجيمس گرگ، انھن ڏينھن ۾، انڊيا گورنمينٽ جو فنانس ميمبر هوندو هو. وڏي اثر ۽ وڏي نالي وارو هو. سندس اعزاز ۾ ڊنر جو بندوبست ٿي ويو. نبي بخش خان جي بورچيءَ کي هدايت ڪئي ويئي تہ ڪا شيءَ اهڙي تيار ڪري، جا معزز مھمان کان ساريءَ عمر ۾ نہ وسري. بورچيءَ هڪ پڪل ڇيلو اهڙي ڍنگ سان تيار ڪيو جو جڏهن ٽيبل جي وچ تي آڻي رکيو ويو، تڏهن ائين پئي معلوم ٿيو تہ گويا بلڪل زنده آهي ۽ گاھہ پيو چري. ان ڇيلي جي پٺيءَ تي هيءَ عبارت لکيل هئي:”سرجيمس کي مھمان ڏسي، مون بہ اچي سندس خدمت ۾ پاڻ کي پيش ڪيو آهي!“
اهو نظارو ڏسي، سر جيمس گرگ جي منھن مان گگ وهڻ لڳي. انگريز هو، ۽ نُڪتہ شناس - مٿس ڏاڍو اثر ٿيو. سندس زيردست سرڪاري ميمبر ٻيا بہ ڪيترا ساڳيءَ ئي ٽيبل تي موجود هئا. سر جيمس جو اهو حال ڏسي، کين يقين ٿي ويو تہ نبي بخش خان سان سندس ڏاڍي دوستي آهي. سردست اسان کي بہ ايترو ئي گهربو هو.
ٻيو هڪ سرڪاري ميمبر هو، سر لانسلاٽ گراهم، جو ان وقت ليجسليٽو کاتي جو سيڪريٽري هوندو هو ۽ بعد ۾ جدا سنڌ جو پھريون گورنر مقرر ٿي آيو. بطور سيڪريٽري ليجسليٽو ڊپارٽمينٽ، اسيمبليءَ اندر سرڪاري پارٽيءَ سان تعلق رکندڙ سمورا معاملا سندس حوالي هوندا هئا، ۽ ووٽنگ جي معاملي ۾ ”وِپ“ (Whip) يا ميمبرن تي فرمائش ان صاحب طرفان ئي صادر ٿيندي ٿي رهي. اسان جي مقصد لاءِ وڏي اهميت ٿي رکيائين، پر اجلاس هلندي سندس مصروفيت جو هيءُ عالم هو جو جڏهن بہ ڪنھن ڊنر جي کيس دعوت ڏيو تہ مشغوليءَ جي بنا تي معذوري لکي پيو موڪليندو هو. آخر ان جو علاج ٿئي تہ ڪھڙو؟ سوچ ويچار بعد، سندس ملازمن سان واقفيت پيدا ڪئي ويئي. انھن جي ذريعي معلوم ٿيو تہ فلاڻيءَ تاريخ تي صاحب طرفان هڪ وڏي ڊنر ڏنل آهي، جنھن ۾ سرڪاري پارٽيءَ جا سمورا ميمبر مدعو ٿيل آهن. جنھن شام تي اها ڊنر ٿيڻي هئي، ان ڏينھن جي صبح تي، نبي بخش خان ۽ آءٌ شڪار تي چڙهي پياسون. آگري واري رستي تي، دهليءَ کان پنجويھن - ٽيھن ميلن جي فاصلي تي ڪافي ڪاريھر هرڻ ملندا هئا. شڪاريءَ “ بيل گاڏيءَ جو بندوبست اڳواٽ رکيل هو. موٽر ۾ چڙهي وڃي شڪار واريءَ جاءِ تي پھتاسون،منجهند تائين ٻہ - چار سروان ڪاريھر هرڻ ڪيرائي وڌاسون. اهي کڻي دهليءَ پھتاسون، ۽ منجهانئن هڪ، نبي بخش خان جي وزيٽنگ ڪارڊ ساڻ گڏي، سر لانسلاٽ گراهم جي بنگلي تي پھچائي ڏنوسون، جو شام جو سندس دعوت ۾ ڪم آيو. موقعي جي سوکڙي هئي، سر گراهم سخت متاثر ٿيو. ڪيترن ئي مھمانن سان نبي بخش خان جي شرافت جو ذڪر ڪندو رهيو. (انھن ڏينھن نبي بخش خان جي خلاف شيخ عبدالمجيد جي داخل ڪيل اليڪشن پٽيشن پڻ سر لانسلاٽ گراهم اڳيان ئي ويچار لاءِ پيل هئي، ۽ اهو فيصلو کيس ئي ڪرڻو هو تہ پٽيشن منظور ڪري ٽربيونل ويھاري وڃي، يا مورڳو ابتدائي قانوني اعتراضن جي بنياد تي رد ڪري ڇڏجي. اها درخواست پوءِ سر لانسلاٽ ستت ئي رد ڪري ڇڏي ۽ ٽربيونل جي خرچ ۽ مصيبت کان بچي پياسون).
ان ڏينھن جي هٿ ڪيل هرڻن جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو کِل جھڙو واقعو ٿي گذريو. سرڪاري ميمبرن ۾ هڪ ٻيو بااثر ميمبر هو، جنھن جو اسيمبليءَ جي ڪاروبار متعلق سرڪاري پاليسين جي ٺاهڻ ۾ وڏو هٿ هوندو هو. ان جو نالو هينئر مون کي ياد ڪونہ ٿو پوي، پر مدراسي هندو هو، ۽ ريلوي کاتي سان تعلق هوندو هوس. سرڪار پاران وڏيون وڏيون تقريرون ڪندو هو، ۽ هر روز پيو سوالن جا جواب ڏيندو هو. سندس ”گُڊوِل“ حاصل ڪرڻ اسان جي ”ڪاروبار“ لاءِ سخت ضروري سمجهي ٿي ويئي، تنھنڪري هڪ ڪاريھر هرڻ موٽر ۾ وجهي، آءٌ وڃي سندس بنگلي تي پھتس. پاڻ موجود ڪونہ هو. اسان هرڻ لاهي، فخريه انداز ۾، کڻي سندس بنگلي جي ورانڊي ۾ رکيو. اسان کي اها سُڌ ئي ڪانہ هئي تہ هو ڪو چِند برهمڻ، ڪٽر ويشنو آهي، ۽ تنھنڪري جيوَ هتيا ۽ ماس کان سخت ڀڳل آهي. اسان جو هنگامو ٻڌي، سندس ڌرم پتني اندران نڪري آئي. هوءَ مئل هرڻ جي صورت ڏسندي ئي، دانھون ڪندي اندر ڀڄي ويئي. اندران وڃي نوڪر موڪليائين، جنھن جي هٿان چوارايائين تہ ”اوهان قھر ڪري ڇڏيو، اسان برهمڻ ماڻھو آهيون، خون ٿيل ۽ رت ڳاڙيندڙ جانور اسان جي گهر ۾ آڻي، اسان ساڻ ظلم ڪري ڇڏيو اٿوَ! هينئر ورانڊي مان اِهو رَتُ ڪيئن ويندو، ۽ اسين ڪيئن ان گهر ۾ رهي سگهنداسون؟ خدا واسطي ان بلا کي هڪدم اتان ڪڍي وڃو!“
وٺڻ جي بدران ڏيڻو پئجي ويو، آئي هئي سڱن لاءِ پر وڍائڻا ڪَن بہ پئجي ويس. هرڻ تہ موٽائي کڻي وڌوسين موٽر ۾، پاڻ پاڻيءَ جون باڙديون گهرائي ورانڊو ڌوئڻ لڳي وياسينّ! ان ڏينھن کان پوءِ، وري ان ميمبر جو پاسو ئي ڪونہ ورتوسين.
گهڻي ۾ گهڻا يتيم هوندا هئا، انڊپينڊنٽ پارٽيءَ ۾. انھن جي طبيعت تي ڪرڙ جي ڪوئلن مان ٺھيل ڪاري سنڌي حلوي خاصو اثر ٿي ڪيو، تنھنڪري حلوي جا دٻن پٺيان دٻا تقسيم ٿيندا رهيا. ان حلوي جي هيءَ خصوصيت هئي تہ توڙي جو، ”فرهنگ جعفريءَ“ جي لکڻ موجب، ان جو مزاج گرم خشڪ هو، مگر بصورت اثر جي سخت قبض ڪشا واقع ٿيو هو - ۽ دهليءَ جي هوٽلن مان ماني کائيندڙ ميمبرن کي، گهٽ ۾ گهٽ ان زماني اندر، قبضيءَ جي سخت شڪايت رهندي هئي.
رهي ڪانگريس پارٽي. ان جي هڪ حصي کي اڳ ۾ ئي نبي بخش خان لاءِ چڱي راءِ هئي، ڇو تہ صدارت جي چونڊ وقت هن ڪانگريس اميدوار شيروانيءَ کي ووٽ ڏنو هو.
چونڊ واري ڏينھن آءٌ اسيمبليءَ جي گئلريءَ ۾ وڃي ويھي رهيس. ووٽنگ پوري ٿي، نتيجو ظاهر ٿيو - نبي بخش خان شايد پھرئين يا ٻئي نمبر ۾ ڪامياب ٿيو! ٽنھي پارٽين جي اندازن ۽ آسرن ۾ خلل پئجي ويا، ڪن جا مکيہ اميدوار مورڳو ڪِري پيا. اسيمبليءَ جي تاريخ ۾ اهو پھريون واقعو هو، جڏهن ميمبرن پنھنجين پارٽين جي فيصلي خلاف وڃي هڪ ٻاهرئين ماڻھوءَ کي ووٽ ڏنو.
اليڪشن جي نتيجي ظاهر ٿيڻ بعد قائداعظم پنھنجي سيٽ تان اٿي ٻاهر وڃڻ لڳو، آءٌ هڪدم گئلري ڇڏي اچي ورانڊي ۾ سندس رستو جهلي بيھي رهيس. جڏهن منھنجي سامھون آيو، تڏهن وڌي کانئس پڇيم: ”صاحب! چونڊ جو نتيجو ڪھڙو نڪتو؟“ ”توکي خبر آهي!“ - ائين چئي، منھن ڦيرائي هليو ويو.
دهليءَ جو انھن ڏينھن ۾ وڏو اؤج هوندو هو. لارڊ ويلنگڊن جھڙو مٿير مڙس، وائسراءِ هو. ڪانگريس پارٽيءَ ۽ سرڪار جي وچ ۾ جهيڙو زور شور سان هلندو ٿي رهيو. ڪانگريس پارٽيءَ جو اسيمبليءَ اندر ليڊر، بولا ڀائي ڊيسائي، بمبئيءَ وارو مشھور وڪيل، هوندو هو. سندس تقريرن جي شھرت ساري هندستان اندر پکڙيل هئي. مون سندس ڪيتريون تقريرون ٻڌيون. زيربحث مسئلي جو تجزيو چڱيءَ طرح ڪيائين ٿي، سرڪار تي نڪتہ چيني ڪرڻ ۽ جذبات کي اپيل ڪرڻ ۾ پڻ ڪافي ڀڙ هو، مگر علمي لحاظ سان سندس تقريرون قطعاً بي نمڪ هونديون هيون. زبان جي رواني گهڻي هيس. مگر ان جي دوران گرامر جو ڪو خيال ڪونہ ٿي ڪيائين، البت اثر جي لحاظ سان سندس تقريرون هر وقت ڪامياب ٿي رهيون. سندس پارٽيءَ جو سيڪريٽري، مدراس جو، ستيا مورتي هو. ستيا مورتي غضب جو نڪتہ چين واقع ٿيو هو. سارو وقت بکئي بگهڙ وانگر سرڪاري بينچن کي اکئين لايو ويٺو هوندو هو. وجهہ جو ملڻ، ۽ سندس سرڪار تي پَرٽجي پوڻ - پوءِ تہ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو سرڪار جا ڇوڏا لاهيندو هو. سوالن وقت تہ شال نہ ستيا مورتي سان ڪنھن جو پاند اٽڪي. سپليمينٽري سوالن جو اهڙو ٻيو ماهر، ان زماني اندر، اسيمبليءَ ۾ بنھہ ڪونہ هو. انگن اکرن جي معاملي ۾ وري پنڊت گوبند بلب پنٿ جو ڪم ڏسڻ وٽان هو. سارو واندو وقت ويٺو لئبرريءَ ۾ ڪتاب ۽ ڪاغذ اٿلائيندو ۽ نوٽ وٺندو. اسيمبليءَ جي گهنٽي وڄندي، ۽ پاڻ اندر اچي بينچ تي ويھندو. تقرير لاءِ اٿيو تہ ڄڻ ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو، جنھن جا شعلا پيا سرڪاري بينچن تي ڪِرندا ۽ کين ساڙيندا ٻاريندا. سر هينري ڪريڪ، هوم ميمبر، جي بيتابي ڏسڻ وٽان هوندي هئي. عام طرح سان ڪريڪ ايتريقدر ٿڌو، خاموش ۽ جذبات کان خالي هوندو هو، جو ائين پيو سمجهبو هو تہ ڄڻ برف جي ناديءَ مان ماڻھوءَ جو بت اڪيري آڻي بينچ تي رکيو ٿن. پر، بلب پنٿ جي تقرير برداشت ڪري ڪونہ ٿي سگهيو. ڪڏهن ڪڏهن تہ غصي ۾ ڳاڙهو ٿي مورڳو اسيمبليءَ کان نڪري، وڃي لابيءَ ۾ ويھي رهندو هو. لالا شام لال هڪ ٻيو ڪانگريسي ميمبر هوندو هو، ان جو ڪم هوندو هو تہ مذاقي قصن ڪھاڻين جي وسيلي سرڪاري ڪاروبار جو واهياتپڻو ظاهر ڪري. سندس تقرير وقت سنجيدي کان سنجيدا ميمبر بہ، سنجيدگي ڇڏي، کِل مذاق جي ميدان ۾ ٽپي پوندا هئا. دهليءَ جو بئريسٽر آصف علي، انھن ڏينھن ۾ ڦوھہ جوانيءَ ۾ هو. شڪل وڻندڙ، ڪپڙا کاڌيءَ جا، پر سھڻي ۽ فيشنبل بيهڪ سان. انگريزي چڱي ڳالھائيندو هو، پر تقرير ۾ دليلن کان وڌيڪ غصو ۽ غرور هوندو هوس. سندس تقرير وقت سندس گهر واري، مسز آرونا آصف علي، اڪثر اچي گئلريءَ ۾ ويھندي هئي. مائي هندو گهراڻي جي هئي، ۽ عشق مان اچي آصف علي سان شادي ڪئي هئائين. سونھن ۽ سينگار ۾ پڻ پنھنجو مثال پاڻ هوندي هئي. سندس موجودگيءَ جو اثر آصف علي جي تقرير مان چڱيءَ طرح پيو ظاهر ٿيندو هو. جنھن وقت مائي صاحبہ گئلريءَ ۾ ويٺل هوندي هئي، تہ اسيمبليءَ جي ميمبرن خواھہ گئلريءَ ۾ ويٺل ماڻھن جون اکيون پڻ، ڦري ڦري، گهڻو ڪري ان طرف ئي وڃي کپنديون هيون. حسن، جواني ۽ سياسي شھرت جي گڏيل حملي کان ڪير ٿي محفوظ رهي سگهيو! خان عبدالقيوم خان سرحد وارو پڻ، تازو ڪانگريس ٽڪيٽ تي چونڊجي آيل هو. سرحد متعلق سوالن تي چڱيون چڱيون تقريرون ڪندو ٿي رهيو.
مسلمان اسيمبلي ميمبر مختلف حصن ۾ ورهايل هئا. خود جناح صاحب انھن ڏينھن تائين اڃا مسلم ليگ پارٽي ڪانہ ٺاهي هئي. اسيمبليءَ اندر پاڻ گڏيل انڊپينڊنٽ پارٽيءَ جو ليڊر هوندو هو، جنھن ۾ نرم يا لبرل قسم جا ميمبر شامل هئا. ان پارٽيءَ جا ٻيا مکيہ ميمبر هوندا هئا - سر عبدالرحيم (جو بعد ۾ اسيمبليءَ جو پريزيڊنٽ چونڊيو)، سر ڪائوسجي جهانگير، مولانا شوڪت علي، ڪي. ايل. گابا، پروفيسر عمر علي شاھہ مدراسي، سيٺ عبدالستار اسحاق سيٺ (جو پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سفير مقرر ٿيو). ڪي. ايل. گابا، لالا هرڪشن لعل مشھور لاهور جي واپاريءَ جو وڏو پٽ هو، بئريسٽر، مفڪر ۽ مصنف هو. هڪ مسلمان ڇوڪريءَ جي عشق ۾ اچي مسلمان ٿيو، ان ڇوڪريءَ سان شادي ڪيائين ۽ حضور پاڪ عليہ الصلوات والسلام جي سوانح تي ڪتاب لکيائين. پنجاب جي مسلمانن پاران سينٽرل اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي اچي دهليءَ پھتو هو. سوالن پڇڻ ۽ تقريرون ڪرڻ جو شوق هوندو هوس. جناح صاحب جي پارٽيءَ پاران مکيہ ڳالھائيندڙ هو. (هندستان پاڪستان جدا ٿيڻ کان پوءِ گابا وري وڃي هندو ٿيو.)
انھن مکيہ ٻن پارٽين کان ٻاهر پڻ ڪيترا مسلمان غير جانبدار بڻجي ويٺا هوندا هئا، انھن جو ڌنڌو هوندو هو تہ هر نازڪ وقت جو فائدو وٺي، پنھنجو ووٽ سرڪار کي ڏيئي، لقب ۽ عھدا حاصل ڪندا وڃن. انھن بزرگن جي نالن ڏيڻ جي هروڀرو ضرورت ڪانہ آهي، ايترو عرض ڪرڻ ڪافي ٿيندو تہ منجهانئن هرهڪ پوءِ نواب ۽ سر بڻيو.
دهليءَ جي مشاهيرن مان خواجه حسن نظاميءَ سان اسان جا خاصا تعلقات قائم ٿي ويا هئا. وڏن ماڻھن جو پير، پروپئگنڊا جو ابو، ۽ اردو تحرير جو ڏاڏو هوندو هو. عيدن جي موقعي تي دهليءَ ۾ موجود سمورن مسلمان مشاهيرن کي دعوت ڏيئي پاڻ وٽ گهرائيندو هو. اسان کي بہ ٻہ - ٽي دفعا گهرايائين. انھن موقعن تي حضرت خواجه نظام الدين اولياءَ جي درگاھہ تي عجيب رونق لڳي ويندي هئي. حسن نظامي، نبي بخش خان وٽ بہ ڪڏهن ڪڏهن پيو ايندو هو. قوالين ٻڌڻ ۽ ٻڌارائڻ جو ڪوڏيو هو. هڪ دفعي ولايت خان قوال کي اسان جي جاءِ تي وٺي آيو. ولايت خان جو راڳ واقعي ٻڌڻ وٽان هو. مون فرمائش ڪيس تہ دهليءَ جي آخري مغل تاجدار بادشاھہ ”ظفر“ جو آخري غزل ٻڌائي. هڪدم شروع ڪيائين:
ڪڀي بن سنور ڪي جو آگئي،
تو بھارِ حسن دِکا گئي.
سندس چوڻي ڇا هئي، باھہ جي ڄڀي هئي! اڄ تائين پيئي ان جي حرارت محسوس ٿئي.
خواجه صاحب مرحوم قداور مڙس هو. جسم ڇڙڪ، زلف ڊگها، ڏاڙهي ڊگهي، جسم تي دهليءَ وارن جو لباس، مٿي تي ٽوپي يا مختصر پڳ، هٿ ۾ لَڪڙ. گفتگو ڪندو تہ ڄڻ طوطو پيو ٻولي. انھن ڏينھن ۾ ڪوشش ٿي ڪيائين تہ چندو گڏ ڪري، ”غالب“ جو مقبرو اعليٰ پيماني تي نئين سر تعمير ڪرائي.
* * *
نبي بخش خان جو قصو ڪندي، قلم ڪٿان هلي وڃي ڪٿ پھتو آهي! ڪيڏانھن پير بخش ڀٽو ۽ رتوديرو تعلقو، ۽ ڪيڏانھن دهلي ۽ خواجه حسن نظامي ۽ غالب جو مقبرو!
نبي بخش خان وارن جو هڪ عزيز، نصير محمد خان نالي، سندن ڪم ڪار ۾ هوندو هو. ڳوٺاڻو هو، ۽ تعليم فقط سنڌي هيس. مگر سندس مدبرانہ خاموشي، سمجهہ جي ڳوڙهائي ۽ تيز فهمي قابل ديد، ۽ گفتگو وقت سندس ڊپلومسي قابل شنيد هئي. ڪيڏي بہ ڊگهي تقرير سندس اڳيان ٿئي، پاڻ جواب فقط ٻن اکرن ۾ ڏيندو، مگر انھن ٻن اکرن وسيلي هر ڪنھن کي منجهائي ماري ڇڏيندو. رهڻي ڪرڻي بلڪل سادي ۽ صورت مولوين جھڙي هوندي هيس. سندس نياز ۽ نوڙت ڏسي، ماڻھوءَ کي ڪهل پئي ايندي. مگر شال نہ ڪنھن ڪم جي پٺيان روانو ٿئي. اهڙا سنجيده ۽ دنيوي ڪاروبار جا هشيار سنڌي اڄ بلڪل نظر ڪونہ ٿا اچن.
هڪ دفعي مون کانئس پڇيو تہ ڪھڙيءَ طرح هو پنھنجي جذبات تي ايتريقدر قابو رکي سگهي ٿو، جو انتھائي بدتميزيءَ ۽ غصي ڏياريندڙ گفتگو جي مقابلي ۾ بہ کيس قطعاً چڙ ڪانہ ٿي اچي؟
چيائين: ”ماڻھوءَ جو ڪم ڪم سان، ڌيان اصلي مقصد تي هجڻ گهرجي، وچ جي ڳالھين ڏانھن پنھنجي ڌيان کي ڇو وڃڻ ڏجي.“ - اصول جي اُونھائي غور طلب آهي!

رتيديري جا مشاهير

رتيديرو تعلقو، لاڙڪاڻي ضلعي جو اهم ترين حصو هوندو هو. وڏن وڏن ماڻھن جا منجهس وٿاڻ هئا. ڀُٽا، جلباڻي، گهانگهرا، طيب جا ديوان، رتيديري جا سيٺيون، نئين ديري جا عريضي نويس، شاھہ جي ڳوٺ جا پير، جتوئي ديري، بنگلديري ۽ پنجو ديري جا هندو ڪامورا: غرض تہ ڇپن مٿان ڇپون. هلندي هلندي اهڙي علائقي تي پڻ هڪ نظر ڦيرائڻ مناسب ٿيندي.

گلو ۽ جيسو

گلومل ۽ جيسارام ٻئي ڀائر هئا، نئين ديري جا رهاڪو، ڌنڌو هوندو هون عريضي نويسي. ڪاروبار هڪٻئي کان جدا، تڪرارن ۽ فسادن وقت هڪ ڌر جو مددگار گلومل تہ ٻيءَ ڌر جو معاون جيسومل، سرائون(1) کوليو ويٺا هوندا هئا، تعلقي اندر جنھن تي بہ ڪو معاملو بڻيو تہ پھرين ساهي اچي اتي پٽيندو.
گلي مل جو اجلاس ڏسڻ وٽان هوندو هو. پڪي، وڏي، موڪري سراءِ هيس، جنھن ۾ چؤطرف کٽون پيل هونديون هيون. کٽن جا بہ ٻہ قسم هوندا هئا: جن کٽن تي فراسيون وڇايل هونديون، سي هندن ۽ معزز وڏيرن جي ويھڻ لاءِ هونديون، باقي خالي ۽ پري پيل کٽن ۽ مُوڙن تي عام مسلمان اچيو ويھندا. وچ ۾ پيل هوندي گلي مل جي پنھنجي کٽ. ان کٽ مٿان، گلي مل کان سواءِ، قاعدي جا ڪتاب، پراڻا ڪاغذ، عريضين لکڻ جا پنا، اخبارون، قلمدان وغيرہ سٿيا پيا هوندا. ان مرڪزي کٽ جي سامھون هڪ شاهي چلم رکيل هوندي، جنھن ۾ ٽنبيل ڊگهو نَڙ ساريءَ محفل اندر ڦرندو رهندو (پر مسلمانن لاءِ نہ، ڇو تہ مسلمان کي حق نہ هوندو هو تہ هو هندوءَ جي چلم کي چپ لائي). گرميءَ جي موسم ۾ فرش تي واري وڇائي مٿس پاڻي ڇڻڪاريو ويندو هو. منجهند ڌاري جهَلي جهُلڻ شروع ٿيندي، جنھن جي ڇڪڻ لاءِ ٽڪي يا وڌ ۾ وڌ هڪ آنڪ جي مزوريءَ تي بزار مان ڪو نہ ڪو ڇوڪرو آيل هوندو.
صبح تہ هوندو ڪورٽ، بزار يا ٻئي ڪم ڪار جي حوالي، منجهند ڌاري واندا ٿي اچي سراءِ ۾ ويھندا. اوڀاريون لھواريون ڳالھيون شروع ٿينديون ۽ وقت جي واقعات تي تبصرو ٿيندو رهندو. آخري لفظ گلي مل جو هوندو - ٻڌندڙن لاءِ وسھڻ جو سبب هوندو تہ گلي مل جي معلومات مڪمل ۽ خطا کان خالي هوندي. گلي مل جي نِڙي ويٺل هوندي هئي، ڳالھائيندو هو تہ ائين سمجهبو هو، ڄڻ ڦٿل نَڙ مان آواز نڪري رهيو آهي.
شروع قصو ڪيسن جي ڳالھين ٻولھين سان ٿيندو:
”فلاڻي رَن ڀڄائڻ واري ڪيس ۾ مختيارڪار رتيديري جي راءِ خراب پئي نظر اچي، جوابدار شايد سزا کائي ويندا“.
”شاھہ جي ڳوٺ واري فلاڻي پير تي ڪليڪٽر صاحب وٽ وري نئين سر پوڪار ٿي آهي، شايد ڪارروائيءَ جو حڪم ٿي وڃي.“
”وڏيري رسول بخش خان تي ڇتي ٻرڙي(1) وري ڪا نئين عريضي ڪئي ٿي ٻڌجي“.
”فلاڻي وڏيري، فلاڻي سيٺ کان نئين سر پنج رپيا سيڪڙي دوماھہ وياج سان قرضو ورتو ٿو ٻڌجي، قرض عيوض زمين قطعي وڪرو ڪري ڏني اٿس، زباني موٽ(1) جي شرط سان پر خرچائو وڏيرو آهي - نئين رن ويھاري اٿس، جنھن جي سڄي آڪھہ پالڻي پئي پويس - قرض ڪٿان لاهي سگهندو؟ زمين وياج ۽ وياجن تي وياج ۾ غرق ٿي وينديس.“
“فلاڻي زميندار جي ڀاءُ يا پٽ خلاف ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب تڪڙي جانچ شروع ڪري ڏني آهي، اظھار هلي رهيا آهن، شايد بدمعاشيءَ ۾ رجوع ٿي وڃي. صوبيدار بہ ڪاوڙيل اٿس. پاڻ کي بہ ”ٿاٻي جي ٽونڪر“ اٿس. فلاڻي پاٿاريدار يا ڪاٽڪوءَ تي هٿ ڏيو ويٺو آهي. فلاڻو ”روپوش“ جوابدار بنھہ لڪوئي وٽس پيو آهي. ڦڪڙ تہ ڦاٽو گونگيءَ عريضيءَ جي آڌار تي، جيڪا وڃي ڊپٽي صاحب وٽ پھتي. هاڻي ڊپٽي صاحب ڪٿان ٿو مڙي؟ اڳ ۾ ئي ساريون خبرون پئجي ويل اٿس“.
”فلاڻي ڳوٺ ۾ ڌاڙو لڳو ٿو ٻڌجي. ڌاڙو بہ ڌاڙن جهڙو. چوڻ وارن جو چوڻ آهي تہ فلاڻي ٽولي، فلاڻي وڏيري جي چُرچ تي هنيو آهي. انسپيڪٽر صاحب پاڻ چڙهي پيو آهي. اڃا تائين تہ ڇَڙهي مارا ماري پئي هلي، سڳ جو پتو ڪونہ آهي.“
”ڪالھہ رات ٻڌئون ٿا تہ پنجوديري واري رستي تي بہ ڦُر ٿي آهي. چون ٿا تہ بندوقن جا ٺڪاءَ ڪري، ڪھاڙيون ۽ لوڙيون ڏيکاري، ٽانگو ڦُري ويا آهن. پيراڍو، پير کڻي ريل جي رستي تائين پھچائي، پوءِ پير وڃائي موٽي آيا آهن. پيرن جو لاڙو اوڀر طرف نظر آيو اٿن. هينئر پيراڍو ڪَچي وارو پاسو پيا پيرن لاءِ آهوڙن.“
”ٽينءَ رات ٻيلي وارن دوسو ٻيلي مان چورايل سرڪاري ڏاڪَ جون ويھہ گاڏيون پڪڙيون آهن. ڪالھہ تائين تہ اڃا ڪونہ ڇڏيون هئائون. ڦالسٽر (رينج فاريسٽر) ڏانھن ماڻھو موڪليو اٿائون. ست ستاءُ بہ گهڻو پيو هلي. پر””ڏني پُٽ ڇُٽي“ کان سواءِ ڪٿان ٿي جند ڇٽين؟ ٻيلائي ڪامورا بہ راڄ تي تَتا ويٺا آهن. اڳئين مھيني ۾ ڊويزنل صاحب (ڊويزنل فاريسٽ آفيسر) جي منزل ٿين تہ راڄ وارا رسائيءَ کان ڪنگڻ ڪڍي ويھي رهيا هئن. هينئر ﷲ ٻُڌي اٿن، جو واٽ ويندي اهڙو شڪار هٿ اچي ويو اٿن.“
”ڪوڙي ڪَنين پيو ٻڌجي تہ ديوان صاحب (مختيارڪار) جي بہ بدلي ٿيڻ واري آهي. سندس جاءِ تي ديوان لالچند جي اچڻ جا هاواڻان آهن. ڪالھہ ڪليٽريءَ ۾ بہ ڏاڍا هُل هئا. ڪن جو تہ وري اهو چوڻ هو تہ ڪليٽر صاحب ديوان صوڀراج کي گهرائڻ لاءِ لکپڙھہ ڪئي آهي. ڏسجي تہ ڇا ٿو ٿئي؟“
”فلاڻي سيٺ جي فلاڻيءَ ڌر خلاف وڌل دعويٰ بہ هينئر نيٺ اچي ڪن ڪڍيا آهن. مدعيءَ ديوان ويرو سنگهہ - صاحبسنگهہ(1) وارن کي وڪيل ڪيو آهي. مدعا عليہ پاران ديوان لالچند(2) آهي. چڱي چڪري لڳندي. هزارن مُنھين فيئون هليون آهن. دعويٰ جنھن بہ کٽي، پر دعويٰ هلندي ڌريون ٻئي فيئن ۽ خرچن وگهي ڳري وينديون.“
”فلاڻي انجڻ واري يا ڀلاوڻي واري کي ڳاٽي ڀڳو ٽوٽو پئجي ويل ٿو ٻڌجي. هن سال ۾ چڻن جي خريداري بہ هٻڇ سان ڪئي هئائين. هوڏانھن وري اوچتو چڻن تان ڪراچيءَ جي ڇِڪ لھي ويئي. هن سال راليءَ (3) وارن مورڳو چڻن کڻڻ کان انڪار ڪيو آهي. مٿان اچي پيو آهي مينھن، گدامن ۾ پئي پئي چڻا انگور ڪڍي آيا آهن. شايد ڏينھن جو ڏيڱو ٻارڻو (4) پويس“.
منجهند تائين ان ڍنگ جي گفتگو پئي هلندي. هر ڪو پيو ٻڌل سئل حال احوال ويٺلن سان ونڊيندو. گلومل پاڻ ٿورو ڳالھائيندو، پر اهڙي اعتماد سان جو ٻڌندڙن تي اهو پيو اثر پوندو، ڄڻ تعلقي جي ساري ڪائنات گلي مل جي مرضيءَ مطابق ۽ اجازت سان پئي هلي.
ان کان پوءِ رسوئي يعني ماني ايندي. مسلمان هڪدم ٻاهر نڪري، وڃي ورانڊي ۾ ويھندا. هندو اٿي وڃي ڪنڊ ۾ رکيل مٽ مان پاڻيءَ جون گَڏون ڀري هٿ ڌوئندا. هر ماڻھوءَ جي سامھون آڻي جدا پتل جي ٿالھي رکندا. ٿالھيءَ ۾ پتل جون ننڍيون ننڍيون ڪٽوريون پيل هونديون. وڏ ڀري ”تسريءَ“ ۾ چانورن جي کچڻي هوندي. ننڍين ڪٽورين مان ڪنھن ۾ دال (دال جو هجڻ هر وقت لازمي هوندو)، ڪنھن ۾ ميھن يا هرٻي يا پالڪ جي ڀاڄي، ڪنھن ۾ پٽاٽن يا بيھن جي ڪچرين جا تريل ڳترا، (گيارس جو ڏينھن نہ هوندو تہ ) ڪنھن ۾ تيوڻ (يعني ليلي جي گوشت جو ٻوڙ)، ۽ ڪنھن ۾ کٽاڻ جو ڇوڏو. ٿالھيءَ جي هڪ پاسي تي ٻہ يا ٽي ڦلڪا، ۽ هڪ اڌ پڪل پاپڙ، پيئڻ لاءِ لسيءَ جو لوٽو.
مسلمانن لاءِ چانورن جي ٿالھي ۽ ڪنھن بہ هڪ قسم جي ڀاڄي ايندي. پر کاڌو پيل هوندو اينامل يا چينيءَ يا سنڌي ڪاشيءَ جي ٿالھين ۾، پتل جي ٿانون ۾ کائڻ جو اعزاز فقط هندن لاءِ مخصوص هوندو. ساڳيءَ طرح پاڻي، هندو پاڻ گڏونءَ يا لوٽي مان پيئندا، ۽ مسلمانن کي شيشي جي گلاس ۾ ڏيندا.
هندن مان هر ڪو جدا جدا پيو پنھنجيءَ ٿالھيءَ مان کائيندو. ڪنھن زماني ۾ تہ هڪٻئي ڏانھن پُٺي ڏيئي کائيندا هئا- پر پڇاڙيءَ ۾ اهو دستور نڪري ويو. کاڌي جو مقدار ايترو ايندو، جو مھمان لاءِ مشڪل سان پورو ٿيندو. کاڌي جو بچي پوڻ اجايو نقصان سمجهندا. هڪ ماڻھوءَ جو بچايل کاڌو ٻيو ڪو بہ نہ کائيندو، ڇو تہ اهو ”جوٺو“ ٿي چڪو هوندو. کاڌي وقت گهڻو ڪري گفتگو بند رهندي. رَسويو موجود هوندو، هر ڪنھن کان پيو پڇندو تہ ”گهرڻو هجئي تہ گهري وٺ“. هڪ ڦلڪو کاڄي ختم ٿيڻ تي ايندو، تڏهن ئي ٻيو آندو ويندو.
کاڌي پڄاڻان، مڪمل آزاديءَ سان وچ ڪچھريءَ اندر رياحن جو اخراج ٿيندو، ۽ هر آواز تي رام - رام پيو پڪاربو. پوءِ ٿيندو چلم جو چڪر چالو- هرڪو نَڙ ڦيرائي ٻہ - چار بڙڪا هڻي، نڙ ٻئي ڏانھن چَلتو ڪري ڇڏيندو. (هندن مان ڪنھن شخص آپت ۾ خراب ڪم ڪري وڌو تہ پنچائت گڏ ٿي، کيس ”نڙ تان لاهي“ ڇڏيندي، يعني آئندي لاءِ ڪو بہ هندو کيس چلم جي آڇ نہ ڪندو. اها سزا ڳري ۾ ڳري ليکجڻ ۾ ايندي هئي.)
منجهند جو آجهاپ، خاص طرح سان گرمين ۾، ضرور ٿيندو، ٻپھري - ٽپھريءَ جي وچ ۾ ڀنگ جو ڪونڊو تيار ٿيندو. جنھن کي ”سُکو“ سڏيندا. هرڪو، سکي جي سُرڪ ڀريندو، ڪم حاج سان يا پنھنجي ڳوٺ ڏانھن روانو ٿيندو ويندو.
گلي مل رتيديري تعلقي جي اؤج جو سڄو زمانو اکين سان ڏٺو، مقامي معاملن ۾ اثرائتو حصو ورتو، پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ، وڏيءَ عمر کي رسي، سرڳواسي ٿيو. اسٽيشن تان ريل تي چڙهندي ڪِري پيو، ۽ مٿانئس ريل وهي ويئي. آرام سان رهيو، عزت سان زندگي بسر ڪيائين. عريضي نويس هو، پر بدمعاش قسم جو نہ، جيڪو ماڻھن ۾ هٿ وٺي فساد وجهرائي، پيو پنھنجو گهر سائو ڪري.
سندس ننڍو ڀاءُ جيسو مل کانئس وڌيڪ چالاڪ هوندو هو. پر اُن جي هلندي يا عزت ايتري نہ هئي، جيتري گلي مل جي. رهڻي ڪرڻيءَ جو نمونو ٻنھي ڀائرن جو ساڳيو هو. انڊين پينل ڪوڊ، ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ ۽ سول پروسيجر ڪوڊ جا حافظ هوندا هئا - ڪتابن ڏٺي بنا، پيا قلم پڙهيو ٻڌائيندا. دستاويز يا درخواست لکندا، تہ ڄڻ تير ڪمان مان نڪري ويو.

___________
(1) مسلمان جي مھمانخاني کي اوطاق، ۽ هندوءَ جي بيٺڪ کي سراءِ سڏيو ويندو هو.
(1) ڇَتي ٻرڙي جو ذڪر وڏيري رسول بخش خان ڀُٽي ۽ سردار واحد بخش خان ڀُٽي جي سلسلي ۾ ٻين جاين تي اچي چڪو آهي.
(1) ان زماني ۾ دستور هو تہ هندو وياجخور قرض عيوض زميندارن کان سندن زمين قطعي وڪري طور لکرائي وٺندا هئا، فقط زباني شرط ڪندا هئا تہ جيڪڏهن قرض موٽيو تہ زمين بہ واپس ڪئي ويندي. ان وچ ۾ قبضو مقروض وٽ ئي رهندو.
(1) ويرو سنگهہ ۽ صاحبسنگهہ ٻئي ڀائر لاڙڪاڻي جا مشھور سول وڪيل هوندا هئا.
(2) ديوان لالچند نولراءِ لاڙڪاڻي جو ٻيو مشھور وڪيل هو.
(3) رالي برادرس، اناج جا وڏي ۾ وڏا ايڪسپورٽرس هوندا هئا.
(4) کُٽل واپاري ڏينھن جو ڏيئو ٻاري ويھندو هو.

پنجوءَ جا ديوان

پنجو ديرو، نئين ديري کان ٽن ميلن جي پنڌ تي، هندو ڪامورن جو هڪ مکيہ شھر هوندو هو. شھر جي وڏيرپ تہ هوندي هئي ڇڄڙن وڏيرن جي نالي ۾، پر اصلي اقتدار جا مالڪ هوندا هئا هندو عامل، جن مان ڪيترا انگريزي پڙهي سرڪاري نوڪرين ۾ گهڙي پيا هئا ۽ باقي رهيل ڳوٺ ۾ رهي پيا زمينداري ڪندا هئا- سڏبا سڀ ”پنجوءَ جا ديوان“ هئا- چڱي ”خنڪي“ هوندي هُين.
اهي ڏينھن هوندا بہ ڪامورن جي زور جا هئا. رساين، رشوتن ۽ مھمانين وسيلي ڪافي رقمون ڪمائيندا ٿي رهيا. انھن رقمن مان پنھنجي اباڻي ڳوٺ اندر وڏيون وڏيون ماڙيون اڏايائون. اهي ماڙيون ڇا هيون، قلعا هئا. ڪجهہ چورن ڌاڙيلن جو خوف هون، ڪجهہ همسايي ڪامورن کان مالداريءَ جي مظاهري ۾ گوءِ کڻڻ جو خيال.
پر چورن بہ پڇاڙيءَ تائين ڪونہ ڇڏين. جيترا ڏينھن ماڙين جي تعمير جو ڪم پيو هلندو، اوستائين اهي چور مزدوري ڪريو پيا پيٽ پاليندا. تعمير جو ڪم بند ٿيو، تہ ٻاهرين ڌاڙيلن سان بندوبست ڪري، ساڳين ماڙين ۾ ڌاڙا هڻائيندا ۽ اُن لٽ ڦر جي مال مان پيا گذران ڪندا. ڪڏهن ڪڏهن تہ ڌاڙيل محلن جي مالڪن کي ماري بہ وجهندا هئا. هڪ - ٻہ دفعا محلاتن کي مورڳو باهيون ڏيئي ساڙي بہ ڇڏيائون.
مگر ديوانن کي ديس سخت پيارو هوندو هو. انھن سڀني صعوبتن سھڻ کان پوءِ بہ ديس نہ ڇڏيندا، ۽ نہ لڏي وڃي ڪنھن وڏي شھر جو پاسو وٺندا- مرندا تہ بہ ديس اندر، مري سڙندا تہ بہ مٽيءَ کي ديس جي دز سان ئي پيوست ڪري ڇڏيندا.
ديوان تولا رام نالي هڪ شخص ترقي ڪري وڃي مختيارڪار ٿيو. رٽائر ڪرڻ بعد موٽي اچي پنھنجي اباڻي ڳوٺ پنجوديري ۾ رهڻ لڳو. هڪ دفعي ملڪ ۾ پليگ پيئي، هرڪو ماڻھو شھر ڇڏي ڀڄي وڃڻ لڳو. تولا رام پنھنجي آڪھہ وٺي، رڙهي اچي ريلوي اسٽيشن نصرت جي ملازمن جي ويران ڪوارٽرن ۾ رهڻ لڳو. پنڌ فقط هڪ ميل جيترو هو. اسٽيشن جي پلئٽفارم تان پنجوديري جون ماڙيون پيون نظر اينديون هيون. تولا رام سڄو ڏينھن پلئٽفارم تان پنجوديري جي ماڙين کي اکئين ڪريو ويٺو هوندو هو. مون پڇيس- چيائين:
”پليگ جو زمانو آهي، ڪنھن وقت بہ بيماريءَ جو حملو ٿئي ۽ آءٌ مري وڃان، تنھنڪري گهُران ٿو تہ پويون وقت پنھنجي وطن پنجوديري ڏانھن ڏسندي، اکيون ٺاريندي پورو ڪريان.“
ٻيا ماڻھو چريو سمجهندا هئس. پليگ گذري ويئي. ديوان تولا رام صحيح سلامت ڳوٺ رسيو. سندس مرتيو بہ اتي ئي ٿيو. ان زماني جي ديوانن وانگر ڏاڙهي رکندو هو ۽ مٿي تي سلڪ جي هلڪي پڳ ٻڌندو هو.
هندن پاران شھر جي مکيائپ ديوان آسنداس جي حوالي هوندي هئي. هو، فقط زميندار هو، ۽ بطور زميندار، چڱي شان سان رهيو. آنرري ماجسٽريٽ ۽ ڪمشنر سنڌ جو درٻاري بہ ٿيو. فقيراڻي ۽ صوفي طبيعت جو انسان هو. سندس خاندان ڪنڊڙيءَ واري روحل فقير جي خاندان جو مريد هو. سجادہ نشين جي سر تان ساھہ صدقو هوندو هون.
سندس ڀاءُ، ديوان جوتو مل، پليڊر جو امتحان پاس ڪري، لاڙڪاڻي ۾ رهي وڪالت ڪندو رهيو. وقت جي حالتن جي پوري ڄاڻ هيس. عدالتي ڪاروبار ۾ وڪالتي فن يا قاعدي قانون کان وڌيڪ اثر رسوخ، رس رسائي، لڳ لاڳاپي ۽ ”ياري باشيءَ“ کي دخل هوندو هو. جوتو مل ان راز کي چڱي طرح ٿي سمجهيو. هڪ وڪٽوريا گاڏي پاڻ وٽ موجود رکيائين. جيڪو بہ مختيارڪار يا ريزيڊنٽ ماجسٽريٽ آيو تہ اها گاڏي هڪدم وڃي سندس در تي بيھندي. صبح جو صاحب پاڻ ان گاڏيءَ ۾ سوار ٿي ڪورٽ ڏانھن ويندو. شام جو سندس ڪِڪيون، هار سينگار ڪري، هواخوري ۽ سيئو بازار جو سير فرمائينديون رهنديون. آيو ويو پيو ڏسندو تہ مختيارڪار يا ريزيڊنٽ ماجسٽريٽ جي آڪھہ جوتو مل جي وڪٽوريا ۾ چڙهيو پئي گهمي. چڱو پڙلاءُ ۽ پرتاب پئجي ويندو. ڪيسن ۾ ڦاٿل ماڻھو، ان تعلق مان فائدي وٺڻ خاطر، وڏيون وڏيون فيون ڏيئي اچيو پيا ديوان جوتو مل کي وڪيل ڪندا. ڇو ٿو ديوان جوتو مل ٿوري في وٺي؟ پھرين تہ مورڳو ڪيس وٺڻ کان ئي انڪار ڪندو. چي، ”اسان کي ڪم گهڻو آهي، واندڪائي ڪانہ ٿي رهي، ان کان سواءِ اڳ ۾ ٻيءَ ڌر پاران اچي پيغام پھتو آهي تہ اسان سندن وڪيل ٿيون، وٽانئن في بہ وڏي ملڻي آهي، ان کان وڏي ڳالھہ اها تہ ڪيس اوهان جي ڌر کي اڳيئي وڪوڙي ويو آهي، اوهان جو ڇٽڻ ناممڪن پيو نظر اچي، پوليس جو زور آهي، ڪالھہ رات ڊپٽي صاحب اسان جي ماني موڪلائي هئي (يعني اسان کي ڊنر ڏني هئي)، ات اوهان جي ڪيس جي بہ ڳالھہ نڪتي، ڊپٽي صاحب اوهان تي سخت ڪاوڙيل ٿي نظر آيو، تنھن کان سواءِ مختيارڪار يا ريزيڊنٽ صاحب اسان جو ذاتي دوست آهي، اسان وڪيل هونداسين تہ کيس مخالف فيصلي ڏيندي پيو شرم ٿيندو، تنھنڪري اسان اهڙي دوست جي وويڪ تي ڇو اجايو بوجهو وجهون.“
جوتو مل جي اها تقرير ٻڌي، اصيلن کي ڏڪڻي وٺي ويندي. زالن جا زيور بلڪ زمينون بہ گروي رکي، آڻي جوتو مل کي سندن مقرر ڪيل ”فينسي في“ ادا ڪندا.
سال 21-1920ع ڌاري سنڌ اندر آنرري بينچ - ماجسٽريٽن جو سلسلو شروع ٿيو. هر هڪ تعلقي اندر معزز زميندارن جون ٻہ يا ٽي ”بينچون“ مقرر ڪيون وينديون هيون، جن کي ٻئي درجي جي ماجسٽريٽ جا اختيار ڏنل هوندا هئا. زميندارن کي قاعدو قانون تہ ايندو ڪونہ هو، تنھنڪري منجهانئن هر هڪ کي ڪو نہ ڪو وڪيل بطور صلاحڪار رکڻو پيو ٿي، جيڪو کين پس پرده قانون جون گهاتيون سمجهائيندو رهي. گهڻو ڪري مقدمن جا فيصلا بہ اهڙن وڪيلن کان ئي پيا لکائيندا هئا. ضلعي لاڙڪاڻي جي بينچ - ماجسٽريٽن جي استاديءَ جو ڪم جوتو مل پنھنجي سر تي هموار ڪيو. ماجسٽريٽ صاحب مقدمي چالان ٿيڻ کان اڳ ئي پنھنجي دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيندا هئا تہ جوابدار کي ڇڏڻو آهي يا سزا ڏيڻي آهي. فتوا ٻنھي حالتن ۾ جوتو مل کان لکرائي، موجود رکي ويندي هئي.
سنڌ اندر آنرري ماجسٽريٽيءَ جو ڪاروبار ڪھڙيءَ طرح ٿي هليو، تنھن جو هڪ مثال، جو حيدرآباد ضلعي سان تعلق ٿو رکي، لکڻ مناسب آهي.
هڪ آنرري ماجسٽريٽ صاحب جي اڳيان پوليس - چالان پيش ٿيڻ بعد شاهديون هلڻ کپنديون هيون، وڪيلن کي مکيہ پڇا ۽ آڏي پڇا جو وجهہ ملڻو هو، ان کان پوءِ تقريرون ٿيڻيون هيون، ۽ تقريرن بعد جوابدار تي چارج رکي سندس بچاءَ جا شاهد وٺڻا هئا. بچاءَ جي شاهدن جي زبانين بعد وڪيلن جون آخري تقريرون ٿيڻيون هيون، ۽ ان بعد ئي وڃي ماجسٽريٽ کي فتوا ڏيڻي هئي تہ جوابدار سزا جي قابل آهي يا نہ. اهي هيون لازمي قانوني ضرورتون مگر ان مقدمي ۾ ماجسٽريٽ صاحب جيئن ملزم جو منھن ڏٺو، تيئن فيصلو ڪيائين تہ دستوري ڪارروائي هلائڻ غير ضروري آهي، ملزم کي هڪدم سزا ٻڌائي جيل اماڻڻو آهي.
ماجسٽريٽ صاحب جي اها نادري راءِ ٻڌي، ملزم جو وڪيل بنھہ وائڙو ٿي ويو. ماجسٽريٽ صاحب کي گهڻا ئي قاعدا قانون ڏيکاريائين، پر هو صاحب پنھنجي فيصلي تي قائم رهيو. وڪيل کي هڪدم حڪم ڪيائين تہ ”اُٿي تقرير ڪر!“
وڪيل: ”پر صاحب، اڃا ڪيس هليو ئي ڪونہ آهي، اُن کان اڳ آءٌ ڪھڙي تقرير ڪندس؟“
ماجسٽريٽ: ”اوهان کي ڪورٽ سڳوريءَ جو حڪم ضرور مڃڻو آهي ۽ تقرير ڪرڻي آهي، ڇو تہ اسان کي هاڻي جوابدار کي سزا ڏيڻي آهي.“
وڪيل: ”ڪورٽ سڳوريءَ کي اهڙي حڪم ڏيڻ کان اڳ هيءُ ويچار ڪرڻو پوندو تہ اها ڪارروائي بيقاعدي ٿيندي، ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ ۾ اهڙيءَ دٻڙ دونس لاءِ ڪو بہ قلم ڪونہ آهي.سيشن ڪورٽ خواھہ صدر ڪورٽ سخت ناراض ٿينديون.“
ماجسٽريٽ: ”ديوان وڏا، توهان کي تقرير ضرور ڪرڻي پوندي. اسان کي صدر توڙي شيشم (سيشن) ڪورٽ جي ڪا بہ پرواھہ ڪانہ آهي. ﷲ تعاليٰ جي مھربانيءَ سان گونر (گورنر) صاحب اسان جو دوست ۽ ڪمينر (ڪمشنر) صاحب اسان جو يار آهي. اسان کي تنھنجن ڪوٽن (ڪوڊن) ٻوٽن جي ڪا پرواھہ ڪانہ آهي.“
بحالت مجبوري، وڪيل اٿي تقرير ڪئي، پر مختصر. چيائين:
”اڳ ٻڌندا هئاسين تہ “ڪورٽ سڳوريءَ جي شھر اندر ڇوڪرا گڏهيون ڊوڙائيندا وتندا آهن، پر اڄ ڏٺوسين تہ هيءَ ڪورٽ سڳوري گڏهين وانگر ملڪ جي قاعدي قانون کي ڊوڙائيندي رهي ٿي. انھن حالتن اندر، تقرير فقط ايتري ئي ٿي سگهي ٿي. باقي ڪورٽ سڳوريءَ جي سر بخت جو خير!“
ماجسٽريٽ تقرير ٻڌي، منھن ورائي سرشتيدار کي چيو “شيشدار (سرشتيدار)، تقرير ٻڌي ويئي، جوابدار کي ڇھہ مھينا جيل ڏيو. فتوا لکي، مٿانئس اسان جي مھر هڻي ڇڏيو.
اهڙيءَ عام فضا اندر جوتو مل جي رهنمائي لاڙڪاڻي ضلعي جي بينچ ماجسٽريٽن لاءِ وڏي اهميت ٿي رکي. وٽانئس قاعدي قانون سکڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، ۽ ڪنھن مقدمي سان پنھنجي دلچسپي هوندي هين تہ فتوا جوتو مل کان لکارائيندا هئا. انھن خدمتن عيوض جوتو مل جي پرئڪٽس پڻ پکڙندي ويئي.
وڏا زميندار پاڻ ۾ وڙهي پوندا تہ جوتو مل وچ ۾ هوندن. پھرين ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندن، پر ان هوندي بہ جيڪڏهن جهيڙو زور وٺي ويو، تہ پوءِ هڪ نہ هڪ ڌر تي احسان ڪرڻ خاطر ان جو ٻانھن ٻيلي ٿي بيھندو.
هڪ دؤر اهڙو آيو، جنھن اندر هندو ڪامورن کي تصوف يا ”صوفيپڻي“ سان خاص دلچسپي پيدا ٿي پيئي. لاڙو ان طرف اڳ ۾ ئي هون، قديمي ايام کان مسلمانن سان گڏ رهڻ ۽ فارسي ۽ عربي پڙهڻ ڪري کين تصوف ۽ پيري فقيريءَ جي ڄاڻ هميشہ کان هوندي هئي. منجهانئن ڪيترن تصوف جي ڪتابن جا ترجما ڪيا، فارسيءَ ۾ شعر لکيا، ۽ ڪن تہ خود ڪلام مجيد جو مطالعو بہ ڪيو. پر انگريزن جي آئي کان پوءِ جيبِن جيئن سندن قوم تي مغربيت طاري ٿيندي ويئي، تيئن تيئن کانئن پراڻا ورق وسرندا ويا.
جنھن وقت جو آءٌ هينئر ذڪر ڪري رهيو آهيان، ان وقت سنڌ جي سوچيندڙ هندن ۾ دوباره تصوف ڏانھن موٽڻ جو خيال پيدا ٿي چڪو هو. سنڌ جون چار - پنج مکيہ درگاهون هيون جن مان ڪنھن نہ ڪنھن سان هو پاڻ کي وابستہ ڪندا ٿي ويا: (1) جهوڪ شريف جا صوفي، جن جي سلسلي ۾ عمر ڪوٽ وارا صوفي صاحب بہ شامل هئا، (2) شاھہ دراز، (3) نصير فقير جلالاڻن وارو، (4) ناڙي وارا بزرگ، سائين رکيل شاھہ وارا، جن جو پويون سجادہ نشين ميان چيزل شاھہ هو، (5) ڪنڊڙيءَ وارا صوفي صاحب، جن جو مورث اعليٰ روحل فقير هو ۽ پوئين زماني ۾ سجادہ نشين فقير غلام علي، ۽ (6) حيدرآباد اندر جهانيان پوٽا.
جوتو مل جي خاندان پاڻ کي ڪنڊڙيءَ جي بزرگن سان وابستہ ڪيو ۽ ان درگاھہ جي مريدن ۽ معتقدن جي خود تعداد وڌائڻ جي ڪوشش ڪيائين. درگاھہ تي ميلو لڳڻو ٿيو تہ جوتو مل يار دوست، واقفڪار ڪاموري ڪڙي کي حرصائي همٿائي وٺي وڃي ڪنڊڙيءَ ۾ حاضر ڪندو. سال ۾ ٻہ - چار دفعا فقير صاحب کي دعوت ڏيئي پاڻ وٽ بہ آڻي مھمان ڪندو هو. انھن موقعن تي دعوتون ڏيئي، وقت جي هندو ڪامورن کي فقير صاحب جي محفل ۾ گڏ ڪندو هو. ان طرح سان سندس پنھنجو بہ هڪ چڱو خاصو حلقو پيدا ٿي پيو. جوتو مل فقير صاحب جو ”خليفو“ ليکجڻ لڳو، ۽ جنھن کي بہ فقير صاحب سان دلچسپي پيدا ٿي، تنھن لاءِ جوتو مل جي عزت ڪرڻ لازمي ٿي پئي!
غرض تہ جوتو مل وٽ ٽَڪن جا ڍير ٿيندا ويا، خاص پنھنجي رهڻي ۽ پوشاڪ سادي هوندي هيس. ڪپڙا پراڻا ٿي ويندس، تہ بہ انھن جي پچر نہ ڇڏيندو. هڪ دفعي مون ڏٺو تہ ٽانگي تي چڙهندي سندس پتلون تي زور پيو ۽ اها پتلون نازڪ جاءِ وٽان ڦاٽي پيئي. پتلون کي ڇڏڻ يا بدلائڻ بدران، ان کي ٽوپا ڏياري وري بہ پھريندو رهيو. مٿي جي کل ۾ خشڪي پيدا ٿي پيس، سڄي مٿي مان مٽي ڇڻندي رهيس، پر ڌنڌو ڇڏي علاج ڪرائڻ لاءِ ڪراچيءَ تائين بہ ڪو نہ ويو. هميشہ مٿي ۾ سرهن جي تيل جون لَپون وجهي پنھنجو ڪاروبار هلائيندو رهيو.
پنجو ديري جي مسلمانن مان، اتانھون جا ڊکڻ ڪاريگر ڏاڍا مشھور هوندا هئا، ڪاٺيءَ تي رنبيءَ جو ڪم نھايت اعليٰ قسم جو ڪندا هئا- هڪ آرٽ هو، جنھن جو انھن ڏينھن ۾ خاص قدر هوندو هو. زميندار ۽ سيٺيون، وڏا خرچ ڪري، گهر جي شهتيرن ۽ دروازن تي رنبي سان اُڪر ڪرائيندا هئا. آرٽ ۾ پنجو ديري جي ڊکڻن جو ثاني ڪونہ ٿيو. افسوس آهي تہ گرڊرن ۽ لوهي دروازن جي رواج پوڻ کان پوءِ سنڌ جو اهو خاص آرٽ مري ويو.

حاجي بيگ

پنجو ديري جو حاجي لاڙڪ وفا، دوستيءَ ۽ محبت جي معاملي ۾ وقت جو امام هو.
ڏسڻ ۾ صفا دو دستو ڳوٺاڻو- قداور، ڀورو، هڏ ڪاٺ مضبوط، مون سان جڏهن واقفيت پيدا ٿيس تہ ڏاڙهي اڇي ۽ ڊگهي هيس. شروع جوانيءَ جي زماني ۾ ”ڏاڍو مڙس“ ليکيو ويندو هو، هلندڙ ريل گاڏيءَ مان ڪپڙن جون ڳٺڙيون اڇلائي، کڻي وڃي سگهندو هو. خوددار هو، پاڙي پنبي جي وڏ وڏيري رخ نہ ڏنس تہ وري منھن نہ ڏسندس. پر جنھن سان ”ٻول ٻڌس“ ڄڻ جيءُ جڙي ويس. اهو ماڻھو پاڻ ڀڄي وڃي تہ ڀل، مگر حاجي بيگ پويان گهلبو رهندس. دوستيءَ جو فيصلو هڪڙي ئي دفعي ڪيل هوندس، باقي عمر ان فيصلي کي پيو پاڻي ڏيندو. دوست ڪيتريقدر بہ بيوفا يا بيڪار ثابت ٿئي، پر حاجي بيگ نہ ٻڙڪ ڪڇندو نہ ٻئي ڪنھن جي واتان ڪا گلا ٻڌڻ لاءِ تيار هوندو- ڪنھن لبڪشائي ڪئي تہ هڪدم ڇڙٻ ڏيئي ڪڍندس: ”چپ ڪر، نالائق، وات سنڀال، ڇا پيو منھن مان ڪِرئي!“ غيبت ڪندڙ جي واتان ڪا گلا ٻڌڻ لاءِ تيار هوندو تہ منھن ويڙهي، بنھہ مجلس مان اٿي ويندو. پڇاڙيءَ ۾ پوڙهو ٿي ويو، پر مون کي سندس محبت جو اعزاز آخر تائين حاصل رهيو. هڪ دفعي ووٽ ٿيا، خبر پيس تہ منھنجي دلچسپي هڪ خاص اميدوار سان آهي. نہ مون چيس، نہ ڏانھنس پولنگ واري ڏينھن ڪا سواري ئي رواني ڪري سگهيس. پاڻ بيمار هو، هلڻ چلڻ کان معذور، مگر پولنگ واري ڏينھن، پيرين پنڌ، ڪيترا ميل لٺ جي ٽيڪ تي هلي، پاڻهرتو اچي ووٽ داخل ڪري ويو. آءٌ ڪراچيءَ لڏي ويس، جڏهن بہ ڀاڙو هٿ ايندس، تہ ريل ۾ چڙهي، اچي مون سان ملندو. مون بدقسمت انسان کي وقت سر ساڻس ڳالھائڻ جو موقعو نہ ملندو، تہ بہ پاڻ فاصلي تان ويھي بہ منھن ڏسندو رهندو. چوندو هو:
”پير، تون بيقدرو يار ٿي پئين! وڏن ماڻھن سان پيو وقت وڃائين. اهي ڪوڙا ڪُلال، ڳڻچور، ڳنڍيڇوڙ اٿئي. رهاڻ ڪرڻي اٿئي، تہ اسان جهڙن سرويچ غريبن سان ڪندو ڪر. نماز روزي تي ڪو ڌيان ڏي. دنيا دورنگي اٿئي، سارو ڪمام ڪوڙ تي ٻڌل اٿس. ڇا گذري آهي، ڇا گذري ويندي! اهو ڪي ڪر، جو ڪم اچئي!“
ساڻس خوش طبعي ڪندي، مان چوندو هوسانس:
”حاجي، ست ڪوئا کائي ٻلي حج تي هلي آهي. جوانيءَ ۾ جيڪي ڪجهہ ڪيئي، سو بہ ياد ڪر!“
مرحوم کلي ويھندو-
”پير! ڏاڍو زوراور آهين. انڌ جي گهوڙي تي چڙهيل آهين - دنيا جھان جي خبر ڪانہ ٿي پويئي - پر چونداسين تہ ڪاوڙجي پوندين - ڌڪا ڏياري ڪڍي ڇڏيندين، تنھنجي ڏسڻ لاءِ بہ سڪندا وتنداسين - تنھنڪري تو کي سچ چئي بہ ڪونہ ٿا سگهون.“
پھرين هڪ پٽ وٺي آڻي منھنجي خدمت ڪرڻ لاءِ پيش ڪيائين، ان کان پوءِ ٻيو پٽ، عمر نالي - ٻنھي کي فرمائش اها ڪيل هيس تہ لالچ نہ رکجو، مري وڃجو پر در نہ ڇڏجوس.“ غريب وٽ اها ئي وٿ هئي، جا آڻي دوست جي نذر ڪيائين.
پڇاڙيءَ ۾ مرڻ جو فيصلو ڪيائين. مشوري لاءِ مون وٽ آيو:
”پير، هاڻي ڏينھن پورا ٿيڻ تي آيا آهن، هن ملڪ ۾ مرڻ ڪونہ ٿو گهران، مديني وڃي مرڻو اٿم.“
مون چيس:
”ميان، اڃا تہ ڏنڊو ڏوٽو آهين، منھن مان رت پيو ڇڻئي، اهي ڪھڙيون بڇڙيون وايون کنيون اٿئي!“
”....... تنھنجون اهي ئي ڏاڍائيءَ واريون ڳالھيون! مديني وڃڻ، مرسل مير جي چانئٺ چمڻ، ان دلبر جي در اڳيان دم ڏيڻ، اهي ٿيون بڇڙيون وايون؟ سٺيون وايون اهي آهن تہ سنڌ ۾ رهي سور پرائجن؟ تو وٽ اچجي تہ تنھنجو ڏسڻ بہ مھانگو، ڳوٺ وڃجي تہ ڏچن پٺيان ڏچا. دنيا ۾ هاڻي ڪھڙي موچارائي وڃي رهي آهي. دغا، دولاب، ڪوڙ بدوڙ، بيوفائي، بيحيائي، نہ پاڙي جو شرم، نہ وڏ ننڍائيءَ جو ويچار. ننڍي پوش تہ جاٿي ڪاٿي مورڳو لولي لانگڙ لاھہ ٿي بيٺي آهي، نہ وري وڏن ۾ ئي ڪا وڄا بچي آهي، لوڀ لالچ انڌو ڪري ڇڏيو اٿن. وڏيرا آهن تہ رشوا (رشوت) تي سندرو ٻڌي بيھي رهيا آهن. غريبن پاڙيوارن تي هٿ ڏيڻ بدران، پنھنجن هٿن سان پيا انھن جا گهر ڀڃائين ۽ لوڙها لتاڙائين. جي ڪو سيٺ يا ديوان وڃي بچيو آهي، تہ رڳو شودو، وڏي ماس کائڻ کان بہ ڪونہ پيو مڙي. مريدن مان مراد، سيدن پيرن مان پرين واري پيچري جي پڇاڻ ختم. ڪاموري ڪڙي جو سندرو ظلم تي ٻڌل. خان خدا جي خوف کان خالي. سڀ ڪم رشوا، شفارش، چؤ چوائت تي پيو هلي. غريب مسڪين جي ڪو ڪونہ پيو ٻڌي يا سڻي. ڪلجڳ اچي ويو، چوڏهين صدي آهي، ڪوڙ پيو ڪمائجي، ڪوڙ پيو کائجي، قيامت جا نشان ظاهر آهن. اڳ ٻڌبو هو تہ فقط هڪ دجال پيدا ٿيڻو آهي، پر هينئر تہ ڏسون پيا تہ ڳوٺ ڳوٺ، گهر گهر ۾ اچي ڪئين دجال ساماڻا آهن، امام مهدي4 هاڻي اکئين نہ پيو ڏسجي.“
”...... سو، پير هاڻي نہ جهل نہ پل، ڇڏ تہ وڃي ڪنھن منھن مھاڙ جا ٿيون، نہ تہ ويٺي ويٺي ويل وهي ويندي، نہ هيڏانھن جا رهنداسون، نہ هوڏانھن جا ٿينداسون.“
”...... باقي ٻچن جي سا پارت اٿئي. منھنجا پٽ سڀ حلالي اٿئي، منھنجي قبر ڪانہ لڄائيندا، سو انھن تئون هٿ نہ لاهجان“.
اهو هو ست تت مرحوم جي آخري ڏينھن وارين تقريرن جو. حج جو زمانو آيو- ٽپڙ ٻڌي، تيار ٿي، اچي ڪراچيءَ پھتو. گهڻو جهليوسونس، گهڻو پليوسونس، پر اندر جي اڪير مچ مچائي بيٺي هيس، سو زوريءَ وڃي جهاز ۾ سوار ٿيو.
”مون چاڙهيندو وڃ، ٻيڙائتا ٻيڙن وارا!“
ان وقت ائين ڪونہ ٿي سمجهيم تہ سندس اهو سفر ڪو آخري سفر ثابت ٿيڻو آهي.
حج پورو ٿيو، حجاج موٽيو، پر حاجي بيگ ڪونہ آيو:
”اڄ نہ پکي آئيا، ٿين واهيري جي ويل!“
واجهائيندي ورهيہ گذري ويا، پوءِ وڃي پيئي ڪل تہ پنھنجا قول پاڙيائين! حج پڙهي، فارغ ٿي، دلبر جي در اڳيان دم ڏيئي، پاڻ کي ساڳيءَ ئي خاڪ پاڪ جي سپرد ڪري ڇڏيائين، جنھن جي آغوش ۾ خود آقاءِ دوجهان آرامي آهن.
“ جنھن خوشنصيب کي رحمت اللعالمين جي دائمي همسائگي حاصل ٿي ويئي، تنھن ڏانھن هينئر آءٌ گنھگار، سنڌ مان ويٺي دعائن ۽ رحمتن جون ڪھڙيون سوغاتون موڪليان:
پاڻ کڻان يا پنبہ هڻان!
البت، ڪڏهن ڪڏهن، رکيو رکيو، دل مان دانھن پيئي نڪري:
هتڙي اسان جا هي حال، ڙي يار!
تو کي پنھنجا سانگ سيباڻا!

  ڀائي ڏاسو مل

ڪپڙن جو گهورڙيو، ڀائي ڏاسومل، پڻ پنجوديري جو هڪ خاص سمپل هو. زنانن ڪپڙن جا تاڪيا خريد ڪري، ڳٺڙين ۾ ٻڌي پاڙي جي خاندانن وٽ کڻي ويندو هو. هڪ ڳٺڙي پنھنجي پٺيءَ ڏانھن ڇڪي ٻڌندو، ٻي ڳٺڙي پُٽ کي کڻائيندو، لوهي گزي هٿ ۾، گرميءَ ۽ ٿڌ کان مٿي کي محفوظ رکڻ خاطر، چڱي پڳ سر تي ٻڌل، مھينين ٻي مھينن مڙيو ئي اچي پيو منھن ڪڍندو. نفعو ٿورو رکندو، جيئن موڙيءَ جي ڦير گهير تڪڙي ٿيندي رهي. ڪجهہ بروقت وٺندو، ڪجهہ اوڌر تي، اها اوڌر موسم پڄاڻي ديرن ۾ پيئي وصول ٿيندي. پرده نشين مستورات مان هر هڪ کي ڪھڙي قسم جو ڪپڙو وڻي ٿو، تنھن جي پروڙ ڏاسي مل کي ٻاهر ويٺي پيل هوندي. ڀيري ڀيري ان در تي ايندو تہ انھيءَ ئي قسم جي ڪپڙي جا ٻہ - چار نوان نمونا کنيو ايندو، جيئن بنا ”ڏني ورتي“ موٽڻو نہ پويس. مردن لاءِ پڻئي (جنھن کي مسلمان محمودي سڏيندا هئا)، بافتي، يا ململ جو هڪ - اڌ تاڪيو هوندس، باقي بارود زنانيءَ پسند جو: ڏوريا(1)، بوند، هيرا ساکڙي، نوريئڙا، قناصرا، شبنما، چيرا، ڦول بيگ، گلبدن، چڪنا، گاجرا، موٺڙا، رنگارنگي پَٽ، وغيرہ. سستائيءَ جا ڏينهن هوندا هئا، قيمتن جا حساب آنن ۾ ٿيندا هئا، رپيو تہ بلڪل وڏي شيءِ هو، جنھن جو نالو ادب سان ورتو ويندو هو. ڪپڙي جي ماپ هٿن پيرين ٿيندي هئي. هٿ کان گهٽ ماپ کي ٻاڪون، گرانٺ، يا ”ڇارڪ“، پيرين ڦِلائيندا هئا. ڏاسو ايندو تہ گهر گهر ۾ چرپر پئجي ويندي. مرڪزي جاءِ تي کٽ وڇائي، بڊڙيون ۽ بڊڪون کولي، تاڪيا وڇائي، ٽيمپرري هٽ کولي ويھي رهندو. زالن کي هرکائڻ لاءِ مٿانئن چمڪندڙ رنگارنگي ڪپڙي جا تاڪيا رکندو پھرينءَ ۽ آخري قيمت جي وچ ۾ آني - ٻٽي جو فرق رکندو، ڇو تہ کيس معلوم هوندو تہ بنا ڇڏ ڇوٽ ڪرائڻ جي ڳوٺ جي زالن جي تسلي ڪانہ ٿيندي. ڪپڙي جي ڪئالٽيءَ تي زالن جي ٽيڪا ٽپڻي ٻڌڻ وٽان هوندي. رنگ ڦِٽڻ ۽ ”سوس“ (ڌوپ ۾ ڪپڙي جو سسڻ) جي امڪان جو خاص خيال رکنديون. تسلي نہ ٿيندين تہ پاڻيءَ ۾ پسائي، رنگن کي اڇي ڪپڙي تي گَهي ڏسنديون تہ رنگ لھيس ٿو يا نہ. سؤس جي چڪاس لاءِ ڪپڙي جي ڪنڊ پاڻيءَ ۾ پسائي، سج تي سڪائي ڏسنديون.
جيستائين جيئرو رهيو، پسگردائيءَ جي ڳوٺن اندر چهچٽو لائيندو رهيو.
واهڙ جي وٽ سان، ٻٻرن جي جهلي هيٺان
سنڌي ڳوٺاڻن جي سرويچ سنگتين ۽ غير فاني دوستين جا ٻول ٻجهندا آهن، نہ اميراڻن ڊرائنگ رومن ۾، نہ سرمائيدارن جي ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن اندر، پر واهن ۽ واهڙن جي وٽ تي، ٻيرن ۽ ٻٻرن جي جهَلن هيٺان: نہ زير سرپرستي يو - اين، پر زير سايہ آسمان: نہ بوسيلہ تمسڪات، پر بذريعي حرف زبان!
سينا سينن سان مليا، اکيون اکين سان اٽڪيون، دليون دلين سان ڳنڍيون، پڳون مٽجي ويون، پيچ پئجي ويا، جيءَ جڙجي ويا، مرندي گهڙيءَ تائين جا سوٺا کڄي ويا!
انسان جي روحاني زندگيءَ لاءِ خوراڪ فراهم ڪرڻ ۽ مجموعي حياتيءَ کي معنيٰ بخش جو ڪم پڻ ان قسم جون دوستيون ڪن ٿيون، باقي دوستيون، دوستيون نہ، ”درآمدي ۽ برآمدي“ قسم جي تجارت آهن.
“ نہ وري اها وٿ ڪا اهڙي وٿ آهي، جا ماڻھو پئسا ڏيئي بازار مان خريد ڪري سگهي. سچيءَ مشڪ جي نافي وانگر، ان جو ميسر ٿيڻ ڏاڍو مشڪل ٿئي ٿو، ۽ محض اتفاق طور، سو بہ نہ محلن جي مسڪينن اميرن ڪبيرن وٽان، بلڪ ”ڪلھن ڦاٽل ڪنجرن“ پھريندڙ گودڙين ۽ گوڏرين وٽان، جي ڏسڻ ۾ تہ ڪنگال پر حقيقت ۾ وفا واري مشڪ ختن جا مالڪ هوندا آهن.
سنگت ڪرڻ ۽ سنگت ۾ سر تائين ڏيئي ڇڏڻ، سنڌ وارن جي تاريخي ميراث هئي، ۽ سندن ڪئريڪٽر جو چمڪندڙ جزو! پر جيئن جيئن ٻاهرين جو تجارتي اثر مٿن پوندو ويو، ۽ سندن ڏيٺ ويٺ ٻاهرين ماڻھن سان ٿي، تيئن تيئن اها ميراث سندن هٿان نڪرندي ويئي. منھنجي پنھنجي ڏسندي ڏسندي، ڪيڏو نہ فرق اچي ويو! وڏن ماڻھن، اميرن، پيرن، سردارن، عملدارن منجهان تہ خارجي اثرن ۽ غلاميءَ جي پھرينءَ ئي سَٽ سان اها وٿ بنھہ موڪلائي ويئي. سندن دوستي ٺڳي، ۽ سندن واعدو ۽ انجام پاڻيءَ جا ليڪا بڻجي پيا. صبح کان شام تائين ڌنڌو ئي ڪوڙ بدوڙ، ٿوري لالچ ملين تہ مٺن پيارن جو مٿو وڃائي وڃي ٻاهر چڙهيا! اهو شيوو اڳوڻن سنڌين جو هرگز نہ هوندو هو. اُنھن دوستيءَ جو دم هنيو تہ آخري قدم تائين قائم رهيا، سام جهليائون تہ سر ڏنائون، سنگت رکيائون تہ توڙ نباهيائون، زبان مان ڪو اکر نڪتن تہ ڄڻ صحيفو آسماني لھي آيو، جنھن ۾ ڪنھن بہ ردبدل ٿيڻ جو امڪان نہ رهندو.
جنھن زماني جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، ان ۾ اها خصوصيت اڃا تائين غريب ڳوٺاڻن ۾ موجود هوندي هئي. سندن دوستيءَ ۽ سچائيءَ ذريعي جو روحاني اطمينان ميسر ٿيندو هو، سو اڄ دنيا جي وڏي کان وڏي ماڻھوءَ جي تقرب مان بہ حاصل ڪونہ ٿو ٿئي. مون چڱيءَ پر تجربو ڪري ڏٺو آهي. سنڌ تہ ساري ڏٺي اٿم، بلڪ همعصر ٻاهرينءَ دنيا جي بہ گهڻن ئي مشاهيرن سان پاند اٽڪيو اٿم، پر محبت ۽ وفا جي معاملي ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻن جو همپايي ماڻھو نظر ڪونہ چڙهيو اٿم. جيڏا اُٺ تيڏا لوڏا - وڏا ماڻھو، ۽ وڏا غرض، وڏا مرض- وفا ۽ محبت لاءِ وٽن ڪٿان ايندي گنجائش؟

_____________
(1) ڪپڙا سڀ ولائتي ٺھيل هوندا، جن تي محض نالا سنڌي عورتن جا چسپان ڪيل هوندا.

قادر بخش

قادر بخش خروس هڪ مسڪين ڳوٺاڻو هو، منگين تعلقي ڳڙهي ياسين جو رهاڪو. ابتدا ۾ ”ڏاڍو مڙس“ ليکيو ويندو هو. پاڻ ڳالھيون ڪندو هو تہ ڪيترن ڌاڙن ۾ بہ شريڪ رهيو هو. اصول هوندو هوس تہ دوستن جي ”بيگر“ وهجي، ڏکئي وقت ۾ سندن ساٿ ڏجي، بنان لالچ ۽ بنا مقصد، پوءِ سر وڃي تہ ڀل وڃي: اهو مڙسيءَ ۽ مردانگيءَ جو لوازمو آهي، ان اصول کان جو هٽيو، تنھن کي زنانو رئو ڍڪي، پردي پٺيان لڪي، گهر ۾ ويھي رهڻ گهرجي، مڙسن اڳيان مرڪي منھن ڏيکارڻ جو کيس ڪو حق ڪونہ آهي. اهو بہ چوندو هو تہ دوست گهڻا رکڻ وڏي غلطي آهي، يار فقط هڪ - ٻہ رکجي، جنھن جي دوستيءَ جا حق بہ چڱيءَ طرح ادا ٿي سگهن.
اوائلي ڏينھن ۾ مٿس هڪ ڏکيو وقت اچي ويو. سندس نانءُ، بطور جوان مرد جي، مون اڳ ۾ ئي ٻڌو هو. محمد پناھہ خان ڊکڻ ۽ سندس عزيزن جي وچ ۾ جهيڙو لڳي پيو هو. مرڻ مارڻ تائين نوبت اچي ويئي. هر هڪ ڌر کي سرويچ ساٿين جي ضرورت محسوس ٿي. محمد پناھہ خان قادر بخش کي ڪوٺ ڪئي، قادربخش ڪھاڙي کڻي وڃي موجود ٿيو. جيستائين جهيڙو هليو، نہ جان ۽ نہ جيل جو خيال ڪيائين. اهڙي ماڻھوءَ تي احسان ڪرڻ مون پنھنجو فرض سمجهيو. بيشڪ غريب هو، نظر بظاهر ڪنھن ڪم جو بہ ڪونہ، مگر ”مڙس“ هو. ويل آئي مڙس ئي مٿا ڏيندا آهن - ۽ نہ وري ويل پڇي ئي ايندي آهي. ٻھراڙيءَ ۾ رهڻو هو تہ انھن ئي اصولن تي هلڻو هو، تنھنڪري مون قادربخش سان وک کڻي ڇڏي.
ان کان پوءِ، ٽيھن ورهين تائين قادر بخش مرحوم، اُن هڪ احسان عيوض، مون وٽ گروي پيو رهيو. مان گهڻو ئي کانئس پاسو ڪريان، پر هو ڪٿان ٿو مون کي ڇڏي! ڪجهہ سالن کان پوءِ مون تي بہ هڪ مصيبت اچي ويئي. قادربخش مرحوم جي گهر ۾ جيڪو بہ ٽپڙ ٽاڙي هو، سو بازار ۾ وڪڻي، پئسا کڻي اچي موجود ٿيو. پوئتي ٻچن لاءِ فقط رليون ۽ گودڙيون ڇڏي آيو. جنھن وقت بہ خطري جي گهنٽي وڳي تہ سندس سر تريءَ تي هوندو. مرڪندو، مشڪندو اڻ ڪوٺيو، پاڻھي پاڻ ميدان ۾ هليو ايندو. نہ حساب ڪندو، نہ ڪتاب. نہ اڳ جي پڇندو، نہ پوءِ جي خبر لھندو. اکيون ٻوٽيو پيو يارن سان ياريءَ جا حق نباهيندو، عيوض، لوڀ ۽ لالچ جو تہ ڪو سوال ئي ڪونہ هوندو.
مان ڳوٺ ڇڏي سکر ويس، ۽ سکر کان پوءِ وڃي ڪراچيءَ رهيس، مگر مرحوم ڀيرو نہ ڀڳو. فقط ڀاڙي جيترا پئسا هٿ ايندس، تہ جهٽ اچي سکر يا ڪراچيءَ ۾ منھن ڪڍندو. شوق فقط اهو هوندس تہ گهڙي - پھر ويھي مون سان روح جي رهاڻ ڪري.
پنھنجي وت آهر، سواليءَ کي خالي نہ موٽائيندو هو. مون ۾، ڪنھن وقت، ماڻھن جا گهڻا ڪم پوڻ لڳا. سفارش لاءِ در پيھي، جنھن بہ وڃي قادر بخش کي سوال ڪيو تہ مرحوم ساڻس گڏيو ايندو.
واجبي ڪو اجبيءَ جو ڪو خيال ڪونہ ڪندو. سندس اصول هو تہ ”اڙئي موڙهئي“ کي اڌ ۾ ڪونہ ڇڏڻو آهي. سواليءَ جي حق ۾ مون سان خوب جهيڙا ڪندو. رسي ويھي رهندو، مانيءَ تائين موٽائي ڇڏيندو. ڪڏهن ڪڏهن تہ ڪاوڙجي، بنا موڪلائي واپس بہ هليو ويندو. پر ڳوٺ رسڻ بعد، ڪنھن ٻئي سواليءَ اچي صدا ڪيس تہ وري ان سان گڏيو ايندو. چوندو هو تہ ”پير، توکي تہ سنگتيءَ ساٿيءَ جي لڄ ڪانہ ٿي پوي، پر اسين بہ بيحيا آهيون جو وري وري اچيو توکي ستايون. پر ڪيؤن تہ ڪيؤن ڇا؟ ماڻھو اچيو ٿا ﷲ جو نانءُ وجهن، ﷲ جو نانءُ ڏاڍو ڳورو ٿئي ٿو!“
پوءِ مير علي مراد خان، والي خيرپور، جو قصو ٻڌائيندو - سفارشي وٺي ايندو هو. هڪ دفعي تنگ ٿي، مير صاحب کيس چيو تہ ”فقير صاحب! هن دفعي اوهان جو ڪم ڪريون ٿا، پر ان شرط قِي تہ اوهين ڏاڙهي ڏيو تہ وري ڪنھن جي سفارش نہ آڻيندا.“ فقير ڏاڙهي ڏيئي، سواليءَ جو ڪم پورو ڪرائي، اڃا ڳوٺ مس پھتو تہ ٻيو سوالي موجود ويٺو هو. ﷲ جو نانءُ وجهي، فقير کي آڻي مير صاحب اڳيان پيش ڪيائين. مير صاحب پڇيس:
”خير محمد، تون تہ ڏاڙهي ڏيئي ويو هئين تہ وري سفارش نہ آڻيندين، هينئر ٻہ ڏينھن مس گذريا آهن تہ وري موٽي آيو آهين!“
”خير محمد وراڻي ڏنيس:
”مير صاحب، اهو صحيح آهي تہ مان توکي ڏاڙهي ڏيئي ويو هوس تہ وري توکي اچي تڪليف نہ ڏيندس. پر ڳوٺ پھتس تہ هن سواليءَ اچي ﷲ تعاليٰ جو نانءُ وڌو. پوءِ ترازيءَ جي هڪ پڙ ۾ پنھنجي ڌاڙهي ۽ ٻئي پڙ ۾ ﷲ تعاليٰ جو نانءُ وڌو. ڏٺم تہ منھنجي ڏاڙهيءَ کان ﷲ تعاليٰ جو نانءُ ڳورو هو. تنھنڪري، ڏاڙهيءَ جو خيال نہ ڪري، ڌڻيءَ خاطر، ۽ سندس ساڳيو مٺو نالو وٺي، اچي تو وٽ پھتو آهيان - اڳتي تنھنجو اختيار، مير صاحب ڳالھہ سڃاڻندو هو، فقير صاحب جي حڪم جي تعميل ڪري ڇڏيائين.“
قادربخش مرحوم خاص پنھنجي وجود يا مقصد لاءِ ڪڏهن ڪو سوال ڪونہ ڪيو، حالانڪ آءٌ سندس غير معمولي عزت ڪندو هوس. وڏي کان وڏا ماڻھو ملڻ لاءِ ايندا ۽ ساڳئي وقت قادر بخش بہ آيل هوندو، تہ آءٌ پھرين وڌي وڃي قادربخش کي ڀاڪر پائي گڏبس، ۽ ان کان پوءِ ئي انھن وڏن ماڻھن سان هٿ ملائيندس.
هڪ ڀيري اهڙو واقعو ٿيو جو جنھن وقت قادربخش آيو، ان وقت سندس پاڙي جا وڏا ماڻھو بہ اچي رسيا. انھن وڏن ماڻھن مان هڪ محمد پناھہ خان ڊکڻ بہ هو، جو قادربخش جي علائقي جو مکيہ ۾ مکيہ حاڪم ليکيو ويندو هو. پر مون هٿ پھرين وڃي قادربخش کي ڏنو، بلڪ ساڻس ڀاڪر پائي بہ مليس. محمد پناھہ خان اها ڳالھہ سخت محسوس ڪئي.
ڪجهہ وقت بعد ڏوراپو ڏنائين. چي، ”تو وٽ اسان معززن کان وڌيڪ عزت ۽ قدر قادروءَ جهڙن لاءِ آهي.“ مون عرض ڪيس:”جا موڙي قادربخش جهڙن مسڪينن وٽ آهي، سا اوهان وڏن ماڻھن وٽ ڪٿان آئي. يعني غير مشروط محبت ۽ غير محدود وفاداري!“
سندس پنھنجي غريباڻي حلقي اندر، سندس دوست پڻ ساڳيءَ طرح سرويچ هوندا هئا. عام چوڻي هوندي هئي تہ قادر بخش جو دوست ويلَ ڪڏهن نہ وڃائيندو، يار ڪڏهن نہ مَٽائيندو، سِر مال جو سانگو بنھہ ڪونہ ڪندو. سندس ڀاڻيجو سُکيو مرحوم پڻ قادربخش وانگر بھادر، وفادار ۽ دوست لاءِ انتھائي قرباني ڪندڙ شخص هو.
جهڙيءَ طرح مٿي عرض ڪيو اٿم، اوائلي سنڌ ۾ انھن ڳڻن جو ڏاڍو قدر هوندو هو. ان زماني اندر ڳوٺاڻي سوسائٽيءَ جو ڪاروبار ئي انھن ڳالھين جي بنياد تي هلندو هو. حڪومت غير همدرد هوندي، يا غير ملڪي هوندي، يا اهڙي جنھن جي اصولن ۽ قانونن، ۽ مقامي ماڻھن جي پيدائشي قدرن ۽ بنيادي احساسن جي وچ ۾ ڪابہ مناسبت يا يڪرنگي نہ هوندي، تہ پوءِ مقامي ماڻھن کي خود پاڻ تي ڀاڙڻو پو ي ٿو، ۽ پنھنجي حفاظت ۽ زندگيءَ لاءِ پاڻ اصول ٺاهڻا پون ٿا. انھن اصولن جو مدار وري ڪن اخلاقي قدرن تي ٿئي ٿو، جن قدرن جي ڪوڊ اندر وفاداريءَ جي ڳڻ کي سڀ کان مٿانھون مقام حاصل رهي ٿو.
سنڌ جي ٻھراڙيءَ جا ماڻھو بہ هميشہ کان ڪنھن نہ ڪنھن جابر حاڪم يا خارجي فاتح جي لتن هيٺان لتاڙبا پئي رهيا آهن، تنھنڪري انھن لاءِ ضروري هو، ۽ ضروري آهي تہ هو پنھنجي حفاظت لاءِ بہ اهڙا اصول ۽ قدر ٺاهي انھن تي هلندا رهن. منھنجي پنھنجي ڏسندي ڏسندي، حالتن ۾ گهڻو ڦير اچي ويو هو، پر ان هوندي بہ اڃا تائين سارو ملڪ سڃ ٿي ڪونہ ويو هو. قادربخش جي سنگت جھڙيون سنگتون ڪٿ نہ ڪٿ پيون نظر چڙهنديون هيون، جن جي رڳ ريشي اندر، صبح و مسا، وفا جو خون صفا گردش ڪندو ٿي رهيو.

اُڌل

قادربخش جي پاڙي ۾ گهانگرن جي وانڍ اندر، هڪ ٻيو بہ اهڙو شخص هو - اُڌل نالي، عيد کان سواءِ، باقي سال جا سمورا ڏينھن گوڏ ۾ گذاريندو. لٺ دائما هٿ ۾، مٿي تي پڳ، جسم تي ڊگهو بافتي جو پيرهن، ڏاڙهي چاپئين، پيرن ۾ سنڌي موچڪي جُتي. پنھنجي وقت جي وڏن پيراڍن مان ليکيو ويندو هو. ڪنھن چوريءَ يا واردات جي سلسلي ۾ هڪ دفعي ڪو پير ڏٺائين تہ سالن کان پوءِ بہ ساڳيو رند سڃاڻي ڪڍندو. پنھنجو گذران چوپايي مال تي هوندو هوس. ان سان گڏ، پوکي راهي بہ پيو ڪندو هو.
غريبيءَ هوندي بہ خودداريءَ ۽ عزت نفس جو ڪيئن لحاظ رکجي، سو ڪو کانئس سکي ها. ملڪ تي ڪن وڏيرن جو مارو هوندو هو. ڪنھن جي بہ جان يا مال، يا ننگ محفوظ ڪونہ هو. وڏيرن کي مرغوب خاطر هوندو هو. ڪوڙ، خوشامد - عام چوڻيءَ مطابق، ”راءِ تي رسو ڀڃڻ!“ مثلاً، پيراڍن مان کين اُهو شخص پيارو لڳندو هو، جيڪو وارداتن جي سلسلي ۾ ڪوڙا رند کڻي، ۽ بيگناهن جا پير ڪڍي، کين پوليس جي ٻوهي ۾ ڏئي.
اُڌل مرحوم اهڙو ڪم هرگز نہ ڪيو. جا سچي ۽ صحيح حقيقت هوندي، سا ٻڌائي ڇڏيندو، پوءِ وڏيري صاحب يا پوليس کي وڻي يا نہ وڻي. تنھنڪري پاڙي جا وڏيرا مٿس ناراض رهندا آيا، هڪ دفعي 110 قلم هيٺ اڙائي ڇڏيائونس. نہ داد نہ فرياد. بدمعاشيءَ جي مقدمن ۾ ڪوڙو بيان ڏيڻ وڏيرن لاءِ ائين هوندو هو، جيئن ڪنوار لاءِ ونواھہ کائڻ. مُرڪي سرڪي، تيل ڦليل ڪري، ريشمي رومال پڳن ۾ ٽنگي، وڃي ڪورٽن اڳيان حاضر ٿيندا، ۽ ﷲ تعاليٰ کي حاضر ناظر ڄاڻي، جو اکر پيا چوندا، سو ڪوڙ هوندو. اُڌل مرحوم تي بہ اهڙي آپدا اچي ويئي. مون کي خبر پيئي، پاڙي وارن ۽ پوليس جي ڪا بہ پرواھہ نہ ڪري، مون وڃي سندس ضامن ڪرايو. مرحوم محمد اسحاق بدرالدين، جو پوءِ ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر ٿيو، انھن ڏينھن ۾ شڪارپور جو مختيارڪار هوندو هو. منھنجي خانگي چوڻ ۽ تسلي ڏيڻ تي، اُڌل کان ضمانت وٺي، کيس آزاد ڪري ڇڏيائين. اُن کان پوءِ اُڌل، جو دم جيئرو رهيو، سو مون ساڻ بيٺو رهيو. نہ ٻئي ڪنھن وٽ ايندو نہ ويندو. مندون موٽنديون رهيون، سالن پٺيان سال گذرندا رهيا، مگر اُڌل جو، جو قدم اُٿيو سو محض منھنجي در ۽ گهر طرف. کيس ڪنھن بہ ڳالھہ يا ڪم چوڻ جو سوال ئي ڪونہ هوندو هو. ويٺو اکين جو مطالعو ڪندو، ۽ حال تي سخت مطمئن رهيو. چوندو هو، ”سڄي عمر هڪ سائينءَ جي ڳولا رهي هيم، سائين مليو، ڏوجهرو لٿو، هينئر سائين ڄاڻي ڪم ڄاڻي. باقي اسان کي ڪھڙو فڪر.“
مرحوم ڪچھريءَ ۾، ويھي گفتگو ڪندو تہ اهڙي سليقي سان ۽ اهڙن چونڊيل اکرن ۾، جو کيس ٻڌي دل کي خوشي پئي حاصل ٿيندي. پھرين اڳلي جي ڳالھہ ٻڌندو، خيال سان، صبر سان، ۽ تحمل سان. ان کان پوءِ کنگهي، گلو صاف ڪندو. گهڙي ساعت توقف ڪندو، پوءِ پنھنجو جواب پيش ڪرڻ شروع ڪندو، ٿورن لفظن ۾. پر جو اکر ڪڍندو، تنھن جو بنياد ذميداريءَ جي احساس تي هوندو. اجائي گفتگو ڪرڻ، يا چغليون هڻڻ، يا ٻين ٻن جي گفتگو هلندي وچ ۾ ٽپي پوڻ سخت معيوب سمجهندو. ڪڏهن ڪڏهن تہ ڪچھري هلندي سڄو ڏينھن گذري ويندو، پر اڌل جي پنھنجيءَ زبان مان هڪ حرف بہ ڪونہ نڪرندو، بُت بڻيو ويٺو ٻڌندو. جيڪڏهن هٿ هلندس تہ فقط ناس جي دٻليءَ ڏانھن، جنھن مان چپٽيون ڀري نڪ ۾ وجهندو، ۽ نڪ کي بوڇڻ جي ڪنڊ سان صاف ڪري، وري چپ ڪري ويھي رهندو. مانيءَ يا پاڻيءَ تائين ڪنھن پاڻهرتو آڻي اڳيان رکيس تہ کائيندو پيئندو، ورنہ سارو ڏينھن اڃيو بکيو ويٺو هوندو، پاڻان لکا پوڻ هرگز ڪونہ ڏيندو، سانجهيءَ سومھاڻيءَ موٽي وڃي پنھنجي گهر کائيندو، چلم سان ڏاڍو چاھہ هوس، پر نہ چلم خاطر ڪچھري ڇڏي ويندو، نہ ڪنھن کان گهُري وٺندو. خود محفل اندر چلم رکي رهندي، تہ بہ جيستائين هٿ کان وٺي ڪو نڙ کيس نہ ڏيندو، پاڻ طلب نہ ڪندو. ٻھراڙيءَ جو ڄَٽُ هو، اڻپڙهيل، پر سندس زبان منجهان ڪنھن شخص نہ ڪڏهن ڪا گار ٻڌي، نہ پِٽ پاراتو. ڪنھن سان ڪا وک کنيل هونديس تہ وري زبان تي نہ آڻيندو ۽ نہ ان جو عيوض ئي طلب ڪندو. بيماريءَ بي خوشائيءَ جي خبر پونديس تہ رڙهي اچي پھچندو. ٻاهران اچبو، تہ بہ خير عافيت پڇڻ لاءِ موجود هوندو. پاڻان ڪم حاج بلڪل نہ چوندو. خوف خطري کان لاپرواھہ هو. چور چڪار، جن جا پيرا ڪڍي کين ڦاسائڻ جو سبب بڻيو هو، سي سندس رت جا پياسا رهندا آيا، پر اُڌل ڪڏهن بہ هيٺانھين نہ ٻولي. اڪيلي سر، لئي جي لٺ کنيو، پيو جهنگ جهر ۾ هلندو، سويل توڙي اويل چوندو هو تہ ”سر هڪ آهي، نہ ٻہ، مقرر وقت کان اڳ ڪونہ ويندو، ان جو مدار آهي مالڪ تي، بندو پاڻ پنھنجي ڪھڙي سنڀال ڪري سگهندو.“
ٻھراڙيءَ ۾ عام رواج هوندو هو ساک کڻڻ جو - يعني ماڻھو قرآن مجيد مٿي تي کڻي ڳالھہ ڪندا هئا، بطور شاهد جي، يا پيراڍوءَ جي، يا متھم جي. اُڌل پاڻ قرآن مجيد تي ڪڏهن ساک نہ کنئي. سندس اکر ساک برابر سمجهيو ويندو هو. اُڌل ڳالھہ ڪئي، معاملو ختم ٿيو. شڪ يا بي ويساهيءَ لاءِ ڪو سبب باقي ڪونہ رهندو.
هڪ دفعي ٻروچن جي ڪنھن پاٿاريءَ جا ماڻھو، جيڪي مٿس ناراض هئا، سندس مينھن جو وڳ چوريءَ ڪاهي ويا. اُڌل پير سڃاتا. ڏانھن ماڻھو موڪليائين، پر چورن مال ورائڻ کان انڪار ڪيو. ڪجهہ ڏينھن بعد اُڌل جا ننڍا بہ، عيوض ۾، ٻروچن جون ست - اٺ مينھون ٽڳائي آيا. ٻروچن جا ڪُنا اونڌا ٿي پيا. قرآن شريف کڻي مينھون ووڙڻ لڳا. اُڌل کي خبر پئي. پنھنجي ڇوڪرن کان پڇيائين، جن ساڻس سڄي سچي ڪئي. پاڻ لنگهي وڃي ٻروچن وٽ پھتو - چي:
”اوهين ڀلو سونھارو موٽائي رکو، اوهان جون مينھون منھنجن ڇوڪرن وٽ آهن، جي اچي ڪاهي وڃو، باقي مون وارو مال موٽائي ڏيو يا نہ، سا نيت اوهان جي. مون کي ارمان آهي تہ منھنجن ڇوڪرن کان ڇوڪراڻي ٿي ويئي آهي!“
پر ان جي معنيٰ اها نہ هئي تہ اُڌل پڻ ڊڄڻو هو، هڪ دفعي ضد تي چڙهي بيٺو، تہ وري نہ لھندو - پوءِ ڀل تہ کيس ڪيڏو بہ نقصان ڇو نہ رَسي. جن زميندارن مٿس ڪوڙا بيان ڏيئي کيس 110 جي ڪيس ۾ ڦاسايو هو، انھن جو مرندي گهڙيءَ تائين وري منھن نہ ڏٺائين. پاڻ، جڏهن بہ موقعو ملندو هوس، انھن کي نقصان پھچائي ڇڏيندو هو. انھن زميندارن مان هڪڙي جي اڳڄائي ڇوڪري ڪنھن ٻاهرئين خسيس ماڻھوءَ سان تعلق پيدا ڪري وڌو. اُڌل، ان زميندار کي ذليل ڪرڻ خاطر، سندس ڇوڪريءَ کي، ڪوٽ ڀڃرائي، ڀڄارائي ڇڏيو. ”ننگاوتيءَ“ جو معاملو هو، سِرن تائين وڃڻ جا خوف هئا، مگر اُڌل هڪ لحظي لاءِ بہ خيال ڪونہ ڪيو. چوندو رهيو: ”دشمن جو تہ نڪ وڍي ڇڏيو اٿم، هينئر جيڪڏهن منھنجو سر بہ ويو تہ ڪھڙي وڏي ڳالھہ ٿي پئي.“
ٻھراڙيءَ جي ڪوڊ اندر ”انتقام ۽ بدلي“ کي جائز قدم سمجهيو ويندو هو، ڇو تہ ٻيءَ صورت ۾ ماڻھوءَ لاءِ ناممڪن هو تہ پنھنجن حقن جي حفاظت ڪري سگهي.
مھمانداريءَ ۾ پڻ اُڌل مشھور هو. غريبيءَ هوندي سندس اوطاق پيئي هلندي هئي. هئي ڪکائين، پر کٽولن ۽ کٿين سان سٿيل. آيو ويو پيو آجهاپ ڪندو ۽ جائو جوارو مانيءَ ٽڪر کائيندو. ڪامورو يا ڪو معزز مھمان آيو تہ اُن لاءِ ڪڪڙ ڪسجي ويندو، ۽ ڊڳڙين کي مکڻ سان جهِٻي، نين ڇٻين تي رکي، آڻي سندس اڳيان رکندا. ٺِڪر جي دکيءَ ۾ ڏُڌ يا لسي بہ ايندي، جنھن ۾ تازي مکڻ جو وڏو ٽيرو پڻ پيل هوندو. نيرن جي ويل هوندي تہ مکڻ سان گڏ ماکيءَ جو پيالو بہ گڏيو ايندو، رات جو چانور ۽ ماهيي کير جا دلا، معمولي ماڻھو آيو تہ جوئر جي مکيل ماني، لسيءَ جو وٽو، ۽ دال (يا چڻن يا مٽرن جي پليءَ) جو ڳنڌڻ. چلم هر وقت ۽ هر حال ۾ چالو رهندي.

سائينداد

سائينداد جيھو، ڏاڪڙائي جيھن جي وانڍ جو ويٺل، منھنجو هڪ ٻيو غريب يار هو، جو ٻڌان ٿو تہ اڃا تائين حيات آهي. پنجويھن ورهين کان منھنجو شيدائي ٿي رهيو. سندس زندگيءَ جا مقصد فقط ٻہ هوندا هئا: مون ساڻ ڪچھري ڪرڻ، ۽ منھنجي نالي ٿيل ڪڪڙ، دعوت ڪري، مون کي کارائڻ. بنھہ غريب هو. ڪنھن زماني تائين تہ ڪيئي ويلا ويھي گذارڻا پوندا هئس، مگر اُن نالي پيل ڪڪڙ کي پاليندو رهيو، ان آسري تي تہ ڪنھن نہ ڪنھن ڏينھن آءٌ سندس گهر ويندس ۽ ان ڪڪڙ مان طعام تيار ڪري مون کي کارائيندو. ورهيہ گذري ويا، ڪيئي ڪڪڙ ان وچ ۾ پنھنجي عمر طبعي پوري ڪندا اڳئين جھان ڏانھن هلندا رهيا، پر آءٌ سندس دعوت تي وڃي نہ سگهيس. هميشہ شڪايتون ڪندو رهيو: چي، “پير، غريب ڏسي، مون وٽ نٿو اچين، منھنجو ڪو خيال ڪونہ ٿو پوئي تہ گهٽ ۾ گهٽ ڪڪڙن تي تہ ڪو رحم ڪر! حلال شي آهن، مفت ۾ مردار ٿيندا مرندا پيا وڃن. ايڏي خدائي گناھہ جو بمبال ڪنھن جي ڳچيءَ تي پيو پوندو هوندو. ڪو شرع شريعت جو ويچار بہ تہ رکُ! ڀل پير هجين، پر ﷲ جي سرڪار ڏاڍي اٿئي. قيامت ڏينھن اهي ڪڪڙ توتي دانھين ٿي بيھندا - توکان وڏو پڇاڻو ٿيندو!“
تقريبا= پندرهن - ويھہ ورهيہ اهو حال رهيو. سائينداد هر وقت هڪ ڪڪڙ موجود رکندو آيو - ايستائين، جو اُن وانڍ بلڪ ساريءَ پسگردائيءَ اندر ان ڪڪڙ تي ”پيراڻي ڪڪڙ“ جي ال پئجي ويئي. مجال آهي جو ڪو ماڻھو ان ”پيراڻي ڪڪڙ“ جي حق ۾ ڪا گستاخي ڪري. ڪڏهن ڪنھن پاڙي واري جي ڪتي کان ڪڪڙ جي شان ۾ ڪا هيٺ - مٿانھين ٿي ويئي، تہ سائينداد لٺ هٿ ۾ کڻي وڃي ڪتي جي مالڪياڻيءَ تائين پھچندو. مخصوص ڳوٺاڻيءَ زبان ۾ خطاب ڪري چوندس:
”...تنھنجو ڪتو پيراڻي ڪڪڙ کي ڊوڙائيندو پيو وتي، ڪا خبر بہ پوي ٿي يا نہ؟ پنھنجا ٻئي جھان پئي ڪارا ڪرائين! ٻچي ٻار جو بہ تہ ڪو ويچار ڪر، نيٺ تہ پيراڻي شي آهي.“
مائي ويچاري ڊڄي ويندي:
”ادا ڙي سائينداد، ڪتو جانور آهي، منھنجو ڪھڙو ڏوھہ، مان تہ پيراڻي ڪڪڙ ڏانھن ڪڏهن آڱر بہ نہ کنئي آهي. سارو ڏينھن اسان جي گهر ۾ پيو چُڳي. اَن ٻُڪي سُڪائي بہ ساھہ نٿا ڪريون، هوڏانھن اَنُ سُڪڻو وڌوسون ۽ هيڏانھن اچي ٿو ڪڪڙ اَن ۾ پوي. دانگيءَ مان اڃا مس ٿا ماني ڪڍون تہ پٺيان ڦريو اچيو مانيءَ ۾ چهنبون هڻي. ڪالھہ جهڻ جي چاڏيءَ تي چڙهي، مٿانئس وٺيون لاهي هليو ويو. ماريو بي سناختو آهي. ادا سائينداد، تو بہ ڪھڙو ڪڪڙ پيراڻو ڪيو آهي.“
سائينداد:”وري ساڳي جهڳ؟ پيراڻيءَ شي لاءِ اهڙا شُکن ڪڍڻ پنھنجي پاڙ پٽائڻي آهي. پر توکي ايترو ٻڌائي ٿو ڇڏيان تہ پيراڻي ڪڪڙ سان ڪا هيٺ - مٿانھين ٿي، تہ پوءِ توهانجن سِرن ڏانھن خير ڪونہ هوندا: اها ڳالھہ ٻڌي هجيئي، متان تنھنجا مٽ مائٽ پيا پوءِ ميارون ڏين!“
اها هوندي هئي پوزيشن ڪُڪڙ جي!
ان وچ ۾ سکر براج جا واھہ چالو ٿي ويا. سينٽرل رائيس ڪئنال تہ بنھہ سائينداد واريءَ وانڍ جي ڪناري سان وهي هليو. فصل عام جام ٿيڻ لڳا. سائينداد جي حالت بہ گهڻو سڌري ويئي. مون کي اچي چيائين:
”پير، هاڻي تہ تو واري ڪڪڙ ڪينجهر ڪري ڇڏيا آهن، آءٌ سکيو ستابو ٿي ويو آهيان، گهر ۾ اَن جون ڪيئي گُنديون ڀريون پيئون آهن. چانور کائين، توڙي ڪڻڪ جا اڦراٽا، گيھہ مکڻ بہ جام آهن، چار سئائون مينھون بہ آهن. هاڻي تہ گهٽ ۾ گهٽ ڪنھن وير اچي پير گهمائي، خلق پيئي ٿي مِهڻا ڏئي!“
ان هوندي بہ، اتفاق ئي ڪونہ ٿي ٿيو جو آءٌ وڃي سائينداد جي دعوت وٺان. هڪ دفعي آءٌ موٽر تي چڙهيو رائيس ڪئنال جو ڪنارو ڏيو ٿي ويس، سائينداد واريءَ وانڍ جي ڀر ۾ موٽر خراب ٿي پيئي. ڏينھن تتل، نہ اوهي نہ واهي، لاچار سائينداد ڏانھن خبر موڪليم. پوءِ تہ مورڳو عيدون ٿي ويس. اها خبر ڪانہ رهيس تہ منھنجي موٽر خراب ٿي پيل هئي، سمجهايائين اهو تہ آءٌ خاص سندس دعوت وٺڻ لاءِ ڪھي آيو آهيان. کُٿي ڪونہ ٿي پُڳو. جيڪڏهن انساني رت حلال هجي ها، تہ انھن ڏينھن سائينداد، مکڻ عيوض پنھنجي رت سان طعام تيار ڪرائي ها.
انھن ڏينھن ۾ ڪم حاج پوندو هو تہ پاڙي وارن کي وانگار ڪئي ويندي هئي. ڪو بند ٻڌائڻو هوندو، ڪا ڀت کڻائڻي هوندي، ڪو جهنگ ڪڍائڻو پوندو، تہ راڄ وارن ڏانھن ڪوٺ ويندي هئي. مزوري ڪونہ وٺندا هئا، فقط منجهند ويلي چانور (مُستيءَ پيل) رڌي، کين کارايا ويندا هئا.
منھنجي وانگار جي سڌ سائينداد کي پوندي، تہ بنا سڏ جي هليو ايندو. پاڻ اچي ڏک ڏوراپا ڏيندو تہ مون ڏانھنس وانگار جي ڪوٺ ڇو ڪانہ موڪلي. ڪم ڪھڙو بہ ڏکيو هوندو، سائينداد چولو لاهي، پٺي اگهاڙي ڪري، هڪدم منجهس جنبي ويندو. آءٌ گهڻو ئي چوانس تہ ڪم ڇڏي اچي ويھي مون سان ڳالھيون ڪري، پر ڪونہ ٻڌندو. چوندو: ”هيءَ ويل ڪم جي آهي، ڇڏ تہ ڪم ڪري ڪجهہ دعا کٽي وٺان.“
چورن چڪارن ۽ مخالف مائٽن بنسبت عملدارن ڏانھن شڪايتن ڀريل درخواستن موڪلڻ جو گهڻو شوق هوندو هوس. لکيل پڙهيل ماڻھو هٿ ايندس تہ کانئس ڪانہ ڪا درخواست لکائي وٺندو. ان مقصد لاءِ خالي اڇا پنا هر وقت گهر ۾ موجود رکندو. درخواست مدئجيءَ مان وڃي ٽپال ۾ وجهندو، ۽ هميشہ ٽي آنا ڏيئي رجسٽر ڪرائيندو، رجسٽر جي رسيد پَٽڪي ۾ ٻڌيو پيو گهمائيندو، ۽ عام پڙها ڏيندو وتندو ته
”فلاڻي کي درکاش (درخواست) جي ٺوڪ ڏيئي آيو آهيان، درکاش بہ رجيٽڻ (رجسٽر) ٿي ويئي آهي، اجهي ٿا گهوڙا گهر تي اچنس.“
سندس اهڙيءَ ”هابيءَ“ ڪري پاڙي جا ماڻھو کانئس گهڻو ڊڄندا هئا - چوندا هئا:”سائينداد کان پاسو ڪجي، وڏو ڦشادي (فسادي) ماڻھو آهي.“
اڇا لَٽا نہ پائيندو هو، ڇو تہ انھن جي ميري ٿي وڃڻ جو امڪان نظر ايندو هوس. جوڙي يا بافتي مان ٺھيل گوڏ ۽ چولو پائيندو هو، سو بہ نيروٽيءَ کان رڱائي، گهڻو ڪري موڱي رنگ تي. چوندو هو:”نير ۾ رڱيل ڪپڙا ٿڌا ٿين ٿا.“ بشرط ضرورت شرعي. حجامت سال ۾ هڪ - اڌ دفعو.

سکيو

سُکئي مرحوم ڏانھن مٿي هڪ جاءِ تي اشارو ڪيو اٿم. جوانيءَ ۾ اچي مون ساڻ سنگت رکيائين. صورت ۾ مردانہ حسن جو اعليٰ نمونو هو، ۽ همت ۾ پڻ مڙسن جو مڙس. هڪ دفعي مون تي هٿياربند دشمنن حملو ڪيو. اسين جوئر جي پوک ۾ هئاسين. دشمن چئني طرف کان ڪڙو ڪري آيا. سکئي مون کان بندوق وٺي پنھنجي هٿ ۾ ڪئي، ۽ مون کي چيائين تہ ”تون پريان گاھہ جي دڙي ۾ وڃي لڪ، آءٌ توکان پري وڃي بندوق جو ٺڪاءُ ڪريان ٿو، دشمن سڀ اوڏانھن مارو ڪندا، آءٌ بہ کين بندوقون هڻندو رهندس، نيٺ مون کي تہ ماري وجهندا، پر ان گوڙ ۾ توکي ڪڙي مان نڪري ٻاهر ڀڄي وڃڻ جو وجهہ ملي ويندو.“
ٿيو بہ ائين، فرق صرف هيءُ ٿيو تہ سکئي جي حياتي بہ بچي ويئي. سندس ٺڪاءُ ٻڌي، دشمن جي دل دهلجي ويئي. هٿيار ڦٽا ڪري اچي سکئي وٽ پھتا. سکيو ڳالھين ۾ کين ريجهايو بيٺو رهيو، جيستائين آءٌ ميدان مان نڪري وڃي سلامتيءَ واريءَ جاءِ تي پھتس.
ڪيڏانھن سفر تي وڃڻ جو اتفاق ٿيندو هو تہ منھنجن ڪتابن جي ڀري سکئي کي مٿي تي کڻڻي پوندي هئي. ڪتابن کان سواءِ منھنجو ڪيڏانھن وڃڻ ناممڪن هوندو هو. مون لاءِ ڪتابن جو مطالعو کاڌي کان وڌيڪ اهميت رکندو هو. ٻيا ماڻھو سفر تي نڪرندا هئا تہ خوراڪ ۽ ڪپڙن جو انتظام ڪري هلندا هئا، آءٌ فقط ڪتاب کڻندو هوس. سفر وڏو هوندو، تہ ڪتابن جي ڳوڻ ڀرجي هلندي، جا سکئي مرحوم کي کڻڻي پوندي هئي. اها ڳالھہ کيس ڏاڍي ڏکي لڳندي هئي. چوندو هو، ”هيترا ڪتاب پڙهي، خبر نہ آهي تہ ڪڏهن وڃي غَذا ڪندين، ٻہ ڪتاب پڙهي ماڻھو مولوي بڻجي پون ٿا، تون تہ پٺارڪون پڙهي بہ اڃا ڀڙڪو ڪونہ پيو کائين.“
اڪيلائي هوندي تہ سنھي سر ۾ پيو ڪافيون جهونگاريندو. هڪ ڪافيءَ سان خاص چاھہ هوس:
”سسئي بيٺي سڏ ڪري، منھنجي پارت ڪجو تہ پنهل کي!“
هڪ دفعي آءٌ آڌيءَ رات ٻاهر اچڻو هوس، پاڻ سيھڙ ماري پچائي رکيائين. آءٌ واپس آيس تہ اُهو پڪل سيھڙ (سھو) آڻي منھنجي اڳيان رکيائين. آءٌ سارو سيھڙ کائي ويس، باقي فقط هڏا پليٽ تي پيا رهيا. مون کي اها خبر ئي ڪانہ هئي تہ ڪو سکيو پاڻ بہ بکيو ويٺو آهي، ان آسري تي تہ آءٌ سيھڙ جو ڪو ذرو بچائيندس جيڪو پاڻ کائيندو. سيھڙ جو منھنجي هٿان مڪمل خاتمو ٿيل ڏسي، هڪ حاضرين سکئي کي چيو:“سکيا فقير، تو تہ سيھڙ جي آسري ۾ ماني بہ ڪانہ کاڌي هئي، هينئر ڇا ڪندين؟“
جواب ڏنائينس:
”مون کي ڪٿان هو سيھڙ جو آسرو؟ اڳيان بہ پيراڻو پيٽ هو، جنھن ۾ سارو زمين زمن سمائجي سگهيو ٿي، سيھڙ جي ڪھڙي مجال هئي. پيرن اڳيان سارو اُٺ پچائي آڻي رکو، تہ بہ ذرو نہ ڇڏيندس پوئتي.“
ماڻھو پيرن کي کارائيندا فراخدليءَ سان هئا پر ساڳئي وقت اهو بہ پيا محسوس ڪندا هئا تہ سڳورن جي اشتھا ۽ شڪم جي وسعت عام ماڻھن کان گهڻو زياده واقع ٿي آهي.
سکئي مرحوم جي والده پڻ پنھنجي پٽ وانگر جان نثار ڪندڙ عورت هئي. سالن جا سال گهران کائي منھنجي ۽ منھنجن ٻارن جي خدمت ڪندي رهي. ﷲ تعاليٰ ٻنھي جي روح تي رحم فرمائي. اِهي اُهي انسان هئا، جي محبت ۽ وفا جو معاوضو طلب ڪونہ ڪندا هئا. سندن محبت محبت خاطر هوندي هئي، نہ ڪنھن لوڀ لالچ لاءِ.

ڀوت خروس

هڪ ٻيو ڳوٺاڻو ڪئريڪٽر بہ نگاھہ جو مستحق آهي.
ڀوت خروس جي وانڍ منھنجي ڳوٺ کان ميل - ڏيڍ پنڌ تي هوندي هئي. پنھنجي وانڍ تي سواءِ ذاتڀائي ٻروچن جي ٻئي کي ويھڻ ڪونہ ڏيندو هو. هونئن بہ اهو عام دستور هوندو هو ٻروچن جو. ٻيلن جي اندر يا ٻيلن جي وٽ سان وانڍيون ٺاهيندا. جيڪڏهن هڪ - اڌ ڇپر هوندن تہ اُن کي ”ڀاڻ“ سڏيندا. ٻيءَ ذات واري ماڻھوءَ کي پاڻ وٽ يا پنھنجي ويجهو هرگز گهر ٺاهڻ نہ ڏيندا. سندن ڌنڌو هوندو هو چوپايي مال، خاص طرح سان مينھن، جي ”ٻڌي ڇوڙي“. ان اصطلاح جي معنيٰ هئي - مال جي چوري، چورايل مال جي پرداخت، ۽ ڀُنگ (يعني رقم) وٺي چورايل مال ڀاڳئي (يعني مالڪ) کي موٽائي ڏيڻ. اصلي چورايل مال عيوض ٻيو مال ڏيندا تہ اُن کي ”ويڳو مال“ سڏيو ويندو. سنڌو درياھہ جي ٻنھي ڪنارن سان، ڪشمور کان وٺي ڪوٽڙيءَ تائين ان قسم جون ٻروچن جون دڻيون يا پاٿاريون پکڙيل هونديون هيون. اهي پاٿاريون چوري ٿيل مال جي پاڻ ۾ ڏي - وٺ ڪنديون رهنديون هيون. پنجاھہ يا سؤ ميل پري وڃي مال چورائيندا. اُن مال کي رات جو درياھہ ۾ وجهي، پاڻ سيڻاهن تي چڙهي، ان کي تاريندا، آڻي پنھنجي پاٿاريءَ يا ڀاڻ وٽان ٻاهر ڪڍندا. ٿڌيءَ ڪوسيءَ جي ڪا پرواھہ ڪانہ هوندي. سياري جي ڄمندڙ پاري وارين راتين اندر بہ پيا درياھہ ۾ ترندا. جيڪڏهن بنھہ ٿڌ محسوس ٿيندين تہ ڄانڀي جو تيل جسم تي مکي ڇڏيندا. نہ وري مانيءَ جي ئي گهڻي طلب هوندين - وڌ ۾ وڌ، تہ بہ جوئر جي مانيءَ جا ٽُڪر ۽ مُستيءَ جي مُٺ بوڇڻ ۾ ٻڌي، مٿي سان مولھو ڪري، لڙهندا هلندا. جت بہ بک ورائيندين تہ اهي ٽڪر ڇوڙي چٻي ڇڏيندا. رات جيئن اونداهي، تيئن پيو کين مزو ايندو. چانڊوڪين راتين کي پنھنجي ڌنڌي لاءِ سخت مضر سمجهندا. ٻروچن جون ڪيتريون ذاتيون محض ڪم ئي اهو ڪنديون هيون. مثلا= خروس، تڙت، شر، جتوئي، کوسا، چانڊيا، بنگلاڻي ۽ بڙدين جا مختلف پاڙا. ٻروچن جي چوراڪاريءَ جي ڌنڌي اندر اهي ڪامرانيون ڏسي، ڪيترين غير ٻروچ ذاتين بہ اهو ڪاروبار شروع ڪري ڏنو هو - مثلا= ناريجا، ڪلھوڙا، جوڻيجا، ابڙا، وغيرہ.
ڀوت خروس، پنھنجي ڪٽنب اندر، ”مھانڊو مڙس“ ليکيو ويندو هو. مون کيس سندس پڇاڙيءَ واري زماني ۾ ڏٺو. اَسي کن ورهين جي ڄمار کي پھچي چڪو هو. سنھو، قداور، ڏاڙهي دُن کان بہ هيٺ پوندي هيس. اکيون هميشہ ڳاڙهيون هونديون هيس. چوندا هئا تہ ڀنگ ڪثرت سان پيئندو هو. گهوڙي جي سواري ڪندو هو. ٻروچن جي دستور موجب، ڪپڙا فقط سفيد پھريندو هو، نہ رنگين، نہ کومان. سندس ضد ۽ سختدليءَ جون ڪھاڻيون ڏاڍيون مشھور هونديون هيون. چوندا هئا تہ جنھن جو دشمن ٿيو، ان جو سر وڃائي ڇڏيائين. پنھنجيءَ قوم جي ڪيترين عورتن کي جن تي سياهڪاري جو شبھو هوس، بيھي خون ڪرايائين. ڪنھن زميندار مٿس بدمعاشيءَ جو بيان ڏيئي کيس تڪليف هيٺ آندو، تہ ساري ڄمار ان جو سڄڻ نہ ٿيندو، بلڪ اوچتو منھن پئجي ويندس تہ پنھنجي منھن کي پڳ جي پلاند سان ڍڪي ڇڏيندو ۽ ڏند ڀڪوڙي چوندو رهندو: ”ويري آهي ويري، ڪارو ڪارو، ٻوٽيون کاوانس، رت پيئانس، هڏا چٻيانس.“
ڀوت کي ماڻھو سچو مھانڊو سمجهندا هئا، ڇو تہ هو انھن سمورين روايتن کي قائم رکيو آيو، جيڪي مھانڊن ٻروچن سان وابستہ هونديون هيون. اهو واقعو آهي تہ چورن ۾ بہ اخلاق Honour ٿئي ٿو، جنھن کي هو ڪنھن بہ قيمت تي هٿان نٿا ڇڏين. مثلا=، سنڌ جي مھانڊن ڪاٽڪن، يا چورن جا ”رول ريگيوليشن“ ملاحظو فرمايو:
1. چوريءَ جي حالت ۾، ڀاڳيو قرآن شريف کڻي وٽن لنگهي آيو، تہ هڪدم چوريءَ جو اقرار ڪري ڏيندا. قرآن شريف ڏسي ڪوڙ نہ هڻندا.
2. آيل قرآن شريف تي رنگين ڪپڙي جو پڙ يا غلاف چاڙهي پوءِ واپس ڪندا - گهڻو ڪري مصري، کنڊ، يا پتاشا بہ ورهائيندا.
3. هلندي جهيڙي اندر ڪنھن شخص آڻي قرآن شريف وچ ۾ جهليو، تہ جهيڙو هڪدم ختم ڪيو ويندو، ۽ غير مشروط طرح.
4. ميڙ طور، سيد پير در پيھي آيو، تہ ان جي عزت بہ قرآن شريف جھڙي ئي ڪندا. اُن جو چيو نہ موٽائيندا. کيس نذر نياز پڻ ڏيئي روانو ڪندا.
5. ان جُوءِ جي سيد يا فقير جي شي کي هرگز هٿ نہ لاهيندا.
6. ڌاريءَ عورت ڏانھن اکيون کڻي نہ ڏسندا - ڳالھائڻو پوندن، تہ بہ ”ادي – امان“ ڪري، ۽ وڏيءَ عزت سان.
7. گهڻو ڪري پاڙي مان چوري نہ ڪندا - بلڪ پاڙيوارن جي مدد ۽ حفاظت ڪندا رهندا.
8. ڪنھن تي چغلي هڻندا. ڪا گهٽ - وڌ ڳالھہ ڏسندا تہ سنگتي ساٿيءَ، پاڙي واري يا واقف تان ”پن نہ کڻندا“.
9. ڪا عورت بدپيشي ٿي تہ اُن کي ”ڪاري“ ڪندا (يعني ”ڪاري“ ڊڪلئر ڪندا)، ۽ اُن کي ۽ اُن جي يار کي خون ڪري ڇڏيندا، ۽ پوءِ اچي پاڻ پوليس کي اطلاع ڏيندا.
10. ڪا ڪاري عورت يا ڪارو مرد ڪنھن ٻئي شخص جي هٿان قتل ٿيو، تہ ان جي خلاف چغلي نہ هڻندا، نہ ان جي ابتڙ شاهدي ئي ڏيندا، پوءِ ڪري مقتوله يا مقتول سان ويجھڙي کان ويجھڙي مائٽي ئي ڇو نہ هوندين.
11. ڪو چور سنگتي ڪنھن مقدمي ۾ ڦاسي پين، تہ ان جي مدد ڪندا. کيس خرچ لاءِ پئسا ڏيندا، سندس لاءِ وڪيل ڪندا، ڪيس جي شنوائي ٿيندي تہ ان تي وڃي موجود ٿيندا، ملزم حوالات ۾ هوندو تہ پوليس وارن کي پئسا ڏيئي ساڻس ملاقات ڪندا. گهڻو ڪري ٻيڙيون ۽ ميوو بہ کيس ڏيندا. مسڪيني حال هوندن، تہ بہ گهران مکڻ ۾ اُڦراٽو پچائي، بوڇڻ ۾ ٻڌي، کڻي ويندا، ۽ ملاقات وقت کسڪائي کيس ڏيئي ڇڏيندا. ڏنڊ پوندس تہ چندو ڪري ڏيندس، ڇٽي ايندو، تہ ”مبارڪيءَ“ جا رپيا ڏيندس.
12. پنھنجي قومي سردار (جنھن کي ”لٺ سردار“ بہ چوندا) جا فرمانبردار ٿي رهندا. سندس کٽ تي هٿ رکي، جا ڳالھہ ڪندا، سا ڪوڙ کان خالي هوندي. سردار جيڪو فيصلو ڪندو، ان جي تعميل ڪندا. چندو گهرندن، يا ڏنڊ طور چَٽِي رکندن، تہ ڀري ڏيندا. سردار سان ڪنھن جو جهيڙو يا مقابلو ٿي پيو، تہ سندس ڪوٺ تي سِرُ تريءَ تي کڻي وڃي وٽس موجود ٿيندا.
13. پنھنجي پڳ ۽ ڏاڙهيءَ جي عزت ۽ حفاظت پنھنجي سِر کان وڌيڪ ڪندا. ڏاڙهي ڏيئي واعدو ڪيائون تہ ان کي ضرور پاڙيندا. ڪنھن پڳ يا ڏاڙهيءَ ۾ هٿ وڌن تہ ان جو سِر وڍي ڇڏيندا.
14. ڪنھن ماڻھوءَ پنھنجي عورت (جنھن کي ”ننگ“ سڏيندا) آڻي سندن گهر ۾ ڇڏي، تہ ان کي ”سام“ سمجهندا ۽ ان جي حفاظت پنھنجيءَ جان سان ڪندا. مري ويندا، پر اها عورت ڪڍي ٻئي کي نہ ڏيندا - چوندا، ”سامن تي سِر آهن!“
15. هڪٻئي جي گهر ڏانھن نہ تڪيندا. گهوڙي تي چڙهيل هوندا تہ گهر کان پري گهوڙي تان لھي پوندا.
16. انتقام ۽ بدلي نہ وٺڻ کي سخت نامردي تصور ڪندا، خون جو عوض ضرور خون سان ئي ٿيندو. پيءُ انتقام وٺي نہ سگهيو، تہ پٽ، پوٽو، بلڪ پوٽي جو پوٽو بہ انتقام وٺڻ جي ڪوشش ڪندو ايندو.
17. جنھن سان دشمني ٿيندي، ان جي گهر جي ماني نہ کائيندا. ”نمڪ کائي“ وڙهڻ ڪمينن جو ڪم سمجهندا.
18. هر مھيني جي يارهين تاريخ، ميھاڳ مان ايندڙ سارو کير حضرت
غوث الاعظم شيخ عبدالقادر گيلانيءَ جي نيت ورهائي ڇڏيندا.
19. آئي وئي، مسافر مَڙي کي کُليءَ دل سان پيا ماني ٽڪر کارائيندا. پاڻ بک تي بہ ويھي رهندا، پر مھمان کي بکيو وڃڻ هرگز نہ ڏيندا.
20. پنھنجي پاڙي مان هڪ شخص کي پنھنجو ”مھانڊو“ مقرر ڪندا، جنھن جي اڳيان نہ ڪوڙ ڳالھائيندا، نہ ان جي راءِ کي ئي ريٽيندا.
ڀوت انھن اصولن جي ساري عمر پوئواري ڪئي، جنھنڪري سندس عزت قائم رهي.

ليلومل

عام چوڻي هوندي هئي تہ ”واڻيو ڳوٺ جي سونھن آهي“. جنھن ڳوٺ ۾ واڻئي جو هٽ نہ هوندو، ان ڳوٺ کي نہ مڪمل سمجهيو ويندو، نہ ان جي رهاڪن کي سکيو ستابو. ”واڻئي“ جي معنيٰ هوندي هئي ٻھراڙيءَ جو هندو ننڍو دڪاندار.
ڳوٺ جي ”واڻئي“ سان ڏاڍائي ڪرڻ يا ان کي نقصان پھچائڻ يا ان جي مذهبي ضرورتن ۽ روايتن جو لحاظ نہ رکڻ، نامردي ۽ خسيسپڻو سمجهيو ويندو هو.
ساڳئي وقت ”واڻيا“ بہ ڪن خاص حدن اندر پيا رهندا هئا. سندن ڪم ڪم سان، يعني پنھنجي واپار سان هوندو هو، ٻين معاملن ۾ مداخلت ڪانہ ڪندا هئا. هميشہ هيٺانھين وٺيو پيا هلندا. پاڻ کي ”ڪچيءَ پنڊيءَ“ سان مشابھت ڏيندا. معزز مسلمان کي ڏسندا تہ نوڙي سلام ڪندا. گڏھہ يا گهوڙي تي چڙهيل هوندا تہ هيٺ لھي، رستو ڇڏي بيھي رهندا. قرآن مجيد جي اهڙي ئي عزت ڪندا، جھڙي گيتا جي. قرآن مجيد ڏسي، ڪڏهن ڪوڙ ڪونہ ڳالھائيندا. مسجدن ۾ راتين جو ڏيئا ٻاري رکندا. پير سيد کي پيرين پئي گڏبا. مھيني جي يارهين، جنھن تاريخ کي حضرت غوث الاعظم سان نسبت آهي، مسلمانن کان بہ وڌيڪ ملھائيندا: اولھہ ڏانھن نہ پيرُ ڊگهو ڪندا ۽ نہ ان پاسي کٽ جا پير ئي ڪندا. سوئر جي گوشت کي مسلمانن وانگر حرام سمجهندا.(1) سارو سال مسلمانن کي اوڌر کڻائيندا رهندا، ۽ سال جي پڇاڙيءَ ۾ جڏهن ديرو بٽائي ٿيندو، تڏهن ئي پنھنجي رقم وصول ڪندا. سندن لباس بہ سندن روش جھڙو ئي سادو هو. مردن کي پير ۾ جوتو يا گهيتلو، هيٺتي ڌوتي، جسم تي لنڊو چولو، چولي اندر جڻئي جو ڌاڳو، مٿي تي معمولي ڀرت سان ڪپڙي جي ننڍي ٽوپي يا مختصر پڳڙي. زالون هيٺتي پڙو، جسم تي ڀريل ڳچيءَ سان چولِي، ۽ مٿي تي اڇو رئو پائينديون. سواءِ پنھنجي اولاد يا پنھنجن ننڍن جي، ٻين سڀني مردن جي اڳيان منھن ڍڪي هلنديون، حتاڪ گهر ۾ پنھنجن مڙسن اڳيان بہ گهُنڊ ڪڍنديون. جوان زالون گهرن اندر پردي جي حالت ۾ رهنديون، سواءِ ڏِڻ وارَ يا شاديءَ غميءَ جي، ڳوٺ جي وڏيري جي گهر ۾ بہ نہ اينديون. منجهانئن غير شادي شدہ نڪ ۾ پاسي ڏانھن ننڍي بولي پائينديون. شادي شدہ سڌو بولو پائينديون، جيڪو مٿئين چپ جي مٿان لڙڪندو رهندو. ڪنن ۾ حيثيت آهر چانديءَ يا سون جا پنڙا.
مسلمان ڳوٺاڻن جي مقابلي ۾، هندن کي پنھنجن گهرن ۽ دڪانن يا هٽن کي صاف رکڻ جو وڌيڪ اونو هوندو هو. هفتي ۾ هڪ - اڌ دفعو ساري فرش تي نئون ليپو پائيندا. ڏياريءَ جو ڏڻ ايندو تہ ڀتين کي چوني جو هٿ ڏيندا ۽ انھيءَ تي ڳاڙهي رنگ سان پنھنجن ديوتائن جون مورتون ڪڍندا، وهنجندا هر روز، منجهند کان اڳ، جسم تي صابڻ جي جاءِ تي ميٽ مکيندا. سيارو هوندو تہ وهنجڻ کان اڳ بدن تي سرنھن يا ڄانڀي جي تيل جي مالش ڪندا. غسل گهر کان ٻاهر رستي تي ڪندا. پاڻي مٿي تي پرٽائيندا. ”رام رام“ چوندا ۽ هلندا رهندا، جيئن غسل جو پاڻي هڪ جاءِ تي جمع ٿي، گپ نہ ڪري وجهي. ڳوٺ جي ڀر ۾ واھہ هوندو يا ڪا ڍنڍ يا ڍورو يا کڏ، تہ علي الصباح وڃي ان ۾ پوندا. حساب ڪتاب ڪاٺ يا پاٺي جي ڦرهين تي لکندا، ”هندو سنڌي“ اکرن ۾. ”عربي سنڌي“ اکر کين گهڻو ڪري ڪين ايندا هئا، پر منجهانئن جن اسڪولن ۾ پڙهيو هوندو، سي بہ پنھنجو حساب لازماً ”هندو سنڌي“ رسم الخط ۾ ئي لکندا. چٺي چپاٽي پڻ هڪٻئي ڏانھن ”هندو سنڌي“ ۾ لکندا. اڄ تائين ڪنھن شايد اها تحقيق ڪانہ ڪئي تہ اها مخصوص ”هندو سنڌي“ ڪڏهن کان شروع ٿي. ڪنھن ڳوٺ اندر هندن جا ٻہ - چار گهر هوندا تہ اُت مڙهي بہ ٺاهيندا، جنھن ۾ ديوتائن جون مورتون رکيل هونديون ۽ اُت پاٺ پوڄا لاءِ وقتا= فوقتا= ويندا رهندا. سُکائون ۽ باسون گهڻو ڪري مسلمان درگاهن ۽ پِيرن تي ئي باسيندا. ڪنھن مسلمان پير جي درگاھہ يا مزار تي ميلو لڳندو، تہ هندو بہ ان ۾ انتھائي خلوص نيت سان وڃي شريڪ ٿيندا. چوندا هئا: ”ﷲ جي پيارن، چڱن موچارن ۾ سڀني جو حصو ٿئي ٿو. پِير ڪنھن ورهائيا ڪين آهن!“
ان عام تصوير کي سامھون آڻڻ کان پوءِ، ليلي مل جو قصو عرض آهي.
سرڳواسي اسان جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. مون کيس سندس پڇاڙيءَ واري زماني ۾ ڏٺو، جڏهن پوڙهو ٿي چڪو هو. کيس جوان پٽ بہ هوندا هئا، پر هٽ جو ڪاروبار پڇاڙيءَ تائين پاڻ هلائيندو رهيو. ڪاروبار تمام مختصر هوس، ساري هَٽ اندر شايد ڏهن رپين جي موڙيءَ جو سامان بہ ڪونہ رکي سگهندو هو. هٽ ۾ هوندو ڇا هوس؟ تيل جو سير - اڌ، گاسليٽ جو شيشو، چانورن، ڪڻڪ، جوئر ۽ ٻاجهريءَ جا ٻہ - ٻہ سير، لوڻ، مرچ، ڌاڻا، گيھہ جو سير - سوا، ناس، تماڪ، ماچيس، سُتيون، سٽ جا ڌاڳا، لالٽين ڇاپ سگريٽن جا ٻہ - ٽي پاڪيٽ (ان قسم جي سگريٽن جو هڪ پاڪيٽ انھن ڏينھن ۾ هڪ پئسي ۾ ملندو هو)، مٿي يا ڏاڙهيءَ ۾ وجهڻ لاءِ مينديءَ جي پنن جا ٻہ - ٽي ٻڪ، ۽ مڪتب جي شاگردن ۽ استادن جي دفتري ضرورتن پوري ڪرڻ لاءِ فلوسي پنن جو هڪ دستو موجود رکندو هو، ۽ هڪ پئسي ۾ هڪ پنو پيو وڪڻندو هو. ان کان سواءِ ٻارن جي واپرائڻ لاءِ ڪجهہ ٻيون ”شيون شڪليون“ بہ موجود رکندو هو: مثلا= مٺائي، ڀڳڙا، جوئر جا ڦُلا وغيرہ وغيرہ.
ليلي مل جي هڪ ڪمزوري سندس هَٽ جي سمورن گراهڪن کي معلوم ٿي ويل هئي. هو ﷲ تعاليٰ جي نالي ٻڌڻ سان ڏڪي ويندو هو. گراهڪ کانئس پھرين سودو تورائي پنھنجي هٿ ڪندا، ان کان پوءِ چوندس ”ليلا مل، سودو تہ ڏنئه، پر خبر نہ آهي تہ اگهہ ڪھڙو ڏنئه، ۽ تور ڪيئن بيھاريئه، ڌڻيءَ کان ڊڄجانءِ!“ ڌڻيءَ جو نالو ٻڌڻ ۽ ليلي مل جو ڪنبڻ. ڊوڙي وڃي ساڳيءَ شيءِ مان وڌيڪ ٻہ ٻُڪ ڀري آڻي گراهڪ جي جهوليءَ ۾ وجهندو! اسان ليلي مل جي هٽ جي پاسي ۾ مڪتب ۾ پڙهندا هئاسون. مڪتب مسجد شريف ۾ هوندو هو. خرچيءَ طور روزانو ٻہ پئسا ملندا هئا، اهي کڻي وڃي ليلي مل وٽ رسندا هئاسين. شي وٺڻ کان پوءِ چوندا هئاسونس:”ليلامل، ڪجهہ ڌڻيءَ جو بہ خوف ڪر، ٽڪي ۾ ڇا ڏنو اٿئي؟“ جيتري شي ٽڪي ۾ پھرين ڏني هوندائين، ان کان سوائي هينئر آڻي اسان کي ڏيندو. اسين پنھنجي ڪاميابيءَ تي کلندا، شي کائيندا، موٽي اچي مڪتب ۾ رسنداسين. ان خصوصيت سبب ليلومل نفعو گهٽ ڪمائي سگهيو، ۽ هٽ جي آمدنيءَ مان سندس گهر ٻار جو پلجڻ مشڪل ٿي پيو. پڇاڙيءَ ۾ تيل پيڙهڻ جو گهاڻو بہ چالو ڪيائين، جنھن مان ڪجهہ قدر ڪمي پوري ٿيندي رهيس. گهاڻي جي ڏاند سان گڏ کيس هلندو ڏسي، ماڻھو ٽوڪون ڪندا هئس: ”ليلا مل، هاڻي گهاڻي ۾ پيو ڏاند وانگر وهين؟“
وراڻي ڏيند هو:“ميان، يار پيو ٿو گهاڻي سان گهمائي. جا وڻيس سا واه! اهو بہ شڪر آهي، جو گهاڻي جي ٻاهران پيو گهمائي، جي خود گهاڻي اندر وجهي پيڙهائي ها تہ کيس ڪير چوي ها؟“ ائين چوندو، ڏاند جي پٺيان هلندو رهندو.
ڏياريءَ واري عيد ايندي، تہ ليلي مل لاءِ قيامت کڙي ٿي ويندي، شھر جا سمورا ٻار خالي ٺڪر جا ڏِيئا کڻي وڃي سندس هٽ تي جمع ٿيندا: ”ليلا مل ڪڪڙا ڏي، تيل ڏي، ڦٽاڪا ڏي، سوسڙيون ڏي“. “ليلي مل، حتي الوسع اهي وَٿون منجهن ورهائيندو ويندو. جڏهن سامان هٽ مان کُٽي ويندس، تڏهن ڇوڪرا مشعلون ٻاري هلندا، پر هلندي هلندي، سندس احسان جو بدلو هي ڏيندا ويندا، چي:
”عيد مشعالو، ليلي جو منھن ڪارو!“
ليلومل پاڻ کلندو رهندو، چوندو:”ڇوڪراڻي پوتِي، ڌوتِي نہ ڌوتِي!“
سندس وڏي پٽ، هڪ ڏينھن، کيڏندي کيڏندي، شھر جي هڪ گابي کي ماري وڌو. وڏو پاپ جھڙو ڪم ٿي پيو! ڇوڪري کي کڻي وڃي ٽڪاڻي ۾ ڇڏي آيو، جتي ساري عمر بطور ساڌوءَ جي گذارڻي پيس، ۽ وڌندي وڌندي وڃي پير ڳوٺ جي مرڪزي ٽڪاڻي جو مکيہ ٻائو بڻيو. ليلي مل پاڻ پٽ جي ان پوزيشن مان بہ ڪڏهن فائدو ڪونہ ورتو. چوندو هو، ”ساڌن فقيرن کي ڏبو آهي، کانئن وٺبو نہ آهي“.
قرض کڻائيندو هو تہ ڪاٺ جي ڦرهين تي حساب لکندو ويندو هو. هڪ دفعي ڪي مقروض چور سندس سموريون ڦرهيون کڻي ويا. پاڙي وارا همدردي ڪرڻ آيس. پاڻ چيائين:”چڱو ٿيو، پنھنجي بہ جان ڇڏايائون ۽ اسان جي به! کين چنتا هوندي هئي قرض ڏيڻ جي، ۽ اسان کي چنتا رهي ٿي رقم وٺڻ جي: هاڻي حساب جون ڦرهيون ويون تہ اهي چنتائون بہ لھي ويون، ڀل سندن ئي ڀت گهاٽو هجي!“
ليلي مل جي ڌرم پتني، مائي ”موٽوءَ ماءُ“، پڻ پنھنجي مڙس جھڙي ئي نيڪ نفس هوندي هئي. سندس ڪم هوندو هو صبح جو رستن تي ٻھاري ڏيڻ، جيئن ماڻھن کي پيرن ۾ ڪنڊا نہ لڳن، ۽ رات جو بلاناغي ڀر واريءَ مسجد شريف ۾ ڏيئو ٻارڻ. ۽ شب معراج ايندي تہ سڄيءَ مسجد ۾ ڏيئا ٻاري چراغان ڪندي. قرآن مجيد تي اچي باسون باسيندي، حاجت پوري ٿينديس تہ حال سارو ڪپڙن جي پوتي کڻي آڻي قرآن مجيد کي پھرائيندي.
شھر ۾ ڪنھن کي ماتا نڪرندي تہ لولِي ڏيڻ لاءِ ”موٽوءَ ماءُ“ اچي موجود ٿيندي. ڌوتل اڇا ڪپڙا پائي ايندي. مريض کي صاف بستري تي سمھاريندي. فرش تي واري وڇارائي، مٿانئس پاڻيءَ جي ڇڻڪار ڪرائيندي. گهر اندر گوشت جو اچڻ ۽ پچڻ بند ڪندي. پکو هٿ ۾ ڪري، پاڻ مريض جي ڀر ۾ ويھي لولِي ڏيڻ شروع ڪندي:
”مائي ڏاڻ ڏيندي، پنھنجو پاڻ ڏيندي...
مائي پنھنجي گُلڙن کي پاڻي پاڻ ڏيندي.“
مٺي سُر سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ اها لولي بہ هلندي رهندي ۽ پکو بہ ڦرندو رهندو. ماتا جا داغ سُڪي ويندا تہ ليمي يا نم جا پن پاڻيءَ ۾ وجهي، ان پاڻيءَ سان مريض کي غسل ڪرائيندي. ان غسل کي ”مٿي تي پاڻي وجهڻ“ چوندي هئي. غرض تہ ساري ڳوٺ جي ماڻھن سان موٽوءَ ماءُ پئي ڀال ڀلائيندي هئي.
عام عقيدي موجب، بهشت برين مخصوص تہ آهي مسلمانن لاءِ، پر آءٌ سمجهان ٿو تہ ان جي ايڏين وسعتن اندر، ڪنھن ڪنڊ پاسي ڏانھن، جيڪڏهن اهڙي ڪنھن غير مسلم جوڙي لاءِ بہ ڪا گنجائش نڪري آئي، تہ رب العالمين جي شان کان بعيد نہ هوندو!

پريو مرهيات

انگريزن آئي، سنڌ مان ٻانھن جو رواج تہ ختم ٿي چڪو هو، پر جن شخصن هڪ لڱا ”ٻانھپ جي ٻولي“ ڪري ڇڏي هئي، تن جا پويان بہ پشت بپشت، ان ٻوليءَ اندر ٻڌا رهيا - تَڙيونِ، تڙ نہ مَٽيندا، ڌِڪيونِ، در نہ ڇڏيندا: جت جنم ورتائون، اتانھون ئي ”اڻ ڏٺي ڏيھہ“ روانا ٿي ويا. نہ ڄمندي لولي ٻڌي هئائون، نہ کٽ کڄندي ئي پارن جا پرلاءَ نصيب ٿين! پر نمڪ جا ناتا، بدرجہ اُلا، نباهيندا ويا.
پريي جو پيءُ ساٿي ڏڦير، اسان جي ڏاڏي مرحوم کي بطور ٻانھي جي ورثي ۾ مليو هو. ساٿي مري ويو، پنھنجو پٽ پريو، ڇڏي ويو هو. پريي جو فرض ٿيو چوڪيداري، ۽ سندس ٺڪاڻو هو، ڪوٽ جي دروازي ٻاهران، ڪکائين جهوپڙي. ان جهوپڙي اندر جِيئو، ان جهوپڙيءَ ۾ ئي مئو - وچ ۾ سٺ سال گذاري ڇڏيائين. ريل ۾ بہ مشڪل سان ٻہ يا ٽي دفعا چڙهيو. اوائلي زماني ۾ ڪنھن هڪ دفعي ڏاڏي مرحوم سان گڏ بمبئي ۽ پوني جو سفر ڪري چڪو هو، ۽ پوءِ تہ ساري عمر اتانھون جا قصا پئي بيان ڪيائين. بمبئيءَ کي ”مبئي“ سڏيندو هو، ۽ ”مبئيءَ“ جي ڪسوٽيءَ تي ئي پيو هر واقعي، هر معاملي کي تڪيندو توريندو هو. ”اڄ تہ پوني جھڙا ٿڌڪار ٿي ويا آهن“، ”اهڙي ڳالھہ تہ مبئي ۾ بہ ڪانہ ٻڌيسين“، ”مائي حرمت بہ ائين پئي ٽِليءَ جو ڄڻ مبئيءَ جي ڪراڦٽ (ڪرافورڊ) مارڪيٽ جو سير پئي ڪري“، ”مائيءَ نازيءَ اڄ اهڙو سينگار ڪيو آهي، جو ڄڻ هاڻي ٿي مبئيءَ رواني ٿئي“، ”رمضان ٻٻر اهڙو ڀڀ وڌو آهي جو ڄڻ مبئيءَ جو ميمڻ پيو لڳي“، وغيرہ، وغيرہ.
ساري عمر شادي ڪانہ ڪيائين، طبيعت جو تيز هوندو هو، تنھنڪري ذات ضائفان پئي سندس پاڇي کان ٽھندي هئي. البت مزاج ضرور مجاز آگين هوس، جنھن جو اسين ڪافي فائدو وٺندا ٿي رهياسين. پريي جي هٿ ۾ اسان جي قسمت جون واڳون هونديون هيون، اسان جي خرچيءَ جي رقم سندس حوالي هوندي هئي، ۽ اهو سندس اختيار هو تہ اسان کي روزانو، ٽڪو يا آنو، خرچي ڏئي يا مورڳو نہ ڏئي. سندس ٻيو نمبر پاور اهو هو تہ مڪتب جي وقت پوري ٿيڻ بعد اسان کي ڪوٽ اندر موڪلي ڏئي يا ٻاهر گهمڻ ڦرڻ ۽ راند ڪرڻ جي مھلت ڏئي. تنھنڪري، پريي کي راضي رکڻ اسان لاءِ سخت ضروري هو. پر، پريو راضي ڪيئن ٿئي؟
هڪ ڏينھن ڏٺوسين تہ مائي ڪؤڙي شيخياڻي دلا ڀرڻ کوهيءَ تي آئي، ۽ پريان پريو، بنڊ تي چڙهيو، ڏانھنس مُنھن ڪريو پيو مڇون مروٽي. ٻہ - چار ڏينھن وڌيڪ نظر رکيسين، جنھن بعد يقين ٿي ويو تہ جنھن وقت ڪؤڙي کوهيءَ تي اچي ٿي، ان وقت پريو بہ بلاناغي مڇون مروٽيندي اچي ٿو موقعي واردات تي موجود ٿئي.
پريي جي اها ڪمزوري معلوم ٿي ويئي، ۽ هينئر ان بنياد تي مستقبل جي ساريءَ پاليسيءَ جي پيڙھہ رکي ڇڏيسين. مثلا=، ڪوڙيءَ جا ڪوڙا سلام آڻي کيس ڏيڻ، ڪؤڙيءَ کي ڪنھن پاسي ويندو ڏسي، ڊوڙي اچي اها ڳالھہ سندس ڪن تي وجهڻ، ”کاڪوءَ کُٿابيءَ“ جي آندل خبر تہ جنھن وقت پريو هٽ تي اچي ٿ و، ان وقت ڪؤڙي کيس ڏسڻ لاءِ لڪيو اچيو پنھنجي پُئيءَ ۾ بيھي ٿي، وغيرہ، وغيرہ ۽ جڏهن انھن خبرن جي قلعي کلڻ جو خطرو پيدا ٿيو، تڏهن کيس نئين ۽ وڌيڪ زوردار ڊوز ڏيڻ جي ضرورت محسوس ٿي. کيس چيوسين تہ ”صالح چاچڙ خبر ٻڌائي آهي تہ مَنگين جو مُلان اهڙا تعويذ لکي ٿو جو مطلوب مھري انڌي اونڌي ٿيو اچيو ڇيڪوءَ اڳيان ڪِري!“ تصديق لاءِ خود صالح پيش ڪيو ويو. صالح تي اهو بار رکيو ويو تہ پريي ۽ ڪؤڙيءَ واري معاملي لاءِ ملان کان تعويذ لکائي اچي. ڪجهہ ڏينھن بعد صالح اچي قصو ڪيو تہ ”ملان چوي ٿو تہ تعويذ سان گڏ پليدا يا پليتا بہ تيار ٿيندا، جن جي سڙڻ شرط مھريءَ جي پيرن کي اهڙي باھہ لڳندي جو جيستائين ڇيڪوءَ سان نہ ملندي، اوستائين اها باھہ نہ اُجهامندس. پر پليدن تيار ڪرڻ لاءِ هنن شين جي ضرورت آهي: وڏي چٻري جا ڪن، سِرڻ جون اکيون، سوندي جي چُهنب، ڪانءَ جي ڄڀ، بگهڙ جي کل، گدڙ جون مڇون، ۽ خود مطلوب مھريءَ جا ٻہ - چار وار.“
ان ”تعميري پلان“ جي تڪميل جو فرض مون خاص پنھنجن ڪمزور ڪلھن تي هموار ڪيو. خود پريي کان فقط ايتري مدد گهري ويئي تہ:
1. اسان جي روزاني خرچيءَ واريءَ رقم ۾ مناسب اضافو ٿئي، جيئن ان پلان جي ”فنانشل سائيڊ“ کڄي سگهي.
2. ڪوٽ کان ٻاهر رهڻ، ۽ جهنگن جهرن ۾ گهمي ڦري انھن اڻلڀ پکين ۽ جانورن کي هٿ ڪرڻ لاءِ سھوليت فراهم ٿئي.
3. 28 بور واريءَ بندوق جا ڪارتوس ڪافي انداز ۾ ملن، جيئن اهي جانور ماري سگهجن.
پريي سڀ سھولتون ڏيڻ قبول ڪيون: خرچي ٽَڪي مان وڌي ٻہ آنا روز ٿي، ٻاهر گهمڻ ڦرڻ تان بندش لھي ويئي، جنھنڪري خوب شئل شڪار جا موقعا ملي ويا، ۽ ساڳيءَ طرح ڪارتوسن جي ڪمي پڻ ڪانہ رهي، ڇو تہ بنگلي جون ڪنجيون پريي جي حوالي هونديون هيون.
ان مھم هلندي، پريي هڪ ٻي ڊيوٽي پڻ منھنجي سپرد ڪئي: اُها هيءَ هئي تہ منجهند ويل جڏهن گهر جا سڀ ڀاتي سمھي پون، تڏهن آءٌ کسڪي ٻاهر نڪري اچان ۽ سندس اڳيان ويھي، ”جانعالم ۽ انجمن آرا“ (1) واري قصي جو هڪ باب کيس پڙهي ٻڌايان. ان قصي سان مرحوم جي ڏاڍي دلچسپي هوندي هئي. ڪتاب (گلخندان) جنھن ۾ اها ڪھاڻي لکيل هئي، هميشہ پنھنجي پيتيءَ ۾ موجود رکندو هو، توڙي جو پاڻ هوندو اڻپڙهيل هو. جنھن وقت آءٌ ڪتاب پڙهڻ شروع ڪندو هوس، ان وقت پاڻ منھنجي پاسي ۾ ”همه تن گوش“ ٿي ويھي رهندو هو، ڪو چست يا دل ڀِڄائيندڙ جملو آيو تہ اکين مان پاڻي اچي ويندو هوس - مڇ هر حال ۾ مروٽيندو رهندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن ”موڊ“ ۾ هوندو هو تہ سنھي آواز سان ”پيرل“ جي ڪافين جا ٿلھہ بہ پيو جهونگاريندو هو: ”خوش ٿو گذارين منھنجا پرين، عاشق تنھنجا آهن عذاب ۾‍.“
دربانيءَ کان سواءِ، بورچيءَ جو ڪم بہ ڪڏهن ڪڏهن ڪرڻو پوندو هوس، جنھن فن ۾ تہ پنھنجو مثال پاڻ ئي هوندو هو. پريي جو رڌل پلاءُ ۽ دم پختو، ۽ تتر جي سيخ مشھور هوندا هئا. ڏاڏي مرحوم جا جيڪي بہ دوست ايندا هئا، تن کي پريي جي رڌل طعام کائڻ کان سواءِ آرام نہ ايندو هو. حقيقت بہ اها هئي تہ جا لذت سندس هٿ جي رڌل شين ۾ هوندي هئي، تنھن جو مثال ڪونہ هوندو هو.
پر وري بہ وڏو مدار ”موڊ“ تي هوندو هوس. مرحوم کي دم جي بيماري هوندي هئي، جنھنڪري طبيعت سخت غضبناڪ ٿي پئي هيس. ديڳڙن رڌيندي ڪا ناگوار ڳالھہ ٿي پئي تہ ديڳڙا لاهي اڇلائي ڇڏيندو هو. هڪ دفعي تہ خود ڪوٽ مٿان اڇلائي ڇڏيائين. هفتي ۾ ٻہ - ٽي دفعا پنھنجي رلھي رسيءَ ۾ ٻڌي، ”نوڪري ڇڏي وڃڻ“ لاءِ تيار ٿي ويھندو هو ۽ اعلان پيو ڪندو هو تہ:
”پير شاھہ (1) ٻاهر نڪري تہ اُن کي ٻہ اکر چئي، ساريءَ ڀونگيءَ کي باھہ ڏيو وڃان ٿو، ۽ وري بھمڻ (2) ڏانھن جيئري بہ منھن نہ ڪندس“. پر ڏاڏو مرحوم ٻاهر ايندو تہ ان سان ڪو بہ اکر ڪڇي ڪونہ سگهندو، اُن کي ڏسي خودبخود رلھي ڇوڙي ويھي رهندو.
ساري عمر مرحوم جي اها حالت رهي: غصو ايندس تہ روانگيءَ لاءِ رلھي تيار ٿيندي، مانيءَ رڌڻ جو وقت آيو تہ رلھي ڇوڙي ويھي ماني رڌيندو، ۽ شام کان اڳ ڪاوڙ ختم.
سڄو گهر سندس نازبرداري ڪندو ٿي رهيو - خانداني ملازم هو، سندس حق اهڙا ئي هئا، جھڙا ڪنھن بہ ٻئي گهر جي ڀاتيءَ جا.
هڪ موقعي تي اسان ۽ پريي جو پاڻ ۾ تڪرار ٿي پيو. مون سندس هَجو ۾ نظم تيار ڪري، شھر جي ڇوڪرن کي سيکاري ڇڏيو. رديف قافيي جو ڪو سوال ڪونہ هو، مقصد مڙيوئي پريي کي چيڙائڻ ۽ تنگ ڪرڻ جو هو. نظم جو مھڙ -
پريا، اي چريا، اي کريا، اي خوار،
خبر رک کنگهندڙ خوار ۽ خراب -
ڇوڪرن ۾ ڏاڍو مقبول ٿي ويو. پريو جيڏانھن نڪري، پويان شھر جا ڇوڪرا وڏي آواز ۾ اهو ”شعر“ پڙهندا وڃن، پاڻ ڪاوڙجي پٺيان لٺ ڦيرائينِ. تہ سندس زد کان زوريءَ ڀڄيو وڃن - غريب ڏاڍو تنگ ٿيو‍ هڪ دفعي باقاعدي ”ڪرائسس“ (crisis) اچي ويو. هڪ ڇوڪري (حمزي نالي شيخ) کي پئسو خرچي ڏيئي پئي ٽَنگن کي زور ڏياريائين. کيس اڃا ننڊ ئي ڪانہ آئي هئي تہ ڇوڪري جي زبان تي بي اختيار نظم اچي ويو، جيڪو هو جهونگارڻ لڳو:
پريا، اي چريا، اي کريا، اي خوار!
بس، پوءِ تہ پريو بنھہ باھہ ٿي ويو. لت هڻي ڇوڪري کي کٽ تان هيٺ ڪيرائي ڦٽو ڪيائين. ڇوڪرو ڦٿڙي اڃا مس اُٿيو تہ پاڻ لٺ کڻي اچي پٺيان پيس. ڇوڪرو اڳ ۾، پريو پٺ ۾! هلندي هلندي، ڇوڪري جي ماءُ، مائي ﷲ جياريءَ جي باري ۾ پڻ ڪافي آزاد خياليءَ کان ڪم وٺندو ويو.
ڪجهہ عرصي بعد تڪرار جا سبب رفع ٿي ويا، جنھنڪري اسان نظم ”وٿ ڊرا“ ڪري ورتو، ۽ پريي جون حالتون موٽي درست ٿي ويون!
لباس بہ عجيب غريب پھريندو هو. سياري ‘ساوڻ’ هيٺتي گرم بريچز، ۽ جسم تي ڪوٽ، مٿي تي پشميني بالڪلاوا قسم جي انگريزي ٽوپي، هٿ ۾ لٺ، کيسي ۾ (دم جي علاج طور) ڌاتوري جي پنن مان ٺاهيل ٻيڙيون، ۽ ماچيس. سياري جي موسم ۾ ڏينھن رات باھہ جو مچ ٻاريو ويٺو هوندو هو. صبح جو تِڙڪو نڪرندو هو تہ گهڙي پھر سج ڏانھن منھن ڪري ويھي لڱ ڪوسا ڪندو هو.

___________
(1) جنھن ٻڪر يا ليلي کي مسلمان ذبح نہ ڪيو هوندو، ان جو گوشت نہ کائيندا، پاڻ پنھنجن هٿن سان ”تڪبير“ ڪڏهن نہ وجهندا.
(1) ڪتاب جو نالو هو ”گلخندان“، ۽ مصنف هوس آخوند لطف ﷲ.
(1) منھنجو ڏاڏو مرحوم.
(2) اسان جي ڳوٺ جو نالو.

استاد

”نصاري“ جي ٻوليءَ، انگريزيءَ، لاءِ سنڌ جي خاندانن کي سخت ڌڪار هوندي هئي. نصارو پاڻ ”دين جو دشمن“، سندس زبان ”گٽ مٽ“، بقول علمائن سڳورن جي، دوزخ جي رهاڪن لاءِ ذريعہ ِّ گفتگو تجويز ٿيل هئي. خود هن دنيا اندر پڻ انگريزي سکڻ ڪري گهڻن ئي خراب نتيجن نڪرڻ جو خطرو ٿي رهيو. مثلا= انگريزي پڙهيلن کي ڏاڙهي ڪوڙائڻي ٿي پيئي، جا ڳالھہ سُنت سڳوريءَ جي سخت خلاف هئي ۽ حديث سڳوري صاف ”بيٺل“ هئي تہ ”من تشبہ بقوم فھومنہ“ انگريزي لباس پائڻ، جو انگريزي تعليم جو لازمي نتيجو ٿيڻو هو، سو ان کان بہ وڌيڪ ممنوع هو، خاص طرح ٽائي پھرڻ، جا نشان هئي صليب جو! ممڪن هو تہ وقت جا علماءَ سڳورا انھن گناهن تي بہ عفو جي نظر فرمائين ها، مگر انگريزي تعليم جو هڪ ٻيو نتيجو نڪتو ٿي، جنھن کي هو قطعا= برداشت ڪري ڪونہ ٿي سگهيا: يعني انگريزي پڙهيلن جو پتلون پھرڻ بعد بيھي پيشاب ڪرڻ، بغير ”وَٽَ پچائڻ“ ۽ بغير استنجا جي!
علمائن سڳورن جي اهڙيءَ تبليغ سبب سنڌ جي ڪنھن بہ ”خاندان“، پنھنجن ٻارن کي جديد تعليم ڪانہ ڏني. ان خلاءَ جو فائدو هندن ۽ شھري يا هيٺئين درجي جي مسلمانن کي رسيو، جن پنھنجن ٻارن کي انگريزي پڙهائي سرڪاري ملازمتن ۾ داخل ڪيو، ۽ اڳتي هلي، انگريز جي نالي ۾ سنڌ تي راڄ ڪيو، ۽ نہ فقط ”خاندانن“ بلڪ خود علمائن سڳورن ۽ سندن طريقهِّ تعليم جو پڻ ٿڏو ڪڍي ٻاهر ڪيو.
”خاندانن“، پنھنجن ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ، خانگي مڪتب پنھنجن ڳوٺن جي مسجدن اندر کولايا. سنڌ اندر شايد ئي اهڙو ڪو ڳوٺ يا واهڻ هو، جنھن ۾ مسجد، ۽ مسجد اندر مڪتب نہ هوندو هو. پڙهائيءَ جو ڪم ”ملان“، يا “آخوند“، يا ”مولوي“ صاحب جي سپرد هوندو هو. پڙهائيءَ کان سواءِ کيس پيش اماميءَ جا فرائض پڻ ادا ڪرڻا پوندا هئا جن کي عام زبان ۾ چيو ويندو هو ”ٻانگ صلات (صلوات) ۽ روزو نماز“ ڪرڻ.
علم جي لحاظ سان ”ملان“ ۽ ”آخوند“ جي گريڊن اندر ڪو گهڻو فرق ڪونہ هوندو هو. عام ماڻھو احتراماً ”ملان“ کي ”آخوند“ ئي سڏيندا هئا. ”آخوند“ عربيءَ کان قطعاً، ۽ فارسيءَ کان گهڻي حد تائين ناواقف هوندو هو، ٻارن کي فقط قرآن مجيد جو سبق ڏيئي سگهندو هو، بغير معنيٰ ۽ مفهوم سمجهڻ جي. البت نمازون پڙهائڻ، ٻانگون ڏيڻ، نڪاح پڙهڻ، مُردن کي ڪفن ڍڪائڻ ۽ کين ”قرآن بخشڻ“، سندس ڏائي هٿ جو ڪرتب هوندو هو. وٽس هڪ ڪتاب موجود رهڻ لازمي هوندو هو: اُهو ڪتاب هوندو هو مجموعو خطن ۽ دعائن جو، ماستر هريسنگهہ سکر واري، يا پوڪرداس شڪارپوري، يا مٺن شاھہ حيدرآباديءَ جو ڇپايل. باقي علمي ڪاروبار يا درس تدريس جو ڪم محض دماغ جي سوجهري تي پيو هلندو هو.
آخوندن کي ماهوار پگهار ڪانہ ملندي هئي، سندن گذارو هوندو هو خيرات جي ٽڪر ۽ ششماهي بٽئين وقت مليل ”حق ﷲ“ جي ٽويي تي. خيرات جي ٽڪر جو شرح هيءَ آهي: ڳوٺ جو هر حيثيت وارو گهر، شام ويلي، پنھنجن مئلن ڀاتين جي نيت، هڪ ماڻھوءَ جي خوراڪ جيتري ماني آخوند جي گهر موڪلي ڏيندو هو - ان طرح سان ملان جي گهر ۾ ايتريون مانيون گڏ ٿي وينديون هيون جو ورندڙ شام تائين خود سندس گهر اندر ماني پچائڻ جي ضرورت ڪانہ رهندي. ”حق ﷲ“ جي ٽويي جي وري هيءَ حقيقت هئي: هر فصل تي، بٽئيءَ وقت، هر ٻارِ مان، هر خرار پٺيان هڪ ٽويو ڪڍيو ويندو هو، جو ملان کي ڏنو ويندو هو. ان طريقي سان ملان کي هر فصل جي موقعي تي، يعني سال ۾ ٻہ دفعا، ججهي انداز ۾ اناج بہ ملي ويندو هو.
”ملان“ جي آمدنيءَ جا ڪجهہ ٻيا ذريعا بہ هوندا هئا: مثلا=، دعائون تعويذ لکڻ، جن جي وسيلي سوالين جون ڪيتريون مشڪلون آسان ٿي پونديون هيون. ڳئون يا مينھن پورو کير نہ ڏيندي تہ ملان جي تعويذ جو ”پليتو“ ساڙي ٿڻن کي واس ڏيندس، ڪا ”مھري“ ڇيڪوءَ کي هٿ نہ ڏيندي تہ ملان جو ڏنل تعويذ سندس اچ - وڃ واري رستي تي زمين اندر پوريو ويندو، مڙس زال جو مطيع نہ ٿيندو تہ تعويذ پاڻيءَ ۾ ڌوئي اهو پاڻي پياريو ويندس، زال کي ٻار نہ ٿيندو تہ تعويذ چيلھہ ۾ ٻڌڻو پوندس، ٻار کي روئڻ جي عادت هوندي تہ تعويذ مڙهي ڳچيءَ ۾ وڌو ويندس، ڪنھن شخص تي مقدمو ٿي پيو تہ تعويز وٺي پڳ جي پلاند ۾ ٻڌي ڇڏيندو، ڪنھن شخص کي پنھنجي دشمن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت پوندي تہ ملان ان کي ميڻ جو بوتو ٺاهي، ان ۾ سُيون هڻي، سندس حوالي ڪندو تہ وڃي دشمن جي گهر اندر پوري، جيئن جيئن بوتو ڳرندو ويندو، تيئن تيئن اهو دشمن بہ نجهرندو ويندو (ان قسم جي ملان کي عرف عام ۾ ڪيترن لقبن سان سڏيو ويندو هو: ”ڀوپو“، ”ڪاريھر نانگ“، ”واسينگ“، ”ارڙ بلا“، وغيرہ، وغيرہ).
هڪ ٻئي فن جي وسيلي پڻ ”ملان“ کي ڪافي ڪمائي ٿِي ٿي سگهي. - يعني زوريءَ نڪاح وجهڻ، ۽ زوريءَ نڪاح ٽوڙڻ مان.
ڪا ”رن جو“ ”نئين مڙس ڪرڻ تي راضي نہ ٿيندي تہ سندس عزيز قريب کيس ٻڌي گهر ۾ بند ڪندا، ۽ ”ملان“ کي سڏائي، سندس نڪاح ڪنھن شخص سان پڙهارائي ڇڏيندا. عورت ڀل دانھون ۽ انڪار ڪندي رهي، پر ملان نڪاح پڙهي وڃي ٻاهر پوندو. نڪاح کان پوءِ، مڙس زوريءَ زال تي قبضو ڪري ويندو. ملان مناسب “نڪاحاڻو وٺي، گهر هليو ويندو.
ساڳيءَ طرح، ملان، نڪاح ٽوڙي بہ سگهندو هو، پر ان لاءِ ضرورت ٿيندي هئي تہ تحرير لکي وڃي، ۽ ان تي ٻين ملن مولوين جون پڻ مھرون لڳن.
غرض تہ ڳوٺاڻي زندگيءَ اندر ”ملان“ کي ڪافي اثرائتو مقام حاصل هوندو هو. ڳوٺن اندر، انھن ڏينھن ۾، گوشت ملڻ مشڪل هوندو هو. هوڏانھن ”ملان“ هر روز مٺاڻ کائي کائي ٿڪجي پوندو هو، تنھنڪري هر ”ملان“ دعا تعويذ عيوض، پئسن ۽ ”پنج هٿ“ ڪوري ڪپڙي کان سواءِ، هڪ عدد ڪڪڙ بہ وصول ڪندو رهندو هو. جنھن کي رستي کان پاسي تي ”حلال“ ڪري ديڳڙيءَ ۾ داخل ڪرڻو پوندو هوس. شريعت سڳوريءَ جو اهڙو حڪم هو، ڪڪڙ جي رت وهڻ کان سواءِ، دعا اثر ڏيکارڻ کان عاجزهئي!
ڪن ”ملن“ سڳورن کي عورتن مان جنن ڪڍڻ جو اختيار پڻ حاصل هوندو هو. عورت کي ”جن“ وٺندو تہ وار ڇوڙي ”لھر“ هڻڻ لڳندي، ڪڏهن ڏندڻ پئجي ويندس، ۽ ڪڏهن زبان اهڙي کلي وينديس جو زمين آسمان جا راز پئي ٻڌائيندي. ”جن“ گهڻو ڪري نوجوان ۽ خوبصورت عورتن کي اچي وٺندا هئا، ۽ اوستائين جان نہ ڇڏيندا هئن، جيستائين ”ملان“ واردات تي پھچي ڪو ”ساٺ سڳڻ“ ۽ ”جهاڙ ڦيڻو“ نہ ڪندا هئن. اڪثر “جن اهڙا هوندا هئا جي ملان جي ڦيڻي کان پوءِ هڪدم رخصت ٿي ويندا هئا. پر ڪي اهڙا ”نامراد“ بہ هئا، جي خود ”ملان“ کي گاريون ڏيئي، کيس ڌڪ هڻي اٿاري ڇڏيندا هئا. ان حالت ۾، مريض کي ڪنھن مماتيءَ واري پير جي درگاھہ تي وٺي وڃي ڪجهہ ڏينھن رهائڻو پيو ٿي.
دنيا جو دستور آهي، طاقت يا اثر حاصل ٿيندو تہ حسد ۽ دشمنيءَ کي پڻ منھن ڏيڻو پوندو. ان عام قانون مطابق، ”ملن“ جي زندگي بہ دشمنين کان محفوظ ڪانہ ٿي رهي. ڪنھن بہ معاملي ۾ هڪ ڌر جي طرفداري ڪيائون تہ ٻي ڌر سندن حق ۾ نامناسب زبان درازي ڪندي وتندي. سنڌ جي ڳوٺاڻي لٽريچر اندر مُلن ۽ آخوندن خلاف ٺاهيل ڪيترا شعر ۽ پھاڪا موجود آهن، جن جو خواھہ مخواھہ استعمال شروع ٿي ويندو. مثلا=، خود حضرت شاھہ لطيف عليہ الرحمة سان هيءُ بيت منسوب آهي:
ملان ملان نہ ڪيو، آهيڙي آهين،
مرونءَ سندي ماس تي ٿا ماڻڪ مٽائين!
هڪ ٻئي شاعر جو فرمودو آهي:
لڳي اُلي تہ آخوندن کي،
ڍرڙ نٿا ڍاپن، ڙي اديون!
سچل سائين درازائيءَ تہ ملن سان منھن ڏيڻ جو عملي رستو بہ ٻڌائي ڇڏيو:
ڪُٽ مُلان جي ٺوڙ قاضيءَ واري مسئلو!
وغيرہ، وغيرہ.
خصومت جي حالت ۾، ملن جي دشمنن هروڀرو محض شعر شاعريءَ کان بہ ڪم ڪونہ ٿي ورتو، بلڪ ڪڏهن ڪڏهن تہ ”ڊائريڪٽ ايڪشن“ بہ کنيو ٿي وڌائون. ان ”ڊائريڪٽ ايڪشن“ جون ڪجهہ صورتون هي هونديون هيون: ملان جي گهر ڏانھن رات ويلي ڦورن جو وسڪارو ڪرڻ، سندس ”ٻڪري ٺڪري“ تڳائي ڇڏڻ، اک وٺي سندس دعائن جا ڪتاب گم ڪري ڇڏڻ، نماز وقت سندس جُتي چورائي وڃڻ، وغيرہ وغيرہ.
علم ۽ معلومات جي لحاظ سان، ملن بنسبت، مولوي صاحبن جو درجو گهڻو بلند هوندو هو. فارسيءَ کان شروع ڪري، عربيءَ تي انتھا ڪيل هوندي هُين. سنڌيءَ کي بنھہ هٿ ڪونہ لاتل هوندن، ڇو تہ سنڌي ”اسڪولي“ زبان هوندي هئي، ۽ ان جو ”دين محمدي“ ۽ ”علم شرعي“ سان ڪو بہ لاڳاپو ڪونہ هوندو هو. منجهانئن گهڻن کي تہ مولويت جي دستار ٻڌڻ کان پوءِ بہ صحيح سنڌيءَ ۾ فقط خط لکڻ بہ ڪونہ ٿي آيو. پر ان زماني ۾ زور هوندو هو ديني (عربي) ۽ علمي (فارسي) ٻولين جو، جنھنڪري سنڌي نہ اچڻ ڪري مولوي صاحبن جي علمي مقام ۾ ڪا گهٽتائي ڪانہ ٿي رهجي ويئي.
پاڻ سڳورا فارسيءَ ۾ ”ڪريما“ ۽ ”پندنامہ“ کان شروع ڪري، ”گلستان“، ”بوستان“، ”سڪندر نامہ“ پڙهندي، وڃي ”بھار دانش“ تي پڄاڻي ڪندا هئا، عربيءَ ۾ صرف - نحو کان هلي قرآن، حديث ۽ فقہ تي تعليم ختم ڪري، مولويت جي ”پڳ“ حاصل ڪندا هئا. مولانا جاميءَ جو ”يوسف – زليخا“ فقط خانگي وقت اندر مطالع فرمائيندا هئا، ڇو تہ ان ۾ ”جامي صاحب“، بيبي سائڻ يعني حضرت زليخا جي جسماني جغرافي بيان ڪندي ڪندي، تصوف ۽ عشق الاهي جا ڪي اهڙا نازڪ نڪتا اهڙن مجازي محاورن ذريعي آشڪار ڪري ويو آهي، جي حقيقت کان ناآشنا عام مجهول ماڻھن جي ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ کان ٻاهر هئا.
درس تدريس کان سواءِ، عام مولوي صاحبن جي ٻي ”هابي“ هوندي هئي فقهي مسئلن جي سلسلي ۾ هڪٻئي خلاف ڪفر جون فتوائون جاري فرمائڻ ۽ مناظرا رچائڻ، جن جي دوران هروڀرو پارليامينٽري زبان ڪانہ استعمال ٿيندي هئي.
پر ان جي معنيٰ اها نہ هئي تہ ان زماني جا سمورا مولوي صاحب انھن سطحي جهيڙن ۾ مبتلا ٿي رهيا. منجهانئن ڪيترا اهڙا بہ هئا، جن پنھنجون ساريون حياتيون ﷲ تعاليٰ جي واٽ ۾ وقف ڪري ڇڏيون هيون، ۽ سندن زبان مان جو بہ ڪلمو ٿي نڪتو، سو ڪلمه حق هوندو هو، فرمان الاهي جي عين مطابق، ۽ مدني مير جي سنت موجب.
ان عام ”پس منظر“ کي سامھون رکندي، ڪن بزرگن جو ذڪر ٻڌو.
اسان جي پنھنجي ڳوٺ جو آخوند هوندو هو. فارسي ۽ طب کان واقف، ٻارن پڙهائڻ سان گڏ مطب بہ هلائيندو رهندو هو. پھرين پڙهائيءَ جو ڪم خود مطب اندر ڪندو هو، پر جڏهن خبر پيس تہ سندس غير حاضريءَ جو فائدو وٺي، ٻار سندس معجونن جون برنيون کولي پنھنجي زبان مٺي ڪندا ٿا رهن، تڏهن مجبورا= مطب ٻاهران ڇپرو اڏائي ان هيٺان درس ڏيڻ شروع ڪيائين. رنگ سانورو هوس، پر دل اڇي، جنھن مريض ”ملان مٺو“ سڏيس، اُن جي نبض بہ نہ ڏسندو، پر جنھن ”آخوند مٺل“ ڪوٺيس، ان کي ٻين دوائن سان گڏ ”ڪاڪت جو مازون“ (طاقت جو معجون) بہ اوڌر تي، بلڪ مفت بہ، ڏيئي ڇڏيندو. نھايت نيڪو ڪار شخص هو. ٻچڙيوال، ٻن زالن جو ور، ۽ وڏي ڪٽنب جو پاليندڙ، پر لالچ ۽ لوڀ کان قطعا= خالي هوندو هو. هڪ هٿ سان ڪمائيندو هو تہ ٻئي هٿ سان ساڳي رقم نادار ڳوٺاڻن جي دوا سُتيءَ تي صرف ڪري ڇڏيندو هو. ٻارن جي پڙهائيءَ جو ڪو بہ معاوضو نہ وٺندو هو، پاڻ پنھنجي هڙان ڦرهيون ۽ ڪتاب بہ وٺي ڏيندو هون.
مون پاڻ پھريون سبق کانئس ورتو. هڪ ڏينھن آءٌ نل هيٺان وهنجي رهيو هوس، ڏاڏي مرحوم مون ڏانھن ڏسي حڪم ڪيو تہ جنھن صورت ۾ آءٌ هينئر پڙهائيءَ واريءَ عمر کي پھچي چڪو آهيان، تنھن صورت ۾ مون کي هڪدم لٽا ڍڪائي ملان مٺل وٽ حاضر ڪيو وڃي. ان زماني جي دستور موجب، منھنجي مٿي تي لونگي ٻڌائي ويئي، ۽ جسم تي نون لٽن مٿان مخمل جو ڪوٽ، جيتري قدر ياد اٿم، ڳوڙهي آسماني رنگ جو. ملان مٺل ڏانھن حڪم اهو روانو ڪيو ويو تہ الف - ب جي تختيءَ تي وقت ضايع ڪرائڻ بدران، مون کي پھريائين ”زليخا“ سان شروع ڪرائي.
ملان مون کي ڏسي، مٿي تي پيار جو هٿ گهمائي، گوڏن ڀر سامھون ويھاري، منھنجي حق ۾ دعا گهري. ان کان پوءِ ڪتاب ”يوسف – زليخا“ ڪڍي اڳيان رکيائين، ۽ چيائين، ”پڙھہ:
الاهي غنچه اميد بڪشا،
گل از روضه جاويد بنما.“
پھرئين ڏينھن اهو شعر ياد ڪرايائين، ٻئي ڏينھن شعر جو ترجمو سمجهايائين. چي:
”اي ﷲ تعاليٰ کول مکري اميدن منھنجن جي،
ڏيکار مون کي ڦل ڪنان باغ بهشت جي.“
ان طرح سان ڪيترا مھينا ”زليخا“ جي تعليم هلندي رهي. هڪ ڏينھن ڏاڏي مرحوم پاڻ امتحان ورتو. سندس راءِ ٿي تہ ملان مٺل کان سندس شاگرد وڌيڪ ذهين ثابت ٿي رهيو آهي، تنھنڪري سندس پڙهائيءَ لاءِ هاڻي مولوي سومر بوهڙو ڊکڻن جي شھر (تعلقي ڳڙهي ياسين) مان گهرايو وڃي.
مولوي صاحب آيو. بنھہ ڳوٺاڻو، سادو ۽ ﷲ لوڪ، پر پڙهائيءَ جي معاملي ۾ خبردار ۽ سختگير. تجربي جو اهو عالم جو پسگردائيءَ جا اڪثر تعليم يافتہ ماڻھو، سڌيءَ طرح يا سندس شاگردن ذريعي، سندس شاگرد هئا، خود منھنجي والد مرحوم ڪجهہ عرصو وٽس تعليم ورتي هئي. پڙهڻ پڙهائڻ کان سواءِ، ٻيءَ ڪنھن بہ دنيا جي شي سان قطعا= ڪا دلچسپي ڪانہ هيس.
صورت ۾ وقت جو پورو پورو مولوي هوندو هو. قد جو ڊگهيرو، جسم ڀريل، رنگ ڪڻڪائون، ڏاڙهي چاپوئين اڇي، نڪ هيٺان مڇون ٻن آڱرين تائين ورتل، مٿي تي اڇي بافتي جي پڳ، جسم تي ڊگهو پيراهن ۽ ٻہ - تختي شلوار، جنھن جا پاچا مُري کان مٿي بيٺل، پير ۾ سنڌي نموني جي موچڪي جُتي، هٿ ۾ لئي جي ڊگهي لٺ، ڪلھي تي کومون بوڇڻ، جنھن جي ڪنڊ ۾ ناس جي دٻلي ٻڌل رهندي هيس. لٽن جو فقط هڪ وڳو هوندو هوس، جو هفتي ۾ هڪ دفعو ڳوٺان وڃي ڌئاري ايندو هو. خميس جي شام جو پيدل اَٺ ميل پنڌ ڪري پنھنجي ڳوٺ پھچندو هو، جمعي ڏينھن گهر ۾ رهي، لٽا ڌئاري، غسل ڪري، ڇنڇر جي صبح جو ساڳيو فاصلو طئہ ڪري موٽي اچي اسان وٽ پھچندو هو. ان لحاظ سان، اسان، سندس شاگردن لاءِ، خميس جو ڏينھن روز عيد، ۽ ڇنڇر جو صبح ڏهين محرم جو صبح هوندو هو.
پڙهائيءَ جو ڪم مسجد شريف اندر ٿيندو هو، جت استاد ۽ شاگردن جي ويھڻ لاءِ تڏا وڇايل رهندا هئا. پڙهائي شروع ٿي تہ مولوي صاحب لٺ مسجد جي محراب ۾ اڀي بيھاري، تختيءَ تان ٻہ - چار لئي جا سنھا لڪڻ لاهي آڻي پنھنجي سامھون رکندو هو، جن جي ذريعي سست ۽ غافل شاگردن جي وقت بوقت طبع پرسي ٿيندي رهندي هئي.
شاگردن جي لکڻ لاءِ مڪتبن اندر انھن ڏينھن ۾ ڪاپيون استعمال ڪين ٿينديون هيون. ڪاغذ مھانگو هوندو هو ۽ پئسي ۾ هڪ يا ٻہ فلوسي پنا ملندا هئا، ان کان سواءِ ڪاغذ پاڪ شي هو، ۽ ٻارن جي استعمال واريءَ حالت ۾ ڪاغذ سان بي ادبي ٿيڻ جو امڪان هوندو هو. مولوي صاحب پاڻ ڪاغذ جي معاملي ۾ ايتريقدر احتياط ڪندو هو جو رستي هلندي ڪاغذ جو جيڪو بہ پرزو زمين تي پيل نظر تي چڙهندس، سو کڻي ڪنھن ڀت جي ڏار ۾ وجهي ڇڏيندو يا گڏ ڪري کوھہ ۾ اڇلائيندو. فرمائيندو هو، ”جنھن شخص کان ڪاغذ جو ادب نہ ٿيو، تنھن کان قرآن پاڪ جي ادب جا حق بہ ادا نہ ٿي سگهندا.“
پٿر جون سليٽون رواج ۾ اچي چڪيون هيون، پر مولوي صاحب انھن جي استعمال جي بہ اجازت نہ ڏيندو هو، سندس خيال هو تہ سليٽ تي لکڻ سان شاگرد جو خط خراب ٿيندو ۽ هو ڪڏهن بہ خوشخط نہ ٿي سگهندو. سندس پنھنجو خط تمام سھڻو هوندو هو، ۽ پڙهائڻ کان جو بہ وقت بچندو هوس سو ڪتابن نقل ڪرڻ ۾ صرف ڪندو هو.
اسان جي حوالي وڏيون ڦرهيون هونديون هيون. انھن جي مھڙ تي پاڻ وڏن اکرن ۾ ڪونہ ڪو شعر يا قرآني عبارت لکي ڏيندو هو، ۽ چوندو هو تہ ان کي ڏسي پنھنجا اکر پڪا ڪريو. ڪن فارسي شعرن سان خاص دلچسپي هوندي هيس، مثلا=:
روز محشر ڪه جان گداز بود،
اولين پرسش نماز بود،
اگر خواهي ڪه خطت خوب گردد،
نويس و مينويس و مينويس.
قلم گويد ڪه من شاهِ جهانم،
قلم ڪش را بدولت مي رسانم.
مولوي صاحب جي تنخواھہ فقط پنج رپيا مھينو هوندي هئي، ان سان گڏ ٽوقتي ماني ۽ ڇهين مھيني لٽن جو هڪ وڳو ملندو هوس. ماني بہ سادي ڳوٺاڻي قسم جي هوندي هئي: صبح جو ڪڻڪ جي مکيل ٿلھي ماني ڏڌ جي وٽي ساڻ، منجهند جو ماني ۽ دال يا ساڳ، رات جو چانور ۽ کير. ان نعمت ميسر ٿيڻ تي مولوي صاحب بار بار پيو شڪرانا ادا ڪندو هو. ناس سان ڏاڍو شوق هوندو هوس. دٻلي هيٺ مٿي ٿي ويندي هيس تہ هڪدم ڦرهيءَ تي هي شعر لکي ڇڏيندو هو، جو غالبا= سندس پنھنجو ٺاهيل هو:
ڪجا شد درجڪ نسوار من،
بيائيد يابيد پسران من.
ٻارن جي تعليم ۽ هشياريءَ متعلق وٽس ٽي درجا هوندا هئا: (1) ”اڃا پر نہ ڄاوا اٿس“، (2) ”هاڻي پر ڄاوا اٿس ۽ کنڀڙاٽيون پيو هڻي“، ۽ (3) ”هاڻي آسمان ۾ پيو پرواز ڪري“. ڪو شاگرد خاص طرح هشيار نظر ايندو هوس تہ ان جي پڙهائيءَ تي گهڻو زور ڏيندو هو، غير هشيار شاگرد سان بنھہ ڪانہ پوندي هيس.
ملان ٽلو جيھو اسان سان گڏ وٽس پڙهندو هو. ذهن جو غير معمولي طرح مُڏو هوندو هو. اڄ سبق ورتائين تہ ڪالھوڪو سبق دل تان ميسارجي ويندو هوس. اکر بہ بلڪل ڪَچا هئس. مولوي صاحب جيتري بہ محنت ٿي ڪئي، سا رائگان هئي. آخر تنگ ٿي فرمايائين، ”ٽلوءَ کي هنيانءَ تي وارا آهن، ڪيتري بہ محنت ڪندؤ، دل تي اثر ڪونہ ٿيندس“. ملان ٽلو ورهين جا ورهيہ پڙهندو رهيو، ايستائين جو ڏاڙهي ۽ مٿي جا وار بہ اڇا ٿيڻ لڳس، پر علم ۾ ڪو سوجهرو ڪونہ ڪيائين. پڇاڙيءَ ۾ پنھنجي متعلق پاڻ فيصلو ڪيائين تہ هاڻي هو ”ملان ٽلو“ نہ، پر ”مولوي محمد رمضان“ ٿي چڪو آهي. ان کان پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻھو ”ملان ٽلو“ سڏيندو هوس تہ هڪدم لٺ کڻي پٺيانس ڪاهي پوندو هو: ”عقل جا انڌا، ناماقول (نامعقول)، اها بہ خبر ڪانہ ٿي پويئي تہ مان هينئر جنديديرہ مان تاسيل (تحصيل علم) ڪري پڳ ٻڌي آيو آهيان! منھنجو سڄو نالو آهي مولانا مولوي محمد رمضان صاحب جيھو ابڙو، تون اڃا پيو بڪين - ٽلو، ٽلو، ٽلو! ڪاٿي آهي هاڻي ٽلو؟ هڪڙي تحرير ڪڍان تہ ماڻھين پڻھين جو نڪاح سندن قبرن ۾ بہ ٽُٽي پوي!“
ملان ٽلوءَ جي علم جا اهي جلوا مولانا محمد سومر جي انتقال بعد ظاهر ٿيا، تنھنڪري ڪڏهن ڪڏهن مون کي اچي چوندو هو: ”سائين علڻ شاھہ! ڪر خبر، اڄ اسان جو علم ڇا ٿو ڀانئين؟ جيڪڏهن اڄ پنھنجو استاد مولوي محمد سومر جيئرو هجي ها، تہ جيڪر ڇا چوي ها؟“
انھن ڏينھن ۾ علمي ڪمال جي هڪ ڪسوٽي اها بہ ليکي ويندي هئي تہ ماڻھو فارسي زبان ۾ شعر، خاص طرح سان سجع چئي، ۽ ڄمڻ مرڻ جي تاريخ ابجد جي حساب سان ڪڍي. اهڙين سجعن چوڻ ۽ تاريخن ڪڍڻ تي وڏا ماڻھو شاعرن کي پھرائيندا هئا ۽ کين انعام ڏيندا هئا.
مولانا محمد سومر منھنجي ۽ حسام الدين جي ڄمڻ جي تاريخ ڪڍي، هڪ ڊگهي نظم تيار ڪري، ڏاڏي مرحوم اڳيان پيش ڪئي. آسرو هوس تہ پھراڻيءَ ۾ مينھن نہ، تہ گهٽ ۾ گهٽ ململ جي پڳ ضرور ملنديس. پر بدقسمتيءَ سان ڏاڏي مرحوم جي راءِ ٻيءَ طرح هئي. نظم ڏانھن ڏسي، مولوي صاحب ڏانھن پيغام موڪليائين تہ:
”مولوي صاحب کي چئو تہ شعر گوئيءَ تي وقت ضايع ڪرڻ بدران، اهو وقت بہ جيڪڏهن ڇوڪرن جي تعليم تي ڏيو ها تہ وڌيڪ فائديمند ثابت ٿئي ها“.
ان ڏينھن بعد مولوي صاحب وري ڪڏهن شعر جي ميدان ۾ طبع آزمائي نہ فرمائي. شاگردن کي استاد انھن ڏينھن ۾ خوب ماريندا هئا. مار جا ڪيئي نمونا هوندا هئا: چماٽ، چهبڪ، ڪن گوشي، اٿ ويھہ، سج ڏانھن منھن ڪرائي بيھارڻ، آڱرين جي وچ ۾ پينسل ڏيئي مٿان زور ڏيڻ.
مارڪٽ جي جواز ۾ مولوي صاحب دليل پيش ڪندو هو:
”جور استاد بہ ز مھر پدر.“
آءٌ هرو ڀرو ڪاهل شاگرد ڪونہ هوندو هوس جو مولوي صاحب کي منھنجي مرمت ڪرڻي پوي، پر ڪڏهن ڪڏهن غلطيءَ جو ٿي وڃڻ لازمي هو. هڪ دفعي مولوي صاحب چماٽ هنئي يا دڙڪو ڏنو، سو ياد ڪو نہ اٿم، پر ايترو يقين اٿم تہ مولوي صاحب ناراضگيءَ جو اظھار فرمايو. ۽ هڪدم تڏو مٿان پائي، سنئون نئون ٿي سمھي پيس، ۽ مولوي صاحب کي چيم: ”ڪيترو بہ ماريندا، پر آءٌ هرگز ڪونہ اٿندس. نڪي پڙهندس ئي!“ هنگامو برپا ٿي ويو، گهر تائين وڃي خبر پھتي. منھنجو اصرار هو تہ مولوي صاحب مون کي ماريو يا مون سان سختي ڪئي، تہ آءٌ ڪڏهن بہ وٽس نہ پڙهندس. آخر فيصلو منھنجي حق ۾ ٿيو ۽ مولوي صاحب وري ڪڏهن بہ درشتي کان ڪم ڪونہ ورتو- گهڻو ڪري کيس سبب آءٌ بہ ڪونہ ڏيندو هوس. پر مون تان بلا لٿي، تہ حسام الدين مٿان وڃي پئي. هڪ ڏينھن مولوي صاحب کيس چماٽ هڻي ڪڍي. حسام الدين ٽپ ڏيئي کڻي ڏاڙهيءَ کان جهليس. مولوي صاحب ٻي چماٽ هڻي ڏاڙهي تہ ڇڏائي، پر ان کان پوءِ حسام الدين سان بہ ڪڏهن سوڙهو ڪونہ پيو.
مولوي صاحب مرحوم ڪيترا سال مون کي پڙهايو. دنيا جو سفر ڪھڙيءَ ريت طئہ ڪجي، سو ڪو کانئس سکي ها. زندگيءَ جون ضرورتون گهٽائي وڃي هڪ وڳي ڪپڙن، هڪ لٺ ۽ هڪ دٻليءَ تائين پھچايون هئائين. رلھي نہ مليس تہ مسجد يا اوطاق جي نک تي سمھي آرام سان ننڊ ڪري اٿندو. سواريءَ جو نانءُ نہ ڳنھندو، جيڏانھن ڪم پوندس، پيدل هليو ويندو. سوال بنھہ نہ ڪندو. سارو ڏينھن درس تدريس، ڪتابن نقل ڪرڻ، ۽ عبادتگذاريءَ ۾ گذاري ڇڏيندو. اوائل ۾ شادي ڪئي هئائين. ٻہ پٽ ٿيا هئس، جي جوانيءَ کي رسي ڪاٽڪو بڻجي پيا هئا- گهٽ ۾ گهٽ مٿن الزام تہ اهڙا هئا. مولوي صاحب کي ساڻن ڏاڍو پيار هوندو هو، پر ساڳئي وقت ڪڏهن ڪڏهن هيءُ بہ زبان مان نڪري ويندو هوس:
”شاديءَ جي غلطي ٿي ويئي، اهي سڀ ان هڪ جرم جون سزائون آهن، ﷲ تعاليٰ اولاد ڏئي تہ صالح، ورنه
پسر نوح با بدان بنشت،
خاندان نبوتش گم شد!“
آءٌ نٿو سمجهان تہ مولوي صاحب ساريءَ عمر اندر ڪڏهن ڪو ڪوڙ ڳالھايو هوندو، يا ڪنھن انسان کي رنجايو هوندو. جنم جو جنتي هو، اتفاقا= اچي هن دنيا منجهان گذر ٿيو هوس. ﷲ تعاليٰ جون مٿس رحمتون هجن!
مولوي محمد سومر جي رخصت وٺي وڃڻ بعد، ڏاڏي مرحوم، مولوي محمد صديق نالي هڪ ٿاريلي استاد کي منھنجي وڌيڪ تعليم لاءِ گهرايو. محمد صديق مرحوم اصل ٻاڙمير طرف سروپي جي تڙ تي رهندڙ هو، ۽ مولوي عبدالرزاق مرحوم جو شاگرد هو. مولوي عبدالرزاق، وڏيري بلاول هاليپوٽي جي ڳوٺ ۾، ڍوري ناري (ضلعي ٿرپارڪر) جي نزديڪ، پڙهائيءَ جو ڪم ڪندو هو، ۽ پنھنجي دؤر اندر وڏو عالم ليکيو ويندو هو.
مولانا محمد سومر مرحوم وانگر، مولانا محمد صديق مرحوم بہ سادگي پسند انسان هو، جھڙا ٿر جا ماڻھو عام طرح ٿين ٿا. مار - ڪٽ کان وڌيڪ، پيار سان پيو شاگردن کي پڙهائيندو هو. انگريزن جو سخت دشمن هوندو هو. ان زماني ۾ پھرين عالمگير لڙائي هلي رهي هئي. مولوي صاحب مسجد جي ٻاهران ميدان ۾ ڀترن جون ٺُلھيون ٺھرائي، شاگردن کي چوندو هو تہ انھن کي ڀتر هڻي ڊاهيو. هر ٺلھيءَ تي ڪنھن نہ ڪنھن انگريز جرنيل جو نالو رکندو هو، ۽ جا ٺلھي ڊهي پوندي هئي تہ چوندو هو تہ اهو جرنيل مارجي ويو. هڪ وڏو ڪئلينڊر انھن ڏينھن ۾ آيو هو، جنھن تي لارڊ ڪچز جي تصوير ڇاپيل هئي. اهو ڪئلينڊر ڀت تي هڻائي، مون کي هوائي بندوق ڏيندو هو تہ اُن سان ڪچز جي صورت کي چُٽيان. هر روز اها ورزش ٿيندي رهندي هئي، تان جو ڪئلينڊر پرزا پرزا ٿي ويو.
سرؤ جي موسم ۾ مليريا جي تپ جا راڱهڙا هوندا هئا. انھن ڏينھن تائين اڃا فقط ”ڪونين“ بہ ميسر ڪانہ ٿيندي هئي. غريب ويچارا مرندي مري ويندا هئا، پر علاج ڪرائي ڪونہ سگهندا هئا. مولوي صاحب مرحوم پاڻ بہ مليريا جو مريض هوندو هو، پر جڏهن بخار اچي حملو ڪندو هوس تہ مسجد ۾ تڏي تي ليٽي ۽ انتھائي خوش الحانيءَ سان ڪلام پاڪ جي سورت يوسف پڙهڻ شروع ڪري ڏيندو هو. سورت شروع ڪرڻ شرط کيس پگهر اچڻ لڳندو هو. هوڏانھن قرئت پوري ٿيندي، ۽ هيڏانھن مولوي صاحب جو بخار ختم.
مرحوم کي ڳاڙهن گوگائي مرچن کائڻ جو سخت شوق هوندو هو. ڳنڌڻ نہ ملندس تہ ڳاڙها مرچ، پاڻيءَ ۽ گيھہ جي ذري ۾ وجهي، ٽانڊن جو تؤ ڏيئي، سموري ماني انھن سان کائي پوري ڪري ڇڏيندو.
سندس ”هابي“ هوندي هئي خط لکڻ. هر هفتي هيڏانھن هوڏانھن پيو پنج - چار خط لکندو هو، جا تمام وڏي ڳالھہ هئي انھن ڏينھن جي لحاظ سان. مون کي ياد آهي تہ انھن ڏينھن ۾ پوسٽ ڪارڊ تي هڪ پئسو ۽ لفافي تي ٽڪو لڳندو هو. پر پئسي جو بہ ان زماني ۾ مانُ هوندو هو، ٽڪو تہ بنھہ وڏي رقم هوندو هو. مولوي صاحب، سرڪاري دفترن وانگر، پاڻ وٽ ٽپال جي آمدني - روانگيءَ جو رجسٽر ٺاهي رکيو هو: جو خط روانو ٿيندو تنھن جي داخلا ٿيندي، ۽ جڏهن جواب ايندو تہ داخلا جي سامھون ”جواب موصول شد“ جو نوٽ ٿيندو.
پئسو ٿيندو هوس تہ فارسي عربي جا ڪتاب گهرائيندو هو. ان باري ۾ دهليءَ جي هڪ ڪتبخاني سان مستقل لکپڙھہ جاري رکيو ايندو هو. ڪتبخاني جو نالو هوندو هو ”مطبع مجتبائي“، دهلي، جنھن جو مالڪ هوندو هو مولانا عبدالاحد صاحب.
مولانا محمد صديق جي زماني ۾ منھنجي فارسي عربي پڙهائي ختم ٿي. ايستائين زمانو بہ ڪجهہ ترقي ڪري چڪو هو، انگريزي تعليم جي ضرورت خاندانن کي محسوس ٿيڻ لڳي هئي. اسان جي گهر ۾ ڪنھن انگريزدان نہ هجڻ ڪري، ڏاڏي مرحوم کي هڪ - ٻن معاملن جي سلسلي ۾ تڪليف رسڻ لڳي. کيس شوق هوندو هو شڪار ۽ بندوقن جو. بندوقن جي سلسلي ۾ سندس لکپڙھہ لنڊن جي بندوق سازن سان هميشہ پئي هلندي هئي. خاص پنھنجيءَ منشا مطابق، آرڊر ڏيئي بندوقون ٺھرائيندو هو ۽ سالن جا سال ان باري ۾ نوشت - خواند جاري رهندي هئي. ان کان سواءِ، وقت جي عملدارن ڏانھن بہ ڪڏهن ڪڏهن چٺي چپاٽي رواني ڪرڻي پوندي هيس، جيڪا اوستائين سوال سٽي تي پيو لکائيندو هو.
مون کي انگريزي اسڪول ۾ موڪلڻ جو خيال تنھن هوندي بہ پيدا ڪونہ ٿيس. اتفاقا= پاڻ آبو روڊ شڪار تي ويو، جتي سيد همت علي نالي، آبو هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر سان دوستي ٿي ويس. سيد صاحب کي چئي، هڪ نوجوان انگريزي ماستر هٿ ڪيائين، جنھن کي ٽيھہ رپيا درماھہ پگهار تي مقرر ڪري، پاڻ سان گڏ وٺي آيو. ان ماستر جو نالو هو محمد رفيق، اصل ويٺل هو رياست ٽونڪ (راجپوتانا) جو.
انگريزي ماستر محمد رفيق صاحب ئي مون کي پھريون سبق ڏنو. پاڻ بہ شايد مئٽرڪ تائين پڙهيو هئائين. نماز، روزي، صفائيءَ ۽ طهارت سان خاص چاھہ هوندو هوس. گفتگو اردوءَ ۾ ڪندو هو، سنڌيءَ کان ناآشنا هجڻ سبب. جنھن تي بہ ناراض ٿيندو هو تہ اُن کي ”چغد“ سڏيندو هو. مون کي پرائمر پڙهڻ بعد اڃا انگريزي درسي پھريون ڪتاب ئي مس پورو ڪرايو هئائين تہ هڪ معاملو ٿي پيو، جنھنڪري هو ناراض ٿي واپس پنھنجي وطن هليو ويو. بنگلي جي اڱڻ ۾ هڪ ڪنڊ ڏانھن چوديواريءَ اندر پاخانو هوندو هو، جنھن جي استعمال جي مانوپلي ماستر صاحب کي ميسر هوندي هئي. ڳوٺ ۾ ڀنگي ڪين هوندا هئا، جنھنڪري ان پاخاني جي صفائي ڪانہ ٿي ٿي سگهي. هوا لڳي ٿي تہ صحن ۾ ويھندڙن کي بدبو ٿي آئي. تنھنڪري ڏاڏي مرحوم، ماستر صاحب جي زوردار احتجاج هوندي بہ، پاخاني کي ڪيرائي ختم ڪري ڇڏڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. هيڏانھن ڪاڪوس جون ديواريون ڪِريون. ۽ هوڏانھن ماستر صاحب جو بسترو گول ٿيو.
ماستر صاحب جي روانگيءَ بعد، منھنجيءَ والده جي اصرار تي، ڏاڏي مرحوم انتظام ڪري ڏنو تہ آءٌ هر صبح جو نصرت اسٽيشن تي وڃي اتانھون جي اسٽيشن ماستر کان سبق وٺي اچان. فاصلو ميل کن جو هو. پھرين پنڌ ويندو هوس، پوءِ هڪ ننڍي گهوڙي وٺي ڏنائين. گهوڙيءَ جو نالو هوندو هو ”بجلي“، جا عملاً بہ بلڪل اسم بامسميٰ هوندي هئي. منھنجي مٿانئس لانگ وري، ۽ پاڻ سرپور وٺي گهر ڏانھن ڊوڙڻ شروع ڪندي هئي. رستي ۾ ڪو سائي گاھہ جو ٻوٽو نظر آيس، تہ ڊوڙندي ڊوڙندي، هڪدم ۽ اوچتو اچي ان ٻوٽي وٽ بيھي رهندي، تنھنڪري لوڏي تي آءٌ هيٺ ڪِري پوندس. جيستائين آءٌ ڌڌڙ ڇنڊي ڪتابن جو ٿيلھو هٿ ڪري وري مٿانئس سوار ٿيندس، اوستائين گاھہ جو ٻوٽو کائي پاڻ بہ فارغ ٿي ويل هوندي. ان طرح سان، هفتي ۾ ٻہ - چار دفعا زمين بوسي ڪرڻ جو اتفاق پيو ٿيندو هو.
نصرت اسٽيشن جي بابوءَ جو نالو هوندو هو مسٽر ڄيٺانند ٺارومل هڱوراڻي، ويٺل هو ٺارو شاھہ ضلعي نوابشاھہ جو. انگريزيءَ جا ٻہ - چار درجا پڙهيل هو، پر وڏيءَ عمر سان گڏ وڏي تجربي جو صاحب بہ هوندو هو. ماستريءَ جا ڍنگ پورا پورا ياد هئس. منھنجي پڙهائيءَ تي سخت ڌيان ڏيندو رهيو. نظر بہ ڏاڍي ڪرڙي هيس. ڇا مجال منھنجي، جو سندس اڳيان فقط مرڪي بہ سگهان. پگهار سرڪار مان فقط ٽيھہ رپيا کڻندو هو، ۽ اسان وٽان پنج رپيا ماهوار، مگر نصيب وارو شخص هو. انھن ڏينھن ۾ مال جي چڙهائيءَ لاءِ ريلوي گاڏن جي سخت تنگي ٿي پئي. ڀر واريون وڏيون اسٽيشنون (نئون ديرو ۽ مدئجي) مال جي چڙهائيءَ لاءِ بند ڪيون ويون، تنھنڪري پسگردائيءَ جو سارو مال (اناج وغيرہ) نصرت تان چڙهڻ لڳو. هر ڳوڻ پٺيان چار آنا بابوءَ جي خرچي مقرر ٿي، شاھہ شاهوڪاري - نہ شڪايت جو شائبو، نہ ائنٽي ڪرپشن پوليس جي وٺ پڪڙ جو خطرو. ان طرح، بابو ڄيٺانند هر مھيني ڪيئي سؤ رپيا ڪمائيندو رهيو. رهڻي ڪرڻيءَ ۾ ڪفايت شعار هوندو هو. دال - ڦلڪي تي پيو گذر ٿيندو هوس، گوشت مڇيءَ جي فڪر کان آجو هوندو هو، البت ڪڏهن ڪنھن پاڙيواري آڻي ڪا مفت جي ڪُرڙي پيش ڪيس تہ ان جي واپرائڻ ۾ بہ ڪو اعتراض ڪونہ هوندو هوس. هر صبح، ”ڏندڻ لائڻ“ ۽ ”سنان پاڻي“ ڪرڻ بعد، ٻہ گهڙيون ويھي ”پرارٿنا“ ڪندو هو. پرارٿنا بعد ئي ٻيو ڪم شروع ٿيندو هو. کيس ٻہ پٽ هوندا هئا: رامچند ۽ ريواچند. ماستر صاحب کي انھن جي پڙهائيءَ، نوڪريءَ ۽ شاديءَ جو سخت فڪر لڳل هوندو هو. سندس همعصر ڪو شخص اچي ساڻس مليو، تہ فورا= رامچند ۽ ريواچند جي مستقبل جو ذڪر ڇيڙي ڏيندو.
ماستر ڄيٺانند جي بدلي ٿي وڃڻ بعد ماستر ڪشنچند آيو، جو روهڙيءَ جو ويٺل هو. ماڻھو کلڻو ۽ سلڇڻو، پر انگريزيءَ جي گهڻي واقفيت ڪانہ هوندي هيس. منھنجي پڙهائيءَ ۾ پڻ تنھنڪري ”لم ٺپ“ ڪرڻ لڳو. مثلا=، مون کي حڪم ڪيائين، تہ انگريزي - سنڌي ڊڪشنري هٿ ڪريان، ۽ هر صبح گهران هر هڪ ڏکئي انگريزي اکر جي معنيٰ ڊڪشنريءَ مان ڏسي اچان. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو سبق وٺڻ بدران آءٌ خود کيس سبق ڏيڻ لڳس. سال - اڌ اهو حال رهيو. پاڻ بدلي ٿي ويو تہ اسان جي انگريزي تعليم بہ ختم ٿي.
ان حقيقت مان انھن ڏينھن جي ”تعليمي سرشتي“ جو ڪجهہ پتو پوندو.

وڏيرو سائين

ڳوٺ جي وڏيري زور ورتو، راڄ هٿ ڪيائين، ڪامورن جي پشتي مليس، ”بدمعاشن“ خلاف ٻن - چئن ڪيسن ۾ ڊپٽي صاحب اڳيان ڪاميابيءَ سان اظھار ڏيئي آيو، لاڳيتا ٻہ - ٽي سال فصل بہ چڱا کنيائين، تہ هڪدم ”وڏيرو سائين“ بڻجي ويو.
پر ان منصب جو حاصل ڪرڻ ايترو ڏکيو نہ هوندو هو، جيترو اُن جو سنڀالڻ ۽ ان جون ذميواريون نباهڻ. وڏي هشياري ۽ معاملي فهمي درڪار هوندي هئي. ماڻھوءَ کي ڏينھن رات خبردار رهڻو ٿي پيو. عام چوڻي هوندي هئي: ”جيڏا اوتا تيڏا ڀوتا، جيڏا اُٺ اوڏا لوڏا“. پاڙيوارن جون رقابتون، عملدارن جون متلون مزاجيون (اڄ هڪ وڏيري کي هشي ٿي ڏنائون تہ سڀاڻي ٻئي وڏيري تي سندن نظر ڪرم ٿي پيئي)، مھمانخاني جا خرچ، گشتي عملدارن جون رسايون، ”پوزيشن“ کي سنڀالڻ لاءِ آمدني وڌائڻ جا ويچار، راڄ جي اندروني جهيڙن جهڳڙن کي سموهي ساري پاڙي کي پنھنجي هٿ ۾ رکڻ، پنھنجن گهرن ۽ ٻارن جي حفاظت ڪرڻ، جيئن ڪو دل سڙيو ”بدمعاش“ يا زهريلو رقيب جاني يا مالي نقصان پھچائي نہ سگهي، وغيرہ، وغيرہ -- هزارين هونديون هيون مصيبتون هڪ ”وڏيري سائين“ جي گردن ۾.
جن ماڻھن انھن سمورين جوابدارين کي ساري عمر احسن طريقي سان نباهيو، انھن مان هڪ شخص وڏيرو جان محمد خان ابڙو مرحوم، ڀونڀٽ پور تعلقي رتيديري جو زميندار هو.
زمين ٿوري، گهاڙ واھہ جو پاڻي ڪڏهن چڙهي ڪڏهن لھي، فصل ڪڏهن پچن ڪڏهن سوڪ ٿي وڃن، پاڙي جا وڏا زميندار راضي ”گهڙي پھر“. باقي سارو وقت ڇيڻن ڀورڻ ۾ مصروف، عملدارن جي ياري ”هڪ هٿ پڪ ٻي سڄي واري“، چوطرف هڪ راڄ نہ پر ”ست راڄي“، تعليم بنھہ ڪانہ، وڏي ڪوشش سان صحيح وجهي سگهبي، پر جڏهن ڳوٺ جو نالو لکڻو پوندو تہ ”ڀونڀٽ پور“ ”پوپٽ پور“ پئي پڙهبي، اولاد فقط هڪ پٽ، سو بہ ڦوھہ جوانيءَ اندر گذاري ويو، مٽ مائٽ ڪجهہ حاسد، باقي سڀ اڻگهڙيا ڪاٺ: غرض تہ حالتون ناسازگار، ذريعا محدود، مگر وڏيري جان محمد مرحوم جي وڏيرپ جو ڏونڪو پورا پنجاھہ سال انتھائي ڪاميابيءَ سان وڄندو رهيو.
عجيب خوبين جو صاحب هوندو هو، سياستدان، دور انديش، موقعي جو ڄاڻو، متحمل مزاج، حوصلي مند، ڪفايت شعار، گفتگو ۾ سخت هشيار. ڪنھن ٻئي ملڪ ۾ پيدا ٿئي ها ۽ تعليم پرايل هجيس ها تہ وڏو نانءُ پيدا ڪري ها. هت سندس هشياريءَ کي نظر ۾ رکي، عام ماڻھو، پنھنجي مخصوص ڳوٺاڻيءَ زبان ۾، فقط کيس ”ڪانءَ“ سان تشبيھہ ڏيندا ٿي رهيا.
ڪانءَ سان سندس ڀيٽ جو مقصد هرگز سندس گهٽتائي ڪرڻ ڪانہ هئي.
سنڌ جي ادب ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ اندر ڪانءَ تمام وڏي شيءِ هوندو هو، هر خيال کان ۽ هر لحاظ سان. سياڻپ ۽ دورانديشيءَ جي معاملي ۾ سندس ثاني ڪونہ سمجهندا هئا. خير ۽ خوشيءَ جو خاص خابرو ليکيو ويندو هو. وڇڙيلن ۽ آسائتن جو آخرين آسرو هوندو هو. ستن ڪوٽن اندر ڪڙيل ۽ قابو ٿيل مُٺيءَ مارئيءَ تائين مٺن ماروئڙن جي مخفي سنيھن ۽ سنديسن پھچائڻ جو ڪم سندس سپرد ٿي رهيو. ان عالمِ حبس اندر، جيڪڏهن کنياتو هر فجر جو ان ڪاري ڪوٽ جي ڪنگرن تان ويھي پنھنجين لاکيڻين لاتين سان کيس وندرائيندو ۽ آزاديءَ ۽ مارن سان ميلاپ جا آسرا نہ ڏيندو رهي ها، تہ هوند گهڻا ڏينھن مارئي زنده رهي سگهي ها؟ اهڙين خصوصي خدمتن عوض ئي سنڌ جي شاعرن ڪانءَ کي اهو درجو ڏنو، جو ايران اندر بلبل کي حاصل هو. منجهانئن ڪيترن سندس خدمت ۾ جيري ۽ هنيانءَ جا هديا پيش ڪيا. جن کان ايترو گهڻو پڄي ڪونہ سگهيو، تن پڻ گهٽ ۾ گهٽ کيس مٺا لولا ضرور کارايا.
تنھنڪري وڏيري جان محمد خان مرحوم کي جن ماڻھن اهڙي پکيءَ سان ٿي ڀيٽيو، تن حقيقت ۾ محض سندس سياڻپ ۽ ڪارآمدگيءَ جو داد ٿي ڏنو.
سندس ڪچھري ڏسڻ وٽان هوندي هئي.
پاڙي جي معززن ۽ عزيزن، ۽ ابڙا قوم جي مھانڊن لاءِ کٽون هونديون، باقي آئي وئي لاءِ نکون ۽ تڏا. صبح ٿيندو تہ غسل ڪندو، نماز پڙهندو، نماز بعد وار کولي اچي ڪچھريءَ ۾ ويھندو ۽ کين سيرون ڏيئي پيو سڪائيندو. گهڙيءَ پھر اندر ماڻھو اچڻ شروع ٿيندا. ڪن جون ٻڌيءَ ڇوڙيءَ جون دانھون هونديون، ڪن جا پاڻ ۾ ملڪيتن جا تڪرار هوندا، ڪن جا ڪن ڏانھن ”پاڻيءَ جا پاءَ“ رهيل هوندا. پاڻ ڳالھيون ٻڌندو فيصلا ڏيندو ويندو، جيڪو فيصلو نہ مڃيندو تنھن کي دٻ دڙڪو پيو ڪندو. ڪنھن لچ لونبڙ واتان ڪو نا مناسب گفتو نڪري ويو تہ سخت تنبيھہ ملنديس. ڪامورن جو بيحد آڌر ڀاءُ ٿيندو رهندو. وڏن عملدارن جي ويجهو گهڻو ڪري ڪونہ ويندو. هيٺين ڪامورن سان سخت نياز ۽ نوڙت سان پيو هلندو. ۽ کين هميشہ راضي رکيو ايندو. مٿين عملدارن مان وڌ ۾ وڌ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ ڊپٽي سپريڊنٽ پوليس تائين ويندو، عام طرح سندس اٿ - ويھہ مختيارڪار ۽ صوبيدار تائين هوندي. پاڙي جا ٻيا زميندار سڀ وڏا ماڻھو ۽ مغرور هوندا هئا، جن جي ڪليڪٽر ۽ ڪمانيءَ کان هيٺين عملدارن ۾ بنھہ اک ئي ڪانہ ٻڏندي هئي - ان ڳالھہ جو فائدو جان محمد خان وٺندو رهيو.
هيٺين عملدارن سان حسن سلوڪ ڪري کين هميشہ پنھنجو طرفدار ۽ مددگار بڻايو ويٺو رهيو. انھن جي وسيلي، پنھنجي درجي آهر، هر سرڪاري عزت حاصل ڪيائين. ڪمشنر جي درٻار جي ڪرسي، ڪجهہ عرصي لاءِ آنرري مئجسٽريٽي، بندوقن جا ليسن، وغيرہ وغيرہ. پنھنجيءَ وزارت جي زماني ۾ مون کيس ”جسٽس آف دي پيس“ (جي. پي) پڻ مقرر ڪيو.
پاڙي جا زميندار، حسد وچان، کيس نقصان پھچائڻ لاءِ هزار ڪوششون ڪندا، پر حد جا ننڍا عملدار سندس پاسو وٺيو بيٺا هوندا، جنھنڪري کيس ڪا بہ تڪليف ڪانہ ٿي رسي.
”رعب تاب“ ۽ ”حفظ مراتب“ جي اصولن جو خاص خيال هوندو هوس. ڄٽ ڄاموٽ کي اک ۾ رکيو ايندو. مجال آهي جو ڪو سندس اڳيان گستاخي ڪري يا کٽ يا موڙي تي چڙهي ويھي، هڪدم هڪل ڪري مٿان اٿاري هيٺ ويھاريندس.
مون پنھنحيّ ڳوٺاڻي زندگيءَ واري زماني ۾ دستور جاري ڪيو تہ ڪو بہ ماڻھو منھنجي اڳيان هيٺ نہ ويھي. هر آئي وئي ۽ غريب ماڻھوءَ لاءِ بہ ڪرسيون، کٽون ۽ موڙا رکائي ڇڏيم. جان محمد خان مرحوم کي اها ڳالھہ ڪانہ وڻي، سو هر ڀيري شڪايتون ڪندو رهيو - چي، ”تو لچن لوفرن جي دل وڌائي ڇڏي آهي، ان مان ڏاڍو ڏچو پيدا ٿيندو.“ پسگردائيءَ جي ڪنھن ”ڄٽ“ سرڪشي اختيار ڪئي تہ هڪدم صوبيدار سان بندوبست، ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر اڳيان شڪايت ڪري، بدمعاشيءَ ۾ جهلائي ڇڏيندس. ننگاوتيءَ جي ڳالھہ تان ڪنھن خون ڪري وڌو تہ پراڻي فيوڊل دستور موجب ان شخص جو هرگز ”پن نہ کڻندو“، بلڪ ڦاسي پوندو تہ مناسب مدد ڪري ڇڏائي بہ وٺندس.
سندس دورانديشيءَ جو هيءُ عالم هوندو هو جو پاڻ کان ڏاڍي سان بنھہ هٿ نہ اٽڪائيندو. اڳواٽ ڏسي وٺندو هو تہ ڪھڙي شخص مان ڪيتري فائدي ۽ ڪيڏي نقصان پھچڻ جو امڪان ٿي سگهي ٿو، پوءِ بعينہ ان انداز ۾ ان سان تعلقات رکيو ايندو. مثلا=، منھنجن بزرگن سان اوائل کان وٺي سندس تعلقات اهڙا نہ هوندا هئا، جھڙا هجڻ کپندا هئا. انھن جي انتقال بعد منھنجو وارو آيو، سمجهي ورتائين تہ مون ۾ نقصان پھچائڻ جي وڌيڪ صلاحيت آهي، تنھنڪري مون سان هڪدم ميٺاج، بلڪ فرمانبرداريءَ جو سلوڪ ڪرڻ لڳو. سالن جا سال اها ڪيفيت قائم رهي. مرحوم مون سان اهڙا پير کنيا جو سندس قضيو ٿيو تہ مون ائين سمجهيو تہ ڄڻ منھنجو هڪ بزرگ گذاري ويو.
هڪ ٻيءَ خوبيءَ سبب پڻ آءٌ سندس ڏاڍي عزت ڪندو هوس. مثلا=، ڪنھن پاڙيواري سان ڪيڏي بہ دشمني هونديس، مگر ان شخص تي ڪا تڪليف اچي ويئي تہ هر مناسب طريقي سان اُن جي مدد ڪندو. هڪ واقعو مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي. جنھن زماني ۾ منھنجن بزرگن ۽ وڏيري جان محمد خان جا تعلقات خراب هوندا هئا، ان زماني ۾ هڪ دفعي اسان جي ڳوٺ جي ڀر ۾ ڀٽي واھہ کي کنڊ پئجي ويو، جنھنڪري اسان جي ڳوٺ ٻڏي وڃڻ جو سخت خطرو پيدا ٿيو، پاڻيءَ جو ايڏو زور هو جو ڳوٺ ٻڏڻ ۾ باقي گهڙيءَ پھر جو سوال وڃي رهيو، ۽ ڳوٺ غرق ٿئي ها تہ اسين هميشہ لاءِ برباد ٿي وڃون ها. جان محمد خان کي خبر پئي، پاڻ لٽا لاهي، گوڏ ٻڌي، پنھنجي شھر جا سمورا ماڻھو ڪڍي اچي کنڊ ٻڌائڻ بيھي رهيو. سندس پنھنجو ڀاءُ پاڻيءَ کان ٻاهر واھہ جي ڀر تي بيٺل نظر آيس، هڪل ڪري چيائين: ”نامراد، اڃا ڀڪ تي ويٺو آهين! اندر گهڙ، مر، مري سر ڏي، ويل اٿئي، ويل ٿو وڃائين!“ سندس ڀاءُ ٽپو ڏيئي واھہ ۾ گهڙي پيو. وڏيءَ محنت بعد کنڊ ٻڌو، ۽ اسان جو ڳوٺ غرقابيءَ کان بچي ويو. چوندو هو:”ميان علي محمد شاھہ! پاڙي ۾ ويٺا آهيون، ورو وري تي رکيو، پاڙو پيغمبرن کي بہ پيارو هوندو هو.“
مون سندس ڪفايت شعاريءَ جو ذڪر ڪيو آهي. مرحوم جي زمينداري تمام محدود هوندي هئي، مگر تنھن هوندي بہ ٻيءَ طرف ڪفايت ڪريو پنھنجي ”اوطاق“ قائم رکيو آيو. آئي وئي لاءِ مانيءَ جو ٽڪر هر وقت موجود هوندو. اجائي خرچ کان ائين ويندو، جيئن ”ڪانءُ ڪمان کان“. ساري عمر ٿرڊ ڪلاس ۾ سفر ڪيائين، نصرت اسٽيشن کان لاڙڪاڻي جو ڀاڙو فقط چار آنا هوندو هو، پر بغير اشد ضرورت جي لاڙڪاڻي تائين بہ ڪونہ ويندو. ڪنھن لڱا لاڙڪاڻي وڃي نڪرندو تہ شھر ۾ بگي ڀاڙي نہ ڪندو، پنڌ هلندو رهندو، مگر اهڙي شان سان، جو ٻہ - چار ماڻھو ضرور ڪڍ هوندس. صورت ۾ بہ ڏاڍو معزز پيو لڳندو هو - بت ڀريل، قداور، ڏاڙهي چاپئين، سھڻي. لباس: کنڀيل سفيد پڳ، ڊگهو سفيد پيراهن، سفيد سٿڻ، پير ۾ سنڌي جُتي، ڪلھي تي دائما سفيد بوڇڻ، ڪوٽ گاهي ماهي پائيندو، هٿ ۾ سنھو نيٽ جو لڪڻ.
گفتگو ڪندو تہ سمجهي سوچي، اثرائتن اکرن ۾، دليلن، سببن ۽ ثابتين جي بنياد تي. هر جملي مان اڳلي لاءِ عزت پئي بکندي، جنھنڪري ٻڌندڙ هڪدم موهجي ۽ طرفدار بڻجي پوندو. پنھنجن ذات ڀائين ابڙن کي هميشہ ڇاتيءَ سان لايو ويٺو هوندو هو. کيس پنھنجيءَ قوم آبڙ جي ماضيءَ تي فخر هوندو هو، ۽ سياسي فائدن جي خيال کان ”آبڙ“ جي حلقي ۾ پسگردائيءَ جي هر ذات کي شامل ڪري ڇڏيو هئائين، مثلاً ڪماريا، دائودجا، راهوجا، جيھا، ککراڻي، ڏيٿا، گهانگهرا، جوڻيجا، وغيرہ. جا ذات سڌيءَ طرح آبڙ ۾ اچي نہ سگهندي، تہ ان کي ”سماٽ“ ۾ داخل ڪري، ابڙن جو سؤٽ ثابت ڪري ڇڏيندو. پاڙي جي هر ڳوٺ اندر هڪ ”مھانڊو“ پيدا ڪيائين، جنھن جي ذريعي ان ڳوٺ جي ماڻھن تي پنھنجو اثر قائم رکيو آيو. سندس سلوگن (Slogan) يا نعرو هوندو هو: ”آبڙ جو ننگ!“ ان ”ننگ“ جي بنياد تي ساريءَ آبڙ کي سلھاڙيو ويٺو رهيو. پري پري جا ابڙا بہ کيس پنھنجو اڳواڻ سمجهندا رهيا. ساريءَ اپر سنڌ اندر جت بہ ڪو ابڙو وڏيرو نظر آيس تہ ان سان وڌي وڃي تعلقات پيدا ڪيائين. کين چوندو: ”ادا، ابڙا آهيون، پاڻ ۾ ڀائر آهيون، آبڙڪيءَ جو ننگ اسان کي نہ پوندو تہ ٻئي ڪنھن کي پوندو!“ غرض تہ نہ فقط خاص پنھنجي پسگردائيءَ اندر، بلڪ ساريءَ اپر سنڌ ۾ سندس دوست هوندا هئا: وڏيرو صاحب خان جوڻيجو مرحوم (ڌامراهن تعلقي لاڙڪاڻي وارو)، وڏيرو شير محمد خان ڪماريو، (لاڙڪاڻي وارو)، عبدالرحمان موهل (نئين ديري جي ڀر وارو)، رسول بخش خان جوڻيجو (مرزانپور تعلقي ڳڙهي ياسين وارو)، وڏيرو پيرل خان ککراڻي (لڳ نو شھرو تعلقو ڳڙهي ياسين). کھڙن مان محمد ايوب خان کھڙي زور ورتو تہ کھڙا بہ ”سماٽ“ ۾ شامل ٿي ويا، باقراڻيءَ واري وڏيري غلام عمر خان انڙ ترقي ڪئي تہ انڙ بہ ان زمري ۾ منسلڪ ٿيا. غرض تہ مرحوم جان محمد خان جي اها پاليسي پڇاڙيءَ تائين ڪامياب رهي، ۽ پاڻ کي ڪڏهن بہ اڪيلو شمار ٿيڻ نہ ڏنائين. في الحقيقت، ان زماني جي هوندي بہ اها وڏي ۾ وڏي ضرورت هئي.
پنھنجي ڳوٺ تي ساھہ ڏيندو هو. سندس بيٺلائي ڏسي، ڪيترائي ماڻھو ٻاهران لڏي اچي سندس ڳوٺ ۾ ويٺا، جنھنڪري سندس ڳوٺ ڏاڍو وسيو. هر قسم جا ڪاسبي ۽ پيشه ور ماڻھو، جن کي ڳوٺن جي سونھن سمجهيو ويندو هو، موجود ٿي ويا. لوهرن مان مرحوم عثمان عجيب، سچو، معزز، همدرد ۽ نيڪ سيرت انسان سمجهيو ويندو هو. سندس دڪان هڪ قسم جي ڪلب يا ڪچھريءَ جي جاءِ هوندو هو. مُلپيءَ جو ڪم ملان ﷲ بخش (يا ملا علو) جي سپرد هو. ڳوٺ جو موچي استو عارب هوندو هو، جنھن جون ٺاهيل سنڌي جُتيون پنھنجو مثال پاڻ هونديون هيون. پر گراهڪن کي جُتين ٺاهي ڏيڻ بدران گهڻو ڪري ”موچڪن دلاسن،“ تي رکندو هو. استو محمد ڪنڀر هوندو هو، جنھن جي آويءَ تان لٿل ٿانو ڏاڍا مرغوب هوندا هئا. واڻين (هندن) جو هڪ سڄو پاڙو هوندو هو، جن جو مُکي هوندو هو وهنواريو مل. وهنواريومل، وهنوار جي ڪمن ۾ پنھنجي ڳوٺ جي وڏيري وانگر ”صاحبِ پاليسي“ هوندو هو. هٽ هلائڻ کان سواءِ، زمينن جا ٺيڪا بہ کڻندو رهيو. پنھنجي نياز نوڙت ۽ هيٺانھينءَ وسيلي پاڙي جي کاتيدارن جا ڪَنَ ڪتري ڇڏيائين. غريب کان غريب مسلمان کاتيدار جي اڳيان بہ ڌرتيءَ تي ويھي رهندو، ۽ هٿ ٻڌي پيو چوندس. ”سائين، تون هاٿي آءٌ ڪِول، تنھنجو پير مون تي پوندو تہ منھنجو نشان بہ ڪونہ رهندو“ - پر ان ”ڪول“، وقت آئي، ڪيترن ئي ”هاٿين“ جا نشان مٽائي ڇڏيا. ڀائي هرداسمل ڀونڀٽپور جو ٻيو مھانڊو هوندو هو، وهنوارئي مل کان گهٽ ”پيرڙيو“، ۽ وقت آئي ”مڙس ماڻھو“.
جان محمد خان جو ڳوٺ وسيو، تنھن جا سبب اُهي ئي هئا، جن جي بنياد تي ان زماني ۾ ٻھراڙيءَ اندر ڳوٺ وڌندا ٿي رهيا. مثلاً:
(1) ڳوٺ - وڏيري جي زورائتي هجڻ سبب چوريءَ چڪاريءَ جو امڪان ڪونہ رهيو،
(2) لچ لونبڙ اشرافن سان ”آسيب“ ڪري ڪونہ ٿي سگهيو،
(3) آئي وئي ڪاموري سان وڏيرو پاڻ منھن ڏيندو ٿي رهيو، جنھنڪري شھر جا ماڻھو عملداري آزار کان محفوظ ٿي رهيا،
(4) وڏيري پاڻ يا سندس ڪٽنب جي ننڍن وڏن مان ڪنھن بہ راڄ جو لوڙهو ڪونہ ٿي لتاڙيو، جنھنڪري ننگاوتيءَ جي معاملي ۾ راڄ جي ماڻھن کي اطمينان حاصل هو.
عام چوڻي هوندي هئي تہ ”ماڻھو ٿڌيءَ ڇانو هيٺان ئي اچيو آسائش وٺي ٿو“. وڏيري جان محمد خان مرحوم ٿڌي ڇانوَ پيدا ڪئي، جنھنڪري هيڏانھن هوڏانھن جي ماڻھن ڊوڙي اچي ان ٿڌيءَ ڇانوَ هيٺان آسائش ڪئي.
مائي حليمان ميربحر، ڀونڀٽپور جو هڪ خاص ڪئريڪٽر هوندي هئي. سياڻي، فضيلت ڀري، شاديءَ غمي جي ڪمن ۾ هرهڪ جي همدرد. پاڙي ۾ جنھن بہ سڏ ڪيس، خوشيءَ سان ورنائيندي. سڱابنديءَ جو معاملو هوندو تہ طرفين جي وچ ۾ نياپا سنيھا پڄائيندي ۽ آخر آڻي گهوٽيتن خواھہ ڪنواريتن کي هڪ ئي نڪتي تي بيھاريندي. ڪنوار کي ”ونواھہ“ جي ڏينھن اندر ”ٺاهڻ“، سينگارڻ ۽ سنوارڻ جو ڪم پنھنجي ذمي کڻندي. هر صبح جو اچي ڪنواريتي گهر رسندي: ڪنوار جي جسم کي اَٽي ۽ سرنھن جي تيل سان مليندي، مٿي کي سير ڏيئي صاف ڪنديس، ميٽ تيل سان وهنجارينديس، ۽ وهنجارڻ کان پوءِ مٿي ۾ تيل وجهي ۽ سينڌ ڏيئي، سندر وجهنديس، هٿن پيرن تي ميندي لائينديس، اکين کي ڪجل جي ”ريھہ“ ۽ چپن کي سرخيءَ جو چٽڪو ڏينديس، کاڌي لاءِ بُسريءَ، چُوريءَ، ڪُٽيءَ، مکڻ ۽ مُستيءَ جو انتظام ڪنديس. آخري ”مٿاميڙ“ جي موقعي تي، لانئن ڏيارڻ ۽ ساٺن سڳڻن پوري ڪرائڻ جي ذميواري پڻ سندس سر تي هوندي. جيستائين نکيٽي (يا رخصتي) جو وقت ايندو. مائي حليمان اهي سمورا ڏينھن هر شام جو ڳوٺ جي زالن کي گهوٽيتن جي گهر جمع ڪري، انھن سان گڏجي ويھي سھرا چوندي. سھرن ۾ زياده تر ذڪر هوندو زيورن جو، سونن ۽ نھرن جو – ”دُري گهڙائج نھري“ جن زيورن جي سلسلي ۾ سون مھيا ٿيڻ جو امڪان نہ هوندو، تن جي باري ۾ پڻ اصرار هوندو تہ گهٽ ۾ گهٽ ”نھرا“ ضرور هجن.
وڏيري جان محمد خان مرحوم جي صورت هينئر بہ اکين اڳيان پئي ڦريم، توڙي جو آءٌ سندس ڳوٺ کان چار هزار ميل پري، منيلا فلپائن ۾ ويٺو هيءُ مضمون لکان -
...اڇو اجرو، ڪميت گهوڙيءَ تي چڙهيل، هنج ۾ ٻارهن بور جي دونالي بندوق گهوڙن سان (آءِ. هالس ڪمپنيءَ جي ٺھيل) رکيل، اڳ ۾ هڪ يا ٻہ ڪنجڪي، گهاڙ واھہ جو ڪنارو ڏيو پيو ڳوٺ اچي يا ڳوٺ مان نڪري: يا اوطاق جي ٻاهران ويٺو آهي، گهاڙ واھہ جي ڪناري تي، ٻٻر جي ڇانوَ هيٺان، کٽ تي: مٿي تي ڀرت ڀريل ننڍي ٽوپي، سفيد چولو، سفيد گوڏ، چوڌاري ڪچھري، جنھن ۾ ويٺا آهن سندس پاڙي جا مھانڊا - ميھو خان ککراڻي، وڏيرو جھان خان ککراڻي، بھادر خان، بالاچ خان، مرزا خان (يا سندس پٽ نھال خان) ککراڻي، فيض محمد ڏيٿو، محمد پناھہ راهوجو، وغيرہ وغيرہ: پيون هلن اوڀاريون لھواريون حڪايتون، ٻَڌيءَ ڇوڙيءَ جون شڪايتون، آبڙڪيون روايتون: هرڪو خوش، هر ڪو مطمئن...
مرحوم نوي ورهين جي ڄمار ۾ انتقال ڪيو. ساري عمر سندس هاٺي مضبوط رهي. ان جو سبب هو ڳوٺاڻي خوراڪ (ماهيو کير، ڏُڌ، ڏهي، مکڻ، ڇيلي جو گوشت، گهر اندر جنڊ ۾ پيٺل هٿ جو صاف ۽ تازو اٽو)، تازي کليل هوا، سانوڻ ۾ ڏکڻ جي هير، سياري ۾ اتر جي جهَڪ، جهنگ جي خوشبو، فطري ورزش، پَنڌ يا گهوڙي جي سواري، رفتارِ زندگيءَ جي آهستگي: اچڻ وڃڻ جا پروگرام ٺهندا، تہ نہ ڪلاڪن نہ ڏينھن پيرين، پر چنڊ جي چڪر ۽ موسمن جي ڦيري جي بنياد تي. رات وڳڙي روشني هوندي تہ چنڊ جي چانڊاڻ ۽ تارن جي جهرمر جي، اونداهيءَ ڪوٺيءَ ۾ وڃڻو پوندو تہ تيل جو ڏيئو کڻبو. ڏينھن جو گرمي ٿيندي تہ ڇت جي جهلي هلندي يا هاٿائون پکو، سياري ۾ پارو پوندو تہ ٻاٻرا، ڪانڊاوان، يا باهڻ جا بنڊ ٻرندا، طعام وجهندو تہ ٺڪر جي ڪُنينءَ ۾ يا وڌ ۾ وڌ ٽامي جي قلعي ٿيل ديڳڙن ۾. ڊڳڙي پچندي تہ پاهڻ جي ٿوٻيءَ يا ٺڪر جي دانگيءَ تي. چلھي هيٺان باھہ هوندي تہ ڪاٺين جي، ۽ نہ گاسليٽ نہ ڪوئلن نہ گئس نہ بجليءَ جي - آهستو آهستو پئي ٻرندي - نہ وٽامن سڙڻ جو خوف، نہ ديڳڙن جي ڪس لهڻ جو امڪان، نہ کاڌي جي اصلي ذائقي ڦري وڃڻ جو احتمال. ڀاڄي هوندي تہ پنھنجي واڙيءَ جي، يا فصلي ۽ جهنگائين- سرنھن ڄانڀي جا ڳنر، مٽرن چڻن جي پلي، اِڪڙ جا پن، گوار جون ڦريون، لوڻڪ ۽ للر جا موڙ- هٿ جي مکڻ ۾ رجهندي، ٿوم جو واس ڏنو ويندو. ليلو يا گهر جو پليل چوزو چڙهندو تہ ٻوڙ ۾ ڌاڻن جا تازا پن داخل ٿيندا، جيئن سڳنڌ پيدا ٿئي، ڇٺي ڇماهي ڪو تتر اچي ويو تہ سبحان ﷲ، بهشتي ميوو، جنت جو لڏون سمجهيو ويندو!
“ نہ وري اها زندگي موسيقيءَ کان ئي خالي ٿي رهي. يڪتاري يا گهڙي وارو ڪافير نہ هوندو تہ قدرتي آڪسٽرا موجود هوندو: سانوڻ جا پاڻي وهي ايندا تہ ڏيڏرن جا بئنڊ ۽ ٽيٽهر جي وائلن پئي ٻڌبي. چيٽ آيو تہ ڪارڙو تتر ميدان ۾ موجود هوندو، پيو سڏيندو ”پير پير کدو“. خواجه خضر آيس نہ آيس، پر ”مسيون“ (ڪارڙي تتر جون ماديون) گهڻيون ئي اچي ملنديس. عشق کي اندازَ اندر هلايائين تہ مدتن تائين مرڪندو رهندو، ٻيءَ صورت ۾ هر عاشق زار وانگر ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي وڃي ديڳڙي داخل ٿيندو. هر پرھہ ڦٽندي، کنياتي جي مٺين لاتين سان، ۽ هر شام ايندي بگڙي تتر جي تنوار بعد. ۽ نہ وري قدرت جو اهو پروگرام ان وچ ۾ ئي بند رهندو. گهرن اندر جهرڪين جي جهٽ مٽ ۽ جهيڙا هوندا، گهر جي ٻاهر وڻن مٿان ڳيري جي ”گهوگهو“، ۽ وڻن هيٺان ڳوٺاڻي ڳيري جي ”هو هو“!
پوءِ انسان جا اعصاب ڪمزور ٿيندا تہ ڇو، بدهاضمي جي شڪايت ٿينديس تہ ڇا وگهي؟ ۽ اهڙي اطمينان بخش، صاف ۽ سٿريءَ فضا اندر جيڪڏهن نوي ورهين تائين جيئرو رهيو تہ عجب جو ڪھڙو سبب؟

طيب جا ديوان

---

راءِ صاحب مولچند

پنجوديري کان سواءِ طيب جو شھر، جيڪو رتيديري کان ٻن - چئن ميلن جي فاصلي تي، نئين ديري واري رستي جي ڪناري تي آهي، سو پڻ هندو ديوانن جو ڳڙھہ هوندو هو. ديوان انگريزي پڙهيل، انگريزي طرز رهائش جا دلداده! ۽ وڏين املاڪن جا مالڪ هوندا هئا. هليءَ چليءَ ۾ مسلمان زميندار جي ڪاربان ڪاپي. سٺا بنگلا، ڀڀڪيدار ڪمدار ۽ نوڪر، سواريءَ لاءِ قيمتي گهوڙا بگيون ۽ موٽرون. لباس گهر اندر مسلمانڪو، اندر - ٻاهر لاءِ انگريزي سوٽ - ڪوٽ. ناڻي جي نمائش لکن پيرين. وندر لاءِ هڪ - اڌ مسلمان سُريت، جنھن جي رهائش جو انتظام ٿيل هوندو ديھن تي.
راءِ صاحب مولچند سخاوتراءِ هڪ صوفي منش صاحب هوندو هو. شلوار پھريندو هو ۽ مٿي تي پٽڪو رکندو هو، ڏاڙهي مٺ کان وڏي هوندي هيس، پري کان مولوي پيو نظر ايندو هو. ويدانت سان واهپو ۽ سرود سماع سان ڳوڙهي دلچسپي رکندو هو. انگريز سندس عزت ڪندا هئا. آنرري ماجسٽريٽن جو سرشتو جاري ٿيو تہ کيس هڪ بينچ جو چيئرمن مقرر ڪيائون. صحيح ڪندو هو تہ پنھنجي نالي کان پھريائين، پنھنجي هٿ سان پاڻ کي “R.”“، (راءِ صاحب) لکندو هو.

ديوان آتمارام

ديوان آتمارام وڏيءَ همت ۽ نالي وارو شخص هوندو هو. ڪنھن جي پرواھہ ڪانہ ڪندو هو، حتاڪ گهڻو ڪري وقت جي حاڪمن کان پڻ پاسيرو پيو رهندو هو. پئسا جام هوندا هئس، جنھنڪري هرڪو پيو کانئس ڪن هڻندو هو. هڪ دفعي، اتفاقا= مٿس جعلسازيءَ جو مقدمو ٿي پيو. ڪنھن دستاويز ۾ درستي ٿيل هئي، سندس مخالفن الزام آندو تہ اها درستي جعلي آهي، جيڪا آتمارام پاڻ ڪئي آهي. وقت جا آفيسر اڳ ۾ ئي سندس مخالف هئا، بھاني ملڻ تي هڪدم طوفان کڙو ڪري ڏنائون. مقدمو سيشن تائين ويو. آتمارام پنھنجي بچاءَ لاءِ، ڪلڪتي جو ناليوارو انگريز بئريسٽر سَر ارڊلي نارٽن گهرايو، جنھن جو نالو ٻڌي مقامي عملدارن جا وار کڙا ٿيڻ لڳا. سيشن جج، وائر فيلڊ نالي انگريز هو، جنھن ڪيس ٻڌڻ کان پوءِ ملزم کي بيگناھہ سمجهي باعزت آزاد ڪري ڇڏيو. ان واقعي کان پوءِ آتمارام جو رعب اڳ کان بہ اڳرو ٿي ويو. ٻھراڙيءَ جي حالتن کي ناسازگار ۽ عزت نفس جي منافي سمجهي، طيب ۾ مستقل رهڻ ڇڏي ڏنائين. ڪراچيءَ ۾ بنگلو وٺي، اڪثر وقت وڃي ات رهڻ لڳو. عام ماڻھو کيس سخن جو سچار ۽ بھادر سمجهندا هئا. وقت آئي، واقعي هر دوست سان ڪلھو ڏيئي بيھڻ وارو هو.

ديوان جيوتراءِ

آتمارام جو هڪ سؤٽ ديوان جيوتراءِ هوندو هو. ساڳيو نمونو ۽ ساڳي طرز رهائش. يار ويس هوندو هو. منھنجو ننڍڙائيءَ جو دوست. پاڙي جي مسلمان زميندار کي شڪار ڪندو ڏسي، پاڻ بہ بندوق ڌاريائين. پکي مري نہ مري، پر رسم پوري ڪندو رهندو هو.
طيب جي مکيہ ديوانن مان ڪنھن بہ انگريزن جي نوڪري ڪانہ ڪئي. انگريزي زبان سکيا ضرور، مگر ان مان زمينداري معاملات کان ٻاهر ڪو بہ فائدو ڪونہ ورتائون. برعڪس ان جي، خيريديري ۽ بنگلديري جا عامل ديوان زياده تر نوڪرين جا متلاشي رهيا، ۽ منجهانئن ڪيترن ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رٽائر ڪيو.

خيروديرو

---

آتمارام

خيريديري جو هڪ ديوان، جنھن جو نالو پڻ آتمارام هو، ڊپٽي ڪليڪٽريءَ تان رٽائر ڪرڻ بعد، پھرين بينچ ماجسٽريٽ ۽ بعد ۾ اسپيشل فرسٽ ڪلاس ماجسٽريٽ مقرر ٿيو. ڪجهہ وقت تائين ڏاڏي مرحوم سان گڏ بينچ جو ميمبر هوندو هو. عقلمند، تجربيڪار، خداترس، ۽ منصف مزاج سمجهيو ويندو هو. مون کي مطالعي جو شوقين ڏسي، هڪ دفعي صلاح ڏنائين تہ ”ڪتاب پڙهندي جيڪا شي اهم ڏسين، سا جدا ڪاپي - بڪ تي نوٽ ڪندو وڃ. ان طرح سان خودبخود مطالعي جو نچوڙ دماغ تي نقش ٿي ويندءِ. ٻيءَ طرح سان مطالعو بي نتيجي رهجي ويندو.“ اڳتي هلي، تجربي ثابت ڪيو تہ سندس اهو مشورو بلڪل صحيح هو.

ﷲ بخشڪ خان هَڪڙو

خيريديري ۾ زور تہ هوندو هو، هندو ڪامورن جو، شھر جي زمينداري وري بہ پشت بپشت هَڪڙن زميندارن جي ئي حوالي هوندي هئي. منھنجي زماني ۾ خيريديري جو مکيہ زميندار هوندو هو، ﷲ بخش خان هَڪڙو. مدبر، بااخلاق، ۽ مڙسيءَ وارو ليکيو ويندو هو. گهڻو ڪري پاڙي جي وڏن زميندارن جي ڪاڻ ڪانہ ڪڍندو هو، حلقه ِّ اثر محدود سھي، پر پنھنجي ”خانيءَ خان“ هوندو هو. سياري جي موسم ۾ ڊگهو اوورڪوٽ پايو وتندو هو، جنھن جي پٺيان واري پٽيءَ تي هيءُ شعر ڪاري ڌاڳي سان ڀرائي ڇڏيو هئائين:
ﷲ بخش هڪڙه زهي نيڪ نام،
خدا بخش ابوش شدہ نيڪ ڪام.
تعلقي جو مرڪزي شھر هوندو هو رتيديرو. ميونسپالٽي پيل هيس، تعلقي آفيس بہ اتي ئي هوندي هئي.
ان شھر سان تعلق رکندڙ ٻہ شخصيتون قابل ذڪر آهن.

راءِ صاحب گوڪلداس ميولداس

راءِ صاحب گوڪلداس ميولداس ميونسپل پريزيڊنٽ هوندو هو. شريف، امن پسند، ۽ زبان جو وزني سمجهيو ويندو هو. سنڌ بمبئيءَ کان جدا ٿي تہ لاڙڪاڻي ضلعي مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. وزارتن ڦرندي گهرندي، ٻہ - ٽي دفعا وزير بہ بڻيو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ديس کان موڪلائي وڃي هندستان ۾ رهڻ لڳو. پويان پنھنجي شھر جي هندن خواھہ مسلمانن اندر چڱو نالو ڇڏي ويو.

حاجي علي نواز خان گهانگهرو

مسلمانن مان مرحوم حاجي علي نواز خان گهانگهرو، رتيديري ۽ پسگردائيءَ اندر وڏيءَ هلنديءَ وارو هو. خلافت تحريڪ ۾ سندس خاندان خاص بھرو وٺي چڪو هو، جنھنڪري تحريڪ ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ بہ علي نواز خان انگريز عملدارن اڳيان معتوب رهندو آيو. پر پاڻ بہ سندن پرواھہ ڪانہ ٿي ڪيائين، شايد ئي وڃي ڪڏهن ڪنھن ڪليڪٽر يا ڪمانيءَ جو سلام ڪيائين. ديندار هوندو هو، ۽ قمبر واري پير ميان تراب علي شاھہ رحمة عليہ جي حلقهءِ احباب سان وابستہ هو.

علي حسن خان گهانگهرو

مرحوم علي نواز خان جو سؤٽ، علي حسن خان گهانگهرو، تہ خلافت تحريڪ جي هڪ تاريخي شخصيت ٿي گذريو هو. سڀ کان پھرين، تحريڪ جي سلسلي ۾، بغاوت جو مقدمو مٿس هليو هو. الزام هيءُ هوس تہ هن ماڻھن کي وطن ڇڏي، افغانستان ڏانھن هجرت ڪري وڃڻ لاءِ آمادہ ٿي ڪيو: اُن دؤر جو اهو هڪ زبردست مقدمو بڻجي پيو هو. پوليس عملدارن پاڙي جي ڪيترن زميندارن کي بطور شاهد جي آڻي پيش ڪيو. اپر سنڌ ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. مقدمو لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ، ايڪٽ (A.S.V Acott) نالي انگريز وٽ هليو. مرحوم علي حسن خان پاران، بطور وڪيل، لاڙڪاڻي وارو رئيس غلام محمد غلام علي وڪيل پيش ٿيو، جنھن مقدمي هلندي پنھنجي قانوندانيءَ جا وڏا جوهر ڏيکاريا، نتيجو اهو نڪتو جو خود انگريز ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ انگريزن جي باغيءَ کي بيقصور ٺھرائي، آزاد ڪري ڇڏيو. انصاف ٿيندو هو، حاڪم بيشڪ ڌاريا هوندا هئا، پر عدل ۽ انصاف جي معاملي ۾ رک رکاوت ڪانہ ڪندا هئا. اهو ئي سبب هو جو سندن حڪومت ايترو وقت، اهڙي شان ۽ مان سان هلندي رهي. جنھن حڪومت انصاف جي اصولن کان انحراف ڪيو، ان جي ڪھڙي ساک، ۽ ان جي مستقبل ۽ بقاءَ جو ڪھڙو يقين؟
علي حسن خان مقدمي مان آزاد ٿيڻ بعد ستت ئي انتقال ڪري ويو، ۽ سندس سياسي ورثو علي نواز خان جي حصي ۾ آيو، جنھن بعد جي ڦِريل سياسي حالتن پٽاندڙ ايترو ئي ڪافي سمجهيو تہ ڌارين حاڪمن سان قطع تعلق قائم رهي. ڪفايت شعار هوندو هو، ۽ دور انديش. پنھنجيءَ املاڪ کي چڱيءَ طرح سنڀاليائين، ۽ اولاد جي تعليم جو خاص اونو رکندو آيو. ﷲ تعاليٰ کيس غريق رحمت ڪري!

لاڙڪاڻي تعلقي جون مقتدر شخصيتون

---

وڏيرو شير خان ڪھر مرحوم

نئين ديري کان لاڙڪاڻي ڏانھن روانو ٿبو تہ رستي ۾ ڪھرن جو شھر ايندو- پراڻي گهاڙ واھہ جي قريب، وڻراھہ جي وچ ۾، وسيل ۽ متل. شھر جو وڏيرو ان زماني ۾ مرحوم شير خان ڪھر هوندو هو. بزرگانہ صورت ۽ سيرت، سفيد سُنھاري چاپئين، جسم ۾ ڀريل. سواري ڇڪڙي جي پسند ڪندو هو، جنھن ۾ چڙهي ماهوٽن تائين ايندو هو، ۽ اتان ريل ۾ سوار ٿي لاڙڪاڻي ويندو هو. ان خاندان جو علم ۽ پيري - فقيريءَ سان گهڻو واسطو رهندو آيو.
خليفو محمد پناھہ مرحوم پير صاحب پاڳارن جو هڪ نالي وارو خليفو ٿي گذريو هو، جنھن جي علم دوستيءَ جون پڻ گهڻيون روايتون پيون ٻڌبيون هيون. مرحوم شير خان، نئين زماني جون ضرورتون محسوس ڪندي، پنھنجي پٽ غلام رسول خان کي اعليٰ انگريزي تعليم ڏياري، سرڪاري ملازمت ۾ داخل ڪرايو. غلام رسول خان مختيارڪاريءَ مان ترقي ڪري ڪليڪٽر بڻيو. اتان رٽائرڊ ڪري سياست ۾ آيو، جتي مون ساڻ گڏ وزير ٿي رهيو. اهڙا بااخلاق، باوفا ۽ بااصول پٽ مرحوم شير خان جهڙن ديندار ۽ نيڪوڪار پيئن کي ئي قدرت طرفان عطا ٿي سگهيا ٿي.

وڏيرو صاحب خان جوڻيجو

ڌامراهن جو زميندار هوندو هو، ڄاڻندو فقط سنڌي هو، پر تدبر ۽ زماني شناسيءَ ۾ پنھنجن همعصرن جي حلقي اندر ممتاز هوندو هو، رنگ جو سانورو، ڀريل جسم، قداور، مٿي تي سفيد پڳ، جسم تي پيراهن، هيٺتي لنڊي شلوار پھريندو هو. جڏهن گفتگو شروع ڪندو، تہ دل کي موهيندو ويندو. ابڙي قوم جو ممتاز اڳواڻ ليکيو ويندو هو. پنھنجي پاڙي اندر وڏو ڌاڪو هوندو هوس. مجال آهي ڪنھن ڪاٽڪوءَ ڪڙي کي، جو سندس ڪچھريءَ ۾ رَسڻ بعد ڪوڙ ڪري! اوطاق تي صبح کان شام تائين ماڻھن جا ميلا لڳا پيا هوندس. جيڏانھن ويندو، ڪمن ڪارين وارا پٺيان لڳا وتندس. وقت سارو، وڏي همت جو صاحب هو. سياسيءَ طرح خانبھادر محمد ايوب کھڙي جي پارٽيءَ سان وابستہ ٿيو. موت جي گهڙيءَ تائين ان تعلق ۾ ڦيرو اچڻ نہ ڏنائين. جا صلاح ۽ راءِ ڏيندو هو، ان جو بنياد دُورانديشيءَ ۽ پختگيءَ تي هوندو. مقامي ننڍن عملدارن سان خاصي رس رسائي هوندي هيس، جنھنڪري وڏن آفيسرن جي محتاجيءَ کان بچيو پيو هوندو هو. سَوڙ کان ٻاهر پير ڪڏهن ڪونہ ڊگهيڙيائين، جنھنڪري مالي پريشانين کان مستقلا= محفوظ رهندو آيو. تعلقي لوڪلبورڊ جي ميمبريءَ کان مٿي ڪنھن بہ جاءِ جي تمنا ڪانہ رکيائين، جنھنڪري شخصي طرح ڪنھن بہ سياسي چڪر ۾ مبتلا ڪونہ ٿيو. پنجهٺ يا ستر ورهين جي عمر ۾ سندس انتقال ٿيو. کانئس پوءِ، ان علائقي اندر، وري ٻيو ڪو اهڙو شخص پيدا ڪونہ ٿيو، جو سندس خالي ڪيل جاءِ ڀري سگهي. عام ماڻھو ائين ئي چوندا رهجي ويا، ”صاحب خان، صاحب خان ٿي گذريو“!

مرحوم حاجي امام بخش خان ماهوٽو

وري اهڙا يار منٺار ڪٿان ملندا؟ هي اکيون ڀل ورهيہ واجهائينديون وتن!
پڙهيل فقط سنڌي، ساريءَ عمر ۾ ”جان عالم“ جي قصي کان مٿي ڪنھن ڪتاب کي ويجهو اچڻ ڪونہ ڏنائين. اخبار بہ واٽ ويندي، ڪا مفت جي اک چڙهي وينديس تہ گهڙي - سوا ڏسي وٺندس، ورنہ ٿيو ڀلو. مگر زندگيءَ جي اصلي عملي ۽ ٺوس معاملن اندر بيمثل اهل الراءِ هوندو هو. پارٽيبازيءَ ۾ هرگز حصو نہ وٺندو، ڪنھن سان بہ پنھنجي وابستگي ايتريقدر نہ وڌائيندو جو ان تي نازل ٿيندڙ مصيبتن جو ڪو حصو کيس بہ برداشت ڪرڻو پوي- هر واٽ جو وچ وٺيو پيو هلندو، ڪنھن بہ معاملي جي جيستائين سڄي ۽ صحيح تصوير کُلي پڌري پٽ نہ پوندي، تيستائين حاجي صاحب جي پنھنجي راءِ محفوظ ۽ پاليسي غير معين رهندي ايندي. آخري وقت تي قدم ضرور کڻندو، مگر حدن اندر، سھڻو ۽ سيبائيندڙ. جنھن جي مخالف ويندو، ان کي بہ ڏانھنس گهڻي ڏک ڪرڻ جو سبب ڪونہ ٿيندو. انھن ڏينھن اندر لاڙڪاڻي جا وڏا زميندار، سياسي معاملن جي سلسلي ۾ سانَنِ وانگر سِڱين لڳا پيا هوندا هئا: هڪ طرف هوندو هو سرشاهنواز خان، جنھن سان وابستہ هوندا هئا - خانبھادر (بعد ۾ نواب) حاجي امير علي خان لاهوري، خانبھادر غلام محمد خان اسراڻ، خانبھادر محمد پريل خان ڪلھوڙو، ۽ ٻيا ڪيترا ضلعي جا وڏا ننڍا وڏيرا، ٻئي طرف کان هوندو هو خانبھادر محمد ايوب خان کھڙو، جنھن سان ملحق هئا: خانبھادر علي حسن خان هَڪڙو، ڏوڪري تعلقي جا انڙ، ميرو خان جا چانڊيا، ڌامراهن جا جوڻيجا، لاڙڪاڻي تعلقي جا بقاپوري سيد ۽ ڦل زميندار. غرض، سڀ ڏاڍا مڙس، سڀ خانيءَ خان. منجهن رات ڏينھن جون رقاقّتون، وک وک ۾ ”وڙهسان، وڙهسان“...تعلقي لوڪلبورڊ کان بمبئي ڪائونسل ۽ وائسراءِ واريءَ اسيمبليءَ جي ميمبرين تائين، جا جاءِ خالي ٿيندي تہ اُن تي مانڌاڻ مچي ويندو. سڄو ضلعو زلزلي ۾ هوندو. ٻنھي طرفن کان ڇِڪ، دڙڪا داٻ، لالچون لوڀ، ست ستاءُ، ميڙيون منٿون، مرشد سڳورن جا دعا ناما، عملدارن جا عتاب آميز اشارا - هڪ ڪٽڪ لھندو تہ ٻيو پيو چڙهندو. ماڻھوءَ لاءِ مشڪل ٿي پوندو تہ ڪنھن بہ طرف قدم کڻي سگهي! پر حاجي امام بخش مرحوم انھيءَ ساريءَ ڇڪتاڻ هلندي، ائين پيو نظر ايندو ڄڻ کير جي وَٽي تي گلاب جو گل پيو تَري. هرڪو ڏانھنس راضي، هر ڌر جي دل جو پيمانو اميدن سان لبريز، آخر گهڙيءَ تي وڃي ڪندو فيصلو، جنھن ڌر جي ڪامياب ٿيڻ جو 75 سيڪڙو امڪان نظر ايندس، ان کي 75 سيڪڙو ووٽ ڏيندو ۽ جنھن ڌر جي قسمت جو ٿرماميٽر، 25 سيڪڙي جي ڪڙيءَ تي بيهجي ويل هوندو، تہ ان کي سندس امداد بہ 25 پرسينٽ ئي ميسر ٿيندي. چوندو هو تہ ”سياسي ماڻھو فقط وقتي واقف ٿين ٿا، انھن کي انھن جي پنھنجي ليول تي ئي پيو هلائبو آهي. ڪا اصولن جي لڙائي هجي يا ڪا ذاتي ياري هجي، تہ ماڻھو ويھي ڪري ڪو ٻيو ويچار- هت لڳي پئي آهي ڇڙي ٽه - پتائي.“
مون سان مرحوم جي پريت هئي - قطعا= ذاتي، ۽ قطعا= غير سياسي! پر هميشہ اهو ڪَنَ سِيءُ هوندو هوم تہ وقت آئي، شايد حاجي صاحب مون کي بہ ساڳئي ئي اصول جو شڪار نہ بڻائي.آخر امتحان جو وقت اچي ويو.
لاڙڪاڻي ضلعي جي اسڪولبورڊ ميمبريءَ لاءِ اتفاقا= آءٌ اميدوار ٿيس. حاجي صاحب ضلعي لوڪلبورڊ جو سرڪاري ٿاڦيل ميمبر هو. منھنجي ڪاميابيءَ جو مدار هو سندس ووٽ تي. منھنجي مخالفت ضلعي جي هندو ڪليڪٽر طرفان شدت سان ٿي رهي هئي. ان ڪليڪٽر سان ڪجهہ وقت اڳ مان جهيڙو ڪري چڪو هوس. اهو زهر سندس دل مان خارج ٿيڻ جھڙو نہ هو، جنھنڪري منھنجي اميدواري هينئر سندس لاءِ هڪ چئلنيج بڻجي پيئي.
ضلعي جي ٻنھي ڊويزنن جا ڊپٽي ڪليڪٽر مسلمان هئا، قطعا= چمچي قسم جا- حڪم صادر ٿين تہ ”امام بخش کي ياد ڏيارين تہ هو سرڪاري ٿاڦيل ميمبر آهي ۽ سرڪار جو حڪم اهو آهي تہ علي محمد کي هرگز ووٽ نہ ڏنو وڃي“. حڪم رسڻ شرط امام بخش مرحوم جي ڪڍ ڪوٽوار ڪاهي پيا- آڻي ڪيائونس حاضر حضور ۾. چونڊ سخت زورائتي هئي، ضلعي جون اکيون هيون کتل امام بخش تي. هر ڪنھن ڀانيو ائين پئي تہ امام بخش ضلعي جي آفيسرن کي انڪار ڪري ڪونہ سگهندو، تنھنڪري منھنجي اميدواري جو معاملو اڳ ۾ ئي ختم ٿي ويندو. آفيسرن کي پاڻ بہ اهڙي ئي خاطري هئي. ڪھڙي مجال هئي هڪ ننڍڙي زميندار ۽ ٿاڦيل سرڪاري ميمبر کي، جو خود سرڪار جي حڪم جي انحرافي ڪري سگهي؟ پر امام بخش مرحوم بنھہ تريءَ تيل ئي لائڻ ڪونہ ڏنن! ٺڙٺپ جواب. چيائين تہ ”صاحب! جناب ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ صاحب بھادر جو حڪم اکين تي، پر ووٽ ڏيندس علي محمد کي، ۽ نہ وري اها ڳالھہ مخفي ئي رکندس، ڇو تہ انڪري ٻين ووٽرن تي خراب اثر پوڻ جو امڪان آهي.“
اتانھون نڪري سڌو مون وٽ آيو ۽ اچي مون سان گڏ رهڻ لڳو. جيترا ڏينھن اليڪشن هلي، مون کان ڌار نہ ٿيو. سندس مثال ڏسي ٻين وڏيرن کي بہ همت ٿي. مون کي ڪافي کان زيادہ ووٽ مليا ۽ آءٌ ڪامياب ٿيس.
ماڻھن پڇيس تہ ”اها همت ڪٿان آندءِ؟“
چيائين، ”همت جو هٿيار هر وقت پاڻ وٽ موجود رهي ٿو، پر ڪتب آڻبو آهي وقت سر، ماڻھوءَ ماڻھوءَ کي ڏِسي. “ڪونجن وارا ڪانَ ڪٻرين تي تہ ڪونہ وڃائبا آهن!“
پوئين زماني ۾ بيمار رهڻ لڳو. مون کي گهرائي لاڙڪاڻي ۾ پاڻ سان رهايائين. اوستي عبدﷲ واريءَ اوطاق ۾ رهندا هئاسين. پوريءَ طرح ياد نہ اٿم تہ سال 1932ع هو يا 1933ع. انھن ڏينھن ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرائڻ لاءِ تحريڪ هلي رهي هئي. ان تحريڪ جو اڳواڻ هو خانبھادر محمد ايوب خان کھڙو. آءٌ سندس سيڪريٽريءَ طرح پيو تحريڪ لاءِ لٽريچر وغيرہ لکندو هوس. اوچتو اطلاع آيو تہ برٽش پارليامينٽ جي جائنٽ پارليامينٽري ڪاميٽيءَ اڳيان کھڙي صاحب کي لنڊن ۾ پيش ٿي، سنڌ جي جدائيءَ بنسبت بيان ڏيڻو آهي. کھڙي صاحب جي لنڊن رواني ٿيڻ ۾ وقت بچيو هو ڪنھن ڏينھن - اڌ جو، تنھنڪري هڪڙيءَ رات جي پيٽ اندر ئي مون کي سندس بيان لکي تيار ڪرڻو پيو. امام بخش مرحوم کي بيماريءَ جي حالت ۾ آءٌ ڇڏي ڪونہ ٿي سگهيس. ساڳئي وقت جنھن اوطاق ۾ اسان جي اقامت هئي، اتي بجليءَ جو بندوبست بہ ڪونہ هو. آخر اوطاق ٻاهران رستي تي، ميونسپل جي بجلي بتيءَ جي روشني هئي، ان هيٺان ويھي، آءٌ لکڻ جو ڪم ڪري سگهيس ٿي، ساري رات نہ مون ننڊ ڪئي نہ مرحوم امام بخش. صبح جو ٻانگ آئي تہ بيان بہ لکجي وڃي پورو ٿيو. بعد ۾ وڃي ظاهر ٿيو تہ سنڌ جي علحدگيءَ آڻڻ ۾ ان بيان ”حرف آخر“ جو ڪم ڪيو.
بھرحال، اُها رات وسرڻ جي نہ هئي. مرحوم امام بخش جي سياست سان ڪا دلچسپي ڪانہ هئي، ۽ نہ وري سنڌ جي جدائيءَ واري سوال جو ئي ڪڏهن ڪو مطالعو ڪيو هئائين. ان هوندي بہ ڳالھين ٻڌندي ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي راءِ ڏيندو ٿي ويو. مثلا= چيائين:
”سنڌ کي ڀل جدا ڪرايو، اسان تہ اوستائين جيئرا ڪونہ هونداسين جو ويھي ان جا نفعا نقصان ڏسون، پر ايترو معلوم آهي تہ ٺھيل جاءِ کي ڊهرائي پنھنجي ڏاڙهي اُستن جي هٿن ۾ ڏيڻي آهي.“
سنڌ جدا ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي مرحوم جو انتقال ٿي ويو.

ميان نور محمد شاھہ بقاپوري

بذله سنج، سخن فهم، خوددار ۽ “ بطور دوست قابل اعتماد. سيد ميان نور محمد شاھہ بقاپوري، وڏيءَ عزت ۽ اثر سان زندگيءَ جو سفر طئہ ڪيو. اهڙو شخص هو جنھن جي گفتگو ٻڌندي ماڻھو ڪڏهن ڪونہ ڍائبو هو. رنگ جو البت سانورو هوندو هو. هڪ ڀيري پاڙي جي هڪ مقتدر شخصيت مٿس چٿر ڪئي: چي، ”شاھہ صاحب، اوهان جو رنگ اهڙو سانورو ڇو ٿي پيو آهي؟“ -- شاھہ صاحب جواب ڏنس: ”خانصاحب! انڪري جو الحمدﷲ بابي سائينءَ جو رنگ بہ اهڙو ئي هو، سائينجن دعا ڪن فورڊ صاحب کي، جيڪو اوهان صاحبن کي رڱي ويو.“ (عام افواھہ هوندا هئا تہ هڪ انگريز انجنيئر فورڊ، جنھن ان نالي سان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ هڪ واھہ بہ کڻايو هو، اُن جو هِن خاندان جي هڪ خاتون سان مجاز هوندو هو.)
اليڪشن جي نقشي ٺاهڻ، ۽ ماڻھوءَ جي منھن مان سندس دل جي مطلب پروڙڻ جو وڏو ماهر هوندو هو. دوستن جو هڪ خاص حلقو هوندو هوس، جنھن اندر اٿندو ويھندو رهيو. مثلا=، خانبھادر محمد ايوب خان کھڙو ۽ قنبر وارو خانبھادر حاجي علي حسن خان هَڪڙو. اهي صاحب شاھہ صاحب مرحوم جا مکيہ دوست هوندا هئا. سياست کان هميشہ ڪنارہ ڪش رهيو. دوستن جي حال سارُو مدد ڪندو رهيو، پر پنھنجو پاڻ کي ڪڏهن بہ ميدان ۾ پيش نہ ڪيائين.

لاڙڪاڻو ساھہ سيباڻو

جنھن زماني جي مون کي سانڀر آهي، لاڙڪاڻو شھر پنھنجي جوڀن ۽ جوانيءَ جي منزلن مان گذري رهيو هو. پراڻي شڪارپور، ضلعي کان جدا ٿي، پنھنجي مٿي ضلعي بڻئي، کي اڃا ڏھہ سال کن مس ٿيا هئس، تہ سندس هر شي نئين ۽ هر مقام من کي وڻندڙ لڳو. انھن ڏينھن ۾ اڃا تائين ٻي دنيا بہ ڏٺل ڪانہ هئي، جنھنڪري تصور کي لاڙڪاڻي جي دلفريبين ۽ هلچل کي شھري زندگيءَ جو انتھا نُڪتو قبول ڪندي، ڪا بہ جهَجهڪ ڪانہ ٿي ٿِي.
ريلوي اسٽيشن تان لھندي ڪليڪٽريءَ جي بلڊنگ ٿي اکين اڳيان آئي. اها عمارت انگريزي حڪومت پنھنجي جوانيءَ جي زماني ۾ تعمير ڪرائي هئي (1904 ۾) اڃا تائين نہ پھرين عالمي جنگ لڳي هئي ۽ نہ خود ملڪ اندر آزاديءَ جي تحريڪ شروع ٿي هئي. انگريزن ائين پئي سمجهيو تہ کين قيامت تائين هن ملڪ تي راڄ ڪرڻو پوندو. لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽريءَ واري اها عمارت انھن ئي اميدن جي بنياد تي کڙي ڪئي هئائون. ساريءَ سنڌ اندر ٻئي ڪنھن بہ ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر لاءِ اڃا تائين اهڙي بلڊنگ تعمير ڪرايل ڪانہ هئي. ڪليڪٽريءَ جي پريان ٻيا ٽي سرڪاري بنگلا هوندا هئا. هڪ سيشن جج جي رهائش لاءِ، ٻيو ڪليڪٽر جو، ۽ ٽيون سپرنٽينڊنٽ پوليس واسطي. اهي بنگلا وسيع باغن جي وچ ۾ ٺھرايل هئا، جن جي سنڀالڻ ۽ وڌائڻ تي بنگلن اندر رهندڙ انگريز، دل کولي خرچ ڪندا ٿي رهيا. لاهورين جي ڳوٺ ۽ هاڻوڪيءَ لوڪلبورڊ بلڊنگ جي وچ ۾، انھن ٽن بنگلن، ڪليڪٽريءَ ۽ آرمڊ فورس هيڊ ڪوارٽر کان سواءِ، ٻي ڪا بہ عمارت ڪانہ هوندي هئي- ڀٽو ڪالوني، هاءِ اسڪول ۽ خود لوڪلبورڊ بلڊنگ گهڻو بعد ۾ ٺھيون.
* * *
ريلوي لائين جي ٻئي طرف کان، شھر ڏانھن هلندي، تجر باغ مان گذرڻو ٿي پيو. وڏو باغ هوندو هو، جنھن جي وچ ۾ پراڻي تجر نموني جي ٺھيل عمارت هوندي هئي، جنھن ۾ لائبرري کوليل هئي. لائبرري، هڪ اڳوڻي ڪليڪٽر مسٽر جائلس جي نالي سان منسوب ٿيل هئي، ۽ منجهس انگريزي ڪتابن جو قيمتي ذخيرو موجود ٿي رهيو. اخبارون بہ جام گهرايون وينديون هيون، جن جي مطالعي لاءِ صبح - شام ماڻھن جي ڀيڙ لڳي پيئي هوندي هئي. آءٌ سڀ کان اول ان لائبرريءَ جو ميمبر بڻيس. مون کان سواءِ ٻيو ڪو بہ مسلمان اڃا تائين ان لائبرريءَ جي رُولن تي ميمبر طور داخل ڪونہ ٿيو هو. ديوان لالچند نولراءِ وڪيل، جيڪو بعد ۾ وائسراءِ جي اسيمبليءَ جو ميمبر بہ منتخب ٿيو، لائبرريءَ جو سيڪريٽري هوندو هو. جيتريقدر مون کي ياد آهي، لائبرريءَ جو مستقل پريزيڊنٽ ضلعي جو ڪليڪٽر ئي هوندو هو. لاڙڪاڻي جي هندن اندر سياسي ۽ قومي شعور پيدا ڪرڻ ۾، ان لائبرريءَ ۽ ريڊنگ روم وڏو ڪم ڪيو. اخبارن پڙهڻ بعد شھر جا ديوان لائبرريءَ ٻاهران، يا باغ جي بينچن تي ويھي، ملڪي حالتن تي تبادله خيالات ڪندا هئا ۽ مقامي معاملات متعلق پنھنجون پاليسيون ٺاهيندا هئا. جن اخبارن ۽ رسالن کي ان حلقي اندر خاص اثر حاصل هوندو هو ۽ جن جي پڙهڻ لاءِ شوقين سخت آتا هوندا هئا، سي هي هئا: (1) ڪلڪتي جو ”ماڊرن ريويو“، جنھن جو ايڊيٽر هوندو هو رامانند چئٽرجي، هندستان جي آزاديءَ جي متعلق انتھائي جذبي جاڳائيندڙ مضمون پيا منجهس شايع ٿيندا هئا، (2) لاهور جي روزانہ ”ٽربيون“، جنھن جو ايڊيٽر هندستان جو مشھور اخبار نويس، ڪاليناٿ ري، هوندو هو. ان جي پاليسي بہ ساڳي ”ماڊرن ريويو“ واري هوندي هئي، (3) ڪراچيءَ جي روزانہ ”نيو ٽائيمس“، جنھن جو ايڊيٽر هوندو هو. ٽي. ڪي. جيسواڻي، مگر ان جو اصلي روح روان هوندو هو ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي، جنھن ”تحريڪ آزادي“ متعلق ڪيترا رسالا شايع ڪيا ۽ اڳتي هلي حيدرآباد ۾ ”ميران ٻائي گرلس اسڪول“ جو بنياد وڌو. لائبرريءَ اندر، هر روز اهي اخبارون ٽپال ۾ اچن ان کان اڳ ۾ ئي شوقينن جو انبوھہ لائبررينِ جي ارد گرد جمع ٿي ويندو هو.
خود تجرباغ جي رونق ڏسڻ وٽان هوندي هئي. هر قسم جا ميويدار وڻ ۽ گل ٻوٽا منجهس پوکيل هوندا هئا. ”تجر جا زيتون“ تہ خاص طرح سان مشھور هوندا هئا، جن جا هوڪا، گهورڙين واتان شھر جي هر حصي مان پيا ٻڌبا هئا.
ساڳئي رستي تي ”لاڙڪاڻي مدرسي ۽ بورڊنگ هائوس“، جون عمارتون هونديون هيون. وسيع، شاندار، ۽ پختيون. مدرسي جي حاطي کان ٿوري پنڌ تي، شھر جي وچ ۾ پاڻيءَ جو وڏو تلاءُ هوندو هو، جيڪو پوءِ ميونسپل وارن هٽائي، ختم ڪري ڇڏيو.
* * *
شھر جون مکيہ بازاريون هونديون هيون: سيئو بازار، ۽ ڍڪيل بازار. وڏيون وڏيون ”شاپون“ سيئو بازار ۾ هونديون هيون، پر گهڻي ۾ گهڻو ۽ عام واپار هلندو هو ڍڪيل بازار ۾. سيئو بازار جا ٽي - چار دڪان خاص طرح سان مشھور هوندا هئا. پھلاجراءِ شيوڪرام جي دڪان تي جديد زندگيءَ جي ضرورتن جو سمورو سامان موجود هوندو هو. وڏو ڊپارٽمينٽل اسٽور هو. ضلعي جا انگريز عملدار ۽ وڏا وڏا زميندار اڪثر ان اسٽور جا گراهڪ هوندا هئا- اڳتي هلندي، هڪ ئي بلڊنگ اندر پاسي سان قائم ڪيل ٻہ ٻيا اسٽور ايندا هئا، جن جا مالڪ ٻہ ڀائر، نانڪرام ۽ دوارڪاداس هئا. عام مڃار کان سواءِ، انھن دڪانن تان انگريزي دوائون، بندوقون ۽ ڪارتوس بہ ملندا هئا. جنھنڪري وڏيرن ۽ شڪار جي شوقينن جو مٿن ميلو لڳو پيو هوندو هو. ساري ضلعي اندر بندوقن ۽ ڪارتوسن جو ٻيو ڪو دڪان ڪونہ هوندو هو.
سيئو بازارلتاڙيندي، ڍڪيل بازار ڏانھن وڌبو هو، تہ کٻي پاسي کان مولانا محمد عاقل، عاقليءَ، جي ڪتابن جو دڪان ايندو هو. دڪان ننڍو هوندو هو، پر گهڻو ڪري فارسي عربيءَ جا سمورا درسي ڪتاب موجود رکيل هوندا هئا. مولانا پاڻ بہ اڪثر دڪان تي ويٺل نظر ايندو هو. اڳئين زماني جو بزرگ هو- سادو، ڏاڙهي مٺ کان ٿورو وڏي، جنھن تي مينديءَ جو رڱ ڏنل هوندو هو، ڊگهو پيراهن، سٿڻ ٻہ - تختي مُرين کان مٿي، مٿي تي پڳ، ڪپڙا سڀ بافتي جا. فارسيءَ جو وڏو شاعر هوندو هو. پير صاحب پاڳاري سائين حزب ﷲ شاھہ رحمة ﷲ عليہ، جو درٻاري شاعر رهي چڪو هو. جنھن زماني ۾ مون کيس ڏٺو، سندس رفيق شاعر سڀ گذري چڪا هئا ۽ انھن اڳوڻين محفلن جو باقي بچيل اهو ڏِيئو پاڻ بہ آخري گهڙين تي هو! چوندا هئا، هڪ موقعي تي پير صاحب حزب ﷲ شاھہ رحمة ﷲ عليہ، پنھنجي مصاحبن جي وچ ۾ ويٺي هيءَ مصرع جهونگاري:
صحرا چہ خوش است ڪہ در ندارد
سندن صاحبزادي، ميان علي اصغر شاھہ مرحوم، برمحل ٻي مصرع ٻَڌي:
عاشق چہ خوش است ڪہ سر ندا رد
سندن محفل جي هڪ بذلہ سنج شاعر، جيڪو ”چڻگي“ تخلص ڪندو هو، عرض ڪيو:
”چڻگي“ چہ خوش است ڪہ گهرندارد
محفل جو اهو خاص رنگ ڏسي، مولانا عاقل بہ پنھنجو ”پرابلئم“ پيش ڪري ڏنو، فرمايائين:
مفلس چہ خوش است ڪہ زر ندارد
پير صاحب ”چڻگيءَ“ کي گهر ٺھرائي ڏنو ۽ مولانا محمد عاقل کي مالي مشڪلات مان آجو ڪري ڇڏيو.
مولانا محمد عاقل جي دڪان لڳ وري ڪَمن درزيءَ جي ٽيلرنگ شاپ هوندي هئي. ڪَمن درزي نہ فقط وقت جو بھترين ٽيلر ماسٽر هوندو هو، پر ڪامورن ۽ زميندارن جو بہ يار غار هوندو هو. خاص طرح سان پوليس صوبيدارن سان سنگت هوندي هيس. ان وقت جا صوبيدار بہ ”راجائون“ هوندا هئا. حلال جو پگهار فقط پنجاھہ - سٺ رپيا در ماهو ملندو هون، پر مٿا پيا ڌوئندا هئا هزارن تي. انگريز ضلعي عملدارن جو حاصل هوندو هون اعتبار، انگريز ڪماني ڪنھن بہ صوبيدار خلاف ڪنھن بہ پبلڪ جي ماڻھوءَ واتان شڪايت ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونہ هوندا هئا، جنھنڪري ساري ٻَڌي ڇوڙي، نيڪي ۽ بدي حوالي هوندي هئي سب انسپيڪٽرن جي. مٿي تي زريءَ جا ڪُلاه، ان مٿان مشھدي لونگي، جسم تي اعليٰ ڪپڙا، هٿ ۾ سيم چڙهيل بيد جو لڪڻ، پٺيان اردلي بغل ٿيلھي ۽ بندوق کنيو پيو هلندو، وڏي شان سان پيا شھر ۾ هلندا. جنھن دڪان تي اچي ٻہ گهڙيون ساھہ پٽيائون، ان دڪاندار جي عيد ٿي ويئي، هرڪو وڏيرو سڏيرو پيو اچي ساڻس منھن رکندو، جيئن وقت آئي ٻہ اکر سفارش جا صوبيدار جي سامھون چئي وڃي. انھيءَ لحاظ کان ڪَمن جي هاڪ ساري ضلعي ۾ هوندي هئي. ان دؤر جو سڀ کان زيادہ مٿي ڦريل صوبيدار هوندو هو، عبدﷲ خان پٺاڻ. جنھن جو نالو ٻڌي وڏن زميندارن ۽ سردارن کي ڪنبڻي وٺي ويندي هئي -- ان عبدﷲ خان جو يار غار هوندو هو ڪَمن، پوءِ ڇو نہ ماڻھو ڪَمن کان ڪَؤ کائين ها؟
جيستائين زندھہ رهيو ڪَمن لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪاروبار اندر مشاهير جو درجو ماڻيو.
* * *
ڍڪيل بازار ۾ داخل ٿيندي، سيد سڪندر علي شاھہ ۽ محمد شاھہ جو مڃارڪو دڪان سامھون ايندو هو. شاهي دڪان هو، هر قسم جي شي ملندي هئي، خاص طرح سان سندن دڪان جي هڪ شي مون کي اڄ تائين ياد آهي، اهو هو مٿي ۽ منھن کي مکڻ جو تيل، جيڪو خالص مٺيءَ سرنھن جو هوندو هو، ۽ منجهس عجيب قسم جي خوشبوءِ مليل هوندي هئي. اهڙو تيل مون ساري هندستان - پاڪستان بلڪ دنيا جي ٻئي بہ ڪنھن ملڪ اندر ڪونہ ڏٺو! سندن دڪان ختم ٿيڻ سان گڏ، تيل جو اهو نسخو بہ شايد گم ٿي ويو.
ان کان پوءِ ايندا هئا صرافن، سرازن ۽ ٺاٺارن جا دڪان. لاڙڪاڻي جا سراز ڪاريگر ڏاڍا مشھور هوندا هئا، گهوڙن ۽ اُٺن جا ساز اهڙا ٺاهيندا هئا، جن جو مثال ٻئي هنڌان دستياب ٿيڻ ناممڪن هو. اوستي عبدالنبي سراز جو دڪان خاص طرح سان مشھور هو. ان گهر جا اسان سان دوستانہ تعلقات هوندا هئا. سندس سس، مائي لعل ماءُ مرحومه، بطور مريدڻ جي پئي هلندي هئي. جيستائين جيئري رهي ڀيرو نہ ڀڳائين، هر ڀيري منھنجي لاءِ کيڏوڻا، مٺايون، ۽ تحفا ورتيون ايندي هئي.
ساڳيءَ طرح لاڙڪاڻي ۾ ٺهندڙ ڪُٽ جو سامان بہ ساريءَ سنڌ ۾ ويندو هو. ان زماني ۾ چينيءَ جي ٿانوَن جو رواج اڃا ڪونہ پيو هو، بلڪ چينيءَ جي رڪابين ۾ مھمانن کي ماني ڏيڻ پاڻ گهٽتائيءَ جو سبب ليکيو ويندو هو. ڪُٽ جا ٿانوَ بہ قسما قسم جا هوندا هئا: ڪٽورا، وٽا، وٽيون، ٿالھيون، ڍاڪون وغيرہ، وغيرہ. چانھہ پيئڻ جو رواج پيو تہ بہ ماڻھو اڃا ڪُٽ جي وٽن کي استعمال ڪندا رهيا.
شھر جي ٻاهران پراڻي قافلي سراءِ هوندي هئي، جنھن ۾ اڳوڻي زماني ۾، افغانستان ۽ ايران کان ايندڙ واپارين جا قافلا اچي رهندا هئا. جنھن وقت جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، ان وقت لاڙڪاڻي جي قافله سراءِ اُجڙيل حالت ۾ هئي، ۽ اُن جي چوڌاري ضلعي جي زميندارن ۽ ٻين ماڻھن پَٽ خريد ڪري، اوطاقون ۽ مستقل رهائش جون جايون ٺھرائڻ شروع ڪيون هيون.
* * *
قافلي سراءِ کان ٿوري فاصلي تي، ٻن پاسن کان چڪلا هوندا هئا: هڪ کي نئون ۽ ٻئي کي پراڻو چڪلو سڏيندا هئا. رستن تان گذرندي ڏسبو هو تہ ڪڃريون کٽون ۽ آرام ڪرسيون وجهيو، گهرن ٻاهران وڻن جي ڇانوَ هيٺان پيون آنند ڪنديون هيون. گهڻو ڪري ڪُراڙيون هونديون هيون ۽ عملا= رٽائرڊ. نوجوان ۽ عملي قدم کڻندڙ اندر گهرن ۾ رهنديون هيون. ان مناسبت سان شوقينن، لاڙڪاڻي تي شعر چيا ۽ چوڻيون گهڙيائون - مثلا=:
لاڙڪاڻو ساھہ سيباڻو، معشوقن جو مڪان آهي.
-----

هجئي ناڻو تہ گهم لاڙڪاڻو

شادين، ميلن ۽ ملاکڙن جي موقعن تي کليو کلايو ڪڃريون گهرايون وينديون هيون. ميلا پِيرن جي مزارن تي لڳندا هئا. مون پنھنجيءَ ساري عمر اندر سنڌ جو فقط هڪ ميلو ڏٺو، ۽ اهو ان زماني ۾ ۽ خود لاڙڪاڻي ٻاهران، پير شير رحمة ﷲ جي درگاھہ تي.
آءٌ بلڪل ننڍو هوس، شايد ڏهن ورهين جي عمر هئي. صوبيدار عبدﷲ خان پٺاڻ لاڙڪاڻي شھر جو صوبيدار هوندو هو، سندس دوستي منھنجن بزرگن سان هوندي هئي. کانئن اجازت وٺي. لاڙڪاڻو شھر ڏيکارڻ لاءِ مون کي پاڻ سان وٺي ويو. پير شير جي سالياني ميلي جو موقعو هو. دستور موجب ٻين آفيسرن سان گڏ کيس بہ دعوت ملي. شام جو راڳ جي محفل ٿيڻي هئي، ان محفل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پاڻ هليو تہ مون کي بہ وٺي ويو.
شام جو وقت هو، گئس - گولن جي روشنيءَ ۾ پير صاحب نالي چڱي، جو ان وقت درگاھہ جو سجادھہ نشين هو، پنھنجي بنگلي جي صحن ۾ غاليچا وڇارائي، طول وهاڻا لڳائي معززين جي محفل منعقد ڪرائي: ٽن پاسن کان معزز مھمان اچي ويٺا، چوٿون پاسو عام پبلڪ لاءِ کليل ڇڏيو ويو. وچ ۾ اچي ويٺيون ڳائڻيون ڪڃريون، جن جي پٺيان سارنگين ۽ طبلن وارا حلقو ڪري ويھي رهيا. راڳ شروع ٿيو - ٺمريون، دادرا، غزل ۽ ڪڏهن ڪڏهن سنڌي ڪافيون پڻ. حاضرين تعريفون ڪرڻ، ڪنڌ ڌوڻڻ، ۽ رپيا ۽ گينيون ڏيڻ لڳا. شوقينن پري کان رپيا، گينيون ۽ نوٽ کيسي مان ڪڍي پنھنجي هٿ ۾ ٿي جهليا، ۽ ڪڃرين اٿي اچي ٿي اُهي کانئن ورتا ۽ وٺڻ بعد پٺيان ويٺل سارنگيباز جي سارنگيءَ جي سوراخ ۾ اڇلائي ٿي ڇڏيا.
مير محفل پير صاحب “نالو چڱو“ پاڻ هو، جنھن محفل ۾ ويٺي ويٺي ٻاهرئين ميلي جو پڻ انتظام ٿي هلايو. سندس مکيہ ڪم ڪار ڪندڙ ماڻھو، خليفو عارب هو، جنھن کي هر پنجن منٽن کان پوءِ وڏي آواز سان پڪاريندو ٿي رهيو. اوطاق ۽ بنگلي جي چوڌاري دڪاندارن اچي دڪان کوليا هئا ۽ ان جي ٻاهران عام سَستي ڪلاس وارين ڪڃرين جون ڀونگيون هيون.
* * *

لاڙڪاڻي جا ٻيا بہ ڪيترا ادارا وسارئي نٿا وسرن

ميان پير محمد فوٽو گرافر، لاڙڪاڻي جو اوائلي فوٽو گرافر هوندو هو. سيئو بازار ۾ دڪان هوندو هوس. جتي بہ ڪا پارٽي يا محفل ٿيندي هئي تہ ميان پير محمد پنھنجو ڪاٺ جو ٺھيل بيلوز ڪئميرا کڻي اچي موجود ٿيندو هو. ڪئميرا مٿان ڪاري لَٽي جو پردو وجهي، ان مان منھن لنگهائي فوڪسنگ گلاس تي فوڪس صاف ڪندو هو. ان کان پوءِ منھن ٻاهر ڪڍي، هڪل ڪندو هو – ”خبردار“، ۽ ائين چئي هٿ سان لينس جي ٽوپي لاهي، ٻہ - چار ساعتون ترسي، وري ٽوپي لينس تي چاڙهيندو هو. سندس دڪان ٻاهران هر وقت پرنٽنگ جا فريم اُس ۾ رکيل نظر ايندا هئا. انھن ڏينھن ۾ پي. او. پي. پيپر. هوندو هو، جنھن کي سج جو تؤ ڏيکاربو هو تہ تصوير نيگيٽو يعني شيشي تان لھي اچي مٿانئس چڙهندي هئي. پير محمد اصل درٻيلي ضلعي نوابشاھہ جو هو، پر عمر ساري لاڙڪاڻي ۾ فوٽا ڪڍندي بسر ڪيائين. ان دؤر جي تصويرن جو وڏو ذخيرو وٽس جمع ٿي ويل هو. بدقسمتيءَ سان مون کي ان ذخيري مان فقط ٻہ - چار تاريخي تصويرون هٿ لڳي سگهيون، جيڪي دڪان بند ٿيڻ بعد خود ميان پير محمد اچي تحفتا= ڏنيون.
* * *
لاڙڪاڻي مان اخبارون نڪرڻ بہ شروع ٿيون هيون. سڀ کان پھرين اخبار، جيتريقدر مون کي ياد آهي، ”خير خواھہ“ جي نالي سان هڪ هندو صاحب جاري ڪئي. خوشامدي پرچو هوندو هو، زيادہ تر ڪليڪٽر ۽ ڪمانيءَ جون تعريفون شايع ٿينديون رهنديون هيس، جنھنڪري قومي تحريڪ شروع ٿيڻ بعد ان اخبار جو وقار قطعا= ختم ٿي ويو. مھيني ۾ ٻہ - ٽي دفعا ان کان پوءِ بہ نڪرندي رهندي هئي، مگر گهڻو ڪري سرڪاري اشتھارن سان ڀرپور هوندي هئي.
”خير خواھہ“ جي مقابلي ۾، ڪانگريس ۽ خلافت تحريڪن شروع ٿيڻ شرط، مسٽر ٽهلرام مولچند ”لارڪاڻه گزيٽ“ جاري ڪئي. زوردار مضمون ڇپبا هئس. ”تحريڪ آزاديءَ“ کي سندس ذريعي، گهٽ ۾ گهٽ مقامي طرح گهڻي هٿي آئي. ٽهلرام پاڻ سنجيدي قسم جو ايڊيٽر هوندو هو. قد جو بندرو، بت جو ڀريل، پيٽ ٿورو ٻاهر نڪتل، ۽ لباس شڌ کاڌيءَ جو. رستي تي گهمڻ نڪرندو هو تہ سندس پاجامو پيٽ تان هيٺ ترڪندو رهندو هو، جنھن کي جهلڻ لاءِ سندس هٿ هميشہ اُبداڻي ۾ پيل هوندو هو. قميص ڊگهي پائيندو هو، جنھن جو مٿيون کيسو ڪاغذن ۽ پينسلن سان ٽمٽار رهندو هو. پنھنجي پريس هوندي هيس، گهاڙ جي ڀر تي، سيئو بازار جي پڄاڻيءَ وٽ.
پھرين عالمگير جنگ بعد، ستت ئي گڏيل ڪانگرس ۽ خلافت تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي. لاڙڪاڻي ضلعي انھن تحريڪن ۾ ڪافي دلچسپي ٿي ورتي. پير تراب علي شاھہ رحمة ﷲ عليہ، قمبر وارو، پير علي انور شاھہ راشدي، ۽ مرحوم مغفور رئيس جان محمد جوڻيجو، ان تحريڪ جا اڳواڻ ٿي بيٺا هئا. پراونشل خلافت ڪانفرنس جو هڪ زوردار اجلاس خود لاڙڪاڻي شھر اندر منعقد ڪرايو ويو هو، جنھن جي استقباليہ ڪاميٽيءَ جو چيئرمن پير تراب علي شاھہ رحمة ﷲ عليہ ۽ صدر حضرت پير رشد ﷲ شاھہ صاحب، جهنڊي وارو هو. ان تحريڪ کي ضلعي جي ليول تي ناڪامياب بنائڻ لاءِ سرڪار طرفان بہ ڪوشش ٿيندي ٿي رهي. ضلعي جو ڪليڪٽر تہ هميشہ انگريز هوندو هو (پھرين بولس صاحب ۽ بعد ۾ اين. ايڇ. هي صاحب)پر بطور دفتردار جي، هڪ مسلمان ڊپٽي ڪليڪٽر (خانبھادر عبدالقادر صاحب) کي مقرر ڪيو ويو هو، جنھن جي زير نگرانيءَ زميندارن جي هڪ گروپ کي ميدان ۾ آندو ويو. ان گروپ ۾ هئا: سر شاهنواز خان ڀُٽو مرحوم، خانبھادر غلام محمد خان اِسراڻ مرحوم، ۽ خانبھادر حاجي امير علي خان لاهوري. انھن صاحبن ”الحقيقت“ جي نالي سان، هڪ هفتيوار پرچو جاري ڪرايو. بطور ايڊيٽر جي نالو ڪنھن جو بہ هو، مگر اخبار جو ايڊيٽوريل هميشہ مرحوم مغفور غلام سرور صاحب قادري لکندو هو. پاڻ سرڪاري ملازمت ۾ هوندو هو، جنھنڪري پنھنجي نالي ۾ مضمون ڪونہ لکي ٿي سگهيو. مضمون پختا هوندا هئا، مگر طويل، زبان شاعرانہ، بلڪ عاشقانہ، اشارا ڪنايا، خفيف نوڪ جهوڪ، ۽ ”علم مجلسيءَ“ مان ڪڍيل اردو فارسي مثالي بيت، حتاڪ تقريبا= هر جملي جي ابتدا خواھہ انتھا ڪنھن نہ ڪنھن شعر سان پئي ٿيندي. ڪي شعر تہ ايتري قدر مقبولِ خاطرِ محرر هوندا هئا، جو انھن جو هر مضمون ۾ درج ٿيڻ لازمي ۽ ابدي قرار ڏنل هو، مثلا=:
من از بيگانگان هرگز نہ نالم،
ڪہ با من هرچہ ڪرد آن آشنا ڪرد.


يا

خط بڙهي، ڪاڪل بڙهي، گيسو بڙهي،
حسن ڪي سرڪار مين جتني بڙهي، هندو بڙهي.


هر مضمون لکندي، اصلي مطلب هوندو هو هن ڳالھہ ڏيکارڻ جو تہ انگريز جي دؤر ۾ جيتريون نوازشون ٿيون تہ هندن مٿان، مسلمان غريب تہ محض يڪطرفيون وفاداريون ڏيکاريندا، خالي هٿين رهجي ويا، تنھنڪري هينئر انھن تشنہ ڪام عشاقن ڏانھن بہ ڪجهہ نگاھہ لطف و ڪرم ٿيڻ گهرجي. پوءِ ٺڪ ايندو هيءُ شعر:
گل ڦينڪي هين اورون ڪي طرف بلڪ ثمر ڀي،
اي خانہ برنداز چمن ڪُڇہ تو اڌر ڀي!


هندن سان ايتريءَ ۽ اهڙيءَ ڪشمڪش هوندي بہ، تلخ کان تلخ مضمون ۾ بہ هندوءَ کي بطور ”هندوءَ“ جي صريحاً نہ لکندا هئا. وضعداريءَ ۽ پاڙيچائيءَ جا خيال هردم دامنگير ٿي رهين، ۽ قدري هيءُ ويچار بہ، تہ لاڙڪاڻي ميونسپل چونڊن ۾ هندن جا بہ ووٽ آهن، ۽ خانبھادر حاجي امير علي لاهوريءَ کي پريزيڊنٽ ٿي رهڻو آهي. تنھنڪري، مضمونن ۾ جت بہ ”هندو“ لکڻو هوندو هون، ات لکندا هئا ”برادرانِ وطن.“ معاملو وڏو ۽ غصو سخت هوندن، تہ بہ وڌ ۾ وڌ ”برادران يوسفِي“ لکي ڇڏيندا ۽ نہ ان کان وڌيڪ.
فقير ميان غلام سرور مرحوم سالن جا سال لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪيو ۽ ان عرصي اندر ڪيترا مقابلا ٿيا- اخباري خواھہ شاعرانه- مگر مون کي هڪڙو بہ اهڙو مثال ياد ڪونہ آهي، جنھن مان ظاهر ٿئي تہ مرحوم پنھنجي قلم يا زبان سان ڪنھن بہ شخص جي دل آزاري ڪئي هجي- حالانڪ زمانو ڦري چڪو هو، اخباري مضمونن خواھہ شاعرانہ مقابلن ۾ گارگند جي ڏي - وٺ جو رواج عام ٿي ويو هو.
ميان صاحب مرحوم سان مون کي بہ ڪيترا ڀيرا روبرو ملڻ جا موقعا ميسر ٿيا. قداور، چشم موزون، رنگ قدري ڳوڙهو، منھن تي سيبائيندڙ مڇون، ڏاڙهي شيو ٿيل، مٿي تي مشھدي لونگي يا ترڪي ٽوپي، انگريزي ڪٽ جي قميص، شلوار سفيد، ڊگهو فراڪ يا شارٽ ڪوٽ، قميص مٿان ڪالر ۽ ٽائي، پيرن ۾ جوراب ۽ شوز. هڪ يا ٻہ دفعا مون کيس مڪمل انگريزي سوٽ ۾ بہ ڏٺو. بطور شاعر، نھايت پختہ گو تسليم ڪيو ويندو هو. مزاحيه قصيدن ۽ اردو طرز جي فارسي آميز سنڌي غزلن لکڻ ۾ وڏو ملڪو حاصل هوندو هوس. ”مجلس جو مور“ هو، جت هوندو، سندس شخصيت هر طرح پئي محسوس ٿيندي.
ساڳئي قادريه خاندان جو پڳدار، مرحوم مغفور فقير ميان علي محمد صاحب قادري پڻ شعر شاعريءَ جو شغل ڪندو ٿي رهيو. نہ فقط صورت ۾، بلڪ سيرت ۾ بہ بزرگ هو. سندس مٿي تي سنڌي طرز جي سفيد پڳ خاص طرح سان ڏاڍي سھڻي لڳندي هئي. فارسي خواھہ سنڌي ڪلام گهڻو ڇڏيائين. سندس همعصر شاعر کيس استاد ڪري مڃيندا هئا.
لاڙڪاڻي جي اخبارن جو ذڪر ڪندي، بي اختيار هيتريون ٻيون ڳالھيون وچ ۾ اچي ويون. اصل غرض محض هن عرض ڪرڻ جو تہ ”لاڙڪاڻہ گزيٽ“ ۽ ٻاهرين هندو اخبارن جي اثر کي مقامي طور زائل ڪرڻ لاءِ ”الحقيقت“ اخبار وجود ۾ آئي، جنھن ڪيتري عرصي تائين ڪافي اهميت ماڻي.
اخبارن کان سواءِ، لاڙڪاڻي مان هڪ ماهوار ادبي رسالو، ”الڪاشف“ جي نالي سان بہ نڪتو، مگر گهڻو وقت هلي نہ سگهيو. اهو رسالو پير ميان عبدالغفار شاھہ راشدي، ريلڻن واري، ڪڍيو، جيڪو صاحب اهل قلم هجڻ سان گڏ طبيب بہ تسليم شدہ هو. رسالي ۾ قسما قسم مضمون شايع ٿيندا هئا. پنھنجي زماني اندر معياري مخزن ليکي ويندي هئي. ايڊيٽريءَ جا فرائض مولانا دين محمد ”وفائيءَ“ جي سپرد رهيا، جنھن صاحب جا اُهي اوائلي ڏينھن هئا.
* * *
لاڙڪاڻي جي مردم خير زمين، ذڪر ڪيل ٻين قادري حضرات کان سواءِ، ٻيا بہ ڪيترا اهلِ سخن پيدا ڪيا. شعر شاعريءَ جي معاملي ۾، ڪجهہ وقت تائين تہ لاڙڪاڻي ساريءَ سنڌ جي اڳواڻي ڪئي. مرحوم ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي، هو تہ اصل پنجاب جو، مگر لاڙڪاڻي ۾ جانورن جي اسپتال جو ڊاڪٽر مقرر ٿي آيو. ان صاحب جي لاڙڪاڻي ۾ اچڻ بعد ادبي محفلون ۽ مشاعرا عام جام ٿيڻ لڳا. پاڻ تہ شعر چوندو هو اردو زبان ۾، مگر پنھنجي سرپرستيءَ کان سنڌيءَ کي بہ محروم رهڻ نہ ڏنائين.
ميان محمود ”خادم“ مرحوم، سنڌي شاعريءَ جي طرزِ جديد جو بعد ۾ وڏو استاد تسليم ٿيڻ لڳو، پر انھن ڏينھن ۾ اڃا سندس مشق سخن جي ابتدا هئي. هڪ پير کان لڱائي هلندو هو. قد ۽ بت ۾ موزون، رنگ قدري سانورو، شعر جي فن تي سڀ کان پھريون ڪتاب، سنڌي زبان ۾، پاڻ لکيائين، جيڪو گهڻو مقبول ٿيو.
سنڌي شاعرن جي ٻن حصن ۾ تقسيم ان وقت کان ئي شروع ٿيڻ لڳي هئي. هڪڙا شاعر اهي هئا، جن ڪافين، ڏوهيڙن، مناجاتن ۽ مداحن ذريعي اصلي سنڌي جذبات جي ترجماني ٺيٺ سنڌي ڳوٺاڻيءَ زبان ۾ ٿي ڪئي، پنھنجي سنڌي دل جي صدا سنڌي زبان ۾ پئي ادا ڪيائون. مقابلتا=، ٻئي ماحول جي شاعرن جي ڪوشش اها هئي تہ اردو ۽ فارسي طرز تي غزل چئجن ۽ ٻاهرين استادن جي نقالي ڪجي. منھنجي پنھنجي دلچسپي شروع کان وٺي پھرين قسم جي ڪلام سان هئي. منھنجي خيال موجب، شعر محض ذريعو آهي دل اندر محسوس ٿيندڙ جذبات جي اظھار جو. هر ملڪ جي ماڻھن جي جذبات ۽ احساس ۾ فرق ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪنھن بہ ملڪ جي ماڻھن جي دلي ڪيفيتن کي، سندن حقيقي ڳُوڙهائين ۽ مخصوص باريڪ پھلوئن سميت، مڪمل طرح ٻاهر آڻڻو آهي، تہ پوءِ نہ فقط زبان انھن ماڻھن جي هجڻ گهرجي، پر طرز ۽ طريقهِّ ادا بہ ان زبان جي عين بنيادي اصولن مطابق، ۽ ان زبان جي مخصوص صلاحيتن کي سامھون رکندي. مثلا=، جيڪڏهن شيڪسپيئر جي احساسات جي اظھار جو ذريعو سنڌي ڪافين کي بنايو وڃي ۽ سندس ڪلام جي ترجماني سنڌي ڏوهيڙن وسيلي ٿيڻ لڳي، تہ پوءِ هوند شيڪسپيئر جي ڪھڙي حالت رهجي وڃي؟ ساڳيو قانون لاڳو آهي، سنڌي جذبات جي اظھار واري مسئلي سان. تنھنڪري اصل کان وٺي آءٌ غزلگو سنڌي شاعرن جي محفلن کان ڪنارہ ڪش رهندو آيس، ۽ حاجي محمود ”خادم“ ۽ ان قسم جي ٻين شاعرن جي قريب اچي نہ سگهيس.
لاڙڪاڻي جي شاعرن مان، منھنجي دلچسپي هوندي هئي مرحوم مغفور ميان نواز علي خان ”نياز“ سان. اُهي ڏينھن بہ هئا سندس جوانيءَ بلڪ مستيءَ جا. ان کان سواءِ، پاڻ شاعر بہ هوندو هو باعمل. پھرين پيدا ڪندو هو اهڙو ماحول، جنھن ۾ احساس تيز ٿين ۽ جذبات جوش ۾ اچن. ان کان پوءِ سليس سنڌي زبان ۾، ۽ ڪافين جي وسيلي، ويھي ڪندو هو بيان ۽ اظھار انھن ذاتي ۽ قلبي وارداتن جو.
ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي مرحوم، حاجي محمود ”خادم“ ۽ ان قسم جي ٻين استادن ۽ نواز علي خان ”نياز“ مرحوم جي وچ ۾ هي بنيادي فرق هوندو هو: پھرئين قسم جا صاحب ساري عمر پاڻ عشق ڪرڻ کي غير سنجيده فعل، بلڪ اوباشيءَ جو هڪ قسم تصور فرمائيندا رهيا. نہ ڪڏهن عاشق بڻيا، نہ هجر ۽ فراق جون تلخيون برداشت ڪيائون. محض ٻڌين ئي ٻڌين ڳالھين جي آڌار تي اُٿي خيالي طوفان کڙا ڪيائون، ۽ شعرن جا طومار ٻڌائون. مثلا=، رات ڏينھن همدردي ڪندا تہ هئا بلبل سان، پر اهو ڪڏهين بہ ويچار ڪونہ فرمايائون تہ سنڌ بلڪ ساري هند اندر بلبل جو بنھہ بنياد ئي ڪونہ آهي! مقابلتا=، ميان نواز علي خان مرحوم محض اُهو ۽ اوترو بيان ڪيو، جيترو پاڻ محسوس ڪيائين. اهو ئي سبب هو، جنھنڪري سندس ڪلام ۾ ڏاڍو اثر هوندو هو- ڪڏهن ڪڏهن نئون رواج نظر ۾ رکي، ۽ همعصر شاعرن جي هنگامن کان متاثر ٿي، غزل جي ميدان ۾ بہ طبع آزمائي ڪندو رهيو. اڪثر مشاعرن ۾ ايندو رهيو، ۽ طرحي مصرعن تي غزل ٻڌندو ۽ ٻڌائيندو رهيو. پر اهو ڪو سندس اصلي ڪلام ڪونہ هو.
مرحوم کي مون گهڻو ويجهو ٿِي ڏٺو. عجيب طبيعت جو صاحب هو. وڻندڙ ۽ وندرائيندڙ دوست، پختہ مزاج ڪامورو، حسن کان سخت ۽ فوري متاثر ٿيندڙ دل جو مالڪ، خوش گلو، خوش پوش، تصنع کان قطعا= آزاد، ۽ ڪم سوال ماڻھو هو، ساري حياتي پنھنجي پيدا ڪيل هڪ خاص دل جي دنيا اندر گذاري ڇڏيائين.
هڪ دفعي هڪ مشاعري جي سلسلي ۾ سکر آيو. مان کيس سج لٿي بعد، بئراج جي پل وٽ، درياھہ ڀر تي وٺي ويس، کيس عرض ڪيم تہ پنھنجي چيل ڪا خاص مرغوب ڪافي ٻڌائي. انتھائي خوش الحاميءَ سان هيءَ ڪافي ٻڌايائين:
دل منھنجي دوست ڌتاري، ڙي اديون،
باھہ تہ ٻاروچل ٻاري، ڙي اديون،


جيرو منھنجو جوشن آ تہ جلايو.


جن کان جانب ٿئي جدا،
تن کي ڏجي ڪا دلداري، ڙي اديون،

اوهين ويٺيون طعنن ساڻ تپايو.


ڏينديس ”نياز“ لحاظ سان،
سورن جي سڌ ساري، ڙي اديون،

هوت پنهل جڏهن اڱڻ منھنجي آيو.


ورهيہ گذري ويا آهن، پر اڄ تائين سندس آواز پيو ڪنن ۾ گونجي - چانڊوڪي رات، درياھہ جو ڪنارو، خاموشيءَ جو عالم، ڏکڻ جي هير، ۽ اها هير معطر ڀر وارن باغن ۾ بيٺل گلن ٻوٽن جي خوشبوءِ سان، ۽ وچ ۾ ”نياز“ سو بہ پيو چوي:
جن کان جانب ٿئي جدا،
تن کي ڏجي ڪا دلداري، ڙي اديون،


اوهين ويتر طعنن سان پيون تپايو!


ملازمت جي سلسلي ۾، بطور ماستر جي زندگي شروع ڪئي هئائين، ڪجهہ عرصي بعد روينيو کاتي ۾ ويو، ورهين جا ورهيہ ريزيڊنٽ ماجسٽريٽ جو سرشتيدار ۽ لاڙڪاڻي سب جيل جو جيلر ٿي رهيو، آخر مختيارڪار ٿي رٽائر ڪيائين. منھنجي ساڻس آخري ملاقات 1953ع ۾ ٿي. جسماني طور نحيف حالت ۾ هو، پر طبيعت ۾ زور اڃا تائين ساڳيو ئي هوس. هن ڪتاب لکڻ وقت ڏانھنس خط موڪليم تہ پنھنجي اها ڪافي (جنھن جو ذڪر هينئر ڪري چڪو آهيان) ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ لاءِ خاص پنھنجي هٿ سان لکي موڪلي. وٽانئس آيل جواب مناسب هنڌ تي درج ڪيل آهي.
مولوي غلام رسول جتوئيءَ جي ڪلام جو پڻ انھن ڏينھن ۾ ڪافي شھرو هوندو هو. پاڻ ويٺل ڏوڪري تعلقي جو هو، پر لاڙڪاڻي گهڻو ايندو رهندو هو. مشاعرن ۽ غزلن سان سندس ڪو تعلق ڪونہ ٿي رهيو، محض سنڌي ڪافيون، مداحون ۽ مناجاتون چوندو رهيو، ڪلام ۾ خاصو اثر هوس. وڏي خوبي سندس ڪلام جي اها هئي جو ان ۾ تصنع بلڪل ڪونہ هوندو هو. ڏاڍو سادو انسان هو، بنھہ ڳوٺاڻي رهڻي ڪرڻي، قد ۾ ڊگهو، جسم ۾ سنھو، ڏاڙهي مُٺ جيتري، مٿي تي پٽڪو، هيٺ پيراهن ۽ هلڪي شلوار، ۽ پيرن ۾ سنڌي جُتي. مون جڏهن ڏٺو تہ عمر ۾ سٺ ورهين کان مٿي ٿي لڳو.
* * *
لاڙڪاڻي جا وڪيل بہ ساريءَ اپر سنڌ ۾ مشھور هوندا هئا.
ميان غلام محمد غلام علي، جنھن کي عام طرح ماڻھو ”رئيس غلام محمد شيدي“ سڏيندا هئا، وڏي دماغ ۽ شخصيت جو صاحب هو، قد ۾ بندرو، صورت ۾ قطعا= حبشي، وار گهنڊيدار، منھن تي ڏاڙهي، لباس جي معاملي ۾ قطعا= بيپرواھہ. مٿي تي سنڌي لونگي ٻڌندو هو. جسم تي ڪوٽ - پتلون، پيرن ۾ ٺيٺ سنڌي جُتي. ڪورٽ ۾ ڪڏهن ڪڏهن سرائڪي ٽوپي پڻ پھري ويندو هو. پرواھہ ڪنھن جي ڪانہ ڪڍندو هو. انگريزن کان ٽيڏو رهندو هو. جنھن بہ ڪيس ۾ عملدارن خاص دلچسپي ڏيکاري، ۽ عام وڪيلن ان ڪيس ۾ وڪالت ڪرڻ کان ڊڄي پاسو ڪيو، تہ رئيس غلام محمد بغير ڪنھن بہ سوچ ويچار، خوف يا خطري جي اٿي کڙو ٿيندو. پنھنجن خيالن ۽ شوقن ۾ هردم مست رهندو هو. ڪتابن، علم نجوم ۽ فوٽو گرافيءَ سان شوق هوندو هوس. سارو وقت انھن ”هابين“ جي حوالي هوس. اصيل اچي وڪيل ڪندس. پئسا ڏيئي ويندس، پر حاضريءَ جي تاريخ تي موٽي ايندا تہ سڀ کان پھرين رئيس صاحب ڇڙٻ ڏيئي پڇندن، ”ڪير آهيو؟ ڇو آيا آهيو؟ اڄ مون کي وقت ڪونہ آهي!“ موڊ ٿيس تہ ڪورٽ ۾ ويندو، ٻيءَ صورت ۾ منشي موڪلي حاضري رکارائي ڇڏيندو- اصيل ڀل رڙندا رنڀندا واپس هليا وڃن! قانوندان تمام وڏو هو، پر طبيعت جو سير، ۽ لاابالي. گهري ها تہ لکَ ڪمائي ها، پر پئسن جي پرواھہ مطلق ڪانہ ڪيائين، حتاڪ فوت ٿيو تہ سندس ڪفن دفن جو خرچ بہ سندس ڪتاب وڪڻي ڪيائون. ذاتي دوستيءَ جي معاملي ۾ سخت پختو هوندو هو، دوست جي هر تڪليف کي پنھنجي تڪليف تصور ڪيائين.
ڪجهہ وقت تائين ڪبوتر بازي بہ سندس مشغلن ۾ شامل رهي. هڪ دفعي رياست خيرپور جو چيف سيڪريٽري مقرر ٿيو پنھنجا ڪبوتر ساڻ کڻي وڃي ات رسيو. اتفاقا=خيرپور جي واليءَ مير امام بخش خان، کي وڃي ڪنھن شخص ٻڌايو تہ چيف سيڪريٽري وٽ ڪبوتر تمام سٺا آهن. مير صاحب ڏانھنس ماڻھو موڪليو تہ اهي ڪبوتر اسان ڏانھن موڪلي ڏيو. رئيس صاحب ڪبوترن موڪلڻ بدران پنھنجي استعفا ڏانھنس رواني ڪئي، ۽ ساڳيءَ شام جو پاڻ ٽپڙ ٻڌي، موٽي اچي لاڙڪاڻي پھتو. چيائين، ”پرائي نوڪريءَ جي مقابلي ۾ ڪبوتر وڌيڪ قيمتي آهن“.
آخري ڀيري مون کيس سندس اوطاق جي صحن ۾ اهڙيءَ حالت ۾ ڏٺو جو پاڻ گوڏ ٻڌيو، صندليءَ تي پلٿي ماريو ويٺو هو. غسل جي غرض سان، جسم تي ميٽ ۽ ڀر ۾ پاڻيءَ جا دلا رکيل هئس، جن مان لوٽا ڀريندو جسم تي وجهندو ٿي ويو. ان وچ ۾ ملاقاتي بہ ايندا ويندا ٿي رهيا. گفتگو جاري رهندي آئي، بلڪ هڪ معاملي جي سلسلي ۾ تہ منشيءَ کي سڏي درخواست بہ ”ڊڪٽيٽ“ ڪرائي ڇڏيائين. اندر دفتر واري ڪمري ۾ هر طرف ڪتابن جا انبار، ميز تي رکيل سامان انتھائي بي ترتيبيءَ سان پکڙيل، مس ڪپڙيءَ مان مس سڪل، قلمن جون نبون ڀڳل يا مورڳو غائب!
”خلافت تحريڪ“ سان دلي همدردي هيس، پر ان تحريڪ جي زير سايي ليڊري ڪرڻ يا پنھنجي لاءِ ڪنھن سياسي ميدان تيار ڪرڻ جي بہ ڪوشش ڪانہ ڪيائين.
جيتريقدر رئيس صاحب مرحوم پاڻ رهڻي ڪرڻيءَ ۾ بيپرواھہ هو، اوتريقدر ئي انھيءَ معاملي ۾ خوش ذوق ۽ نازڪ مزاج هو سندس ڀاءُ، خانبھادر نانا نورالدين، جو صاحب بحمدﷲ اڄ تائين حيات آهي، ۽ ساڳئي ذوق شوق سان پنھنجي رٽائرمينٽ جو زمانو پيو ڪراچيءَ ۾ بسر ڪري. قداور، وجيھہ، ۽ رعبدار شھپر.
ملازمت تعليم کاتي ۾ ڪيائين، اهڙيءَ نرم مزاجيءَ سان، جو نہ ڏنائين ۽ نہ ڏکويائين. پھريائين اسڪولن جو ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو، ان کان پوءِ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ۽ حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج جو پرنسيپال. سندس تعليمي خدمتن ۽ ديانتمنديءَ جي صلي ۾ انگريز حڪومت کيس خانبھادر جو لقب بہ ڏنو. نيپولين اعظم جي سوانح حيات سان ڏاڍي دلچسپي رکيائين. جيڪو ڪتاب ان مضمون تي مليس سو خريد ڪيائين، حتاڪ نيپولين ۽ ان جي خاندان متعلق ڪتابن جو ايڏو ذخيرو وٽس موجود ٿي ويو جو ان جو مثال ٻيءَ ڪنھن بہ خانگي يا پبلڪ لائبرريءَ ۾ مون کي اڄ تائين نظر ڪونہ آيو آهي.
لاڙڪاڻي جي وڪيلن ۾ ديوان لالچند نولراءِ (ڪارنا) بہ وڏو نالو پيدا ڪيو. پر ان شھرت جو اصل ڪارڻ ڪھڙو هو، سو مون کي ڪڏهن بہ سمجهہ ۾ نہ آيو. انگريزي ڳالھائيندو هو تہ هر جملي ۾ ٻہ - چار گرامر جون ۽ لفظن جون غلطيون ڪري ويندو هو! مون کيس آڏي پڇا ۽ تقرير ڪندي بہ ڏٺو ۽ ٻڌو، مگر ڪا بہ خاص ڳالھہ مون کي نظر ۾ ڪانہ آئي. ان هوندي بہ سنڌ جي چوٽيءَ جي وڪيلن ۾ شمار ٿيندو رهيو. پڇاڙيءَ جو سياست ۾ بہ حصو ورتائين، ۽ سنڌ جي هندن پاران هندستان جي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ سالن جا سال اها ميمبري ماڻيندو رهيو. ساري هندستان جي طول ۽ عرض ۾ ڪو بہ ۽ ڪھڙي قسم جو واقعو يا معاملو ٿيندو، تہ ديوان صاحب ان متعلق اسيمبليءَ ۾ سوال ضرور پڇندو. زير بحث مسئلو ڪھڙو بہ ايندو، ديوان صاحب جي هڪ عدد تقرير ان تي لازما= ٿي ويندي. ڪاميٽيءَ ڪھڙيءَ جي بہ ميمبري خالي ٿيندي، ديوان لالچند جي اميدواريءَ جو فارم يقينا= داخل ٿي ويندو. اهو زمانو سندس عمر جي پڇاڙيءَ جو هو، ۽ عام طرح سندس طبيعت کي ان وقت تائين ٿڌو ٿي وڃڻ کپندو هو، مگر ديوان صاحب فيصلو ڪري چڪو هو تہ زبان جيستائين هلندي رهي، اوستائين ان کي مصروف رکيو اچبو. اسيمبليءَ کان ٻاهر بہ، هندو - مسلم ڇڪتاڻ جي سلسلي ۾ (جنھن ڇڪتاڻ جي سنڌ اندر ابتدا لاڙڪاڻي مان ٿي)، ديوان لالچند هندن پاران گهڻو ڪم ڪيو. 1947ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ هندو - مسلم فساد ٿيا. سنڌ جي تاريخ اندر ان قسم جو اهو پھريون واقعو هو. ڳيريلي جي ڳوٺ مان هڪ هندو عورت ڪنھن مسلمان سان بدپيشه ٿي ڀڄي ويئي. معاملي فرقيوارانہ نوعيت اختيار ڪئي. مقدمو لاڙڪاڻي جي مسلمان حضور ڊپٽي ڪليڪٽر (محمد هاشم) وٽ هليو، جنھن عورت ۽ ان جي ٻارن جو قبضو هندن کي ڏياريو. هندن پنھنجي ڪاميابيءَ جو اظھار اهڙي طريقي سان ڪيو، جو ”مسلماني“ جوش وچان لاڙڪاڻي شھر جا مسلمان بہ اٿي کڙا ٿيا. مقابلا ۽ فساد ٿي پيا، ۽ ان کان پوءِ مسلمان اڳواڻن خلاف مقدميبازيءَ جو سلسلو شروع ٿي ويو. جيڪو بہ مسلمان اڳواڻ هندن کي چُرندو ڦِرندو نظر آيو، تنھن تي هڪ عدد فوجداري مقدمو داخل ڪري ڇڏيائون. مقصد اهو ڪونہ هون تہ انصاف ٿئي، يا جن مسلمانن واقعي جرم ڪيا آهن تن کي سزا اچي: حقيقي مطلب اهو هون تہ لاڙڪاڻي جي مسلمان قومي ورڪرن کي، موقعي جو فائدو وٺي، فوجداري مقدمن ذريعي ايتريقدر پيڙهي ڇڏجي جو وري منجهانئن ڪنھن کي بہ هندن جي مقابلي ۾ ڪنھن بہ سلسلي ۾ آواز اٿارڻ جي جرئت ڪانہ ٿئي، ۽ لاڙڪاڻي شھر تي عملي طرح هندن جو راڄ قائم ٿي وڃي. اها هڪ اهڙي افسوسناڪ ذهنيت هئي، جنھن جا نتيجا اڳتي هلي بيحد خطرناڪ نڪرڻا هئا. خود هندن کي ان باري ۾ دورانديشيءَ کان ڪم وٺڻ کپندو هو، مگر انھن صاحبن، ديوان لالچند جي اڳواڻيءَ هيٺ فوري ۽ محدود فائدن کي مستقبل جي مجموعي قومي ۽ ملڪي مفاد ۽ مصلحتن تي ترجيح ڏيڻ پسند ڪئي. ان طرح، هڪ اهڙي ”چين ري ائڪشن“ (Chain reaction) جو بنياد وڌائون، جنھن اڳتي هلي نہ فقط هندن کي سنڌ منجهان گهات ڪري ڇڏيو، بلڪ سنڌ جي قسمت کي بہ لوڏن ۽ لھرن ۾ وجهي ڇڏيو.
ان چين ري ائڪشن جون مختلف ڪڙيون، جي وقت گذرندي جدا جدا صورتن ۾ نمودار ٿينديون ويون، ملاحظي ۽ غور جي قابل آهن:
1 - لاڙڪاڻي جي فسادن ۽ مقدمن بعد ساريءَ سنڌ اندر هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ تلخي وَڌي ويئي.
2 - طرفين جي اخبارن ان تلخيءَ کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي.
3 - سنڌ ۾ ٻين جاين تي بہ ساڳئي قسم جا فساد ٿيڻ لڳا.
4 - مسلمانن کي ڀؤ لڳو تہ هندو کين برباد ڪري، ساريءَ سنڌ مٿان پنھنجو سياسي ۽ اقتصادي قبضو قائم ڪرڻ گهرن ٿا.
5 - مسلمانن اهو بہ ڏٺو تہ سنڌ جي بمبئي پريزيڊنسيءَ سان وابستہ هجڻ سبب، پريزيڊنسيءَ جي هندو اڪثريت جو فائدو سنڌ جا هندو بہ وٺي رهيا آهن، ۽ ان وابستگيءَ ڪري توڙي جو سنڌ اندر مسلمان ميجارٽي ۾ آهن، مگر عملي طرح ان ميجارٽيءَ جو کين ڪو بہ فائدو پھچي ڪونہ ٿو سگهي.
6 - تنھنڪري، سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرائڻ لاءِ مسلمانن طرفان تحريڪ شروع ٿي ويئي، جنھن جي هندن شدت سان مخالفت ڪئي، ۽ جنھن تناسب سان هُنن سنڌ جي جدائيءَ جي مخالفت ڪئي، انھيءَ تناسب سان مسلمانن کي يقين ٿي ويو تہ بمبئيءَ وارو تعلق سندن حق ۾ واقعي نقصانڪار آهي ۽ سندن نجات جو راز ان ۾ ئي مضمر آهي تہ سنڌ کي بمبئيءَ کان ڇني، پنھنجي مٿي جدا صوبو بڻايو وڃي. ان تحريڪ جي اڳواڻي خانبھادر محمد ايوب کھڙي ڪئي. جيڪو پاڻ لاڙڪاڻي جو ويٺل هو، ۽ جنھن کي لاڙڪاڻي جي فسادن دوران ڪوڙن فوجداري مقدمن ۾ ڦاسائڻ لاءِ هندن طرفان سخت ڪوشش ٿي چڪي هئي.
7 - اڳتي هلي نيٺ سنڌ جدا ٿي.
8 - سنڌ جي جدا ٿي وڃڻ بعد بہ هندن طرفان اها ئي ڪوشش جاري رهي تہ مسلمان اڪثريت کي ان علحدگيءَ جي فائدي ماڻڻ کان روڪيو وڃي.
9 - ان مقصد سان هندن، اسيمبلي اندر مسلمان اڪثريت کي ٽوڙڻ خاطر، متحد ٿي هيءَ ڪوشش شروع ڪئي تہ مسلمان گروپن کي ڪڏهن بہ پاڻ گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو نہ ڏنو وڃي ۽ منجهانئن هميشہ اهڙي گروپ کي پاور ۾ رکبو اچجي، جنھن جو مقدار زيادہ تر مسلمان ووٽن تي نہ، پر سندن (يعني هندن جي) ووٽن تي هجي.
10 - 1937ع ۾ ”جدا يا آزاد سنڌ“ جون پھريون چونڊون ٿيون. ڪامياب مسلمان ميمبرن جي اڪثريت توڙي جو يونائيٽيڊ پارٽيءَ ۾ هئي، ۽ سر غلام حسين جي مسلم پارٽيءَ کي فقط ڇهن ميمبرن جي پٺڀرائي حاصل هئي، مگر ان هوندي بہ جڏهن گورنر، سر لانسلاٽ گراهم، وزارت عظميٰ تي سر غلام حسين کي ويھاريو تہ هندن پٺڀرائي انھن ڇهن ميمبرن واري گروپ جي اڳواڻ يعني سر غلام حسين جي ئي ڪئي. مقصد اهو هون تہ جنھن صورت ۾ سر غلام حسين کي مسلمان ميمبرن جي اڪثريت جي حمايت حاصل نہ آهي، تنھنڪري کيس بطور وزيراعظم جي هر وقت هندن اڳيان ئي محتاج رهڻو پوندو.
11 - ايندڙ سال، يعني 1938ع ۾، سر غلام حسين کان بہ ناراض ٿي پيا، تنھنڪري کيس ڪيرائي خانبھادر ﷲ بخش جي وزارت قائم ڪرايائون. ڪجهہ مھينن بعد، خانبھادر ﷲ بخش ۽ سندس مسلمان حمايتين جي وچ ۾ ڍلن جي معاملي تي اختلاف پيدا ٿي پيو ۽ مسلمان ميمبرن جي اڪثريت خانبھادر ﷲ بخش کان جدا ٿي ويئي.
12 - مسلمان ميمبرن جي اڪثريت، ﷲ بخش مرحوم کان جدا ٿيڻ بعد، هندن کان تقاضا ڪئي تہ جنھن صورت ۾ ﷲ بخش وزارت قائم ڪرڻ وقت سندن (يعني هندن جي) ائگريمينٽ ان ساريءَ پارٽيءَ سان ٿيل هئي ۽ نہ ذاتي طرح خانبھادر ﷲ بخش سان، ۽ هينئر جنھن صورت ۾ اها پارٽي خانبھادر ﷲ بخش کان جدا ٿي ويئي آهي، تنھن صورت ۾ هندو ميمبرن کي پڻ ﷲ بخش کي ڇڏي، اڪثريت واري پارٽيءَ سان پنھنجي اصلوڪي وابستگيءَ کي قائم رکڻ گهرجي. پر هندن ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ﷲ بخش کي اقليت، ڪمزوريءَ ۽ محتاجيءَ جي حالت ۾ ڏسي، کيس هڪدم پنھنجي سرپرستيءَ هيٺ ورتائون، بلڪه کانئس ڪي اهڙا ڪم ڪرايائون، جنھنڪري مسلمانن کي اڳ کان بہ وڌيڪ يقين ٿي ويو تہ هندن جي نيت محض اها آهي تہ سنڌ مٿان وزارت هميشہ اهڙي قائم رکبي اچجي، جنھن جي زندگيءَ جو مدار سندن ووٽن تي هجي.
13- ان اسٽيج تي سمورا هندو ميمبر، ڪانگريسي خواھہ غير ڪانگريسي، پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي، خانبھادر ﷲ بخش جي زور سان پٺڀرائي ۽ حوصلہ افزائي ڪرڻ لڳا. آل انڊيا ڪانگريس کي اپيلون ٿيون: سردار پٽيل، مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ آچاريه ڪرپالاڻي، دهليءَ مان ڪاهي اچي ڪراچيءَ پھتا. طرفين جون ڳالھيون ٻڌائون، مگر فيصلو اهو ئي قائم رهيو تہ مسلم اڪثريت جي مخالفت هوندي بہ ﷲ بخش کي قائم رکجي.
14 - هندن ۽ ڪانگريسين مان آخري طرح نااميد ٿي، واسطيدار مسلمان ڪم ڪندڙن، جن جو اڳواڻ جي. ايم. سيد صاحب هو، پھريون دفعو مسلم ليگ ڏانھن رخ رکيو. هيلتائين سنڌ اندر مسلم ليگ جو ڪو بہ نانءُ نشان ڪونہ هو، حالانڪ هندستان جي ٻين حصن ۾، اڳ ۾ ئي، 1935ع کان وٺي، ان تحريڪ جو نئون ۽ آخري دؤر شروع ٿي چڪو هو.
15 - 1938ع جي پڇاڙيءَ ۾، پھريون دفعو، سنڌ جي سرزمين تي، ڪراچي شھر اندر، قائداعظم محمد علي جناح جي صدارت هيٺ، مسلم ليگ جي ڪانفرنس منعقد ٿي، جنھن جي سلسلي ۾ هندستان جي مختلف صوبن جا مسلم ليگي اڳواڻ ڪھي اچي سنڌ ۾ پھتا. ڪانفرنس سڏائڻ جو فوري مقصد محض اهو هو تہ ﷲ بخش جي وزارت خلاف آواز پيدا ڪيو وڃي، مگر هڪ سياسي سيلاب کي بند ڀڃي پنھنجي طرف رخ وٺائڻ بعد ڪير ٿي روڪي سگهيو! ڪانفرنس هلندي، هندن اڳ کان بہ وڌيڪ ﷲ بخش مرحوم جي پُٺي ٺپري، ۽ ڪانگريس جي نالي ۾ خود پاڻ بہ اڳئين کان اڳرا ٿي بيھي رهيا.
16 - اها ڪانفرنس اهڙي عظيم پيماني تي ٿي رهي هئي، جو ڪانفرنس ڏسندي، هندن کي هڪدم هوا جو رخ پروڙي، محسوس ڪرڻ کپندو هو تہ سندن شروع ڪيل پاليسي هندو اقليت ۽ مسلم اڪثريت کي مستقلا= هڪٻئي کان جدا ڪري رهي آهي ۽ صوبي جي سياست کي هميشہ لاءِ فرقيوارانہ رنگ وٺائي رهي آهي، جنھن جو نتيجو اڳي پوءِ اقليت لاءِ ئي نقصانڪار ثابت ٿيڻو آهي، مگر هندن تدبر ۽ دورانديشي ڏيکارڻ بدران پاڻ وڌيڪ شوخي ۽ ضد جو رستو اختيار ڪيو.
17 - آخر انھيءَ ئي ڪانفرنس ۾، سنڌ جي هندن مان نااميد ٿيل مسلمان ورڪرن جي تجويز تي، پاڪستان متعلق پھريون دفعو ٺھراءُ پاس ٿيو. خاص سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس، آل انڊيا ليگ کي استدعا ڪئي تہ جنھن صورت ۾ هندو اهو فيصلو ڪري چڪا آهن تہ مسلمانن جي اڪثريت وارن صوبن اندر بہ مسلمانن کي ڪنھن بہ فائدي وٺڻ جو موقعو نہ ڏنو وڃي، تنھن صورت ۾ هينئر آل انڊيا ليگ کي ڪا اهڙي اسڪيم تيار ڪرڻ گهرجي، جنھن هيٺ مسلم اڪثريت وارا صوبا هندستان کان جدا ٿي، پنھنجي مٿي ملي، هڪ علحده فيڊريشن قائم ڪري سگهن. اها آهي پھرين لڪير، جنھن جي بنياد تي اڳتي هلي پاڪستان جو سارو نقشو تيار ٿيو.
18 - ان بعد بہ هندن کي مت ڪانہ آئي. سکر جي مسلمانن، سرڪار کان تقاضا ڪئي تہ بندر تي ويران حالت ۾ پيل منزلگاھہ واريون عمارتون جنھن صورت ۾ اولا= مسجد طور تعمير ٿي ۽ ڪتب اچي چڪيون هيون، تنھن صورت ۾ انھن جو قبضو هاڻي ورائي مسلمانن جي حوالي ڪيو وڃي. هندن، حسب دستور ان مطالبي کي بہ هڪ سياسي اِشُو بڻائي، ان جي بنياد تي مخالفت شروع ڪري ڏني. ﷲ بخش تي زور آندائون تہ ڪنھن بہ طرح مسلمانن جي خواهش پوري ٿيڻ نہ ڏئي. چنانچ ﷲ بخش انڪار ڪيو، ۽ مسلمانن ستياگرھہ شروع ڪئي. ﷲ بخش سختي ڏيکاري، تہ ستياگرھہ خونريزيءَ جي صورت ورتي. سوين هندو مارجي ويا، هزارين مسلمان گرفتار ٿيا، آخر ۾ مجبور ٿي، هندن کي ﷲ بخش وزارت کي ختم ڪري، خود پنھنجن هٿن سان مسلم ليگين کي وزارت جي مسند تي ويھارڻو پيو. ان دوران ۾ سرڳواسي ڀڳت ڪنور رام پڻ، ريل ۾ ويٺي، رڪ اسٽيشن تي خواھہ مخواھہ خون ٿي ويو.
19 - پر جيئن منزلگاھہ جو مسئلو ختم ٿيو ۽ صوبي اندر ٺاپر ايندي ويئي، تيئن هندن کي وري ﷲ بخش مرحوم جي ياد ستائڻ لڳي. ستت ئي ليگ وزارت کي ڪيرائي، وري ﷲ بخش کي پاور ۾ آندائون.
20 - سنڌ جا مسلمان اڳ کان بہ وڌيڪ زور سان پاڪستان تحريڪ ۾ ڪاهي پيا. نہ فقط سنڌ بلڪ ساري هندستان اندر، پنھنجي صوبي جو مثال سامھون رکي، پاڪستان جي فائدي ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنائون. ساري هندستان اندر، سنڌ جي اسيمبلي پھرين ئي قانون ساز جماعت هئي، جنھن پاڪستان جي فائدي ۾ باقاعدي ٺھراءُ پاس ڪي و.
21 - 1947ع ۾ آخر پاڪستان قائم ٿيو، ۽ سنڌ جي هندن کي پنھنجي وطن مان لڏي هندستان وڃڻو پيو.
22 - 1948ع ۾ ڪراچي سنڌ کان جدا ڪئي ويئي.
23 - 1955ع ۾ سنڌ بطور هڪ علحده صوبي جي ختم ٿي، مغربي پاڪستان جو حصو بڻي.
غور فرمايو: شروع ڳالھہ ٿي لاڙڪاڻي مان، ڳيريلي جي رن تان، ۽ ديوان بلوچ جي ڪٽرپائيءَ سان، ۽ پوءِ؟ مختلف منزلن مان گذرندي گذرندي، آخر وڃي پھتي ڪٿي! اڄ سنڌ جا هندو صاحب، بي گهر ۽ بي وطن، مستقل شرنارٿي آهن، ۽ سنڌ جا مسلمان ۽ ڀٽائي عليہ الرحمت جا بيت:
وڏيري هياس، چنيسر جي راڄ ۾،
دهلين دمامين نفرين، پر ۾ پڇياس،
ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڏهاڳڻ ڏيھہ ۾!


لاڙڪاڻي، ساھہ سيباڻي، معشوقن جي مڪان جي امڪانات ۽ قوتن جو اهو فقط هڪ معمولي مظاهرو هو، جنھن حقيقي طرح ساريءَ تاريخ ۽ قومن ۽ ملڪن جي قسمت کي چڪر ۾ آڻي ڇڏيو.
جن هندن کي پاڪستان ٺھڻ بعد پھرئين ئي پھر وطن ڇڏڻو پيو، تن مان هڪ ديوان لالچند بہ هو. هندستان پھچڻ کان پوءِ، سندس پرلاءُ وري ٻڌڻ ۾ ڪونہ آيو- شايد ستت ئي سرڳواسي ٿي ويو.
جيتريقدر ديوان لالچند تنگ نظر هو، اوتريقدر ئي وسيع المشرب ۽ غير متعصب لاڙڪاڻي جو ٻيو هندو وڪيل، ديوان گوبندرام هاسومل سيوهاڻي هو، جنھن لاڙڪاڻي وارن فسادن ۽ هندو ڪشمڪش جي دوران، هندن جي زوربار هوندي بہ، مسلمانن جي مدد ڪئي. سندس اصول هوندو هو تہ وڪيل کي قوم ۽ مذهب جي بنياد تي هرگز متعصب ٿيڻ نہ گهرجي. وڪالت جي ڌنڌي ۾ وڏو مقام حاصل ڪيائين. سندس ٻيا اصول هي هوندا هئا.
(1) ماجسٽريٽ يا جج يا سرڪاري عملدار سان ذاتي لڳ لاڳاپو رکي ڪيس کٽڻ، وڏيءَ حقارت جو ڪم آهي. ڪيس کٽڻو آهي تہ قانون ۽ محنت ۽ ايمانداريءَ جي ذريعي، ۽ نہ ٻيءَ طرح (انڪري پاڻ، وقت جي دستور خلاف، ڪڏهن بہ ڪنھن ماجسٽريٽ يا جج سان خانگي تعلقات نہ رکيائين).
(2) هٽ واڻئي ۽ ٻروچ جو ڪيس ڪڏهن بہ نہ کڻجي، ڇو تہ هو وڪيل کي ڏاڍو تنگ ڪن ٿا، ۽ ڪورٽ ۾ پھچڻ کان اڳ ۾ ئي سندس دماغ چٽي وڃن ٿا.
(3) پنھنجي اصيل سان مڪمل وفاداري هجڻ گهرجي، ۽ ڪنھن بہ خوف، لوڀ يا لالچ ڪري ان جي حقن کي فراموش ڪرڻ نہ جُڳائي.
(4) وڪيل کي پنھنجو سارو وقت پنھنجي ڌنڌي تي ڏيڻ گهرجي، ۽ ڌنڌي کان ٻاهر ساري دنيا کي فراموش ڪري ڇڏڻ گهرجي، ان ۾ ئي وڪيل جي ڪاميابيءَ جو راز ٿئي ٿو. جنھن وڪيل وڪالت سان گڏ ٻيا بہ شوق ۽ شغل ڪيا ۽ مصروفيتون اختيار ڪيون، سو ڪامياب وڪيل ٿي ڪونہ سگهندو.
(5) جج يا ماجسٽريٽ غلط فيصلو ڪندو نظر اچي تہ ان سان هڪدم وڙهي پوڻ گهرجي ۽ ڪا بہ مروت ساڻس ٿيڻ نہ گهرجي.
(6) وڪيل برادريءَ جي ڪنھن بہ ماڻھوءَ خلاف ڪو بہ مقدمو نہ کڻجي.
شخصي طرح ديوان گوبندرام ڏاڍو دلچسپ ماڻھو هوندو هو. کِلائي کِلائي پيٽن ۾ سور وجهي ڇڏيندو. اهڙيون ڪھاڻيون ٻڌائيندو ۽ اهڙيون لاهڻيون لاهيندو جو گهڻو ڪري ٽرڙا ۽ هلڪي طبعيت رکندڙ وڪيل کانئس پاسو ڪندا رهندا. ساڳئي وقت وري جڏهن متين ۽ سنجيده ٿيڻ جي ضرورت پوندي، تہ ايتريقدر گنڀير ٿي ويندو جو سندس منھن ڏسيو ماڻھن کي هيبت وٺيو ويندي. جاهل ۽ ڪاهل اصيلن سان ڏاڍي سختي ڪندو هو. اهڙو اصيل، شنوائيءَ جي صبح جو منھن چڙهي ويس تہ هڪدم رهڙون ۽ ڇڙٻون ڏيئي پگهر ڪڍي رکندس. انڪري سندس اصيل حقيقت ڏيڻ، شنوائيءَ تي اچڻ، ۽ فيءَ پھچائڻ ۾ ڪڏهن بہ سستي ڪين ڪندا هئا. آواز ڏاڍو گرجدار هوندو هوس، ۽ ان خصوصيت کي شوق سان استعمال ڪندو هو. ڪورٽ ۾ ڳالھائيندو تہ پري تائين پيو سندس پرلاءُ پوندو. اصيل ڏاڍا خوش ٿيندا: چي، ”سائين، اسان جو ديوان ڪيئن پيو ڳالھائي؟ ڄڻ شينھن پيو راڙيون ڪري، ۽ دهل پيو وڄي، مخالف ڌر جي وڪيل بلڪ ماجسٽريٽ تائين جون هڻي پتلونون ڍريون ڪري ڇڏيائين“. اصيل کي نتيجي ۾ سزا اچي ويندي، تہ بہ پنھنجي وڪيل کان راضي ٿيو ويندو.
لاڙڪاڻي ۾ سوين وڪيل هوندا هئا، مگر گوبندرام نہ ڪنھن وٽ ايندو نہ ويندو. دوستي هوندي هيس تہ فقط هڪ همعصر وڪيل سان، جنھن جو نالو هوندو هو صوڀراج ۽ اصل حيدرآباد جو هو. هر شام جو ٻيئي پاڻ ۾ گڏجي ويھي وسڪيءَ جو پئگ کڻندا ۽ پَٽ شَٽ هڻندا. اوطاق جي ٻاهران شام جو ڇڻڪار ٿيندو، آرام ڪرسيون لڳي وينديون، سج لھندو تہ کٽومل منشي آڻي وسڪيءَ جي ٻاٽلي، گلاس ۽ سوڍائون سامھون ٽپائيءَ تي رکندن. جيئن جيئن پئگ کڻندا ويندا، تيئن تيئن طبعيت ۾ رنگيني پيدا ٿيندي ويندين. سومھاڻيءَ تائين ٻنھي دوستن جي وچ ۾ پيو کل چرچو هلندو. مانيءَ جو وقت ٿيو تہ ديوان صوڀراج پنھنجي گهر روانو ٿي ويندو، ۽ گوبندرام اُٿي اچي اوطاق ۾ ويھندو.
وڏي افسوس جو مقام آهي تہ ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ، اهڙي ماڻھوءَ لاءِ بہ سنڌ جاءِ رکي نہ سگهي! روئندو، رڙندو، دهليءَ روانو ٿي ويو. وطن ڇڏڻ ڪري ايترو صدمو پھتس جو بيمار ٿي پيو ۽ سست ئي گذاري ويو.
انقلاب اچن ٿا تہ سُڪن سان گڏ آلا بہ سڙي وڃن ٿا!

پير تراب علي شاھہ راشدي رحمة ﷲ عليہ

سائين تراب علي شاھہ جھڙا پنهل پير ڪنھن سڀاڳيءَ صديءَ ۾ پيدا ٿيندا آهن.
هونئن تہ پيرن فقيرن جي معاملي ۾ ﷲ تعاليٰ سنڌ کي ڪڏهن ڏک يا ڏُڪار ڪونہ ڏيکاريو آهي، پر پير روشن ضمير، جن ڏٺي اڃ بک لھيو وڃي، سي نصيبا= نظر ايندا رهيا آهن.
چون ٿا انگريز آئي، ۽ مغربي تعليم ۽ تھذيب جي يورش کان اڳ، سنڌ ۾ گهڻا سچا پير هوندا هئا. سجادن جي ڪثرت ۽ اڳوڻي زماني جي ڪتابن مان اُن جو ثبوت ملي ٿو. پر فرنگيت ڦھلجڻ بعد ان جنس جي گهٽتائي ٿيندي ويئي آهي. مون هڪ دفعو حضرت مخدوم غلام محمد صاحب مھيسر رحمة ﷲ عليہ (ساڪن کھڙا تعلقو گمبٽ) کان هاڻوڪيءَ سُڃ جو سبب پڇيو. فرمايائين: ”بابا! دڪاندار وکر اهو ئي وِهائيندا آهن، جنھن وکر جا گراهڪ موجود هوندا آهن. هينئر نہ اُهي گراهڪ، نہ اُهي واپاري، نہ اُهو وکر!“
آءٌ پاڻ کي بختاور سمجهان ٿو، جو مون کي ڪن سچن پيرن سان صحبت ڪرڻ جو موقعو مليو- يعني پير تراب علي شاھہ سائين رحمة ﷲ عليہ ۽ سندس پير جناب سيد احمد شامي رحمة ﷲ عليہ سان اڳ ۾ ئي گهڻي دير ٿي ويل هئي. زمانا ڦري چڪا هئا. اڳيان وِير وڃڻ وارا هئا. محفلون سميٽجڻ تي هيون. ڏيئا اجهامڻ هارا هئا. گهڙيءَ پلڪ جي ويرم وڃي رهي هئي. ان وچ ۾ آءٌ بہ وڃي سھڙيو هوس. ڀاڳن ڀرايو هو. چوڻ جو موقعو ملي ويو تہ
”مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي.“
مون پنھنجي زندگيءَ اندر گهڻائي ماڻھو خواھہ مِرون ڏٺا آهن- قسما قسم، رنگ برنگ، چڱا ۽ مَٺا، رهبر ۽ رهزن، دردوندا ۽ بيدردا. ورلي ٻيو ڪو سنڌي اهڙو سڀاڳو هوندو، جنھن پنھنجي زماني جي ايترن دودن خواھہ چنيسرن جا ديدار ڪيا هوندا. هلندڙ دؤر جي ساري تاريخ منھنجي اکين اڳيان ٺھي آهي. انسان جي فطرت کي مون غلاف ڪعبہ ۾ ملبوس بہ ڏٺو آهي ۽ الف- عُريان به. آخر هنن نماڻين اکڙين ڇا نہ ڏٺو يا پَسيو هوندو؟ پر اڄ پاڻ کان پڇان ٿو تہ اِن ساري سفر اندر گهڻن مڪمل انسانن ڏسڻ جو وجهہ مليو، تہ اندر مان آواز پيو اچي: ”مشڪل سان ٻن - چئن جو!“ انھن مان ٻن جا نالا هينئر ٻڌايا اٿم.
”مڪمل انسان“ مان منھنجي مراد ڪھڙي آهي؟ سچ آهي تہ ”مڪمل انسان“ جي سر تي سڱ ڪونہ ٿا ڄمن. ڏسڻ ۾ ماڻھن جھڙو ماڻھو ٿئي ٿو، پر ان جي سڃاڻپ جو وڏو اهڃاڻ هيءُ ٿئي ٿو تہ ان جي قرابت يا محبت طبيعت تي اُها ڪيفيت پيدا ڪري ٿي، جا محسوس تہ ٿيندي رهي ٿي، پر نہ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ۽ نہ ڏَسڻ ۾. مثلا=، نسيم بھاريا شميمِ يار جو رشتو بصارت سان نہ، پر دل ۽ دماغ سان رهي ٿو. اهي نعمتون اکين سان ڏسڻ ۾ نٿيون اچن، پر انھن جي آمد ۽ موجودگي ماڻھوءَ جي لونءَ لونءَ اندر محسوس ٿيندي رهي ٿي.
سائنس ثابت ڪيو آهي تہ هر انسان جي جسم مان مختلف قسم جا برقي شعاع نڪرن ٿا، جن جا مختلف ماڻھن تي مختلف اثر ٿين ٿا. ان برقي رَو جي مقناطيسيت ۽ ٻين امڪانن جو اڃا مطالعو پيو ٿئي. پر جيتريقدر ظاهر ٿي چڪو آهي، ڪن انسانن ۾ ڪشش جي گهڻيءَ قوت جو هجڻ، يا پھرئين ئي ديدار ۾ بعض دلين جي وچ ۾ پيوندن جو پئجي وڃڻ، ان برقي رَو يا برقي شعاعن جو ئي نتيجو ٿئي ٿو. جيتريقدر آءٌ سمجهي سگهيس، پير تراب علي شاھہ رحمة ﷲ عليہ جو جسم مبارڪ هڪ مرڪزي بجلي - گهر مثال هو. جيڪو آيو ٿي، سو اڙجي ويو ٿي. جنھن تي گهُور ٿي ٿِي، سو هميشہ لاءِ گهائجي ٿي ويو. کانئس ڇنٻي هن مسڪين کي ڇويھہ سال ٿيا آهن، پر اُن بجليءَ جي رَو هينئر بہ رگِ جان ۾ اڳئين وانگر پئي محسوس ٿئي.
ڪڏهن يا ڪٿ ساڻس پھرين ملڻ جو موقعو مليو، سو هينئر ياد ڪونہ اٿم. پر ايترو ياد اٿم تہ ننڍڙائيءَ کان ئي آءٌ سندس نيازمندن ۾ شامل ٿي چڪو هوس. سندس عمر ڪافي هئي. منھنجي مُنھن تي اڃا ريھہ بہ ڪانہ لٿي هئي. پاڻ عالم ڪامل هو، آءٌ اڃا محض طالب علم. پاڻ اسلامي تھذيب ۽ سنڌي تمدن جو نمونو هو، ۽ منھنجي سر تي انگريزيت سوار. پاڻ اسوه رسول (صلعم) جو پَيڪر هو، ۽ آءٌ ٻانگ ٻڌي کُڙي کڻڻ تي تيار. پاڻ ڌارئي راڄ جو پيدائشي دشمن هو، ۽ مون لاءِ بندوق جو پروانو بهشت جو پروانو! پاڻ ۾ ڪا بہ مناسبت ڪانہ هئي. ڪشش جو ڪو بہ ظاهري ڪارڻ ڪو نہ هو. پر ان هوندي بہ ڪا شيءِ هئي، ڪا ڇڪ هئي، بجليءَ جي شاڪ هئي، يا بنھہ ازل جو ڪو انتظام، جو دل جو ڪاڍو هر دم قنبر ڏانھن ٿي رهيو. رات هجي يا روھہ، جهُڙ هجي يا مينھن، ڏينھن هجي يا شينھن، پير اُن پاسي ئي ٿي پيو. اها ويڌن ڇڙو مون ساڻ واڻيل ڪا نہ هئي. مون نہ ڏٺو تہ ڪنھن ماڻھوءَ شاھہ سائين (احتراما= کين شاھہ سائين چوندا هئاسين، سڄو نالو نہ وٺڻ ۾ ايندو هو) کي هڪ دفعو ڏٺو ۽ پوءِ ڀيرو ڀڳو. هڪ ڀيري آءٌ آڌيءَ رات اچي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيس. حيران ٿي پڇيائين! ”خير تہ آهي؟“ جواب ۾ مون حضرت مولوي عبدالغفور صاحب همايوني عليہ الرحمة جو ڪافي چئي ٻڌايس:
”تنھنجي زلف جي بند ڪمند وڌا،
زندان هزارين مان نہ رڳو.“


سچ بہ ائين هو. پاڻ پنھنجي ڳوٺ (علي خان) قنبر ۾ هجي يا سفر ۾، پروانا شمع کان پري رهي ڪونہ ٿي سگهيا. جيڏانھن ويندو هو، ساري انجمن ساڻس گڏ هوندي هئي. سرمائيدار نہ هو. وٽس نہ حڪومتي اقتدار هو، نہ دنياداريءَ جو دٻدٻو، نہ سجادہ جو سوال هو، نہ پيراڻا گهنڊ گهڙيال، نہ دنيوي بھتريءَ جو دلاسو ٿي مليو، نہ آخرت ۾ سفارش جو آسرو، نہ ڏيک هو نہ ويک. کدر يا ڪوري بافتي جو چولو، گيڙو يا اڇي گوڏ، ڪلھي ۾ دلائل الخيرات ۽ ڪلام مجيد، هٿ ۾ نيٽ جو لڪڻ يا ڪھاڙي، پيرن ۾ ڳؤرو بلوچستاني جوتو- اهو هو سندس ظاهري لباس. پر پوءِ بہ ماڻھن جا ڳاهٽ لڳا پيا هئا-- ديسي توڙي پرديسي. ڪن تہ هڪ دفعو وٽس پھچڻ ۽ کيس ڏسڻ پڄاڻا مري وٽانس موڪلايو. مولانا بخاري نالي هڪ بزرگ تاشقند يا بخارا مان ڪھي اچي وٽس پھتو هو. هن سنڌي پيِر جي پريت ۾ اڳيان پويان وساري ويھي رهيو. مئو بہ سندس در تي، ۽ علي خان واريءَ وڏيءَ مسجد جي دروازي ٻاهران دفن ٿيو. هڪ ٻيو شخص ”ملنگ“ نالي وٽس رهندو ڏٺم. ڪٿان جو هو، اصل نسل ڇا هوس، سو معلوم ڪونہ ٿيو، ساري زندگي شاھہ سائينءَ جي خدمت ۾ گذاريائين. ملنگ جي مسرتن ۽ ڪامرانين جو معراج اهو هوندو هو تہ شاھہ سائين ساڻس ٻہ اکر ڳالھائي يا کيس ڪنھن ڪم ڪار لاءِ حڪم ڏئي. اهڙا ٻيا بہ ڪيئي مثال ٿي گذريا.
انسان رِيجهائڻ، نانگ ريجهائڻ کان ڏکيو آهي. ڪتو ٽڪر وٺي پُڇ لٽڪائيندو آهي، مِرون چُوڻ کائي پنھنجو مٿو وڃائيندو آهي، پر انسان ئي اها آفت آهي، جنھن ڀڀ ڀرڻ ۽ مٿس ٿورن ٿڦڻ کان پوءِ بہ منجهس شرم ۽ شڪر گذاريءَ جو آسرو رکڻ ڄڻ جوا کيڏڻي آهي. پر پير تراب عليءَ جي نوڙي جنھن نڪ ۾ پئجي ويل هئي، تنھن جو ڇڄڻ يا ان ماڻھوءَ جو ناڪيلي ڇنائي ڀڄڻ ناممڪن هوندو هو.
سندس حلقہ ِّ احباب ۾ امير بہ هوندا هئا ۽ غريب به. پر سندس لطف جو لاڙو زيادہ تر غريب دوستن طرف هوندو هو. سندس خيال هو تہ امير بنسبت غريب جو ضمير زيادہ صاف، ۽ غريب دوستي زيادہ بيغرض ۽ زيادہ پائدار ٿئي ٿي.
سعدﷲ نالي هڪ پوڙهو پٺاڻ نانوائي، لاڙڪاڻي جي سيئو بازار ۾، ونگن واري چوسول وٽ کٽ رکيو، ديڳڙو چاڙهيو، ويٺو هوندو هو. پير صاحب جي ساڻس ڪڏهن کان ۽ ڪيئن دوستي ٿي، تنھن جو پتو ڪونہ اٿم. پر مون کي ياد نہ آهي تہ ڪڏهن پير صاحب لاڙڪاڻي آيو هجي يا لاڙڪاڻي مان لانگهائو ٿيو هجي ۽ پھرين سعدﷲ جو سلام نہ ڪيو هجيس. سعدﷲ جا رڌل نان - پاوا کائڻ، پيٽ ۾ بارود ڀرڻو پوندو هو. پر سعدﷲ سان پير صاحب جي دوستيءَ ڪري اها ڪِسٽي، پير صاحب سان گڏ، اسان کي بہ ڪاٽڻي پوندي هئي. آءٌ قدري گستاخ هوس. ڪڏهن ڪڏهن سعدﷲ جي غليظ رهڻي ۽ سندس مغلظ نان - پاون تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري ويھندو هوس. پاڻ کلي فرمائيندو هو:
”سعدﷲ جي ڪپڙن ۽ ڇنوڙي کٽولي ڏانھن نہ نھاريو. سعدﷲ جي انساني لڇڻن تي نظر ڪريو. سندس غريباڻا نان - پاوا پيٽ لاءِ ثقيل سھي، پر اميرن جي دم المساڪين ۾ دم ٿيل ديڳڙن وانگر، روح تي گران گذرڻ وارا نہ آهن.... وقت ايندو، جڏهن سعدﷲ جي سچائيءَ وارا ماڻھو ڳولئي بہ ڪو نہ لڀندا. ميان علي محمد! ٻڌو ٿا؟ اها ڳالھہ ياد رکجو!“
پر شاھہ سائينءَ جي صحبت ۾ رهندي، محسوس ئي ڪونہ ٿي ٿيو تہ ڪو اهڙو سمو بہ ڏسڻو پوندو، جنھن ۾ ماڻھو موجود هوندا، پر صحيح ماڻهپو موڪلائي ويل هوندو.
سعدﷲ کان سواءِ هڪ ٻي مصيبت بہ هوندي هئي. اهو هو هڪ تمام پوڙهو، نيم نابينا، ٽانگي وارو، ڀڳوڙيءَ ٻگهيءَ ۾ سڪل ۽ چُٽر ٽَٽون جوٽيو وتندو هو. ٽَٽون ٿڪبو هو تہ وچ رستي ۾، حوائج ضروري پوري ڪرڻ جي بھاني سان، بيھي رهندو هو. چهبوڪ هڻوس تہ اِٽون هڻندو، واڳ مان وٺي ٻہ قدم اڳتي ڇڪيوس تہ چار پير پوئتي هٽي ويندو. ڪجهہ ٿڪ، ڪجهہ ضد، ڪجهہ موڊ جو معاملو. سواريءَ کي هميشہ ٽٽونءَ جي مرضيءَ تي هلڻو پوندو هو. شاھہ سائين جڏهن بہ لاڙڪاڻي ايندو هو تہ گهڻو ڪري ان ٽانگي ۾ ئي سواري ڪندو هو، ڇو تہ ٽانگي واري سان پراڻي دوستي هيس!
هڪ ڏينھن شاھہ سائين ۽ آءٌ ان ٽانگي ۾ سوار هئاسون. دستور موجب، گهوڙو هلندي هلندي اڌ پنڌ تي بيھي رهيو. شاھہ سائينءَ حڪم ڪيو تہ ”ٽانگي مان لھي بيھي رهو، جيستائين گهوڙو وري هلڻ جو خيال ڪري.“ حڪم جي تعميل تہ ٿي، پر ٽٽونءَ جي شان ۾ منھنجي واتان چند ناگفتہ بہ ”ورڊ“ ادا ٿي ويا. شاھہ سائين مشڪندو رهيو. اهو ڏينھن ڪليڪٽر صاحب سان وڏيرن جي ملاقات جو هو. وڏيرن سان ڀريل ٽانگن جا ٽانگا ڪليڪٽريءَ ڏانھن وَهندا ٿي رهيا. اهي قافلا ڏسي، شاھہ سائين فرمايو:
“ڇا ٿا ڀانيو، مسٽر راشدي! اسانجن دوستن وڏيرن کان تہ هيءُ ٽٽون وڌيڪ خوددار آهي. پنھنجي مرضيءَ کان سواءِ ڪو نہ ٿو هلي، ۽ زور زبردستيءَ کي بنھہ ڪونہ ٿو ليکي. پر اسانجن دوستن کي جيڪڏهن ڪليڪٽر وٽان حڪم ملي تہ ٽانگن ۾ جوٽجي سرڪاري سواريون ڇڪيو، تہ ٿيندي کين مجال جو هن ٽٽونءَ وانگر وچ رستي ۾ بيھي، سرڪاري سوارين کي اِٽون هڻن؟ اوهين انگريزي پيا پڙهو، ٿورو انصاف ڪري ڏسو! ڪير وڌيڪ آزاد طبعيت وارو، ”تنھنڪري وڌيڪ عزت جو لائق آهي؟ هي ٽٽون يا هو
اشرف المخلوقات؟“
شاھہ سائينءَ جي انگريزن سان قطعا= ڪانہ پوندي هئي. سندس سياسي نظرين ۽ ڪار گذارين جو حصو اڳتي ايندو. هت ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو تہ انگريزن جي گورن خواھہ ڪارن اهلڪارن کان سخت نفرت هوندي هيس. منجهانئن ڪنھن سان بہ ملاقات ڪو نہ ڪندو هو. انگريز ڏسندو هو تہ منھن پاسي ڪري ڇڏيندو هو. فرمائيندو هو: ”بيوس آهيون. پر جي ويريءَ تائين هٿ رسي نٿو سگهي تہ گهٽ ۾ گهٽ اکين جي غيرت تہ قائم رکون!“
هڪ دفعي جو قصو آهي، شاھہ سائينءَ جي بلوچستان وڃڻ تي سرڪار طرفان بندش پيل هئي. سندس ارادو ٿيو تہ بلوچستان وڃي. مون پنھنجي ڏاڏي مرحوم کي عرض ڪيو تہ سنڌ جي ڪمشنر کي چئي، شاھہ سائينءَ تان اها بندش لھرائي. ان زماني ۾ سنڌ جو ڪمشنر ريُو صاحب هوندو هو. ڏاڏو مرحوم، شاھہ سائين، ۽ آءٌ، ڪراچيءَ ۾ هئاسون. ڏاڏي مرحوم ڪمشنر سان ڳالھہ ڪئي. ڪمشنر صاحب چيس تہ ”شاھہ صاحب کي مون وٽ وٺي اچو. مون کي ساڻس ملڻ جو شوق آهي. بندش لھي ويندي.“ ڏاڏو مرحوم ڏاڍو خوش ٿيو. موٽي اچي شاھہ سائينءَ کي ڪمشنر ڏانھن هلڻ لاءِ چيائين. شاھہ سائينءَ وراڻي ڏنيس:
”سائين منھنجا! اهڙا ڪم اسان کان ٿي سگهن ها تہ پوءِ اها بندش ئي ڇو پوي ها؟ ٻَن پئي بلوچستان جو اهڙو سير، جنھن جي خاطر آءٌ پنھنجو اصول ٽوڙيان.“
ڏاڏو مرحوم ڪمشنر سان واعدو ڪري آيو هو تہ هو شاھہ سائينءَ کي وٽس وٺي ويندو. شاھہ سائينءَ جي انڪار بعد موٽي وڃي نرم ۽ مناسب اکرن ۾ کيس ٻڌايائين تہ شاھہ صاحب اچڻ کان معذور آهي. ڪمشنر زور ڀريس تہ شاھہ صاحب جي جواب جا اصلي اکر ٻڌائي. ڏاڏي مرحوم لفظ بلفظ شاھہ صاحب جو جواب ٻڌايس. غصي ۾ اچڻ بدران، انگريز ڪمشنر جي چھري تي رونق اچي ويئي. چيائين:
”اهڙي اصول واري ماڻھوءَ لاءِ اسان کي عزت هجڻ گهرجي. پير تراب علي شاھہ کي اسان جا سلام ڏيو. کيس ٻڌايو تہ اسان بندش لاهي ڇڏي. پاڻ ڪنھن بہ وقت بلوچستان وڃي سگهي ٿو. افسوس آهي اسين کيس ڏسي نٿا سگهون!“
شاھہ سائين بلوچستان هليو تہ آءٌ بہ سندس خدمت ۾ گڏ ويس. ايترا ڏينھن کانئس پري رهڻ ناممڪن هو. سندس پھتي، بلوچستان ۾ بہ سندس چوڌاري ساڳيو ميلو لڳي ويو.
پنھنجي پيري - مريديءَ يا روحاني حيثيت جي شاھہ سائين ڪا بہ نمائش ڪانہ ڪندو هو. سندس نمونو ڪاروباري پِيرن کان بلڪل جدا هوندو هو. نذر نياز وٺڻ بدران، پاڻ ٻين جي پرورش ڪندو هو. رات ڏينھن سندس ننگر پيو هلندو هو. ننگر تي نالو تہ ننگر جو هو، پر حقيقت ۾ اميراڻو دسترخوان هوندو هو. سفر ۾ سمورن ساٿين جو ڪِرايو خرچ پاڻ ڀريندو هو. پاڻ حڪيم هو، ۽ تمام وڏي پايي جو، پر دوا درمل ڪندو هو تہ پئسن خاطر نہ. قيمتي کان قيمتي دوائون مفت ڏيئي ڇڏيندو هو. سندس دواخانو هميشہ خساري ۾ رهيو.
سندس پِيري دڪانداري ڪانہ هئي. ان زماني ۾ ڪن دڪاندار پير صاحبن جا ٻيا نمونا هوندا هئا: مذهب ڏيک ويک، تقدس جي تشھير، پرهيزگاريءَ جي نمائش ۽ پاڻ کان گهٽ رياڪارن تي ٺٺول ۽ تمسخر، عمل کان وڌيڪ ظاهرداريءَ تي زور، رياءَ جي گريوزاري، سڻڀن مريدن سان رازداريون، غريب مريدن کي مسجد ۾ وڃي مانجهاندي ڪرڻ جو ڏس، نذرانن ميڙڻ لاءِ گهر گهر گهمڻ، زيارتون، دعوتون، گهنڊ گهڙيال، مولود، مناجاتون -- جتان گهمي ويا، ڄڻ ماڪڙ ڦيرو ڏيئي ويئي.
شاھہ سائينءَ جو ان تجارت سان ڪو واسطو ڪو نہ هو. سندس پنھنجي زندگي اسوهِّ رسول صلي ﷲ عليہ وسلم جو نمونو هئي، ۽ بس. جنھن شخص تي ان نموني جو اثر پاڻھوتو نہ پيو، ان کان باز پرس ڪانہ ٿيندي هئي. ماڻھن سان سندس هلت ۾ هڪ خاص قسم جي لطافت هوندي هئي. ساڻس تقرب جو اثر آهستي آهستي اڳلي جي طبعيت ۾ سرايت ڪندو رهندو هو. پيراڻي وٺ پڪڙ يا مولويانہ مواخذي جو سوال ڪونہ هوندو هو. پاڻ صبح جي نماز لاءِ اٿندو، مون کي ستل ڏسندو، تہ پري کان پنھنجو پاڻ ڳالھائڻ شروع ڪندو، تہ جيئن آواز تي منھنجي اک کلي وڃي. ڪڏهن ڪڏهن ويجهو اچي مشفقانہ انداز ۾ سرٻاٽ ڪندو. ”ميان صاحب! اٿي ٻہ ٽَڪر نماز جا هڻي ڇڏيو تہ هوند ڇا ٿي پوي!“ ڪنھن ڏينھن طبعيت تي خاص انبساط جي ڪيفيت هوندس تہ ٽنگ يا ٻانھن کان وٺي ڌوڻيندو: ”اُٿ! شرم ڪونہ ٿو اچيئي؟ اٿ، وضو ڪر... اُٿ! اُٿ.... اُٿ!“ سندس اها بي تڪلفي وڏي اعزاز مانند هئي، ۽ اهو ڪن خوشنصيبن کي حاصل ٿيو.
رسول صلي ﷲ عليہ وسلم جو اهڙو عاشق مون ساريءَ زندگيءَ ۾ ٻيو ڪونہ ڏٺو آهي. اسلامي دنيا جا گهڻا مرڪز ڏٺا اٿم. گهڻين ئي خانقاهن، درگاهن ۽ سجادن جون زيارتون ڪيون اٿم، پر سندس پايي جو ٻيو عاشقِ رسول نظر ڪو نہ پيو اٿم. حضور پاڪ جو نالو ايندو هو تہ چھرو مبارڪ سرخ ٿي ويندو هوس ۽ اکين ۾ غير معمولي چمڪ اچي ويندي هيس. سندس ڪمري ۾ ڪاغذ جي پرزي تي ”ﷲ“ تعاليٰ ۽ ”محمد“ صلعم لکيل، ديوار تي لڳو پيو هوندو هو. تحرير سٺي ڪانہ هئي، سو مون عرض ڪيو تہ اهو ڪاغذ لاهي، ان جي جاءِ تي ڪو سھڻو لکيل ۽ گلڪاريءَ سان سينگاريل قطعو ڇو نٿا هڻو؟ جواب ڏنائين: ”غرض ان مٺي نانءَ سان آهي. ڪنھن جي تحرير سان نہ آهي.“ ويٺي ويٺي نظر ان ڪاغذ تي پوندي هيس تہ جسم ۾ ڌُرڙي اڀري ويندي هيس. ڪڏهن ڪڏهن ڪلاڪن جا ڪلاڪ تنھائيءَ ۾ ويٺو ان ڪاغذ ڏانھن ڏسندو هو.
آل رسول جو بيحد احترام ڪندو هو. هڪ دفعي آءٌ نوابشاھہ ضلعي جي هڪ سيد کان سخت شاڪي ٿي پيس، ووٽن جي ڳالھہ هئي. سيد صاحب هڪ غلط اميدوار کان ”نذرانو“ وٺي ۽ ڪامورن جي دٻاءَ ۾ اچي، پنھنجن مريدن جا ووٽ ان اميدوار کي ڏياريا ها. شاھہ سائين پاڻ بہ ان قسم جي رشوتي ”مرشدن“ کي ڏاڍو ڌڪاريندو هو. چوندو هو: ”پئسا وٺي، يا ڪامورن مان پنھنجن ڪمن ڪڍڻ خاطر، ووٽ جھڙي قومي امانت کي وڪڻڻ ايڏو گناھہ آهي، جو شايد ﷲ تعاليٰ بہ معاف نہ ڪري. ووٽ جو اثر حقوق العباد تي پوي ٿو، ۽ حقوق العباد جي سلسلي ۾ ٿيل گناھہ ۽ قصور معاف ٿيڻ مشڪل آهن.“ سندس انھن خيالن جو فائدو وٺي، آءٌ نوابشاھہ واري سيد متعلق ڪجهہ ڪَچا پَڪا اکر چئي ويٺس. پاڻ فرمايائين: ”خبردار! سنڌي چوڻي آهي: ڪتا تو نہ لَڄ، تنھنجي ڌڻين لَڄ. ان سيد جي پنھنجيءَ روش ڏانھن نہ ڏس، سندس ناني ڏاڏي جو لحاظ رک، ڏکيا اکر نہ استعمال ڪر.“ ان موقعي تي پاڻ پنھنجي استاد حضرت مولانا غلام صديق صاحب شھدادڪوٽيءَ رحمة ﷲ عليہ جو هڪ قصو بيان فرمايائين: چي، مولانا صاحب جن هڪ رات پنھنجيءَ مسجد شريف جي صحن ۾ سمھيا پيا هئا. جنھن دم سندن اک ٿي لڳي تہ حضور صه جن کي پنھنجن پيرن ڏانھن بيٺل ٿي ڏٺائون. بي ادبيءَ جي ڀؤ وچان، ڇرڪ ڀري اٿي ٿي کڙا ٿيا. ننڊ ڪرڻ جي ڪيترا ڀيرا ڪوشش ڪيائون، مگر هر دفعي اها واردات ڏسندا رهيا. کين ڏاڍي بي آرامي محسوس ٿي. آخر اٿي مسجد جي صحن ۾ سمھيل مسافرن جو جائزو وٺڻ لڳا. ڏٺائون تہ سندن پيرن واري پاسي ڏانھن، فاصلي تي هڪ شخص سمھيو پيو آهي. ان کي اٿاري، کانئس سندس نالو ذات پڇيائون. معلوم ٿين تہ اهو شخص هڪ غريب مسافر سيد آهي. کيس اتان اٿاري، پنھنجن مٿن ڏانھن سمھاريائون. ان کان پوءِ اڳين ڪيفيت نظر ڪانہ آين ۽ سمھي آرام ڪيائون.“
مون شاھہ سائينءَ کان پڇيو تہ “رات ڏينھن پيا سيد ڌڪا کائين ۽ خلق جي پيرن ڏانھن ۽ پيرن ۾ سمهن، مگر ڪنھن کي بہ رسول صلي ﷲ عليہ وسلم جي زيارت نصيب ڪانہ پئي ٿئي؟ ”فرمايائين“ ڏوراپا پنھنجن کي ڏبا آهن. غيرن تي ڪھڙيون ميارون؟ اکين سڄي انسان جو پير غلط رستي تي پوندو تہ ڏک ٿيندو. پر اکين جي انڌي واٽهڙوءَ کي جيڏانھن وڻي تيڏانھن پيو هلي. انڌي کي شرمائڻ تي ڪير پنھنجو وقت ضايع ڪندو؟“
ان زماني جو هڪ امير ڏاڍو مغرور انسان هوندو هو. ڪجهہ لکيل پڙهيل ۽ جهانديدو بہ هو. ٽوڪبازيءَ ۽ چٿرن ڪرڻ جو شوق هوس. قدرت خدا جي، منجهس هڪ خاص قسم جي ڪمزوري هئي، جيڪا ماڻھن ۾ عام مشھور ٿي چڪي هئي. نتيجو اهو نڪتو جو هو پاڻ ماڻھن تي کِلون ڪندو وتندو هو ۽ ماڻھو کيس ڏسي پيا کلندا هئا. هڪ دفعي ريل جي ساڳئي ئي گاڏي ۾ شاھہ سائينءَ کي ان ”امير“ سان گڏ سفر ڪرڻو پيو. ٻہ - ٽي ٻيا ماڻھو بہ گاڏيءَ ۾ هئا. امير جي طبعيت ۾ چُرپر پيدا ٿي. شاھہ سائينءَ سان مخاطب ٿي چوڻ لڳو.
”جناب پير صاحب! تاريخ جي مستند ڪتابن جي مطالعي مان معلوم ٿيندو رهي ٿو تہ اڳئين زماني جا پير صاحبان ڏاڍا روشن ضمير، ڪامل اڪمل ۽ ڪانيءَ ڪرامت جا صاحب هوندا هئا. خبر نہ آهي تہ هن زماني ۾ اهڙا اعليٰ درجي جا پير ڇو نٿا پيدا ٿين. هن زماني جا پير تہ فقط نذرانا وصول ڪرڻ لاءِ وتن جهٽيون هڻندا.“
شاھہ سائينءَ وراڻي ڏنيس:
”جناب والا! اڳئين زماني جا مريد بہ تہ اعليٰ پايي جا انسان هوندا هئا. اڄوڪي قسم جي مرتدن خاطر ﷲ تعاليٰ ڇو اهڙا چڱا پِير ضايع ڪري ها. جھڙا هاڻوڪا مريد، تهڙا هاڻوڪا مرشد.“
ڀِت ڪُڇي جي اڳلو ڪُڇي!
پير تراب علي شاھہ سائينءَ جي سياسي زندگيءَ جي بھار مون ڪانہ ڏٺي، مون کان اڳ ٿي گذري هئي. جيتريقدر معلوم ٿيم، سو هيءُ هو تہ انگريز کي اسلام جو دشمن ۽ انگريزي راڄ هيٺ سنڌ ۽ هند کي دارالحرب سمجهندو هو. سنڌ جي پنھنجي تھذيب، روايتن ۽ طرز زندگيءَ تي کيس ڏاڍو فخر هوندو هو. سندس خيالات تي ٽن ماڻھن جو خاص اثر رهيو هو:
(1) سندس استاد (“ سھري) حضرت مولانا غلام صديق صاحب شھداد ڪوٽي عليہ الرحمة جو، (2) سيد اختر شاھہ عليہ الرحمة جو، جيڪو اصل يو. پي. جو هو ۽ ترڪ وطن بلڪ ترڪ دنيا ڪري اچي لاڙڪاڻي لڳ لاهورين جي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو، اهلِ ڪمال هو، (3) مولانا ابوالڪلام آزاد مرحوم جو، جنھن جي ”الهلال“ ۽ ”البلاغ“ جو وڏو قدر ڪندو هو- (مون کي هڪ ڀيرو پنھنجي هڪ خط جو نقل ڏيکاريائين، جيڪو مولانا آزاد ڏانھن لکيو هئائين. خط ۾ درخواست هئي تہ سندس فرزند پير عبدالقادر شاھہ کي مولانا آزاد پاڻ وٽ رهائي ۽ کيس عربي تعليم ۽ اسلامي تعليم ڏئي. پر خط مولانا آزاد تائين پھچي نہ سگهيو. مولانا آزاد اڳ ۾ ئي نظر بند ٿي چڪو هو.)
انگريز سان ڪنھن بہ حالت ۾ صلح ڪرڻ يا تعلق رکڻ لاءِ تيار نہ ٿيو. سندس نظريو هو تہ ”جيستائين انگريز جو تعلق مشرق سان قائم آهي، اوستائين اسلام ۽ مسلمانن جو خير ڪونہ رهندو. مسلمانن جو فرض آهي تہ انگريز خلاف جهاد ڪن. جهاد جي ڪامياب ٿيڻ لاءِ البت بين الاقوامي حالتن جي سازگاريءَ جو سوال پيدا ٿئي ٿو. پر جيستائين اهي حالتون سازگار نہ ٿيون آهن، اوستائين گهٽ ۾ گهٽ ڌارئي راڄ سان تعاون نہ هئڻ گهرجي ۽ ان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکجي.“
شاھہ سائين اسلام جي مرڪزيت کي ڏاڍي اهميت ڏيندو هو. خلافت تحريڪ کي سنڌ اندر پکيڙڻ ۾ وڏو حصو ورتائين. في الحقيقت سندس ئي ساٿي، عزيز، دوست، مريد ۽ معتقد هئا، جن پھريون دفعو سنڌ اندر، سنڌ جي عام پيرن ۽ وڏيرن جي روايتن کي ٽوڙي، حڪومت خلاف، خلافت جي سوال تي جهاد جو جهنڊو بلند ڪيو. لاڙڪاڻو ضلعو سندس خلافت تحريڪ جو مرڪز بڻيو. پھرين خلافت ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ ٿي، ۽ هجرت واري تحريڪ جي سلسلي ۾ سنڌي مھاجرن جي پھرين اسپيشل ٽرين لاڙڪاڻي مان ئي رواني ٿي.
هجرت جي تحريڪ جو مقصد هيءُ هو تہ هندستان مان انگريزن کي ڀڄائي ڪڍڻ لاءِ افغانستان جي اسلامي برادريءَ کان، اسلام جي ڪَڍ تي، مدد ورتي وڃي. طريقو هيءُ سوچيو ويو هو:
(1) پھريائين مولانا عبيدﷲ سنڌي مخفي طرح سنڌ مان نڪري، ڪابل پھچي، وڃي پٺاڻن سان گفتگو هلائي ۽ کين ان منصوبي مطابق مدد لاءِ تيار ڪرائي، ۽ کانئن اهڙو پڪو واعدو وٺي. (مولانا عبيدﷲ پير صاحب جهنڊي واري جي مدرسي ۾ معلم هو، ۽ پير صاحب سياست جي معاملن ۾ شاھہ سائينءَ جو رفيق ڪار هو)،
(2) جيڪڏهن پٺاڻ اهڙو واعدو ڪن تہ پوءِ سنڌي مجاهدن کي تيار ڪجي، جيڪي هجرت ڪري وڃي افغانستان ۾ مقيم ٿين، ۽ اتان پٺاڻن جي لشڪر سان گڏجي، موٽي اچي هندستان ۾ انگريزن سان جنگ جوٽين.
انگريزن کي ان منصوبي جو بروقت پتو پئجي ويل هو، سو ڏاڍي ڪوشش ڪيائون تہ مولانا عبيدﷲ کي، ڪابل پھچڻ کان اڳ ئي روڪي وجهن، پر ڪامياب نہ ٿي سگهيا. مولانا پيرين پنڌ، جبل جهاڳيندو، پوليس ۽ انگريزي جاسوسن کان بچندو، خير سلامتيءَ سان سرحد اُڪري وڃي ڪابل پھتو، ۽ پٺاڻن سان ڳالھيون هلائي، کانئن واعدا وعيد وٺي، پوين ڏانھن پيغام موڪليائين تہ هاڻي هجرت ڪريو. پويان جو ڪم شاھہ سائينءَ جي حوالي هو.
شاھہ سائينءَ کي سنڌين جي همت ۽ بھادريءَ تي ڏاڍو ڀروسو هوندو هو. چوندو هو، ”سنڌي ڏاڍا سست آهن، پر وقت آئي مست ٿيو پون“. وقت آيو تہ سنڌين متعلق سندس اهو قياس صحيح نڪتو. لاتعداد سنڌي سِر ڏيڻ ۽ گهر ٻار لُٽائڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا. کين ان ارادي تان موڙڻ،“ ان ريت انگريزن کي خوش ڪرڻ خاطر، لاڙڪاڻي جي ڪن وڏيرن، سنڌ جي مسلمان ڪامورن ۽ ڪن پِيرن پنھنجي پاران بنھہ ڪونہ گهٽايو. هر طرح جا حيلا هلايائون تہ سنڌين جي اهڙي عزم کي ٽوڙين. پر وريو ڪجهہ بہ ڪونہ. سنڌي عوام مستيءَ ۾ اچي چڪو هو. پھرين ئي ڪوڪ تي منجهانئن هزارين ماڻھو گهر ٻار، مال ڍڳا ۽ زمين جا ٽڪر ”تين واڪ“ ڪري وڃي ڪابل ڀيڙا ٿيا. وڏو آسرو هون تہ مسلمان ڀائي پٺاڻ، پنھنجي وعدي موجب لشڪر تيار ڪري، ساڻن گڏجي اچي سنڌ ۽ هند کي انگريز جي چنبي مان آزاد ڪرائيندا! پر واعدو وفا نہ ٿيو. انگريز ۽ پٺاڻن جي جنگ جي شروعات ٿي، پر ستت ئي منجهن ٺاھہ بہ ٿي ويو. انگريزن افغانستان جي آزادي تسليم ڪئي، ۽ افغانن هندستان جي آزاديءَ جي پچر ڇڏي ڏني. مھاجر ويچارا نہ هيڏانھن جا رهيا نہ هوڏانھن جا، مال مڏي ۽ باقي ٽپڙ ٽاڙي بہ وڃائي ويھي رهيا. ڪي واپس موٽي آيا، ڪي اُتي ئي مري دفن ٿي ويا. قافلي جي سالار، رئيس جان محمد مرحوم، پاڻ موٽي اچي اجمير شريف ۾ پساھہ ڏنا. مولوي عبيدﷲ سنڌي ڪابل مان روس روانو ٿي ويو. شاھہ سائينءَ کي شديد ذاتي صدمو رسيو. ان تجربي کان پوءِ اڪثر فرمائيندو رهندو.
ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪھڙا پرين؟
پر تحريڪ جي شروعات ۾، تحريڪ جي تنظيم جو سڄو بار شاھہ سائينءَ پاڻ پنھنجن ڪلھن تي کنيو. مھاجرن جي پھرئين قافلي جو سالار (مٿي ذڪر ڪيل) سندس دوست ۽ سياسي رفيق، لاڙڪاڻي جو بئريسٽر، مرحوم مغفور رئيس جان محمد جوڻيجو بڻيو. جڏهن مھاجرن جي پھرين ٽرين رواني ٿي تہ شاھہ سائين پاڻ (پنھنجي عزيز ۽ سياسي نائب الامور، پير حاجي علي انور شاھہ راشدي سميت) ان اسپيشل ٽرين سان پشاور تائين گڏيو ويو. اُتان موٽي، ٻي اسپيشل ٽرين تيار ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي رسيو، تہ پٺيان انگريزن ۽ پٺاڻن جي پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي وڃڻ ڪري هجرت جي مقصد تي ئي پوچي گهمي ويئي.
ان کان پوءِ، هڪٻئي پٺيان، ٻيا بہ ڪي ناگوار واقعا ٿيا، مثلا=، خلافت کي ترڪن صاحبن پاڻ پنھنجن هٿن سان ختم ڪري ڇڏيو. هندستان اندر هندو - مسلم اتحاد ٽُٽي پيو. هندن، انگريزن کي ڀڄائي ڪڍڻ بدران، مسلمانن کي مرتد بڻائڻ لاءِ شڌي ۽ سنگٺن جي هلچل هلائي ڏني. انگريز پنھنجي پاران بہ نئين کيڏ کيڏي. اسيمبليون، ڪائونسلون ۽ وزارتون چالو ڪيائين، جن جي عشق ۾ وڏيرا وڙهي پاڻ بہ اڌ مئا ٿي پيا ۽ سنڌي عوام کي بہ ارَن مان ڪڍي ڇڏيائون.
شاھہ سائينءَ کي بد دل ۽ مايوس ٿي، سياسي هلچل کان ڪنارہ ڪشي ڪري، خانگي زندگي بسر ڪرڻي پئي.
پر جيستائين پاڻ سياست جي ميدان ۾ رهيو، اوستائين سندس سياسي ساٿي ان وقت جا آفتاب ۽ ماهتاب هئا. سندن نالا ٻڌڻ وٽان آهن: يعني حضرت مولانا تاج محمود امروٽي عليہ الرحمة، رئيس جان محمد جوڻيجو مرحوم، پير صاحب جهنڊي وارا (حضرت پِير رشدﷲ شاھہ رحمة عليہ)، پير محبوب شاھہ عليہ الرحمة حيدرآباد وارو، مولانا عبيدﷲ سنڌي عليہ الرحمة، پير حاجي علي انور شاھہ راشدي، شيخ عبدالعزيز مرحوم، مولانا عبدالڪريم درس عليہ الرحمة ڪراچيءَ وارو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيٺ حاجي عبدﷲ هارون عليہ الرحمة، حڪيم شمس الدين مرحوم حيدرآباد وارو.
انھن بزرگن مان، سواءِ ٻن جي، ٻيا سڀئي موڪلاڻي ڪري ويل آهن. منجهانئن هر هڪ جا حالات لکڻ ۽ پڙهڻ جي قابل هئا. نئين نسل جي ماڻھن لاءِ شمع راه جو ڪم ڏين ها، سندن ايمان اُجارين ها، سندن دلين ۾ همت پيدا ڪن ها، کين سنڌ جي مٽيءَ مان مايوس ٿيڻ بدران اُن مٽيءَ جي تقديس ڪرڻ تي تيار ڪن ها، بلڪ ان تاريخي مواد جي ملڻ بعد کين سينو ساهي هن چوڻ جو حق حاصل ٿئي ها تہ گهٽ ۾ گهٽ سندن بزرگ اهڙا نہ هئا، جيڪي:
”مرونءَ سندي ماھہ تي ماڻڪ مَٽائين!“
پر کُٿو نہ ڪنھن اهل نظر مان، نہ اهل قلم مان. گذريل سڄا سارا چاليھہ سال محض پنھنجي شان ۽ مانَ جي چاليھن ڪندي گذري ويا. پنھنجن اباڻن جي املھہ روايتن ۽ ملير جي ريتن رسمن وسارڻ بعد، فقط پانڌين ۽ پيراڍن کان پڇندا رهياسين:
ڪو واٽ وندر جي ڏسي؟
ڪو واٽ وندر جي ڏسي؟


پر وندر جي واٽ ڪير ڏسيندو؟ اُهو ئي جواب ڦرندو، جيڪو مير رستم خان مرحوم وٽان جاگير جي پَٽي قبول ڪرڻ ۽ انڪري روحاني انقباض محسوس ڪرڻ بعد ڪنھن درويش کي ڪنھن واٽهڙو فقير وٽان مليو هو:
جاگير ڏيئي جُٺ ڪري ويئن، راند رستم کسي،
..... هاڻي ڪو واٽ وندر جي ڏسي؟


شاھہ سائين عليہ الرحمة هميشہ سياست کي مذهبي زندگيءَ جو هڪ ادنيٰ جزو تصور ڪيو. مذهب مان سندس مراد صريحا= اهو اسلام هوندو هو، جيڪو حضور صلي ﷲ عليہ وسلم جي سنت سڳوريءَ جي عين مطابق هجي. سندس زندگيءَ جو بنيادي اصول هوندو هو: ”ما اَتاڪم الرسول فخذوه وما نھاڪم عنہ فانتهو“، ۽ ان اصول تان قول خواھہ فعل ۾، رهڻي خواھہ ڪھڻيءَ ۾ سَرمُو نہ هٽيو. هر وقت اها آيت سڳوري سندس زبان مبارڪ تي رهندي هئي ۽ زندگيءَ جي هر مسئلي متعلق سنت رسول سامھون رکي فيصلو ڪندو رهيو.
سندس اثر زائل ڪرڻ لاءِ، خلافت تحريڪ هلندي، انگريز طرفان وقت بوقت ڪوشش ٿيندي رهي. جڏهن حضرت شيخ الھند عليہ الرحمة ۽ هندستان جي ٻين بزرگن مشھور ۽ تاريخي متفقه فتوا جاري ڪئي، تہ سنڌ منجهان شاھہ سائين ۽ سندس رفيق پيرن ۽ علمائن فورا= ان تي دستخط ڪيا“ ان جي تائيد ۾ پنھنجي پاران بيان پڌرا ڪيا. اها حالت ڏسي، سنڌ جي انگريز حڪمرانن جا ڪن بہ ڳاڙها ٿي ويا. کين ڏاڍي مَٺيان لڳي تہ سنڌ جھڙي ماٺيڻي ۽ ”هر ميران رعيت“ ملڪ مان بہ اهڙي باغيانہ صدا بلند ٿي. مسلمان عملدارن سان مشورو ڪيائون. انھن لاءِ محض حڪم جي دير هئي. هڪدم ٻن مولوين کي ڀرتي ڪري، سندن حوالي هيءُ ڪم ڪيو ويو تہ متفقه فتوا جو رد ۽ پير تراب علي شاھہ جي تائيدي بيانن جو جواب لکن. ساڳئي وقت هيءَ ڪوشش بہ شروع ٿي تہ انھن ترديدي ڪاغذن تي صحيحن ڪرڻ لاءِ سنڌ جي پيرن جي ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي. ڪانفرنس جي باري ۾ سنڌ جي پوليس ٿاڻن ڏانھن حڪم ڪيو ويو تہ هر ٿاڻي وارا پنھنجي حد جي پيرن جي لسٽ تيار ڪن ۽ ٻئي حڪم اچڻ تي انھن کي ڇڪي تاڻي وڃي ڪانفرنس ۾ حاضر ڪن.
ترديدي فتوا جو مسودو تيار ٿيو. ڪانفرنس راڻيپور شريف ۾ سڏائي ويئي. پوليس کي آخري حڪم مليو تہ پنھنجي حد جي پيرن کي، بنان ڪنھن عذر معذور ٻُڌي، کنڀي کڻي ڪانفرنس ۾ ويھارين. پوليس ڏاڍو پاڻ پتوڙيو. جت ضرورت پيش آئي، ۽ ٻيو ڪو رستو نہ رهيو، تہ ات پوليسي حڪمت عمليءَ کان بہ ڪم ورتو ويو: يعني جن پوليسي صوبيدارن کي پنھنجيءَ حد اندر سچو پِير هٿ ڪونہ لڳو، تن مناسب شڪل مشابھت رکندڙ پوليسي پيراڍن ۽ پاٿاريدارن کي وهنجاري سهنجاري، اڇيون پڳون ٻڌائي، تسبيحون ڪنڌن ۾ وجهي، عصائون هٿن ۾ ڏيئي، گهلي وڃي ڪانفرنس ۾ موجود ڪيو.
ڪانفرنس جو اهڙين حالتن هيٺ ڪامياب ٿيڻ يقيني هو. چنانچ ڪانفرنس ڏاڍي ڪامياب ٿي. انگريز ”اولي الامر“ سان وفاداري ۽ خلافت خلاف تحريڪون يڪراءِ پاس ٿيون. محض تحريڪ پيش ڪرڻ جي ضرورت ٿي ٿِي. مخالفت يا موافقت ۾ تقريرن وگهي وقت ضايع ڪونہ ٿي ٿيو. پِيرن خواھہ پيراڍن خواھہ پاٿاريدارن کي نہ تقرير جو ڏانءُ ٿي آيو ۽ نہ کين تفصيل ۾ وڃڻ جي ضرورت ئي هئي. فتوا جي مسودي تي ڪن بزرگن مھرون ثبت ڪيون، ڪن صحيحون وڌيون ۽ ڪن محض پنھنجن کٻن آڱوٺن کان ڪم ورتو. اَلو اَلان ٿي ويئي. سرڪاري ٻوڙ پلاءَ کائي هرڪو اٿي کڙو ٿيو.
ٻئي ڏينھن ڪانفرنس جي ڪارگذاري، فتوا ۽ ٺھراءَ سرڪاري اشتھارن جي بکين ۽ خوشامدي اخبارن ۾ شان سان شايع ٿيا. اهڙي قسم جون ڪيئي اخبارون هونديون هيون: ”سنڌ ورسي“، ”خير خواھہ“، ”ڊيلي گزيٽ“، ”الحق“، وغيرہ. ماڻھو پڙهن يا نہ پڙهن، چندو ڏين يا نہ ڏين، پر اهي اخبارون پيون هلنديون هيون.
راڻيپور ڪانفرنس جي ڪارروائيءَ جو پڌرو ٿيڻ ۽ چئني طرفن کان لعنت ملامت جو وسڻ! وڏا پير شرم ۽ خلق جي خوف وچان حجرن ۽ گهرن ۾ لڪي پيا. ننڍن پيرن سان ڪٿ ڪٿ مار ڪٽ ٿي. پوليس جا ٺاهيل ”پير“ پڳون اڇلائي، تسبيحون ڇني، موٽي پيراڍؤ جو ڪم ڪرڻ يا پاٿاريون هلائڻ لڳا.
ترديدي ”فتوا“ جي جواب ۾ شاھہ سائينءَ پنھنجي نالي هڪ ”کليل خط“ لکي، ڇپرائي، سنڌ اندر تقسيم ڪرايو. خط فقط خط نہ هو. پر هڪ سبق آموز هدايت نامو هو. ڪاش اڄ ان جي ڪاپي لڀي پوي! خط ۾ شاھہ سائينءَ سنڌ جي سرڪاري پيرن کي سندن ڪردار جي نتيجن کان خبردار ڪيو هو. کين آگاھہ ڪيو هئائين تہ محض خوف وگهي يا ذاتي فائدي وٺڻ خاطر انگريز سرڪار جي خوشامد ڪرڻ ۽ سرڪار سان غير مقبول قومي سوالن جي سلسلي ۾ ٻانھن ٻيلي ٿي بيھڻ، پِيرن جي ساري فرقي ۽ سجادن جي ساري نظام لاءِ تباهيءَ جو باعث ٿيندو. عام پبلڪ ڏسي وٺندي تہ پير صاحب فقط پنھنجن مطلبن سڌ ڪرڻ لاءِ پيا پنھنجا سجادا استعمال ڪن ۽ سرڪاري دلال بڻجي سياسي جوابازي ڪن. وقت ايندو، جڏهن خلق اهڙن پيرن مان بيزار ٿي کين رستو وٺائيندي ۽ هو کوٽي ڏوڪڙ وانگر ٿي پوندا.کليل خط جي مھڙ ۾ هڪ اردو شعر لکيو هئائين، جو مون کي ياد رهجي ويو آهي:
نہ ڇيڙ اي نڪهتِ باد بھاري، راه لگ اپني،
تجهي اٺکيليان سوجهي هين، هم بيزار بيٺي هين.


شاھہ سائين زبردست اهل قلم هو. مضمون مختصر ۽ اکر ٿورا هوندا هئا. پر ان اختصار اندر معنيٰ جا درياھہ سمايل هئا. تحرير مولوِيانہ، ڦڪي يا خشڪ بنھہ نہ هئي. عبارت سليس پر ڏاڍي دلحْسپ ۽ جاندار هوندي هئي. پنھنجي علم يا معلومات ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪانہ ڪندو هو. گهڻو ڪري ننڍيءَ سائز جي نوٽ پيپر جي هڪڙي ئي صفحي تي وڏي مان وڏو بحث ۽ مضمون پورو ڪري ڇڏيندو هو. طوالت سخت ناپسند هيس. خدانخواستہ ڪنھن سببان طبعيت ۾ تيزي اچي ويس تہ پوءِ خدا پيو خير ڪري. چند چونڊ لفظن، اشارن ۽ استعارن جي استعمال سان مڪمل تباهي آڻي ڇڏيندو هو. معياري درجي جو خوشخط هو. سندس خط موتين جي مالھا هوندو هو. صحيح ۾ بہ اُٺ - پٽانگ ڪانہ ڪندو هو. فقط ”فقير تراب علي راشدي“ يا ”خادم تراب علي راشدي“ لکندو هو.
راڻيپور واريءَ ڪانفرنس کان پوءِ شاھہ سائينءَ کي پيرن جي مستقبل بابت ڏاڍو اونو ٿي پيو. پاڻ پير هو. سندس خيال هو تہ پير سنڌ جي معاشري تي زندگيءَ جو هڪ اهم ۽ مفيد جزو بڻجي سگهن ٿا. پيريءَ جو نظام سنڌ اندر صدين کان رائج رهيو آهي، ۽ عوام جي ان نظام سان وابستگي ٿي ويل آهي. ان نظام ٽٽڻ کان پوءِ خبر نہ آهي تہ ڪھڙي نئين قيادت پيدا ٿيندي! اها قيادت ملڪي زندگيءَ کي ڪيتريقدر اسلام ۽ سنڌي تھذيب جي قريب رکي سگهندي، يا ماڻھن کي مورڳو اسلام مان ڪڍي وڃي ڪنھن نئينءَ مصيبت ۾ گرفتار ڪندي.
ان زماني جي حالتن کي نظر ۾ رکندي، پاڻ مناسب نٿي سمجهيائين تہ سنڌ جي اڳواڻيءَ جو سڄو بار زميندارن يا مسلمان سرڪاري ڪامورن تي پيل رهي. کيس معلوم هو تہ ٻھراڙيءَ ۾ رهي زمينداري ڌنڌي ڪرڻ ڪري زميندارن کي ڪيتريقدر مجبوريءَ جي حالت ۾ رهڻو پوي ٿو. ڪنھن بہ زميندار لاءِ آزاد خيالي ڏيکارڻ جي معني ٿي ٿِي، ڪامورن هٿان پنھنجي لاءِ مصيبت کي سڏ ڪرڻ. ان کان سواءِ زميندارن اڃا علم ڏانھن بہ توجھہ ڪونہ ٿي ڏنو. اسلام جي اصولن ۽ بين الاقوامي مسائل کان تہ قطعا= ناواقف هئا.
ساڳيءَ طرح مسلمان ڪامورن کي بہ مجبور ۽ وڪاڻل گهوڙو ٿي سمجهيائين. عوام ۾ خود اڃا اعليٰ تعليم ڪانہ آيل هئي. ابتدا تعليم بہ خال خال هئي. 1920ع تائين ساريءَ سنڌ اندر فقط ويھہ ٽيھہ مسلمان گريجوئيٽ پيدا ٿيا هئا، جيڪي پڻ امتحان پاس ڪندي ئي وڃي سرڪاري نوڪرين ۾ بند ٿيا هئا. وچولي درجي جي ماڻھن (يعني مڊل ڪلاس) جو نانءُ نشان ڪونہ هو. انگريز جا ڏنل آئيني اصلاحات نئين سر نافذ ٿي رهيا هئا. کھڙو،
ﷲ بخش، ميران محمد شاھہ، پير الاهي بخش ۽ انھن جا ٻيا همعصر اڃا ڪاليجن ۾ هئا. سنڌ بمبئيءَ سان ڳنڍيل هئي. مٿس ڪمشنري راڄ هو. هندو سياسي، تعليمي ۽ اقتصادي زندگيءَ ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪندا ٿي ويا. پاڻ بہ وڌندا ٿي رهيا ۽ پنھنجي قوم جي هيٺئين طبقي کي بہ اڳتي وڌڻ جا موقعا ڏيندا ٿي ويا. مقابلتاً مرحوم مغفور رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، يا هڪ -ٻن ٻين روشن خيال ۽ حريت پسند اڳواڻن کان سواءِ، سنڌ جي زميندار ”اڳواڻن“ جو ڪو بہ چاڙهو ڪونہ هو. سينٽرل اسيمبليءَ ۾ چونڊيا تہ اسيمبليءَ کي اسلمبي ٿي ڪوٺيائون. بمبئي ڪائونسل ۾ ويا تہ ات سنڌ مان ٿي ويل ڪمشنرن کي ڏسيو مورڳو ڌرتيءَ تي ويھي رهڻ جو خيال ٿي ٿين. جڏهن مانٽيگو چيلمسفورڊ اصلاحات جي باري ۾ تحقيقات ٿي تہ ”سنڌ محمدن ائسوسئيشن“ (جنھن ۾ گهڻو ڪري سنڌ جا زميندار ۽ ڪامورا ڀرتي ٿيل هئا) جي وفد وائسراءِ ۽ سيڪريٽري هند مانٽيگو کي وڃي عرض ڪيو هو تہ سنڌ رائج الوقت ڪمشنري راڄ مان بلڪل راضي آهي ۽ اصلاحات وغيرہ جي ڪا ضرورت ڪانہ اٿس.
راڻيپور ڪانفرنس ٿيندي ئي شاھہ سائين خطرو محسوس ڪيو تہ انگريز سرڪار هينئر پيرن ۾ بہ هٿ وڌا آهن. سندس اکر هئا تہ “انھن ساده لوح غريبن کي ڪجهہ وقت تائين باندر وانگر نچائي، کانئن عوامي مصلحتن ۽ مقصدن خلاف غلط ڪم ڪرائي، خراب ۽ خوار ڪري، پوءِ منجهانئن هٿ ڪڍي ويندا. نہ عام ماڻھن ۾ سندن وقار رهندو، نہ سرڪار ۾ ئي ڪو کين پڇندو. دنيا تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. نئين نسل جي ماڻھن ۾ روشني ايندي پئي وڃي. ممڪن آهي. نئون نسل، پيرن کي عوامي مفاد جي خلاف ڪم ڪندو ڏسي، سندن مخالف ٿي پوي ۽ انڪري پيريءَ - فقيريءَ جو سارو نظام ختم ٿي وڃي ۽ سنڌ جي سماجي ۽ مذهبي زندگيءَ ۾ وڏو خلاءُ پيدا ٿي پوي.
انھن حالتن جي پيڙا کان پيرن کي بچائڻ لاءِ، پاڻ ”جمعيت الراشديهءِ جي نالي سان پنھنجي خاندان جي پيرن جي تنظيم لاءِ تحريڪ شروع ڪرايائين. ان تحريڪ جو مقصد هو تہ پيرن کي سرڪار ۽ ڪامورن جي چڪر کان ٻاهر ڪڍي، عوام جي قريب رکجي، ۽ آزاديءَ جي جدوجهد ۽ عوامي مسئلن ۾ کانئن ڪم وٺجي: سندن وساطت سان نون سماجي رجحانن کي قرآن ۽ سنت جي حدن کان ٻاهر نڪري وڃڻ کان روڪجي، يعني پير فرقي کي سرڪاري دلال بڻجڻ، عضوو معطل ٿي پوڻ، ۽ محض مريدن جي اٽي تي چٽي ٿي رهڻ کان بچائي.
ان تحريڪ جي پٺڀرائيءَ ۾ هڪ رسالو بہ ڪڍارايائين. رسالي جو نالو ”الراشد“ هو.
پنھنجي طرفان شاھہ سائين وڏي ڪوشش ڪئي، پر تحريڪ هلي نہ سگهي. تحريڪ جي ناڪاميءَ تي افسوس ظاهر ڪندي فرمايائين:
“بابا، پنھنجي فرقي کي پِن جي پِٽَ ۽ سُڃ تي سيٽ جي عادت کائي ويئي. وڏا ۽ سچا پير گذاري ويا. انھن جي مسندن تي هينئر گداگر ويھندا پيا وڃن. گداگرن جو ڪھڙو اخلاق ٿي سگهي ٿو؟ ڪنھن ڏينھن باقي رهيل اهي وڏن جون قبرون بہ وڪڻي يا هٿان وڃائي ويھي رهندا. ان فرقي جو اجل اچي رهيو آهي. ”اذا جا ِّ اجلهم لايستاخرون ساعتاً ولا يستقدمون“.
اها آخري تحريڪ هئي، جنھن ۾ پاڻ حصو ورتائين سندس سياسي زندگي اڳ ۾ ئي پوري ٿي چڪي هئي. پوئين زماني ۾، جيتريقدر ٿي سگهندو هوس، آزاد خيال نوجوانن جي پٺڀرائي ڪندو هو.
شاھہ سائين کي سنڌ ۽ بلوچستان جي تھذيب ۽ تمدن تي ڏاڍو فخر هوندو هو. اهو ئي ڪارڻ هو جو پاڻ هميشہ گڏيل سنڌي ۽ بلوچي وضع جو لباس پھريندو هو. فرمائيندو هو: ”ديسي تھذيب متعلق عصبيت پھرين علامت آهي قومن جي زندھہ هجڻ جي.“ انگريزي وضع جي لباس کان ڏاڍي نفرت هوندي هيس. ان کي مانع الصلواهِ ۽ غير مھذبانہ لباس سمجهندو هو. هڪ دفعي آءٌ پتلون ڪوٽ پھري سندس خدمت ۾ حاظر ٿيس. منھنجي هيئت ڏسي کلي ويٺو. چيائين: ”ميان صاحب، تو ڇو پاڻ سان جُٺ ڪئي آهي؟“ مون عرض ڪيو: ”سو ڪيئن؟“ وراڻي ڏنائين:
”ڪاش، ماڻھوءَ لاءِ ممڪن هجي ها تہ ڪنڌ ورائي پنھنجي پٺ ڏسي ها. پتلون پھرڻ کان پوءِ نظر ائين اچيس ها، ڄڻ ابتيءَ ستار تي ڳوٿري چڙهيل آهي“.
بحالت سفر اڪثر هٿ ۾ ڪھاڙي رکندو هو. قمبر تعلقي جي جوڻيجن واري ڳوٺ ۾ اعليٰ قسم جون ڪھاڙيون ٺهنديون هيون ۽ تحفي طور پيون وٽس اينديون هيون. آءٌ حيران هوندو هوس تہ ايڏي درجي جو انسان هر وقت (يعني ريل ۾ هجي يا ڪچھريءَ ۾) ڪھاڙي ڇو ٿو ڪڍي ويھي؟“ طبعيت رهي ڪانہ سگهي، هڪ لڱا سوال ڪري ويٺس. فرمايائين:
اسان بي هٿيارن جو اهو بي خرچو هٿيار ۽ ڪارائتو قومي نشان آهي. ﷲ تعاليٰ پاڻ فرمايو آهي تہ ”اسان اوهان کي قرآن ۽ رُڪ ڏنو ۽ رُڪ ۾ وڏا فائدا آهن (... انزلنا الحديد فيہ باسا شديد).”اسان کان جهاد تہ ٿي ڪونہ ٿو سگهي، پر نشانڙو تہ اکين اڳيان رهي ٿو.“
سنڌي تھذيب مان شاھہ سائين جي مراد ڪھڙي هئي؟ ڇا، تھذيب معنيٰ آهي محض لباس جي خاص وضع ۽ قطع؟
مون کانئس پڇيو. ان ڏينھن ڪنھن پاسي، گڏ ٽانگي ۾ وڃي رهيا هئاسين. ڪافي فرصت هئي، ۽ پاڻ بہ موڊ ۾ هو. سندس تقرير جو اختصار هيءُ آهي:
لباس تھذيب جو فقط ابتدائي نقطو ٿئي ٿو، جيئن سپاهيءَ لاءِ يونيفارم. يونيفارم ذريعي سڃاڻپ ٿئي ٿي، دوست دشمن کي خبر پئجو وڃي. ساڳئي وقت يونيفارم پھريل سپاهيءَ کي خود بہ نفسياتي طور هر دم اها ڳالھہ چُڀندي رهي ٿي تہ سندس تعلق ڪھڙيءَ فوج سان آهي ۽ ان تعلق ڪري مٿس ڪھڙيون ذميواريون عائد ٿيل آهن. في الحقيقت، هڪ وسيع ذهني ۽ نفسياتي ڪيفيت ٿئي ٿي. لباس، خوراڪ، رهڻي ڪرڻي، ٻولي، اخلاقي امرونواهي، سماجي ريتون رسمون، تعلقات رکڻ ۽ نباهڻ جا نمونا، نيڪ و بد ۾ تميز ڪرڻ جا طريقا-- اِهي محض ان وڏيءَ ۽ همہ گير ڪيفيت جا لازمي مظاهر، يا ذريعہ اظھار، ٿين ٿا.
سوال: سنڌي تھذيب جي سڃاڻپ جا ڪھڙا نشان آهن؟
جواب: اول، سنڌ جي ڌرتيءَ سان اٿاھہ محبت ۽ ان کان پوءِ ٻيا ڪيترا اهڃاڻ. مثلا=، پنھنجي پنھنجي مذهب سان حد وابستگي، پر ساڳئي وقت ٻين بنسبت بہ تنگ نظري ۽ تنگدلي ڪانہ: مھمان نوازي، ڪشادہ دلي، دوستيءَ ۾ وفاداري، سخن جي سچائي، غيرت، حياءُ ۽ حجاب، پاڙي جي لڄ، در آئي خون بخشي ڇڏڻ، سامُن تي سر ڏيڻ، همت، توڪل، محنت ڪشي، ﷲ تعاليٰ تي ڀروسو، پنھنجن کٿن ۽ لوين، پُسين ۽ پيرن، کٻڙن، ۽ کنياتن تي فخر، ۽ انھن جي ڀيٽ ۾ پراون پٽن پٽيھرن، ٻوڙن پلاون، باغن ۽ بلبلن کي تڇ ڀانئڻ.
سوال: اوهان تہ سنڌين کي سمورين خوبين جو خزانو بنائي ڇڏيو، پر ان هوندي بہ سنڌ جو حال ايتريقدر ڇو هيڻو رهي ٿو؟
جواب: اهڙا عبوري دؤر ايندا آهن. تاريخ جو هڪ باب پورو ۽ ٻيو شروع ٿيڻ تي هوندو آهي تہ ان وچ واري زماني اندر انساني دماغن ۾ مونجهارو پيدا ٿيندو آهي ۽ سندن عمل مان يقين جو عنصر گهٽ ٿيڻ لڳندو آهي. ماڻھو خود اعتمادي وڃائي، پنھنجي اصلي ۽ روايتي مقام تي ثابت قدم رهڻ بدران، نئين ماحول سان همرنگ ٿي، پاڻ کي آسانيءَ سان بچائڻ جي ڪوشش شروع ڪندو آهي. پر اهڙي تبديليءَ رنگ يا اظھارِ ڪمزوريءَ مان ورندو ڪجهہ ڪونہ آهي. وقت ۽ تجربي پڄاڻا ماڻھو خودبخود پنھنجي غلطي محسوس ڪري، اڳي کان پاڻ وڌيڪ يقين سان، موٽي اچي پنھنجي اصلوڪي مقام تي پير کوڙي بيھي ٿو. عبوري دؤر اندر فڪر خواھہ عمل جون ڪيئي غلطيون ٿيو وڃن، ڪيتريون خراب عادتون پيدا ٿيو پون، ڪيترا نقصان سھڻا ٿا پون. مگر وقت گذرندي، جيئن جيئن حالتون متوازن ٿيڻ شروع ٿين ٿيون، تيئن تيئن اصليت جي ڇڪ بہ شدت اختيار ڪري ٿي ۽ راھہ رليل ماڻھوءَ کي ورايو آڻي صحيح ۽ اصلوڪي رستي تي بيھاري. ان ڪشمڪش هلندي، نوان ماڻھو بہ ميدان ۾ قدم رکن ٿا، نوان مقصد بہ سامھون اچن ٿا ۽ نوان ولولا بہ پيدا ٿين ٿا. نظر ائين اچي ٿو، ڄڻ ڪٽيل ۽ پراڻي رڪ کي قدرت يا فطرت جو لوهار نئين باھہ مان ڪڍي، نون هٿيارن جي صورت ۾ ڍالي، نئون پاڻي ڏيئي ٻاهر آڻي رهيو آهي. ان کان پوءِ محض مھميز جي ضرورت رهي ٿي. مھميز آئي، رد عمل شروع ٿيو، ۽ ساريون اڳيون پويون ليٽون ڀرجي ويون!
سوال: هلندڙ انگريزي دؤر اندر اسان ۾ ڪھڙيون اوڻايون پيدا ٿيون آهن؟
جواب: اندروني بي اتفاقي، هٻڇ ۽ لالچ، هڪٻئي سان مسھائپ ۽ حسد، وڏن ماڻھن ۽ غريبن جي وچ ۾ اقتصادي فرق ۽ ذهني بُعد، گڏيل وڏن مقصدن جي سلسلي ۾ افرادن جي بي تعلقي، يعني پاڻ کي تڪليف، محنت ۽ قرباني کان بچائڻ خاطر ٻين جي تڪليف جو ٻڌي چوڻ تہ ”تَنھن ۾ منھنجو ڇا؟“
سوال: پوءِ انھن ڪمزورين کي ڪڍڻ لاءِ کليل تحريڪ ڇو نہ هلائجي؟
جواب: هر وڏي ڪم لاءِ وقت ٿيندو آهي -- هر جنس پوکڻ لاءِ موسم هوندي آهي. اسان کي (1) اڃا گهڻو فاصلو طئہ ڪرڻو آهي. اڃا مھميزون لڳڻيون آهن. منھنجو خيال هو تہ آزاديءَ جي تحريڪ، خلافت جو سوال ۽ هجرت واري هلچل مھميز جو ڪم ڏيندا، پر تجربي ثابت ڪيو تہ اهو خيال صحيح نہ هو. ڪانگريس تحريڪ جي باري ۾ هندستان جي هندن کي تعصب جي نانگ کائي وڌو، خلافت جو سوال مورڳو ديس کان ٻاهر جو سوال هو، يعني ان جو تعلق ساريءَ اسلامي دنيا سان هو. ساڳيءَ طرح هجرت واريءَ تحريڪ جي ڪاميابيءَ جو مدار بہ ٻاهرين تي هو، انھن ٽنھي سوالن جي باري ۾ ٻاهرين تي ڀاڙيوسين، تنھنڪري ناڪامياب ٿياسين. هاڻي ڪنھن ٻئي ڦيري جو انتظار ڪرڻو پوندو. ڪا نئين مھميز سھڻي پوندي.
ان گفتگو هلندي پاڻ اها بہ صلاح ڏنائين تہ آءٌ تاريخ جو مطالعو ڪريان. خاص طرح ابن خلدون جي مقدمي جو ترجمو سامھون رکان، ڇو تہ انساني تاريخ ۽ سياسي ڪاروبار جي لاهين چاڙهين سمجهڻ لاءِ ازحد ضرور آهي تہ ان ڪتاب ۾ واضح ڪيل احوال تي عبور هجي.
ڪتابن سان سندس ڏاڍو شوق هوندو هو. مون اڳ عرض ڪيو آهي تہ قرآن مجيد هميشہ پاڻ سان رکندو هو. ان کان سواءِ گهر ۾ هجي يا سفر ۾، ڪو نہ ڪو ڪتاب اکين اڳيان يا ڀر ۾ رکيو هوندو هوس. امام ابن تميميہ ۽ امام ابن قيم جي رسالن سان دلچسپي هوندي هيس. هڪ دفعي مون
سر سيد احمد خان مرحوم جو ڪتاب ”اسباب بغاوت هند“ وٽس ڏٺو. مون پڇيس، ”چڱو ڪتاب آهي؟“ فرمايائين، ”اهو هڪڙو ئي رسالو مون کي پسند آهي.“ اخبارن مان ”الهلال“ ۽ ”البلاغ“ کان پوءِ ”مدينہ“ بجنور جي تحرير وڻندي هيس ۽ ان اخبار جا پرچا ضايع ٿيڻ نہ ڏيندو هو. مولانا ابوالڪلام جي تحرير کي نثر نويسيءَ جو معراج سمجهندو هو. ابوالڪلام جو تذڪرو پنھنجن هٿن سان ڏيندي چيائين ”هي ڪتاب وري وري پيو پڙهجانءِ.“ سندس ذاتي ڪتبخانو هن لحاظ سان بيمثال هو تہ ان ۾ چونڊ ۽ ناياب عربي ۽ فارسي قلمي نسخا هئا، جن جا نقل دنيا جي ڪنھن بہ ٻيءَ لائبرريءَ ۾ ڪونہ هئا. سڄو ڪتبخانو گهر ۾ رکيل هو ۽ پردي سببان مون کي ڏسڻ جو وجهہ ڪونہ ملي سگهيو.
سنڌ جي (بمبئيءَ کان) جدائي واريءَ هلچل جو آخري ۽ فيصله ڪُن دؤر 1928-29ع ۾ شروع ٿيو. في الحقيقت شاھہ سائين جي ئي تعليمات جو اثر هو جو ان هلچل سان منھنجي دلچسپي پيدا ٿي. پاڻ وقت بوقت ان باري ۾ مشورا ڏيندو ٿي رهيو ۽ جڏهن بہ ڪو مشڪل مقام آيو ٿي تہ کانئس وڃي صلاح پڇندو هوس. منھنجو پنھنجو پارٽ معمولي هوندو هو. ڪم جا اڳواڻ ٻيا هئا. پر هلچل، وقت جي ٽن وڏين قوتن جي منشا خلاف ٿي هلي. اهي ٽي قوتون هيون: بمبئي سرڪار، هندو قوم، ۽ سرڪار جي راءِ تي رسي ڀڄڻ وارا سنڌي ليڊر ۽ ڪامورا. سنڌ جي جدائيءَ جو ٽنھي تي اثر ٿي پيو، تنھنڪري ٽيئي قوتون مخالفت ڪنديون ٿي رهيون. انھن جي مخالفت خطري کان خالي نہ هئي. قوت ورهائجڻ کان سواءِ منتقم بہ هونديون هيون، تحريڪ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ، اجتماعي خواھہ انفرادي طور هر وقت در پئي آزار ٿي رهيون، ننڍي وڏي ورڪر ۾ تميز ڪانہ ٿي ڪيائون.
ان انديشناڪ دؤر اندر شاھہ سائين هميشہ مون کي همت ڏياريندو رهيو. فرمائيندو هو تہ “ماڻھن ۾ عزم پيدا ڪريو. عزم ريءَ حصول مقصد مشڪل آهي. مظلوم ۾ عزم پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري آهي تہ پھريائين ظلم ّکي ٿوري وقت لاءِ ڊگهي رسي ڏجي تہ هو پاڻ کي ايتريقدر پڌرو ڪري وجهي، جو ماڻھن کي منجهس نيڪيءَ يا اصلاح جي بنھہ ڪا اميد ڪانہ رهي. ان کان پوءِ خودبخود سندس خلاف جذبو پيدا ٿيندو، جنھن جي جواب ۾ ظالم پھريائين دڙڪا داٻ ڏيندو ۽ بعد ۾ تشدد شروع ڪندو. سندس اهو تشدد ئي، بطور رد عمل، مظلوم جي مايوسيءَ کي پختو ڪندو ۽ مظلوم جي اوائلي جذبہ نفرت کي انقلابي ۽ انتقامي عزم جي صورت ڏيندو. ان کان پوءِ معاملو گهڻو آسان ٿيو پوي. مثلا=، اوهان فقط ماڻھن کي ايترو چئو تہ پنھنجي جسم تي اهڙو نشان پھري گهمن، جنھن جو سندن مطالبي سان تعلق هجي. اهو نشان نفسياتي طور تير و تفنگ جو ڪم ڏيندو. جيڪو گهڻو ڊيڄاري، سو اندر ۾ گهڻو بزدل ٿئي ٿو. انگريز دڙڪن داٻن جي گهڻي نمائش ۽ ورکا ڪندو رهي ٿو. ان مان ظاهر آهي تہ سندس اندر کاڌل ضمير داغدار آهي. ٿوريءَ سخت جانيءَ ۽ ٿوري استقلال جي ضرورت آهي. انگريز خواھہ هندو همت هاري پوندو-
ان موقعي تي ٻہ - ٽي ٻيا سياسي ٽوڻا بہ ٻڌايائين، جيڪي مون سکر منزلگاھہ تحريڪ جي سلسلي ۾ پندرهن سال پوءِ استعمال ڪري ڏٺا ۽ ايتريقدر ڪامياب ٿيا جو ٻن ڏينھن اندر حڪومت کي مورڳو جيل جو قبضو ڇڏي اتان ڀڄي وڃڻو پيو.
سندس آخري ڏينھن جو واقعو بيان ڪري، مضمون ختم ڪريان، ان کان اڳ سندس هڪ ٻي خصوصيت ٻڌائڻ بہ ضروري سمجهان ٿو.
شاھہ سائينءَ جي ذاتي ڪچھري جن ڏٺي ٿي، جن خوش نصيب ماڻھن کي سندس محفلن ۾ موجود رهڻ جو موقعو مليو ٿي، تن کي وري ٻي ڪا محفل ڀانءِ ڪانہ ٿي پئي. کانئس پوءِ هن مسڪين گهڻي دنيا ڏٺي آهي. گهڻن وڏن وڏن ۽ چڱن ماڻھن جي مجلسن ۾ اٿيو ويٺو آهي. پر شاھہ سائينءَ جي ڪچھرين جي ڀيٽ ۾ انھن مجلسن جي ڪا وٿ ڏسڻ ۾ ڪانہ آئي.
ان ماحول ۽ انھن روحاني مسرتن کي قلم ذريعي پيش ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو پيو لڳي.
سنڌ جي ڪچھري خاص سنڌ جي شيءِ هئي. سنڌ جي لونگيءَ ۽ اجرڪ وانگر، گج ۽ گهگهي وانگر، ڊگهيءَ خوش خير عافيت ۽ پڳ مَٽو ياريءَ وانگر، لوڙھہ ۽ لَوَڙَ وانگر، لٺ ۽ ڪھاڙيءَ وانگر، وڏيءَ چلم ۽ اٻاوڙي جي حقي وانگر، ڪوٽڙيءَ جي پلي ۽ ساڌ ٻيلي جي کڳي وانگر، کير ٿر جي سرھہ ۽ سنھي سھڻي کنياتل وانگر،--- اهي سوغاتون سنڌ جون مخصوص پيداوار آهن ۽ ٻاهر شايد ڪنھن ملڪ ۾ نظر ڪونہ اچن. ساڳيءَ طرح سنڌي ڪچھري بہ.
ڪچھريءَ جي معنيٰ هوندي هئي تہ چار دلگهريا دوست اوري پري کان اچي هڪ هنڌ اوطاقي ٿين. سيارو هجي تہ مچ جي چوڌاري، ساوڻ هجي تہ نمن يا ٽارين جي ٿڌيءَ ڇانوَ هيٺان، ڪانڀون ڪڍي ويھن ۽ ويھي پاڻ ۾ وندر ورونھہ ڪن، حال احوال ونڊين، ڏک سور اورين، اوڀاريون لاهواريون هڻن، کل ڀوڳ ڪن ۽ لاهڻيون لاهين، ڪافيون ۽ ڪلام ٻڌن ۽ ٻڌائين. نہ غرض نہ مطلب، نہ ڪم نہ حاج، نہ تڙ نہ تڪڙ، نہ ريل ڇٽي وڃڻ جو ڀؤ، نہ گهڙيءَ گهڙيءَ گهڙيال ڏسڻ جي ضرورت: پھر پاڇي لاءِ ايندا، هفتا رهي پوندا. وِرھہ ونڊيندي! سڪ لاهيندي، هفتا پورا نہ پيا تہ عمريون گذاري ڇڏيندا، ۽ دوست جي در تان مري کٽولي تي کڄي نڪرندا.
سنڌ جي انھن ڪچھرين ۽ دوستين جو مثال دنيا اندر فقط قديم چين جي تاريخ ۾ ملي ٿو. اُتي بہ اڳوڻي زماني جا چيني، سنڌين وانگر، ڪنھن ڪم يا غرض خاطر نہ، پر محض محفل ۽ دوستاڻي گفتگو جي مزي ماڻڻ لاءِ پاڻ ۾ ملندا هئا. چيني شاعريءَ ۾ دلِگهريي ۽ ڳالھين جي ڳهير دوست کي اهو مقام حاصل آهي، جيڪو ايراني شاعريءَ ۾ معشوق کي.
گفتگو جو آرٽ چينين ڪنھن زماني ۾ انتھا کي پھچايو. گفتگو لاءِ مناسب ماحول جو خاص خيال رکيو ويندو هو. بھار جي رُت هجي، پھاڙ جي سانت هجي، آبشار جي سرسر هجي. گلن ڦلن جي سڳنڌ هجي، جهوپڙي گوڙ گهمسان کان پري هجي. چنڊ جي چوڏهين هجي، ڪڪرن جون ڪاهون هجن، وڄن جا وراڪا هجن، اُڀ جا نيڻ وهندا رهن، شراب هجي، شباب هجي، شعر هجي، ۽ وڏي ڳالھہ تہ وقت جي حاڪم تي ڪا اهڙي آفت آيل هجي، جو ڪوهن ۾ سندس نانءُ نشان يا پڙلاءُ ڪو نہ رهي!
انھن چيني مجلسن جي حقيقي ڪاميابيءَ جو مدار هوندو هو واندڪائيءَ تي. واندڪائي ۽ ڪم ڪار کان بيفڪريءَ کي چيني ماڻھو زندگيءَ جو معراج سمجهندا هئا ۽ ان ”معراج“ جي حقيقي معنيٰ هوندي هئي تہ دوستن سان روح رهاڻ ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت ميسر رهي.
مجلس ۾ گفتگو جي آرٽ کي ان ڪڙيءَ تائين پھچائڻ لاءِ سنڌي غريبن وٽ نہ غير محدود وسيلا هئا، نہ اٿاھہ وقت. پر ان هوندي بہ وس ۽ وت آهر ڪو نہ ٿي گهٽايائون. شاھہ سائين عليہ الرحمة جون محفلون شايد ان سلسلي جون آخري ڪڙيون يا سنڌ جي تمدني شمع جون پويون لاٽون هيون.
شاھہ سائينءَ جي سوسائٽيءَ جا ”نوَ رتن“ هوندا هئا. هر هڪ ڪنھن نہ ڪنھن خصوصيت جو حامل، ڪنھن نہ ڪنھن خوبيءَ جو مالڪ هو:
پير حاجي فتح الدين شاھہ مرحوم يار غمٽار هو. زندگيءَ جو فلسفو هوس: ”خوش باش دمي ڪه زندگاني اين است.“ غم ۽ مايوسيءَ لاءِ سندس دل ۽ دماغ جا دروازا پوريل هوندا هئا. مصيبت ۾ چڱائيءَ جو پھلو ۽ مذاق جو مضمون نظر ايندو هوس. نہ پاڻ ڪڏهن ڪنھن تي ڪاوڙيو، نہ ڪنھن ٻئي کي پاڻ تي ڪاوڙجڻ جو موقعو ڏنائين. سندس صورت ڏسندي دک دور ٿي ويندا هئا. حياتيءَ جو سارو سفر ٽن منزلن ۾ طئہ ڪري ڇڏيائين. سير و سفر، مطالعو ۽ محفل.
پير حاجي مصطفيٰ شاھہ مرحوم نفاست جو نمونو ۽ محبت ۽ اخلاص جو آئينو هو. ڪنھن لڱا طبيعت تي مجاز جو حملو ٿيل هوس، جنھن جا نشان سوز درون جي صورت ۾ پڇاڙيءَ تائين لَکندا ۽ بَکندا ٿي رهيس. ڏاڍو خوش گلو هو. پراڻين سنڌي ڪافين تي وڏي قدرت حاصل هيس.
پير نورالدين شاھہ عليہ الرحمة، صاحب الراءِ هو ۽ سنجيدگيءَ جو پتلو. ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ ذاتي دخل يا غرض نہ رکندو هو، پر هر اهم معاملي تي سوچيل سمجهيل راءِ ڏيڻ جي اهليت رکندو هو. شاھہ سائينءَ حو حال محرم يار هو. ساري زندگي شاھہ سائينءَ جي اردگرد گذاري ڇڏيائين.
پير حاجي علي انور شاھہ صاحب، شاھہ سائينءَ جو قريبي عزيز ۽ سياسي زماني جو رفيق هو. خلافت خواھہ هجرت واريءَ تحريڪ جي زماني ۾ گڏجي ڪشٽ ڪاٽيا هئائون. سياسي معاملن ۾ پڇاڙيءَ تائين سندس ٻانھن ٻيلي رهيو. عوام تي اثر جي لحاظ سان، حلقه ِّ مريديءَ جي وسعت ڪري، پير علي انور شاھہ صاحب جو مقام سڀ کان مٿانھون هوندو هو ۽ شاھہ سائين سندس اهو مقام هميشہ ملحوظ رکيو.
پير غلام مصطفيٰ شاھہ مرحوم آچن وارو، شاھہ سائينءَ جو فدائي هو. پاڻ بہ وڏيءَ همت، حشمت ۽ رعب داب جو صاحب هو، ٿور ڳالھائو هوندو هو. شاھہ سائينءَ جي اشارهِّ ابرو ڏانھن ڏسندو رهيو ٿي.
سائين پيرل شاھہ مرحوم پير ڳوٺ وارو، پُراڻي پِيراڻي ۽ ميراڻي تمدني روايتن جو آخري آئينہ دار هو. وڏو مھمان نواز، دل جو ڪشادو، ۽ حضور شرم انسان هو. شاھہ سائين سان پاند اٽڪي ويو هوس، جيسين زنده رهيو، پاند نہ ڇنائين.
پير هدايت ﷲ شاھہ مرحوم، خوشطبع ۽ مستعد نوجوان هو. غمٽار طبيعت هيس. سندس هوندي محفل ۾ مذاق ۽ خوشطبعيءَ لاءِ مواد جي ڪمي ڪانہ رهندي هئي. شاھہ سائين جي خدمت ڪرڻ پنھنجي لاءِ سعادت سمجهندو هو.
پير محمد امام شاھہ مرحوم جهنڊي وارو پنھنجيءَ جاءِ تي وڏو خوددار ۽ مضبوط ڪئريڪٽر جو انسان هو. ڪم گو ۽ گهڻو ڪري تنھائي پسند. جھڙي تهڙي سان راھہ رسم نہ رکندو هو. شاھہ سائينءَ سان قرب جو ڪاڍو هوس. سندس علم ۽ مذاق سليم جي وسعتن جو پتو شاھہ سائينءَ جي مجلس ۽ موجودگيءَ ۾ پوندو هو! گلاب جي گل وانگر سندس طبيعت ٽڙي پوندي هئي.
وڏيرو حاجي علي نواز خان گهانگهرو مرحوم، انتھائي آزاد خيال ۽ بھادر شخص هو. انگريز ۽ سندس ڪامورن کي تڇ سمجهندو هو. ڪامورا ڏاڍيون تڪليفون ڏيندا هئس، پر منھن تي گهنج نہ ايندو هوس. چوندو هو، عزت نفس قائم رکڻ خاطر اها قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي. سندس سؤٽ مرحوم علي حسن گهانگهرو پھريون ۽ پويون شخص هو، جنھن تي هجرت واريءَ تحريڪ جي سلسلي ۾ باقاعدي فوجداري مقدمو هليو. سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ان مقدمي کي وڏي اهميت حاصل آهي. پر افسوس آهي تہ زندگيءَ جي هماهميءَ ۾ ڪنھن کي ان تي غور ڪرڻ جو موقعو ڪونہ مليو آهي. حاجي علي حسن خان جي انتقال بعد حاجي علي نواز خان پنھنجون اُهي خانداني روايتون قائم رکيون ۽ زندگي شينھن وانگر آزاد گذاريائين. شاھہ سائينءَ جو پراڻو ساٿي ۽ مخلص دوست هو.
حاجي ابوبڪر ٻرڙو مرحوم، ابتدا ۾ پير سائين محمد معشوق شاھہ رحمة ﷲ عليہ گهٽهڙ واري جو مصاحب ٿي رهيو هو. پير معشوق شاھہ نہ فقط وڏو عالم، وڏو حڪيم ۽ وڏو اهل سخن هو، پر عظيم المرتبہ انسان هو. اهڙا انسان صدين پڄاڻا هيڪڙ - ٻيڪڙ پيدا ٿيندا آهن. حاجي ابوبڪر سندس مجلسي ٿي رهيو. گهڻو ڀرائي هوس. قوت گذران جي فڪر کان جو وقت بچندو هوس، سو شاھہ سائينءَ جي خدمت ۾ صرف ڪندو هو. بذله سنج هو. سندس گفتگو طبعيت جون تُرشيون لاهي ڇڏيندي هئي.
اِن اندروني حلقهءِ احباب جي ٻاهران، انھن مستقل مصاحبين کان سواءِ، شاھہ سائينءَ جي نيازمندن جو هڪ ٻيو گروھہ بہ هوندو هو، جنھن ۾ قسم قسم جا ماڻھو شامل هئا. منجهانئن ڪيترا تہ نظر بظاهر، بي فڪرا، بي فن، محض اٽي تي چَٽي هوندا هئا، پر شاھہ سائين سڀ نڀاهيندو رهيو. بزرگن جون وضعداريون ۽ قلب جون وسعتون هيون. هر ڪو ائين پيو سمجهندو هو تہ ان چشمه ِّ شيرين تي هر هڪ جو هڪجھڙو حق آهي- مرغ ۽ ماهيءَ جو، مرونءَ ۽ ماڻھوءَ جو.
پنھنجي مورث اعليٰ، حضرت پير سائين محمد راشد رحمة ﷲ عليہ جي اولاد مان نوجوانن جي سرپرستي، مشفق والد ۽ ڪريم النفس استاد وانگر ڪندو رهيو. ڪيتريون بہ اوڻايون پوڻايون ٿين، پر سندس طبعيت تي تڪدر پيدا نہ ٿيندو هو. اصول هوس تہ جواني ديواني آهي! نوجوانن جي طبعيت واهڙ جي وهڪري وانگر ٿئي ٿي، اُن کي موڙي مٿانھين ٻني تي چاڙهڻ ۽ ان جي پاڻيءَ تي فصل پوکڻ لاءِ تحمل، شفقت، هنرمنديءَ ۽ وقت جي سڃاڻپ جي ضرورت رهي ٿي. سختي، تيزي، تڪڙ ڪجي تہ حيا ۽ حجاب جو پردو ٽٽي پوندو ۽ بشريت جو اهو واهڙ ڀِڪون ڀڃي وڃي ٻئي پار نڪرندو. سندس اهڙيءَ غير مشروط بي انتھا شفقت ڪري، هر قسم جا ڏکيا سُوريا، معتوب ۽ مقهور، ڀاڻئون ڀٽڪيل ۽ حالتئون ويل، ازين سُو رانده وازان سُودر مانده ماڻھو سندس در کي دارالشفا سمجهي، چانئٺ کي چنبڙيا پيا هوندا هئا.
شاھہ شائينءَ جي سوانح جي سلسلي ۾ ٻن شخصيتن جي ذڪر جي وڏي ضرورت آهي. پر اُهي شخصيتون بجاءِ خود ايتريقدر بلند هيون جو ضمني طور انھن جو ذڪر ڇيڙڻ سوءِ ادب ٿيو پوي. حضرت سيد احمد شامي رحمة ﷲ عليہ، شاھہ سائينءَ جو پير هو، ۽ پير حسين شاھہ رحمة ﷲ عليہ (جنھن کي ادب وچان ميان سائين سڏيندا هئاسين) شاھہ سائينءَ جو وڏو ڀاءُ هو. صورت انساني هئي، باقي وصفون آسماني هيون. عمر وفا ڪئي تہ انھن جا حال بہ ونڊبا. هت ايترو عرض ڪرڻو آهي تہ انھن ٻنھي بزرگن جي هڪٻئي پٺيان جلد جھان ڇڏي وڃڻ کان پوءِ، شاھہ سائينءَ جي طبعيت جي مکڙي ڪومائجي ويئي ۽ زندگيءَ جي ڀري انجمن ۾ بہ اڪيلائي محسوس ڪرڻ لڳو. حضرت شامي صاحب رحمة ﷲ عليہ جو انتقال بمبئيءَ ۾ ٿيو. اها خبر شاھہ سائينءَ کي خيرپور ۾ ملي. آءٌ ان ڏينھن سندس خدمت ۾ حاضر هوس. خبر ٻڌندي، سندس اکين مان ٻہ ڳوڙها ڳڙي اچي سندس دامن ۾ پيا. وڌيڪ نہ پڇيائين، نہ ڪڇيائين. باقي سارو وقت پنھنجو پاڻ سان جهونگاريندو رهيو.
جوڳي ويا جبروت، ماءُ ڏٺم اڄ ماٺ مڙهين ۾.
ڪجهہ وقت پڄاڻا ميان سائين رحمة ﷲ عليہ بہ موڪلاڻي ڪئي ۽ مڙهين ۾ مطلق ماٺ ٿي ويئي. شاھہ سائين جي پنھنجي روانگي ان کان پوءِ اکئين نٿي ڏٺي.
شاھہ سائينءَ جي پنھنجيءَ رحلت کان ٻہ سال اڳ سنڌ بمبئيءَ کان جدا ٿي چڪي هئي. کين ڏاڍو اونو هو تہ اهو پھريون قدم ڪامياب ثابت ٿئي. آخري دفعي مون کي سندس زيارت شروع مارچ 1938ع ۾ نصيب ٿي. خيرپور يا سکر کان موٽندي، واپس قمبر ويندي، رستي ۾ منھنجي ڳوٺ لھي پيو. منھنجي والد مرحوم جي قضيي کي سال کن ٿيو هو، آءٌ سياست خواھہ اخبار نويسي ڇڏي گهر ۾ رهڻ لڳو هوس. ان موقعي تي گفتگو جي شروعات هنن دل ڏاريندڙ لفظن سان ڪيائين:
”علي محمد! منھنجي روانگيءَ جو وقت اچي ويو آهي. شايد هيءَ پنھنجي آخري ملاقات آهي. آءٌ تو کي ڪن ڳالھين چوڻ لاءِ آيو آهيان.“
ان کان پوءِ سنڌ جي سياست متعلق پنھنجي راءِ جو اظھار فرمايائون، جنھن جي تفصيل لاءِ هن موقعي تي گنجائش ڪانہ آهي. مختصرا=، سندس خيال هو تہ جدا سنڌ جي پھرينءَ وزارت ٻوٽو ڪونہ ٻاريو -- ساڳي ئي ڪامورا شاهي ۽ انقتباض جي حالت قائم آهي- آءٌ موٽي سياست ۾ وڃان -- وغيرہ وغيرہ.
دوران گفتگو ۾ مولانا عبيدﷲ سنڌيءَ جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪيائين:
”مولانا عبيدﷲ جو اسان ڏانھن قرض رهيل آهي.مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي تہ نئينءَ سنڌ جي پھرينءَ وزارت وسيلي اهو قرض ادا ڪريان، پر منھنجي ڪنھن ڪانہ ٻڌي... اسان جي اسڪيم مطابق ئي عبيدﷲ غريب کي ملڪ بدر ٿيڻو پيو، پر اڄ تائين سندس واپس وطن اچڻ تان بندش لھرائي نہ سگهيا آهيون. اسان جا پنھنجا ماڻھو بہ اڃا پيا پنھنجن ماڻھن کان انگريز پاران حساب - ڪتاب وٺن. مولوي صاحب بحالت جلاوطني دربدر پيو ڦري ۽ اسين پيا هت الوليون ماڻيون. مولوي صاحب هاڻي پوڙهو بہ ٿيو هوندو. اسان جو فرض آهي تہ مٿانئس بندش لھرائي، پڇاڙيءَ ۾ کيس موٽائي آڻي وطن جا وڻ ڏيکاريون. آءٌ ذاتي طرح پاڻ کي سندس مقروض پيو سمجهان.“
شاھہ سائين منھنجي ڳوٺان روانو ٿيو تہ آءٌ بہ ڪراچيءَ هليو ويس. اتفاقاً، چند ڏينھن اندر ئي سنڌ جي اها وزارت ڪِري پيئي، ۽ نئين وزارت مولانا عبيدﷲ تان بندش لاهي، کيس واپس آڻڻ جو اعلان ڪيو. مون شاھہ سائينءَ جي خدمت ۾ تار موڪلي تہ حڪم جي تعميل ٿي ويئي. تار پھچڻ کان پوءِ، چوٿين ڏينھن پاڻ لاڏاڻو ڪيائين: انﷲ و انا اليه راجعون.
حريفان بادها خوردند رفتند،
تهي خمخانھا ڪردند رفتند.

____________
(1) هيءَ گفتگو 1924ع ۾ ٿي رهي هئي، يعني بمبئيءَ کان سنڌ جي جدا ٿيڻ کان بہ يارهن سال اڳ