شاعري

ديوان مفتون (مولانا عبدالغفور ’مفتون‘ ھمايونيءَ جو ڪلام)

ديوان مفتون ۾ مولانا عبدالغفور همايونيءَ جي ولادت، سوانح، خاندان جي احوال، مولانا جي شاگردن، همعصرن، پونيرن ۽ ڪتابن جي احوال سان گڏ سندس شاعري شامل آهي. هي ديوان غزلن جو نہ آهي، پر هن ۾ مولانا مفتون همايونيءَ جون 116 ڪافيون شامل آهن، جيڪي نج سنڌي ٻوليءَ جو اعليٰ نمونو آهن. 

  • 4.5/5.0
  • 20
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ديوان مفتون (مولانا عبدالغفور ’مفتون‘ ھمايونيءَ جو ڪلام)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران مولانا عبدالغفور ھمايونيءَ ’مفتون‘ جي شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب ”ديوان مفتون“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جيڪو نامور شاعر نياز ھمايونيءَ جو ترتيب ڏنل آهي.
ديوان مفتون ۾ مولانا عبدالغفور همايونيءَ جي ولادت، سوانح، خاندان جي احوال، مولانا جي شاگردن، همعصرن، پونيرن ۽ ڪتابن جي احوال سان گڏ سندس شاعري شامل آهي. هي ديوان غزلن جو نہ آهي، پر هن ۾ مولانا مفتون همايونيءَ جون 116 ڪافيون شامل آهن، جيڪي نج سنڌي ٻوليءَ جو اعليٰ نمونو آهن. 
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1973ع ۽ ٻيو ڇاپو 2006ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ  پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

سوانح ۽ شاعري

---

سوانح

هُمايون منھنجو اباڻو ڳوٺ آهي. مون هتي ئي جنم ورتو ۽ منھنجيءَ شاعري جي شروعات پڻ هتان ٿي، انڪري پنھنجي ڳوٺ کي ڪڏهن بہ وساري نہ ٿو سگهان. منھنجو والد مرحوم قائم الدين هتان جي بزرگ هستيءَ، مولانا عبدالغفور”مفتون“ همايونيءَ جو خاص خدمتگار رهي چڪو هو، جنھن کي سندس زندگيءَ جا ڪيئي واقعا ياد هوندا هئا. آءٌ سانڀر ۾ ايندي ئي مولانا جي شخصيت جي باري ۾ عجيب روايتون ٻڌڻ لڳو هوس، ليڪن مون کي مولانا جي ”حيرت انگيز“ ڪرامتن کان وڌيڪ سندس سوز ڀرين ڪافين سان دلچسپي هوندي هئي، ڇا ڪاڻ تہ منھنجو تعلق فارسي تعليم سان هو، ۽ مادري زبان کان محروم رهڻ واري احساس سبب مولانا جون سنڌي ڪافيون فطري طرح منھنجي طبعيت تي اثر انداز ٿينديون هيون. مولانا جون ڪافيون هونئن بہ پنھنجيءَ رس ۽ ميٺاڄ سبب پنھنجو مَٽ پاڻ هيون، پر خاص ڪري جڏهن ڪو دل جي گهراين سان ڳائيندو هو، تہ ٻڌندڙن تي عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي.
اها منھنجي خوشقسمتي هئي، جو اهڙي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيس، جتي مولانا مفتون جهڙي عاشق صادق جي وندر ورونھن جا اڃا ڪي اهڃان باقي هئا. سندس رومان ۽ وجدان جو اکين ڏٺيون ڳالھيون ٻڌي، مون کي مولانا جا اهي مشاهدا بہ مطالعي ۾ آيا، جن جي وسيلي پاڻ مجاز مان حقيقت مائل ٿي چڪو هو، ۽ سندس شاعري محبت جو معراج ماڻي دردمند دلين لاءِ روحاني سڪون جو باعث ٿيندي پئي رهي. انھن مشاهدن جا محراب جيتوڻيڪ ڪنھن حد تائين ذوال پذير ٿي چڪا هئا،تڏهن بہ ائين پئي وسھيو تہ انھن جي جمال جي جلويداري پنھنجي دؤر ۾ بيشڪ نظرا نداز ڪرڻ جهڙي نہ هوندي. انھيءَ جمال جي اعجاز طفيل مولانا جي شاعري همعصر شاعرن جي ڪلام کان ممتاز ۽ معياري هئي. مشھور آهي تہ مولانا پنھنجي هٿ کي ڪپڙي ۾ ويڙهڻ کان سواءِ ڪنھن سان بہ مصافحہ نہ ڪندو هو، انھيءَ مان ظاهر آهي تہ هو نھايت پرهيزگار ۽ پارسا شخص هو. اهڙيءَ ريت مجاز جي معاملي ۾ جيتوڻيڪ سندس روح ڪنھن جي جمال جي جلوي ۾ مستغرق رهيو ٿي، تڏهن بہ هن جو جسم هراَلايش کان پاڪ هوندو هو.

خاندان جو احوال

مولانا جا وڏا اصل ڀاڳناڙيءَ جا رهاڪو هئا، جتي سندن اباڻو ڳوٺ ڇَٽ جي نالي اڃا تائين آباد آهي. هي ابڙن جي لِڇ مان هئڻ ڪري پيچوها سڏائيندا هئا، سندن گذران اُٺي جي آباديءَ تي هوندو هو. اتفاق سان، جڏهن ناڙيءَ جي پٽ ۾ ڪا برسات نہ پوندي هئي تہ هنن کي پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏي، اتر سنڌ ۾ بيگاري واھہ هي ڀروارن ڳوٺن ۾ اچي پوکي راهي ڪرڻي پوندي هئي. انھيءَ وچ وڃ جي ڪري هتان جي رهاڪن سان سندن واهپو وڌندو ويو.
مولانا جو ڏاڏو محمد مبارڪ مالوند ماڻھو هو. هڪ دفعي جهنگ ۾ مال چاريندي کيس ڪو اهلِ علم مسافر مليو. جنھن هن کان پاڻي اچي گهريو. هن ڀاڳئي پاڻيءَ بدران مسافر جي کير سان خاطر تواضع ڪئي. حال احوال وٺندي، جڏهن مسافر کي معلوم ٿيو تہ سندس ميزبان جي خاندان ۾ ڪو بہ پڙهيل ڪونہ آهي، تڏهن کيس پنھنجي اولاد لاءِ علم جي حصول جي صلاح ڏنائين. ٿورن ڏينھن کان پوءِ محمد مبارڪ کي پٽ ڄائو، جنھن جو نالو محمد يعقوب رکيائين.
هي نينگر جڏهن سمجهہ سان ٿيو تہ محمد مبارڪ هن کي علم جي تحصيل لاءِ وقت جي برک عالمن ڏانھن رجوع ڪيو. تنھن زماني ۾، سنڌ جي علمي مرڪزن وانگي، ڀاڳناڙيءَ ۾ بہ علمي ادار موجود هوا، جن مان ڪنڊي، لانڍي ۽ ڪٽبارن ۾ ٺٽي، پاٽ ۽ بکر جي علمي مرڪزن جيان مشھور درسگاھہ هئا.
ميان محمد يعقوب پنھنجي ذهانت جي زور تي ابتدائي تعليم جا مرحلا طئي ڪندو ويو، پڇاڙيءَ، تر جي جيد عالم، مولانا عبدالحليم ڪنڊيءَ وار کان فارغ التحصيل ٿيو، ان کان پوءِ پاٽ شريف جي روحاني پيشوا، ميان محمود کيس خلافت جي خلعت عطا ڪئي.
ميان محمد يعقوب عالم هئڻ سان گڏ حليم طبع ۽ فياض شخص هو، انڪري ٿوري ئي عرصي اندر هن جي عزت ۽ شھرت اوري پري پکڙجي وئي. آخرڪار، همايون جي زميندارن ميان غازي خان سومري ۽ وڏيري مسو خان سڌائي جي استدعا ۽ ميان محمود جي هدايت تي هي بزرگ همايون ۾ آيو ۽ ٽيھن ورهين جي ڄمار ۾ هتي هڪ علمي اداري جو پايو وڌائين.
همايون جو ڳوٺ اوائل ۾ سومرن ۽ سڌاين جو اڏايل هو، جتي پوءِ ٻيون قومون بہ اچي آباد ٿيون. همايون جي باري ۾ هيءَ روايت مقامي طور عام آهي تہ مشھور مغل حڪمران همايون، شير شاھہ سوريءَ کان شڪست کائي، جڏهن 950ھہ مطابق 1543ع ڌاري، ايران ويندي، لڏپلاڻ ۾ هو، تہ هتي هڪ رات پڙاءُ وڌو هئائين. اها ميدان اڃا سوڌو ساڳئي نالي سان ڳوٺ جي اوڀارئين پاسي ڪراچيءَ کان ڪوئٽيا ويندڙ قومي شاهراھہ ۽ ريلوي جي وچاڳ ۾ موجود آهي، جنھن جي ڏاکڻين طرف کان هڪ سرڪاري بنگلو هوندو هو. جو هاڻ ڊهي پڌر ٿي چڪو آهي. انھيءَ واقعي کان پوءِ هي ڳوٺ همايون جي نالي سان هاڪارو ٿيو.
ميان محمد يعقوب جي اچڻ کان پوءِ هن ڳوٺ جي رونق ۾ چڱو واڌارو ٿيو. اڳتي هلي، جڏهن هتي ريلوي اسٽيشن قائم ٿي تہ ڳوٺ هڪ ننڍڙي شھر ۾ قائم ٿي ويو ۽ آسپاس جي ڳوٺن توڙي واهڻن لاءِ علم عرفان سان گڏ وڻج واپار جي ڪم ڏيڻ لڳو.
ميان صاحب پھريان هتي هڪ مسجد تيار ڪرائي، جنھن سان گڏ هڪ حجرو بہ هو. تنھن کان پوءِ وڌندڙ ضرورتن جي پيش نظر عظيم الشان جامع مسجد جوڙايائين، جنھن جي ايوان جي اڳياڙيءَ ۾ ٻہ ويڪرا حجرا بہ تعمير ٿيل آهن. اها مسجد اڄ تائين انھيءَ شان مان سان قائم آهي، ليڪن ان جا حجرا اسان جي سانڀر ۾ ڊهرائي وري نئين سر ٺهرايا ويا هئا.هيءَ مسجد جيئن ان جي قطحہ تاريخ مان ظاهر آهي، سنہ 1253ع مطابق 1856ع ۾ ٺھي راس ٿي هئي.
ميان محمد يعقوب جي وفات 1273ھہ، مطابق 1856ع ۾ ٿي. هن پنھنجيءَ زندگيءَ ۾ علم ۽ دين جي وڏي خدمت ڪئي. ڪيترا طالب هن وٽان فيضياب ٿي ويا ۽ هن جون ڪيئي فتوائون سنڌ ۽ بلوچستان-- ويندي افغانستان تائين، جاري ٿيون، جنھن ڪري سندس درگاھہ ۽ درسگاھہ جي ناموس ۾ هن جي وفات کان پوءِ بہ ڪو فرق نہ آيو.

مولانا عبدالغفور جي ولادت

ميان محمد يعقوب جي حياتيءَ ۾ ئي مولانا جي ولادت 1261ھہ مطابق 1844ع ڌاري همايون ۾ ٿي. شرعاتي تعليم پنھنجي والد بزرگوار وٽان ورتائين. ان جي وفات کان پوءِ، باقي تعليم ميان صاحب جي قابل شاگرد مولوي سلطان سيتپوريءَ واٽ پوري ڪيائين.
تعليم جي تحصيل پڄاڻان دستور موجب مولانا پنھنجي والد جي مسند تي رونق افروز ٿي درس تدريس سان گڏ فتوا نويسي ۽ پيري مريديءَ جو سلسلو بہ جاري رکيو. ٿوري ئي وقت اندر، پنھنجي خداداد ذهانت وسيلي، عوام توڙي خواص ۾، هن جي هاڪ ٿيندي وئي.
مولانا وٽ سنڌ ۽ پنجاب لان علاوہ هندستان جي ڪيترن پرڳڻن ۽ ٻاهرين ملڪن جھڙوڪ ايران ۽ افغانستان جي ماڻھن جي گهڻي آمدرفت شروع ٿي وئي، جي اڪثر علم جي تحصيل ۽ فتوائن جي لاءِ ايڏا ڪشالا ڪڍي هتي ايندا هئا. اهڙيءَ حالت ۾ جيتوڻيڪ هن بزرگ جون مصروفيتون حد کان وڌيڪ هيون، تڏهن بہ سندس روزمرہ جي زندگيءَ جي ڪاروبار ۾ ڪو تفاوت نہ اچي سگهيو ۽ سڀئي ڪم، جيئن جو تئين، سرانجام ٿيندا رهيا، مولانا جون روزانيون مصروفيتون هن ريت هيون.
صبح جو نماز کان پوءِ درس تدريس، جنھن ۾ ديني تعليم سان گڏ طبي تعليم بہ شامل هوندي هئي.
منجهند جو عام خاص ماڻھن سان ملاقاتون، جن مان ڪي پيري مريديءَ جي سلسلي ۾ ساڻس ملڻ ايندا هئا تہ ڪي شرعي فتوائن لاءِ ڏانهس رجوع ٿيندا هئا ۽ ڪي وري دعا ڌاڳي ۽ دوا درمل واسطي سندس خدمت ۾ اچي حاضر ٿيندا هيا.
هنن مان فتوا طلب ماڻھن کان سواءِ باقي سمورن ماڻھن کي ٽنھي وقتن جي ماني ننگر سان ملندي هئي. فتوا طلب ماڻھو پنھنجي کاڌي پيتي جو پاڻ بندوبست ڪندا هئا، ڇاڪاڻ تہ عام رواداريءَ موجب انھن جي کاڌ خوراڪ جي ذميداريءَ کان ننگر کي الڳ رکيو ويندو هو. شام جو وقت گهڻو ڪري مولانا جي نجي مصروفيتن جي ِبلي هوندو هو يا وري اهو وقت حويلي ۾ پردي پوش عورتن جي دعا ۽ دستگيري لاءِ وقف رهندو هيو.
سمھاڻيءَ جي نماز کان پوءِ ڳچ وقت تائين مولانا ورد وظيفي ۾ مشغول رهندو هو ۽ اَڌيءَ جو تھجد جي ادائي کان فارغ ٿي شعر و شاعريءَ جو شغل جاري رکندو هو. سندس کاڌ خوراڪ توِڙي لباس ۾ گهڻي سادگي هوندي هئي ۽ هر حالت ۾ کيس صفائيءَ جو خاص خيال رهندو هو.
هتي هڪ ڳالھہ جي وضاحت ضروري آهي تہ مولانا پاڻ پنھنجي دؤر جي ڪنھن بہ سياسي تحريڪ ۾ ڪو بہ حصو نہ ورتو، بلڪ سياست کان اجنبي رهڻ جي حالت ۾ ۽ ناواقف هئڻ جي بناء جي وقت جي ڪيترن ناعاقبت انديش مُلن ۽ پيرن جي سادگيءَ سان ناجائز فائدو وٺي کانئس ڪن فتوائن تي ڪيئي ڀيرا صحيحون ڪرايون، جن مان انگريزن طرفان حجاز جي نھاد حڪمران ابن شريف جي تقرر ۽ تائيد واري تحريڪ عام مشھور آهي، جنھن ۾ مولانا تاج محمود امروٽي ۽ سندس جماعت کان سواءِ سنڌ جي سڀني عالمن ۽ مرشدن بھرو ورتو هو.
بھرحال ٻيون ڳالھيون پنھنجي جاءِ تي، ليڪن هيءَ حقيقت پنھنجي ليکي وڏي اهميت رکي ٿي تہ مولانا ٻين ڪن بزرگن وانگي انگريز حڪومت جو حاشيي بردار يا وظيفي خوار ڪو نہ هو ۽ ننگر جي سموري آمدني سندس مريدن ۽ معتقدن جي نذر نياز مان ٿيندي هئي. انھيءَ لاءِ ربيع توِڙي خريف ۾ هر موسم جي ضرورتن مطابق کاڌ خوراڪ جي سامان کان و‎ٺي ڪاٺين ڪوئلين، چوپائي مال ۽ هنڌ بستري تائين سڀ ڪجهہ مريد ۽ معتقد باقاعدي درگاھہ تي پھچائيندا هيا.
مولانا جي مريدن ۽ معتقدن ۾ هندو، مسلمان، پارسي، عيسائي، پير، فقير، وزير توڙي وڏيرا غرض تہ هر طبقي جا ماڻھو شامل ۽ شريڪ هوندا هئا. هن باري ۾ ڪنھن سان بہ ڪو امتيازي سلوڪ روا نہ رکيو ويندو هو.
مولانا جي مدرسي مان جيڪي عالم ۽ طبيب فيضياب ٿيا، تن مان ڪن جا نالا هيٺيان آهن:

مولانا جا شاگرد

مولوي نبي بخش ڪولاچي، مولوي محمد قاسم ڳڙهي ياسين وارو، سيد زين العابدين شاھہ افغانستاني، قاضي ميان رسول بخش، نواب جهل مگسي وارو، مولوي حافظ محمد حيات قريشي شڪارپوري، مولوي عبدالرحمان شڪارپوري، مولوي محمد مبارڪ ميان جي ڳوٺ وارو، مولوي محمد يعقوب بلوچستاني، مولوي محمد اسماعيل شاهلاڻي، مولانا عبدالرحمان ڌامراهو مصنف فتاوا رحماني، مولانا دين محمد بٺوي، حڪيم مولوي محمد صادق راڻيپوري، حڪيم ملان مالڪڏنو ميردهي ۽ همايون جو مشھور هندو طبيب ڀائي ڄيٺومل، جو اکين کان نابينا هو مگر طب ۾ خاص درڪ حاصل هيس، هنن مان ڪي عالم ۽ طبيب پنھنجي دؤر جا بهترين ۽ نامور شخص ٿي گذريا آهن.

همعصرَ، پونئرَ ۽ تصنيفون

مولانا جي همعصرن مان هيٺيان بزرگ قابل ذڪر آهن: پير حافظ محمد صديق ڀرچونڊي وارو، حضرت شاھہ مردان شاھہ اول پيرپاڳارو، مخدوم الھہ بخش کھڙائي، الحاج خواجہ عبدالرحمان سرهندي، رئيس الاحرار حضرت مولانا تاج محمود امروٽي، مولانا محمد عمر چشمي وارو، حضرت مولانا پير حسن لنواريءَ جو سجادہ نشين، مولانا بھاء الدين بھائي، ميرپورماٿيلو وارو، مولانا مخدوم صالح پاٽ وارو، سيد قاضي بھادر علي شاھہ شڪارپوري، پير صالح شاھہ راڻيپور وارو، پير خميس علي گمبٽ وارو، ميان غلام حيدر ڪٽبار شريف، حڪيم مير علي گمبٽ وارو، ميان غلام حيدر ڪٽبار شريف، حڪيم مير علي نواز علوي شڪارپور وارو، حڪيم عبدالغفور شڪارپوري ۽ ٻيا. هي پنھنجي وقت جا ناميارا بزرگ ٿي گذريا آهن.
مولانا جي تصنيفن مان، (1) فتاواهمايوني، فارسي، ٻن جلدن ۾ (2) فتاوا همايوني، سنڌي، ٻن جلدن ۾، (3) ديوان مفتونس، عربي، فارسي ۽ هنديءَ ۾ (4) فرهنگ طب همايوني.
هن مان ديوان مفتون، عربي فارسي ۽ هندي شعرن وارو گم ٿي ويل آهي، باقي ٻيا ڪتاب ليٿوءَ ۾ ڇپيل ايڪڙ ٻيڪڙ ڪنھن وٽ نظر اچن ٿا. ان کان علاوہ مولانا جا مختلف علمي ۽ فنن تي قلمي صورت ۾ ڪيئي مسودا لکيل هئا، جن جو بہ ڪو نانءُ نشان ڪو نہ ٿو ملي.
مولانا جو ڪتب خانو هڪ مثالي حيثيت رکندڙ هو، ليڪن افسوس آهي جو ان جا سمورا ڪتاب، جن ۾ هند، ايران، افغانستان، مصر ۽ ٻين اسلامي ملڪن جا ڪيئي ناياب علمي ذخيرا يا تہ اُڏهي کائي وئي، يا وري مفتخور ۽ بيعلم رهزن کڻي ويا.
اسان جي ملڪ ۾ ڪيڏي نہ ڌارين جي ستم ظريفي ۽ پنھنجن جي بدبختي آهي، جو ڪتابن تي ڌاڙا لڳندا رهن ۽ پونير انھن جي اهميت کي درگذر ڪري صرف مال ملڪيت جي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهن!
مولانا عبدالغفور جي رحلت پنجھتر ورهين جي ڄمار ۾ يارهين تاريخ رمضان جي مھيني ۾، جمعي جي رات، 1326ھہ مطابق 1918ع ڌاري همايون ۾ ٿي، ۽ کيس جامع مسجد لڳ پنھنجي نامور والد جي تربت جي ڀرسان دفن ڪيو ويو، اها جاءِ هڪ خوبصورت مقبري جي صورت ۾ هن وقت عام خاص لاءِ زيارتگاھہ آهي.
مولانا مفتون کي پٽ جو اولاد ڪو نہ هو، تنھنڪري سندس لاڏاڻي کان پوءِ مولانا عبدالباقيءَ کي جو مولانا جو ڏهٽو هو، مدرسي ۽ درگاھہ جو جانشين مقرر ڪيو ويو، ميان عبدالباقي پاڻ هڪ عالم ۽ مفتي هو. هن بہ مولانا جي نقش قدم تي هلندي درس تدريس سان گڏ شرعي فتوائن ذريعي خلق خدا جي چڱي خدمت ڪئي. هن جو انتقال 1383ھہ، مطابق 1963ع ڌاري ٿيو. هاڻ هن درگاھہ جو وارث ميان عبدالباقي جو وڏو فرزند ميان عبدالباري آهي، جو پنھنجي وڏن جي راويت موجب درس ۽ ننگر جي سنڀال ڪندو رهي ٿو.
ڳوٺ جي زميندارن مان سومرن جو خاندان عام هارين جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، باقي سڌاين مان وڏيري مسو خان جو پوٽو در محمد خان ۽ سندس عزيز قريب پنھنجي ذمينداري شان سان آباد آهن. وڏيرو در محمد خان نھايت سچار، مھماننواز ۽ دلير شخصيت جو مالڪ آهي، جنھن جي دم قدم سان همايون ۾ آباديءَ جا آثار نظر اچن ٿا.
همايون جي نئين دؤر ۾ جيڪي عالم ۽ اديب پيدا ٿيا، تن ۾ هي شخصيتون شامل آهن:
مرحوم حافظ الھورايو سيٺار، مرحوم مولوي عبدالحليم پيچوهو، مرحوم منظور همايوني، ماستر سراج الدين پيچوهو، ماستر علي گوهر خان سڌايو، حڪيم ميان صدرالدين ۽ راقم نياز همايوني.
مولانا جي خاص ماڻھن مان ميان جلال الدين ۽ راقم جو والد قائم الدين ليکجڻ ۾ اچن ٿا، جن مان پھريون سندس خليفو ۽ ٻيو خدمتگار هو. اهڙيءَ ريت، مولانا جي مريدن مان نواب پير بخش خان سرائي شھدادڪوٽ وارو ۽ سردار گل حسن خان کوسو جيڪب آباد ضلعي وارو اِهي ٻئي اهل خير هستيون ٿي گذريون آهن.

تاريخي قطعا

علم ادب سان تعلق رکندڙ طبقي جي دلچسپيءَ لاءِ هتي اهي تاريخي قطعا پيش ڪجن ٿا، جيڪي وقت جي عالمن ۽ شاعرن هن تذڪري جي سلسلي ۾ ترتيب ڏنا هئا.
پھريان اهو فارسي قطعو درج ڪجي ٿو، جو مولوي محمد ابراهيم ”ئاظم“ ياسيني ميان محمد يعقوب جي يادگار ۾ مسجد لاءِ لکيو هو. هي قطعو اڃا تائين همايون. جي جامع مسجد جي اندرين وڏي دروازي تي ڪاشيڪاريءَ ۾ لکيل آهي:

حضرتِ يعقوب آن عالي مقام،
رهنمائي ملتِ خير الانام.
والدِ علامہ عبدالغفور،
اَنڪ بوده، مقتدايان را امام.
در همايون مسجدي تعمير ڪرد،
خوش نما فرخ لقا دلڪش تمام.
بھر تاريخ ِ بناي پاڪ او،
گفت ناظم ثاني ِ بيت الحرام
(1253 هجري)

ٻيو فارسي قطعو خليفي ميان محمد يعقوب جي وفات متعلق آهي.
هي قطعو مولوي محمد قاسم هاشمي ڳڙهي ياسين جي مشھور عالم جو لکيل آهي:
حضرت يعقوب آن نورالھديٰ سر چشم دين،
ڪامل و علامہ و فيِاض، خورشيد زمان.
چونڪ فيضش بو د نورِ هر دو عالم باليقين،
”هاشمي“ تاريخ او گفته: چراغِ دوجھان.
(1273هجري)

پڇاريءَ ۾ فارسيءَ جو اهو قطعو پيش ڪجي ٿو، جو مولانا مفتون جي انتقال تي سردار گل محمد خان ”زيب“ مگسيءَ جو تحرير ڪيل آهي.
اِستاذي فاضلِ همايون، اَن شمس زمان شھاب گيتي،
روپوش چوگشت گفت هاتف، پنھان شد آفتاب گيتي.
(1336هجري)

مولانا مفتون جي شاعري

منھنجي خيال ۾ مولانا جي شاعريءَ تي تبصري ڪرڻ سان گڏ سندس دؤر جي شاعريءَ جو مختصر تذڪرو بہ لازمي آهي، جيئن ان جي آڌار تي اهو فيصلو آسانيءَ سان ڪري سگهجي تہ انھيءَ دؤر جي سنڌي شاعري سنڌ ۾ فارسي ۽ هندي زبانن جي رائج هوندي بہ ڪيئن پنھنجن روايتن تي قائم رهي
مولانا جنھن دؤر سان تعلق رکي ٿو ان ۾ ٽالپورن جي آخري ۽ انگريزن جي ابتدائي زماني جا هيٺيان شاعر شمار ٿين ٿا:
آخوند عزيز ﷲ مٽيارين وارو، جنھن قرآن شريف جو سوليءَ سنڌي ۾ ترجمو ڪيو.
خليفو گل محمد هالائي، جنھن موضوع جي لحاظ کان فارسي زبان جي تتبع بدران نج سنڌي ٻوليءَ، ان جي محاورن ۽ قافين ۾ شاعري ڪئي.
روحل فقير، جنھن صوفيانہ رنگ ۾ ٻين شاعرن جي طرز اختيار ڪرڻ بدران سنڌي شاعريءَ ۾ نئين راھہ ورتي.
ديوان دلپت صوفي، جنھن جي سنڌي شاعري پڻ هڪ مثالي حيثيت رکي ٿي.
پير علي گوهر شاھہ اصغر، جنھن سنڌي شاعريءَ ۾ سوز گداز وسيلي بهترين ڪافين جي تخليق ڪئي.
حمل فقير لغاري، جنھن سنڌي توڙي سرائڪي ٻوليءَ ۾ پنھنجي شاعريءَ جا اڻمٽ اهڃاڻ اجاگر ڪيا آهن.
مصري شاھہ نصرپوري، جنھن جي قادرالڪلامي، سنڌي شاعريءَ جي سونھن ۽ ساک جو درجو رکي ٿي.
سنڌي زبان، جنھن جي بنيادي تحريڪ 1299ع ھہ مطابق 1852ع انگريزن جي ڪوشش سان شروع ٿي هئي، تنھن لاءِ اڳئين دؤر جا اديب ۽ شاعر آخوند عزيز ﷲ ۽ خليفو گل محمد هالائي توڙي پوئين دؤر جا شاعر مولانا مفتون همايوني ۽ مصري شاھہ ڄڻ قدرتي طرح پنھنجون ذميواريون محسوس ڪري باقاعدي تحرڪ وٺي رهيا هئا، جنھن جون ثبوت هنن جي نج سنڌي شاعري ۽ ان جي ٺيٺ سنڌي محاورن مان ملي ٿو. هي بزرگ ڌارين زبانن جي پوري ڄاڻ رکندي بہ پنھنجي ٻوليءَ کي پنھنجي ئي سونھن سڳنڌ سان سينگاري رهيا هئا، جنھن جو نتيجو اهو نڪتو، جو سنڌي ماڻھن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي پرک ۽ پروڙ روز بروز وڌندي ويئي.
اها حقيقت اظھر من الشمس آهي تہ مولانا مفتون توڙي انھيءَ جي د‍ؤر جي ذڪر ڪيل شاعرن روايتي تقليد ڇڏي، سنڌيءَ ۾ ڪافيءَ کي تہ اصلوڪيءَ سنڌي صورت ۾ سنواريو، پر غزل کي بہ ڌارين ٻولين جي تابعداري جو محتاج نہ بنايو، جيئن ديوان گل جي غزلن ۽ مصري شاھہ جي ڪافين مان واضع آهي. هنن نہ صرف سنڌي شاعريءَ کي نين طرزن ۽ خالص سنڌي محاورن سان مالا مال ڪيو، پر ان جي موضوع ۽ مضمون ۾ بہ پنھنجي ماحول جون معنائون پيدا ڪيون.
انھن خويبن کان علاوہ مولانا مفتون ۽ ان جي همعصرن شاعرن جي ڪلام جي ٻي وڏي خوبي اها آهي تہ هنن جي هر سِٽ ۾ موسيقيءَ جي سٽاء موجود رهي ٿي. جھڙيءَ طرح مصري شاھہ شاعريءَ سان گڏ موسيقيءَ جو بہ سرجڻھار آهي، تھڙيءَ ريت مولانا مفتون پڻ شعر سان گڏ موسيقيءَ جي بہ اُوسر ڪئي هئي. ايتريقدر، جو جتي بہ ڪنھن شعر جا لفظ موسيقيءَ جو پورائونہ ڪري سگهيا آهن، تہ اتي هن سُر تار کي قائم رکڻ لاءِ ”ني ۽ وو“ جھڙيون ماترائون اضافي طور ڪتب آڻي ان جي پورائي ڪئي آهي، جيئن هي شعر:
ٻانھڙي آهيان وو دلبر تنھنجي ني ميان،
جاڏي ڪيو يار تاڏي لا...
اها يا مولانا جون ٻيون ڪافيون اهڙيون آهن، جن کي هڪ اڻڄاڻ ماڻھو بہ ڪنھن ڳائڻي جي مدد کان سواءِ آسانيءَ سان جهونگاري سگهي ٿو. انھيءَ نموني اڳين مان جن ٻين شاعرن جون ڪافيون لکيل آهن، سي بہ بنا ڪنھن استاد جي سريلي آلاپ ۾ ڳائي سگهجن ٿيون، جن جون مضمون توڙي موضوع نج سنڌي ٻولي ۽ محاورن تي مبني آهي.
اهو ڪلام جو دل جي گھراين مان جُڙي ٿو، سو هر ڪيفيت سان گڏ موسيقيءَ جو موجد بہ هوندو آهي. ساڳيو مثال مولانا مفتون۽ انجي همعصر شاعرن سان ملي اچي ٿو، جيڪي شرعي عالم هئڻ جي حيثيت ۾ ڪنھن بہ موسيقيءَجي ماهر جي مدد تہ نہ حاصل ڪري سگهيا، نہ وري وٽن ڪا راڳ رنگ جي محفل لڳندي هئي، تڏهن بہ هنن جيڪي وايون ۽ ڪافيون لکيون آهن، سي موسيقيءَ جي آلاپ ۽ ليءِ کان پري نہ آهن، جيئن تجربو شاهد آهي.
مولانا مفتون جون ڪافيون مضمون ۽ موسيقيءَ جي بناء تي هيٺينءَ ريت ترتيب ڏنل آهن، جن ۾ ڪافي ۽ وائي ٻنھي جو اندازو موجود آهي.
(1) پنجن سِٽن واريون ڪافيون جھڙوڪ:

ٿل: سهسين ساھہ سڪايا هي وھہ واھہ،
سهڻي هار سينگار سڄڻ دي،
مفتون ويک سينگار سانول دا،
واٽ وچاهون ڦِرڦِر ول دا،
مُنھن ماهي دا ويک ڪي ڳل دا،
نَٿڙي ونَگ ورايا هي وھہ واھہ،
جيوين نانگ چوڦير چندن دي...

(2) چئن سٽن واريون ڪافيون، جيئن:

ٿل:آءٌ تہ اصل کون آهيان پرين،
پيرن اوهان جي جي پڻي.
تون اچ اسان جي گهَر گهُري،
آڻي پوان لاهي سِري.
قدمن اوهان جي تي ڪِري،
اها ڳالھہ آهي مون ڳڻي.

(3) ٽن سِٽن واريون ڪافيون، مثال طور:

ٿل: لنو ويئين تون مون سان لايون،
نينھن نہ ويڙين توڙ نڀايون.
اکڙيون اڙائي دلڙي کسين ٿو،
حال اسان جا ڪين ڏسين ٿو.
تون تہ ڪرين ٿو يار وڏايون.

(4) ٻن سٽن واريون ڪافيون هيٺين نموني:

ٿل: عشق اڱڻ مون آيو وو ميان،
مچ اندر ۾ مچايو وو ميان،
برھہ ڀورل جو بيحد باري،
سيني اسان جي سمايو وو ميان.

(5) هڪ سِٽ واريون ڪافيون هن ريت:

ٿل: روئي گذاريم رات، مٺن ماري ريءَ،
سکين سانگين ريءَ.
پلڪ پلڪ ۾ منھنجي اندر ۾، اچي پون اوقات...

فني ڪمال جي نشاندهيءَ کان پوءِ مولانا جي شاعريءَ جا ڪي ٻيا نمونا پيش ڪجن ٿا. جن ۾ سلوڻي سنڌي، مناسب محاورا، وڻندڙ تشبيھون، تجنيس حرفي، جاندار استعارا، ڪنايا ۽ تمثيلون نج سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهن.

(1) جهانگيڙن سان وڃي جاليندس،
سور تنھين کي سڀ سليندس،
ڇڏ عمر وتن ڄام-
الو ميان ڇو باند ڪئي ٿي ناحق باندي
(2) نينھن وڌو ٿم اڳ ئي نھوڙي،
ويتر ويٺين ڪاوڙ جوڙي،
هي تہ مناسب توکي ناھہ...
(3) يار وڏو ڪو لاتڪ آهين،
ڪين غريبن ڏي ٿو واجهائين....
(4) منھنجي يار جي حسن جي فوج چڙهي،
جيڪو منھن ۾ آيو، تنھن ساڻ لڙي...
(5) ڪن عشق سندا هن تار ميان،
پھريان مرڻ ڪجو اختيار ميان.
پوءِ پير وجهو انھيءَ پار ميان.
متان پوءِ اتي ارمان ڪيو...
(6) اڱڻ اسان جي يار سڄڻ کي،
آڻي ﷲ شل لاڙي...
(7) سارو سور اندر جو،
اوريان ڪينڪي عامن...
(8) پاهڻ پير پٿون ڪيا، سور وڃايم سونھن...
(9) رمز سنديري ڪيئي ريل رواني
جئن مينھن سنديري جهڪ ميان...
(10) غمزن جون ماري گليلان،
بال بدن جا ڀڳائون...
(11) صافي بدن بلور جان،
گهمڻي مٺل جي مورجان...
(12) جوڀن تنھنجو جهڙ جنساريون،
غمزا تنھنجا گل گلزاريون،
رنگ رتل دن رين...
(13) ووڙ وند ريءَ ناهي مون لا
وار کنھڻ جي واند ڙي ...
(14) هن سڪيل کي سڪ ۾ ميان لا،
سال لنگهيا هن سال ڙي...
(15) مھر منجهائون مينڌرو ميان،
پاڻ ڀلائيندم ڀال ڙي..
(16) پنھنجي پکن ڪاڻ پير ٿي سوريان،
ڪاڻ ڪن ڪوٺن آءٌ...
(17) ڪنگڻ پائي، ٻانھن لوڏائي،
ڪيري وڌايئن چنڊ...!
(18) کنبڀيون خوب کڙيون ٿي پٽن تي،
نڪتيون سبزيون صاف پٽن تي،
گاهن ڪيڙا گهاٽ..
(19) وڏ ڦڙي ڪيا ڏاڍا وسڪا،
ڦڙيءَ ڦڙيءَ تي ڦھڪون ڦھڪا،
ڇوهون ڇٽي پئي ڇاٽ...

(20) هندي شعر جو نمونو:
هماري يار ڪا مکڙا
ڪلام ﷲ ڪي صورت،
اُسيڪي خنجر –ابرو
هين بسم ﷲ ڪي صورت،

سنڌي ۽ سرائڪيءَجا ڪي وڌيڪ ۽ وڻندڙ مثال:

(1) ڪڪر ڪڪوريان، بجليون ڀڙڪيون
بوندان بھاري آيون ڪڙڪيون،
اُٺڙا مينھن ملھير!
(2) ڪيئي ابرو تيغ شھيد ڪيا،
ڪيئي ناز مزيد مريد ڪيا،
ريءَ ناڻي ديد خريد ڪيا،
قربان هزارين مان رڳو...
(3) جهالر تنھنجي جهومر لائي،
جهومڪ تنھنجي جنگ مچائي،
ٻانھين هڻي ٿي ٻاڻ ...
(4) منجهہ ساڻيھہ جي، وسن ٿيون سرتيون،
هن نڌر کي وينديون ورتيون،
شال ڏئي آڌار،
نينديون سور سنگت جا سُويون...
(5) ڪاھہ ڪري ڪٺمال ٿي ڪڙڪا،
بُندڙا ڀڙڪ ڏيون ٿا ڀڙڪا،
ايندي ويندي ڏيو دڙڪا،
پرت پياري ساڻ پئي پئي...

مولانا سعديءَ چواڻي:
سپردم بتو مايہءِ خويش را توداني حساب-ڪم وبيش را

مجموعي طرح مولانا مفتون همايونيءَ جي شاعري انھن مڙني، خوبين سان ڀريل آهي، جيڪي هڪ صاحب طرز شاعر جي شاعريءَ لاءِ ضروري آهن. انھيءَ آڌار تي، جيڪڏهن مولانا مفتون سنڌي شاعريءَ جو هڪ قادرالڪلام شاعر ليکيو وڃي تہ اها ڳالھہ ڪنھن بہ صورت ۾ بيجا نہ ٿيندي، ان لاءَ تہ هيءَ شاعري انھيءَ دؤر سان تعلق رکي ٿي، جنھن ۾ ڪن ٿورن عربي، فارسي ڄاڻندڙ شاعرن کان سواءِ باقي سڀ اهي شاعر موجود هئا، جن سنڌي زبان کي پنھنجي نج سنڌي ڪلام سان سنوارڻ بجاءِ ڌارين ٻولين جي شاعريءَ کي وڌيڪ ترجيح ڏني هئي، ۽ هنن جيڪڏهن سنڌي شعر چيو بہ سھي تہ ان ۾ اهو عوام رنگ ڪو نہ هو، جو مولانا مفتون ۽ ان جهڙن ٻين شاعرن جي شاعريءَ مان عالم آشڪار آهي.

نياز حسن قائم الدين همايوني
حيدرآٻا د سنڌ
12 جولاءِ 1972ع  

شاعري

---

ڪافي (1)

تنھنجي زلف جي بند ڪمند وڌا،
زندان هزارين، مان نہ رڳو،
تنھنجي شاهي دسترخوان مٿي،
مھمان هزارين، مان نہ رڳو،

ڪيئي گهايل تنھنجي گَهور سندا،
مخمور غفور سُرور سندا،
تنھنجي نور ظھور حضور سندا،
نگران هزارين، مان نہ رڳو.
ڪيئي ابرو تيغ شھيد ڪيا،
ڪيئي ناز مزيد مريد ڪيا،
ريءَ ناڻي ديد خريد ڪيا،
قربان هزارين مان رڳو.

تنھنجي جلوي جمال جي عشوه گِري،
ڪيا ملڪ مطيع وسيع وري،
ڇا جن ملائڪ حُور و پري،
حيران هزارين، مان نہ رڳو.
ڪيئي نوڪر چاڪر جمع اڪبر،

ڪيئي خادم آهن خاقان نوڪر،
سوين در تنھنجي تي دارا سڪندر،
دربان هزارين، مان نہ رڳو.


ماھہ لقا محبوب مٺا،
تنھنجي ناز ادا تان جان فدا،
ٿيا دامنگير امير گدا،
سلطان هزارين مان نہ رڳو.

دلبر پيارا ڪر نُور نظر،
تون تہ سرور عالم جن و بشر،
تو تان قربان تارا شمس وقمر،
”مفتون“ هزارين، مان نہ رڳو.
*

ڪافي (2)

ڪــيــن اچـــي آرام-
اَلو ميان ڪارڻ مارن جي آهيان ماندي،
سانگيئڙا مون کي گڏ گڏيندا،
هيڪل هن کي ڪيئن ڇڏيندا،
شال ٻڌي پيغام-
اَلو ميان هن مئيءَ جا ٿيندا ڪانڌي،
ڇڏ بنديءَ کي ڇوڙي دستئون،
سانگيئڙن کي روز اَلستؤن،
ساھہ ڪري ٿو سلام-
اَلوميان ٻانھي تن جي آهيان هيڪاندي.

جهانگيئڙن سان وڃي جاليندس،
سور تنن کي سڀئي سليندس،
ڇڏ عمر تون ڄام-
اَلوميان ڇو باند ڪئي ٿي ناحق باندي.
مرڪ مارن جو آهن لويون،
هار سگَر جا وتن پويون،
ڪرڙ ڳنڍا ٿن طعام-
اَلوميان آءٌ تہ انھن جي ٿيندس پانڌي،
ڀٽان اسان جون گل گلزاريون،
ٿڌڙيون هيران ٿڌڙيون واريون،
اَڳي ڏنن انعام-
اَلو ميان زور ظلم کڻي هتڙي آندي.
مارون تڪين ٿا منھنجون راهان،
درد منجهون ٿا ڪن دانھان،
رک تنين جي مام-
اَلو ميان ڪر نہ ھہڙي شير شھاندي.
”مفتون“ آهي محب سدائي،
تنھنجي ملڻ لئي ماندو جائي،
دلڙي اسان جي مدام-
اَلو ميان وار نہ هڪڙو وِرھہ کان واندي.

*

ڪافي (3)

دوست آيو ٿي منھنجي ديري،
ڳڻ تنھن جا مان ڪھڙا ڳايان.
ڏينھن پرين پري تو لايا، نيڻ نماڻا واھہ وهايا،
سور سڄڻ ٿي توکي سڻايان.
سخن ڪيان ٿي ساري سچوئي، تو بن ڪريان يار نہ ڪوئي،
لنَو لُڏڻ ٿي توسان لايان.
سونھن سڄڻ جي نوراني، ملڪ مستانا حوران حيراني،
مَٽ تنھين جو ڪو نہ ڀايان.
برھہ ڪيا هن پنڌ پسارا، نيڻ ٽِمڻ ٿا جئن نارا،
يار ٻگهڻ چئي ڇا تہ ٻڌايان.
”مفتون“ چوي سائين من مستانو، ربھہ بيراڳي درد ديوانو
لعل لبن تان گهوري گهمايان.

ڪافي (4)

قسم توکي ٿي رب سچي جو،
کولي گهنُڊڙو پاڻ پساءِ،
نينھن وڌ ٿم اڳ ئي نھوڙي،
ويتر ويٺين ڪاوڙ جوڙي،
هي تہ مناسب توکي ناھہ،
کولي گهنڊُڙو پاڻ پساءِ،
سِڪندي ٿيڙا سال اسان کي،
ڪا نہ مھر پئي محُب اوهان کي،
واڳ اسان ڏي يار وراءِ،
کولي گهنڊُڙو پاڻ پساءِ.
نوڪر آهيان نانَو تنھنجي جو،
خيال نہ مون کي حسن ڪنھن جي جو،
نينھن اسان سان توڙ نڀاءِ،
کولي گُهنڊڙو پاڻ پساءِ.

عرض ڪيان ٿي توکي روُئي،
توريءَ ناهي منھنجو ڪوئي،
تون تہ اسان کان منھن نہ مٽاءِ،
کولي گهنڊُڙو پاڻ پساءِ.
در تنھنجي جي آهيان دائي،
پورهيت تنھنجي جانب جائي،
ٻاجهہ ٻانھيءَ تون مور نہ لاھہ،
کولي گهنڊُڙو پاڻ پساءِ.
”مفتون“ آکي ڏينھن ڪو ٿيندو،
اڱڻ اسان جي دلبر ايندو.
پرور منھنجي آس پڄاءِ،
کولي گهنڊُڙو پاڻ پساءِ.

ڪافي (5)

عشق عجيبن او اندر ۾،
درد دلبر جو ڌاريون ڌاريان.
قيد قسمت جي آڻي اڙايو،
ڪو نہ مون کي هو روح ۾ رايو،
هاڻ توهان ريءَ گهڙي نہ گهاريان.
جنھن ڏينھن لاڪون نينھن جو ناتو
يار لڏڻ مون توسان لاتو،
تنھنجي پسڻ لئي پيو پڪاريان.
ڪر نہ پرين تو پريت پراڻي،
آءٌ تہ آهيان سائين در وڪاڻي،
ساعت ساعت ۾ توکي سنڀاريان.
خوش گهڻيرو خوب ٿيان مان،
شاديون شھرين ڪاڄ ڪيان مان،
نيڻ کڻي جڏهن تو ڏي نھاريان .

درد اندر ۾ جال جکي ٿو،
سونھن سڄڻ لئي ساھہ سڪي ٿو،
ڪانگ ويٺي آءٌ هت اڏاريان.
محب ”مفتون“ ڏي ڇو نہ ڏسين ٿو،
دل ۾ دمدم دوست وسين ٿو،
ڪين وهيل ٿي توکي وساريان.

*

ڪافي (6)

آءٌ اصل کؤن آهيان پرين،
پيرن اوهان جي جي پَڻي.

تو لنوَ مون کي لائي لُڏڻ،
ماندو آهيان خاطر ملڻ،
جڏهن ناز مان مون ڏي ڏٺيءَ،
قلب اسان جي کي ڪُٺيءَ،
سورن جو سھمايو آهيان،
آءٌ در سندو دايو آهيان،
تون اچ اسان جي گهر گهري،
قدمن توهان جي تي ڪِري،
”مفتون“ چوي ساجن سچا،
سيني اسان جي ۾ سدا،
آءٌ سام تنھنجي هان سڄڻ،
جيڪا وري توکي وڻي،
منَڙ،ي اسان جي کي مُٺيءِ،
ڪي کامجي کنا کڻي،
تو لئہ سڄڻ آيو آهيان،
تون دلبرا منھنجو ڌڻي.
آڻي پوان لاهي مري،
اها ڳلاھہ آهي مون ڳڻي.
تون محب آن منھنجو مَدا،
محبت تنھنجي آهي گهڻي.
*

ڪافي (7)

اٿم سڪ سرير-
آءٌ وڃي کلِندس شال کرن ۾.
محبت مست مارن جي مَن ۾،
اُڻتڻ سانگيئڙن جي تن ۾،
وڌڙم اور اڪير.
ڪڪر ڪڪوريان بجليون ڀڙڪيون،
بوندان بھاري آيون ڪڙڪيون،
اُٺڙا مينھن ملھير.
جهوڙان جھڙن ٻڌيون جنساريون،
رڻن پٽن تي ٿيون گلزاريون،
سبزن لاتي سفير.
گاجون گوڙ ڏين گجڪارا،
کوڻيون کيج ڪرن چمڪارا،
اڀرن سهسين سير.
جهنگ جهرن ۾ پاڻي پيلان،
ڇَران ڏين ٿيون روز جون ريلان،
کوَ ڀري ٿم کير.
ڪرڙ ڪنڊيرا سڱر سنواريا،
بَرپٽن تي ڦوڳ ڦلاريان،
نڪتا گاھہ ڳنڍير.
محب موچارا سيد سچارا،
”مفتون“ جو تون مھر منجهارا،
ساٿ لنگهائج سير.

*

ڪافي (8)

جند جا جياپا! جهاتي جو پاتيءِ،
چشمن سان اڪ وڌءِ چپ چپُاتي.
محب ملڻ لئي آهيان مستانو،
دلبر ڏسڻ لئي آهيان ديوانو،
لنوَ لنوَ ۾ لالڻ لنو جو ڪا لاتي.
شب روز تنھنجون ڏسان ٿي مان راهان،
دلبر ڪيان ٿي درد مان دانھان،
جنھن ڏينھن مون سونھن تنھنجي سڃاتي.
نالي الھہ جي اچ تون اسان ڏي،
ڪن گوش منھنجو گهڻيرو توهان ڏي،
عشق اندر ۾ اٿم اثباتي.
دوست دلبر لئہ ڊوڙان ڊُڪان ٿي،
پرين پسڻ لئي صاحب سِڪان ٿي،
ٻي ڪل ڪمن کون دلڙي جو چاتي.
دمدم توهان لئہ گهران ٿي دعايون،
ڪرڪي ڪوهيارل ورڻ جون وايون،
تو بن گذاريان ڪئن مان حياتي.
مون کي نھوڙيو آھہ ناز نيڻن جي،
مون کي آ موهيو سوز سڄڻ جي،
رڳ رڳ ۾ رانول هنئي ٿم رواتي.

”مفتون“ چوي ٿو دلڙي اسان جي،
ويندي ويچاري ني واٽ ڪنھن جي،
ڦندن تنھنجن ۾ آڻي جو ڦاٿي.
*

ڪافي (9)

ٻڌي بيٺيون ڪڍي خنجر،
سڄڻ آڻي ٿيو ساڻي.
ڪرشمن جو ڪُھن ڪاتيون،
ويون وسري ٻوين لاتيون،
جڪيو ڪزگن وڏو مارو،
لُڏي ويو بلخ بخارو،
چکي چشمن سنديون چوڪان،
هنجون هارين جئن ماڪان،
کنڀائن بن سندو ڀالو،
ڌڏي ويو روم بنگالو،
چوي ”مفتون“ اٿو سائين،
مھر جو دست ڌرجائين،
آيو چوگان ۾ چاتيون،
ڪندو هينئڙي کي حيراني.
ڪنبي ويو تخت هزارو،
ڏکيو ايران توراني.
ڪرن دلڙيون سوين ڪوڪان،
ڏڪن ڦرڪن جهرن جاني.
هلي ويو قيل مقالو،
پڇم پورب پريشاني.
بندي تي بخش ڪجائين،
دليون جانيون آهيان ٻانھي.

*

ڪافي (10)

نيڻ کڻي ڏس اسان ڏي لا، عرض ڪري ٿي نماڻي.
ويٺي ويٺي ورھہ لنگهي ويا،
پير ڀري آءُ مان ڏي لا،
محب ڪري مھرباني.
ٻانھڙي آهيان دلبر تنھنجي،
جاڏي ڪيو يار تاڏي لا،
هيءَ تہ تنھنجي در وڪاڻي.
ريءَ توهان جي سھڻل سائين،
هيءَ تہ وڃي يار ڪاڏي لا،
ميري مندي عيبن هاڻي.
”مفتون“ آکي ڳالھہ اهائي،
آءٌ تہ ڏسان يار جاڏي لا،
تنھنجي پسان ٿي پيشاني.
*

ڪافي (11)

ماڻن تنھنجي موهيس سڄڻ،
پيڙس پرين تنھنجي پکي.
مٺڙيون ڪري ڪي ڳالهڙيون،
دل کي وڌءِ تہ دوالڙيون،
ڪنھن کؤن سکين اهي چالڙيون،
ڇڏ تون مٺا! وايون رُسڻ،
اچي پرچ تون مون سان تکي.
هار ڪيئي، سينگار ڪيئي،
ڇوڙي زلف اظھار ڪيئي،
ڪي ڌڙ سسيءَ کؤن ڌار ڪيئي،
تنھنجي ڪندس جهوري جهِڄڻ،
دونھون اندر ۾ ٿو دکي.
راتيون لنگهن مون و ِرھہ جون،
ويٺين وساري دوست مون،
لھہ سار منھنجي يار تون،
ماندي آهيان خاطرملڻ،
پيھي اچج منھنجي پکي.
فاني فراقن مون ڪيو،
ڪو ترس توکي نا پيو،
ڪر تون منھنجو هڪڙو چيو،
دل کي دلاسو ڏي سڄڻ،
ٻانھيءَ مٿي ٿورو رکي.
ماڻھو ڏٺا مون سڀ ڪٿي،
توکي ڪيم اکڙين مٿي،
هتڙي هجان توڙي هتي،
اڻتڻ سدا تنھنجي پَسڻ،
جند جان ۾ جاني جکي.
”مفتون“ چئي ٻانھون آهيان،
تنهجي در ديوانو آهيان،
مجنون مستانو آهيان،
ڪر ڪي پرين وايون ورڻ،
راتيون لنگهن تارا تڪي.
*

ڪافي (12)

ڪر محب نہ مون سان ماڻا،
ڏس پاڻ ڏي يار سياڻا.

صورت تنھنجي سج چنڊ ساڳي،
وار تہ تنھنجا دل جي واڳي،
اهي ڏند موتيءَ جا داڻا.

دلبر آهيان تنهجي دائي،
هير حجت منھنجي نہ ڪائي،
ڪيئي در تنهجي تي وڪاڻا.

جا ڪي جان ويٺي وساريان،
ساعت هڪڙي ڪين وساريان،
اهي عشق تنھنجي جا اُراڻا.

سھڻا سھڻا سر تي چاتم،
ميڙي سيڙي پيارل پاتم،
ڳل ڳچيءَ منجهہ ڳھڻا.

”مفتون“ چوي آهيان ٻانھي،
منھنجي اندر ۾ منھنجا جاني،
تنھنجي درد ڪيا هن ٿاڻا.
*

ڪافي (13)

آءٌ پريت تنھنجيءَ ۾ پرين،
پلپل آهيان فاني فدا.
سڄڻا تنھنجو سائل آهيان،
عاجز گهڻو ڪاهل آهيان،
محبوب ٻياڀي ملڪ ۾،
تون آن جيئن چنڊ فلڪ ۾،
نيڻن سندا ناوڪ ڪيئي،
سوين خون تان پلئہ پيئي،
دلڙيون تنھنجي درگاھہ تي،
سڀ قيد ڪيون ٿي راھہ تي،
تون آن سڄڻ سردار مون ،
هت ڪينءَ وهان هڪ ڌار مون،
”مفتون“ محب آهي مدام،
ڏس تون پرين مون ڏي تمام،
تنھنجي مٿئون مائل آهيان،
تون مھر ڪر مون تي سدا.
آهن گهڻيرا خلق ۾،
مڙني سندو آهين مدا.
هينئڙي اسان جي ۾ هنيئي،
ماري ڪيئي سڀ کي فنا.
دانھان ڪرن ٿيون دانھن تي،
اَٿي ونگ وارن جا وڌا.
دلبر مٺو منٺار مون،
جاني جڙيل تو کؤن جدا.
تنھنجي غلامن جو غلام،
خنده خوشي بھر-خدا.
*

ڪافي (14)

مون کي محب ڪيو مستان، وو-
انھي مرڪي ڏسڻ سان.
هوش کسيو ٿي منھنجي هٿن کون،
حال ڪيو ٿي حيران،وو-
انھي ٽھڪي ٽِلڻ سان.
درد انددر جو توکي ٻڌايان،
دوست ڪيو ٿي ديوان، وو-
انھي مرڪي ملڻ سان.
درد وندن کي دلبر منھنجا،
ڪَشي هنيا ٿي ڪان، وو-
انھي ڏؤران ڏسڻ سان.
ڏاڍ ڪرين ٿو، ڪين ڏرين ٿو،
بڙڇيون هڻين ٿو بان، وو-
انھي هوري هلڻ سان.
”مفتون“ آکي يار ڪيو ٿي،
نينھن پنھنجو جو نشان،وو-
انھيءَ چال چلڻ سان.
*

ڪافي (15)

جان ويس پئي واٽ سان، دلبر اچي سامھون ٿيو
هوش کان بيھوش ٿيس، لالڻ جڏهن پاتو ليو.
قد هئس سھڻو سڌو،
هڪ جلوي سان جڳ کي ڳڌو،
زلف منھن تي هئس کليا،
سي ڇير وانگي پئي ڇُليا،
عين آهوءَ جيھڙا،
ڪيان وصف تن جا ڪيھڙا،
منھن هو سڄڻ جو حور جان،
گهمڻي مٺل جي مور جان،
عشق مجنون کي. جيئن،
جاني منھنجا تون شل جيئن،
جنھن تير جان ماري وڌو،
هئس منھن جيئن روشن ڏيئو.
ها مشڪ عنبر سان مَليا،
ڪنھن ناز سان ٽِلندو ويو.
تن جا سلامي ڏيھڙا،
جن روح کي ريھي نِيو.
صافي بدن بلور جان،
تنھن ڀي چريو مون کي ڪيو.
”مفتون“ کي آهي تئين،
پاهت منھنجو توسان پيو.

ڪافي (16)

مون کي ناز مٺل جي مُٺو مُٺو،
جڏي نيڻين نھاريو جودؤن جاني.
درسن تنھنجي دود دکايو،
صبر قرار آرام وڃايو،
مون کي باھہ برھہ جي ڪٺو ڪٺو.
اکڙيون عجيبن جيءَ سان جڙيون،
قلب اسان جي قابو ڪڙيون،
اسان سوز سڄڻ جو سٺو سٺو.
حسن تنھنجي جو تاب تکيرو،
دوست دلين ۾ ڪيڙو ديرو،
اهو ڦٽ ڦتين جو ڦٿو ڦٿو.
زلف زنجير سڄڻ جا ڏٺاسي،
ور واسينگن جي جو چڙهياسي،
هاڻي قيد تہ ٿيڙو ڪٺو ڪٺو.
ناز منجهؤن جڏي نيڻ جو چاتي،
”مفتون“ ڏي دلبر ديد جو پاتي،
مون تي مينھن و اُٺو.
*

ڪافي (17)

سڪ تنھنجي ۾ سردار،
واٽ نھاري مان ويھي ويھي.
محبت تنھنجي کوڙيون ميخان،
يوسف جئن منجهہ زليخان،
تانگھہ تنھنجيءَ جي تنوار،
جيءَ جُبشي ۾ پيئي پيئي.
راز تنھنجي جون روح ۾ ريلان،
مجنون کي جئن مست ڪيو ليلان،
عشق سندي الغار،
دل اسان جي ريھي ريھي.
لنوَ سيفل کي بديعل لائي،
تخت ڇڏي تان ٿيڙو توائي،
ڦيڙو ترت تيار،
ڪار وڃي ٿيس ڪيھي ڪيھي.
”مفتون“ هينئڙو تو بن ماندو،
الھہ اسان وٽ توکي آندو،
لٿڙا غم غبار،
شاديون آيون پيھي پيھي.
*

ڪافي (18)

لاتي عشق اوهان جي لوري،
لُٽي دوست نيوَ دل زوري.

سونھن سڄڻ جي نوُر نوراني،
ڀروان ڀَنڀون پاڪ پيشاني،
ڏند صاف سڄڻ جا بلوري.

زلفان تنھنجون آهن عنبر،
چشمان تنھنجون ساڳي خنجر،
ڪي چاڪ وهن ٿيون ڪلوري.

آءُ تہ گڏجي ڏينھن گذاريون،
ڳالھيون ڳرهي دلڙيون ٺاريون،
اها رات وڇوڙي جي گهوري.

سڪ اوهان جي ڪين لھي ٿي،
سھڻل سائين روز هي رهي ٿي،
جيءَ جان جُثي منجهہ جهوري.

”مفتون“آکي ڪر احساني،
آءُ تہ اصل کون دلبر جاني،
آهيان ٻَڌڙي اوهان جي ڏوري.

*

ڪافي (19)

ڪڍي ڪاتيون ڪرشمن ون،
ڪيو ٿي يار قرباني.

ساھہ سڪي تو لئي سائين،
مھر مون تي تون ڪجائين،
دوست آئين منھنجي ويڙهي،
روح نيو ئي يار ريڙهي،
دل سڄڻ توکي ساري،
محب وڌءِ مون کي ماري،
”مفتون“ آهي مدامي،
تنھنجي مڃي اٿس غلامي،
واڳ اسان ڏي ورائين،
آءُ تہ آهيان ٻڌي ٻانھي.
جيءُ کسيوئي ريءَ جهيڙي،
بُت منھنجو ڪيو بيراني،
ڪو نہ گهڙي دم وساري،
هنِيون ڪييءِ حيراني.
در تنھنجي جو سلامي،
محب مٺا منھنجا جاني.
*

ڪافي (20)

تن ۾ آهي تار،مارن ملڻ جي.
ملڪ مارن جي ماڳ ملھاريا،
ڦوڳ ڦلاريا،سنڱر سنواريا،
گاهن ڪيا گلزار.
ڀٽان ڀلاريون بيحد بھاريون،
اَٿن اجڙ کي اجڙو اُلڪيريون،
ڏنؤرن سندا ڏار.
سانگي سچارا سھڻا سيباڻا،
جن جا سونھن ٿا ڀٽن تي ڀاڻا،
لڳڙي اٿم لار،
محبت سانگين جي سدائين ساريان،
هڪڙي گهڙي ريءَ مان نہ گهاريان،
سھڻي اٿم سار.
”مفتون“ محب کي دمدم ٿو ساري،
ويچارو نماڻو گهري ڪئن گذاري،
دلبر بنان ڌار.
*

ڪافي (21)

غمزن تنھنجن گهمسان ڪيو،
ماري ملڪ دلين جو ويران ڪيو.
ماري ڪان ڪمان کينون تہ وتن،
وڃي بر ۾ تير تکا تہ هڻن،
چانگا هرڻ جو شڪار ڪيو تہ اچن،
مون کي قتل تہ ابرو ڪمان ڪيو.
منهجي يار جي حسن جي فوج چڙهي،
منھنجي منھن ۾ آيو تنھن ساڻ لڙي،
ڪاري ڪٻري پئي آهي سڀ ڦڙهي،
انھيءَ فوج وڏو نقصان ڪيو.
ڪُن عشق سندس هن تار ميان،
پھريان مرڻ ڪجهہ اختيار ميان،
پوءِ پير وجهو انھيءَ پار ميان،
متان پوءِ اتي ارمان ڪيو.
اڄ يار سڄڻ سينگار ڪيا،
ڇوڙي دام زلف جا تيار ڪيا،
ميندي مشڪ مساڳ نگار ڪيا،
اچي جان جُثو قربان ڪيو.
سڪندي سال ٿيا هن يار مون کي،
تولئي ڏک ڪٽيندي دلدار مون کي،
تنھنجو عشق آهي اظھار مون کي،
اچي ”مفتون“ مٿي احسان ڪيو.

ڪافي (22)

تنھنجي پسڻ لئي آءٌ پيِر پڇايان،
ڏينھن گهڻيرا مان لڇندي لنگهايا.
تو بن ٿيڙس ڪين آرامي،
رات اسان جي ويَڙي وهامي،
نار نيڻن جا مان نِت وهايا.
در ڌڻيءَ جي گهريون مان دعائون،
شال تہ ايندم واڳ ورايون،
سوال اسان جا ٿيندا سجايا،
جنھن ڏينھن لاڪون ڪيڙو پاسو،
ڪين مُڪو ٿي دَڙ دلاسو،
تو تہ اسان لاءِ مچ مچايا.
شالُ اسان کون ڏور نہ ٿيندين،
اڱڻ اسان جي پلپل ايندين،
لطف ڪندين ڪي سرس سوايا،
اَصلئون آهيان تنھنجو ٻانھو،
حسن تنھنجي تي محب مستانو،
رمزن تنھنجي ڪي رنگ رسايا.
”مفتون“ آکي محب جو ايندو،
اڱڻ اسان جو باغ جو ٿيندو،
پير جڏهن هت يار گهمايا.
*

ڪافي (23)

ڪي ناز ڪيون لنوَ لائين ٿو،
لنوَ لايون پاڻ ڪڍائين ٿو.
کڻي خوني ڪُھڻ ڪٽاريون،
يار وڃي ٿو ناحق ماريون،
رت عاشقن جي يار هاريون،
هٿ مينديءَ ساڻ رڱائين ٿو.
ڪي تہ عاشق ٿو يار ترائين،
ڪي ٿو جئارين ڪي ٿو مارائين،
ڪي تہ سڏائين ڪي تہ ڦرائين،
ڪي سوريءَ سر تہ چڙهائين ٿو.
ساڻ حڪم جي ساھہ کسيو ٿي،
وعدو ملڻ جو ڪو نہ ڏسيو ٿي،
حال اسان جو ڪين پسيو ٿي،
سر عاشقن حڪم هلائين ٿو.
دلبر آهين دل جو جاني،
ڪونھي تنھنجو جڳ ۾ ثاني،
دلڙي ڪئي ٿي يار ديواني،
منجهہ روحن يار رلائين ٿو.
”مفتون“ آهي در جو دايو،
تنھنجي خاطر يار سڪايو،
تو تہ اسان سان نيھڙو لايو،
ڪي بار برھہ جا بچائين ٿو.
*

ڪافي (24)

شال ڏيندين دلداري،
محب اسان کي ملڻ جي.
هير حجت ناھہ وو دلبر توسان وو،
نانءُ ڌڻي جو ٿي باري،
ڳالھہ چئجانءِ ڪا اچڻ جي.
ننڊ نيڻن کي وو بلڪل ناهي وو،
ڪيئن ڪري هيءَ ويچاري،
جاءِ نہ آهي پڄڻ جي.
توڏي تڪيندي وو رات وهامي وو،
پلڪ ڏکي مان گذاري،
وائي ڪڍج ڪا ورڻ جي.
لالڻ توکي وو لائق ناهي وو،
اهڙي ڪر نہ هيڪاري،
ڳالھہ نہ انھن چوڻ جي.
ڏي ڪو دلاسو ني وو محب مفتون کي وو،
آهي گهڻو بيقراري،
سڪ اٿس تو سڄڻ جي.

ڪافي (25)

جڏهن نيڻ کڻي تہ نھارين ٿو،
هي ماڻھون ناحق مارين ٿو
ڏينھن لنگهي ويا ڪينڪي آئين،
ڳالھہ اچڻ جي ڪا نہ ٻڌائين،
دل کي دلاسو ڪو نہ ڏيارئين،
ڪا تہ ڪاوڙ دل ۾ ير ڌارين ٿو.
عاشق تنھنجا وتن ويڳاڻا،
ڪي تہ گهمن محب مستانا،
ڪي تہ ڦرن ٿا دوست ديوانا،
جڏي صورت سھڻي سينگارين ٿو.
سڪ اوهان جي دل ۾آهي،
روز اوهان ڏي بيٺي ساهي،
ڪاڻ تہ هرگز توکي ناهي،
ڀلا ڇا لئي غريب وسارين ٿو.
ساڻ کلڻ جي خون ڪرين ٿو،
ظُلم ڪرڻ کون ڪين ڏرين ٿو،
سر اسان جي يار چڙهين ٿو،
ڪي ڪانَ کنيو تہ اُلارين ٿو.
”مفتون“ آکي سھجون ساري،
ودست لڳي هان تنھنجي لاري،
آءُ سڄڻ تون منھنجي اُتاري،
ڇو عرض منھنجا الا ٽارين ٿو.
*

ڪافي (26)

پرين منھنجي جا پار وو يار،
ڀروان ڀنڀون نيڻ خماري.
اچي وڃي ٽھڪندو ميان لا،
باغون باغ بھار،
ڪل گهٽيون ٿيون گلزاري.
صدقي صدقي ڪيان ٿي ميان لا،
قدم قدم تون ڌار.
جان جُثو هيءَ جند ساري.
مَٽ پرينءَ جي ڪونھي ميان لا،
حوران پائن هار،
توڙي پريون ڪن دلداري.
مرڪڻ مٺڙي محبن جي ميان لا،
لاتي تند تنوار،
پاڻي اکين جو ٿيو جال جاري.
”مفتون“ ڏي ني وو مھر منجهارون ميان لا،
نيڻ کڻي تہ نھار،
زور نٿي، اٿي منھنجي زاري.

*

ڪافي (27)

ذڪر ذاتي سڀو فائق،
سندو فرقان ۾ آيو.
کڻي زلفن سنديون ڦاهيون،
آيون ميدان ۾ ڪاهيون،
ويون وسري ٻيون وايون،
جڏهن امڪان ۾ آيو.
ڇٽيون برهن سنديون بحريون،
ڏين لمڪا ڪرن لھريون،
گڏيون هن گوشت ۾ گهَريون،
جو دؤن جولان ۾ آيو.
لڳو ٿم نينھن نيشانو،
گهمان ٿو مرد مستانو،
ڳڌو تم مست ميخانو،
عجب جھان ۾ آيو.
پرين ”مفتون“ سان پرچي،
رهي وڃ رات ڪا سرچي،
سندءِ ويراڳ ۾ ورچي،
گولو گهمسان ۾ آيو.
*

ڪافي (28)

ماهي يار مٺل دل- جاني!
جنھن نينھڙو لايو زور سان.
نازن تنھنجن واه جو ڪيڙي،
دل اسان جي ديواني،
ريھي ريھي ڏاڍڙي اَور سان.
دوست جو درسن اڄ ڏٺوسين،
سير ٿيو سلطاني،
جڏهن ٿياسين مقابل مور سان.
بوندان برھہ جون آڻي مالڪ،
ابر جئين آسماني،
تئين سو لٿيون گهنگهور سان.
”مفتون“ آکي مولا ميلي،
يار سچو سبحاني،
ڏسي نيڻ ڀريا نت نور سان.
*

ڪافي (29)

نـــازن وڌم نھوڙي،
عشق جي ڪيٻر ڪٽيان.
ديدن تنھنجن ڌاڙو ڪيڙو ميان،
هوش اسان جو لُٽ ۾ ويڙو ميان،
ڦٽ وڌءِ يار ڦوڙي،
محبت تنھنجي ڪيئن مٽيان.
اصل اول ۾ ڏئي دلاسو وو،
هاڻ ڪرين ٿو يار تون پاسو وو،
جاڙ ڪيئي يار جوڙي،
ڳالھيون ٿي ڳايان ڳچ ميان.
”مفتون“ چئي نيھن نڀائج لا،
کلي اسان سان يار ڳالھائج لا،
تنھنجي عشق وڌڙم جهوري،
سور مٿي تي مان سنيان.
*

ڪافي (30)

غمزن ماري گليلان،
بال بدن جا ڀڳائون،
برھہ بڇيون هن باهيون باهيون.
نازن نخرن دل اسان جي تي،
پلپل ڪيڙون اُليلان،
مَن اسان جو مُلھہ ڳڌائون.
بوندن برهن وو روح ريڌل تي،
پاڻ ڪيون هن پھيلان،
ونگ ورائي وڌائون.
نيڻ نماڻا ني وو پرين پياسي،
تاڙان ڏئي ڪي طفيلان،
يار کي ڳولي لڌائون.
ڏورئون ڏسڻ لئي ئي وو مار نہ مون کي وو،
ڪر نہ وهيل تون اويلان،
آءُ تون سڄڻ سنجهہ صباحون.
”مفتون“ آکي ني وو مزگن تنھنجن وو،
ميخان کڻي ڪي جو سيلان،
هينئڙي اسان جي هنيائون.
*

ڪافي(31)

رُخ رنگي روشن رعنا،
شمس قمر آهي سونھن سڄڻ جي،
ڳل سرخ سمن سلطانا،
حوران ٿيون حيرانا.

نيڻ سڄڻ جا نازڪ نرگس،
هٿ ڪيائون ميخانا،
پيتيون وتن ٿا پر پيالا،
مست گهمن ٿا مستانا.
مزگان سڄڻ جون شوخ شڪاري،
نت ڀڃن نيشانا،
خوني خنجر ڪھن ڪٽاريون،
بڙڇون هڻن ٿيون بانا.
ڏند آهن دلبند سڄڻ جا،
صاف چٽا دردانا،
هيرا لعل جواهر موتي،
درد سندا هن ٻانھا.
زلف مٺل جا نانگ نسورا،
درس وتن ديوانا،
ڏنگ هنن ٿا ونگَ ورائي،
موت مارين مردانا.
لب لڏڻ جا آهن لالا،
ياڪ ياقوت يگانا،
بت بھاريون وتي سينگاريون،
سرو سھي سبحانا.
”مفتون“آکي خاطر تنھنجي،
دوست مٺا دل جانا،
سر مٿون مان ساجن سٺيا،
لوڪ سنڀن جا طعنا.
*

ڪافي (32)

جلوو ڪري جولان،
جهالر تنھنجي جهرمر لائي،
لوڏ لالڻ جي رنگ لايو.
جهومڪ تنھنجي جنگ مچائي،
ٻانھين هڻي ٿي ٻاڻ.

بولو بار رکي ٿو باري،
نٿ ڪري ٿي ناز ڏهاڙي،
سڳيون نيڻ نہ ساڻ.

تن تعويذن قيد ڪرايو،
لُڪڙي اسان جو عقل لٽايو،
ڪنڍي هڻي ٿي ڪان.

منڊيون ڪن ٿيون مرڪي مارا،
ويڙه ڪري ٿونانگ جان وارا،
هسي ڪيو حيران.

ڇلا ڇوھہ ڪرن ٿا قهري،
چوڙا چال چلين ٿا چهري،
منگلن ڪيو مستان.

ٻانھن رکين ڪيو مانتي مارو،
ڪنگڻ ڪيڙو ڪينڪي ٽارو،
بندڙن ڪيو بيران.

چوٽي ڦل سائين فڪر ڦٽايو،
رکڙين ڪو نہ رکيو ڪجهہ رايو،
دستين ڪيو ديوان.

چوٽي ڦُل سائين فڪر ڦٽايو،
رکڙين ڪو نہ رکيو ڪجهہ رايو،
دستين ڪيو ديوان.

ڪڙين سندا قوس ڪشائين،
گز گليلان کولي هنيائين،
”مفتون“ ٿيو نيشان.
*

ڪافي (33)

پرو پون ٿا پلپل يار، دوست اچي ڏيو ڪا دلداري.
آھہ اندر ۾ اور اوهان جي،
ڪر نہ پري تون پورهيت پنھنجي،
ٿي نہ ڌوٻڻ کون ڌار،
ڪول ڪجانءِ هيءَ تہ ويچاري.
نينھن نِڌر سان جنھن ڏينھن لاتئي،
پيچ پِرت جو پيارل پاتئي،
ڪين اچي ٿو قرار،
برھہ ڏئي وئي برسر باري.
ڇڏ سڄڻ تون جال جدائي،
ڪر ونھيل ڪا ورڻ جي وائي،
مل اچي منٺار،
ڪر نہ محب تون مون ي مياري.
صورت تنھنجي ساھہ سيباڻي،
صحبت سڄڻن دل کي ڀاڻي،
ڏيئي دلاسو دلدار،
مَن منھنجي جي لاھہ مونجهاري.
دلڙي ويچاري ڪري ٿي دانھون،
در ڌڻيءَ جي دمدم آهون،
شال چڱي ڪنھن وار،
ملندو مون سان هوت هزاري.
”مفتون“ آکي وو محب موچارا،
محبت تنھنجي ڪيڙا پسارا،
لھہ اچي ڪا سنڀار،
يار زور آور مڃ ڪا زاري.
*

ڪافي (34)

حسن تنھنجي ۾ هيڪاريون،
ساھہ سوين هن سڌاِڻا.
تنھنجي اچڻ لئہ ني وو ڏک جو ڏور ريم وو ميان،
راتيون ويھي مون گذاريون،
آءُ سڄڻ تون سياڻا.
يار جدائي ني وو جنھن ڏينھن ڪيڙءِ وو ميان،
مون کي وئين يار ماريون،
هاڻي نہ ڪر محب ماڻا.
دمدم ڏجانءِ ني وو دل منھنجيءَ کي وو ميان،
دوست اچي دلداريون،
هي تہ تنھنجي در وڪاڻا،
نازن نيڻن ني وو دوست دلبر جي وو ميان،
آڻي ڪيا هن چوڌاريون،
تَن منھنجي ۾ ٽڪاڻا.
آھہ مدامي ني وو ”مفتون“ وٽ ني وو ميان،
سونھن سھڻي کي سينگاريون،
شاديون ڪريان شڪرانا.

ڪافي (35)

اڄ اباڻي پار، منھنجا نيڻ نھارن رويون.

عيب اباڻن پٽ پوشاڪان،
پٽ سندا پنھنوار،
منجهہ ساڻيھہ وسن ٿيون سرتيون،
شال ڏئي آڌار،
جهالر جهومڪ ڪينڪي پايان،
سرتين جا سينگار،
کائن تنھنا لائن لوري،
سانگئيڙا سردار،
چاشني تنھنجي ڪين چکا ٿي،
ٻاجهہ ڀريا ٻڪرار،
”مفتون“ آهي سھڻل سائين،
مھر ڪري منٺار،
ڪينءَ عمر تون آنديون اسان کان،
لوڏين لاڏ منجهائون ٿا لويون.
هن نڌر کي وينديون ورتيون،
نينديون دور سنگت جا سويون.
ٻانھين تنھنجي باھہ ٿي ڀايان،
پائن هار سڱر جا پويون.
ميوا تنهجا جيءَ جي جهوري،
کائن کم لسي سان لويون.
کنڊ ۽ کير نہ وار رکان ٿي،
اچن کيٽ کنڀي جا کوهيون.
سِڪ تنھنجيءَ ۾ يار سدائين،
وڃ داغ دلين جا ڌويون.

*

ڪافي (36)

مـــحـــبــــن ســـاڻ مــــلائـــي،
مولا مون کي ملڪ ڪيچن جي.

وڇڙي ڏينھن ني وو ٿيڙا ميان لا، پنهل ڏي پھچائي،
سچا سگهڙو ساٿ سڄڻ جي.
ماندي آهيان محبن لئي ميان لا، روحن ۾ نہ رلائي،
پوان وڃي در ڌڻين جي.
گهوري گهوري وو وڃان ني ميان لا، جندڙي جان سڀائي،
مٿئون ذات جتن جي،
آيا سور ني وو سامھان ميان لا، مون کي لَڪ لنگهائي،
رکندين ڏنھن ڏکن جي.
موڳو ڪيڙو ني وو وڇوڙي ميان لا، ڇوريءَ کي م ڇٽائي،
سيد سھڻا پنڌ پٽن جي.
”مفتون“ چوي ني وو مھر مون ميان لا، راحم رب رسائي،
مون کي پار پرين جي.
*

ڪافي (37)

جڏهن يار نيڻن سان ڏٺو،
منڙو منھنجو موهي ڳڌائين،
مون کي ڪٺائين ناز سان،
سرندو وڄائي ساز سان،
پاڻھي پرين پياري اچي،
دل کي دلاسا ڪيترا،
مون کي هتي پرچائيو،
دلبر ڏنا آواز سان،

نيڻن نماڻن سنھيڙو،
ڪنھن قيد قسمت جي وٺي،
لاتو اچي توسان سڄڻ،
بلبل اڙايا باز سان.
ڀروان سڄڻ جون سوهڻيون،
محراب مسجد جا ڪڍيون،
عاشق ٿيندا تنھن ۾ آهن،
مشغول پنھنجي نماز سان.
اڌ رات جو آڻي سڄڻ،
ريھيو اچي ريبيو مون کي،
مون کي ننڊئون جاڳائيون،
راول مٺي ڪنھن راز سان.
”مفتون“ چوي محبت گهڻي،
عاشق ٿيندو منتهي،
محبن سندي آهي اندر،
پورو پنھنجي آغاز سان.

ڪافي (38)

ڏي تون اچي هت يار پيارا،
دل ڦٽيءَ کي ڪا دلداري.
جي لکان ٿي سوز اوهان جو،
قلم سڙي ٿو يار اسان جو،
تون تہ ڏي وئين محب مونجهاري.
جي ٻهان ٿي ٻھڻ نہ آوي،
جي سمھان ٿي سمھڻ نہ آوي،
پوءِ ڪري ڪيئن هيءَ ويچاري.
يار زور آور ڏاڍ ڪري وئين،
هن ڌوٻڻ کي ڌوڙ ڌري وئين،
ڪا نہ مڃين ٿو منت زاري.
ڪين جئان ٿي ڪين مران ٿي،
جهوريءَ تنھنجي منجهہ جهُران ٿي،
نار نيڻن جا آهن جاري.
بادل وانگي اکڙيون وسن ٿيون،
واٽان تنھنجون ويٺيون ڏسن ٿيون،
شال تہ پسنديون هوت هزاري.
”مفتون آکي عشق نہ لايو ٿي،
هي تہ اسان ڪاڻ مچ مچايو ٿي،
ماڻن تنھنجن آهيان ماري.
*

ڪافي (39)

مجني وانگي مست موالي،
حسن سڄڻ جي ڪيڙون مون کي.
سونھن سڄڻ جي نور نوراني،
منھنجي ليکي يوسف ثاني،
قد سڌو ٻي پاڪ پيشاني،
ملڪ حسن جو مالڪ والي.
حسن تنھنجو مان ڏٺڙو جاڪون،
ٻانھو ان جو ٿيڙس تاڪون،
چؤ پرين تون هاڻي ڇا کون،
ڏور وسين ٿو خود خيالي.
يار وڏو ڪو لاتڪ آهين،
ڪين غريبن ڏي ٿو واجهائين،
ڏاڍ ڪري مسڪين مارائين،
ڪيئن سکين تون يار هي چالي.

خواهش خوشيءَ سان هيءَ نماڻي،
در تنھنجي تي دوست وڪاڻي،
ٻانھن تنھنجن جي آهيان ٻانھي،
وار نہ تنھنجي ورھہ کون خالي.
رک پرين تون اسان ڏي رايو،
نيڻ کڻي مون ڏي واجهايو،
”مفتون“ آهي تنھنجو سڪايو،
سر تنھنجي جو دلبر سوالي.
*

ڪافي (40)

توڙي آهيان بدڪاري وو،
نيٺ پنهل تنھنجي موهي آهيان.
يار پرين جي ٿيندس اوطاقي،
وڃي منائيندس سڄڻ ساڳي،
وچ ڳچي گهت ڳاري وو.
درد دلبر جي دونھون دکائيندس،
راتيان ڏينھان سوز سڻائيندس،
زاري ڪري سؤ واري وو.
جنھن ڏينھن لاڪون اکڙيون اڙايم،
ڪري بسم ﷲ سر تي چايم،
بار برھہ جي باري وو.
در تنھنجي ۾ منهجا دلبر،
واھہ وهن ٿيون هنجون هر هر،
جيئن وهي ٿي بيگاري وو.
جوش تنھنجي ۾ منھنجا جاني،
”مفتون“ کي آهي ڏاڍي حيراني،
شال ڏيندين دلداري وو.
*

ڪافي (41)

تنھنجي برھہ بيرانڙي ڪئي ڪئي.
ڪاھہ ڪري ڪٺمال ٿي ڪڙڪا،
ايندي ويندي ڏيون دڙڪا،
گهڻگهڻ گهڻڪن گهنهگرو گبارا،
سِر عشاقن ڪرن ڌارا،
ڇيريون ڇلڪ ڏيون ٿيون ڇلڪا،
منڊيون منڊ پڙهن ٿيون ملڪا،
”مفتون“ آکي محبت آئي،
محب اسان سان ڪر ڀلائي،
بُندڙا ڀڙڪ ڏيون ٿا ڀڙڪا،
پرت پياري ساڻ پئي پئي.
پاڻ ڪرن ٿا پنڌڙا پسارا،
وائي تنن جي وَئي وَئي.
باهيون ڀرڪ ڏيونٿيون ڀرڪا،
قيد ڪيا تن ڪئي ڪئي.
يار اوهان ري ءَ وائي وڃائي،
لنَو لڏڻ تنھنجي لئي لئي.
*

ڪافي (42)

نانءِ ڌڻيءَ جي اچ دلدار،
هن مُٺيءَ جي مڃ ڪا زاري.

ڦٽ فراقن وڌڙم ڦوڙي،
ڏکڙن جي ڏهڪار،
زارون زار روئي ٿي ويچاري.

چشمن تنھنجن چاڪ چڪايم،
چوري تند تنوار،
برھہ ڏئي وئين دلبر باري.

سڪ تنھنجيءَ ۾ هن سڪيل کي،
ڪين سجهي ڪم ڪار،
روئي روئي مان رات گذاري.

کائن پيئڻ ڪين وڻي ٿو،
ساھہ سندا سينگار،
درد ونديءَ کي ڏي دلداري.

قادر ڪندو توسان ميلو،
شال چڱي ڪنھن وار،
صاحب ڪندو پاڻ ستاري.

”مفتون“ آکي آءُ تون جاني،
قدم قدم تون ڌار،
گهوري وڃان مان لک واري.

*

ڪافي (43)

آهي يار سڄڻ جي سِڪ ميان،
تنھنجي واٽ ڏسان ٿي ويٺي اَلا.

يار سندا ويٺي سير سنڀاريان،
راتيون انڌاريون ويٺي گذاريان،
نِت پرين ڏي پيو پڪاريان،
منھنجو يار اهو ئي هڪ ميان،
جنھن جي محبت من ۾ پيٺي اَلا.

عشق ڪيو مون آري آري،
رت اکين کون هاري هاري،
محبت ٿم وڌو ماري ماري،
کڻي نيڻن وهايم نَڪ ميان،
لڱ لعل ٿيا جئن ريٽي اَلا.

تون تہ اسان جو جانب جاني،
رمز سندي ڪييءَ ريل رواني،
دل کسي وئين دوست دراني،
جيئن مينھن سنديري جهڪ ميان،
سر عشاقن ليٽي الاَ.

”مفتون“ آهي مست اوهان جو،
ٻانھو ٻيلي در توهان جو،

دوست اوهان ڪيو ڪونھي پنھنجو،
ڇو روح ڪيو ٿي رُڪ ميان،

اچي چاڪ چشمن جا ڄيٺي الاَ.
*

ڪافي (44)

ويٺي نھاريان واٽ وو،
مسڪين سانگين ڏي.
ڪڪر ڪارا پارون اُترجي، ساڻ حڪومت پاڪ پرور جي،
آياڪري ڪڙڪاٽ.
وڏڦڙي ڪيا ڏاڍا وسڪا، ڦڙيءَ ڦڙيءَ تي ڦھڪون ڦھڪا،
ڇوهون ڇٽي پئي ڇاٽ.
ميئ ميڪائيل جو امر جو ٿيڙو، جنھن جھڙن کي ڪٺو جو ڪيڙو،
لسي لئي ڪِري لاٽ.
کنڀيون خوب کليون ٿي پٽن تي، نڪتيون سبزيون صاف ڀٽن تي،
گاهن ڪيڙا گهاٽ.
مھريون تنھنجون موت ٿي ڄاڻان، ميڍا تنھنجا مول نہ مليندس،
ڀلا ڀايان ٻاٽ.
پت پٽيھر ڪين پھريندس، تيل ڦليل لڱين نہ مليندس،
وڃي مليندس ماٽ.
دلڙي منھنجي ويٺي ساري، مٺڙا مارو روز پڪاري،
ڀريون ڳوڙهن ڳاٽ.
”مفتون“ جن لئي ڦاران وجهايم، پير ڀري هت پاڻھي آيم،
سرها ٿيڙم ساٺ.
*

ڪافي (45)

تنھنجي صورت گل گلاب چوان،
يا ملڪ سندو مھتاب چوان.
تنھنجي منھن مٺي کي ماھہ چوان،
يا حسن سندو بادشاھہ چوان،
يا مظھر نور الاھہ چوان،
يا مسجد جو محراب چوان.
تنھنجي لعل لبن کي لال چوان،
يا عقيق يمن جي مثال چوان،
يا کنڊ چوان يا منڊ چوان،
يا سرخ سونھارا عناب چوان.
تنھنجي قد سڌي کي ڪا نہ چوان،
يا بيشڪ الف ايران چوان،
يا سرو سھي جو نشان چوان،
يا طوطي وَن جي حساب چوان.
دل ”مفتون“جي مست چوان،
يا مست سو روز الست چوان،
يا باز برھہ جي دوست چوان،
ياشوق تنھنجي ۾ ڪتاب چوان.
*

ڪافي (46)

ساعت ساعت ۾ ساھہ سڪيل کي،
پور پرين جا پيش پون ٿا!
تير تکيرا ناز سنديرا،
دوست ڪرن ٿا دل ۾ ديرا،
چاڪ چشمن جا روز چڪن ٿا.
ڪو نہ ملڻ ڪيو محب تو مون سان،
تنھنجي اچڻ لئي باسيم باسان،
درد سندا ڪي دود دکن ٿا.
عشق اچي ڪيون مون سان اوران،
يار ڍولڻ لئي ڏوريم ڏوران،
راز رانول جا روح ريھن ٿا.
مرڪ مٺيءَ سان ماري وڌو ٿي،
ڪڙي ڪڙن سان مُلِھہ ڳڌو ٿي،
ماڻا محبن جا مست ڪرن ٿا.
عشق سنديرا النبا اولا،
ڪاهي اچن ٿا ٽولا ٽولا،
داغ دلين تي دوست ڌرين ٿا.
”مفتون“آکي برھہ جا ڀڙڪيا،
ڪن ڪڪرن جان ڪڙڪيو ڪڙڪا،
منھنجي مٿاهون يار ڦرن ٿا.
*

ڪافي (47)

ڏير ڏئي مُئيءَ کي ڏهاڳ،
ڄام ويا چانگي تي چاڙهي.

وڻ چڙهي واڪا ڪري،
وس نہ ويچاريءَ جو،
پنھنجي ونھل کي ڪامڻي،
اها ڳالھہ هي رب کي وڻَي،
سر پنھنجو توڙي ڦاڙي.

هيئن نہ ڄاتم هيتري،
پر هيا دل جا دورنگا،
مان کون جدائي جَت ڪندا،
منھن مٺا اندر کُنڊا،

ويا لڪن ڏي ڄام لاڙي.

موڙ تون واڳان وطن تي،
لھہ اچي ڪا، ڪل منھنجي،
ولھيءَ جا ولھا وري،
نا تہ ويندس آءُ مري،

هي وڌي سورن جا ساڙي،

ڏيھہ جا ڏونگر ٻجهن ٿا،
رِڇ رليا ڀولا وِڇون،
بر بلايون بيشمار،
واسينگ ڪيھر قربدار،
ٻيا وجهن چيتا چيٿاڙي.

هوت آهيان هيڪلي،
پير پاهڻ ڦوڪڻاڪيا،
ٻيو ڪو نہ ساٿي نامبر،
پيا سڙن ٿا منجهہ ڪَلر،
هيءَ هلي پيرين اگهاڙي.
ڪوھہ سرڪو ڪا نہ ڪيان ٿي،
آءُ پنهل تون ڄام اوري،
ڀان پوندن شال ڪني ڪَنين،
مان پيس تنھنجي پني پنين،
هي وڌي پنڌن اجاڙي.
دل توکي دلبر سنڀاري،
ڪا نہ اٿس ٻي هير حجت،
هن ”مفتون“ جي مدام،
آءُ غلامن جو غلام،
وڃ پرين، تون قول پاڙي.
*

ڪافي (48)

محب ڪري مھرباني،
آءُ اڱڻ تون پيارا.
ڏينھن گهڻيرا تو بن گهاريم وو،
پلپل توکي يار سنڀاريم وو،
ساڳي آهيان تنھنجي ٻانھي.
سور اوهان جي ساھہ سِڌايو وو،
جوش جدائي جيءُ جلايو وو،
ڪيڙو فراقن فاني.
مولا اسان کي محب ملائيندو وو،
چارؤن اڪري واھہ وِڃائندو وو،
شال وڇوڙي جي باني.
پنڌ پٽن جا راتيون انڌاريون وو،
بر بلايون ڏين ڏيکاريوم وو،
اور تنھنجي ٿم سيباڻي.
کاڌم پيتم ڪين ڳالھايم وو،
پاسو پلگي تي مول نہ لايم وو،
جهوري تنھنجي هم جاني.
”مفتون“ آکي درد وندي جي وو،
ڪل اچي لھہ هن بندي جي وو،
پرت نہ ڪر تون پراڻي.
*

ڪافي (49)

اهي زلف جڏهن تہ ڳنڌائين ٿو،
سوين ڇٽل يار ٻڌائين ٿو.
نيڻ کڻي ٿو يار نھارين،
مردا ساڻ نظر جي اُٿارين،
عاشق اتي اوکا اڙايئي،
قيد زلف ۾ آڻي وجهايئي ،
حال توهان کي يار ڏسيندس،
در توهان جو ڪين ڇڏيندس،
ڪُٺڙا عاشق ڪيئي جيارين،
اهي ٿورا يار رون لائين ٿو.
ڦند ڦڪر سان ڦيري ڦاسايئي،
ڪي پور ڪڍڻ جا پائين ٿو.
سور سڀوئي توکي سليندس،
هن ”مفتون“ کي ڇا ڀانئين ٿو.
*

ڪافي (50)

پنهجي جانب جا جنسار وو،
مان روز پسان ٿي.
دڙڪا سڄڻ جا آهن دلاسا،
منھنجي جي گهنڊي گلزار وو،
مان تہ واس وٺان ٿي.
ٻانھن لوڏڻ سان موهيو ٿي من کي،
هار ڪري سينگار وو،
مان تہ ڏسي هسان ٿي.
ڳالھہ ٿوريءَ تي يار رسين ٿو،
توڙي رکين بار وو،
مان ڪين نہ رُسان ٿي.
”مفتون“ آکي در تنھنجي تي،
خادم خدمتگار وو،
مان تہ نت وسان ٿي.
*

ڪافي (51)

در تنھنجي کان دلبر يار،
قيامت تائين منھن نہ مٽائيندس.
ٿورا تنھنجا سر اسان جي آهن سؤ تہ هزار،
ڳُڻ تنهجا مان ڙي ڪھڙا ڳائيندس.
ڪين ڇڏيندس عشق اوهان جو برھہ تنھنجي جا بار،
سر اکين تي مان چميون چائيندس.
ريءَ اوهان جي سھڻل سائين ساڙيان هار سينگار،
ميندي هٿن تي مول نہ لائيندس.
تنھنجي ملڻ ريءَ هن سڪيل کي اچي ڪين قرار،
ڦاران تولئي يار وجهائيندس.
عشق تنھنجي مون کي ڪيڙو اهنجو محب مٺا منٺار،
روئي توکي آءٌ پاڻ ريجهائيندس.
ڏينھان راتيان سوز تنھنجي ۾ روئي زارون زار،
واها وَڪڙا يار وهائيندس.
”مفتون“ آکي نيڻن منھنجي ڪيڙا مينگهہ ملھار،
وِرھہ تنھنجي ۾ آءُ دوست وسائيندس.
*

ڪافي (52)

لنوَ وئين تون مون سان لايون،
نينھن نہ ويڙين توڙ نڀايون.
راضي اسان تي شال تون ٿيندين،
اڱڻ اسان جي دمدم ايندين،
ڏکڙا اندر جا ويندين وڃايون.
اکڙيون اڙائي دلڙي کسين ٿو،
حال اسان جا ڪين ڏسي ٿو،
تون تہ ڪرين ٿو يار وڏايون.
ڄار وجهي اسان جي دلڙي ڦاساييءِ،
واٽ ويندي کڻي اولي اڙاييءِ،
بت اسان جي ۾ ٻاريون ٿي باهيون.
يار ”مفتون“ آهي تنھنجو ٻانھو،
درد تنھنجي ۾ دوس ديوانو،
ڇڏ پرين تون رسڻ جون وايون.
*

ڪافي (53)

اڄ پرين ايندا اسان ڏي شل وري،
جن پرين لئي آءُ گهمان ٿي هت چَري.
اچ پرين تا گڏ گذاريون ڏينھڙا،
نہ تہ توهان ريءَ محب ويندس مان مري.
دوست جو ديدار درسن مون ڏٺو،
بت بيھاريو، نيڻ مُئيءَ جا پيا ٺري.
من اندر محبت جا مچڙا ٻيا ٻرن،
خلق ۾ ڪا جي ٿئي ظاهر ذري.
درد جا دل جي اندر دونھان دُکن،
ساھہ صدقي ٿي ڪريان ٻي هيءَ سرِي.
محب ”مفتون“ جا مڙئي ڦٽڙا ڇٽا،
تون جڏهن آئين اسان جي گهر گهِري.
*

ڪافي (54)

آءُ دلبر منھنجي ديري،
ڪو نہ جڙيل تون جدائي.

روئي روئي حال وڃايم،
ڏس تون سڄڻ ديد ڦيري،
خوش هوند شال سدائي.

عشق تنھنجي جو تير تکيرو،
اچي لڳو منجهہ لڳو جيري،
ڪر ڪا اچڻ جي ڀلائي.

اکيون اوهان جون خنجر خوني،
هوت وڌيون تو هيري،
مون سان ڪن ٿيون روز لڙائي.

”مفتون“ آهي تولئي اداسي،
آءُ سڄڻ تون سويري،
ڪرن نہ وَهيل وڏائي.
*

ڪافي (55)

عشق اڱڻ مون آيو وو ميان،
مچ اندر ۾ مچايو وو ميان.
پرين پياري يار اسان سان،
ڪو نہ ڪو نينھڙو نڀايو وو ميان.
بت اسان جو باغ جو ٿيڙو،
پرين پاڻ پسايو وو ميان.
خاوند خاص ڪرم کؤن پنھنجي،
محب اسان کي ملايو وو ميان.
برھہ ڀورل جو بيحد باري،
سيني اسان جي سمايو وو ميان.
باھہ برھہ جي بيشڪ ڀڙڪي،
جان جُثي کي جلايو وو ميان،
چشم توهان جي چاڪ چڪايم،
چاڪ اسان جا ڇٽايو وو ميان.
سڪندي اسان کي سال لنگهي ويا،
واڳ اسان ڏي ورايو وو ميان.
”مفتون“ آکي هو محب اڻانگو،
محبت تنھنجي مٽايو وو ميان.
*

ڪافي (56)

آهيان جن لئي جوڳياڻي،
اَڻ الاهي تون انھن کي.
رات انڌاري ني وو پنڌ پٽن جا،
ڪين لڀي ان پاڻي-
سور سليان ٿي سڄڻ کي.
آءُ تہ پورهيت وي پار پرين جي وو،
آءُ تہ آهيان عيبن هاڻي-
ننگ منھنجو ٿي ڌڻين تي.
من مستانو وو منھنجو ٿيڙو ميان،
سونھن سڄڻ جي سڃاڻي-
ڳولي لڌو اٿم پرين کي.
”مفتون“ آکي ني وو يار پيارا،
سڪ تنھنجي ٿم سيباڻي-
شال ڪٽيندين غمن کي.
*

ڪافي (57)

جيءَ ۾ جار وجهي ويو جت ڙي جيڏيون!
آءَ ڪينءَڪيان هت کيج خوشيون.
يار ٻاروچل ٻاجهہ ڪندو مون،
برھہ ڀڳو ٿم بت ڙي جيڏيون!
ڪينءَڇڏينديس سور سڄڻ جو،
مول نہ ڏيو مون کي مت ڙي جيڏيون!
ڏينھن لنگهن مون ڏک ڏوريندي،
راتيون روئندي رت ڙي جيڏيون!
”مفتون“ آکي عشق عجيبن،
شال مون نيندس هت ڙي جيڏيون!
*

ڪافي (58)

لنوَ تہ لڏڻ يار لاتي،
ساھہ سڄڻ کي سنڀاري.
محبت تنھنجي محب موچارا، ڳل ڳچيءَ جي مون پاتي،
سون جان ساري سنواري.
دوست در آ يار يگانو، هنيون لھي ٿو حياتي،
سونھن جڏهن ٿو سينگاري.
اصل لاڪون منھنجي اندر ۾، عشق آهي اثباتي،
هنيون هنجون ٿو هاري.
منھنجي اڱڻ ۾ ساجهر آئي- تو جو پاتي يار جهاتي،
صبر وٺي وئين تون ساري.
”مفتون“ محب تنھنجي ملڻ لئي، سنجهہ صبح پرڀاتي،
ڪانگ ويٺو ٿو اُڏاري.
*

ڪافي (59)

روئي گذاريم رات مٺن مارن ريءَ،
سکين سانگين ريءِ!
پاڪ پلڪ ۾ منھنجي اندر ۾،
اچي پون اوقات-...........
دل ڪري ٿي دمدم دانھون،
نيڻ ڪرن برسات-...........
ننڊ منجهائون پل پل جاڳي،
آهون ڪريان اڌ رات-...........
ڏيھہ اباڻو ويٺي ساريان،
وائي نہ ٻي ٿم وات-...........
ويس وڳا سڀ تنھنجا ڀايان،
سورن جي سوغات-...........
طول وهاڻا ڪين وڻن ٿا،
رڳئي باھہ بسنات-...........
پنهجي پکن تؤ گهوري گهمايان،
ماڙيون مڙئي محلات-...........
”مفتون“ جي سچ ڪري ڄاڻين،
ٻول نہ ٻي ڪا لات-...........
*

ڪافي (60)

ڪيچين مُئيءَ جو ڪانڌڙي، ڀلو ميان نيڙوروز زبر سان.
آءُ ٻاروچل ٻاجهہ مؤن لا،
اوچتي منھنجو اڙيو وڃي لا،
ووڙ وندريءَ ناهي مون لا،
اديون اُجهيم ڪينڪي لا،
”مفتون“ کي آهي محب ريءَ لا،
موک باندياڻي جي باند ڙي،
ساڻ پنھل جي پاندڙي.
وار کنھڻ جي واندڙي.
ريءَ رانول جي راندڙي.
سورن جي بہ سھاندڙي.
*

ڪافي (61)

عشق سبق ڏنو صحيحون صحيحون،
وايون سڀ وسري ويڙيون،
اڻتڻ تنھنجي ٻيون سڀ ڳالھيون،
اسان جي اندر کون کنيون کنيون.
فوجان باري برھہ جون چڙهيون،
ڏورئون ڏسان رويون رويون.
چشمن تنھنجن ڪهڻ ڪٽاريون،
هينئڙي اسان جي هنيون هنيون،
آءُ تہ ويٺو هان يار جي ٻاجهؤن،
سور اندر ۾ سھيون سھيون.
”مفتون “ جا منجهہ سڪ سڄڻن جي،
نيڻ وهن جئن نيون نيون.
*

ڪافي (62)

رُوهن جو رُح رلاپ، آھہ رجيل اصلئون لوح ليکيائون.
قادر ڪر مون ڪندو ني ميان لا،
محبن ساڻ ملاپ.
شال سٻاجهو سڻندو ني ميان لا،
هن اڙيل جو آلاپ.
رهندس ڪينڪي وو ڪندس ني ميان لا،
رڻن جو تہ رهاپ.
مولا شال ميٽيندو ني ميان لا،
ويچاريءَ جو وِلاپ.
”مفتون“ ڪيڙو ني وو محبن لئي ميان لا،
سُهمن جو تہ سھاپ.
*

ڪافي (63)

تون بنا روئيندي گذاريم راتڙي، پورن ۾ پرڀاتڙي.
جسم تنھنجي چاڪ چوريم چاڪ تي،
ريءَ طلب تنھنجي نہ مون کي تانڙي.
عشقن جي اَلنبن جلايم جان کي،
ناز نيڻن جو ڪٺو ٿم ڪاتڙي.
بت اسان جو ٿيڙو باغ ني،
تو پرين پاتي اسان ڏي جهاتڙي.
برھہ جي پيڙن ڇڏيو ٿم ڪينڪي،
ڪا لڏڻ توريءَ نہ ناتڙي.
ڪانہ ٿي ”مفتون“ کي سھڻل سدا،
تو بنان وائي وچولي واتري.
*

ڪافي (64)

ڏيرن ڏسي واجهہ، مٺل مئي کون موڙي نيائون.
ساري سنڀاري سڄڻن کي ميان لا،
هن مُٺي جو مزاج.
هن ڪميڻي کي گهرجي ميان لا،
ٻاروچل جي ٻاجهہ.
سرور سيد ڪندو ني ميان لا،
هن اڙيل جو علاجُ.
پنڌ پرين ڏي وو آهي ني ميان لا،
”مفتون“ کي معراج.
*

ڪافي (65)

مون کان ڪانڌ ڪھي ويو ڪالھہ ڙي،
آئون تہ ڪوٽ ڇڏيندس ڪاڪ جا.
ڇا ڪندا ريءَ مينڌري لا ميان،
هن مٽيءَجا مال ڙي.
ڏُک ڏئي ويو ڏاج ۾ ميان،
جان جگر ۾ جال ڙي.
هن سڪيل کي سڪ ۾ ميان،
سال لنگهيا هن سال ڙي.
مھر منجهائون مينڌرو ميان،
پاڻ ڀلائيندم ڀال ڙي.
”مفتون“ تو ريءَ يار پيارل ميان،
مست گهمي ٿو متوال ڙي.
*

ڪافي (66)

روھہ رَلا وو ڏهاڳ،
ڏمر ڏنائون ڏيپ ڏکيءَ کي.
رلڻ روھہ تي رنجيل کي ميان لا،
لوح لکيو هوس لاڳِ.
هار ڏنائونس وو هنجن جو ميان لا،
مُٺي مشڪ مساڳ.
ٻگهڻ ٻاروچلويڙو ميان لا،
دل ۾ لايون آڳ.
”مفتون“ موهيل چوي ني ميان لا،
والي ورائيندم واڳ.
*

ڪافي (67)

ڀرت پرت پيالا پيارج پيارا،
تنھنجي برھہ ڪيا هن گهڻيرا پسارا.
اصل کون تہ توهان جو تہ گولو،
بيراڳي فراقي آهيان دوست ڌاران.
تنھنجي حُسن جي ناهي نرمل نھايت،
ڪرن سجدا ٿا چنڊ سورج ستارا.
جنھن ڏينھن لاڪون سڄڻ ڏور ٿيڙي،
توهان جي اچڻ لاءِ وجهايان ٿي ڦاران.
ڏنيئي عشق پنھنجي جو آزار مون کي،
تنھنجا سور سيني سھايم سارا.
آهي محب ”مفتون“ تو لئي بيراڳي،
اچي مھر ڪر مون تي محب موچارا.
*

ڪافي (68)

آھہ پرين جي آس، منھنجو اندر اُداس- ڪڏهن محب تون ملندين.
سال گهڻيرا سِڪ تولئي،
ويھڻ ويــلــيــاس-
ڪڏهن محب تون ملندين.

تنھنجي عشق اتاريو،
منھنجي لڱن جو لباس-
ڪڏهن محب تون ملندين.

دوست دلاسو نہ مڪو،
سوين خط لکياس-
ڪڏهن محب تون ملندين.

”مفتون“ کي آهي من ۾،
تنھنجي تڪڻ جي تاس-
ڪڏهن محب ملندين.
*

ڪافي (69)

عمر اباڻين ملاءِ هن سڪيل کي،
باند ڪئي ٿئي ناحق باندي.
ويڙھہ وڃڻ جو ڏي تون اشارو،
ٿورڙو مون سو لاءِ....
ڊڄ تون ڌڻيءَ کان عمر سياڻا،
اهڙا ڪرم نہ ڪماءِ....
پنھنجي پکن ڪاڻ پير ٿي سويان،
ڪاڻ نہ ڪوٺن آءِ...
ملڪ مارن جي مينھن اُٺا ٿي،
گاهن گل ڪياءِ...
هن تہ نڌر سان سرندي وارا،
سينو ڪينڪي ساءِ...
”مفتون“ آکي محب موچارا،
واڳ اسان ڏي وَراءِ...
*

ڪافي (70)

لڳي ٿم تو سندي لوري،
ڪيو ٿم محب مستانو.
ديد دلبر جي ني وو دود دکايو ميان،
لڳو ٿم برھہ ڀرپوري.
راتيان ڏينھان ني وو دلبر منھنجا وو ميان،
تنھنجي تہ جهڄڻ جهوري.
عشق اوهان جو ني وو آتش اولي وو ميان،
مچائي ٿيس کڻ کوري.
”مفتون“ آکي ني وو يار پيارا وو ميان،
کسيءَ دلڙي منھنجي زور ري.
*

ڪافي (71)

منڊن ماري منڊ، مان کي سڄڻ موهيو.
سُندر لائي سينڌ چٽائي،
سرخي لائي چپن جي،
ڪنگڻ پائي ٻانھن لڏائي،
پرين اسان کي پاڻ پسايو،
ڏسي هار سينگار سڄڻ جو،
اسان تو شل گڏ هونداسي،
يار ”مفتون“ کؤن منجهہ اندرجي،
قابو ڪيئي جنِد.
شڪي ڪيائين کنڊ.
ڪيري وڌائين چنڊ.
منھنؤن لاهي گهنڊ.
ويئي وسري ننڊ.
ورھہ وچان ڪري ننڊ،
مور نہ رک تون کُنڊ.

*

ڪافي (72)

نينھن وڌو ٿم نھوڙي،
دوست ڪيو ٿم ديوانو.
مُحبَت تنھنجي ني وو من منھنجي کي ميان،
ونگ وڌا هن وڪوڙي.
دلڙي منھنجي ۾ وو دلبر ڏنڙا ني ميان،
عشق سندا کنا کوڙي.
برھہ جي ٻاجهون ني وو خيال مڙئي وو ميان،
آءُ ڇڏيان ڇني ڇوڙي.
قادر ڪرمؤن ني وو شال ڪندو ميان،
واڳ مٺل سندي موڙي.
”مفتون“ آکي ني وو تنھنجي ملڻ جو وو ميان،
رب سبب کڻي جوڙي.
*

ڪافي (73)

موٽ مٺا لھہ تون سڪاين سنڀار،
ڏي تون دلاسا اَلو هينئڙي کي يار.
محب ملڻ لئي مشتاق مون،
واتِ اٿم پرين پسڻ جي پچار.
نيڻ منھنجا ننڊ ڪرن ڪينڪي،
لنوَ لڏڻ جي لڳڙي ٿم لغار،
ياد ڪيان يار جون ڳالھيون سدا،
وائي ونھيل جي ڪيان ٿي يار.
ناز نيڻن جا آهن نت نت نوان،
پياسي ويچارا تہ وڃن ڪھڙي پار.
دلڙي اڳي درد وڌي ٿم دِڳي،
تير تکيرا نہ اسان تي اُلار.
”مفتون“ ڏي ڏس محب تون مرڪي،
ڏک منھنجا ڏور ٿين بت بھار.
*

ڪافي (74)

مان کي ڪو نہ گمان ڙي
هتڙؤ هوت هڻي ويا.
ور ووڙيندس پانھنجو،
ڏک ڏوريندي ڏونگري،
ڏيرن ڏاڍائي ڪري،
ڪرهل ڪيچ ڪڙي ويا،
”مفتون“ محب مٺل جو،
مولا ملائيندم مان ڙي.
پسندس شال پريان ڙي .
ڪيڙا اُٺ پلاڻ ڙي.
جاڳي جت جوان ڙي.
ووڙي لهج وٿاڻ ڙي.

*

ڪافي (75)

ادا قاصد وڃج وُوڙي،
نياپا پرينئي ڏجان جوڙي.
هن نڌر کي وڌڙئي دلبر،
لٽي اسان جي دلڙي زوري،
وجهي عاشق خام خلل ۾،
ڪاڻ ڦاسائڻ دل عُشاقن،
”مفتون“ آکي هوش ويچارن،
نينھن پنھنجي سان نھوڙي.
منھن هاڻي ڇو ٿو موڙي.
پاڻ ويٺو عيش اوڙي.
زلف ڇڏيا يار ڇوڙي.
تو تہ وڌو يار ٻوڙي.
*

ڪافي (76)

آهيان پرينءِ لئہ پياسي،
تنھنجي اچڻ لئي اداسي.
دام وڌا ٿي ني وو زلفن وارا وو،
آءُ تہ پيس يار ڦاسي.
لعل لبن تي ني وو گهوري گهمايان،
جيءُ جثُو، جان خاصي.
خواهش خوشي سان ني وو آءُ اسان وٽ ميان،
آهيان تو لئہ سنياسي.
قرب ”مفتون“ سان ني وو ڪر تون ڪوهيارل،
ڳالھہ چوان ٿي خلاصي.
*

ڪافي (77)

آهي منجهہ سرير اڪير اباڻن،
آهيان انھن جي مان سڃاڻين.
هنجون هاريان ويٺي ساريان،
پنھنجو ملڪ ملھير.
ڪاڻ مارن جي منھنجي من ۾،
چاڪ چڪن ٿا چير.
ڪاڻ ڪنھن جي ڪين رکن ٿا،
منھنجا مارون مير.
ڏيھہ جا ڏورا ڏاڙهون ڀايان،
طعام تہ تنھنجا تير.
مَٽ متيرن ڪين ڪيان ٿي،
تنھنجا انب انجير.
منهجا سانگي خوش وسن ٿا،
کاڄ کنڀيون ٿن کير.
سُک سانگين جا روز سنڀاريان،
نيڻن وهايا نير.
”مفتون“ آهي محب لئہ ماندو،
آس پڄائج پير.
*

ڪافي (78)

والن سان بہ ورونھن،
منھنجي روز ازل کؤن.

لائق لَڪ لنگهي ويا،
دکن ٿا تہ قلوب ۾،
پاهڻ پير پِٿون ڪيا،
ورندس ڪينڪي واٽ تؤن،
ڏسندس شال اکين سان،
”مفتون“ کي سدا محب ڪي،
ساٿ کڻي ۾ صبوح.
درد سنديرا دونھن.
سور وڃايم سونھن.
رڻ ڏسي ڪي روھہ.
ڪيچ سنديرا ڪوھہ.
ريجهہ آهي منجهہ روح.

*

ڪافي (79)

فوجان حسن جون چڙهيون چڙهيون،
سرِ عشاقن آڻي امالڪ.
جيڪي هيڙون دليون ويچاريون،
سڀ پيون هن ڦڙهيون ڦڙهيون.
سِڪ سمنڊ جان يار سدائي،
درس هڻي ٿي ڌڙيون ڌڙهيون.
در ڌڻيءَ کان سرنديءَ وارا،
مار نہ مون کي ڇڙهيون ڇڙهيون.
ڪين سھان ٿي بار وڇوڙو،
ويھہ مون سان ڪي گهڙيون گهڙيون.
يار ”مفتون“ سان مرڪي اَلايو،
اَسان تو ۾ اٿم گهڻيون گهڻيون.
*

ڪافي (80)

برھہ ڪري ڪي ڪسي باتيون،
منڙو اسان جو موهي ڳڌو.
چشم توهان جي هن چريءَ کي،
چڻنگان ڏنيون ڪي چواتيون.
شوق منجهارون خاطر تنھنجي،
ويھي گذاريم راتيون.
تابش تنھنجي آءُ تہ ويٺو هان،
مُحب مٺل يار چاتيون.
دلڙي اڙايم يار اوهان سان،
عشق پُڇي نٿو ذاتيون.
برھہ جي بازار ۾ عاشق گهمن ٿا،
سِر تريءَ تي چاتيون.
مچ محبت جي ۾ مرد اچن ٿا،
سِر مٿؤن سانگ لاٿون.
”مفتون“ ويچاري کي مست ڪري وئين،
لنوَ لُڏڻ يار لاتيون.
*

ڪافي (81)

ڏونگر ويندس ڏوري ڙي جيڏيون،
پسندس شال پنھل کي.
ڏسندس شال ني وو جتن کي ميان لا،
واٽ وندر جي ووڙي.
راتيون انڌاريون ني پنھل لئي ميان لا،
پير وجهان ٿي ڦوڙي.
کائڻ پيئڻ ني وو ڪين سجهي ميان لا،
لنَو وڌو ٿم لوڙهي.
”مفتون“ محب اڳيون دمدم ني ميان لا،
هٿ کنيون ٿو لوڙي.
*

ڪافي (82)

ڏاڍي ڪئي آھہ ڏيرن ڙي ڀينر،
هيڻي هوت هڻي ويَا.
پرين پاڻيھي نہ هو وڃڻو ميان لا،
جاڙ ڪئي آھہ جتن.
آءُ نہ سياڻي وو سيرن ميان لا،
پاهڻ پير ڦسن.
ڪر هيل ڪاهي ڪيچ ڏي ميان لا،
ٻيڙيا ٻاروچن.
اٺن جهوڪان وو ڪيچ ميان لا،
ٻڌي جهور جتن.
”مفتون“ موهيل محبن جو ميان لا،
مٺڙا مانَ ملن.
*

ڪافي (83)

طلب تنھنجي سندي تار تار،
تن منھنجي ۾ تنواري.
سر اسان جي ني وو آڻي جهليان وو،
برھہ سندا بار بار.
ميخان محبت جون وو جيءَ ۾ جڙيون وو،
ناهي وٿي وار وار.
روز توهان لئي ني وو واھہ وهن ٿا وو،
نيڻن سندا نار نار.
خنجر خوني وو چشمن ڪيڙو وو،
ڌڙ سسي ڌار ڌار.
”مفتون“ آکي ني وو آھہ اصل کون ني وو،
پرين سندي مون پچار.
*

ڪافي (84)

ديد پنھنجيءَکي ڏيکاري،
محب ڪيو مستانو.
رمزان لائي ني وو روز اسان نو وو،
دل منھنجي اسان نو وو،
دمدم توکي ني وو يار پيارل وو،
ساھہ منھنجو ٿو سنڀاري.
ساھہ صدقي ني وو سر تنھنجي تئون،
يار ڪيان لک واري.
شمس قمر ٻئي ني وو شڪي ٿيڙا وو،
سونھن جڏهن سينگاري.
نازن تنھنجن وو ڪيڙو مستانو وو،
ٻانھان کڻي ٿو اُلاري.
”مفتون“ آکي ني وو محبت تنھنجي،
منھنجي اندر ٿي تنواري.
*

ڪافي (85)

دلڙي لٽي ريءَ ڌاڙي،
محب اسان غريبن جي.
وعدو ملڻ جو يار جو ڪيڙو،
قول پنھنجا شل پاڙي...
دلڙي اسان جي کي دوست جو ڏنڙو،
چشم سندي چوڪ چاڙهي....
اڱڻ اسان جي يار سڄڻ کي،
آڻي الاھہ شل ڙي...
ريءَ توهان جي جانب جاني،
سينڌ سرمان وجهان سڀ ساڙي...
”مفتون“ آکي آءُ او ڪوهيارل،
ڏک ڏمر وڃ اُجاڙي...
*

ڪافي (86)

آءُ دلبر تون منھنجي ويڙهي،
تنھنجو وڇوڙو مان ڪين سھان ٿي.
تون تہ ڪرين ٿو بيپراهيون،
لائق تو لئي مان هت لوهان ٿي،
دوست اوهان جي منھن ڏسڻ لئي،
واٽ وٺي تنھنجي يار ويھان ٿي.
جاڳ ۾ توکي ويٺي سنڀاريان،
ننڊ ۾ تنھنجا خواب لھان ٿي.
اچ اسان وٽ ٿورو لائي،
ڏور نہ توکي مان يار سھان ٿي.
”مفتون“ چوي ٿو ريءَ سڄڻ جي،
وار نہ هڪڙو پوءِ رهان ٿي.
*

ڪافي (87)

ڪجلي ڪنڍل جون وتن ڪڪوري،
خيال رکن ٿيون خون.
هر مظھر ۾ پاڻ پسايو،
بي مظھر بيچون.
ابرو آهن سھڻل ساڳي،
نيڻ مٿاهون نون.
جانب جھڙو ساري جڳ ۾،
ڪاٿي ڏسان ٿي ڪون.
نياز نزاڪت سُونھن سلامت،
هر طرح هر گون.
رنگ سڄڻ جو روز ڏسان ٿي،
سرس سوايو سون.
محبت تنھنجي جن کي آهي،
ڳل سندو ڪيتون.
طعنا تنڪا لوڪ سڄي جا،
پاڻيءَ منجهہ پروڻ.
ساڻ رمزن جي يار ريجهائي،
موهيو ٿوَ ”مفتون“.
*

ڪافي (88)

منھنجي دلڙي وئين تون ڌتاريون،
پوءِ نہ لڌڙءِ سنڀارون.
صدقي ڪيان مان سر تنھنجي تؤن وو،
باغ بنگلا محل ماڙيون.
زور زبر سان خون ڪرن ٿيون وو،
ڀروان سڄڻ تنھنجيون جاڙيون.
منھنجي اميد تہ آهي اهائي وو،
توکي ڏسان پئي ڏهاڙيون.
”مفتون“ آهي تو لئي ماندو وو،
ڏيس اچي دلداريون.
*

ڪافي (89)

دوست وڌءِ دام دام،
دل منھنجيءَ کي ڌتاري.
ساقي سياڻي وو سڪ جو ڏنڙو وو،
جود منجهؤن جام جام.
صبح اسان جي ني وو ساجن ڪيڙو ميان،
شوق تنھنجي شام شام.
لَنو اوهان جي ني وو روح کون لاٿا وو،
خيال خلل خام خام.
هول هجر کون ني وو آڻي لڪان هان وو،
آءُ تہ تنھنجي سام سام.
مچ محبت ۾ ني وو آءٌ گهِريو هان وو،
گهور ڪري گام گام.
ڏک ڏکيل ني وو سر جو آيا وي،
هونگ هڻي هام هام.
”مفتون“ آکي ني وو منھنجي مٿاهون،
لنوَ ٻڌي لام لام.
*

ڪافي (90)

ڀلا جيڏيون جياري آهيان،
سھڻي جي سلامن.
سارو سوراندر جو،
ڪنھن کي ڪين سڻايان،
ڇوڙيان ڪن ڇُڙي ٿي،
دردوندا تنھنجي درد ۾،
آءُ تہ پرچون پاڻ ۾،
”مفتون“ آهي مون پرين،
اوريان ڪينڪي عامن.
جيڪا مونجهہ منھنجي من.
دوست وڌي دل دامَنِ.
کوريءَ منجهہ ٿا کامَنِ.
لاهي رنج رُسامَنِ.
گولو تنھنجي غلامن.
*

ڪافي (91)

سھسين ساھہ سڪايا هي وھہ واھہ!
سھڻي هار سينگار سڄڻ دي.
بينا بئنسر جبين تي چمڪي،
سورج ويک تنھين ڪون ڌمڪي،
بجلي وانگي ڏيوي لمڪي،
دليان ڌم مچايا هي وھہ واھہ!
ويک اتار عروج حسن دي.
بُولا جهول چليا سر لالي،
ڪرڪي ڪاھہ ڪري ڪٺمالي،
نسوري نور نظار نرالي،
ڪڙيان قيد ڪرايا هي وھہ واھہ!
زندي ذات زمين زمن دي.
جهومڪ جهلڪ ڏيون جهلڪاري،
سڳيان واٽ مارن سؤ واري،
ڇُلي ڇوھہ ڪرن ڇلڪاري،
چوڙن چاھہ چوايا هي وھہ واھہ!
ويکو ريت رواز رانجهن دي.
هار هيري دي عقل ڪٽايا،
هسي هوش عقل گنوايا،
لُڪڙي ساھہ ميڏا لڪ لايا،
دستي دست ڊوڙايا هي وھہ واھہ!
ڳڌس دست عرض عدن دي.
منُڊي منَڊيا سانون سارا،
ترت تعويذ ڪرن ڪڙڪارا،
ويڙھہ واسينگ وانگر ولڪارا،
پونچين پنڌ پڇايا وھہ واھہ!
مارن مست ملوڪ مدن دي.
”مفتون“ ويک سينگار سانول دا،
وان وچاهون ڦِر ڦِر وَلدا،
منھن ماهيدا ويک ڪي ڳلدا،
نٿڙي ونگ ورايا هي وھہ واھہ!
جيوين نانگ چوڦير چندن دي.
*

ڪافي (92)

برھہ ڏنيون هن بواليون،
سانون سيان وي.
وچ لوڪان دي وي،
مشر ٿيڙيون وو.
عاشقان تانڏي ڳالھيان ڪيتي،
عشق ڪڍيون هن ڪٽاليون،
پاڻ پياري ڀر ڪر ڏنڙيون وي،
پرت سنديون ڪي پياليون.
محب اسان سان مخفي ڪيڙيون ري،
ڳڻ ڀريو ڪي جو ڳالھيون،
پلپل آهن وو روز گهڻيريون وي،
نيڻان سڄڻن جون نراليون.
اصلئون آهن روشن ٿيڙيون وي،
ڏيل تنھنجي جون ڏياليون،
دلڙي اسان جي وو قابو ڪيڙءِ وي،
دوست وجهي ڪي دُواليون.
مين تہ بيراڳن لا رانجهن ڪيتي،
ڇو ٿيون سڙن هي سياليون.
”مفتون“ آکي ني وو سڪ تنھنجي ۾ وو،
نيڻ وهن جئن ناليون.
*

ڪافي (93)

سانون لنوَ لڏڻ چا لائي ني،
من آسيڏا محبت موهيا.

سسئي گهين پنھل دي پيري،
سڪ سڄڻ وچ روئي روئي،
وچ روهان دي رلائي ني،
تار ندي تہ وهائي ني،
چڪي هس چاڪ ڪلور قھر دي

سھڻي ساهڙ ڪيتري سگهيري،
ڪُن ٿئي تڪرار گهڻيري،
وچ بھر دي آئي ني،
سِر سانوڻ سدائي ني،
چڪي هس چاڪ ڪلو قھر دي.

هير رانجهن دي حب وچ هوڪي،
پار ندي دي تر ڪر ويندي،
در تي درس تپائي ني،
سھسين سر تي سھائي ني،
چڪي هس چاڪ ڪلور قھر دي.

يار پياري کول ڪي گهنڊڙا،
هار سينگار سويلي ڪرڪي،
لنوَ اسانون جو لائي ني،
بات برھہ دي پڙهائي ني،
چڪي هس چاڪ ڪلور قھر دي.

ونگڙي وال دي رنگ وچالي،
واٽ ويندي مسڪين نماڻي،
دلڙي اسانڏي ڦسائي ني،
اولي اسان تہ اڙائي ني،

چڪي هس چاڪ ڪلور قھر دي.
”مفتون“ ڪون وچ طلب تسانڏي،
شال مھر ڪنون مولا ڪريسي،
وسر ڳئي ٻي وائي ني،
آپ اسان دي ڀلائي ني،
چڪي هس چاڪ ڪلور قھر دي.
*

ڪافي (94)

سئيان ماهي ميڏا متا،
تسانون آڳ ڪيون لڳدي.

روز ازل دي رانجهن سائين،
ساھہ سڄڻ ميڏا سيتا،
تن اسيڏا تار جو ٽردا،
قيد اسانو چا ڪيتا،
برھہ رانجهن دا سر تي چاتم،
نينھن نظر ڪون چا نيتا،
مَن اسيڏا اصل نہ مُڙدا،
گم هويس شل چيتا،
”مفتون“ آکي محبت تيڏي،
جام جگر اسين پيتا،
من ميڏا موھہ ڳڌائي،
لڳي هي آڳ رڳ رڳ دي.
سڻي ڪر ساز تي ڪاھہ جو ڪردا،
هيڻي دل ول ڪيوين نا ڏکندي.
سور سڄڻ دا ڳل وچ پاتم،
خلل خواري ڳڌم جڳدي.
ساھہ سياليان دا ڪيون وت سڙدا،
جيڪا تيڏي اتي وڳدي،
جلد جلايس جند اسيڏي
بدن وچ باھہ پيئي دُکدي.
*

ڪافي (95)

عشق اسان ڪني آيا ني،
دام اندر دل قابو ڪيتس.

بار اَلنبا برھہ دا باري،
راتيان ڏينھان رانجهن ڪيتي،
اسان بر سر چايا ني،
اسان لڇدي لنگهايا ني،
لڳي آيم تند تنوار طلب دي.

طعنا تنڪا پرت جي پارون،
برھہ بنان ٻيا ڪم سمورا،
اسان سر تي سھايا ني،
اصل آهن اجايا ني،
لڳي آيم تند تنوار طلب دي.

ناز نياز نينان دي نازڪ،
صبر قرار آرام دليان دي،
عقل اسانڏا گنوايا ني،
لحظي منجهہ وڃايان ني،
لڳي آيم تند تنوار طلب دي.
محب مٺل وڃي ديس پرائي،
نيڻي ننڊ حرام جو ٿيڙي،
روز گهڻي جو رهايا ني،
محبت مچ مچايا ني،
لڳي آيم تند تنوار طلب دي.

”مفتون“ محب اچڻ لئي دمدم،
پير فقير پڇايا ني،
آءُ تہ ڪنديس شال شاديون،
شھر ۾ محب جو آيا ني،
لڳي آيم تند تنوار طلب دي.
*

ڪافي (96)

پرچ پيارل شال جيون،
رَھہ اسان ڪني رات ميان.
تيڏي ڪيتي آهيان ماندي،
سِڪ تسانڏي سباندي.
پاند ڳچي وچ پلو پاندي،
ڪر تون اسان نال بات ميان.
هين تون اسانڏي سر دا والي،
خيال تسانڏي ڪنون ناهيان واندي،
راتيان ڏينھان آهي اُٻهلي،
طالب تسانڏي تات ميان.
جوڳڻ هوڪي جوڙ بناڪي،
الفي عشق دي ڳَل وچ پاڪي،
ڌوڙ ڀڀوت لڱي نون لاڪي،
مرلي ڪرسان هاٿ ميان.
هوڪي بيراڳڻ جڳ وچ رُلسان،
در ماهي دي وڃ ڪي کڙسان.
نال زبان دي زاري ڪرسان،
ٻي نہ وائي ڪا وات ميان.
”مفتون“ مھر ماهي دي هر دم،
رکين جان جي وچ محڪم.
ڪوڙ ڄاڻي تون عشق بنا ڪم،
عشق رکين اثبات ميان.
*

ڪافي (97)

مل سھيليان ويکڻ آئيان،
پار ندي دي رانجهو ديان جايان.

ماهي ميڏا منجهيان چاري،
اڳليان پڇليان کڙا تنواري،
گهمدا ڦردا ندي دي ڪناري،
ڪٺيان ڪريندا هڪي جايان-
پار ندي دي رانجهو ديان جايان.

سر ماهيدي پٽ دا دوشالا،
منھن ماهيدا جئن گل لالا،
هٿ وچ ڪنگڻ ڪن وچ والا،
چشمان کڙيان پيتي صُراحيان-
پار ندي دي رانجهو ديان جايان.

رات انڌاري موج بحر دي،
بنا ماهيدي ساعت نہ سرندي،
رانجهن ڪيتي تارمين تردي،
ماهي جڏان کڙو بجليان وڄايان-
پار ندي دي رانجهو ديان جايان.

رانجهن ڇوڙيا تخت هزارا،
قيد ڪتيس هي ساھہ ويچارا،
آڻ ماريس وچ جهنگ دي نارا،
چشمان ماهي جڏان چايان-
پار ندي دي رانجهو ديان جايان.

هوڪي مسافر چاڪر سڏايس،
دلڙي ميڏي ڪون مار منايس،
ويس فقيري ڳل وچ پايس،
رمزان چاڪي رانجهو لائيان-
پار ندي دي رانجهن ديان جايان.

تسان سيان ڪون متيان ڏينديان،
دلڙيان سيڏيان رنج ڪرينديان،
کيڏي ڪيتي مغز مرينديان،
ڳالھيان ڪرينديان اجايان-
پار ندي دي رانجهو ديان جايان.

”مفتون“ آکي ماهي ميڏا،
ڪر نہ وڇوڙا يار تون ايڏا،
ساھہ ميڏا هي بردا تيڏا،
پاند ڳچي ڳل بيٺي پاوان-
پار ندي دي رانجهو ديان جايان.
*

ڪافي (98)

ميڏا رانجهو هي دلبر يار وو،
اهو صورت دا سردار وو،
جنھن چوٽ چکائي،
ويت آپ لِڪائي.

سيان جوڳي جادو جوڪيتا،
مار اسانون قابو ڪيتا،
ساھہ ميڏي دا سينگار وو،
ويندا روح ريجهائي.
ڪوئي بھانا دل وچ جوڙيس،
واڳ سيالان ڏنھن جو موڙيس،
جوڙيس تخت هزار وو،
ڪيتس شھر گدائي.
سر جوڳي تؤن اولان گهولان،
ڳالھہ انھين دي ٻيٺي ٻولان،
ڏينھان راتيان پچار وو،
سھڻل دي هي سدائي.
ماهي مينون رب ملائيسي،
آس اندر دي شال پڄائيسي،
ٿيسان مين باغ بھار وو،
مولا آس پڄائي.
طعني تنڪي سر تي سھسان،
وڃ رانجهن ڪون ڳول لهسان،
درسن ڏيک ديدار وو،
ولسان چاڪ ڇٽائي.
”مفتون“ تيڏا ڦري فراقي،
تيڏي ملڻ دا هي مشتاقي،
روئندا زارون زار وو،
وتي لاس لڳائي.
*

ڪافي (99)

سانون عشق لڳا يار پياري دا،
ميڏي نيڻان قوت نظاري دا.
اکيان تيڏيانواٽ تي کڙديان،
جنھن ڪون ڏيکن تنھن ڪون پڪڙديان،
اهي خيال رکن ڪنھن ڌاڙي دا.
گهن کڙوون گهير تي گهٽيان،
ڏيون بازن وانگر جهٽيان،
ڪوئي شوق رکن تہ شڪاري دا.

ظالم وانگر ڦرن سدائي،
زوران زور ڪريندي لڙائي،
ڪيا وس ڪنھن نہ ويچاري دا.
جاءِ ڪُجاءِ نہ ڏيکن مُٺيان،
کڙ ڪنھان ڪون مارن لٺيان،
ڪي ڪرن شھيد تراري دا.
”مفتون“ آکي يار سياڻا،
ڪر نہ اسان نال اهڙا ماڻا،
تينون قسم آهي ڪلتاري دا.

*

ڪافي (100)

رانجهو يار ملي تہ مين جيوان،
ماهي بن جيوڻ هي مجال ميان.
مينون منھن ماهيدي موھہ ڳڌا،
ميڏا هيڻا هويا حال ميان،
تر تار ويسان مين يار ڏونھين،
توڙي سر چوچڪ گهتي ڏال ميان.
اڳهين جو مين هوندي آهيس،
ڏاڍي ناز نخري نال ميان،
جڏان لنوَ لڳي سھڻي يار والي،
تڏان وسرڳئي سڀ تال ميان.
ڪم ڪار سڀئي ڇوڙ ڪنين،
رانجهو نال ٿيسان رهوال ميان.
وچ در ماهيدي سر ڏيسان،
ڏينھن رات چاريسان مال ميان.
”مفتون“ محبت يار دي مينون،
سيني اندر هي هر سال ميان،
متان برھہ چا دستون ڏيوين،
رکي سير سيرت سنڀال ميان.
*

ڪافي (101)

مين تان بردي آن يار پياري دي،
اُهين دوست مٺل منٺاري دي.
در تيڏي دا ڀرسان پاڻي،
سڪ گهڻي هي سانون سيباڻي،
تو محب مٺل منٺاري دي،
اصل ڪنون هان تو لئي بيراڳي،
ڪج تہ مُٺي مان آهيان ساڳي،
ڏينھن رات مشتاق نھاري دي.
عشق اسانڏي سر جهليا،
وچ ڳليان دي وڄ ڪر هليا،
ڪائي لڳڙي چوٽ نغاري دي.
رت ڇڏينديان آون اکيان،
خون عاشق دي خاطر بُکيان،
مين گهول انھين خونخواري دي.
مزگان تيڏيان موت مرينديان،
رمزان رليل واٽ ڦرينديان،
سانون ڪل نھين انھي چاري دي.
”مفتون آکي ملڪ تسانڏي،
جان جُثا تي جند اسانڏي،
تينون پارت هي تہ ويچاري دي.
*

ڪافي (102)

وسرڳيا ڪم ڪار سيان وو،
عشق جَڏان ميڏي سر تي آيا.
ريِھہ نِتوئير دلڙي اسانڏي،
پلڪ پلڪ وچ يار تسانڏي،
بيٺي ڪران گفتار سيان وو،
برھہ تيڏاهين جهولڙي پايا.
اڱڻ اسانڏي آءُ تون جاني،
تئين ين ميڪون هي حيراني،
ٻي نہ خبر ڪا چار سيان وو.
روز تسانڏا دل وچ رايا،
هي تسانڏي محبت مينون،
آک سڻاوان يار مين ڪھنون،
وچ کلي بازار سيان وو،
نينھن نغارا آڻِ وڄايا.
يارب! رهندا ”مفتون“ ماندا،
دوست دي خاطر رهي سِڪاندا،
ميل مينون دلدار سيان وو،
سوال اسانڏا ڪڪر تون سجايا.
*

ڪافي (103)

شل ترس پوي ڪو طبيبا نون،
ڪجهہ غور ڪرن تہ غريبان نون.
واٽ تي دشمن آڻ جو ڊهندي،
راھہ رنڊاوڻ خاطر ٻهندي،
ڪائي مار پوي سو رقيبا نون.
عشق دي لوڪان خبر نہ ڪائي،
ڏاڙهي سو چني منھن وچ آئي،
پڙھہ پڙھہ جو خطبي خطيبا نون.
ٽولي ٽولي ڪرڪي آون،
ٻھہ نصيحت سانون سڻاون،
ڪيا ڪجهہ تہ آکان مين اديبا نون.
غير غصي نون ڇوڙ سدائي،
ڪر تون اسان نال ڀال ڀلائي،
مين آک رهيا تہ عجيبا نون.
”مفتون“ موهيل مست جو ٿيڙا،
خيال دنيا دا ڇوڙ جو ويڙا،
ويک هار سينگار حبيبا نون.
*

ڪافي (104)

ڪنھن ڪون آکان هي حال ميان وُو،
عشق سڄڻ دي النبا لايا.
وسرڳئي هي ٻي سڀ چالي،
دوست گهتي هي دل وچ دُوالي،
صبر قرار محال سيان وُو،
حسن دلبر دي فڪر ڦٽايا.
رانجهن ميڏا جهنگ وچ وَسدا،
نال کلڻدي دلڙي کسدا،
گهول گهتان سڀ سيال سيان وو،
عشق رانجهن دا مين چُم چايا.
يا رب! ساول سڻين تون سارا،
ميل ”مفتون“ ڪون يار پيارا،
محب مٺا مَتوال سيان وو،
محبت جهنڊي مچ مچايا.
*

ڪافي (105)

سانون لايڙي تار،
ماهي ميڏي سئيان سئيان،

ڪول اسانڏي آڪر ٻيٺا،
مالڪ تخت هزار،
در تهيندي پيئان پيئان.

نيڻ سڄن دي بازان وانگر،
چڙهيا شوق شڪار،
لنوَ تھين دي لئيان لئيان.

يار اسانون ٻھڻ نہ ڏيندي،
طلب تيڏي تڪرار،
آنِ ڪريندي ٿئيان ٿئيان.

رات انڌاري موج بحر دي،
وڃ ڍونڍيسان پار،
ڪنگو سر لئيان لئيان.

”مفتون“ آکي ماهي ميڏا،
درسن سانون ڏيکار،
پوءِ جڳت وچ جئيان جئيان.
*

ڪافي (106)

پلپل پياسي پنڌ پڇاون،
متوالان دي لانگهي.
ابرو ابر عنبري اُڀريا،
چوڦير چاند گلان دي،
ڏيو گاج ڪرينديان گهمريان،
عاشق اڙن اڙانگي.
ڳلڙي گل گلابي نازڪ،
وچ گلزار گواندي،
مشتاق براق برھہ دي باري،
چشمان چاون چانگي.
زلفان زور زنجير زهر دي،
ظالم ظلم سڪاندي،
ڏيک قيد قيود انھان دي،
ڦاسن پياسي سھانگي.
چشمان نازڪ دلبر ديان،
چهري چاڪ چکاندي،
ڇريان ڇوهون مارڪي ڪٺڙا،
عاشق هوئي مھانگي.
”مفتون“ مست موالي ڪيتي،
ماهي جوئي چاھہ چواندي،
ويسان ڌڙسان پڇي نہ کڙسان،
بت ڪريسان ڀڃ ڀانگي.
*

ڪافي (107)

ڀلا مين آهيان يار وو،
اصل تسانڏا غلام گولا.

برھہ تسانڏي مچ مچايا،
سوا سڄڻ دي سڀ سڙايا،
ڪيوين وساريان يار وو.

اول ڪنون ها سڄڻ تسانڏا،
بن تسانڏي نھين هان ڪنھن دا،
سينا نہ ساهيان يار وو.

سيني سھايم ڏک تسانڏي،
محب موچارا قدم تسانڏي،
اکين اُٺايان يار وو.

طعنا تنڪا لوڪ سنديرا،
ڪرن دمدم هزار ڦيرا،
چشم تي چايان يار وو.

”مفتون“ هي وو ملڪ تسانڏي،
مھر منگندا ڪول تسانڏي،
سڏي سڻاوان يار وو.
*

ڪافي (108)

چاڪ لڳم چاڪ دا،
نيھن نشاني چڙهيا،
روز رانجهن ڪيتي،
منھن ماهي دي ڪيتي،
مثل جوڳي هوڪي مين،
لاس لڱا نون لڳا واس،
پياس پياري دي لڳي،
سڪ سڄن دي ڪيتي،
”مفتون“ اسان نون برھہ ميان،
هڻ ڪرينديان ڇٽيان،
چاڪ ڪيوين ڇٽاوان مين،
منھن ڪيوين مٽاوان مين.
مين پار ندي پوندي هان،
سيج بند سٽ سٽاوان مين.
چاڪ ڪيتي جڳ ڦران،
ويس ڪيوين مٽاوان مين.
ٻھڻ مول نہ آؤندا،
هوش عقل هٽاوان مين.
روز ازلون هي لڳا،
آپ ڪيوين ڪٽاوان مين.
*

ڪافي (109)

نيڻان دي رم جهم،
تار زلف خم خم،
ير دلڙي ريھي.

دلڙي اسنڏي ني وو،
جانب جاني وو،
دردن ڪيتي ڌم ڌم.

سونھن سڄڻ دي وو،
بيشڪ ڪيتا وو،
عقل اسانڏا گُم گُم،

عشق دي ٻاجهون ني وو،
يار اسانون وو،

ڪوئي نھين غم غم.
”مفتون“ ازلئون ني وو،
بار اسانون وو،
جام پيتا جَم جَم.
*

ڪافي (110)

رانجهو ڪي رمزان لايان،
وسر ڳيان ٻيان وايان.
رانجهن ميڏي سر داسائين،
گهول کيڙي نون گهماوان.
سر سھڻل دي سوني ڪلنگي،
مشڪ عنبر مين لايان.
باز برھہ دي دليان اسانڏيان،
مار چنبي وچ چائيان.
ڳالھيان تيڏيان ڳل دي ڳھڻي،
ڳلي ڳلي وچ ڳائيان.
سيان مينون ڏيوو نہ مهڻي،
پوڪي هار مين پاوان.
رين انڌاري بادل گجدا،
جهوڪ رانجهن دي پڇاوان.
”مفتون“ آکي مَٽ ماهيدا،
اور ڪنھين نون نہ ڀاوان.
*

ڪافي (111)

ميڏي زاري زار ڙي،
در دوست دلبر دي.
ننڊ نہ آوي ٻھڻ نہ ڀاوي،
ڪا جا لڳڙي لنوَ لغار ڙي.
در تيڏي تي کڙدي کڙدي،
تون تہ لڙدي رين گذار ڙي.
ويک تيڏا ڳل دلڙي کِلدي،
جيوين کليا باغ بھار ڙي.
منھن تيڏي وچ رين ذلف دي،
ڄڻ چاند کليا چوڌار ڙي.
مُنھن تيڏي دي سھڻل سائين،
وچ ڳل اسانڏي ڳار ڙي.
”مفتون“ سير سڄڻ تون دَمدم،
جِند جان گهوليندا وار ڙي.
*

ڪافي (112)

نيڙي آوين تون يار،
رھہ اسان ڪنين راتيان ڏينھان.
ڪول ٻھڻ دا سر اسانڏي،
پلڪ پلڪ وچ آن اسان ڪون،
طرف اسانڏي نال نازان دي،
گهر اسانڏي ناڪ ڪرم دي،
”مفتون“ آکي محب اسانڏا،
ٿورا لاوين تون يار.
مُنھن وکاوين تون يار.
چشمان چاوين تون يار.
ڀيرا پاوين تون يار.
عرض اگهائين تون يار.
*

ڪافي (113)

ويکو سيل سياڻي دا ميان،
چڙھہ ڪي براق معراج سڏايا.
مين تسانڏي وو سام پيا هان،
تون تہ ضمان زماني دا وو.
راتيان ڏينھان وو ڪجهہ نھين کڙدا،
تو بنا نيڻ نماڻي دا وو.
عالم تيڏا وو بيشڪ بردا،
تون تہ جمال جھاني دا وو.
وچ گناهان عمر گذري،
پيِ ڪر جام جواني دا وو.
مين تہ گداگر وو طالب تيڏا،
نہ ڪوئي بخت طولاني دا وو.
”مفتون“ آهي ني وو تيڏا سائل،
نہ ڪوئي نام نشاني دا وو.
*

ڪافي (114)

سانون دلبر جام جو ڏيتا
اسان پر پيالڙا پيتا.
پيڪي پيالا پريان والا،
ساھہ سڄڻ تون صدقي مين ڪيتا.
پيش ساقي دي سجدا ڪيتم،
جام جنھن دي دستون مين پيتا.
ڇٽڪيا ناوڪ نينھن تيڏي دا،
آن اسانڏي ساھہ ڪون سيتا.
”مفتون“ ڪنون سائين منھن نہ مٽاوين،
شال هووين تون جڳ وچ جيتا.
*

ڪافي (115)

پرھہ ڦٽي پرڀات وي،
عشق اسانڏي اڱڻ جو آيا.
آني اسان ڪون ننڊ اٺايس،
آکيس ڀليري بات وي.
سوا برھہ دي ٻيان جو ڳالھيان،
هِن سڀئي هيھات وي.
جو دم جيوي سِڪ سڄڻ دي،
رکي اندر اثبات وي.
”مفتون“ ڪون سائين هي محب دي،
راتيان ڏينھان تات وي.
*

ڪافي (116)

برھہ ڪيا هِن پسارا،
ميڏا جانا وي سر اسانڏي وي،
فوجان چڙهيون وي ميان.

اڱڻ اسانڏي دمدم آڪي وي،
قدم قدم تون گهول گهميسان وي،
ريءَ توهان جي ڪينءَ جاليندا وي،
”مفتون“ آکي سر اسان جي وي،
پير پاوين تون پيارا.
جان جُثا سو سارا.
عاشق شودا ويچارا.
عشق ڪري ٿو اتارا