ناول

نيروليءَ جو ڪُن

ناول ”نيروليءَ جو ڪُن“ بظاهر تہ هڪ ڳوٺ جي ننڍڙي دنيا بلڪ ڳوٺ جي ڪُجهہ گهرن ۾ وسندڙ ڪردارن جي ڪھاڻي آهي پر اُن ۾ پيار، محبت، رشتا ناتا، ادب سياست، تاريخ، تصوف، مارڪسزم يا سماج جا ٻيا مُختلف رُخ، روشن خيالي ۽ پُراڻ پسندي جي موضوعن کي بہ سمايو ويو آهي. ھيءَ ھڪ گهر جي ڪھاڻي آھي ۽ ان سان گڏ سڄي سنڌ جي ڪھاڻي آھي. ليکڪ ٻَڌيءَ جي ڳالھہ ڪري ٿو. ھن وٽ اتحاد جو مطلب سنڌ جي ستابائيءَ جو نئون دؤر آھي. ھي ناول ٻين لفظن ۾ سجاڳيءَ جو سڏ آھي.

  • 4.5/5.0
  • 73
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ملڪ آگاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيروليءَ جو ڪُن

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ملڪ آگاڻيءَ جو لکيل ناول ”نيروليءَ جو ڪُن“ اوھان اڳيان شيئر ڪجي ٿو.
ناول ”نيروليءَ جو ڪُن“ بظاهر تہ هڪ ڳوٺ جي ننڍڙي دنيا بلڪ ڳوٺ جي ڪُجهہ گهرن ۾ وسندڙ ڪردارن جي ڪھاڻي آهي پر اُن ۾ پيار، محبت، رشتا ناتا، ادب سياست، تاريخ، تصوف، مارڪسزم يا سماج جا ٻيا مُختلف رُخ، روشن خيالي ۽ پُراڻ پسندي جي موضوعن کي بہ سمايو ويو آهي. ھيءَ ھڪ گهر جي ڪھاڻي آھي ۽ ان سان گڏ سڄي سنڌ جي ڪھاڻي آھي. ليکڪ ٻَڌيءَ جي ڳالھہ ڪري ٿو. ھن وٽ اتحاد جو مطلب سنڌ جي ستابائيءَ جو نئون دؤر آھي. ھي ناول ٻين لفظن ۾ سجاڳيءَ جو سڏ آھي.
ھن ناول جو پھريون ڇاپو  1987ع ۾ سرسوتي پبليڪيشنس، ڳوٺ آگاڻي پاران ۽ ٻيو ڇاپو 2007ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان  اوھان اڳيان آڻجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي