آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

توکي مون ساريو

ھي ڪتاب زيب سنڌيءَ جي يادگيرين، خاڪن، مضمونن، مھاڳ، جيون ڪٿائن ۽ سفرنامي جو مجموعو آهي. سندس ھيءَ تخليق ڪيترين ئي نامور شخصيتن جي زندگيءَ تي روشني وجهي ٿي. پاڻ هِن ڪتاب ۾ انھن نامور شخصيتن جي مکيہ پھلوئن جا عڪس پنھنجي لکڻيءَ وسيلي پسايا آهن. زيب سنڌي هڪ بھترين ڪھاڻيڪار کان و ٺي هڪ ڊرامہ نگار ۽ ڪالم نگار جي حيثيت ۾ پنھنجي درد ۽ سوچن جا نقش چٽي سنڌ ۽ سنڌين کي ارپيا آهن. سندس تحرير جي دلڪشي ۽ اسلوب ڏاڍو دلپذير آهي ۽ لکڻ جو اِهو انداز اتساهيندڙ ادب جو هڪ اهم حصو آهي. پاڻ زندگيءَ جي مختلف مرحلن ۾ تجربي ۽ تلخيءَ جي وِهہ کي ماکيءَ ۾ بدلائي عجب جھڙو ڪم ڪيو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 33
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book توکي مون ساريو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪالم نگار، ناول نگار ۽ ڪھاڻيڪار زيب سنڌيءَ  جي يادگيرين، سفرنامي،  جيون ڪٿا ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ”توکي مون ساريو“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھي ڪتاب زيب سنڌيءَ جي يادگيرين، خاڪن، مضمونن، مھاڳ، جيون ڪٿائن ۽ سفرنامي جو مجموعو آهي. سندس ھيءَ تخليق ڪيترين ئي نامور شخصيتن جي زندگيءَ تي روشني وجهي ٿي. پاڻ هِن ڪتاب ۾ انھن نامور شخصيتن جي مکيہ پھلوئن جا عڪس پنھنجي لکڻيءَ وسيلي پسايا آهن. زيب سنڌي هڪ بھترين ڪھاڻيڪار کان و ٺي هڪ ڊرامہ نگار ۽ ڪالم نگار جي حيثيت ۾ پنھنجي درد ۽ سوچن جا نقش چٽي سنڌ ۽ سنڌين کي ارپيا آهن. سندس تحرير جي دلڪشي ۽ اسلوب ڏاڍو دلپذير آهي ۽ لکڻ جو اِهو انداز اتساهيندڙ ادب جو هڪ اهم حصو آهي. پاڻ زندگيءَ جي مختلف مرحلن ۾ تجربي ۽ تلخيءَ جي وِهہ کي ماکيءَ ۾ بدلائي عجب جھڙو ڪم ڪيو آهي.
ھي ڪتاب 2012ع  ۾ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان حاضر آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


ڇپائيندڙ پاران

ڪتاب ”توکي مون ساريو“ سنڌي ادب جي نامور نثرنگار زيب سنڌي صاحب جي يادگيرين، خاڪن، مضمونن، مھاڳ، جيون ڪٿائن ۽ سفرنامي جو مجموعو آهي. سندس اِها تخليق ڪيترين ئي نامور شخصيتن جي زندگيءَ تي روشني وجهي ٿي. پاڻ هِن ڪتاب ۾ انھن نامور شخصيتن جي مکيہ پھلوئن جا عڪس پنھنجي لکڻيءَ وسيلي پسايا آهن.
زيب سنڌي هڪ بھترين ڪھاڻيڪار کان و ٺي هڪ ڊرامہ نگار ۽ ڪالم نگار جي حيثيت ۾ پنھنجي درد ۽ سوچن جا نقش چٽي سنڌ ۽ سنڌين کي ارپيا آهن. سندس تحرير جي دلڪشي ۽ اسلوب ڏاڍو دلپذير آهي ۽ لکڻ جو اِهو انداز اتساهيندڙ ادب جو هڪ اهم حصو آهي. پاڻ زندگيءَ جي مختلف مرحلن ۾ تجربي ۽ تلخيءَ جي وِھہ کي ماکيءَ ۾ بدلائي عجب جھڙو ڪم ڪيو آهي.
زيب سنڌي جي قلمي پورهيي کي مڃتا ڏيندي سنڌي ادبي بورڊ طرفان سندس سھيڙيل نثري لکڻين کي ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي، جيڪو ”توکي مون ساريو“ جي نالي سان اوهان جي هٿن ۾ آهي.
هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان پنھنجي ايامڪاريءَ ۾ شايع ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. جنھن لاءِ آئون جناب مخدوم جميل الزمان صاحب چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ، جو تھدل سان شڪر گذار آهيان، جنھن پنھنجي مفيد مشورن سان منھنجي رهنمائي ڪري اشاعتي مرحلي کي آسان ڪيو.
اميد آهي تہ، اسان جو هيءُ پيار ڀريو پورهيو ادب سان دلچسپي رکندڙن وٽ مانُ لھندو.


الھڏتو وگهيو
سيڪريٽري

25- جمادي الثاني 1433ھہ
17- مئي 2012ع

ليکڪ جو پروفائيل

اصل نالو محمد خان ولد عبدالستار شيخ، ادبي نالو زيب سنڌي. تاريخ
7- سيپٽمبر 1957ع تي ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ديني مدرسو پرائمري اسڪول لاڙڪاڻو مان، مئٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو، بي.اي سچل سرمست ڪاليج لاڙڪاڻو سال 1979ع ۾ ۽ ايم.اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽي مان سال 1981ع ۾ پاس ڪيائين. زيب سنڌي 1988ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي پروڊيوسر مقرر ٿيو. هو 1989ع ۾ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ليڪچرار ٿيو ۽ هِن وقت ايسوسيئيٽ پروفيسر آهي.
زيب سنڌيءَ هڪ سٺي ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ڊراما نويس، شاعر، ڪالم نگار، مترجم، ريڊيو ۽ ٽي.وي ڪمپيئر جي حيثيت ۾ پاڻ مڃائي چڪو آهي. سترهن سالن جي ننڍڙي عمر ۾ ئي هن ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون هيون. سندس پھرين ڪھاڻي ”زخمي دل“ سال 1974ع ۾ رهبر ڊائجيسٽ ۾ ڇپي هئي. هيل تائين سندس اصلـوڪين ڪھاڻين جا چار ڪتاب: 1- گهٽيل خواهشون (1977ع)، 2- زندگي درد جي ٻانھن ۾ (1981ع)، 3- ڌنڌ ۾ گم ٿيل منظر (2001ع) ۽ 4- حيدرآباد 47 ڪلوميٽر (2010ع) ڇپجي چڪا آهن. جڏهن تہ سندس ناول ”سيتا زينب“ (2011ع) پڻ موجودہ دور جو هڪ اهم ناول آهي. نثر جي مختلف صنفن تي مشتمل زيب سنڌيءَ جو هيءُ ڪتاب ”توکي مون ساريو“ پڻ اميد تہ پڙهندڙن توڙي علمي ادبي حلقن ۾ مڃتا ماڻيندو.
هڪ شاعر جي حيثيت سان زيب سنڌيءَ دل کي ڇھندڙ ۽ ياد رهڻ جھڙا غزل ۽ نظم لکيا آهن. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”آوارا بادل ۽ زيب“ جي عنوان سان ترتيب ڏنل آهي.
زيب سنڌيءَ کي ٽي.وي ڊراما نويس جي حيثيت سان جيڪا ڪاميابي ۽ شھرت ملي آهي، اها گهٽ ليکڪن جي حصي ۾ ايندي آهي. سنڌيءَ سان گڏ هن اردوءَ ۾ بہ يادگار ڊراما لکيا آهن. هيل تائين هن 25 سولو پلي، 9 سيريل ۽ 5 ٽيلي فلم لکيا آهن، جيڪي پي.ٽي.وي، ڪي.ٽي.اين، سنڌ ٽي.وي، مھراڻ ٽي.وي، پي.ٽي.وي نيشنل، اي.آر.واءِ ۽ هم ٽي.وي تان ٽيليڪاسٽ ٿيا آهن.

ٿورا
آءٌ جناب قائم علي شاھہ، وزيراعليٰ سنڌ ۽ جناب مخدوم جميل الزمان، وزير بين الصوبائي رابطا ۽ اينٽيڪوئٽيز سنڌ ۽ چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ جن جو بيحد ٿورائتو آهيان. جن سنڌي ادبي بورڊ کي ترقي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سندن دلچسپيءَ سبب بورڊ پاران نہ فقط سنڌي ادب جا سٺا ۽ معياري ڪتاب شايع ڪيا پيا وڃن، پر ساڳئي وقت بين الاقوامي ادب جا چونڊ ڪتاب پڻ ترجمو ڪرائي ۽ ڇپائي رهيا آهيون.
آءٌ محترم الھڏتو وگهيو، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ کي واڌايون ڏيان ٿو، جنھن نہ فقط بورڊ جي انتظامي مامرن ۾ دلچسپي ورتي آهي، پر ڪتابن جي ڇپائيءَ ڏانھن خصوصي طور تي ڌيان ڏنو آهي، جنھن جي نتيجي ۾ مختصر عرصي دوران هن ڪيترائي بھترين ڪتاب شايع ڪري پڌرا ڪيا آهن. هيءُ ڪتاب پڻ انھيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.

نذر محمد ڳاهو

انتساب

سنڌ جي منفرد نثر نويس ۽ ڪمپيئر
ممتاز مرزا (مرحوم)
۽

بھادر ليکڪ ۽ ايڊيٽر
طارق اشرف (مرحوم)
جي نالي

ڪَتِين ڪَرَ موڙيا جڏهن، توکي مون ساريو
۽ پوءِ گذاريو، صبح تائين جاڳندي.
(ادل سومرو)

اَمھاڳ

هي ڪتاب منھنجي خواب خيال ۾ بہ نہ هو!
مان بنيادي طور تي افسانوي ادب لکندڙ (Fiction writer) آهيان. گذريل چاليھارو سالن کان ڪھاڻيون ۽ گذريل اٺاويھن سالن کان ڪھاڻين سان گڏ ٽيلي ناٽڪ بہ لکندو رهيو آهيان، تہ ويجهڙائي ۾ منھنجو هڪڙو ناول بہ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.
ڏات ڪڏهن وڌيڪ مھربان ٿي تہ ڪنھن شعر جي آمد بہ ٿي، تہ ڪڏهن وري ڪجهہ لکڻ خاطر ڪالم بہ لکيا اٿم، پر اخباري ڪالمن کان هٽي ڪري، مون کي اهو اندازو قطعي نہ هيو تہ، مون انھن چاليھارو سالن ۾، ٿورڙي ڳڻپ جيتروئي ڪو غير افسانوي ادب بہ لکيو آهي. سو هي ڪتاب منھنجي خواب خيال ۾ ئي نہ هيو.
مون پنھنجي ٽڙيل پکڙيل شاعري ۽ ڪالمن کي ڪتابي صورت ڏيڻ لاءِ پئي سھيڙيو، جو هڪ ڏينھن منھنجي دوست گل ڪونڌر، ماهوار ”ادب“ ۾ مختلف وقتن تي شايع ٿيل منھنجين ڏهاڪو لکڻين جا ڪمپيوٽر پرنٽ آئوٽ آڻي مون کي ڏنا. هن منھنجيون اهي تحريرون پنھنجي ذاتي ڪمپيوٽر ۾ سنڀالي رکيون هيون، جيڪي هن جڏهن گڏ ڪري اوچتو مون کي ڏنيون تہ، مون کي اندازو ٿيو تہ اهو مواد ڪتاب جي لڳ ڀڳ ستر صفحن جيترو هو. اهو مواد هٿ لڳو تہ، خيال آيو تہ انھيءَ ساڳئي نوعيت جو، ايتروئي منھنجو ٻيو مواد، ٻين مختلف رسالن ۾ بہ موجود هوندو ۽ نثر جي مختلف صنفن تي مشتمل منھنجو ڏيڍ سؤ کن صفحن جو ڪتاب تيار ٿي سگهي ٿو. انھيءَ خيال سان پنھنجي گهر ۾ ئي موجود رسالن ۽ فائيلن کي اُٿلايم تہ، منھنجي اندازي کان وڌيڪ ٻيو مواد پڻ موجود مليو، جنھن جي نتيجي ۾، منھنجي اندازي کان ٻيڻو هي ڪتاب وجود ۾ اچي ويو!
هن ڪتاب ۾، جتي انھن لمحن جو ذڪر آهي، جيڪي يادون بڻجي ذهن جي ڪينواس تي چِٽجي ويا آهن، تہ اتي ڪجهہ انھن اڻوسرندڙ هستين جا عڪس بہ آهن، جن جي وڇوڙن جا لمحا سدائين لاءِ اکين ۾ فريز ٿي ويا آهن…
مون عرض پئي ڪيو تہ، مان بنيادي طور تي افسانوي ادب جو لکندڙ آهيان، سو افسانوي ادب ليکڪ پنھنجو پيغام اڻ سڌي طرح، ڪردارن جي حوالي سان Communicate ڪندو آهي، پر هن ڪتاب ۾ نہ ڪو افسانو آهي ۽ نہ ئي ڪا افسانوي ڳالھہ. مون کي جيڪو ڪجهہ چوڻو آهي، اهو تہ مون هن ڪتاب ۾ موجود تحريرن ۾ ئي چئي ڇڏيو آهي، ان ڪري مان سمجهان ٿو تہ، هن ڪتاب لاءِ ڪنھن بہ روايتي مھاڳ جي ضرورت ناهي.

زيب سنڌي
Zaibsindhi@hotmail.com
حيدرآباد، سنڌ .

2- مئي 2012ع

يادگيريون

---

يادون شيخ اياز جون

اها 1975 جي اونھاري جي هڪ شام هئي، جڏهن منھنجي اکين پھريون دفعو شيخ اياز کي ڏٺو هو. هو پنھنجي ڪوئينس روڊ واري آفيس ۾ ويٺو ڪو فائيل ڏسي رهيو هو ۽ سندس آفيس ٻاهران فٽ پاٿ تي بيٺل اياز گل ۽ مان، سندس آفيس جي کڙڪيءَ مان کيس ڏسي رهيا هئاسين.
شيخ اياز جي ”هم شھر“ ۽ ” هم نام“ اياز گل سان 1975 ۾ ئي منھنجي دوستي ٿي هئي، اسان ٻنھي جي گڏيل دوست رزاق مھر (مرحوم) جي معرفت. اياز گل تہ اڪثر لاڙڪاڻي ايندو هو، پر ان ڏينھن مان اياز گل سان پھريون ڀيرو سکر ملڻ ويو هوس. شام جو اياز گل مون کي معصوم شاھہ لائبريري ڏيکارڻ وٺي هليو هو ۽ اتان پنڌ واپس ويندي، هن مون کي شيخ اياز جي آفيس ٻاهران کلندڙ کڙڪيءَ وٽ وڃي بيھاريو هو. کڙڪيءَ تي بنھہ سنھڙو پردو ڏنل هو ۽ آفيس اندر ٻرندڙ ٽيوب لائيٽ جي روشنيءَ سبب، اهو پردو منھنجي نظرن کي شيخ اياز تائين پھچڻ کان نہ روڪي سگهيو هو. مان ڪيتري دير تائين فٽ پاٿ تان بيھي، پردي پويان ويٺل شيخ اياز طرف ڏسندو رهيو هوس ۽ آفيس اندر شيخ اياز ڪنڌ مٿي ڪرڻ کان سواءِ فائيل ڏسندو رهيو هو. اوچتو اياز گل منھنجي ٻانھن ۾ هٿ وجهي ڇڪ ڏني هئي، ”هل تہ هاڻي هلون!“
منھنجي دل چاهيو هو تہ آفيس ۾ اندر وڃي شيخ اياز سان هٿ ملايان، پر اهڙي همت نہ ساري سگهيو هوس. شايد اياز گل جي بہ اهڙي ئي ڪيفيت هئي. ان ڪري اسان ٻنھي مان ڪنھن ڪجهہ نہ چيو هو ۽ اسان ٻئي چپ چاپ فٽ پاٿ تي هلڻ لڳا هئا سين . ان زماني ۾ ٻئي ننڍا هئا سين ۽ ٻنھي نئون نئون لکڻ سروع ڪيو هو، جيتوڻيڪ مان آفيس اندر وڃي شيخ اياز سان هٿ ملائي نہ سگهيو هوس، پر فٽ پاٿ تان بيھي، کڙڪيءَ کان ئي شيخ اياز کي ڏسي سگهيو هوس، تڏهن بہ ان مھل فٽ پاٿ تي هلندي مون پاڻ کي آسمان تي اڏامندي محسوس ڪيو هو. عجيب حيرت انگيز ۽ خوشگوار احساس هيا منھنجا، تہ اڄ منھنجي اکين شيخ اياز کي ڏٺو آهي!
1982ع ۾ مون لاڙڪاڻي ۾”سڳنڌ پبليڪيشن“ جي نالي سان اشاعتي ادارو قائم ڪيو. دماغ تي معياري ڪتاب ڇپائڻ جي ڌن سوار هئي، پر لاڙڪاڻي شھر ۾ ڇپائيءَ جون بھتر سھولتون موجود نہ هئڻ ڪري، منھنجي اداري جا اڪثر ڪتاب حيدرآباد ۾ طارق اشرف جي سھڻي پريس يا ڪراچي جي ناظم آباد واري علائقي ۾، مولانا محمد عليءَ جي احمد برادرس پرنٽرس وٽ ڇپبا هئا. ڪتابن ڇپائڻ لاءِ ڪراچيءَ ويندو هوس تہ، منھنجو ٺڪاڻو تہ يوسف پلازا ۾ ڪيھر شوڪت (مرحوم) جي فليٽ تي هوندو هو، پر ملاقاتون پنھنجي دوست فقير محمد لاشاري (مرحوم) سان بہ اڪثر ٿينديون هيون، هڪ ڏينھن فقير محمد لاشاريءَ پڇيو، ” شيخ اياز جا ڪتاب ڇپرائيندين؟“
فقير محمد لاشاريءَ جي سوال جي جواب ۾، مون بہ سوال ئي پڇيو هو، ” شيخ اياز پنھنجا ڪتاب ڏيندو مون کي !؟“ ۽ پوءِ ان ئي شام جو فقير محمد لاشاري مون کي شيخ اياز سان ملائڻ روزانہ ”برسات“ جي آفيس وٺي ويو هو، جنھن جو ان وقت شيخ اياز ايڊيٽر هيو، پر اتفاق سان ان ڏينھن شيخ اياز آفيس نہ ايو هو ۽ اسان موٽي ويا هئاسين. ڪي مھينا گذري ويا، پر وري اهڙو اتفاق نہ ٿيو جو شيخ اياز سان ملاقات ٿي سگهي. ان وچ ۾ شيخ اياز واپس سکر هليو ويو.
لاڙڪاڻي ۾ سڳنڌ پبليڪيشن جو ڪتاب گهر، اپر سنڌ جي اڪثر سينيئر توڙي جونيئر ليکڪن جو مرڪز بڻجي پيو هو. سڄو ڏينھن اديب دوستن جو ميڙو متل هوندو هو. ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي بہ ڪڏهن ڪڏهن ڪورٽ کان واپس ويندي هليو ايندو هو. هڪ ڏينھن سوڀي صاحب مون کي شيخ اياز صاحب جو نياپو ڏنو، تہ مان ساڻس ملڻ سکر اچان. (پوءِ خبر پئي تہ فقير محمد لاشاريءَ، شيخ صاحب سان منھنجو ذڪر ڪيو هو ۽ هن کيس ٻڌايو هو ، تہ هو مون کي ساڻس ملائڻ لاءِ بہ وٺي ويو هو، پر اسان جي ساڻس ملاقات نہ ٿي سگهي هئي. ) ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ مون کي شيخ اياز جو فون نمبر ڏنو ۽ چيائين تہ ڪنھن ڏينھن مان اڳواٽ فون ڪري شيخ اياز سان ملڻ هليو وڃان .
هڪ ڏينھن مان پراڻي سکر واري شيخ اياز جي گهر هليو ويو هوس. شيخ اياز سڳنڌ پبليڪيشن پاران ڇپايل ڪجهہ ڪتاب ڏسي چيو هو، ”بيشڪ تو سٺا ڪتاب ڇپرايا آهن، پر منھنجو ڪتاب وڌيڪ سٺو ڪري ڇپرائجانءِ.“
” بلڪل، جيئن توهان چوندئو تيئن ڇپرائيندس.“ وراڻيو هوم.
شيخ اياز پنھنجي نثري نظمن جو مجموعو” ٽڪرا ٽٽل صليب جا“ جو مسودو آڻي مون کي ڏنو هو. مھيني کن کان پوءِ اهو ڪتاب ڇپرائي جڏهن ان جون ڪاپيون کڻي سکر ويو هوس تہ، منھنجي اندر ۾ عجيب وسوسا هئا تہ خبر ناهي شيخ صاحب کي منھنجو ڇپرايل ڪتاب ڪيئن لڳندو! ڪتاب جي پھرين ڪاپي کيس ڏني هئم تہ ڪتاب کي ڏسڻ سان سندس منھن تي مرڪ تري آئي هئي ۽ مون سڪون جو وڏو ساھہ کنيو هو.
شيخ صاحب پڇيو هو ” سنڌي ڪتاب وڪامن ٿا؟“
وراڻيو هوم،” ها سائين ، بلڪل وڪامن ٿا.“
شيخ اياز ٿورو حيرت سان چيو هو، ”پوءِ پبلشر ڇو ٿا چون تہ سنڌي ڪتاب نٿا وڪامن!“
” اهي ڪوڙ ٿا ڳالھائن سائين!“ هڪدم وراڻيو هوم.
ان ڏينھن پھريون ڀيرو شيخ صاحب سان منھنجي ڊگهي ڪچھري ٿي هئي. لاڳيتا ڇھہ ڪلاڪ مان ساڻن گڏ رهيو هوس. شام جو جڏهن کانئس موڪلايو هوم تہ چيو هئائين، ”ڪڏهن ڪڏهن ايندو رهجانءِ مون وٽ.“
وراڻيو هوم، ”بلڪل سائين ضرور ايندو رهندس.“
شيخ اياز پاڻ مون کي چيو هو تہ ايندو رهجانءِ، سو مون کي ٻيو ڇا کپندو هو! پوءِ شيخ اياز سان منھنجو ڊگهين ڪچھرين وارو هڪ سلسلو ٺھي پيو . هر ٻئي آچر تي صبح جو 11 وڳي شيخ صاحب وٽ پھچي ويندو هوس ۽ شام جو پنجين وڳي تائين اڪثر ساڻن گڏ هوندو هوس. انھن نويڪلائيءَ وارين ڊگهين ڪچھرين ۾، مان اڪثر کانئس علمي ادبي سوال پڇندو هوس ۽ شيخ صاحب انھن سوالن جا انتھائي تفصيل سان جواب ڏئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن حوالي طور ڪي ڪتاب کولي ڏيکاري ، ڄڻ منھنجي ذهني تربيت ٿي ڪئي، جنھن لاءِ مان سدائين سندس احسان مند رهندس. اسان جو تعلق ليکڪ ۽ پبلشر کان وڌيڪ ذاتي بڻجي پيو هو، جنھن ۾ بيشڪ تہ اها سندس مون تي وڏي مھرباني هئي.
هڪ ڏينھن ويس تہ چيائين ” مون تنھنجي لاءِ پنھنجي نئين ڪتاب جو مسودو تيار ڪري رکيو آهي.“
مون پنھنجي هٿ ۾ جهليل چانھہ جو ڪپ ٽيبل تي رکي چيو هو، ” مون کي ڏيو مسودو!“
مرڪي چيو هئائين، ” چانھہ تي پي وٺ، آڻي ٿو ڏيانءِ.“
مرڪي وراڻيو هوم،” هاڻي مسودو ڏسڻ کان سواءِ تـ چانھن بـ ڪونـ وڻندي سائين.“
شيخ اياز اٿي وڃي پنھنجي آتم ڪھاڻي ” جڳ مڙيوئي سپنو“ جو مسودو کڻي آيو هو. مون سندس ٿورا مڃيا هئا تہ چيو هئائين، ”جيڪڏهن اڄ تو ن مون سان گڏ ويھي ڪم ڪري سگهين تہ مان تو کي هڪ ٻيو ڪتاب بہ سھيڙي ڏئي سگهان ٿو.“
” ها سائين ، ڇو نہ!“ پنھنجي لاءِ اعزاز سمجهيو هو مون شيخ صاحب جي ڳالھہ کي.
ان ڏينھن شام تائين شيخ اياز جي مختلف فائيلن ۾ رکيل سندس شاعري ڳولي ڪڍي هئيسين. سندس ڪجهہ نوٽ بڪن مان ڪي تحريرون هن مون کي اتارڻ لاءِ ڏنيون هيون ۽ ڪي ڊڪٽيٽ ڪرائي مون کي لکرايون هيون. ان سھيڙيل مواد جي فائيل تي شيخ اياز ڪتاب جو نالو ” واٽون ڦلن ڇاڻيون“ لکي منھنجي حوالي ڪيو هو. شام جو چانھہ پيئندي شيخ اياز مون کي چيو هو، ” پٽ، ڪجهہ پئسا ڏيان!“
حيرت مان پڇيو هوم، ” ڇا جي لاءِ !؟“
شيخ اياز چيو هو ،” منھنجي ڪتابن تي متان تون منھنجي محبت ۾ پئسا لڳائيندو هجين ۽ پنھنجو نقصان ڪندو هجين!“
شيخ صاحب سان منھنجي ڪافي حجت بہ ٿي وئي هئي کلي چيو هوم، ” بيشڪ سائين توهان سان بي انتھا محبت آهي، پر توهان جي ڪنھن ڪتاب تي لڳايل پئسا ٻيڻا ٿي نہ ملندا تہ مان توهان جو ڪتاب نہ ڇپرائيندس!“
شيخ اياز کي ٿوري حيرت لڳي هئي. پڇيو هئائين، ”منھنجا ڪتاب ايترو وڪامن ٿا ڇا؟“
” ها سائين، ”ٽڪرا ٽٽل صليب جا“ جون ذري گهٽ سموريون ڪاپيون ٻن مھينن اندر وڪامي ويون آهن.“ تڏهن شيخ اياز مون کي هڪ پبليشر جو نالو ٻڌايو هو جيڪو اهو چئي شيخ اياز کان پئسا وٺي ويو هو تہ سنڌي ڪتاب نٿا وڪامن! (اها ٻي ڳالھہ آهي شيخ اياز جي ڪتابن مان سنڌي پبليشرن لکين رپيا ڪمايا آهن.)
پبليشر جي حيثيت سان ڪتاب تہ شيخ اياز جا مون فقط پنج ڇپرايا، پر ساڻس ذاتي تعلق انتھائي ويجهو ٿي ويو. تاج جويو، ادل سومرو، اياز گل، نصير مرزا ۽ مان هن جي جونئير دوستن ۾ شمار ٿيندا هيا سين ۽ هو اسان سڀني کي ڏاڍو ڀائيندو بہ هيو. هو سکر کان ڪراچيءَ منتقل ٿي ويو، تڏهن بہ ساڻس سندس پرنس ڪامپليڪس واري رهائش گاھہ تي ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ضرور ٿيندي هئي. هڪ دفعي پي ٽي وي تي ڪنھن پروگرام جي رڪارڊنگ هئي، جنھن ۾ مان ادل سومرو ۽ اياز گل شامل هيا سين. انھن ڏينھن ۾ شيخ صاحب بيمار هو ۽ اسپتال ۾ داخل هو. رڪارڊنگ کان پوءِ ادل سومرو، اياز گل، سميع بلوچ ۽ مان شيخ اياز سان ملڻ لاءِ اسپتال ويا سين. اسپتال ۾ شيخ اياز جي ڪمري ٻاهران پھتا سين تہ، منھنجي دل ٻڏڻ لڳي، الائجي ڇو، مون اياز صاحب کي بيماريءَ جي بستري تي ڏسڻ جو پاڻ ۾ ستُ نہ پئي ساريو. نتيجي ۾ منھنجا ٽئي دوست ڪمري ۾ هليا ويا ۽ مان آخر ۾ اندر داخل ٿيس. بستري تي ليٽيل شيخ اياز جي اسان سڀني تي نظر پيئي تہ هو مرڪي پيو. ويھڻ جو اشارو ڪيائين تہ سندس بيڊ جي ڀر سان رکيل هڪ سيٽ تي ادل، اياز ۽ سميع ويھي رهيا ۽ منھنجي ويھڻ لاءِ جاءِ نہ بچي تہ مان شيخ صاحب جي پيرانديءَ کان بيھي رهيس. هن مون کي ويھڻ لاءِ چيو، پر مان بيٺو رهيس. ڳالھين دوران هن مون کي ٻيھر ويھڻ لاءِ چيو، پر مان وري بہ بيٺو رهيس ، تڏهن شيخ اياز مرڪي چيو، ”ويھندين نہ تہ مون کي زور ڪيئن ڏيندين!“ ۽ مون بيڊ جي هڪ ڪنڊ تي ويھي، شيخ اياز جي پيرن کي زور ڏيڻ شروع ڪيا هئا.
...، ۽ مون کان اهو لمحو بہ ناهي وسريو ، جڏهن ڀٽ شاھہ تي هڪ ايمبولينس شيخ اياز جو مڙھہ کڻي آئي هئي.... ايمبولينس جو پويون در کليو هو تہ، سڀ کان پھرين اسٽرچر تي رکيل شيخ اياز جا پير ئي ٻاهر نڪتا هئا ۽ مون ٻيو ڀيرو .... ۽ آخري ڀيرو شيخ اياز جي پيرن کي وري ڇھي ورتو هو ۽ سڏڪي پيو هوس.
شيخ اياز کي 1975ع ۾ پھريون ڀيرو مون سکر ۾ ڏٺو هو، تہ وچ ۾ هڪ سنھو پردو موجود هو. ڀٽ شاھہ ۾ ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي اڄ بہ مان شيخ اياز کي ڏسان ٿو، تہ وچ ۾ هڪ پردو ئي موجود آهي ..... فرق فقط اهو آهي تہ 1975ع ۾ مون هن کي ڪپڙي جي پردي پويان ڏٺو هو ۽ اڄ هو مٽيءَ جي پردي پويا آهي. سنڌ جي ان مٽيءَ جي پردي پويان، جنھن مٽيءَ سان شيخ اياز محبت ڪئي هئي.

(2011ع)

ريڊيو حيدرآباد: منھنجو گهر

ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ”ممنوعہ علائقہ“ واري لڳل بورڊ جو در، مون پھريون ڀيرو 1977ع ۾ اورانگهيو هو. انھن ڏينھن ۾ آغا سليم صاحب اتي پروگرام مئنيجر هو. مان ۽ نصير مرزا ساڻس ملڻ ويا هئاسين. وري جڏهن اپريل 1984ع ۾ نصير مرزا ساڳئي اسٽيشن تي پروڊيوسر ٿي اچي جوائن ڪيو. تہ اهو ساڳيو ”ممنوعہ علائقہ“ مون سميت نصير جي سڄي سنگت جو ٿاڪ بڻجي پيو. نہ فقط ايترو، پر نصير جي ڪري سڄي سنڌ جي اديبن جي باقاعدي ”آمد و رفت“ جاري ٿي وئي.
1985ع ۾ مون پنھنجي ڪھاڻي ”وڃايل ٻار“ لکي هئي. انھن ڏينھن ۾ نورالھديٰ شاھہ پنھنجي رسالي ”ماڪ“ لاءِ خط لکي، ڪھاڻيءَ جي گُهر ڪئي هئي (تڏهن مان لاڙڪاڻي ۾ رهندو هوس.) حيدرآباد وڃڻ ٿيو تہ ڪھاڻي کنيو ويس. نصير مرزا سان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي سندس آفيس ۾ ڪچھريءَ کان پوءِ موڪلائڻ لاءِ اٿيس، تہ نصير وڌيڪ ويھڻ لاءِ چيو. کيس ٻڌايم تہ هاڻي مون کي نورالھديٰ شاھہ ڏانھن وڃڻو آهي ۽ کيس ڪھاڻي بہ ڏيڻي آهي. منھنجي نئين ڪھاڻيءَ جو ٻڌي، نصير مون کي ڪھاڻي ڏيکارڻ لاءِ چيو. ڪھاڻي کيس ڏنم تہ هن مون کي زوريءَ ويھاري ڪھاڻي پڙهڻ شروع ڪئي. ڪھاڻي پڙهي پوري ڪري، نصير وٺي وڃي مون کي مائيڪ جي اڳيان ويھاريو، تہ مان اها ڪھاڻي ادبي پروگرام لاءِ رڪارڊ ڪرايان. سو 1985ع ۾ نصير مرزا پھريون ڀيرو مون کي مائيڪ تي آندو. اها ساڳئي ڪھاڻي ”وڃايل ٻار“ مون کي ٽي وي ڊراما رائيٽر بڻائڻ جو سبب بہ بڻي هئي. گاڏي کاتي واري علائقي ۾ اها ڪھاڻي فوٽو اسٽيٽ بيٺي ڪرايم تہ اوچتو سميع بلوچ اچي فوٽو اسٽيٽ جي دڪان تي پھتو. سميع حجت ڪري فوٽو اسٽيٽ واري کي ڪھاڻيءَ جي هڪ وڌيڪ ڪاپي ٺاهڻ لاءِ چيو. تڏهن سميع بلوچ پي ٽي ويءَ تي اسسٽنٽ پروڊيوسر هو. هن اُها ڪھاڻي پڙهي وڃي پروڊيوسر محمد بخش سميجي (مرحوم) کي ڏني، جنھن مون سان رابطو ڪري ان ڪھاڻيءَ تي ڊرامو لکرايو، جيڪو ساڳئي نالي ”وڃايل ٻار“ سان 1986ع ۾ ٽيليڪاسٽ ٿيو هو. سو مون ڳالھہ پئي ڪئي نصير مرزا جي، تہ نصير 1985ع ۾ پھريون ڀيرو مون کي مائيڪ تي آندو.
عجب اتفاق آهي تہ 1988ع ۾، مان بہ ريڊيو تي پروڊيوسر طور چونڊجي ويس. 15 جون 1988ع تي ٽريننگ لاءِ پاڪستان براڊڪاسٽنگ اڪيڊمي اسلام آباد پھتس، تہ هاسٽل ۾ مون کي اُهو ئي تيرهون نمبر ڪمرو الاٽ ڪيو ويو، جنھن ۾ نصير مرزا رهي ويو هو. 1988ع جي ئي ڊسمبر مھيني جي 15 تاريخ ٽريننگ پوري ٿي. تہ مون کي بہ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جوائن ڪرڻ لاءِ ليٽر ڏنو ويو ۽ ڊسمبر 88ع جي آخري هفتي ۾ هڪ صبح جو مان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي جوائن ڪرڻ لاءِ اچي پھتس. انھن ڏينھن ۾ عنايت بلوچ صاحب اسٽيشن ڊائريڪٽر هو. مان بلوچ صاحب کي جوائننگ رپورٽ ڏيڻ کان اڳ نصير جي ڪمري ۾ هليو ويس. نصير مون کي ڏسي سمجهي ويو تہ منھنجي پوسٽنگ بہ هتي ئي ٿي آهي. سو نصير خوشيءَ مان اٿي بيھندي مرڪيو، ”ويلڪم زيب!“
اڃا نصير ٽيبل کان ڦِري ٻاهر ئي نہ نڪتو، تہ ٻي ٽيبل پويان ويٺل هلڪي قد واري پروڊيوسر تڪڙ ۾ اٿي اچي مون کي ڀاڪر وڌو، ”اڙي زيب! چڱو ٿيو هتي آئين. ڏاڍو مزو ايندو گڏ ڪم ڪندي.“
هلڪي قد واري پروڊيوسر مون کي پنھنجي ڀاڪر مان ڪڍيو تہ نصير ٻڌايو، ”هي ڪوثر ٻرڙو آهي.“
ڪوثر جي حجت تي مون کي حيرت بہ لڳي تہ خوشي بہ ٿي. ڪوثر جي پھرين ئي ڀاڪر مون کي پنھنجائپ جو احساس ڏياري ڇڏيو هو. نصير پيار سان ڀاڪر پائڻ کان پوءِ، هڪ طرف ويٺل شخص ڏانھن اشارو ڪيو، ”سائين سرور بلوچ آهي.“
مون وڃي سرور بلوچ صاحب جي گوڏن تي هٿ رکيا. سرور بلوچ صاحب اٿڻ جي ڪوشش ڪئي تہ، مون سندس ڀرسان رکيل اسٽڪ کي ڏسندي کيس اُٿڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان جي باوجود سرور بلوچ صاحب اٿي بيھي مون کي ڀاڪر پاتو. (سرور بلوچ صاحب سينيئر پروڊيوسر هو. بيماريءَ سبب هو ڪم تہ نٿي ڪري سگهيو، پر آفيس پوءِ بہ روز ايندو هو.)
نصير، ڪوثر ۽ سرور صاحب سان گڏ چانھہ پي، پوءِ ويس اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ صاحب جي ڪمري ۾ ۽ وڃي کيس جوائننگ رپورٽ ڏنم.
حيدرآباد ريڊيو تي مون کي جيڪو پھريون پروگرام ڏنو ويو، اهو هيو ”سڀ رنگ“، جيڪو روزانو منجهند جو ٽي کان چئين وڳي تائين نشر ٿيندو هو ۽ جنھن کي ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان پڻ نشر ڪيو ويندو هو. (ساڳيو پروگرام هاڻي ”سڳنڌ“ جي نالي سان نشر ٿيندو آهي) ”سڀ رنگ“ ۾ نغمہ ملاح، سلمہ ملاح، انيس ميمڻ ۽ تاج بلوچ ڪمپيئر هيا. تاج بلوچ کي ادبي حوالي سان مان چڱيءَ طرح سڃاڻندو هوس ۽ سندس ڏنگي طبيعت کان بہ واقف هوس، سو ڪاغذن تي سندس نالو ڏسي مون کي ٿوري پريشاني ضرور ٿي، پر حقيقت اِها آهي تہ تاج بلوچ، هڪ ڪمپيئر جي حيثيت سان، ڪڏهن بہ مون کي پريشان نہ ڪيو. بلڪہ سندس موجودگيءَ سبب مان اسڪرپٽ لکي ڏيڻ واري خفي کان بہ بچي ويندو هوس. جڏهن تہ ٻين ڪمپيئرس کي مان پاڻ اسڪرپٽ لکي ڏيندو هوس. پروگرام ”سڀ رنگ“ مون فقط ٽي مھينا ڪيو ۽ ان کان پوءِ مون کي ڊراما سيڪشن ڏنو ويو. پھريون ڊرامون ماڪن شاھہ رضويءَ کان لکرايو هوم، جيڪو 26 مارچ 1989ع تي رڪارڊ ڪيو هوم ۽ 6 اپريل 1989ع تي نشر ٿيو هو. ان کان پوءِ نثار حسينيءَ جو ”زندگيءَ جا واڌو ڪاٽو پل“، سليم قريشيءَ جو ”تلاش“، محمود مغل جو ”پروگريس ڪارڊ“ ۽ ڪجهہ ٻيا ڊراما رڪارڊ ڪيم، پنھنجو لکيل ڊرامو ”سمجهوتو“ پڻ رڪارڊ ڪيم. انھن ئي ڏينھن ۾ ڊرامي سان گڏ ڪيتريون ئي گيتن ڀريون ڪھاڻيون پڻ رڪارڊ ڪيم، جن ۾ ”اڌوري تصوير“ ۽ ”جن کي سُور سرير ۾“ (شگفتہ شاھہ)، ”سمنڊ ڪناري“ (نثار حسيني)، ”ڀورائيءَ جي ڀُل“ (زيب نظاماڻي)، ”وڻ تان پکي“ (زرينہ بلوچ)، ”اجڙيل اکيون روشن خواب“ ۽ ”چانڊوڪيءَ جو زهر“ (شبنم گل)، ”ساٿي ٿيئڙا سُور“ (ماڪن شاھہ رضوي) شامل هيون. انھن ڊرامن ۽ گيتن ڀرين ڪھاڻين ۾ جيجي زرينہ، يعقوب ذڪريا، عبدالستار مگسي، قمر ميمڻ، ڊاڪٽر مجيد عابد، شميم ٻانڀڻ، ڊاڪٽر منظور قادر، عثمان سولنگي، سلمہ ملاح، نغمہ ملاح، فرحانہ انيس، سيما مرزا، سيما (سينيئر)، رميش ڪمار، انيس ميمڻ، ارمغان بروهي، عزيز بادل، عرفان علي، گل حسن قريشي ۽ ٻين فنڪارن ڪم ڪيو هو. ڪجهہ گيتن ڀرين ڪھاڻين کان سواءِ پنھنجي لکيل ڊرامي ”سمجهوتو“ ۾ مکيہ ڪردار مون پاڻ ئي ادا ڪيو هو. شبنم گل جي گيتن ڀري ڪھاڻي ”چانڊوڪيءَ جو زهر“ جو اسڪرپٽ ايڏو تہ خوبصورت هو، جو سمورن فنڪارن ۾ اسڪرپٽ ورهائي، راويءَ وارو اسڪرپٽ پاڻ وٽ رکي ڇڏيم ۽ پنھنجي ئي آواز ۾ اها ڪھاڻي رڪارڊ ڪيم. الياس رضا بہ سائونڊ افيڪٽس مين جي حيثيت سان ان ڪھاڻيءَ تي ڏاڍي محنت ڪئي، جنھن ڪري منھنجي انھيءَ پروڊڪشن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو.
الياس رضا، ريڊيو جو هڪ جينئس سائونڊ افيڪٽس مين آهي. هڪ دفعي مون اڌ ڪلاڪ جي ڊرامي جي ڊبنگ دوران لڳاتار اٺ ڪلاڪ کائنس ڪم ورتو. اٺن ڪلاڪن کان پوءِ جڏهن ڊرامو فائينل ٿيو تہ الياس رضا ٿڪجي هيٺ ويھي رهيو. مون الياس رضا سان معذرت ڪئي تہ هن هڪدم اٿي مون کي ڀاڪر پاتو ۽ چيو، ”زيب ڀائي، ايڪ زماني ڪي بعد تو آج مجهہ سي ڪسي ني ڪام ليا هي. بھت خوشي هوئي هي مجهي.“
الياس رضا جيان ان وقت جا پروڊيوسر بہ ڏاڍي محنت ۽ ڌيان سان ڪم ڪندا هئا. ڪوثر ٻرڙو، نصير مرزا، علي نواز خاصخيلي، گل حسن قريشي، انور هڪڙو، خليل چنا، محمد خان لغاري، سليم الحق شيخ، الاهي بخش ٻانڀڻ، اشفاق احمد خان، عتيق شيخ، رابعه سعيد ۽ ٻيا ڪيئي پروڊيوسر هيا. جيڪي پنھنجي ڪم سان ڏاڍا ڪميٽيڊ محسوس ٿيندا هئا. هڪ سينيئر پروڊيوسر اقبال احمد خان بہ هيو، جيڪو ملتان کان بدلي ٿي آيو هو. دل جو ڏاڍو صاف، پر ڪم جو جڏو هيو. جنھن ڏينھن کيس ڪنھن پروگرام جي ايڊيٽنگ ڪرڻي هوندي هئي، ان ڏينھن هٿ تي پٽي ٻڌي ايندو هو ۽ پوءِ پنھنجو ڪم ڪنھن ساٿي پروڊيوسر يا انجنيئر جي حوالي ڪري ڇڏيندو هو. (اقبال، پوءِ حيدرآباد کان ملتان ٽرانسفر ٿي ويو، ۽ اتي ڪجهہ عرصي کان پوءِ هڪ ايڪسيڊنٽ ۾ ٽرين هيٺان اچي گذاري ويو.)
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي انھن ڏينھن ۾ سائين مراد علي مرزا ۽ سڪندر بلوچ پروگرام مئنيجر هيا. سڪندر بلوچ جي بدلي ٿيڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي عسڪر مھدي پروگرام مئنيجر ٿي آيو. عسڪر مھدي انتھائي کلمک ۽ خوبصورت شخص هيو. هڪ ڏينھن شام جو مون کي سڏايائين. سندس آفيس ۾ ويس تہ چيائين، ”تو ڄامشوري جو ڪار آرڊر ڇو ڏنو آهي؟“
هڪ لمحي لاءِ مُنجهي پيس ۽ پوءِ چيم، ”ڄامشوري مان هڪ ليکڪ وٽان ڊرامي جو اسڪرپٽ کڻڻو آهي.“
”ليکڪ جو نالو ڇا آهي؟“ عسڪر پڇيو.
ان کان پھرين جو منھنجو ڪوڙ پڪڙجي، پاڻ ئي چيم، ”سر، اسڪرپٽ ناهي کڻڻو. ذاتي ڪم لاءِ گاڏي کپندي هئي.“
”ڪھڙي ڪم لاءِ؟“ عسڪر سرد لھجي ۾ پڇيو.
سچ ڳالھائڻ ئي مناسب سمجهيم، ”سر، امان آيل آهي. کيس حيدرآباد گهمائڻ ٿو چاهيان.“
عسڪر صاحب مون سان ڪجهہ ڳالھائڻ کان سواءِ هڪدم ڊرائيور کي سڏائي چيو، ”گاڏي کڻي زيب سان هليو وڃ. وقت ۽ فاصلي جي ڪا بہ پابندي ناهي. واپس اچي ڪار آرڊر مون کان صحي ڪرائي وٺجانءِ.“
”مھرباني سر.“ سندس ٿورا مڃيم.
عسڪر صاحب مرڪي چيو، ”اڙي چريو ٿيو آهين ڇا- ماءُ سان ڪو حساب ڪبو آهي ڇا؟“
اهڙيون کوڙ ڳالھيون آهن عسڪر مھديءَ جي محبت جون. اڄ هُو هن دنيا ۾ ناهي، تہ سندس باري ۾ لکندي اکيون آليون ٿي ويون آهن. هو جڏهن بہ ياد ايندو آهي تہ سندس لاءِ دل مان بي اختيار دعا نڪري ويندي آهي.
عسڪر مھديءَ جيان ڪيئي شخصيتون آهن، جن سان حيدرآباد ريڊيو تي ساٿ رهيو ۽ اڄ اهي هن دنيا ۾ ناهن. ڍول فقير، جنھن کي مون جڏهن بہ ڏٺو تہ جُهڪي وڃي ساڻس مليس. غلام رسول نواب شاهي، جيڪو ڪرفيو هوندي بہ هليو ايندو هو. علڻ فقير، استاد نياز حسين، استاد مجيد خان، عبدالحق ابڙو، سيد صالح محمد شاھہ ۽ فوزيا سومرو، جن جون يادون اڄ بہ دل ۾ تازيون آهن.
پاڪستان براڊڪاسٽنگ اڪيڊمي اسلام آباد مان حاصل ڪيل ڇھن مھينن جي ٽريننگ کان پوءِ، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي مون هڪ سال کان بہ ڪجهہ گھٽ عرصو ئي پروڊيوسر جي حيثيت سان ڪم ڪيو، پر انھيءَ ٿورڙي عرصي جون بہ کوڙ ساريون يادگيريون آهن، جيڪي ڪوثر ٻرڙي جي ڪتاب ”ياد گهر“ جيان، ”ياد ڪتاب“ جي صورت ۾، زندگيءَ مھلت ڏني تہ ڪڏهن ضرور لکندس.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان تہ مان ريڊيو پاڪستان جي نوڪريءَ دوران ئي پاس ڪري چڪو هوس. سو جڏهن مون ريڊيو جي نوڪري ڇڏڻ چاهي تہ عنايت بلوچ صاحب مون کي ڏاڍو روڪيو. سندس خيال هو تہ منھنجي طبيعت مطابق ريڊيو جي نوڪري ئي مون لاءِ بھتر هئي، پر مان نوڪري ڇڏي هليو ويس.
1989ع جو اهو دور حيدرآباد ۾ وڳوڙن جو دور هو. اڪثر گولين جا آواز ٻڌبا ها. ويتر جو منھنجي پوسٽنگ حيدرآباد جي سٽي ڪاليج ۾ ٿي تہ ڪاليج کان ٻاهر واري غير محفوظ ماحول/علائقي سبب مان ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي ويس. هڪ ڏينھن عنايت بلوچ صاحب وٽ گل حسن قريشيءَ سان گڏ چانھہ پيئندي، بلوچ صاحب غور سان مون ڏانھن ڏسندي چيو، ”لڳي ٿو توهان ڪجهہ ڊسٽرب آهيو!“
جيسين مان ڪو جواب ڏيان، گل حسن شروع ٿي ويو، ”ها سر، زيب واقعي ڊسٽرب آهي... آرٽسٽڪ نيچر جو ماڻھو آهي... هروڀرو ريڊيو ڇڏي ويو... شھر جون حالتون بہ ٺيڪ ناهن...“ ۽ ياد ناهي تہ گل حسن ٻيو بہ ڇا ڇا چئي ويو.
عنايت بلوچ صاحب مون کان سڌو سوال ڪيو، ”واپس ايندين ريڊيو ۾؟“
مان اوچتو اهڙي سوال تي منجهي پيس.
”ٻڌاءِ ڇا ٿو چوين؟“ بلوچ صاحب پڇيو.
”پر سر، مون تہ مھينو اڳ استعيفيٰ ڏني هئي!“ ٻڏتر واري حالت ۾ چيم.
”اهو منھنجو مسئلو آهي. واپس اچڻ چاهين ٿو، تہ ٻڌاءِ!؟“ عنايت بلوچ وري سڌو سوال ڪيو.
مان خاموش رهيس.
بلوچ صاحب فيصلہ ڪُن انداز سان پڇيو، ”ها- يا نہ؟“
مون کڻي ’ها‘ ڪئي.
بلوچ صاحب ان مھل ئي ٽيليفون تي اسلام آباد هيڊڪوارٽرس ڳالھايو ۽ فون رکي مون کي چيائين، ”سڀاڻي صبح سان اچي جوائن ڪجانءِ.“
ٻئي ڏينھن مان هڪ مھيني جي پگهار واپس سنڌ سرڪار جي خزاني ۾ جمع ڪرائي، وري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پھچي ويس.
تاج جوئي کي جو اها خبر پئي، تہ ٻئي ڏينھن سڪرنڊ کان اچي حيدرآباد ريڊيو تي ٺڪاءُ ڪيائين. ذري گهٽ اصل وڙهي پيو، ”ڇو ڇڏيئي ليڪچراريءَ جھڙي نوڪري.... ڇو واپس آيو آهين ريڊيو ۾...“
تاج جي بحث مون کي اصل بخار ڏئي ڇڏيا. سوچڻ تي مجبور ٿي پيس تہ مان جيڪو لکڻ پڙهڻ جو ڪم پروفيسر جي حيثيت سان ڪري سگهان ها، اهو پروڊيوسر جي حيثيت سان ڪڏهن بہ نہ ڪري سگهندس. اها سوچ ذهن تي سوار ٿي ويئي. ڏينھن رات دماغ تي بوجهہ رهڻ لڳو. وري جو تاج جويو هڪ ڏينھن ٽي چار ڪلاڪ لاڳيتو اچي منھنجي آفيس ۾ ويٺو، تنھن ريڊيو جي نوڪريءَ تان منھنجو ارواح ئي کڻائي ڇڏيو. هاڻي ڇا ڪجي... ڪجهہ سمجهہ ۾ ئي نہ پئي آيو. شام جو ”سھڻي“ پريس تي پنھنجي دوست طارق اشرف (مرحوم) سان ڪچھري ڪندي ساڻس اهو ذڪر ڪيم. ٻئي ڏينھن طارق اشرف مون کي سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي وٺي ويو. ناميارو ڪھاڻيڪار بشير مورياڻي صاحب ان وقت هوم سيڪريٽري هو. بشير مورياڻيءَ سيڪريٽري ايجوڪيشن نذر محمد شيخ کي فون ڪري چيو، ”شيخ صاحب، هي نوجوان زيب سنڌي منھنجو ذاتي دوست آهي. مھرباني ڪري سندس ڪم اڄ ئي ڪري ڏيو.“
ان ئي ڏينھن جڏهن مان سنڌ سيڪريٽريٽ مان ٻاهر نڪتس، تہ وري ليڪچررشپ Reinstate ٿيڻ جو آرڊر منھنجي کيسي ۾ پيو هو.
ٻئي ڏينھن ريڊيو اسٽيشن تي وڃي استعيفيٰ لکيم. عنايت بلوچ صاحب سان ملڻ جو سَتُ نہ ساري، استعيفيٰ سندس پي. اي جي حوالي ڪري اسٽيشن کان ٻاهر هليو ويس ۽ وري وڃي سٽي ڪاليج جوائن ڪيم. ڪيترا ڏينھن تہ ريڊيو جي اسٽيشن جي ٻاهران بہ نہ گذريس. ڪافي ڏينھن کان پوءِ هڪ ڏينھن دوستن جي ڇِڪَ مون کي ريڊيو تي وٺي ويئي. عنايت بلوچ صاحب وٽ بہ ويس. بلوچ صاحب ناراض تہ نہ ٿيو، پر ميارون ضرور ڏنائين. اهو وعدو بہ ورتائين تہ هاڻي مان هڪ ليکڪ ۽ ڪمپيئر جي حيثيت سان، ريڊيو پاڪستان سان وابستہ رهندس، پر جيسين ڪا اهڙي صورتحال پيدا ٿئي، مان سٽي ڪاليج حيدرآباد کان گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي بدلي ڪرائي هليو ويس. چوڏهن مھينا لاڙڪاڻي ۾ رهي وري بدلي ڪرائي آگسٽ 1991ع ۾ حيدرآباد موٽي آيس. حيدرآباد واپس موٽڻ کان پوءِ بہ هڪ سال مائيڪ کان پري رهيس. 1992ع ۾ ساڳئي آگسٽ مھيني ۾ علي نواز خاصخيليءَ پروگرام ”سڳنڌ“ لاءِ ۽ ڪوثر ٻرڙي پروگرام ”صبحِ مھراڻ“ لاءِ مون کي ڪمپيئر طور بڪ ڪيو. تڏهن کان هڪ پروڊيوسر بجاءِ، ڪمپيئر طور باقاعدي منھنجو سفر شروع ٿيو، جيڪو بنا ڪنھن وٿيءَ جي، اڄ تائين جاري آهي.
عنايت بلوچ صاحب تمام سٺو ايڊمنسٽريٽر هو. جيسين بلوچ صاحب ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي رهيو، اسٽيشن جا مامرا بہ ٺيڪ رهيا تہ ماحول بہ. 1995ع ۾ عنايت بلوچ جو پروموشن ٿيو ۽ هو ڊائريڪٽر پروگرامز ٿي اسلام آباد هليو ويو. کانئس پوءِ شڪيل فاروقي اسٽيشن ڊائريڪٽر ٿي حيدرآباد آيو.
هڪ ڏينھن منھنجي صحافي دوست جعفر ميمڻ فون ڪري مون کي ٻڌايو تہ، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سنڌي ڊراما بند ڪيا ويا آهن. مون جڏهن ريڊيو اسٽيشن پھچي جاچ ڪئي تہ خبر پئي، نہ فقط سنڌي ڊراما بند ڪيا ويا آهن، پر سنڌي پروگرامن جو مڃيل تناسب بہ ڪافي متاثر ٿي چڪو هو. مان ان معاملي تي اسٽيشن ڊائريڪٽر شڪيل فاروقيءَ سان ڳالھائڻ ويس، پر هُنَ هيڏانھن هوڏانھن جون ڳالھيون ڪرڻ شروع ڪيون. مون گهڻو ئي کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن منھنجي هِڪ بہ نہ ٻڌي. ريڊيو اسٽيشن کان ٻاهر نڪري وڃي مون دوستن سان گڏجي ”ريڊيو بچايو ڪاميٽي“ ٺاهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سنڌي ٻوليءَ جي جائز حق بابت ان ڪاميٽيءَ جي جدوجھد کي سنڌي پريس ۽ سڄاڻ ڌرين جي ايتري موٽ ملي، جو اها هڪ تحريڪ بڻجي پئي. معاملو ايترو اڳتي وڌيو، جو ان وقت جي وزيراعظم محترمہ بينظير ڀٽو ان ڳالھہ جو نوٽيس ورتو. قاضي اسد عابد صاحب ان وقت انفرميشن ۽ براڊڪاسٽنگ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ جو چيئرمين هو. هڪ ڏينھن قاضي اسد عابد مون کي فون ڪري سڏيو. مون پنھنجي دوستن سان گڏ وڃي سڄو معاملو دستاويزي ثبوتن سوڌو قاضي صاحب جي اڳيان رکيو. اها ملاقات قاضي صاحب جي حيدرآباد واري گهر تي ٿي. ٻئي ڏينھن قاضي اسد عابد صاحب، حيدرآباد ريڊيو جي انتظاميہ کي پاڻ وٽ سڏائي، انتظاميا جو مؤقف ٻڌڻ کان پوءِ انتظاميا کي معاملا ٺيڪ ڪرڻ جي تنبيھہ ڪئي ۽ ريڊيو بچايو ڪميٽيءَ جون شڪايتون دور ڪرڻ لاءِ چيو. ساڳئي ڏينھن شام جو شڪيل فاروقيءَ مون کي فون ڪري چيو تہ مان توهان سان ملڻ ٿو چاهيان، وقت ڏيو تہ مان توهان جي گهر اچان. کيس چيم تہ منھنجي ڄاڻ موجب توهان جي پروگرام مئنيجر، اقبال فريديءَ ئي اهي سڀ شرارتون ڪيون آهن، تنھن ڪري توهان بيشڪ اچو، پر اقبال فريديءَ کي نہ وٺي اچو. شام جو در کڙڪيو. ٻاهر نڪتس تہ در تي نصير مرزا ۽ علي نواز خاصخيلي بيٺا هيا ۽ سندن پويان ڪجهہ فاصلي تي شڪيل فاروقي ۽ اقبال فريدي بہ موجود هيا. شڪيل فاروقيءَ منھنجا ٻہ دوست اڳيان ڪري، منھنجي منھن ۾ ڏئي ڇڏيا هئا، سو اقبال فريديءَ سميت سڀني کي پنھنجي گهر جي ڊرائنگ روم ۾ وٺي آيس، جتي اڳي ئي ريڊيو بچايو ڪاميٽيءَ جو ڪنوينر تاج جويو، نصير ميمڻ ۽ ڪاميٽيءَ جا ٻيا ميمبر دوست موجود هيا. شڪيل فاروقيءَ ۽ اقبال فريديءَ پنھنجي غلطين جو اعتراف ڪندي چيو تہ اڳتي اهڙي شڪايت نہ ٿيندي ۽ سنڌي پروگرامن جو تناسب بحال ڪيو ويندو. مون کين چيو تہ لکت ۾ معاهدو ڪيو. ڪجهہ بحث کان پوءِ هڪ ڊرافٽ تيار ڪيو ويو ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي انتظاميا کي ريڊيو بچايو ڪميٽيءَ سان لکت ۾ معاهدو ڪرڻو پيو. ٿوري ئي وقت کان پوءِ شڪيل فاروقي ۽ اقبال فريديءَ کي حيدرآباد ريڊيو تان بدلي ڪيو ويو.
ريڊيو بچايو ڪاميٽيءَ کي ٽوڙڻ بجاءِ، اسان ڪاميٽيءَ جون سرگرميون معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو. وري سڪندر بلوچ ۽ خواجا امداد عليءَ جي اسٽيشن ڊائريڪٽر هئڻ وارن وقتن ۾ جڏهن ريڊيو فنڪارن کي شڪايتون پيدا ٿيون تہ ريڊيو بچايو ڪاميٽي وري فعال ٿي پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. ان کان پوءِ ملڪ عزيزالرحمان اولک ۽ فخر بلوچ جي ٻئي دور واري وقت ۾ سنڌي پروگرامن جو تناسب گهٽيو، تڏهن بہ ريڊيو بچايو ڪاميٽي فعال ٿي جدوجھد ڪئي. ان وقت انھيءَ جدوجھد ۾ منھنجي دوستن، گل ڪونڌر ۽ امين ارباب مون سان گڏ سرگرم ڪردار ادا ڪيو.
اولک صاحب جي وقت ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مقبول سنڌي پروگرام ”سڳنڌ“ کي بند ڪيو ويو. سندس ئي وقت ۾ حيدرآباد مان FM101 جي نشريات شروع ٿيڻ واري هئي، پر سڄي نشريات ۾ سنڌي ٻوليءَ جو نالو نشان ئي ڪونہ هو. ڪاميٽيءَ جي پليٽ فارم تان اولک صاحب سان گهڻي ئي مٿا ڪُٽ ڪئيسين، پر هو فقط اکيون ڏيکاريندو رهيو. مجبور ٿي مون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پروگرام ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ بائيڪاٽ ڪري ٻاهر هليو ويس. منھنجي ٻين بہ ڪيترن ئي ساٿي فنڪارن انھيءَ عمل کي ورجايو ۽ اسان سڄو معاملو پريس ۾ کڻي وياسين. انھن ئي ڏينھن ۾، ان وقت جو انفرميشن ۽ براڊڪاسٽنگ جو منسٽر نثار ميمڻ صاحب حيدرآباد اچڻو هو. ان وقت حيدرآباد ۾ انفرميشن ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ ادب دوست اردو ڳالھائيندڙ خاتون ثمينہ وقار ڊائريڪٽر هئي. مون ثمينہ وقار کي وڃي سڄو مسئلو ٻڌايو ۽ کيس چيم تہ حيدرآباد ۾ مون کي منسٽر سان ملڻ جو وقت وٺي ڏيو. ثمينہ وقار اردو ڳالھائيندڙ هئڻ باوجود سڄي معاملي کي نھايت ديانتداريءَ سان سمجهيو ۽ ان مھل ئي اسلام آباد فون ڪري منسٽر صاحب کي چيائين تہ حيدرآباد ۾ زيب سنڌي ۽ ڪجهہ ٻيا اديب توهان سان ملڻ چاهين ٿا. منسٽر کان هاڪاري جواب مليو تہ مان سنڌي ٻوليءَ جي گهڻگهري سائين غلام علي الانا صاحب وٽ ويس ۽ کيس ان وفد ۾ شامل ٿيڻ لاءِ عرض ڪيم. الانا صاحب هڪدم هاڪار ڪئي. منسٽر نثار ميمڻ صاحب حيدرآباد آيو تہ مان سائين غلام علي الانا، گل ڪونڌر ۽ امين ارباب کي ساڻ وٺي سرڪٽ هائوس حيدرآباد پھتس، جتي غلام رباني آگرو صاحب، منسٽر سان ذاتي تعلق سبب اڳ ئي موجود هيو. غلام علي الانا صاحب جي اڳواڻيءَ ۾، مون ئي سڄي بريفنگ ڏني. جنھن جي نتيجي ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو بند ٿيل سنڌي پروگرام ”سڳنڌ“ تہ وري شروع ٿي ويو، پر ان کان پوءِ جڏهن FM101 جي نشريات شروع ٿي تہ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪاريءَ وارا ڪک هيا.
ناانصافيءَ تي خاموش رهڻ جي تہ مون سُتي ئي ناهي پيتي، سو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيج هجي، يا ڪو ٻيو فورم، مان هر جاءِ تي اها ڳالھہ ڪندو ئي رهيس تہ، سنڌ جي حيدرآباد جھڙي شھر ۾ سرڪاري FM101 تان سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي مليل آهي. مان اهو ڪريڊٽ بلڪل نٿو کڻان، پر سنڌي پريس (خاص طور ڪاوش اخبار ۾ ويٺل منھنجي دوست نياز پنھور) ۽ سنڌ جي سڄاڻ ڌرين جو آواز نہ دٻجي سگهيو ۽ سالن کان پوءِ نيٺ FM101 تان فقط هڪ ڪلاڪ روز جو سنڌي پروگرام شروع ٿيو. خاموشي مون تڏهن بہ اختيار نہ ڪئي. 20- جولاءِ 2008ع تي جڏهن ريڊيو پاڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل مرتضيٰ سولنگي صاحب ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي دوري تي آيو هو، تڏهن موجودہ اسٽيشن ڊائريڪٽر، منھنجي دوست نصير مرزا مون کي بہ اچڻ لاءِ چيو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽوڊيوز ۾ رٿيل ان ننڍڙي تقريب ۾ جڏهن مون کي ڳالھائڻ جو موقعو مليو، تڏهن مون چيو تہ، ”ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي FM101 جي ايڪويھن ڪلاڪن جي نشريات ۾ فقط هڪ ڪلاڪ جو هڪڙو سنڌي پروگرام نشر ٿئي ٿو. ڇا حيدرآباد شھر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ اسين فقط پنج سيڪڙو سنڌي ٿا رهون!؟“
مرتضيٰ سولنگي صاحب سڀني جون ڳالھيون ٻڌيون ۽ بنا ڪو تبصرو ڪرڻ جي واپس اسلام آباد هليو ويو، پر نتيجو ڪجهہ ئي عرصي ۾ سامھون اچي ويو. مرتضيٰ سولنگي صاحب ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت سان ٻيو ڪو اهم ڪم ڪري يا نہ ڪري، پر ”لکان دا مٽ“ هڪ ڪم ضرور ڪري ڇڏيائين، جو اڄ FM101 حيدرآباد تان پنجاھہ سيڪڙو سنڌي پروگرام نشر ٿين ٿا.
1977ع ۾ نصير مرزا ۽ مان، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ”ممنوعہ علاقہ“ واري بورڊ لڳل در کي اورانگهي، آغا سليم صاحب سان فقط ملڻ خاطر مھمان بڻجي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي بلڊنگ اندر داخل ٿيا هئاسين، جتي آغا سليم صاحب پروگرام مئنيجر هو. اڄ ان ساڳئي هنڌ نصير مرزا اسٽيشن ڊائريڪٽر آهي ۽ مان پروگرام ڪرڻ، يا پنھنجي ڪاليج ڏانھن ايندي ويندي، جڏهن بہ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ساڳئي ئي ”ممنوعہ علاقہ“ واري بورڊ لڳل در تي پھچان ٿو، تہ اهو ساڳيو در مون لاءِ ائين کُلي ٿو وڃي، ڄڻ اُهو منھنجي پنھنجي گهر جو در هجي.

(جون-2008 ع)

سفرنامو

هڪ لمحي جا ٽڪرا

”زيب، هي منظر تہ ڏس يار!“ رزاق مھر، جيڪو جھاز ۾ ونڊو سائيڊ کان ويٺو هو، تنھن ٻاهر ڌيان ڇڪايو. ٻاهر نھار ڪيم، تہ جھاز بادلن مٿان اڏامي رهيو هو، ۽ ٻاهر جھاز کان هيٺ هر طرف گهرا بادل ائين لڳي رهيا هئا، ڄڻ سمنڊ جون لھرون. انھن لھرن نما بادلن جي وچ ۾ ڪڪرن جو هڪ مٿي اڀاميل حصو، لھندڙ سج جي ڪرڻن سبب، ڪنھن خوابن جھڙي سونھري ٻيٽ جھڙو لڳي رهيو هو.
منھنجي ٻئي پاسي ويٺل حق نواز سمي جي واتان بي اختيار نڪتو، ”واھہ، ڪيڏو خوبصورت ٻيٽ آهي!“
چيم، ”دل چوي ٿي لاهور بجاءِ ان ٻيٽ تي لھي پئجي!“
رزاق مھر اڳ ۾ تہ هڪڙو شاندار ٽھڪ ڏنو ۽ پوءِ چيائين، ”اڏندڙ جھاز مان تون پيرا شوٽ وسيلي لھي تہ سگهين ٿو، پر ڪڪرن وارو اهو ٻيٽ توکي پير کوڙڻ ڪونہ ڏيندو. انھيءَ ٻيٽ مان آرئون پار نڪري وڃي پنجاب جي ڪنھن پنڊ مٿان ڪرندين ۽ چٽڻي ٿي ويندين!“
رومينٽڪ موڊ کي برباد ٿيندي ڏسي، مون ايڪانامي ڪلاس جي دروازي ڏانھن ڏٺو، جتان هڪ خوبصورت ايئرهوسٽس نظر اچي رهي هئي. منھنجي نظر تہ هڪ هنڌ بيھي رهي، پر پنج سؤ کن ماڻھو کڻي اڏامندڙ جمبوجيٽ پنھنجي رفتار سان لاهور ڏانھن اڏامي رهيو هو.
ٻہ مھينا کن اڳ، ڪراچي ٽيليويزن جي پروگرام مئنيجر ۽ انتھائي محبت ۽ عزت ڏيندڙ شخص منظور قريشي فون ڪري چيو هو تہ يونائيٽيڊ نيشن ڊيولپمينٽ پروگرام تحت ٽن ڏينھن وارو هڪ ورڪشاپ ڪراچي جي پرل ڪانٽينينٽل هوٽل ۾ ٿي رهيو آهي. توهان جي رهائش ۽ کاڌي جو انتظام بہ اتي ئي هوندو، توهان اهو ورڪشاپ اٽينڊ ڪيو.
ڏھہ ٻارهن هزار روز جي خرچ واري، ڪراچي جي فائيو اسٽار هوٽل جي ڪشش بہ مونکي ڇڪي نہ سگهي، پر منظور قريشي جھڙي شخصيت کي جواب ڏيڻ بہ ڏکيو ٿي لڳو. چيم، ”سوچي ٻڌائيندس.“ پر ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ اطلاع ڏنو ويو تہ ورڪشاپ ملتوي ٿي ويو آهي. تڏهن مون سک جو ٿڌو ساھہ کنيو هو، پر ڪراچي ٽي وي جي جنرل مئنيجر اطھر وقار عظيم سان ملاقات ٿي تہ هن زور ڀريو تہ مون کي ورڪشاپ ضرور اٽينڊ ڪرڻ گهرجي- ۽ ڪجهہ ڏينھن اڳ وري ڪراچي ٽيليويزن تان پي آر او غزالا ياسمين فون ڪري چيو تہ U.N.D.P” جو ورڪشاپ لاهور ۾ ٿي رهيو آهي، توهان شريڪ ٿيڻ پسند ڪندا؟“
هڪدم وراڻيو هوم، ”ها بلڪل، لاهور ضرور وڃبو!“
پھريون دفعو لاهور 1985ع ۾ ويو هوس، مرحوم ذوالفقار راشدي سان گڏ، ٻہ ڏينھن اتي رهيا هئاسين، ۽ اهي ٻئي ڏينھن انارڪلي کان وٺي شھر جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڦھليل ڪتابن جي دڪانن کي اٿلائيندا رهيا هئاسين. راشدي صاحب کي ڪنھن بہ ٻي ڳالھہ کان وڌيڪ دلچسپي هوندي هئي ڪتابن سان، سو ڀريون ڪتابن جون خريد ڪرڻ کان پوءِ ٽيڪسي ۾ بہ راشدي صاحب ڏسندو ڪتابن کي اٿلائي پٿلائي، ۽ مان ٽيڪسي کان ٻاهر گول مٽول ڪتابي جھڙن کي… ائين ئي گذريا هئا، اهي ٻئي ڏينھن لاهور جا.
ان کان پوءِ 1988ع ۾ ريڊيو پروڊيوسر جي ٽريننگ دوران اسلام آباد ويندي ڪيترائي دفعا لاهور مان گذر ٿيو. پنھنجي خرچ تي سفر سبب انھن ڏينھن ۾ هڪڙو ئي دفعو جھاز جو سفر ڪيم، باقي هر دفعي ٽرين ۽ ڪوچ وسيلي ئي اسلام آباد پھچبو هو. گهڻو ڪري گڏيل پروگرام ٺهندو هو، شڪارپور جي آغا محمد علي ۽ جيڪب آباد جي ارشد مراد سان. اسلام آباد کان سنڌ ايندا هئاسين تہ PBC اڪيڊمي کان ئي گڏ نڪرندا هئاسين ۽ راولپنڊي کان ٽرين تي چڙهي سڌو اچي روهڙي اسٽيشن تي لھندا هئاسين، ۽ پوءِ ٽڙي پکڙي ويندا هئاسين. واپس وڃڻ کان اڳ هڪ ٻئي سان فون تي رابطو ڪري، ورري اچي روهڙي اسٽيشن تي ملندا هئاسين ۽ پوءِ شام/ رات واري ڪنھن ٽرين ۾ چڙهي اچي صبح سان لاهور پھچندا هئاسين. لاهور پھچڻ شرط ارشد مراد تہ ڪنھن مالشيءَ کان مٿي کي زور ڏياريندو هو ۽ آغا محمد علي ۽ مان وڃي ڀرپاسي ۾ لوڻا هڻندا هئاسين، پر عام طور تي اسر ويل/ صبح سوير ڪتابي چھرن بجاءِ، لاهور جي پيٽ نڪتل پھلوانن جو ئي درشن نصيب ٿيندو هو ۽ ڪجهہ دير کان پوءِ ڪنھن ڪوچ ۾ چڙهي لاهور کان ڪُوچ ڪري اسلام آباد هليا ويندا هئاسين.
اڪيڊمي پھچڻ تي، لاهور سان تعلق رکندڙ ۽ ڪافي عرصي کان اسلام آباد ۾ رهندڙ اسان جي ساٿي پروڊيوسر رفعت قيوم، لاهورين جي چوڻي ”جس ني لاهور نئين ويکيا وه جميا اي نئين“ ٻڌائي پڇندي هئي، ”لاهور ويکيا؟“
هر دفعي مرڪي وراڻيندو هوس، ”ٿوڙا ٿوڙا.....“
جلترنگ جھڙو مخصوص ٽھڪ ڏئي پنجابي گاڏڙ اردو ۾ کلي چوندي هئي، ”تسي جمي ضرور هو پر اڀي ڇوٽي سي بچي هو!“
سو جڏهن U.N.D.P جي ٽن ڏينھن واري ورڪشاپ لاءِ چيائون تہ اهو ڪراچي بجاءِ لاهور ۾ ٿي رهيو آهي، تڏهن مون هڪدم هاڪار ڪئي تہ شايد هاڻي بالغ نظر سان لاهور ڏسڻ جو موقعو ملي… هاڻي 25 جون 2001ع واري ڏينھن، شام جو ستين وڳي ڪراچي کان PIA جي فلائيٽ 306 PK وسيلي اسان لاهور ڏانھن وڃي رهيا هئاسين.
جھاز جي ايڪانامي ڪلاس ۾، اسان کي سڀني کان اڳيان وارين سيٽن تي ويھاريو ويو هو. رزاق مھر جي واقف ۽ اداڪاريءَ جي شوقين PIA جي هڪ نوجوان آفيسر اسان کي اهي سيٽون وٺي ڏيڻ کان پوءِ، جھاز ۾ سيٽن تي ويھارڻ کان پوءِ فخريا انداز ۾ چيو هو، ”توهان ايڪانامي ڪلاس ۾ هوندي بزنيس ڪلاس جو مزو وٺي سگهو ٿا، ڇو تہ ايڪانامي ڪلاس ۾ سڀني کان اڳيان آهيو ۽ توهان جي سامھون دروازي مان بزنيس ڪلاس نظر اچي رهيو آهي.“
اسان ٽنھي ڏند ٽيڙي نوجوان آفيسر جا ٿورا مڃيا ۽ هو ٿوري دير کان پوءِ هليو ويو. سندس وڃڻ کان پوءِ اسان کي احساس ٿيو تہ اهو نوجوان آفيسر اسان کي ويل ۾ وجهي ويو آهي! ڇو تہ جھاز جي ان حصي ۾ ايئرڪنڊيشنر جي ڪولنگ بنھہ گهٽ هئي. لڳو ٿي اسان ڪنھن جمبوجيٽ تي نہ، پر حيدرآباد کان قمبر، شھداد ڪوٽ ۽ قبو سعيد خان ڏانھن هلندڙ سنڌ لائين جي ڪوچ ۾ سفر ڪري رهيا هئاسين. پگهر اسان جي ڪياڙين کان وهي، ڪپڙن ۾ جذب ٿي رهيو هو.
چوندا آهن تہ هر شيءِ جا ٻہ رخ ٿيندا آهن. سو اهو تہ هو ايڪانامي ڪلاس جي اڳين سيٽن جو منفي پھلو- ۽ مثبت پھلو اهو هو، تہ سامھون واري دروازي مان بزنيس ڪلاس جون خوبصورت ايئر هوسٽيسز نظر اچي رهيون هيون. اسان ايڪنامي ڪلاس جي اڌڙوٽ اسٽيورڊ تان نظرون هٽائي، دروازي جي ٻئي طرف تڪي، ايئرڪنڊيشنر جي ٿڌڪار کان سواءِ اکيون ٿڌيون ڪري رهيا هئاسين. جڏهن تہ اسان سان گڏ سوار ٿيل شوڪت شورو ۽ آغا رفيق پوئتي ڪٿي ويٺا هئا.
اڌ مني ڪلاڪ جي سفر کان پوءِ، ڊنر جي نالي ۾ اڌڙوٽ اسٽيورڊ اسان جي سامھون اسڪولي ٻارن جي لنچ باڪس جھڙا دٻا ڇڏي ويو، پر ان بظاهر ننڍڙي باڪس ۾ سٿيل خوراڪ کائڻ کان پوءِ اندازو ٿيو تہ پاڻ جھڙي ماڻھو جي ڊنر لاءِ اها خوراڪ ئي ڪافي آهي. رزاق ڏند کوٽيندي چيو، ”ورڪشاپ وارا هڪڙي ويلي جي خرچ کان بچي ويا.“
ڳالھين ڳالھين ۾ ڏيڍ ڪلاڪ جو سفر گذري ويو ۽ اسان لاهور جي مٿان اڏامي رهيا هئاسين. لاهور جو سڄو شھر روشنين ۾ جرڪي رهيو هو. رزاق جي واتان بي اختيار نڪتو، ”واھہ ڪيا بات هئي!“
پٺئين سيٽ تان آواز آيو، ”لھور لھور اي جي!“
مون ڪنڌ ورائي پٺئين سيٽ تي ويٺل جهونڙي همراھہ ڏانھن ڏٺو ۽ پنجابيءَ ۾ ئي کيس جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪيم، ”آهو جي- حڪمرانون دي مھربانيان نال!“
پوڙهي پنجابيءَ کي منھنجي ڳالھہ نہ وڻي، ۽ هو هيڏانھن ڏسڻ لڳو.
چند لمحن ۾ اچي جھاز لينڊ ڪيو، جھاز کان لائونج ڏانھن ويندڙ بس ۾ شوڪت شورو ۽ آغا رفيق بہ ملي ويا. سڀئي گڏجي لائونج کان ٻاهر نڪتاسين تہ هڪ همراھہ جي هٿ ۾ جهليل بينر تي نظر پئي، جنھن تي لکيل هو، Portrayal of Women اسان وڃي سندس پاسو ورتو ۽ کيس ٻڌايوسين تہ ڀائو، تون اسان جي ئي انتظار ۾ بيٺو آهين. ان همراھہ اسان کي سامھون بيٺل اواري هوٽل جي ڪوسٽر ۾ وڃي ويھاريو ۽ وري هليو ويو. واپس موٽيو تہ ڪراچي جا ليکڪ قاضي فصيح، سلطانہ صوفي، سيما غزل ۽ ٻيا بہ ساڻس گڏ هئا. ڪوسٽر ڏهن منٽن کان پوءِ وڃي اسان کي اواري هوٽل جي دروازي تي لاٿو. وڏن شھپرن وارو دربان احترام سان سلام ڪري دروازو کولي بيھي رهيو. جڏهن سڀ اندر هليا ويا تہ رزاق مون ڏانھن ڏسندي چيو، ”يار تون ڇو بيھي رهيو آهين؟“
مون شھپري دربان ڏانھن ڏسندي چيو، ”اڪثر وڏن هوٽلن جي دربانن جا شھپر سئنيما اسڪوپ ڇو هوندا آهن؟“
”ڪن وڏن هوٽلن جا دربان وري مني اسڪرين جيان بنھہ بندرا بہ هوندا آهن!“ حق نواز پوئتي ڪنڌ ورائي، ٽھڪ ڏيئي چيو ۽ اسين دروازي کان اندر هليا وياسين.
لاهور جي Avari هوٽل جو لائونج مون کي ڪراچي جي PC کان بہ خوبصورت محسوس ٿيو. ڪائونٽر تان ڪمري جي چاٻي وٺندي اهڙو اظھار آغا رفيق سان ڪيم، تہ هن رسيپشنسٽ ڇوڪريءَ ڏانھن مرڪي ڏسندي چيو، ”واقعي لائونج ڏاڍو خوبصورت آهي.“
آغا رفيق جو جملو ٻڌي ڇوڪريءَ مرڪي ڏنو تہ لائونج وڌيڪ خوبصورت ٿي ويو.
ڪائونٽر تي ئي، چاٻين سان گڏ جوس جا گلاس پياري، لفٽ تائين اسان جي رهنمائي ڪئي وئي ۽ اسان کي چيو ويو تہ، ڊنر لاءِ ڏهين وڳي اچي وڃجو. اسان سڀ مختلف فلورس تي مليل پنھنجن ڪمرن ڏانھن هليا وياسين. فرسٽ فلور تي مان پنھنجي ڪمري جو در کولي رهيو هوس، تہ ڀرسان واري ڪمري جو در کوليندي سيما غزل چيو، ”ڊنر لاءِ وڃو تہ مون کي سڏي وٺجو.“
مون ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي ۽ ڪمري ۾ هليو ويس.
صاف سٿري ۽ خوبصورت ڪمري ۾ ضرورت ۽ آرام جي هر شي موجود هئي. باٿ روم سميت مختلف هنڌن تي رکيل ٽي ٽيليفون سيٽ، ڊبل بيڊ، ٽي وي، اي سي. جوسز، ڪولڊ ڊرنڪس ۽ منرل واٽر سان ڀريل فرج، رائيٽنگ ٽيبل ۽ ان مٿان رکيل فروٽ باسڪيٽ، مون هڪ نظر ڪمري جو جائزو ورتو. سامان الماڙي ۾ رکي سادي پاڻي جا ٻہ گلاس پي ليٽي پيس. اڌ ڪلاڪ کن ليٽيو هوندس تہ ڪنھن اچي در کڙڪايو. در کوليم تہ رزاق ۽ حق نواز تيار ٿيا سامھون بيٺا هئا.
”يار شابس اٿئي! اڃا تيار ناهين ٿيو. لاهور ننڊون ڪرڻ آيو آهين ڇا؟“ رزاق چيو.
کين ڪمري ۾ وٺي اچي وقت ڏٺم. پورا ڏھہ ٿيا هئا. هنن کي ويھاري تيار ٿي سوا ڏهين وڳي ڪمري مان نڪتاسين تہ ياد آيو، سيما غزل چيو هو تہ ڊنر تي وڃو تہ سڏي وٺجو، هڪ ٻہ دفعا سندس در کڙڪايوسين پر هوءَ نہ نڪتي تہ اسان هليا وياسين.
ڊنر لاءِ لان ۾ پھتاسين تہ ويٽر اسان کي ورڪشاپ لاءِ آيل مھمانن جي مخصوص ٽيبلن ڏانھن اشارو ڪيو. ڏٺم، سيما غزل اڳواٽ ئي هڪ ٽيبل تي ڪراچي جي ٻين ليکڪن سان ويٺل هئي. هن اسان ڏانھن ڏسي ڪنڌ لوڏيو، پر مون کيس نظرانداز ڪري ٻي وڏي ٽيبل ڏانھن ڏٺو، جتي اڳ ئي ٽي ڄڻا ٻيا بہ ويٺا هئا. اسان ٽئي بہ اوڏانھن وڌي وياسين. تعارف ٿيو تہ خبر پئي تہ اهي ٽئي همراھہ ڪوئيٽا ٽي وي جا ليکڪ هئا، ڊاڪٽر حميد بلوچ، اي ڊي بلوچ ۽ حبيب پانيزئي. هنن سان تعارف ڇا ٿيو، هلڪي قد وارو سنھڙو سيپڪڙو ۽ سانورو اي ڊي بلوچ سنڌي ۾ شروع ٿي ويو، ”سائين مون فقط اردو نہ، پر توهان سڀني جا سنڌي ڊراما بہ کوڙ ڏٺا آهن. بلوچي ٻوليءَ جي T.V ڊرامي جي تہ ابتدا ئي سنڌي ڊرامي کي ترجمو ڪرڻ سان ٿي هئي ۽ سائين، مون کي وسارجو نہ، مان اي ڊي بلوچ آهيان!“
هر جملي کان پوءِ ”سائين مون کي وسارجو نہ، مان اي ڊي بلوچ آهيان.“ چوڻ تي مون کيس کلي چيو، ”پيارا اي ڊي، اڃا تہ پاڻ ٽي ڏينھن هتي گڏ هونداسين، پر تون تہ پھرين ملاقات ۾ ئي ياد رهڻ جھڙي شيءِ لڳو آهين!“
کلي پنھنجو ڪالر ٺيڪ ڪندي چيائين، ”مھرباني- مھرباني. اڪثر نون ملندڙن جي منھنجي لاءِ اهڙي ئي راءِ هوندي آهي.“
”۽ ٻہ ٽي ڏينھن گڏ رهڻ کان پوءِ اها راءِ بدلجي بہ ويندي آهي.“ سندس ساٿي حميد بلوچ جي جملي تي سڀ ٽھڪ ڏيئي کلي پياسين.
جھاز ۾ کاڌل ماني کان پوءِ، هوٽل ۾ پھچڻ تائين منھنجو اهوئي خيال هو تہ رات جي ماني نہ کائبي. ڀل تہ مال پرائو هجي، پر پيٽ تہ پنھنجو آهي، پر خبرناهي تہ لاهور جي گرم موسم جو اثر هو الائي پاڻي جو، تہ هاڻي وري ٺيڪ ٺاڪ بک لڳي هئي. ماني کائيندي ڏٺم تہ ٻين جي بہ ساڳي حالت هئي، هر ڪنھن عام ويلي کان ڪجهہ وڌيڪ ماني کاڌي هوندي.
لان ۾ ٺھيل اسٽيج تان مڌر ڌنن ۾ ڳائيندڙ نوجوانن جي آوازن سان رات ٺرڻ لڳي تہ اسان بہ ڪچھري پوري ڪري ڪمرن ڏانھن روانا ٿياسين.
رات جو دير تائين ننڊ نہ اچڻ واري عادت سبب، ڪمري ۾ پھچي T.V آن ڪيم تہ ويھارو کن چينلز سان گڏ هڪ چينل اواري هوٽل جو بہ هلي رهيو هو، جنھن ۾ هوٽل بابت تعارفي پروگرام پيش ڪيو پئي ويو ۽ گڏوگڏ لاهور جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳن بابت بہ ڄاڻ ڏني پئي وئي. اهو پروگرام ڏسي، ڪمري ۾ پيل هوٽل جو لٽريچر کڻي ڏٺم ۽ سرسري طور تي ڏسڻ کان پوءِ اهو لٽريچر پڙهڻ تان ئي ارواھہ کڄي ويو، ۽ خبر پئجي وئي تہ اگھہ آسمان سان ڳالھيون ڪيئن ڪندا آهن! ذري گهٽ ڪپڙن جي قيمت جيترا پئسا انھن جي ڌئارڻ لاءِ هئا، تہ هڪ ويلي جي کاڌي جا پئسا بہ ديڳ برابر هئا!
ميوزڪ سسٽم آن ڪري، اکيون پوري ليٽي پيس. ڪجهہ دير کان پوءِ بک جو احساس ٿيو. وقت ڏٺم، فقط ڏيڍ ٿيو هو. مون کي پڪ ٿي وئي تہ اهو لاهور جي پاڻيءَ جو اثر هو، جو بک پيڇو ئي نٿي ڇڏيو ۽ اها ڳالھہ بہ آساني سان سمجهہ ۾ اچي وئي تہ، لاهوري ماڻھو پھلوان ڇو آهن....!! پيٽ ۾ بک جي چڪن سان گڏ ذهن کي هوٽل جا اگھہ بہ چڪ هڻي رهيا هئا. مون کي بار بار پاڪستان ٽيليويزن ۽ U.N.D.P پاران مليل اهو ليٽر ياد اچي رهيو هو، جنھن ۾ چيو ويو هو تہ ٻن ويلن جي ماني، توڙي صبح شام جي چانھہ ۽ رفريشمينٽ کان سواءِ، جيڪڏهن ڪمري ۾ توهان ڪجهہ گهرائيندا يا ٽيليفون ڪالز ڪندا تہ ان جو خرچ توهان کي پاڻ برداشت ڪرڻو پوندو. نيٺ جڏهن بک برداشت نہ ٿي تہ سائيڊ ٽيبل تان پرس کڻي هڪ نظر کولي ڏٺم ۽ ڀريل پرس تي ڀريل پيٽ کي ترجيح ڏنم. رائيٽنگ ٽيبل تي رکيل، پيڪ ٿيل فروٽ باڪس کي کولي بسم ﷲ ڪيم تہ وڃي دماغ سامت ۾ آيو. دماغ سامت ۾ آيو تہ وري دماغ ڪم ڪرڻ بہ شروع ڪري ڏنو. ريٽ لسٽ کڻي فروٽ باسڪيٽ جي قيمت ڏٺم، پر ڳاٽي ٽوڙ، بلڪہ ڪاڪڙي ٽوڙ اگهن وچ ۾ ڪٿي بہ فروٽ باڪس جي قيمت لکيل ڪانہ هئي! سوچيم لاھہ نڪري ويا. اها مصيبت پڪ سان سڀني کان مھانگي هوندي، پر پوءِ هڪ ڪارڊ تي نظر پئي تہ احساس ٿيم، ڄڻ مون ان فروٽ باڪس کي ٻرو ڏئي وڏي عقلمندي جو ڪم ڪيو آهي. هڪدم اٿي، بيڊ ٽي ۽ اخبار جا ٽيگ کڻي، ڪمري جو دروازو کولي ٻاهر لڳائي ڇڏيم. ڇو تہ فروٽ باڪس سميت اهي شيون، هوٽل پاران مھمانن لاءِ اعزازي طور هيون (روز ٻين ضرورت جي شين سان گڏ ٻہ دفعا فروٽ باڪس ڪمري ۾ ڇڏي ويندا هئا ۽ پاڻ مفت ۾ پئي موج ڪيا)
صبح جو جاڳيس تہ ڏٺم، ساڍا نو ٿيا هئا. بيڊ ٽي لاءِ تہ جاڳ نہ ٿي، پر اٿي وڃي اخبار کنيم. ڏهين وڳي ورڪشاپ جي افتتاحي سيشن ۾ پھچڻو هو، پر عادت موجب اڳ ۾ اخبار پڙهڻ ويھي رهيس. پر لاهور جي اردو اخبار، ڪنھن سنڌي اخبار جي سڪ نٿي لاهي. اڃا اخبار هٿ ۾ ئي هئي تہ دروازو کڙڪيو. در کوليم تہ رزاق مھر ۽ حق نواز سمون سامھون بيٺا هئا.
”يار شابس اٿئي، پوڻا ڏھہ پيا ٿين ۽ تون ويٺو اخبار پڙهين!“ رزاق اندر ايندي چيو.
”بس اجهو ٿو تيار ٿيان.“ اخبار رزاق جي هٿ ۾ ڏئي مان سڌو باٿ روم ۾ هليو ويس.
اسان ٽئي تيار ٿي هال ۾ پھتاسين تہ سڀ مھمان ۽ ميزبان اڳ ئي پھچي چڪا هئا. ورڪشاپ ۾ پنجاھہ کن ماڻھو شامل هئا، جنھن ۾ ميزبانن ۽ مختلف صوبن سان تعلق رکندڙ ڊراما ليکڪن کان سواءِ ڏھہ، ٻارهن نوجوان ڇوڪريون پڻ موجود هيون، جن مان ٽي نينگريون اسان لاءِ سيٽون ڇڏي، پاڻ پوئتي رکيل ڪرسين تي وڃي ويھي رهيون.
اسان جي سامھون ورڪشاپ جي ڪوآرڊينيٽر ۽ اردوءَ جي مشھور ليکڪا حسينا معين ۽ لاهور ٽي وي جي جنرل مئنيجر منيزہ هاشمي ويٺيون هيون. سڀ کان پھرين منيزہ هاشمي پنھنجو تعارف ڪرايو. مون سمجهيو، منيزہ پنھنجي تعارف ۾ شايد ڪٿي نہ ڪٿي پنھنجي والد ۽ اردو جي عظيم شاعر فيض احمد فيض جو حوالو ڏيندي، پر هن پنھنجي پيءُ جي نالي توڙي عظمت کي پنھنجي تعارف لاءِ استعمال نہ ڪيو. تنھن هوندي بہ منيزہ جي ڳالھائڻ وقت منھنجي ذهن ۾ فيض صاحب جو خاڪو پئي ڦريو.
مان فيض صاحب سان ڪڏهن مليو تہ نہ هوس، پر شيخ اياز صاحب پنھنجي ڪچھرين ۾ فيض جو ايتري تفصيل ۽ پيار سان ذڪر ڪندو هو، جو لڳندو اٿم ڄڻ مان پاڻ فيض صاحب سان مليو هجان. فيض صاحب جي هڪ ٻي ٽئلينٽيڊ ڌيءَ سليمہ هاشمي بہ آهي، جيڪا لاهور جي نيشنل ڪاليج آف آرٽس جي پرنسپل آهي.
منيزہ هاشمي پنھنجي تعارف سان گڏوگڏ ورڪشاپ جي طريقه ڪار بابت بہ بريفنگ ڏني. جنھن کان پوءِ حسينا معين ورڪشاپ جي مقصدن بابت ڳالھايو. ان کان پوءِ باقي ويٺلن جو تعارف ٿيو. پاڪستان جي مختلف ٽي وي سينٽرز سان تعلق رکندڙ پنجويھہ ليکڪن کان سواءِ، ورڪشاپ ۾ موجود ڏهن ٻارهن نوجوان ڇوڪرين لاءِ منيزہ هاشمي ٻڌايو تہ اهي لاهور يونيورسٽيءَ جي ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جون شاگردياڻيون آهن ۽ گذريل ٻن مھينن کان ساڻس گڏ اعزازي طور ڪم ڪري رهيون آهن. اهي شاگردياڻيون مستقبل ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي جوائن ڪرڻ جو ارادو رکن ٿيون.
جيئن تہ Gender Sensitization Workshop جو موضوع ئي Portrayal of Women in Media هو، تنھن ڪري ابتدا ۾ ئي ملڪ اندر عورت جي حالت ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ان جي تصويرڪشي تي بحث ڇڙي پيو. هتان هُتان ڳالھہ ٿيندي وڃي سنڌ تي پھتي ۽ ڳالھہ هلي پئي ڪارو ڪاري جي. ڪيترن همراهن اڻ پوري ڄاڻ سبب تاثر اهو پئي ڏنو، ڄڻ هر ٻيو سنڌي ماڻھو هٿ ۾ ڪھاڙي کڻي مارڻ لاءِ ڪا عورت ڳوليندو ٿو وتي! جڏهن وڌيڪ صبر نہ ٿي سگهيو تہ مون وچ ۾ کڻي رڙ ڪئي ۽ چيم، ”توهان کي سنڌ جي روايتن جي خبر ئي ناهي!“
سڀني ڪنڌ ورائي مون ڏانھن ڏٺو تہ چيم، ”ڪاريءَ جي نالي ۾ قتل ٿيندڙ نوي سيڪڙو کان مٿي عورتون بيڏوهي هونديون آهن ۽ سنڌيءَ ۾ تہ نياڻي لاءِ ست قرآن جو محاورو بہ موجود آهي. هروڀرو سنڌ تي وڌاءُ ڪري الزام نہ هڻو. ڇا پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان ۾ غيرت جي نالي تي خون نٿا ٿين؟ ڀل انھي کي نالو ڪوبہ ڏيو، پر ٻين صوبن جا اهڙا واقعا رپورٽ گهٽ ٿا ٿين، ڇو تہ سنڌ جيان انھن وٽ طاقتور پريس ڪانھي. ڇا يورپ ۾ Honour Killing جي نالي ۾ عورت کي نٿو ڪٺو وڃي؟ طنز جا تير فقط سنڌ کي ڇو ٿا هڻو؟“
منھنجي اوچتو چيل ڳالھين سبب خاموشي ڇانئجي وئي. ڪجهہ لمحن کان پوءِ اي ڊي بلوچ ڳالھايو، ”عورت سان گڏوگڏ بلوچستان ۾ تہ مرد سان بہ ظلم آهي. عورت کي پئسن تي وڪرو ڪيو ٿو وڃي....“
ڪنھن عورت جو آواز آيو، ”مرد سان ڪھڙو ظلم آهي؟“
اي ڊي بلوچ هيڏانھن هوڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ پنھنجي ڳالھہ جاري رکي، ”مرد ويچاري کي تہ زال بہ پئسن سان خريد ڪرڻي ٿي پوي!“
حسينا معين مرڪندي اٿي اچي اي ڊي بلوچ جي ڀرسان بيٺي، ”اي ڊي، تو زال پئسن سان خريد ڪئي هئي؟“
”ها.....“ اي ڊي چيو.
”گهڻي ۾؟“ حسينا پڇيو.
”ميڊم اهو تہ سستائيءَ جو زمانو هو، پنجويھن هزارن ۾ مون کي زال ملي هئي.“ اي ڊي سنجيدگي سان چيو، ”هاڻي تہ لک ڏيڍ کان گهٽ زال نٿي ملي!“
”ٻي شادي بہ ڪرڻ چاهين ٿو ڇا؟“ حسينا کلي پڇيو.
”ها بلڪل!“ اي ڊي مرڪي چيو، ”پر پي ٽي وي تان ڊرامن جا ايترا پئسا ئي نٿا ملن جو ٻي زال وٺي سگهان!“
ڪٿان آواز آيو، ”پرائيويٽ پروڊڪشنس لاءِ ڊراما لک، هر سال ٻہ ٽي زالون وٺي سگهندين!“ اوچتو آيل جملي تي ٽھڪڙو مچي ويو.
اي ڊي ڏاڍي سنجيدگيءَ سان چيو، ”بلوچستان سان ظلم آهي. پرائيويٽ پروڊڪشنس وارا بہ ڇڙو ٿا سنڌي ۽ پنجابي ليکڪن کان اردو ڊراما لکرائين!“
پنجاب جي پنجابي بلوچ، ناصر بلوچ کيس جملو ڏنو، ”پوءِ تون لاهور لڏي اچ نہ!“
ناصر جي جملي تي اي ڊي ڏاڍي صاف پنجابيءَ ۾ شروع ٿي ويو. اندر جو اوٻر ڪڍڻ کان پوءِ پڇاڙي ۾ چيائين، ”مون کي وسارجو نہ، مان اي ڊي بلوچ آهيان ۽ ست ٻوليون روانيءَ سان ڳالھائي سگهندو آهيان.“
انھيءَ ڏينھن لنچ بريڪ کان پوءِ به، شام جو پنجين وڳي تائين چرچن گهٻن سان گڏوگڏ سنجيدہ بحث بہ ٿيندو رهيو. خاص طور تي T.V ڊرامي ۾ عورت جي تصوير ڪشي بحث جو موضوع رهيو. بحث جي پڄاڻيءَ تي منيزہ هاشمي اسان جي مستين جو ذڪر ڪندي کلي چيو، ”توهان کي سڀاڻي پنھنجي پاڻيءَ جو اندازو ٿيندو، جڏهن منھنجو مڙس توهان جي جملن جو اچي مقابلو ڪندو ۽ نفسيات بابت ليڪچر ڏيندو. صبح جو مان توهان ڏي اماڻڻ لاءِ جلدي کيس گهران ڪڍڻ جي ڪوشش ڪنديس.“
شام جو ستين وڳي رزاق مھر ۽ مان خريداريءَ جي خيال سان وڃي انارڪلي بازار نڪتاسين. حيدرآباد توڙي لاڙڪاڻي جي ريشم گهٽيءَ واري انداز جي انارڪلي بازار وڌيڪ ڪشادي ۽ وڏي آهي، پر سخت گرمي ۽ ماڻھن جي پيھہ ۾ ساھہ پئي ٻوساٽيو. ان جي باوجود، خريداري ڪندا وڃي انارڪليءَ جي ٻئي ڇيڙي تي پھتاسين. هاڻي حالت اها هئي تہ، اسان جي ٻنھي هٿن ۾ شاپنگ بيگس ۽ اسين هلڻ کان هلاڪ. هڪ دڪان اڳيان رکيل اسٽول تي ساهي پٽڻ لاءِ ويھي رهيس تہ، دڪان وارو ٻاهر نڪري آيو، ”اچو سائين ڇا کپي؟“
”ٻہ ٽي منٽ ترس، واپار جي ڳالھہ پوءِ ٿا ڪيون!“ مون ڪجهہ دير وڌيڪ اتي ويھڻ لاءِ جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”منھنجو خيال آهي توهان کي اڃ لڳي هوندي.“ دڪاندار منھنجي جسم سان پگهر سبب چنبڙيل شرٽ ڏانھن ڏسندي چيو.
”ها- پاڻي ملي وڃي تہ.....“
منھنجو جملو پورو ٿيڻ کان اڳ ۾ دڪاندار رڙ ڪري ڇوڪري کي ٿڌيون بوتلون کڻي اچڻ لاءِ چيو.
رزاق ۽ مون حيرت وچان هڪٻئي ڏانھن ڏٺو، ڇوڪري بوتلون آڻي اچي اسان جي هٿن ۾ ڏنيون. ڪولڊ ڊرنڪ پيئندي دڪان ٻاهران ٽنگيل شين تي نظر وڌم تہ حيدرآباد مان گهران نڪرڻ وقت زال جو چيل جملو ياد اچي ويو، ”لاهور مان ڪو سفري بيگ وٺي اچجانءِ.“
مون هڪ بيگ ڏانھن اشارو ڪري پڇيو، ”گهڻي جو آهي؟“
دڪاندار هڪدم بيگ لاهي آيو ۽ قيمت ٻڌائڻ بجاءِ بيگ جون تعريفون ڪرڻ لڳو.
مون دڪاندار جي تعريف کي اڻ ٻڌو ڪري وري چيو، ”گهڻي جو آهي؟“
”ٻہ هزار- فقط ٻہ هزار، توهان لاءِ!“ دڪاندار چيو.
”مان تنھنجو مائٽ آهيان ڇا؟“ منھنجي سوال تي دڪاندار ڦڪي کل کلڻ لڳو.
”سائين ٻہ هزار گهڻا تہ ناهن، فقط ٻہ هزار!“ دڪاندار لفظ فقط تي زور ڏيندي چيو.
”فقط پنج سؤ!“ مون بہ فقط تي زور رکيو.
”سائين توهان کڻي پندرهن سؤ ڏيو.“
”فقط پنج سؤ!“ اسٽول تان اٿندي چيم.
دڪاندار هڪدم کڻي ٿيلھو منھنجي هٿن ۾ ڏنو.
پنج سؤ جو نوٽ ڪڍي دڪاندار جي هٿ تي رکيم ۽ اسٽول تي ٿيلھو رکي، سموريون شاپنگ بيگس ٿيلھي ۾ وڌم تہ رزاق چيو، ”زيب ٿيلھو چڱو ٿو لڳي.“
”پوءِ تون بہ کڻي وٺ.“ ٿڪاوٽ سان چيم.
رزاق پنج سؤ ڪڍي دڪاندار کي ڏنا. اسين اڳتي روانا ٿياسين. رزاق پنھنجي ٿيلھي ڏانھن ڏسندي چيو، ”يار ٻن هزارن جو بيگ پنج سؤ ۾ ڇڏائي ورتئي!“
وراڻيم، ”ٻہ دڪان ٻيا رلون ها تہ ٻہ سؤ اڃا گهٽ ٿي وڃن ها ۽ اهو ٿيلھو ٽن سَوَن ۾ ملي وڃي ها!“
رزاق هلندي هلندي بيھي رهيو. اکيون ڏيکاريندي چيائين، ”پوءِ تڪڙ ڇو ڪيئي، ڪھڙي اسان جي ريل پئي ڇٽي!“
”جيڪا رب جي رضا.“ وراڻيم
”بيشڪ!“ رزاق چيو، ”پر يار زال جي رضا بہ ضروري آهي!“
پنھنجي ٿيلھي ڏانھن ڏسندي چيم. ”ها، انھيءَ لاءِ تہ هي ٿيلھو ورتو اٿم!“
”پر يار، مون کي تنھنجي ڀاڄائيءَ ٿيلھو آڻڻ لاءِ نہ چيو هو.“ رزاق نماڻائيءَ سان چيو.
”هاڻي بس ڪري هل.“ وراڻيم، ”دڪاندار واپس نہ وٺندو.“
”نہ نہ، واپس ڪونہ ٿو ڪيان.“ رزاق هڪدم وراڻيو، ”پر مون کي زال لاءِ ڪپڙن جو جوڙو وٺڻو آهي.“
”پوءِ وٺ نہ.“ کيس صلاح ڏنم.
”تون چونڊي ڏي.“ هن چيو
”نہ بابا، انھي ڌنڌي مان پاڻ نہ ڄاڻون. زناني ڪپڙي جي پاڻ کي خبر نہ پوندي، باقي پرفيوم وغيرہ. وٺين تہ مان مدد لاءِ حاضر آهيان!“
منھنجي انھيءَ معاملي مان اڻ ڄاڻائي ۽ بي حد انڪار جي باوجود، مون کي رزاق جي بيحد اسرار تي، ساڻس گڏ هڪ دڪان ۾ اندر وڃڻو ئي پيو ۽ جڏهن اسين دڪان مان نڪتاسين تہ ڀاڀي لاءِ تہ ڪجهہ بہ چونڊي نہ سگهيا هئاسين، پر ستاويھن سالن جي دوستيءَ دوران جنھن رزاق کي ڪڏهن بہ مون پينٽ شرٽ ۾ نہ ڏٺو هو، تنھن کي مان دڪان مان ئي جينس جي پينٽ ۽ شرٽ پارائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هوس.
رزاق انارڪليءَ جي حسينائن جي پاسي مان گذرندي، بار بار هيٺ نظر ڪري ڪڏهن پنھنجي پينٽ ڏانھن ٿي ڏٺو تہ ڪڏهن وري مون ڏانھن. هو عجيب ڪشمڪش ۾ مبتلا هو ۽ مان بار بار سندس تعريف ڪري رهيو هوس تہ ڏاڍو سمارٽ ٿي پيو آهين!
هوٽل پھتاسين تہ ساڍا ڏھہ ٿي ويا هئا. ٻئي ٿيلھا هڪ ڪمري ۾ رکي ڊنر لاءِ هيٺ لھي وياسين. لان ۾ پري کان ئي اي ڊي رڙ ڪئي، ”اچو اچو، مان ڪافي دير کان توهان جون واٽون پيو نھاريان.“
”ڇو اڱڻ نہ پيو ٻھارين ڇا؟“ سندس ڀرسان پھچي چيم.
”يار ويھو تہ سھي، شعر شاعري بہ ٿي ويندي!“ اي ڊي ٻانھن ۾ هٿ وڌو.
اسين ويٺاسين تہ ڊاڪٽر حميد بلوچ مرڪي اک هنئي، مان سندس مطلب سمجهي نہ سگهيس، پر جڏهن اي ڊي ڳالھائڻ شروع ڪيو تہ اک هڻڻ جو مطلب بہ جلد ئي سمجهي ويس. اي ڊي بلوچ چيو، ”پيارا سنڌي دوستو! توهان کي هن اي ڊي بلوچ تي فخر ڪرڻ گهرجي.“
”توتي ڇو فخر ڪيون، فخر ڪرڻ لاءِ تہ اسان وٽ موهن جو دڙو بہ آهي!“ کلي چيم.
اي ڊي وڦلندي ۽ جهومندي چيو، ”توهان کي مون تي فخر ضرور ڪرڻ گهرجي، ڏسو مان ڪيڏي صاف سنڌي پيو ڳالھايان. مون کي ست ٻوليون اينديون آهن. مان سچل سرمست جو ڀاءُ آهيان!“ ۽ پوءِ اي ڊي هڪ ئي وقت ستن مختلف ٻولين ۾ ڳالھائڻ شروع ٿي ويو، پر منھنجو ڌيان سندس نہ سمجهہ ۾ ايندڙ ڳالھين کان هٽي ڪمري ڏانھن هليو ويو. ڪمري ۾ رکيل هوٽل جي هڪ ڪارڊ تي پڙهيو هوم تہ غير مسلمن لاءِ دارون پاڻيءَ جو انتظام پڻ آهي. سوچيم، هوٽل جي ڪنھن ويٽر سان سُرُ ملائي همراھہ ”ٻاٽلي“ جو بندوبست تہ ڪري ورتو هوندو، پر جنھن هوٽل ۾ فقط پاڻيءَ جي ڏهن روپين واري بوتل جي قيمت پنجاھہ روپين کان مٿي هجي، اتي ويچارو اي ڊي ٻن ڏينھن جي مدهوشيءَ کان پوءِ هوش ۾ ايندو تہ ڪٿي پورو پوندو! مان اهو ئي سوچيندو رزاق سان گڏ اٿي ٻي ٽيبل ڏانھن هليو ويس، تڏهن بہ ڏٺم تہ اي ڊي پنھنجي منھن ستن ٻولين ۾ سر وکيرڻ ۾ مصروف هو.....
ٻئي ڏينھن صبح جو رزاق ئي اچي مون کي ننڊ مان اٿاريو. ڪمري جو در کوليم تہ رزاق پينٽ شرٽ ۾ سامھون بيٺو مرڪي رهيو هو. رزاق ۽ حق نواز کي ويھاري مان باٿ روم ۾ هليو ويس. باٿ روم مان نڪتس تہ فقط هڪ ڏينھن اڳ پينٽ شرٽ وٺي پائيندڙ رزاق مھر، حق نواز سمي کي پينٽ شرٽ جي فائدن تي ليڪچر ڏئي رهيو هو، جنھن کي اڳ ئي پينٽ شرٽ پاتل هئي!
ڪانفرنس هال ۾ پھتاسين تہ هاشمي صاحب جو ليڪچر جاري هو. اسان ٽئي جتي جتي ڪرسيون خالي نظر آيون، ٽڙي پکڙي ويھي رهياسين. مان قاضي فصيح (جنھن جي تازو هڪ ڪامياب سيريل ”ڪفارا“ ٽيليڪاسٽ ٿي آهي) ۽ عمران شيروانيءَ جي وچ ۾ وڃي ويھي رهيس.
منيزہ جو مڙس هاشمي صاحب، منيزہ جيان وڻندڙ شخصيت جو مالڪ ۽ ڳالھائڻ ۾ ڏاڍو ماهر آهي. سندس ليڪچر ڏاڍو ڀرپور هو، پر اسان جي من ۾ بہ مستيون ڀريل هيون. هاشمي صاحب ليڪچر ۾ هڪ ٿنڪر Debono جو حوالو ڏنو. قاضي فصيح ڊي بونو جي خيال سان اختلاف ڪندي کڻي هڪ سوال اٿاريو. اعتراض جي وچ ۾ شيرواني بہ ٽپي پيو تہ مون بہ کڻي سُرُ وٺرايو. نيٺ هاشمي صاحب کي ڊي بونو جي چيل حوالي تان هٿ کڻڻو پيو. هاڻي تہ قاضي فصيح شينھن ٿي پيو. کلي چيائين، ”هاشمي صاحب، توهان جي جند تہ ڇٽي وئي، پر اسين ڊي بونو کي نہ ڇڏينداسين!“
مون چيو، ”جي هاشمي صاحب، اسان کي ڊي بونو جي ايڊريس ڏيو، پاڻيھي ساڻس نبري وٺنداسين!“
هاشمي صاحب مرڪي اسان جي مستيءَ کي نظرانداز ڪري پنھنجو ليڪچر جاري رکيو، پر سندس ڳالھائڻ جي وچ ۾، جتي بہ ٻن سيڪنڊن جي وٿي پئي ملي، فصيح يا مون جملو اڏائي پئي ڇڏيو، ”سائين اسان کي ڊي بونو جي ايڊريس ڏيو!“
جڏهن اهو جملو پندرهن ويھہ دفعا چئي چڪاسين تہ هاشمي صاحب ليڪچر وچ ۾ روڪي ٽھڪ ڏئي کلي پيو. پنجابيءَ ۾ چيائين، ”ڊي بونو دي ايڊريس دا سانون نئين پتہ، تسي ڪتابان وچ ڊي بونو نال ملو!“
هاشمي صاحب جي ليڪچر کان پوءِ گروپ ايڪسرسائيز ۽ ڊسڪشن وارو سيشن پڄاڻيءَ تي پھتو تہ سيما غزل ۽ مون وڃي منيزہ هاشمي جو پاسو ورتو. چيم، ”ميڊم، اسان توهان جا مھمان آهيون!“
”ها بيشڪ، نھايت قابل احترام مھمان.“ منيزہ مرڪي چيو.
”پر اسين تہ هتي هوٽل ۾ قيد پيا آهيون.“ سيما چيو
مون ڳالھہ کي اڳتي وڌايو، ”T.V تان اسان لاءِ اڄ ڪا گاڏي موڪليو، لاهور جو چڪر تہ هڻون!“
منيزہ کلي چيو، ”بس، ڳالھہ بہ ايتري!“
شام جو منيزہ هڪ وين موڪلي ڏني. ٻاهر نڪتاسين تہ اي ڊي بلوچ پورچ ۾ هڪ چوڪيدار سان ڏيتي ليتيءَ ۾ مصروف هو. ڏيتي ليتيءَ کان پوءِ هن ڪاغذ ۾ ويڙهيل ڪا شيءِ وٺي کيسي ۾ وڌي تہ مان کلي پيس. اي ڊي بلوچ اکيون ڦوٽاري مون ڏانھن ڏٺو، ”ڇو پيو کلين!“
ٽھڪ ڏئي چيم، ”مون سمجهيو هو تہ تون ٻن ڏينھن جي دارون پاڻيءَ کان پوءِ ٻہ مھينا هتي ئي پليٽون صاف ڪرڻ جو ڪم ڪندين، پر تون سياڻو آهين، رستي ڪا مال سستا ڳولي لڌو اٿئي!“
”چڱو هاڻي ڦشري نہ ڪر!“ اي ڊي مون کي چپ رهڻ جو اشارو ڏنو.
”اسان سان گڏ لاهور جو چڪر ڏيندين؟“
”ها، پر توسو تہ ڪمري ۾ وڃي کيسو خالي ڪري اچان!“ اي ڊي ”ٻاٽلي“ جي بار سبب لڙڪي پيل پاسي واري کيسي کي هٿ ڏيندي چيو.
مان ۽ سنڌ کان آيل ٻيا ليکڪ رزاق مھر، حق نواز سمون، شوڪت شورو، آغا رفيق سيما غزل، سلطانہ صوفي ۽ بلوچستان جو ليکڪ ڊاڪٽر حميد بلوچ وين ۾ چڙهي ويٺاسين تہ، سامھون لاهور ٽي وي جون ٻہ ليکڪائون نگھت خورشيد ۽ عائشہ. اسلم بيٺل نظر آيون. کين صلاح ڪئيسين تہ اهي بہ اچي وين ۾ ويھي رهيون. هاڻي اسان اي ڊي صاحب جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. جڏهن اي ڊي دير ڪئي تہ ڊرائيور کي هلڻ جو چيوسين، پر تيسين سامھون اي ڊي کي ڊوڙندو ڏٺوسين. هو اچي سوار ٿيو تہ ڊرائيور پڇيو، ”ڪيڏانھن هلان.“
سيما غزل چيو، ”انارڪلي بازار.“
”هيڏي گرميءَ ۾ انارڪلي! ساھہ ٻوساٽجي ويندو.“ رزاق دانھن ڪئي تہ مون بہ سندس حمايت ڪئي، جو اسان تہ انارڪليءَ مان خريداري وارو ڪم ڪالھہ ئي ڪري چڪا هئاسين.
”انارڪلي ضرور هلڻو آهي، جو مون کي ڪجهہ ڪپڙا خريد ڪرڻا آهن.“ سيما غزل ضد ڪندي چيو، ”ڇو تہ مون کي ايندڙ هفتي بئنڪاڪ وڃڻو آهي.“
ڊرائيور انارڪليءَ جو رخ ڪيو تہ مون شھزادي سليم ۽ انارڪلي جي عشق تي روشني وجهڻ شروع ڪئي.
عائشہ. چيو، ”توهان کي تہ تاريخ جي باري ۾ ڪافي ڄاڻ آهي.“
وراڻيم، ”ها، ميڊم نورجھان جي مھربانيءَ سان!“
”ڇا مطلب؟“ عائشہ. حيرت مان پڇيو، ”ميڊم نورجھان جو تاريخ سان ڪھڙو تعلق!“
وراڻيم، ”ڪافي سال اڳ مون ميڊم نورجھان جي فلم انارڪلي ڏٺي هئي.“
وين ۾ ٽھڪڙو مچي ويو ۽ اسان جلدئي وڃي انارڪلي پھتاسين، جلوس جي شڪل ۾ مشڪريون ڪندا، اسان مختلف دڪانن ۾ داخل ٿيندا رهياسين، پر سيما کي ڪجهہ پسند ئي نہ اچي. رزاق موقعي جو فائدو وٺندي ڀاڀيءَ لاءِ جوڙو ڳولڻ شروع ڪيو، پر کيس ڳالھہ سمجهہ ۾ ئي نہ اچي. نگھت کي چيم تہ ٻيلي منھنجي دوست جي مدد ڪر ۽ ائين رزاق جو مسئلو نگھت خورشيد جي مھربانيءَ سان حل ٿيو. سيما کي بہ مس وڃي ڪجهہ جوڙا پسند آيا ۽ جڏهن اسان واندا ٿي وڃي هڪ جوس جي دڪان تي ويٺاسين تہ، خبر پئي تہ اي ڊي صاحب آهي ئي ڪونہ! جوس پيئڻ بنا سڀ ٻاهر نڪري آياسين ۽ هيڏانھن هوڏانھن واجهائڻ لڳاسين. ڪافي دير کان پوءِ ڏسون تہ عمران شيرواني، جيڪو اسان سان گڏ آيو ئي ڪونہ هو، اهو اي ڊي بلوچ کي ٻانھن کان جهليو پيو اچي! هو ويجهو پھتا تہ آغا رفيق، عمران کان اي ڊي لاءِ پڇيو، ”هي توکي ڪٿان هٿ آيو؟“
عمران کلي چيو، ”مان ڪنھن ”ٻي“ کي ڏسي رهيو هوس تہ هن مون کي ڏسي ورتو ۽ اچي ٻانھن ۾ هٿ وڌائين!“
نگھت، اي ڊي کان پڇيو، ”ڪنھن جي ڪڍ لڳو هئين؟“
”هئي ڪا پرِي پيڪر!“ اي ڊي وراڻيو، ”پر جڏهن اها رش ۾ گم ٿي وئي تہ منجهي پيس ۽ پوءِ....“
”چڱو هاڻي نڪرو هتان!“ شوڪت شوري گرمي جو احساس ڏياريو.
اسان سڀ اچي وين ۾ ويٺاسين ۽ ڊرائيور کي شالامار باغ ڏانھن هلڻ لاءِ چيوسين. شالامار باغ انارڪلي کان ڪافي پري آهي. رستي ۾ ڪچھري ڪندي ڊرائيور کان نالو پڇيم تہ هن وراڻيو، ”محمد خان.“
کلي ٻڌايومانس، ”منھنجو اصل نالو بہ محمد خان آهي.“
”نہ صاحب، توهان چرچو ٿا ڪيو.“ ڊرائيور سنجيدگيءَ سان چيو، ”مان ڊرائيور آهيان ۽ توهان رائيٽر آهيو.“
”اهو تہ سڀ قسمت جو کيل آهي محمد خان!“ کيس چيم، ”ڪو محمد خان ڊرائيور هوندو آهي، ڪو رائيٽر تہ ڪو وري پرائيم منسٽر!“
”ها صاحب ها، بيشڪ!“ منھنجو نالي ڀائي ڊرائيور ٽھڪ ڏئي کلي پيو، ”مون کي ياد آهي پنھنجو نالي ڀائي پرائيم منسٽر محمد خان جوڻيجو.“
اوچتو سڀني کي احساس ٿيو تہ اي ڊي بلوچ صاحب انگريزي ۾ ڪجهہ جهونگاري رهيو آهي.
عمران شيروانيءَ، اي ڊي کي چيو، ”يار ٿورو ڏاڍيان ڳاءِ تہ اسان بہ ٻڌون!“
اي ڊي عمران ڏانھن ڏسي، وڏي آواز سان هٿ ٺوڪيو ڪلام ڳائڻ شروع ڪيو.
My name is A.D
If you are ready
I am also ready….
سڀني ٽھڪ ڏئي عمران ڏانھن ڏٺو، جيڪو ڦڪائي محسوس ڪري رهيو هو. ڪجهہ دير کان پوءِ عمران اي ڊي کان پڇيو، ”اي ڊي، تنھنجو پورو نالو ڇاهي!“
”اي ڊي بلوچ.“ اي ڊي سنجيدگي سان وراڻيو.
”بابا مان پورو نالو ٿو پڇان.“ عمران چيو.
”اي ڊي بلوچ!“ اي ڊي وري بہ سنجيدگي سان چيو.
”تون ڀلي نہ ٻڌاءِ، پر مون کي تنھنجو پورو نالو اچي ٿو.“ عمران چيو.
”اهو وري ڪيئن؟“ اي ڊي پڇيو.
”آخر تہ تون هن ملڪ جو مشھور ليکڪ آهين!“ عمران سنجيدگيءَ سان چيو.
اي ڊي فخر سان پنھنجو ڪالر ٺيڪ ڪري سڌو ٿي ويھي رهيو.
عمران چيو، ”اي ڊي بلوچ! تنھنجو پورو نالو آهي ﷲ ڊرايا بلوچ!“
سڀ کلي کلي کيرا ٿي پيا.
مون کلندي چيو، ”اسان ﷲ بچايو تہ گهڻن جو نالو ٻڌو، پر ﷲ ڊيڄاريو (ﷲ ڊرايا) پھريون دفعو پيا ٻڌون!“
”ان ڪري تہ اسان اي ڊي سان بہ تہ پھريون دفعو مليا آهيون نہ!“ نگھت خورشيد وراڻيو.
اسان جي وين شھر لتاڙي وڃي شالامار باغ وٽ پھتي تہ در بند هو. ٻڌايائون تہ شام جو پنجين وڳي دربند ٿي ويندو آهي.
اسان سڀ مايوسيءَ مان هڪٻئي کي ڏسڻ لڳاسين تہ، ڊرائيور جي سادگيءَ سان چيل جملي ڄڻ ويتر ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو. منھنجي نالي ڀائي ڊرائيور محمد خان چيو، ”جيڪڏهن سوير اچو ها تہ مان توهان کي هندستان جي سرحد وٽان گهمائي اچان ها، هتان فقط پندرهن ڪلوميٽر آهي!“
”هتان انھيءَ کان وڌيڪ پري تہ پنھنجو هوٽل آهي.“ سلطانہ چيو.
”هاڻي کڻي هندستان بجاءِ هوٽل ئي هلو!“ شوڪت چيو.
ڊرائيور وين کي واپس موٽايو تہ نگھت چيو، ”سامھون واري چوراهي تي گاڏي روڪجو، مان اتي ئي ويجهو رهندي آهيان.“
چوراهي وٽ وين بيٺي تہ نگھت وين مان لھڻ کان اڳ ئي، چوراهي تي بيٺل ٺيلھي واري ڏانھن اشارو ڪندي چيو، ”گرميءَ ۾ انھي جو ليمن سوڍا ڏاڍو سٺو اٿو، توهان وڃجو نہ.“
نگھت وين مان لٿي ۽ سڀني لاءِ سوڍا جو آرڊر ڏئي موٽي آئي. اسان سڀ هيٺ لھي بيھي رهياسين. اي ڊي چيو، ”جيسين سوڍا اچي، مان هڪڙي فون ڪري وٺان.“
اي ڊي ڪجهہ پَرڀرو سامھون پي سي او ۾ هليو ويو. اسان سوڍا پي سندس انتظار ڪندا رهياسين. جڏهن اڌ ڪلاڪ گذري ويو تہ حق نواز وڃي کيس جلد اچڻ لاءِ چيو، پر اي ڊي وري دير ڪري ڇڏي. ڪافي دير کان پوءِ مان وڃي اي ڊي جي مٿان بيٺس. خبر ناهي هو ڪنھن سان راز نياز جون ڳالھيون ڪري رهيو هو. ساڻس چرچو ڪيم، ”اي ڊي! وين اسٽارٽ ٿي بيٺي اٿئي. وارو ڪر.“
هن فقط مون ڏانھن مڙي ڏٺو، ۽ وري سندس رسيور سان رومينس شروع ٿي ويو. ٻاهر نڪتس تہ سڀئي وين ۾ ويٺا هئا ۽ پگهر ۾ شم هئا. اسان گُهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ اي ڊي جو انتظار ڪندا رهياسين. ڪنھن چيو، ”ڇڏيو اي ڊي کي، پاڻيھي ايندو.“ پر رحمدل ڊرائيور چيو، ”نہ سائين، ويچارو پرديس ۾ رلي ويندو. هوٽل تائين کيس ڪابہ سڌي بس هتان ملندي ڪونہ ۽ ٽيڪسي ۾ ٻہ ٽي سؤ لڳي ويندس.“
اسان سڀ صبر ڪري پگهر ڳاڙيندا ۽ واٽ نھاريندا رهياسين. ڪافي دير کان پوءِ مس وڃي اي ڊي PCO کان ٻاهر نڪتو تہ ڄڻ سڀني ۾ ساھہ پئجي ويو. پر هي ڇا..... اي ڊي تہ وين ڏانھن اچڻ بجاءِ. مزي سان فوٽ پاٿ تي پسار ڪرڻ ۽ دڪانن جا سائن بورڊ پڙهڻ لڳو. هاڻي سڀني وٺي گوڙ ڪيو تہ ڇڏيو اي ڊي کي تہ ڀلي پيو روڊ ماپي. اسان چوراهي جي ٻئي پار نگھت کي سندس گهر اڳيان لاٿو تہ ڊرائيور وري گاڏي ڦيرائي موٽي آيو، پر انھن ٻن منٽن اندر اي ڊي الائجي ڪيڏانھن غائب ٿي ويو.
نيٺ اسان اي ڊي عرف ﷲ ڊرايا کي ﷲ جي آسري ڇڏي، واپسي جو سفر اختيار ڪيو. رستي ۾ پياري ڊرائيور وري چيو. ”سائين ٻيو ڪٿي بہ هلڻو هجي تہ حڪم ڪيو.“
رزاق مھر هڪدم چيو، ”استاد، هيرا منڊي هليو هل.“
لاهور جي ڳاڙهي بازار عرف هيرا منڊي جو نالو ٻڌي وين ۾ ويٺلن مان ڪيترن هڪ ئي وقت رڙ ڪئي، ”ابا اڳ ۾ اسان کي تہ لاهيو، اسان نہ هلنداسين.“
مون رزاق کي چيو، ”ڇا ڪندين هلي هيرا منڊي؟“
”ڦجي جا پاوا کائيندس!“ رزاق ڏاڍي معصوميت سان چيو.
وين ۾ ٽھڪڙو مچي ويو. رزاق کي چيم، ”يار تون تہ ڪو ڏاڍو بدذوق آهين. لاهور جي مشھور زمانہ هيرامنڊي ۾ وڃي، تون حسينائون ڏسڻ بجا ڍورن جا پاوا کائيندين!“
سيما غزل چيو، ”جنھن کي هيرا منڊي ناهي هلڻو اهو ڀل هوٽل تي لھي وڃي. مان بہ ٿي توهان سان گڏ هيرامنڊي هلان! هيرامنڊي ۾ ڦجي جا پاوا تہ کائينداسين پر حسينائين کي فقط پري کان نہ ڏسنداسين، ڪنھن ڪوٺي تي هلي مجرو بہ ڏسنداسين.“
ڪيترن ئي حيرت مان ڪنڌ ورائي سيما ڏانھن ڏٺو. سيما پنھنجي ڳالھہ اڳتي وڌائي، ”يار، ليکڪ لاءِ مشاهدو ضروري آهي، مون ڪڏهن مجرو ناهي ڏٺو.“
اوچتو ڊرائيور محمد خان رڙ ڪئي، ”سائين منھنجي ڳالھہ بہ تہ ٻڌو!“ سڀني جو ڌيان ڊرائيور ڏانھن ڇڪجي ويو تہ ڊرائيور چيو، ”سائين مان حڪم جو بندو آهيان، مون کي چيو ويو آهي تہ ڀل مھمانن کي سڄو لاهور وڃي گهماءِ، پر ڪنھن اهڙي جاءِ تي وٺي وڃڻ جي اجازت ناهي.“
سڀئي ماٺ ٿي ويا. ڊرائيور وري ڳالھايو، ”هونءَ بہ سائين هيرامنڊي تي اڪثر پوليس جا ڇاپا لڳندا آهن ۽ پيار جي پانڌيئڙن سان گڏ پاون کائڻ جا شوقين بہ وڃي ڪاٺ ۾ پوندا آهن!“
مون رزاق ڏانھن ڏسي چيو، ”پيارا ڇڏ پاون جي پچر، ائين نہ ٿئي تہ سڀاڻي لاهور جي اخبارن ۾ فوٽو ڇپجي ۽ فوٽوءَ هيٺان لکيل هجي تہ سنڌ جا ليکڪ لاهور جي هيرامنڊي مان آواراگردي ڪندي هٿيڪا.“
وين اچي هوٽل اڳيان بيٺي تہ وري ڊرائيور چيو، ”سائين، اڃا بہ ڪنھن کي گهمڻو هجي تہ حڪم ڪيو.“
رزاق مھر، جيڪو پھريون دفعو لاهور آيو هو، تنھن کڻي منھنجي ٻانھن ۾ هٿ وڌو، ”يار مڙئي چڪر ڏئي اچون.“
وين ۾ باقي وڃي بچياسين رزاق، مان ۽ عائشہ. اسلم. عائشہ. ڊرائيور کي پنھنجي گهر جو ڏس پتو ٻڌايو. وين هلي تہ عائشہ. چيو، ”زيب، توهان حيدرآباد ۾ رهندا آهيو نہ؟“
”ها“. وراڻيم
”نصير مرزا کي سڃاڻو؟“
”ها. منھنجي ننڍپڻ جو دوست آهي. اسان ٻئي ريڊيو تي گڏ پروڊيوسر رهيا آهيون.“
”پر توهان تہ ٻڌايو هو تہ توهان ڪنھن ڪاليج ۾ پروفيسر آهيو!“ عائشہ. ٿورو حيرت مان چيو
کلي چيم، ”ڪيترا اديب محبوبائون بدلائيندا آهن، پر مون اوتريون نوڪريون بدلايون آهن. هاڻي مان بيشڪ پروفيسر آهيان، پر ريڊيو سان ناتو نہ ڇنو اٿم. مان گذريل ٻارنھن سالن کان جنھن پروگرام جي ڪمپيئرنگ ڪري رهيو آهيان، ان پروگرام جو ڪيترن سالن کان پروڊيوسر نصير مرزا آهي.“
”منھنجي نصير مرزا سان اسلام آباد ۾ رائيٽرس ڪانفرنس ۾ ملاقات ٿي هئي.“ ٿورڙي وٿيءَ کان پوءِ عائشہ. ڳالھہ جاري رکي،”مان سنڌ اينديس. مون کي شاھہ لطيف وٽ وڃڻو آهي، شيخ اياز ۽ سچل سائين وٽ بہ وڃڻو آهي.“
عائشہ. جي جملي سان مون کي خوشي ٿي تہ هن وٽ شاھہ، اياز ۽ سچل جو تصور زندھہ شاعرن وارو هو. تڏهن تہ هن انھن شاعرن وٽ وڃڻ جي ڳالھہ ڪئي، نڪي مزارن تي حاضري ڀرڻ جي، جيتوڻيڪ وري بہ ڀربي تہ مزارن تي حاضري ئي.
عائشہ. چيو، ”حيدرآباد اچان تہ ان سلسلي ۾ توهان منھنجي مدد ڪندئو؟“
وراڻيم، ”مان يا نصير مرزا، ڀٽ شاھہ تي توهان کي شاھہ سائين ۽ اياز وٽ تہ وٺي هلنداسين، پر سچل سائينءَ ڏانھن وڃڻ لاءِ توهان کي روانو ڪري، پنھنجي دوست مختيار ملڪ، اياز گل يا ادل سومري کي فون ڪري ڇڏينداسين، اهي توهان کي خيرپور کان درازا وٺي ويندا.“
”ها، ائين بہ ٺيڪ آهي.“ هوءِ ادل، اياز گل ۽ مختيار کان بہ واقف هئي.
اوچتو هڪ سنھڙي گهٽيءَ جي موڙ تي عائشہ. ڊرائيور کي گاڏي بيھارڻ لاءِ چيو، ۽ هيٺ لھي موڪلائي ان سنھڙي گهٽي ۾ هلي وئي. هاڻي هجون منھنجو نالو ڀائي ڊرائيور محمد خان، مان، رزاق مھر ۽ لاهور جا رات جي روشنين ۾ جرڪندڙ رستا. محمد خان ڊرائيور سان گڏوگڏ پنھنجي حال سارو گائيڊ وارو ڪم بہ ڏيڻ لڳو. ڪيتري آوارا گردي کان پوءِ گلبرگ کان موٽندي هن هڪ بنگلي ڏانھن اشارو ڪري ٻڌايو. ”او- اهو ميڊم نورجھان جو گهر هيو.“
مون ڊرائيور کي ميڊم نورجھان جي گهر اڳيان گاڏي روڪڻ لاءِ چيو. اسان تازو گذاري ويل عظيم فنڪارا جي گهر کي چند لمحا خاموشي ۽ عقيدت سان ڏسندا رهياسين ۽ پوءِ ڊرائيور کي واپس هوٽل هلڻ لاءِ چيوسين.
رستي ۾ رازق ڦجي جا پاوا نہ کائي سگهڻ جو افسوس ڪرڻ لڳو. ڦجي جا پاوا لاهور ۾ تہ مشھور هيا، پر ڦجي جي هيرامنڊي واري پاون جي دڪان کي اوچتو سڄي ملڪ ۾ شھرت انھن ڏينھن ۾ ملي هئي، جڏهن نواز شريف ٻيو ڀيرو وزيراعظم ٿيو هو، ۽ اخبارن ۾ خبرون ڇپيون هيون تہ نواز شريف جي نيرن لاءِ هڪ خاص جھاز ۾ روز لاهور کان اسلام آباد ڦجي جا پاوا گهرايا ويندا آهن! خير، اهي تہ هيا هڪ وزيراعظم جا شاهاڻا شوق، پر مان لاهور جي روشنين ۽ ويڪرن رستن تي غور ڪري رهيو هئس. لاهور، جنھن کي شريف برادران الائي تہ ڪيترو ٺاهيو ۽ سنواريو آهي. لاهور، جتان فقط هڪڙو ئي ماڻھو وزيراعظم ٿيو، پر منھنجي اصل شھر لاڙڪاڻي مان ٻہ وزيراعظم ٿيا. تڏهن بہ لاڙڪاڻو لاهور جي ويھين حصي جيترو بہ نہ ٺھي سگهيو....... ڀٽو صاحب وزيراعظم ٿيو هو تہ سڄي ملڪ ۾ رڙ پئي ٿي تہ لاڙڪاڻو پيرس ٿي ويو آهي، حالانڪ اڄ بہ لاڙڪاڻو بي شمار مسئلن جي ور چڙهيل آهي..... مون کي بينظير ڀٽو جي چيل جملي جي گهرائيءَ جو احساس ٿيڻ لڳو تہ لاڙڪاڻي ۽ لاهور جي وزيراعظم ۾ ڪيترو فرق آهي......!
وين اچي اواري هوٽل جي مين گيٽ تي اسان پھتي لٿاسين تہ ڊرائيور بہ هيٺ لھي آيو. هن موڪلائڻ لاءِ هٿ وڌايو تہ ڇڪي کيس ڀاڪر پاتم. هن منھنجا هٿ جهليندي ڏاڍي سڪ سان چيو، ”سائين منھنجو نالو تہ محمد خان آهي، پر ڪشميري هئڻ ڪري لاهور ٽي وي تي مون کي سڀئي ڪشمير خان چوندا آهن. ڪڏهن وري لاهور ٽي وي تي اچڻ ٿئي تہ مون کي وسارجو نہ!“
”نالي ڀائي، تون تہ سدائين ياد رهندين! زندگي رهي تہ وري ملنداسين.“ سندس قرب کي دل سان محسوس ڪيم.
رزاق ۽ مان پنھنجي ڪمرن مان تازا توانا ٿي ڊنر لاءِ لان ۾ پھتاسين تہ يارهن ٿي رهيا هئا. سڀ موجود هيا، پر اي ڊي صاحب غائب هو. ٻارهين کان پوءِ اسان سڀ ماني کائي اٿياسين، تڏهن بہ هو ڪونہ پھتو، نہ ڄاڻ ويچارو ڪھڙين راهن ۾ رلي ويو هوندو.....!
29 جون وارو صبح، سال جي انھن ٿورن صبحن مان هڪ هوندو، جن تي مان سوير جاڳيو هوندس. اهو ورڪشاپ جو آخري ڏينھن هو. تيار ٿي ڪمري کان ٻاهر نڪتس تہ رزاق ۽ حق نواز کي ڪوريڊور مان سامھون ايندي ڏٺم. اڄ اسان ٽئي پھريون دفعو وقت تي سيمينار هال ۾ پھتاسين. اڄ نامياري ليکڪ اصغر نديم سيد کي ليڪچر ڏيڻو هو. اصغر نديم ڏاڍو باخبر ماڻھو آهي. خاص طور تي سنڌي ليکڪن کي سڃاڻي ٿو. جڏهن سڀني جو اصغر سان تعارف ٿيو تہ هن مختصر ليڪچر کان پوءِ ڊسڪشن شروع ڪري ڏنو. ٻين ڪيترن مسئلن سان گڏ ڊراما ليکڪن جون مرڪزي ڪھاڻيون چوري ٿيڻ جو ذڪر بہ ڇڙيو.
جڏهن کان پاڪستان ۾ پرائيوٽ پروڊڪشن تحت ٽي وي ڊراما تيار ٿيڻ شروع ٿيا آهن، تڏهن کان خاص طور تي اهو آزار وڌيو آهي. ٿيندو ائين آهي تہ توهان ڪنھن ڊرامي جي ڪھاڻي ڪنھن ڊائريڪٽر سان ڊسڪس ڪئي، يا ڪنھن محفل ۾ توهان ڪو آئيڊيا ٻڌايو. جيڪڏهن توهان جي اها ڪھاڻي ڪنھن ڪاٽڪو ليکڪ يا ڊائريڪٽر جي دماغ ۾ ويھي وئي تہ توهان جيسين اهو ڊرامو سوچيو ۽ لکو، ان کان اڳي اهو لکجي تيار ٿي ويندو آهي ۽ اصل ليکڪ کي خبر تڏهن پوندي آهي، جڏهن اهو اوچتو ٽي وي آن ڪندو آهي تہ، کيس خبر پوندي آهي تہ سندس ڪھاڻي چوري ٿيڻ کان پوءِ ڊرامي جي صورت ۾ لکجي، سينا زوريءَ سان اچي ٽي وي تي ڪنھن ٻئي ليکڪ جي نالي سان هلڻ لڳي آهي. اهڙي هڪڙي چوري منھنجي بہ ٿي آهي. منھنجي هڪ ڪھاڻي پنھنجي ئي هڪ سنڌي ليکڪ جي کاتي ۾ وڃي ٿي، جنھن اردو ۾ اها پنھنجي ڊراما سيريل جو حصو بڻائي ڇڏي هئي. اهڙن معاملن تي ڪڏهن ڪڏهن گوڙ گهمسان بہ ٿيندو آهي. منھنجو اهو معاملو بہ ڪاوش اخبار جي صفحن ۽ ٽي وي انتظاميہ تائين بہ وڃي پھتو هو.
خير.... ورڪشاپ ۾ تہ مون انھيءَ معاملي جو هروڀرو ذڪر نہ ڇيڙيو، پر ڊرامن جي مرڪزي خيال جي چوري ٿيڻ واري ذڪر تي، ڪراچي جي ليکڪا سلطانہ صوفي، جيڪا اوڀر پاڪستان جي پھرين وزيراعليٰ ۽ شير بنگال سڏجندڙ مولانا فضل حق جي پڙپوٽي آهي، سا ڏاڍي ڏکاري ٿي وئي. هن چيو تہ منھنجي ڪھاڻي جي ٿيل چوري منھنجي ماءُ جي موت جو سبب بڻي آهي! سلطانہ ٻڌايو تہ، ”مان ڪيتري عرصي کان اردو جي ڊائجسٽن ۾ افسانا لکندي هيس. منھنجو هڪ افسانو پڙهي، پرائيويٽ پروڊڪشن جا ڊراما تيار ڪندڙ هڪ ڊائريڪٽر مون سان رابطو ڪري، ان افساني جي مرڪزي خيال تي ٽي وي سيريل لکي ڏيڻ لاءِ چيو، هڪ لک ٽيھہ هزار معاوضو طئي ٿيو. سوچيم، معاوضو وٺي اڳ ۾ امڙ لاءِ مٺائي خريد ڪري پوءِ گهر وينديس. معاهدو ڪرڻ ۽ معاوضي جو اڌ ايڊوانس ڏيڻ واري ڏينھن ڊائريڪٽر پنھنجي آفيس مان گم ٿي ويو ۽ سندس آفيس جي هڪ نوجوان مون کي لڪ ڇپ ۾ معلومات ڏني تہ ڊائريڪٽر توهان جي ڪھاڻيءَ جي مرڪزي خيال تي ڪراچيءَ جي هڪ ٻي ليکڪا کان سيريل لکرائي رهيو آهي. اها ڳالھہ ٻڌي مان ڏک مان سڌو گهر هلي ويس. گهر جي در تي پھچڻ شرط ڏک مان روئي پيس. امڙ کي سبب ٻڌايم تہ کيس دل جو دورو پئجي ويو ۽ هوءَ ٻن ڏينھن کان پوءِ مري وئي.....“ اهو ٻڌائيندي منھنجي پاسي ۾ ويٺل سلطانہ جون اکيون آليون ٿي ويون. مون سامھون رکيل ٽشو پيپرز جو دٻو سلطانہ ڏانھن سوري ڇڏيو. هوءَ ٽشو کڻي اکيون اگهڻ لڳي. سڄو ماحول ڏکارو ٿي ويو، پر سامھون ويٺل ڪراچيءَ جي هڪ ليکڪا ڪاوڙ مان سلطانہ ڏانھن گهوري رهي هئي…
ٽي بريڪ دوران اصغر نديم سيد اچي ڀاڪر وڌو ۽ منھنجي هڪ سال اڳ ٽيليڪاسٽ ٿيل ڊراما سيريل ”جانشين“ جي تعريف ڪرڻ لڳو. هن ايڏا تعريفي جملا چيا جو مون ڪنڌ هيٺ ڪري کڻي کيس هٿ ٻڌا ۽ چيم، ”منھنجي سيريل بابت اسلام آباد جي ڪنھن محفل ۾ توهان پاران چيل اهڙا جملا، منھنجي دوست جامي چانڊئي مون تائين اڳ ئي پھچايا هئا. مان ٿورائتو آهيان توهان جو.“
اصغر نديم سيد سان منھنجي اڳ فقط هڪڙي ملاقات ٿي هئي. ٽي چار سال اڳ، ڪراچي ۾ اداڪار شفيع محمد شاھہ جي گهر، رات جو دير تائين هلندڙ دوستن جي ”محفل“ ۾..... پر اها ملاقات بہ اصغر کي ياد هئي. حالانڪہ ”محفلن“ واريون اهڙيون ملاقاتون عام طور تي ٻي ڏينھن صبح جو، بلڪہ منجهند جو ننڊ مان جاڳڻ کان پوءِ ياد ناهن رهنديون.
ٻڌايو ويو تہ ٽي بريڪ کان پوءِ مختصر ويهڪ ٿيندي، جنھن ۾ ورڪشاپ ۾ شريڪ ٿيندڙن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا ۽ اڄ شام توهان جي ڪراچي روانگي آهي. ٽي بريڪ کان پوءِ اسان پنھنجن ڪمرن ڏانھن هليا وياسين. پيڪنگ ڪري واپس پھتاسين تہ سڀني شريڪ ٿيندڙن کي پاڪستان ٽيليويزن ۽ يونائيٽيڊ نيشنس ڊيولپمينٽ پروگرام پروجيڪٽ پاران سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. منيزہ هاشمي ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر عظما هارون سڀني آيلن جا ٿورا مڃيا ۽ سڀني کي گروپ فوٽو لاءِ سڏيو ويو. جڏهن آفيشل فوٽوگرافر گروپ فوٽو ڪڍي ورتو تہ، ٻين شريڪ ٿيندڙن مان ڪن پنھنجون ڪئميرائون ڪڍي فوٽوگرافر کي ڏنيون تہ اسان جي ڪئميرا سان بہ گروپ فوٽو ڪڍي ڏي. جڏهن فوٽو گرافر رزاق مھر جي ڪئميرا سان فوٽو ڪڍيو تہ ڪئميرا ڪجهہ وڏو آواز ڪيو. تنھن تي منيزہ هاشمي چيو، ”هي ڪئميرا تہ ڏاڍو شور ٿي ڪري!“
مون ڏاڍيان چيو، ”خبر تہ پوي، تہ اها ڪئميرا سنڌ کان آئي آهي!“
منيزہ کلي وراڻيو، ”ها، اڄڪلھہ سنڌ مان پاڻيءَ جي کوٽ جون خبرون پيون اچن!“
پنج ٿي رهيا هئا. اسان کي چيو ويو تہ ساڍي پنجين وڳي سامان کڻي رسيپشن تي پھچون، ستين وڳي اسان جي فلائيٽ آهي. اسان سڀ هڪٻئي کان موڪلائڻ لڳاسين تہ نگھت خورشيد چيو، ”مان سنڌي ليکڪن کي پڙهڻ چاهيان ٿي.“
وراڻيم، ”اسان سنڌي ليکڪ ٽي وي ڊراما تہ اردوءَ ۾ بہ لکندا آهيون، باقي اسان جا ڪتاب سنڌي ۾ ئي هوندا آهن.“
چيائين، ”مان سنڌي پڙهڻ جي ڪوشش تہ ڪنديس، توهان جو ڪو ڪتاب ڇپيو آهي؟“
”ڪو هڪڙو نہ، پر ڊزن کان مٿي.“ وراڻيم
”ٿي سگهي تہ هڪ ٻہ ڪتاب مون کي موڪلي ڏجو.“ هن پنھنجي ايڊريس لکي کڻي مون کي هٿ ۾ ڏني.
پنجاب جي هڪ ڪاليج ۾ ليڪچرار نگھت کي چيم، ”مان انھيءَ معاملي ۾ ڏاڍو سست آهيان. پر ڪوشش ضرور ڪندس.“
مون کي محسوس ٿيو تہ سنڌي ليکڪن جي اردوءَ ۾ لکيل ٽي وي ڊرامن ڏسڻ سبب هوءَ سنڌي ادب پڙهڻ لاءِ ڏاڍي اتاولي هئي.
آغا رفيق، شوڪت شورو، رزاق مھر، حق نواز سمون ۽ مان سامان سوڌو گڏ وڃي رسيپشن تي پھتاسين. اسان سڀني کان وائوچر صحيح ڪرايا ويا. اهي سمورا بل تہ ورڪشاپ انتظاميہ کي ڀرڻا هئا، پر رزاق مھر کان عام مارڪيٽ ۾ ڏھہ رپين ۾ ملندڙ منزل واٽر جي استعمال ڪيل بوتل جا ٻاونجاھہ روپيا ورتائون.
آغا رفيق ڏانھن هوٽل جا فقط اٺ رپيا نڪتا. آغا صاحب اٺ رپيا ڏيڻ کان پوءِ کلي چيو، ”مون تہ فقط هڪڙو آلو بخارو کاڌو هو!“
آغا رفيق جو جملو ٻڌي منھنجو تہ ساھہ سڪي ويو. آغا کي چيم، ”يار انھيءَ حساب سان تہ پوءِ منھنجو سر ويو. مون تہ چئن پنجن سڄن سارن فروٽ باسڪيٽس کي ٻرو ڏنو هو.... حالانڪ هوٽل جي لٽريچر مطابق تہ اهي مفت هيون!“
آغا رفيق مون ڏانھن مرڪي نھاريو تہ منھنجو ساھہ ويتر سڪي ويو. منھنجي پريشاني ڏسي آغا ٽھڪ ڏئي کلي پيو، چيائين، ”پريشان نہ ٿي، اهي فروٽ باسڪيٽس بيشڪ مفت هيون، مون هڪڙي لوڪل فون ڪال ڪئي هئي. اٺ روپيا ان جا ورتا اٿائون.“
مون وائوچر تي صحيح ڪئي تہ مون کان ٻاونجاھہ روپيا گهريائون. منھنجي پڇڻ تي چيائون تہ منرل واٽر جي هڪ بوتل جا. مون اعتراض ڪيو تہ بابا مون تہ فرج ۾ رکيل شين جو فقط درشن ڪيو هو، ڪا بہ شيءِ استعمال نہ ڪئي هئي. رسيپشنسٽ ڇوڪريءَ مرڪي چيو، ”پر هڪڙي بوتل کليل هئي.“
سوچيم، مون کان اڳ ساڳي ڪمري ۾ رهيل ڪنھن همراھہ جو کاتو منھنجي لاءِ کلي پيو آهي، سو مون ان اڻ ڏٺل مھربان جي نالي تي سھڻي ڇوڪريءَ کي ٻاونجاھہ روپيا کڻي ادا ڪيا ۽ اسان هوٽل جي ڪوسٽر ۾ ايئرپورٽ روانا ٿياسين.
جھاز ۾ آغا رفيق ۽ شوڪت شوري جون سيٽس ونڊو سائيڊ کان گڏ هيون. رزاق، حق نواز ۽ منھنجون وچ وارين چئن سيٽس ۾ گڏوگڏ. پنھنجين سيٽس تائين پھتاسين تہ چئن مان هڪ سيٽ تي هڪ نوجوان برگر ڇوڪري ويٺي هئي. سندس ڀرسان رزاق جي سيٽ هئي، پوءِ منھنجي ۽ پوءِ حق نواز جي. رزاق کي ٺونٺ هڻندي چيم، ”هل پيارا پنھنجي پياري سيٽ تي!“
حد کان وڌيڪ شريف ماڻھو، ويچاري رزاق مھر جي حالت ڏسڻ جھڙي هئي. هن هڪ نظر برگر ڇوڪريءَ کي ڏٺو ۽ پوءِ مون ڏانھن ڏسندي چيائين، ”يار تون کڻي انھي سيٽ تي ويھہ نہ.“
کلي رزاق کي چيم، ”ٺيڪ آهي، مان ئي ڏکئي وقت ۾ دوستن جي ڪم ايندو آهيان. منھنجو ٿورو وسارجانءِ نہ.“ منھنجي ويھڻ کان پوءِ رزاق اچي منھنجي پاسي ۾ ويٺو.
جھاز اڏامڻ کان اڳ حفاظتي تدبيرن واري روايتي انائونسمينٽ ٿيڻ لڳي، جنھن ۾ اهو بہ چيو ويو تہ اڏام دوران جيڪڏهن جھاز ۾ دونھون ڀرجي وڃي تہ، توهان سيفٽي جيڪٽس پائي جھاز جي فلاڻي طرف هليا اچجو.
رزاق مھر جھاز جي ايئرڪنڊيشنر مان اٿندڙ ڪولنگ ويوز ڏانھن اشارو ڪري، ڀرسان لنگهندڙ ايئرهوسٽس سان چرچو ڪيو، ”یہ دہواں سا کہاں سے اٹھتا ہے!"
ايئرهوسٽس پھرين تہ ڇرڪي اي سي ڏانھن ڏٺو، ۽ پوءِ ساڳي چرچي واري انداز ۾ اهو چوندي هلي وئي تہ، ”يه دهوان سان AC سي اڻهتا هئي.“ پر مون ڏٺو تہ ڀرپاسي ۾ ويٺل ڪجهہ مسافر خوف مان هيڏانھن هوڏانھن ڏسي رهيا هئا. 206PK فلائيٽ ٽيڪ آف ڪيو تہ ٿڪاوٽ سبب مون اکيون پوري ڇڏيون. ننڊاکڙي ڪيفيت ۾ هوس تہ رزاق ڌونڌاڙيو، ”چانھہ پيئندين؟“
”ها!“ سيٽ تان ڪنڌ کڻڻ کان سواءِ هلڪي آواز ۾ وراڻيم، ائيرهوسٽس چانھہ ڏئي وئي. چانھن پيئڻ کان پوءِ ٿڪاوٽ جو ڪجهہ احساس گهٽيو تہ انائونسمينٽ ٿي، ”اسان مقرر وقت کان پندرهن منٽ پھرين ڪراچيءَ ۾ لينڊ ڪنداسين.“ ۽ ان جي ڪجهہ منٽن کان پوءِ ٻاهر نھار ڪيم تہ اسان ڪراچي مٿان اڏامي رهيا هئاسين. جھاز ٺيڪ رات جو سوا اٺين وڳي، سوا ڪلاڪ اندر اچي اسان کي ڪراچيءَ لاٿو هو.
ايئرپورٽ تان ٻاهر نڪتاسين تہ ڪراچي T.V پاران موڪليل گاڏي اسان لاءِ بيٺي هئي. حق نواز کي سندس گهر لاٿوسين تہ آغا رفيق ۽ شوڪت شوري ڊرائيور کي سھراب ڳوٺ هلڻ لاءِ چيو، جتان کين حيدرآباد جي ڪوچ ۾ سوار ٿيڻو هو.
انھيءَ ڏينھن ۽ سڀاڻي تي، منھنجي ناٽڪ رنگ لاءِ لکيل ڊرامي ”ميڏا عشق وي تون“ جي رڪارڊنگ ڪراچي ٽي وي تي جاري هئي. مون ڊرامي جي پروڊيوسر اعجاز عليم عقيلي سان واعدو ڪيو هو تہ، لاهور مان موٽندي رات ڪراچي ۾ رهي پوندس ۽ ٻئي ڏينھن ٽي وي تان ٿيندو پوءِ حيدرآباد ويندس، پر جڏهن گاڏي سھراب ڳوٺ تي پھتي تہ مان بہ پنھنجي ڊرامي جي رڪارڊنگ وساري گاڏيءَ مان لھي پيس. رزاق مھر گهڻو ئي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مان کانئس موڪلائي شوڪت شوري ۽ آغا رفيق سان گڏ ڪوچ ۾ سوار ٿي ويس.
رات جو يارهين وڳي حيدرآباد ۾ پنھنجي گهر جي ڪال بيل تي اچي آڱر رکيم تہ لڳو، ڄڻ لاهور ۾ گهاريل ٽي ڏينھن هڪ لمحي برابر هجن، ۽ سمورين يادگيريون انھي هڪ لمحي جا ٽڪرا هجن.... اندران پنھنجي ننڍڙي پٽ شھريار، جنھن کي اسين سڀ گهر ڀاتي پيار مان جانو چوندا آهيون، تنھن جي خوشي وچان رڙ ٻڌم، ”پپا اچي ويو!“
ننڍڙي جانوءَ ئي ڊوڙي اچي در کوليو، در تي بيٺي ئي کيس کڻي ڀاڪر ۾ ڀريم تہ مون کي احساس ٿيو، زندگي ڪنھن بہ ڊرامي کان وڌيڪ خوبصورت آهي.

(2001ع)

وڇوڙا

---

بينظير، بينظير جھڙي هئي

ستاويھين ڊسمبر 2007ع تي منجهند جو ٽي لڳي ڏهن منٽن تي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽوڊيوز ۾ جيئن ئي ڳاڙهي بتي بند ٿي ۽ آن ايئر مائيڪ مون کي مليو تہ، پروگرام جي ابتدا ۾ مون الائجي ڇو زندگيءَ ۽ موت جي فلسفي تي بي اختيار ڳالھائڻ شروع ڪيو. نہ ڄاڻ ڇو منھنجي اها گفتگو ڪجهہ طويل بہ ٿي وئي ۽ انھن لفظن سان وڃي پڄاڻيءَ تي پھتي تہ، ”جيڪي ماڻھو پنھنجي ڌرتي ۽ قوم لاءِ پنھنجي زندگي قربان ڪندا آهن، اهي سدائين اسان جي دلين ۾ زندھہ رهندا آهن ۽ موت ڪڏهن بہ کين ماري ناهي سگهندو.“ ۽ ان کان پوءِ منھنجي هٿ جي اشاري سان اسٽوڊيو انجنيئر پھريون ڪلام آن ايئر ڪري ڇڏيو:

ٽڙي پوندا ٽارئين
جڏهن ڳاڙها گل
تڏهن ملنداسين...

شام جو ساڍي پنجين وڳي ريڊيو پاڪستان جي بلڊنگ مان ٻاهر نڪري، جيمخاني واري چوڪ تي پھتس تہ وري ڳاڙهي بتي نظر آئي، ٽريفڪ سگنل رستو روڪي ورتو. سگنل کلڻ کان پوءِ ٿڌي سڙڪ تي پھتس تہ آسمان کان ڌرتيءَ تائين سڀ ڪجهہ ڳاڙهو ٿي چڪو هو. لھندڙ سج جي لالاڻ الائجي ڇو پنھنجي اندر ۾ لھندي محسوس ڪيم ۽ بي اختيار ڪار جي ايڪسيليٽر تي منھنجي پير جو دٻاءُ وڌي ويو. گهر پھچي اڃا لائونج ۾ ويٺس ئي مس تہ ڪمري مان منھنجي پٽ جبران رڙ ڪئي، ”بينظير شھيد ٿي وئي!“ مون اعتبار ئي نہ ڪيو ۽ سڪون سان ويٺو رهيس. انھيءَ لمحي ئي منھنجي ننڍڙي پٽ جانوءَ جي موبائيل تي سکر مان سندس ننڍڙي دوست عاصم جو ساڳيو ميسيج پھتو. هڪدم اٿي ٽي وي آن ڪيم تہ ڪي ٽي اين نيوز جي اسڪرين سامھون اچي وئي ۽ منھنجي اندر ۾ ايٽم بم جو ڌماڪو ٿيو... اندر ۾ ڄڻ زلزلو اچي ويو... ڪافي دير کان پوءِ جڏهن ذهن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو تہ سامھون رکيل ٽي وي اسڪرين تي ڄميل منھنجون اکيون بند ٿي ويون ۽ دل جي اسڪرين تي ماضيءَ جا ڪيئي عڪس ڪنھن ڊرامي جي فليش بيڪ جيان هڪ ٻئي پويان پڌرا ٿيڻ لڳا.
1973ع جي هڪ شام جو لاڙڪاڻي ۾ موهن جو دڙو روڊ تي اتاترڪ ٽاور جي افتتاحي تقريب هئي، بابا سان ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي ويجهڙائيءَ سبب اتفاق سان مان بہ اتي موجود هئس. ان وقت جو صدرِ پاڪستان ڀٽو صاحب غلام مصطفيٰ جتوئيءَ، ممتاز ڀٽو ۽ ايوب کھڙي سان چانھن جي ڪپ تي بيٺي ڪچھري ڪندڙ ۽ مان.....مان پنھنجي ٻاراڻي وهيءَ ۾ چئن قدمن جي فاصلي تي بيٺل....ڀٽي صاحب جي مقناطيسي شخصيت جي سحر ۾ گم....جڏهن ڀٽي صاحب جي نظر پاڻ ڏانھن گهوريندڙ ٻار تي پئجي وڃي ٿي...جنھن ٻار جي هٿ ۾ جهليل بسڪٽ سندس وات جي اڳيان اچي رڪجي ويو آهي....۽ ڀٽو صاحب ٻار جي ڪيفيت کي محسوس ڪري ڪچھري اڌ ۾ ڇڏي، چار قدم پاڻ اڳتي وڌي اچي ٻار ڏانھن مرڪي هٿ وڌائي ٿو. ”هيلو ينگ مين!“ تڏهن مان حيرتن جي سمنڊ ۾ ٻڏندي ڀٽي صاحب جو هٿ جهلي ٿو وٺان. ٻئي لمحي کيسي مان هڪ رپئي جو نوٽ ڪڍي ڀٽي صاحب ڏانھن وڌايان ٿو، ”پليز آٽو گراف سر!“ (هڪ رپئي جو اهو نوٽ. ملين ڊالرس جيان اڄ تائين سانڍي رکيل اٿم).
ننڍا ننڍا کوڙ منظر ذهن جي اسڪرين تي نروار ٿيڻ لڳن ٿا. ڀٽو صاحب سڄو پروٽوڪول پاسي تي رکي، لاڙڪاڻي جي رستن تي ڪار مان لھي پئي ٿو ۽ ماڻھن سان ملڻ لڳي ٿو. هڪ ٻاڪڙا هوٽل ۾ چانھن ٺاهيندڙ پورهيت کي سڃاڻي، وقت جو وزير اعظم گاڏين جو قافلو روڪي، ڪار مان لھي وڃي پورهيت سان ملي ٿو ۽ ٻاڪڙا هوٽل جي بينچ تي ويھي، ڀڳل ڪنارين واري ڪپ ۾ چانھن ٿو پيئي.
منھنجي ئي پاڙي ۾ ڪار مان لھي، هڪ سوڙهي گهٽيءَ ۾ پاڻ پنڌ ڪري وڃي هڪ دوست جي گهر جو زنجير وارو پراڻو ڪڙو کڙڪائي دوست جي پڇا ٿو ڪري. دوست جي غير موجودگيءَ سبب در جي اندران بيٺل عورت کي پنھنجو نالو ٻڌائي واپس هليو ٿو وڃي....محبتن ۽ خوشين جي اهڙن ڪيترن منظرن کان پوءِ منھنجي ذهن جي اسڪرين تي ڀٽي صاحب جي شھادت واري ڏينھن جو، لاڙڪاڻي شھر جو منظر فريز ٿي بيھي رهي ٿو ۽ فريز ٿيل منظر پويان فقط آهون، دانھون ۽ ظالمن لاءِ پاراتا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. انھن ئي پاراتن جي منظر مان شاهنواز جي شھادت وارو سڪتي ۾ ورتل لاڙڪاڻو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هر طرف درد پيو دکي. مان پنھنجي دوست ذوالفقار راشديءَ سان گڏ المرتضيٰ هائوس ۾ بينظير ڀٽو جي سامھون ويٺل آهيان ۽ راشدي صاحب توڙي منھنجي وات مان تعزيت جي چند لفظن لاءِ زبان ساٿ ئي نٿي ڏي. بھادر بينظير الٽو پاڻ ئي اسان کي صبر جي تلقين پئي ڪري ۽ ان کان پوءِ منھنجي دل ۾ زندھہ سلامت هڪ منظر اڀري اچي ٿو.
جلاوطني ختم ڪري آيل مرتضيٰ ڀٽي سان منھنجي اوچتو پريس ڪلب حيدرآباد اڳيان پھرين ملاقات ٿئي ٿي . هڪ دوست ساڻس منھنجو تعارف ٿو ڪرائي. هڪ پريس فوٽوگرافر منظر کي پنھنجي ڪئمرا ۾ محفوظ ڪري ٿو وٺي ۽ شام جو اهو فوٽوگرافر ان تصوير جي ڪاپي بہ مھرباني ڪري مون کي پھچائي ٿو. ڪئمرا جي هڪڙي ڪلپ ۾ قيد ٿيل اها ملاقات ئي آخري بہ ثابت ٿي، جنھن کان پوءِ مرتضيٰ جي شھادت جون ئي تصويرون ڏسڻيون پيون...!
27 ڊسمبر جي شام بينظير جي شھادت سبب دل اندر ايٽم بم جو ڌماڪو ٿيو تہ، ايئن لڳو ڄڻ زندگيءَ جي ڊرامي جون سڀ قسطون پڄاڻيءَ تي پھچي ويون. اکين ۾ فريز ٿي بيھي رهيو سنڌ جي شھيد راڻيءَ جي شھادت وارو منظر.....۽ اکين جي سامھون رکيل ٽي وي سيٽ تي نظر آيا فقط تباهي ۽ برباديءَ جا منظر...آهون، ڪوڪون ۽ رڙيون...هر طرف ماتم....هر طرف ڄڻ ڪربلا....۽ انھن ئي گذرندڙ پھرن ۾ منھنجي ليکڪ دوستن جا درد ڀريا ميسيج منھنجي موبائيل جي اسڪرين تي پڌرا ٿيندا رهيا. ”سنڌ جي آخري اميد بہ ختم ٿي وئي.“ (اياز گل) ”الوداع! سنڌ جي شھيد راڻي. سنڌ ۽ سنڌي اڄ بہ يتيم آهن.“ (ماهتاب محبوب) ”هڪ دفعو وري اسان جي خوابن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪئي وئي آهي. اسين ٻيھر بي خواب ٿي ويا آهيون.“ (طارق عالم) اهڙا ئي درد ڀريا ايس ايم ايس هيا ٻين دوستن جا بہ، جن گهاءَ کي وڌيڪ گهرو ٿي ڪيو، جو انھن ئي غم جي گهڙين ۾ نصير ميمڻ جي لفظن زخم تي پھريون پھو رکيو. ”هڪ قوم جي حيثيت سان، اسان ڪڏهن بہ شڪست نہ مڃينداسين.“ پر...پر اسين تہ سڀ دل شڪستہ آهيون. اهو ئي ويٺي سوچيم تہ قمر شھباز جا لفظ سامھون آيا، ”سنڌين جي غم جي هن موقعي تي سنڌ جي ليکڪن کي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.“
ڇا ڪرڻ گهرجي....ڇا نہ ڪرڻ گهرجي؟ پر پنھنجي ئي اندر مان اٿيل سوال جو مون وٽ ڪو بہ جواب نہ هو. ٻيو تہ ڪجهہ نٿو ڪري سگهجي، پر لاڙڪاڻي تہ وڃي سگهجي ٿو. شھيدن جي مزارن تي ڳاڙها گل تہ رکي سگهجن ٿا...پر حيدرآباد کان ڳڙهي خدا بخش تائين ڊرائيو ڪرڻ جي سگهہ ئي جسم ۾ نہ بچي هئي ۽ پوءِ جلندڙ سنڌ جا روڊ رستا ئي بند ٿي ويا. وقت هٿن مان ڇڏائي ويندو رهيو. (باقي بچيو ئي ڇا هيو!!) ڌرتيءَ تي لٿل رات کان وڌيڪ اونداهي اندر ۾ لھي آئي هئي.
ڊبل بيڊ جي هيڊ بورڊ سان مٿو ٽيڪي خالي ديوار کي ئي تڪي رهيو هوس تہ، رات جو ڏيڍ وڳي موبائل فون جي بيل وڳي. اسڪرين تي مھربان دوست مخدوم جميل زمان صاحب جونالو ڏسي، هڪدم موبائيل آن ڪيم تہ مخدوم صاحب درد ونڊڻ کان پوءِ ٻڌايو تہ پاڻ هن مھل لاڙڪاڻي پيا وڃن. هڪدم خيال آيم تہ هن وقت مان پنھنجي اباڻي شھر لاڙڪاڻي تائين مخدوم صاحب جي سھاري سان ئي پھچي سگهان ٿو...پر ٻڌايائون تہ هو ان وقت موري شھر مان گذري رهيا هئا. دل وسامي وئي. کين ﷲ واهي چئي موبائل آف ڪري، دل ئي دل ۾ جميل سائينءَ جي سلامتيءَ جي دعا گهريم تہ موبائل جي اسڪرين روشن ٿي وئي. ناليواري ليکڪا ۽ چترڪار شگفتہ شاھہ اردو شاعر ذيشان ساحل جو نظم ايس ايم ايس ڪري موڪليو هو.
وقت ڪي گذرني پر
وه جو ڀول جائين گي
بينظير ڪيسي ٿي
هم انھين بتائين گي
بينظير دنيا مين
زندگي ڪي ماٿي پر
اڪ لڪير جيسي ٿي
روز و شب ڪي زندان مين
اڪ اسير جيسي ٿي
شھر ڪي غريبون ڪو
اڪ امير جيسي ٿي
جبر ڪي نگاهون مين
ايڪ تير جيسي ٿي
بي نظير ڀٽو بس
بينظير جيسي ٿي...

(محترمـ بينظير ڀٽو جي شھادت تي لکيل: 2007ع)

شھيد راڻي۽ هڪ سوال!

شيخ اياز، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو بابت هڪ مضمون ۾ لکيو هو تہ، ”شھادت، وقت جي سيني ۾ اهو گهاءُ آهي، جيڪو ڇُٽي نہ ڇُٽڻو آهي. اهو ڪارو گلاب ازل تائين شگفتہ رهڻو آهي. ان مشعل کي وسائي نٿو سگهجي، جيڪا شھيد جي خون سان روشن ٿي آهي.“ ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي خون سان روشن ٿيل مشعل، سندس نياڻي بينظير ڀٽو لاءِ شيخ اياز لکيو هو، ”بينظير بہ جڏهن شھيد پيءُ جي پيرن سان ڳل لاتا هوندا، تڏهن هن مان موت جو خوف معدوم ٿي ويو هوندو ۽ هن جدوجھد لاءِ عزم ڪيو هوندو، جنھن جي تربيت هن کي اڳي ئي ملي چڪي آهي.“ بي خوفيءَ ۽ بھادريءَ جي علامت بينظير لاءِ، شيخ صاحب اهو بہ لکيو هو تہ، ”خوش نصيب آهي سنڌ جي ڌرتي، جنھن هن کي جنم ڏنو، هوءَ مارئي ۽ ٻاگهيءَ جو نئون روپ آهي.“ وطن سان محبت جي لازوال علامت مارئيءَ کي محترمہ بينظير ڀٽو پاڻ بہ ساريندي هئي ۽ هن پنھنجي مشھور نظم ۾ مارئيءَ لاءِ چيو هو:
مارئي جي اباڻي لوئي مون کي گهڻي پياري آهي
مارئيءَ کان مون پرايو آهي
۽ پڻ صوفي سنتن کان....
سنڌ جي صوفياڻي خمير مان جنم وٺندڙ ۽ مارئيءَ جيان وطن سان محبت ڪندڙ بينظير ڀٽو جڏهن هڪ عظيم ليڊر ٿي اڀري تہ، نہ فقط هن ملڪ تي حڪمراني ڪئي، پر شھيد ڀٽي جيان عوام جي دلين تي بہ حڪمراني ڪئي ۽ خاص طور تي سنڌ جي مارو ماڻھن جي دلين جي راڻي بڻجي وئي. اسان جي ملڪ تي حڪمراني تہ آمرن بہ ڪئي آهي، پر انھن آمرن جمھوريت، توڙي بنيادي انساني حقن کي لانگ بوٽن هيٺان چيڀاٽي، بندوق جي زور تي حڪومت ڪئي. اسان جي ملڪ تي حڪمراني انھن ماڻھن بہ ڪئي آهي، جن آمريت جي پاڇي ۾ خودرو ٻوڙن ۽ ڪانڊيرن جيان جنم وٺي، درخت هئڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. فقط شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀٽو ئي اهڙا حڪمران نظر اچن ٿا، جن نہ فقط ووٽ جي طاقت سان حڪمرانيءَ جو حق حاصل ڪيو، پر انھن جي محبت جون ميخون عوام جي دلين ۾ بہ موجود هيون. دنيا جي تاريخ ۾ تمام گهٽ اهڙا حڪمران رهيا آهن، جن زمين سان گڏ دل جي ڌرتيءَ تي بہ حڪمرانيءَ جو درجو حاصل ڪيو هجي، پر جڏهن ڪنھن حڪمران کي اهڙو عوامي درجو ۽ قبوليت حاصل ٿي آهي تہ، اهي آمر قوتن جي اک جو ڪنڊو بڻجي پيا آهن ۽ انھن آمر قوتن راتاهو هڻي عوامي راڄ ۽ ڀاڳ تي ڌاڙو هنيو آهي. جن ذوالفقار علي ڀٽي کي رات جي اونداهيءَ ۾ اسير بڻايو هو ۽ ڪال ڪوٺڙيءَ جي ٻن سالن جي ڊگهي رات کان پوءِ، صبح ٿيڻ کان اڳ کيس تختئہ دار تي چاڙهي دارالبقا ڏانھن روانو ڪيو هو، انھن ساڳين ”مڊ نائيٽ جيڪالس“ ئي بينظير ڀٽو جي عوامي راڄ تي ٻہ دفعا راتاهو هنيو هو ۽ پوءِ آمريت خلاف جدوجھد جي راھہ تان هٽائڻ خاطر کيس شڪار بڻائي شھيد ڪيو ويو هو. انھن عقل جي انڌن تہ اهو نٿي ڄاتو تہ شھيد ڪڏهن بہ مرندا ناهن، پر سنڌ ڄاون پيءُ ۽ ڌيءُ اها ڳالھہ چڱيءَ طرح ڄاتي ٿي. تڏهن ئي تہ شاعراڻي دل رکندڙ، سنڌ جي شھزاديءَ بينظير شھيد پنھنجي نظم ۾ چيو هو تہ:

هڪ وٽ طاقت هوندي آهي
ٻئي وٽ حق
هڪ وٽ تلوار هوندي آهي
ٻئي وٽ قلم
هٿيار ڪٽجي ۽ زنگجي ويندا آهن
۽ پري وڃي ڪرندا آهن
پر خيال سدائين جيئرا رهندا آهن....

ڪيڏا بہ وس ڪيا وڃن، پر خيال ۽ فڪر جو موت ڪڏهن بہ نٿو ٿئي. دنيا ۾ تاريخ جا ڪيترائي ڪتاب مورخن جا لکيل نہ، پر منشين کان لکرايل آهن. مورخن بجاءِ منشين کان پنھنجي مرضيءَ ۽ منشا جون تاريخون لکرائيندڙ وقت جي جابر حڪمرانن جيان، اسان وٽ بہ وڏا وس ڪيا ويا ۽ حيلا هلايا ويا تہ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي خون تي منفي تاثر جو ڍڪ رکي سگهجي، پر شھادت جي سختي نسورو ئي نينھن هوندي آهي. عشق ۽ مشڪ کي لڪائي ناهي سگهبو ۽ نہ ئي واءَ کي ڌاڳا ٻڌي سگهبا آهن. ان ڪري آمرن، توڙي آمريتي سوچ وارن سڀني ماڻھن جا سمورا حيلا ۽ وسيلا شڪست کائي ويا. شھيد ڀٽي، فڪر ۽ خيال جي جنھن زمين کي پنھنجي رت جو ريج ڏنو هو، فڪر جي انھيءَ سرزمين مان ئي ”پنڪيءَ“ جھڙو گلاب ڦٽو تہ فضائن ۾ وري هڪ نئين مهڪ ڦھلجي وئي. ”پنڪيءَ“ جھڙي گلاب جي خوشبوءِ ۾ آمريتي ۽ دقيانوسي سوچ جو ساھہ ٻوساٽجڻ لڳو، جنھن ڪري انھن سنڌ جي هن گلاب کي گوليءَ سان اڏائي ڇڏيو، پر انھن ڪانئرن کي ناهي خبر تہ شھيدن جي رت سان ڳاڙهي ٿيل ڳڙهي خدا بخش جي مٽي هٿيارن کان وڌيڪ طاقتور آهي، جو نہ فقط شھيد، پرخيال ۽ فڪر جو موت بہ ڪڏهن نٿو ٿئي. خيال تہ بيشڪ سدائين جيئرا رهندا آهن. جيڪڏهن خيال ۽ فڪر جي روشني سلامت نہ رهي ها تہ هيءَ دنيا اڄ اوندھہ جو ٻيٽ هجي ها، پر هڪ انسان جي خون کي سڄي انسانيت جو خون بہ تہ چيو ويو آهي... ۽ ويجهي ماضيءَ ۾ اسان سنڌ اندر ٻہ دفعا اهڙا منظر ڏٺا آهن، جن کي ڏسي لڳو آهي تہ، بيشڪ هڪ انسان جو خون سڄي انسانيت جو خون آهي....۽ اهي ٻئي منظر اسان کي ڳڙهي خدا بخش جي شھيدن جي خون سبب نظر آيا آهن.
بيشڪ قيد، بند، جلاوطنيون ۽ موت جون ڌمڪيون بہ بينظير ڀٽو جو ڪنڌ جهڪائي نہ سگهيون ۽ هن شھادت ماڻي پنھنجو ڳاٽ اوچو ئي رکيو، پر چار سال گذرڻ جي باوجود سنڌ جي شھيد راڻيءَ جو رت ۽ روح انصاف جو منتظر آهي! اڄ بہ سائين محمد ابراهيم جويي جي لفظن سان، سنڌ اهو ئي سوال ٿي پڇي تہ:
اسان تہ پنھنجن جا لاش ڪلھن تي
ڍوئي ڍوئي ٿڪيا آهيون
ڪيسين ڪانڌيءَ وارو ڪردار اسان جي
حصي هوندو
هي سورهيہ: جن جان ڏني
ڇا تن جو رت ائين وئرٿ ويندو!؟

(27- ڊسمبر 2011ع)

شيخ اياز: ڏات سان الوداعي ڏينھن تائين توڙ نڀائيندڙ شاعر

جڏهن سنڌ چوڻ کي ڏوھہ ٿي سمجهيو ويو، تڏهن هن ”سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نہ ڏيندو، سھندو ڪير ميار او يار!“ جھڙا رت کي گرمائيندڙ شعر چئي ثابت ڪيو هو تہ، هو سنڌ جو آواز آهي، پر وقت جي آمر حڪمرانن کيس ڏوهي قرار ڏنو هو. تڏهن هُنَ، انھيءَ آمريت واري دور ۾ ئي چيو هو:
تون مون کي ڦاهي چاڙهيندين
مان توکان مور نہ مرڻو هان
گونجار ڪندي جا مون کان پوءِ
تنھن جندڙيءَ جو مان جهرڻو هان
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان!
آمريت کي للڪاريندڙ ڪردار سدائين ڏوهي قرار ڏنا ويا آهن. سندن قسمت ۾ جيل، ڦاهيون ۽ گوليون رهيون آهن، پر تاريخ جي ورقن ۾ سدائين سندن ڳاٽ اوچو رهيوآهي. اها بہ تاريخ جي عجيب ستم ظريفي آهي تہ 27 ڊسمبر جو سج، سنڌ جي آسمان کي رت جھڙو شفق جو رنگ ڏئي، سنڌ واسين جي دلين ۾ شھيد بينظير جي درد کي جاڳائي الھي ٿو تہ، 28 ڊسمبر جو سج شيخ اياز جي وڇوڙي جو غم ياد ڏياريندو اڀري ٿو!
2 مارچ 1923ع تي شڪارپور ۾ غلام حسين شيخ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ مبارڪ علي جڏهن شيخ اياز ٿي، سنڌ جو آواز بڻجي اڀريو تہ وقت جي آمر حڪمرانن لاءِ هو اک جو ڪنڊو بڻجي پيو، ايوبي آمريت ۾ پھرين تہ کيس ڌمڪايو ۽ لالچايو ويو. شيخ اياز جو چوڻ آهي تہ، ”هڪ ڀيري خيرپور جي ڪمشنر مون کي چيو تہ ايوب خان پڇي ٿو توکي ڇا گهرجي؟ مون هن کي جواب ڏنو تہ مون کي جيڪو گهرجي اهو ايوب خان نہ ڏئي سگهندو. مون کي جمھوريت گهرجي، مون کي آزادي گهرجي، مون کي ون يونٽ جو خاتمو گهرجي، مان چاهيان ٿو تہ سنڌ وري پاڪستان جي نقشي تي آندي وڃي، اها پنھنجي زبان، پنھنجي ڪلچر سان قبول ڪئي وڃي، ان کي پاڪستان جي اقتصاديات ۾ جائز حصو ڏنو وڃي، ڇا ايوب خان مون کي اهو ڏئي سگهندو؟“
منھنجو اگهہ پڇين ٿو آمر!
منھنجا گيت ڳنھي تون سگهندين؟ (اياز)
اياز جي ”هَٺَ“ ۽ ”انڪار“ کانپوءِ جڏهن سندس ڪتابن تي بندش وڌي وئي، تڏهن سنڌ جي هن عظيم تخليقڪار کي سياست جو حصو بہ بڻجڻو پيو، جنھن لاءِ سندس چوڻ آهي تہ، ”مون سياست ۾ پاڻ حصو نہ ورتو هو، پر مون کي سياست ۾ ڇڪيو ويو هو. منھنجا ڪتاب بندش هيٺ آندا ويا ۽ انھيءَ جي خلاف موثر احتجاج جو طريقو فقط اهو هو تہ مان ايوب خان جي آمريت خلاف سياسي قوتن جو ساٿ ڏيان“. نتيجي طور شيخ اياز کي ايوبي آمريت واري دور ۾ 1965ع ۽ 1968ع ۾ جيل ڪاٽڻو پيو. آمر يحيٰ جي دور ۾ بہ کيس 1970ع ۾ جيل وڃڻو پيو ۽ اياز تيسين باندي رهيو، جيسين 1971ع ۾ پاڪستان جوهڪ حصو ڌار ٿي بنگلاديش بڻجي ويو ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان اندر اقتدار ۾ آيو تہ اياز کي آزادي نصيب ٿي.
آزاديءَ کي شيخ اياز سدائين اظھار جي آزاديءَ سان ئي ڳنڍيل سمجهيو. پنھنجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو هو، ”حڪومت جيڪڏهن پريس ۽ اظھار جي آزاديءَ تي ڪائي روڪ ٽوڪ رکي، جيڪڏهن ڪوئي اهڙو قانون پاس ڪيو وڃي، جنھن سان انسان جي بنيادي حقن جي لتاڙ ٿيندي هجي تہ هڪدم احتجاج بلند ڪيو وڃي. جيڪڏهن قيد ۽ بند برداشت ڪرڻو پوي تہ ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ان جي خلاف سر جي سٽ ڏيڻي پوي تہ ڏني وڃي“. ۽ هڪ ٻئي انٽرويو ۾، فقير محمد لاشاريءَ سان ڳالھائيندي، سر جو دان ڏيندڙ شھيد ذوالفقار ڀٽي ۽ بينظير ڀٽو صاحبا جو ذڪر ڪجهہ هنن لفظن ۾ ڪيو هئائين، ”شھيد ڀٽو برصغير جي عظيم ترين شھيدن مان هو...هاڻي بہ بينظير جي روپ ۾ هو اسان سان آهي... مان ڀايان ٿو تہ هوءَ (بينظير) پيءُ وانگر اڏول رهندي“.
ويھين صديءَ ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جون عظيم شخصيتون شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد بينظير ڀٽو ۽ شيخ اياز بيشڪ جسماني طور تي اڄ اسان وٽ موجود ناهن، پر سندن فڪر اسان وٽ موجود آهي، ڇو تہ ڪنھن بہ ڦاسيءَ، گولي ۽ موت سان، فڪر جو موت نٿو ٿئي. تڏهن ئي تہ شيخ اياز چيو هو تہ، ”مان مرڻو نہ آهيان، ڇو تہ انسان جي آزاديءَ جو عزم مرڻو نہ آهي، ڇو تہ ظلم جي خلاف نفرت ۽ انسان جي عظيم جدوجھد مرڻي نہ آهي، ڇو تہ سنڌ مرڻي نہ آهي“.
موت جي پراسراريت اياز جي ذهن ۾ بہ، سندس معصوميت وارن ڏينھن ۾ موجود هئي. هن لکيو آهي تہ، ”جڏهن مان ٽن سالن جو هوس تہ هڪ ڀيري پنھنجي بابا سان گڏ شڪارپور جي هڪ باغ ۾ گهمڻ ويس. اتي باغائيءَ کانڀاڻيءَ سان چين چين ڪندڙ پکين کي مٽيءَ جي ڳوڙهي سان ماري ڀڄائي رهيو هو. هڪ پکي ڪري پيو. مون ان کي هٿ ۾ کنيو تہ ابي چيو، 'هي مري ويو آهي' مون پڇيو، 'مري ڪاڏي ويو آهي؟' منھنجو پيءُ ان سوال جو جواب نہ ڏئي سگهيو هو.“ پر پوءِ اياز پنھنجي سوال جو جواب پاڻ ئي ڳولي ورتو هو:
ڪو موت سدائين لاءِ نہ آ،
ها، هيءَ حياتي مرڻي آ،
ان جيءَ جياپي جي ليڪن،
اڳتي ڀي ڪرڻي ڀرڻي آ.
جيءَ جياپي کانپوءِ اڳتي جي ڪرڻي ڀرڻيءَ تي يقين رکڻ جي باوجود بہ اياز تي ملحد هئڻ وارا الزام هنيا ويا. الزام تہ هن تي ٻيا بہ ڪيئي هنيا ويا، پر الزام تراشين جي جوابن ۾ وقت وڃائڻ بجاءِ هو لڳاتار پنھنجو ڪم ڪندو رهيو، مسلسل لکندو ئي رهيو. ”تتر تيز اڏار، جوڀن ٻہ ٽي ڏينھڙا....“ جي فلسفي تي هن پنھنجي زندگيءَ جي آخري ڏينھن تائين عمل ڪيو. جڏهن ڊاڪٽرن کيس لکڻ کان منع ڪري مڪمل آرام جو مشورو ڏنو هو، تڏهن سندس پٽ انيس، رات جي وقت سندس مٿان چادر وجهي لائيٽ بند ڪري ڇڏيندو هو، پر اياز جاڳندو رهندو هو ۽ پٽ جي سمھي پوڻ کانپوءِ، وهاڻي هيٺان لڪايل ڪاپي ڪڍي، اونداهيءَ ۾ بہ روشن آئيندي جا گيت لکندو رهندو هو. (اهڙي هڪ ڪاپي پٽ کان نظر بچائي، هڪ ڏينھن هن مون کي بہ ڏيکاري هئي، جنھن جي هر صفحي تي هڪ سٽ لکيل هئي.)
هڪ دفعي منھنجي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو هو، ”سائيڪل جو ڦيٿو بہ پنھنجي هلائيندڙ کانسواءِ نٿو هلي سگهي، تہ هيءَ ڪائنات پنھنجي مالڪ کانسواءِ ڪيئن ٿي هلي سگهي!“ ۽ هن پنھنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو هو، ”مان ڪنھن ملان وانگر دعا نہ گهرندو آهيان. منھنجا هٿ پوپٽ جي گلن وانگر کلي ويندا آهن ۽ دعا خوشبو وانگر اڏامندي آهي“. شيخ اياز جي دعا ۾ بہ سندس ديس موجود رهيو، ”يا رب! هن ديس جو ڪوئي اوهي واهي نہ آهي، ڪوئي ڌڻي سائين نہ آهي، تون ان جو واهرو ٿي، ان کي واٽ سُجهاءِ ۽ ان جي راھہ مان سڀ روڙا هٽائي ڇڏ... اسان کي اسان جي واٽ سُجهاءِ، اسان لاءِ ايتريون مشعلون ٿيءُ جو تارن ڀريو آڪاش ڌرتيءَ سان ريس ڪري!“.
28 ڊسمبر 1997ع تي اسان کان جسماني طور وڇڙي ويل شيخ اياز، سنڌ کي عظيم شاعريءَ جو ايترو تعداد ڏئي ويو آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنھن ٻئي شاعر جي حصي ۾ ناهي آيو، ڇو تہ مالڪ طرفان مليل ڏات سان هن پنھنجي الوداعي ڏينھن تائين توڙ نباهيو.

ٿو موڪلايان
الوداع!
۽ ساز کي مضراب جي
سيني لڳايان
الوداع!
مان آخري شعلي جيان
ٿو گيت ڳايان
الوداع!


(28 ڊسمبر 2010ع)

زرينا بلوچ: سدا حيات جيجي

ڪا تخليق فنڪار جي نالي سان سڃاتي وڃي تہ وڏي ڳالھہ ناهي، پر وڏي ڳالھہ اها آهي تہ ڪو فنڪار پنھنجي تخليق جي حوالي سان سڃاتو وڃي. اهڙي ڏات گهٽ فنڪارن ۽ ليکڪن کي نصيب ٿئي ٿي، جو ڪا تخليق سندن سڃاڻپ جو حوالو بڻجي سگهي. زرينا بلوچ جي هڪ تخليق نہ فقط سندس سڃاڻپ جو حوالو بڻي، پر سندس نالو بہ بڻجي پئي، سو بہ نالي جو پھريون حصو. تڏهن ئي تہ اسان کيس جيجي زرينا بلوچ چئون ٿا. ”جيجي“ اصل ۾زرينا بلوچ جي هڪ ڪھاڻيءَ جو عنوان هو. اها ڪھاڻي هن ايوبي آمريت جي ون يونٽ واري دور ۾ لکي هئي ۽ ان ڪھاڻيءَ سنڌ سان“ جيجيءَ طور سندس تعارف ڪرائي ڇڏيو هو، پر سچ تہ هوءَ هئي بہ تہ جيجي....جيجل.... امڙ ئي تہ هئي....
انھيءَ امڙ سان منھنجو رشتو ڊرامائي انداز سان تہ ڇا، پر جڙيو ئي ڊرامي سبب هو. 1988-89ع وارن ٻن سالن ۾، مون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پروڊيوسر طور نوڪري ڪئي هئي ۽ ڊراما پروڊيوسر هئس. هڪ ڏينھن اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ صاحب پاڻ وٽ سڏائي مرڪي چيو هو، ”نوڪري ريڊيو تي ٿو ڪرين ۽ ڊراما ٽي ويءَ لاءِ ٿو لکين! ڪڏهن ڪو ريڊيو لاءِ بہ ڊرامو لک!“ ۽ پوءِ مون ”سمجهوتو“ جي نالي سان اهو ڊرامو لکيو هو، جنھن ۾ جيجي زرينا بلوچ وارو ماءُ جو ڪردار هو. پٽ جو ڪردار ادا ڪندڙ فنڪار ريھرسل واري وقت نہ پھتو، تہ ان فنڪار وارا جملا مون پاڻ ڳالھائي ريھرسل مڪمل ڪرائي. رڪارڊنگ جو وقت ٿي ويو، پر پٽ واري ڪردار لاءِ ڪاسٽ ڪيل فنڪار نہ پھتو. مون کي اسٽوڊيو ۾ پريشان ڏسي، جيجي زرينا بلوچ اچي منھنجي ٻانھن ۾ هٿ وڌو. ماءُ جھڙي سٻاجهي مرڪ سان چيائين، ”منھنجي پٽ جو ڪردار توکان وڌيڪ سٺو ڪير ڪندو!“
وراڻيم، ”جيجي، مان پروڊيوسر آهيان، صداڪار تہ ناهيان!“
جيجيءَ مرڪي چيو، ”پر منھنجو پٽ تہ آهين نہ!“ ۽ ان ڳالھہ کان تہ مون کي انڪار ئي نہ هو. مان وڃي جيجيءَ سان گڏ مائيڪ اڳيان بيٺس ۽ پنھنجي لکيل ڊرامي ۾ جيجيءَ جي پٽ جو ڪردار ادا ڪيم، پر ان ڊرامي کان پوءِ حقيقي زندگيءَ ۾ تہ، جيجي جو ڪردار منھنجي لاءِ ماءُ جھڙو ئي رهيو.
ريڊيو سان تہ جيجيءَ پنھنجي صحت جي آخري ڏينھن تائين توڙ نڀاهيو، پر ساڳئي وقت جيجي زرينا بلوچ ڏات جي ڪيترين ئي شاهراهن تي نظر ايندي هئي. هوءَ گلوڪارا، ليکڪا، صداڪار، اداڪار، استاد، سياسي ورڪر ۽ بيحد سٻاجهي ماءُ هئي. ٻچن تي پنھنجو ساھہ گهوريندڙ ماءُ، پر ان جي باوجود هوءَ روايتي ماءُ بجاءِ هڪ بھادر ماءُ ۽ بھادر عورت هئي. حق ۽ سچ جو ڳاٽ اوچو رکڻ خاطر پاڻ تہ جيل ڪاٽيائين، پر آمريت خلاف جدوجھد ڪندڙ سندس نياڻي اختر بلوچ جيل وئي تہ، جيجيءَ جو جيءُ جُهرڻ بجاءِ سندس ڳاٽ اوچو ٿي ويو. جيجيءَ جي اولاد ۾ اختر بلوچ کان وٺي اياز لطيف ۽ سسئي پليجو تائين جيڪو ادبي، سياسي ۽ سماجي شعور نظر اچي ٿو، ان جو سڄو ڪريڊٽ سندس وَر رسول بخش پليجي ڏانھن نٿو وڃي، پر جيجيءَ جو ان ۾ وڏو ڪردار نظر اچي ٿو. ڪريڊٽ تہ جيجيءَ ڏانھن ان کان بہ وڏو وڃي ٿو تہ، سندس ڳايل انقلابي گيتن سنڌ جي نئين نسل ۾ پنھنجي حقن جي حاصلات جو جذبو جاڳايو. هوءَ سنڌي نياڻين لاءِ رول ماڊل جو درجو بہ اختيار ڪري وئي، جو کيس ڏسي نياڻيون بہ جهنڊا کڻي رستن تي نڪري اينديون هيون. جيجيءَ کي آئيڊيل بڻائي فن، ادب ۽ سياست جي ميدان ۾ پير پائيندڙ، يا فقط گهرن تائين محدود هوندي بہ، سنڌ جي جن نياڻين جيجيءَ مان اتساھہ حاصل ڪيو، انھن نياڻين جو اولاد تہ ماءُ جي هنج ۾ ئي سچ جي سُتي پيئندو رهيو آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالھہ جي آهي تہ جيجيءَ جي نالي سان ڪا اهڙي اڪيڊمي قائم ڪئي وڃي، جنھن ۾ سندس آواز جي خزاني ۽ تحريرن کان سواءِ سندس عملي جدوجھد جو مڪمل رڪارڊ بہ محفوظ ڪيو وڃي، جو جيجيءَ جھڙن ماڻھن لاءِ ئي تہ چيو ويو آهي تہ، ”ڪي ماڻھو تاريخ ٿين ٿا...“ تڏهن ئي تہ جيجيءَ جي لاڏاڻي تي سنڌ جي شھيد راڻي بينظير ڀٽو چيو هو، ”جيجي زرينا بلوچ جو لاڏاڻو هڪ وڏو سانحو آهي. هن پنھنجي گيتن، ڊرامن ۽ لکڻين ذريعي سنڌ جي عوام ۾ قومي جذبو ۽ اتساھہ پيدا ڪيو. هن جي لاڏاڻي سان وڏو خال پيدا ٿيو آهي.“
جيجي زرينا بلوچ 25 آڪٽوبر 2005 تي اسان کان وڇڙي وئي هئي. جيجيءَ جو خال تہ ڪڏهن بہ نہ ڀرجي سگهندو، پر نہ سنڌ ٻاگهل ٻائيءَ کي وساريو آهي ۽ نہ ئي بختاور شھيد کي. نہ ئي سنڌ ڪڏهن شھيد بينظير ڀٽو، نصرت ڀٽو ۽ جيجي زرينا بلوچ جھڙي بھادر عورت کي وساري سگهندي. جيجي تہ سنڌ جي وجود ۾ اڄ بہ دل جيان دڙڪي ٿي. هوءَ سنڌ جي مٽي ۾ ملي، سنڌ بڻجي وئي آهي ۽ سنڌ تہ ڪڏهن بہ مرڻي ناهي.

(25 آڪٽوبر 2011ع)

ڀڳت ڪنور: نالي الک جي ٻيڙو تار منھنجو

”هن مسڪينن ۽ لاچارن سان گڏ سفيد پوش محتاجن جي بہ مدد ڪئي. ڪن کي نياڻيون اٿارڻيون هونديون هيون تہ ڪن تي قرض چڙهيل هوندو هو، پر اها رقم اهڙي ڳجهہ ۾ تقسيم ٿيندي هئي، جو لوڪ لکا نہ پوندي هئي!“ نامياري ليکڪ علي احمد بروهيءَ جون اهي سٽون ڪنھن خانداني امير ڪبير شخص لاءِ نہ، پر هڪ عام دڪاندار تارا چند جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ڀڳت ڪنور رام جي باري ۾ آهن. گهوٽڪيءَ ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ جروار ۾ 13-اپريل 1885ع تي پيدا ٿيندڙ ڪنور رام جي اندر ۾ ازل جي ڪا بيچيني ۽ بي قراري موجود هئي، جو پنھنجي خاندان جي عام ڪاروهنوار ۽ واپار سان سندس جيءُ نہ جڙي سگهيو، پر پنھنجي خاندان ۾ ڪو بہ راڳي نہ هئڻ جي باوجود هو راڳداريءَ جي راھہ تي هلي پيو. راڳ جي انھيءَ راھہ کيس ان منزل تي پھچايو، جنھن جو انھيءَ کان اڳ سنڌ ۾ ڪو مثال ئي موجود نہ هو. قدرت سندس آواز ۾ اها ڪشش رکي هئي، جو سندس آلاپ تي هزارين ماڻھو گڏ ٿي ويندا هئا. ان وقت ڪنور جي جيڪا حالت هوندي هئي، تنھن کي وري علي احمد بروهيءَ، جنھن ڪنور کي ڳائيندي ۽ نچندي ڏٺو هو، هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي، ”ڳائيندي سندس نيڻن مان نار جاري ٿيندا هئا. پاڻ تہ مدهوشيءَ ۾ مست هوندو هيو، پر ٻڌندڙن جي بہ لونءِ لونءِ ڪانڊارجي ويندي هئي. ڳائڻ، نچڻ ۽ ڇيرن جي ڇمڪار تہ پوءِ بہ گهڻي ڏٺي ۽ ٻڌي، پر اهو ڪنور جي ڪيفيت وارو لقاءُ ڪٿي ڪو نہ پسيم!“
ڀڳت ڪنور ڳائڻ ۽ نچڻ ۾ ايترو تہ گم (Involve) ٿي ويندو هو، جو هن حساس دل انسان کان پنھنجو وجود بہ وسري ويندو هو ۽ سندس اکيون ڄڻ سانوڻيءَ جي ڪڪرين جو روپ ڌاري وٺنديون هيون. کيس هوش تڏهن ايندو هو، جڏهن هن تي پئسن جي بارش ٿيڻ لڳندي هئي. هي فقير منش اهي سمورا پئسا اتي ئي مسڪينن ۾ ورهائي، پنھنجي ڇير ڇمڪائيندو خالي هٿين هليو ويندو هو. چيو وڃي ٿو تہ سندس ڀڳت عوامي ميلي جو ڏيک ڏيندي هئي ۽ ماڻھن جي پيھہ جو سبب سندس راڳ کان سواءِ سندس سخاوت بہ هئي. هن جو چوڻ هو تہ، ”مون وٽ آهي ڇا، جو ڪنھن کي ڏيان. ڏيڻ وارو ٿو ڏئي مان تہ وچ ۾ اچي ويو آهيان!“ هن اهو پئسو سدائين ڪنھن رنگ، نسل ۽ مذهب جي فرق کان سواءِ ئي ورهايو، جو سندس خمير ۾، سنڌ جي مٽيءَ ۾ سدا کان موجود محبتن ڀريو صوفي رنگ موجود هو. سندس مشھور ڪلام ”آءُ ڪانگا ڪَر ڳالھہ، مون سان منھنجي ماروئڙن جي“ ۾ سندس پنھنجي مٽيءَ ۽ ماڻھن سان محبتن جو لازوال اظھار ملي ٿو. انھيءَ ڪلام لاءِ سائين جي ايم سيد پنھنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ لکيو آهي تہ، ”جڏهن بہ آئون اهو ڪلام ٻڌندو آهيان تہ، ان وقت کاڌو کائيندو هجان يا پڙهندو هجان، ٻئي ڇڏائجي ويندا اٿم!“ انھيءَ ڪلام کانسواءِ سندس ٻيا ڪلام ”ڪيئن ريجهايان توکي ڪيئن پرچايان، ڏس ڪو ڏانءُ....“ ۽ ”نالي الک جي ٻيڙو تار منھنجو...“ اڄ تائين مقبول آهن. ڀڳت ڪنور جي انھن ڪلامن کي ٻين ڪيترن راڳين سميت، هن وقت سنڌ جي بين الاقوامي سطح جي فنڪاره عابده پروين بہ اڄ تائين ڳائيندي رهي ٿي. راڳداريءَ توڙي عملي زندگيءَ ۾ پنھنجي ڪردار وسيلي صوفي ازم جي پرچارڪ ڀڳت ڪنور، راڻو ڳائيندي”جيوين جيوين تون....“ جو هڪ نئون آلاپ ڏنو ۽ اهو آلاپ بہ اڄ تائين جا سڀ وڏا راڳي ورجائيندا رهيا آهن.
رنگ، نسل ۽ مذهب جي متڀيد کانسواءِ، سنڌ جي مٽيءَ ۽ ماڻھن سان غير مشروط ۽ فطري محبت ڪندڙ هن صوفيءَ کي سنڌ جي سرزمين تي بي ڏوهي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻائي ماريو ويو هو. 4 آڪٽوبر 1939ع تي سکر شھر ۾ ڀرچونڊيءَ وارن پيرن جي هڪ نوجوان ميان عبدالرحيم جو ڪنھن هندو دڪاندار سان جهيڙو ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ ميان عبدالرحيم کي مارڪٽ ڪئي وئي. ڀرچونڊي پير جي مريدن ۾ ان واقعي سبب تاءُ پکڙجي ويو ۽ انھن هندن کان انتقام وٺڻ جو فيصلو ڪيو. ان وقت سڄي تَر ۾ ڀڳت ڪنور رام ئي سڀ کان وڌيڪ مقبول شخصيت جو مالڪ هو، جنھن ڪري مَت موڙهيل ماڻھن بنا ڪنھن ڏوھہ جي کيس قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. غلط قبيلائي خيالن جي شڪار ٿيل جان محمد جلباڻيءَ، بي گناھہ ڀڳت ڪنور کي 2 نومبر 1939ع تي رُڪَ جي ريلوي اسٽيشن تي گوليءَ جو نشانو بڻائي ڇڏيو. ڀڳت ڪنور تہ شايد گولي کائيندي، ڪرندي ۽ مرندي بہ پنھنجي قاتل کي بددعا نہ ڏني هوندي، پر سندس ئي ڳايل هڪ ڪلام جي سٽ ”ڏاڍو آهي ستايو زماني جي گردش“ جيان هي صوفي منش، انسان دوست فنڪار پنھنجي مئي کانپوءِ بہ مذهبي تعصب جو شڪار رهيو. سنڌ ڄائي ان فنڪار پنھنجا پساھہ سنڌ جي ڌرتي تي پورا ڪيا، پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ايوبي مارشل لا واري زماني ۾ ڪنور ڀڳت ۽ سنڌ مان هند لڏي ويل ماسٽر چندر جي ڪلامن کي ريڊيو پاڪستان تان نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي. ضيائي مارشل لا کانپوءِ، 1988ع ۾ جڏهن عنايت بلوچ حيدرآباد ريڊيو جو اسٽيشن ڊائريڪٽر هيو تہ هن اڻ اعلانيا طور تي انھن ٻنھي فنڪارن کي نشر ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جنھن کانپوءِ اڄ تائين اهي ٻئي فنڪار ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان تہ نشر ٿيندا رهن ٿا، باقي سنڌ جي ٻين سرڪاري ريڊيو اسٽيشنس جي خبر مون کي ناهي. ماضيءَ ۾ سرڪاري طور تي بندش جو شڪار انھن ٻنھي فنڪارن جي ورسيءَ جو گڏيل پروگرام اڄ سرڪاري طور تي ملھايو پيو وڃي! اهو ڪنور ۽ اهو چندر، جن جي آواز تي هزارين ماڻھو اچي گڏ ٿيندا هئا، تن ٻنھي جي ياد ۾ اڄ حيدرآباد ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ ڪجهہ سَوَ ماڻھو بہ هوندا يا ورسيءَ وارو اهو هال رُڪَ جي ريلوي اسٽيشن جيان ويران نظر ايندو، جنھن تي ڪنور جي قتل کانپوءِ اڄ تائين ويراني پئي واڪا ڪري، اهو هڪ ڌار سوال آهي، پر سسئي پليجو جي جذبي کي، هيءَ دل ساراهڻ چاهي ٿي، جو سندس وزارت وارن ڏينھن ۾ ڪنور ۽ چندر جهڙين شخصيتن کي گهٽ ۾ گهٽ ساريو تہ وڃي ٿو.
شديد ٻوڏ وارن گذريل ڏينھن ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان، مون پنھنجي ريڊيو پروگرامن ۾ ڀڳت ڪنور رام جو اهو دعائيه ڪلام ڪيئي ڀيرا نشر ڪيو هو، ”نالي الک جي ٻيڙو تار منھنجو...“ هن صوفي منش فنڪار مري بہ مات ناهي کاڌي، پر هو اڄ بہ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ جهر جهنگ ۾ رهندڙ ماڻھن جي دلين ۾ زنده آهي. اڄ بہ ڪنھن شھر يا ڳوٺ مان، ڪنھن نہ ڪنھن جي واتان ڀڳت ڪنور رام جي اها سدا گونجندي هوندي تہ: ”جيوين جيوين تون ... سدا جيوين تون...“

(2 نومبر 2010ع)

ذوالفقار راشدي: ڪير اسان کي موٽائي ڏي

ذوالفقار راشدي وڏو شاعر، منفرد نقاد ۽ دانشور، زميندار، پير، هو دنيا وارن لاءِ ڇا بہ هو، منھنجو دوست هو، انتھائي ويجهو ۽ بيحد پيارو. حقيقت اها آهي تہ زندگيءَ ۾ پھريون دفعو مون کي اهڙي وڇوڙي جو احساس ٿيو آهي، جنھن ۾ تاحيات وري ملڻ جو امڪان ئي نہ آهي. وڇوڙي جي دردناڪ لمحن ۾ مون سدائين اهي لفظ ٻڌا هئا تہ ”وري ملنداسين“، پر هن تہ مون کي ائين بہ نہ چيو، مون پھريون ڀيرو صحيح معنيٰ ۾ وڇوڙي جو درد محسوس ڪيو آهي پر وڇوڙي جو مفهوم مون کي اڃا بہ سمجهہ ۾ نٿو اچي!
27 آگسٽ تي صبح سان منھنجي دوست محمد علي پٺاڻ ننڊ مان اٿاري، مون کي اها ڀيانڪ خبر ٻڌائي تہ ذوالفقار راشدي گذاري ويو! ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي! مان ٽريفڪ جي وچ مان تيزي سان موٽر سائيڪل ڊوڙائيندو اسپتال پھتس. ڊيوٽي آفيسر چيو، ”ها، ذوالفقار راشدي گذاري ويو. کيس رات جو هڪ وڳي ڳوٺ کڻي ويا!“ دل چاهيو، ڊيوٽي آفيسر سان وڙهي پوان ۽ کانئس انھيءَ جي ترديد ڪرايان، پر مان هڪ ٿڌو ساھہ کڻي اسپتال کان ٻاهر نڪري ويس.
1975ع ۾ پھرين ئي ملاقات ۾ هن مون کي موهي ورتو هو ۽ پوءِ اسان هڪٻئي جي ويجهو ايندا وياسين. هڪ ٻئي لاءِ اسان جو ڪو راز، راز نہ رهيو ۽ ڪو ڏک، ڪو سک، هڪٻئي کان ڌار نہ رکيوسين. هن جا هزارين مريد، ڪيترائي هاري، سوين ملڻ وارا ۽ کوڙ دوست هئا، پر ڇا انھن مان ڪوئي ٻڌائي سگهي ٿو تہ هن راشدي صاحب کي رئندي بہ ڏٺو هجي!؟ مان سمجهان ٿو، سواءِ منھنجي ٻيو اهڙو ڪو شاهد نہ هوندو، جنھن جي اڳيان راشدي صاحب رنو بہ هجي. جڏهن هن جي اندر جا ڏک شدت اختيار ڪري ويندا هئا، تڏهن هو ڳوٺ کان ڪھي مون وٽ هليو ايندو هو ۽ پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ائين بہ ٿيندو هو تہ ٻاهر سندس ماڻھو ڪار ۾ ويٺا انتظار ڪندا هئا ۽ اندر هو مون وٽ روئي پوندو هو، پر ڪجهہ ئي دير کان پوءِ هو مرڪي بہ پوندو هو ۽ ٻٽا ٻٽا ڀاڪر پائي موڪلائيندو هو.

مون حياتي پئي گذاري، مرڪندي.
عيب ناهي ڪا گهڙي روئي ڏسان.
(ذوالفقار)
مون کي ياد ناهي تہ ڪڏهن هو مون سان هٿ ڏئي مليو هجي. جڏهن بہ ملندو تہ ڏاڍي پيار سان ڀاڪر پائي ملندو هو، موڪلائڻ مھل گهٽ ۾ گهٽ ٻہ يا ٽي دفعا ورائي ڀاڪر پائيندو هو، پوءِ ڀل کڻي هڪڙي ڏينھن ۾ چار دفعا ملجي. ملندو تہ هر شخص سان هو ڏاڍي قرب سان هو، پر جيڪڏهن ڪوئي ليکڪ، فنڪار يا دوست هوندو تہ ان جي عزت مون راشدي صاحب وٽ ڏٺي. هزارين مريدن جي جماعت موجود هجي، راشدي صاحب لاءِ ڪار جو دروازو کولڻ لاءِ ڀل ڏھہ ڏھہ ماڻھو ڊوڙن، پر دوست لاءِ راشدي صاحب ڪار جو دروازو پاڻ کوليندو. اڳ ۾ دوست، اديب يا فنڪار کي ويھاريندو ، پوءِ پاڻ وهندو.
1982ع ۾ جڏهن مون هڪ ادبي اداري جو بنياد وجهڻ ٿي چاهيو، تڏهن انھيءَ جو نالو ”سڳنڌ پبليڪيشن“ راشدي صاحب ئي چونڊيو هو ۽ انھيءَ اداري طرفان مون پھريون ڪتاب راشدي صاحب جو شعري مجموعو ”سوچ کي لوڇ“ ڇپرايو هو. ”سوچ کي لوڇ“ جي بروشر ۾ مون لکيو هو، ”اها ڳالھہ تہ بھر:حال مان يقين سان چئي سگهان ٿو تہ راشدي صاحب جي ادبي/ذاتي دوستن مان جيترو ويجهو ساڻس مان رهيو آهيان، اوترو ويجهو شايد ئي ساڻس ڪو رهيو هجي ۽ ساڻس ويجهي رهڻ ڪري ئي، مون کي ڄاڻ آهي تہ هن نہ فقط پنھنجي محبتن سان محبت ڪئي آهي، پر هن پنھنجي اندر جي تنھائين، دکن، پيڙائن ۽ ويندي جڳ وٽان مليل نفرتن سان بہ عشق ڪيو آهي.
”سوچ کي لوڇ“ جڏهن ڇپجي تيار ٿيو هو ۽ مون ڪتاب جون ڪاپيون راشدي صاحب کي ڏنيون هيون، تڏهن هن انھن مان هڪ ڪاپي کڻي، انھيءَ تي ڪجهہ لکي اها ڪاپي مون کي ڏني هئي. لکيو هئائين، ”پنھنجي دل گهرئي ۽ محبوب زيب سنڌيءَ لاءِ، جيڪو بھر:حال منھنجو/ مون کي محبوب ئي آهي.“ جڏهن مان هي سٽون لکي رهيو آهيان. تڏهن دل مڃي ئي نٿي تہ، مونکي پيار ڪرڻ وارو، منھنجو بزرگ دوست مون کان وڇڙي ويو آهي! مان هي سٽون لکندي بہ ور ور ڪنڌ کڻي سامھون رستي تان لنگهندڙ گاڏين کي ڏسي رهيو آهيان. ڄڻ اجهوڪا منھنجي دوست جي گاڏي اچي سامھون بيھندي ۽ هو پري کان ئي مون کي ڏسي، مرڪندو مون ڏانھن هليو ايندو ۽ کليل ٻانھون مون ڏانھن وڌائي مون کي ڀاڪر ۾ ڀري وٺندو!

ڪير منھنجو آ هيڏي ميلي ۾
مون کي ڀاڪر تہ ڪو وجهي ئي نٿو
(ذوالفقار)

هن کي پنھنجو ڪتاب ”ڪسوٽي“ ڏسڻ جي ڏاڍي آس هئي. 1982ع ۾ ئي اهو ڪتاب سھڻي پريس حيدرآباد ۾ ڏنو ويو هو، پر 1986ع جي اڌ تائين اهو ڪتاب گردشن ۾ رهيو. اها هڪ الڳ ڪھاڻي آهي، جيڪا مان راشدي صاحب تي تفصيل سان لکڻ وقت لکندس.
راشدي صاحب سان منھنجون ايڏيون گهڻيون ڪچھريون ۽ ملاقاتون ٿيل هن، جن جو ڪو انت شمار ئي ڪونھي. هن جا انيڪ خط، عيد ڪارڊ، ٽيليگرام، تصويرون، هن جا ڏنل ڪتاب ۽ هن جون املھہ يادون… مان يقين راشدي صاحب تي سوين صفحا لکي سگهان ٿو ۽ ڪڏهن ضرور لکندس. اهو عهد مون هن جي چھري تان ڪفن پري ڪري، غلاف جو ڪارو ڪپڙو هٽائي، بند اکين سان ستل، منھن تي هلڪي مرڪ ڦھليل، پنھنجي دوست جو آخري ديدار ڪرڻ وقت ئي ڪري ڇڏيو هو.
ها تہ ڳالھہ پئي ڪيم سندس ڪتاب جي چئن سالن کان وڌيڪ عرصي جي گردشن جي. سالن جي گردشن کان پوءِ ٻہ مھينا کن اڳ وڃي سندس ڪتاب بائينڊنگ جي مرحلي ۾ پھتو. ٽائيٽل بہ ڇپجي ويو. راشدي صاحب کان پڇيم، ”بئڪ ٽائيٽل تي ڇا ڏيڻو آهي.“
هن چيو، ”هفتي کن ۾ ڪجهہ لکي ڏيندوسانءِ.“ ۽ اهو هفتو کن سندس طبعيت مطابق ويو اينگهبو ۽ ٻہ مھينا گذري ويا.
گذريل هفتي مليو تہ چيومانس، ”ڪجهہ لکي ڏيو نہ تہ مان ائين ئي کڻي ڪتاب پڌرو ڪندس، يا وري پاڻ ئي ڪجهہ لکي ڇپي ڇڏيندس.“
چيائين، ”نہ ڏينھن ٻن ۾ ئي ڪجهہ لکي ڏيندوسانءِ.“ ۽ پوءِ نہ اهو ڏينھن آيو ۽ نہ وري ملياسين. سوچيان ٿو، شايد ڪسوٽيءَ جو بئڪ ٽائيٽل مون کي ئي لکڻو هو ۽ ان تي هن جي وڇوڙي جو ذڪر ئي اچڻو هو!
هن جي وڇوڙي کان ٽي ڏينھن اڳ، بڙودا کان ليکڪ آنند ٽھلرامائي جو خط مليو هوم، جنھن ۾ آنند لکيو هو، ”اڄڪلھہ راشدي صاحب جو ڪوبہ جواب نٿو اچي...... کيس گهڻا سلام ڏج ۽ سندس صحت بابت بہ لکج.“ ٻئي ڏينھن تي وري بمبئي کان ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي جو خط آيو هوم. ڊاڪٽر صاحب خط جي پڇاڙي ۾ لکيو هوم. ”ادي راشديءَ کي سلام ڏج ۽ ميار بہ ڏجانس تہ احوال ئي ڪونہ ٿا موڪليو. ڪاوڙ آهي ڇا؟“ انھن خطن کان هڪ ڏينھن اڳ هري موٽواڻيءَ سان لاڙڪاڻي ۾ ملاقات ٿي هئم، پر انھن ٽن چئن ڏينھن ۾ راشدي صاحب سان ملاقات ئي نہ ٿي، جو مان اهي سلام ۽ ميارون هن تائين پھچائي سگهان! ڇا هاڻي مان روايتي طرح سان انھن دوستن کي لکان، تہ اسان جو ذوالفقار، اسان کان سدائين لاءِ اوهان جي سلامن ۽ ميارن پھچڻ کان اڳ ئي ڪاوڙجي ويو آهي! ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نٿو اچي!!

چمڪي چمڪي ويئي وسامي هڪڙو ڀيرو لاٽ،
ڀٽڪي ڀٽڪي بيھي رهندين وري نہ ملندئي واٽ.
(ذوالفقار)

پر ڇا ڪجي! موت تہ زهر جھڙو سچ آهي! ڪالھہ صبح سان ئي انھيءَ سانحي جو اطلاع دوستن کي ڏيڻ لاءِ فون اڳيان رکي ويٺس تہ ڪجهہ اخباري نمائندا آيا ۽ راشدي صاحب جي فن، ذات ۽ موت بابت خبر لاءِ مون کي ئي نوٽس کين لکي ڏيڻا پيا ”سنڌي ٻوليءَ جو مشھور شاعر، نقاد ۽ درگاھہ شاھہ جو ڳوٺ جو سجاده نشين محترم ذوالفقار راشدي اڄ 49ع ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. چيو وڃي ٿو تہ اڱاري ڏينھن شام جو سندس طبعيت جي اسپتال آندو ويو، جتي هو رات جو هڪ وڳي گذاري ويو. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي تہ مٿس ٽيٽنس جو حملو ٿيو.“
ذوالفقار راشدي شاعري کان سواءِ تنقيدي مضمون، علمي مقالا ۽ ڪيتريون ڪھاڻيون پڻ لکيون. هو ڪجهہ عرصو هاري ڪاميٽي جو ميمبر پڻ رهيو ۽ نئين ديري ۾ هاري ڪاميٽي جو پھريون ڪنوينشن ڪوٺايو هئائين. هو مرحوم حيدر بخش جتوئي جي ويجهن دوستن مان هو. سندس شاعري جو ٻيو مجموعو ۽ ڪھاڻين جو مجموعو ترتيب هيٺ هئا. مرحوم سنڌي، انگريزي، اردو ۽ فارسي جو وڏو ڄاڻو ۽ وسيع مطالعو رکندڙ هو ۽ سندس شمار سنڌي جي اهم شاعرن ۾ ٿيندو هو.“
جڏهن اها خبر اخبارن ۾ لڳي آهي. تڏهن انھي ۾ اهو لکيل آهي تہ هن کي شام جو دفنايو ويو! هن کي دفنائي بہ ڇڏيائون پر هن جي دوستي جون وڏيون وڏيون دعوائون ڪندڙ سڄي سنڌ جي ليکڪن مان ڪوبہ هن جو ڪانڌي نہ هو. سوائي لاڙڪاڻي جي چئن ليکڪن رزاق مھر، مولا بخش ڪلھوڙي، محمد علي پٺاڻ ۽ منھنجي! ۽ اها ڄاڻ مان سمجهان ٿو، منھنجي دوست ذوالفقار کي بہ يقينن هئي...... تڏهن ئي تہ هن لکيو هو:

سوچيان ٿو تہ مري جي ويندس، مون لئہ روئندو ڪير،
منھنجا پنھنجا اڳي مري ويا، باقي سڀڪو غير!

(هي مضمون، ذوالفقار راشدي صاحب کي دفنائڻ کان فقط ڪجهہ ڪلاڪ پوءِ لکيو ويو هو.)

(1986ع)

ممتاز مرزا: اسٽيج جي ٻئي پاسي لھي ويل سونھري وارن وارو شھزادو

1989ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پروڊيوسر طور ڪم ڪري رهيو هوس، تہ ليڪچررشپ جو آرڊر بہ اچي پھتو. سوچيم، ريڊيو جي نوڪري ڇڏي ليڪچرار ٿيان ۽ وڃي لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪيان، پر مون حيدرآباد ڇڏڻ نہ پئي چاهي، ۽ ليڪچررشپ جي آفر ليٽر ۾ پھرين پوسٽنگ جو هنڌ ڄاڻايل هو سچل ڪاليج نوابشاھہ.
ان زماني ۾ ڪا گهڻي ڄاڻ سڃاڻ هئي ڪونہ. پنھنجو پنڌ هيو، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان پاڪستان ٽيليويزن سينٽر ڪراچيءَ تائين، جو ريڊيو جوائن ڪرڻ کان اڳ ئي ٽي وي لاءِ ڊراما لکندو هوس. سو هڪ ڏينھن ليڪچررشپ وارو اهو آفر ليٽر کڻي ڪراچي ٽي وي سينٽر تي، ان وقت جي جنرل مئنيجر عبدالڪريم بلوچ صاحب جي آفيس ۾ وڃي مدعا بيان ڪيم ۽ عرض ڪيم تہ، ڪنھن کي چئوچوا ڪري، حيدرآباد ۾ پوسٽنگ وٺي ڏيو يا وري لاڙڪاڻي ۾، باقي نواب شاھہ نہ ويندس، جو منھنجون ڪجهہ مجبوريون آهن. بلوچ صاحب منھنجي ڳالھہ ٻڌي وراڻيو تہ، ”ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ تہ منھنجي واقفيت ڪانھي، باقي مان اسماعيل اڍيجي (ان وقت جي منسٽر) کي فون ڪيان ٿو، جو اهو منھنجو دوست آهي. اڍيجو صاحب توهان جو ڪم ڪرائي ڏيندو، توهان وڃي ساڻس ملو.“
عبدالڪريم بلوچ، اڍيجي صاحب سان فون تي ڳالھائي رهيو هو، جو مون کان اڳ ئي بلوچ صاحب جي ڪمري ۾ ويٺل سائين ممتاز مرزا مون کي ڪن ۾ چيو تہ، ”جيڪڏهن ڪم نہ ٿيئي تہ ڪنھن ٻي پاسي نہ رلجانءِ، سڌو مون وٽ هليو اچجانءِ.“
بلوچ صاحب جي فون کان پوءِ مان ٽي وي اسٽيشن تان نڪري وڃي تغلق هائوس ۾ اڍيجي صاحب جي آفيس پھتس، پر اڍيجي صاحب کي ماڻھن جي ميڙ ۾ ڦاٿل ڏسي، پنھنجي مدعا بيان ڪرڻ کان سواءِ ئي سندس آفيس مان نڪري ويس. ٻاهر رستي تي پھتس تہ، ممتاز مرزا جا لفظ ياد پيا، ”ڪم نہ ٿيئي تہ ڪنھن ٻي پاسي نہ رلجان، سڌو مون وٽ هليو اچجان.“ مون بہ ڪيا پويان پير، ۽ سڌو ٽي وي اسٽيشن تي ممتاز مرزا جي ڪمري ۾ هليو ويس. ممتاز صاحب منھنجو آفر ليٽر پاڻ وٽ رکي، ٻي ڏينھن اچڻ لاءِ چيو. رات جو دير سان ٿڪجي ٽٽي اچي حيدرآباد پھتس، ۽ ٻہ چار ڪلاڪ ننڊ ڪري صبح سان وري ڪراچي جو سفر ڇڪيم. صبح جو ڏهين وڳي وڃي ممتاز صاحب جي آفيس ۾ ويٺس. يارهن ٿي ويا، ٻارهن ٿي ويا، هڪ لڳي ويو، پر ممتاز صاحب آفيس ئي نہ آيو.
وڌندڙ وقت سان گڏ منھنجي پريشاني بہ وئي پئي وڌندي. سوچيم، منھنجو ڪم تہ نہ ٿيو، ممتاز صاحب منھنجو اڄوڪو ڏينھن بہ کاري ڇڏيو. انتھائي مايوسيءَ واري حالت ۾ ٽيبل تي ٺونٺ رکي، مٿي تي هٿ ڏيو ويٺو هوس، جو اوچتو دروازو کليو. پوئتي نھار ڪيم تہ، ممتاز صاحب اندر داخل ٿيو. پگهر ۾ شم، پر مرڪندڙ. پنھنجي سيٽ تي ويھڻ کان اڳ ئي هڪ لفافو منھنجي اڳيان ٽيبل تي رکندي چيائين، ”وڃ، وڃي حيدرآباد جي سٽي ڪاليج ۾ جوائن ڪر.“
هو منھنجي ڪم خاطر صبح سان پنھنجي آفيس اچڻ بجاءِ سيڪريٽريٽ هليو ويو هو، ۽ جيسين منھنجو ڪم نہ ٿيو، هو اتي ئي ويٺو رهيو هو!
ممتاز مرزا جو مون تي اهو هڪڙوئي احسان نہ هيو، هن تہ مون تي اڻ ملئي ئي احسان بہ هيو. مون 1986ع ۾ پنھنجو پھريون ٽي وي ڊرامو لکڻ کان پھرين، ممتاز مرزا جي ڊرامن جو ڪتاب ”آخري رات“ پڙهيو هو. اهو هڪڙو ڪتاب ڇا پڙهيم، ڄڻ ڊرامو پنھنجو پاڻ مون ڏانھن هليو آيو. هڪ ٻئي پويان ڪيترائي ڊراما لکيم، جيڪي ممتاز مرزا پي ٽي وي جي اسڪرپٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان اوڪي ڪندو ويو، ۽ محمد بخش سميجو (مرحوم) پروڊيوس ڪندو رهيو.
ممتاز صاحب سان منھنجي پھرين ملاقات بہ گهٽ ۾ گهٽ ٽي چار اسڪرپٽ لکڻ کان پوءِ ئي ٿي. هن پھرين ملاقات ۾ ئي پنھنجي ڪرسي ڇڏي، ٽيبل کان ڦري اچي ڀاڪر وڌو هو. پوءِ ٽي وي تي اڪثر ساڻس ملاقاتون بہ ٿينديون هيون ۽ ڪچھريون بہ. ڪچھريون بہ اهڙيون، جو هن نہ ڪڏهن پنھنجي علمي قابليت جو رعب رکيو ۽ نہ ئي عمر جو فرق محسوس ٿيڻ ڏنو.
منھنجي هڪ سولو پلي ”سمجهوتو“ ۾ ڪي تبديليون ڪرائڻ لاءِ 1987ع ۾ بيدل مسرور مون کي لاڙڪاڻي کان ڪراچيءَ سڏايو. ان زماني ۾ بہ مان پي ٽي وي تي ”A“ ڪيٽيگري جي رائيٽر طور اپرووڊ هيس. پي.ٽي.وي تي A ڪيٽيگري جي ليکڪ کي بہ ان دؤر ۾ پنجويھن منٽن جي ڊراما اسڪرپٽ جا سوا ڇھہ سؤ روپيا ملندا هيا. جڏهن ممتاز صاحب کي خبر پئي تہ مون کي اسڪرپٽ ۾ ڪنھن تبديليءَ لاءِ لاڙڪاڻي کان سڏايو ويو آهي، تہ افسوس سان چيائين، ”يار! اسڪرپٽ جي معاوضي کان وڌيڪ تہ تنھنجو خرچ ٿي ويندو!“
مان جواب ڏيڻ بجاءِ مرڪي چانھن پيئڻ لڳس.
ممتاز صاحب چيو، ”تو شاعري بہ تہ ڪئي آهي نہ؟“
وراڻيم، ”ها! ڪي ٻہ چار غزل ۽ هڪ اڌ نظم.“
هن پڇيو، ”ڪجهہ ياد اٿئي؟“
وراڻيم، ”بس هڪڙو غزل ياد آهي.“
ممتاز صاحب بنا دير جي، ڪنھن اسسٽنٽ کي سڏايو ۽ کيس چيو، ”هاڻي جو هاڻي وڃي ڏسو، ڪنھن ڊرامي جو سيٽ لڳل هجي، تڏهن بہ زيب جو غزل ادبي پروگرام لاءِ رڪارڊ ڪيو.“ ۽ ان ئي ڏينھن ڪنھن سيٽ تي ويھاري مون کان غزل پڙهايو ويو. ڊرامي جي سوا ڇھہ سؤ جي چيڪ کان سواءِ، هڪ هزار کان وڌيڪ جو هڪ ٻيو چيڪ اچي مون کي مليو!
ائين، ٽي وي تي ممتاز صاحب جون مھربانيون ۽ محبتون سدائين مون سان ساڻ رهيون.
ها، تہ مون ڳالھہ پئي ڪئي تہ، ممتاز صاحب ليڪچرر جي حيثيت سان منھنجي پوسٽنگ حيدرآباد ۾ ڪرائي ڏني، جنھن کان جلد ئي پوءِ مان وري اتان بدلي ڪرائي گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي هليو ويس، جو پويان لاڙڪاڻي ۾ مان پنھنجو اشاعتي ادارو ”سڳنڌ پبليڪيشنس“ ۽ ڪتاب گهر بہ ڇڏي آيو هوس، جيڪو منھنجي غيرموجودگيءَ سبب فعال نہ رهيو هو. مان لاڙڪاڻي واپس وڃي بہ جڏهن سڳنڌ پبليڪيشن کي ٻيھر فعال نہ ڪري سگهيس، تڏهن مون ڪتاب گهر کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري واپس حيدرآباد شفٽ ٿيڻ جو سوچيو. اهو 1991ع جو سال هيو. ان وقت ممتاز مرزا ٽي وي جي نوڪري ڇڏي، سنڌ حڪومت جي ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ ڊائريڪٽر جنرل وڃي ٿيو هو. ممتاز صاحب ڊپارٽمينٽ جي طرفان لاڙڪاڻي آيو، تہ منھنجي ڪتاب گهر تي هليو آيو. جڏهن کيس ٻڌايم تہ، ڪتاب گهر بند ڪري رهيو آهيان تہ پڇيائين، ”هي هزارين ڪتاب هتي وڪامي ويندا؟“
وراڻيم، ”ڪجهہ تہ وڪامي ويندا ۽ باقي ٻورن ۾ بند ڪري ڪٿي رکي ويندس.“
ممتاز صاحب هڪ نظر مختلف شيلفن ۾ رکيل ڪتابن ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ چيو ”اسان جا آفيسر تہ ڪميشن جي چڪر ۾ الائي ڪھڙا ڪھڙا ڪتاب خريد ڪري ايندا آهن، پر هتي تہ تمام سٺا ڪتاب پيا آهن.“ ۽ پوءِ هن ڪتاب گهر کان ٻاهر، سندس انتظار ۾ بيٺل پنھنجي ڊپارٽمينٽ جي هڪ آفيسر کي سڏي چيو، ”هي سڀ جو سڀ ڪتاب اسان پنھنجي ڊپارٽمينٽ جي لائبريرين لاءِ خريد ٿا ڪريون. تون ويھي زيب کي ٻڌاءِ تہ ڪيترا ڪتاب ڪھڙي لائبريريءَ کي موڪلڻا آهن.“ ۽ پوءِ، سڳنڌ ڪتب گهر جا اهي سمورا ڪتاب ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي سڄي سنڌ ۾ پکڙيل لائبريرين ڏانھن موڪليا ويا هئا. انھن سڀني لائبريرين مون کي پئسا بہ امانت باسلامت ڏياري موڪليا هئا، سواءِ ڪراچيءَ جي هڪ لائبريريءَ جي، جنھن جو انچارج حافظ ارشد انڍڙ هيو.
ممتاز صاحب سان منھنجو تعلق پي ٽي وي جي اسڪرپٽ ايڊيٽر واري ٽيبل کان جڙيو هو، جنھن ٽيبل کان ڦري اچي هن مون کي پھريون ڀاڪر پاتو هو ۽ پوءِ ان تعلق جي وچ ۾ ڪنھن بہ وڏي عهدي جي ٽيبل رڪاوٽ نہ بڻجي سگهي. ان ڪري تہ سندس تعلق ۾ سندس محبت بہ شامل هوندي هئي. اها سندس محبت ئي تہ هئي، جو ڀٽ شاھہ تي لطيف ڪانفرنس جي ڪمپيئرنگ ڪندي، ڪنھن مقرر کي اسٽيج تي بيھاري، هو خاموشيءَ سان هيٺ لھي ايندو هو ۽ پنڊال جي وچ ۾ اچي مون کي ڀاڪر پائي، ڪو اجرڪ منھنجي ڪلھن تي ڇڏي، پنھنجي سونھري وارن کي سنواريندو، اسٽيج ڏانھن واپس هليو ويندو هو.
۽ اڄ…
جڏهن مان هي لفظ لکي رهيو آهيان
تڏهن لڳي رهيو آهي
ڄڻ سونھري وارن وارو اهو شھزادو
اسٽيج جي ٻئي طرف هليو ويو آهي
جتي بہ شايد
ڪوئي سندس محبتن جو منتظر آهي......

(2004ع)

رزاق مھر: Back Mirror ۾ نظر ايندڙ دوست

پيارا رزاق!
منھنجي ذهن جي اسڪرين تي اڄ بہ فليش بئڪ جيان اهو منظر ڏاڍو واضح آهي، جڏهن توسان پھرين ملاقات ٿي هئي. چٽي طرح ياد اٿم. اها 1975ع جي هڪ شام هئي ۽ لاڙڪاڻي جو شھر. منھنجون فقط ڪي ٻہ ڪھاڻيون ڇپيون هيون ۽ تو مون کي ڳولي اچي لڌو هو.
”مان رزاق مھر آهيان!“ تو پنھنجو هٿ مون ڏي وڌايو هو. توسان پھريون دفعو هٿ ملائيندي، تنھنجي هٿ مان گرمجوشي جو احساس منھنجي دل تائين وڃي پھتو هو.
رزاق! توکي تہ خبر آهي، تہ مان زندگيءَ ۾ ڏاڍا گهٽ دوست ٺاهي سگهيو آهيان، جن کي بس هڪ هٿ جي آڱرين تي ئي ڳڻي سگهجي ٿو، پر تون تہ اهو واحد دوست آهين، جيڪو پھريون دفعو هٿ ملائڻ سان ئي دوست ٿي ويو هئين. اها دوستي، جنھن جي اٺاويھن سالن ۾ ڪو هڪڙو ڏينھن بہ ڪنھن رسامي يا ناراضگيءَ جي نذر ٿيل ناهي.
1975ع ۾ جڏهن تون مون سان مليو هئين تہ، تو مون سان پنھنجي سڃاڻپ هڪ شاعر طور ڪرائي هئي. ان زماني ۾ بہ تون ڏاڍا سٺا شعر چوندو هئين. تنھنجي ان وقت جي هڪ نظم جون سٽون تہ اڄ بہ مون کي ياد آهن، پر شايد، اهو مون سان تنھنجي محبت جو اظھار هو، جو منھنجين ڪھاڻين تي ڳالھائيندي ڳالھائيندي تو پاڻ بہ ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪري ڏنيون هيون ۽ اسان ٻئي ادب جي هڪ ئي پيچري جا پانڌيئڙا بڻجي ويا هئاسين. پنڌ تہ اسان ٻنھي لاڙڪاڻي شھر جا بہ ڏاڍا ڪيا هئا. جڏهن اسان ٻنھي جا وجود مايوسين ۾ ويڙهجي ويا هئا، تڏهن هڪٻئي لاءِ سھارو هوندا هئاسين. راتين جو دير تائين شھر جي رستن تي رلندا هئاسين. پنھنجا پنھنجا ڏک لڪائي هڪٻئي کي سھارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين ۽ پوءِ رستن هلندي روئي پوندا هئاسين ۽ انھي حالت ۾ بہ هڪ ٻئي کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين! رزاق، يار اهي درد جون ڊگهيون راتيون ڪٿي ٿيون وسرن! وسري تہ مون کان اها گهڙي بہ ناهي. جڏهن انتھائي مايوسيءَ کان پوءِ هڪٻئي سان وعدو ڪيو هوسين تہ زندگيءَ جي مايوسين کان انتقام وٺڻ لاءِ جدوجھد ڪنداسين.
توکي بہ ياد هوندو رزاق، جڏهن اسان جي جدوجھد رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيو هو. توکي پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾ ليڪچررشپ جي آفر ملي هئي. ڏاڍو خوش هئين تون، پر جنھن ڏينھن توکي لاڙڪاڻي کان ميرپورخاص وڃڻو هو، ان ڏينھن محمد علي پٺاڻ اچي مون کي ٻڌايو هو.“ رزاق ميرپور نہ پيو وڃي!“
”ڇو؟“ حيرت مان محمد عليءَ کان پڇيو هوم.
”خبرناهي“ محمد عليءَ وراڻيو هو ۽ ٻڌايو هئائين تہ تون واجد جي گهر ويٺو آهين
مان محمد عليءَ کان موڪلائي واجد جي گهر آيو هوس. تو پنھنجي گهر، ٻارن ۽ دوستن کي ڇڏي ميرپور وڃڻ نٿي چاهيو. مان توکي واجد جي گهر کان ٻاهر آڻي، شھر جي ٻي ڪنڊ ۾ تنھنجي گهر تائين پنڌ هلندي، توکي سمجهائيندو رهيو هوس. توسان وڙهندو رهيو هوس تہ ”ڇا سڄي زندگي ڪلارڪي ڪندين؟ جيڪڏهن تون پنھنجي گهر ۾ ٻارن کان پري وڃي رهيو آهين تہ، پنھنجي ٻارن جي مستقبل خاطر ئي ۽ جيڪڏهن دليون ڌار ناهن تہ دوست بہ پري ناهن.....“
تو هلندي هلندي منھنجو هٿ پڪڙي ورتو هو. تنھنجون اکيون ڀرجي آيون هيون. چيو هيئي، ”زيب، اڄ تون مون سان گڏ رهجانءِ.“
مان شام تائين توسان گڏ رهيو هوس. شام جو لاڙڪاڻي مان ميرپورخاص وڃڻ واري بس ۾ سوار ٿيڻ کان اڳ تو مون کي ڀاڪر پائي چمي ڏني هئي ۽ چيو هيئي. ”جيسين بس هلي نہ وڃي، تون اتي ئي بيھي رهجانءِ. متان منھنجو ارادو ڪمزور ٿي وڃي ۽ مان بس مان لھي واپس نہ هليو وڃان.“
تون بس ۾ وڃي ويٺو هئين تہ مان بس جي کڙڪيءَ ٻاهران اچي بيھي رهيو هوس. تون بس جي کڙڪيءَ مان پنھنجو هٿ ٻاهر ڪڍي، منھنجو هٿ پڪڙي مون سان ان وقت تائين ڳالھائيندو رهيو هئين، جيسن بس هلڻ نہ شروع ڪيو هو. مان ڪجهہ قدم تہ تنھنجو هٿ پڪڙي بس سان گڏ هلندو رهيو هوس ۽ بس جي رفتار سان هٿ ڇڏائجي ويا هئا تہ وري اهي هٿ هوا ۾ لڏندا رهيا هئا. هڪ ٻئي کي الوداع چوندا رهيا هئا ۽ پوءِ، جڏهن اها بس، اکين کان دور ٿي وئي هئي تہ منظر ڌنڌلو ٿي ويو هو، ڇو تہ منھنجون پنبڻيون پاڻي سان ڀرجي ويون هيون.
۽ رزاق، منھنجا دوست، قسمت جي ستم ظريفي تہ ڏس، اهو ڏينھن، جڏهن توکي اها بس لاڙڪاڻي کان ميرپور خاص کڻي وئي هئي، ان ڏينھن کان پوءِ اسان ٻئي ڪڏهن بہ وري هڪ شھر ۾ گڏ نہ رهي سگهياسين!! ڇھين ٻارهين مھيني ئي ملاقاتون ٿينديون هيون. تون ميرپورخاص ۾ ئي هئين تہ مان ريڊيو تي پروڊيوسر ٿي اسلام آباد هليو ويس. اتان منھنجي حيدرآباد ۾ پوسٽنگ ٿي تہ اسان ٻنھي ساڳي سبجيڪٽ ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو ليڪچررشپ لاءِ هلي انٽرويو ڏنو. ليڪچرر ٿيڻ کان پوءِ بہ مون کي حيدرآباد ۾ پوسٽنگ ملي تہ توکي ڪنھن ٻئي هنڌ. مان لاڙڪاڻي بدلي ڪرائي آيس تہ تون جوهيءَ ۾ هيئن ۽ جيسين تنھنجي پوسٽنگ لاڙڪاڻي ۾ ٿئي، مان ٻيھر بدلي ڪرائي حيدرآباد هليو ويس. ائين، وري اسان ڪڏهن بہ هڪ شھر ۾ گڏ رهي نہ سگهياسين!
يار، تون تہ هر ملاقات ۾ مون کي لاڙڪاڻي واپس اچڻ لاءِ چوندوس هئين ۽ مان بہ سدائين توکي چوندو هوس تہ، ”رزاق، تنھنجي ڪري واقعي واپس لاڙڪاڻي اچي رهي سگهجي ٿو.“ پر يار، تون پاڻ ئي هليو ويو آهين!
مان سال ۾ ڪو هڪڙو دفعو ئي هڪ ٻن ڏينھن لاءِ لاڙڪاڻي اچي سگهندو آهيان ۽ توکي خبر آهي تہ مان اتي پھچڻ شرط توکي فون ڪندو هوس. تنھنجي وصال کان هفتو کن اڳ، رات جي وقت لاڙڪاڻي پھتو هئس تہ مون پھريون ڀيرو توکي فون نہ ڪئي هئي، جو تنھنجي ماسات ۽ اسان ٻنھي جي دوست نظير ڌوڻ مون کي ٻڌايو هو تہ تون ڪراچيءَ آهين.
لاڙڪاڻي ۾ فقط مان اها هڪڙي رات ئي رهيو هوس. رات جو دير سان ٻاهران اچي سمھي رهيو هوس. صبح جو حيدرآباد واپس وڃڻ لاءِ نڪري رهيو هوس تہ ڀاڀي ٻڌايو هو تہ رات رزاق توهان جو پڇڻ آيو هو! مون کي تہ يار خبر ئي نہ هئي تہ تون ان رات لاڙڪاڻي ۾ هئين ۽ منھنجي اچڻ جي توکي ڪيئن خبر پئي. گهران نڪري گاڏي مراد واهڻ جي رستي ڏانھن ڦيرايم تہ منھنجي پٽ جبران پڇيو، ”ڪاڏي ٿا هلو؟“
وراڻيم: ”رزاق ڏي.“
جبران اعتراض ڪيو، ”دير ٿي وئي آهي، رزاق ڏي کڻي نہ هلو.“
وراڻيم، ”ائين نٿو ٿي سگهي جبران، تہ مان لاڙڪاڻي اچان ۽ رزاق سان ملڻ کان سواءِ واپس هليو وڃان.“
جبران ڪار ۾ ويٺو رهيو ۽ مون اچي تنھنجي گهر جو در کڙڪايو هو. تنھنجو پٽ آصف ٻاهر نڪتو. ڏسڻ سان اندر اچڻ لاءِ چيائين، پر کيس چيم، ”تڪڙو آهيان، بس رزاق کي سڏي وٺ.“
توکي ياد هوندو رزاق، تو اچي ڀاڪر وڌو ۽ اندر هلڻ لاءِ چيئي تہ وراڻيم، ”هتان قمبر ويندس، اتان فيملي وٺي حيدرآباد وڃڻو آهي ۽ وري اڄ ئي ڪراچيءَ پھچڻو آهي.“
تو منھنجا هٿ پڪڙي ورتا هئا، ”يار پنج منٽ تہ ويھہ.“
وراڻيو هوم، ”نہ يار، وقت ڪونھي، بس، توسان اهو هڪڙو ڀاڪر پائڻ ئي آيو آهيان.“
توکان موڪلائي وڃي گاڏيءَ ۾ ويٺس، تون اتي ئي بيٺو رهئين. تنھنجي گهر جي گهٽيءَ مان آهستي آهستي ڪار ڊرائيو ڪندي Back Mirror ۾ ڏٺم تہ تنھنجو عڪس نظر آيو. هٿ لوڏيندي، الوداع چوندي. (۽ اهو منظر منھنجي ذهن جي اسڪرين تي فريز ٿي ويو آهي!) توکي هٿ لوڏي الوداع چئي گاڏي ٻي گهٽي ۾ ٽرن ڪيم. وري بہ لاشعوري طور Back Mirror ۾ ڏٺم، پر آئيني ۾ تنھنجو عڪس نہ هو… پر، تنھنجو عڪس تہ، مون کي پنھنجي دل ۾ ٿو نظر اچي… ۽ هي خط بہ پنھنجي دل جي ايڊريس تي توڏي پوسٽ ڪري ڇڏيندس، پڪ اٿم تہ توکي ضرور ملي ويندو.

تنھنجو پنھنجو

زيب
(2002ع)

طارق عالم: هيءَ گلاب جي خوشبو

”ٽيونجاھہ سالن جو ٿي ويو آهيان، ٻار بہ هاڻي وڏا ٿي ويا آهن. زندگي دوستن سان ڪچھرين ۾....لکيو آ، پڙهيو آ... يار، جيئن جيئن ماڻھو وڏو ٿئي ٿو تہ سمجهي ٿو تہ موت آ... زندگي آ....موت جي بہ ڪا ايڏي معنيٰ ٿورو ئي آ... موت جي بہ پنھنجي هڪڙي خوبصورتي آهي، ان جو پنھنجو هڪ رنگ آ....“ طارق عالم جون نصير مرزا سان ڪيل اهي ڳالھيون، طارق جي ئي آواز ۾ ڪجهہ دير پھرين، مون پنھنجي پٽ جبران جي فيس بڪ پروفائيل تي ٻڌيون آهن، جن کي جبران وڊيو جي صورت ۾ ايڊٽ ڪري محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.
طارق عالم زندگيءَ سان پيار ڪندڙ هڪ بھادر شخص هو، جنھن ڪري هو زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ موت کان نہ ڊنو. طارق سان منھنجي دوستي پنجٽيھہ سالن جي طويل عرصي تي پکڙيل رهي ۽ اسان ٻئي سنڌ يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ روم پارٽنر بہ رهياسين. راتين جون راتيون گڏ جاڳياسين، گڏ رلياسين، گڏ کلياسين ۽ گڏ رناسين بہ. انھيءَ عرصي ۾ ڪيترائي ڀيرا موت تي بہ ڳالھايوسين، پر هو پنھنجي نوجوانيءَ کان وٺي ڪڏهن بہ مون کي موت کان ڊنل نہ لڳو هو. هو جنم کان موت تائين جي سفر کي ٻن ريلوي اسٽيشنس جي وچ وارو فاصلو ئي سمجهندو هو. هن جي نظر ۾ زندگي هڪ اهڙو سفر هئي، جنھن ۾ ماڻھو صبح جو هڪ اسٽيشن تان چڙهي ٿو ۽ رات جي وقت ڪنھن ويران ريلوي اسٽيشن تي لھي، پليٽ فارم تان هلندو اونداهين ۾ گم ٿي وڃي ٿو. هن لکيو هو، ”خبر ناهي ڪيڏي مھل، ڪھڙي ايندڙ گهڙيءَ ۾...هميشه لاءِ خال خال بڻجي، ڪتابن جي طويل ور وڪڙ ڏاڪڻين تي چڙهندو، تازيون هوائون جهٽيندو، لفظن جي ترورن ۾ غائب ٿي وڃان!“
موت جو خوف تہ هن کي ٽيويھہ سال اڳ بہ نہ ٿيو هو، جڏهن هو ٽڙيل گلاب جھڙي ڦوھہ جوانيءَ ۾ هو ۽ سندس گڙدن پھريون دفعو ساڻس بي وفائي ڪئي هئي. تڏهن بہ هو ٽھڪ ڏيندو رهيو هو، ”اڙي يار خير آ...زندگي آهي تہ آهي، ناهي تہ ناهي....!“ پر تڏهن سندس لنڊن ۾ علاج ممڪن ٿي سگهيو هو ۽ هو وري ڄامشوري جي هوائن ۾ موٽي آيو هو...۽ موت جو خوف تہ هن کي ڪجهہ مھينا اڳ بہ محسوس نہ ٿيو، جڏهن کيس خبر پئي تہ هڪ دفعو وري هو موت جي اونداهي کاهيءَ مٿان اچي بيٺو آهي. هو موت کان ڊڄي ها تہ پنھنجي مڪمل صحتيابيءَ واري دور ۾ ڇو ائين لکي ها تہ:
تون نہ روئجانءِ
مان وڃان هُن پار ٿو
ڏک نہ سوئجانءِ!
پر جڏهن ڪجهہ مھينا اڳ هو ٻيھر ساڳئي مرض ۾ مبتلا ٿيو ۽ هن ڀيري سندس واهر ۾ ڏينھن ۽ راتيون وهامڻ لڳيون تہ، سندس گهر ڀاتين، ڀائرن ۽ دوستن جون اکيون آليون ٿيڻ لڳيون. سڄي سنڌ مان واڪا ٿيڻ لڳا تہ وقت نہ وڃايو، پر وقت وڃائبو ئي رهيو... هن بندي لکيو هو تہ، ”طارق عالم کي بنا دير جي علاج خاطر ٻاهر موڪليو وڃي، ڇو تہ وقت ڪنھن جو بہ انتظار ناهي ڪندو. وقت واريءَ جيان هٿن مان وهي ويندو آهي ۽ پاڻيءَ جيان ٻُڪ مان ٽيپو ٽيپو ٿي ڳڙي ويندو آهي...ڪٿي ائين نہ ٿئي تہ وقت جي چيچ ۾ زندگيءَ جو ڇلو گهر گهلو ٿي پئي...!“ پر سمورين رڙين جي باوجود وقت وڃائجي ويو. وقت جي چيچ مان زندگيءَ جو ڇلو گهر گهلو ٿي ڪري پيو ۽ گم ٿي ويو...طارق وڇڙي ويو....
طارق ئي لکيو هو تہ:
هر وقت وڇوڙو آ
هر ماڳ جدائي آ
۽ 11-جون تي رات جو جڏهن طارق عالم جي ساھہ جو پکي ڀڙڪو ڏئي اُڏامي چڪو ۽ هو وڇوڙي جي وقت، جدائيءَ جي ماڳ تي سرجن اديب رضوي صاحب جي وارڊ ٻاهران ايمبولينس ۾ ستل هو ۽ ڪراچيءَ کان ڄامشوري طرف طارق جي آخري سفر جي شروعات ٿي رهي هئي، تڏهن اديب رضوي صاحب وارڊ مان نڪري ايمبولينس طرف هليو آيو هو. رضوي صاحب طارق جي وڏي ڀاءُ دارا ابڙي جي سامھون اچي بيٺو هو ۽ ڏک سان چيو هئائين، ”ابڙو صاحب، شرمسار هون ڪي مين طارق ڪو نھين بچا سڪا!“
شرمسار سرجن اديب رضويءَ جھڙي انسان کي نہ، ٻين کي ٿيڻ گهرجي....اديب رضوي صاحب تہ طارق لاءِ مسيحا هيو، جنھن ٽيويھن سالن تائين سندس خيال رکيو، پر زندگيءَ جا آخري ٽي مھينا طارق پرڏيھہ مان علاج جي انتظار جا اوجاڳا ڪندي، نيٺ هميشه لاءِ اکيون بند ڪري ڇڏيون، جنھن کانپوءِ نہ هن جي زندگيءَ ۾ ڪو صبح ٿيو ۽ نہ ئي هو پنھنجو اڻ پورو ناول ”صبح“ مڪمل ڪري سگهيو!
عجيب اتفاق آهي تہ طارق پنھنجي مشھور ناول ”رهجي ويل منظر“ جي پڄاڻي انھن سٽن سان ڪئي هئي تہ، ”مان ننڊ ڪرڻ چاهيان ٿو.... ڪيڏو سک آهي هتي....سک، جيڪو ميلن تائين پکڙيل آهي... مان درد جون سموريون سرحدون پار ڪري آيو آهيان....سڀ نفرتون، سڀ محبتون اوندھہ ۾ وڃائجي ويون آهن... ننڊ منھنجي ڇپرن تي ماکيءَ لار جيان اوتجي پئي آهي. مان وڌيڪ جاڳي نٿو سگهان، وڌيڪ جاڳڻ بہ نٿو چاهيان... مون کي معاف ڪري ڇڏجو...مون کي سخت ننڊ....ننڊ....ننڊ....“
طارق تہ ابدي ننڊ سمھي پيو پر سوال اهو آهي تہ معافي ڪنھن کي وٺڻ گهرجي...؟
هن دل مان تہ اهو جواب ٿو اچي، تہ شايد...اسان سڀني کي... پر ڇا ٿيندو.... هو تہ هليو ويو....اڄ تہ سندس ٽيجهو آهي... ٽيجهي کان پوءِ قبر تي رکيل گلاب بہ مرجهائجڻ لڳندا آهن... بس دعا ئي ڪري سگهجي ٿي تہ، زندگيءَ سان پيار ڪندڙ هن ليکڪ جي ياد، سنڌ جي سيني ۾ سدائين تازي رهي ۽ سندس تربت تي رکيل گلاب ڪڏهن بہ نہ ڪومائجن.

هيءَ گلاب جي خوشبو
ٿي اچي پري تائين
۽ سڏي پئي مون کي
سمنڊ جي تري تائين...
مان وڃي چڪو آهيان
ڇو ٿي مون کي ڀنڀلائي
پيار سان ڳلي لائي
هيءَ گلاب جي خوشبو...! (طارق عالم)

(14 جون 2011ع)

قيس عالم ابڙو: هُو جو دور هليو ويو!...

اسلام آباد جي ايوانن تائين رسائي رکندڙ ڪي سياستدان، بيوروڪريٽ ۽ ٻيا سگهارا ماڻھو پنھنجي سٺي صحت وارن وقتن ۾، سرڪاري خرچ تي پرڏيھي دورا ڪري موج مستيون ڪندا آهن. اهڙا ماڻھو جڏهن بيمار ٿيندا آهن، تہ ڪروڙين رپين جي سرڪاري خرچ تي پرڏيھہ مان علاج ڪرائيندا آهن ۽ اهي ئي ماڻھو پوءِ وري سرڪاري خرچ تي حج ڪري، ڏيھہ موٽي اچي حاجي بہ سڏائيندا آهن! اسان جي ملڪ ۾ رسائي رکندڙ اديب ۽ فنڪار بہ کنگهہ کَڙڪي جھڙي حالت ۾، بيماريءَ جي نالي تي سرڪار کان لکين رپين جا چيڪ ڇڏائي وٺندا آهن ۽ سندن نالو بہ ظاهر ناهي ڪيو ويندو. جڏهن تہ مستحق ۽ حقيقي بيمار فنڪارن ۽ اديبن کي فقط ڏهن هزارن جو چيڪ ڏئي بہ پريس رليز جاري ڪري، سندن نالا پڌرا ڪيا ويندا آهن ۽ سندن عزتِ نفس کي مجروح ڪيو ويندو آهي!
منھنجو دوست قيس عالم ابڙو نہ سياستدان هو، نہ بيوروڪريٽ ۽ نہ ئي اهڙو فنڪار، جنھن جي نظر ڪنھن سرڪاري امداد لاءِ واجهائي. هو تہ فقيراڻي طبيعت وارو سنڌ جو اهڙو چترڪار هو، جنھن سخت بيماريءَ جي حالت ۾ بہ، نہ سرڪاري خرچ تي علاج جو مطالبو ڪيو ۽ نہ ئي همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ هن اخباري خبرن جو موضوع بڻجڻ چاهيو. سندس بيماريءَ واري سڄي عرصي دوران هڪڙي ئي خبر منھنجي نظرن مان گذري، جنھن ۾ بہ سندس زال حميده ميتلو پاران فقط دعا جي اپيل ڪيل هئي. 30 آڪٽوبر جي ڪاوش ۾ ڇپيل انھيءَ خبر ۾ ڄاڻايل هو تہ، ”اسلام آباد ۾ رهندڙ سنڌ جي هن نامياري چترڪار قيس عالم ابڙي جي ڦڦڙن کي نقصان پھتو آهي، جڏهن تہ ووڪل ڪارڊس ختم ٿيڻ ڪري سندس ڳالھائڻ جي سگهہ بہ ذري گهٽ ختم ٿي وئي آهي. مختلف اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن کان نجي طور تي سندس ٽيسٽون ڪرايون ويون آهن، پر ڊاڪٽر اڃا بيماريءَ جي تھہ تائين نہ پھچي سگهيا آهن.“ اها خبر پڙهي مون قيس جي موبائل فون تي ڪال ڪئي تہ شايد سندس ٿورڙو ئي آواز ٻڌي سگهان، پر ڀاڀي حميده فون اٽينڊ ڪئي ۽ ٻڌايائين تہ، ”قيس بلڪل ڳالھائي نٿو سگهي!“ افسوس تہ اسان جي ديس جا ڊاڪٽر مرض جي تھہ تائين پھچي نہ سگهيا ۽ سنڌ جي مٽيءَ سان محبت ڪندڙ اسان جو هي سھڻو فنڪار پرديس جي مٽيءَ جي تهن هيٺان هليو ويو!
10 اپريل 1957ع تي قمبر ۾ پنھنجي وقت جي مشھور چترڪار ۽ فوٽوگرافر محمد عالم ابڙي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ، قيس عالم ننڍي عمر ۾ ئي پنھنجي ڀائرن سان گڏ، درسگاهن جي شھر ڄامشوري جا وڻ اچي وسايا هئا، پر ڄامشوري جي ڪنھن درسگاھہ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ بجاءِ، کيس اتي ڳڀي جي ڳولا ڪرڻي پئي هئي. سندس هم عمر دوست سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندا هئا ۽ هو ساڳئي يونيورسٽيءَ جي جاگرافي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪارٽو گرافر هو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي انھيءَ ننڍڙي نوڪريءَ دوران ئي هن هڪ نامياري چترڪار جي سڃاڻپ حاصل ڪري ورتي هئي. هن ڪيترن ئي ڪتابن جا ٽائيٽل ڊزائين ڪيا هئا ۽ ان دور جي ڪجهہ اهم رسالن لاءِ اسڪيچز بہ ٺاهيندو هو. لائين اسڪيچز جو هو باڪمال چتر ڪار هو. هو پنھنجي سامھون ويٺل شخص سان ڪچھري ڪندي، ڏهن پندرهن منٽن اندر سندس اسڪيچ ٺاهي وٺندو هو ۽ انھيءَ اسڪيچ جي لائينن ۾ زندگي ساھہ کڻندي محسوس ٿيندي هئي. 1980ع ۾ هو پنھنجي انھيءَ صلاحيت جي آڌار تي، يونيسيف ۾ چتر ڪار جي نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ، فائين آرٽس ۾ ماسٽرس جي ڊگري نہ هئڻ جي باوجود انٽرويو ڏيڻ خاطر ڪوئيٽا هليو ويو هو. هڪڙي پوسٽ لاءِ ڪيترائي ڊگرين وارا اميدوار بہ موجود هئا. انٽرويو وٺندڙ پرڏيھين جڏهن کائنس بنا ڊگريءَ جي انٽرويو ڏيڻ لاءِ اچڻ جو سبب پڇيو هو، تڏهن وراڻيو هو، ”توهان پنھنجي اداري ۾ ڪم ڏسڻ ٿا چاهيو يا ڊگري؟“ تڏهن انھن پرڏيھين ڪم ڏسڻ خاطر سندس اڳيان شيٽ رکي هڪ اسڪيچ ٺاهڻ لاءِ آئيڊيا ڏنو هو. قيس انھيءَ خيال کي لمحن اندر خاڪي جو روپ ڏئي ڏيکاريو هو. انھيءَ هڪڙي اسڪيچ کانپوءِ اهي پرڏيھي قيس جي اڳيان خالي شيٽس رکندا رهيا ۽ قيس جون آڱريون منٽن اندر خاڪا جوڙينديون رهيون. اهي پرڏيھي بہ لڪير جا فقير نہ هئا، تنھن ڪري انھن سڀني ڊگريءَ وارن کي ڇڏي، اها نوڪري بنا ڊگريءَ واري قيس عالم کي ڏئي ڇڏي هئي. هو ڪافي سال ڪوئيٽا ۾ اها نوڪري ڪرڻ کانپوءِ اسلام آباد هليو ويو هو. اها ئي اسلام آباد، جيڏانھن اسان جو ناميارو شاعر تنوير عباسي ويو تہ وري سندس مڙھہ بہ سنڌ نہ موٽيو! ٻارهن سال اڳ 25 نومبر تي تنوير عباسيءَ اسلام آباد ۾ وفات ڪئي هئي ۽کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو هو... ۽ هن سال، ساڳئي 25 نومبر تي اها خبر آئي تہ اسلام آباد کان علاج خاطر ڪيناڊا ويل قيس عالم ٽورانٽو شھر ۾ گذاري ويو ۽ کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو! قيس عالم جي ننڍي ڀاءُ، نامياري ليکڪ طارق عالم جو وڇوڙو بہ ڪالھہ ڪالھوڻي ڳالھہ ٿي لڳي، جيڪو بہ هن ئي سال، پنج مھينا اڳ گذاري ويو هو. طارق عالم کي سنڌ جي مٽي تہ نصيب ٿي، پر سنڌ جي مٽيءَ سان عشق ڪندڙ قيس عالم کي ست سمنڊ پار اجنبي ديس ۾ دفنايو ويو، جنھن تي سندس روح بہ بيچين هوندو. ضرورت ان ڳالھہ جي آهي تہ سندس ٺاهيل اسڪيچز کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائي محفوظ ڪيو وڃي.

(29 نومبر 2011ع)

خاڪا

---

امرجليلِ: اسين سڀ چيني ۽ چرٻٽ جا دوست آهيون

امر جليل سان سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ پاران رٿيل شام ۾ عام شرڪت وارو دعوت نامو مليو ۽ رات دير سان، شام جي رٿيل وقت کان فقط ويھہ ڪلاڪ اڳ، منھنجي دوست تاج جويي فون ڪري چيو تہ، ”توکي امر جليل تي ڳالھائڻو آهي ۽ جيڪو ڳالھائڻو آهي، اهو لکي بہ کڻي اچڻو آهي!“ تاج ڪندو آهي سڀ ڪم افراتفري ۾، سو مون کان بہ هن، افراتفري ۾ لکائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. امر جليل تي لکڻ کان انڪار تہ ٿي نٿو سگهي ٿو ، پر سچ تہ، چاليھارو سالن کان لڳاتار لکندڙ ليکڪ تي، ويھن ڪلاڪن جي نوٽيس تي لکڻ سبب، ڪنھن بہ طرح سان ساڻس انصاف ڪري نٿو سگهجي. ائين پيو محسوس ڪيان، ڄڻ وقت منھنجو ويري ٿي پيو هجي. هي پيپر لکندي، وال ڪلاڪ جي ٽڪ ٽڪ هر لمحي مون کي احساس پئي ڏياري تہ باقي ٿورو وقت آهي...... باقي ٿورو وقت آهي.... پر وقت جي رفتار امر جليل جي تحريرن جو ڪجهہ بہ بگاڙي نہ سگهي آهي.
ستاويھہ سال اڳ، اسڪول جي زماني ۾ مون جيڪو پھريون ڪھاڻين جو ڪتاب پڙهيو هو، اهو امر جليل جو ”دل جي دنيا“ هو ۽ انھي ڪتاب ۾ پڙهيل ڪردار چرٻٽ مون کي ڏاڍو وڻيو هو. ان کان پوءِ امر جليل جي ٻئي ڪردار چيني متاثر ڪيو هو. هاڻي، جڏهن چيني ۽ چرٻٽ جي ڪردارن کي تخليق ٿئي ٽيھارو سال گذري ويا آهن ۽ منھنجي نسل جا مٿا اڇا ٿيڻ لڳا آهن، تڏهن بہ چينو ۽ چرٻٽ اوترائي معصوم آهن، جيترا ٽيھہ سال اڳ معصوم هئا. انھن ڪردارن ٽيھہ سال اڳ جيڪو ڪجهہ ڳالھايو هو، اهو اسان جي هاڻوڪين حالتن جو بہ اوتروئي واضح عڪس آهي، جيترو ٽيھہ سال اڳ جي حالتن جو. نہ امر جليل جا ڪردار پراڻا ٿيا آهن ۽ نہ ئي سندس موضوع. امر جليل سان ذاتي ڪچھرين ۾ مون کي سدائين اهو محسوس ٿيو آهي تہ کيس انھي ڳالھہ تي خوشي بجاءِ ڏک آهي، تہ چاليھہ سال گذرڻ کان پوءِ بہ سندس ڪھاڻيون ماضي جو ذڪر نہ، پر حال جو حصو آهن! امر جو اهو ڏک فطري بہ آهي، ڇو تہ هو ذاتي امرتا لاءِ نہ، پر سنڌ جي آجپي لاءِ سوچيندڙ ليکڪ آهي. هن 1983ع ۾، هڪ خط ۾ مون کي لکيو هو، ”اسان جي بي رحم معاشري جي بي رحم ڪيفيت ايتري قدر تہ مستقبل مزاجي سان قائم رهي آهي، جو 1965ع ۽ 1968 واري دؤر جا لکيل افسانا ائين پيا محسوس ٿين، ڄڻ هينئر لکيا اٿم.“
ڳالھہ ڳالھہ تي ٽھڪ ڏئي ٽڙي پوندڙ امر، ڌرتي ۽ انسانيت جي حوالي سان ڏاڍو حساس آهي. ڪنھن بہ ظلم ۽ زيادتيءَ جي ذڪر سان سندس گھريون گھريون اکيون پنبڻين تائين ڀرجڻ کان پوءِ ڇلڪي پونديون آهن. مون پاڻ ڪيترا دفعا سندس اکين مان موتي ڪرندي ڏٺا آهن.
1990ع ۾ منھنجي شھر لاڙڪاڻي جي معصوم راجيش کي اغوا ڪري قتل ڪيو ويو هو. انھي ڏک جو اظھار امر هڪ خط ۾ ظاهر ڪندي لکيو هو، ”ننڍڙي راجيش جي اغوا ۽ قتل جو مون کي ڏاڍو ڏک آهي- ڏاڍو ڏک آهي. ڇھن ستن سالن جو هو..... ڏاڍو ڏک آهي. جيڪڏهن قلم سچ پچ ڪلاشنڪوف کان وڌيڪ طاقتور آهي، تہ مان راجيش جي قاتل ڌاڙيلن کي مرڻ گهڙيءَ تائين نہ ڇڏيندس.... ڏسجي تہ قلم ۽ ڪلاشنڪوف جي جنگ ۾ ڪير ڪنھن کان ڏاڍو آهي.“
راجيش جا قاتل ڪنھن نہ ڪنھن روپ ۾ هر وقت موجود رهيا آهن. اهي قاتل روپ مٽائي، ڪڏهن لاڙڪاڻي جي ئي ذيشان کي ماريندا رهيا آهن تہ ڪڏهن خيرپور ميرس جي ابھم راشد کي جنسي ڏاڍ کان پوءِ ماريندا رهيا آهن. انھن ڪڏهن ميرپور خاص جي ڳوٺ کاڻ جي گاگن کي خاموش ڪرايو آهي، تہ ڪڏهن گهوٽڪي جي ڪائنات کي ڪٺو آهي. نہ ڄاڻ ڪيسيتائين راجيش، ذيشان، راشد ۽ گاگن جھڙا معصوم ماريا ويندا ۽ نہ ڄاڻ ڪيترين ڪائناتن کي ڪٺو ويندو! جيسين اهي ۽ ٻيا مڪروھہ رويا اسان جي معاشري ۾ موجود آهن، تيسين امر جون تحريرون ماضيءَ جو حصو بڻجي نہ سگهنديون ۽ امر جي تحريرن جو درد اسان جي دلين ۾ تازو ئي رهندو.
سنڌ جي افسانوي ادب جي تاريخ جي بيسٽ سيلر، حساس دل واري ليکڪ امر جليل جو ڪتاب ”دل جي دنيا“ سدائين منھنجي اسڪولي ڪتابن سان گڏ منھنجي هٿن ۾ رهيو هو ۽ اهو بہ عجيب اتفاق آهي تہ 1991ع ۾ امر جليل ساڳي ڪتاب جي چوٿين ڇاپي جي مھاڳ لکڻ جو اعزاز مون کي بخشيو هو. عجيب ٻڏتر ۾ پئجي ويو هوس، لکڻ ويٺس تہ زندگيءَ ۾ پھريون دفعو پنھنجا هٿ ڏڪندي ڏٺم. نتيجي ۾ چاهيندي بہ طويل مھاڳ لکي نہ سگهيس ۽ انتھائي مختصر مھاڳ لکيم. شايد ان ڪري ئي 1998ع ۾ انھي ڪتاب جي ڏهين ايڊيشن لاءِ وري امر جليل کي پاڻ مھاڳ لکڻ جي ضرورت محسوس ٿي. انھيءَ مھاڳ ۾ هڪ هنڌ امر جليل لکيو آهي تہ، ”زيب سنڌي ۽ علي نواز گهانگهري جڏهن دل جي دنيا جو نئون ايڊيشن آڻڻ جي ڳالھہ ڪئي، تڏهن ڪجهہ دير لاءِ مون کي تعجب ٿيو هو. تعجب ان ڪري ٿيو هو جو مون سمجهيو هو تہ چيني ۽ چرٻٽ جا ساٿي کين ڇڏي هليا ويا آهن. چينو ۽ چرٻٽ اڪيلا رهجي ويا آهن، ڏاڍا اٻاڻڪا ٿي پيا آهن، نہ ڪو سندن ڳالھہ ٻڌڻ وارو آهي ۽ نہ ئي ڪو سندن ڳالھہ سمجهڻ وارو وڃي بچيو آهي.... دل چاهيو زيب سنڌي ۽ علي نواز کان پڇان، چيني ۽ چرٻٽ جا سنگتي ۽ ساٿي موٽي آيا آهن ڇا، جو ”دل جي دنيا“ جو نئون ايڊيشن آڻڻ جي صلاح ٿا ڏيو.“
امر، منھنجا دوست! چيني ۽ چرٻٽ جا سنگتي ۽ ساٿي هر دور ۾ موجود رهيا آهن. ستاويھہ سال اڳ ”دل جي دنيا“ منھنجي اسڪولي ڪتابن ۾ مون سان گڏ هوندو هو ۽ يقين ڪيو تہ، ڪالھہ گهڻي ڳولا کان پوءِ مون کي اهو ڪتاب پنھنجي پٽ جبران جي اسڪول بيگ مان هٿ آيو! هتي ويٺلن سوڌو اسين سڀ چيني ۽ چرٻٽ جا دوست آهيون.
چيني ۽ چرٻٽ جا دوست هر طبقي ۾ ۽ هر هنڌ موجود آهن. مون چار درجا پڙهيل هاريءَ کي شھر مان سيڌي سامان سان گڏ، امر جليل جو ڪتاب خريد ڪري ساڳي ڳنڍ ۾ ٻڌي ڳوٺ کڻي ويندي بہ ڏٺو آهي تہ ايم آر ڊي تحريڪ جي قيدين کي دوستن پاران جيل جي ڪال ڪوٺڙين ڏانھن بہ امر جليل جي ڪتابن کي موڪليندي ڏٺو آهي. نوجوانن کي، پنھنجي محبوبائن کي امر جا ڪتاب گفٽ ڪندي بہ ڏٺو آهي تہ ساڳي وقت امر جو ڪو ڪتابن مارڪيٽ ۾ موجود نہ هئڻ ڪري، سڄي جو سڄو ڪتاب نازڪ آڱرين سان پنھنجي ڪاپي ۾ اتاريندڙ ڇوڪريءَ بابت ۾ ڄاڻ اٿم.
اهي سڀ محبتون پنھنجي جاءِ تي، پر اهي سڀ محبتون هڪ طرفيون بہ ناهن. هو چاليھہ ٻائيتاليھہ سالن کان لڳاتار لکندو، سنڌ ۽ سنڌ واسين سان پنھنجي اڻ مَئي محبت جو اظھار ڪندو رهيو آهي. اها محبت، جيڪا امر جليل جي رڳن ۾ رت جيان موجود آهي ۽ سندس قلم ۽ مَسُ جي صورت ۾، جنھن وسيلي هو سنڌ سان پنھنجي محبت جي تجديد ڪندو رهي ٿو.

(2000ع)

ولي رام ولڀ: موهن جي دڙي جي گهٽين ۾ مليل دوست

منھنجو خيال آهي تہ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ محبتن ۽ دوستين جي ابتدا گهٽين مان ٿي آهي- ۽ ولي رام ولڀ سان منھنجي دوستي، موهن جي دڙي جي گهٽين ۾ ٿي هئي.
ولي رام صاحب جي حوالي سان ماضيءَ ڏانھن نھار ٿو ڪيان تہ فليش بيڪس جو هڪ ڊگهو سلسلو آهي ۽ هر فليش بئڪ ۾ مون کي دوستيءَ جو تعلق وڌيڪ ويجهو ۽ مضبوط ٿيندو نظر ٿو اچي. پھرين فليش بيڪ جو سال تہ مون کي چٽيءَ طرح ياد ناهي، پر ايترو ياد آهي تہ اهو ”بيل باٽم“ وارو زمانو هو. 1976ع يا 77ع جو سال هو. لاڙڪاڻي جي مھراڻ هوٽل ۾ ساڻس منھنجي پھرين ملاقات ٿي هئي. تڏهن هو سئنيما ايڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ جو سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ مئنيجر هو. ولي رام پنھنجي اداري جي ڪراچيءَ واري نمائندي جيوت واسواڻيءَ سان گڏ لاڙڪاڻي آيل هو ۽ مون سان شايد منھنجو دوست رزاق مھر (جيڪو مون کي مرحوم نہ، پر پنھنجي دل ۾ جيئرو جاڳندو ۽ سدا حيات محسوس ٿيندو آهي) گڏ هو. انھي پھرين ۽ مختصر ملاقات ۾ ئي ولي رام اسان کي ٻئي ڏينھن تي گڏ هلي موهن جو دڙو گهمڻ جي صلاح ڪئي هئي. ٻي ڏينھن سکر کان ادل سومرو ۽ اياز گل لاڙڪاڻي اچي ويا هئا ۽ رزاق کان سواءِ اسين سڀ گڏجي موهن جي دڙي ويا هئاسين. موهن جي دڙي جي گهٽين ۾ هلندي ولي رام سان منھنجي ڪچھري ٿيندي رهي هئي ۽ موهن جي دڙي جي تاريخ کان ٿيندا اسان ذاتي گفتگو تائين اچي پھتا هئاسين---- ۽ ائين، اسان ٻنھي جي ذاتي تعلق توڙي دوستيءَ جي ابتدا موهن جي دڙي جي گهٽين کان ٿي هئي. هاڻي ستاويھہ- اٺاويھہ سال گذرڻ کان پوءِ اسان جو تعلق اهڙي سطح جو آهي، جو مون کي محسوس ٿيندو آهي تہ اسان جو اهو تعلق بہ موهن جي دڙي جي تاريخ جيترو آڳاٽو آهي. تعلق تہ ولي رام سان منھنجو فقط پراڻو ئي نہ، پر ڏاڍو مضبوط، ويساھہ جوڳو ۽ محبتن ڀريو شروع کان ئي رهيو آهي. پھرين ملاقات کان پوءِ ولي رام ڪڏهن بہ لاڙڪاڻي آيو تہ سندس شيڊيول ۾ زيب سان ملڻ ضرور شامل هوندو ۽ زيب حيدرآباد ويو تہ سڌو ولي رام وٽ ويندو، ان کان پوءِ باقي حيدرآباد هوندي. ائين ولي رام ۽ حيدرآباد لازم ملزوم فقط منھنجي لاءِ ئي نہ پر رزاق مھر، اياز گل ۽ ادل سومري لاءِ بہ رهيا. ولي رام لڳ ڀڳ پنجويھہ سال گاڏي کاتي جي شمس چيمبر ۾ رهيو، جتي سندس رهائش سان لڳو لڳ سندس آفيس بہ هوندي هئي ۽ سئنيما ايڊورٽائيزنگ ڪمپني جي اها آفيس ڄڻ اسان سڀني دوستن جو حيدرآباد ۾ مرڪز هئي.
شمس چيمبر جي ان ننڍڙي گهر لاءِ اسان جي مانائتي شاعر امداد حسينيءَ هڪ ٽستو لکيو هو:
پشپا گوري ڪمليش
ولي رام جو گهر ڄڻ
هڪ ننڍڙو ديش
ان ننڍڙي ديش (گهر) جا سمورا رهواسي، يعني ولي رام، سندس گهرواري هري ۽ ٽئي ٻارڙا مون کي سدائين بيحد قربائتا لڳا. ولي رام گهر تي نہ بہ هوندو تہ هنن ڪڏهن بہ مون کي در تان واپس وڃڻ نہ ڏنو. جنھن گهر جا دروازا دلين وانگي سدائين کليل رهن تہ پوءِ تعلق بہ دلين جو ئي جڙندو آهي ۽ دلين جو جڙيل اهو تعلق هاڻي فقط ٻن فردن جو نہ پر ٻن خاندان جو آهي.
ولي رام جي تعلق ۾ مون کي سدائين ايتري پنھنجائپ محسوس ٿي جو پندرهن سال اڳ جڏهن مان لاڙڪاڻي کان حيدرآباد شفٽ ٿي آيس تہ، لاڙڪاڻي ۾ پنھنجي سموري پراپرٽي وڪرو ڪري مون ولي رام جي نالي ڊرافٽ ٺهرائي پنھنجي سموري ملڪيت سندس اڪائونٽ ۾ رکي ڇڏي هئي. اهي لکين روپيا ڪيتري وقت تائين سندس اڪائونٽ ۾ ئي پيل رهيا هئا، جن کي مون پنھنجو اڪائونٽ کولائڻ کان پوءِ بہ شفٽ ڪرڻ جي ضرورت محسوس نہ ڪئي هئي ۽ انھن پئسن مان ئي مون پنھنجو حيدرآباد وارو گهر خريد ڪيو هو. اڄ مان حيدرآباد جي جنھن گهر ۾ رهان ٿو، اهو مون سندس صلاح سان ئي خريد ڪيو هو. بلڪ صلاح تہ اسان پنھنجي ٻارڙن جي زندگين جا اهم فيصلا ڪرڻ لاءِ بہ هڪٻئي سان ڪندا رهيا آهيون.
موهن جي دڙي جي گهٽين کان شروع ٿيل اسان جي دوستي کي، هاڻي هڪ ئي شھر ۾ رهندي، حيدرآباد جي هوائن، سدائين محبت جي تازگي بخشي آهي ۽ محبتن جي تازگي ڪڏهن بہ ختم ناهي ٿيندي.

(2004ع)

نصير مرزا: پراڻي مڌ جھڙي دوستي

”هي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد آهي- صبح جا اٺ لڳي ڏھہ منٽ ٿيا آهن. پروگرام پيش ڪجي ٿو، صبح مھراڻ.“
هر جمعي واري ڏينھن تي انائونسر جي انھي جملي کان پوءِ، سگنيچر ٽيون نشر ٿئي ٿي ۽ ان کان پوءِ منھنجو آواز فضائن ۾ اڀري ٿو، ”صبح مھراڻ سان حاضر آهيون پروڊيوسر نصير مرزا ۽ مان آهيان توهان جو ميزبان زيب سنڌي.“
ائين ڪيترن سالن کان نصير جو ۽ منھنجو نالو گڏيو اچي، پر دوستيءَ لاءِ کنيل وکن جو سفر تہ اڃا بہ پراڻو آهي ۽ دوستي بہ پراڻي مڌ جيان ئي آهي، جيتري پراڻي، اوتري اهم- ۽ زندگي- زندگي تہ اتفاقن، حادثن ۽ واقعن جو مجموعو آهي. پوئتي نھار ڪجي ٿي تہ اتفاق، حادثا ۽ واقعا، سالن جي سفر ۾ هڪٻئي پويان قافلي جيان هلندا نظر اچن ٿا.....

1975ع:
نصير ۽ منھنجي لکڻ جو ابتدائي زمانو آهي. اسان هڪٻئي سان مليا بہ ناهيون ۽ اسان جو خطن وسيلي رابطو ٿئي ٿو. هڪ ٻئي ڏانھن بي شمار خط لکون ٿا. اهي خط، جيڪي اسان کي ذهني طور تي هڪٻئي جي ويجهو آڻيندا رهن ٿا ۽ ڪجهہ مھينن جي خط و ڪتابت کان پوءِ، اسان جي ملاقات ٿئي ٿي تہ اسين هڪٻئي لاءِ قطعي اوپرا ناهيون. هو مون سان ملڻ لاءِ لاڙڪاڻي هليو ٿو اچي، تہ ڪڏهن مان سندس خاطر حيدرآباد کان اچي ٿو نڪران. لاڙڪاڻي جي گُهٽ ۽ حيدرآباد جون هوائون دوستيءَ جي ٻوٽي کي قدآوار ڪنديون ٿيون رهن. ٻنھي شھرن جي انيڪ رستن تي اسان ٻنھي جي قدمن جا نشان گڏ گڏ ملن/ هلن ٿا.

1976ع:
آگم پبلشنگ ايجنسي/ ماهوار ”نئون نياپو“ جي آفيس. هر شام تي اديبن جو متل ميڙو. مان جڏهن بہ حيدرآباد اچان ٿو. آگم جي کليل دروازي جيان ئي نصير جون کليل ٻانھون آجيان ڪن ٿيون ۽ سائين نثار حسيني پنھنجي کليل دل سان منھنجي لکڻين جي آجيان ڪري ٿو. آگم جو ڪتابن ۽ رسالن سان سٿيل اهو ننڍڙو ڪمرو ڪيترن ٻين اديبن جيان، مون لاءِ بہ ادبي سفر جو سنگ ميل بڻجي وڃي ٿو.

1977ع:
حيدرآباد جي رستن تي هلندي مان نصير کي چوان ٿو، ”ريڊيو پاڪستان ٿا هلون.“
”ڪنھن وٽ هلنداسين ريڊيو تي؟“ نصير پڇي ٿو.
”آغا سليم سان ملڻ ٿا هلون.“ وراڻيان ٿو.
نصير منھنجي خواهش تي چپ چاپ مون سان گڏ ريڊيو پاڪستان ڏانھن هلڻ لڳي ٿو.
(اسان ٻئي تہ ڪجهہ گهڙيون آغا سليم صاحب سان گهاري حيدرآباد ريڊيو جي بلڊنگ کان ٻاهر نڪري آيا هئاسين، پر نڄاڻ اها ڪھڙي گهڙي هئي، جو حيدرآباد ريڊيو ڄڻ اسان ٻنھي جي مستقبل کي پير- ڪڙي وجهي ڇڏي هئي!)

1983ع:
لاڙڪاڻي ۾ قائم ٿيندڙ منھنجي اشاعتي اداري سڳنڌ پبليڪيشنس/ ڪتاب گهر جو افتتاح نصير مرزا جي هٿن سان ٿئي ٿو. نصير جي سڀاڳن هٿن جي ڇھاءَ سان شروع ٿيل ان اداري طرفان شيخ اياز، امر جليل، ذوالفقار راشدي، نجم عباسي، ولي رام ولڀ، اياز گل، ادل سومري، شبنم گل، رفيق سومري ۽ ٻين ڪيترن ناميارن ليکڪن جا ڪيترائي ڇپجي پڌرا ٿيڻ لڳن ٿا ۽ ٿوري ئي عرصي اندر، سڳنڌ جي سڳنڌ سڄي سنڌ جي ادبي حلقن ۾ ڦھلجي وڃي ٿي.
نصير مرزا ريڊيو پاڪستان تي پروڊيوسر ٿي وڃي ٿو ۽ سندس پھرين پوسٽنگ حيدرآباد ريڊيو تي ٿئي ٿي. (آگم سان گڏوگڏ اسان دوستن کي حيدرآباد ۾ رابطي جو هڪ ٻيو ٿاڪ ملي وڃي ٿو) نصير هڪ ادبي پروگرام لاءِ منھنجي ڪھاڻي (وڃايل ٻار) رڪارڊ ڪرڻ لاءِ مون کي مائيڪ اڳيان وڃي ويھاري ٿو ۽ اتان کان منھنجي ريڊيو جي سفر جي شروعات ٿئي ٿي. (بلڪ مجموعي طور تي اليڪٽرانڪ ميڊيا لاءِ لکڻ جي ابتدا ٿئي ٿي) ڪھاڻيءَ جي رڪارڊنگ کان پوءِ نصير مرزا رڪارڊ لاءِ مون کان ڪھاڻيءَ جو اسڪرپٽ گهري ٿو. اها ڪھاڻي مون کي نورالھديٰ شاھہ کي سندس رسالي ”مرڪ“ لاءِ بہ ڏيڻي آهي. مان ڪھاڻي فوٽو اسٽيٽ ڪرائڻ لاءِ گاڏي کاتي جي ڪنھن دڪان تي وڃان ٿو تہ اتي سميع بلوچ ملي وڃي ٿو. سميع حجت ڪري منھنجي ڪھاڻيءَ جي هڪ فوٽو ڪاپي کڻي هليو وڃي ٿو ۽ ڪجهہ عرصي کان پوءِ مون کي ڪراچي ٽي وي تان محمد بخش سميجي پاران ان ڪھاڻي کي ٽي وي لاءِ ڊراماٽائيز ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. منھنجي اها ڪھاڻي ئي منھنجي ڊراما رائيٽر ٿيڻ جو سبب بڻجي وڃي ٿي، جيڪا سڀ کان اڳ نصير ادبي پروگرام لاءِ رڪارڊ ڪئي هئي.

1988ع:
مان ريڊيو پروڊيوسر جي حيثيت سان چونڊجي، ٽريننگ لاءِ وڃي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي اسلام آباد پھچان ٿو. مون کي هاسٽل ۾ اهو ئي تيرهون نمبر ڪمرو ملي ٿو، جنھن ۾ نصير جي ئي خوشبو رچيل آهي. منھنجي ٽريننگ پوري ٿيڻ واري آهي تہ نصير اليڪشن 1988ع جي ڊيوٽي ۾ اسلام آباد اچي ٿو. ساڻس گڏ منھنجي ڊيوٽي بہ هيڊ ڪوارٽرس ۾ لڳي ٿي. اتي نصير پڇي ٿو، ”ٽريننگ کان پوءِ ڪيڏانھن وڃڻ جو خيال آهي؟“
وراڻيان ٿو، ”ڪراچي، ڪوئيٽا يا پوءِ اسڪردو هليو ويندس. مون اهڙي ئي رضامندي لکي ڏني آهي.“
نصير مون سان اختلاف ڪري ٿو، ”توکي حيدرآباد اچڻ کپي، پنھنجو شھر آهي، پنھنجي اسٽيشن آهي، اهم ڳالھہ تہ عنايت بلوچ صاحب جھڙو مھربان ماڻھو اسٽيشن ڊائريڪٽر آهي. سڪون سان رهندين. گڏجي ڪم ڪنداسين.“
نصير مون کي ڪجهہ بحث کان پوءِ مڃائي وٺي ٿو ۽ مان ٻئي ڏينھن تي ئي، پنھنجي پوسٽنگ حيدرآباد ريڊيو تي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ڇڏيان. 1988ع جي حالتن سبب منھنجي گروپ جو ڪوبہ پروڊيوسر حيدرآباد وڃڻ لاءِ تيار ناهي. مون کي حيدرآباد ريڊيو تي پوسٽنگ ملي وڃي ٿي ۽ مان سال جي پڇاڙڪي هفتي ۾ حيدرآباد اچي جوائن ڪيان ٿو.

1989ع:
مان ريڊيو جي نوڪري ڇڏي وڃي ليڪچرر ٿيان ٿو، پر نصير، ڪوثر ٻرڙي، علي نواز خاصخيلي، گل حسن قريشي ۽ سائين عنايت بلوچ جي شخصيت سبب ريڊيو کان منھنجو رابطو نٿو ٽٽي. ڪاليج کان وڌيڪ منھنجو وقت ريڊيو تي گذري ٿو.

1992ع:
علي نواز خاصخيلي ”سڳنڌ“ ۽ ڪوثر ٻرڙو ”صبح مھراڻ“ پروگرام لاءِ ڪمپيئر جي حيثيت سان هڪ ئي وقت مون کي بڪ ٿا ڪن. ڪجهہ عرصي کان پوءِ ”صبح مھراڻ“ جو پروڊيوسر نصير مرزا ٿئي ٿو ۽ پوءِ ڪيترن سالن تائين اسان گڏجي پروگرام ڪندا رهون ٿا.

2002ع:
هاڻي جڏهن دوستيءَ جي سفر کي چوٿائي صديءَ کان وڌيڪ وقت ٿي ويو آهي ۽ اسين ٻارن ٻچن وارا ٿي ويا آهيون، تڏهن مون کي پنھنجي ٻارن جي مستقبل لاءِ ڪا ضروري صلاح گهرجي ٿي تہ، نظر نصير ڏانھن ئي کڄي ٿي. بلڪہ هڪ مرحلي تي سندس صلاح ئي فيصلي جو درجو بہ اختيار ڪري وٺي ٿي.
هن ڪٿا جي ابتدا ۾ مون چيو آهي تہ زندگي اتفاقن، حادثن ۽ واقعن جو مجموعو آهي. سچ تہ نصير سان دوستي نہ هجي ها تہ مان حيدرآباد ريڊيو تي قطعي پوسٽنگ نہ ڪرايان ها. حيدرآباد ۾ پوسٽنگ نہ هجي ها تہ مان ليڪچرر ٿيڻ لاءِ انٽرويو نہ ڏيان ها ۽ نہ اڄ پروفيسر هجان ها. اسلام آباد کان نصير مون کي حيدرآباد ڇڪي آيو تہ حيدرآباد جي هوائن منھنجا سڀ رستا روڪي مون کي حيدرآباد ۾ ئي گهر ڪري ويھي رهڻ لاءِ مجبور ڪري وڌو.
هي سڄو ذڪر تہ هو نصير سان ويجهڙائيءَ واري ذاتي تعلق، حجتن ۽ محبتن جو، پر سندس فني صلاحيتن تي تفصيل سان ڪجهہ لکڻ/ چوڻ مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو آهي، پر ان جو اختصار منھنجي ذهن ۾ ڪجهہ هن ريت جڙي ٿو تہ:
سندس شاعري ٿورڙي سھي پر ڪيترن شاعرن جي ڪنھن وڏي ڍير کان وڌيڪ وزندار آهي.
پير حسام الدين راشدي، نسيم کرل، ممتاز مرزا ۽ نورالھديٰ شاھہ جيان سندس نثر جي بلڪل ڌار سڃاڻپ آهي. سندس پنھنجو منفرد ڊڪشن آهي.

هڪ پروڊيوسر جي حيثيت سان هو بي شمار صلاحيتن جو مالڪ آهي.
۽ هڪ ڪمپيئر جي حيثيت سان، هو سڄي سنڌ ۾ سنڌيءَ جو نمبر ون ڪمپيئر آهي.
۽ مان پنھنجي پيدا ڪندڙ رب پاڪ جو قسم کڻي ٿو چوان تہ، مان هڪ ڪمپيئر جي حيثيت سان سنڌي جي ڪنھن بہ ڪمپيئر کان Conscious ناهيان، سواءِ نصير مرزا جي.

(2002ع)

اياز گل: مثالي دوست - مثالي شاعر

هر ڪو هٿ ملائڻ وارو دوست ناهي هوندو، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪو شخص پھريون دفعو هٿ ملائڻ سان ئي دوست ٿي ويندو آهي. اٺاويھہ سال اڳ، ائين ئي محسوس ٿيو هو، پھريون دفعو اياز گل سان هٿ ملائيندي. زندگيءَ جي هڪ وڏي عرصي تي ڦھليل دوستيءَ کي نڀائڻ جو ڏانءُ بہ اياز گل کي اچي ٿو. مون جھڙي Careless ماڻھوءَ کي تہ جنم ڏينھن بہ هو ئي ياد ڪرائيندو آهي. جنم ڏينھن تي پھرين فون ڪري. اڪثر ائين ٿيندو آهي تہ منھنجي جنم ڏينھن جي شروع ٿيڻ واري ڏينھن/ رات جو ٻارهين لڳي هڪ منٽ تي اياز گل ئي فون ڪري جنم ڏينھن جون واڌايون ڏيندو آهي. فقط مون سان ئي نہ، سڀني ويجهن دوستن سان سندس رويو ڏاڍي پيار، پنھنجائپ ۽ Care وارو آهي. فقط دوستي جي معاملي ۾ ئي نہ، پر زندگيءَ جي هر معاملي ۾ هن وٽ انتھائي نفاست ۽ ترتيب موجود آهي. اهڙي نفاست ۽ ترتيب، جنھن کي مثالي چئي سگهجي ٿو. سندس گهر ۾ ڪتاب قلم کان وٺي ٽيھہ سال اڳ ڪنھن دوست طرفان ٻن انچن جي ڪاغذ تي لکيل چٺي بہ حفاظت ۽ ترتيب سان رکيل ۽ سانڍيل هوندي. هو هر شيءِ کي سانڍڻ جو فن بہ خوب ڄاڻي ٿو. نہ فقط شيون پر احساس ۽ يادون بہ ساھہ سان سانڍي رکي ٿو. تڏهن ئي تہ هن چيو آهي:

يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي،
ڪنھن وڇوڙي جي سال ڪم ايندئي.

اياز گل پاڻ بہ وڇوڙي جا سال گهاريا آهن تہ وري محبتون بہ ماڻيون آهن. اِهي، اُهي ٻئي تجربا آهن، جن سندس شاعريءَ ۾ وسعت پيدا ڪئي آهي. اِهو ئي سبب آهي تہ اڄ سندس شاعري هزارين محبت ڪندڙ دلين ۾ ڌڙڪي ٿي. پنھنجي اکين ۾ خوابن جا شھر ٺاهيندڙ ڇوڪريون، جيڪي اردو شاعرن احمد فراز ۽ پروين شاڪر جا ڪتاب پنھنجي اکين اڳيان ڪينواس جيان جهلي ويٺيون هونديون هيون، انھن کي هاڻي اياز گل جي شاعريءَ مان شعر پنھنجي خوابن ۾ ڀرڻ لاءِ رنگ ملي ٿا وڃن.
اياز گل جي شاعريءَ کان متاثر فقط محبت ڪندڙ دليون ئي ناهن، پر محبتن جي شاعري ڪندڙ نئين ٽهيءَ جا بي شمار شاعر بہ سندس ڏات ۽ ڏانو جي تقليد ڪندي نظر اچن ٿا. فقط نئين ٽهي جي شاعرن کي ئي نہ، پر متاثر تہ هن پنھنجي ئي ٽهي کي بہ ڪيو هو. ٻيو ڪير کڻي نہ مڃي، پر بنيادي طور شاعر نہ هوندي بہ منھنجي سدائين اها سَڌ رهي تہ جيڪر مان بہ اياز گل جھڙي شاعري ڪري سگهان، پر اياز گل جي شاعري سان ڪلھو ملائڻ ڪا معمولي ڳالھہ تہ آهي ڪونہ. اهو ئي سبب آهي تہ مان شاعريءَ جي پيچري کي ڇڏي، پنھنجي ڏات جي واٽ وٺي، ڪھاڻيءَ کان ٿيندو ٽي وي ڊرامي جي راهدارين ڏانھن هليو ويس، پر اتي بہ، محبتن جي حوالي سان اياز گل جي ئي ڪنھن شعر جو احساس، ڪڏهن نہ ڪڏهن منھنجي ڪنھن ڪردار جي چپن مان ضرور ڦٽي نڪتو آهي ۽ اهڙي سگهاري شاعر جي انتھائي ويجهي دوست هئڻ تي مون سدائين فخر محسوس ڪيو آهي.

(2002ع)

ڪوثر ٻرڙو: ننڍڙي ڪمري ۾ رهندڙ وڏي دل وارو ماڻھو

اهي 1988 واري سال جا پڇاڙڪا ڏينھن هيا. مان اسلام آباد مان ريڊيو پروڊيوسر واري ٽريننگ پوري ڪري. پھرين پوسٽنگ تي جوائن ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينھن اچي حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي پھتو هئس. اسٽيشن ڊائريڪٽر (عنايت بلوچ) جي آفيس ۾ وڃي جوائننگ رپورٽ ڏيڻ کان پھرين ئي، پنھنجي پراڻي دوست نصير مرزا جي ڪمري ۾ لنگهي ويس. نصير ڀاڪر پائي آجيان ڪرڻ کان پوءِ، پنھنجي ڀرواري ٽيبل تي ويٺل ساٿي پروڊيوسر سان تعارف ڇا ڪرايو، اهو پروڊيوسر ائين ٽپو ڏئي اٿيو، ڄڻ ڪرسي ۾ ڪو اسپرنگ لڳل هو، جنھن جي پريشر سان اهو همراھہ اڇل ڏئي ڪرسي مان نڪتو هجي! پھرين ملاقات ۽ پھرين ڀاڪر سان ئي حجائتو ٿي ويو، ”اڙي چڱو ڪيئي جو هتي هليو آئين، ڏاڍو مزو ايندو.“
۽ پوءِ آيل ڏينھن ۾، ڪوثر جي ساٿ سبب واقعي ڏاڍو مزو آيو.
حيدرآباد ۾ اچڻ کان پوءِ، مون شروعاتي ٻہ مھينا، گاڏي کاتي ۾ منظور چيمبر جي هڪ ڪمري ۾ گذاريا هئا. انھن ڏينھن ۾ حيدرآباد جي رستن تي دهشتگرديءَ جو راڪاس پيو ڦيرا پائيندو هو. گاڏي کاتي ۾ روز رات جو فائرنگ جا آواز پيا ٻڌبا هئا. مون منظور چيمبر جي چوٿين فلور تان ڪيترا دفعا کڙڪي کولي، هيٺ نھار ڪري ڀاڄ جا منظر بہ ڏٺا تہ ڪڏهن رستن تي پاڻ بہ ڀاڄ جو حصو رهيس. هڪ رات ٺڪا ٺوڪيءَ جي مسلسل آوازن سبب ننڊ ڪري نہ سگهيس. صبح جو وقت تي آفيس نہ پھچڻ سبب پروگرام ميٽنگ ۾ بہ شريڪ ٿي نہ سگهيس. ان ڏينھن آفيس ۾ دوستن سان ذڪر ڪيم تہ ڪنھن چڱي هنڌ تي رهڻ جي مسواڙي جاءِ ڳولي ڏيو. ڪوثر منھنجي ڳالھہ ٻڌي هڪدم چيو، ”نہ جاءِ جو فڪر ڪر. نہ مسواڙ جو، اڄ شام ئي تنھنجا ٽپڙ کڻي ٿا هلون.“
شام جو منظور چيمبر مان وڃي سامان کنيوسين ۽ ڪوثر مون کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو. اتي وڃي خبر پئي تہ ٻن ڪمرن جي هڪ ننڍڙي جاءِ هئي. وڏي ڪمري ۾ ڪوثر جو بئنڪر دوست اقبال عمراڻي ۽ سندس پلٽڻ مھمانن جي رهندي هئي ۽ ننڍڙو ڪمرو، جنھن ۾ فقط هڪڙي کٽ ۽ چار ڪرسيون رکيل هيون، تنھن ۾ ڪوثر رهندو هو. حيرت مان پڇيومانس، ”هن ننڍڙي ڪمري ۾ ڪيئن رهنداسين ٻہ ڄڻا؟“
ڪوثر وڏو ٽھڪ ڏئي چيو، ”ٻہ ڄڻا تہ هن ڪمري ۾ اڳي ئي رهندا آهيون. هاڻي ٽي ڄڻا رهنداسين هتي.“ خبر پئي تہ مون کان مھينو کن اڳ خضدار کان بدلي ٿي آيل پروڊيوسر خليل چنا جا ٽپڙ بہ هن ڪمري ۾ موجود آهن. ڪوثر جو ڪمرو تہ ننڍڙو هو، پر سندس دل ڏاڍي ڪشادي هئي. اهو ئي سبب آهي تہ هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ اسان ٽن ڄڻن جي رهندي بہ گهٽ ۾ گهٽ مون کي ۽ خليل کي تہ ڪابہ تڪليف محسوس نہ ٿي، پر مان ۽ خليل، ڪوثر لاءِ ڏچو بڻجي وياسين. بلڪہ اسان ٻئي گڏجي ڪوثر لاءِ روز ڪونہ ڪو نئون ڏچو پيدا ڪندا هئاسين. خليل ۽ مون کي رات جو جاڳڻ جي عادت، ۽ صبح جو بہ يارهين وڳي ميٽنگ جي ٽائيم تي آفيس وڃون. جڏهن تہ ڪوثر کي هڪ تہ سوير ننڊ ڪرڻ جي عادت ۽ ٻيو وري صبح جو پروگرام ڪرڻ سبب کيس سخت سياري ۾ اٿڻو بہ صبح سان سوير پوي. رات جي اڍائي ٽين وڳي تائين خليل ۽ منھنجي ڪچھري بہ هلندي تہ ٽھڪ بہ گونجندا ۽ ويچارو ڪوثر پيو پاسا ورائيندو ۽ رڙيون ڪندو. ”اڙي چٻرئو. سمھو نٿا؟“ ۽ اسان شرارت مان ٽھڪ ڏئي چونداسين، ”نٿا سمھون، ڇا ڪندين؟“ ۽ ويچارو ڪوثر ڪنن تي ويھاڻو رکڻ ۽ پاسا ورائڻ کان سواءِ ڪجهہ ڪري بہ نہ سگهندو هو. خليل ۽ منھنجي گهڻي ”هلڙ بازيءَ“ جي باوجود بہ، جيڪڏهن ڪنھن رات گهڻي ٿڪاوٽ سبب ڪوثر کي ننڊ وٺي ويندي هئي تہ گهاٽي ننڊ مان اوچتو ڪوثر کي ڌونڌاڙي ۽ رڙيون ڪري اٿاريندا هئاسين. هو ڇرڪي، اٿي ويھي حيرت مان اسان ڏانھن ڏسي دهشت زدھہ انداز سان پڇندو هو، ”ڇا ٿيو ڇا ٿيو؟“ ۽ اسان ٻئي شرارت مان ٽھڪ ڏئي چوندا هئاسين. ”ڪجهہ نہ ٿيو. سمھي رھہ!“ هو ڪاوڙ مان اسان کي گهٽ وڌ ڳالھائيندو وري سمھي پوندو هو. جڏهن وري گهاٽي ننڊ ورائي ويندي هيس تہ کيس ڇرڪ ڀرائڻ وارو ساڳيو عمل دهرائيندا هئاسين ۽ هڪڙي رات ۾ ساڻس ٽي چار دفعا اها حالت ڪندا هياسين. اسر ويل خليل ۽ مان ٿڪجي سمهندا هياسين تہ، ڪوثر اٿي آفيس وڃڻ جي تياري بہ ڪندو هو تہ گڏوگڏ چپن ئي چپن ۾ مسلسل اسان کي گهٽ وڌ بہ ڳالھائيندو رهندو هو، ”اڙي… زندگي زهر ڪري ڇڏي اَٿوَ. ننڊ ڪرن بہ نٿا ڏيو…!“
خليل ۽ مان دير سان آفيس پھچندا هئاسين تہ ڪوثر اوجاڳي ۽ بي آرامي سبب اکيون ڳاڙهيون ڪيو ويٺو هوندو هو. اسان کي ڏسڻ شرط ڦاٽ کائيندو. ”اڙي توهان ٻنھي کي شرم نٿو اچي. مسواڙ بہ مان ڀريان. سامان بہ منھنجو، سمھان بہ زمين تي، تڏهن بہ ننڊ ڪرڻ نٿا ڏيو.“ خليل ۽ مان وعدو ڪنداسين تہ وري ڪڏهن بہ تنھنجو آرام نہ ڦٽائينداسين، پر جيسين اسان ٽئي گڏ رهياسين، اها رات ڪڏهن بہ نہ آئي، جڏهن اسان ڪوثر جي ننڊ حرام نہ ڪئي.
اسان جي شرارتن سبب مسلسل بي آرامي جو شڪار ٿيل ڪوثر هڪ ڏينھن بيزار ٿي اسان ٻنھي کي چيو. ”اڙي توهان سڌرندؤ يا نہ؟“
مون وراڻيو، ”خليل لاءِ تہ مان ڪجهہ نٿو چئي سگهان. باقي مان ڪڏهن نہ سڌرندس.“
ڪوثر رڙ ڪئي. ”اڙي ڇو، ڇو نہ سڌرندين تون. مون کي تہ ننڊ لاءِ سڪائي ماريو اٿوَ.“
وراڻيم، ”منھنجي سڌرڻ جو ڪوبہ امڪان ان ڪري ناهي، جو مون کي سوير ننڊ ايندي ڪونہ. باقي مان پنھنجي رهڻ جو ڪو ٻيو بندوبست ڪري ٿو وٺان.“
منھنجي ڳالھہ ٻڌي ڪوثر هڪدم اٿي بيھي رهيو. ”اڙي تون جو هليو ويندين تہ پوءِ وري مون کي ننڊ ايندي ڇا...؟“
کلي وراڻيم، ”تہ پوءِ صبر شڪر سان مون کي برداشت ڪر!“
حقيقت اها آهي تہ خليل ۽ مون کي ڪوثر صبر سان برداشت تہ ڪيو، پر شڪر سان قبول بہ ڪيو ۽ جيءَ ۾ جايون ڏنيون. نہ تہ ڪمرو تہ بنھہ ننڍڙو هو، جنھن ۾ فقط هڪڙي کٽ هئي پر هو پاڻ پٽ تي سمھي، کٽ اسان کي ڏئي ڇڏيندو هو، جو اسان جي جاءِ سندس دل ۾ هئي ۽ آهي بہ.

(2003ع)

نياز پنھور: ڪجهہ فليش بيڪس

هڪ ئي ڪاليج ۾ پوسٽنگ، روز جي ملاقات، ڀوڳ، چرچا، مستيون رساما ۽ وري هڪدم پرچي وڃڻ. اهو سڀ ڪجهہ روز جو معمول (ائين ئي، جيئن ويجهن دوستن ۾ ٿيندو آهي يا ٻارن ۾.)

فليش بيڪ ون (پنجويھہ سال اڳ)
نياز ٻاراڻي وهيءَ ۾ منھنجي سامھون بيٺو آهي. اياز گل ڄامشوري جي هوائن ۾ اسان ٻنھي جو تعارف ڪرائي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو تہ هو ٻارن لاءِ شاعري ڪندو آهي.

فليش بيڪ ٽو (ڪجهہ سالن کان پوءِ)
نياز پنھور جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعري جو ڪتاب منھنجي هٿن ۾ آهي. ڪتاب پڙهندي مان فقط ٻہ چار سال اڳ مليل انھي ٻار لاءِ سوچيان ٿو ۽ وري حيرت مان ڪتاب پڙهان ٿو تہ هن ننڍي وهي ۾ ئي ٻارن لاءِ ڪيڏي پڪي پختي شاعري ڪئي آهي.
فليش بيڪ ٿري (ڪجهہ وڌيڪ سالن کان پوءِ)
پنھنجي گهر جي لائونج مان گذرندي، محمد يوسف کي ٽي وي تان ڳائيندي ڏسي بيھي رهان ٿو:
ناوَ هلندي رهي، ناوَ هلندي رهي
پيار جي پار ڏي، ناوَ هلندي رهي
مان خوبصورت موسيقيءَ سان گڏ، محمد يوسف جي آواز جي لھرن سان ترندو وڃان ٿو ۽ سوچيان پيو، اهو ڪلام ڪنھن جو ٿي سگهي ٿو؟ تنوير عباسي جو، امداد حسيني جو، ادل سومري يا اياز گل جو؟ ڪلام فيڊ آئوٽ ٿئي ٿو ۽ ٽي وي اسڪرين تي اسڪرول هلڻ شروع ٿئي ٿو. انھيءَ ڪلام جي شاعر طور منھنجي سامھون نالو اچي ٿو نياز پنھور جو ۽ منھنجي ذهن ۾ جڙي ٿو انھي ڪلھہ جي ٻار جو اڄ هڪ ميچوئر شاعر وارو اميج، جنھن پنھنجي احساس کي ڪميونيڪيٽ ڪرڻ جي سگهہ حاصل ڪري ورتي آهي.

فليش بيڪ فور (ڪجهہ سال اڃا بہ پوءِ)
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي، پروگرام دوران هڪ ٽيپ جي ڪارٽن تي لکيل ڏسان ٿو، ”ناوَ هلندي رهي… نياز پنھور/محمد يوسف“ مان ساڳيو ڪلام ٻڌڻ جي خواهش ۾، شيڊيول کان هٽي ڪلام ڪِيو ڪرائي ٿو وٺان ۽ ڪجهہ لمحن کان پوءِ اسٽوڊيوز پيار جي پار ڏي هلندڙ ناوَ جيان ٿو محسوس ٿيڻ لڳي. اوچتو اسٽوڊيوز جو دروازو کلي ٿو ۽ پيار جو پانڌيئڙو نياز پنھور اسٽوڊيوز ۾ اچي ڀاڪر ٿو وجهي، تہ سندس ڀاڪر جي سگهہ سان سندس دوستي جو پيار مان پنھنجي سيني ۾ اوتجندي محسوس ڪيان ٿو.
فليش بيڪ اوور
هو ڪلاس روم ۾ ليڪچر ڏئي رهيو آهي. ڪڏهوڪو بيل لڳي چڪو آهي. سندس پيرڊ پورو ٿي چڪو آهي، پر کيس احساس ئي ناهي ۽ هو پوري ڪنسنٽريشن سان ڳالھائي رهيو آهي. مان محسوس ڪيان ٿو تہ هن وٽان گهڻو ڪجهہ ٻئي طرف منتقل ٿي رهيو آهي.

ڪٽ
ڪلاس روم واري سنجيدگيءَ جي ابتڙ هو اسٽاف روم ۾ ٻارن جيان ڳالھہ ڳالھہ تي ٽھڪ ڏئي رهيو آهي. مسخريون ڪري رهيو آهي. هڪ لمحي لاءِ مون کي پنجويھہ سال اڳ ڄامشوري جي هوائن ۾ بيٺل ٻار ياد اچي وڃي ٿو ۽ اهو تصور، مون کي اهو احساس ڏياري ٿو تہ جيسين نياز پنھور جي اندر جو اهو ٻار زنده آهي، تيسين سندس اندر جو شاعر بہ زنده رهندو. اهو شاعر، جنھن جي سگهاري شاعريءَ جو هڪ وڏو حصو اڃا تہ پڙهندڙن تائين پھتو ئي ناهي!

(2002ع)

شبنم گل: سنڌي نياڻين لاءِ هڪ مثالي شخصيت

شبنم گل آهي تہ هڪڙي شخصيت، پر سندس شخصيت جا ڪيترائي روپ آهن. ريڊيو، اسٽيج ۽ ٽيليويزن جي ڪمپيئر، ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي ڊراما آرٽسٽ ۽ ڊراما رائيٽر، صحافي، استاد، ڪالم نگار، ڪھاڻيڪار ۽ شاعرا.
شبنم کي مون پھريون ڀيرو 1986ع ۾ ڪراچي ٽي وي جي اسٽوڊيوز ۾ هڪ ڊرامي جي سيٽ تي اداڪاري ڪندي ڏٺو هو. سندس پھريون ئي ڊرامو هو، پر هن ڏاڍي خوداعتماديءَ سان پرفارم پئي ڪيو. ٻن اڍائي سالن کان پوءِ 1988ع ۾، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پروڊيوسر جي حيثيت سان مون نوڪريءَ جي شروعات ڪئي هئي، تڏهن هڪ ڏينھن سنجيدہ طبعيت واري هڪ ڇوڪري منھنجي ڪمري ۾ لنگهي آئي هئي، ”مان شبنم بلوچ آهيان.“
مون کي سندس چھرو شناسا لڳو هو ۽ ذهن تي گهڻو زور ڏيڻو نہ پيو هوم. سندس پھرين (۽ هيل تائين آخري) ٽي وي ڊرامي ۾ بھترين پرفارمنس سبب مون کيس سڃاڻي ورتو هو.
هوءِ اڪثر ريڊيو تي ايندي هئي. هڪ ڏينھن چيو هئائين، ”مان لکندي بہ آهيان.“ ۽ پنھنجي ڊائري جي وچ مان اردو اخبارن جي عورتن وارن صفحن ۾ ڇپيل ننڍڙيون ننڍڙيون تحريرون ڪڍي ڏيکاريون هئائين. پھرين تہ مون انھن مختصر لکڻين ڏانھن ڌيان نہ ڏنو هو، پر جڏهن پڙهي ڏٺيون هيم، تہ سندس خيال جي گهرائي مون کي حيران ڪري وڌو هو! ٻڌايو هئائين تہ هن اهڙيون ڪيتريون ئي لکڻيون لکيون آهن ۽ کوڙ سارا انٽرويوز بہ ڪيا آهن. تڏهن مون کانئس هڪ سوال پڇيو هو، ”اردو اخبارن ۾ ايترو ڪجهہ لکڻ کان پوءِ بہ، هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ توهان کي ڪا سڃاڻپ ملي آهي؟“
هوءَ مون کي مطمئن ڪندڙ جواب ڏئي نہ سگهي هئي. پوءِ مون کي جيڪو بہ ليڪچر ڏيڻو هو، سو مون کيس ڏنو هو. هوءَ خاموشي سان مرڪي مرڪي منھنجون ڳالھيون ٻڌندي رهي هئي.
ڪجهہ وقت کان پوءِ، جڏهن مون کي ڊرامي جو سيڪشن مليو هو، تڏهن هن هڪ اسڪرپٽ آڻي مون کي ڏنو هو ۽ چيو هئائين، ”توهان مون کي سنڌي ۾ لکڻ لاءِ چيو، سو مون هي ڊرامو لکي ورتو آهي.“
اهو ڊرامو، سندس پھرين سنڌي تحرير هئي، جيڪو هن 1989ع ۾ لکيو هو ۽ اهائي پھرين لکڻي هئي، جيڪا شبنم بلوچ بجاءِ، شبنم گل جي نالي سان لکي هئائين. اهو ڊرامو مون ريڊيو تان پيش ڪيو هو. ان کان پوءِ هن ڪي ٻيا ڊراما بہ مون کي لکي ڏنا هئا، جيڪي ان وقت ريڊيو تي لکندڙ اڪثر سينئر ليکڪن جي ڊرامن کان وڌيڪ سٺا هئا. ائين، هن ريڊيو کان سنڌي ۾ لکڻ شروع ڪيو، تہ پوءِ اهو سلسلو جڙندو ئي ويو. ريڊيو لاءِ گيتن ڀريون ڪھاڻيون، اخبارن ۽ رسالن لاءِ ڪالم، مضمون، ڪھاڻيون، شاعري… سندس پھرين ڪھاڻي 1989ع ۾ ۽ پھريون شعر 1990ع ۾ ڇپيو. شبنم ريڊيو لاءِ ڪي ڊراما چند ڪلاڪن جي نوٽيس تي بہ لکي ڏنا هئا، پر ان جي باوجود هن پنھنجي تحرير جي معيار کي برقرار رکيو هو. پرنٽ ميڊيا ۾ پنھنجي حيثيت مڃائڻ سان گڏوگڏ اليڪٽرانڪ ميڊيا (ريڊيو ۽ ٽي وي) سان بہ سندس رشتو جڙيل رهيو.
اليڪٽرانڪ ميڊيا سان شبنم جو رشتو اداڪاري جي حوالي سان جڙيو هو، پر هن هڪڙي ئي ڊرامي ۾ پرفارم ڪري ڇڏي ڏنو، جيتوڻيڪ ڪيترائي دفعا کيس تمام سٺن ڪردارن جون آفرز بہ مليون. ڪمپيرنگ هن اسٽيج کان (ادبي فنڪشنس ۾) 1986ع کان شروع ڪئي. پوءِ 1991ع ۾ ريڊيو کان ٿيندي، هو ٽيليويزن جي مقبول ترين سنڌي ڪمپيئر بڻجي وئي. ٽي.وي تي هن هڪ سال تائين مسلسل ”سنڌ رنگ“ پروگرام کان سواءِ مختلف وقتن تي ٻين پروگرامن جي ڪمپيئرنگ بہ ڪئي. ان کان پوءِ، ”لوڪ ميلا“ ۽ شاھہ سائين بابت ”سر لطيف“ جھڙو سنجيدہ پروگرام سندس حصي ۾ آيو.
خاموشي، سنجيدگي ۽ بولڊنيس (Boldness) سندس فطرت جو حصو آهن ۽ سندس فطري سنجيدگيءَ سبب هر هنڌ مٿس اعتماد ڪيو ويو آهي. سندس طبعيت ۾ جهجهڪ ڪڏهن بہ ناهي رهي، تنھن ڪري هڪ ڇوڪري هئڻ جي باوجود هن معاشرتي روين ۽ روايتي مسئلن کي اهميت نہ ڏني آهي.
سنجيدہ طبعيت هئڻ جي باوجود شبنم شاعرن جو مذاق اڏائيندي هئي. هن وٽ شاعر جو وکريل وارن وارو روايتي تصور هو. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ سندس نثر ۾ شاعري واري سونھن موجود هئي. هڪ ڏينھن هن پنھنجي شاعري بہ مذاق مذاق ۾ مون کي ڏيکاري هئي، پر سندس جمالياتي حس (Aesthetic sence) کي محسوس ڪري، مون کيس سنجيدگيءَ سان شاعريءَ ڏانھن ڌيان ڏيڻ لاءِ چيو هو. جيتوڻيڪ هن پنھنجي شاعريءَ کي ڊائريءَ تائين محدود رکڻ لاءِ سوچيو هو، پر تڏهن بہ هن منھنجي راءِ کي مان ڏنو هو ۽ شاعريءَ ڏانھن سندس رويي ۾ سنجيدگي اچي وئي هئي. ان کان پوءِ شاعر جي تصور بابت هن جي سوچ ۾ بہ تبديلي اچي ويئي هئي.
جڏهن شاعريءَ جا پکي سندس سوچ- ساگر مٿان اڏرڻ لڳا، تڏهن کيس احساس ٿيو هو تہ شاعر، زندگيءَ فطرت ۽ ڪائنات جي وڌيڪ ويجهو آهي، جتان جذبن کي نئون موڙ ۽ امرتا ملي ٿي. ڪوتا- ڪاڪ پسڻ کان پوءِ ئي صحيح معنيٰ ۾ کيس تخليقي تحرير جي اهميت جو اندازو ٿيو هو ۽ انٽرويوز ۽ ڪالمن کي ڇڏي، فقط تخليقي لکڻين، شاعري، ڪھاڻي ۽ ڊرامي ڏانھن مڪمل ڌيان ڏنو هئائين. سندس خوشقسمتي هئي تہ هن کي هر تخليقي صنف تي ريسپانس مليو، پر ذهني طور تي هوءَ سمورين صنفن کان وڌيڪ شاعري کي ويجهو آهي ۽ سندس چواڻي هوءَ انھي ۾ ئي وڌيڪ Clear آهي.
زندگي گذارڻ ۽ زندگي سمجهڻ ٻہ مختلف عمل آهن. زندگيءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش بذات خود هڪ وڏو ڏک آهي، پر سمجهہ جي ڪوشش کان ئي فن ۽ فڪر جي ابتدا ٿئي ٿي. شبنم گل جي طبعيت ۾ Pessimism جو رچاءُ آهي، پر ان ۾ بہ اميد جي جهلڪ هوندي آهي، ڇو تہ سندس خيال ۾ Pessimism هر شي جي گهرائيءَ ۾ لھڻ جي سگهہ عطا ڪري ٿو، پر ان جي باوجود تصوف (Mysticism) سان سندس لڳاءُ رهيو آهي. تصوف جي فڪري تسلسل کي هن اهم سمجهيو آهي. اهو ئي سبب آهي تہ سندس شاعري ۾ Pessimism سان گڏ تصوف جو Touch بہ آهي. سندس طويل نظم ”خود ڪلامي“ سندس سوچ جو سفر اهڙي ئي رخ تي آهي، ۽ ”خود ڪلامي“ جھڙا نظم لکيا نہ ويندا آهن، پر لکجي ويندا آهن. ان ۾ شعور جو دخل بلڪل نہ هوندو آهي.
آلي مٽي جي خوشبو هر ان ليکڪ کي پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿي، جنھن جون پاڙون پنھنجي ڌرتيءَ ۾ کتل آهن، ۽ سندس رڳن ۾ ڌرتي جو دک ٿو ڊوڙي. شبنم چواڻي: ”ننڍپڻ کان ئي مٽيءَ جي خوشبو مون کي دل جي گهراين سان وڻندي هئي. ان وقت مون کي ان جو سبب سمجهہ نہ ايندو هو. هاڻي جڏهن تسلسل سان لکيو اٿم، تڏهن محسوس ڪيان ٿي، تہ اهو سڀ ڪجهہ مون کان آلي مٽيءَ جي خوشبو لکرايو آهي،“ ۽ مان سمجهان ٿو تہ، اهو ڌرتي سان مضبوط رشتو ۽ ڌرتي جي دکن جو اولڙو ئي آهي، جو سندس تحريرن ۾ غم جي ڪيفيت مسلسل آهي.
ڪٿي پڙهيو هوم، غم جي زبان خوشي کان وڌيڪ اثرائتي هوندي آهي ۽ اها بہ حقيقت آهي تہ دنيا جي عظيم ادب جي وڏي حصي ۾ غم جي ئي ڪيفيت سمايل آهي، پر شبنم جي پنھنجي لفظن ۾:
هر شعر کي درد جي، ڪا تازگي ٿي گهرجي
شبنم گل جڏهن سنڌي ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي هئي، تڏهن هو منھنجون تحريرون پڙهي ريس ڪندي هئي، پر هاڻي سچ پچ تہ مان هن سان ريس ڪندو آهيان. حقيقت اها آهي، تہ هن چند سالن اندر جيترو گهڻو ۽ سٺو لکيو آهي، انھي کان ڪنھن بہ صورت ۾ لنوائي نٿو سگهجي. فن جي راهن ۾ هوءَ جنھن رفتار سان اڳتي وڌي آهي، اهو هڪ مثال آهي، ۽ انھي جو ڪريڊٽ مان سندس بابا، ڊاڪٽر بشير احمد لاشاري صاحب کي ضرور ڏيندس، جنھن نہ فقط پنھنجي نياڻيءَ کي پڙهايو لکايو، (شبنم انگريزي ۾ ايم- اي ڪئي ۽ هاڻي ليڪچرر آهي) پر کيس فن ۽ ادب جي دنيا ۾ پڻ اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهيو- ۽ اڄ جي شبنم، سنڌي نياڻين لاءِ هڪ مثالي شخصيت جي حيثيت اختيار ڪري ورتي آهي.

(13فيبروري1994ع)

گل ڪونڌر: ادب، عشق ۽ نيڪ نمازي ماڻھو

مختصر وقت ۽ مختصر لفظن ۾ گل ڪونڌر تي لکڻ منھنجي لاءِ ان ڪري ڏکيو آهي تہ، مان سندس ذات جي ڪيترن ئي رخن کان واقف آهيان. هڪ دوست، ڪليگ، استاد، ايڊيٽر، نيوز ڪاسٽر، ريڊيو ڪمپيئر، ليکڪ، شاعر ۽ هڪ عاشق جي حيثيت سان بہ کيس سڃاڻان ٿو. دوست جي حيثيت سان هو منھنجي انھن ٿورڙن دوستن مان هڪ آهي، جن کي هڪ هٿ جي آڱرين تي ڳڻي سگهجي ٿو ۽ دوستي جي معاملي ۾ هڪ هٿ تي پندرهن جي نہ، پر پنجن جي ڳڻپ ئي مناسب هوندي آهي.
هڪ شخص جي حيثيت سان هو انتھائي سڌو سادو، سچ ڳالھائيندڙ، ﷲ جي ذات کان ڊڄندڙ، نيڪ نمازي ۽ شريف ماڻھو آهي. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ سندس نراڙ تي محراب جو ڪوبہ نشان ڪونھي. نالو نشان تہ سندس زندگيءَ ۾ مايوسي جو بہ ڪونھي. جيتوڻيڪ فقط ڏهن ٻارهن سالن جي دوستيءَ ۾، مون سندس زندگيءَ ۾ تمام وڏا لاها چاڙها، بلڪہ انقلاب ايندي ڏٺا آهن. هڪڙو وقت هو جڏهن هن جي آفيسر گريڊ واري پگهار سندس کيسي خرچ لاءِ هوندي هئي گهر جا بار وڏن تي ۽ سواريءَ لاءِ سندس در تي ٽي ٽي گاڏيون بيٺل هونديون هيون. وري جو اوچتو جهٽڪو لڳو تہ همراھہ پنڌ ۽ مٿي تي قرض جا ڪُنا! پر مجال جو سندس مُکَ تي مايوسيءَ جو ڪو پاڇو نظر اچي. سدائين ايئرڪنڊيشنڊ ڪارن ۾ گهمندڙ، بس جي پيھہ مان ڪپڙا ڪارا ڪري لھي تہ بہ سندس منھن تي مرڪ. اهڙي حالت ۾ جڏهن ڪيترائي دوست ۽ مٽ مائٽ بہ ڪنارا ڪري ويندا آهن، تہ ماڻھوءَ جي پنھنجي دل بہ سڃائيءَ جو ساٿ ڏيڻ بجاءِ بي وفا ٿي پوندي آهي ۽ ماڻھو بي وفا دل کي بچائڻ لاءِ وڃي دل جي وارڊن ۾ وارد ٿيندا آهن، پر اسان جو هي يار اسان کي حيران ڪندو، لڳي ويو جدوجھد کي. سُڪي پگهار مان سالن تائين قرضن جي ڪُنن سان بہ منھن ڏيندو رهيو تہ گهر جو گاڏو بہ گهليندو رهيو. حالانڪہ ان کان اڳ گهر جو گاڏو گهلڻ جو وٽس تجربو ئي نہ هو ۽ هو گاڏين ۾ گهمندو هو!
هن کي گاڏين مان لاهي ”سڙڪ ڇاپ“ بڻائڻ ۾ ماهوار ادب جو بہ ٺاهوڪو هٿ هيو. جڏهن هن ادب شروع ڪيو هو تہ کيس چيو هوم، ”گل، تون وڃي گاڏين ۾ گهم، حيدرآباد جي گاڏي کاتي ۾ گاڏن تي وڪامندڙ رسالن جي ڍير ۾ واڌارو نہ ڪر.“ پر هن منھنجي هڪ نہ ٻڌي. ادب جي هر پرچي تي بنا حساب جي نقصان برداشت ڪندو رهيو ۽ ادب سان پنھنجي عشق جي تجديد ڪندي، مستقبل ۾ پنھنجي قرضي ٿيڻ جو ڪاروبار ڪندو رهيو. پنجاھہ سٺ پرچن جي مسلسل نقصان کان پوءِ، ادب تہ نفعي نقصان کان سواءِ وڃي پنھنجي پيرن تي بيٺو، پر اسان جي يار جا پير نڪري ويا. هاڻي سوچيان ٿو تہ هن بنا اشتھارن ۽ ڪنھن مالي مدد کان سواءِ، هڪ سنڌي رسالي جا سؤ شمارا شايع ڪري ۽ هزارين نون ليکڪن جي همت افزائي ڪري يقينن هڪ تاريخي ساز ڪم ڪيو آهي. جڏهن تہ اڄڪلھہ اسان جا اديب ۽ ايڊيٽر تاريخ ساز ڪم بجاءِ ”خود ساز“ ڪم ڪري، رهيا آهن، پر هن شريف ماڻھوءَ ادبي حلقن توڙي ميڊيا ۾ چڱي خاصي ڄاڻ سڃاڻ ۽ هڪ رسالي جي ايڊيٽر هئڻ باوجود، ڪڏهن بہ پاڻ کي وڏو ليکڪ مڃرائڻ/ چورائڻ جي جستجو ناهي ڪئي. ڪير کيس وڏو ليکڪ مڃي يا نہ، هن انھيءَ ڳالھہ جي ڪاڻ بہ ناهي ڪئي، پر منھنجي ذاتي راءِ ۾ هو هڪ سادو سٻاجهو ۽ سچو ليکڪ ضرور آهي.
هڪ ليکڪ ۽ شاعر جي حيثيت سان، هن ادب جي ڪيترين ئي صنفن سان نينھن نڀايو آهي. شعر جي ڪيترين نازڪ نفيس صنفن کان ويندي ڪھاڻي ۽ ناول جي پيچرن جا پنڌ ڪري هن ٽي.وي ڊرامي جو ليکڪ ٿيڻ ٿي چاهيو. مان سدائين کيس اها آفر ڏيندو آهيان تہ تون پنھنجو ڪھاڻيون کڻي مون سان ويھہ تہ انھن کي ٽي وي لاءِ ڊراماٽائيز ڪرڻ جي پلاننگ ڪيون، پر ”ادب“ جي وقت سر اشاعت جو عشق کيس وقت ئي نٿو ڏئي… تہ پوءِ هن عشق لاءِ ڪيئن وقت ڪڍي ورتو!!
جي ها، هن هڪڙو عشق بہ ڪيو آهي! ڪيترا سال اڳ جي ڳالھہ آهي، مان پروگرام ڪري، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڪوريڊور مان تڪڙو تڪڙو وڃي رهيو هوس، تہ هڪ ڏاڍي سيبتي سٻاجهي ڇوڪري اچي منھنجي اڳيان بيٺي هئي. پڇيو هئائين، ”توهان گل ڪونڌر کي سڃاڻو ٿا؟“
وراڻيو هوم، ”ها، منھنجو دوست آهي.“
”توهان کي اڄ هتي نظر آيو آهي؟“
“ها، پروڊيوسر انور هَڪڙو جي ڪمري ۾ ويٺو اٿوَ.“
”ڇا اتي ڪي ٻيا ماڻھو بہ ويٺا آهن؟“ ڇوڪري پڇيو.
”ها“.
”تہ پوءِ توهان گل کي ڪمري مان ٻاهر سڏي ڏيو.“
”ڇو، توهان پاڻ ڇو نٿا وڃي سڏيوس؟“ پڇيم.
ڇوڪريءَ ڏاڍي معصوميت سان چيو. ”مان کيس سڃاڻان نٿي!“
هڪ ليکڪ جي سڃاڻپ سندس نالو ئي هوندو آهي. ان ڪري مون ڇوڪريءَ کان ڪجهہ بہ نہ پڇيو ۽ گل ڪونڌر کي پروڊيوسر جي ڪمري مان ٻاهر سڏي، ڪوريڊر ۾ بيٺل ڇوڪريءَ سان سندس تعارف ڪرايم تہ هو ٻئي مرڪي پيا ۽ مان ٻنھي جي وچ مان گذري ٻاهر هليو ويس. اهو تہ هيو پيار جو پھريون منظر ۽ پوءِ ڪيترن سالن تائين، عشق جي انھي ڪٿا ۾ ڪيترا ئي رومينٽڪ ۽ ٽريجڪ موڙ آيا. اسان جي هن دؤر ۾، جتي عشق کي عبادت جو نالو ڏيندڙ ۽ شرافت جو ليبل چنبڙائي هلندڙ ڀؤنر بڻجي ٿا پون، اتي عشق اڳيان هن شريف ماڻھوءَ گل ڪونڌر جو ڪنڌ مون سدائين ڪومايل گل جيان جهڪيل ڏٺو.
تازو جڏهن گل مون کي سندس بابت ڪجهہ لکڻ لاءِ چيو، تہ کيس چيم، ”گل ڪونڌر فلاڻي سن ۾ ڄائو. فلاڻي سن ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ فلاڻي سن ۾ لکڻ جي ابتدا ڪيائين تہ گهڻا لکندا. مان تنھنجي عشق جي ڪٿا لکندس.“ تڏهن گل ٿڌو ساھہ کڻي پنھنجو ئي شعر ٻڌايو:

شھر جي گاڏين منجهہ نھاري ڪنھن کي ڳولين ٿو
عڪس اکين ۾ يار وهاري ڪنھن کي ڳولين ٿو

اها ڇوڪري اڄ بہ هن ئي شھر ۾ آهي. اهو ئي حيدرآباد شھر آهي، اهي ئي هن شھر جا رستا آهن ۽ ڪٿي نہ ڪٿي اها ڇوڪري هن کي نظر بہ اچي ٿي. اهڙي ڪنھن موڙ تي گل جا احساس منھنجي شعر کان مختلف نہ هوندا:

راھہ مَٽي جا گذري وئي آ،
منھنجي پريـــــمَ ڪھاڻي هئي.

۽ هي شريف ماڻھو پاڻ بہ راھہ مٽائي، ڪنڌ جهڪائي، ادب جي اشاعت خاطر ڪنھن پريس ڏانھن، يا نماز پڙهڻ لاءِ ڪنھن مسجد طرف هليو ويندو آهي.

(2003ع)

سليم چنا: گوڏي گاڏي ۽ دنيا جو گولو

سليم چنا پنھنجي زندگيءَ ۾ ايترو پنڌ ضرور ڪيو هوندو، جو هو دنيا جي گولي تي 90 ڊگري تي هلڻ شروع ڪري ها تہ، شايد هن مھل تائين دنيا جو سڄو گولو پيرين پنڌ لتاڙي واپس اچي وڃي ها. اونھاري جي ساڙيندڙ ۽ ڪاڙهيندڙ منجهندن کان سياري جي انتھائي سرد راتين ۾، هو مون کي حيدرآباد جي رستن تي پنڌ ئي پنڌ نظر آيو آهي. ائين بہ ناهي تہ وٽس ڪرائي جا ڏوڪڙ ناهن، هو مڇي مانيءَ وارو سکيو ستابو شخص آهي ۽ لينڊ ڪسٽم ۾ انسپيڪٽر آهي، پر بس، پنڌ جي پِٽَ اٿس. قاسم آباد مان گهران نڪرندو تہ سائيٽ ايريا تائين پنھنجي آفيس پنڌ ويندو. وري جو آفيس کان نڪرندو تہ رکندو گوڏن تي زور ۽ وڃي نڪرندو گاڏي کاتي. يارن دوستن سان ملندو، ٺيلھن ۽ بوڪ اسٽالن تي نون آيل ڪتابن ۽ رسالن کي اٿلائيندو، رستي هلندي واقفڪارن سان ڪچھريون ڪندو. رستي هلندي ڪنھن يار دوست فنڪشن جا سؤ کن ڪارڊ پھچائڻ لاءِ هٿ ۾ ڏئي ڇڏيس تہ بنا منھن گهنجائڻ جي مرڪي اها ذميداري قبول ڪري وٺندو ۽ رکندو گوڏي گاڏيءَ تي زور. سڄو حيدرآباد جو شھر پنڌ لتاڙي، هر هڪ اديب کي سندس گهر، آفيس يا دڪان تي ڪارڊ رسائيندو، اڌ رات جو وڃي گهر رسندو. ائين هو هڪڙي ڏينھن ۾ ٽيھہ چاليھہ ڪلوميٽر پنڌ سٽيو وڃي. جيڪڏهن اسان جي هن يار کي ميٽر لڳل هجي، تہ خبر پوندي اسان پارا گاڏين ۾ بہ ايترو نٿا هلن، جيترو هي گوڏي گاڏيءَ وسيلي هلي ٿو، پر حيرت جي ڳالھہ آهي تہ هو ٿڪجي نٿو.
سليم انتھائي سادگي پسند، ماٺيڻو ۽ شريف ماڻھو آهي. پنڌ هلڻ ڪري ساڻس ڪيترائي دلچسپ واقعا بہ ٿيا آهن. هڪ رات هو دير سان قاسم آباد جي واڌو واھہ روڊ تان وڃي رهيو هو، رستي ۾ رينجرس وارا ماڻھن جي تلاشي وٺي رهيا هئا. سليم کي بہ روڪي لائين ۾ بيھڻ لاءِ چيائون. اسان جو هي يار شرافت سان وڃي لائين ۾ بيھي رهيو. ڪجهہ دير کان پوءِ سندس تلاشي ورتائون، تڏهن بہ هن ڪجهہ نہ ڪڇيو. تلاشي کان پوءِ سپاهيءَ کائنس رعبدار آواز ۾ پڇيو، ”ڪيا ڪرتي هو؟“
”انسپيڪٽر هون، ڪسٽم ڊپارٽمينٽ ۾.“ سليم وراڻيو.
”لگتي تو نھين هو!“ سپاهيءَ حيرت سان چيو.
سليم کلي وراڻيو، ”لگتا تو مين خود ڪي ڀي نھين، ليڪن هون انسپيڪٽر.“
سپاهيءَ کي اعتبار نہ آيو تہ سليم کيس پنھنجو سروس ڪارڊ ڪڍي ڏيکاريو. سپاهيءَ کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ هن سليم کي سليوٽ ڪيو. سليم ڪارڊ واپس وٺي وري رکيو گوڏن تي زور. اهو ئي واڌو واھہ روڊ، جتي رات جو ڪتا بہ ڏاڍا هوندا آهن.
اڄڪلھہ تہ سليم حيدرآباد ۾ سنگت ساٿ جا ڪارڊ ورهائيندي نظر ايندو آهي، پر ڪجهہ سال اڳ هو مختلف علمي ادبي تنظيمن توڙي اين جي اوز طرفان مختلف موضوعن تي سروي ڪندي نظر ايندو هو. هو روز هڪ نئون رجسٽر کڻي اچي حاضر ٿيندو هو تہ فلاڻي موضوع تي ٻہ چار سٽون لکي ڏيو. ان زماني ۾ مون سندس نالو رکيو هو. ”سليم چنا سروي والا“ ۽ اهو نالو حيدرآباد جي ادبي حلقن ۾ مشھور بہ ٿي ويو هو. هاڻي بہ اسان پارا يار کيس ڪڏهن ڪڏهن ”سروي والا“ ئي چوندا آهن.
سليم اهي سڀ ڪم سدائين معاوضي، نالي ۽ لالچ کان سواءِ ڪيا آهن. بس ڪنھن دوست يار ڪم چيو تہ هن وٽ انڪار ناهي. حفيظ ڪنڀر هن کان سڄي سنڌ جي شھرن ۾، روڊن رستن تي بيھاري ”اسٽريٽ ٿيٽر“ ۾ اداڪاري ڪرائي. ٻہ سال کن اڳ پاڪستان ٽيليويزن جي سنڌي پروگرامن ۽ فنڪارن جي حقن لاءِ ٿيندڙ هلچل جي سلسلي ۾، اداڪار گلاب چانڊيو سهڪار لاءِ مون وٽ آيو تہ، سڀ کان پھرين مون سليم چنا کي سڏائي گلاب سان ملايو تہ، تحريڪ ۾ هن خدائي خدمتگار جو هئڻ ضروري آهي ۽ سچ تہ ان تحريڪ ۾ سليم جي محنتن جو بنيادي ڪردار رهيو. هو اخبارن ۾ خبرون پھچائڻ ۽ وري صبح سان ويھارو اخبارن مان ڪٽنگس ڪري، اختيارين کي انھن جون فوٽو ڪاپيون پوسٽ ڪرڻ کان وٺي سموري ڪار وهنوار هلائڻ جون سموريون ذميداريون نباهيندو رهيو. باقائدي پورهيو ڪندو رهيو، پر جڏهن پي ٽي وي انتظاميہ سان ڳالھين جي ميز تي پھتاسين، تہ هن هروڀرو ڳالھائڻ وارو شوق ڪڏهن بہ نہ ڏيکاريو. پي ٽي وي جي ان وقت جي جنرل مئنيجر اطھر وقار عظيم سان اسان جي پھرين گڏجاڻي ڪراچي جي فائيو اسٽار هوٽل پرل ڪانٽينينٽل ۾ ٿي هئي. ان ڏينھن ”سنڌ آرٽسٽس ۽ رائيٽرس ايڪشن ڪاميٽي“ جو چيئرمن گلاب چانڊيو ڪنھن ڊرامي جي شوٽنگ لاءِ لاهور هليو ويو. دوستن جي صلاح سان مون ئي ڳالھيون هلايون. انھي دوران رحمت ماڃوٺي، طارق عالم ۽ حفيظ ڪنڀر ڳالھين ۾ ساٿ ڏنو، پر سليم چپ چاپ هڪ ڪنڊ ۾ ڪجهہ ڪاغذن مٿان جهڪيل رهيو. چئن ڪلاڪن جي گڏجاڻيءَ کان پوءِ جڏهن اٿياسين تہ، سليم ڪاغذن جو ٿهو ڏيکاريندي چيو.، ”يار مون تہ هتي ويٺي ويٺي ڪھاڻي لکي ورتي!“
سو سائين، سليم فقط پنڌ گهڻا نٿو ڪري پر ڪھاڻيون بہ گهڻيون ٿو لکي. مون ڪراچيءَ جي فائيو اسٽار هوٽل کان وٺي، قاسم آباد جي گرڊ اسٽيشن اڳيان ٻاڪڙا هوٽل جي بينچ تي ويٺي هن کي ڪھاڻيون لکندي ڏٺو آهي. ڪيترا سال اڳ، هو رات جي وقت مون کي گرڊ اسٽيشن وٽ ٿڙي تي ويٺل نظر آيو. ڀرسان وڃي سبب پڇيومانس تہ چيائين، ”اڄ ٻہ ڪھاڻيون لکي چڪو آهيان. هاڻي ٽين پيو سوچيان!“
ڪجهہ فاصلي تي نظر ايندڙ سندس گهر ڏانھن اشارو ڪري چيم، ”وڃي آرام ڪر، هڪ ڏينھن ۾ ٽي ڪھاڻيون لکڻ ضروري آهن ڇا؟“
چيائين، ”هن مھل تائين ٻہ سؤ نوانوي ڪھاڻيون لکي چڪو آهيان، اڄ رات هڪ ڪھاڻي لکي ٽي سؤ پوريون ڪرڻيون اٿم.“
اها ڳالھہ تہ ڪافي سال اڳ جي آهي. هاڻي تہ سندس ڪھاڻين جو ڳاڻيٽو ٽي سؤ کان گهڻو وڌيڪ ٿي چڪو آهي، پڪ سان هو تعداد جي لحاظ کان نجم عباسيءَ سوڌو سڀني سنڌي ڪھاڻيڪارن جو رڪارڊ ٽوڙي چڪو آهي، پر منھنجي دل چاهيندي آهي تہ اسان جو هي يار جيڪر مقدار بجاءِ معيار کي ترجيح ڏي ها، پر اها بہ حقيقت آهي تہ وڏي مقدار مان سندس ڪجهہ ڪھاڻيون معيار تي بہ پوريون لھن ٿيون. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ سندس اهي معياري ڪھاڻيون مقدار جي ڍير ۾ دٻجي ويون آهن. جيڪڏهن سليم جي سمورين سوين ڪھاڻين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪجي تہ، پڪ سان سندس معياري ڪھاڻين جو ايترو تعداد ضرور نڪري ايندو، جيتري ڪل ميراث سان، اسان جا ڪيترائي سينئر ڪھاڻيڪار عظمت جا دعويدار بڻجي ويا آهن، پر اسان جي پياري يار سليم وٽ ڪنھن بہ وڏائيءَ جي ڪا دعويٰ ناهي. هو خاموشي سان پنڌ ڪندو رهي ٿو… حيدرآباد جي شاهراهن جا بہ، تہ ادب ۽ آرٽ جي واٽن جا بہ.

(2003ع(

احسان دانش: هڪ مسٽيريس تعلق!

هو ڪھاڻيڪار آهي، شاعر بہ آهي تہ محقق، نقاد، ڪالم نگار، مترجم، مرتب، مختلف رسالن جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر، ريڊيو ڪمپيئر ۽ ڪاليج ۾ ساڳيو مون وارو سنڌي سبجيڪٽ پڙهائيندڙ استاد بہ - احسان دانش جو اهڙو پروفائيل ڏسڻ کان پوءِ، ذري گهٽ مان ڀلجي ٿو پوان. سوچيان پيو تہ اهو منھنجو پروفائيل آهي يا احسان دانش جو ! پر جڏهن لفظ "نقاد" تي سوچيان ٿو تہ مون کي پڪ ٿئي ٿي، تہ اهو منھنجو نہ پر احسان دانش جو پروفائيل آهي. ڇو تہ مون اهو ئي هڪڙو ڪم ناهي ڪيو. (گهٽ ۾ گهٽ لکت ۾ - ياآن رڪارڊ.) انھيءَ جي بجاءِ وري مان ڊرامي جي "ڊرامائي دنيا" سان وابستہ رهيو آهيان، جنھن ۾ شايد احسان اڄ تائين پير ناهي پاتو - باقي سڀ ڌنڌا اسان ٻنھي جا هڪ جھڙا آهن. فرق فقط اهو آهي، تہ ننڍپڻ ۾ مون کي ڪورس جي ڪتابن بجاءِ ادبي ڪتاب پڙهڻ تي گهر ۾ امان جا دڙڪا ملندا هئا، احسان کي اهڙي عمل تي پنھنجي امڙ جا دڙڪا مليا يا نـ، اها تـ مونکي خبر ناهي، پر سندس والد کيس دڙڪا ڏيڻ بجاءِ همٿايو ضرور هوندو. احسان ۾ مون کي پنھنجو عڪس ان ڪري بہ نظر اچي ٿو، جو پيءُ ۽ استاد، ٻنھي جو درجو هڪ جھڙو هجي ٿو. ڊاڪٽر بشير احمد شاد هن جو والد محترم آهي، تہ منھنجو مھربان استاد. جيئن منھنجي استاد، مونکي لکڻ لاءِ همٿايو هو، تئين مون کي پڪ آهي تہ هن پنھنجي پٽ احسان کي ۽ ٻن ٻين پٽن رضوان گل ۽ آغا عمران کي بہ همٿايو هوندو، جنھنجي نتيجي ۾ ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي گهر ۾ ليکڪن جي اها ٽمورتي موجود آهي. احسان ۾ مونکي پنھنجي جهلڪ ان لاءِ بہ محسوس ٿئي ٿي، جو سندس والد/ منھنجو استاد ڊاڪٽر بشير احمد شاد، منھنجو وڏو ڀيڻيويو عبدالخالق ۽ عبدالخالق جو وڏو ڀاءُ ايس.ايم يوسف جڏهن ڪاليجي شاگرد هئا، تڏهن مان هڪ ننڍڙي ٻار جيان سندن آڱر جهلي، ساڻن گڏ هلندو هوس ۽ انھيءَ ننڍڙي وهيءَ ۾ ئي هنن جاعلمي ۽ ادبي بحث، نہ سمجهندي بـ ٻڌندو رهندو هوس. پھريون ڀيرو مون عبدالخالق ۽ ايس. ايم يوسف صاحب جي گهر مان ئي ادبي ڪتاب کڻي پڙهيا هئا ۽سچ تہ ڄڻ انھيءَ ٻالڪپڻ واري زماني کان ئي منھنجي ادبي تربيت ٿي هئي. احسان سان منھنجو ٿورڙو مسٽيريس تعلق اهو بہ آهي تہ جنھن سال مون ادب ۾ باقاعدي پير پاتو هو، انھي ساڳي سال (1974) ۾ سندس جنم بہ ٿيو هو! چوندا آهن تہ انسان پنھنجي جنم کان وٺي سکندو رهي ٿو... پر مان هتي ٿورڙي مسٽيريس ڳالھہ جو وڌاءُ ڪرڻ ٿو چاهيان، تہ جيڪڏهن اڳتي هلي ڪنھن نئين ڄاول ٻار کي ليکڪ ٿيڻوآهي، تہ اهو ٻار جنم ڏينھن کان ئي ڄڻ لکندو رهي ٿو... ڇو تہ منھنجي نظر ۾ لکڻ هڪ بيچينيءَ جو نتيجو آهي ۽ مان سمجهان ٿو تہ اهڙو ٻار پنھنجي جنم ڏينھن کان ئي ، پنھنجي اندر ۾ بيچيني محسوس ڪندو هوندو. مون کي تہ پنھنجي ٻالڪپڻ واري پھرين ياد کان وٺي اڄ تائين اهو ئي محسوس ٿيندو رهيو آهي. احسان جي اندر ۾ بہ، مونکي پڪ آهي تہ اڻ کٽ بيچيني آهي، جيڪا شاعر مان کيس ڪھاڻيڪار، محقق، نقاد، ڪالم نگار، مترجم ۽ ڪمپيئر بڻائيندي رهي آهي. احسان جي ڪھاڻين جي مجموعي "بي سُڪون خواب جو سچ" جي بئڪ ٽائيٽل تي اخلاق انصاريءَ لکيو آهي: "چيخوف چئي ٿو 'ڪھاڻي لکڻ مھل پھرين صفحي تي جيڪڏهن ڀت تي ٽنگيل بندوق جو ذڪر ڪري ويٺا آهيو تہ اڳتي هلي اها بندوق ڇٽڻ گهرجي.....' پرحقيقت اها آهي تہ ڪھاڻي شروع بندوق ڇٽڻ کان پوءِ ئي ٿئي ٿي." مان تہ قائل ئي ان ڳالھہ جو آهيان تہ ڪھاڻيءَ کي بندوق ڇٽڻ کانپوءِ ئي شروع ٿيڻ کپي، پراها ڪھاڻي ليکڪ جو رَتُ ٿي ولوڙي. اهو منھنجو ذاتي تجربو آهي. ان جي باوجود بہ مان ان ڳالهـ کي ترجيح ڏيان ٿو تہ، بندوق ڇٽڻ تي ڪھاڻيءَ کي ختم نہ، پر شروع ٿيڻ کپي. ٽيلي پلي رائيٽنگ ۾ ان ڳالھہ کي Hook چيو وڃي ٿو، جنھن جي معنى مڇي ڦاسائڻ واري ڪُنڍي ئي آهي. انھيءَ انداز واري فڪشن رائيٽر لاءِ ضروري آهي، تہ هو پنھنجي پڙهندڙ / ڏسندڙ کي پاڻ وٽ سوگهو ڪري وٺي، پر احسان دانش انھيءَ انداز جو قائل ناهي . هو ڪھاڻيءَ جي ڌيمي انداز جو قائل آهي ، جنھن ۾ ڪھاڻي لھر لھر بڻجي اڳتي وڌي ٿي. هو پنھنجي ڪھاڻيءَ ۾ پڙهندڙ جو ساه منجهائڻ بدران ، ڪھاڻيءَ ۾ بہ شاعراڻن جملن سان پڙهندڙ کي موهڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. يقيناً ان ڪري بہ، تہ هو ڪھاڻيءَ سان گڏ ادب ۽ آرٽ جي مختلف ڏسائن تي هلڻ باوجود، بنيادي طور تـ شاعر ئي آهي. تڏهن ئي تہ چئي ٿو :

ڪائي ڪوتا سرجيان ٿو مان
ذهن مٿان سوچن جي بارش

منھنجي رائيٽنگ ٽيبل جي اڳيان، کڙڪيءَ جو بلائينڊر مٿي ٿيل آهي. ٻاهر بادل مڙي آيا آهن ۽ هلڪي هلڪي بارش بہ ٿيڻ لڳي آهي... ۽ مان سوچيان پيو، تہ مان احسان دانش تي پيو لکان يا پاڻ تي- بس، فرق فقط ايترو ٿو لڳي تہ، مان بنيادي طور تي ڪھاڻيڪار آهيان ۽ احسان دانش بنيادي طور تي شاعر آهي... ۽ اها ڳالھ طئي آهي، تہ شاعري، نثر کان وڌيڪ سگهاري ٿئي ٿي.

(2010ع)

جيون ڪٿائون

---

ڪرشن چندر: سڀني جو ليکڪ

ڪرشن چندر ظاهري طور تي سنڌ جي پڙهندڙن لاءِ هڪ پرڏيھي ليکڪ آهي، پر ذهني طور تي سنڌ جي پڙهندڙ کي هو ڪڏهن بہ اوپرو ناهي لڳو. خليل جبران جيان، ڪرشن چندر بہ اهو پرڏيھي ليکڪ آهي، جنھن سنڌ جي پڙهندڙن جي دلين ۾ پنھنجي جاءِ جوڙي ورتي آهي. فقط سنڌ ۾ ڇا، پر مان سمجهان ٿو، ڪرشن چندر دنيا جي ڪنھن بہ ملڪ ۾، ڪنھن بہ ٻوليءَ ۾، هو جتي بہ ڇپيو آ```هي، اتي هن پڙهندڙن کي پڪ سان ائين ئي متاثر ڪيو هوندو، جيئن اسان هن کي پنھنجو پنھنجو سمجهڻ لڳا آهيون ۽ اهڙي حيثيت، دنيا جا گهٽ ليکڪ ماڻي سگهندا آهن. نہ فقط ڪرشن جو انداز، پر سندس موضوع بہ اهڙا آهن، جيڪي نہ فقط هندستان ۾ اهميت رکن ٿا، پر باقي دنيا سان گڏ، خاص طور تي ٽين دنيا جي هر فرد کي انھن ۾ پنھنجا عڪس نظر اچن ٿا. سندس انيڪ ڪھاڻيون پڙهندي ڪڏهن بہ اهو خيال ناهي آيو تہ، ڪو اهي ڪھاڻيون سنڌيءَ ۾ نہ، پر ڪنھن ٻي ٻولي ۾ لکيون ويون آهن، ۽ اهي ڪھاڻيون، جيڪي هن سنڌي ڪردارن تي لکيون آهن، انھن کي پڙهندي تہ ويتر اهو تصور بہ نہ ٿو اچي تہ ڪو اهي سنڌي ڪھاڻيون ناهن. اهي ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا محرڪ آهن، جن جي ڪري ڪرشن چندر نہ فقط سنڌ جي عام پڙهندڙ کي موهيو آهي، پر هن سنڌ جي ليکڪن کي بہ متاثر ڪيو آهي. نہ فقط اهو، پر هن سنڌ جي نظرياتي- سياسي ورڪرن جي ذهني اوسر ۾ پڻ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.
اڄوڪي سنڌ کي پنھنجو لڳندڙ هي ليکڪ، 23 نومبر 1913ع تي، ڀرت پور (راجستان) هندوستان ۾ پيدا ٿيو، جتي سندس والد ميڊيڪل آفيسر هو. سندس پيءُ جو نالو گوري شنڪر هو، جيڪو اصل وزير آباد (هاڻوڪي پاڪستان جي پنجاب صوبي) جو رهاڪو هو. سندس ماءُ جو نالو پرميشوري ديوي هو. ڪرشن کي ٽي ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ هئي ۽ هو انھن سڀني ۾ وڏو هو. سندس ڀاءُ مھيندر ناٿ ۽ ڀيڻ سرلا ديوي پڻ مڃيل ڪھاڻيڪار هئا. هن پنھنجي پيءُ ماءُ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، ”بابا جو رنگ ڀورو، امڙ جو ڪڻڪائون ۽ بابا جي ويڪري پيشاني، ۽ امڙ جون ممتا ڀريل وڏيون وڏيون اکيون اڄ بہ ياد اٿم.“
هو ننڍپڻ کان 1929ع تائين پونڇ ۾ رهيو ۽ شروعاتي تعليم بہ اتي ئي حاصل ڪيائين. ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ هو 1929ع ۾ لاهور آيو، جتي 1933ع ۾ بي-اي ۽ 1935ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين ۽ پوءِ ماءُ جي خواهش تي ايل-ايل-بي بہ ڪيائين، پر وڪالت ڏانھن سندس لاڙو ڪڏهن بہ نہ ٿيو.
ڪرشن چندر جي پھرين زال جو نالو وديا وتي هو. اها شادي لاهور ۾ ٿي هئي. ڪرشن چواڻي، ودياوتي سان شادي وارو سال 1933ع يا 34ع هو. جڏهن تہ وديا جي چوڻ موجب سندن شادي 1939ع يا 1940ع ۾ ٿي هئي. چيو وڃي ٿو تہ ودياوتي ڏاڍي تنگ نظر ۽ چيڙاڪ عورت هئي ۽ ڪرشن سان سندس ڪا بہ ذهني هم آهنگي نہ هئي. اهو ئي سبب آهي، جو ڪرشن ذهني سڪون لاءِ گهر کان ٻاهر ئي واجهائيندو رهندو هو. هن ڪيترائي عشق بہ ڪيا، پر نيٺ سلميٰ صديقيءَ سان شادي ڪيائين.
سلميٰ صديقيءَ سان شادي وقت مذهبي مسئلو سندس سامھون آيو. جيتوڻيڪ هو خانداني حوالي سان هندو هو، پر نظرياتي طور تي اشتراڪي هو، هن انھي ئي فلسفي کي پنھنجي فن ۾ بہ سموهيو هو. تہ اهوئي جذبو سندس زندگي تي ڇانيل بہ رهيو. پر مذهب کان انڪار جي باوجود هو مذهبي سوچ کان پنھنجو تعلق ٽوڙي بہ سگهيو. جڏهن سندس ڪو ويجهو دوست يا مائٽ بيمار ٿي پوندو هو ۽ هو موت کي ويجهو ايندي محسوس ڪندو هو، تڏهن سندس هٿ دعائن جي صورت اختيار ڪري وٺندا هئا ۽ هو خدا کي ٻاڏائڻ لڳندو هو.
جڏهن سلميٰ صديقيءَ جي ماءُ ضد ٻڌي بيٺي تہ سندن شادي اسلامي طريقي مطابق ٿيندي، تڏهن ڪرشن نالي ماتر ضد ڪرڻ کان پوءِ راضي ٿي ويو، سندس نالو ”ﷲ رکا“ رکيو ويو، پر کيس اهو نالو نہ وڻيو ۽ پوءِ سندس نالو بدلائي وقار الملڪ رکيو ويو. پر هو وري بہ ڪرشن چندر ئي رهيو. هو نالن جي هير ڦير ۾ نہ، پر انسانيت جي اعليٰ آدرشن ۾ يقين رکندڙ ذهن جو مالڪ هو. انھيءَ سلسلي ۾ سلميٰ صديقيءَ جو چوڻ آهي تہ، ”يقينن هو انسانيت تي ئي يقين رکندو هو، ڪنھن ازم يا مذهبي روايتن جو پابند نہ هو. پر هن، مون کي ڪنھن بہ قيمت تي حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو.“
سلميٰ صديقيءَ سان سندس شادي 7 جولاءِ 1961ع تي نيني تال ۾، اسلامي رسمن مطابق ٿي. ڪرشن چندر کي پھرين زال وديا وتيءَ مان ٽي ٻار ٿيا، هڪ پٽ ۽ ٻہ ڌيئر. وديا وتيءَ سان سمورا لڳ لاڳاپا ختم ڪرڻ کان پوءِ بہ هو کيس گهر جو خرچ پکو ڪشادو ڏيندو هو، ۽ اهو سلسلو ڪرشن چندر جي موت تائين جاري رهيو. ساڳئي وقت ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ڏانھن بہ هو خاص ڌيان ڏيندو رهيو. نہ فقط اهو، پر هن پنھنجي وصيت ۾ سلميٰ لاءِ ٽيون حصو رکيو ۽ باقي ٻہ حصا ۽ پنھنجي ڪتابن جي رائلٽي ودياوتيءَ جي نالي ڪيائين. جيئن کيس ڪا بہ تڪليف نہ ٿئي. سلميٰ صديقيءَ مان کيس ڪوبہ اولاد نہ ٿيو. پر هن سلميٰ جي اڳ ڄائي پٽ کي بہ مثالي پيءُ جيان بيحد محبت ۽ شفقت سان پاليو.
ڪرشن بنيادي طور تي نھايت ٿڌيءَ طبعيت جو مالڪ هو، هو صاف سٿرا ۽ نفيس ڪپڙا پائيندو هو ۽ سٺو کاڌو کائيندو هو.
هن لکڻ جي شروعات لاهور ۾ ئي 1935ع کان ڪئي ۽ سندس ڪھاڻين جو پھريون مجموعو بہ لاهور مان ئي 1939ع ۾ ”طلسم خيال“ جي نالي سان ڇپيو. 1935ع ۾ ئي سندس پھريون ڊرامو ”حجامت“ پڻ ڇپيو هو. 1938ع ۾ ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ جي پھرين ڪانفرنس ڪلڪتي ۾ ٿي هئي، جنھن ۾ ڪرشن چندر پنھنجي صوبي (پنجاب) جي نمائندگي ڪئي هئي. کيس انھيءَ تنظيم جو پنجاب لاءِ سيڪريٽري پڻ چونڊيو ويو هو. جڏهن هو دهلي ۽ بمبئي ۾ وڃي رهيو هو، تڏهن اتي بہ کيس انھي تنظيم جو سيڪريٽري چونڊيو ويو هو.
سرڪاري نوڪري ۾ ريڊيو تي هو نومبر1939ع ۾ پروگرام اسسٽنٽ جي حيثيت سان مقرر ڪيو ويو هو، پر هو ڪم ڊرامي جي پروڊيوسر طور ڪندو رهيو. انھيءَ زماني ۾ مشھور ليکڪ سعادت حسن منٽوءَ، پروڊيوسر ڪرشن چندر لاءِ ڪيترائي ڊراما لکيا هئا. 41-1940ع ۾ ڪرشن پاڻ بہ ريڊيو لاءِ ڪجهہ ڊراما لکيا.
جيتوڻيڪ سرڪاري نوڪري سندس طبعيت جي خلاف هئي، پر سندس ڪم اهڙو هو، جنھن جو واسطو سڌو سنئون ادب ۽ فن جي متحرڪ دنيا سان هو، تنھن ڪري نوڪريءَ واري زماني ۾ بہ سندس اندر جو ليکڪ سگهارو ئي ٿيندو رهيو، پر سرڪاري نوڪري سندس ذهن کي ڏانوڻ وجهي نہ سگهي.
پنھنجي باغي طبعيت سبب هو ڪڏهن بہ سرڪاري نوڪريءَ کي ذهني طور تي قبول ڪري نہ سگهيو، تنھن ڪري نوڪريءَ سان نڀاءُ بہ ڪري نہ سگهيو. ريڊيو جي نوڪريءَ ۾ هو لاهور، دهلي ۽ لکنو جي اسٽيشنس تي رهيو. اها نوڪري هن فقط ٽي سال ڪئي ۽ مناسب موقعو ملڻ شرط استعفيٰ ڏئي ڇڏيائين، پر هن بھر:حال جيترو بہ عرصو نوڪري ڪئي، ايمانداري، محنت ۽ سچائيءَ سان ڪئي.
نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ ڪرشن چندر شاليمار پڪچرز پونا سان لاڳاپجي ويو. هو بمبئي جي فلمي دنيا سان بہ وابستہ رهيو. پنھنجي هڪ ڊرامي ”سراءِ سي باهر“ تي ساڳئي نالي سان فلم ٺاهيائين. هڪ ٻي فلم بہ ٺاهيائين، پر ڪاروباري لحاظ کان اهي ٻئي فلمون ناڪام ثابت ٿيون.
پر فارمنگ آرٽ سان ننڍپڻ کان ئي دلچسپي هيس. اسڪول واري زماني ۾ ئي هن ڪجهہ اسٽيج ڊرامن ۾ بہ حصو ورتو هو. اهو ئي سبب آهي، جو پنھنجي ٻنھي ذاتي فلمن جي ناڪاميءَ کان پوءِ بہ هو فلمي دنيا سان هڪ وڏي عرصي تائين لاڳاپيل رهيو، بمبئي وڃڻ کان پوءِ هن فلم کي پنھنجي گذر سفر جو وسيلو بڻائي ورتو هو. هن ذاتي فلمون ٺاهڻ جو خيال تہ دل مان ڪڍي ڇڏيو، پر ٻين فلمن لاءِ هو مڪالما، منظرناما توڙي ڪھاڻيون پڻ لکندو رهيو، پر حقيقت ۾ هو پاڻ کي مطمئن ڪري نہ سگهيو. انھيءَ جو سبب اهو هو تہ، هو جنھن ذهني سطح جو ماڻھو هو، فلمن جو معيار انھيءَ سطح تي پھچي نہ سگهيو. تنھن ڪري اڳتي هلي هن فقط ڪھاڻي ۽ ناول تي ئي ڌيان ڏنو ۽ اهو ئي سندس آخري دور تائين گذر سفر جو وسيلو بہ رهيو.
هن جو قلم ايترو تہ سگهارو هو، جو هن نہ فقط پنھنجي قلم کي روزگار جو وسيلو بڻايو، پر هن ايترو ڪجهہ ڪمايو ۽ سندس زندگي ائين گذري، جنھن لاءِ ٻيا لکندڙ سڌون ڪندا آهن.
ڪرشن چندر جي مقبوليت فقط هندستان يا پاڪستان تائين محدود ناهي رهي، روس ۽ جرمني سوڌو هو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مقبول رهيو. اڳوڻي سوويت يونين جي ڏهن زبانن ۾ ڪرشن جي ڪھاڻين جا 21 مجموعا ترجمو ٿيا، جن جي ڪاپين جو ڳاڻيٽو اٺ لک پنجهٺ هزار آهي. روس ۾، ڪيترن تبصرن کان سواءِ سندس ناول ”باون پتي“ تي تحقيقي مقالو پڻ لکيو ويو. ڪرشن جي چوڻ موجب روس ۾ سندس ڪتابن جي رائلٽي ويھہ لک روپيا موجود هئي.
ڪرشن چندر جيتري مقبوليت اردوءَ جي ڪنھن ٻئي ڪھاڻيڪار کي ناهي ملي، پروفيسر خواجا احمد فاروقي لکيو آهي، ”ڪرشن چندر جي ڪتابن جو دنيا جي سٺ زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.“
ساهتيه اڪيڊمي دهلي مطابق، سندس ڪتاب انگريزي، روسي، ڊچ، ناروين، فرينچ، اٽالين، جرمن، چيڪ، روماني، پولستاني، هنگرين، سلواڪ ۽ ٻين ڪيترين پرڏيھي ٻولين ۾ ترجمو ٿي مقبوليت ماڻي چڪا آهن، جنھن ڪري سندس نالو عالمي افسانوي ادب ۾ ڳڻجڻ لڳو آهي.
دنيا جي انيڪ ٻولين کان سواءِ هندستان جي تہ مڙني ٻولين ۾ سندس ڪتاب ترجمو ٿيا ۽ اڪثر ٻولين ۾ کيس انھن ٻولين جي اصل ليکڪن کان بہ وڌيڪ مقبوليت ملي. هندستان ۾ سندس مقبوليت جو هڪ دلچسپ رخ اهو بہ هو تہ، هو وڏن وڏن مشاعرن ۾ پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائي، مشاعري جو رنگ ڦيرائي وٺندو هو. سندس موجودگيءَ ۾ مڃيل شاعر بہ شعر پڙهڻ کان ڪيٻائيندا هئا. ڪرشن چندر جي ڪھاڻي ئي اصل مشاعرو سمجهي ويندي هئي.
سردار جعفري جھڙي مڃيل نقاد ۽ شاعر، ڪرشن چندر جي انھيءَ خوبي بابت لکيو آهي، ”سچ تہ ڪرشن جي نثر تي مون کي ريس ايندي آهي. هو بي ايمان شاعر آهي، جيڪو ڪھاڻيڪار جو روپ اختيار ڪري ايندو آهي ۽ وڏين وڏين محفلن ۽ مشاعرن ۾ اسان سڀني ترقي پسند شاعرن کي شرمسار ڪري هليو ويندو آهي. هو پنھنجي هڪ هڪ جملي تي غزل جي مصرعن وانگر داد حاصل ڪندو آهي ۽ مان دل ئي دل ۾ خوش ٿيندو آهيان، تہ چڱو ٿيو جو انھيءَ ظالم کي مصرع موزون ڪرڻ جو سليقو نہ آيو، نہ تہ ڪنھن شاعر کي اسرڻ ئي نہ ڏئي ها.“
ڪرشن چندر بنيادي طور تي شاعراڻو ذهن رکندڙ انسان هو. کيس ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام ياد هوندو هو. اهو ئي سبب آهي، جو سندس نثر ۾ شاعراڻي سونھن موجود آهي. هتي انھيءَ واقعي جو ذڪر دلچسپي کان خالي نہ ٿيندو تہ، اسڪول واري زماني ۾ ئي سندس لاڙو شاعري ڏانھن ٿيو هو هن ڪا شي لکي ۽ پنھنجي اسڪول جي استاد کي ڏيکاري هئي، جيڪو شاعر بہ هو. سندس استاد دينا ناٿ شوق نٿي چاهيو، تہ هن ئي شھر ۾ ڪو ٻيو شاعر بہ سڃاتو وڃي، تنھن ڪري رقابت مان سندس تخليق پڙهي، هڪ چماٽ سندس ساڄي ڳل تي هنئي ۽ ٻي کاٻي تي وهائي ڪڍيائين ۽ چيائين، ”هي شاعري آ؟ هن جو رديف ڇا هي؟ قافيو ڪٿي آهي؟ بحر ڪھڙو آ وزن ڪٿي آ؟“
اهي ڏينھن، اهي شينھن- وري ڪرشن چندر شاعري ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪئي، پر مزي جي ڳالھہ اها بہ آهي، تہ جڏهن 1973ع ۾ هندستان سرڪار پاران ڪرشن چندر بابت ڊاڪيومينٽري فلم ٺاهي پئي وئي، ۽ فلم يونٽ سان گڏ ڪرشن چندر، پونڇ پھتو هو، تڏهن سرڪاري ڪامورن کان سواءِ شھرين جي هڪ وڏي انگ سندس آجيان ڪئي هئي ۽ شھرين پاران ڏنل آجياڻي ۾ ڪرشن چندر جي ساڳئي استاد، جنھن کيس شعر لکڻ تان مار ڏني هئي، ڪرشن چندر جي شان ۾ اچي شعر پڙهيو!
مشاعرن کان سواءِ ڪرشن پنھنجون ڪھاڻيون، ڪھاڻيءَ جي خاص ويهڪن ۽ بہ پڙهي ٻڌائيندو هو. هڪ ڪھاڻي ويهڪ جي باري ۾ اردوءَ جو هڪ سٺو ڪھاڻيڪار، رام لعل لکي ٿو، ”10 نومبر 1973ع جي شام تي ساهتيا اڪيڊمي اتر پرديش پاران، لکنو ۾ ڪوٺايل هڪ ڪھاڻي ويهڪ ۾ ڪرشن چندر ڪھاڻي پڙهي ۽ ايترو داد حاصل ڪيو، جو پوءِ ڪوبہ ڪھاڻيڪار ڄمي نہ سگهيو ۽ ٻين ڪھاڻيڪارن پنھنجي ڪھاڻين جو فقط خلاصو ٻڌائي جان ڇڏائي!“
نئين ٽهيءَ جي ڪيترن ئي اديبن سندس اسٽائيل ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو سدائين کين اهو ئي چوندو هو تہ، ”ڪرشن چندر بڻجڻ کان پاسو ڪيو، مون جھڙو ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪيو. اهي ٿيو، جيڪي توهان آهيو. جيڪي توهان ٿي سگهو ٿا. ادب ۾ پنھنجي سڃاڻپ برقرار رکڻ، پنھنجي شخصيت ۽ انفراديت جي ڇاپ پنھنجي فن تي ڇڏڻ هر ليکڪ لاءِ ضروري آهي.“
ڪيترن ئي ليکڪن سندس فني پيچري تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي. جيتوڻيڪ هو مڃيندا نہ هيا، پر فن جا پارکو سندن تحرير جو رنگ ڏسي ٻڌائيندا هيا تہ، اهو ڪنھن جو انداز آهي. ڪلام حيدري، انھي سلسلي ۾ لکي ٿو، ”ڪيترائي ليکڪ تنھنجي مس ۾ قلم ٻوڙي لکن ٿا، جيتوڻيڪ اهي اعتراف نٿا ڪن. پر ڇا تنھنجي مس جو رنگ ماڻھو نٿا سڃاڻن! تنھنجي مس جو رنگ اردو ڪھاڻيءَ جي سينڌ جو سيندور آهي.“
ڪيترائي ڪھاڻيڪار ڪرشن چندر کي پنھنجي ڪتابن تي مھاڳ لکي ڏيڻ لاءِ چوندا هئا، ۽ هو هر ممڪن حد تائين ڪنھن سان بہ سڌو انڪار ڪري نہ سگهندو هو. اها ڳالھہ بہ حيران ڪندڙ آهي تہ چڱا ڀلا ڪھاڻيڪار چاهيندا هئا، تہ ڪرشن سندس ڪھاڻي پڙهي ۽ ٻہ لفظ تعريف جا چئي ڇڏي تہ سندن محنت سجائي ٿئي، ۽ سندن لکيو ڪنھن ڪم جو ٿئي. اهڙن ليکڪن ۾ ڪرشن چندر جو يار ۽ مشھور ڪھاڻيڪار، خواجا احمد عباس بہ هڪ هو. هو لکي ٿو، ”جڏهن بہ ڪھاڻي لکڻ ويٺس تہ ڪوشش اها رهيم تہ منھنجي ڪھاڻي ۾ بہ ڪرشن جھڙي جهلڪ اچي. سندس نقل تہ مون اڄ تائين ناهي ڪيو، پر اهو خيال ضرور رهيو تہ ڪرشن اها ڪھاڻي پڙهي ۽ پسند ڪري تہ ڪا ڳالھہ ٺھي.“
”آگ ڪا دريا“ جھڙي شاهڪار جي خالق، اردوءَ جي هڪ وڏي ليکڪا، قرة العين حيدر ليکو آهي تہ، ” سندس ڪھاڻيون اسان کي ڪيڏيون من موهيندڙ ۽ انوکيون لڳنديون هيون. هلڪي هلڪي شعريت، حسن، زندگيءَ جو احساس، ڄڻ لکڻ واري هڪ طلسمي آئينو اهڙي زاويي کان رکيو هجي، جو اسان جي ڄاتل سڃاتل دنيا هڪ مختلف رنگ ۾ نظر اچڻ لڳي.“
ڪرشن چندر جي فن جو سڀ کان اهم عنصر سندس اسلوب (Style) آهي. سندس ڪا بہ تحرير هجي، اها سندس اسٽائيل مان سڃائي وڃي ٿي. اهو اسلوب ايڏي دلڪشي رکي ٿو، جو انھيءَ ۾ سندس ڪيترائي ڪمزور پھلو بہ لڪي وڃن ٿا. سندس اسٽائيل کي لفظن ۾ سميٽڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.
اسٽائيل جو ذڪر ڪندي ٽيني سن چوي ٿو، ”ڌيان لائق ڳالھہ اها ناهي تہ اسين ڇا چئي رهيا آهيون، پر اها آهي تہ اسين ڪيئن چئي رهيا آهيون.“
سنڌيءَ جي سڀ کان وڌيڪ مقبول ڪھاڻيڪار، امر جليل چيو آهي، ”ڇٽيھہ ٿيمز کان وڌيڪ دنيا ۾ ڪا شيءِ ناهي، ناول هجي، افسانو هجي يا ڊرامو، ٿيم ڦري ڦري اهي ئي ايندا. ڳالھہ آهي پريزنٽيشن جي، ڪير ڇا ٿو پريزنٽ ڪري، ڪھڙي نموني ٿو ڪري.“
مٿين راين کي نظر ۾ رکي، جيڪڏهن اسان ڪرشن چندر جي پريزنٽيشن کي ڏسون، تہ هو اسان کي حيران ڪري ٿو ڇڏي. هن سوين ڪھاڻيون ۽ ڪيترائي ناول لکيا، پر اسان کي ورلي ڪٿي يڪسانيت جو احساس ٿيندو. هو هر دفعي اسان کي هڪ نئين دنيا ڏيکاريندو محسوس ٿئي ٿو، ۽ هر دفعي هڪ نئين احساس ۽ نئين جذبي سان آشنا ڪري ٿو. سندس تحرير جي انداز ۾ ڪٿي بہ لفاظي نٿي ملي. نہ فقط اسٽائيل، پر فڪري حوالي سان بہ ڪرشن چندر تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. ڪرشن فقط هڪ ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ئي نہ، دانشور ۽ مفڪر بہ آهي. سندس علمي وسعت ۽ فڪر جي گهرائي بہ حيران ڪندڙ آهي. نہ فقط سندس تحريرن ۾ انسانيت جي اعليٰ آدرشن جو فلسفو چٽو پٽو ملي ٿو، پر هن پنھنجي نظريي جي پرچار ۾ بہ فن کي هٿان وڃڻ ناهي ڏنو ۽ نظريي ۽ فن جي توازن کي برقرار رکيو آهي. هو اشتراڪي هئڻ جي باوجود تنگ نظر نہ هو، پر مذهبي، سياسي، سماجي ۽ ٻي هر قسم جي تنگ نظريءَ کان مٿاهون هو. هو دنيا جي هر مظلوم جو ساٿي هو. هن دنيا ۾ هر هنڌ ٿيندڙ ناانصافيءَ خلاف آواز اٿاريو. پوءِ کڻي اها طاقت جي زور تي هجي، نسلي مت ڀيد جي هجي، سامراجيت جي يا مذهبي فرقي پرستيءَ جي بنيادي تي.
ڪرشن چندر پنھنجي نظريي جي حوالي سان عملي زندگي ۾ بہ هڪ ڪميٽيڊ ليکڪ هو. هو ڪاليج مان ڀڄي، مشھور انقلابي ڀڳت سنگهہ جي جٿي ۾ شامل ٿي ويو هو. کيس گرفتار ڪري، ٻہ مھينا لاهور جي لال قلعي واري عقوبت خاني ۾ پڻ واڙيو ويو هو، پر جڏهن حڪومت کي سندس خلاف ڪوبہ ثبوت ملي نہ سگهيو، تڏهن کيس آزاد ڪيو ويو هو.
ڪرشن چندر جي پنھنجي نظريي سان وابستگي خشڪ ۽ بي روح نہ هئي، پر سندس ڳانڍاپو زندگيءَ جي انھن رشتن سان بہ هو، جن جو تجربو ناهي ڪري سگهبو ۽ جيڪي ڪنھن نظريي جي پڙ ۾ ناهن ماپندا. سندس لاءِ زندگي فقط سماجي، معاشي ۽ معاشرتي سنگهرن جو ئي نالو نہ هئي. انسان جي معصوميت، انساني رشتن جو تقدس، دوستي، خلوص، محبت ۽ قرباني جا مضبوط ٻنڌڻ بہ سندس جمالياتي احساس جا اهم عنصر آهن. اهو ئي سبب آهي جو عورت جو تصور، گهر، خاندان، معاشري ۽ انساني قدرن جي محور جي طور تي هن وٽ احترام لائق آهي. پنھنجي ڪھاڻي ”پريتو“ ۾ ڪرشن، عورت جي محبت جي سچي جذبي ۽ سندس انتقام جي باھہ، ٻنھي کي ڏاڍي خوبصورتي سان بيان ڪيو آهي. انھيءَ ڪھاڻيءَ جي هيروئن هڪ اهڙي عورت آهي، جنھن پنھنجي مڙس هٿان، پنھنجي محبوب کي قتل ٿيندي ڏٺو آهي.
جنھن زماني ۾ ڪرشن پنھنجي فني سفر جي ابتدا ڪئي هئي، اهو زمانو ننڍي کنڊ ۾ وڏي اٿل پٿل وارو وقت هو. هن پنھنجي اکين سان قتل ٿيندي ۽ رت سان رستن کي ريٽو ٿيندي ڏٺو، اهو ئي سبب آهي جو ورهاڱي جي فسادن سندن دل کي ڌوڏي وڌو، پر انسانيت مان سندس ويساھہ ختم نہ ٿيو، هو انھن فسادن واري دور ۾، فسادن کي ئي موضوع بڻائي لکندو رهيو. انھيءَ پس منظر ۾ لکيل سندس ڪھاڻيون، لال باغ، هڪ طوائف جو خط، جيڪسن، امرتسر آزادي کان اڳ، امرستي آزادي کان پوءِ، اسان وحشي آهيون. پشاور، ايڪسپريس، جانور ۽ ٻيو موت اهڙيون ڪھاڻيون آهن، جن کي انساني احساس جي تاريخ جو حصو چئي سگهجي ٿو. هو مشاهدي خاطر، فسادن جو جائزو وٺڻ لاءِ بمبئي جي اهڙن علائقن ۾ بہ هليو ويندو هو، جتي وڃڻ موت کي نينڍ ڏيڻ برابر هو. ڇو تہ سندس خيال هو تہ زندگيءَ جي عڪاسي ٻُڌ سُڌ تي ڪرڻ ممڪن ئي ناهي. اهو ئي سبب آهي، جو اهي ننڍا ننڍا واقعا بہ، جن کي اسين انتھائي غير اهم سمجهندا آهيون، انھن کي بہ هو پنھنجي فني سگهہ وسيلي اهم بڻائي ٿو ڇڏي.
اسٽائيل ۽ فن سان گڏ ڪرشن چندر جو ٻوليءَ ڏانھن بہ خاص ڌيان هو. هو لکي ٿو، ”مشيني دور، اسان جي اجتماعي زندگيءَ کي وسيع ڪري ڇڏيو آهي. جيئن جيئن انسان ترقي ڪندو ٿو وڃي، سندس شخصي زندگيءَ جو دائرو گهٽ ۽ سندس اجتماعي زندگيءَ جو ڦھلاءَ وڌي رهيو آهي. هاڻي اسين هڪٻئي جي گهڻو ويجهو اچي ويا آهيون. انھن حالتن ۾ هڪٻئي کي سمجهڻ جو تجسس قدرتي طور تي وڌي وڃي ٿو. ان ڪري هڪ وڌيڪ آسان زبان ۽ محاوري جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.“
هو زبردست تخليقي ذهن رکندڙ ليکڪ هو. ڳالھين مان ڪو جملو، روزاني زندگيءَ جو ڪو واقعو، حادثو يا ڪنھن غير معمولي شخصيت سان ملاقات سبب سندس ذهن ۾ ڪھاڻيءَ جو بنيادي خيال اچي ويندو هو. خواجا احمد عباسي لکيو آهي تہ، ”ڪرشن چندر جو دماغ هڪ اهڙي آٽوميٽڪ مشين آهي، جنھن جي جڪڙ ۾ اچي، هر تجربو ۽ مشاهدو، سندس هر سک ۽ ڏک، سندس هر دوست ۽ دشمن، ڪھاڻيءَ جي قالب ۾ فٽ ٿي وڃي ٿو.“
ڪرشن چندر پنھنجي ذهن جي ڪينواس تي اڀرندڙ ڪھاڻين جا پلاٽ هڪ رجسٽر ۾ لکي رکندو هو ۽ جڏهن ڪنھن پلاٽ تي ڪھاڻي لکي وٺندو هو، تہ ان کي رجسٽر مان ڪٽي ڇڏيندو هو. هو لکڻ ويھندو هو، تہ پنھنجي تحرير کي پورو ڪري پوءِ ساهي پٽيندو هو، ۽ لکڻ کان پوءِ نظرثاني نہ ڪندو هو. هو اڪثر هڪ ڏينھن ۾ هڪ کان وڌيڪ ڪھاڻيون بہ لکي وٺندو هو. نہ فقط ڪھاڻي، پر ناول لکڻ جي معاملي ۾ پڻ هو ڏاڍو تڪڙو هو. هن پنھنجو پھريون شاهڪار ناول ”شڪست“ جيڪو 1943ع ۾ ڇپيو هو، ٻاويھن ڏينھن اندر، هڪ هوٽل ۾ رهي لکي پورو ڪري پبلشر جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. هڪ ٻيو مشھور ناول ”هڪ گڏھہ جي آتم ڪٿا“ هن فقط ڏهن ڏينھن اندر لکيو هو. سندس اڪثر ناول طويل ناهن، ۽ سندس ڪيترن ناولن کي تہ طويل ڪھاڻي بہ چئي سگهجي ٿو، ڇو تہ هن ناول لکڻ لاءِ پنھنجي افسانوي فن توڙي انداز ۾ ڪا وڏي تبديلي نہ ڪئي هئي.
هن اڪثر نثري صنفن کي پنھنجي اظھار جو وسيلو بڻايو ۽ هر صنف تي پنھنجي اڻ مٽ چاپ ڇڏي، پر بنيادي طور تي هو ڪھاڻيڪار ئي رهيو. اڄ بہ سندس سڃاڻپ جو سڀ کان وڏو حوالو اهو ئي سمجهيو وڃي ٿو. ان جي باوجود سندس ناولن ۾ اهڙا شاهڪار ملن ٿا، جيڪي ناول جي تاريخ جو سرمايو آهن. شڪست، جب کيت جاگي، ايڪ عورت- هزار ديواني، آسمان روشن هي، باون پتي، چاندي ڪا گهائو، ايڪ گڌي ڪي سرگزشت، برف ڪي ڦول، زرگائون ڪي راني، ميري يادو ڪي چنار ۽ غدار- سندس شاهڪار ناول آهن.
ڪرشن چندر کي ٻاراڻي ادب جي اهميت جو بہ احساس هو. هن نہ فقط ٻارن لاءِ ذڪر جوڳي تعداد ۾ لکڻيون لکيون. پر انھن ۾ ٻارن جي دلچسپيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ طلسماتي فضا کي بہ استعمال ڪيو، پر ان فضا ۾ بہ هن پنھنجي ڳالھہ ڪئي آهي. هن جادوگرن، جنن ۽ پرين کي بہ نيون معنائون ڏنيون آهن ۽ انھن ڪردارن وسيلي بہ هن تھذيبي ۽ سماجي مسئلن کي ٻارن جي ذهنن تائين پھچايو.
ڪرشن پنھنجي 64 سالن جي زندگي مان 40 سال ادب کي ارپيا. هن مسلسل لکيو. ڪھاڻيون، ناول، ڊراما، فلمي ڪھاڻيون، مڪالما، منظرناما، ٻارن جو ادب- هن ايترو تہ گهڻو لکيو، جو سندس مڪمل فهرست ٺاهڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، پر ايترو گهڻو لکڻ جي باوجود بہ، شايد ئي سندس ڪا لکڻي اهڙي هجي، جيڪا پڙهڻ تي دل نہ چاهي. ڇو تہ هو شعوري ڪوشش تحت پنھنجي نظريي جي پرچار تہ ڪندو هو، پر انھيءَ سان گڏ سندس تحرير ۾ جيڪو طنز ۽ مزاح وارو رنگ آهي، اهو سندس هر لکڻيءَ کي دلچسپ ڪري ٿو ڇڏي. هوائي قلعي، فلمي قائده، شڪست ڪي بعد، مزاحيا افساني ۽ ايک گدي هي سرگزشت- پڙهڻ سان سندس طنز جي روپ کي ڏسي سگهجي ٿو. ڪرشن جو قلم ڪنھن نشتر جيترو سخت ۽ چڀندڙ بہ آهي تہ ڪنھن مصور جي برش جھڙو نرم پڻ. سندس خشڪ موضوعن ۾ بہ طنز ۽ مزاح جو رنگ ملي ٿو، جنھن ڪري سندس تحرير پڙهندڙ کي موهي وجهي ٿي. باون پتي ۽ بورين ڪلب، انھيءَ جا بھترين مثال آهن. اردو ادب ۾ اهي ڪتاب، انھيءَ حوالي سان خاص اهميت رکن ٿا. اهڙو ئي رنگ ٻارن لاءِ سندس لکيل ناولن ۾ بہ ملي ٿو تہ هن جي ڊرامن ۾ بہ. سرائي سي باهر، قاهره ڪي ايڪ شام ۽ مس باٽلي والا- ڊرامي جي تاريخ ۾ اهم جاءِ والارين ٿا.
سندس مزاح پڙهندي کل روڪڻ ڏاڍو مشڪل ڪم هوندو آهي:
”ڪجهہ پياريندينءَ نہ؟“
”ڇا پيئندين؟“
”چپن جي ورموٿ، اکين جي شيمپيئن، عشق جي اسڪاچ!“
”پادر جي برانڊي نہ؟“
”اها شادي کان پوءِ.“
”ايڪ گڌي ڪي سرگزشت“ طنز جي حوالي سان هڪ شاهڪار آهي. انھيءَ ناول جي ذڪر کان سواءِ اردو مزاح جي تاريخ اڻ پوري رهجي ويندي.
سنڌي ادب کي، دنيا جي بھترين ادب جا ترجما ڏيندڙ، ڪرشن چندر جي ناول ”غدار“ جي سنڌيڪار، ولي رام ولڀ هڪ هنڌ لکيو آهي، تہ سندس طنز تمام سٺي ۽ پر اثر آهي..... سندس ڪردار کانئس مختلف ناهن. هڪ ڀيري کانئس پڇيو ويو هو، ”شڪست جو شيام ڪير آهي؟“
”مان!“ ڪرشن چندر وراڻيو.
”تائي ايسري؟“
”مان!“
”۽ اهو گڏھہ؟“
”اهو بہ مان ئي آهيان- انھي لاءِ جو سڀني جانورن ۾ مون گڏھہ کي ئي وڌيڪ عقلمند ڏٺو آهي. چوڻ لاءِ تہ انسان ئي سڀ کان وڌيڪ عقلمند مڃيو ويندو آهي، پر انسان گذريل ٻن جنگين ۾ جيڪي ڏنو آهي، اهو ڏسي ۽ انھيءَ تي غور ڪري، اهوئي محسوس ٿئي ٿو تہ دنيا ۾ سڀ کان عقلمند جانور گڏھہ ئي آهي.“
ڪرشن چندر ٻالڪپڻ کان جواني جي خوبصورت ڏينھن تائين، هڪ وڏو عرصو ڪشمير ۾ رهيو. ڪشمير جي خوبصورت وادين ۾ فطرت جي سونھن سندس شاعراڻي من کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ انھي اثر هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ کيس ڏاڍو فائدو ڏنو، جو سندس منظرنگاريءَ جو ڪو جواب ناهي.
منظرنگاري، افسانوي ادب ۾ اهم جاءِ والاري ٿي. ڪيتريون ڳالھيون، جيڪي هزارين لفظن جي مالا ۾ بہ نہ پوئجي سگهن، سي ڪنھن هڪ منظر سان ئي واضح ٿي وينديون آهن. ڪرشن چندر جي اک منظر کي ائين جهٽي وٺندي هئي، جئين ڪئمرا جو فوڪس- ۽ اکين جي ماڻڪين ۾ بيٺل منظرن کي هو ڪاغذ تي منتقل ڪرڻ ۾ بہ ڪمال درجي جي مھارت رکندو هو. سندس مھارت سبب، لفظن سان ڪاغذ تي پينٽ ڪيل اهي منظر، پڙهندڙ جي دل تي نقش ٿي ٿا وڃن:
”هڪ وڏي پپل جي وڻ هيٺان ڳئون ۽ مينھون آرام ڪري رهيون هيون، پر سندن ڌنار اتي نہ هو. اهو هڪ ڳوٺ هو. رستي جي ٻئي پاسي لاري هڪ ڪني دُٻي جي ڀرسان گذري رهي هئي. هڪ مينھن پاڻي ۾ گهڙي رهي هئي. خاڪي ڪپڙا پھريل هڪ عورت پاڻي ڀري رهي هئي. هڪ سندر ۽ سانورين ٻانھن واري نوجوان ڇوڪري سوٽيءَ سان آلن ڪپڙن کي سٽي رهي هئي. رستي جي ٻئي پاسي هڪ وڏو بڙ نظر اچي رهيو هو، جنھن تي ٽپال جو ڳاڙهو دٻو لڙڪي رهيو هو. وڻ جي هيٺان هڪ ڀڳل ڇڪڙو پيو هو. انھي تي چار سک هڪ بيحد ميري تاس سان راند کيڏي رهيا هئا. انھي کان اڳتي اهوئي ميدان هو، اهو ئي وارياسو رستو، اها ئي تيز اس ۽ ميلن تائين پکڙيل ٻني.“
سندس منظرنگاريءَ جي اهم ڳالھہ اها بہ آهي تہ، اهي منظر پڙهندي/لفظن ۾ ڏسندي، اسان کي ڪئمرا جي تصويرن جيان ساڪت نظر نٿا اچن، پر ساڳئي وقت اهي متحرڪ بہ آهن. انھن منظرن ۾ جيئري جاڳندي زندگي ٿي نظر اچي:
”هوءَ اٿي ۽ ٻوڙن جي جهڳٽي ڏانھن هلي. اها هڪ سانوري رنگ جي جوان عورت هئي. پرڪاش ڏٺو تہ سندس چولي ۽ پڙو هنڌ هنڌ کان ڦاٽي رهيو هو ۽ هن هلندي هلندي پنھنجي جواني کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ٿي ڪئي. پر غريبيءَ ۾ نہ تہ غريبي لڪائي سگهبي آهي ۽ نہ جواني.“
منظرنگاريءَ سان گڏ ئي ڪردار نگاريءَ ۾ بہ ڪرشن پنھنجن سمورن همعصر ليکڪن کان منفرد حيثيت رکي ٿو. سندس ڪردارن ۾ ڏاڍي وسعت آهي ۽ هر قسم جا ڪردار سندس تحرير ۾ ملن ٿا. اهڙا جيئرا جاڳندا، جو پڙهندي لڳي ٿو، ڄڻ اسين انھي تحرير جو حصو هجون. اسان پاڻ بہ انھن ڪردارن جي آس پاس ئي ڪٿي موجود آهيون ۽ ساڻن گڏ ئي ساھہ کڻي رهيا آهيون.
پنھنجي ڳالھہ کي پوري طرح ڪميونيڪيٽ ڪرڻ لاءِ ڪرشن، منظر نگاريءَ ۽ ڪردار نگاريءَ سان گڏ، نھايت خوبصورت تشبيھون بہ ڏنيون آهن. سندس تشبيھن ۾ بہ سندس طبعيت وارو شاعراڻو رنگ تہ ملي ئي ٿو، پر سندس ڪي ڪي تشبيھون اهڙيون تہ منفرد آهن، جيڪي ڪنھن شاعر جي وس جي بہ ڳالھہ ناهن. اهڙيون تشبيھون فقط ۽ فقط ڪرشن جي انفراديت آهن:
”جڏهن هو ڳالھائيندو هو تہ ائين لڳندو هو، ڄڻ ڪو پوڙهو ڏيڏر سينواريل تلاو مان ڳالھائيندو هجي.“
”نوران ڀتيا کان آئي هئي. سورهن سترهن سالن جي الهڙ جواني- چئن ڪوهن کان سئنيما جي رنگين پوسٽر جيان نظر اچي ويندي هئي.“
ڀاڳ واري هوندي آهي، اها قوم ۽ اها ڌرتي، جنھن ۾ ڪرشن جھڙا ليکڪ جنم وٺندا آهن، پر حقيقت اها آهي تہ ڪرشن جھڙا ٻيا وڌيڪ ليکڪ تہ ڇا، پر ڪو هڪڙو بہ اهڙو ليکڪ اسان کي ڳوليو نہ ملندو. هو اهڙو ليکڪ آهي، جنھن پنھنجي پوري دور جي ادب تي پنھنجي ڀرپور ڇاپ ڇڏي آهي. فقط پنھنجي دور تي ڇا، پر هن تہ ايندڙ صدين تائين لکجندڙ ادب لاءِ پنھنجو اثر ڇڏيو آهي. کيس ادبي مڃتا طور 1966ع ۾ ”سوويت لينڊ نھرو ايوارڊ“ ڏنو ويو. 1969ع ۾ سندس پنجونجاهين جنم ڏينھن جي موقعي تي، هند سرڪار پاران کيس ”پدم ڀوشن“ جو خطاب ڏنو ويو ۽ 1937ع ۾ کيس ”نھرو ڪلچرل ايوارڊ“ پڻ مليو هو.
هن زندگي ۾ بي شمار پئسو ڪمايو ۽ ڪمائي هڪدم کپائي بہ ڇڏيو. بي انتھا عزت ۽ شھرت بہ سندس حصي ۾ آئي، پر ان جي باوجود هن سدائين پاڻ کي هڪ عام انسان ئي سمجهيو. ڪڏهن بہ سندس ڪنڌ ۾ ڪِلي نہ لڳي. هو سدائين يارن جو يار رهيو. دوستن جي مدد کلي دل سان ڪندو هو. کيسو خالي هوندو هوس تہ پٽ سٽ ڪري بہ سندن پورت ڪندو هو. سندس ويجهي دوست ۽ مشھور ليکڪ، خواجا عباس انھي باري ۾ لکيو آهي، ”سندس چوڌاري ٻن قسمن جي ماڻھن جو ميڙ هوندو هو. هڪڙا اهي، جن کان هو قرض وٺندو هو ۽ ٻيا اهي، جن کي هو قرض ڏيندو رهندو هو. جيڪڏهن توهان جو کيسو خالي آهي تہ ڪرشن چندر سان ضرور ملو. ممڪن آهي تہ گهرڻ کان اڳ ئي هو توهان کي ڏوڪڙ ڏئي ڇڏي، پر جيڪڏهن توهان جو کيسو ڀريل آهي تہ، کانئس پري رهو، ممڪن آهي تہ هو توهان کان پڇڻ کان سواءِ توهان جو کيسو خالي ڪري ڇڏي.“
ڪرشن چندر کي پنھنجون خوبيون بيان ڪرڻ جو شوق تہ نہ هو، پر پنھنجي خامين تي هن ڪڏهن بہ منافقت جي چادر نہ وڌي. هو هڪ سيلف پورٽريٽ ۾ لکي ٿو:
”نہ ڄاڻ ڪيئن اهو تصور ڪيو ويو آهي تہ اديب هن دنيا جو ماڻھو نہ هوندو آهي، ڪنھن ٻئي شمسي نظام جي مخلوق آهي. عجيب عجيب ڳالھيون ساڻس منسوب ڪيون وينديون آهن. اهڙي نيڪي، جيڪا فرشتن کان بہ ممڪن ناهي. اهڙي پاڪائي ديوتائن جي حصي ۾ بہ ناهي آئي، پر نڄاڻ ڪيئن اهي سموريون صفتون، هڪدم هڪ اديب جي فطرت ۾ ڏسي وٺبيون آهن. جيتوڻيڪ منھنجو خيال اهو آهي تہ، هڪ اديب ايترو ئي ننڍو، دوکي باز، خود غرض، ڪمينو ۽ تنگدل آهي، جيترو ڪو ٻيو ماڻھو ٿي سگهي ٿو ۽ مون ۾ اهي سڀ خوبيون موجود آهن. مون بار بار ڪوڙا قسم کنيا آهن. پاڻ کي ۽ ٻين کي دوکا ڏنا اٿم. خوشامد ڪئي اٿم. وڙهيو آهيان، شراب پيتو اٿم، ڀنگ ۽ چرس بہ مان پنھنجي تعريف تي خوش ٿيو آهيان ۽ ٻين جي تعريف تي ساڙ کاڌا اٿم. جڏهن ڪنھن ۾ ڪم پوندو اٿم تہ سندس پويان لڳي پوندو آهيان ۽ ڪم نڪرڻ کان پوءِ وساري ڇڏيندو آهيان، ڄڻ هو ڪڏهن منھنجي زندگيءَ ۾ هيو ئي ڪونہ. ڪيترا دفعا منھنجي دوستن مون کان اوڌو گهري، مون وٽ پئسا هيا، پر مون نہ ڏنا. ڪيترا دفعا جڏهن مون قرض گهريو ۽ دوست مون کي نہ ڏنو تہ مون کيس دل ئي دل ۾ گار ڏني. ڪيترا دفعا مون رستي تان ويندڙ عورتن کي تصور ۾ اغوا ڪري ورتو، ڇو تہ اهي خوبصورت هيون. هاڻي جيڪڏهن اهي صحيح سلامت گهر پھچي ويون تہ اها سندن ۽ قانون جي خوش قسمتي هئي، نہ تہ جيتري قدر منھنجي اداري جو تعلق آهي تہ مان کين اغوا ڪري چڪو آهيان. ساڳي ريت ڪيترا دفعا ڪاوڙ ۾ مون قتل ڪيو آهي، پر جيڪڏهن اهو شخص زنده آهي ۽ هلي چلي ٿو تہ پنھنجي جسماني قوت جي آڌار تي، باقي جيتري قدر منھنجو تعلق آهي تہ مان کيس قتل ڪري چڪو آهيان. مون اهڙي طرح اندازو لڳايو آهي تہ مان پنجاھہ عورتن کي اغوا ڪري چڪو آهيان ۽ ٻہ سؤ ماڻھو قتل ڪري چڪو آهيان. انھن ۾ خواجا احمد عباس، سردار جعفري، راجندر سنگهہ بيدي، مائوزي تنگ، ونسٽن چرچل، دليپ ڪمار، ڌرم وير ڀارتي ۽ منھنجو سڳو ڀاءُ مهندر ناٿ بہ شامل آهن.“
ڪرشن چندر جي سيلف پورٽريٽ ۾ تہ قتل ڪرڻ جا تصوراتي خيال آهن، پر حقيقت جي دنيا ۾ موت ڪرشن مٿان پھريون لامارو 23 نومبر 1967ع تي دل جي دوري جي صورت ۾ ڏنو. جيڪڏهن هو ڊاڪٽرن جي هدايتن تي عمل ڪري ها، تہ سندس دل ساڻس بي وفائي نہ ڪري ها، پر ڪرشن چندر ڪنھن بہ هدايتڪار جي هدايتن هيٺ زندگي گذارڻ سکيو ئي نہ هو. کائڻ پيئڻ جي معاملي ۾ ڏاڍو بد پرهيز هو. نتيجي طور مٿس دل جو ٻيو دورو 19 مارچ 1969ع تي پيو. هڪ ڏينھن اڳ 18 مارچ تي ڪرشن جو ”55 سالا جشن“ ملھايو ويو هو، جنھن ۾ ان وقت جي وزير اعظم اندراگانڌي خاص طور شريڪ ٿيڻ لاءِ آئي هئي.
هو دوستن سان ان حد تائين پيار ڪندو هو، جو دوري کان پوءِ هن اسپتال ۾ بہ سلميٰ کي چيو هو، ”ٻڌ سلميٰ! جيڪڏهن مون وٽ ايترو ئي وقت آهي تہ انھيءَ کي علاج ۾ نہ وڃاءِ. تون مون وٽ هج. مان دوستن سان ملڻ ٿو چاهيان.“ ۽ جڏهن اسٽريچر ڌڪيو پئي ويا، تڏهن هن چيو، ”شايد تمام گهٽ وقت آهي سلميٰ! "Call my all friends پر زندگيءَ ڪرشن چندر جو ساٿ ڏنو ۽ ڪجهہ سال وڌيڪ کيس پنھنجي دوستن ۽ محبوب زال سان گذارڻ لاءِ ملي ويا. اٺن سالن کان پوءِ، مارچ 1977ع جي پھرئين هفتي ۾، دل جي دغا بازيءَ سبب وري کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. اٺين مارچ تي صبح جو سوير، هن ڏاڍي تڪليف مان سلميٰ سان ڳالھايو هو، ”بس، ايترو ئي ساٿ هو. مون کي معاف ڪري ڇڏجانءِ، مان توکي ڪوبہ سک ڏئي نہ سگهيس. هونءَ مون ڏاڍي ڀرپور زندگي گذاري. I have no regrets بس ٿورا ڪم باقي هيا، پر اهو ڪھڙو ماڻھو هوندو، جنھن سمورا ڪم پورا ڪري ورتا هجن ۽ ڏٺو وڃي تہ اهو غلط بہ آهي، قدرت جي خلاف ايترو وڙهڻ- هاڻي مون کي هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏڻ گهرجن. مون کان پوءِ هتان گهر هلي وڃجانءِ. هتي سڀ دل جا مريض آهن. دل جي مريضن تي اهڙين ڳالھين جو تمام برو اثر پوندو آهي. تون هتي هوندينءَ تہ ٻيا بہ حوصلو هاري ويھندا… ۽ سلميٰ ٻڌ! منھنجي توکي وينتي آهي تہ ڏک کي همت ۽ تحمل سان برداشت ڪجانءِ. منھن مٿو پٽيئي تہ اسان ٻنھي جي بي حرمتي ٿيندي.“
ڊاڪٽر نرس کي سئي هڻڻ لاءِ چيو تہ ڪرشن چندر کانئس ٿورڙي مھلت گهري. ۽ سلميٰ کي چيو، ”بمبئي ۾ گهر ڏاڍو ڏکيو ملندو آهي. جيڪڏهن ٿي سگهئي تہ گهر نہ ڇڏجانءِ. جيڪڏهن حالتن سان منھن ڏئي نہ سگهين تہ پاڪستان هلي وڃجانءِ. اتي منھنجا ڪيترائي دوست آهن. اتي تون اڪيلي نہ هوندينءَ… ۽ ها، منھنجو پيس ميڪر بلڪل نئون آهي، اهو هتي ئي ڪنھن مريض کي لڳرائي ڇڏجانءِ.“
اهي ئي آخري ڳالھيون سمجهہ ۾ اچي سگهيو هيون- 8 مارچ تي صبح ساڻ 6 وڳي هن اکيون کوليون. سلميٰ کي اشاري سان جهڪڻ لاءِ چيائين. پوءِ پاڻ اٿڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ ٻئي ٻانھون سلميٰ جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيائين. آهستگيءَ سان پنھنجو مٿو سندس ڪلھي تي رکي، هٿ پير ڍرا ڪري ڇڏيائين. سندس روح، سندس جسم کان ڌار ٿي ويو.
سندس جنازو جڏهن سندس گهر آندو ويو تہ ويد ۽ گيتا جو پاٺ ڪيو ويو. قرآن خواني بہ ٿي ۽ ارٿي کڄڻ وقت هڪ سک گرنٿي، گرو گرنٿ صاحب مان شبد بہ پڙهيا.
سندس وفات کان پوءِ، سرڪاري طور تي باندار جي هل روڊ جو نالو بدلائي ڪرشن چندر روڊ رکيو ويو. سرڪار تہ ڪرشن چندر جو نالو هڪ روڊ تي رکيو، پر انھي هڪ شخص جو نالو لکين ماڻھن جي دلين تي لکيل آهي.
جيئن پھرين ذڪر ڪيو ويو آهي تہ، ڪرشن چندر پنھنجي چاليھن سالن جي ادبي زندگيءَ ۾ ايترو گهڻو لکيو آهي، جو انھيءَ جي مڪمل فهرست ٺاهڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، پر ڪتابي صورت ۾، گهٽ ۾ گهٽ سندس ڪھاڻين جا ٻٽيھہ مجموعا، اٺيتاليھہ ناول ، ڊرامن جا ٻہ مجموعا، ٻہ مضمومن جا مجموعا، ٻارن لاءِ يارهن ڪتاب ۽ سندس ترتيب ڏنل ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.
سندس فن ۽ شخصيت تي ڪيترائي ڪتاب، مختلف رسالن جا ضخيم نمبر، سووينيئر ۽ لاتعداد مضمون ۽ مقالا ڇپيا آهن.
ڪرشن چندر ڏات جي ڏيھہ ۾، پنھنجي فني سفر ۾ جنھن منزل تي پھتل نظر اچي ٿو، انھيءَ منزل تي پھچڻ لاءِ صدين تائين ڪيترا ليکڪ سڌون ڪندا رهندا. هو هڪ ليکڪ/ ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾ جنھن اوچائيءَ تي آهي، اتي پھچڻ واري ڳالھہ، مايوسي نہ ڦھلائڻ واري سوچ ذهن ۾ رکي ڪجي، تہ بہ اهو ضرور چئبو تہ انھيءَ منزل تي پھچڻ جيڪڏهن ناممڪن نہ، تہ مشڪل ضرورت آهي. بلڪ انتھائي مشڪل آهي.
پروفيسر احتشام حسين جي لفظن ۾، ” ڪرشن چندر اردوءَ جي پھرين صف جو ڪھاڻيڪار آهي..... گهڻن ماڻھن لاءِ هو سڀ کان سٺو ڪھاڻيڪار آهي ۽ انھي قول کي آساني سان رد ڪري نہ سگهيو.“
۽ ڇا توهان انھي قول کي رد ڪري سگهو ٿا؟

(1994ع)

خليل جبران: روح جو آئينو

( Josiph Sheban جي ڪتاب
Mirrors of the Soul جو اختصاري ترجمو)

ماحول، جنھن جبران جي تربيت ڪئي
خليل جبران جي جنم کان ڪافي اڳ، گهڻن ماڻھن شام ۽ لبنان مان ڀڄي، ٻين ملڪن ۾ پناھہ ورتي هئي. ڪجهه مصر ۾ وڃي آباد ٿيا هئا ۽ ڪن وري آمريڪا ۽ ٻين يورپي ملڪن جي واٽ ورتي هئي. جن ماڻھن ڀاڄ نہ کاڌي، انھن مان ڪيترن کي چؤاٽن تي سوريءَ چاڙهيو ويو، جيئن اڃا بہ ڪنھن جي ذهن ۾ بغاوت جو ٻج موجود هجي تہ، اهو عبرت حاصل ڪري ۽ سلطان جي ڏاڍ ۽ ڏمر سان مھاڏو اٽڪائڻ کان پاسو ڪري.
شام تي ترڪيءَ جو قبضو 1517ع ۾ ٿيو ۽ اهو خليل جبران جي جنم کان اٽڪل ساڍا ٽي سؤ سال اڳ جو واقعو آهي. جيتوڻيڪ لبنان جون ماٿريون ۽ ميدان ترڪ فوجن جي قبضي ۾ هئا، پر اتان جي مٿانھين چوٽين پنھنجو ڪنڌ نہ نوايو. تنھن ڪري جابلو علائقن ۽ انھن ۾ آباد سرڪش قبيلن کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ ترڪ سلطنت کي هڪڙو ايجنٽ مقرر ڪرڻو پيو، جيڪو انھن قبيلن کان هڪ مقرر رقم ٽيڪس طور گڏ ڪري شاهي خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيندو هو.

فرانسيسي انقلاب
هي مشھور واقعو خليل جبران جي جنم کان اٽڪل هڪ سؤ سال اڳ ٿيو ۽ انھيءَ وچ ۾ جتي ٻيون بہ ڪيتريون ڳالھيون ٿيون. ساڳئي وقت هڪ اهم واقعو يسوعين (اهو مذهبي فرقو Ignatius Loyol 1533ع ۾ قائم ڪيو هو) جي فرانس مان جلاوطني بہ آهي. انھن جي وڏي انگ لبنان ۾ پناھہ حاصل ڪري ورتي هئي. لبناني عيسائين جي اڪثريت مارونين تي مشتمل آهي، انھيءَ فرقي کي ٻين ڪيٿولڪ فرقن جي ڀيٽ ۾ ڪيتريون ئي مراعتون مليل آهن، جيڪي ڪليسا جي شروع کان هلنديون اچن. لبنان جي اسڪن اعظم کي بشپ مقرر ڪرڻ جو اختيار حاصل ناهي. ماروني چرچ پنھنجي عبادتن توڙي دعائن جي ڪتاب ۾ اها ئي آرامي يا سرياني زبان استعمال ڪري ٿو، جيڪا حضرت عيسيٰ عليه السلام ڳالھائيندو هو. ماروني پادري شادي بہ ڪري سگهي ٿو.
جبران جي ماءُ هڪ ماروني پادريءَ جي ڌيءَ هئي، جنھن عربي ۽ فرانسيسي ٻولين ۾ تعليم ورتي هئي. لبنان ۾ مستقل رهندڙ يسوعين ڪيترائي درسگاھہ کوليا هئا، جتي باقاعده فرانسيسي زبان ۽ اولھہ جي تاريخ پڙهائي ويندي هئي. ٽي سؤ سال اڳ، ترڪن جي اقتدار ۾ اچڻ وقت عربي زبان جو انھن علمن کان پاند پالھو هو.

سلطان، سريتون ۽ ٽيڪس
ترڪي ڪنھن زماني ۾ ڌرتيءَ جي گولي تي سڀ کان شانائتي ۽ سگهاري سلطنت ليکي ويندي هئي. انھيءَ جون سرحدون سمورن عرب علائقن، آمريڪا ۽ يورپ جي هڪ وڏي حصي تي ڦھليل هيون. جنگ ۾ هٿ ايندڙ مال جو ٽيون حصو فوج ۾ ورهايو ويندو هو. سلطان دل کولي ماڻھن ۾ جاگيرون ۽ انعام اڪرام ورهائيندو هو. پر پنھنجين سمورين ڪوششن جي باوجود، هو عربن جو من موهي نہ سگهيو ۽ عرب ڪڏهن بہ پنھنجي سڃاڻپ کي ﷲ واهي ڪري ترڪيءَ جو حصو ٿيڻ لاءِ راضي نہ ٿيا، تنھن ڪري ورهين تائين ملڪ ۾ ننڍيون ننڍيون بغاوتون ۽ وڳوڙ ٿيندا رهيا. 1880ع ۾ خليل جبران جي علائقي جي هڪ شخص يوسف بيڪراميءَ جي اڳواڻيءَ ۾، لبنان کي آزاد ڪرائڻ لاءِ هڪ وڏي تحريڪ هلي. باغي گهٽ وسيلن سبب گهڻي وقت تائين منظم ۽ هٿياربند ترڪ فوجن جو مقابلو ڪري نہ سگهيا ۽ اها انقلابي تحريڪ شڪست جو شڪار ٿي وئي. سلطاني ايجنٽن ۽ ٻولڙين جي ڪري بہ سلطنت جي معيشت کي سخت نقصان رسيو. اهي همراه عام طور تي سلطاني حرم لاءِ سھڻيون ڪنيزون ڳولڻ ۾ مصروف رهندا هئا. جيڪڏهن ڪا ڇوڪري سلطان کي پسند نہ ايندي هئي تہ اها ڪنھن وزير يا جرنيل جي حوالي ڪئي ويندي هئي ۽ سندس سڄي ڄمار ذلت ۾ گذرندي هئي. جيڪڏهن ڪنھن بدقسمت کان سندس مالڪ ڪاوڙجي پوندو هو تہ کيس ٻوريءَ ۾ وجهي سمنڊ حوالي ڪيو ويندو هو.
ٽيڪس گڏ ڪندڙ ڪارڪن سلطنت جا پگهاردار نوڪر نہ هوندا هئا، پر ملڪ جي ڪنھن مخصوص حصي مان ٽيڪس جي اوڳاڙيءَ لاءِ هڪ ٻئي کان وڏي ٻولي هڻندا هئا ۽ ٽيڪس وصول ڪرڻ جا حق حاصل ڪندا هئا. ٽيڪس جو حصو عام طور تي ڪل آمدنيءَ جي ڏهين پتي مقرر هيو، پر اهي ڪارڪن ۽ ايجنٽ غريب هارين کان دٻڙ دئونس ۽ لٺ باٺي جي زور تي انھيءَ کان گهڻي وڌيڪ وصولي ڪري ويندا هئا. ٽيڪس نہ ڀري سگهندڙن جو الھہ تلھہ ۽ ڍور ڍڳا نيلام ڪري ٽيڪس جي رقم پوري ڪئي ويندي هئي.

سوئيز واھہ
هڪ فرانسيسي انجنيئر فرڊي نيڊ ڊيلپس هڪڙي سھڻي ڇوڪريءَ تي موهت هو، پر بدقسمتيءَ سان سندن پيار وڌي وڻ ٿي نہ سگهيو. اها ڇوڪري کيس جدائيءَ جو عذاب ڏئي، نيپولين ٽئين جي سيج تي وڃي پھتي. پوءِ انھيءَ ڇوڪريءَ پنھنجي عاشق کي شهنشاھہ جي ڏمر کان بچائڻ لاءِ، کيس فرانس ڇڏڻ تي راضي ڪري ورتو.
ناڪام عاشق ڊيلپس فرانس ڇڏي مصر هليو آيو. هتي هن وائسراءِ کان (جيڪو ترڪيءَ جي سلطان جو نمائندو هو) بحرِ روم ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي وچ ۾ هڪ واھہ کوٽڻ جي اجازت حاصل ڪئي. اهو ڪو نئون منصوبو نہ هو، پر انھيءَ کان اڳ مصر جي فرعونن، عرب فاتحن ۽ ٻين حڪمرانن جي دور ۾ پڻ اهڙا واھہ کوٽيا ويا هئا، پر وقت جي وِير انھن کي لَٽي وئي هئي. وارياسين طوفانن انھن کي ڌرتيءَ جي ڪينواس تان ميساري ڇڏيو هو. واھہ جي کوٽائيءَ ۾ ڊيلپس کي وک وک تي مالي ڏکيائين ۽ ٻين مشڪلن سان منھن ڏيڻو پيو، پر هن همت نہ هاري ۽ پنھنجي ڪم کي لڳو رهيو. هڪ مرحلي تي مصر جي حڪومت بہ کسجي وئي. نيٺ ڪيترن سالن جي مٿا ڪٽ کان پوءِ واھہ کوٽجي تيار ٿيو ۽ انھيءَ جي باقائدي مھورت جي مھل ٿي. ڊيلپس پنھنجي محبوبا کي متاثر ڪرڻ ٿي چاهيو، تنھن ڪري هن مصر جي وائسراءِ خديو اسماعيل کي انھيءَ ڳالھہ تي راضي ڪري ورتو تہ، واھہ جي افتتاح وقت هڪ يادگار گڏجاڻي ڪوٺائي وڃي ۽ انھيءَ ۾ سڄي يورپ جي شاهي گهراڻن ۽ معزز ماڻھن کي سڏيو وڃي.
خديو اسماعيل پاڻ بہ شاهاڻي نماء جو شوقين هو. هن مھمانن کي رهائڻ لاءِ، ڪاريگرن کي هڪ نئون محل ٺاهڻ جو حڪم ڏنو. وقت جي کوٽ سبب محل جي اوسي پاسي ساوڪ توڙي وڻن جي فطري اوسر ممڪن نہ هئي، تنھن ڪري ٻين هنڌن تان سڄي جا سڄا وڻ ۽ ٻوٽا اکيڙي محل جي ڀرپاسي هنيا ويا. انھن انتظامن تي ڳڻپ کان وڌيڪ خرچ ٿيو، پر خديو جي نظر ۾ اهي انتظام بہ ڪافي نہ هئا. محل جي تعمير اڃان پوري ئي نہ ٿي هئي تہ، هن مھمانن جي تفريح لاءِ هڪ اوپيرا هائوس جوڙڻ جا حڪم بہ جاري ڪري ڇڏيا. اها شانائتي عمارت اڄ بہ استعمال هيٺ آهي ۽ دنيا جو قديم ترين اوپيرا هائوس سمجهي وڃي ٿي.
خديو اسماعيل منظوم ڊرامن جي هڪ اٽئلين ماهر وردي (Verdi) کي، موقعي جي مناسبت سان هڪ مصري ڪھاڻي کي مغربي موسيقيءَ وسيلي پيش ڪرڻ جو ڪم ڏنو. انھيءَ ڊرامي جو نالو (Adia) ايدا رکيو ويو.
انھن سڀني ڳالھين جو آخر جبران جي زندگيءَ سان ڪھڙو لاڳاپو آهي؟
1869ع ۾ جبران جي جنم کان ٺيڪ چوڏهن سال اڳ، ملڪه يوجين ۽ سندس مڙس نپولين ٽيون پورٽ سعيد کان رواني ٿيڻ واري پھرين سامونڊي جھاز تي سوار ٿيا. انھيءَ سان گڏ ئي سوئيز واھہ جي مھورت واري رسمي ڪاروائي مڪمل ٿي ۽ واھہ کي باقاعدي اچ وڃ لاءِ کوليو ويو. بلڪل انھيءَ گهڙيءَ جڏهن يورپ جا شهنشاھہ، حڪمران ۽ ٻيا معزز اوپيرا هائوس جي نئين ۽ شاندار عمارت ۾ ويھي ڊرامو ”ايدا“ ڏسي رهيا هئا تہ، ٻئي پاسي هند، عرب، شام، لبنان، ترڪيءَ ۽ خود مصر جي سڀني وڏين شاهراهن جو جنازو کڄي رهيو هو. سوين ماڻھو، جيڪي اٺن ۽ گهوڙن جي ڏيتي ليتيءَ جو ڪم ڪندا هئا، جيڪي سرائن جا مالڪ هئا، قافلن سان گڏ هلندڙ هٿياربند ماڻھو ۽ واپاري جيڪي اوڀر ۽ اولھہ جي وچ ۾ واپار جو وسيلو هئا، سي سڀ بيڪار ٿي ويا. ڇو تہ واپار جا اهي سڀئي رستا ترڪ سلطنت جي قبضن مان ٿي لنگهيا.
سوئيز واھہ جو افتتاح انگريزي چوڻيءَ جيان اُٺ جي ڪمزور چيلھہ تي آخري ڪک ثابت ٿيو. انھيءَ سان عرب دنيا جي معيشت کي جيڪو ڇيھو رسيو، انھيءَ جا اثر اڄ تائين ختم ٿي نہ سگهيا آهن. ترڪيءَ جا سلطان محلاتي سازشن جي ڄار ۾ ڦاسي ڀورا ٿي ويا. انگريز فوج، سوئيز واھہ ۾ انگريزن جي لڳل موڙي واھہ جي حفاظت ۽ نگراني جي آڙ وٺي مصر ۾ داخل ٿي وئي ۽ مصر انھيءَ اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا. انھيءَ وقت وچ اوڀر جو مثال اهڙي ٻڏندڙ جھاز جھڙو هو، جنھن جا مسافر اڳواٽ حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ کان سواءِ انھيءَ کي ﷲ واهي چئي رهيا هئا. وطن ڇڏڻ وارا عام ۽ غريب شھري نہ هئا، پر انھن جي اڪثريت جو واسطو دانشور طبقي سان هو. انھن دانشورن معاشي اڻ برابريءَ جو مفهوم ڀلي ڀت ڄاتو ٿي ۽ کين ڄاڻ هئي تہ اهو سڀ ڪجهه سوئيز واھہ جي ڪري ٿيو آهي. انھن مان اڪثر ماڻھو پنھنجي تعليم ۽ آزاديءَ جي نظرين ۽ اولھائين فڪر کان ڀلي ڀت واقف هئا. ۽ انھن واھہ جي وجود مان پيدا ٿيندڙ مستقل اثرن جو اندازو لڳائي ورتو هو. ٻيا ماڻھو ترڪ سلطانن ۽ ٽيڪس اڳاڙيندڙن کان سخت بيزار هئا ۽ انھن سندن جبر ۽ ظلم خلاف آواز اٿاريو.
ڪيترائي شام ۽ لبنان واسي وطن جا وڻ ڇڏي آفريڪا ڏانھن هليا ويا ۽ ڪيترائي ماڻھو تہ اهڙا هئا، جن کي پنھنجي منزل جي بہ ڄاڻ نہ هئي. اهي بيروت کان سامونڊي جھاز ۾ چڙهيا ۽ کين ڪابہ پرواھہ نہ هئي تہ اهو جھاز کين آسٽريليا کڻي ٿو وڃي يا آمريڪا! جنھن هنڌ کين جھاز لاٿو، اهو هنڌ ئي سندن ماڳ هو. خليل جبران جا گهر ڀاتي بہ انھن منجهان ئي هئا.

جنم ڀومي
جنم ۽ موت ٻہ اهڙا حادثا آهن، جن جي سامھون انسان پاڻ کي بيوس محسوس ڪري ٿو. کانئس نہ ڄمڻ وقت صلاح ورتي ويندي آهي، ۽ نہ مرڻ وقت سندس رضا معلوم ڪئي ويندي آهي، تہ هو ڪھڙي ملڪ يا ماڳ تي ڄمڻ يا مرڻ پسند ڪندو. تنھن ڪري انسان ڄمڻ وقت پنھنجي جبري آمد تي روئي احتجاج ڪندو آهي ۽ موت جي ڊپ ۾ مبتلا ٿي هن دنيا کي ڇڏي ڏيندو آهي.
خليل جبران، لبنان جي ڳوٺ بشريٰ ۾، 1883ع ۾ پنھنجي پھرين احتجاجي رڙ ڪئي. انھيءَ ڏينھن ڊسمبر جي ڇھين تاريخ هئي.
بشريٰ، قاديسيا واديءَ جي هڪ پھاڙيءَ جي ڀر ۾ آهي. اڄڪلھہ اوڏانھن وڃڻ لاءِ پڪو رستو موجود آهي، جڏهن تہ جبران جي زماني ۾ اتي هڪ ڦڏو سڌو ننڍڙو پيچرو هو. هاڻوڪو رستو نانگ جيان ور وڪڙ ٿيندو ٽڪريءَ تي چڙهي ٿو وڃي.
خليل جبران جي اباڻن سوين سال اڳ ديوتائن، خاص ڪري ٻال ديوتا کي ضرور رنجايو هوندو. جنھن ڪاوڙ ۾ اچي سمنڊ کي ناس ڪري ڇڏيو ۽ يورپ کي، ڳاڙهي سمنڊ تائين جابلو زنجير جيان ٺاهي ڇڏيائين. بيروت جي عجائب گهر ۾ ڇِپَ جو هڪ ٽُڪر رکيل آهي، جنھن تي هڪ مڇي چنبڙيل آهي. پٿر جو اهو ٽڪرو اسي لک کان هڪ ڪروڙ سال آڳاٽو آهي. اها مڇي انھن ٽڪرين تي هوندي هئي، جي سمنڊ جي هيٺاهينءَ ۾، قاديشا واديءَ جي ڀرسان هونديون هيون. ديوتائن جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ سبب، هنڌ هنڌ اونھيون ماٿريون ۽ لاهيون پيدا ٿي پيون. انھن مان سڀني کان اونھي وادي قاديشيا آهي، جنھن جو مطلب آهي، پاڪ يا مقدس وادي. اها سمنڊ ڪناري کان وٺي چوٽيءَ تائين پکڙيل آهي. موجودہ دور جي سياحن جيان، جبران بہ انھيءَ قوت لاءِ سوچي حيران ٿيندو هو، جنھن چوٽين کي آسمان جي اوچائي بخشي ۽ سمنڊ جي هيٺاهينءَ مان اهڙا پھاڙ پيدا ڪيا، جي ميلن تائين ڦھليا پيا آهن.
جبران جي هڪ دوست ۽ سوانح نگار باربراينگ لکي ٿي، ”قاديشا واديءَ جو سير ڪندي، ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ انسان جديد دنيا کي ڇڏي، جسم ۽ روح سوڌو هڪ اهڙي طلسمي ماحول ۾ پھچي ويو آهي، جتي وقت ۽ تھذيب هلندي هلندي اوچتو ڇرڪ ڀري بيھي رهيا هجن. انھيءَ ۾ وحشي سونھن جي اهڙي جهلڪ سمايل آهي، جيڪا ڏسندڙ جي ذهن تي وڏي عرصي تائين ڇانيل رهي ٿي“.
لبنان جا پھاڙ صدين تائين صنوبر جي وڻن سان ڍڪيل رهيا. انجيل ۾ انھن جو هڪ سؤ ٽي دفعا ذڪر آيو آهي. اهي صنوبر، ’خدا جا صنوبر‘ يا ’جنت جا صنوبر‘ ڪوٺجن ٿا. جبران جي گهر ڀرسان اڄ بہ صنوبر جو جيڪو جهنگ آهي، اهو ’مقدس صنوبر‘ جي نالي سان مشھور آهي. جبران جا وڏا پنھنجون مذهبي رسمون ۽ ساٺ سنوڻ انھن ئي صنوبرن جي ڇانوَ ۾ ڪندا هئا. لکيل حالت ۾ مليل دنيا جي سڀ کان آڳاٽي لوڪ داستان ’عشتروت ۽ تموز‘ ۾ صنوبر جي انھيءَ ئي جهنگ جي فضا سمايل آهي. جبران بہ صنوبرن جي انھيءَ ئي مٺڙي ڇانوَ ۾ اک پٽي، گهميو ڦريو، ۽ گيان ڌيان جون منزلون طئي ڪيون، هن ديوتائن جون ڪھاڻيون ٻڌيون ۽ صنوبرن جي تاريخ جو مطالعو ڪيو تہ خبر پئي، تہ انھن جي ڪاٺي شام ۽ بابل جي قديم محلاتن ۾ استعمال ٿيندي هئي، يروشلم جي عبادت گاهن جي سونھن سنوار لاءِ انھيءَ کان ئي ڪم ورتو ويندو هو ۽ مصر جي فرعونن جا تابوت پڻ انھيءَ مان ٺاهيا ويندا هئا. هي اهي ئي صنوبر هئا، جن جي ڪاٺي قديم بحري جھازن جي تعمير لاءِ ڪتب ايندي هئي، جنھن ڪري انھن ۾ پاڻي سان مقابلي جي سگهہ پيدا ٿي پوندي هئي.
جبران نيويارڪ جي اوچين عمارتن جي پاڇن ۾ وڏو ٿيو، پر مشرقيت سندس رڳن ۾ ائين ٿي ڊوڙي، جو لبنان جون سھڻيون ماٿريون ۽ صنوبرن جي فرحت ڏيندڙ ٿڌي ڇانوَ ڪڏهن بہ هن جي تصوراتي نيڻ نھار کان پري نہ رهي. هو سدائين انھن ديوتائن کي ياد ڪندو رهيو، جيڪي کلندڙ مرڪندڙ انسانن جيان، انھيءَ جنت جھڙي واديءَ جي فضائن ۾ رچيل محسوس ٿيندا هئا. انھن يادن جا پاڇا سندس روح جي گهراين ۽ هر لکڻيءَ ۾ موجود رهيا. پنھنجي هڪ دوست کي خط ۾ هن لکيو، ”ٻار جنھن شيءِ سان محبت ڪندو آهي، اها عمر جي آخري حصي تائين سندس اندر جي اونھاين ۾ لڪل رهندي آهي. زندگيءَ جي سڀ کان حسين ڳالھہ اها آهي تہ، اسان جو روح سدائين انھيءَ هنڌ جي اوسي پاسي پيو ڦيراٽيون پائيندو آهي، جتي اسان سک ۽ پيار جا ڪي پل گهاريا هجن. مان بہ انھن ماڻھن منجهان هڪ آهيان، جيڪي وقت ۽ وڇوٽين کان ڌار ٿي انھن هنڌن ماڳن جون موهيندڙ يادون دل ۾ سانڍي رکندا آهن“.
بابلس (Byblos) ڪو وڏو شھر تہ نہ هو، پر سندس ڳاڻيٽو وڏن مذهبي مرڪزن ۾ ضرور ٿيندو هو. ’عهدنامه عتيق‘ ڪتاب بابلس جي نالي سان سڏيو ويندو هو. انھيءَ شھر جو سڀ کان وڏو ديوتا ”اله“ يعني ديوتائن جو مالڪ هو. انھيءَ کي ’مقدس انجيل‘ ۾ اڪثر الوهيم جي نالي سان سڏيو ويو آهي. بيروت ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وقت جبران موڪلن ۾ جڏهن پنھنجي گهر ويندو هوندو، تہ سندس لنگهہ بابلس ۽ ٽريپولي مان بہ لازمي ٿيندو هوندو. بابلس سمنڊ ڪناري آهي ۽ بشريٰ کان گهوڙي تي ويھي اوڏانھن پھچڻ ۾ پورو هڪ ڏهاڙو لڳندو آهي.
جبران جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ بابت ڄاڻ پنھنجي اباڻي ڳوٺ يا اسڪول تائين محدود نہ هئي. هن وچ اوڀر جي مختلف هنڌن ۽ رسمن جو جنھن وضاحت ۽ تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي، ۽ تاريخ بيان ڪئي آهي، انھيءَ مان خبر پوي ٿي تہ هن پاڻ اهي ماڳ مڪان ڏٺا آهن. جڏهن هن آمريڪا جي سرزمين تي پير رکيو، تہ سندس ڄمار فقط ٻارهن سال هئي. بوسٽن ۾ ٻہ سال هڪ اسڪول مان تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ هو وطن واپس وريو ۽ هڪ مشھور ادبي درسگاھہ، ’مدرست الحڪمت‘ ۾ داخلا ورتائين. اونھاري ۾ هن پنھنجي پيءُ سان گڏجي سڄي لبنان، شام ۽ فلسطين جو سير ڪيو. چئن ورهين تائين عربي ۽ فرانسيسي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، وڌيڪ علم ۽ ڄاڻ جي شوق ۾ هو يونان، روم، اسپين ۽ پوءِ پئرس ويو. پئرس ۾ ٻہ سال رهڻ بعد هو وري بوسٽن هليو ويو.
جبران جن هنڌن جو سير ڪيو، انھن ۾ ناصره، بيت الھم، يروشلم، سيدون، ٽريپولي، بعلبڪ، دمشق، پالميرا وغيرہ. شامل هئا. انھن هنڌن جي حيثيت دنيا جي نقشي تي ننڍڙن ننڍڙن معمولي نقطن کان وڌيڪ ناهي، پر انھن جبران جي فڪر، تحرير ۽ فلسفي تي اڻمٽ چِٽَ ڇڏيا. انھن جو عڪس سندس هر عمل ۽ هر لفظ مان لياڪا پائيندي نظر اچي ٿو. تنھن ڪري اهو چوڻ ۾ ڪو بہ وڌاءُ نہ ٿيندو تہ جڏهن هو ناصره جي پٿرن تي هلي رهيو هو، تڏهن هن پنھنجو ڪتاب ”يسوع، انسان جو پٽ“ لکڻ جو ارادو ڪري ورتو هو.
بعلبڪ جا کنڊر دنيا جي عجائبن مان هڪ آهن. انھن جي هيڏانھن هوڏانھن پکڙيل پٿرن ۽ اجگر جيڏن ٺُلھن جي وچ ۾ گهمندي انسان کي پنھنجي ننڍڙي هئڻ جو احساس ضرور ٿيندو آهي، ۽ سندس ڪنڌ، انھن ٺاهيندڙ هٿن آڏو پاڻيھي نمي ويندو آهي. بعلبڪ، رومي سمنڊ کي گهيرو ڪري بيٺل جابلو سلسلي جي سڀ کان مٿانھين چوٽيءَ جي اوڀر طرف آباد هو. صنوبر جو جهنگ انھيءَ چوٽيءَ جي اولھہ ۾ آهي، ۽ جبران جو گهر انھن ٻنھي هنڌن کان سڏ پنڌ تي هو.
بعلبڪ اڇي چمڙيءَ وارن جو سڀ کان آڳاٽو ۽ وڏو مذهبي مرڪز هو. مصري فرعون پنھنجي مقبرن جي ڀرسان صنوبر جي ڪاٺيءَ جون ٻيڙيون رکرائيندا هئا، جيئن پڇاڻي جو ڏينھن اچي تہ هو انھن ۾ ويھي رومي سمنڊ ٽپي، بعلبڪ پھچي سگهن. ٻال ديوتا جو مجسمو بابل کان ويندي بالٽڪ سمنڊ تائين، هر هنڌ اڇي چمڙيءَ وارن جي عبادت گاهن ۾ موجود هوندو هو. جهيوا (Jehovah) جو سڀ کان وڏو حريف ٻال ديوتا ۽ سندس ماءُ ايشطار هئي. ٻال ديوتا برسات وسائيندو هو. گڏوگڏ هو من موجي بہ هو. ڪاوڙ ۾ ايندو هو تہ طوفان ۽ زلزلا کڻي اچي دنيا تي نازل ٿيندو هو. قاديشيا وادي انھيءَ ديوتا جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ سبب ئي وجود ۾ آئي هئي. پوءِ جبران انھيءَ ديوتا کي دل جي دنيا مان ڪيئن ٿي ڪڍي سگهيو! جڏهن تہ قاديشيا وادي سندس اکين اڳيان سونھري سيج جيان پکڙيل هئي. ڪير ٿو چوي تہ زمين جي ديوتا جو خاڪو، بشريٰ جي پھاڙين يا بعلبڪ جي کنڊرن وچ ۾ ويھي نہ جوڙيو ويو هو! جبران جي ڪتاب ”يسوع، انسان جو پٽ“ ۾ ڪيترن ئي صوفياڻن ۽ مذهبي مضمونن جو پس منظر بعلبڪ هو.
دمشق، دنيا جو قديم ترين ۽ لڳاتار آباد رهندڙ شھر آهي. اهو اسلام جي سونھري دور ۾ دارالخلافه هو. جڏهن يورپ جهالت جي اونداهيءَ ۾ وڪوڙيل هو، اتان جا حڪمران پنھنجو نالو بہ لکڻ نہ ڄاڻندا هئا، سائنسي علم حاصل ڪرڻ کي شيطاني ڪرت ليکيو ويندو هو، تڏهن دمشق ۾ بنو اميه جا حڪمران پنھنجي سلطنت جي چئني ڪنڊن مان، علم ۽ حڪمت جا صاحب گڏ ڪري رهيا هئا.
ايڏيون وسيع سرحدون اڳ ڪنھن بہ سلطنت جون نہ هيون. دمشق ۾ گڏ ٿيندڙ علم ۽ حڪمت وارن، فارسي، يوناني ۽ رومي عالمن جي لکڻين کي نہ فقط عربيءَ ۾ منتقل ڪيو، پر پاڻ بہ ڪيترائي املھہ ڪتاب لکيائون. اهي ڪتاب جديد زبانن ۾ ترجمو ٿي، يورپ وارن تائين پھتا آهن. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي سمجهجي تہ يوناني عالمن جون تحريرون، سڀ کان اڳ عربيءَ ۾ آيون ۽ پوءِ، عربي مان انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيون.
دمشق جي مسجدن ۽ گهٽين ۾ گهمندي جبران محسوس ڪيو، تہ عرب اڳواڻن جون تصويرون ڪٿي بہ نظر نٿيون اچن. انھيءَ جو سبب، اسلام ۾ تصويرن تي بندش هئي. سورهن سالن تائين پھچندي، جبران عربي شاعريءَ ۽ مفڪرن جي نظرين جو مطالعو ڪيو ۽ پوءِ انھن لکڻين جي آڌار تي، انھن مردن ۽ عورتن جي تصويرن جو سيٽ تيار ڪيو.
جبران جي جنم ڀوميءَ جي ويجهي شھرن ۾ سيدون ۽ طيري (Tyre) بہ هئا. اهي اتان جا وڏا مرڪزي شھر هئا، جتان تھذيب ۽ واپار دنيا جي ٻين حصن ۾ پکڙيو. انھن شھرن يونان کي تھذيب سيکاري ۽ روم جو بنياد رکيو.
آئيني حڪومت جي شروعات ٽريپوليءَ مان ٿي، جيڪو بيروت ۽ بشريٰ جي وچ واري رستي تي آهي. اتان انھيءَ جا جراثيم ڪارٿيج ۾ پکڙيا. اتان جي تقليد آمريڪا ۾ ڪئي وئي ۽ انھيءَ عظيم دستاويز جو بنياد پيو، جيڪو آمريڪا جي گڏيل رياستن جو آئين سڏجي ٿو، جنھن جي پاڇي ۾ ويھي جبران پوري آزاديءَ سان انگريزي ۽ عربيءَ جي پڙهندڙ لاءِ لکندو رهيو. ڌرتيءَ جو اهو ننڍڙو ٽڪرو، جيڪو جبران جي جنم ڀومي آهي، حقيقت ۾ اولھائين تھذيب ۽ آئيني حڪومت جو جنم هنڌ هو ۽ جبران انھيءَ جي ڀاڳوند پٽن مان هڪ هو. آمريڪا لاءِ انھيءَ سرزمين جو هڪ بھترين تحفو!!

لبنان يا شام
جبران کي عام طرح لبنان جو رهواسي سمجهيو ويندو آهي، پر هن پاڻ ”منھنجو ملڪ شام“ لکيو آهي. هي اختلاف ۽ تضاد وچ اوڀر بابت قلم کڻندڙن لاءِ چڱي موچاري پريشانيءَ جي صورتحال پيدا ڪري وجهي ٿو. ان ڏس ۾ رهنمائي لاءِ ڪجهه حقيقتون پيش ڪجن ٿيون.
درياھہ جيئن جيئن پنھنجي لَٽ سمنڊ ۾ داخل ڪندا آهن، تيئن نئين زمين وجود ۾ ايندي آهي ۽ ان زمين تي نون شھرن جا نقشا ٺهڻ شروع ٿيندا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ هڪ شھر، ٻئي شھر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آڳاٽو هوندو آهي. وچ اوڀر ۾ سمنڊ جي سطح مٿاهين ٿي ۽ پنھنجي پنڊ پھڻ مڇين سميت هڪ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تائين پھتي. اهڙيءَ ريت رومي سمنڊ جي اوڀر ۾ موجود سموري زمين هڪ ئي وقت ظاهر ٿي. تنھن ڪري ان جو ڪوبہ هڪ حصو يا ٽڪرو ٻئي ٽڪري کان پراڻو نہ آهي.
انسان وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا جي خطن ۾ صدين تائين هڪ رولو شڪاريءَ وانگر گهمندو رهيو. ان زماني ۾ ڌرتيءَ جي گولي تي ڪنھن بہ قسم جو سياسي ورهاڱو يا جاگرافيائي حد بنديون موجود نہ هيون ۽ نہ اسان کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين لڏپلاڻ ڪرڻ لاءِ ڪنھن اجازت نامي جي ضرورت هئي. يورپ پنجويھہ هزار سالن تائين برف سان ڍڪيل رهيو، تنھن ڪري اتان جو ماحول انساني آبادي لاءِ سازگار نہ هو. فقط ڪجهہ سگهارا ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ غير مهذب وحشي ماڻھو غارن ۾ رهندا هئا. برف جي ڇپن رجڻ کان پوءِ انھن ماڻھن غارون ڇڏي، ميدانن ۾ رهڻ شروع ڪيو ۽ اهڙي نموني دنيا جي پھرين شھري آبادي وجود ۾ آئي. سمنڊ جي ڪناري تي موجود هنن جو هڪ شھر ’صور‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. مغربي دنيا ان کي طير (Tyre) جي نالي سان سڃاڻي ٿي، هن شھر ’صور‘ جي نسبت سان، رومي سمنڊ جي اُڀرندي طرف ۾ موجود، سڄو علائقو ’صوريه‘ سڏيو ويو. ان کان پوءِ، جڏهن هن نالي کي لاطيني قالب ۾ آندو ويو، تہ هي ’صور‘ مان ’طير‘ بڻجي ويو ۽ ’صوريه‘، ’سيريا‘ (يعني شام) بڻجي ويو. ان ۾ لبنان جا پھاڙ بہ شامل هئا.
هنن شھرن روح جي فلاسافيءَ کي جيئاريو ۽ ان کي تڪميل ۽ پختگيءَ جي مرحلن تائين رسايو. سندن چوڻ هو تہ روح موجود آهي، ان کي ڪڏهن بہ موت نٿو اچي. حشر ڏهاڙي ان کان سمورن عملن جو ليکو ورتو ويندو، تنھن ڪري ان کي جنت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مدد ۽ رهبريءَ جي ضرورت آهي. اهو نظريو سينٽ آگسٽائين اڌارو ورتو هو. پنھنجو فلسفو ۽ نظريا ساڻ کڻي ’صور‘ يا ’طئير‘ جا رهواسي مصر، بابل، ڏکڻ آفريقا ۽ يورپ پھتا. انھن سمنڊن کي پار ڪيو، يورپ ۾ نيون بيٺڪون قائم ڪيائون ۽ ڪيترن وڏن شھرن، جن ۾ لنڊن بہ شامل آهي، جا بنياد رکيا. انھن کي فنيقي، يعني ”دائمي زندگيءَ جا پوئلڳ“ جي لقب سان سڏيو ويو.
غارن ۾ رهڻ وقت انسان کي جڏهن پاڻ کان ڪيترا ڀيرا وڏن ۽ سگهارن جانورن سان منھن ڏيڻو پيو، تہ انھن سان مقابلو ڪرڻ ۽ کين شڪار ڪرڻ لاءِ هن ٽولين ۾ گڏجي وڙهڻ جو طريقو سوچيو، پر شھرن ۾ اهو طريقو هڪ ٻئي کي ختم ڪرڻ لاءِ آزمائجڻ لڳو. ڪنھن غار يا پاڻيءَ جي چشمي جي حفاظت جو مسئلو آڏو ايندو هو تہ، غارن جا سمورا رهاڪو گڏجي خطري جو مقابلو ڪندا هئا. صوريا جي رهاڪن، شھر جي بچاءَ لاءِ ديوارون ۽ ملڪي سلامتيءَ لاءِ فوج تيار ڪري ورتي. اڄ بہ هر ملڪ جي پنھنجي فوج آهي.
توهان سوچي سگهو ٿا، تہ انھن سڀني ڳالھين جو جبران جي زندگيءَ سان ڪھڙو ڳانڍاپو آهي؟ پر انھن سڀني ڳالھين جو جبران جي جيون سان چڱو گهرو لاڳاپو آهي. جنگين سان نيون سرحدون پيدا ٿينديون آهن. نئين انتظاميہ ۽ نئون فڪري انداز رکندڙ حڪومت جنم وٺندي آهي، تنھن ڪري جبران جي ملڪ جي انتظامي ورهاست، رومين جي مختلف دورن ۾ گهٽ وڌ ٿيندي رهي. رومي شهنشاھہ هيڊرين انھيءَ کي ٽن صوبن ۾ ورهايو. شام، شام فينشيا ۽ شام فلسطين. جبران شام فينشيا جي علائقي ۾ جنم ورتو هو ۽ حضرت يسوع مسيح شام فلسطين واري حصي ۾ پيدا ٿيو هو. هڪ مورخ حضرت يسوع مسيح جي ڄم جو ذڪر ڪندي لکي ٿو، ”اها ڳالھہ ڪنھن جي تصور ۾ بہ نہ هئي، تہ شامي صوبي جي هڪ ڏوراهين ڳوٺڙي ۾ اک پٽيندڙ هڪ ٻار، وڏو ٿي تاريخ ۽ انسان جي مذهبي عقيدن جو رخ بدلائي ڇڏيندو!“
رومين کان پوءِ انھيءَ علائقي تي عربن جو راڄ ٿيو ۽ انھن کان پوءِ ترڪن جي حڪومت جو سج اڀريو. ترڪن کان پوءِ فرانسيسي ۽ تنھن بعد انگريز آيا، پر انھن مان ڪنھن بہ حملو ڪندڙ جي فوجن، جابلو علائقي تي ڪاھہ نہ ڪئي، ڇو تہ انھن سان مھاڏو اٽڪائڻ ڪا معمولي ڳالھہ نہ هئي ۽ وري انھن جي ايڏي اهميت بہ نہ هئي، جو هروڀرو انساني جانيون ۽ ڏوڪڙ خرچ ڪيا وڃن. اهي ٽاڪرو علائقا قدرتي طور تي قلعن ۾ بند وسندين جيان هئا. حملو ڪندڙ فوجون ميدانن، وادين ۽ سمنڊ ڪناري اڌيل شھرن تي قبضو ڪري وٺنديون هيون، تہ پھاڙن جا رهواسي ڪجهه عرصي کان پوءِ، پاڻيھي هيٺ لھي ايندا هئا ۽ ڳالھين وسيلي ڪجهه مراعتون ۽ حقن جي تحفظ جي ضمانت واري شرط سان سڀني معاملن کي گڏيل نموني طئي ڪري وٺندا هئا. جڏهن عرب فاتحن اهو علائقو قبضي ۾ ڪيو ۽ هند کان وٺي اسپين تائين اسلام پکڙجي ويو، تڏهن بہ جبران جي اباڻن پنھنجي عيسائي مذهب کي نہ ڇڏيو. کين پنھنجي مذهبي رسمن ادا ڪرڻ جي آزادي مليل رهي.
ترڪن پنھنجي اقتدار وقت شام کي مختلف حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. هر حصي کي ولايت چيو ويندو هو ۽ انھيءَ جي گورنر کي پاشا سڏيو ويندو هو. ترڪن انھيءَ علائقي تي لڳ ڀڳ چار سؤ سال حڪمراني ڪئي، پر جابلو ماڻھو ڪڏهن بہ پاڻ کي فاتحن ۾ ضم ڪرڻ لاءِ تيار نہ ٿيا، ان ڪري جبران جو ملڪ سدائين ترڪ سلطنت جو هڪ حساس هنڌ رهيو. هتي وقت بوقت وڳوڙ ٿيندا رهيا ۽ انھن ۾ ڪنھن نہ ڪنھن اولھائين ملڪ جو هٿ رهيو. 1960ع ۾ هتي ڇتي گهرو ويڙھہ شروع ٿي وئي. برطانيه امداد لاءِ پنھنجو سامونڊي ٻيڙو روانو ڪيو ۽ فرانس، لبنان جي سرزمين تي پنھنجي ڇھہ هزار فوج لاٿي. انھن انتظامن کان پوءِ هڪ خاص ڪاميٽي جوڙي وئي. اها ڪاميٽي فرانس، روس، برطانيه ۽ آسٽريليا جي سياسي شخصيتن تي ٻڌل هئي. انھيءَ ڪاميٽيءَ بيروت ۽ ترڪيءَ جي فرسٽ منسٽر سان گڏجاڻي ڪئي. انھيءَ جو نتيجو لبنان جي عالمي آزادي ۽ خودمختياريءَ جي صورت ۾ نڪتو. يورپ جون قوتون انھيءَ جون ضامن ٿيون. معاهدي مطابق سلطان کي، ڪنھن عيسائيءَ کي گورنر مقرر ڪرڻو هو ۽ يورپي طاقتن کي انھيءَ فيصلي جي توثيق ڪرڻي هئي.
انھيءَ معاهدي هيٺ، انھيءَ آزاد ۽ خودمختيار علائقي جي حدن ۾ نہ اوڀر پاسي ’بقه‘ جو ميداني علائقو شامل هو ۽ نہ سمنڊ ڪناري سان ڪو ٻيو شھر، پر بيروت تائين بہ، جيڪو اڄ لبنان جي گاديءَ وارو هنڌ آهي، انھيءَ جي حدن کان ٻاهر هو. ان ڪري رومي سمنڊ جي اڀرندي حصي کان جيڪي ماڻھو لڏي آمريڪا پھتا، انھن سڀني کي شام جو شھري قرار ڏنو ويو. پوءِ ڀل کڻي سندن واسطو دمشق سان هو، يا اهي مقدس صنوبرن جي پھاڙن کان آيا هئا.
پھرين مھاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ ترڪ سلطنت جوزوال آيو تہ، ليگ آف نيشنز جي هڪ فيصلي هيٺ شام ۽ لبنان کي فرانس جي حوالي ڪيو ويو ۽ فلسطين کي برطانيه جڪري ورتو، پر ان جي باوجود آمريڪا ڏانھن لڏي ايندڙن کي لڳاتار شامي شھري ئي قرار ڏنو ٿي ويو!
ٻي وڏي جنگ ۾ لبنان ۽ شام، فرانس جو ڳٽ لاهي ڦٽو ڪيو ۽ اهي ٻہ مختلف ۽ پاڻ ڀريون سلطنتون بڻجي ويون. گڏيل قومن ۾ انھن کي مڪمل نمائندگي ملي وئي. ان ڪري، جبران جي لفظن ”منھنجا هم وطن شامي“ مان مراد، لبناني ۽ شامي ٻئي آهن.

جواني
”جوانيءَ واري ڏينھن۾، مون نثر ۽ نظم ۾ ايترو لکيو، جو انھن مان ڪيترائي ڪتاب جڙي پون ها، پر مون انھن کي ڇپائڻ جو ڏوھہ نہ ڪيو ۽ نہ ڪڏهن اڳتي مون کان اهو جرم ٿيندو!“
انھن خيالن جو اظھار جبران پنھنجي هڪ دوست جي نالي هڪ خط ۾ ڪيو آهي. پر ان جي باوجود جبران جا چاهيندڙ هر اها شيءِ ڇاپي ٿا ڇڏين، جيڪا کين هٿ لڳي ٿي. جبران جي زندگيءَ ۾، جڏهن سندس هڪ گهاٽي دوست اها حرڪت ڪئي، تہ جبران انھيءَ تي احتجاج ڪندي چيو، ”مون کي منھنجي ماضيءَ جي ڪارنامن جي يادگيري نہ ڏياريو، ڇو تہ انھيءَ مان منھنجو رت ٽھڪڻ ٿو لڳي“.
انھيءَ جو مطلب اهو ناهي تہ جبران شروعاتي ڏهاڙن ۾ غير اهم يا معمولي مضمون لکيا آهن.

هڪ ضروري وضاحت
اها ڳالھہ ذهن ۾ رکڻ کپي تہ، جبران جون گهڻيون لکڻيون، جيڪي هن وقت ڪتابي صورت ۾ بہ موجود آهن، ابتدا ۾ ڪنھن دوست ڏانھن خط يا اخبار لاءِ ڪنھن مضمون جي صورت ۾ لکيون ويون هيون.
جبران جا ڪيترائي ڪتاب ٽڙيل پکڙيل ڇپيل لکڻين مان مرتب ڪيل آهن. انھن مان ڪجهه مجموعا، خاص طور تي عربي زبان جا، اهڙا آهن جن تي ڇپائيءَ جو سال ۽ ٻيو حوالو موجود ئي ڪونھي. اهڙيءَ حالت ۾ مستقبل جا سوانح نگار، انھن حالتن جو اندازو ڪيئن ٿا ڪري سگهن، جن ۾ ڪنھن اخبار لاءِ جبران مضمون يا مقالو لکيو هوندو! مثال طور ”باغي روح“ جي عربي ڇاپي تي، ڇپجڻ جو سال 1959ع لکيل آهي، پر ساڳئي ڪتاب جي انگريزي ايڊيشن، جنھن کي هينمين (Heinmann) عربيءَ مان ترجمو ڪرايو هو ۽ پھريون دفعو 1969ع ۾ ڇپيو، انھيءَ ۾ ڄاڻايل آهي تہ هي ڪھاڻيون 1908ع ۾ مڪمل ڪيون ويون هيون.
عربي تحرير ۾ ڪنھن قسم جا اشارا يا سمجهاڻيون موجود ناهن. هڪ لبناني سوانح نگار عربيءَ ۾ ڪجهہ حاشيا لکيا ۽ پوءِ انھن کي بہ جبران جي تحرير ڪري پيش ڪيائين! عربيءَ مان ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيندي، اهڙا حاشيا بہ غلطيءَ سان ٻين زبانن ۾ منتقل ٿي ويا، ڇو تہ انگريزيءَ ۾ لکندڙ سوانح نگار ۽ خاص طور تي اهو شخص، جيڪو عربي زبان جي باريڪين ۽ لاهين چاڙهين کان ڀليءَ ڀت واقف نہ هوندو آهي، اهو انھن تحريرن کي اهو سمجهي قبول ڪري وٺندو آهي، تہ اهي بہ جبران جون لکيل آهن. اها صورتحال جبران سان بي انصافيءَ برابر ۽ مستقبل جي پڙهندڙ توڙي سوانح نگار لاءِ پريشانيءَ جي صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿي. تنھن ڪري ان سلسلي ۾ ڏاڍي احتياط ۽ تحقيق جي ضرورت آهي.

جبران جي ٻٽي شخصيت
انسان جي شخصيت جي جوڙجڪ ۾ ماحول ۽ اوسي پاسي جون حالتون اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن. جڏهن خليل جبران پيدا ٿيو تہ وچ اوڀر جي سياسي حالت ڏاڍي خراب هئي ۽ اقتصادي حالت تہ اڃا بہ وڌيڪ خراب هئي. ترڪي سالن کان جنگين ۾ وڪوڙيل هو ۽ لڳ ڀڳ هر محاذ تي کيس شڪست جو منھن ڏسڻو پيو. ان ڪري سلطنت جون سرحدون ويون ٿي سُسنديون ۽ سوڙهيون ٿينديون ۽ ٻئي طرف ترڪيءَ ۾ ڏاڍ ۽ ڏمر ويو ٿي وڌندو. سلطنت جي سمورن حصن ۾ اقليتن سان سخت ۽ اڻ سونھائيندڙ سلوڪ پئي ڪيو ويو. 1860ع جي ٺاھہ هيٺ، جيڪو يورپي قومن جي دٻاوَ هيٺ عمل ۾ آيو هو؛ لبنان کي مقامي معاملن ۾ آزادي ۽ خودمختياري حاصل هئي. ان ڪري لبنان جا رهاڪو لازمي فوجي خدمت کان آجا هئا، پر تنھن هوندي بہ ڪيترائي خاندان شھري علائقن کان هجرت ڪري پھاڙن ڏانھن هليا ويا هئا. کين ڊپ هو تہ متان ڪنھن وقت فوجي خدمت لاءِ زوريءَ نہ گهليو وڃي. انھيءَ گهُٽَ جو نتيجو اهو نڪتو جو عرب دنيا ۾، ترڪ حڪمرانن خلاف نفرت ۾ وڌيڪ شدت اچي وئي ۽ سندن اقتدار مان جند ڇڏائڻ لاءِ هنڌ هنڌ ڳجهيون سرگرميون شروع ٿي ويون ۽ تنظيمون جڙي ويون. ترڪ حاڪمن کي ڪنھن تي پَتِ نہ هئي. تنھن ڪري انھن ڏاڍي هوشياريءَ ۽ ترتيب سان غير ترڪ ماڻھن کي اهم سرڪاري عهدن تان هٽائي، انھن جي جاءِ تي ترڪ شھرين کي مقرر ڪيو. ڳجهيءَ ريت ڪم ڪندڙ تنظيمن پئرس ۾ ٿيندڙ هڪ ڪانفرنس ۾، پنھنجا عيوضي موڪلڻ کان بہ نہ ڪيٻايو. انھيءَ ڪانفرنس ۾، آمريڪا ۾ رهندڙ ڪيترائي شامي ۽ لبناني بہ شريڪ ٿيا ۽ سڌارن جو مطالبو ڪيائون. انھن مان ڪيترن اڳواڻن کي وطن واپس ورڻ تي پنھنجي سِرَ تان هَٿُ کڻڻو پيو. کين چؤواٽن تي عوام اڳيان ڦاهيءَ چاڙهيو ويو، جيئن ٻيا سندن انجام ڏسي عبرت حاصل ڪن.
جبران انھيءَ وقت نوجوان هو ۽ ڦاهيءَ جي تختي کان دور آمريڪا ۾ رهيل هو. هن پنھنجي وطن واسين کي بغاوت لاءِ اڀاريو. هن عربي زبان ۾ لاتعداد مضمون لکيا، جن ۾ ڏاڍي جوشيلي انداز سان وطن واسين سان مخاطب ٿيو. اهي مضمون انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيا تہ مناسب تشريح موجود نہ هئڻ سبب، غلطيءَ سان اهو سمجهيو ويو تہ جبران پنھنجي نئين وطن آمريڪا جي ماڻھن کي بغاوت جو درس پيو ڏئي. انھيءَ نموني جبران جي ٻٽي شخصيت اسان جي سامھون ٿي اچي، تہ هڪ طرف عربيءَ ۾ هو هٿيار کڻي ميدان ۾ لھڻ جو سبق ٿو ڏئي تہ ٻئي پاسي انگريزيءَ ۾ صبر، تحمل ۽ امن جو پرچار ڪندي ٿو نظر اچي.
… ۽ پوءِ اهو ڏينھن بہ اچي ويو، جڏهن پھرين مھاڀاري جنگ ۾ ترڪيءَ، جرمنيءَ جي ساٿاري ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ انھن ملڪن جي فوجن رومي سمنڊ جي اوڀر واري ساحل تي قبضو ڪري ورتو. اهو قدم اتحادي فوجن کي اتي روڪڻ لاءِ کنيو ويو هو، پر انھيءَ سان گڏوگڏ هڪ ٻيو اهم مقصد بہ هو تہ، ترڪيءَ ۽ جرمنيءَ کي ضرورت جو سامان پھچائڻ واري ريلوي لائن جي مڪمل ناڪابنديءَ کي روڪيو وڃي.
لبنان، جنھن وڏي عرصي کان خودمختياريءَ جو مطالبو پئي ڪيو، سو پنھنجو مقصد ماڻڻ ۾ سوڀارو ٿي ويو. کيس آزادي ڏني وئي پر ڪيترن مامرن ۾ هو پاڻ ڀرو نہ هو - ۽ هاڻ جڏهن سرحدن جي ناڪابندي ٿي وئي تہ، لبنان کي کاڌ خوراڪ جو سامان ٻاهران گهرائڻ جي اجازت نہ ملي. انھن ئي ڏينھن ۾ ماڪڙ، خدائي قهر بڻجي اچي نازل ٿي ۽ ٻن سالن اندر ماڪڙ بڙن ۽ صنوبرن سان گڏوگڏ گاھہ ۽ ڪک پن کي بہ ناس ڪري ڇڏيو. اَنَ جي سخت کوٽ پيدا ٿي پئي. ڏُڪر سبب ماڻھو بک مرڻ لڳا ۽ گهرن، رستن ۽ چؤواٽن تي لاشن جا ڍير نظر اچڻ لڳا. خوش قسمتيءَ سان جنگ بند ڪرڻ جو فيصلو وقت سر ٿي ويو، نہ تہ جيڪڏهن اها ويڙھہ اڇا وقت وٺي ها تہ، لبنان جي رهواسين مان شايد ئي ڪو ڀاڳ وارو پنھنجا ڏک ڏولاوا ٻڌائڻ لاءِ حيات هجي ها.
جبران انھيءَ لونءَ ڪانڊاريندڙ سانحي کان متاثر ٿي، پنھنجي احساسن جو اظھار هڪ عربي مضمون ۾ ڪيو، جنھن جو عنوان هو، ”منھنجا وطن واسي مري ويا-“ انھيءَ مضمون ۾ خليل جبران لبنان جي سياستدانن تي سخت حملا ڪيا ۽ سندن بزدليءَ ۽ مصلحت پسنديءَ تي لعنت ملامت ڪئي. ٻئي پاسي جبران کي لبنان جي نئين ٽهي، خاص طور تي آمريڪا ۾ رهندڙ لبناني ۽ شامي نسل جي ماڻھن ۾ وڏو آسرو هو، جن لاءِ لکيل سندس پيغام ”مون کي توهان تي ڀروسو آهي“ جبران جي اڪثر وطن واسين جي گهرن ۾، خوبصورت فريمن ۾ مڙهيل نطر اچي ٿو.

جبران جي مصوري ۽ شاعري
اسلام ۾ تصوير ٺاهڻ ۽ بت جوڙڻ جي جهلَ آهي. مسلمان فاتحن جا قدم جن جن يورپي ملڪن تائين پھتا، اتي انھن شين جي نندا ڪئي وئي. تنھن ڪري تعمير جي فن ۾ قدرتي منظرن جي تصوير ڪشيءَ جي هڪ نئين اسلوب جنم ورتو.
جوانيءَ ۾ جبران ڪنھن خاص فنڪار يا فن جي ڪنھن مخصوص فڪري لاڙي کان متاثر نہ هو. عرب فلسفين جي ڪتابن جو مطالعو ڪندي، هُن سندن فڪر ۽ نظرين جي روشنيءَ ۾ انھن جون خيالي تصويرون ٺاهيون. ان وقت جبران جي ڄمار فقط سترهن ورهيه هئي.
عملي زندگيءَ ۾ پير پائڻ کان پوءِ جبران مصور جي حيثيت ۾، بوسٽن جي هڪ اسٽوڊيو ۾ پنھنجي تصويرن جي نمائش ڪئي، پر بدقسمتيءَ سان باھہ ڀڙڪي پئي ۽ عمارت سان گڏ سندس سموريون تصويرون بہ سڙي رک ٿي ويون. اهو واقعو نوجوان چترڪار لاءِ شديد ۽ درد ڀرئي سانحي کان گهٽ نہ هو، ڇو تہ تصويرن جي وڪري مان ئي سندس گذر سفر ٿيندو هو. هڪ مدت کان پوءِ هن انھيءَ حادثي جو ذڪر ڪندي چيو، ”چڱو ٿيو جو منھنجون سموريون تصويرون سڙي رکي ٿي ويون، ڇو تہ جڏهن مون اهي تصويرون ٺاهيون هيون، تڏهن منھنجي نظرن ۾ گهرائي نہ هئي ۽ نہ منھنجي فن ۾ پختگي ۽ وسعت آئي هئي“. جبران جون تصويرون ۽ خاڪا اڄڪلھہ وچ اوڀر، يورپ ۽ آمريڪا ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن.
ابتدائي دؤر ۾ جبران جيترا بہ ڪتاب ۽ مضمون لکيا، يا شاعري ڪئي، اهو سڀ عربي زبان ۾ آهي. هن نہ فقط لکڻ جي انداز ۾ هڪ نئين اسلوب جو بنياد وڌو، جنھن تي اولھائين فڪر جي ڇاپ آهي، پر پنھنجي ملڪ جي نئين ٽهيءَ جي ذهنن ۾ بہ انقلاب آندو، پر انھن سڀني ڳالھين جي باوجود کيس مناسب آمدني نہ ٿي تہ هن مصوريءَ جي دنيا ۾ پنھنجو ڌيان مشھور ۽ امير ماڻھن جون تصويرون ٺاهڻ تي ڏنو. سندس ڪتابن لاءِ تصويرون بنيادي طور تي ڪاري رنگ جي اگهاڙن خاڪن ۽ پاڇن تي ٻڌل آهن. انھن جي حرڪتن ۽ تناسب سان پڌري پٽ خبر پوي ٿي، تہ اها ڄاڻ کان اڻ ڄاڻائيءَ کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش آهي ۽ محبت، ڏک ۽ زندگيءَ جي تصوير انسان ۽ خدا جي گڏيل رشتي ۽ حوالي سان ڪڍي وئي آهي. هن پنھنجي تصويرن ۾ ڪوبہ ڪپڙو استعمال ناهي ڪيو ۽ نہ ڪو وڻ ٽڻ، عمارت، گرجا يا مذهبي علامت ڪم آندي آهي، جنھن سان ڪنھن مذهبي گروھہ جو تعلق ظاهر ٿيندو هجي. جو ڪجهه نظر اچي ٿو، اهو پاڻ جبران آهي ۽ سندس خدا تعاليٰ جي ڪاريگريءَ سان پنھنجو ڳانڍاپو ۽ رشتو آهي.
پنھنجي دور جا ناليرا فنڪار گهڻو ڪري ڪليسا جي مالي مدد جا محتاج هئا. اهو ئي سبب آهي تہ سندن تخليقن ۾ بہ انھيءَ خيال جي جهلڪ پڌري آهي. انھيءَ جي ابتڙ جبران کي نہ تہ ڪنھن چرچ جي پٺ ڀرائي حاصل هئي ۽ نہ هو ننڍپڻ ۾ ڪنھن خاص فنڪار کان متاٿر هو، تنھن ڪري هن پوري آزاديءَ سان پنھنجي مخصوص اسٽائيل کي زور وٺرايو.
جبران پنھنجي عربي شاعريءَ جو گهڻو تڻو حصو عمر جي ابتدائي حصي ۾ لکيو. عرب شاعر ڳولي ڳولي اهڙ اڏکيا لفظ ڪم آڻيندا هئا، جن جي معنيٰ ڊڪشنري ڏسڻ سان بہ سمجهہ ۾ نہ ايندي هئي، پر جبران نھايت سادي ۽ عام سمجهہ واري ٻولي استعمال ڪئي ۽ اهڙيءَ ريت عربي شاعريءَ جي روايت کي هڪ نئون اسلوب ڏنو. حياتيءَ جي آخري حصي ۾ جبران پنھنجي انگريزي پڙهندڙن ۽ چاهيندڙ لاءِ لکيو. تڏهن بہ هن جنھن زبان ۾ بہ شاعري ڪئي، سندس فلسفو ۽ نقطه نظر اهو ئي رهيو، جنھن جو پرچارڪ هو پنھنجي نثر ۾ هو. هن مختصر اقتباس مان سندس فلسفي جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ ملي ٿي:
”ڇوليون سمنڊ ڏانھن واپس وريون تہ مون واريءَ تي هڪڙي سٽ لکي ۽ منھنجي دل ۽ دماغ ۾ جو ڪجهه هيو، اهو سڀ ڪجهه ان ۾ لکي ڇڏيم. جڏهن وير سبب پاڻي ساحل تي چڙهي آيو تہ مان پنھنجي تحرير پڙهڻ ۽ ان تي غور ۽ فڪر ڪرڻ واپس آيس، پر سمنڊ ڪناري مون کي پنھنجي جاهليت ۽ اڻڄاڻائيءَ کان سواءِ ڪجهه بہ نہ مليو“.
عربيءَ مان ڪنھن ٻي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ چڱو ڏکيو ۽ وقت وٺند ڙڪم آهي. عربي زبان تي عبور رکندڙ هڪ نقاد جو چوڻ آهي تہ عربي ڏاڍي فصيح، بليغ ۽ زوردار زبان آهي ۽ انھيءَ ۾ مختلف مطلب رکندڙ هڪ جھڙن لفظن جو وڏو ذخيرو موجود آهي. انھيءَ زبان جو لطيف لھجو، گرمجوشيءَ ۾ مترنم آهنگ سان گڏجي، دل تي سڌو سنئون اثر ٿوڪري. ترجمي ۾ جتيوڻيڪ اصل زبان جي قوت، اثر ۽ ترنم جو هڪ حصو زائل ٿي ويندو آهي، پر پوءِ بہ، ترجمي ۾ جبران جي بنيادي فلاسافي منتقل ٿي ويندي آهي، جيڪا سندس پوءِ جي ڪتاب ”پيغمبر“ ۾ پوريءَ شدت سان موجود آهي.
جارج خيرﷲ، جنھن جبران جي گهڻن ڪتابن جو ترجمو ڪيو آهي، انھيءَ ڪتاب بابت چوي ٿو، ”اها تحرير جبران جي پنھنجي لاشعوري آتم ڪٿا آهي. جبران، جنھن پنھنجي دور کان گهڻو اڳ جنم ورتو. جبران، جيڪو باغي آهي ۽ سڀني شين جي آفاقيت، اتحاد ۽ شخصي آزاديءَ تي ايمان رکي ٿو“.

جبران جي فلاسافي
مشھور آمريڪي فلاسافر وليم جيمز هڪ دفعي فلاسافر جي تعريف ڪندي چيو هو، ”فلاسافر جيتوڻيڪ ٻين ماڻھن جيان عام شخص هوندو آهي، پر هو ٻين ماڻھن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مستقل مزاجيءَ ۽ گهرائي تائين سوچيندو آهي ۽ فلسفو غير معمولي ضد ۽ مستقل مزاجيءَ سان واضح مضبوط فڪر جو ٻيو نالو آهي“.
لفظ فلاسافي يوناني زبان مان ورتل آهي ۽ انھيءَ جو مطلب آهي علم ۽ فڪر جي محبت. اهو زندگيءَ جي حقيقت ۽ واقعن کي ذهني ۽ جسماني دنيا ۾ ڏسڻ جي عمل ۽ انھن جي سببن جو ذهانت سان تجزيو ڪرڻ جو نالو آهي. اسان جيئن تہ اهڙي دنيا ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون، جيڪا نھايت منجهيل ۽ پريشانيءَ واري حالت ۾ ورتل آهي، تنھن ڪري اسان مان تمام ٿورا ماڻھو انھن اثرن کي ڏسي سگهندا آهن، جيڪي عظيم فلسفين جي مقرر ڪيل اصولن سبب اسان جي زندگيءَ، اسان جي گڏيل لاڳاپن ۽ رائج عقيدن تي مرتب ٿيندا آهن. مثال طور بک اڄ جي انسان لاءِ، ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پريشانيءَ وارو عمل آهي. اڄ جو انسان غذا جي لاءِ پنھنجي خواهش کي، نہ فقط پنھنجي بک ۽ کاڌ خوراڪ جي جنسن تائين پھچ جي پيماني سان ماپي ٿو، پر انھيءَ سان گڏوگڏ غذائي جنسن جي حاصلات لاءِ روڪ ادائگي جي قوت ۽ پنھنجي مخصوص ذوق کي بہ سامھون رکي ٿو. اهو عمل يقينن سوين سالن جي آئينِي، مذهبي ۽ سياسي تربيت جو نتيجو آهي. ساڳيءَ ريت سائنسي ترقي بہ هڪ اٽل حقيقت آهي. اڄ جيڪڏهن ڪوئي سائنس، علم ۽ حڪمت جي مدد سان، قديم زماني جي ستن وڏن عجوبن مان ڪنھن هڪ کي ننڍڙو ڪري ڇڏڻ جي دعويٰ ڪري تہ، اسان کي انھيءَ تي ڪا خاص حيرت يا عجب نٿو لڳي.
جبران فلسفي بابت ڪوبہ ڪتاب ناهي لکيو، پر جڏهن هن پنھنجي عظيم ڪتاب ”پيغمبر“ جي شروعات ڪئي، جنھن ۾ زندگيءَ ۽ موت بابت بحث آهي، تہ هن بقول سقراط: پنھنجو پاڻ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي، هڪ عورت کي ڏسي پڪاريو، ”او بزرگ ۽ برتر خدا جا نيڪ بندا! زندگيءَ ۽ موت جا جيڪي اسرار تون ڄاڻين ٿو، انھن کي اسان تي پڌرو ڪر!“ ۽ پوءِ خليل جبران اهو لکيو تہ مون کي انسان جي ٺاهيل قانون کان نفرت آهي ۽ اهي روايتون مون کي نٿيون وڻن، جيڪي وڏڙن مون لاءِ ورثي ۾ ڇڏيون آهن، تہ حقيقت ۾ هو مذهبي مفڪرن خاص طور تي سينٽ آگسٽائن جي انھيءَ قول کي سچ ثابت ڪري رهيو هو، تہ ڪوئي شخص انھيءَ وقت تائين شڪ شبهي ۾ مبتلا نٿو ٿئي، جيسين سندس ذهن زنده نہ هجي، ۽ انھيءَ ۾ اهو سوچڻ جي صلاحيت نہ هجي تہ هن دنيا ۾ حقيقت ۽ صداقت بہ ڪا شيءِ آهي.
انسان اڃا لکڻ پڙهڻ بہ نہ سکيو هو، تہ هن ڌرتيءَ تي پنھنجي موجودگيءَ ۽ تخليق بابت سوچ ويچار شروع ڪري ڏنو تہ هو ڪٿان آيو آهي؟ ڪيڏانھن ويندو؟ ۽ ڇو؟ ۽ پوءِ جڏهن هن ۾ لکڻ پڙهڻ جي صلاحيت پيدا ٿي تہ هن ايندڙ نسلن لاءِ زندگيءَ ۽ موت بابت پنھنجا خيال ۽ احساس تحرير ڪيا. جديد دور جي مفڪرن لاءِ اها تحرير ئي فلسفو آهي.
هتي فلسفي جي وسيع موضوع جو تفصيلي جائزو ممڪن ناهي، تنھن ڪري مختصر طور تي جبران جي ذهن ۽ دماغ تي اثر ڇڏيندڙ احساسن، جذبن ۽ عقيدن جو ذڪر ڪيون ٿا. هن جي گهڻين لکڻين ۾، قديم انسان جي ذهن ۾ زندگيءَ ۽ موت بابت اٿندڙ سوالن جا پاڇا ملن ٿا. هو خدا جي هستيءَ جي وجود جو قائل ضرور آهي، پر سندس ذات جي جيڪا تعريف هن ڪئي، انھيءَ تي ڏاڍي وٺ ٿي!
لبنان ۽ وچ اوڀر ۾ خليل جبران جي اباڻن خدا تعاليٰ کي هڪ مھربان ۽ شفيق پيءُ سمجهيو، ۽ پٿر جي ڇپن کي ٽُڪي هنن جيڪي سندس مورتيون جوڙيون، اهي سڀ هڪ پوڙهي شخص جون هيون، جنھن جي چھري تي ڊگهي ڏاڙهي هئي. اهو تصور يھوديت ۽ عيسائيت ۾ بہ موجود هو. ڪجهه مفڪرن انھيءَ کان هٽي ڪري خدا جي ڪا واضع ۽ نمايان تعريف ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. يارهين صدي عيسويءَ جي هڪ عرب فلسفيءَ لکيو تہ هڪ عام ماڻھو اهو ئي چوندو تہ خدا جنت ۾ آهي، پر هڪ پڙهيل ڳڙهيل شخص، جيڪو تربيت ورتل فڪر ۽ ذهن رکي ٿو ۽ ڄاڻي ٿو تہ خدا ڪنھن جسماني وجود جو محتاج ناهي. هو چوندو، خدا فقط جنت ۾ ئي نہ، ڌرتيءَ جي بہ هر حصي تي موجود آهي.
جبران لبنان ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ هن لازمي طور تي مروج نظرين جو اثر قبول ڪيو هوندو. پنھنجي ڪتاب ”پيغمبر جو باغ“ ۾ هڪ هنڌ هو لکي ٿو تہ: ماڻھن جي هڪ گروھہ مان ڪنھن پڇيو، ”آقا! اوسي پاسي مان خدا متعلق ڪيتريون ئي ڳالھيون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن. توهان جو خدا بابت ڪھڙو خيال آهي؟“ ۽ انھيءَ جو جواب هو، ”سوچيو عزيزو! هڪ اهڙي دل متعلق تصور ڪيو، جيڪا توهان سڀني جي دلين تي محيط آهي. هڪ اهڙو روح، اهڙو جذبو، جيڪو توهان جي سڀني جذبن تي حاوي آهي. هڪ اهڙو آواز، جنھن ۾ توهان سڀني جي آوازن جو پڙاڏو ٻڌجي ۽ هڪ اهڙي خاموشي، جنھن تي توهان جون سڀ خاموشيون قربان هجن ۽ جيڪا اٿاھہ گهرائين سان گڏوگڏ وقت جي قيد کان آزاد هجي. تلاش ڪيو اهڙو حسن، جنھن جي سامھون جڳ جهان جي سونھن سوڀيا تڇ هجي. اهڙو گيت، جيڪو سڀني سمنڊن جي گيتن کان وڌيڪ موهيندڙ ۽ جهنگن جي خاموشيءَ کان وڌيڪ شانائتو هجي. خدا جي ذات جنھن کي اسين گهڻو نٿا ڄاڻون، تنھن بابت گهٽ گفتگو ڪرڻ مناسب آهي؛ پر ان جي ڀيٽ ۾ هڪ ٻئي بابت اسين جيتري گفتگو ڪيون، اهاوڌيڪ بھتر آهي. ڇو تہ اسين هڪ ٻئي کي آسانيءَ سان سمجهي سگهون ٿا. پوءِ بہ مان توهان کي ٻڌايان، تہ اسين خدا جي سرهاڻ آهيون. اسين آهيون پتن ۾، گلن ۾ ۽ سدا بھار ثمرن ۾“.
روح متعلق جبران جو نظريو ۽ فڪر وڌيڪ واضع ناهي. مختلف سوانح نگارن مختلف خيالن جو اظھار ڪيو آهي. ڪن جو چوڻ آهي تہ جبران جوڻ مٽائڻ واري نظريي جو قائل هو. جيڪڏهن اسان کي جبران جي فلسفي کي صحيح طرح سمجهڻو آهي تہ اسان کي سندس جيون ڪٿائون لکڻ وارن جي ڳالھين کي نظرانداز ڪري، جيڪي ڪجهه جبران پاڻ لکيو آهي، انھيءَ کي ڌيان سان پڙهڻو ۽ سمجهڻو پوندو، ۽ انھيءَ کي پرکڻو پوندو. جبران بو علي سينا، الفريد ۽ غزاليءَ جھڙن عظيم فلاسافرن بابت عربي ۾ ڪيترائي مضمون لکيا آهن ۽ انھن مان بو علي سينا بابت هن لکيو آهي تہ منھنجن ۽ سندس خيالن ۽ ذڪرن ۾ گهڻي حد تائين هڪجھڙائي آهي.
بو علي سينا، الفريد ۽ امام غزاليءَ بابت خليل جبران جي مضمونن مان اها ڳالھہ واضع ٿئي ٿي تہ، سندس دل ۾ انھن عظيم فلسفين لاءِ ڪيڏي عزت ۽ احترام هو. جبران قديم عرب مفڪرن جي انھيءَ نظريي جو قائل هو تہ هيءَ ڪائنات ۽ سمورا مادي جسم خدائي وجود جا شاهد آهن. تڏهن تہ هن چيو هو، ”اسان ﷲ جي سرهاڻ آهيون“. جبران خدا ۽ روح جي وجود ۽ موجودگيءَ جو قائل آهي، پر کيس مري ٻيھر جيئڻ تي اعتراض آهي. جيڪي ماڻھو انھيءَ عقيدي جا پوئلڳ آهن، اُهي انھيءَ ڳالھہ تي يقين رکن ٿا تہ موت کان پوءِ انسان جو روح ڪنھن ادنيٰ جانور يا ڪمتر ۽ نيچ درجي جي ماڻھوءَ جي جسم ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ اهو چڪر تيسين جاري رهي ٿو، جيسين اهو روح پاڪ پوتر نٿو ٿي وڃي ۽ کيس نجات نٿي ملي.
جبران روح جي پاڪيزگيءَ ۽ صفائيءَ جي انھيءَ عمل جو قائل نہ هو. سندس عقيدو هو تہ روح واپس ايندو آهي، پر ان ڪري تہ انسان مرڻ وقت جيڪو ڪم اڌ ۾ ڇڏي ويو آهي، هو انھيءَ کي اچي مڪمل ڪري.
هڪ عربي نظم ”بعلبڪ جو شاعر“ ۾ جبران جوڻ مٽائڻ واري مسئلي بابت چوي ٿو تہ روح جو نئون جنم ڪنھن گهٽ ذات واري انسان يا جانور جي صورت ۾ نٿو ٿئي، پر مرڻ واري جو روح پنھنجي برابري واري ڪنھن شخص جي جسم ۾ موٽي اچي ٿو. هن لکيو آهي، ”۽ شھزادي پڇيو، ’او ڏاها ماڻھو! مون کي ٻڌاءِ تہ خدا مون کي ٻيھر هن دنيا ۾ شھزادي جي روپ ۾ ئي موڪليندو، ۽ ڇا مئل شاعر وري ڪنھن شاعر جي روپ ۾ ئي جنم وٺندو؟ يا منھنجو روح وري ڪنھن عظيم بادشاھہ جي پٽ ۾ ئي واپس ايندو ۽ شاعر جو روح ڪنھن عظيم شاعر جي جسم ۾ ئي داخل ٿيندو؟ ڇا زندگيءَ جا مقدس قانون کيس ابديت جي ڪناري لڳڻ ۽ زندگيءَ جي باري ۾ چَپَ چورڻ جي اجازت ڏيندا؟ ڇا مان انھيءَ تي اڳ جيان سوکڙين جي ورکا ڪري سگهندس؟‘ ۽ ڏاهي شخص شھزادي کي جواب ڏنو، ’روح جنھن شيءِ جي خواهش رکندو آهي، اها کيس ضرور حاصل ٿيندي آهي. مقدس قانون، جيڪي سرديءَ جي گذرڻ کان پوءِ بھار کي وٺي ايندا آهن، لازمي طور تي شھزادي کي شھزادي جو ۽ شاعر کي شاعر جو ئي روپ عطا ڪندا“.
جبران پنھنجي ڪتاب ”پيغمبر“ ۾ لکيو، ”الوداع … اي آرفليس جا رهواسيو! الوداع! اڄوڪو ڏينھن پورو ٿيو، پر نہ وساريو، تہ منھنجون اڻ پوريون خواهشون ٻئي جسم ۾ جنم وٺي جلد ئي توهان وٽ واپس اينديون. فقط ٿوري دير. هوائن جي مٿان آرام ۽ سڪون جو هڪ مختصر پل وچ ۾ آهي. ان کان پوءِ ڪا ٻي عورت مون کي جنم ڏيندي“.
هڪ ٻئي ڪتاب ”پيغمبر جو باغ“ جي آخري صفحي تي جبران لکيو آهي، ”او ڪوهيڙا! هاڻي منھنجو ۽ تنھنجو ساٿ آهي، منھنجي ڌار ڪائي ذات ناهي. ديوارون ڊهي چڪيون آهن ۽ زنجيرون ٽٽي چڪيون آهن. مان فضائن ۾ بلند ٿي، هاڻي تو جھڙو ٿي چڪو آهيان. هاڻي اسان ٻئي گڏجي سمنڊن جي مٿان ترندا وتنداسين. ايستائين جو ٻئي ڏينھن جي شروعات ٿيندي ۽ صبح جا نرم ۽ نازڪ هٿ توکي ڪنھن باغ ۾، موتين جھڙي شفاف ماڪ ڦڙن جي روپ ۾ وڻن، ٻوٽن ۽ گلن جي هنج ۾ وجهي ڇڏيندا ۽ مان – مان هڪ ننڍڙي ٻار جي شڪل ۾ ڪنھن عورت جي ڇاتين مٿان خوشيءَ مان ٻهڪي رهيو هوندس“.
اڙهين صدي عيسويءَ جي پڇاڙيءَ ۾ يورپ جي مادھہ پرستيءَ جي جڪڙ چڱي سگهاري هئي. مذهبي ۽ اخلاقي قدرن کان وڌيڪ معاشري ۾ مالي ۽ معاشي فائدي تي زور ڏنو ٿي ويو. انفرادي ۽ قومي سطح تي حق ۽ انصاف جون تقاضائون پوريون ڪرڻ بدران جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو اصول رائج هو. ڪيترن مفڪرن ”ذات“ کي سڀني علمن ۽ سرگرمين جو محور ڪوٺيو.
جبران اهو آواز ضرور اٿاريو ۽ مطالبو ڪيو تہ وچ اوڀر جي ماڻھن کي ترڪ اقتدار خلاف بغاوت ڪرڻ کپي، پر هن خدا جي ذات جي موجودگيءَ کان زندگيءَ ۾ ڪنھن بہ مرحلي تي انڪار نہ ڪيو.
اسان ڄاڻون ٿا تہ جبران جو خدا جي ذات تي ڀروسو هو ۽ هن روح کي لافاني ٿي سمجهيو، پر ڇا سندس انھيءَ ڳالھہ تي بہ ايمان هو تہ انسان ۽ انھيءَ جي روح کي رهنمائيءَ جي بہ ضرورت آهي – ۽ جيڪڏهن انھيءَ جو جواب هائوڪار ۾ آهي تہ پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تہ ڪھڙي ۽ ڪھڙي قسم جي رهنمائي؟
جبران جي فڪر، نظرين ۽ ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ، ذهنن ۾ جيڪي شڪ شبھا پيدا ٿين ٿا ۽ مختلف سوال پيدا ٿين ٿا، انھن جي مناسب جوابن لاءِ جبران جي اوسي پاسي جي ماحول ۽ روايتن جي پس منظر کي ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ بيحد ضروري آهي. جبران هڪ ماروني پادريءَ جي ڌيءَ جي هنج ۾ اک پٽي. ڏاڏهنس ’آرامي‘ ۽ ’سرياني‘ زبان ۾ نالو رکڻ جي مذهبي رسم ادا ڪئي. هيءَ اُها زبان آهي جيڪا حضرت يسوع مسيح ڳالھائيندو هو. ماروني رسمون چرچ آف اينٽيوچ (Church of Antioch) وسيلي سڌو سنئون لبنان ۾ پکڙيون. اهي رومن ڪيٿولڪ ئي آهن، فرق فقط ايترو آهي تہ انھيءَ فرقي پنھنجي قديم زبان ۽ رسمن کي هيل تائين ڇڏيو ناهي ۽ نہ ئي روم سان پنھنجو لاڳاپو ختم ڪيو آهي. ماروني پادري اڪثر ڪري شادي ڪيل هوندا آهن، ڇو تہ هنن وٽ شادي ٿيل شخص جي پادري ٿيڻ تي ڪابہ پابندي ناهي، پر پادري ٿيڻ ۽ قسم کڻڻ واري رسم کان پوءِ ڪنھن کي شادي ڪرڻ جي اجازت ناهي.
خليل جبران کي پنجن ورهين جي ڄمار ۾ ڳوٺ جي هڪ اهڙي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جنھن جو انتظام چرچ جي هٿن ۾ هو. يارهن سالن جي عمر ۾ هن سمورا مذهبي گيت ۽ مناجاتون ياد ڪري ورتيون. تيرهن سالن جي ڄمار ۾ هو دارالحڪمت پھتو. هي ڪليسا جي نگرانيءَ هيٺ هلندڙ هڪ ڪاليج هو. هتي جبران پنج سال گذاريا. دارالحڪمت ۾ کيس فادر جوزف حداد جي نگراني ۽ رهنمائي حاصل هئي. فادر جوزف اهو شخص آهي، جنھن بابت جبران اقرار ڪيو آهي تہ هي دنيا جو واحد شخص آهي، جنھن کان مون زندگيءَ ۾ ڪجهه حاصل ڪيو آهي.
جبران جوانيءَ ۾ پھچڻ کان پوءِ ”پيغمبر“ لکيو ۽ ان کان پوءِ ”يسوع مسيح انسان جو پٽ“. هي هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنھن کي پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي تہ جبران بائيبل جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو آهي ۽ انھيءَ سان گڏوگڏ اولھہ توڙي اوڀر جي مفڪرن جي نظرين تي بہ سندس سٺي نظر آهي. ڇو تہ جبران فقط عرب مفڪرن جو ئي ذڪر ناهي ڪيو، پر هن سينٽ آگسٽائن جھڙي شخصيت بابت بہ رايا ڏنا آهن، جنھن کي اولھہ ۾ لاطيني ديني علم جو باني تصور ڪيو وڃي ٿو. آگسٽائن جو تعلق بنيادي طور تي لبنان سان هو ۽ هو انسان جي ابتدائي گناھہ بابت سينٽ پال جي اعتقادن سان متفق هو. پر برائيءَ جي تعريف هن اها ڪئي تہ، برائي اهو فعل آهي، جيڪو ڏوھہ انسان ڄاڻي واڻي ڪري. هن لکيو، انسان فقط ڌڻيءَ جي مرضيءَ ۽ مدد سان ئي گناهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ پاڪائيءَ سان رهي سگهي ٿو.
جبران جي ڪتابن تي هڪ اڇاتري نظر وجهڻ سان ئي پڙهندڙ کي اندازو ٿي وڃي ٿو تہ، هو نہ فقط آڳاٽن لبناني عالمن جي ڪم کان واقف هو، پر عيسائيت ۽ اسلام، ٻنھي مذهبن جو پڻ هن ڳوڙهو اڀياس ڪيو هو. علم جي پياس کيس ٻڌمت، يھوديت، ڪنفيوشيس، والٽير، روسو، نٽشي، جيفرسن ۽ ايمرسن وغيرہ. جي حقيقي ماخذن تائين وٺي وئي، تڏهن جبران کي محسوس ٿيو تہ اسان کي پنھنجا مذهب ٻڌيءَ ۽ رهنمائي جو درس ڏين ٿا. پھريون ڪم مذهبي رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ انھن جي ادائيگيءَ جي شڪل ۾ پورو ٿئي ٿو ۽ ٻيو اخلاقي عمل ۽ روين جي اظھار لاءِ مقرر ڪيل اخلاقي ضابطن ۽ اصولن جي روشنيءَ ۾ پورو ٿئي ٿو. مذهبن ۾ چڱو فرق ۽ تبديلي آئي آهي، پر اولھائين ڪليسا جو جوڙيل اخلاقي ضابطو اڄ بہ ساڳيو آهي، جنھن جي جوڙجڪ رومي سمنڊ جي اڀرندي ڪناري تي آباد، خليل جبران جي وڏن هٿان ٿي هئي ۽ انھيءَ مان اڄ صبر، انصاف، محبت ۽ قربانيءَ جو سبق ملي ٿو.
جبران باغي ضرور هو، پر فقط رسمن کان. هو پنھنجي وڏن جي جوڙيل اخلاقي ضابطن جو مخالف بنھہ ڪين هو. بابراينگ، جيڪا سندس زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ سندس سيڪريٽري هئي، لکيو آهي تہ نظم ۽ ضبط تي ٻڌل مذهب، هن انسان لاءِ ڪابہ ڪشش نٿي رکي، پر جبران جي خيال ۽ فڪر جو جائزو وٺڻ کان پوءِ اها ڳالھہ ثابت ٿئي ٿي تہ هو خدا جي وجود بابت شڪي نہ هو، سندس سموري ڪاوڙ مذهب جي تبليغ ۽ پرچار جي طريقي ڪار جي خلاف هئي، باقي مذهبي ماڻھن کان هن کي ڪابہ نفرت يا کائن دشمني نہ هئي.
خليل جبران جوانيءَ ۾ قدم رکيو تہ لبنان تي ترڪن جي حڪومت هئي، ۽ ماروني چرچ جي حيثيت، اسلامي معاشري جي جاگير جيان هئي. ماروني چرچ اها حيثيت پنھنجي ڌار سڃاڻپ برقرار رکڻ لاءِ قبولي هئي. ماروني چرچ کي سگهارو ڪرڻ خاطر لبنان جي عيسائين ۽ مارونين دل کولي پنھنجون زمينون عطيي طور ڏنيون. ايتري تائين جو چرچ لاءِ انھن سڀني ملڪيتن جو انتظام هلائڻ ڏکيو ٿي پيو. انھيءَ جو حل اهو ڪڍيو ويو تہ انھن زمينن کي پنھنجن شرطن تي کيڙڻ لاءِ ٻين ماڻھن کي ڏنو ويو ۽ آهستي آهستي چرچ پاڻ بہ هڪ جاگيردار جي حيثيت اختيار ڪري ورتي، جنھن جي هٿ بيشمار هارين نارين ڪم ٿي ڪيو. پوءِ جڏهن خوشحالي وڌي ۽ چرچ جي اختيارن ۾ واڌارو ٿيو تہ پادرين پنھنجي مٽن مائٽن کي نوازڻ شروع ڪيو.
جبران جنھن ماحول ۾ اک پٽي هئي، اهو خالص مذهبي هو ۽ اتي چرچ ۽ انھيءَ سان لاڳاپيل ماڻھن جو بہ خاص تصور هو، پر جبران سندن دنياداري ۽ حرص جو مشاهدو ڪيو تہ سندس دل ۽ دماغ ۾ تلخي ڀرجي وئي. ان کان پوءِ سندس پھرين محبت هڪ حريص پادريءَ جي ڀائٽي جي حوس جو نشانو بڻجي وئي تہ مذهبي ماڻھن سان سندس نفرت ۾ تھائين واڌارو اچي ويو ۽ هو پنھنجي ڌرتيءَ کان دور، آمريڪا هليو ويو. مذهبي ماڻھن کان بغاوت جي تھہ ۾ سندس ذاتي دشمني ۽ بُغز جو ئي دخل نہ هو، پر انھيءَ جو بنياد تہ ان ڏينھن ئي پئجي ويو هو، جڏهن جبران کائن پھريون سبق ورتو هو. هن پوءِ عربيءَ ۾ هڪ ڪھاڻي بہ لکي، جنھن جو عنوان هو ”خالد بدعتي.“ هن ڪھاڻيءَ ۾ هڪ نئون ۽ اڻ تجربيڪار پادري، پنھنجي وڏي پادريءَ کي پنھنجي ڳالھہ جو قائل ڪري، انھيءَ ڳالھہ تي رضامند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، تہ هو پنھنجو سمورو مال دولت غريبن ۾ ورهائي ڇڏي ۽ غريبن ۾ شامل ٿي مذهب جي تبليغ ڪري. هو وڏي پادريءَ سان هيئن مخاطب ٿئي ٿو، ”اچو، اسان غريبن ۾ خانقاھہ جي زمين ورهائي ڇڏيون، جيڪي اسان وٽ بيڪار پيون آهن ۽ اسان انھن ماڻھن کان جيڪا دولت گڏ ڪئي آهي، اها کين موٽائي ڏيون – اچو – اسين ماڻھن ۾ پکڙجي وڃون ۽ انھن کي عبادتن سان دل جو سڪون ۽ مرڪڻ سيکاريون. انھيءَ ڪم ۾ اسان کي جن ڏکيائين ۽ تڪليفن سان واسطو پوندو، انھيءَ سان اسان کي خانقاهن ۾ واندي ويھڻ کان وڌيڪ سڪون ملندو. همدرديءَ جي ٻن ٻولن سان ڏکاري پاڙيسريءَ جو من موهڻ، گنهگار کي سنئين واٽ تي آڻڻ، خانقاھہ ۾ عبادت ڪندو رهڻ ۽ بي لذت سجدا ڪرڻ کان وڌيڪ افضل آهي“.
وڏو پادري ۽ سندس ساٿاري خالد کي پنھنجو ٻولڙيو بڻائڻ ۾ سڦل ٿي نہ سگهيا تہ، سڀني گڏجي کيس خانقاھہ مان ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪيو.
جبران اڳتي لکي ٿو، ”جاگيردار پنھنجي قلعي جي زور تي ۽ پادري پنھنجي قربان گاھہ جي صدقي، اهو سمجهندو آهي تہ سلطان ۽ خدا کين ماڻھن جي اڳواڻيءَ ۽ روحن جي نجات لاءِ پنھنجو عيوضي مقرر ڪيو آهي. جاگيردار غريبن جا هٿ ٿو ٻڌي ۽ پادري سندن قانون جي نمائندگي ٿو ڪري ۽ پادري خدا جي عيوضيءَ جو دعويدار آهي ۽ جنڊ جي انھن ٻن پڙن جي وچ ۾، لبنان جي مسڪين ۽ هيڻن ماڻھن جا ٿڪل ڦٽل جسم ۽ روح پيٺا پيا وڃن.“
هڪ ٻي عربي ڪھاڻيءَ ”جان پاڳل“ ۾ جبران ٻڌائي ٿو تہ ڪيئن جان ”جديد عهدنامو“ پڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو، جيتوڻيڪ عام ماڻھوءَ کي انھيءَ جي پڙهڻ جي اجازت ناهي. هڪ ڏينھن جان پڙهڻ ۽ غور فڪر ۾ ايترو ٻڏل هو جو کيس پنھنجي ڌڻ جو خيال بہ نہ رهيو. رڍون آهستي آهستي هلنديون، ڀرسان هڪ خانقاھہ جي زمين تي وڃي پھتيون. پادرين انھن کي پڪڙي ٻڌي ڇڏيو ۽ کين ڇڏڻ لاءِ ڏنڊ جي گهُر ڪئي. جان وٽ رقم نہ هئي، تنھن ڪري سندس ماءُ پنھنجو موروثي هارُ وڪڻي ڏنڊ ڀريو. انھيءَ واقعي جان کي ڪليسا جو سخت ويري بڻائي ڇڏيو ۽ هو چؤواٽن تي پڌري پٽ پادرين تي تنقيد ڪرڻ لڳو، ”او- يسوع مسيح! هڪ وار وري اچ ۽ پنھنجي مذهب جي انھن واپارين کي مقدس عبادت گاهن مان ٻاهر ڪڍ! هي پنھنجون ڏياٽيون روشن رکڻ لاءِ تہ پئسي کي پاڻيءَ وانگر ٿا خرچ ڪن، پر تنھنجي سچي پوئلڳ کي هڪ ويلي جي ماني کارائڻ ۾ کين ٻرو ٿو چڙهي!“
پادرين جان کي پڪڙي ڪاٺ ۾ وڌو ۽ کيس ان وقت تائين نہ ڇڏيائون، جيسين سندس پيءُ ساک تي اهو بيان نہ ڏنو تہ سندس پٽ چريو آهي. تنھن ڪري هاڻي جان رڙي رڙي ڇتو ٿي پيو، پر ڪنھن بہ سندس ڳالھہ کي ڌيان نہ ڏنو. سڀئي کيس سچ پچ چريو سمجهڻ لڳا.
”جان پاڳل“ بابت هڪ دوست ڏانھن جبران خط ۾ لکيو، ”مون ڏٺو آهي تہ آڳاٽن ليکڪن پادرين جي ڏاڍ ۽ ڏمر کي موضوع بڻائي مذهب جي مخالفت ڪئي آهي. فڪر جو اهو انداز غلط آهي. مذهب انسان جي فطري ضرورت آهي، پر انھيءَ جي آڙ ۾ ٻين تي ظلم ڪرڻ بھر:حال غير فطري عمل ۽ فعل آهي. تنھن ڪري مون پنھنجي ڪھاڻيءَ ۾ انھيءَ ڳالھہ جو خاص طور تي خيال رکيو تہ جان يسوع مسيح جو سچو پوئلڳ نظر اچي“.
اولھہ جو اخلاقي ضابطو بيشڪ مذهب جي اصولن ۽ روايتن جي پيداوار آهي. جيتوڻيڪ اها حقيقت آهي تہ مغربي دنيا ۾ اڄڪلھہ گهڻن هنڌن تي مذهب کي رياست کان ڌار ڪيو ويو آهي، پر اڄ بہ مذهبي اصولن پٽاندڙ جوڙيل ڪيترائي قانون موجود آهن. جيئن موسوي قانون موجب قتل حرام آهي، چوريءَ ۽ زنا لاءِ سزائون مقرر آهن ۽ انسان جي جان مال ۽ عزت جي بچاءَ لاءِ ضمانتون موجود آهن. خليل جبران مذهب ۽ رسمن جي اهميت کي مڃي ٿو، پر گڏوگڏ هو هر معاملي ۾ ڌيان، وچٿرائي، حوصلي، انصاف، رواداريءَ ۽ محبت کان ڪم وٺڻ جي تلقين بہ ڪري ٿو. هڪ هنڌ هو لکي ٿو، ”خدا تي ايمان آڻڻ ۽ مذهبي اخلاقي ضابطي تي عمل ڪرڻ، امن، سلامتيءَ ۽ دل جي سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ ممڪن آهي ۽ انھيءَ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنھن بہ قسم جون مذهبي رسمون ادا ڪرڻ جي ضرورت بنھہ ڪانھي.“

وطن لاءِ ڇا ٿا ڪري سگهو؟
لبنان جي سياسي ۽ مذهبي زندگيءَ تان جاگيرداري ذهنيت جا پاڇا ڪڏهوڪو هٽي چڪا آهن. هاڻي لبنان هڪ خودمختيار رياست، جنھن جو پنھنجو هڪ صدر ۽ پارليامينٽ آهي، جنھن کي عوام پاڻ ووٽ وسيلي چونڊي ٿو. جبران ڪجهہ ڪھاڻيون ۽ مضمون پنجاھہ سال کن اڳ لکيا هئا. اڄ انھن جي حيثيت ڇڙو تاريخي ورثي واري آهي، پر ڪي لکڻيون ڄڻ هاڻوڪي دور جي سياسي پس منظر ۾ لکيل آهن ۽ اهي سدا حيات آهن.
آمريڪا جي اڪثر گهرن جي ديوارن تي هڪ تختي لڳل نظر ايندي آهي، جنھن تي آمريڪي صدر جان ڪينيڊيءَ جا هي لفظ لکيل هوندا آهن: ”اهو نہ سوچيو تہ توهان جو ملڪ توهان لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهي، پر اهو ٻڌايو تہ توهان پنھنجي وطن لاءِ ڇا ٿا ڪري سگهو!“
پنجاھہ سال اڳ جبران انھيءَ قول جو پنھنجي هڪ عربي مضمون ۾ ذڪر ڪيو هو، جنھن جو عنوان ”نيون سرحدون“ آهي. اهو مضمون وچ اوڀر ۾ رهندڙ جبران جي هم وطن لبنانين لاءِ آهي، پر انھيءَ جي فلاسافي ۽ انھي اندر لڪل سبق ۾ وسعت ۽ آفاقيت آهي ۽ انھيءَ پيغام جي حيثيت ان وقت تائين برقرار رهندي، جيسين انسان آزاد ۽ خودمختيار معاشري جو فرد آهي.

جبران جي زندگيءَ ۾ عورتون:

جبران جي ماءُ- ڪاملا
جبران پنھنجي زندگيءَ ۾ عورتن جو تمام ڳوڙهو اثر قبول ڪيو آهي. هو لکي ٿو: ”هن مھل مان جو ڪجهه آهيان، انھيءَ لاءِ عورت ذات جو احسان مند آهيان. انھيءَ وقت کان، جڏهن اڃا مان ننڍڙو هوس، عورتن منھنجي اکين جون ڳڙکيون ۽ منھنجي صلاحيتن جا دروازا کوليا. جيڪڏهن عورت ماءُ نہ هجي ها، عورت ڀيڻ نہ هجي ها ۽ عورت دوست نہ هجي ها تہ مان بہ ٻين اهڙن جي وچ ۾ ستل هجان ها، جيڪي پنھنجي کونگهرن سان دنيا جو امن ۽ سڪون برباد ڪري رهيا آهن“.
سندس جيون ڪٿائون لکندڙ اها ڳالھہ مڃين ٿا تہ جبران جي زندگيءَ ۾ ڪيترين ئي عورتن جو دخل رهيو آهي.
جبران جي ماءُ جو حالتن ۾ زندگيءَ جا ڏينھن گهاريا، انھن سبب هوءَ جبران جي جيون ۾ خاص اهميت رکي ٿي. شاديءَ کان پوءِ ستت ئي کيس پنھنجي مڙس سان گڏ هجرت ڪري برازيل وڃڻو پيو، جتي سندس مڙس بيمار ٿي پيو ۽ پوءِ پنھنجي نئين ڪنوار کي ننڍڙي پيٽر سان گڏ، جڳ ۾ اڪيلو ڇڏي ڌڻيءَ کي پيارو ٿي ويو. ماءُ ٻار کي کڻي پنھنجي پيءُ اسٽيفن راهمي جي گهر واپس هلي آئي، جيڪو ماروني پادري هو. ان کان پوءِ جيڪو شخص پيٽر جو پيءُ ٿيو، تنھن ڪاملا کي هڪ ڏينھن پنھنجي پيءُ جي باغ ۾ گيت ڳائيندي ڏٺو ۽ مٿس موهت ٿي پيو ۽ ستت ئي سندن وهانءُ ٿي ويو. خليل جبران 6 ڊسمبر 1883ع تي پيدا ٿيو. ان کان پوءِ سندس ٻن ڀينرن سلطانہ ۽ مريانہ جو جنم ٿيو. سندن ماءُ کين موسيقي، عربي ۽ فرانسيسي ٻولي سيکاري. پوءِ جڏهن ٽيئي ٻار وڏڀرا ٿيا تہ گهر ۾ کين پڙهائڻ لاءِ هڪ استاد مقرر ڏنو ويو، جيڪو هنن کي انگريزي پڙهائيندو هو، تنھن بعد هو شھر جي اسڪولن ۾ داخل ٿيا. ماءُ هنن کي اڪثر گرجا وٺي ويندي هئي، جتي سندن ڏاڏو، جيڪو هڪ هوشيار پادري هو، ماڻھن آڏو نھايت اثرائتي تقرير ڪندو هو.
ماروني چرچ جون ڪجهه رسمون اهڙيون آهن، جن ۾ سمورا گهر ڀاتي شريڪ ٿيندا آهن ۽ پاڻ ۾ سرياني (Syriac) ٻوليءَ ۾ ڳالھائيندا آهن. هيءَ اها ٻولي آهي، جيڪا حضرت علي ڳالھائيندو هو. انھن رسمن جو جبران جي زندگيءَ تي چڱو ڳوڙهو اثر ٿيو. عمر جي آخري حصي ۾ هن هڪ خط ۾ انھن رسمن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو هو.
جبران جي ماءُ جو مذهبي لاڙو ۽ چرچ ۾ گونجندڙ سندس خوبصورت آواز ۽ گهر جي مذهبي ماحول – انھن ڳالھين گڏجي جبران جي ڪردار جي جوڙجڪ تي چڱو اثر ڇڏيو، جيڪو سندس ڪتاب ”يسوع، انسان جو پٽ“ ۾ نمايان نظر اچي ٿو.
جبران جڏهن ٻارهن سالن جو ٿيو تہ سندس ويڳو ڀاءُ پيٽر ارڙهن سالن جو ٿي چڪو هو. يعني هو عملي زندگيءَ جي شروعات ڪرڻ لاءِ بلڪل تيار هو. ٻين لبناني (فنيشيائي) رهاڪن جيان هن بہ سمنڊ وسيلي ڪنھن ٻئي ملڪ ۾ ڀاڳ آزمائڻ لاءِ سوچيو ۽ سندس من آمريڪا تي موهت ٿي پيو.
جبران جي ماءُ پنھنجي ٻارن کي پاڻ کان ڌار ڪرڻ نٿي چاهيو، تنھن ڪري هن پيٽر، جبران ۽ ٻنھي ڌيئرن سوڌو بوسٽن جا وڻ وڃي وسايا. خليل جبران جي پيءُ انھيءَ فيصلي تي احتجاج ڪيو، ڇو تہ سندس چڱي خاصي جائداد هئي ۽ هو حڪومت لاءِ ٽيڪس بہ گڏ ڪندو هو ۽ موقعو ملڻ تي مال جو ڌنڌو بہ ڪندو هو. آمريڪا لاءِ ان وقت مشھور هو تہ اتان جون گهٽيون سون جون آهن ۽ ماڻھو اتي پھچڻ شرط راتو رات امير ٿيو وڃي. انھن ڳالھين سبب پيٽر جو وات پاڻي پاڻي ٿيڻ لڳو، تنھن ڪري پيءُ جي رڙين واڪن ڪوبہ اثر نہ ڪيو ۽ هو سڀ گڏجي بوسٽن ۾ رهڻ لڳا. خليل جبران جو سونھري وارن ۽ نيرين اکين وارو پيءُ لبنان ۾ اڪيلو ٿي پيو.
جبران جي اڪثر سوانح نگارن کي اها ڄاڻ ناهي تہ وچ اوڀر ۾ مال جو واپاري اصل ۾ رڍن جو ڌنڌو ڪندو آهي، ڇو تہ لبنان ۾ رڍون شام، عراق ۽ ڪڏهن ڪڏهن ترڪيءَ مان بہ گهرايون وينديون آهن. جبران جي سوانح نگارن اڻ ڄاڻائيءَ مان اهو بہ لکي ڇڏيو آهي تہ جبران جو پيءُ ڌنار هو.
بوسٽن ۾ پيٽر پسارڪو دڪان کوليو ۽ ٻيا ٻار اسڪول وڃڻ لڳا. چوڏهن سالن جي عمر ۾ جبران لبنان واپس وڃي پنھنجي عربي تعليم کي مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ماءُ پنھنجي پٽ جي ذهانت ۽ شوق کان ڀلي ڀت واقف هئي، تنھن ڪري هن کيس لبنان موٽڻ ۽ اتان جي دارلحڪمت ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. جبران پنجن سالن تائين انھيءَ ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪئي. اونھاري جون موڪلون هو گهڻو ڪري صنوبرن جي جهنگ ۾ گهمندي ڦرندي گذاريندو هو يا پنھنجي پيءُ سان گڏ وچ اوڀر جا مختلف هنڌ وڃي ڏسندو هو. پنج سال پورا ٿيا تہ هو آرٽ جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ يونان، اٽلي ۽ اسپين گهمندو وڃي پيرس پھتو. اهي 1901ع کان 1903ع وارا سال هئا.
ڪجهه عرصي کان پوءِ کيس آمريڪا سڏ ٿيو، جو سندس ننڍڙي ڀيڻ مري وئي هئي ۽ سندس ماءُ سخت بيمار هئي. سندس ماءُ مرڻ کان اڳ اٽڪل پندرهن مھينا بستري داخل رهي. انھيءَ وچ ۾ سندس ويڳو ڀاءُ پيٽر بہ گذاري ويو. گهر ڀاتين جي هڪ ٻئي پويان اوچتي موت جبران کي ڌوڏي وڌو. سڀئي گهر وارا سڪ پريت سان گڏجي رهندا هئا ۽ کيس تعليم ڏيارڻ لاءِ سڀني قربانيون ڏنيون هيون. ٽِي بِيءَ جي موذي مرض جبران جي گهر ڀاتين کي ڳڙڪائي ورتو هو، پر مريانہ بيماريءَ مان چڙهي پئي ۽ موت جي منھن مان بچي وئي. جبران کي پنھنجي ماءُ سان جيڪو پيار هو، تنھن جو اندازو سندس ڪتاب ”ڀڳل کنڀڙاٽيون“ جي هنن لفظن مان لڳائي سگهجي ٿو:
”ماءُ ئي هن زندگيءَ ۾ سڀ ڪجهہ آهي. سندس ذات ڏک جي حالت ۾ سھارو ڏيندڙ آهي، مايوسيءَ جي حالت ۾ اميد جو ڪرڻو بڻجي چمڪي ٿي ۽ هيڻائيءَ واري حالت ۾ سگهہ بخشي ٿي. ڪنھن جي ماءُ مري وڃي تہ سمجهو، هن مھربان ۽ شفيق هستي وڃائي ڇڏي، جنھن جي هنج ۾ هو آرام ۽ سڪون سان مٿو رکي ليٽي سگهندو هو. اهي هٿ وڃائي ويٺو، جيڪي کيس خير ۽ برڪت ادا ڪندا هئا ۽ اهي اکيون بہ، جيڪي سدائين سندس نگراني ڪنديون هيون“.

مچيلين
هن عورت جي باري ۾ جبران جي هڪ سوانح نگار لکيو آهي تہ هيءَ بوسٽن جي هڪ خوبصورت ڇوڪري هئي ۽ سندس اصل نالو ايملي مائيڪل هو، پر کيس مچيلين سڏيندا هئا. جبران سان سندس مکاميلو بوسٽن ۾ ئي ٿيو هو. جيون ڪٿا لکندڙ وڌيڪ لکيو آهي تہ هوءَ جبران جي ڪڍ پيرس بہ وئي هئي ۽ اتي کيس منٿ ڪئي هئائين، تہ هو ساڻس وهانءُ ڪري. جبران جي ناڪار تي سندس جيءُ جهري پيو ۽ پوءِ هوءَ سدائين لاءِ گم ٿي وئي.
خليل جبران جي ٻين سوانح نگارن بہ انھيءَ ڪھاڻيءَ کي حقيقت مڃيو آهي، پر ڪي اهڙا بہ آهن جن پنھنجي ڪتابن ۾ خاص طور تي نالو کڻي سندس ذڪر ناهي ڪيو. جيڪي ماڻھو انھيءَ ڳالھہ کي سچ سمجهن ٿا، اهي انھيءَ جي ثبوت ۾ ٻہ ڳالھيون پيش ڪن ٿا. هڪ تہ جبران پيرس وڃڻ کان اڳ سندس تصوير ٺاهي هئي ۽ ٻيو تہ جبران جي هڪ ڪتاب جو انتساب مچيلين جي نالي آهي.
مون انھيءَ سھڻي عورت جو ڏس پتو ۽ حقيقت هٿ ڪرڻ لاءِ خاص ڪوششون ڪيون. مان لبنان ۾ جبران جي ميوزيم ويس ۽ اتان جي نگران کي چيم تہ مون کي مچيلين جي اها تصوير ڏيکاري، جيڪا جبران ٺاهي هئي. هن ديوار تي ٽنگيل تصوير ڏانھن اشارو ڪندي چيو، ”اها آهي تصوير، جنھن بابت چيو ويندو آهي تہ مچيلين جي تصوير آهي“.
مون انھيءَ تصوير کي ڌيان سان ڏٺو، انھيءَ تي سڃاڻپ جي ڪابہ نشاني ڪانہ هئي، نہ ئي جبران جي صحيح – ڪوشش جي باوجود مان حقيقتون ڳولي نہ سگهيس، جن سان ثابت ٿئي تہ اها واقعي مچيلين جي تصوير آهي ۽ نہ ئي مون کي جبران ۽ مچيلين جي هڪ ٻئي ڏانھن لکيل خطن جي ڪا مناسب حقيقت ملي سگهي.
جيئن اڳ ذڪر ٿي چڪو آهي تہ جبران جا عربي ڪتاب؛ جيڪي ٻيھر ٽيھر ڇپيا آهن، انھن مان ڪيترين ضروري ڳالھين جي خبر نٿي پوي. مثال طور اها خبر نٿي پوي تہ ڪتاب پھريون دفعو ڪڏهن ڇپيو ۽ موجودہ ايڊيشن ڪھڙي سال ۾ ڇپيو ۽ اصل ڪتاب ۾ انتساب ڪنھن جي نالي هو. لڳاتار ڳولا ۽ ٿڪائيندڙ ڪوشش کان پوءِ، مون سندس ڪتاب جا اهڙا پھريان ايڊيشن هٿ ڪيا، جن ۾ انتساب موجود هيا. انھن کي پڙهڻ کان پوءِ مون کي خبر پئي تہ مچيلين جو نالو ڪٿي بہ موجود ڪونھي. اصل انتساب جيڪو مون کي هٿ آيو، اهو ڪجهہ هيئن هو، ”انھيءَ روح جي نالي جنھن منھنجي روح کي ڀاڪر پاتو – انھيءَ دل جي نالي جنھن پنھنجا سڀئي راز منھنجي دل جي ڪنن ۾ اوتي ڇڏيا – انھيءَ هٿ جي نالي جنھن منھنجي جذبن جي شمع کي روشن ڪيو – هي ڪتاب انھن کي ارپيان ٿو“.
پيرس ۾ جبران پنھنجي هڪ گهاٽي يار جوزف هوئيڪ سان گڏ رهندو هو ۽ ساڻس گڏ ڪم ڪندو هو. ٻئي اٽڪل ٻہ سال گڏ رهيا. جوزف هوئيڪ پنھنجي هڪ ڪتاب ۾ انھيءَ زماني جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. ٻنھي جا ڪمرا جيتوڻيڪ ڌار هيا، پر هو لڳ ڀڳ روز ملندا هئا ۽ پئسا بچائڻ لاءِ ماڊل ڇوڪري بہ هو گڏجي حاصل ڪندا هئا. جوزف انھن سڀني ڇوڪرين جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي ماڊل ٿيڻ هنن وٽ آيون هيون يا سندن دوست هيون. اولگا هڪ روسي ڇوڪري هئي، جيڪا سندن سمورين ماڊل ڇوڪرين مان سڀ کان وڌيڪ خوبصورت هئي، پر عورتن جي انھيءَ ڊگهي فهرست ۾ مچيلين جو نالو ڪٿي بہ نٿو اچي. ان ڪري جيسين انھيءَ سلسلي ۾ ڪو وڌيڪ ثبوت سامھون نٿو اچي، مان اهو فيصلو ڪري نٿو سگهان تہ مچيلين جو وجود هيو بہ يا نہ؟

ميري هيسڪل يا ميري خوري
1904ع ۾ خليل جبران ويھہ ڊالر اڌارا وٺي پنھنجي تصويرن جي هڪ نمائش ڪئي. اها نمائش ڏسڻ لاءِ ايندڙن ۾ ميري هيسڪل بہ هئي، جنھن سان پوءِ جبران جي دوستي ٿي وئي. آرٽ جي وڌيڪ تعليم لاءِ جڏهن جبران پيرس وڃڻ لڳو تہ مس ميري ئي سندس ڀاڙي ڀُتي جو خرچ ڀريو هو. هڪ سوانح نگار جو چوڻ آهي تہ انھيءَ احسان کان پوءِ، جبران کيس چيو تہ هوءَ هر ڪتاب جو مسودو پبلشر وٽ وڃڻ کان اڳ پڙهي وٺي.
جبران جو ناول ”ڀڳل کنڀراٽيون“ ايم. اي. ايڇ هاءُ ايور جي نالي ارپيل آهي، جيڪو سندس جائداد جي سڀنال ڪندڙ هو. انھيءَ جو چوڻ آهي تہ جنھن سرنديءَ واري عورت جبران جي مالي مدد ڪئي هئي، انھيءَ جو نالو ميري خوري آهي. جائداد جي وصيت تي عمل ڪرائيندڙ، ميري خوريءَ جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر بہ هو، ۽ هو سندس ڪمري ۾ خليل جبران جون ٺاهيل تصويرون ۽ مجسما بہ ڏسي چڪو هو. انھن تي جبران عربيءَ ۾ لکيو هو، ”ڪنھن بہ شخص کي شراب پيئڻ جو طعنو نہ ڏيو. ڪھڙي خبر هو شراب پيئڻ کان بہ ڪنھن وڌيڪ تلخ حقيقت کي وسارڻ جي ڪوشش ڪندو هجي“. ڊاڪٽر اڳتي هلي لکي ٿو تہ، ميري خوري پنھنجي نالي خليل جبران جي لکيل خطن کي ڇپرائڻ لاءِ رضامند هئي. سندس دعويٰ آهي تہ اهي خط هڪ دوست جي حوالي ڪيا ويا هئا تہ انھن کي مناسب ترتيب ڏئي ۽ منجهن ضروري تبديليون ڪري، پر انھيءَ وچ ۾ اهو دوست ۽ پوءِ ميري خوري بہ لاڏاڻو ڪري ويئي ۽ خط اڻ ڄاتل هٿن ۾ هليا ويا!
ميري خوريءَ جي چوڻ مطابق جبران زندگيءَ جي آخري ڏينھن ۾ ڪيتريون ئي شامون سندس ڪمري ۾ گذاريون هيون.
ميريءَ جي نالي جبران جي خطن جي موجودگي، لبنان جي هڪ صحافيءَ جي بيان مان بہ ثابت ٿئي ٿي. سندس دعويٰ آهي تہ هن انھن خطن مان ڪجهه پڙهيا بہ آهن ۽ ميري خوريءَ اهي ڇپڻ لاءِ ڏيڻ جو وعدو بہ ڪيو هو. مون جڏهن انھيءَ صحافيءَ کان پڇيو تہ انھن خطن جي نوعيت ڪاروباري هئي يا اهي پريم پتر هئا تہ هن جواب ڏنو، تہ اهي خط ڪاروباري نہ، پر محبت ناما هيا. انھيءَ بيان جي باوجود خليل جبران جي انھيءَ محسن عورت جو وجود هڪ اسرار کان گهٽ ناهي. ڪو بہ يقين سان نٿو چئي سگهي تہ سندس نالو ميري هيسڪل هو يا ميري خوري – يا اهي ٻئي نالا هڪ ئي شخصيت جا هيا.

باربرا ينگ
باربرا ينگ خليل جبران جي موت کان فقط ست سال اڳ سندس زندگيءَ ۾ آئي ۽ سندس جيون ڪٿا ”لبنان جو سپوت“ لکي. هن لکيو، ”جيڪڏهن جبران پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪوبہ نظم نہ لکي ها ۽ نہ ڪائي تصوير ٺاهي ها، تہ بہ ابديت جي صفحي تي سندس هٿ اکر سدائين لاءِ موجود هجن ها سندس انفرادي احساس جي سگهہ زندگيءَ جي ضمير کي ڇلھي ڇڏيو ۽ سندس اندر سمايل روح وقت جي قيد کان آزاد آهي ۽ کيس ڪڏهن بہ موت اچي نٿو سگهي“.
1923ع ۾ بار برا ”پيغمبر“ پڙهيو تہ ڏاڍي متاثر ٿي ۽ هن جبران کي هڪ تعريفي خط لکيو. جواب ۾ جبران هن کي پنھنجي اسٽوڊيو اچڻ، شاعريءَ تي ڳالھائڻ ۽ تصويرن ڏسڻ جي دعوت ڏني.
”مان اتي ويس“. هوءَ لکي ٿي، ”اولڊ ويسٽ ٽينٿ اسٽريٽ ۾ هڪ عمارت جون چار ڏاڪڻيون چڙهي مٿي پھتيس، تہ هو ڪمري ۾ موجود هو ۽ استقبال لاءِ مرڪندي ائين اڳيان وڌيو، ڄڻ اسان جي ورهيه پراڻي سڃاڻپ هئي“.
باربرا، جبران کان وڌيڪ ڊگهي، مناسب ۽ خوبصورت جسم واري عورت هئي. باربرا جو تعلق انگلينڊ جي علائقي بريڊ فورڊ سان هو. هوءَ انگريزيءَ جي استاد هئي، ۽ انھيءَ سان گڏوگڏ ڪتابن جو هڪ دڪان بہ کوليو هئائين. چار ڏاڪڻيون چڙهڻ کان پوءِ، سندس باقي زندگي جبران جي فن تي ليڪچر ڏيندي گذري ۽ جڏهن جبران مري ويو، تہ هن سندس اڻ پوري ڪتاب ”پيغمبر جو باغ“ جا ٽڙيل پکڙيل باب گڏ ڪري انھيءَ کي ڇپائڻ جو بندوبست ڪيو.
باربرا ينگ ۽ ٻين جيون ڪٿا لکندڙن جبران جي جسماني بيهڪ جي باري ۾ لکيو آهي تہ سندس جسم سنھون ۽ قد وچولو (پنج فوت چار انچ)، اکيون نيريون، وڏيون ۽ خماريل، جن تي ڊگهين پنبڻين جي ڇانوَ – ڀورا ناسي وار ۽ گهاٽيون مڇون، سندس جسم مضبوط ۽ سگهارو ۽ سندس هٿن جي پڪڙ طاقت واري هئي.
جڏهن خليل جبران مئو تہ باربرا اسپتال ۾ سندس ڪنڌيءَ موجود هئي. سندس ڪفن دفن کان ستت پوءِ هن جبران جي اسٽوڊيو منجهان، جتي جبران گذريل ارڙهن سالن کان رهيو پيو هو، سندس سڄو سامان ۽ ملھائتيون تصويرون گڏ ڪري، لبنان ۾ سندس اباڻي ڳوٺ بشريٰ ڏياري موڪليون.
جبران جي فن ۽ زندگيءَ تي ليڪچرن دوران مختلف هنڌن تي باربرا جبران جي سٺ کان وڌيڪ تصويرن جي نمائش ڪئي. انھن تصويرن يا جبران جي ٻين اڻ پورين تصويرن، لکڻين ۽ خطن جو ڇا ٿيو، تنھن بابت يقين سان ڪجهہ بہ نٿو چئي سگهجي. جيسين اهي ماڻھو، جن وٽ اهي شيون موجود آهن، پاڻ اڳتي وڌي ڪجهه ٻڌائين ۽ جيسين اهو ڪم پورو نٿو ٿئي، جبران جي جيون ڪٿا اڌوري ئي رهندي. خاص طور تي اهو حصو، جيڪو بار برا ينگ سان لاڳاپيل آهي.
ذڪر ڪيل ستن سالن ۾ باربرا ۽ جبران ۾ ڪيترو گهرو تعلق رهيو، انھيءَ جو اندازو آهستي آهستي بار برا جي پنھنجي لکڻين مان ٿي وڃي ٿو.
باربرا ۽ جبران ڪڏهن بہ گڏ نہ رهيا. سندس نيويارڪ شھر ۾ ڌار فليٽ هو. هڪ واقعي جو ذڪر ڪندي هوءَ لکي ٿي تہ هڪ دفعي جڏهن هوءَ جبران جي دعوت تي سندس اسٽوڊيو پھتي تہ هو هڪ نظم لکي رهيو هو. نظم لکڻ وقت جبران جي عادت هئي تہ هو ڪمري ۾ پسار ڪندو رهندو هو ۽ جيئن ئي ڪو شعر مڪمل ڪندو هو، هڪدم ميز تي ويھي لکي وٺندو هو، ۽ ٻي مصرع لاءِ وري هيڏانھن هوڏانھن گهمڻ شروع ڪندو هو. جنھن مھل باربرا اسٽوڊيو ۾ داخل ٿي تہ ان وقت هو ميز تي ڪنڌ جهڪائي شعر لکي رهيو هو. ٿوري دير کان پوءِ هن اٿي عادت مطابق پسار ڪرڻ شروع ڪيا، بار برا ڪجهه گهڙين تائين خاموشيءَ سان تماشو ڏسندي رهي. آخري ڀيرو جڏهن هو ڪرسيءَ تان اٿيو تہ باربرا تڪڙ ۾ سندس ڪرسيءَ تي ويھي رهي ۽ قلم سنڀالي ورتائين.
جبران پنھنجي خيالن ۾ گم هو. جڏهن گهمندي گهمندي شعر مڪمل ٿيو تہ هو انھيءَ کي لکڻ لاءِ ميز ڏانھن آيو ۽ بار برا کي ڪرسيءَ تي ويٺل ڏسي حيران ٿي ويو. باربرا هڪدم چيو، ”تون شعر رچيندو وڃ، مان انھن کي لکندي وينديس“. ڪجهه بحث کان پوءِ جبران انھيءَ ڳالھہ لاءِ راضي ٿيو. جڏهن شعر مڪمل ٿيو تہ هو ڏاڍو خوش هو. چيائين، ”هاڻي اسان ٻہ شاعر ٿي ويا آهيون ۽ گڏجي ڪم ڪنداسين“. ٿورو ترسي وري چيائين، ”اسان پاڻ ۾ فقط دوست آهيون. نہ مان توکان ڪجهه گهران ٿو ۽ نہ تون مون کان ڪجهہ طلب ڪر. اسان ٻئي زندگيءَ ۾ ڀائيوار آهيون“.
گڏ ڪم ڪرڻ سبب هو هڪ ٻئي جي طبيعتن کان واقف ٿي ويا. باربرا سندس سوچ، فڪر ۽ ڪم کارن چڱي طرح واقف ٿي وئي تہ، هڪ ڏينھن هن پنھنجي ارادي جو اظھار ڪيو تہ هوءَ جبران بابت هڪ ڪتاب لکندي. اهو ٻڌي جبران ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ان وقت کان پوءِ اڪثر هو پنھنجي ننڍپڻ، ماءُ ۽ خاندان جو ذڪر ڪرڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي زندگيءَ جو ڪو واقعو بہ ٻڌائي ڇڏيندو هو.
باربرا لکي ٿي، ”هڪ دفعي جبران پڇيو ’فرض ڪر توکي ڪنھن نہ ڪنھن نموني يا جبر سان سمورا لفظ وسارڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي سواءِ ستن لفظن جي، تہ ٻڌاءِ ڪھڙا ست لفظ ياد رکڻ پسند ڪندينءَ؟‘ مان فقط پنج لفظ ڳڻائي سگهيس – خدا، زندگي، محبت، حسن ۽ زمين – ۽ جبران کان پڇيم ’تون ڪھڙا ٻہ لفظ چونڊيندين؟‘ هن جواب ڏنو ’سڀ کان ضروري ۽ اهم لفظ جيڪي ياد رکڻ جھڙا آهن، اهي آهن مان ۽ تون! اهي ٻہ لفظ نہ هجن تہ پوءِ ٻين لفظن جي ضرورت ئي نٿي رهي‘. ان کان پوءِ هن ست لفظ هيئن ڳڻايا، تون، مان، بخشش، خدا، محبت، حسن ۽ ڌرتي“.
ٻئي هنڌ باربرا لکي ٿي، ”جبران اسٽوڊيو ۾ نھايت سادو کاڌو کائيندو هو. خاص طور تي انھن ڏينھن ۾ جڏهن هڪ ٻئي پٺيان سندس دعوتون ٿينديون هيون. هڪ دفعي چيائين ’اولھائن ملڪن ۾ هڪ ئي وڏي ٿانوَ ۾ کاڌو کائڻ جو رواج آهي. اڄ اسان بہ هڪ وڏي پيالي ۾ سوپ ٿا پيئون. پوءِ کلندي هن سوپ جي وچ تي هڪ خيالي ليڪ ڪڍي ۽ چيائين ’هيڏانھن جو اڌ سوپ منھنجو ۽ هوڏانھن جو تنھنجو. ٻئي پنھنجي پنھنجي حصي جو سوپ پيئنداسين، ڪوئي ٻئي جي حصي ۾ مداخلت نہ ڪندو“.
هڪ ٻئي باب ۾ بار برا لکيو، ”هڪ شام جڏهن اسان ٻئي، ’سمنڊ ۽ گج‘ جي مسودي تي نظرثاني ڪري رهيا هياسين، مان سدائين جيان ڪرسي تي ويھڻ بجاءِ وهاڻا کڻي پلٿي هڻي هيٺ ويھي رهيس، تڏهن اوچتو مون کي پنھنجي انھيءَ حرڪت جو احساس ٿيو ۽ مون چيو، ’مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ ائين ئي نڄاڻ ڪڏهن کان مان تنھنجي اڳيان فرش تي ويٺي رهي آهيان‘. جبران وراڻيو، ’اسان هڪ هزار سالن ان ائين ئي گڏ ويٺل آهيون ۽ آئنده بہ هڪ هزار سالن تائين ائين ئي ويٺا رهنداسين‘.
”’يسوع – انسان جو پٽ‘ لکڻ وقت ڪڏهن ڪڏهن واقعن جو ڊرامائي تاثر ۽ جذباتي وهڪرو ايڏو شديد ۽ ڳوڙهو هوندو هو جو مان ان ۾ گم ٿي ويندي هيس ۽ بي اختيار منھنجي واتان نڪري ويندو هو، ’هي سڀ ڪجهہ ڪيڏو سچو ٿو لڳي؛ ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ ان وقت مان موقعي تي موجود هيس‘. ۽ جبران هڪدم وراڻيو هو، ’ها، بلڪل، تون اتي موجود هئينءَ – ۽ مان بہ موجود هيس‘“.
انھيءَ ڳالھہ جو ذڪر هتي بي وقتو نہ ٿيندو تہ خليل جبران جي موت کان ٻہ سال پوءِ منھنجي باربرا ينگ سان ڪليولينڊ جي شھر ۾ ملاقات ٿي وئي. باربرا پڇيو، ”عربي زبان سکڻ لاءِ ڪيتري وقت جي ضرورت پوندي؟“
وراڻيم، ”جيڪڏهن تون عربي ان ڪري ٿي سکڻ چاهين تہ جبران جا ڪتاب پڙهي سگهين يا انھن کي ترجمو ڪري سگهين، تہ انھيءَ لاءِ وڏو عرصو گهرجي. جبران ڪلاسڪ عربي لکي آهي، پر جيڪڏهن عام استعمال واري عربي سکڻ چاهين تہ ان ۾ گهڻو وقت نہ لڳندو. تڏهن بہ عربي ٻنھي صورتن ۾ ڪا سولي زبان ڪونھي“.
انھن ڏينھن ۾ مان قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ پڙهي رهيو هوس. ان ڪري مون کي نہ عربي سکڻ سان دلچسپي هئي ۽ نہ منھنجي ذهن ۾ خليل جبران تي ڪو ڪتاب لکڻ جو ارادو يا منصوبو هو. باربرا انھيءَ ملاقات ۾ مون کي اهو بہ ٻڌايو تہ هن پنھنجي تصويرن ۾ جتي بہ ڪو هٿ ٺاهيو آهي، اهو سندس ئي هٿ آهي.
خليل جبران جي سڀ کان مشھور پينٽنگ اهو هٿ آهي، جنھن جي تريءَ تي هڪ اک ٺھيل آهي. اها پينٽنگ فنيشيائي ديوي تانت ڏيکارڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي، لبنان ۾ ان ديويءَ جي نالي ٻہ شھر موجود آهن. اهو پوز، يعني تريءَ جي وچ تي اک، سڀ کان اڳ اتر آفريڪا ۾ ڪارئيج ۾ ڏٺو ويو، جتي اهو خليل جبران جي وڏن (فنيشيا وارن) سان گڏ پھتو. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تہ جبران لبنان ۾ اهڙي هٿ جو ڪو نشان ڏٺو هو، يا هڪجهڙائي فقط اتفاق آهي – يا گهڻو اڳ، جڏهن حضرت عيسيٰ اڃا پيدا نہ ٿيو هو تہ جبران ۽ بار برا موجود هيا ۽ لبنان ۽ ڪارٿيج ۾، تانت جي عبادت گاهن جي تعمير سندن سامھون ٿي هئي؟
باربرا لکي ٿي تہ هڪ دفعي ڪجهه عورتون جبران سان ملڻ آيون. انھن کانئس پڇيو تہ هن اڃا تائين شادي ڇو نہ ڪئي آهي؟
جبران وراڻيو، ”ان جو سبب اهو آهي تہ جيڪڏهن مان شادي ڪيل هجان ها ۽ ڪڏهن ڪو نظم لکڻ يا چتر ٺاهڻ ۽ مصروف هجان ها تہ، مون کي ڪيترن ڏينھن تائين هوش نہ هجي ها ۽ مان زال کي بلڪل وساري ڇڏيان ها. توهان ڄاڻو ٿيون تہ هڪ زال ٻيو تہ سڀ ڪجهہ برداشت ڪري سگهي ٿي، پر مڙس جي غفلت نہ. اهڙي حالت ۾ اسان هڪ ٻئي سان ڪيئن نباهي سگهون ها!“
هڪ عورت، جيڪا ڪجهه تيز هئي، انھيءَ جواب کان مطمئن نہ ٿي ۽ هڪ ٻيو سوال پڇي ورتائين، جيڪو ٻٽي معنيٰ وارو ۽ گهرو هو. هن پڇيو، ”تہ ڇا توهان ڪڏهن ڪنھن سان محبت ناهي ڪئي؟“
جبران ڏاڍي مشڪل سان پنھنجي جذبن تي قابو پاتو ۽ ڌيرج سان وراڻيائين، ”ٻڌ! مان توکي هڪ راز جي ڳالھہ ٿو ٻڌايان، جنھن جي شايد توکي اڳ ڄاڻ نہ هجي. هن ڌرتيءَ تي سڀ کان وڌيڪ حسن پرست ۽ عاشق مزاج تخليقي ڪم ڪندڙ فنڪار، شاعر، سنگ تراش، چترڪار ۽ موسيقار آهن. اها خصلت سندن رڳ رڳ ۾ سمايل آهي. سندن خيال ۾ جنس قدرت جي خوبصورت تحفي مثل آهي. جنس جي اندر سدائين سونھن ۾ شرم حياءُ سمايل هوندو آهي“.

سلميٰ ڪرامي
جبران ارڙهن سالن جو هو، جڏهن سندس چوڻ مطابق، محبت پنھنجي طلسمي شعاعن وسيلي سندس اکيون کوليون ۽ سلميٰ پھرين عورت هئي، جنھن کيس محبت جي مفهوم کان واقف ڪيو. جبران پنھنجي پھرين محبت جي باري ۾ هڪ ناول لکيو آهي، جيڪو عربي زبان ۾ آهي. جبران جنھن انداز ۾ انھن واقعن کي بيان ڪيو آهي، اهو سندس ئي ڪمال آهي. بھر:حال جبران جا سوانح نگار ۽ پاڙيسري انھيءَ ڳالھہ تي زور ڏين ٿا تہ، جبران جي زندگيءَ ۾ داخل ٿيندڙ پھرين ڇوڪري هالا الدهر هئي، ۽ ناول ۾ جن واقعن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اهي بيروت ۾ نہ، پر بشريٰ ۾ ٿيا هئا.
جبران، مارسارڪس جي خانقاھہ خريد ڪرڻ جو ارادو ڪيو، جتي هڪ دفعي سلميٰ ۽ سندس ملاقات ٿي هئي. اها خانقاھہ هڪ ٽڪريءَ اندر ٺاهي وئي آهي ۽ ڏاڍي محفوظ جاءِ آهي. انھن ڏينھن ۾ اتي پھچڻ لاءِ ڏاڪڻ جي ضرورت پوندي هئي. جبران جي ڀيڻ مريانا پوءِ اها خانقاھہ خريد ڪئي. هاڻي سياحن جي سھولت لاءِ، دروازي تائين پھچڻ لاءِ رستو ٺاهيو ويو آهي. جبران لکڻين ۽ ڪتابن مان ٿيندڙ آمدني گهر جي خرچ جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ هئي، تڏهن بہ مريانا پنھنجي ڀاءُ کي پنھنجي منصوبن کان نہ روڪيو ۽ کيس ڪوبہ اهڙو ڪم يا نوڪري ڪرڻ لاءِ نہ چيو، جيڪو سندس مستقبل يا ادبي ڪم ۾ رڪاوٽ بڻجي. هن پاڻ پراوا ڪپڙا سبي ۽ ڀرت ڀري گهر جو خرچ هلائڻ جو ذمو کنيو ۽ پاڻ سان گڏ ڀاءُ جو پيٽ بہ پاليو. هوءَ کيس لڳاتار تصويرون ٺاهڻ لاءِ زور ڀريندي هئي. ايتري تائين جو جبران وٽ نماءُ ڪرڻ لاءِ کوڙ تصويرون گڏ ٿي ويون. مريانا وٽ ايترا ڏوڪڙ نہ هيا، جن سان هوءَ پنھنجي ڀاءُ جي تصويرن جي نمائش ڪري سگهي، پر انھي مسئلي جو حل جبران پاڻ ڳولي لڌو. هن هڪ لبناني عورت کان ويھہ ڊالر اڌارا ورتا ۽ پنھنجي تصويرن جي نمائش جو انتطام ڪيو. اها نمائش ڏاڍي ڪامياب رهي. اها عورت ان وقت بوسٽن ۾ رهندي هئي ۽ اڄڪلھہ لبنان ۾ رهي ٿي.
جبران جي تعليم تي خرچ ٿيل ڏوڪڙ جلد ئي نفعي سان موٽڻ شروع ٿي ويا. جبران نہ فقط ادبي دنيا ۾ تهلڪو مچائي ڇڏيو، پر سندس گهر جي مالي حالت بہ سٺي ٿيڻ لڳي. جبران جي ڪتابن مان ملندڙ رائلٽيءَ جو اندازو ڏيڍ ملين ڊالر کان وڌيڪ آهي. اها رقم سندس اباڻي ڳوٺ بشريٰ موڪلي ويندي آهي.
خليل جبران پنھنجي ڀيڻ مريانا (ميري) لاءِ بہ چڱي وڏي رقم ڇڏي ويو، جيئن هوءَ زندگيءَ جا باقي ڏهاڙا سڪون سان گهاري سگهي. سندس ڀيڻ اڄ بہ بوسٽن ۾ رهيل آهي.

مريانا
جبران جي خاندان جڏهن لبنان کان هجرت ڪئي تہ، مريانا کان ڪنھن بہ نہ پڇيو تہ سندس مرضي ڇاهي؟ ڇو تہ هوءَ ننڍڙي هئي، ان ڪري کيس ڳالھائڻ يا راءِ ڏيڻ جو ڪوبہ حق نہ هو. وري کانئس ان وقت بہ صلاح نہ ورتي هئي، جڏهن سندس ڀاءُ کي لبنان واپس موڪليو ويو يا جڏهن هو يورپ جي دوري تي نڪتو، پر جڏهن خاندان تي ڏکيو وقت آيو ۽ سندس ماءُ، ڀيڻ ۽ گهر کي ڪمائي کارائڻ وارو ويڳو ڀاءُ هڪ هڪ ٿي، ٻن سالن اندر ٽِي. بِيءَ وگهي مري ويا، تڏهن سموريون ذميواريون سندس مٿان اچن پيون. هوءَ هن جڳ ۾ پنھنجي ڀاءُ خليل جبران سان اڪيلي رهجي وئي.
خليل جبران جي لکڻين ان وقت عرب دنيا ۾ باھہ ٻاري ڏني هئي ۽ سلطنت عثمانيه ۾ افراتفري متل هئي. مريانا انھيءَ حقيقت کان واقف هئي تہ ادبي عظمت ۽ شاهوڪاري زندگيءَ ۾ ڪڏهن اتفاق سان ئي گڏبيون آهن ۽ جيڪڏهن ائين ٿيندو بہ آهي تہ، زندگيءَ جي آخري حصي ۾ - جبران عربي تعليم حاصل ڪئي آهي، جتان لنگهي سياح جبران جي قبر تائين پھچندا آهن ۽ عقيدت جو اظھار ڪندا آهن. جبران پنھنجي زندگيءَ ۾ هتي اچڻ جي سڌ ڪئي هئي. عملي طرح ائين ڪري نہ سگهيو. پر موت کان پوءِ ان خانقاھہ ۾ دفن ٿيڻ کيس ضرور نصيب ٿيو.
جبران جي آخري خطن ۾ ان ڳالھہ جو ثبوت موجود آهي تہ آخري وقت ۾، سندس دل ۾ وچ اوڀر، لبنان، بشريٰ ۽ مارسارڪس کي هڪ وار ڏسڻ جي خواهش ڏاڍي شدت اختيار ڪري وئي هئي. هن مارسارڪس جي ٽڪريءَ تي بيھي واديءَ جي سرسبز کيتن، رڍن جي ڌڻن ۽ افق تي ڦھليل شفق جو نظارو ڪرڻ ٿي چاهيو. هن فطرت کي ويجهو کان ڏسڻ ٿي چاهيو.
سلميٰ سان پڙهندڙن جي ملاقات خليل جبران جي ناول ”ڀڳل کنڀڙاٽيون“ ۾ ٿئي ٿي. اها جبران جي پنھنجي محبت جي ڪھاڻي آهي ۽ اهو ڪتاب چاليھن سالن کان، عربي زبان ۾ سڀ کان گهڻو وڪامڻ وارن ڪتابن ۾ سرفهرست رهيو آهي.

مي ذيادہ
مي ذيادہ خليل جبران جي اهڙي پريمڪا هئي، جنھن سان هن فقط خطن وسيلي محبت ڪئي. زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ سندن ملاقات نہ ٿي. مي ذيادہ لبناني ڇوڪري هئي، پر سندس خاندان لڏي وڃي مصر ۾ رهيو هو. هوءَ ماءُ پيءُ جي اڪيلي اولاد هئي. هن شروعاتي تعليم وچ اوڀر ۾ حاصل ڪئي هئي، پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ يورپ وئي ۽ پنھنجي پيءَ جي رسالي سان گڏوگڏ عربي ۽ فرانسيسيءَ جي ٻين پرچن ۾ بہ مضمون لکڻ لڳي. سندس پيءُ جي گهر ۾ اڪثر ادبي گڏجاڻيون ٿينديون هيون، جن ۾ مصر جا ڪيترائي ناميارا ليکڪ شريڪ ٿيندا هئا. انھن ئي ڏينھن ۾ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ خليل جبران جا مضمون ڇپجڻ لڳا ۽ هر طرف انھن جو ذڪر ٿيڻ لڳو. مي ذيادہ جي گهر ۾ ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ جبران جي لکڻين تي تنقيد ۽ بحث ٿيڻ لڳو.
مي ذيادہ جبران جي فڪر ۽ خيالن کان متاثر ٿي ۽ هن کيس خط لکڻ جو ارادو ڪيو. ان خطري سبب تہ جبران هن جي خط کي بہ ڪنھن عام پڙهندڙ جو خط سمجهي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ نہ وجهي ڇڏي، مي ذيادہ خط جي شروع ۾ خانداني پس منظر سان گڏ، پنھنجو تفصيل سان تعارف ڪرايو ۽ لکيو تہ مصري معاشري تي سندس لکڻين جو ڪيڏو سٺو اثر ٿي رهيو آهي.
جبران سندس خط جو هڪدم جواب ڏنو. هن مي ذيادہ جي تحرير ۽ خيالن جي تعريف ڪئي ۽ سندس حوصلا افزائيءَ سان گڏوگڏ ان ڳالھہ لاءِ کيس مبارڪون بہ ڏنيون تہ هوءَ وچ اوڀر ۾ عورتن جي آزاديءَ لاءِ قدر لائق ڪم ڪري رهي آهي. هن کيس لکيو تہ هو ڌار پارسل ۾ پنھنجو نئون ڪتاب ”ڀڳل کنڀڙاٽيون“ بہ کيس موڪلي رهيو آهي. انھيءَ سان گڏ هن پنھنجي ڪتاب لاءِ ”ڀڳل کنڀڙاٽيون“ عنوان چونڊڻ جي وضاحت ڪندي لکيو، ”مون پنھنجي ڪردار ۽ طبيعت جو نوي سيڪڙو حصو پنھنجي ماءُ کان ورثي ۾ پاتو آهي. انھيءَ جو اهو مطلب ناهي تہ مون سندس فطري حسن، نهٺائي ۽ عظيم دل جو وڏو حصو ورثي ۾ پاتو آهي. مون کي چڱي طرح ياد آهي تہ جڏهن مان ايڪويھن سالن جو هوس، تہ هڪ دفعي ماءُ مون کي چيو تہ جيڪڏهن مان ڪنھن خانقاھہ ۾ هيڪڙائي اختيار ڪري، دنيا تياڳي راهب ٿي وڃان تہ اهو نہ فقط منھنجي ذات پر ٻين لاءِ بہ لاڀائتو ٿيندو“.
مون چيو، ”اهو سچ آهي، ۽ هي بہ سچ آهي تہ مون هن دنيا ۾ اچڻ کان اڳ ئي توکي ماءُ چونڊي ورتو هو“.
هن چيو، ”جيڪڏهن تون جنم نہ وٺين ها تہ فرشتو هجين ها“.
وراڻيم، ”مان تہ هاڻي بہ هڪ فرشتو آهيان“.
هن مرڪي پڇيو، ”چڱو – پر تنھنجيون کنڀڙاٽيون ڪٿي آهن؟“
مون سندس هٿ کڻي پنھنجي ڪلھن تي رکيا ۽ چيم، ”هي منھنجيون کنڀڙاٽيون آهن“.
هن تڪڙ ۾ چيو، ”پر هي تہ ڀڳل آهن!“
جبران خط جي پڇاڙيءَ ۾ لکيو، ”منھنجي ماءُ اڄ مون کان دور افق جي ٻئي پار هلي وئي آهي، پر سندس واتان نڪتل لفظ، ڀڳل کنڀڙاٽيون – منھنجي يادگيريءَ ۾ سدائين محفوظ رهيا ۽ اڄ مان انھن کي پنھنجي ناول جي عنوان طور ڪم آڻي رهيو آهيان. هڪ ڪاپي توکي موڪلي رهيو آهيان. ڪتاب بابت تنھنجي راءِ ڄاڻڻ چاهيندس“.
مي ذيادہ ڪتاب بابت پنھنجيءَ راءِ لکي موڪلي. هن ڪتاب جي تعريف ڪئي، پر ساڳئي وقت جبران جي خيالن سان شديد اختلاف ڪيو ۽ انھن تي تنقيد ڪئي. خليل جبران پنھنجي ڪھاڻيءَ ۾ هڪ عورت جو ذڪر ڪيو هو، جيڪا پرڻيل هئڻ جي باوجود لڪ ڇپ ۾ پنھنجي عاشق سان ملندي هئي. ميءَ لکيو، ”ظاهري طور تي کڻي سندس فعل ڪيترو بہ معصوم نظر ايندو هجي، پر حقيقت ۾ اهو سندس مڙس سان بي وفائيءَ برابر آهي. اهو عورت جي پوتر نالي تي ڪارهن جو چُٽو، ۽ معاشري جي منھن تي داغ آهي“.
انھن ئي ڏينھن ۾ مصري دانشورن لبنان جي هڪ شاعر، جيڪو بعلبڪ جو رهاڪو هو، جي اعزاز ۾ هڪ آجياڻي جو پروگرام رٿيو. جبران کي بہ ان ۾ شريڪ ٿيڻ جي نينڍ ملي، پر هو ڀاڙي جا پئسا نہ هئڻ سبب شريڪ ٿي نہ سگهيو. هن پنھنجو هڪ مقالو ”بعلبڪ جو شاعر“ موڪلي ڏنو. آجياڻي جو انتظام ڪندڙ کي جبران ۽ مي ذيادہ جي خطن جي ڏي وٺ بابت ڄاڻ هئي، تنھن ڪري هن مي کي عرض ڪيو تہ هوءَ گڏجاڻيءَ ۾ جبران جو مقالو پڙهي ٻڌائي. مي ذيادہ جو ڪنھن ميڙ ۾ مقالو پڙهڻ جو هي پھريون موقعو هو، پر ان هوندي بہ هن پنھنجي ادائيگيءَ جي انداز سبب ٻڌندڙن کان خوب داد حاصل ڪيو.
مي ذيادہ ۽ جبران وچ ۾ خطن لکڻ جو سلسلو لڳ ڀڳ اڻويھن سالن تائين، جبران جي مرڻ گهڙيءَ تائين هليو. مي ذيادہ جا سمورا خط پيار پريت جون ڪھاڻيون ئي نہ هئا، پر هوءَ اڪثر سندس لکڻين تي تنقيد ڪندي هئي ۽ کيس مختلف موضوعن تي لکڻ جي ترغيب پڻ ڏيندي هئي.
مي ذيادہ هڪ دفعي جبران کي لکيو، ”نئون ترڪ گورنر لبنان پھچي ويوآهي ۽ اچڻ شرط هن پراڻن ماڻھن کي سندن عهدن تان هٽائڻ شروع ڪري ڏنو آهي. لبناني سندس اڳيان ڪنڌ نوائي رهيا آهن. اسان ۾ آخر جرئت وارا ماڻھو ڪڏهن پيدا ٿيندا؟ لبنان واسي پنھنجي ڳچيءَ تان بدناميءَ جو ڳَٽُ آخر ڪڏهن لاهيندا؟ تون انھيءَ موضوع تي ڇو نٿو لکين؟ ماڻھو تنھنجون لکڻيون شوق سان پڙهندا آهن ۽ انھن جو قدر ڪندا آهن. جبران! خدا جي واسطي کين اهو ياد ڏيار تہ هو بہ انسان آهن ۽ پنھنجو پاڻ کي ان حد تائين ڪيرائي انسانيت کي ذليل نہ ڪن.
جبران ان موضوع تي خيالن جو اظھار ڪندي جواب ڏنو، ”افسوس – افسوس ان قوم تي، جيڪا دهلن دمامن سان پنھنجي فاتحن جو استقبال ٿي ڪري. افسوس آهي ان قوم تي، جيڪا ننڊ ۾ تہ ڪنھن پابنديءَ يا دٻاوَ جو تصور نٿي ڪري، پر جاڳندي ان کي ڳچيءَ ڳانو سمجهي قبول ٿي ڪري – افسوس آهي ان قوم جي حالت تي، جيڪا فقط تابوتن ۽ جنازن پويان قبرستانن ۾ رڙ واڪو ڪرڻ لاءِ ٿي وات کولي - ۽ افسوس آهي ان قوم تي، جيڪا ان وقت بغاوت ٿي ڪري، جڏهن ڦاهيءَ جو رسو سندس ڳچيءَ ۾ وڌو ٿو وڃي“.
جبران مي ذيادہ کي آمريڪا اچڻ جي ڪانڍ ڏني. هن اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو تہ، هوءَ عورت آهي ۽ مروج رسمون کيس اڪيلو سفر ڪرڻ جي اجازت نٿيون ڏين، پر جبران پاڻ اچڻ چاهي تہ خوشيءَ سان مصر اچي سگهي ٿو. جبران ان جوابي نينڍ جو جيڪو جواب ڏنو، ان جو هڪ ٽڪرو پڙهي ڏسو:
”مان پنھنجي مالي حالت بابت ڇا لکان! سال ٻہ اڳي مون کي ڪيڏي خاموشي، تنھائي ۽ سڪون حاصل هو! پر هاڻي اهو سڪون ۽ خاموشي وڏي آواز واري گوڙ ۾ بدلجي ويا آهن. هڪ نہ ختم ٿيندڙ جدوجھد ۽ آزمائش. ماڻھو منھنجي ڏينھن رات جا دعويدار بڻجي ويا آهن. سندن مطالبا ڏينھون ڏينھن وڌندا ٿا وڃن. انھن کان بچڻ لاءِ مان اڪثر هن وڏي شھر کان ٻهراڙين ڏانھن ڀڄي ويندو آهيان ۽ پنھنجو پاڻ کان فرار حاصل ڪندو آهيان. آمريڪي ڏاڍا سخت جان ۽ سگهارا آهن. اهي ٿڪجن اصل نٿا. اهي نہ سمهن ٿا ۽ نہ خواب ٿا ڏسن. جيڪڏهن ڪنھن کي پسند نٿا ڪن تہ کيس لنوائي تباھہ ڪري ٿا ڇڏين ۽ جيڪڏهن کين ڪو وڻي وڃي تہ پنھنجي چاهنا جي اڻ مئي اظھار ۽ مطالبن سان سندس ساھہ منجهائي ٿا ڇڏين. شايد ڪڏهن اهو ڏينھن اچي، جو مان بحري جھاز ۾ ويھي وچ اوڀر وڃي سگهان. مون پنھنجن هٿن سان پورهيو ڪيو آهي. مان وچ اوڀر ڏانھن ويندڙ پھرين سامونڊي جھاز ۾ ويھي هليو بہ وڃان ها، پر ڇا انسان پنھنجي مرضيءَ سان بہ ان جاءِ کي ڇڏيندو آهي، جنھن جي هڪ هڪ پٿر کي هن پنھنجي هٿن سان گهڙيو هجي ۽ ان کي چمڪائڻ لاءِ سڄي ڄمار گذاري ڇڏي هجي. پوءِ کڻي اها جڳھہ سندس لاءِ قيد خانو ئي ڇو نہ ٿي وڃي!“
مي ذيادہ پنھنجي خط ۾ لکيو، ”مان نٿي ڄاڻان تہ مان ڇا پئي ڪيان، پر ايتري خبر ضرور اٿم تہ مون کي توسان پيار آهي. مون محبت سان ڪجهه وڌيڪ اميدون لاڳاپي ڇڏيون آهن ۽ ڊپ اٿم تہ منھنجون سموريون اميدون ڪڏهن بہ پوريون نہ ٿينديون. مان ڪيڏي جرعت ۽ منھن جي پڪائيءَ سان اهي سڀ ڳالھيون توکي لکي رهي آهيان. سامھون ويھي زبان سان نہ چئي رهي آهيان. جيڪڏهن هن مھل تون منھنجي سامھون هجين ها تہ اهڙيون ڳالھيون ڪرڻ کان پوءِ مان ڪڏهن بہ توکي پنھنجو منھن نہ ڏيکاريان ها ۽ جيسين تون منھنجون سڄيون ڳالھيون وساري نہ ڇڏين ها، مان تنھنجي سامھون نہ اچان ها. مان پنھنجي جرعت ۽ بي باڪيءَ تي شرمسار آهيان. انھيءَ ڳالھہ کي ڇڏي، تہ منھنجون ڳالھيون ٺيڪ آهن يا غلط – منھنجي دل توسان آهي ۽ سڄي زندگي توسان گڏ ڌڙڪندي“.
مي ذيادہ جي دل کي گهڻو ڌڙڪڻ جي تڪليف ڪرڻي نہ پئي، جلد ئي جبران جو آخري وقت اچي ويو، سندس صحت تيزيءَ سان خراب ٿي رهي هئي. هن لکيو، ”تون ڄاڻين ٿي مي، هر دفعي جڏهن مان هتان وڃڻ جو تصور ڪندو آهيان، يعني پنھنجي موت جو، تہ مون کي هڪ اڻڄاتل عجيب سرهائيءَ جو احساس ٿيندو آهي ۽ مان ذهني طور تي پاڻ کي ان آخري سفر لاءِ تيار محسوس ڪندو آهيان“.
نيٺ جبران 1931ع ۾ پنھنجي آخري سفر تي روانو ٿيو. ان وقت سندس ڄمار ستيتاليھہ سال هئي.

مھاڳ

---

الطاف شيخ: سفرنامن جي شيلف ڀريندڙ ليکڪ

(الطاف شيخ جي ڪتاب ”بمبئي منھنجي ڀاڪر ۾“ جو مھاڳ)

ڪنھن زماني ۾ سنڌي ادب جي سفرنامي واري حصي ۾ اهڙي کوٽ موجود هئي، جھڙي کوٽ سنڌي ادب جي ناول واري حصي ۾ اڄ تائين بہ موجود آهي. ڪڏهن ڪڏهن ئي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سفرنامو شايع ٿيندو هو، پر جڏهن الطاف شيخ دنيا جي سفر تي نڪتو، تہ سنڌي ادب جي سفرنامن واري شيلف ۾ ڪتاب وڌندا ئي ويا. جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن ٻئي ليکڪ جو سفرنامو بہ نظر اچي ٿو، پر الطاف شيخ جي لڳاتار سفر ۽ سفرناما لکڻ ڪري، سنڌي ادب جي سفرنامن واري شيلف ۾ ايترا ڪتاب موجود آهن، جو هاڻي اها خالي نٿي لڳي.
دنيا تہ گهڻائي ماڻھو ڏسن ٿا ۽ اهي گهمي ڦري، ڏسي وائسي، کائي پي، عياشيون ڪري موٽي اچن ٿا، پر الطاف شيخ پنھنجي هر سفر جون يادگيريون کڻي موٽي ٿو ۽ جڏهن هو اهي يادگيريون سنڌ واسين سان ونڊي ٿو، تہ سنڌي ادب ۾ هڪ نئين ڪتاب جو واڌارو بہ ڪري ٿو. سندس اهو سلسلو چاليھن سالن کان وڌيڪ عرصي کان جاري آهي ۽ ستر کن ڪتاب سنڌي ادب کي ڏئي چڪو آهي، پر هن ڪڏهن بہ ڪو نماءُ يا نعريبازي ناهي ڪئي. سندس سنڌ سان محبت ڪنھن بہ نعري کان مٿاهين آهي. پنھنجي مٽيءَ سان محبت سندس خمير ۾ موجود آهي ۽ دنيا جا داستان ٻڌائيندي بہ سنڌ کي ساريندو رهي ٿو. هو ڏورانھن ڏيھن جا سفر ڪندي بہ نہ فقط سنڌ کي ساري ٿو، پر جڏهن انھن ملڪن جا احوال اوري ٿو تہ گڏوگڏ سنڌ جو ذڪر بہ ڪندو رهي ٿو. هو دنيا جي جنھن بہ ڪنڊ ۾ هجي، سنڌ سندس سار ۾ رهي ٿي. اهوئي سبب آهي تہ سندس ڪيترن ڪتابن جا نالا ڏيھہ کان پرڏيھہ جي عڪاسي بہ ڪن ٿا. جيئن، ”مڪليءَ کان ملاڪا تائين“، ”ملير کان مالمو“، ”ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن“، ”نيو هالا کان نيويارڪ“، ”ڪراچيءَ کان ڪوڪورا“ ۽ ”بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور“.
هڪ سياح ۾ نہ فقط ڪنھن ماڳ کي ڏسڻ جو تجسس موجود هجڻ گهرجي، پر ڪنھن نئين سماج، شھر ۽ ملڪ کي پنھنجائپ واري انداز سان ڏسڻ ۽ پرکڻ جي صلاحيت بہ هجڻ گهرجي، جيڪا بيشڪ تہ الطاف شيخ وٽ آهي. جيئن هن سفرنامي جي پھرين ئي صفحي تي الطاف لکيو آهي، ”پيدل پنڌ، آٽو رڪشا ۾، بسن ۾، جئه موتياڻي، ريٽا شھاڻي ۽ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ جي شاگرد ڀوڄراج ليکواڻيءَ جي ڪارن ۾ ۽ ويندي چندرو موهيناڻيءَ جي موٽر سائيڪل تي، پوني جي رستن تي ايترو هليو آهيان، جو هيءَ بس جڏهن پوني ڇڏي رهي آهي، تہ خاص چوراهن ۽ روڊن جا نالا منھنجي زبان تي ائين اچي رهيا آهن، ڄڻ پوني نہ پر حيدرآباد مان گذري رهيو هجان.“ اسان جو هي سنڌباد سيلاني الطاف، جيڪو ڪجهہ ڏسي پَسي ۽ محسوس ڪري ٿو، سو جيئن جو تيئن اسان سان ونڊيندو رهي ٿو.
هن سفرنامي ۾ جتي بمبئيءَ جي روڊن رستن، درگاهن، اسپتالن، يونيورسٽين، لائبريرين جو ذڪر آهي، اتي بمبئيءَ جي راڳين، اداڪارن، سئنيمائن، فلمن، فلم اسٽوڊيوز جو ذڪر بہ ملي ٿو. الطاف پنھنجي پڙهندڙن کي بمبئيءَ جو سير ڪرائيندي جتي بمبئيءَ جي تاريخ تي نظر وجهي ٿو، اتي هو بمبئيءَ سان لاڳاپيل سنڌ جي تاريخ جا ورق بہ ورائي ٿو، جو انگريزن جي دور ۾ هڪ وڏي عرصي تائين سنڌ، بمبئيءَ سان لاڳاپيل رهي هئي ۽ 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪيو ويو هو. هي ڪتاب پڙهندي نہ فقط ڄاڻ ملي ٿي، پر پڙهندڙ پاڻ کي بمبئيءَ جي گهٽين ۾ گهمندي بہ محسوس ڪندو، تہ الطاف جي اثرائتي تحرير سبب ماڻھن سان ملندي بہ محسوس ڪندو. هن ڪتاب ۾ جتي ٻين ڪيترن ئي اهم توڙي ناميارين شخصيتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اتي مشھور ناول ”شانتا رام“ جي آسٽريلوي ليکڪ گريگري ڊئوڊ رابرٽس جو ذڪر بہ انتھائي دلچسپ انداز سان موجود ملي ٿو. ناول نگار رابرٽس، جيڪو هڪ مشھور ڌاڙيل مان ليکڪ بڻيو هو ۽ اڄڪلھہ بمبئيءَ ۾ رهي ٿو.
بمبئيءَ ۾ تہ منھنجو دوست منوهر مٽلاڻي بہ رهي ٿو، جنھن بابت گذريل چوٽيھن سالن کان مان لاعلم هئس. منوهر جي 1977ع ۾ لاڙڪاڻي کان هليو وڃڻ کان پوءِ، مون کي ڪابہ خبر نہ هئي تہ هو ڪٿي آهي! پر الطاف شيخ جي هن سفرنامي ”بمبئي منھنجي ڀاڪر ۾“ مون کي منھنجو وڇڙيل دوست ڳولي ڏنو آهي. الطاف پاران اِي ميل ڪيل هن ڪتاب جو مواد پڙهندي مان اوچتو ڇرڪي پيس. هن ڪتاب مان ئي مون کي پھريون ڀيرو خبر پئي آهي تہ هند جو ناميارو سنڌي ليکڪ ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي گهر سامھون رهندڙ اهوئي ٻلديو آهي، جنھن جي امڙ ڪوشيلا منھنجي امڙ جي سھيلي هئي ۽ منھنجو دوست منوهر، جيڪو ٻلديو جو ننڍو ڀاءُ آهي، اهو بہ ليکڪ ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو پروفيسر آهي ۽ منوهر مٽلاڻيءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. عجيب اتفاق آهي تہ منھنجو دوست منوهر، بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ اهوئي ساڳيو سنڌي سبجيڪٽ پڙهائي ٿو، جيڪو حيدرآباد (سنڌ) جي هڪ ڪاليج ۾ مان پڙهايان ٿو!
هي مھاڳ لکندي منھنجون اکيون آليون ٿي ويون آهن پنھنجي ننڍپڻ جي دوست منوهر کي ياد ڪري، جنھن سان گڏ نہ فقط لاڙڪاڻي شھر ۾ رلندو هوس، پر روز شام جو اسان پاڙي جي ٻين ڇوڪرن سان گڏ رانديون بہ ڪندا هئاسين. سچ تہ مان الطاف شيخ جو ٿورائتو آهيان، جنھن هن ڪتاب ۾، منھنجي ننڍپڻ جي هڪ وڇڙيل دوست سان مون کي ملايو آهي. جيڪڏهن وقت ۽ قسمت ساٿ ڏنو، تہ مان الطاف شيخ جي پيچري تي هلي، ڪڏهن پنھنجي ننڍپڻ جي وڇڙيل دوست منوهر مٽلاڻيءَ سان ملڻ بمبئي يونيورسٽيءَ ضرور ويندس ۽ جنھن ڏينھن مون منوهر کي ڀاڪر وڌو، تڏهن سمجهندس تہ سڄي ”بمبئي منھنجي ڀاڪر ۾“ بہ آهي!
سفر انسان تعليم خاطر ڪري، ڌنڌي روزگار لاءِ يا سياحتي مقصد سان، سفر جو مزو هو تڏهن ماڻي سگهي ٿو، جڏهن هن وٽ تجسس هجي ٿو. الطاف شيخ وٽ تہ تجسس واري اها نظر آهي، جو باقي دنيا تہ ڇڏيو، پر جڏهن هو سنڌ ۾ بہ ڪيڏانھن وڃي ٿو تہ سندس اکين ۾ هڪ سياح وارو تجسس هجي ٿو. اهوئي سبب آهي تہ مان حيدرآباد جي جنھن علائقي قاسم آباد ۾ رهان ٿو، ان علائقي جو ذڪر الطاف شيخ جي ڪتاب ”چنڊ چوانءِ سچ“ ۾ پڙهيو هوم تہ ائين لڳو هو، ڄڻ منھنجي اوڙي پاڙي جا رستا هڪ نئين انداز سان مونکي الطاف شيخ ڏيکاريا هجن! ويجهڙائيءَ ۾ هڪ ڏينھن الطاف حيدرآباد آيو تہ اهو سڄو ڏينھن مان ساڻس گڏ هيس. کيس ڪجهہ ليکڪ دوستن سان ملڻو هو، جن جا گهر منھنجا ڏٺل هئا، ان ڪري مان ڄڻ قاسم آباد ۽ سندس گائيڊ ٿي ساڻس گڏ هليو هئس. قاسم آباد جي انھن ساڳين ئي رستن تان، جتان اڳ بہ الطاف ڪيئي ڀيرا گذريو هوندو ۽ جن رستن جو هن پاڻ پنھنجي ڪتاب ۾ ذڪر بہ ڪيو آهي، انھن ئي رستن تي هو بار بار گاڏي روڪرائي هيٺ لھي ٿي پيو ۽ مون کي بہ ٻانھن کان ڇڪي، ڪنھن نہ ڪنھن واٽ ويندڙ کي پنھنجون ٻہ ڪئمرائون ڏئي، ٻنھي ڪئمرائن سان فوٽو پئي ڪڍرايائين! مون کي پڪ آهي، تہ جيڪڏهن ان ڏينھن کي ساريندي الطاف ڪجهہ لکيو، تہ سندس اها تحرير پڙهندي مون کي اهوئي محسوس ٿيندو تہ، ڄڻ ان ڏينھن مان هن جو گائيڊ نہ هيس، پر هو منھنجو گائيڊ هيو ۽ هن منھنجي رهڻ وارو علائقو مون کي هڪ نئين (تجسس سان ڀريل سياح واري نظر) سان ڏيکاريو هجي!
منھنجا ڪيترائي شاگرد هن وقت عرب امارتن کان وٺي برطانيا ۽ آمريڪا تائين موجود آهن. انھن مان اڪثر اهو ٻڌائن ٿا تہ کين الطاف شيخ جا سفرناما پڙهي پرڏيھہ وڃڻ لاءِ اتساھہ مليو، منھنجو هڪ واپاري مائٽ هر سال دنيا جو ڪو نئون ملڪ گهمڻ ويندو آهي. هو جڏهن بہ ڪنھن نئين ملڪ جي سفر جي تياري ڪندو آهي، تہ ان ملڪ ڏانھن اُسھڻ کان پھرين مون کان پڇندو آهي تہ انھيءَ ملڪ بابت الطاف شيخ جو ڪو سفرنامو آهي؟ ۽ جڏهن مان الطاف جي ڪتابن ۾ هٿ وجهندو آهيان، تہ ان ملڪ بابت ڪونہ ڪو سفرنامو موجود هوندو آهي. ڪجهہ ملڪن بابت تہ الطاف شيخ جا هڪ کان وڌيڪ سفرناما شايع ٿيل آهن، جيئن سندس هيءُ ڪتاب ”بمبئي منھنجي ڀاڪر ۾“، هندستان بابت سندس ٽيون ڪتاب آهي. دنيا جي اڪثر اهم ملڪن ۽ ماڳن جو ذڪر الطاف جي ڪتابن ۾ ملي ٿو. توهان کي آمريڪا وڃڻو هجي يا انگلينڊ، يونان ڏسڻ جو شوق هجي يا اٽليءَ اُسھڻو هجي، سنگاپور ڏسڻ جي سَڌَ هجي يا هانگ ڪانگ جي، ايران جي مذهبي ماڳن ڏسڻ جي خواهش هجي يا ڀلي پار تان ڀيري جي، هر ملڪ بابت نہ فقط تفريح، پر معلومات سان ڀرپور الطاف شيخ جو ڪونہ ڪو ڪتاب ضرور ملي ويندو. سندس سفرناما دنيا ڏسڻ لاءِ ”پَرَ سھائيندڙ“ نوجوان بہ پڙهن ٿا، تہ دنيا ڏسڻ جي حسرت رکندڙ ”پر وڃايل“ ۽ گهرن تائين محدود ٿيل پوڙها بہ.
وقت سان گڏ الطاف شيخ جي سفرنامن ۾، تفريح سان گڏ ڄاڻ جو عنصر بہ وڌندو رهيو آهي. اهوئي سبب آهي تہ اڳي سندس ڪرائون سائيز ۾ ڏيڍ ٻہ سؤ صفحن جا ننڍا ڪتاب ڇپبا هئا، پر هاڻي سندس ڪتابن جي سائيز وڌڻ (ڊيمي سائيز ٿيڻ) سان گڏ انھن جي صخامت بہ وڌندي رهي آهي. سندس ڪي ڪتاب تہ 500 صفحن کان بہ مٿي جا آهن. نتيجي طور هو پڙهندڙ جي ذهن کي تفريح ۽ ڄاڻ سان سيراب ڪري ٿو ۽ پڙهندڙ تشنگي نٿو محسوس ڪري. الطاف جي تحرير جي ٻي خوبي سندس ٻولي بہ آهي. بيشڪ تہ سندس زندگيءَ جو وڏو عرصو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ۽ مختلف ٻوليون ڳالھائيندڙن سان گذريو آهي. مسلسل سفر بجاءِ ڪنھن ملڪ ۾ هو سالن جا سال بہ رهيو آهي، پر ان جي باوجود الطاف جي پنھنجي ٻوليءَ ۾ بگاڙ ناهي آيو. هو عام ڳالھائجندڙ سنڌي ڳالھائي ۽ لکي ٿو، ان ڪري سندس سفرناما عام پڙهندڙن ۾ ڏاڍا مقبول بہ آهن.
چون ٿا تہ هر ماڻھوءَ جي هٿَ – تِريءَ تي قسمت جي ٻين ريکائن سان گڏ، سفر جي لڪير بہ هجي ٿي. مون کي هٿ ڏسڻ تہ ناهي ايندو، پر هاڻي جڏهن بہ الطاف شيخ سان ملاقات ٿي، تڏهن سندس هٿ تي سفر واري ليڪ ضرور ڏسندس، تہ اها ڪيتري طويل آهي، جو پاڻيءَ واري جھاز تي نوڪريءَ وارو سڄو عرصو سفر ڪرڻ کان پوءِ بہ، سندس سفر کٽي ئي نٿو! هو نوڪريءَ تان تہ ڪي سال اڳ رٽائر بہ ٿي چڪو، پر سندس سفر اڃا بہ جاري ساري آهي.
دعا آهي تہ سندس هٿ تي سفر جي لڪير سلامت رهي، جيئن اسان جي هٿن ۾ سندس سفرناما پھچندا رهن.۽ آخر ۾ هڪڙي ڳالھہ.... تہ جديد سنڌي ادب جي ٻن شعبن تي ٻہ شيخ بنا ڪنھن شڪ شبهي جي ڇانيل آهن، شاعريءَ تي شيخ اياز تہ سفرنامن تي الطاف شيخ.

(22 فيبروري 2011ع)

امر جليل: ليکڪن جو ليکڪ

(امرجليل جي ڪتاب ”دل جي دنيا“ جي چوٿين ايڊيشن جو مھاڳ)

”هر لکيل لفظ کي پڙهندڙ ۽ هر ڳالھايل لفظ کي ٻڌندڙ ملي ويندو آهي. سنڌ جي سوين ليکڪن مان، امر جليل هڪ ليکڪ آهي.“
اها راءِ آهي، امر جليل جي پنھنجي باري ۾- امر، اهي لفظ اَٺ سال اڳ مون کي هڪ خط ۾ لکيا هئا، پر مان، سندس هڪ پڙهندڙ ۽ جونيئر سھيوڳي لکندڙ جي حيثيت ۾، اهو چوندس تہ امر جليل سوين ليکڪن مان هڪ ليکڪ نہ، پر سوين ليکڪن جو ليکڪ آهي، جنھن ڪيترن ئي نئين ٽهيءَ جي مون جھڙن ليکڪن کي، ادب جي ميدان ۾ اتساهيو آهي. امر جليل، پاڻ کان پوءِ ادب ۾ پير پائيندڙ هر ڪھاڻيڪار/ ليکڪ کي سڌي يا اڻ سڌي طرح متاثر پئي ڪيو آهي. منھنجي ٽهيءَ جي ڪيترن ليکڪن امر جليل جي اسٽائيل ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي/ لکيو، پر انھن مان ڪنھن کي بہ، انھيءَ مڃتا جو ڪو حصو بہ پلئہ نہ پيو، جيڪا مڃتا پڙهندڙن کان امر کي ملي!
چيو ويو، ”امر جليل جون تحريرون سنڌي ادب جو پرائيمر آهن.“
مان سمجهان ٿو، اها امر لاءِ ڀرپور مڃتا آهي. پرائيمر جي پيچري تان گذرڻ کان سواءِ، علم ۽ ادب جو ڪوبہ دروازو نٿو کلي. امر، سدائين ادب جي شاهراھہ تي ايندڙن لاءِ سنگ ميل جو ڪم ڏنو آهي. هر نئين ايندڙ کي واٽ ڏسي آهي. سندس لکڻين، ادب جي دنيا ۾ اک پٽيندڙن لاءِ ٿڃ جي پھرين گوهي جو ڪم ڏنو آهي.
سنڌي ادب ۾، جتي ڪنھن ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن ڇپجڻ کي بہ اهم واقعو سمجهيو ويندو آهي، اتي ڇا ڪنھن ڪتاب جو چوٿون ايڊيشن ڇپجڻ حيرت جھڙي ڳالھہ ناهي؟ پر هن ڪتاب جي سلسلي ۾، مان انھي ڳالھہ کي حيرت جھڙي ڳالھہ ان ڪري نہ چوندس، تہ جيتوڻيڪ ”دل جي دنيا“ ۾ شامل ڪھاڻيون، ون يونٽ واري دور ۾، اڄ کان ٻاويھہ- ٽيويھہ سان اڳ لکيون ويون هيون، پر لڳي ٿو، ڄڻ اهي اڄ جون ڪھاڻيون آهن. (انڪري، تہ ڪجهہ بہ ناهي بدليو. سڀ ڪجهہ ساڳيو آهي. فقط چھرا بدلجي ويا آهن ۽ اهي چھرا تھائين وڌيڪ ڀوائتا ۾ مڪروھہ آهن. نہ فقط اهو، پر اڄ سنڌ کي ڌاڙيلن ۽ دهشتگرن جي ٻن پڙن وچ ۾ پيٺو بہ پيو وڃي.) پر، امر سان ذاتي ڪچھرين ۾، مون کي سدائين اهو محسوس ٿيو آهي، تہ کيس انھيءَ ڳالھہ تي خوشي بجاءِ ڏک آهي، تہ چوٿائي صدي گذرڻ کان پوءِ بہ سندس ڪھاڻيون ماضي جو ذڪر نہ، پر حال جو حصو آهن! امر جو اهو ڏک سڀاويڪ آهي، ڇو تہ هو ذاتي امرتا لاءِ نہ، پر سنڌ جي آجپي لاءِ سوچيندڙ ليکڪ آهي.
ڪلچر ڊپارٽمينٽ واري لوڪ ميلي ۾، آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾، امر جليل سان اوچتي ملاقات ٿي وئي هئي. هڪ ٿَلھي تي ڪچھري ڪرڻ وڃي ويٺا هئاسين. ڳالھہ ڳالھہ تي ٽھڪ ڏئي ٽڙي پوندڙ امر، جڏهن قاسم آباد ۾ پنھنجن هٿان ٿيندڙ زيادتين جون ڳالھيون ٻڌيون هيون، تہ سندس جيءُ جهري پيو هو. سندس گهرا گهرا نيڻ ڪنارن تائين ڀرجي آيا هئا. ڌرتي جو دک سندس پنبڻين مان لياڪا پائڻ لڳو هو.
امر جليل، اسلام آباد جي آکاڙي ۾ بيھي، جانبدار ريفرين جي وچ ۾، پنھنجي/ سنڌ جي ڳالھہ ڪئي آهي. وٺ پڪڙ، دڙڪن دهمانن، ڪيسن ۽ آڏين پڇائن کان پوءِ بہ هو ڪڏهن ميدان جڏهن ڀڳو ناهي. هو لڳ ڀڳ ٽيھن سالن کان لڳاتار لکي رهيو آهي- مختلف محاذن تي وڙهي رهيو آهي. هن، نہ فقط سنڌي، پر اردو ۽ خاص ڪري انگريزيءَ ۾ لکي. سنڌ جي آواز لاءِ ڄڻ مائيڪرو فون جو ڪم ڪيو آهي.

(4- نومبر 1991ع)

رفيق سومرو: ذهين ۽ باشعور ليکڪ

(رفيق سومري جي ڪتاب ”مٽيءَ سندو مامرو“ جو مھاڳ)

احساسن توڙي منظرن جي ڪميونيڪيشن لاءِ ليکڪ جو ذهن، Audio- Visual Memory جو ڪم ڪري ٿو. معاشري ۾ موجود مختلف تضاد ان ميموري ۾ گڏ ٿيندا رهن ٿا ۽ انھيءَ را ميٽيرل مان جڏهن ڪا تحرير پروڊيوس ٿي نڪري ٿي، تہ اهائي تحرير ليکڪ لاءِ سڃاڻپ جو درجو بڻجي ٿي. ليکڪ جي سڃاڻپ ڪا تحرير تڏهن بڻجي سگهي ٿي، جڏهن ان تحرير ۾ اهو سڀ ڪجهہ محسوس ڪرائڻ جي سگهہ هجي، جيڪو ليکڪ محسوس ڪرائڻ/ ڪميونيڪيٽ ڪرڻ چاهيو آهي ۽ مان يقين سان چئي سگهان ٿو تہ رفيق سومرو پنھنجي اڪثر ڪھاڻين ۾ اهو سڀ ڪجهہ محسوس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جيڪو هن چاهيو آهي.
رفيق، هڪ حساس ليکڪ جي حيثيت ۾، زندگيءَ جي ڪيترن اهڙن مسئلن کي بہ احساس جي آميزش سان پڙهندڙن تائين پھچايو آهي، جن مسئلن ۽ موضوعن کي اسان جا ڪيترا ليکڪ غير اهم سمجهي لنوائي ڇڏيندا آهن. جيتوڻيڪ اهي موضوع زندگي جي حوالي سان، سماج ۾ اهميت جوڳا هوندا آهن.
رفيق سومري بابت لکندي، مان اهو قطعي نہ چوندس تہ هن پنھنجين ڪھاڻين ۾ ”خيال جي آسمان“ کي ڇھيو آهي ۽ نہ ئي اهو چوندس تہ سندس ڪھاڻين ۾ ”فڪر جا پاتال“ ملن ٿا. سندس ڪھاڻين ۾، مون کي فڪر جي اڏام ۽ خيال جي گهرائي بجاءِ ڌرتيءَ جي سطح نظر آئي آهي. ڌرتيءَ جي سطح، جيڪا زندگي جو بنيادي مرڪز آهي. جتي رنگ، سونھن، خوشبو، ڏک، سک، بک ۽ وڇوڙي جا درد آهن. ڌرتيءَ جي سطح تي موجود اهي حقيقتون ئي رفيق جي ڪھاڻين جا موضوع آهن. اهو ئي سبب آهي، تہ هن پنھنجون ڪھاڻيون جن ماڻھن لاءِ لکيون آهن، اهي انھن ڪھاڻين ۾ سمايل پيغام کي سمجهي سگهن ٿا. رفيق جي قلم ۽ پڙهندڙن جي ذهن جي وچ ۾ مون کي ڪنھن بہ قسم جو Communication gap نظر نٿو اچي.
ساڳئي وقت هن وٽ هڪ واضح نقطه نظر بہ موجود آهي، جيڪو سندس سمورين ڪھاڻين ۾ پنھنجي پوري سگهہ سان ملي ٿو. رفيق لفظن جي هيرا ڦيريءَ/بازيگريءَ کان بہ ڪم نٿو وٺي، بلڪ سڌو سنئون پنھنجي نقطه نظر کي پيش ٿو ڪري.
رفيق پنھنجي ڪھاڻين تي خوبصورت لفظن ۽ رنگين جملن جي ميڪ- اپ جا تھہ بہ نٿو چاڙهي، ۽ نہ ئي Aesthetic Scense جي نالي ۾ وڏا وڏا جملا لکي موضوع کان هٽي ٿو وڃي. ان ڪري اسان کي سندس ڪھاڻين ۾ اهڙا جملا نہ ملندا، جن کي پڙهي اسان نثر مٿان شاعري جي اسٽئمپ هڻي ڇڏيندا آهيون.
ڪنھن بہ باشعور ۽ ذهين ليکڪ لاءِ، خاص طور تي انھن حالتن ۾، جن مان اڄوڪي سنڌ گذري رهي آهي، ڪن لاٽار ڪرڻ ممڪن ئي ناهي. اهو ئي سبب آهي تہ سندس ڪھاڻين مان وقت جي درد جا احساس پڙهندڙن تائين بہ ٽرانسميٽ ٿين ٿا.
هي ذهين ۽ باشعور ليکڪ هڪ ڊگهي وڇوٽيءَ کان پوءِ هن ڪتاب وسيلي اڄ جي نئين پڙهندڙ جي سامھون آيو آهي، جيتوڻيڪ هي هڪ سينئر ليکڪ آهي. اڄ کان پندرهن- ويھہ سال اڳ هن لاءِ چيو ويو هو، تہ هو امر جليل جي انداز ۾ ٿو لکي (راجندر سنگهہ بيديءَ هڪ هنڌ لکيو آهي تہ ”مون کي اردو جو چيخوف نہ چيو وڃي، ۽ نہ منٽو کي اردو جو موپاسان سمجهيو وڃي.“) منھنجي خيال ۾ ڪنھن بہ ليکڪ کي، ڪنھن بہ ٻئي سان نہ ڀيٽڻ گهرجي- ڇو تہ ڀيٽ جا اهي ماڻ ماپا اڪثر پنھنجي وقعت وڃائي ويھندا آهن. رفيق جي بہ پنھنجي هڪ سڃاڻپ واضح ٿي سامھون آئي آهي، جيڪا سندس هن ئي ڪتاب جي، ”انسان جي ڳولا“ کان پوءِ وارين ڪھاڻين، جيڪي ”هڪ دل- هڪ ديوار“ جي سري هيٺ ڏنيون ويون آهن، ۾ ڏاڍي چٽائيءَ سان موجود آهي.

(4- جنوري 1995ع)

شبانا سنڌي: پھاڙن جي پاڙيسري ليکڪا

(شبانا سنڌي جي ناوليٽ ”هڪڙي هئي نمي“ جو مھاڳ)

جابلو علائقن جا ماڻھو فطري طور تي مضبوط ۽ اٽل ارادن جا مالڪ هوندا آهن. شبانہ سنڌيءَ جو تعلق بہ سنڌ جي اهڙي ڳوٺ سان آهي، جنھن جي پاسي ۾ پھاڙ ئي آهن. پھاڙن جي پاڙيسري هجڻ سبب، شبانہ پنھنجي لکڻ جي حوالي سان حالتن هٿان ڪڏهن هارايو ناهي. هڪ سنڌي عورت جيان، ڪيتريون ئي ذميداريون نباهيندي بہ هو لڳاتار لکندي رهي آهي.
شبانا پنھنجي گهر ۾ ڪتاب تہ ننڍڙي عمر ۾ ئي ڏٺا هئا ۽ پڙهڻ بہ شروع ڪيا هئا. سندس والد سيد عطا حسين شاھہ جي علم ادب سان دلچسپيءَ سبب ڪتاب تہ ڄڻ پاڻيھي شبانہ تائين هلي آيا هئا. اهي ڪتاب ڏسندي، اٿلائيندي ۽ ڪجهہ ڪجهہ پڙهندي، انھن ڪتابن شبانہ جي اندر ۾ لڪل ليکڪا جي من ۾، ننڍڙي عمر ۾ ئي انھيءَ بيچينيءَ کي بيدار ڪري ڇڏيو هو، جيڪا ڪنھن ليکڪ لاءِ ضروري هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي تہ چوڏهن سالن جي ڪچڙي عمر ۾ ئي، اسڪول جي هوم ورڪ واري قلم سان هن ڪوتائون لکڻ شروع ڪيون ۽ پوءِ سندس قلم ڪوتائن کان ڪھاڻيءَ جو سفر ڪندو، ناول جھڙي اهم صنف تائين وڃي پھتو.
ليکڪ جڏهن سماج جي ڪنھن بہ مسئلي جي پنھنجي موضوع جي طور تي چونڊ ڪندو آهي تہ ان مسئلي/ موضوع جي مثبت توڙي منفي، ٻنھي رخن کي ذهن ۾ رکي لکندو آهي. شبانہ بہ جڏهن قلم هٿ ۾ کڻي ٿي تہ مسئلي/موضوع جا ٻئي رخ سندس نظر ۾ هجن ٿا. اهو ئي سبب آهي تہ هن ناوليٽ جي واقعن جي اڻت ڪندي ۽ ڪردارن کي اڳتي وڌائيندي، هوءَ سماجي توڙي نفسياتي روين کان ڪنھن بہ طرح سان بي خبر نظر نٿي اچي.
هي ناوليٽ ”هڪڙي هئي نمي“ پنھنجي بنياد کان تڪميل تائين عورت جي درد ڪٿا تي مشتمل آهي، پر اردوءَ ۾ عورت ليکڪائن (يا عورتن جي نالي سان لکجندڙ) جي بي شمار ناولن کان ان ڪري مختلف آهي، تہ اردوءَ جي انھن ناولن ۾ عام طور تي فقط خيالي ۽ عشقيه داستان هوندا آهن. جڏهن تہ شبانہ جي هن ناوليٽ ۾ سنڌ جي ٻهراڙيءَ سان تعلق رکندڙ عام عورت جا حقيقي لڙڪ بہ نظر اچن ٿا تہ سڏڪا بہ محسوس ٿين ٿا. هي ناوليٽ فقط انھي عورت/نياڻيءَ جي درد ڪٿا محسوس نٿي ٿئي، جيڪا عورت هن ناوليٽ جو ڪردار آهي، پر هي ناوليٽ مجموعي طور تي ٻهراڙيءَ جي سنڌي عورت جي درد ڪٿا محسوس ٿئي ٿو.
اسان جي معاشري ۾ عام طور تي عورت حالتن سان سمجهوتو ڪندڙ ئي ٿئي ٿي. هن ناوليٽ ۾ بہ نہ فقط عورت جي حالتن سان سمجهوتي جي ڪھاڻي آهي، پر ساڳئي وقت نئين نسل جي نياڻي ڪومليءَ جي باغي ڪردار جي ڪھاڻي بہ آهي. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ ڪوملي. ڪچڙي عمر سبب زندگيءَ جي اهم مامرن کي چڱي طرح نہ سمجهي سگهڻ ڪري حالتن تي فتح پائڻ بجاءِ، پاڻ حالتن جي ستم ظريفيءَ جو شڪار بڻجي وڃي ٿي.
شبانہ جي تحرير ۾ عورت جي احساس جي حقيقي جهلڪ نظر ايندي آهي، جيڪا خوبي سندس هن ناوليٽ ۾ پڻ موجود آهي. هن ناوليٽ ۾ ڪٿي ڪٿي ڪي اهڙا جملا/ ڪا اهڙي ڳالھہ بہ ملي ٿي، جنھن کي پڙهي هڪدم احساس ٿئي ٿو تہ اهو ڪجهہ ڪا عورت ليکڪا ئي محسوس ڪري سگهي ٿي/لکي سگهي ٿي. جيئن هڪ هنڌ هوءَ لکي ٿي. ”مريم بہ هاڻي وڏي ٿي وئي هئي. ڀائرن جي گهر ۾ اچڻ کان اڳ ئي پنھنجو پاڻ کي رئي ۾ ويڙهي ڇڏيندي هئي. هن کي ائين لڳندو هو. ڄڻ هن جو وڏو ٿيڻ بہ گناھہ هجي، جنھن کي هو ڀائرن کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. اوڙي پاڙي جون مايون اينديون هيون تہ بہ هو پنھنجي ڇاتي تي رئو رکي ڇڏيندي هئي.“
فڪشن (ڪھاڻي، ناول، ڊرامي) ۾ ڪھاڻيءَ جو هجڻ بيحد ضروري آهي، جنھن کان سواءِ فڪشن جو تصور ئي نٿو ڪري سگهجي، پر اسان جي ڪيترن (سينيئر توڙي جونيئر) ليکڪن، فڪشن جي نالي ۾ اهو ڪجهہ بہ لکيو آهي، جيڪو ٻيو ڪجهہ تہ ٿي سگهي ٿو، پر فڪشن نہ، ادب ۾ اهڙا رويا موجود هوندي جڏهن شبانہ جي هن ناوليٽ کي پڙهجي ٿو تہ، ڪھاڻي ڪنھن پرسڪون درياھہ جيان، فطري انداز سان اڳتي وڌندي محسوس ٿئي ٿي.
شبانہ سنڌي 14 سالن جي ننڍڙي عمر کان لڳاتار لکندي رهي آهي. سندس ٽي ڪتاب تہ اڳ ئي ڇپيل آهن. هي سندس چوٿون ڪتاب آهي، سو بہ ٻٽو ڪتاب، جنھن ۾ ٻہ ناوليٽ شامل آهن. منھنجي خيال ۾ هڪڙي ناوليٽ جو ڪريڊٽ تہ سندس سھاڳ سيد منور علي شاھہ کي بہ ڏيڻ گهرجي، جنھن پنھنجي گهر واريءَ سيد زادي شبانہ شاھہ کي ڪڏهن لکڻ کان روڪيو تہ ناهي، پر سدائين کيس همٿايو آهي، جنھن سان پھاڙن جي پاڙيسري هن ليکڪا کي لکڻ جي سگهہ ملندي رهي آهي.

(13- آڪٽوبر 2011ع)

مضمون

---

شاھہ جي شاعريءَ کي موجودہ حالتن مطابق سمجهڻ جي ضرورت

مضمون ڪمپوز ڪري جلد اپلوڊ ڪيو ويندو

ريڊئي تي سنڌي ٻوليءَ جو استعمال

مضمون ڪمپوز ڪري جلد اپلوڊ ڪيو ويندو

جپسي سنڌي آھن؟

مضمون ڪمپوز ڪري جلد اپلوڊ ڪيو ويندو

فيس بُڪ: پنجاھہ ڪروڙ ماڻھن جو ڳوٺ

مضمون ڪمپوز ڪري جلد اپلوڊ ڪيو ويندو

مان ڇو ٿو لکان؟

اندر ۾ ڪا بيچيني تہ شايد جنم ڏينھن کان وٺي موجود هئي، پر چٽيءَ طرح جون يادگيريون مون کي پنھنجي پنجن سالن واريءَ عمر کان وٺي آهن. انھيءَ پنجن سالن جي معصوميت واري عمر ۾ ئي، مون پنھنجي اندر ۾ شدت جي بيچيني محسوس ڪئي هئي، جيڪا عمر جي وڌڻ سان وڌندي ئي رهي. سمجهہ ۾ ڪجهہ بہ نہ ايندو هو، تہ اندر ۾ اها اٿل پٿل ۽ بي قراري ڇو، ڇالاءِ ۽ ڇا جي آهي. نتيجي طور ننڍڙيءَ عمر ۾ ئي اڪيلائي پسند ٿي ويس. سوچن ۾ گم سم رهڻ لڳس ۽ ڪڏهن بہ سٺو شاگرد نہ ٿي سگهيس. تڏهن بہ مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي، تہ پھرئين ڪلاس ۾ داخلا واري ڏينھن، جڏهن منھنجي استاد غلام رسول سومري صاحب، منھنجو هٿ جهلي سليٽ تي مون کي الف-بي جا ٻہ اکر لکڻ سيکاريا هئا، تڏهن مان ڪيتري دير تائين انھن ٻن اکرن کي غور سان ڏسندو رهيو هئس. سليٽ تان اهي اکر ڊاهڻ بجاءِ، ڏاڍي حفاظت سان سليٽ کي هٿ ۾ سڌو جهلي، گهر کڻي ويو هئس. ڇو تہ استاد جي هٿ جي مدد سان، پنھنجي هٿان لکيل الف-بي جا اهي ٻہ اکر مون کي ڏاڍو وڻيا پئي.
مون لکڻ جي شروعات ٻاراڻي وهيءَ ۾ ڪئي هئي. تڏهن مان لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ پائليٽ هاءِ اسڪول ۾ ستين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس. حساب ڪرڻ مون کي ڪڏهن بہ نہ آيا. اڄ بہ پندرهن کي ٽن سان ضرب يا ونڊ جھڙا ننڍڙا حساب ڪرڻ بہ مون کي نٿا اچن. مان حسابن جي پيرڊ دوران اسڪول کان ڀڄي ويندو هوس، پر امان جي دڙڪن جي خوف کان گهر وڃڻ بجاءِ ڪنھن پارڪ ۾ هليو ويندو هوس.گلن، پکين، ڀنڀورين ۽ پوپٽن سان وقت گذاريندو هوس. پوپٽن پويان ڊوڙندو تہ هوس، پر ڪڏهن بہ ڪنھن پوپٽ کي پڪڙي مون پنھنجي ڪتاب ۾ وجهي، سندس زندگي نہ ڦري. ڀنڀوريون پڪڙيم تہ ڏِسي، ڪجهہ دير کان پوءِ وري اڏائي ڇڏيم. پوپٽن ۽ ڀنڀورين پويان ڊوڙي جڏهن ٿڪبو هوس تہ، پارڪ جي ڪنھن ڪنڊ ۾ ويھي خيالن جي دنيا ۾ گم ٿي ويندو هوس. انھيءَ اڪيلائيءَ وارين سوچن ۾ منھنجي اندر ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون ڪھاڻيون سرجنديون هيون. تن ڏينھن ۾ ئي اردو اخبار ”مشرق“ جو ٻارن وارو صفحو نظر مان گذريو. انھيءَ ۾ ٻاراڻيون ڪھاڻيون پڙهي خيال آيو تہ، انھن کان بھتر ڪھاڻيون تہ روز ٿيون منھنجي ذهن ۾ سرجن. سو ائين هڪ ننڍڙي ڪھاڻي اردوءَ ۾ لکي ”بچون ڪا مشرق“ ۾ موڪليم تہ هڪدم ڇپجي ويئي. ان کان پوءِ اردو توڙي سنڌي اخبارن ۾، ٻارن جي صفحن ۾ لڳاتار منھنجون ڪھاڻيون (اصل نالي محمد خان شيخ سان) ڇپجنديون رهيون. انھن ڪھاڻين سبب اسڪول ۾ ڪيئي ڀيرا مار بہ ملي. جڏهن استاد هوم ورڪ چيڪ ڪرڻ لاءِ ڪاپي وٺندو هو ۽ ڪاپيءَ ۾ هوم ورڪ بجاءِ ڪھاڻي ڏسندو هو تہ، پوءِ ڪھاڻيون لکندڙ منھنجا نازڪ هٿ رُول سان ڳاڙها ٿي ويندا هئا، پر منھنجا هٿ ڳاڙها بہ ٿيندا رهيا ۽ ڪھاڻيون بہ لکندا رهيا.... ۽ پوءِ .... جڏهن منھنجي عمر سترهن سال هئي، تڏهن مون کان اهڙي سنڌي ڪھاڻي لکجي ويئي، جو لڳو هو تہ ننڍپڻ کان پوءِ ڇوڪرائپ وارو زمانو اوچتو وچ ۾ ڪٿي گم ٿي ويو هجي. اها پھرين ڪھاڻي هئي، جيڪا ٻارن جي اخباري صفحن بجاءِ وڏن جي رسالي”رهبر ڊائجسٽ“ جي آگسٽ 1974ع جي شماري ۾ ”زخمي دل“ جي عنوان سان ڇپي هئي. انھيءَ ڪھاڻيءَ سان مون پنھنجي اختياري نالي زيب سنڌيءَ سان باقائدي سنڌي ادب ۾ پير پاتو هو. جڏهن زيب سنڌيءَ جي نالي سان لکيل اها پھرين ڪھاڻي ڇپجي منھنجي هٿن ۾ پھتي هئي، تڏهن پھريون ڀيرو مون کي اها خبر پئي هئي، تہ سانڀر جي پھرئين سال کان وٺي منھنجي اندر ۾ بيچيني ڇو هئي. سبب تہ سمجهہ ۾ اچي ويو، پر اها بي قراري گهٽجڻ بجاءِ اڃا بہ وڌي ويئي.... بس اها ڳالھہ سمجهہ ۾ اچي ويئي تہ منھنجي اندر ۾ ڪجهہ آهي، جنھن کي مان اظھارڻ ٿو چاهيان.
پنھنجي اندر ۾ پيدا ٿيندڙ خيال کي، منھنجي اندر جي اها بي قراري ئي اظھار ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي آهي .اهو ئي سبب آهي تہ لکڻ وارن ستٽيھن سالن جي ڊگهي عرصي ۾ ڪڏهن بہ ڪا وڏي وٿي ناهي آئي، جو مان نہ لکي سگهيو هجان. ها، منھنجي لکڻ جي صنف ڪا هڪڙي ناهي رهي. 1974ع ۾ ڪھاڻيءَ سان ابتدا ڪيم، 1977ع ۾ پھريون شعر لکيم ۽ 1986ع ۾ پھريون ٽي وي ڊرامو لکيم. منھنجي تجربي مطابق ڪابہ تخليق پنھنجو فارميٽ پاڻ کڻي ٿي اچي. اهو ئي سبب آهي جو مون شاعري بہ ڪئي. نہ تہ مان ڪڏهن بہ ڪو شعر نہ لکان ها. منھنجي زندگيءَ ۾ هڪڙو مھينو تہ اهڙو بہ رهيو آهي، جڏهن شاعريءَ کي مون پنھنجي چوڌاري هوائن ۾ پئي محسوس ڪيو ۽ شعر مينھن ڪڻين جيان منھنجي مٿان پئي برسيا. ان مسلسل ڪيفيت ۾ هر وقت شعر لکي پئي سگهيس. دوستن پاران ڏنل قافيي تي، دوستن جي سامھون ئي پنجن منٽن کان بہ گهٽ وقت ۾ پورو غزل مڪمل ڪري پئي ورتم، جنھن ۾ نواڻ بہ هئي. ڪيترا ئي شعر لکيم ۽ هِتي هُتي رکي وساري ڇڏيم. اڄ بہ هڪ ڪتاب جيتري شاعري مون وٽ موجود آهي، پر شعري مجموعو نہ ڇپرايو اٿم.
ڪھاڻيون مون مسلسل بہ لکيون آهن، تہ ڪڏهن وري ڪھاڻيءَ ۽ قلم جي وچ ۾ فاصلو بہ رهيو آهي. پنجن ستن سالن جي وٿي بہ اچي ويئي آهي، پر اهي سال بہ مان خاموش نہ رهيو آهيان. انھن سالن ۾ لڳاتار ٽي وي ڊراما لکندو رهيو آهيان.
ٽي وي ڊرامو لکڻ جي ابتدا 1986ع ۾ پنھنجي ڪھاڻي ”وڃايل ٻار“ جي ساڳئي نالي سان ئي ڊرامائي تشڪيل ڪري ڪئي هيم. پنجويھن منٽن جو هڪڙو ڊرامو ٽي ويءَ تي ڇا هليو، ڄڻ شھرتن جي شاهراھہ تي پاڻ کي بيٺل ڏٺم. هر طرف کان مڃتا جا گل ملڻ لڳا. اِهو اُهو زمانو هو، جڏهن پاڪستان ۾ هڪڙو ئي ٽي وي چينل هو، پي ٽي وي. سڀ ماڻھو اهو هڪڙو ئي ٽي وي چينل ڏسڻ لاءِ مجبور هيا ۽ هفتي ۾ هڪڙو ئي پنجويھہ منٽن جو سنڌي ڊرامو هلندو هو، جنھن جو خلق سڄي هفتي تائين انتظار ڪندي هئي. ٻن اڍائي سالن ۾ ڏهاڪو سولو پلي لکيم، جيڪي محمد بخش سميجي، بيدل مسرور ۽ سميع بلوچ پروڊيوس ڪيا. انھن ئي ڏينھن ۾ پھرين ڊراما سيريل ”سمنڊ جون سرحدون“ بہ لکيم، جنھن جو پروڊيوسر بيدل مسرور هو. سو شھرتن جي اها شاهراھہ مون کي ڪھاڻيءَ کان ڪجهہ پرتي وٺي ويئي.
حقيقت اها آهي تہ ڪھاڻيءَ تي مشق ڪرڻ واري دور کان اڃا اڳتي مس وڌيو هوس، تہ پي ٽي وي پاڻ ڏانھن ڇڪي وئي ۽ پوءِ جيڪي بھتر ڪھاڻيون لکان ها، اهي ڊرامن جي صورت ۾ هوا ۾ اڏامي ويون. پوءِ جو وري ڪھاڻي لکڻ ويٺس تہ ”ڌنڌ ۾ گم ٿيل منظر“ جھڙي ڪھاڻي لکي ورتم، جنھن هڪ ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾ مون کي هڪ نئين مڃتا ڏني. تڏهن فيصلو ڪيم تہ هاڻي ٽي وي ڊرامو نہ لکندس، پر ادب ۾ پنھنجي پھرين محبت ڪھاڻيءَ سان ئي توڙ نڀائيندس.... پر ائين ڪري نہ سگهيس....!
پاڪستان ۾ ٽيليويزن لاءِ پرائيويٽ پروڊڪشن جو سلسلو شروع ٿيو تہ عبدالقادر جوڻيجي، نورالھديٰ شاھہ ۽ آغا رفيق کان پوءِ مان بہ انھن جي وڪڙ ۾ اچي ويس. مون کي بہ پي ٽي ويءَ جي سرڪاري ريٽ کان چئوڻ تي پئسا مليا تہ وري ڊرامو لکڻ ويھي رهيس. ان کان پوءِ هڪ ٻئي پويان اردوءَ جا پرائيويٽ چينل کلڻ لڳا تہ ڳالھہ ويتر اڳتي وڌي ويئي. مٿان وري شھرتن، رنگن ۽ روشنين جي هڪ نئين دنيا...... ۽ پئسا ڀلا ڪنھن کي نٿا کپن. موٽرسائيڪلن ۽ رڪشائن ۾ رلڻ بجاءِ ايئرڪنڊيشنڊ ڪار ۾ سفر ڪرڻ ڪنھن کي سٺو نہ لڳندو.... پر انھيءَ جي بدلي ۾ ڪجهہ ڏيڻو تہ پوندو. سو منھنجون بہ ڪيتريون ئي ميچوئر ڪھاڻين جهڙيون تخليقون، سولو پليز جي صورت ۾ ٽي وي اسڪرين تان گذرنديون هليون ويون. ناول جھڙا وڏا تخيل، سيريلز جي صورت ۾ هٿن مان نڪري ويا..... پر وقت کي مون ڪڏهن بہ وڃڻ ناهي ڏنو. ان ڪري ڪھاڻي بہ مون کان هٿ ڇڏائي نہ وئي آهي. هڪ وٿيءَ کان پوءِ 2007ع کان ڊرامن سان گڏ وري ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون اٿم، تہ اهو سلسلو هاڻي روڪيو نہ اٿم. ڪھاڻيءَ سان گڏ هاڻي مون ناول ڏانھن بہ ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي.
ٽي وي ڊرامي وسيلي مليل شھرتن ۽ آسائشن کان پوءِ بہ، منھنجيءَ نظر ۾ اهميت ۽ اوليت ڪتاب جي آهي. ابتدا ۾ تہ مون ٽي وي ڊرامو پنھنجيءَ ڳالھہ کي گهڻن ماڻھن تائين پھچائڻ خاطر لکيو هو، (ان ڳالھہ کان هاڻي بہ انڪار نٿو ڪري سگهجي) پر هاڻي ٽي وي ڊرامو منھنجي لاءِ مزدوريءَ جو ۽ ڪھاڻي عشق جو درجو رکي ٿي.
سو مان، ڪڏهن پورهئي خاطر لکان ٿو، تہ ڪڏهن وري پنھنجي عشق جي تجديد خاطر...... پر پنجن سالن جي عمر واري، پنھنجي پھرينءَ سانڀر کان وٺي محسوس ڪيل اندر جي بيچيني اڄ بہ برقرار آهي. اها ئي اندر جي بي قراري اڄ بہ مون کان لکرائي ٿي. هاڻي تہ لکڻ منھنجي لاءِ ايترو ضروري ٿي پيو آهي، جيترو کاڌو کائڻ، پاڻي پيئڻ، ننڊ ڪرڻ ۽ ساھہ کڻڻ.
مان لکان ٿو، ان ڪري تہ مان جيئرو آهيان.....
جي مان نہ لکي سگهندس، تہ جيئري ئي مري ويندس.....

(2010ع)