اميد جو ڪرڻو
ھي ڪتاب مختصر ڪھاڻين تي مشتمل اھڙي ڪوشش آھي، جيڪا ليکڪ جي زندگيءَ جي تجربن ۽ مشاھدن تي مشتمل آھي. ھنن ڪھاڻين جو محور انسان ئي آھي. گهڻيون ڪھاڻيون ڪرونا وا.ئرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال تي مشتمل آھن. ڪورونا وائرس جو دور اسان جي زندگين جو ھڪ انتھائي ڊيڄاريندڙ واقعو رھيو آھي. محمد علي پٺاڻ مختصر لفظن ۾ حيران ڪن ۽ سبق آموز ڪھاڻيون لکيون آھن، جن جا موضوع سماج ۾ موجود طبقاتي نظام، رت جي رشتن ۾ آيل ڪوڙي انا، عورتن جا مسئلا، ادلي بدلي جون شاديون، پوليس گردي، نشي ۽ گٽڪي جا نقصان ۽ ٻيا معاشرتي مسئلا شامل آھن.