ناول

ان داتا

ڪرشن چندر پنھنجي نظريي جي حوالي سان عملي زندگيءَ ۾ بہ ھڪ ڪميٽيڊ ليکڪ ھو. ڪرشن چندر جي گهڻين تحريرن ۾ سماجي زندگيءَ جا ننڍا وڏا مسئلا ۽ انھن جو حل موجود آھي. اردوءَ ۾ انساني نفسيات جي نالي ۾ ناول ۽ ڪھاڻيون لکيون پئي ويون تہ ڪرشن چندر سماجي ڪھاڻيون لکي اردو ڪھاڻيءَ جو رُخ ئي ڦيرائي ڇڏيو.  بنگال ۾ ڏڪر جي موضوع تي جڏهن ڪرشن جو ھي ناوليٽ  ”ان داتا“ شايع ٿيو ھو تہ پوري هندوستان ۾ ھن ناوليٽ طوفان برپا ڪري ڇڏيو هو.

  • 4.5/5.0
  • 68
  • 15
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڪرشن چندر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ان داتا

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ڪرشن چندر جو ناوليٽ ”ان داتا“ اوھان اڳيان شيئر ڪجي ٿو، جنھن جو سنڌيڪار عمر ميمڻ آھي.
ڪرشن چندر پنھنجي نظريي جي حوالي سان عملي زندگيءَ ۾ بہ ھڪ ڪميٽيڊ ليکڪ ھو. ڪرشن چندر جي گهڻين تحريرن ۾ سماجي زندگيءَ جا ننڍا وڏا مسئلا ۽ انھن جو حل موجود آھي. اردوءَ ۾ انساني نفسيات جي نالي ۾ ناول ۽ ڪھاڻيون لکيون پئي ويون تہ ڪرشن چندر سماجي ڪھاڻيون لکي اردو ڪھاڻيءَ جو رُخ ئي ڦيرائي ڇڏيو.  بنگال ۾ ڏڪر جي موضوع تي جڏهن ڪرشن جو ھي ناوليٽ  ”ان داتا“ شايع ٿيو ھو تہ پوري هندوستان ۾ ھن ناوليٽ طوفان برپا ڪري ڇڏيو هو.
ھي ڪتاب 1980ع ۾ عظمت ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي جي سھڪار سان  اوھان اڳيان آڻجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي