سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران برصغير جي نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ڪرشن چندر جي يادگيرين ۽ ساروڻين تي مشتمل ڪتاب ”ميري يادون ڪي چنار“ جو سنڌي ترجمو ”ساريان سيئي ڏينھن“ جي نالي سان اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو سنڌيڪار لطيف اياز پنھور آھي..
ڪرشن چندر برصغير ۾ فڪشن ليکڪ طور وڏو نالو آھي. ڪرشن چندر ترقي پسند تحريڪ جي کيتر جو کاھوڙي ليکڪ ھيو. ھي ڪتاب ڪرشن چندر جي ننڍپڻ جي يادگيرين تي مشتمل آھي. ھن آتم ڪھاڻيءَ ۾ اعليٰ آدرشن، فن ۽ فڪر جو سنگم نھايت ئي اعليٰ درجي سان ڪيل آھي. سندس لکڻي من موھيندڙ ۽ ڪشش رکندڙ آھي.
ھي ڪتاب 1995ع ۾ منصور اڪيڊمي، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي