شاعري

ڪربلا کان ڪربلا تائين

ڪربلا جو واقعو عالم اسلام جو اڻ وسرندڙ واقعو آھي جنھن ۾ آلِ محمد قرباني ڏيئي اسلام جي نظريي کي بچايو. ڪتاب "ڪربلا کان ڪربلا تائين" سرمد چانڊيي جي شاعريءَ جي انقلابي واٽ کي چٽي طرح سان واضع ڪيو آهي ۽ ڪربلا جي حقيقي مقصد کي فردن تائين رسايو آهي. زندگيءَ جي چئوگرد ڪيترائي موڙ آهن ۽ اهي موڙ ڪٿي سياست، نظريو، اعتماد ۽ مذهبي نظر سان ميل جول رکندي مقصد لاءِ اٽل ارادي وارو انسان ئي منزل رسائي حاصل ڪري ٿو، اُتي پنهنجي تصور کي پيش ڪرڻ جي مثبت سوچ رکندڙ ماڻھو، قابليت مطابق صحيح خيال ۽ موقف جي چونڊ ڪري ٿو، سرمد پڻ پنهنجي لامحدود سوچ جو شاندار نمونو عقيدي طور پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book ڪربلا کان ڪربلا تائين

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران  نامياري شاعر سرمد چانڊيي جي ڪربلا جي واقعي ۽ شھيدن بابت قصيدن، نوحن جي صورت ۾ ڪيل شاعريءَ جو ڪتاب ”ڪربلا کان ڪربلا تائين“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
ڪربلا جو واقعو عالم اسلام جو اڻ وسرندڙ واقعو آھي جنھن ۾ آلِ محمد قرباني ڏيئي اسلام جي نظريي کي بچايو. ڪتاب "ڪربلا کان ڪربلا تائين" سرمد چانڊيي جي شاعريءَ جي انقلابي واٽ کي چٽي طرح سان واضع ڪيو آهي ۽ ڪربلا جي حقيقي مقصد کي فردن تائين رسايو آهي. زندگيءَ جي چئوگرد ڪيترائي موڙ آهن ۽ اهي موڙ ڪٿي سياست، نظريو، اعتماد ۽ مذهبي نظر سان ميل جول رکندي مقصد لاءِ اٽل ارادي وارو انسان ئي منزل رسائي حاصل ڪري ٿو، اُتي پنهنجي تصور کي پيش ڪرڻ جي مثبت سوچ رکندڙ ماڻھو، قابليت مطابق صحيح خيال ۽ موقف جي چونڊ ڪري ٿو، سرمد پڻ پنهنجي لامحدود سوچ جو شاندار نمونو عقيدي طور پيش ڪيو آهي.
ھي ڪتاب 2022ع ۾ مرڪ پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھہ ميراڻيءَ جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي