شاعري

دانھون ٻوڙيل ديس جون

”بيوس“ بخش علي چانڊيو ھڪ حساس شاعر، استاد ۽ سماجي ڪارڪن آھي. سنڌ ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ 2022ع جي غير معمولي برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهيءَ جتي لکين ماڻھن کي معاشي بدحالي، ڪيمپن ۾ لاوارثي ۽ دربدريءَ جي وَر ڪيو، اتي بدانتظامي، اقربا پروري، ڪرپشن ۽ واڳ ڌڻين جي بي حسيءَ وڏي انساني الميي کي جنم ڏنو. ان صورتحال ۾ ”بيوس“ بخش علي چانڊيي جي قلم مان هي سٽون سرجي نڪتيون، جيڪي ڪتابي صورت ۾ اوهان جي آڏو آهن. هُن ساڃاهوند ۽ سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان ان سموري لڏپلاڻ، ڪيمپن جي وهنوار ۽ امدادي ورڇ سميت مڙني مامرن کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ انھن سڀني پيڙائن ۽ ڀوڳنائن کي محسوس ڪيو ۽ ان کي پنھنجي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪيو آهي. 

  • 4.5/5.0
  • 88
  • 8
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book دانھون ٻوڙيل ديس جون

حق ۽ واسطا

Book No: 21
© All Rights Reserved
Author &
SANSAAR Publications & Printers Karachi
ڪتاب : دانھون ٻوڙيل ديس جون
موضوع: شاعري
ليکڪ: ”بيوس“ بخش علي چانڊيو
ڇاپو پھريون: فيبروري - 2023
تعداد: 500
ٽائٽل: عرفان ميمڻ


مُلھہ:
ڏيھہ: 600 رپيا-پرڏيھہ: 20 ڊالر(آمريڪي)
Price: PKR 600 – $ 20 USD
ISBN: 978-969-7998-19-7


پبلشر
سنسار پبليڪيشنس اينڊ پرنٽرس ڪراچي
آفيس: ڪمرو نمبر-307، ٿرڊ فلور، صابر منزل،
نزد گل پلازا مارسٽن روڊ صدر، ڪراچي، سنڌ


Publisher:
SANSAAR Publications & Printers Karachi
Office: 307, Third Floor, Sabir Manzil, Near Gul Plaza Marston Road Saddar Karachi, Sindh, Pakistan
Contact: 0092-300-2507766
Email: sansar.sindh@gmail.com
www.sansaarpublications.com

ارپنا

هيءُ ڪتاب
برسات ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين دوران
فلاحي ڪم ڪندڙ سماجي ڪارڪنن جي
نانءُ ڪيان ٿو


“بيوس” بخش علي چانڊيو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ”بيوس“ بخش علي چانڊيي جي شاعريءَ جو مجموعو ”دانھون ٻوڙيل ديس جون“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
”بيوس“ بخش علي چانڊيو ھڪ حساس شاعر، استاد ۽ سماجي ڪارڪن آھي. سنڌ ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ 2022ع جي غير معمولي برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهيءَ جتي لکين ماڻھن کي معاشي بدحالي، ڪيمپن ۾ لاوارثي ۽ دربدريءَ جي وَر ڪيو، اتي بدانتظامي، اقربا پروري، ڪرپشن ۽ واڳ ڌڻين جي بي حسيءَ وڏي انساني الميي کي جنم ڏنو. ان صورتحال ۾ ”بيوس“ بخش علي چانڊيي جي قلم مان هي سٽون سرجي نڪتيون، جيڪي ڪتابي صورت ۾ اوهان جي آڏو آهن. هُن ساڃاهوند ۽ سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان ان سموري لڏپلاڻ، ڪيمپن جي وهنوار ۽ امدادي ورڇ سميت مڙني مامرن کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ انھن سڀني پيڙائن ۽ ڀوڳنائن کي محسوس ڪيو ۽ ان کي پنھنجي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪيو آهي.
هي ڪتاب سنسار پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران 2023ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنسار پبليڪيشن جي سرواڻ اسلم کٽياڻ جا، جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ مھرباني ”بيوس“ بخش علي چانڊيي جي جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

محترم ”بيوس“ بخش علي چانڊيو استاد، شاعر ۽ متحرڪ سماج سڌارڪ آهي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پھچي، انساني ڀلائي وارن ڪمن ۾ پنھنجو عملي حصو ڳنڍيندو رهي ٿو. هو قلم وسيلي پڻ لاڳيتو جاکوڙيندو رهي ٿو، عالمي وبا ڪرونا واري صورتحال تي سرجيل سندس شاعريءَ جو ڪتاب ‘ڪورونا لاڪ ڊائون ۽ پيڙائن جا عڪس’، ۽ تحقيق تي آڌاريل ‘ساهتي پرڳڻي ۾ لوڪ ادب جي اوسر (تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو)’ پڙهندڙن وٽ مڃتا ماڻي چڪا آهن.
سنڌ ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ 2022ع جي غير معمولي برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهيءَ جتي لکين ماڻھن کي معاشي بدحالي، ڪيمپن ۾ لاوارثي ۽ دربدريءَ جي وَر ڪيو، اتي بدانتظامي، اقربا پروري، ڪرپشن ۽ واڳ ڌڻين جي بي حسيءَ وڏي انساني الميي کي جنم ڏنو.
ان صورتحال ۾ ڀلا ڪو قلم ڌڻي ڪيئن خاموش رهي سگهي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو “بيوس” بخش علي چانڊيي جي قلم مان هي سٽون سرجي نڪتيون، جيڪي ڪتابي صورت ۾ اوهان جي آڏو آهن، هُن ساڃاھہ وند ۽ سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان ان سموري لڏپلاڻ، ڪيمپن جي وهنوار ۽ امدادي ورڇ سميت مڙني مامرن کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ انھن سڀني پيڙائن ۽ ڀوڳنائن کي محسوس ڪيو.
زير نظر ڪتاب “دانھون ٻوڙيل ديس جون” ڪا روايتي شاعري نہ آهي پر ان انساني الميي جي هاڃن جي تاريخ آهي، جنھن کي هن ايندڙ نسلن لاءِ پنھنجي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪيو آهي.

ساٿ سلامت، سدائين گڏ

اسلم کٽياڻ
سي، اي او، سنسار پبليڪيشنس

مھاڳ: الا جهُري مَ شال غريبن جي جهوپڙي

ڪشنچند “بيوس” جي مٿي هن مھاڳ جي عنوان ۾ آندل سٽ ممڪن آهي تہ پنھنجي هم تخلص شاعر “بيوس” بخش علي چانڊيو کان “دانھون ٻوڙيل ديس جون” تخليق ڪرائڻ جي شاعراڻي ترغيب بڻي هجي.
عين ممڪن آهي تہ “بيوس” پنھنجي ٻئي هڪ هم تخلص قادرالڪلام شاعر تاجل "بيوس" جي ڪي قدر فني اسلوب ۽ شعري گهاڙيٽي مان معاونت ورتي بہ هجي تہ هجي.
پر پڪ سان “بيوس” جي هن شعري موضوعن جو آهنگ، سچل سائينءَ جي سر سارنگ جو تشريحي تسلسل معلوم ٿئي ٿو. جيڪوشعر ۽ ادب ۾ هڪ نيڪ شگون آهي. تاريخ جو اهڙو تسلسل ۽ نئون نئون جنم بہ وچ جون وٿيون ڀرڻ لاءِ ئي ٿيندو آھي.
برادرم “بيوس” بخش علي چانڊيو نہ صرف منھنجو دوست آھي بلڪہ هم پيشہ، هم راھ، ھم سفر ۽ سچيتو ساٿي بہ آهي ۽ بلاشڪ هڪ درد وند دل رکندڙ متحرڪ ڪردار بہ آهي، هو هڪ سٺو پروفيسر تہ آھي ئي آھي پر طبعن همدرد، ملڻسار ۽ ھمدم هئڻ ناتي سڀني دوستن احبابن ۽ وطن واسين آڏو انمول احساس رکندڙ ھڪ ڪوي طور سندس ناماچاري مشھور ۽ معروف آھي. “بيوس” پنھنجي شاعراڻي تحريرن ۾ ديس جي درد جون تصويرون ڪڍڻ ۾ قابليت رکي ٿو ۽ هو ڏک ۾ ڏڍ ڏيڻ ھمتون ۽ حوصلا ورهائڻ وارو رهنما ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو. سندس تخليقن ۾ مون کي اڪثر ائين لڳندو آھي تہ بخش علي شاعر جي روپ ۾ ھڪ سٺو سگهڙ آھي يا سگهڙائپ جي انداز ۾ ھڪ سٺو شاعر آھي.
يا تہ شاعري هن جي سئوٽ ۽ سگهڙائپ هن جي ماسات آھي، تہ هن من اندر ۾ ٻنھين جو جيون ٻنڌڻ ٻڌي سوني تي سھاڳو ڪيو آھي.
سگهڙ واقعائي منظرنگاري کي منظوم ڪرڻ جا ماهر هوندا آھن تہ شاعر وري انساني احساسن جا حقيقي تاريخ نويس هوندا آھن.
شاعرن تي آمد لھندي آھي تہ سگهڙن وٽ آورد پڪي پختي ٿيندي آھي. احساسن جي سفر ۾ شاعر جو درد ڪو گهڻو اونھو عميق ۽ گوناگون ٿئي ٿو. هن جي اک نہ صرف درد جو اظھار پر ان جو درمان بہ ڏسي ٿي ۽ پوءِ شاعر ان جو برملا اظھار بہ ڪري ٿو.
جڏھن تہ سگهڙ بہ حسن عشق علم عقل ظاهر باطن جي سفر در سفر ۾ خيال جو پرواز ٻوليءَ جي حسناڪين سان همڪنار ڪري ٿو مگر هر ڪنھن جو گهاڙيٽو اڻت ۽ اظھار موضوع ۽ مرڪز ساڳيو هوندي بہ ساڳيو نہ ٿو رهي. ساءُ سواد ۽ پيشڪش ۾ ڪو باريڪ، لطيف فرق ضرور هجي ٿو، پوءِ بہ ڪي صاحب ذوق اهل دل انھن جو حسين امتزاج گڏ گڏ کڻي هلن ٿا، جيئن “بيوس” بخش علي هن مجموعي “دانھون ٻوڙيل ديس جون” ۾ تخليق کي اهڙو جامو پارايو آھي، جنھن ۾ شاعري ۽ سگهڙائپ جا گڏيل ڌاڳا پويل آھن، جيڪا گهڻو تڻو واقعاتي آھي. واقعاتي شاعري هڪ دؤر، هڪ هاڃي، هڪ حادثي، هڪ اڀريل تاريخ ۽ ان جي سڀني اوسن پاسن جو منظوم رڪارڊ هوندي آھي، جيڪا مستقبل جي ماڻھن لاءِ ماضيءَ جي مذڪورہ ڪيفيتن تحت رونما پسمنظر جي هڪ جاءِ تي هٿيڪي يڪجا منظوم تاريخ هوندي آھي، جنھن کي پڙھي ڪير بہ حقيقي طور تي پنھنجي وطن تي آيل اهڙن واقعن کي پنھنجي احساساتي اک سان ڏسي سگهندو ۽ سمجهي سگهندو آھي.
جڏھن جڏھن بہ خدا نہ ڪري هن قسم جي ڪا صورتحال وري مقدر بڻجي ٿي تہ ان وقت بہ هي شاعري حوصلو ڏيندي، همٿ ڏيندي ۽ تڪليف مان تڪڙو تڪڙو نڪرڻ جي سگهارو گس ڏيندي آهي. “بيوس” بخش علي اهڙي منظوم واقعاتي تاريخ لکندڙ شاعر آھي، جنھن اڳ ۾ بہ ڪورونا جي وبائي قھرن تي مبني هڪ درد انگيز تاريخ قلمبند ڪئي ۽ ڪتابي صورت ۾ شايع پڻ ڪرائي، جنھن سنڌي ادب جي ڦلواڙي ۾ ھڪ سھڻو اضافو ڪيو.
۽ ھاڻ سال 2022 جي جولاءِ - آگسٽ مھينن ۾ سنڌ تي پيل ناقابل برداشت برساتي هاڃن، تڪليفن، دردن، سنڌ واسين جي سورن، تباهڪارين ۽ بربادين، دربدرين، ڪئمپن، امدادن ۽ انھن سان لاڳاپيل فقرن، حوصلن ۽ ھمتن تي مبني جيڪا سچي دل سان شاعري ڪئي جنھن ۾ سياسي سماجي ماڻھن جي مثبت خواه منفي ڪردارن ۽ ڏتڙيل ماڻھن جي درد جي بروقت دانھن سمايل آھي، سا دراصل هن مجموعي جي سونھن آهي.
جنھن ۾ رڙ آھي، واڪو آھي، سڏ آھي، سڏڪو آھي، ڪوڪ آھي، پڪار آھي، ورناءُ آھي، درد آھي، دانھن آهي، ڏس آھي، وارتا بہ آهي تہ رهنمائي بہ آھي، بيوسائي آهي تہ همت ۽ حوصلو بہ آھي، نقصان جو ذڪر بہ آهي تہ، ان جو اوتار بہ آھي.مطلب تہ هن عنوان جي گوناگون همہ گير روين ۽ رخن جو مجموعو اسان اوهان جي هٿن ۾ هجڻ جو قوي امڪان موجود آھي.
گهڙي پل لاءِ سوچان ٿو تہ ڪاش! هن درد جي داستان غم جي المناڪ دستاويز سنڌ جي موسمياتي المناڪ، واقعاتي شاعري تاريخي ڪتاب جو مھاڳ مون جھڙي نرم دل، حساس انسان کان نہ لکايو وڃي ها، آئون هن مسودي کي پڙھندو بہ ويو آھيان ۽ روئندو بہ رهيو آهيان؛ ڇاڪجي؟
“ھھڙا هاڃاٿين بري هن ڀنڀور ۾”، سوچان ٿو تہ هي قدرتي آفتون، برساتي موسمون، رڳو فقط اچانڪ اسان وٽ ٿورئي آھن. موسميات و آبھوا جي جاگرافيائي ماهرن کان پڇي ڏسندئو تہ اسان کان وڌيڪ گهڻو وڌيڪ دنيا جي انيڪ ملڪن ۾ ائين ٿئي ٿو بيحد بارشون پون ٿيون.
مگر انھن تہ روئڻ پٽڻ بجاءِ، ھمٿ حوصلي، دانشمنديءَ سان وسائل کي درست ڪتب آڻي برساتي نالا زير زمين ڪڍي ڪي اهڙا پختا بندوبست ڪيا آهن جو نہ صرف انھن جا اهڙا موقعا اهڙيون مھلون اهڙيون موسمون احسن طريقي سان گذرن ٿيون بلڪہ اهي سندن لاءِ خوشگواري جو سبب بڻجن ٿيون، اڃا بہ خوش آئند ڳالھہ تہ هو ان پاڻيءَ کي اهڙو تہ اسٽور ڪن ٿا جو اهو پاڻي هو مختلف جاين تي کڻي وڃي ڪيئي سال پنھنجون آبي ضرورتون پوريون ڪن ٿا، بقول “بيوس” جي تہ:

برسات خدا جي رحمت آ، رحمت کي بہ آفت ڇو چئجي؟
پاڻيءَ سان ئي زندھہ هون، پاڻيءَ کي مصيبت ڇو چئجي؟

سو خدا جي هي رحمت بہ انھن لاءِ بڻجي ٿي، جيڪي پنھنجي ڌرتيءَ کي، پنھنجي وطن کي، ان جي آهنگ تي ترتيب ڏين ٿا، ڪي جوڳا بندوبست ڪن ٿا ورنہ انھن جي بنسبت اسان جي حالت ڏسو، اهڙي صورتحال ۽ ڪھڙين حالتن مان گذرون ٿا؟، ڪھڙين ناقابل برداشت مصيبتن سان منھن ڏيون ٿا؟، اسان تي ڇا وهي ٿو؟، اسان تي ڇا واپري ٿو؟، زندگي موت سان ڪيئن برميچي ٿي؟ اهو سمورو داستان “بيوس” بخش علي چانڊيو صاحب جي هن واقعاتي شاعريءَ ۾ نمايان آهي. هو جابجا چئي ٿو تہ هن برساتي حادثي ۾ جتي گهر ڊهي پٽ پيا، روڊ رستا ويران ٿيا، ماڻھو دربدر ٿيا، بيمارين منھن ڪڍيو، مليريا وڌي وبائي صورتحال اختيار ڪئي پيرسن معذور ۽ لاچار ٿيا اتي ٻين جي دردن سان گڏ ابھم معصوم ٻارڙن جا ڏک هن کان ڏٺا نہ ٿا ٿين ۽ چئي ڏئي ٿو تہ:

روئندڙ ننڍڙا سھڻا ٻار، منھنجي دل کي جهورين ٿا،
ٻاهر پيا ٻڌجن ٻاڪار، منھنجي دل کي جهورين ٿا.

عزيز دوستو! شاعر جي دل جو درپن ڪائنات جو عڪاس هوندو آھي، هن جي وسيع ڪينواس ۾ سڀئي صورتون پنھنجو آب تاب منعڪس ڪنديون آهن. هو جذبي جي جولان ۽ ڪيفيتن جي ڪر موڙڻ جي شاعھدي ڏيندو آھي، پر هن جي دل کي درد جي جهوري جيڪي جهير ڏيندي آھي هو انھيءَ مان ڳڙيل رت کي مس بنائي لکندو آھي ۽ لکندي جهڄندو آھي تہ:
ڪنھن جي نظر لڳي وئي يارو، سنڌڙي منھنجي سورن ۾،
شھر ٻڏي ويا، ڳوٺ ٻڏي ويا، آ سڀڪو پنھنجي پورن ۾.

هو اهڙي ڪيفيت ۾ مينھن سان مخاطب ٿئي ٿو، شاعري دنيا جھان جو واحد ذريعہ اظھار آھي، جنھن وسيلي انسان جمادات، نباتات، حيوانات سميت مالڪ حقيقي سان بہ مخاطب ٿيڻ جي سگهہ رکندو آھي.
رحم ڪر ڪجهہ مينھڙا مزدور جي پارت اٿئي،
ڇن ڇڳل، ڀتيون ڀڳل، مجبور جي پارت اٿئي!

هن جي جھانديدہ نظر جيتوڻيڪ واضع ڪري ٿي تہ پاڻي تہ ويندو نيٺ لھي، مگر ان جيڪا تباهي ڪئي آھي، ان جو هو ڇا ڪري؟
بقول سندس:
پاڻي ويندو نيٺ لھي پر اجڙيل گهر جو ڇا ڪريان؟
معصومن کان خالي خالي، هن پڌر جو ڇا ڪريان؟

اهڙن دردناڪ احساسن تي هن جو نازڪ ۽ نفيس خيال ڪچلجي ٿو تہ چئي ٿو:
“بيوس” ۽ بيحال ڏسي هي، آٿتڙو ڪنھن ڪونہ ڏنو،
لڙڪ لڪائي ڇڏيان ٿو، پر هن اوٻر جو ڇا ڪريان؟

هن جي من اندر جو اهو اوٻر ئي آھي، جيڪو هن کي خداوند ڪريم سان دعائن جي صورت ۾ ھيئن مخاطب ڪري ٿو:
تون ٻاجهارا شل ٻاجهہ ڪجان، منھنجو هيڻو حال صفا آھي،
برسات جي آفت ٻوڙي ڇڏيو، تو ريءَ ٻي واھہ نہ ڪا آھي.

ٻاجهاري رب ڪريم مان ٻاجهہ جي ئي اميد هجي ٿي، جيتوڻيڪ هو مالڪ الملڪ آھي، هو ظاهر باطن کان آگاھہ آھي، جو ڪجهہ چئون ٿا ان کان بہ ۽ جو ڪجهہ نہ ٿا چئون ان کان بہ، مگر انساني فطرت آھي تہ بيوسي، لاغرضي، لاچاري ۽ ڪنھن واھہ وسيلي جي اڻھوند ۾ انسان کيس ئي پڪاري ٿو.
“ماندي ٿي نہ مارئي، تنھنجو ﷲ ڀي آھي” جي مصداق تہ “بيوس” بہ ڪا ٻي واهر وسيلو نہ ڏسي، حڪمرانن جي بي حسي پسي افسرشاهيءَ جي ڪڌائي ۽ ڪرپشن ڏسي، زميندارن جي اڍنگائي، ايم پي اي، ايم اين اي، ميمبرن، سياستڪارن جي ناروا سلوڪ کي سمجهي نا انصافي، عدم استحڪام ۽ ھوراکورا جي ڪيفيت ۾ پنھنجي من اندر جي تسڪين ۽ فرياد ۽ آگاهيءَ تحت مٺڙي مالڪ سائينءَ کي پڪاري پڪاري چئي ٿو تہ:
مولا سائين رحم ڪجان، هي سھڻ نہ جھڙا سور،
ٻنيون ٻارا ڄڻ ڪي ڍنڍون، پاڻيءَ سان ڀرپور.

“بيوس” پنھنجو حال (جيڪو دراصل سڄي سماج جو حال آھي، ڇو تہ شاعر ئي سماج جو سچو نمائندو هوندو آھي) ٻڌائيندي چئي ٿو تہ:
منھنجا مولا، منھنجا آقا، منھنجا سائين، رحم ڪر،
حال “بيوس” جو آ هيڻو، ڪو قرب ڪامل ڪرم ڪر،
جهوپڙيون جن جون جهريل، گهر سندن آھن ڪچا،
ڪرانھن تي ٻاجهہ پنھنجي، مِينھن هاڻي ختم ڪر.

ٻاجهہ وارا! ٻاجهہ ڪر، برسات رڪجي ئي نہ ٿي،
ٻيون مسلسل ڏينھن آ، ٻي رات رڪجي ئي نہ ٿي،

يا

ٻيانوي کان بي آ “بيوس”، ڪم گهڻو، شل رحم ٿئي،
مسڪينڙن جا ھن ڏکيا حالات، رڪجي ئي نہ ٿي.

يا

يا خدا! تون ئي وسيلو، سھپ ڪنھن ۾ ڪين اٿئي،
گهر ڪچا، جهوپا جهريل، ڏاڍا اهي غمگين اٿئي،

پيا پسن ٿا مينھن ۾، آڪاش جو ئي بس اجهو،
رحم مولا رحم ٿئي، “بيوس” سڀئي مسڪين اٿئي.

“بيوس” خداوند ڪريم سان سنڌ جي سورن جو جابجا ذڪر ڪندو ائين بہ چئي ٿو تہ:

عالم جا ﷲ مٺا، هيڻي جو هيءُ حال ڏسين ٿو،
سنڌ سراپا سور بڻيل آ جيئڻ ٿيو جنجال ڏسين ٿو.

“بيوس” اهڙين ڪسمپرسين وارين درد انگيز دعائن کان پھريان ظاهر ٻين جا سڀ در کڙڪائي ڏٺا، هن جو هي شعر پڙھي ڏسو:
ڊي سي صاحب، اي سي صاحب، ڳوٺ ٻڏي ويا وارو ڪر،
ڪاهي هل تون ڪرينون جلدي، بند هلي اهو گهارو ڪر.

سرڪاري عملدارن کي چوڻ سان گڏ گڏ ھو سماج جي مضبوط ۽ ڪنھن حد تائين فعال تنظيم سگا، جنھن جو هو پاڻ بہ اهم رڪن آھي، کي بہ ڏوراپا ڏيڻ ۾ نہ ٿو ڪيٻائي،

سگا وارا ڪٿي آھيو، اهو ساڳيو نہ ڪم رهيو،
لڳي ٿو هاڻ اوهان ۾ اهو ساڳيو نہ دم رهيو.

حقيقت ۾ “بيوس” حالت زار ۾ آھي. ان ڪري ان جو اهو چوڻ بجا چئبو ڇوتہ هو جڏھن متاثرين کي، بي گهر خاندانن کي، انھن کي ڪئمپن ۾ ٿو ڏسي تہ هن جي دل رت ٿي روئي، رت ٿي ڳاڙي ۽ حقيقت ۾ ھو ان رت مان ڪلڪ ٻوڙي انھن حالتن کي انھن وارتائن کي هينئن بيان ٿو ڪري تہ:
او منھنجي مٺڙي پياري امان، هن ڪئمپ ۾ مون کي ڊپ ٿو لڳي،
هت ڪنھن کي ڪوئي قياس نہ آ، احساس بہ بلڪل ٺپ ٿو لڳي.

ڪنھن جي هيءَ نياڻي آھي، مانيءَ لاءِ ماندي ماندي،
شايد سوچي پئي تہ اسان لئہ، گاڏي واري آندي آندي.

هن ڪئمپ ۾ مشڪل آھہ رهڻ، چاهيون ٿا واپس ورڻ،
ھر روز هتي جي زندگي ۾، ڄڻ زهر نسورو آھي پيئڻ،
هڪ ساعت بي نہ رهنداسين، پر پاڻي گهر مان گهٽرايو.

هن ڪئمپ ۾ ٽي سئو پڪ ٿيندا، يا تہ اڃا ڪجهہ وڌ ماڻھو،
پر ايترڙو ڀت مس ٿا ڏين، معصوم جي ڪُک ئي ڪين لڳي.

“بيوس” ڪئمپن جي اهڙي حالت ڏسي ائين بہ چئي ٿو تہ:

شل دشمن کي بہ نصيب نہ ٿئي، ان ڏک مان گذري آياسين،
گهرگهاٽ ڇڏي بي گهر ٿياسين، ڪئمپن ۾ نڪري آياسين

ڪئمپن جي مختلف دردن کي اظھاريندي، جيڪا ڪا ٿوري ٿڪي امداد، خيما يا مڇردانيون غريبن لاءِ ھيون، اهي جڏھن پڪن ثبوتن سان ظاهر ٿيو تہ حد جا عملدار ۽ انھن جو عملو کپائي ٿو تہ “بيوس” پنھنجي شاعرانہ، معصومانہ لھجي ۾ کين هن طرح مخاطب ٿي چوي ٿو تہ:

اهي خيما کپائين ٿو، خدا جو قھر ڪو پوندئي،
اڙي مردار کائين ٿو، خدا جو قھر ڪو پوندئي.

“بيوس” خيما خوب کپايائون، اي سين ڊي سين ٺٺ ڪيا،
ڪنھن کي ڪا پرواھہ نہ آ، ماحول ئي اهڙو جوڙيو ويو آ.

مليل امدادي سامان ڪامورن کپايو، ان عنوان تحت اوهان “بيوس” جا شعر ڏٺا، حقيقت ۾ هو ان نتيجي تي پھچي ٿو تہ:
مينھن نڪي برسات ئي ٻوڙيا، ويچارن کي ٻوڙيو ويو،
ڳوٺ جي پويان سم نالو آ، هٿ سان ان کي ٽوڙيو ويو.

هيءَ آھي سراسر، ڳالھہ سچي، اسان هٿ سان ٻوڙيا ويا آھيون،
نہ ٿو ڪير ڏئي، آٿت ڪو اچي، اسان هٿ سان ٻوڙيا ويا آھيون.

يا سنڌ جو خوبصورت شھر خيرپورناٿن شاھہ مڪمل زير آب اچڻ تي “بيوس” جي دل اوڇنگارون ۽ اوسارا ٿي ڏئي.

هر پاسي آ پاڻي پاڻي، جيڏانھن تيڏانھن گهارا آھن،
خيرپور ناٿن شاھہ ٻڏي ويو، اوڇنگارون اوسارا آھن.

روڊ نہ ڪوئي رستو ملي ٿو، کوڙ رلي ويا راهن ۾،
جيڏانھن تيڏانھن ڪٽ لڳي ويا، سنڌ سموري دانھن ۾.

اهڙين تڪليفن جا ڏوراپا هو ووٽن جي سھمن، طعنن جي صورت ۾ ليڊرن لئہ ضرور ڏئي ٿو تہ:

آھي مسڪينن تي ئي مار سدا، پيا جيئن ليڊر سڀنيءَ جا،
ڪلھہ ووٽن وقت تہ مائٽ ھئا، اچ بلڪل وسري آياسين .

اڳ گپ ۾ ويگو ڊوڙائي، ووٽن لئہ ڳولي لھندا هئا،
اڄ روڊ تان گذري سڀ ٿا وڃن، ڄڻ ٿي ويئڙا نابين ڏٺم.

اسان جا گهر ٻڏل آھن، اوهان کي آھي سياست جي،
اسان جا پٽ مئل آھن، اوهان کي آھي سياست جي.

ڪير بہ ڪنھن جو ڪونہ ٿيو، ڪنا سي ڪمدار،
ايم پي اي، ايم اين اي سڀ گم ٿي ويا غدار.

ميمبرن جي مايوس ڪن ڪردار بعد وقت جي صاحب اختيار حڪمرانن لاءِ عوامي نمائنده شاعر “بيوس” بخش علي صاحب چئي ٿو تہ:
صفا سنڌ جي دشمن ٿي پئي آ،
هيءَ يار حڪومت ڇا ڪريون،
ھٿ ساڻ اسان کي ٻوڙين پيا
ناهي ڪا بہ ندامت ڇا ڪريون.

مصيبت جي صفا ماريل، ٻڏل سنڌ جو خدا وارث،
حڪمرانيءَ هٿان هاريل، ٻڏل سنڌ جو خدا وارث.

هڪ طرف کان حڪمرانن جي بي حسي، ٻئي طرف ڪامورا شاهي جي خيانت، ٽئين طرف هنن ڏينھن ۾ ھھڙين حالتن ۾ مھانگائي جي ناقابل برداشت صورتحال کي بہ پنھنجي قلم جي منظوم تاريخ جو حصو بنائي “بيوس” واضع ٿو ڪري تہ:

جيئن جيئن موسم رنگ مٽايو، ظاهر ٿي شيطاني آ،
سڪل واڱڻ بہ اڍائي سئو ۾، هيءَ بہ تہ مسلماني آ.

چار سئو جو ڪلو گوار، کاءُ نہ ايڏي “بيوس” خار
ٽماٽي خان جو نالو وٺندو، ڪو بہ نہ پاڪستاني آ.

اهڙن ناروا اگهن جي ڳاٽي ڀڳي صورتحال تي “بيوس” واپارين سان مخاطب ٿئي ٿو:

منافع خور واپاري، خدا جو خوف ٿورو ڪر،
سڀاڻي موت اچڻو ٿئي، نہ تون ناحق نسورو ڪر.

مٿي بيان ڪيل تمام تر تڪليفن، مصيبتن جو حل يقينن صرف دانھن ڪوڪن ۽ روئڻ، رڙڻ ۾ قطعي ڪونھي، “بيوس” جھڙو دانشور شاعر اهو سڀ ڀلي ڀت ڄاڻي، پنھنجي ماروئڙن، سانگيئڙن، ڏوٿيئڙن ۽ جهانگيئڙن کي همت حوصلي جي ترغيب ڏئي ٿو، جيڪو اصل هن مجموعي جو روح آھي، قومن کي اڀارڻ، ترغيب ڏيڻ ئي شاعر جو اصل پيغام آھي، جيڪو دائمي آھي تہ جڏھن جڏھن بہ سنڌ ڌرتيءَ جي صورتحال خدا نہ ڪري ڪا اهڙي ٿئي تہ ان وقت لاءِ بہ هي پيغام آھي، ڇو تہ “بيوس” جي واقعاتي شاعري ان صورتحال ۾ دائميت رکي ٿي. هو ڪئمپن ۾ رهندڙن کي مخاطب ٿو ٿئي تہ :

سنڌ جا سائين ايئن سدائين، روئندا رهندئو ڪيسيتائين،
بي گهر بڻجي ڪئمپن ۾ ايئن رلندا رهندئو ڪيسيتائين.

هو متاثرين کي ڪئمپن مان اٿي، ڪراچي هلڻ جي صلاح ٿو ڏئي، هو کين روزگار خاطر گهرن کي ڪراچي ۾ ٺاھڻ جي ترغيب ڏئي ٿو ڇو تہ ڪراچي سنڌ آھي ۽ سنڌ ڪراچي آھي، وڏو شھر آھي، روزگار جي سھولت آھي، پنھنجو وطن آھي، هر لحاظ کان سنڌ جي ماروئڙن جو اتي آباد ٿيڻ سندن حق آھي، سندن ٻچڙن جو مستقبل آھي.
هتي بک مصيبت صفا باھہ ٻاري،
هلو يار ڪريون ڪراچي تياري.

ڪراچي جي تياري لاءِ ھو جابجا بار بار فرمائي ٿو تہ:

اٿو اٿو اي دلگهريا، سچا سپوت ساٿيو اٿو،
سڏي ٿو ديس دلربا، اوهان کي ڇا ٿيو اٿو.

“بيوس” قوم کي مايوسيءَ مان ڪڍڻ لاءِ جا بجا همٿائڻ جو دامن هٿان نٿو ڇڏي.
اٿي پئو او مزدور هاري اٿي پئو،
سڏيو ڀونءِ آهي ڀلاري اٿي پئو.

اٿي پئو سنڌ جا سورهيہ، اٿڻ کان ڪير ٿو روڪي،
سڀن جو ڀرجهلو بڻجي، جيئڻ کان ڪير ٿو روڪي.

هن جو پڪو ايمان آهي تہ همٿ سان ئي حاصلات آهي. هو همٿ جي تسلسل ۾ مزيد سمجهائيندي فرمائي ٿو تہ:
اٿو ساٿ پنھنجو سنڀالي هلو،
چڱو يار رب جي حوالي هلو.
.
پنھنجي ماڻھن کي، پنھنجي مارن کي ساٿين کي، سڄڻن کي، سڀني کي “بيوس” جو هي پيغام بيشڪ وڏي سگهہ رکي ٿو:
ڌرتيءَ سان سڀ نينھن نڀايون،
اچو تہ گڏجي سنڌ کي ٺاهيون،
ڪوٽ ظلم جا ٽوڙي ڊاهيون،
اچو تہ گڏجي سنڌ کي ٺاهيون.

هاڻ شرط آھي تہ ان تي عمل ٿيڻ جو، ۽ اهڙي عمل ڪرڻ جو جھڙي ترغيب هن حساس ڪومل دل رکندڙ درد وند شاعر پنھنجي هن مجموعي“دانھون ٻوڙيل ديس جون” ۾ بار بار ڏني آھي.
پنھنجي هن دل لڀائيندڙ مجموعي ۾ هڪ انتھائي پياري ۽ تخليقي دنيا ۾ طاقتور ۽ شاهڪار نظم “نيٺ تہ اهڙو ڏينھن بہ ايندو” جي عنوان تحت هڪ خوبصورت نقشو چٽيو آھي، جنھن ۾ اميد، خوشي خوشحالي ۽ سبزه زاري جو دل آويز تخيل سمايل آھي، خداوند ڪريم کان دعا آھي تہ “بيوس” جي مجموعي جي هن تخليق واري سنڌ اسان اوهان کي عملي طور جلد کان جلد ڏيکاري. (آمين)
برساتن دوران سنڌ جي مختلف سچن احساسن ڪيفيتن دردن ۽ ان جي مرحلن جي جنھن ڀرپور نموني سان واقعاتي تاريخ منظوم انداز سان “بيوس” بخش علي چانڊيو صاحب تحرير ڪئي آھي، آئون ان تي کيس دل سان داد ڏيان ٿو. سلام ڪيان ٿو ۽ دل سان ساراهيان ٿو، اميد ڪيان ٿو تہ سنڌ جو هر سجاڳ ذهن، شعور رکندڙ انسان هي ڪتاب پڙھڻ دوران سمورو سور اکين آڏو ڀرپور محسوس ڪندو ۽ مستقبل جو ماڻھو ماضيءَ جي جهروڪي ۾ درست انداز ۾ جهاتي پائي سگهندو.
“بيوس” جي قلم لاءِ وڌيڪ دعائون ڪندي، اهل علم اهل قلم ساٿين کي بہ وينتي آھي تہ هي درد اسان سڀني کي بہ پنھنجي فڪر ۾ پرچارڻ گهرجي تہ جيئن سجاڳي پنھنجي منزل جي قريب ٿئي.

دعائن سان

پروفيسر اصغر ڀٽي ڀريائي

27-10-2022
فون نمبر: 03013801678

دانھون ٻوڙيل ديس جون ۽ دانھيندڙ بابت

اسان جي دوست، ڏک سک جي ساٿي، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ذريعي سنڌ جي سماجي ترقيءَ لاءِ جدوجھد جي همسفر، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي پروفيسر ۽ سنڌ جي فطرتي سونھن، حسناڪين ۽ ڏکن سورن جي شاعر، ڪورونا وبا دوران تخليق ڪيل شاعريءَ جي ڪتاب ‘ڪورونا لاڪ ڊائون ۽ پيڙائن جا عڪس’ ذريعي شھرت ماڻيندڙ، “بيوس” بخش علي چانڊيو جو ٽيون ڪتاب “دانھون ٻوڙيل ديس جون” سندس جولاءِ ۽ آگسٽ 2022 ع دوران پوندڙ شديد برساتن ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال، ٻوڏ، تباهي، بي حسي، بيوسي دوران اٿندڙ اڌمن واري شاعريءَ تي آڌاريل آھي.
هو گذريل ٽن ڏھاڪن کان سگا جي ساٿ ۾ سلھاڙجي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سماجي رابطن کي قائم رکڻ ۽ هڪ ٻئي جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ توڙي عام ڀلائيءَ جي ڪمن خاطر گهمندو رهي ٿو، ان ڪري هن سنڌ جي سورن کي تمام ويجهي کان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آھي، اهو ئي سبب آھي جو هو گذريل ڪيترن ئي سالن کان مسلسل لکندو رهي ٿو، ڪڏھن نظم ۾ تہ ڪڏھن نثر ۾، سندس لوڪ ادب ۾ تحقيق تي مبني ڪتاب “ساهتي پرڳڻي ۾ لوڪ ادب جي اوسر(تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو)” پڻ سنڌي لوڪ ادب جي گهڻگهرن وٽ بيحد مقبول ٿيو آھي، ان کانسواءِ وٽس شاعريءَ جي ٻن ڪتابن جيترو مواد پڻ اڻ ڇپيل حالت ۾ موجود آھي.
ٽي ايس ايليٽ موجب شاعري اهڙو فن آهي، جنھن ۾ موجود خيال ۽ فڪر سڀني لاءِ ساڳيو ۽ عام ٿي سگهي ٿو، پر احساس هر قوم لاءِ عام نہ، پر خاص آهي ۽ شاعري انھن احساسن جو اظھار آهي. “بيوس” بخش علي چانڊيو جي شاعري قوم جي تڪليفن جي احساسن سان ڀري پئي آهي جيئن:

هيءُ “بيوس” خدائي قھر ڪين هو،
حڪمرانيءَ هٿان، هيءُ ظلم هو سڌو،
ڪنھن جو گهرڙو ڪريو، ڪوئي ڪاٿي مئو،
۽ ڪو لڙھندو ويو، بيوسي بيوسي

تنوير عباسي پنھنجي ڪتاب “شاھہ لطيف جي شاعري” ۾ لکي ٿو تہ پنھنجي ڌرتيءَ سان جڙيو رهڻ ۾ جياپو آهي. شاھہ لطيف سائين ڌرتي جي عوامي ڪردارن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ لازوال ڪيو آهي. سسئي ڌوٻياڻي آهي. سھڻي ڪنڀار جي ڌيءَ آهي، مٽي چڪ ۽ آوي سان واسطو آهي. مارئي ٿر جي ماروئڙن جي ڇوڪري آهي جيڪا پنھنجي وطن جي هر شئي سان محبت ڪندي آهي. نوري مھاڻن جي مڇي ماريندڙ ڇوڪري آهي.

جا جُوءِ، مُئِي نہ ٻَڌي، ڏوٿِي سا ڏورِين،
پاسا مَٿي پاهَڻين، کاهوڙي کوڙِينِ،
وِيا اُتِ ووڙِينِ، جِتِ نھايَتَ ناهِ ڪا.
(شاھہ لطيف)

“بيوس” بخش علي چانڊيو جي شاعريءَ جي هن ڪتاب “دانھون ٻوڙيل ديس جون” ۾ بہ اهڙن ئي هارين، مزورن، سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن جا درد ملن ٿا، جن کي حڪمرانن جي ٽيڪ تي مقامي وڏيرن پنھنجي ٻنين مان پاڻي ڪڍي، انھن مسڪينن جي فصلن ۽ گهرن ڏانھن موڪلي، شاخن ۽ واهن کي هٿرادو ڪٽ لڳائي يا پاڻيءَ جا قدرتي لنگهہ بند ڪري هٿ سان ٻوڙايو ويو.

پئي گهڻي برسات وئي، پاڻي بہ تارئون تار ٿيو،
پوءِ تہ مون مسڪين جي، نازل مٿئون آزار ٿيو،
منھنجي ٻوڙڻ جي پٺيان هرهڪ وڏيرو تيار ٿيو،
ان سبب جي ئي ڪري، مان ٿيو نراسي آھيان،
ادا مان حڪمرانيءَ جو ستايل، سنڌ واسي آھيان.

“بيوس” بخش علي چانڊيو هڪ کاهوڙي ڪردار آھي ۽ کاهوڙي وٽ نہ پلنگ نہ پٿراڻيون، نہ ريشمي چادرون، هو پٿرن تي پاسا ٿا کوڙين، سخت زندگي ٿا بسر ڪن. تڏهن بہ اتي ٿا وڃي پھچن جتي سونھان بہ منجهيو پون ۽ ان کان اڳتي، اڃان بہ اڳتي، گهڻو اڳتي هلندا ٿا رهن. اڻ ڏٺل، اڻ ٻڌل جوءِ ڏي، جتي ڪوبہ نہ پھتو آهي. هن جي سفر جو انت ئي ناهي.

پيئِي جَنِين پُوءِ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي،
ڏوري سائِي جُوءِ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.

(شاھہ لطيف)
بلڪل ساڳي طرح “بيوس” بخش علي چانڊيو پنھنجن ماڻھن جي رهڻي ڪھڻيءَ مان اتساھہ وٺي لفظن جي ذريعي عڪاسي ڪري ٿو، هو انھن جي درد کي پنھنجو درد سمجهي ٿو، انھن جي تڪليفن کي پنھنجي دل اندر درد جي صورت ۾ محسوس ڪري تڙپي اٿي ٿو ۽ پوري جھان جي پالڻھار کي مخاطب ٿي هينئن بہ دانھن ڏئي ٿو:

عالم جا ﷲ مٺا، هن هيڻي جو هيءُ حال ڏسين ٿو،
سنڌ سراپا سور بڻيل آ، جيئڻ ٿيو جنجال ڏسين ٿو.

منھنجا سائين تنھنجا ٻانھا، تنھنجي در تي دانھين ٿا،
ظالم رئيس وڏيرا قاتل، سنڌ جا هيءُ دجال ڏسين ٿو.

مظلومن جون آھون ٻڌ، اي مالڪ! محشر برپا ڪر،
جن کي ٻوڙي ماريو ويو آ، تن جي صورتحال ڏسين ٿو.

“بيوس” جون آھون ۽ دانھون، عرش عظيم تي پھتيون آھن،
بيشڪ منھنجي دل جو سارو، سورن جو احوال ڏسين ٿو.

هو مشڪل حالتن ۾ بہ اميد جو دامن هٿ مان نہ ٿو ڇڏي ۽ آئندي جي خوشحال سنڌ جا خواب ڪڏھن بہ ڀور ڀور ٿيڻ نہ ٿو ڏئي بلڪہ هر وقت اميد جا ڏيئا ٻاريندي اجالي جو انتظار ڪري ٿو.

ماروئڙا مجبور نہ هوندا، سنڌ اندر خوشحالي هوندي،
سک جا ٽھڪ، ٽھوڪا گونجن، ڪائي اک نہ آلي هوندي،
ڪوئي “بيوس” مور نہ مرندو، ڪا نہ هتي بدحالي هوندي،
نہ ئي ڪنھن جو روئندي روئندي، ڳل ۽ دامن آلو ٿيندو
نيٺ تہ اهڙو ڏينھن بہ ايندو، دنيا لاءِ حوالو ٿيندو.

شين جو نعم البدل هوندو آهي پر انسان جو نہ، هر انسان پنھنجي ذات ۾ گلشن يا جزيرو آهي. پَکي جھڙو پَکو ملي سگهي ٿو، موٽر سائيڪل جھڙي هوبھو ٻي موٽر سائيڪل ملي سگهي ٿي پر هڪ انسان جھڙو ٻيو انسان بلڪل ساڳيو نہ ٿو ملي سگهي. مشابھتون ۽ مماثلت ممڪن آهن. اهڙي طرح “بيوس” بخش علي چانڊيو جي ٻالڪپڻ جي زندگي، منھنجي ٻالڪپڻ سان ڪافي حد تائين مماثلت رکي ٿي. ڳوٺاڻي زندگي، اسڪول جو دؤر،ڪاليج ۽ اعليٰ تعليم ڏکن ڀري جدوجھد جو شاندار داستان آهي. جيڪو اسان کي لکڻ تي مسلسل اتساهي ٿو. اسان قول ۽ فعل وسيلي سماج ۾ ٿيندڙ اڻبرابرين کي مختلف طريقن سان للڪاريون ٿا.
دوستي رکڻ ۽ ان کي نڀائڻ تہ ڪو “بيوس” بخش علي چانڊيو کان سکي، هو دوستي رکي بہ ڄاڻي تہ نڀائي بہ ڄاڻي، پوءِ ڇو نہ ڪراچيءَ کان ڪشمور ۽ ڪاڇي کان ڪارونجهر جا سفر ڪرڻا پون، هو هميشہ اڳي کان اڳرو رهي ٿو!
هن سدائين لطيف سرڪار جي هنن سٽن تي عمل ڪيو آھي تہ:

هو چونئي تون مَ چئو واتان وَرائي،
اَڳ اَڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،
پاند ۾ پائي، ويو ڪِيني وارو ڪينَ ڪي.

(شاھہ لطيف)

انھن ڳالھين جو ثبوت سندس شاعريءَ مان بہ ملي ٿو.
سنڌ لئہ جو جيئي، سنڌ جي خاطر مري،
ساھہ ڌرتيءَ کان جيڪو، نہ ٿو وڌ ڪري،
قدم تنھن جا چمان، ڀل پيو ڌوڙيل ڌري،
نانءُ ان جو کڻڻ، سان ٿي لونءَ لونءَ ٺري،
منھنجون “بيوس” اکيون، پير ڏيندا اچو،
ها مگر ڪجهہ گهڙيون، پنهجي منھن سوچجو،
ڪير سنڌ سان سچو، ڪير سنڌ لئہ ڏچو.

تازو ئي ايني ايرنو کي ادب جو نوبل انعام 2022ع مليو آهي. هن پاڻ سان ٿيندڙ ۽ آسپاس جي لقائن بابت مسلسل لکيو. هن مطابق لکڻ هڪڙو سياسي عمل آهي جنھن جي ذريعي سماجي اڻ برابري کي وائکو ڪري سگهجي ٿو.
“بيوس” بخش علي چانڊيو ان سماجي اڻبرابريءَ بابت دانھيندي لکي ٿو تہ:

هزار دل ۾ سوال آھن، جواب آخر وٺون تہ ڪنھن کان؟
ڪمال بدران زوال ڇو آ، حساب آخر وٺون تہ ڪنھن کان؟

سدائين ڌوڪا ڏنا ويا هن، اسان اڃا بي انھن جي پويان،
رڍن جي اڳيان وڄائجن جي، رباب آخر وٺون تہ ڪنھن کان؟

نہ ٿا لڪائي سگهون او “بيوس”، زخم اندر جا ڪڙھن پيا ٿا،
بجاءِ امرت زهر ڏنائون، دوا بہ آخر وٺون تہ ڪنھن کان؟

اسان جي دعا آهي تہ هو لکندو رهي. ڏات جي ديوي هن تي هميشہ مھربان رهي.

اَلا! جُنگَ جِيَئنِ، جنِين اَجهي گهارِيان؛
شالَ مَ سُڪي ويئَرِي، جِئان پِيَ پِيَئنِ؛
مَرَڪَڻَ! اَکَڙِيَنِ، تو ڏِٺي مُون سُکُ ٿِئي.

(شاھہ لطيف)

پروفيسر خالد حسين چنا
حيدرآباد
فون نمبر: 03337501969

مونکي ماروئڙن، سُڃَ ڳڻائي سيج ۾!

پروفيسر بخش علي چانڊيو عرف “بيوس” بخش علي علم دوست شخصيت جو مالڪ آهي. سندس طبيعت جا رنگ هزار آهن. ڀلا جيڪو هجي ئي ڦلن جو (شھر جو نالو) تہ ان جي گلشن ۾ يقينن سوين سُڳنڌ ڀريل رنگ برنگي گلن ڦلن جي مھڪ ضرور موجود هوندي. هي نہ رڳو درسگاھہ ۾ علم ۽ فھم جا پنا پاڙهي ٿو پر هن جي جيون جون هر هنڌ ڪيئي ڪٿائون موجود آهن.
ٻال جتيءَ کان پورهيت والد جي گهر ۾ کيس اڏڻ، جوڙڻ ۽ مٿي ڇانوَ ڪرڻ جو هنر مليو. سو پاڻ شاهل، ڏور، مارو ۽ چونارو تہ ڪونہ کنيائين، ها البتہ! سماج اڏڻ جو هنر ۽ اجڙيل ويڙها آباد ڪرڻ جو ڏانءُ ۽ ڏات هن جي سَنڌَ سَنڌَ ۾ سمايل آهي. ڏيھي ماڻھن جي ڏٻري ڏيل تي بکين بازن جا لامارا، رات جي راڪاسن جا هيڻن تي حملا، رياستي دهشتگردي، ڏاڍ جبر، سماجي اڻ برابري، بک بيماري ۽ بدحاليءَ جا عڪس، هو ٻوڪي ٻڌڻ، ٻاتا ٻول ٻولڻ، معصوم ادائن واري عرصي کان پسندو پيو اچي. بقول شاه سائين جي تہ:
مونکي ماروئڙن، سُڃَ ڳڻائي سيج ۾!
اها درد ڪٿا، اڄ بہ “بيوس” جي سيني ۾ سربستي سانڍيل آهي.
بخش علي “بيوس” هڪ ئي وقت پنھنجي سنڌي سبجيڪٽ جو مثالي پروفيسر، ڀلو ٽرينر، سماج سڌارڪ، ذميوار تنظيمي اڳواڻ، ادارن جي مالڪيءَ جو احساس رکندڙ، سٺو مقرر، بھترين اسٽيج سيڪريٽري، سيبتو سگهڙ، اهلِ علم، اديب ۽ شانائتو شاعر آهي. هر پاسي کي توازن ۽ ترتيب ۾ رکڻ ٿورن ماڻھن جي ڀاڱي ۾ ايندو آهي، پر ڀاءُ بخش علي، اهو ڀاڳوند آهي، جنھن جي شخصيت ۾ هڪ ئي وقت اڻ ڳڻين رنگن جو ڪنٽراسٽ موجود آهي. ڪاليجي معاملا ۽ درسي ذميواري، هن جي اولين ترجيح آهي، جنھن تي ڪمپرومائيز ڪونہ ڪري ٿو. جيڪڏهن ڪنھن داداگير اداري تي هلان ڪئي تہ کيس اهڙي اجازت نہ ڏبي، پوءِ ڀلي هٿين ڇو نہ پئجي ۽ معاملو ٿاڻن تائين وڃي پھچي. مان نہ ٿو چوان پر چانڊيي جي اهڙن همٿ ڀرين مثالن جون مھراڻ ڪاليج موري جون ديوارون ايامن تائين گواھہ رهنديون.
ان کانسواءِ سنڌ پروفيسرس اينڊ ليڪچررس ائسوسيئيشن جون تنظيمي ۽ تحريڪي ذميواريون، هڪ ععھديدار جي حيثيت ۾ نڀائڻ، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي مرڪزي اڳواڻيءَ جا فرائض ۽ ان جي اليڪشن مھم دؤران سرو، لاڙ، ڪاڇو، ٿر جا ٿاڪ ۽ ڪراچيءَ جا سفر هن جي معمول ۾ شامل هوندا آهن. کيس لطيف سائينءَ جو هي سبق سدائين ياد هوندو آهي تہ:

سُتي نہ سَرَندِياءِ، ڪَر پَچارَ پِريَنءَ جِي،
وِهامِي وِيندِياءِ، گهَڻا هَڻَندين هَٿَڙا.

(شاھہ لطيف)
چرچو ڀوڳ ۽ کل مذاق، بخش علي جو وڙ رهيو آهي. محفل ۾ هن جي موجودگيءَ جو احساس، ٽھڪن جا ٽڙڪاٽ ۽ بلا تڪلف گفتگو مان واضح هوندو آهي. يارن سان ياريءَ ۾ ليکا ڪونہ ڪري پر جي سندس اصول خلاف سنگت کان ڪا ڪَڻ پئجي وئي تہ پوءِ هن راڻي جو روسامو بہ هڪ هزار وولٽ کان گهٽ ڪونہ هوندو آهي. آخرڪار، هن پرينءَ کي پرچائڻ لاءِ ميڙ منٿ قافلا ڪڍڻا پوندا آهن.
“بيوس” بخش علي پنھنجي يگاني طبيعت هوندي بہ هڪ سالم دل ۽ دماغ وارو انسان آهي. جيڪو ننڍپڻ کان وٺي سوچيندو ۽ لوچيندو رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو جنھن بہ پليٽ فارم تي بيٺو رهيو آهي، اتي پھرين صف ۾ نظر ايندو. آدرشن کي ماڻڻ لاءِ جسماني جھد سان گڏ، سندس سوچ جي تند، تلوار سان وڙهندي رهي آهي. زندگيءَ جي زندانن کي منھن بہ ڏبو تہ اعلى مقصدن ماڻڻ لاءِ موٽر گاڏيءَ جي پاڻ ڊرائيونگ ڪري ڪوهين ڏور بہ ڪاهي وڃبو. سنڌ جي ڪنھن بہ ڪنڊ ۾ “سگا” جي سڏ تي هر حال ۾ پھچبو. شادي، غميءَ ۾ هڻي وڃي هنڌ ڪبو. سنگت ساٿ اڳيان ڪڏهن ڪانيارو ڪين ٿبو. ڀلي ڪشالا ڪرڻا پون پر محبوبن جي ميار نہ سھبي؛ ڇو تہ هو محبت جي معاملي ۾ شيخ سعدي شيرازيءَ جي هنن سٽن سان سؤ سيڪڙو متفق آهي تہ:
“اسان دارا ۽ سڪندر بادشاه جا قصا ڪونہ پڙهيا آهن، اسان رڳو محبت ۽ وفا جون حڪايتون پڙهيون آهن.”
پروفيسر بخش علي جي زندگيءَ جا کوڙ سارا پھلو آهن، پر منھنجي خيال ۾ سندس طبيعت مزاج ۽ فڪر ڦرهي تي حاوي جذبو شاعري آهي. جنھن جي ذريعي هو پنھنجي نفيس جذبن جو اظھار ڪري ٿو. ان ڪري سڀني مصروفيتن جي باوجود بہ هو فل ٽائيم شاعر آهي ۽ باقي سرگرميون ڄڻ تہ سندس پارٽ ٽائيم هجن. ڪارائتا مقالا، مضمون ۽ ريسرچ پيپر بہ کوڙ سارا لکيا اٿس. ساهتي پرڳڻي جي پنجاھہ کن سگهڙن کي واهڻ وسندين ۾ ڳولھي ڦولھي انھن جي زندگيءَ جو حال احوال ۽ سگهڙائپ کي سريلائپ سان قلمبند ڪيو اٿائين. سندس اهو قلم جو پورهيو “ساهتي پرڳڻي ۾ لوڪ ادب جي اوسر(تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو)” جي نالي سان ڇپجي چڪو آهي. ان کانسواءِ ڪورونا جي قھري ڪاررواين جي دوران بہ هن شاعر جا حساس جذبا سجاڳ رهيا ۽ انساني تاريخ جي هن بين الاقوامي الميي تي “بيوس” جو هر روز نئون نظم سرجندو رهيو. نيٺ هن موذي مرض ۽ وبائي بيماريءَ جي پڄاڻيءَ تي پروفيسر “بيوس” بخش علي جو لکيل نظمن جو مجموعو ڪتابي صورت ۾ “ڪورونا لاڪ ڊائون ۽ پيڙائن جا عڪس” جي نالي سان شاعرانہ تحرير جو تاريخي حصو بڻجي ويو.
مشھور آئرش اديب ۽ شاعر آسڪر وائلڊ چواڻي تہ “خوشيون خوبصورت جسمن لاءِ هونديون آهن ۽ ڏک خوبصورت روحن لاءِ هوندا آهن.”
2022 جا جولاءِ ۽ آگسٽ جا مھينا، سنڌ لاءِ برسات جي صورت ۾ آفت بڻجي آيا. جنھن سڄي سماج کي لوڙهي وڌو. جسمن سان گڏ روح بہ زخمي ٿي پيا. هونئن بہ ماضيءَ ۾ انگريزَن، سنڌ کي ‘اداس وادي’ جي نالي سان سڏيو آهي. سو تازو ٿيل بارشن جي تباھہ ڪارين سنڌ جي جهريل وجود کي ويتر زخمي ڪري وڌو آهي. نتيجي ۾ اها اداس وادي، هاڻي نراسائيءَ ۽ نااميديءَ ۾ مَٽِجي وئي آهي. هر هنڌ بيٺل پاڻي، پَٽِ پيل گهر، ويران ويڙها، برباد واهڻ وسنديون، بي رونق شھر، ڪئمپن جي زندگي، هر هنڌ دربدري؛ اک کٽي وڃي پر پاڻي نہ کٽي، جتي انسانن جي ٻڏڻ ۽ لڙهڻ جي منظرن کي ڏسڻ لاءِ زميني رستا نہ بچيا، جنھن ڪري ملڪي توڙي غير ملڪي ادارا ۽ فرد اسان جي حال جو هوائي جائزو وٺڻ لڳا.
برسات ۽ ٻوڏ دؤران روزاني جي تباهڪارين نَوَنِ ڪيڏارن کي جنم ڏنو. حالتن جي سنگيني خوبصورت روحن کي رهڙي وڌو. اڃا بہ ڪو اتو پتو ڪونھي تہ اهو درد جو سفر ڪٿي دنگ ڪندو.
اُن آلودہ ماحول ۾ ٻڏندڙ سنڌ جي بيوسيءَ تي حساس دل شاعر “بيوس” بخش علي هر روز نئون نوحو لکندو رهيو. جنھن ۾ درد جي پيڙا، بيڪسي، لاچاري ۽ ارباب ِ اختيار جون اُرھہ زورايون، مطلب تہ سڀ سور سمايل آهن. ان ڪري “بيوس” پنھنجي هن شاعريءَ جي مجموعي جو نالو ئي رکيو آهي “دانھون ٻوڙيل ديس جون.”
فارسي شاعر فردوسيءَ جي جڳ مشھور ڪتاب “شاھہ نامي” ۾ اشرفين جي عيوض وقت جي بادشاه سلامت جي ثناخوانيءَ ۾ شعر موجود آهن، پر پروفيسر بخش علي جي “گدا نامي” ۾ ڏتڙيل ڏيھہ جي دردمندن جون هر نظم ۾ آهون ۽ دانھون شامل آهن. ابوالقاسم “فردوسي” کي هر بيت جي عيوض سڪن سان نوازڻ جو آسرو هو پر “بيوس” بخش علي کي هر بيت جي ڀرم ۾ نئون سور مليو آهي. ڇو تہ ساڃاھہ وندن لاءِ هر نئون فڪر ۽ خيال هڪ نئون اهنج بہ آهي.

سيئي سيل ٿيام، پڙهيام جي پاڻان،
اکر اڳيان اُڀري، واڳون ٿي وريام.
(قاضي قادن)


پروفيسر عبدالستار ابڙو
پرنسپال گورنمينٽ ڊگري ڪاليج
ڪنڊيارو
فون نمبر: 03009376896

پنھنجي پاران

ڪروڙين ڪرم ان ڪائنات جي مالڪ جا، جنھن هن جھان کي پيدا ڪري، هن پوري جنسار کي جوڙيو ۽ پنھنجي پاڪ حبيب، حضرت محمد مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وآلہ وسلم جن کي رهبر ڪائنات جي صورت ۾ هن ڌرتيءَ جي عظمت ۽ سونھن جو نشان بنائي، رهبري ۽ رهنمائيءَ لاءِ موڪلي پنھنجي ڪرم جي پلر جي پالوٽ ڪئي.
ان مالڪ الملڪ هن ڌرتيءَ تي سنڌ جھڙي جنت ارضيءَ کي خلقي عالم آشڪار ڪيو، جنھن جي هزارين سالن تي مشتمل تھذيب بہ آھي تہ تاريخ بہ آھي، جنھن جي هڪ پاسي کان پربت جيڏا جبل پنھنجو ڳاٽ اونچو ڪيو بيٺا آھن، تہ ٻئي طرف اجهاڳ سمنڊ آھي، جنھن جي تري ۾ ماڻڪ ۽ موتي پيا وهن، ٽئين طرف وري ٿر جي خوبصورت ڀٽن جا نظارا، جتي تاريخ ۽ تھذيب جو جنم ٿيو آھي، پوري وچ کان وري تھذيبن جي ابي، سپت سنڌوءَ جون امرت ڌارائون ڪوھہ قاف جي اوچن پھاڙن مان نڪري، سنڌ ڌرتيءَ جي سيني کي سيراب ڪرڻ لاءِ ھميشه بيتاب ۽ موجزن رهن ٿيون، نہ رڳو ايترو پر، ڌرتيءَ جي تهن هيٺان بہ تيل، گئس، معدنيات ۽ ڪاري سون يعني ڪوئلي جا اڻ ميا خزانا موجود ڪري ڏنا تہ جيئن هن مٺڙي ديس جا ماڻھو، جتان جي ٿڌڙي هير، مديني واري سائينءَ جي قدم بوسي ڪري کين سنڌ ملڪ جي مٽيءَ جي ڀنل خوشبوءَ آڇيندي هئي، اهي سنڌ ديس جا ماڻھو سدائين خوش گذارين ۽ پوري عالم لاءِ لطيف سھڻي جي دعا بڻجي هميشہ لاءِ دعاگو هجن.
منھنجو جنم ان ڌرتيءَ جي ننڍڙي شھر ڦل ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ ٿيو جتي پنھنجي مائٽن جا ست اٺ گهر هوندا هئا!
منھنجا مائٽ سڀئي هيٺئين طبقي سان تعلق رکندڙ مزور يا هاري هئا، زمين جا ٿورا گهڻا ٽڪرا پنھنجا هوندا هئا پر روهڙي ڪئنال مان نڪرندڙ سم سبب اهي بہ مڪمل پاڻيءَ ھيٺ ۽ غير آباد ٿي چڪا هئا. اهڙيءَ طرح “ڪڏھن ڏک تہ ڪڏھن سک” مڙئي زندگيءَ جو گاڏو پيو گڙڪندو هو. اسڪول جي زماني کان ڪاليج تائين تعليم پرائڻ دوران، پرائمري ۾ ٽي ڪلوميٽر روزانو پنڌ ڪرڻو پوندو هو، پوءِ مڊل اسڪول ڦل ۾ داخلا بعد اهو مفاصلو ڦري 5 ڪلوميٽر روزانو ٿي ويو، جيڪو ڪڏھن ڪنھن ڊاٽسن جي فوٽ پيريءَ تي لٽڪي تہ ڪڏهن پيادل طئہ ڪرڻو پوندو هو، پرڏک سکن جي سونھن سمجهي حالتن سان جهيڙيندو رهيس ۽ رڪاوٽن جو مقابلو ڪندي، اڳتي وڌندو رهيس.
انھن ڏينھن ۾ نہ بجلي هوندي هئي، نہ سولر انرجيءَ جو سک ميسر هو، گاسليٽ واري بتيءَ تي پڙھبو هو ۽ هٿ واري کجيءَ جي ڦرهن يا ڊڀن جي تيلين مان ٺھيل پکن سان، گرميءَ جو مقابلو ڪبو هو.
ڪڏھن ڪڏهن گاسليٽ بہ ڪونہ هوندو هو تہ دلي جي ڍڪڻيءَ ۾ تيل ۽ ڪپھہ وجهي ڏيئو ٺاهي ٻاربو هو، تيل بہ نہ هجڻ جي صورت ۾ امان باھہ ٻاري ويھندي هئي ۽ گرمي هوندي بہ ان باھہ جي ويجهو ويھي، ان جي روشنيءَ تي پڙھبو هو.
مان جنھن گهر ۾ سمجهہ لائق ٿيس، اهو ٿوڻين تي ٺھيل ڪکائون گهر هوندو هو، جنھن جي مٿان ڪکن جو ڇپر ٻڌل هوندو هو، جنھن جي چوڌاري سرن جي ڪکن ۽ ڪانن جي ڪنڌي ڏنل هوندي هئي، جنھن مان خاص ڪري سياري جي سرد راتين جي ٿڌڙي هوا، سيسراٽ ڪري پئي گذرندي هئي، پر گهر ۾ ڪڏھن بہ ناشڪريءَ جو ڪو لفظ ڪنن تي ڪونہ پوندو هو.
بابا سائين رازڪو ڪم ڪري ڏينھن رات لوڙي لوڙي ايترو مس ڪمائي سگهندو هو، جنھن مان سال يا ڇھن مھينن جو ان وٺي مٽيءَ مان ٺھيل گُنديءَ ۾ گڏ ڪري رکبو هو يا اويل سويل دوا درمل ۽ لوڻ مرچ جو انتظام ٿي سگهندو هو، جڏھن تہ روزانو جي خرچ لاءِ وري مينھن جي کير جي گهاگهر ڪتابن سان گڏ، مٿي تي رکي شھر کڻي وڃڻو پوندو هو، ان زماني ۾ عيد براد تي نئون وڳو ۽ نئين چپل ملي ويندي هئي تہ پاڻ کي هوائن ۾ اڏامندو محسوس ڪبو هو.
جيئن تہ ڪچي عمر ۾ جيڪي ڪجهہ ڏسجي، ٻڌجي ۽ ان سان منھن مقابل ٿجي ٿو، اهو منظر ساري عمر پاڇي جيان گڏ پيو هلندو آھي، سو منھنجا اهي ڪچڙيءَ عمر جا ڏک منھنجا اهڙا ساٿي ۽ رهبر بڻيا، جيڪي هن وقت تائين، جڏھن ﷲ سائين پنھنجي رحمتن سان نوازي اوڻيھين گريڊ تائين پھچايو آھي ۽ الحمدﷲ زندگيءَ جي هر ضرورت پوري ٿي رهي آھي، پر اڄ بہ جڏھن ڪنھن انسان کي ڏک ۽ تڪليف ۾ ڏسندو آھيان تہ مون کي پنھنجون اهي تڪليفون ياد اچي وينديون آھن، هتي هڪ ڳالھہ واضع ڪندو هلان تہ مان اڪيلائيءَ ۾ ڪا ڏکن ۽ تڪليفن واري الميہ فلم بہ ڏسي نہ سگهندو آھيان ۽ روئندڙ ڪردارن سان گڏ منھنجي اکين مان بہ لڙڪ لارون ڪري وهندا رهندا آھن. خوبصورت ماڻھو، معصوم ٻار ۽ فطرت جا حسين منظر، منھنجي ڪمزوري آھن، ان ڪري ڪنھن معصوم ٻار کي روئندو ڏسڻ يا فطرت جي ڪنھن حسين منظر جي برباد ٿيڻ تي منھنجي دل ۾ وڍ پوڻ شروع ٿي ويندا آھن.
اهو ئي سبب آھي جو آگسٽ 2022ع جي غير معمولي برسات ۽ انتظامي لاپرواهيءَ سبب جيڪا ڏکوئيندڙ صورتحال پيدا ٿي، ان راتين جون ننڊون ۽ ڏينھن جو سڪون برباد ڪري ڇڏيو، سڄي سڄي رات جاڳندو رهيس، روئندو رهيس، تڙپندو رهيس ۽ بيت، وايون، نظم، غزل ۽ چؤسٽا لکندو رهيس، اڪثر شاعري ان ڪيفيت جي پيداوار آھي ۽ يقين سان چوان ٿو تہ اگر ڪو دوست اڪيلائيءَ ۾ انھن تڪليفن جو تصور ڪري ڪتاب جو مطالعو ڪندو تہ روئڻ کان رهي نہ سگهندو.
ڇاڪاڻ تہ 2022ع جي چوماسي جي برسات ايڏو تہ مسلسل ۽ تيز وسڪارو ڪيو، جيڪو منھنجي پنجاھہ سالن جي عمر ۾ پھريون ڀيرو مون اهڙو مسلسل ۽ تيز مينھن ڏٺو هو، جنھن جو بيان لفظن ۾ ممڪن ڪونھي، خاص ڪري 24 کان 26 آگسٽ تائين مسلسل 72 ڪلاڪن تائين وسندڙ مينھن، جتي پوري سنڌ کي هڪ وڏي تلاءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، ۽ ڪچا گهر تہ هڪ هڪ ٿي ڪرڻ لڳا، پر پڪن گهرن ۾ پاڻي بيھي وڃڻ سبب اهي پڻ جهري پيا، ڪو اهڙو گهر نہ هوندو، جنھن جو ٿورو گهڻو نقصان نہ ٿيو هجي، اتي سرڪاري بدانتظامي، بي حسي ۽ ناقص حڪمت عملي بہ سامھون اچي وئي، هڪ پاسي برسات جا راڱا تہ ٻئي پاسي، وڏيرن، سرمائيدارن ۽ انتظامي آفيسرن جون ڏاڍايون جاري رهيون، جنھن ڪري هر هنڌ يا تہ غريبن جي ڳوٺن ۽ زرعي زمينن ڏانھن پاڻي لوڙھي انھن کي هٿ وٺي ٻوڙيو ويو، يا وري قدرتي لنگهہ بند ڪري، پاڻيءَ جو رستو روڪيو ويو، ٻنھين صورتن ۾ عام سنڌ واسي تمام گهڻو متاثر ٿيو، ڳوٺن جا ڳوٺ صفحہ هستيءَ تان ميسارجي، اَٺَ، ڏھہ فوٽ پاڻيءَ ھيٺ اچي ويا ۽ ڳوٺاڻا ويچارا فقط سر بچائي اچي مختلف سرڪاري ادارن ۾ پناهگير ٿيا، جتي ڪنھن بہ قسم جي سھولت ڪانہ هئي، نہ پاڻي، نہ بجلي، نہ واش روم ۽ نہ ئي ڪنھن پرديداريءَ جو انتظام، ٻيو تہ ٺھيو پر انھن عمارتن جا بہ چاپڙ ڪرڻ لڳا، جن ۾ اهي مسڪين سنڌ واسي رهيل هئا، جن جو سڀ ڪجهہ اجڙي چڪو هو، نتيجي طور پاڻيءَ ۾ ٻڏي وڃڻ، عمارتون ڪري پوڻ ۽ مختلف بيمارين جھڙوڪ گيسٽرو ۽ مليريا توڙي بک وگهي، ماڻھو مرڻ لڳا، سون مٿان سھاڳو وري اهو ٿيو جو بدانتظامي جي نتيجي ۾ مليريا ۽ گيسٽرو جون دوائون اڻ لڀ ٿي بليڪ تي وڪامڻ لڳيون، عام حالتن ۾ روپئي ڏيڍ ۾ ملندڙ بخار جي هڪ ٽڪي ڏهن رپين ۾ بہ ڪانہ پئي ملي، ساڳيو حال سبزين ۽ ٻين کائڻ پيئڻ جي شين جو هو، اهو تاريخ ۾ پھريون ڀيرو هو جو ٽماٽو ڇھہ سئو روپيہ ڪلو، بصر چار سئو روپيہ ۽ سڪل واڱڻ جيڪو عام ڏينھن تي ٻڪريون بہ نہ کائين سوبہ اڍائي سئو روپيہ ۾ ڪلو پئي هليو، جڏهن تہ اٽو پڻ مارڪيٽ مان اڻلڀ ٿي ويو، جنھن ڪري ويچارا مسڪين ماروئڙا بکن ۾ پاھہ ٿيڻ لڳا. حڪومت طرفان وڏا وڏا اعلان ٿيندا رهيا، تنبو، راشن جا ڪٽا ۽ کائڻ پيئڻ جو سامان ايندو رهيو، وڪرو ٿيندو رهيو يا رات جي پيٽ ۾ غائب ٿيندو رهيو، عام ماڻھن توڙي ميڊيا ڪارڪنن طرفان اهڙين وارداتن جا فوٽوز ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ٿيندا رهيا، پر ڪنھن جي ڪن تي جونءَ بہ ڪانہ پئي چري،نتيجي ۾ چوڌاري آھون، دانھون ۽ اوسارا هئا پر ڪير ڪن ڏيڻ وارو ڪونہ هو.
هڪ طرف پاڻيءَ جي قدرتي لنگهن تي قبضا ڪري انھن کي بند ڪيو ويو هو جنھن ڪري پاڻيءَ جو مقدار وڌي وڃڻ سبب مختلف هنڌن تي گڏ ٿي، واٽر بم جي شڪل وٺي رهيو هو تہ ٻئي طرف وڏا سياستدان، ڪامورا ۽ جاگيردار پنھنجي ٻنين جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ مختلف شاخن، واهن ۽ بندن کي ڪٽ ۽ گهارا هڻڻ لڳا، جنھن ڪري پاڻي سرڪش گهوڙي جيان حدون لتاڙڻ شروع ڪيون جنھن سبب روڊ ۽ رستا بہ بند ٿيڻ لڳا، نيشنل هاءِ وي سميت پوري سنڌ جا روڊ رستا ڪيترن ئي ڏينھن تائين مسلسل بند رهيا، جنھن سبب مسافر توڙي سامان هفتي کن تائين رستن تي ڦاٿل رهيا. هيڏانھن برساتي پاڻي زورن تي هو تہ مٿان درياءَ بادشاھہ بہ اچي زور رکيو، جنھن ڪري ڪچو بہ مڪمل ٻڏي ويو ۽ ڪچي جا ماڻھو بہ بي گهر ٿي اچي ڪئمپن ڀيڙا ٿيا، مٿان وري لکين ڪيوسڪ بلوچستان وارو پاڻي بہ مختلف جابلو رستن کان ٿيندو اچي سنڌ ۾ داخل ٿيو، پر ان کي بہ ناقص حڪمت عملي جي ور چاڙھيو ويو، جنھن ڪري اهو پاڻي وري جيڪب آباد، قمبر شھدادڪوٽ جي ڳوٺن کي نيست ۽ نابود ڪندو اچي حمل ڍنڍ ۾ داخل ٿيو ۽ ھزارين ڳوٺ ٻوڙيندو اچي منڇر ڍنڍ تائين پھتو، ان وچ ۾ گاجي کهاوڙ جھڙا ننڍا ننڍا شھر تہ پھرئين ڌڪ ۾ ئي برباد ٿي ويا، پر پاڻي اچي وڏن شھرن ميھڙ، خيرپور ناٿن شاھہ، جوهي، دادو ۽ سيوهڻ تي زور رکيو، ميھڙ جي شھرين ۽ سگا جي ساٿين کي سلام آهي، جيڪي رنگ بند ٻڌي، رات ڏينھن محنت ڪري ميھڙ کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا، پر خيرپورناٿن شاھہ مڪمل ٻڏي ويو، پاڻي جوهي ۽ دادو تي زور رکيو جن کي پڻ رنگ بند ذريعي بچايو ويو، آخر وڏي نقصان کان پوءِ منڇر کي ڪٽ ڏئي، پاڻيءَ کي درياءَ ۾ نيڪال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ايستائين گهڻي دير ٿي چڪي هئي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جو ايڏو جاني، مالي، معاشي ۽ ثقافتي نقصان ٿي چڪو هو جنھن جو ازالو شايد صدين تائين بہ نہ ٿي سگهي!
مٿي سڄي وارتا بيان ڪرڻ جو مقصد هيءُ آھي تہ آگسٽ ۽ سيپٽمبر مھينن دوران جيڪي ڪجهہ اکين ڏٺو، ڪنن ٻڌو، دل ۽ دماغ ان درد کي محسوس ڪيو، ان سڄي منظر جو عڪس هن ڪتاب ۾ موجود آھي، هيءَ ڪا عام واقعاتي شاعري ناهي، پر راتين جا اوجاڳا، ڏينھن جي تڙپ، آهون، دانھون ۽ اوسارا آھن، جيڪي مون جھڙي حساس ماڻھوءَ جي دل جو آواز ۽ اکين مان وهندڙ لڙڪن جو عڪس بہ آھن ۽ سنڌي سماج جي المياتي تاريخ بہ آھي، تہ سوين بي يار و مددگار فوتين، جن جي قبر لاءِ سڪل جاءِ ڳولڻ، قبر کوٽڻ ۽ لاش کي تئي يا مُڙهي تي تاري قبرستان تائين پھچائڻ ئي وڏو مسئلو هو، توڙي هزارن جي تعداد ۾ مري ويل ڍورن جو سوڳ آھي، جن جا هڏانوان پڃرا اڄ بہ روڊن جي ڪنارن تي موجود آھن.
حقيقت ۾ هيءُ ڪتاب موجودہ وقت جو عوامي آواز آھي ۽ مستقبل بعيد ۾ جڏھن اسين سڀ عدم جا راهي ٿي چڪا هونداسين ۽ ان دؤر جو محقق ۽ تاريخدان، ماضيءَ جا ورق اٿلائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ، هيءَ ڪتاب هڪ مستند عوامي، انتظامي ۽ سماجي تاريخ جي صورت ۾ ان جي اڳيان موجود هوندو ۽ ان ڳالھہ جو گواھہ هوندو تہ ڪيئن نہ انتظامي نا اھليءَ سبب هٿ وٺي سنڌ کي ٻوڙيو ويو.
هن ڪتاب ۾ جيڪي پٽون، پاراتا، دانھون، ڪوڪون، آھون، اوسارا ۽ بدانتظاميءَ جا واڪا آھن، اهي مون پنھنجي اکين سان ڏٺا، ڪنن سان ٻڌا ۽ شدت سان محسوس ڪيا، جيڪي شاعريءَ جي مختلف صنفن ۾ تبديل ٿي، لفظن جي روپ ۾ نروار ٿيندا رهيا آھن، هيءُ ڪتاب اهو آئينو آھي جيڪو موجودہ ماحول جو عڪس شاعريءَ جي روپ ۾ هوبھو دنيا کي ڏيکاري رهيو آھي.
آخر ۾ ﷲ رب العزت جي سامھون سربسجود آهيان. الحمدﷲ هيءُ ڪتاب منھنجو مجموعي طور تي ٽيون ۽ واقعاتي شاعريءَ تي مشتمل ٻيون ڪتاب آھي، هن کان اڳ لکيل ڪتابن ۾ ڪورونا واري وبا جي وقت م تخليق ڪيل ڪتاب “ڪورونا لاڪ ڊائون ۽ پيڙائن جا عڪس” ۽ لوڪ ادب جي تحقيق تي مشتمل ڪتاب “ساهتي پرڳڻي ۾ لوڪ ادب جي اوسر(تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو)” سنڌي ادب جي گهڻگهرن وٽ سٺي مڃتا ماڻي چڪا آھن، جڏھن تہ موجودہ ڪتاب “دانھون ٻوڙيل ديس جون” اوهان مھربان پڙھندڙن جي هٿن ۾ آھي.
هن ڪتاب جي ترتيب ۽ ابتدائي ڪمپوزنگ منھنجي ننڍي ڀاءُ رياض احمد چانڊيو ڪئي آهي، هو ڄڻ تہ منھنجي وجود جو حصو آهي ۽ سٺن دوستن وانگر سدائين مون سان گڏ هوندو آهي، هر ڏک، سک جو ساٿي ۽ صلاحڪار آهي، اهڙي ساٿ تي سندس ٿورائتو آهيان.
ان سان گڏ سنسار پبليڪيشنس ۽ محترم اسلم کٽياڻ صاحب جو پڻ ٿورائتو آهيان، جنھن خوبصورت انداز سان هن ڪتاب کي ڇاپي اوهان پڙهندڙن جي هٿن تائين پھچايو آهي.
اميد آھي تہ مھربان پڙھندڙ هن ڪتاب کي غور سان پڙھندا، پيغام کي سمجڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ مستقبل جي ڇاپن متعلق پنھنجي قيمتي راءِ کان پڻ آگاھہ ڪندا.


”بيوس“ بخش علي چانڊيو
ڦل شھر
فون نمبر: 03337086982

شاعري

---

حمد

جھانن جو مالڪ، خدا تون ئي آھين،
هر شئي جو خالق، مٺا تون ئي آهين!
ﷲ، ﷲ، ﷲ سائين!

اسان تي هيءُ احسان، بيشڪ ڀلارو،
مليو پاڪ مُحمّد، سڄڻ جو سھارو،
شرف، شان، شائق، عطا تون ئي آھين،
ﷲ، ﷲ، ﷲ سائين!

هي ڪتيون، ستارا، قطب، چنڊ تنھنجا،
منڊيل جنھن ۾ دنيا، سڀئي منڊ تنھنجا،
ڪشش ثقل، چقمق، فضا تون ئي آھين،
ﷲ، ﷲ، ﷲ سائين!

ڪرين سوئي بيشڪ، جيڪي بہ چاهين،
هر ڪنھن جي دل ۾، بہ موجود آھين،
اسين صرف ناطق، صدا تون ئي آھين،
ﷲ، ﷲ، ﷲ سائين!

ڪٿي ٻوڏ ٻوڙين، ڪٿي تون سڪائين،
ڪرم ساڻ ڌرتيءَ تي، ان تون اپائين،
اڪيلو ئي رازق، رضا! تون ئي آھين،
ﷲ، ﷲ، ﷲ سائين!

تون بي مثل بيشڪ، مثالن کان اعليٰ،
چوڻ شان “بيوس” جي خيالن کان اعليٰ،
سندءِ سُخن سالڪ، دعا تون ئي آھين،
ﷲ، ﷲ، ﷲ سائين!

نعت

هر طرف ٿيو نور جو، جنسار جلوو جا بجا،
آيو محمد مصطفيٰ، صلي عليٰ، صلي عليٰ.

عرب جي ڌرتيءَ مٿان چمڪي، نئين چانڊاڻ آ،
عرش تي ۽ فرش تي، خوشيون، جشن مانڊاڻ آ،
پئي اچي هر جاءِ تان، صد مرحبا واري صدا،
آيو محمد مصطفيٰ، صلي عليٰ صلي عليٰ.

پيون پڙهن حورون ادب مان، عرش تي جهونگار آ،
مرحبا خير البشر، جي تند ھيءَ تنوار آ،
پيا چون مٺڙا ملائڪ، عرش تي نعتون ادا،
آيو محمد مصطفيٰ، صلي عليٰ، صلي عليٰ.

هي جشن ايڏو ڀلا، ڪنھن لاءِ ۽ ڪنھن ڪاڻ آ،
چئوطرف پکڙي وئي خوشبوءِ ۽ سرهاڻ آ،
ٿا پکي ٻولينّ مٺيون ٻوليون، چمن ۾ چھچٽا،
آيو محمد مصطفيٰ، صلي عليٰ، صلي عليٰ.

ٿيو جڏھن تشريف فرما، سيدالڪونين آ،
قيصروقصرا جي ڪوٽن جا وڃي ڪنگرا ڪريا،
ھي ٻڌي آواز غيبي، عجب ۾ پئجي ويا،
آيو محمد مصطفيٰ، صلي عليٰ، صلي عليٰ.

بخش علي “بيوس” سندي، آھي صدا منھنجا خدا،
شل مديني ۽ مڪي، حرمين ڏي جلدي گهرا،
گنبذ خضرا جي سامھون، آخري ٿئي الوداع،
آيو محمد مصطفيٰ، صلي عليٰ، صلي عليٰ.

بيت

اول ﷲ عليم چوان، جو صاحب رب ستار،
آ مير محمد مصطفيٰ، ڪل نبين جو سردار،
چارئي يار نبيءَ جا، آهن امت سندو آڌار،
اصلئون اصحابي، سڀئي هئا دلبر ديندار،
هي ڪل ٻڌو ڪن ڏئي، ڪري عرض عيبدار،
تہ ٻہ هزار ٻاويھہ ۾، هيءُ عجب ٿيو اسرار،
اچي وڏو مينھن پيو، ڪڪرن ڪارونڀار،
سئو سالن ۾ ڪونہ ڪو اھڙو ٿيو آزار،
اٺو سڄو آگسٽ مھينو، ٿيا ٻنيون ٻارا تار،
اچي اوهيرن ڪئي، واءُ سان وارو وار،
وڏي ٻوڏ اچي وئي، چوطرفئون چوڌار،
شھر، ڳوٺ ٻڏي ويا، سي بي حد بي شمار،
وري ماڻھن هڪ ٻئي سان ڪئي جا اهڙي ڪار،
پنهجو پاڻي بہ ٻين ڏي پيا، ڀڃي ڇڏين بدڪار،
ڪچي پڪي جاءِ ڪا، ڪا نہ بچي ڪا يار،
سڀئي ڊاهيندو اچي پيو، ڀتيون هو ڀوتار،
ماڻھو پڻ مري ويا، ڪي ٻڏي ۽ ڪي بيمار،
وري پاڻي رخ رکيو، پيو شھر ڪري شڪار،
الائي تہ ڪٿان اچي پيو، ڪاهيندو ڪپار
ناٿن شاھہ جو خيرپور، پڻ ٻڏي ويو ٻيھار،
ميھڙ، جوهي جي مٿان، پيو هر هر ڏئي لامار،
نوَ نوَ ڀيرا نئين وهي، پئي کائي وڏي خار،
پئي لالڻ لوڙھيندي وڃي، وڻ ٽڻ وڏا ڏار،
۽ ٻيو مال متاع گهڻو، خود رڍن سوڌا ريڍار،
لاش بہ ڪيئي ڪينڪي، سي نڪري ٿيا نروار
ڪير بہ ڪنھن جو ڪونہ ٿيو ڪنا سي ڪمدار
ايم پي اي، ايم اين اي سڀ گم ٿي ويا غدار،
مڙئي سنڌ ھلي پئي، بس ﷲ سندو آڌار،
مان “بيوس” بي هٿيار، آهي ﷲ تنھنجو آسرو.

****

بيت

وسي پيو وڏ ڦڙو، هيءَ جانب سندي جوڙ،
بادل وڏن برجن سان، ٿي ڊڪي ڪئي ڊوڙ،
اوهيرن اچي ڪئي، اڄ “بيوس” ٻوڙان ٻوڙ،
ڪڪرن ڪڍي ڪوڙ، ماريو هن مجبور کي.

ماريو هن مجبور کي، ويو گهر ڪيرائي گهاٽ،
چيڙھہ بہ بچي ڪينڪي، ڪريا سان ڪڙڪاٽ،
لوڙهي کٽون هنڌ، ٽپڙ، ورتئون پنھنجي واٽ،
غمن جا گهيراٽ “بيوس” بخش عليءَ مٿان.

ادا ايڏي عمر اٿو، ڪنھن ايڏو مينھن ڏٺو،
سارو سارو ڏينھن ۽ پئي ساري رات اٺو،
پاڻي پاڻي چئوطرف، اچي ڪيائين ڪٺو،
“بيوس” اڳ سٺو، ائين نہ ڪنھن عذاب هو.

هن مند واري مينھڙي، صفا پيئاري ڇڏيا پيڄ،
بيماريون بہ وڌڻ لڳيون، ٿيا گهڻا ڊپ ۽ ڊيڄ،
“بيوس” بخش علي چوي، ويا وسري نچڻ ڇيڄ،
هاڻي ڀيڄ، ڀيڄ! ڪو ڪري تہ ڪاوڙ ٿي لڳي.

ڏکيا ڏسن ڏينھڙا پيا، ماروئڙا مھندار،
اچي نڪتو اوچتو، پاڻي تارئون تار،
“بيوس” تن کي ٻوڙيو ڪميڻي ڪمدار،
ڪامل قربدار، هنجون هاريندا هليا.

هڪ گهر مان ٿي پيا دربدر، ٻيون ٻڏل ٻنيون ۽ کيت،
ٽيون ٻچڙا جن جا ويا ٻڏي، ساري مال متاع سميت،
خوشيون ايئن وهي وين، جيئن مٺ مان وهي ريت،
هي “بيوس” منھنجا بيت، هن دانھون درد وندن جون.

الا اٻوجهن جو جيئڻ ڏکيو آھي،
سارا دشمن دائمي، ڪو بہ سڄڻ ناهي،
نيٺ تہ سجاڳي ڪندا، ڊوھہ سڀئي ڊاهي،
انھن جو آھي، “بيوس” ﷲ ۾ ئي آسرو.

ﷲ ۾ آھي آسرو، باقي آھي ڪم خلاص،
پٽي ۽ کائي ويا، هو ماڻھوءَ سندو ماس،
اڃا بي ماڻھو مرن، پيا “بيوس” باسن باس،
هتان پوري ڪانہ ٿي، ڏسجن تڏھن اداس،
پوري ڪندا پياس، بس عالمي امداد اچي.

ڪچا جن کي ڪين ٿيا، سي پڪا ڪيئن ٺاهين،
سائين هي تنھنجا ٻانھڙا، ڀلا ڪنھن کي سھائين،
ڪي گهرن کان بي گهر ڦرن، ۽ ڪئمپن ۾ آھين،
ڪنھن در سي دانھين، “بيوس” بخش علي چوي.

ماروئڙا مسڪينڙا، پر نازڪ تن جو نينھن،
ماندا گهڻا ٿي پيا، سڏجن جيڪي شينھن،
“بيوس” لڳا ٿا ڦرن، سي راتيان توڙي ڏينھن،
بند ڪر مولا مينھن، ٻاجهہ ٻانھن تي ٿئي.

ٻاجه ٻانھن تي ٿئي، منھنجا محب، مٺا، منٺار،
ڍڪج ڏوھ، ڏنگائيون، او سائين رب ستار،
“بيوس” چئي برسات کي تون روڪج روڪڻهار،
دوست، پرين، دلدار، آھي تو ۾ منهجو آسرو.

سدا آگم ساھہ سان، ٿا جيڪي ڏک ڏسن،
اکيون آديسين جون، پيون وهن ۽ وسن،
جهڙي تهڙي حال ۾، پيا “بيوس” پرين پسن،
بادل جيئن برسن، ويجها ٿين وصال کي.

وري ڪٽ نوان نوان، وايون ٿيون تہ بتال،
رستا روڊ ختم ٿيا، پڻ ملڻ ٿي ويو محال،
“بيوس” ماروئڙا ڦرن، تون ڀلا ڪج ڪو ڀال،
جيئڻ آھي جنجال، منھنجي ماروئڙن جو.

منھنجي ڌرتيءَ کي الا، ڪيئون ڪيئن تباھہ،
ٻوڏ تہ ڪڏھن سوڪ ۾، ڪڍي رکيئون لاھہ،
سک سان سمھڻ ئي نہ ڏئي “بيوس” اها باھہ،
هر پاسي اونداھہ، سنڌ کي گهرجي سوجهرو.

الا اوطاقون ويون، ويا هليا گهر ۽ گهاٽ،
اڳ ٻين کي پاليندڙ هئا، اڄ غمن جا گهيراٽ،
ڪڻو ڪڻي کان ويوڇڄي، بک ۽ اڃ اساٽ،
ورتي وري واٽ، سورن “بيوس” سنڌ جي.

****

وايون ۽ گيت

---

وائي

هيڻا جن جا حال، ملڪيت ڪو ئي نہ مال،

مارو هيل هڄي ويا.
ڪچا گهرڙا سارا ڪريل، جيئڻ جن جو جنجال،

مارو هيل هڄي ويا.
ننڍڙو نينگر پاڻيءَ لوڙهيو، ڪين مليو سو ملال،

مارو هيل هڄي ويا.
هيڏانھن مينھن، هوڏانھن دريا، ٻوڙان ٻوڙ اجهال،

مارو هيل هڄي ويا.
جيڏانھن تيڏانھن ڪٽ ۽ گهارا، حاڪم هيئن بتال،

مارو هيل هڄي ويا.
ڪير بہ “بيوس” ڪونہ ڪڇي ٿو، تنھنجي ڪھڙي مجال؟

مارو هيل هڄي ويا.
****

وائي

اٿو ساٿ پنھنجو سنڀالي هلو،
ڏکي واٽ اٿو ڌڻ هڪالي هلو،

چڱو يار رب جي حوالي هلو.
چون ٿا اجهو ٿا اتان ڪٽ ڏين،
ڀڄي ڪونہ سگهبو جتان ڪٽ ڏين،
اوندھہ کان اڳ ئي اجالي هلو،

چڱو يار رب جي حوالي هلو.
ٻڍا ٻار پنھنجا وٺي يار نڪرو،
متان ٻار ٻوڙي، ٿي پئي تار نڪرو،
انھن ئي لٽن ۽ افعالي هلو،

چڱو يار رب جي حوالي هلو.
اهو ڪين سوچيو صفا ايئن ٿيندو،
الھہ تلھہ ۽ پڻ لڙهي ڏاج ويندو،
ڪيو ڪيس آھي موالي هلو،

چڱو يار رب جي حوالي هلو.
جنين کي ڏناسين نچي ووٽ سارا،
انھن ئي ڏيکاريا اچي يار تارا،
ڇڏيو هاڻ “بيوس” مقالي هلو،

چڱو يار رب جي حوالي هلو.

****

گيت

تباھہ ٿي ويا سڀئي، ٿي اک ڦري پئي اڃان،
ﷲ خير ڪو ڪجان، ﷲ خير ڪو ڪجان.

اڃا بہ خواب ٿا اچن، اڃا بہ مينھن ٿو ڏسان،
وري جي جاڳ ٿي پوي، تہ نير نير ٿي وسان،
ﷲ خير ڪو ڪجان، ﷲ خير ڪو ڪجان.

هي زندگي آ ٽياس تي، اٿن ٿا زلزلا نوان،
وري بہ مينھن ٿا چون، اچن ٿا سلسلا نوان،
ﷲ خير ڪو ڪجان، ﷲ خير ڪو ڪجان.

هي ظلم ۽ عقوبتون، مان دانھڙي ڪٿي ڏيان،
۽ داد ڪو ئي ڪونہ آ، ڪيان ڀلا تہ ڇا ڪيان،
ﷲ خير ڪو ڪجان، ﷲ خير ڪو ڪجان.

ڪا ڪال بي نہ ٿي ملي، حوال هاڻ ڪيئن پڇان،
ڇو ٽاورن کي ڇا ٿيو، ڏسيو ڏسيو پيو لڇان،
ﷲ خير ڪو ڪجان، ﷲ خير ڪو ڪجان.

حوال خير جو ملي، اچي سڄڻ تہ جي پوان،
پرين اچن بچي پوان، مئل مئل اٿي پوان،
ﷲ خير ڪو ڪجان، ﷲ خير ڪو ڪجان.

زندگيءَ جي شام آ، مان “بيوس” پيو ڦران،
عجيب انتظار ۾، جهريل وري پيو جهران،
ﷲ خير ڪو ڪجان، ﷲ خير ڪو ڪجان.

****

چؤسٽا

واھہ وڏيرا چيئرمين، هيءَ عجب تنھنجي امداد،
سڪل صابڻ، کنڊ ڪلو، هڪ لپ اٽو، جلاد!
حيف اسان تي آھہ، “بيوس” تو کي اٿئون چونڊيو،
تنھن ڪري مقدر ۾ آھن، لڙڪ، آھون ۽ فرياد.

دنيا جا انسان ڏسو، ڪيئن سنڌ کي ٻوڙيو ويو آھي،
رئيسن جي باغن جو پاڻي، ڳوٺن ڏي موڙيو ويو آھي،
هيءُ ھيڏو بحر ڪٿان آيو، جنھن ملڪ اجاڙي رکيو آ،
شاخن ۽ واهن کي “بيوس”، هٿ سان ٽوڙيو ويو آھي.

او وڏيرا خيال ڪر ڪجه، ڳوٺ ٻوڙين ٿو پيو،
پنھنجي باغن وارو پاڻي سو بہ موڙين ٿو پيو،
هي سڀئي مظلوم “بيوس”، اڌ مئا آھن اڳ ئي،
ڇو ڀلا هڏڙن مٿان ايئن ماس روڙين ٿو پيو.

پاڻي، پاڻي آ رڳو، ٿيا ڳوٺ شھر برباد،
اڳي ٻڌو ڪونہ ڪو، ظلم ستم بيداد،
ظالمن سنڌڙيءَ کي، هٿ وٺي آ ٻوڙيو،
دعا ڪريو ٻيھار “بيوس”، شل ٿئي آباد.

ماروئڙا مجبور ٿيا، هيءُ درد بنا دارون،
ڪئمپن ۾ ڪڙھي ويا، هانءُ جگر ڦارون،
روئن “بيوس” رت ڦڙا، لڙڪن جون لارون،
ٻڌو ٻاڪارون، دانھون ٻوڙيل ديس جون.

وڏو مينھن وسي پيو، هيءَ جانب سندي جوڙ،
پر ويرين ورائي ڪيو، سڀ ڳوٺن پاسي ڇوڙ،
تنھن جي ڪري ٿي پئي، هت “بيوس” ٻوڙان ٻوڙ،
هت جعفر، صادق، کوڙ، سنڌڙي سورن ۾ سدا.

منھنجا مولا، منھنجا آقا، منھنجا سائين، رحم ڪر،
حال “بيوس” جو آ هيڻو، ڪو قرب ڪامل ڪرم ڪر،
جهوپڙيون جن جون جهريل، گهر سندن آھن ڪچا،
ڪر انھن تي ٻاجهہ پنھنجي، مينھن هاڻي ختم ڪر.

ٻاجهہ وارا! ٻاجهہ ڪر، برسات رڪجي ئي نہ ٿي،
ٻيون مسلسل ڏينھن آ، ٻي رات رڪجي ئي نہ ٿي،
ٻيانوي کان بي آ “بيوس”، ڪم گهڻو! شل رحم ٿئي،
مسڪينڙن جا ھن ڏکيا حالات، رڪجي ئي نہ ٿي.

يا خدا! تون ئي وسيلو، سھپ ڪنھن ۾ ڪين اٿئي،
گهر ڪچا، جهوپا جهريل، ڏاڍا اهي غمگين اٿئي،
پيا پسن ٿا مينھن ۾، آڪاش جو ئي بس اجهو،
رحم! مولا رحم ٿئي! “بيوس” سڀئي مسڪين اٿئي.

****

ٽيڙو

هر ڏينھن ستم آھي،
هر رات مونکي ملندو،
“بيوس” نئون غم آھي.

هيءُ مينھن ڪٿان آيو،
اڄ وسندي ٿي ويو اٿس،
ٽيون ڏينھن ڪٿان آيو.

فرياد مچي وئي آ،
اڄ ڊي سي خوش آھي،
امداد اچي وئي آ.

پاڻيءَ رخ موڙيندو،
پنھنجو باغ بچائڻ لئہ،
سڀنيءَ کي ٻوڙيندو.

برسات ڪيا ماندا،
“بيوس” ان پاڻيءَ جي،
فڪرات ڪيا ماندا.

ٿي ڳالھہ ڳري وئي آ،
اڄ ٽالھيءَ جي هيٺان،
بيواھہ مري وئي آ.

ھر شخص بکيو آھي،
ڀت اهڙو ڏئي ويا آھن،
کائڻ کان ڏکيو آھي.

ٿو اٽڙو سير گهرين،
ڇا لاءِ پيو اڄ “بيوس”،
ٻٻرن کان ٻير گهرين.

برباد ٿيا کائي،
هيءَ رئيس وڏيرا سڀ،
امداد ويا کائي.

ٿيو ڪيڏو گند آھي،
هر روڊ کي ڪٽ آ ڏنل،
ٽريفڪ ٿي بند آھي.

معذور وڃن ڪاڏي،
راشن بہ تہ کائي وئين،
مجبور وڃن ڪاڏي.

ويا بند ٿي سڀ ماڻا،
ڪئمپن ۾ ڪجهہ نہ مليو،
معصوم بہ ويڳاڻا.

امداد وڏي آئي،
پر ڊي سي ۽ اي سي،
سڀ يار ويا کائي.

آهي بک سڄي پاڙي،
شل رئيس جي واٺن جو،
ڪو پيٽ خدا ڦاڙي.

اهي گهارا اٻڌرايو،
امداد نہ ڏيو تہ نہ ڏيو،
بس پاڻي ڪڍرايو.

آھون ۽ اوسارا،
منھن موڙي ويا سڀئي،
مائٽ ۽ دل وارا.

هت بک تي ٻار ستا،
پر رئيس وڏي جا ڏسو،
موجن ۾ يار ڪتا.

ڏک سور بچيا آھن،
سڀ ڪجهہ لڙھي ويو آ،
بس پور بچيا آھن.

هي پير ۽ مير سڀئي،
هن قوم جا سڀ قاتل،
ميمبر ۽ وزير سڀئي.

ٿي ٻور ڇڻي ويندين،
ڪجهہ ڪونہ پرين پيارا،
قبر ۾ کڻي ويندين.

****

غزل

---

رحم ڪر ڪجهہ مينھنڙا، مزدور جي پارت اٿئي

رحم ڪر ڪجهہ مينھنڙا، مزدور جي پارت اٿئي،
ڇن ڇڳل، ڀتيون ڀڳل، مجبُور جي پارت اٿئي.

ڀل وسي ڪڻ ڪڻ تہ موسم جو وٺي هرڪو مزو،
گهر منجهان پاڻي ڪڍي ٿيل، چُور جي پارت اٿئي.

تار ٿي ويون سڀ ترايون، اٿلندو پيو ٿو اچي،
چڀڙ، ميهل، ٻاجهريءَ جي، ٻُور جي پارت اٿئي.

وونئڻ مسڪينن سندا، اٿئي آئيندي جو آسرو،
جوئر جي اسريل سلي، انگور جي پارت اٿئي.

ٽن ڏينھن کان بکيا، معصومڙا جن جا ٻچا،
هن حڪومت ۾ اجهيل، تندور جي پارت اٿئي.

گهر ڪچا ۽ ڇپرڙا، جن مان پيو ڏسجي آسمان،
هن جڏي، انڌڙي، نڌر، بي نور جي پارت اٿئي.


خوش ڏسان “بيوس” جنين جو، آ خدا تي ڀروسو،
ڪين ڊاهج گهر سندن، معذور جي پارت اٿئي.

برسات خدا جي رحمت آ، رحمت کي بہ آفت ڇو چئجي؟

برسات خدا جي رحمت آ، رحمت کي بہ آفت ڇو چئجي؟
پاڻي سان ئي زنده ھيون، پاڻيءَ کي مصيبت ڇو چئجي؟

جي مينھن نہ پئي جر جو پاڻي پڻ، زهر ڀريو ٿي ويندو آ،
برسات ڪري ٿي انکي مٺو، انھيءَ کي زحمت ڇو چئجي؟

هفتن کان اڳي اطلاع هيو، ڀرپور ڪڪر گجندا ٿا اچن،
اطلاع ٻڌي بي چين نہ ٿيا، انھيءَ کي شرافت ڇو چئجي؟

سم نالن جي کاٽي نہ ڪيئون، ابتا نہ وهن ڀلا ڪيئن وهن،
رشوت لاءِ فنڊ ورهايا ويا، انھيءَ کي قناعت ڇو چئجي؟

جن ملڪن ۾ برسات نہ ٿي، سي قحط زده ٿي ويندا هن،
هي مالڪ آھي ڪرم ڪيو، انھيءَ کي قيامت ڇو چئجي؟

غفلت سان ٻوڙايا وياسين، پوءِ بہ پگهارون پيون ڪٽجن،
نا اهل ئي “بيوس” ٿاڦيل هن، غفلت کي حڪمت ڇو چئجي؟

ڪوڙا، ڪوڙا، ڊاڙي ماڻھو،

ڪوڙا، ڪوڙا، ڊاڙي ماڻھو،
سنڌ جا دشمن، ڀاڙي ماڻھو.

پاڻ بہ وڪڻي، سنڌ بچائبي،
اک جا پڪا، راڙي ماڻھو.

هر ڪئنال کي ڪٽ ڏنائون،
بيدرد، بگهڙ، بي پاڙي ماڻھو.

هن جي اڳيان، هُن جي پويان،
اندر رکن سي، اماڙي ماڻھو.

پوري سنڌ کي، نيٺ تہ آخر،
ٻوڙائيندا، هو لٻاڙي ماڻھو.

وھوا، وهوا ۽ جيئي، جيئي،
ڄٽ هڻن ڪي، ڄاڙي ماڻھو.

غيرت، عزت، مان ڇا ڄاڻن،
جاهل، ڄٽ، جڳاڙي ماڻھو.

قوم جا دشمن سچ پچ آهن،
سوچ نہ سمجهہ اناڙي ماڻھو.

منھن ڏيڻ لئہ، “بيوس” گهرجن،
ڪات ۽ ڪرٽ ڪھاڙي ماڻھو.

ايئن لڳي ٿو، ساري سنڌ کي، هٿ سان ٻوڙي ٺٺ ڪندا،

ايئن لڳي ٿو، ساري سنڌ کي، هٿ سان ٻوڙي ٺٺ ڪندا،
امدادون پوءِ اينديون ڏاڍيون، تن جي پويان وٺ ڪندا.

اهڙي شاخ بچي ئي ناهي، جنھن کي ڪو گهارو نہ هجي،
گهارن پويان گهارا گهارا، هڪ هڪ هنڌ تي اٺ ڪندا.

سم شاخن جو ڪم آ اهڙو، ساريون ابتيون ٺاهيل آھن،
واپس سم جو پاڻي بہ گهر ۾، ابتو سڄو ئي ڳٺ ڪندا.

ڪنھن کي ڪوئي ڊپ نہ آهي، قاتل حاڪم بڻجي آيا،
جيڪو ڏاڍو سوئي گابو، هت جج بہ آهن ڪٺ ڪندا.

بيشڪ هن برسات نہ ٻوڙيو، ٻوڙيو ئي نا اهلي آھي،
ايئن لڳي ٿو مسڪينن جو، لڏو ئي سارو لٺ ڪندا.

ناهي هت قانون اداڙي، دانھن ڪرڻ مان ڇا ورندو،
“بيوس” سارا ظالم اڳيان، بيھي سئو چوهٺ ڪندا.

ايئن لڳي ٿو هٿ سان هاڻي، ڪئنالن کي ٽوڙيندا،

ايئن لڳي ٿو هٿ سان هاڻي، ڪئنالن کي ٽوڙيندا،
بحريه ٽائون بچائڻ جي لئہ نوشھري* کي ٻوڙيندا.

اها ڪھڙي انجنيئري آ، وچ تان موريون بند ڪريو،
هٿ سان وڏو ڊئم بنائي، پاڻي وڃن ٿا ڇوڙيندا.

سنڌ جي اهڙي حالت اڳ ۾، يارو آھي ڪانہ ڏٺي،
آفيسر خود پاڻ وڃن ٿا، پاڻيءَ جو رخ موڙيندا.

بيشڪ هئي برسات وڏي، ليڪن غفلت ڇا چئجي،
هر ڪم ۾ آه ڪميشن يارو، خنجر ويندا کوڙيندا.

“بيوس” هيءَ تاريخ بہ آھي، مستقبل جي مورخ لئہ،
ٻاويھن* ۾ مينھن پيو، ويا ماس هڏن تان روڙيندا.

****

* نوشھرو فيروز
* 2022ع

اسان جي پراڻن پڊن کي بچايو،

اسان جي پراڻن پڊن کي بچايو،
اٿي پئو ڪرندڙ اجهن کي بچايو.

اسان ڳوٺ سارو سھائي ڇڏيو آ،
خدارا اسان جي ٻچن کي بچايو.

پنج فوٽ پاڻي ڪٿان ٿو اچي،
وڏن، بزرگن ۽ جڏن کي بچايو.

سم شاخ موريءَ، کان بند پئي آ،
اٿو ان کي کوليو ڦلن* کي بچايو.

خبردار نيرو! هي ڇا ٿي رهيو آ،
ڇڏيو بانسري ۽ وطن کي بچايو.

هي “بيوس” ۽ لاچار ٻانھا خدا جا،
دعائن لئہ کڄندڙ ھٿن کي بچايو.


****
* ڦل شھر

پاڻي ويندو نيٺ لھي پر، اجڙيل گهر جو ڇا ڪريان؟

پاڻي ويندو نيٺ لھي پر، اجڙيل گهر جو ڇا ڪريان؟
معصومن کان خالي خالي، هن پڌر جو ڇا ڪريان؟

گهر ڪچو پر گاري گپ سان، گذريل هفتي لنبيو هو،
ڪرڻ جھڙو ڪونہ هئو پر، پاڻيءَ ڇر جو ڇا ڪريان.

منھنجا مولا منھنجي قسمت، هاءِ اهو ئي لکيل هو،
گهوڙا گهوڙا ڪريان ڪھڙي، هن مقدر جو ڇا ڪريان.

چارئي ٻچڙا ڀتين هيٺان، ڪونہ ڪڍي سي سگهياسين،
دانھن ٻڌي بي ڪير نہ پھتو، هن شھر جو ڇا ڪريان.

“بيوس” ۽ بي حال ڏسي ڀي، آٿتڙو ڪنھن ڪونہ ڏنو،
لڙڪ لڪائي ڇڏيان ٿو پر، هن اوٻر جو ڇا ڪريان.

مينھن نڪي برسات ئي ٻوڙيا، ويچارن کي ٻوڙيو ويو،

مينھن نڪي برسات ئي ٻوڙيا، ويچارن کي ٻوڙيو ويو،
ڳوٺ جي پويان سم نالو آ، هٿ سان ان کي ٽوڙيو ويو.

رئيس وڏي جو حڪم هئو، تہ سم نالن کي بند ڪريو،
ان جو فصل بچائڻ خاطر، پاڻيءَ جو رخ موڙيو ويو.

واهن ۽ شاخن جي سڀني، مورين جا در هيٺ ڪري،
پاڻيءَ کي هڪ جاءِ بيھاري، واٽر بم کي جوڙيو ويو.

ڪئمپن ۾ ڪجهہ ڪين ڏنائون، باقي ڪوڙا بل ٺھندا،
مجبورن جو رت بہ پي ويا، ماس انھن جو روڙيو ويو.

هن صديءَ جو ڪوڙ وڏو آ، سڀنيءَ جي ٿا سار لھون،
ليڪن سڀنيءَ جي سيني ۾، بک جو خنجر کوڙيو ويو.

“بيوس” خيما خوب کپايئون، ايسيُن*، ڊيسيُن* ٺٺ ڪيا،
ڪنھن کي ڪا پرواه نہ آ، ماحول ئي اهڙو جوڙيو ويو.

****
* اسسٽنٽ ڪمشنر
* ڊپٽي ڪمشنر

ڪنھن جي هيءَ نياڻي آھي، مانيءَ لاءِ ماندي ماندي،

ڪنھن جي هيءَ نياڻي آھي، مانيءَ لاءِ ماندي ماندي،
شايد سوچي پئي تہ اسان لئہ، گاڏي واري آندي آندي.

ڊوڙون پائي ان جي پويان، من ئي من ۾ سوچيو هوندو،
بيھي مون کي ڀت ذرو ڏي، بک جي آھيان باندي باندي.

هيرايو ويو آھي پنڻ تي، پاڻ اصل کان پينو تہ ناهيون،
ٻين کي کارايو پئي اصلئون، اڄ ڇو پوري ناهي پاندي.

هيڻو جن هي حال ڪيو آ، پوءِ بہ تن کي پوڄيون ويٺا،
رئيس وڏي جي گاڏيءَ پويان، خلقت ساري واندي واندي.

ڪائي ٻاجهہ نہ گهرجي “بيوس”، پنھنجا حق گهرون ٿا هاڻي،
مس مس آھي قوم سموري، هيءَ سجاڳي آندي آندي.

سگا وارا ڪٿي آهيو، اهو ساڳيو نہ ڪم رهيو،

سگا وارا ڪٿي آهيو، اهو ساڳيو نہ ڪم رهيو،
لڳي ٿو هاڻ اوهان ۾، اهو ساڳيو نہ دم رهيو.

مڃون ٿا ڪي ٻڏا هوندا، سگا ساري ٻڏي ناهي،
سگا جي سئو برانچن جو، ڀلا ڇا لئہ جنم رهيو.

فقط ڪجهہ ئي برانچن ۾، سجاڳي آ الائي ڇو،
ٻين کي ڇا ٿيو آھي، وڃي ڪاٿي رحم رهيو.

اڳي جيئن ڪنھن مسئلي ۾ وڏو تحرڪ ڏسبو هو،
مگر هاڻي تہ ڳالھين جو، وڃي شايد ڀرم رهيو.

مدد ڪا ڇونہ ٿا ڪريو، اوهان جو آسرو آھي،
سدائين ڀرجهلا ٿيندڙ، اسان تي آ ڪرم رهيو.

ڀلا خيما تنبو ناهن، اوهان جو ڏوھہ ناهي ڪو،
ڪٽو راشن ئي پھچائڻ، ڀلا ڇو ٿي ختم رهيو.

ڪورونا ۾ وڏو ڪم هو، مگر ماٺار ڇو هاڻي،
مصيبت هي وڏي آھي، وڏو آ ھيءُ ستم رهيو.

نشي ۽ ننڊ کي ڇڏيو، اٿي پئو قوم جا ساٿي،
سجاڳي جو کڻو هاڻي، اهو ساڳيو علم رهيو.

ننڍا امتحان گذري ويا، وڏو امتحان هاڻي آ،
اصل امتحان قيادت جو، اٿو هاڻي بلم رهيو.

وڏي آھي وبا پيئي، ڪني پاڻي مصيبت ڪئي،
ٻڍا ۽ ٻار ويا وٺجي، زخم تي نئون زخم رهيو.

ڇڏيو هي ميٽنگون هاڻي اٿو ۽ ڪم ڪريو “بيوس”،
متان پوءِ ٿي مياري پئو، عمر ساريءَ جو غم رهيو.

جيئري ڪنھن بہ نہ سار لڌي، مرنداسين قل پڙھڻ ايندا،

جيئري ڪنھن بہ نہ سار لڌي، مرنداسين قل پڙھڻ ايندا،
وڏي بار جي هيٺان هونداسين، قبرن تي گلڙا ڇٽڻ ايندا.

سڀ چوندا ماڻھو پيارو هو، هن سڀني کي ئي پيار ڏنو،
واڳونءَ جا ڳوڙھا ڳاڙيندي، ڪوڙ پچيءَ جو روئڻ ايندا.

رئيس وڏو رئندي چوندو، هو منھنجو سچڙو عاشق هو،
وري ان جي پويان ڏھہ ڏھہ واٺا، جيئي، جيئي ڪرڻ ايندا.

ڪوئي بہ ائين نا چوندو تہ، رئيس تہ هٿ سان مارايو،
رئيس ئي ڳوٺ کي ٻوڙايو پر،کيس ئي ٻانھون ٻڌڻ ايندا.

هي “بيوس” ماڻھو ويچارا، بس جيئي جيئي لاءِ ڄمن ٿا،
رئيسن لاءِ ئي ٻارڻ بڻجي، صبح ۽ سانجهي ٻرڻ ايندا.

شل دشمن کي بہ نصيب نہ ٿئي، ان ڏک مان گذري آياسين،

شل دشمن کي بہ نصيب نہ ٿئي، ان ڏک مان گذري آياسين،
گهر گهاٽ ڇڏي بي گهر ٿياسين، ڪئمپن ۾ نڪري آياسين.

سڀ چوندا هئا وڏو سک آ ھتي، پر آھون صدما بک آ ھتي،
هتي پاڻيءَ ڍڪ بي ڪو نہ ملي، ائين پچندا پڄري آياسين.

سئو گاڏيون وٺي ۽ ڦوٽو ڪڍڻ، هتي لوفر شودا روز اچن،
ڪائي پرديداري بہ ڪانھي ڪا، رونشي جي ٽڪري آياسين.

اسڪول بہ اهڙو ئي ٺاهيو اٿن، ٽڙڪاٽ ٿين چاپڙ بہ ڪرن،
ٿو خوف ٿئي تہ مٿان نہ ڪري، منجهہ ٺُلھہ ۽ ٺڪري آياسين.

هت قھر جي گرميءَ تنگ ڪيو، بجليءَ جو نانءُ نشان نہ آ،
گهڻو گند آ، صفائي بي ڪانھي، اُٻڪڻ ڏئي اُٻري آياسين.

وڌي دستن، الٽين جي وئي وبا، ۽ وٺجي ويا سڀ ٻار ٻچا،
سڀ جعلي دوائون ڏئي ٿا وڃن، ان سور ۾ پڄري آياسين.

آھي مسڪينن تي ئي مار سدا، پيا جيئن ليڊر سڀنيءَ جا،
ڪلھہ ووٽن وقت تہ مائٽ ھئا، اڄ بلڪل وسري آياسين.

سئو سور سھو گهرڙو نہ ڇڏيو، هڪ مانيءَ تي گذران ڪيو،
آھي “بيوس” ڏاڍي خواري هتي، ناهي بي فڪري آياسين.

او ڊاڪٽر ڏي ڪا اهڙي دوا، اٺ ڏينھن تہ بک ئي ڪين لڳي،

او ڊاڪٽر ڏي ڪا اهڙي دوا، اٺ ڏينھن تہ بک ئي ڪين لڳي،
اسين جيسيتائين گهر نہ پڄون، ڪا گرمي لک ئي ڪين لڳي.

شل مولا پنھنجو ڪرم ڪري، تہ هي ٻوڏون پاڻي ختم ٿين،
نہ تہ وينداسين سڀ مفت مري، ڪو ڀائر اُخ ئي ڪين لڳي.

هن ڪئمپ ۾ ٽي سئو پڪ ٿيندا، يا تہ اڃا ڪجهہ وڌ ماڻھو،
پر ايترڙو ڀت مس ٿا ڏين، معصوم جي ڪُک ئي ڪين لڳي.

پاڻي بہ تہ چهرو آ ٻاڙو هتي، ڊپ ٿئي ٿو تہ بيماري نہ لڳي،
شل! اهڙو ڪر مضبوط خدا، تڪليف يا جُک ئي ڪين لڳي.

ٽن ڏينھن کان معصوم بکيا، امداد اسان کي ڪجهہ نہ ملي،
مجبورن ان کي منٿ ڪئي، جنھن سان ڪا نُک ئي ڪين لڳي.

او سائين هاڻي ڪرم ڪجان، شل ايئن مصيبت ڪانہ اچي،
ٿي پيا “بيوس” مجبور آهيون، هن ڏُک سان ڏُک ئي ڪين لڳي.

خوشبختي سمجهون ٿا، ڦل شھر ۾ ٿا رهون،

خوشبختي سمجهون ٿا، ڦل شھر ۾ ٿا رهون،
پر ڪال نہ ڪا سروس، ڄڻ قبر ۾ ٿا رهون.

اونداهين زماني، وري مٺا موٽ ڪئي اٿو،
اوڻويھہ سئو ۽ اسي، يا ستر ۾ ٿا رهون.

ڪنھن جي ڪال بہ ڪانہ اچي، ميسيج بہ بند آھن،
ڄڻ تہ ٿر جي ڏورانھين، ڪنھن ڏھر ۾ ٿا رهون.

برسات مصيبت ۾، ڪنھن جي بہ خبر ناهي،
پئي قيامت ڄڻ تہ هلي، يا حشر ۾ ٿا رهون.

هي سيٽ مھانگا پر، رانديڪا بڻجي ويا آهن،
تاريخ جي ظلم وڏي، ڪنھن جبر ۾ ٿا رهون.

سگنل بي ننڊ پيا هن، فونون بہ ستل آھن،
پوءِ تہ پاڻ بہ ننڊ، نشي، جي ڳهر ۾ ٿا رهون.

سچ پچ تہ وڏو “بيوس”، سڪون لڳو پيو آ،
نہ ڪنھن جي ٻن ٽن ۾، نہ پچر ۾ ٿا رهون.

برسات ڪيا ماندا، فڪرات ڪيا ماندا،

برسات ڪيا ماندا، فڪرات ڪيا ماندا،
مسڪين مٺا مارو، حالات ڪيا ماندا.

هو روڊن رستن سان، بيچين پيا ڏسجن،
هر ڏينھن مصيبت آ، هر رات ڪيا ماندا.

بک اڃ جي حالت آ، پاڻي بہ سٺو ڪونھي،
ٻيو مرض وبائيءَ جي، اثرات ڪيا ماندا.

اسڪول انھن جي ۾، چوپايا ٻڌل آھن،
اونداھہ انڌاريءَ جي، ظلمات ڪيا ماندا.

رئيساڻن بنگلن تي، نوڪر ٿي سدا رهيا،
ڪا عزت اتي ڪانھي، جذبات ڪيا ماندا.

ووٽن جي ڏينھن ۾، هو ڀاءُ سڏيندو هو،
اڄ بيھي ان نہ ڪئي، ملاقات ڪيا ماندا.

نيڻن مان نير وهن، رڪجن بہ ڀلا ڇا لئہ،
ٿي “بيوس” ڏنگ هڻي، ان ڏات ڪيا ماندا.

هن تنھنجي نگريءَ ۾ آقا، روڊن تي ستل مسڪين ڏٺم،

هن تنھنجي نگريءَ ۾ آقا، روڊن تي ستل مسڪين ڏٺم،
اکڙين مان ٽمندڙ ڳوڙھن سان، پاڻيءَ ۾ ٻڏل غمگين ڏٺم.

ٻن هفتن کان سک سان نہ ستا، هي ٻچڙا اڃ ۽ بکڙيءَ تي،
اڳ ڪين ڏٺا هئا جن فاقا، اڄ حال سندن سنگين ڏٺم.

ڪو خيمو تن کي ڪين مليو، پيا مينھن ۾ هر وقت پسن،
سڀ پاڻ کپائي کائي ويا، جي صادق چون امين ڏٺم.

هڪ عورت رئندي هينئن چيو، قدر اسان جو ڪين ٿيو،
اڄ ان بہ ناھي سار لڌي، جنھن رئيس لاءِ سڀ بي چين ڏٺم.

اڳ گپ ۾ ويگو ڊوڙائي، ووٽن لئہ ڳولي لھندا هئا،
اڄ روڊ تان گذري سڀ ٿا وڃن، ڄڻ ٿي ويئڙا نابين ڏٺم.

بس “بيوس” هاڻ مصيبت ۾، ڪو حال پڇڻ بہ ڪونہ اچي،
سڀ پنھنجي مستيءَ ۾ تہ مگن، مدهوش ۽ رنگين ڏٺم.

****

وڃي ڏيو رئيس کي نياپو، تنھنجا ووٽر ٻڏي ويا ٿئي

وڃي ڏيو رئيس کي نياپو، تنھنجا ووٽر ٻڏي ويا ٿئي،
انھن جي سار ڪا لھجان، سي ڪئمپن ۾ پڄي ويا ٿئي.

هو جيڪي ڪالھہ تنهجي لاءِ، سڳا ڀائر وڙھي پيا هئا،
انھن جو گهر ڪري پيو اٿئي، ٽپڙ سارا لڙھي ويا ٿئي.

ڪي هوندءِ ياد ديوانا، جهنڊو هڻندي ڪري پيا هئا،
سي تنھنجي ياد ۾ رئندي، لڳي ٿو ڄڻ ٿڙي ويا ٿئي.

انھن وٽ ڪئمپ ۾ کائڻ پيئڻ لاءِ بہ ڪجهہ ڪونھي،
گُهرڻ تي منھن ڪري ٽيڏو تنھنجا ليڊر چڙي ويا ٿئي.

اهي تنھنجو ئي ٻارڻ اٿئي، سڀاڻي لئہ سنڀالي رک،
مري ويا ووٽڙا کٽندءِ، ٻہ ٽي اڳ ئي ڦري ويا ٿئي.

تنھنجي يارن ٻنڊا لوڙھي، هٿن سان تن کي ٻوڙايو،
اڃا ٻين کي بہ ٻوڙڻ لئہ، وڏيرا سڀ مڙي ويا ٿئي.

اڃا “بيوس” لڳا پيا هن، مگر هڪ ڏينھن سڀ اٿندا،
ڪري وٺ ظلم وارو اٿئي، گڏيل ناهن ٽڙي ويا ٿئي.

هيءَ آھي سراسر، ڳالھہ سچي، اسان هٿ سان ٻوڙيا ويا آھيون،

هيءَ آھي سراسر، ڳالھہ سچي، اسان هٿ سان ٻوڙيا ويا آھيون،
نہ ٿو ڪير ڏئي، آٿت ڪو اچي، اسان هٿ سان ٻوڙيا ويا آھيون.

بند لنگهہ ڪيئون سڀ پاڻيءَ جا، ڍورن تي بہ رئيسن قبضا ڪيا،
برسات مٿان، نہ ڪا چيڙھہ بچي، اسان هٿ سان ٻوڙيا ويا آھيون.

سم نالا بہ بند، ابتا پيا هلن، ٻاهر جو بہ پاڻي کنيو ٿا اچن،
سڀئي کوھہ لٽيل گاري ۾ گچي، اسان هٿ سان ٻوڙيا ويا آھيون.

نيڪال ڪڍڻ ڪنھن ڪونہ ڏنو، ڪمرو بہ ڪري پيو ڪوٽ ڇنو،
وڃي پٽ تہ پئي ادا جاءِ ڪچي، اسان هٿ سان ٻوڙيا ويا آھيون.

ڪئمپن ۾ سھولت ڪا ڪانھي، ماڻھن ۾ فضيلت بي ڪانھي،
ڏسي اندر پوي ٿو پڄري پچي، اسان هٿ سان ٻوڙيا ويا آھيون.

ڊي سين کي ڪروڙين روڪ مليا ڪا خبر نہ پئي سي ڪاڏي ويا،
راشين جا ويا ڀائو، رنگڙا رچي، اسان هٿ سان ٻوڙيا ويا آھيون.

الزام سڄو هو قدرت تي ڏين، افعال پنھنجا پر ڪونہ ڏسن،
کائي مال پرائو ٿيا مست مچي، اسان هٿ سان ٻوڙيا ويا آھيون.

“بيوس” نہ فقط! بي هوش بہ آ، نعرن جي پٺيان، مدهوش بہ آ،
گهڙي ترس وٺي ڀلي قوم نچي، اسان هٿ سان ٻوڙيا ويا آھيون.
****

منافع خور واپاري، خدا جو خوف ٿورو ڪر،

منافع خور واپاري، خدا جو خوف ٿورو ڪر،
سڀاڻي موت اچڻو ٿئي، نہ تون ناحق نسورو ڪر.

غريبن جا اجها ڪريل، ڪَلي ڇا لئہ لڪائي ٿئي،
مھانگي چئوڻ تي وڪڻين، اهو ظالم نہ زورو ڪر.

پٽاٽا ڪلھہ مليا چاليھ، ھاڻي ڏيڍ سئو ٿي ويا،
گناهن سا ڀري وياجي، انھيءَ پُڙ کي نہ ڳورو ڪر.

بصر کي ڇا ٿيو آھي، ٻہ سئو ۾ هڪ ڪلو ڏئين ٿو،
ٽماٽا ٽي سئو چئين ٿو، مڏو نہ ايئن ڪٽورو ڪر.

اٽو اڻ لڀ ڀلا ڇا لئہ، ڪڻڪ ساري لڙھي وئي ڇا؟
ڪلو سئو ويھہ ٿو وڪڻين، اهو ظاهر تہ ٻورو ڪر.

وبا جي وقت ۾ الٽي ۽ دستن جي دوا اڻ لڀ،
متان توکي بہ ايئن ماري، ڀڃي لالچ کي ڀورو ڪر.

هتي ڀل گڏ ڪري رک پر، ڪفن کيسي بنا هوندءِ،
قبر ۾ سڀ اڪيلا ٿئي، مقامن جو تہ دورو ڪر.

ڪرين ٿو ظلم هي “بيوس” قبر ۾ ڇا کڻي ويندين،
اتي ڪيڙا وڇون هوندءِ، ملن سان ڀل مشورو ڪر.

****

اهي خيما کپائين ٿو، خدا جو قھر ڪو پوندءِ،

اهي خيما کپائين ٿو، خدا جو قھر ڪو پوندءِ،
اڙي! مردار کائين ٿو، خدا جو قھر ڪو پوندءِ.

ڏسي دنيا پئي ساري، لُچا ايمان پيو ٻوڙين،
امڙ سنڌ کي لڄائين ٿو، خدا جو قھر ڪو پوندءِ.

پڌر تي ٻار ۽ ٻڍڙا، اجهو جن جو بچيو ناهي،
پاڇي لئہ سڪائين ٿو، خدا جو قھر ڪو پوندءِ.

مرن پيا مينھن جا ماريل، اهي ڪاڏي ڀلا ويندا،
ڀري ٽراليون لڪائين ٿو، خدا جو قھر ڪو پوندءِ.

اهي راشن ڪٽا توڙي، مليل ٽينٽ ڪيئه ڪاڏي،
چنڊا! دوزخ وهائين ٿو، خدا جو قھر ڪو پوندءِ.

سڀئي مجبور ۽ “بيوس” پڇڻ جو حق رکن ٿا پيا،
پڇاڻي کان نٽائين ٿو، خدا جو قھر ڪو پوندءِ.

مصيبت جي صفا ماريل، ٻڏل سنڌ جو خدا وارث،

مصيبت جي صفا ماريل، ٻڏل سنڌ جو خدا وارث،
حڪمرانيءَ هٿان هاريل، ٻڏل سنڌ جو خدا وارث.

نہ ئي ڪو ڳوٺ آ باقي، نہ ڪو رستو بچيو آھي،
ڪريل گهرڙا ڀتيون ڏاريل، ٻڏل سنڌ جو خدا وارث.

اڃا ساڳي ڪرپشن آ، خدا جو خوف ئي ڪونھي،
وڏا ڌاڙيل ھن ڌاريل، ٻڏل سنڌ جو خدا وارث.

ڪورونا جي وبا جا ڏک، اڃا دل تان لٿا ناهن،
وري نئين باھہ آ ٻاريل، ٻڏل سنڌ جو خدا وارث.

اسان جا هيءُ ڪامورا، شھنشاھہ معظم ڏس،
عياشين تي انڌا کاريل، ٻڏل سنڌ جو خدا وارث.

وڏي برسات ۽ طوفان، ڍنڍون ڍورا پيا اٿلي،
اڳئي مسڪين آزاريل، ٻڏل سنڌ جو خدا وارث.

وڏيرا ۽ وڏا ماڻھو، ڦرن احساس کان عاري،
سدا پيتل سدا پياريل، ٻڏل سنڌ جو خدا وارث.

وسي ٿو وڏڦڙو “بيوس” زخم دل جا پون اٿلي،
گهڻي تڪليف ۾ گهاريل، ٻڏل سنڌ جو خدا وارث.

مولا سائين رحم ڪجانءِ، هي سھڻ نہ جھڙا سور،

مولا سائين رحم ڪجانءِ، هي سھڻ نہ جھڙا سور،
ٻنيون ٻارا، ڄڻ ڪي ڍنڍون، پاڻيءَ سان ڀرپور.

ونئڻ بہ ويا ۽ تر بہ سڪي ويا، پاڻي ٿي ويا خواب،
گهر ويا ۽ گهاٽ ويا، ٿا گهائين بڇڙيءَ بک جا گهور.

بيشڪ رحمت آھي هيءَ برسات مگر مان ڇا ڪريان؟
انڌن ٻوڙن جي آ هٿ ۾، منھنجي قسمت جو نہ قصور.

ڪيئن نہ روئان، ڪيئن نہ تڙپان، لڙڪ لڪايان ڪيئن؟
هيل بہ پنهجا خواب نہ پورا، ٿي ويا سارا چڪنا چور.

قرض کنيو هو هيل بہ ڏاڍو، بيماريءَ جي حالت ۾،
وياج بہ ان تي چڙهندو ويو آ، موٽايان ڪيئن مور.

“بيوس” آخر ڪيسيتائين، ڪئمپن ۾ ۽ بي گهر هوندس،
گرنھہ ملي تہ بہ پينونءَ وانگر، ناهي هيءُ منظور.

اسان جا گهر ٻڏل آھن، اوهان کي آھي سياست جي،

اسان جا گهر ٻڏل آھن، اوهان کي آھي سياست جي،
اسان جا پٽ مئل آھن، اوهان کي آھي سياست جي.

خدا جي واسطي پنھنجا، رٽيل ڀاشڻ نہ دهرايو،
اسان جا هڏ ٽٽل آھن، اوهان کي آھي سياست جي.

جنين سان ووٽ ڏنو هو، چوان سو هٿ ڇڏيان ٽوڙي،
خنجر سيني کُتل آھن، اوهان کي آھي سياست جي.

اوهان جي پيءُ ڏاڏن جون ڀلا بئنڪون هيون ڇا اڳ،
اڪائونٽ ڇو ڀريل آھن؟ اوهان کي آھي سياست جي.

اسان جو ڳوٺ جن ٻوڙيو، خدا تن کي نہ بخشيندو،
اهي ئي قاتل اصل آھن، اوهان کي آھي سياست جي.

اڙي چمچا پٽنھن کي بي، ٻہ ٽي غوطا تہ ڏياري ڏس،
اسان جا رت تتل آهن، اوهان کي آھي سياست جي.

ادا شاعر هي لالچ ڇڏ، انڌا ايئن ٿيءُ نہ درٻاري،
گهڻا “بيوس” کتل آھن، اوهان کي آھي سياست جي.

وارو ڪريو شھر بچايو، ليڪن ڳوٺ بہ پنھنجا آھن،

وارو ڪريو شھر بچايو، ليڪن ڳوٺ بہ پنھنجا آھن،
گاري گپ جا ڪچا گهرڙا، ايئن نہ ٺاهڻ سھنجا آھن.

هو تہ چوي ٿو ٿوڻيون، ڪنڌيون، اهم نہ آھن پر ڀائو،
هي ڇن ڇپر، سڀ سولا ڏسجن، ٺاهڻ ڏاڍا اهنجا آھن.

ڀلي ٻنيون، فصل بچايو، وقت جي ھيءَ ضرورت آهي،
ليڪن ٻين کي ٻوڙڻ وارا، سڄڻ ڀلا ڪنھن جا آھن.

هو ڏس! جيڪي چڱا سمجهي، ايوانن ۾ پھچاياسين،
ديس ڌڻين جا دشمن آھن، منھنجا نہ ڪي تنھنجا آهن.

“بيوس” هر ڪنھن جو حق آھي جيئڻ، ان کي جيئڻ ڏيو،
سڀنيءَ جا ويچار اهي ئي، هي نہ اڪيلي منھنجا آھن.

سنڌ جا سائين، ايئن سدائين رئندا رهندئو ڪيسيتائين؟

سنڌ جا سائين، ايئن سدائين رئندا رهندئو ڪيسيتائين؟
بي گهر بڻجي ڪئمپن ۾ ايئن رلندا رهندئو ڪيسيتائين؟

ڪيسيتائين ٻين جي هٿ ڏي ايئن تڪيندا رهندئو پيارا،
سورن ۾ ايئن تڙپڻ سان گڏ، جلندا رهندئو ڪيسيتائين؟

آپڻي گهوٽ تہ نشا ٿيوئي، ھيءُ پھاڪو ڪونہ ٻڌو اٿو،
ٻين جي ماريل کائي کائي پلندا رهندئو ڪيسيتائين؟

اٿو تہ گڏجي ڏک جي ماريل سنڌ جي گڏجي سار لھون،
سانگيئڙن کي سورن سھندي ڏسندا رهندئو ڪيسيتائين؟

ڌرتيءَ جا سڀ وارث گڏجو پنج ڪروڙ ڪي ٿورا ناھن،
هٿ ۾ ھٿ ڏئي ٻاهر نڪرو ڊڄندا رهندئو ڪيسيتائين؟

هڪٻئي پويان وک وک کڻندي، منزل ماڻي وٺبي آھي،
ڌارين پويان ڀٽڪي ڀٽڪي رڙھندا رهندئو ڪيسيتائين؟

ڇا ٿي پيو جي مينھن وٺو آ، سو بہ تہ پنھنجي لاءِ ڀلو آ،
پاڻي نيٺ تہ نڪري ويندو، ٻڏندا رهندئو ڪيسيتائين.

پاڻي آخر پاڻي آھي، پنھنجو ازلي رستو وٺندو،
ٻين ڏي ٽوڙي، گهرڙا ٻوڙي، ڪڍندا رهندئو ڪيسيتائين.

مستقبل خوشحال اسان جو “بيوس” همت، مڙسي ڪريو،
محنت سان گڏ ايڪو ڌاريو، وڙھندا رهندئو ڪيسيتائين.

هر پاسي آ پاڻي پاڻي، جيڏانھن تيڏانھن گهارا آھن،

هر پاسي آ پاڻي پاڻي، جيڏانھن تيڏانھن گهارا آھن،
خير پور ناٿن شاھہ ٻڏي ويو، اوڇنگارون اوسارا آھن.

مون کي ڏاڍي ڳڻتي آهي، ارباب شاھہ ڏي خير هجي،
ات قربان علي ٻگهيئي جهڙا، ساٿي محبت وارا آھن.

هرهڪ ڳوٺ، شھر يا واهڻ، منھنجو ڄڻ تہ گهرڙو آھي،
۽ پڻ منھنجي گهر جا ڀاتي، سنڌ جا شھري سارا آھن.

چئن لکن جي آدم کي ائين، روئندي لڏندو ڪير ڏسي،
جن جا خواب ئي اجڙي ويا، گردش ۾ تہ ستارا آھن.

پنھنجي گهر ۾ رکي سکي، کائي هرڪو خوش هوندو آ،
ليڪن ڪئمپن ۾ ڪجهہ ناهي، موت جا ات لامارا آھن.

“بيوس” منھنجي سھڻي سنڌ کي، ڪھڙي نظر لڳي آ يارو،
هر پاسي کان ڪن جا ڪڙڪا، ڪنڌي ۽ نہ ڪنارا آھن.

ٻوڏ متاثر ڪيڏانھن ويندا، ڀائو ڪجهہ تہ خيال ڪريو،

ٻوڏ متاثر ڪيڏانھن ويندا، ڀائو ڪجهہ تہ خيال ڪريو،
جيڏانھن تيڏانھن ڪٽ لڳل هن، رستا روڊ بحال ڪريو.

هر ڪنھن روڊ جي حالت اهڙي هر ڪو ئي ڦاٿو بيٺو آ،
ڪٿي کاما تہ ڪٿي ڌرڻا، جيئڻ ايئن نہ جنجال ڪريو.

هيڏو ٽئڪس روز وٺو ٿا، پوءِ بہ پاندي پوري ڪانھي،
وک وک تي آهي ٽول پلازا، ظاهر ان جو مال ڪريو.

جنھن کي جيئن وڻي سو ڪري، جهنگ جو آ قانون هتي،
مسڪينن کي بک، اڄ ماري، هيڻو ايئن نہ حال ڪريو.

ڳالھہ ٻڌو هي جوهيءَ وارا، وين مسافر دانھون ڪن ٿا،
گاڏين وارن ڪيس ڪيو اٿن، ساڳيو ڪرايو بحال ڪريو.

“بيوس” هي ڪي شعر نہ آھن، ٻڏندڙ سنڌ جا نوحا آھن،
ڪربل جھڙو ڪيس هلي پيو، ايئن نہ ٽال مٽال ڪريو.

سيد سڳورو آيو هو هت، گاڏيءَ مان ديدار ٿيو،

سيد سڳورو آيو هو هت، گاڏيءَ مان ديدار ٿيو،
شيشو لاهي ڪونہ ڏٺائين، دل تي ڏاڍو بار ٿيو.

ماڻھن کي گهٽ وڌ ڳالھائي، ڇڏيو ويو پري هٽائي،
خاص ڪري تہ ڦل پوليس مان، هر ڪوئي بيزار ٿيو.

ماڻھو آيا تہ مدد ڏيندو، ٿورو ڇاندو پاندو ٿيندو،
ليڪن هيءُ تہ بک ماريندو، وڏو ڪو ڪردار ٿيو.

هرڪو چئي پاڻي ڪڍرائي، ليڪن ڄڻ تہ ويو وڌائي،
ٻئي ڏينھن گهر ٻڏي ويا سارا، اهڙو ڪو اسرار ٿيو.

ڳالھہ ڪئي هڪڙي ورجائي، اسان ڏنس تيل ڀرائي،
باقي سکڻن دلاسن تي، هر ڪو ئي پئي ٻلھار ٿيو.

ملازم بہ ڇڏيائين سٽي، پنج ڏينھن انھن جا ڪٽي،
هيءُ ڪو عام منسٽر ناهي، “بيوس” هي فنڪار ٿيو.

جيئن جيئن موسم رنگ مٽايو، ظاهر ٿي شيطاني آ،

جيئن جيئن موسم رنگ مٽايو، ظاهر ٿي شيطاني آ،
سڪل واڱڻ بہ اڍائي سئو ۾، هيءَ بہ تہ مسلماني آ.

واھه پٽاٽا تنهجي مستي، سئو ويھن ۾ ناهي سستي،
بصر ٻہ سئو ۾ بہ نہ ملي، سبزي هيءَ تہ شاهاني آ.

ڀينڊين ايڏو کاڌو ڀڙڪو، قيمت ٻڌي لڳو ٻڙڪو،
ٽي سئو جو آ هڪڙو ڪلو، کائڻ کان وئي ماني آ.

توري، گوبي ڪدوءَ وارا، تن جا ٿي ويا وارا نيارا،
خاص ڪري هي ڦلن* وارا، ياد نہ ڪوڏر، ڪاني آ.

ٿورو ڪريو سھڻا غور، ڪيڏانھن ويندا سبزي خور،
مرغي پوءِ بہ سستي آ، پر سبزيءَ تي حيراني آ.

چار سئو جو ڪلو گوار، کاءُ نہ ايڏي “بيوس” خار،
ٽماٽي خان جو نالو وٺندو، ڪو بہ نہ پاڪستاني آ.

****

* ڦل شھر

منھنجا مالڪ منھنجي توبھ، تنھنجي در تي زاري آ،

منھنجا مالڪ منھنجي توبھ، تنھنجي در تي زاري آ،
حرص، حوس جو پيٽ نہ ڀرجي، ڏاڍي هي بيماري آ.

نقل پيو هر جاءِ وڪامي، اصلي شي جي قيمت ۾،
هڪڙي ڏينھن ۾ ارب پتي ٿي، ويندو هت واپاري آ.

شاخن کي گهارا لڳرائي، ٺيڪيداري بہ پاڻ ڪندا،
پنج ڪروڙ مٽي ٿي ويندا، اهڙي هتي پڳداري آ.

اي سي، ڊي سي چونڊي چونڊي، اهڙائي آندا ويا آھن،
نا اهليءَ جا تمغا پائي، سڀنيءَ ڪئي ڪمداري آ.

هيڏو مينھن مھينو ٿي ويو، اعمالن جي شامت آ،
اهڙا ٿي ويا فعل اسان جا، باھہ انھن ئي ٻاري آ.

“بيوس” جن کي ووٽ ڏناسين، اڄ ڳوليا ئي ڪونہ لڀن،
ترقياتي اسڪيمون کائي، عمره جي ڪئي تياري آ.

سنڌ سڄي آ سور ئي سور، مولا تنھنجي مدد گهرجي،

سنڌ سڄي آ سور ئي سور، مولا تنھنجي مدد گهرجي،
ستم سھي پيو روز شعور، مولا تنھنجي مدد گهرجي.

جڏھن ڏسان ڪو ٻار اڃايل، من ٿئي ٿو گهايل گهايل،
پلٽي پون ٿا پور ئي پور، مولا تنھنجي مدد گهرجي.

سنڌ ستابي هئي ننگپال، ليڪن هينئر هيڻا حال،
خوشيون آهن اڄ ڪافور، مولا تنھنجي مدد گهرجي.

اوطاقون ۽ گهر ڀلا هئا، ٻوڙي سارا ناس ڪيائون،
خواب سمورا چڪناچور، مولا تنھنجي مدد گهرجي.

جيڪي ٻين جا ساٿ سھارا، سي اڄ ڪئمپن ۾ پيا تڙپن،
سار نہ تن جي لڌئون مور، مولا تنھنجي مدد گهرجي.

هو تہ چون ٿا ارب ڏنا ٿئون، عام چون ٿا سارو ڊرامو،
ڪوڙ نہ لڪندو آھي ڪلور، مولا تنھنجي مدد گهرجي.

“بيوس” هيءَ دل گهايل آهي، هي تہ سارا قاتل نڪتا،
سنڌ تي ٿاڦيل سڀ ناسور، مولا تنھنجي مدد گهرجي.

ڪڏھن راھہ ويندي ئي ماريا وڃون ٿا،

ڪڏھن راھہ ويندي ئي ماريا وڃون ٿا،
ڪڏھن محفلن مان ڌڪاريا وڃون ٿا.

ڪڏھن ٻوڏ ٻوڙي ۽ لوڙھي ڇڏي ٿي،
ڪڏھن ڪٽ ڏيئي ٻوڙي ماريا وڃون ٿا.

ڪڏھن مرغ بسمل جيان ٿا ڪسون،
۽ عذابن جي آڏر سان ڳاريا وڃون ٿا.

هميشہ نشاني تي آهيون اسان ئي،
ڪڏھن ٻوڙيا ڪڏھين تہ تاريا وڃون ٿا.

ڪڏھن آھي آتش نمرود اسان لئہ،
ڪڏھن برف بڻجي، پگهاريا وڃون ٿا.

جيئڻ آھي “بيوس” انوکو اسان جو،
مرڻ جي گهرون ٿا تہ جيئاريا وڃون ٿا.

روڊ نہ ڪوئي رستو ملي ٿو، کوڙ رلي ويا راهن ۾،

روڊ نہ ڪوئي رستو ملي ٿو، کوڙ رلي ويا راهن ۾،
جيڏانھن تيڏانھن ڪٽ لڳي ويا، سنڌ سموري دانھن ۾.

جيڪي جت هئا، سي اتي ئي قابو ٿي ۽ ڪٽجي ويا،
بک ۽ اڃ تي ڦاٿل ماڻھو، تڙپن موت جي ٻانھن ۾.

قومي رستو ڪوئي تہ کولي، مجبورن جي سار لھو،
موٽر وي جا ڪاڏي ويا، ڪھڙين سي بہ صلاحن ۾.

هوڏانھن هو مھراڻ بہ سارو، ڪٽيل آھي ڪنبن وارو،
پاڻي ان تي ائين هلي ٿو، وهندو آھي جيئن واهن ۾.

هينئن چون پيا روڊ ٽٽل آ، موري کان مٽيارين تائين،
پوري پاڪستان جي ٽرئفڪ، رليل ريھن، دانھن ۾.

سيوهڻ، دادو، ڀانن وارا، هڪ ٻئي کان ٿيا الڳ ويچارا،
ميھڙ وانگر لوڙين ويٺا، اڻ ڄاتل، ڪن تہ گناهن ۾.

ڦل شھر کان اچن پيا سارا، ڏسجن ٿا سڀ يار ڏکارا،
“بيوس” چئي شل هجن سمورا، رب سائينءَ جي پناهن ۾.

عالم جا ﷲ مٺا، هن هيڻي جو هيءُ حال ڏسين ٿو،

عالم جا ﷲ مٺا، هن هيڻي جو هيءُ حال ڏسين ٿو،
سنڌ سراپا سور بڻيل آ، جيئڻ ٿيو جنجال ڏسين ٿو.

بيشڪ هيءَ برسات سڀن لئہ، رحمت جو وسڪار هئي،
ليڪن ان کي زحمت ٺاهيئون، چالاڪي ۽ چال ڏسين ٿو.

منھنجا سائين تنھنجا ٻانھا، تنھنجي در تي دانھين ٿا،
ظالم رئيس وڏيرا قاتل، سنڌ جا هيءُ دجال ڏسين ٿو.

هِن پاسي بي ظالم آھن، هُن پاسي بہ تہ ساڳيا ظالم،
هيءَ نہ مارين، هو ماريندا، ڌوُتا ڌاڙيوال ڏسين ٿو.

تنهجي هر تخليق مڪمل، بيشڪ تر بہ تفاوت ڪونھي،
ليڪن فطرت جا هي دشمن، رهزن تيرنھن تال ڏسين ٿو.

مظلومن جون آھون ٻُڌ، اي مالڪ! محشر برپا ڪر،
جن کي ٻوڙي ماريو ويو آ، تن جي صورتحال ڏسين ٿو.

مجبورن جو مال جنين بي، کاڌو تن جو ڦاڙج پيٽ،
وحشي وڪڻي کائن ويٺا، رعيت جا رکوال ڏسين ٿو.

“بيوس” جون آھون ۽ دانھون، عرش عظيم تي پھتيون آھن،
بيشڪ منھنجي دل جوسارو، سورن جو احوال ڏسين ٿو.

هزار دل ۾ سوال آھن، جواب آخر وٺون تہ ڪنھن کان؟

هزار دل ۾ سوال آھن، جواب آخر وٺون تہ ڪنھن کان؟
ڪمال بدران زوال ڇو آ، حساب آخر وٺون تہ ڪنھن کان؟

سدائين ڌوڪا ڏنا ويا هن، اسان اڃا بي انھن جي پويان،
رڍن جي اڳيان وڄائجن جي، رباب آخر وٺون تہ ڪنھن کان؟

اسان جا ويري ٻيا نہ آھن، اسان کي پنھنجن پڇاڙيو آ،
ڦٽي وئي ننڊ نيڻ آلا، خواب آخر وٺون تہ ڪنھن کان؟

فقط اهائي خطا ڪئي آ، ڪنڊن کي پاڻي ڏنو نہ آھي،
گناھہ سارا ڳچيءَ ۾ آهن، ثواب آخر وٺون تہ ڪنھن کان؟

نہ ٿا لڪائي سگهون او “بيوس”، زخم اندر جا ڪڙھن پيا ٿا،
بجاءِ امرت، زهر ڏنائون، دوا بہ آخر وٺون تہ ڪنھن کان؟

****

روپ نئون رويو مٽيل ڏاڍو وڻيو

روپ نئون رويو مٽيل ڏاڍو وڻيو،
عالمن جو هيءُ عمل ڏاڍو وڻيو.

ڇا ڏسان پيو ٻين جي خدمت ۾،
مولوي هر هڪ رُڌل ڏاڍو وڻيو.

روز مسجد مان ٿئي اعلان پيو،
ٻوڙ، مانين جو ڳپل ڏاڍو وڻيو.

هن دفعي صف اول ۾ بيٺل ڏٺم،
ٻوڏ دوران ڪم ڪيل ڏاڍو وڻيو.

ڇا تہ هئي تقرير مسجد ۾ ٻڌيم،
هر لفظ موتيءَ مثل ڏاڍو وڻيو.

دل چوي هر لفظ تان قربان ٿيان،
خلق خدمت لئہ چيل ڏاڍو وڻيو.

سڀ چون ٿا يار “بيوس” واھہ واھہ،
تنھنجو لکيل هي غزل ڏاڍو وڻيو.

اڄ پڻ وريو واءُ اتر جو، آيو ڪڪرن ڪارونڀار ڪري،

اڄ پڻ وريو واءُ اتر جو، آيو ڪڪرن ڪارونڀار ڪري،
بيوھہ جي هن جڏڙي گهر تي، شال نہ سو وسڪار ڪري.

سيءُ سيارو مشڪل سان ئي، ڪاٽي جان بچائي آھي،
ساوڻ رت کي رحم پوي شل، مسڪينن نہ مار ڪري.

جيڪر هيءُ ڪري پيو گهرڙو، ڇانءَ يتمن ڪير ڪندو،
ڇن مان ساري رات ٽمي ٿو، ڦڙ ڦڙ تہ بہ ڦوهار ڪري.

ڪنھن کي ڪوئي قياس نہ آھي، اڌ اگهاڙن ٻچڙن جو،
خوف خدا کان خالي ماڻھو، وار مٿان ٿو وار ڪري.

“بيوس” دل جا ڪارا ماڻھو، آھن هيءُ هچارا ماڻھو،
ڪو بہ سھارو ڪو نہ ڏين ٿا، لڙڪ ٽمن ٿا لار ڪري.

ڊي سي صاحب، اي سي صاحب، ڳوٺ ٻڏي ٿو وارو ڪر،

ڊي سي صاحب، اي سي صاحب، ڳوٺ ٻڏي ٿو وارو ڪر،
ڪاهي هل تون ڪرينون جلدي، بند هلي اهو گهارو ڪر.

تنھنجي هٿ ۾ سڀ ڪجهہ آھي، رحم تہ ڪر مسڪينن تي،
توکي ڏاڍيون دعائون ڪنداسين، ڪم تہ اهو موچارو ڪر.

ڳوٺ سڄي جا معصوم ٻچڙا، پاڻيءَ ۾ سڀ ڦاٿل آھن،
واھہ ڀريل کي روڻيون پيون هن، ڪو مضبوط ڪنارو ڪر.

مونکي تنگ نہ ڪريو ڇورا، ايم اين اي ڏي ڇو نہ ويا هو،
سارو فنڊ انھيءَ کي ئي ڏيندس، مون کان هاڻي ٽارو ڪر.

“بيوس” پاڻ غريب نہ آھيون، سچ پچ بدنصيب تہ آھيون،
پنهجي پير تي پاڻ ڪھاڙو، ھٿ سان ھڻي نہ ڏارو ڪر.

جيڪر هت انصاف هجي ها، ايئن نہ ڪيس ڪلور هجن ها،

جيڪر هت انصاف هجي ها، ايئن نہ ڪيس ڪلور هجن ها،
راشي، چور نہ مستيون ڪن ها، ٻانھن کان معذور هجن ها.

قاتل ڪير بہ ثابت ٿئي ها، ڦاهي تنھن لئہ تيار هجي ها،
مقتولن جون نياڻيون ايئن نہ، لاش رکي مجبور هجن ها.

مسڪينن تي هٿ کڻي ها، هٿ انھيءَ جو ڌار ڪجي ها،
ٻين جو حق تڪيندڙ سارا، نيڻن کان بي نور هجن ها.

مسڪينن کي آزاريندڙ، ورديءَ توڙي بي ورديءَ سان،
چونڪ تي پيا سنگسار ٿين ها، گردن ڌڙ کان دور هجن ها.

راشي حاڪم، آفيسر کي، پبلڪ سامھون لٽڪايو ها،
ايم پي اي، ايم اين اي سارا، خدمت سان ڀرپور هجن ها.

اهڙيون ٻوڏون ڪين اچن ها، خوشين وارا مينھن وسن ها،
هت اگر انصاف هجي ها، ماڻھو سڀ مسرور هجن ها.

هاڻ بہ وقت نہ ويو آ “بيوس”، پنھنجي رب کي راضي ڪريو،
صالح جي اعمال هجن ها، ايئن نہ صدما سور هجن ها.

ماروئڙا هي سانگيئڙا ڏس، ڏينھن سڄو ئي واندا آهن،

ماروئڙا هي سانگيئڙا ڏس، ڏينھن سڄو ئي واندا آهن،
ڪوئي ڪم نہ ڪار ڪندا، امداد پنڻ لئہ ماندا آهن.

ڏينھن سڄو هوٽل تي ويھي، بئنچن جو پيا زيان ڪندا،
ٺوهين وانگي ٺوڪر کائي، ڪجهہ نہ ڪمائي آندا آھن.

زالن پويان هوندا تہ ڪڏھن ٿي، انھن کي امداد ملي،
ماري ڪٽي ان کان ڦري پوءِ، ڪندا ڇاندا پاندا آھن.

گهر جي لنب ۽ مرمت ڪن ها، شايد سو تہ بچي ٿي سگهيو،
ان تي محنت ڪانہ ڪيائون، هاڻ تہ بڻيا باندا آھن.

“بيوس” ھن برسات بہ ويتر، ڪئمپن ۾ اچي بند ڪيا،
ڪريل ڪڏھن گهر ٺاهيندا، سوچي نڪتا سياندا آھن.

او منھنجي مٺڙي پياري امان، هن ڪئمپ ۾ مونکي ڊپ ٿو لڳي،

او منھنجي مٺڙي پياري امان، هن ڪئمپ ۾ مونکي ڊپ ٿو لڳي،
هت ڪنھن کي ڪوئي قياس نہ آ، احساس بہ بلڪل ٺپ ٿو لڳي.

مون کي کير جو ڍڪ ٿو هاڻ کپي، پر هر ڪو ئي خالي ويٺو آ،
پئسا بہ اسان وٽ ڪونھن ڪي، ڪائي بہ نہ ملندي لپ ٿو لڳي.

مون کي اڃ بہ ڏاڍي لڳندي آ، پيا پاڻيءَ ڍڪ لئہ پاڻ سڪون،
هن ناديءَ ۾ ھئا جيت مئل، جيڪو پيئڻ سان سيءُ تپ ٿو لڳي.

هت مڇر بہ خوب ستائين ٿا، ڏاڍو اٿندي ويھندي بہ کائين ٿا،
نہ ٿي ننڊ اچي مان ڇا ڪريان، اهو ڏينڀو ڏيندو ٽپ ٿو لڳي.

اسين گهر پنھنجي کان دور آھيون، ڏاڍا “بيوس” ۽ مجبور آهيون،
اڃا مينھن جو پاڻي بيٺو آ، مٿان واھہ جو ٽٽندو ڪپ ٿو لڳي.

روئندڙ ننڍڙا سھڻا ٻار، منھنجي دل کي جهوري وجهن ٿا،

روئندڙ ننڍڙا سھڻا ٻار، منھنجي دل کي جهوري وجهن ٿا،
ٻاهر پيا ٻڌجن ٻاڪار، منھنجي دل کي جهوري وجهن ٿا.

مينھن تہ هوندو آھي صدورو، جيڪر پئي ها ٿورو ٿورو،
راتين ڏينھن جا وسڪار، منھنجي دل کي جهوري وجهن ٿا.

پنھنجي گهر ۾ لاڏ ۽ ماڻا، ڪئمپ ۾ ٿين ٿا سي ويڳاڻا،
پيءُ ۽ ماءُ جا نيڻن ٺار، منھنجي دل کي جهوري وجهن ٿا.

هر هر اڃ ۽ بک لڳي پر، ڪئمپ ۾ کير ۽ پاڻي بہ ڪونھي،
ڀت ڏئي ويندو آ ڪوٽار، منھنجي دل کي جهوري وجهن ٿا.

ڪيئن ڪندا مجبورڙا هاڻي، تون ئي ڏي ڪجهہ “بيوس” آڻي،
جلدي اٿ ۽ ٽائيم نہ کار، منھنجي دل کي جهوري وجهن ٿا.

ڪنھن جي نظر لڳي وئي يارو، سنڌڙي منھنجي سورن ۾،

ڪنھن جي نظر لڳي وئي يارو، سنڌڙي منھنجي سورن ۾،
شھر ٻڏي ويا، ڳوٺ ٻڏي ويا، آ سڀڪو پنھنجي پورن ۾.

پنھنجي سانڀر ۾ اويارو، اهڙي نہ مون برسات ڏٺي آ،
ڏينھن سڄو آ وسندو رهيو، رات سڄي بہ جهڪورن ۾.

هر گهٽيءَ ۾ ۽ ھر گهر ۾، گوڏي کان وڌ پاڻي ٿي ويو،
ڏک وارا مون شعر لکيا هن، مينھن سندن مذڪورن ۾.

گونگا ٻوڙا، ڏائڻ ليڊر، هر ڪم ۾ ڪميشن کائن ليڊر،
انگ گهاڙا ۽ پيٽ بکيا سڀ، گهايل ساڳين گهورن ۾.

“بيوس” ڪيئن ڪري او دلبر، ماندو هيءُ مري او دلبر،
سو ڪيئن کلندو، سو ڪيئن ٺرندو، آھي جو تندورن ۾.

اٿو اٿو اي دل گهريا! سچا سپوت، ساٿيو اٿو،

اٿو اٿو اي دل گهريا! سچا سپوت، ساٿيو اٿو،
سڏي ٿو ديس دلربا، اوهان کي ڇا ٿيو اٿو.

اٿو ۽ ايڌي ٿي پئو، سڀن جي سار پيا لھو،
وڏو آ قھر ڪيس ٿيو، وڏو هي حادثو اٿو.

چپو چپو اٿو ٻڏل، ڳليون سڄيون ٻڏي ويون،
ڪڻو ڪڻو ٿي ڪئمپ ۾، آ هر ڄڻو پڳو اٿو.

رڳو نہ پنھنجو گهر بچي، بچائڻو آ ڳوٺ کي،
اچو هلي ڪو بند ٻڌون، هلي ٻنڊا ڏيو اٿو.

ٻڌيءَ جي راھہ تي هلو، ۽ يڪمشت ٿي پئو،
هلو هلو ۽ ساٿ کي بہ خود سنڀاريو اٿو.

ڀلا هي سادگي بہ ڇو ڀلا، هي بيوسي بہ ڇو؟
سڏايو ائين نہ “بيوس” ۽ سڀن کي ڏس ڏيو اٿو.

اٿي پئو او مزدور، هاري اٿي پئو،

اٿي پئو او مزدور، هاري اٿي پئو،
سڏيو ڀونءِ آهي، ڀلاري اٿي پئو.

اچو ۽ امڙ جي اچي ٿڃ ملھايو،
اها ماءُ جيجل، سونھاري اٿي پئو.

وڏيرن زمينون بچائڻ جي خاطر،
ڪئي ڳوٺ ٻوڙڻ جي تياري اٿي پئو.

اوهان جي ڏسن راھہ مجبور ڀائر،
مڱڻھار، چانڊيه، مزاري اٿي پئو.

ڪري ٻوڏ بي گهر ڇڏيا کوڙ آھن،
سڀئي رند، کوسا، لغاري اٿي پئو.

اٿو سيال، سوهو، سميجا سڏن ٿا،
وڳڻ، ڦل، ميمڻ، لشاري اٿي پئو.

جتي بي ضرورت اتي يار پھچو،
چنہ، جعفري ۽ جماري اٿي پئو.

ڪئيمپن ۾ ماني ۽ پاڻي پڄايو،
ڀڄايو بکون، ڏک، بيماري، اٿي پئو.

ڪيو ٿا محبت، تہ “بيوس” نڀايو،
نڀايو اچي محب، ياري اٿي پئو.

****

نظم

---

منھنجي ڌرتي ماءُ ٻڏل آھي

منھنجي ڌرتي ماءُ ٻڏل آھي،
هر جاءِ تان روڊ ٽٽل آھي.

هر پاسي پاڻي، ئي پاڻي آ،
ھي جندڙي جيجل ساڻي آ،
ويچار ۾ دل هي ويڳاڻي آ،
جيئڻ بہ ٿيو مشڪل آھي.

گهر گهاٽ بہ هيڏي پاڻي ۾،
هوڏي ڏس ڪيڏي پاڻي ۾،
سڀ گوڏي جيڏي پاڻي ۾،
جيئڻ ٿيو موت مثل آھي.

هر ڏينھن رئان هر رات رئان،
آھي تن ۾ لڳل سا تات رئان،
سئو جاڳن ٿا جذبات رئان،
بس ٽانڊن ۾ ڄڻ دل آھي.

پيو گهرڙو منھنجو يار ڪري،
ڪا ڪانہ بچي ان ۾ ٺڪري،
هي آھہ وئي دل مان نڪري،
مقدر ئي منھنجو ڦٽل آھي.

مان ڇا ڪريان “بيوس” آھيان،
پنھنجي نہ بلڪل وس آھيان،
هي سوچي ٿيندو بس آھيان،
منھنجو شايد ڀاڳ لڪل آھي.

قيامت، صغرا جو منظر سنڌ، بلوچستان ۾،

قيامت، صغرا جو منظر سنڌ، بلوچستان ۾،
ويا لڙهي معصومڙا برسات ۽ طوفان ۾.

چئوطرف لاشا لڙھن ٿا لڙڪ ئي رڪجن نہ ٿا،
دل اندر ماتم متل، منظر اهي سهجن نہ ٿا،
مرڪندڙ معصومڙا اونڌا پيل، وسرن نہ ٿا،
اڳ ڪڏھن اهڙو ڏٺو منظر نہ ڪوهستان ۾،
ويا لڙهي معصومڙا برسات ۽ طوفان ۾.

چئوطرف پاڻيءَ اندر مظلوم لاشا الامان،
يا خدا ڪيڏانھن وڃن مجبور پياسا الامان،
حڪمرانن جا ٿا ڏسجن ڪُڏ تماشا الامان،
ڄڻ تہ شامل ئي نہ آھن هو تہ پاڪستان ۾،
ويا لڙهي معصومڙا برسات ۽ طوفان ۾.

وڻن ۾ لاشا ٽنگيل ٻيا گپ، گاري مان لڀن،
جان جانان جگر گوشا، هن ڪناري مان لڀن،
تيز پاڻيءَ ۾ لڙهيل ٿا روھہ ڪاري مان لڀن،
ڪفن نہ پاتئون ڪين ٿيا، مدفون قبرستان ۾،
ويا لڙهي معصومڙا برسات ۽ طوفان ۾.

ڪانہ پھتي آ اتي فرياد تن جي ڇا ڪجي؟
انڪري آ ڪين ٿي امداد تن جي ڇا ڪجي؟
ڇو ڀلا ڪنھن کي نہ آھي ياد تن جي ڇا ڪجي؟
هر ڪوئي ڳائي قصيدا حاڪمن جي شان ۾،
ويا لڙهي معصومڙا برسات ۽ طوفان ۾.

دل چوي ٿي ڀائرن جي مدد لاءِ ڪجهہ ڪجي،
جيترو جنھن کان ٿئي سو گڏ ڪري پھچائجي،
حال ڀائي ٿي ڀلا ڪو ڏک ذرو تہ گهٽائجي،
هن گهڙي بي ڪجهہ نہ ٿيو پوءِ شڪ آ ايمان ۾،
ويا لڙهي معصومڙا برسات ۽ طوفان ۾.

سڀ اٿي پئو ۽ بلوچي ڀائرن سان گڏ ٿيو،
۽ سنڌين جي ساٿ جي هن ساٿ وارو سڏ ٿيو،
ڪائي مجبوري نہ آھي ڪين ڪاهل ڏڏ ٿيو،
پوءِ متان روئندا رهو “بيوس” انھيءَ ارمان ۾،
ويا لڙهي معصومڙا برسات ۽ طوفان ۾.

گهر ٻڏل، چهرو لٿل، حال هيڻو، ٺُپ اداسي آھيان،

گهر ٻڏل، چهرو لٿل، حال هيڻو، ٺُپ اداسي آھيان،
ادا! مان حڪمرانيءَ جو ستايل، سنڌ واسي آھيان.

ڪونہ هو پاڻي جڏھن، مون کي سُڪايو ويو مٺا،
رونبي کان ئي اڳ منھنجو، ٻيجو پٽايو ويو مٺا،
منھنجي ٻنڙيءَ کي ئي بس، بنجر بڻايو ويو مٺا،
ڪا ڪڇڻ جي سگهہ نہ آ، اهڙو ويو ڦاسي آھيان،
ادا مان حڪمرانيءَ جو ستايل، سنڌ واسي آھيان.

پئي گهڻي برسات وئي، پاڻي بہ تارئون تار ٿيو،
پوءِ تہ مون مسڪين جي، نازل مٿئون آزار ٿيو،
منھنجي ٻوڙڻ جي پٺيان، هر هڪ وڏيرو تيار ٿيو،
ان سبب جي ئي ڪري، مان ٿيو نراسي آھيان،
ادا مان حڪمرانيءَ جو ستايل، سنڌ واسي آھيان.

ڇو ڀلا منھنجي پٺيان ئي، هر ڪا هيبت ٿي اچي،
رئيس وڏي جو فصل، هر ڪنھن مصيبت کان بچي
باغ، باغيچا جتي پيو، هر قسم جو رنگ رچي،
منھنجو مقدر ئي ڦٽل ڄڻ، ڪو نرڳ واسي آھيان،
ادا مان حڪمرانيءَ جو ستايل، سنڌ واسي آھيان.

سال ٿي ويا آھن او ڀائو، ڪا خوشي ناهي ڏٺي،
هر طرف کان نفسا نفسي، ئي فقط آھي ڏٺي،
پيو ڦران “بيوس” لڳو ۽ زهر ٿي وئي زندگي،
سنڌ، سچ ۽ سونھن جو، مان پوءِ بہ پياسي آھيان،
ادا مان حڪمرانيءَ جو ستايل، سنڌ واسي آھيان.

هتي بک، مصيبت، صفا باھہ ٻاري،

هتي بک، مصيبت، صفا باھہ ٻاري،
هلو يار ڪريون، ڪراچي تياري.

پنھنجا ڪک اباڻا بہ بلڪل پيارا،
سندءِ گهر تہ نيڻن سندا يار تارا،
مگر ٻوڏ ٻوڙي، ڪيا ناس سارا،
سمورا وسيلا بہ، هاڻي نہ رهيا،
مٿان مال ۾ وئي، اچي آ بيماري،
هلو يار ڪريون، ڪراچي تياري.

ڪراچي اسان جو، پيارو شھر آ،
سدا چمڪندڙ هي، ستارو شھر آ،
سنڌين جو اهو ئي سھارو شھر آ،
اتي کوڙ موقعا، جيئڻ جا ملن ٿا،
تڏھن پلٽجي پئي دنيا آھي ساري،
هلو يار ڪريون، ڪراچي تياري.

ڪراچي چون ٿا تہ لکپال آھي،
اهو ئي حقيقت جو احوال آھي،
هتي ٿي پيو جيئڻ جنجال آھي،
وڏيرن ٻنيون ڳوٺ ٻوڙائي رکيا،
اڃا بي مصيبت، اها آھي جاري،
هلو يار ڪريون، ڪراچي تياري.

اٿي يار ننڍڙو ڪو ريڙھو لڳايو،
شروعات ڪريو نئون مچ مچايو،
فلحال بس، گهر جو گاڏو هلايو،
ڌاريا ۽ قاتل بہ ائين ئي اچن ٿا،
ڪي ٽافيون کپايون ۽ بسڪيٽ ڦاري،
ھلو يار ڪريون، ڪراچي تياري.

اتي يار پنھنجا بہ، ڏين ٿا سھارو،
همت ۽ مدد ساڻ چمڪي ستارو،
مڙسي بہ ٿوري، ڪريو هاڻ يارو،
نڌڻڪا نہ آھيو، ڀلا ڇو ڊڄو ٿا،
متان دلربا ايئن اٿو همت هاري،
هلو يار ڪريون، ڪراچي تياري.

رڳو ايئن “بيوس” سڏائي نہ ويھو،
هڻي منھن ۾ مونا گڏائي نہ ويھو،
ائين پاڻ ئي جند ڇڏائي نہ ويھو،
اوهان کي مٺا ڪير روڪي نہ ٿو،
هجي هاڻ مڙسي، اها همت جاري،
ھلو يار ڪريون، ڪراچي تياري.

سيوهڻ، دادو، جوهيءَ وارا، آھن سي سڀ پيارا ماڻھو،

سيوهڻ، دادو، جوهيءَ وارا، آھن سي سڀ پيارا ماڻھو،
پنج يوسيون بہ تہ پنھنجون آھن، پنهجا مٺڙا سارا ماڻھو.

منڇر کان جو ڪٽ ڏنو اٿن، ڪيسيتائين ويندو الائي،
پاڻي پنھنجو رستو وٺندو، دنگ تہ ڪاٿي ٿيندو الائي،
هيڏو بحر آ کٽندي، کٽندي، ڇاڇا هو ٻوڙيندو الائي،
مسڪينن جا گهر بہ هوندا، لڙھندا ڪي لھوارا ماڻھو.

پنج يوسيون ٿوريون تہ نہ آهن، جيڪي ملياميٽ ڪندو،
ساريون، ونئڻ، ڪمند پڻ ھوندا، جيڪي اندر پيٽ ڪندو،
ڪڏھن سڪندو ڪل نہ آھي، ظاهر ڪڏھن ٻيٽ ڪندو،
برباديءَ جي رستي جا ڪيئي، راهي ٿيا ويچارا ماڻھو.

ٻوڙيو ٿا جي هٿ سان تن جي، سار بہ لھجو دلبر سائين،
ساري سنڌ جا ٻوڏ سٽيل ٿا، دانھون ڪن پيا هيسيتائين،
آخر سبز ستابي سنڌ سان، هي ويڌن رهندي ڪيسيتائين،
جلد بحالي ۽ مدد گهرن پيا، بي گهر ۽ بي سھارا ماڻھو.

جوهيءَ وارن ٻيهر پنھنجي، مڙسيءَ کي ورجايو آھي،
رنگ بند کي مضبوط ڪندي ۽ پنھنجو پاڻ ملھايو آھي،
“بيوس” تن جي عظمت کي، مون شعرن ۾ پئي ڳايو آھي،
شال هجن آباد سي، مڙسي ۽ همت ۾ بہ سگهارا ماڻھو.

عذابن ۾ سنڌ جي آ حالت نرالي،

عذابن ۾ سنڌ جي آ حالت نرالي،
ٿاڦيل سمورا سي موڙهل، موالي،
ندورا، نڀاڳا، ڇسا سڀ حوالي،
چون ڀان وارا ڪريو شھر خالي.

سڄي سنڌ ھٿ ساڻ ٻوڙين پيا،
بندن کي بہ ڪٽ ڏئي ٽوڙين پيا،
ٻڌايو تہ مسڪين ڪاڏي وڃن،
ڀلا ڪيترو سھن جاني ۽ مالي،
عذابن ۾ سنڌ جي آ حالت نرالي.

اچانڪ چون ٿا اٿو جلد نڪرو،
ڇڏڻ گهر پنھنجو ايڏو ناھہ سٿرو،
هي سامان اڇلي رڳو سر بچايو،
ڪجان خير هاڻي وسيلا ۽ والي،
عذابن ۾ سنڌ جي آ حالت نرالي.

سڀن جو اچي ساھہ مٺ ۾ ويو آ،
کُپي ڪو وڏو ڪان پٺ ۾ ويو آ،
ليڊر اسان جا سڄڻ ڪونہ ٿيندا،
اسين آهيون آقا سندءِ در سوالي،
عذابن ۾ سنڌ جي آ حالت نرالي.

سڄي سنڌ ٻوڙي اهي دم پٽيندا،
وتن پيا واهن جا، ڪپر ڪٽيندا،
سڀئي رات جاڳي ۽ پھرا ڏين پيا،
اچي دؤر ويو آھي، يارو دجالي،
عذابن ۾ سنڌ جي آ حالت نرالي.

نوشھرو، ڦل يا ڀريا ۽ ڪنڊيارو،
وڏي خوف ۾ سڀ اونداھہ انڌارو،
چون ٿا تہ ڪئنال کي ڪٽ ڏيندا،
آڻي ڏيندا “بيوس”، بک ۽ بدحالي،
عذابن ۾ سنڌ جي آ حالت نرالي.

سنڌ ستابي سنڌ سکي هئي، سي ئي ڳالھيون ساريون پيا،

سنڌ ستابي سنڌ سکي هئي، سي ئي ڳالھيون ساريون پيا،
ظالم ڪنھن جي نظر لڳي وئي، نير اکين مان هاريون پيا.

اوطاقون پڻ، هونديون هيون، جت آيو ويو پيو ايندو هو،
پير بہ ساڳي، فقير بہ ساڳي ئي عزت وٺي پيو ويندو هو،
حال احوال ۽ خير صلح تي، خوش ٿي هرڪو کلندو هو،
هاڻ تہ سڀ ٿي ماضي ويو آ، سوچي پاڻ کي ڳاريون پيا،
ظالم ڪنھن جي نظر لڳي وئي، نير اکين مان هاريون پيا.

مينھن وڏا تن ڏينھن ۾ بہ تہ، هن کان ٻيڻ تي وسندا هئا،
ليڪن ڪنھن جا ٻنيون، ٻارا، ڳوٺ ڪڏھن بہ نہ ٻڏندا هئا،
ڍورن ۾ نيڪال ڪندا هئا، گڏجي ڍنڍن ۾ پيا ڪڍندا هئا،
ليڪن هاڻ لنگهن تي قبضا، ٻڏندي ٿا سڀ ٻاڪاريون پيا،
ظالم ڪنھن جي نظر لڳي وئي، نير اکين مان هاريون پيا.

ڍنڍون ڍورا سڀ لٽيائون، لنگهہ پاڻيءَ تي قبضو ڪيائون
ڍورن جا جي پيٽ ھئا، سي بند ڏئي ۽ مڇيون ڇڏيائون
پنھنجو فصل بچائڻ خاطر، ڳوٺن پاسي ڪٽ ھنيائون
اک پٽڻ جي ڪانہ ڪئيسين، دانھون ڪري اڀ ڏاريون پيا
ظالم ڪنھن جي نظر لڳي وئي، نير اکين مان هاريون پيا

مدد ڪنھن جي ڪانہ ڪيائون، نہ ئي ڏک ۾ سار لڌائون
مدد ڪرڻ جي نالي تي پڻ، گڏجي سمورا فنڊ کاڌائون
بک تي ڪئمپن اندر ڪيئي، واڙي ڍورن جيئن ڇڏيائون
“بيوس” ملڪ کي پالڻ وارا، مشڪل ٽائيم ٿا ٽاريون پيا
ظالم ڪنھن جي نظر لڳي وئي، نير اکين مان هاريون پيا

ڀائو فقط هڪ سوال جو، جواب ٿا گهرون،

ڀائو فقط هڪ سوال جو، جواب ٿا گهرون،
پنجهتر سالن جو کپي، حساب ٿا گهرون.

چئو پيا تہ حق جي، گواهي اسان آھيون،
سر ڏينداسين، سچ جا سپاهي اسان آهيون،
پوءِ جلد اوهين ڇو ڀلا، ڪروڙ پتي ٿي ويا،
ڪمائيندي بہ پياسا ۽ اڃارا اسان آھيون،
ٻيو ڪجهہ بہ ڪونہ ڪو، جناب ٿا گهرون،
پنجهتر سالن جو کپي، حساب ٿا گهرون

غريب ٻار ئي ڇو ڀلا، سدائين ٿو مري پيو
ڳڻتيون ئي ڳڻتيون، سھي پيو ۽ ڳري پيو
غريب جي گنديءَ ۾ ڪي چار ڪڻا ڪونھن
اوهان جو گهوڙو مربا ۽ بادام ٿو چري پيو
هاڻي تہ ختم ڪرڻ، ھي حجاب ٿا گهرون
پنجهتر سالن جو کپي، حساب ٿا گهرون

چون ٿا اوهان جا، وڏا بہ سڀ غريب هئا،
هئا بہ صفا سادڙا، پنڻ جي ئي قريب هئا،
فرنگين جي قدم تي، ڪري ويا نوازجي،
اوهان جي بئنڪ ۾ ڀلا گهڻي رقم رکي ويا
چند گهڙين لئہ کاتي جو، ڪتاب ٿا گهرون
پنجهتر سالن جو کپي، حساب ٿا گهرون

اوهان جو ٻار ٿو ڄمي، ارب پتي ازل کان
اوهان عظيم تر، عظيم تر، عظيم نسل کان
اسان کي ڇا خبر ڀلا، دنيا ۽ هن جھان جي
اسان ڄمون مزور ۽ ٿي هاري ئي اصل کان
اوهان کان ڪونہ ٿيڻ، فيضياب ٿا گهرون
پنجهتر سالن جو کپي، حساب ٿا گهرون

اوهان کي ڇا خبر اسين مرون يا جيئون پيا،
“بيوس” ٿي جيئڻ زهر آ، مڙيوئي ٿا پيئون پيا
زندگي عذاب ڄڻ، مرڻ بہ ٿيو عذاب آ،
ڳري، ڳري، ڳڀا، ڳڀا، ٽڪر ٽڪر ٿيون پيا،
اوهان کان ڪونہ ڪو گناھہ يا ثواب ٿا گهرون
پنجهتر سالن جو کپي، حساب ٿا گهرون.

بخاريءَ جي جادوءَ سحر کي بچايو،

بخاريءَ جي جادوءَ سحر کي بچايو،
اچو منھنجي دادوءَ شھر کي بچايو.

اهو منھنجي پيارن جو پيارو شھر آ،
دلين جو هيءُ دلبر، دلارو شھر آ،
سنڌڙيءَ جو جهومر، ستارو شھر آ،
واڌن شاھہ جي ٻڏندڙ، قبر کي بچايو،
اچو منھنجي دادوءَ شھر کي بچايو.

ڇنڊڻ کي اجايو، متان ڪٽ ڏئي ڪو،
شيطان ماڻھو، شرارت ڪري ڪو،
محنت اسان جي، کي غارت ڪري ڪو،
هلي ڏيو ڪو پھرو، ڪپر کي بچايو،
اچو منھنجي دادوءَ، شھر کي بچايو.

هتي منهجا ڪيئي، تہ پيارا رهن ٿا،
رفيق سرهيئي، يامين وارا رهن ٿا،
سميجن مان پڻ ڪي، ڀلارا رهن ٿا،
منھنجي يار، عيسا جي گهر کي بچايو،
اچو منھنجي دادوءَ شھر کي بچايو

سرور عباسيءَ جي پارت اوهان کي،
شهزاد پڻ ڏئي ٿو، عزت اسان کي،
ڇڪيندي آ، تنھن جي بہ چاهت اسان کي،
تنھن لغاري* ۽ پنھنور* جي تر کي بچايو،
اچو منھنجي دادوءَ شھر کي بچايو.

دعائون! تہ سنڌ جا، وسن شھر سارا،
“بيوس” پيا چمڪن سي ڌرتيءَ جا تارا،
سدائين پيا گونجن، خوشين جا نغارا،
پڪي، ڪچيءَ، ڇن ۽ ڇپر کي بچايو،
اچو منھنجي دادوءَ، شھر کي بچايو.

****


* غلام سرور لغاري
* محمد صديق پنھور

منھنجا مالڪ منھنجا سائين،

منھنجا مالڪ منھنجا سائين،
ميھڙ جو شل خير ڪجائين!

پاڻيءَ جو اڃا بي، زور وڏو آ،
رنگ بند تي، حملو شور وڏوآ،
ساٿين جو جذبو، اور وڏو آ،
محنت صاب ڪجان او مولا،
پختا سڄڻن جا، پير ڪجانءِ،
ميھڙ جو شل خير ڪجائين!

اسلم چانڊيو آ پيارو ماڻھو،
بدر بہ آھي دل وارو ماڻھو،
اعظم وھوا، موچارو ماڻھو،
دل جهليو اڃا بيٺا آھن سڀ،
همت ڏئي سي شير ڪجائين، ميھڙ جو شل خير ڪجائين!

هيمن داس آھي همت وارو،
احمد علي پڻ عظمت وارو،
محبت سان گڏ محنت وارو،
عبدالرسول جا سھڻا ساٿي،
مانجهي مڙس مٿير ڪجائين،
ميھڙ جو شل خير ڪجائين!

هر هڪ شھر، گهر آ منھنجو،
گاجي وارھہ بہ تر آ منھنجو،
ٿر، ڪاڇو، لاڙ، اتر آ منھنجو،
مالڪ رک محفوظ سڀن کي،
ڪو بہ نہ زبر زير ڪجائين!
ميھڙ جو شل خير ڪجائين!

سگائي سڀئي، سچڙا ساٿي،
ناهن مور سي ڪچڙا ساٿي،
محبت وارا سي مٺڙا ساٿي،
“بيوس” تن جو رستو روڪن،
دشمن سڀئي ڍير ڪجائين،
ميھڙ جو شل خير ڪجائين!

اٿي پئو سنڌ جا سورهيہ، اٿڻ کان ڪير ٿو روڪي،

اٿي پئو سنڌ جا سورهيہ، اٿڻ کان ڪير ٿو روڪي،
سڀن جو ڀرجهلو بڻجي، جيئڻ کان ڪير ٿو روڪي.

اهي جيڪي ڏکن ۾ هن، اهي سارا ئي پنھنجا آھن،
پيا بي گهر ڦرن جيڪي، اهي پيارا ئي پنھنجا ھن،
مصيبت ۾ ڪري دانھون، سڏڻ وارا ئي پنھنجا ھن،
سھارو ٿي سندن، آٿت ڏيڻ کان ڪير ٿو روڪي،
سڀن جو ڀرجهلو بڻجي، جيئڻ کان ڪير ٿو روڪي.

اوهان جيڪي امير آھيو، خدائي خوف ڪجهہ ڌاريو،
گهڻي دولت ڏني مولا، تہ تنھن کي قوم تي واريو،
ڪبو ڪيئن آهي خيري ڪم، دنيا کي يار ڏيکاريو،
ڏکوين کي خود ئي ڳولي، لھڻ کان ڪير ٿو روڪي،
سڀن جو ڀرجهلو بڻجي، جيئڻ کان ڪير ٿو روڪي.

جهري پيا جهوپڙا جن جا، اجهو آ عرش اھڙن جو،
رڳو پاڻي وڇاڻو ٿيو، اهو ئي فرش اهڙن جو،
دعا! جو لفظ ٿو نڪري، خطائن بخش اهڙن جو،
ڪري خدمت اهو موقعو، کٽڻ کان ڪير ٿو روڪي،
سڀن جو ڀرجهلو بڻجي، جيئڻ کان ڪير ٿو روڪي.

عمل زيرو هجي باقي، چوڻ مان ڪجهہ نہ ٿيڻو آ،
پري کان بس رڳو ويھي، ڏسڻ مان ڪجهہ نہ ٿيڻو آ،
رڳو سروي ڪرائڻ ۽ لکڻ مان ڪجهہ نہ ٿيڻو آ،
عمل جي راھہ ۾ گڏجي، هلڻ کان ڪير ٿو روڪي،
سڀن جو ڀرجهلو بڻجي، جيئڻ کان ڪير ٿو روڪي.

خدا سائينءَ جي ٻانھن جي، وفا جو امتحان آھي،
سول سوسائٽيءَ سوڌو، سگا جو امتحان آھي،
حڪومت جي ادارن جي، سخا جو امتحان آھي،
ڪري ڏيکار ڪجهہ باقي، چوڻ کان ڪير ٿو روڪي،
سڀن جو ڀرجهلو بڻجي، جيئڻ کان ڪير ٿو روڪي.

خدا جي واسطي “بيوس” جي آهن جو قدر ڪريو،
اوهان جي راھہ جاچين ٿيون، نگاهن جو قدر ڪريو،
جيڪي چئوطرف گونجن پيون، صدائن جو قدر ڪريو،
مچي ير مڙس ماڻھو ٿيو، مچڻ کان ڪير ٿو روڪي،
سڀن جو ڀرجهلو بڻجي، جيئڻ کان ڪير ٿو روڪي.

تون ٻاجهارا شل ٻاجهہ ڪجان، منھنجو هيڻو حال صفا آھي.

تون ٻاجهارا شل ٻاجهہ ڪجان، منھنجو هيڻو حال صفا آھي.
برسات جي آفت ٻوڙي ڇڏيو، توريءَ ٻي واھہ نہ ڪا آھي.

ٽن ڏينھن کان آھي پيٽ بکيو، ڪنھن ڪين ڏنو آ ٽڪر رکو،
اڳ منھنجي سنڌ لک پال هئي، پر اهڙو هاڻي ڏڪر آ پيو،
ٿو ڀاءُ جي ڀر سان ڀاءُ مري، پر ان کي نہ ڪا پروا آھي.

اڳ ڊي سي، اي سي ايندا هئا، امداد ورهائي ويندا هئا،
ڏتڙيل جي مدد ٿي ويندي هئي، پاڻ ئي ڳولي لھندا هئا،
پر هاڻ تہ اهڙو ڪال پيو، ڪئي هرڪنھن خوب دغا آھي.

دنيا تہ چوي خوشحال اسين، سچ آ تہ صفا بدحال اسين،
برسات وسي ڀل چار گهڙيون، پر گپ چڪ ۾ بيحال اسين،
نيڪال بہ سارا بند هوندا، اهڙو ڪونہ ڪيو ڪو بچا آھي.

هت “بيوس” جهنگ جا اصول آھن، باقي ڳالھيون فضول آهن،
اختيار ڌڻي سڀ کائي وڃن، وڏا تن جا قصا منقول آھن،
ٿو ماڻھوءَ کي ماڻھو کائي، ڪو شرم نہ ڪوئي حيا آھي.

صفا سنڌ جي دشمن ٿي پئي آ،

صفا سنڌ جي دشمن ٿي پئي آ،
هيءَ يار حڪومت ڇا ڪريون؟
ھٿ ساڻ اسان کي ٻوڙين پيا،
ناهي ڪا بہ ندامت ڇا ڪريون؟

دنيا ۾ خوشين جا مينھن وسن،
پر پنھنجي ديس ۾ ماڻھو ٻڏن،
چند ڏينھن تہ ڇا وسڪار ٿيو،
بڻجي ويو مصيبت ڇا ڪريون؟

سڀ قدرت تي گڏجي ٿا هڻن،
پر پنهجا فعل هو ڪين ڏسن،
نيڪال جي سسٽم ٻوڙي رکيو،
برسات هئي رحمت ڇا ڪريون؟

واھن جون موريون بند ڪريو،
پاڻيءَ کي اڳتي اچڻ ئي نہ ڏيو،
رئيسن جون زمينون، فصل بچن،
ٻڏي ڀل پئي رعيت ڇا ڪريون؟

ڪئمپن ۾ نہ کاڌو نہ پاڻي ڏين،
رڳو فوٽو سيشن لئہ پيا اچن،
هڪ ڪمري ۾ ئي ٿا ويھہ رهون،
ڪائي ناهي سھولت ڇا ڪريون؟

ڪالھہ آيو ڪئمپ ۾ رئيس وڏو،
پاڻيءَ لئہ چيو! چوي ڪر نہ ڦڏو،
هيءُ مينھن جو پاڻي ئي کوڙ اٿو،
ڪر ايئن نہ صحافت ڇا ڪريون؟

ڇت ڪئمپ جي ساري رات ٽمي،
ڀتين مان بہ پيو ٿو مينھن سمي،
ڊڄ ٿئي ٿو متان ڦهڪو نہ ڪري،
اسڪول جي حالت ڇا ڪريون؟

ٺيڪا بہ ٿا چونڊي ٺڳن کي ڏين،
اسڪول ٺهڻ کان اڳ ئي ڊهن،
ڪاليج جي حال تي روئڻ اچي،
ڪري سکڻي مذمت ڇا ڪريون؟

“بيوس” آھي مارو ڪميشن تي،
سڀئي پلجن يارو ڪميشن تي،
ميمبر بہ خود ئي ٺيڪا ٿا کڻن،
ڪن اهڙي خدمت ڇا ڪريون؟

ڇم ڇم، ڇم ڇم، ڇمڪي ڇير،

ڇم ڇم، ڇم ڇم، ڇمڪي ڇير،
ناچ نچڻ کان، نہ روڪي ڪير.

سم نالا، شاخون سڀ ٽوڙيو،
دير نہ ڪريو، سنڌ کي ٻوڙيو،
ڦوٽو ڪڍي، ڪي البم جوڙيو،
ڪا نہ سھبي، هڪ منٽ بہ دير،
ڇم ڇم، ڇم ڇم، ڇمڪي ڇير.

ايسين*، ڊيسن* سڀنيءَ کي چئو،
خيما وڪڻو، ڪو نہ ڪيو ڀئو،
ان مان شايد، ٿئي نہ متان ڍئو،
راشن تي بہ رکجو پختا پير،
ڇم ڇم، ڇم ڇم، ڇمڪي ڇير.

ايئن چئجو تہ پاڻي ڪڍيوسين،
فنڊ ئي سمورو خرچ ڪيوسين،
اڃا بہ پنھنجي گهر جو ڏنوسين،
ڳالھہ انھيءَ ۾ ڪو فرق نہ ڦير،
ڇم ڇم، ڇم ڇم، ڇمڪي ڇير.

هڪ ئي خيمو، لک جو بل آھي،
سو بہ تہ مشڪل، ڏين ٿا ٺاهي،
ماٺ ڪجان ڪو وجهندئي ڊاهي،
تون ڪيئن پڇين ٿو، تير پتير،
ڇم ڇم، ڇم ڇم، ڇمڪي ڇير.

پئسن جي سڄي گيم آھي يارو،
بجيٽ کي ڏيڻو آ، ٺاهي ٻھارو،
روڪڻ ڪنھن جو ڪونھين چارو،
اهڙو هتي ڪوئي، ناهي شير،
ڇم ڇم، ڇم ڇم، ڇمڪي ڇير.

هڪڙي ڳالھہ ٻڌو! ڪن کولي،
“بيوس” کي رکنداسين رولي،
جيڪو بي اهڙا! ٻول ٿو ٻولي،
ڊز ڊز، ٺا ٺا، پيو ٿئي ڍير،
ڇم ڇم، ڇم ڇم، ڇمڪي ڇير.

****
* اسسٽنٽ ڪمشنر
* ڊپٽي ڪمشنر

اسان گهر تہ سھائي ويٺاسين، آڳر مان پاڻي ڪڍرايو،

اسان گهر تہ سھائي ويٺاسين، آڳر مان پاڻي ڪڍرايو،
هن موسم جيئڻ زهر ڪيو آ، ڪيڏن کي آهي لڏرايو.

هن مينھن ۾ ئي ڪوٽ ڪريو، ۽ ڀتيون آھن يار جڏيون،
هنڌ ھنڌ تان ٿي پيا ڏار وڏا، رهڻ جي لائق ڪين بچيون،
اڌ ساھہ ڪڍيو آ خوف ادا، گهر گهاٽ اسان کي ڇڏرايو.

افسوس وڏو آ گهرڙي جو، آڳر ئي بچي ها پوءِ بہ چڱو،
کٽ اونڌيءَ جي ان آڳر تي، ڇانو ڪجي ها پوءِ بہ چڱو،
ليڪن آھي قسمت اهڙي ڦٽي، ان ڀاڳ ٿڏو ئي پٽرايو.

هن ڪئمپ ۾ مشڪل آھہ رهڻ، چاهيون ٿا واپس ورڻ،
ھر روز هتي جي زندگي ۾، ڄڻ زهر نسورو آھي پيئڻ،
هڪ ساعت بي نہ رهنداسين، پر پاڻي گهر مان گهٽرايو.

هڪ ڏينھن جي “بيوس” ڳالھہ نہ آ، ايئن سدائين ٿيندو آ،
هت ڏاڍو جيڪو هوندو آ، سو ٻين کي پيو ٻوڙيندو آ،
اسان پاڻي لوڙهيو ڍوري ۾، پر رئيسن زور تي ٻڌرايو.

ڌرتيءَ سان سڀ نينھن نباهيون، اچو تہ گڏجي سنڌ کي ٺاهيون،

ڌرتيءَ سان سڀ نينھن نباهيون، اچو تہ گڏجي سنڌ کي ٺاهيون،
ڪوٽ ظلم جا ٽوڙي ڊاهيون، اچو تہ گڏجي سنڌ کي ٺاهيون.

ڌرتيءَ تي ڪو ڊوھہ نہ سھبو، گندو، ڪوجهو ڏوھہ نہ سھبو،
هٿ جو کائي، پوءِ بہ ڀئونڪي، لوڀي، ٺوڳيو، ٺوھہ نہ سھبو،
پنھنجو پاڻي، ٻين ڏي لوڙهي، ڊوهي جو هيءُ ڊوھہ نہ سھبو،
خوشحاليءَ جو قاتل جيڪو، گڏجي ان جو گردن لاهيون،

اچو تہ گڏجي سنڌ کي ٺاهيون.

وقت اٿو! هيءُ منھنجا سائين، ٻين ڏي ڏسندئو ڪيسيتائين،
پنھنجي غيرت جي لئہ سوچيو، بي گهر رهندئو ڪيسيتائين،
نٽھڻ اس ۾ ٻچڙن سان گڏ، پچندئو، سڙندئو ڪيسيتائين،
ٻين تي ڀاڙي ڪجهہ بہ نہ ملندو، پاڻ ڀلا ڪي ٿورا ناهيون،

اچو تہ گڏجي سنڌ کي ٺاهيون.

ٻين جي پويان احمق بڻجي، جيڪي ايئن پيا نچندا آھن،
دشمن هٿ ۾ سڀ ڪجهہ ڏيئي، ڪين سي هرگز بچندا آھن،
ڪئمپ ۾ بي گهر ڌارين وانگر، سڙندا، جهرندا پچندا آھن،
پنھنجن جي تيرن سان گهايل، ڦٽيل، زخمي پرڙا ساهيون،

اچو تہ گڏجي سنڌ کي ٺاهيون.

لوڙيون ويٺا ان سبب جو، پاڻ ڪيون ٿئون وڏيون خطائون،
ايوانن ۾ چونڊي چونڊي، موڪليون اٿئون ڪوراڙ بلائون،
ڪين ڪڌي ڪردار جو سوچيو، چونڊياسين جعفر ۽ نائون،
هٿ سان پنھنجو پاڻ لٽائي، راشن لئہ پڻ پٽڪا لاهيون،

اچو تہ گڏجي سنڌ کي ٺاهيون.

شل! سنڌ هجي آباد سدائين، هر مشڪل کان آزاد سدائين،
جرڪي جيئن جڳ جڳ سانگي، شاد و زنده آباد سدائين،
“بيوس” پنهجا دشمن سارا، شال هجن برباد سدائين،
جهريل بيشڪ آھيون ليڪن، پوءِ بہ ورچي ويٺا ناهيون،

اچو تہ گڏجي سنڌ کي ٺاهيون.

روح رڙندو رهيو، ساھہ سڙندو رهيو،

روح رڙندو رهيو، ساھہ سڙندو رهيو،
جيءُ جلندو رهيو، لوڪ ڏسندو رهيو.

مينھن ٻوڙي ڇڏيو، گهرڙو لوڙھي ڇڏيو،
ظالمن ٻوڏ جو، رخ ئي موڙي ڇڏيو،
گهر ڊھندو رهيو، پاند پسندو رهيو،
جيءُ جلندو رهيو، لوڪ ڏسندو رهيو.

ڪئمپ ۾ ڪجه نہ هو، سور ئي سور هئا،
بک هئي ات رڳي، پور ئي پور هئا،
لڙڪ وسندا رهيا، نير وهندو رهيو،
جيءُ جلندو رهيو، لوڪ ڏسندو رهيو.

هيءُ سوچي ڪراچي سندو رخ ڪيو،
هيءُ پنھنجو شھر، ايئن سڀنيءَ چيو،
ڪو ئي ڪنھن جو نہ ٿيو، درد وڌندو رهيو،
جيءُ جلندو رهيو، لوڪ ڏسندو رهيو.

روز ڌاريا اچي دڙڪا، ڏئي پئي ويا،
هتان هليا وڃو، هيئن چئي پئي ويا،
روز ڪوئي ڪتو، بڪ بڪندو رهيو،
جيء جلندو رهيو، لوڪ ڏسندو رهيو.

نيٺ آخر ڪراچيءَ کي ڇڏڻو پيو،
بي عزتيون سئو سھي، نيٺ لڏڻو پيو،
تير هو يا خنجر، دل ۾ چڀندو رهيو،
جيءُ جلندو رهيو، لوڪ ڏسندو رهيو.

بدنصيبي چئون، يا تہ ڪھڙو قصو،
روشنيءَ جو شھر، فقط نالو رهيو،
ات بہ اونداھہ، مسڪين رُلندو رهيو،
جيءُ جلندو رهيو، لوڪ ڏسندو رهيو.

ڇا ڪيان مان بيان واپسيءَ جو قصو؟
سور صدما ٺھيا، زندگيءَ جو حصو،
ڪو بہ پھتو نہ گهر، شھر پڇندو رهيو،
جيءُ جلندو رهيو، لوڪ ڏسندو رهيو.

باھہ ئي باھہ ھئي*، چئوطرف هئا ڪڪر،
وچ ۾ معصوم هئا، “بيوس” ۽ دربدر،
ڪوئلو ٿي ويا، ڪونہ هڪڙو بچيو،
جيءُ جلندو رهيو، لوڪ ڏسندو رهيو.

****

* 12 آڪٽوبر 2022ع تي خيرپور ناٿن شاھہ ڀرسان ڳوٺ نظر محمد مغيري جا ٻوڏ متاثر ڪراچيءَ کان واپس پنھنجي ڳوٺ ڏانھن پئي وريا تہ نوري آباد وٽ بس کي باھہ لڳڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سوڌو 18 ماڻھو موقعي تي ئي سڙي فوت ٿي ويا.

چار ئي طرف اجالو ٿيندو، عيد براد مشعالو ٿيندو،

چار ئي طرف اجالو ٿيندو، عيد براد مشعالو ٿيندو،
کل، خوشي ۽ کيٽا هوندا، گيت، سنگيت جمالو ٿيندو،
خوشحاليءَ جا ڇيڄ اڱڻ تي، دردن جو بہ ازالو ٿيندو،
نيٺ تہ اهڙو ڏينھن بہ ايندو، دنيا لاءِ حوالو ٿيندو!

بادل وسندا، ساوڪ ٿيندي، گل ڦل ٻوٽا، خوشبو ايندي،
موتيو، مگرو، سورج سھڻو، گل گلاب ۽ ميندي ڦٽندي،
مھڪ انھيءَ جي مٺڙي، مٺڙي، چارئي پاسا مھڪائيندي،
هرڪو خوش سدائين هوندو، غم جو ختم نالو ٿيندو،
نيٺ تہ اهڙو ڏينھن بہ ايندو، دنيا لاءِ حوالو ٿيندو.

بينڊ، بگل ۽ باجا ايندا، مارو قرض مان آجا ٿيندا،
پاڻي سڪندا، فصل ڦٽندا، خوشحاليءَ جا واڄا ٿيندا،
بک ڀڄائي، سک آڻيندا، سٻر، سونھن ۾ ساڄا ٿيندا،
ميٺ، محبت پيار ۾ رهندا، ڪين ڪٿي ڪو ملھالو ٿيندو،
نيٺ تہ اهڙو ڏينھن بہ ايندو، دنيا لاءِ حوالو ٿيندو.

ڪوئي ڪنھن ڏي پاڻي ٽوڙي، ڪنھن کي ايئن نہ ٻوڙيندو،
نہ ئي ڪو ڀوتار وڏيرو، ٻوڏ جو رخ ايئن موڙيندو،
عام عوام سجاڳ اٿي پيو، نئون ڪو سسٽم جوڙيندو،
ڪو بہ نہ انگ اگهاڙو ڏسبو، ڪوئي ڪين اٻالو ٿيندو،
نيٺ تہ اهڙو ڏينھن بہ ايندو، دنيا لاءِ حوالو ٿيندو.

ماروئڙا مجبور نہ هوندا، سنڌ اندر خوشحالي هوندي،
سک جا ٽھڪ، ٽھوڪا گونجن، ڪائي اک نہ آلي هوندي،
ڪوئي “بيوس” مور نہ مرندو، ڪا نہ هتي بدحالي هوندي،
نہ ئي ڪنھن جو رئندي رئندي، ڳل ۽ دامن آلو ٿيندو،
نيٺ تہ اهڙو ڏينھن بہ ايندو، دنيا لاءِ حوالو ٿيندو.