ليکڪ هن ناول ۾ ”يوٿوپيا“ نالي هڪ خيالي رياست ڏيکاري آهي. ”يوٿوپيا“ ناول هڪ سياسي خاندان جي ڪھاڻي آهي، جيڪو ”يوٿوپيا“ رياست جي ڪَٽر سياست کي ڀوڳي ٿو ۽ قربانيون بہ ڏئي چڪو آهي. انھيءَ خاندان جون چار پيڙهيون، انھيءَ رياست جي سياست لاءِ مُيون آهن يا اڃا سوڌو انھيءَ کي ڀوڳي رهيون آهن. هيءَ چوٿين پيڙهيءَ جي ڪھاڻي آهي. هي ناول ٽيڪنيڪ، ڪردارن ۽ ڪھاڻيءَ جي حوالي سان هڪ منفرد ناول آهي، جنھن ۾ هڪ ئي وقت هڪڙي رياست جو ماضي ۽ حال ڏيکاريل آهي تہ ساڳئي ئي وقت ان ڳالھہ ڏانھن بہ اشارو ڪيل آهي تہ ايندڙ وقت ۾ رياستون ٽيڪنالاجيءَ جو ڀرپور استعمال ڪري ڪھڙي نموني سندن شھرين کي غلام بڻائينديون.
ناول
يوٿوپيا
- 0/5.0
- 5
- 1
- 5 مهينا اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ڪليم ٻُٽ جو لکيل ناول ”يوٿوپيا“ اوھان اڳيان آڻجي ٿو.
”يوٿوپيا“ ناول جديديت پڄاڻان جي اثر ۾ لکيل هڪ اهڙو ناول آهي، جنھن جو ڪيئنواس جوڙڻ لاءِ جوڙيل ڪھاڻيون، سندن ڪردار، ڪردارن جي بي ترتيبي، انھن جي جياپي جو انداز توڙي جو علامتي رنگ ۾ جوڙيل آهي پر ان جا اشارا يا پيرا ڪنھن بہ تاريخي شعور رکندڙ کان ڳُجها نٿا رهي سگهن. ليکڪ هن ناول ۾ ” يوٿوپيا“ نالي هڪ خيالي رياست ڏيکاري آهي. ”يوٿوپيا“ ناول هڪ سياسي خاندان جي ڪھاڻي آهي، جيڪو ”يوٿوپيا“ رياست جي ڪَٽر سياست کي ڀوڳي ٿو ۽ قربانيون بہ ڏئي چڪو آهي. انھيءَ خاندان جون چار پيڙهيون، انھيءَ رياست جي سياست لاءِ مُيون آهن يا اڃا سوڌو انھيءَ کي ڀوڳي رهيون آهن. هيءَ چوٿين پيڙهيءَ جي ڪھاڻي آهي. هي ناول ٽيڪنيڪ، ڪردارن ۽ ڪھاڻيءَ جي حوالي سان هڪ منفرد ناول آهي، جنھن ۾ هڪ ئي وقت هڪڙي رياست جو ماضي ۽ حال ڏيکاريل آهي تہ ساڳئي ئي وقت ان ڳالھہ ڏانھن بہ اشارو ڪيل آهي تہ ايندڙ وقت ۾ رياستون ٽيڪنالاجيءَ جو ڀرپور استعمال ڪري ڪھڙي نموني سندن شھرين کي غلام بڻائينديون.
ھي ناول 2021ع ۾ سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اوھان اڳيان آڻجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف ڪليم ٻُٽ
- ڇپيو ويو 2021
- ڇپائيندڙ سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر 978-969-737-034-4
- آن لائين ٿيو 29/Jul/2024
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 1 ڀيرا