شاعري

گل جو ڪلام

گل محمد گل سومرو لوڪ شاعر ۽ سگهڙ ٿي گذريو آھي. ھي ڪلام مختلف ماڻھن کان  ۽ ڪجهہ بَندين مان حاصل ڪيو ويو آھي. ھن ڪتاب ۾ شامل شاعريءَ ۾ حمد، نعت، قلندرانہ ڪلام، عاشقانہ ڪلام، سُر وارا ڪلام، سارنگ جا بيت ۽ ٻي شاعري شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 99
  • 11
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book گل جو ڪلام

سنڌسلامت پاران

سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران بدين جي لوڪ شاعر/سگهڙ گل محمد گل سومري جي ڪلام  تي مشتمل ڪتاب ”گل جو ڪلام“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو مرتب محمد سومار شيخ آھي.
گل محمد گل سومرو لوڪ شاعر ۽ سگهڙ ٿي گذريو آھي. ھي ڪلام مختلف ماڻھن کان  ۽ ڪجهہ بَندين مان حاصل ڪيو ويو آھي. ھن ڪتاب ۾ شامل شاعريءَ ۾ حمد، نعت، قلندرانہ ڪلام، عاشقانہ ڪلام، سُر وارا ڪلام، سارنگ جا بيت ۽ ٻي شاعري شامل آھي.
ھي ڪتاب 2020ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڇپائيندڙ پاران

سنڌ ڌرتيءَ کي اِها عظمت حاصل رهي آهي تہ، هِن سرزمين تي ڪيترائي اعليٰ پائي جا شاعر ۽ بزرگ ٿي گذريا آهن، جن پنھنجي سوچ ۽ فڪر ذريعي وحدت الوجود جي فلسفي کي عام ڪيو آهي ۽ جن جو معرفت سان سَرجيل اساسي سرمايو سنڌ واسين لاءِ ڪنھن اڻکٽ خزاني کان گهٽ نہ آهي. اِهو سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن جي ئي شخصيت ۽ سندن سوچ ۽ فڪر جي بلنديءَ جو فيض آهي، جن سنڌي ٻوليءَ جي جهولي کي سائو ڪري امر بڻايو آهي.
اهڙن بزرگن ۽ قادرالڪلام شاعرن مان بدين جو لوڪ شاعر گل محمد سومرو بہ پنھنجي دؤر جو سٺو ۽ پختو شاعر ٿي گذريو آهي. سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي اهڙي علمي ۽ ادبي خزاني کي شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ لاءِ شروع کان ڪوشان رهندو پيو اچي.
سنڌ جي هِن عظيم سخنور جي ڪلام کي بورڊ طرفان شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جنھن جو پھريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي رهنمائي ۽ ايامڪاريءَ ۾ شايع ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.
اُميد آهي تہ، بورڊ جي هيءَ ڪاوش شاعريءَ سان ذوق رکندڙن وٽ مڃتا ماڻيندي.


سيد سڪندر علي شاھہ
سيڪريٽري
15- ربيع الاول 1442ھہ
02- نومبر 2020ع

شيخ محمد سومار بدينوي

خانداني پس منظر:
شيخ محمد سومار جا وڏا ”مانجهي بندر“ جا رهواسي هئا. هيءَ بندرگاھہ ”ريڻ درياھہ“ تي سمنڊ ۾ ڇوڙ واري جڳھہ تي هو. سندن جد اعليٰ جو نالو ”راڌڻ فقير، هو، هو ذات جو ”چاوڙو“ هو. سندس گهر واريءَ جو نالو ”مائي مرکان“ هو. مائي مرکان ذات جي ”پڻي“ هئي(1). مرکان جو پڊ هن وقت بہ 10-12 ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ ”درگاھہ پير قرهيي ڀانڊاري“ جي اوڀر ۾ واقع آهي.
پير قرهيو ڀانڊاري، چشتي طريقي جو بزرگ هو.(2) ستين صدي هجريءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ وفات ڪيائين. سندس شجره نسب جميل شاھہ گرناري عرف ”ڏاتار پير“ سان ملي ٿو. سندس مقبرو روپا ماڙي کان ٽي ميل ڏکڻ- اولھہ ۾ آهي. جيڪو ميان غلام شاھہ ڪلھوڙي تعمير ڪرايو هو. جنھن جو قبو هاڻي ڊهي ويو آهي.(3) قرهيي ڀانڊاري جا لاڙ ۽ ڪڇ ۾ ڪافي مريد آهن، جن جا مرشد هاڻي ”شيخ“ آهن.
راڌڻ فقير ۽ مائي مرکان حضرت پير قرهيي ڀانڊاري جي هٿ تي مسلمان ٿيا. ان بعد ان درگاھہ سان واڳجي ويا ۽ ”شيخ“ سڏجڻ ۾ آيا.
مرکان شيخڻ تہ پير قرهيي ڀانڊاري جي شان ۾ ڪافي ڌناسري شاعري ڪئي آهي، جيڪا اوائلي سنڌي شاعري جو بھترين نمونو پڻ آهي. مرکان شيخڻ سنڌي دستاويزي ادب جي پھرين شاعرہ آهي.
شيخ صاحب جي خاندان ۾ ڪيترائي اهل ﷲ، درويش، بزرگ، شاعر ۽ مشھور پھلوان ٿي گذريا آهن. راڌڻ فقير (ثاني) ابدال قسم جو شخص هو ۽ سندس ڪم وتائي فقير جھڙا هئا، جنھن سبب سندس پويان ”وتالاڻي شيخ“ سڏبا هئا. راڌڻ فقير ثاني جو ڏاڏو ”رمضان“ هو، جنھنڪري سندس پاڙو ”رمضاناڻي“ سڏبو آهي. ان کان علاوہ اسماعيل فقير کي سندس بزرگيءَ سبب ”جادوگر“ پڻ سڏيندا هئا. شيخ محمد سومار، شيخ ﷲ بچايو جو والد هو، ۽ کيس سندس طاقت ۽ پھلواني سبب ”پنجاهيو“ سڏيندا هئا. مرکان (هفتم) پن شاعرہ هئي ۽ سندس ڪلام محفوظ آهي. سال 1959ع ۾ وفات ڪيائين.
شيخ ﷲ بچايو مرحوم، حضرت شيخ محمد سومار بدينوي جو والد هو، سندس تخلص ”بچايو“ هو. سندس ولادت 1878ع ۾ ٿي. 1942ع ۾ ”ڪوري نار“ جي اٿل سبب سندس ڳوٺ پير قرهيو ڀانڊاري ٻوڏ هيٺ اچي ويو. جنھن سبب پاڻ سيراڻي لڳ مانڌر (ضلعي بدين) ۾ لڏي آيو. ان بعد ”گولو منڌرو“ ڳوٺ ۾ رهيو ۽ ڪجهہ وقت سامارو (ضلع ٿرپارڪر) جي ڀرسان رهيو. 1951ع ڌاري مستقل بدين منتقل ٿيو. بدين ۾ واپار ڪري گذر سفر ڪندو هو. 20 ڊسمبر 1962ع تي وفات ڪيائين.
شيخ ﷲ بچايو مرحوم وڏو متوڪل، متقي ۽ پرهيزگار بزرگ هو. ڪيترائي ڀيرا پنھنجي مرشد حضرت قرهيي ڀانڊاري کي خواب ۾ ڏٺائين. هڪ ڀيري خواب ۾ ”رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وآلہ وسلم“ جي پڻ زيارت نصيب ٿيس پر جلوہ طور جي مصداق حجت ساري نہ سگهيو ۽ اک کلي پيس ۽ ”سبحان ﷲ- سبحان ﷲ“ جو ورد ڪندو رهيو. جوانيءَ ۾ ڏڙهي جي راند جو ڪاريگر هو. پير عالي شاھہ جيلاني ڏانھن عقيدت جي نظر هوندي هئس.
نڙ بيت جو مشھور شاعر سانوڻ فقير، ڦتو پاٿري ۽ اسحاق پاٿري سندس همعصر ۽ گهرا دوست هئا. پاڻ سنڌي ڪلاسيڪي شاعري ۾ ڀڙ هو. سندس ڪليات ڇپيل آهي. ان کان سواءِ سندس ٽي ٻيا ڪتاب بہ ڇپيل آهن: (1) رتيءَ جي رهاڻ، (2) روحاني ابيات، (3) قصو قرهيي پير جو.
کيس ٽي نياڻيون ۽ هڪ فرزند، حضرت شيخ محمد سومار بدينوي ٿيا.(4)

سوانح:
شيخ محمد سومار ولد شيخ ﷲ بچايو 1935ع ۾ پنھنجي اباڻي ڳوٺ پير قرهيل ڀانڊاري تعلقي بدين ۾ ڄائو. بنيادي عربي ۽ فارسي تعليم ڳوٺ ”گولي منڌري“ ۾ ميان جي حاجي هاشم، ميان جي عارف ۽ ميان يعقوب وٽ پڙهيو. پنھنجي بزرگن جي لاڳيتي لڏپلاڻ سبب سنڌي پرائمري تعليم دير سان شروع ڪيائين. 1949ع ڌاري ڳوٺ دينار خان ٽالپر ۾ پرائمري پڙهڻ بہ شروع ڪيائين تہ ساڳي ڳوٺ جي مڪتب ۾ ”مدرس“ طور پڙهائڻ بہ لڳو. 1952ع ۾ ”ڊبل پروموشن“ تحت ڳوٺ غلام علي جمالي (لڳ تلھار) مان استاد غلام محمد جمالي جي رهبري ۾ سنڌي فائنل پاس ڪيائين.(5)
1952ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو ۽ ساڳي کاتي ۾ ساڳي عھدي تان رٽائر ڪيائين. 1967ع ۾ اديب فاضل سنڌي فرسٽ ڪلاس ۾ ٻئي نمبر سان پاس ڪيائين.(6) 1948ع ۾ پنھنجي چاچي راڌڻ جي گهران سندن پھرين شادي ٿي، جنھن مان کين اولاد ڪونہ ٿيو.(7) کين ٻي شادي مان ٽي ٻارڙا: ٻہ پٽ ”راڌڻ ۽ شوڪت“ ۽ هڪ نياڻي ”جنت“ ٿيا، جيڪي حال حيات ۽ سندس نشاني آهن.(8)

ادبي پس منظر:
شيخ صاحب جو گهراڻو علمي ۽ ادبي شخصيتن جو گهراڻو هو، جنھن جو اسين مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون، تنھنڪري ائين چوڻ صحيح ٿيندو تہ پاڻ پشت بہ پشت اديب ۽ شاعر هئا. ٻئي طرف پاڻ جنھن روحاني درگاھہ سان لاڳاپيل هئا، ان جو بہ مٿن اثر هو. ٽئين طرف مولانا احمد ملاح جي سرزمين لاڙ جو خمير؛ اهي سڀ شيون منجهن ادبي ذوق پيدا ڪرڻ لاءِ ڪافي هيون. بدين ۾ رهڻ سبب سندن ادبي شخصيتن سان ڏيٺ ويٺ رهي ۽ سندن جيڪي اوائلي ادبي دوست رهيا انھن ۾ نذير حسين حيدري، شمشيرالحيدري ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو خاص هئا. ان بعد کين ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي رهنمائي نصيب ٿي. ان کان پوءِ پنھنجي همعصرن ۾ قلندر شاھہ لڪياري، عزيز جعفراڻي، معمور يوسفاڻي ۽ ڊاڪٽر عابد لغاري سندس ويجها دوست رهيا، نہ رڳو ادبي دوست پر سندس ذاتي ۽ نِجي زندگي جا دوست ۽ شريڪ پڻ رهيا. اهڙن ڪن ٻين دوستن ۾ درمحمد ڪمال، ولي سروري، محمد صديق ’مرهم‘، ﷲ بچايو مشتاق آريسر ۽ راقم الحروف جا نالا قابل ذڪر آهن.
مٿين سڀني سببن ۽ دوستن جي ساٿ ۾ شيخ صاحب هڪ نوجوان ۽ نو آموز ملھہ جيئن ادبي ميدان ۾ لٿو ۽ پوءِ وقت ڏٺو تہ ڪيئن نہ هي نو آموز ملھہ پنھنجي ادبي سگهہ ۽ فن سان مذڪورہ ميدان کي ملھائي ويو. بلڪ پنھنجي همعصرن ۾ هي ملھہ ڪيترائي پنھنجا انفرادي انگ ڏيکاري ويو جيڪي کانئس پوين کيس ”استاد“ ڪري وٽانئس حاصل ڪيا ۽ سکيا.

ادبي سرگرميون:
نج ادبي روايتن موجب، هڪ وڏي اديب جيان پاڻ ڪيترين ئي فعال ادبي تنظيمن جو بنياد وڌائون، جن طرفان تمام گهڻا ڪتاب شايع ڪيا ويا. اهي تنظيمون هيٺيون هيون:
1. لاڙ ادبي سوسائٽي، 2. جيلاني پبليڪيشن، 3. لطيف پبليڪيشن، 4. بدين پبليڪيشن، 5. ساگر پبليڪيشن.
ان کان علاوہ پاڻ جن ادبي تنظيمن جا ميمبر، سربراھہ، همدرد ۽ هم خيال رهيا، انھن ۾ هيٺيون تنظيمون خاص آهن:
1. سنڌ لطيف ادبي مجلس، حيدرآباد
2. رهبر ادبي سوسائٽي حيدرآباد
3. محمد بن قاسم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد
4. تنظيم فڪر و نظر سنڌ، سکر
5. ٿرپارڪر ڪلچرل سوسائٽي، ميرپورخاص
6. ٻارڙا پبليڪيشن، عمرڪوٽ
7. مھراڻو اڪيڊمي، صوفي فقير.
انھيءَ کان علاوہ هر ادبي اداري ۽ ادبي ڪم جا معترف ۽ خيرخواه رهيا.
ادبي ڪانفرنسون ۽ ميلا:
پاڻ پنھنجي دور ۾ نہ رڳو سنڌ پر پاڪستان سطح تي ٿيندڙ ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن ۾ مقرر ۽ محقق طور شريڪ ٿيندا هئا. خاص طور سيرت ڪانفرنس (اسلام آباد)، اهل قلم ڪانفرنس (لاهور)،
بين الاقوامي سنڌي ادبي ۽ ثقافتي ميلو (ڪراچي 1984ع)، سنڌ هجري ڪانفرنس (حيدرآباد)، سنڌ هجري ڪانفرنس (ميرپورخاص)، سنڌ صدين کان ٿرپارڪر، رهبر ڪانفرنس، حيدرآباد، سنڌي هنرن جي نمائش ۽ ڪانفرنس (حيدرآباد)، لطيف ڪانفرنس (سکر) ۽ هارس ۽ ڪئٽل شو (جيڪب آباد) وغيرہ.
ان کان علاوہ سنڌ ۾ ٿيندر ڪيترن ئي تاريخي ماڳن جي سيمينارن ۾ پڻ پاڻ شرڪت ڪيائون ۽ پنھنجي علم جا گوهر افشان ڪيائون. شيخ قرهيي ڀانڊاري جي ميلي جا تہ پاڻ روح روان هئا. پر ٻين بہ سنڌ ۾ ٿيندڙ روحاني درگاهن جي ڏيھاڙن تي اڪثر حاضري ڀريندا هئا. ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز طرفان هر سال منعقد ٿيندڙ سالياني عرس جي موقعي تي، ادبي ڪانفرنس ۾ وڏي اهتمام سان شريڪ ٿيندا هئا. انھي ڪانفرنس ۾ ڪافي ڀيرا مقالا پڻ پيش ڪيائون.
شيخ صاحب جي ذوق سليم هڻي وڃي هنڌ ڪيو جڏهن پاڻ 1976ع ۽ 1980ع ۾ بدين ۾ ٻہ وڏا ادبي ۽ ثقافتي ميلا مچايائون. هن ادبي ميڙاڪي ۽ مانڊاڻ ۾ شيخ صاحب ڄڻ ”گهوٽ“ هو. پاڻ ضلع ڪائونسل بدين ۽ بدين ضلعي جي باذوق عملدارن جي تعاون سان هن ضلعي کي جھڙوڪر نج ادبي ادارن جو ضلعو بنائي ڇڏيائون. هنن ٻن وڏن تاريخي، ادبي ۽ ثقافتي ميلن اهو ثابت ڪري ڇڏيو تہ شيخ صاحب پنھنجي سڄي ساري ادبي زندگي جو جشن هنن ميلن جي شڪل ۾ ڪيو. سندس رچايل اهي ٻئي ادبي مانڊاڻ سنڌي ادب جي تاريخ جو هڪ اهم باب آهن.

لئبرري:
شيخ صاحب جي ذاتي لئبرري ”پير قرهيل ڀانڊاري“ جي نالي سان سندن گهر ۾ قائم ٿيل هئي، (1) جنھن ۾ ڪيترن ئي تاريخي ۽ ادبي ڪتابن کان علاوہ قلمي نسخا پڻ موجود هئا جن جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پڻ ڪيو آهي.(11)
سندن هيءَ لئبرري وري ”حاجي احمد ملاح لئبرري، بدين“ ۾ منتقل ٿي، جنھن جي پيڙھہ جو پٿر پاڻ 3- فيبروري 1980ع تي بدين ۾ رکيائون.(12)

بدين پريس:
پاڻ رٽائر ٿيڻ بعد روزگار خاطر بدين ۾ پريس هنيائون ۽ ڪيترائي بھترين ڪتاب پڻ شايع ڪيائون، حياتي جي آخري ايامن ۾ پريس وڪرو ڪري ڇڏيائون.(13)

لاڙ ميوزم:
شيخ صاحب مرحوم جي ثقافتي سفر جي حاصل منزل لاڙ ميوزم بدين آهي جيڪو سندن انفرادي جدوجھد ۽ سنڌ سان ثقافتي عشق جو ساکي آهي. لاڙ ميوزم جي بنيادي ميمبرن جي پھرين گڏجاڻي، سنڌ پراونشل ميوزم ۾ جناب ظفر ڪاظمي صاحب جي ميزباني ۾ ٿي. هن گڏجاڻي ۾ راقم پڻ موجود هو. جن صاحبن شرڪت ڪئي انھن ۾ خليفو حاجي عبدﷲ ميمڻ، جي.الانا ۽ سندس مسز، عبدالرزاق چانڊيو، حميد آخوند ۽ درمحمد ڪمال خاص هئا. ميٽنگ ۾ هن ميوزم جو سڄو بنيادي ڍانچو ۽ ڪم ڪار جو طريقو طئي ڪيو ويو. هن سڄي ڪم ڪار جو محور، مرڪز ۽ محرڪ شيخ صاحب جي شخصيت هئي، هي ميوزم ضلع ڪائونسل بدين جي هڪ ڪمري ۾ قائم ٿيو ۽ بعد ۾ نئين عمارت ۾ منتقل ٿيو، جيستائين لاڙ ميوزم جو وجود قائم آهي. شيخ صاحب جي شخصيت جوهڪ اهم پھلو زندہ رهندو. نہ فقط لاڙ ميوزم، پر ”سنڌ پراونشل ميوزم، لاءِ بہ پاڻ وڏي جاکوڙ ڪيائون.(14)

لاڙ جو لال ايوارڊ:
بدين ثقافتي ميلو 1980ع ۾، شيخ صاحب ”لاڙ جو لال ايوارڊ“ عملي طور جاري ڪرايو ۽ اهو انھيءَ صاحب کي ڏنو ويندو جنھن ”لاڙ پَٽ“ لاءِ ادبي جاکوڙ ۽ ڪم ڪيو هوندو. سال 1979ع جو اهو ايوارڊ 1980ع ۾ جناب درمحمد ڪمال کي مليو ۽ اهڙي طرح ”درمحمد ڪمال لاڙ جو لال“ جو نعرو شيخ صاحب ايجاد ڪيو.(15)
شيخ صاحب غريب ماڻھو ٿي ڪري بہ دل جو درياھہ هو. هن شخص جي جستجو ۽ محنت جو مثال ئي ڪونہ ٿو ملي. پاڻ بدين جي مسڪين فنڪارن ۽ نادار اديبن لاءِ وڏي ڪوشش وٺي ضلع ڪائونسل بدين مان فنڊ مقرر ڪرايا ۽ اهي مختلف موقعن تي تقسيم ڪيا. سندن درياھہ دلي اهڙي هئي جو ڄڻ تہ ڪينجهر جي ڪناري ڄام تماچي ويٺو هجي. ادبي ۽ ثقافتي ميلن ۾ جن اديب دوستن ساڻس قلمي ۽ عملي سھڪار ڪيو انھن کي بہ تحسين ناما ڏنائون. مون سندن حڪم تي مقالو لکيو تہ نہ رڳو مقالي جي مُنڍ ۾ ادبي نوٽ هنيائون پر گهر ويٺي تحسين نامو پڻ موڪلي ڏنائون. اهو مقالو بعنوان بدين جا بزرگ ڪتاب ’بدين ضلعي جو مطالعو‘ ۾ شايع ڪيائون. اها سندن ادبي سخا ۽ وضعداري هئي.(16)

لوڪ ادب جي سھيڙ:
سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم تحت جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سھيڙ جو ڪم شروع ڪيو تہ شيخ صاحب بدين ضلعي مان سڀ کان وڏي راوي جي حيثيت ۾ سامھون آيو، جنھن جو ذڪر بلوچ صاحب جي ترتيب ڏنل لوڪ ادب جي ڪتابن ۾ نمايان آهي.
ان بعد بہ ڪيترائي تاريخي ۽ نيم تاريخي داستان سندن قلم جي نوڪ مان زيبور ٿيندا رهيا. پاڻ بدين جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ تي حرف آخر جي حيثيت حاصل ڪيائون. 1993ع ۾ ”حضرت مغلڀين رحہ“ (جاتي) جي سالياني عرس تان واپسي وقت جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان ساڳي ڪار ۾ حيدرآباد تائين رفاقت رهي. پروفيسر قلندر شاھہ لڪياري ۽ ڊاڪٽر عابد لغاري بہ گڏ هئا. مختلف ڳالھيون ڪندي ڊاڪٽر بلوچ صاحب فرمايو تہ آئون ٿرپارڪر ضلعي جي حوالي سان معمور يوسفاڻي ۽ بدين ضلعي جي حوالي سان شيخ محمد سومار جي راءِ سدائين وزنائتي سمجهندو آهيان. هيءَ تہ هئي بلوچ صاحب جي ادبي وضعداري ۽ سخاوت واري راءِ. پر مون پنھنجي مختصر ادبي مطالعي ۾ هن وقت تائين مذڪورہ ٻنھي محققن جي ڪنھن بہ ادبي دعويٰ يا راءِ جو ڪوبہ مدلل رَدُ هن وقت تائين ناهي پڙهيو.
شيخ صاحب مرحوم سنڌ جي قديم آثار، کنڊرن، ڀڙن ۽ وهڪرن جو وڏو مشاهداتي عالم هو. خاص طور لاڙ جي حوالي سان پاڻ هزارين ميل پنڌ ڪيائون. ڪيترن ئي پراڻن ڀڙن تان ڪيئي نادر تواريخي شيون پڻ هٿ ڪيائون. سندن اهڙو مطالعو ۽ مشاهدو سنڌ کان ٻاهر ڪڇ جي سرزمين تي پڻ رهيو آهي. جڏهن عابد لغاري صاحب ڪئمرا ڪڇ ۾ کڻي سڄي سنڌ جي ثقافتي ۽ تاريخي فوٽوگرافي ۽ احوال لاءِ ”سنڌ تاريخ ۽ ثقافت جي آئيني ۾“ جي سلسلي ۾ نڪتو تہ لاڙ جي تاريخ جي حافظ شيخ محمد سومار کيس بدين ضلعي جو تاريخي ۽ مشاهداتي سڄو احوال ڪنھن ڪتاب کولڻ بنا ميسر ڪيو ۽ سڄو لاڙ کيس گهمايائين. عابد لغاري، شيخ صاحب جي ان ادبي ۽ علمي تعاون جو ذڪر پنھنجي مذڪورہ قسطوار مضمون ۾ جيڪو ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿيو آهي، مختلف جاين تي وڏي ڪشاده دلي سان ڪيو آهي.(17)

ادب:
شيخ صاحب 1952ع کان باقاعدہ لکڻ شروع ڪيو. سندس تصنيفن جو انگ 300 آهي، جن مان 75 ڇپيل ڪتاب آهن.(18) سندس پھريون ڪتاب ”آڌي رات“ (افسانا) 1955ع ۾ ڇپيو. ان بعد تصنيف ۽ اشاعت جو سلسلو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ جيان وهي هليو. سندس اڪثر تصنيفن جو ذڪر سندس شايع ڪيل ڪتاب ”قلم وهي ويو ڪانھن“ ۾ آيل آهي.
شيخ صاحب جي ادبي شخصيت گهڻ پاسائتي هئي. پاڻ شاعر، محقق، مرتب، سگهڙ، سھيڙيندڙ، ناشر، مھتمم، منتظم، راوي ۽ مضمون نگار هو.
منھنجو ذاتي خيال آهي تہ شيخ صاحب سنڌ جو واحد اديب آهي، جنھن گهڻي کان گهڻي شاعرن جي ڪلام کي ترتيب ڏئي شايع ڪيو. سندن اهڙن شايع ڪيل ڪتابن جو ڪجهہ وچور هن ريت آهي:
(1) روحاني ابيات، (2) قصو قرهيي پير جو، (3) پير قرهيو ڀانڊاري، (4) ڪليات شيخ ﷲ بچايو، (5) بياض ڪربلائي، (6) ديوانِ ڦل ڪوراڙ، (7) جذبات فاروقي، (8) پير بخش فاروقي جو ڪلام، (9) سانوڻ فقير، (10) حيات دلريش فاروقي، (11) جذبات گل عباسي، (12) رسول بخش فراقي، (13) ڪليات ﷲ بچايو بڙو، (14) علي محمد رنگريز، (15) حاجي مراد چانڊيو، (16) مناجات ساقي، (17) ڪليات فاروقي، (18) ڪلام جوڻيجو، (19) ڪلام جڙيل عباسي، (20) ڪلام مرکان شيخڻ، (21) ڪلام ساقي، (22) ڪلام حيات جمالي، (23) پيروز فقير جو ڪلام، (24) سومري جو ڪلام.

ٻاراڻو ادب:
شيخ صاحب تمام گهڻو ٻاراڻو ادب سرجيو آهي، جيڪا پڻ هڪ محقق جي حيثيت سان نرالي ريت آهي. سندس هيٺيون تصنيفون ٻاراڻي ادب ۾ خاص اضافو آهن:
(1) ٻارن جي تربيت (صحت ۽ جنرل سائنس)، (2) کِل ڀوڳ، (3) ڀوڳ چوڳ، (4) نئون نوڪر، (5) سخي پير، (6) کپريو چور، (7) چڱو ۽ مدو، (8) پاڻيءَ جا ٻار، (9) ٻھڪندڙ گلڙا، (10) ڀڃ پرولي.

سيرت طيبہ ۽ اسلامي تاريخ:
سيرت طيبہ، اسلاميات ۽ اسلامي تاريخ تي شيخ صاحب جون تمام گهڻيون ۽ معتبر ۽ مستند لکڻيون آهن، جن ۾ سندس عقيدت ۽ عشقِ رسول سان ٽمٽار دل جلوہ گر آهي. سندن اهڙيون ڪجهہ تحريرون هي آهن: (1) رحمت اللعالمين (حصو 1-2)، (2) خليفة المسلمين، (3) اصحاب اهل صفا، (4) اسلام ۽ غلام، (5) جمعي جو ڏينھن، (6) مسيلمہ ڪذاب، (7) مولا جا متوالا 1-2، (8) مذهب ڇا آهي؟ (9) ماه ذوالحج، (10) سلمان فارسي، (11) عمار بن ياسر.

لسانيات:
شيخ صاحب سنڌ جي انھن چند عالمن ۽ وڏن محققن ۾ شامل آهي جن ادب ۽ تاريخ ۾ تحقيق سان گڏ لسانيات جي علم ۾ بہ پنھنجو ڌاڪو ڄمايو. لسانيات جي موضوع تي سندس هيٺيون تصنيفون پنھنجو منفرد مقام رکن ٿيون:
(1) سنڌي اکرن جا تبادلا، (2) برج باکا جو گرامر، (3) سنڌي ۽ سنسڪرت (ٽي جلد)، (4) سنڌي ۽ پراڪرت، (5) سنڌي اور پراڪرت (اردو)، (6) آريائي زبانون، (7) سنڌي آوازن جا تبادلا.
سندن آخري ڪتاب لسانيات جي موضوع تي قلمي صورت ۾ آهي، جيڪو پاڻ معمور يوسفاڻي سان گڏ لکيو هئائون ۽ معمور يوسفاڻي جي لئبرري ۾ قلمي صورت ۾ موجود آهي.

ڪڇ جو علم و ادب:
سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ سان گڏ ڪڇ جوذڪر لازم و ملزوم ٿيو پوي. تواريخي طور بہ ڪڇ جو علائقو ڪڏهن، سنڌ جو حصو تہ، ڪڏهن ڏن ڀرو، تہ ڪڏهن خودمختيار علائقو رهيو آهي. سڀني حالتن ۾ سنڌ جي ماڻھن جي ڪڇ ڏانھن لڏپلاڻ، ڪڇ جي قبيلن جو عارضي خواه مستقل سنڌ ۾ رهڻ، سير و تفريح خواه علمي درسگاهن ۽ وڻج واپار وغيرہ جي سببن ٻنھي سڀيتائن کي هڪ ٻئي سان مانوس رکيو آهي. انھن حقيقتن جي باوجود سنڌي ادب ۾ ڪڇ متعلق تمام ٿورو ۽ اڻپورو لکيو ويو آهي. انھي مان بہ جيڪڏهن شيخ صاحب جي ادبي ڪاوشن کي عليحدہ ڪجي تہ سواءِ هڪ انگريزي تعارفي تاريخ جي ٻيو ڪجهہ بہ ڪونہ بچندو.
مٿين حقيقت جي مدِنظر چئي سگهجي ٿو تہ شيخ صاحب ئي واحد محقق آهي جنھن سنڌي ادب کي ڪڇ جي ادب سان مالامال ڪيو آهي. اسان جي دور جو ڪوبہ تاريخدان جڏهن ڪڇ متعلق قلم کڻندو تہ شيخ صاحب جي هنن تصنيفن کان صرفِ نگاه نہ ڪري سگهندو: (1) ڪڇين جا قول، (2) ڪڇ جا شاعر ۽ اولياء، (3) ڪڇ جا ڪي سنڌي شاعر، (4) ڪڇ جو رڻ، (5) ديوانِ ڦل ڪوراڙ.
سنڌي لوڪ ادب جي ڪيترين ئي تاريخي ۽ نيم تاريخي ڪھاڻين جو تعلق ڪڇ جي سرزمين سان رهيو آهي، جنھن جو ذڪر پڻ شيخ صاحب مختلف موقعن تي ڪندو هو.

شاھہ عبداللطيف ڀٽائي:
شاھہ عبداللطيف ڀٽائي تي سنڌ ۾ جيڪي چند وڏا محقق چيا وڃن ٿا، شيخ محمد سومار انھن ۾ شامل آهي. بلڪہ ڪجهہ انفرادي ادبي ڪارناما کيس انھن محققن ۾ نرالو مقام ڏيارين ٿا.
سندن پھريون ڪارنامو ”شاھہ جا گُم ٿيل بيت“ منظرِ عام تي آڻڻ آهي. پاڻ ڪجهہ راوين جي مدد سان ۽ ڪجهہ بيت هڪ پراڻي قلمي نسخي تان جيڪو شاھہ صاحب جي وفات کان هڪ سؤ سال بعد لکيو ويو هو نقل ڪري ٻن ڪتابن جي صورت ۾ ترتيب ڏنا ۽ ڪجهہ بيت ”انسان“ رسالي ۾ مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي شايع ڪيا.(20)
هنن بيتن جي اشاعت مان شيخ صاحب جو مطلب هو هڪ قلمي نسخي جا وڌيڪ بيت سنڌي محققن وٽ ڇنڊڇاڻ ۽ ايندڙ رسالن جي ترتيب لاءِ ميسر ڪرڻ. سندس هن تحقيق تي ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو ”نئين زندگي، ۾ سخت تنقيد ڪئي.(21) تازو جڏهن هڪ سنڌي اديب شاھہ جو ڪلام پنھنجي جاکوڙ سان آندو ۽ ”املھہ اڻ توريا“ نالي ڇپايو تہ تقريباً اهي سڀ بيت اڳ ۾ ئي شيخ صاحب جي اڳ ڇپايل ڪلام ۾ موجود هئا. ”املھہ اڻ توريا“ جي مرتب امداد علي سرائي جي جاکوڙ جي پت تڏهن وائکي ٿي جڏهن مرحوم رمضان فقير جت جيڪو سندس همسفر هو، هن جي جاکوڙ جا پول پڌرا ڪيا ۽ وري علمي تحقيق طور معمور يوسفاڻي اهو ذمو کنيو ۽ هڪ هڪ بيت ثابتين سان پيش ڪيو تہ اهو سڄو ڪلام اڳ ۾ ڇپيل آهي جنھن ۾ سڀ کان اهم ڪم شيخ صاحب جو ڪيل آهي، باقي امداد علي سرائي سنڌ مان شاھہ جا بيت کڻي، هندستان مان گهمائي آيو نہ تہ اهو سرمايو اڳ ۾ هتي موجود هئو.(22)
شيخ صاحب ”شاھہ صاحب جو رسالو“ الف- ب وار ترتيب ڏنو جيڪو ڇپجي نہ سگهيو. ان کان علاوہ پاڻ ”ڇند وديا“ موجب پڻ رسالي کي ترتيب ڏنائون. ان سان اهو پڻ لکيائون تہ مخدوم ابوالحسن جي سنڌي جا بيت بہ ”للت ڇند“ يا ”سار ڇند“ تي لکيل آهن.(23)
حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي رحہ جي رسالي ۾ ڪن متضاد پڙهڻين ۽ ڪن لفظن جي صحيح شڪل ۽ پڙهڻي مقرر ڪرڻ لاءِ شاھہ جي غير سرڪاري عالمن هڪ خاص طريقو ڪڍيو. هنن عالمن شاھہ جي مختلف ”سُرن، سان لاڳاپيل علائقن ۾ وڃي ”سُر وار“ لطيفي ڪچھريون منعقد ڪيون. اهڙين ڪچھرين ۾ سر مارئي تي لطيفي ڪچھري عمرڪوٽ ۾ معمور يوسفاڻي وٽ، سر سھڻي تي رائلي مياڻ ( ڄام شورو) ۾ سيد قلندر شاھہ وٽ، اهڙي طرح کاهي، ٺٽو، بدين ۽ ٻين علائقن ۾ اهي ڪچھريون رکي رسالي جي صحيح پڙهڻي تي وڏا بحث مباحثا ٿيا. انھن علائقن ۾ علائقائي ٻولين (لھجن) جي ماهرن ۽ مختلف هنرن (جھڙوڪر مير بحر) جي ماهرن ۽ لطيفي راڳ آلاپيندڙن کي پڻ شامل ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت جيڪو رسالو ترتيب ۾ آيو ان جو قلمي نسخو کاهي (تعلقو کپرو) جي محترم امير دوست خان مري وٽ موجود آهي ۽ راقم وٽ ان جو نقل آهي. هنن شاھہ جي غير سرڪاري عالمن جي سٿ ۾ جيڪي اديب ۽ عالم شامل هئا. انھن ۾ معمور يوسفاڻي، نورل فقير مري، حاجي ماڱيڻو مري، پروفيسر قلندر شاھہ لڪياري، پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿو، ولي سروري، حاجي ﷲ بخش مري، عبدﷲ گندرو (سونڊا)، عزيز جعفراڻي (ٺٽو)، امير دوست مري، سومار خان مري، محمد خان مري، عبدالواحد عاصي هڪڙو، محمد قاسم پلي (عمرڪوٽ) ۽ شيخ محمد سومار خاص هئا. مختلف ڪچھرين ۾ احسن الھاشمي، عبدالغفار صديقي، عابد لغاري ۽ رمضان فقير جت ۽ راقم پڻ شريڪ رهيا. هنن ڪچھرين جون آڊيو ۽ وڊيو ڪيسٽون راقم وٽ موجود آهن.
هن لطيفي ڪم ۾ سڀ شرڪاء پنھنجي هڙان وڙان خرچ ڪندا هئا. هن ڪم جي تڪميل ۾ شيخ صاحب مرحوم تمام گهڻي ذوق شوق سان بھرو ورتو ۽ رسالي جي تڪميل جو اتساھہ ڏيکاريو ۽ هن ڪم جو خاص محرڪ رهيو.
ان کان علاوہ سندن تصنيف ”لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا“(24) لطيفي ادب ۾ نھايت اهم مقام حاصل ڪيو. هن ڪتاب ۾ پاڻ معمور يوسفاڻي سان صلاح مصلحت بعد طئہ ڪيائين تہ لطيف جي دور جي تاريخ، جاگرافي ۽ ثقافتي آثارن کي، رسالي جي روشني ۾ موجودہ قديم آثارن مان نروار ڪجي. معمور يوسفاڻي ” لطيف جا ٿر تان ڀيرا“ لکيو جيڪو ”نئين زندگي“ جي مختلف پرچن ۾ ڇپيو ۽ بعد ڪتاب شڪل پڻ شايع ٿيو.(25) شيخ صاحب مذڪورہ تصنيف لکي سنڌي اديبن ۽ محققن کي تحقيق جو هڪ خاص ڏانءُ ڏنو. شيخ صاحب جي هيءَ هڪ تصنيف، تاريخ، تحقيق، جاگرافي ۽ علم و ادب جي ڪيترن ئي علمن جو ڀنڊار آهي. سندن لطيفي خدمتن جي مڃتا طور هن سال (2020ع) شاھہ لطيف جي ميلي جي موقعي تي سنڌ ثقافت کاتي طرفان کين ”شاھہ لطيف ادبي ايوارڊ“ طرفان نوازيو ويو آهي.

شاھہ لطف ﷲ قادري جو رسالو:
شاھہ لطيف سان گڏوگڏ شيخ صاحب سنڌ جي ٻين صوفي بزرگن جي ڪلام سان بہ ساڳيو عشق رکيو. پاڻ جاکوڙ ڪري شاھہ لطف ﷲ قادري جي ڪلام جو نسخو پڻ هٿ ڪيائين. جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي حوالي ڪيائين. ڊاڪٽر بلوچ ان نسخي تي عالمانہ ۽ محققانہ ڇنڊڇاڻ ڪري بورڊ طرفان ڇاپرايو. انھيءَ ۾ پڻ شيخ صاحب جو ذڪر ڪيو اٿن.(26) ساڳيو حوالو شيخ صاحب جي تصنيف ”لطيف جا لاڙ تان ڀيرا“ ۾ پڻ موجود آهي.(27) ان ريت سنڌي جي اوائلي شاعري ۾ پيروز فقير ۽ مرکان شيخڻ جي ڪلام بعد شاھہ لطف ﷲ قادري جي ڪلام جو نسخو هٿ ڪرڻ ۽ ان تي ڊاڪٽر بلوچ جا ڪيمياگر هٿ نصيب ٿيڻ، شيخ صاحب جا سنڌي ادب تي اپر احسان آهن.
لاڙ (بدين) لاءِ شيخ صاحب جون خدمتون:
شيخ صاحب پنھنجن دوستن سان گڏ ويھي اها رٿا جوڙي تہ سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ تعلقن تي تاريخي ڪم ڪجي ۽ اهڙيون تاريخون علائقي وار لکجن. بعد ۾ انھن ماخذن تان سنڌ جي جامع تواريخ جوڙجي. سندس اهڙي رٿا تي عمل ڪندي محترم عزيز جعفراڻي ”تاريخ سجاول“ جوڙي ڇپائي پڌري ڪئي.(28) معمور يوسفاڻي ”ٿرپارڪر جي تاريخ“ مڪمل ڪئي جيڪا قلمي صورت ۾ آهي. رسول بخش تميمي ”جاتي جي تاريخ“ مڪمل ڪئي ۽ حافظ حبيب سنڌي ”چوهڙ جمالي“ جي تواريخ مڪمل ڪئي. پر ان سلسلي ۾ شيخ صاحب سڀن کان گوءِ کڻي ويو. پاڻ عموماً لاڙ ۽ خصوصاً بدين ضلعي تي ڪيئي تواريخون لکي ورتائين. سنڌ جي نئين ۽ ننڍڙي ضلعي ”بدين“ جي ادب ۽ ادبي تاريخ تي شيخ صاحب تاريخ ساز ڪم ڪيو آهي. سندس اهڙين ڪاوشن جا احسان بدين ضلعي وارا ڪڏهن بہ لاهي نہ سگهندا.(29)
ٿلھي ليکي سندس هيٺيان ڪتاب بدين ضلعي جي سڀن ادبي ثقافتي ۽ تواريخي موضوعن تي مستند تحريرون آهن:
(1) بدين ضلعي جو تعارف، (2) بدين ضلعي جو مطالعو، (3) بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ، (4) بدين، (5) بدين ثقافتي ميلو 1976ع، (6) لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا، (7) بدين ضلعي جي اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن کي تحسين، (8) تاريخ شعراءِ لاڙ، (9) بدين ضلعي جا آثار قديمہ، (10) بدين ضلعي جا اولياء، (11) بدين ضلعي جون لوڪ ڪھاڻيون، (12) بدين ضلعو تصويرن جي آئيني ۾، (13) تلھار جون لوڪ ڪھاڻيون، (14) ٽنڊي باگي جي ثقافتي تاريخ، (15) بدين جي قديم ياد، (16) بدين ضلعي کي ڳائيندڙ شاعر.
شيخ صاحب جي تقليد ڪندي سانگهڙ، نواب شاھہ ۽ سکر جي اديبن پڻ پنھنجن علائقن لاءِ قلم چوريو. سنڌي ادب جي تاريخ جا ورق انھيءَ ڳالھہ جا شاهد بنيا بيٺا آهن تہ جيترو تحقيقي ڪم شيخ صاحب بدين (لاڙ) لاءِ ڪيو ۽ ان کي منظرِعام تي آندو اوترو ڪم اڃا تائين سنڌ جو ٻيو ڪوبہ فرزند نہ ڪري سگهيو آهي. جيڪڏهن ڪنھن کي دعويٰ هجي تہ آئون اها هنن لفظن ۾ قبول ڪندس تہ:
”ڪا هڻندي هوڏَ، آئون ٿي ڪانڌ ڪسوٽيءَ چاڙهيان.“

شاعري:
شاعري جي شروعات جي عين عام مروجہ روايتن موجب شيخ صاحب کي بہ پور جواني ۾ مجازن جون مھميزون آيون، غم جانان سندس دردمند دل تي خوب نشتر هلايا. اهي عشق جا اڌما ۽ اظھار شاعري جي روپ ۾ ظاهر ٿيا جنھن جو نمونو سندس هيٺين شعر ۾ موجود آهي:
مصري تنھنجي ملڪ مٺي ۾، لوڻ نہ آهي کارو،
ڇا تو پيار جي پِڪ ڏئي، ان کي آھہ ڪيو ميٺارو.(30)
مگر تمام جلد مجازي جو مام پروڙي، حقيقي جون لاتيون لنوڻ لڳو:
بندو بديڻن ۾ ٿو نھاري، سومر شيخ فقير،
منھنجا قرهيل پير، دل کي ڏيو ڪا ڌير.(31)

شيخ صاحب، بيت، دوهي ۽ سورٺي جو شاعر آهي. سندس لھجو ۽ زبان عام ۽ روزمرہ جي استعمال واري آهي. سندس شاعري فن جي سمورن تقاضائن تي پوري ۽ شريعت جي مڙني عنصرن سان ٽمٽار آهي. سندس شاعري سنڌي ادب جي ڪئين روزنامن ۽ ماهنامن ۾ شايع ٿيندي رهي آهي. ان کان علاوہ سندن هيٺيون تصنيفون نظم ۾ موجود آهن:
(1) دوها ۽ دونھان (2) سر پرڀاتي (3) سر ڪارايل (4) سر بلاول (5) سر ڪيڏارو (6) پنھوارن پچار (7) مصري نامو.
سنڌي نثر خواھہ نظم ۾ شيخ صاحب مجموعي طور جن موضوعن تي لکيو آهي اهي هيٺين طرح آهن:
سيرت طيبہ، سوانح نگاري، سنڌ جي تاريخ، سنڌي ادب جي تاريخ، آثار قديمہ، لطيفيات، جاگرافي، لسانيات، صوتيات، گرامر، سنڌي لغت، ٻاراڻو ادب، لوڪ ادب، ناول، ڊراما، افسانا، مزاح نگاري، تنقيد، حڪمت، جنرل سائنس، ثقافت، تاريخ پاڪستان، تواريخ عالم، روحانيت، ناصحانہ مضمون، مختلف شاعرن جي ڪلام جون ترتيبون ۽ آتم ڪھاڻي.
ان کان علاوہ سندن افسانن، ڊرامن ۽ ناولن ۾ معاشري جي اڪثر موضوعن سان نباھہ ٿيل آهي، جن ۾ عشق و محبت جي راز و نياز کان وٺي غم دوران جي سڀني لوازمات تي قلم جنبش ۾ آهي. هتي شيخ صاحب جي لکيل ۽ ڇپيل چند ٻين ڪتابن جا نالا ڏجن ٿا:
(1) سنڌي ادب جي تاريخ (ڀاڱو 1-2) (2) تاريخ عراق (3) سنڌ جا زيور (4) منھنجو افسانو (12 ڀاڱا) (5) رول (6) هاري (7) پيغام اقبال (8) آڌي رات (9) سيد جمال الدين افغاني (10) ظالم (11) تقدير (12) ماروئن جون محفلون (13) افسانا ٺهي سگهن ٿا (14) ادبي واڌارو (15) پرڏيھين ڏانھن پيغام (16) وينھان جو راڳ (17) تيرهن تالي (18) مدد خان پٺاڻ (19) هن دنيا ۾ (20) ريلوي جا فقير (21) قديم هنر (22) لوڪ شاعري (23) سپڙ سخي (24) رنن جا تال (25) ديواني مدينہ (26) نوراني جاسوس (27) مورڙو ميربحر (28) سنڌي ٻاهريان شاعر (29) مقالات الشيخ (30) ڳٺو ڍورو (31) چند همعصر.

وفات- حسرت آيات:
سنڌ جي هن دادلي ادبي فرزند تمام ٿورو عرصو علالت ۾ گذاريو. جگر جي ڪينسر جھڙي موذي مرض کي پاڻ پنھنجي پيٽ ۾ نپائي وڏو ڪيائين، پر تعجب آهي تہ بيماري جي تقاضائن جي بالڪل ابتڙ هن سدا ملوڪ ماڻھوءَ کي نشانيون ظاهر ٿيندي جلدي موذي مرض وٺي ويو ۽ پاڻ ڄام شورو اسپتال ۾ زير علاج رهي 24 آڪٽوبر 1986ع تي واصل بﷲ ٿيا. انا لله وانا اليـﮧ راجعون! سندن قطع تاريخ سنڌ جي ڪھنہ مشق شاعر مرحوم احمد خان آصف هن طرح ڪڍي آهي:
نيڪ دل هو نامور – معصوم شيخ،
”جنتي سومار واھہ – مرحوم شيخ.“
1986
هن جي لاڏاڻي – وڏو صدمو ڏنو،
ويو ڪري آصف، گهڻو مغموم شيخ.(32)
شيخ صاحب جي زندگي ۽ شخصيت تي تاثرات هڪ ڪتابي شڪل ۾ بہ ڇپيل آهن(33) تہ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ بہ آيل آهن. پر سندن علمي ادبي ڪاوشن ۽ فن تي اڃا تمام گهٽ لکيو ويو آهي. ضرورت آهي تہ سندن محنتن جي مڃتا طور اڃا گهڻو ڪجهہ لکيو وڃي. سندن محنت جو اجورو رب العزت کيس جنت الفردوس ۾ ڏيندو پر دنياوي معاملن طور ڏاڍو چڱو ٿئي جو کيس اسان جي ملڪي اعزازن مان ڪنھن تمغي يا اعزاز سان نوازيو ۽ ياد ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ تہ هن بيقدر ۽ نفسانفسي جي جھان ۾ اهڙا املھہ ماڻڪ وسارڻ بالڪل نہ گهرجن بلڪہ سندن حياتي مان سبق وٺڻ گهرجي.
ذاتي طور شيخ صاحب منھنجو مربي ۽ محسن هو. آئون ڪيترو بہ لکان سندس ڳڻ ڳائي ۽ ٿورا لاهي ڪونہ سگهندس. سندس بيماري وقت خواھہ ادبي مجلسن ۽ ڪچھرين ۾ آئون کين ڪافي ويجهو رهيس. پاڻ سدائين کل مک ۽ لطيفا سڻائيندڙ بنيادي طور مسڪين پر دل جو بادشاھہ ۽ سخي، علم ۽ حلم جو عملي نمونو، سادو کائڻ، سادو پھرڻ ۽ اهڙي ئي سندس سادي ۽ سليس زبان، بغض، ڪيني ۽ ڪوڙ کان پري، شاھہ صاحب جي بيت، ”تتي ٿڌي ڪاھہ، ڪانھي ويل وهڻ جي“ جي مڪمل تصوير هو. مون ساڻس گڏ پنڌ سفر بہ ڪيو تہ اعليٰ اسٽينڊرڊ جي هوٽلن ۾ ادبي رهاڻيون پڻ ڪيون، پر سندن مزاج ۾ ڪابہ تبديلي ۽ هٺ – وڏائي بنھہ نہ ڏٺم جڏهن ڄام شورو اسپتال ۾ آخري علالت وقت مون کين رَت جي بوتل ڏني تہ منھنجو نراڙ چُمندي چيائون تہ اڳ پاڻ ڀت ڀائي هئاسون هاڻ ٿياسون رت ڀائي. مون کي سدائين پيار ۽ پاٻوھہ سان نوازيائين، علم سيکاريائين ۽ تاريخ ۽ ثقافت سان چاھہ جو سبق ڏنائين. هميشه کلندي کلندي ڳالھہ ڪندو هو تہ سندن ڪيترا ڪتاب سنڌ جا ناليوارا اديب ڦٻائي ويا. هڪ ٻن تہ سندس ڪتاب پنھنجن نالن سان ڇپائي بہ ڇڏيا، پر شيخ صاحب مرحوم ڪنھن سان بہ شڪوہ شڪايت ڪونہ هئي. ڄام شوري اسپتال ۾ بيماري جي جنگ بہ کلندي کلندي ٽھڪ ڏيندي لڙيو. سڀ کان وڏي ڳالھہ تہ مون ڪڏهن بہ سندس زبان تي تنگدستي ۽ مفلسي جون شڪايتون نہ ٻڌيون. بيشڪ معمور يوسفاڻي ”بديڻن“ تي لکيل چاليھن صفحن جي مثنوي ۾ (جيڪا پاڻ شيخ صاحب جي فرمائش تي لکيائون) ڪيترو نہ ڀلو چيو آهي:
دور هن جي سونھن آ، ”سومار شيخ“،
آهي سڀني جو پيارو، يار شيخ.
جنھن لکيا آهن سٺا ڪيئي ڪتاب،
جنھن جون تصنيفون سڀئي لاجواب.
ڀونءِ جنھن تي ٿا رهن، ھہڙا اديب،
ڀونءِ ان جو آ ٿيو اعليٰ نصيب.

(بدين ضلعي جو مطالعو)

حوالا:
1. ڪلام مرکان شيخڻ، شيخ محمد سومار، ص: 20، جيلاني پبليڪيشن بدين، 1971ع.
2. شيخ قرهيي ڀانڊاري کي ڳائيندڙ شاعر، شيخ محمد سومار، لاڙ ادبي سوسائٽي بدين، 1978ع.
3. قلم وهي ويو ڪانھن، شيخ محمد سومار، مير محمد بخش ٽالپر جو تاثراتي نوٽ.
4. ڪليات شيخ ﷲ بچايو، مرتب: شيخ محمد سومار، جيلاني پبليڪيشن، بدين 1970ع.
5. ٽماهي ”مھراڻ“ (شاعر نمبر، ص: 714، ايڊيٽر: غلام محمد گرامي.
6. در ناياب عرف يادرفتگان (ٻيو ايڊيشن)، مرتب: مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ.
7. ڪليات ﷲ بچايو، شيخ محمد سومار.
8. محمد سومار شيخ (شخصيت ۽ فن)، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد.
9. بدين ضلعي جو مطالعو، مرتب: محمد سومار شيخ، محمد موسيٰ جوکيو جو مضمون، ص: 333.
10. مھراڻ (شاعر نمبر)، غلام محمد گرامي.
11. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ص: 400، مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پاڪستان اسٽڊي سينٽر 1990ع.
12. بدين ضلعي جو تعارف، ص: 21، مرتب: شيخ محمد سومار.
13. محمد سومار شيخ (شخصيت ۽ فن)، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
14. ماهانہ ”نئين زندگي“ ڊسمبر 1986ع، ايڊيٽر عابد لغاري، ظفر ڪاظمي جو تاثراتي مضمون.
15. ”بدين ضلعي جو اديبن شاعرن ۽ فنڪارن کي تحسين نامه“، مرتب: شيخ محمد سومار، 1983ع. ضلع ڪائونسل بدين.
16. بدين ضلعي جو مطالعو، مرتب: شيخ محمد سومار، ڊاڪٽر اسد جمال پلي جو مضمون: بدين ضلعي جا بزرگ.
17. ماهوار ”نئين زندگي“، 1980ع کان 1982ع جا مختلف پرچا، جن ۾ عابد لغاري جو مضمون ”سنڌ تاريخ ۽ ثقافت جي آئيني ۾“ قسطوار ڇپيل آهي.
18. در ناياب، (ٻيو ايڊيشن)، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ.
19. لاڙ جو مطالعو، مرتب: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، هدايت پريم جو مضمون: سنڌي لسانيات ۾ محمد سومار شيخ جون خدمتون.
20. (الف) شاھہ جا گم ٿيل بيت (سر مارئي)، شيخ محمد سومار قرهيي پوٽو. (ب) شاھہ جا گم ٿيل بيت (9 سُر)، شيخ محمد سومار بدينوي، اسلاميہ دارالاشاعت، حيدرآباد 1957ع. (ج) ماهوار ”انسان“، ايڊيٽر م.ع. ڏيپلائي.
21. ماهوار ”نئين زندگي“، آڪٽوبر 1956ع، ڊاڪٽر دائودپوٽہ جو مضمون.
22. (الف) املھہ اڻ توريا، فقير امداد علي سرائي. (ب) قدم ڪاپڙين جا، فقير امداد علي سرائي.
23. ڪڇين جا قول (ص: 140)، شيخ محمد سومار.
24. لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا، (1986ع)، شيخ محمد سومار، تنظيم فڪر و نظر سنڌ، سکر.
25. (الف) ماهوار نئين زندگي، ڊسمبر 1981ع، مارچ، جون، جولاءِ ۽ آگسٽ 1982ع- مارچ 1983ع جا پرچا ڏسو: معمور يوسفاڻي جو مضمون: ”لطيف جو ٿرپارڪر جي ايراضي ۾ سير سفر“. (ب) سنڌ باب الاسلام، پروفيسر اسد ﷲ ڀٽو، ڏسو: معمور يوسفاڻي جو مضمون: ”ٿرپارڪر ۽ شاھہ لطيف.“
26. شاھہ لطف ﷲ قادري جو ڪلام، مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.
27. ”لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا“، شيخ محمد سومار، ڏسو: شاھہ لطف ﷲ قادري جو احوال، ص: 114.
28. تاريخ سجاول- عزيز جعفراڻي، ڏسو: محمد سومار شيخ جي تحرير ”ورکا“، ص: 30
29. لاڙ جو مطالعو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڏسو: مضمون: لاڙ ۾ ثقافتي سرمايو، ص: 104.
30. ٽماهي ”مھراڻ“ (شاعر نمبر)، ايڊيٽر: غلام محمد گرامي
31. شيخ قرهيي ڀانڊاري کي ڳائيندڙ شاعر، شيخ محمد سومار، لاڙ ادبي سوسائٽي.
32. ماهنامه ”نئين زندگي“ (ڊسمبر 1986ع)، ص: 40

محمد سومار شيخ جي وفات تي لکيل تعزيتي نوٽ، مرتب: ابوبڪر شيخ- (لاڙ ادبي سوسائٽي 1986ع).

ڊاڪٽر اسد جمال پلي
عمرڪوٽ

ٻہ اکر

جيڪو ڪو ٿورو ڪلام اڄ اسان جي هٿن ۾ آهي اهو هڪ بدين جي لوڪ شاعر جو ڪلام آهي. جيڪو ماڻھو کان ۽ ڪن بندين مان حاصل ڪيو ويو آهي. جيئن گل سومرو هڪ لوڪ شاعر هو انھي ڪري لوڪ شاعر جي باري ۾ هتي اسان کي ڪجهہ نہ ڪجهہ ضرور لکڻو پوندو.

لوڪ شاعر
جيئن تہ هينئر عام رواج آهي تہ اسان جا شاعر هڪ سٽ شعر جي ٺاهڻ تي هڪ پنون تہ لازمي طرح خراب ڪندا آهن. هڪ اکر ڊاهي پيو لکڻ، اهو پسند نہ اچڻ وري ٽيون لکڻ. اهڙي طرح لکندا رهندا آهن پوءِ جڏهن وڃي ڪا سٽ ٺاهيندا آهن تہ بہ ان سٽ ۾ نڪو ساھہ نڪو ماھہ هوندو. پڙهندڙ جي دل نہ چوندي تہ ڪو شعر پڙهان. انھي جو فقط اهو سبب اهي جو اسان جي قلمي شاعرن جي نڪو اندر ۾، نڪو قلم ۾ جذبو هوندو آهي، نڪي وري سندن لکڻي کين وڻندي آهي. پوءِ ڀلا ڪيئن ٿي اهڙي چيز عام مقبول پوي؟
انھي جي برخلاف لوڪ شاعر بنھہ اڪيلو يا ماڻھو جي هُل ۾ هجي، پر جي هلندي آيس پور: تہ ڪلام سواءِ ڪنھن قلم کڻڻ جي سڄو سارو تيار ڪري ويندو. ۽ اهو ڪلام ائين چوندو ويندو، جو ڄڻڪ هڪ سٺو شعر ٻي ڪنھن جو ياد اٿس. پر ائين اصل نہ هوندو آهي. اهو وات مان نڪرندڙ شعر انھيءَ لوڪ شاعر جو پنھنجو شعر هوندو آهي.
انھي شعر ۾ جذبو هوندو آهي، روح هوندو آهي. اهو شعر حياتي هوندو آهي. ڀلا ڇو نہ جذباتي شعر هجي جو اهو سچي پچي شاعر جي واتان نڪتو آهي جو. لوڪ شعر لوڪ سمنڊ آهي.
هر ڪنھن شاعر جو پنھنجو سمنڊ، هر ڪنھن سمنڊ جي پنھنجي اونھائي. جيترو وڏو سمنڊ هوندو، اوترا منجهس سِپ گهڻا ۽ موتي ججها. موتين جي چڳڻ لاءِ هنج ولاتيون واسي ايندا آهن، ۽ انھي سمنڊ مان موتي ڪڍي چڳندا آهن.
شعر آهي سمنڊ ان جي نازڪ خيالي آهي، اونھائي، سپ آهي ڳوڙهي نازڪ خيالي. جيئن سپ ۾ موتي سمائبا آهن، اهڙي طرح ڳوڙهي شعر ۾ موتي پوتل هوندا آهن. انھن موتين کي هنج يعني پارکو اچي کائيندا آهن. يعني انھن کي پروڙ يندا آهن.
موتي کائڻ تہ هنج جو ئي ڪم آهي ويچارو ٻگهہ (اسان جو قلمي شاعر) جنھن جي من ۾ اهي ڍينڊ ۽ ڍنڍ سو ڇا ڄاڻي سمنڊ مان ۽ ڇا ڄاڻي موتين کي چڳڻ مان.
ٻگهن مڇي من، پارس پسن ڪينڪي. (شاھہ)
اهو ئي ساڳيون مثال لوڪ شاعر ۽ قلمي شاعر جو آهي. گل محمد سومرو بہ هڪ لوڪ شاعر آهي.
پاڻ ويچارو بنھہ ٿو رو پڙهيل هو. ٽپال جو ڪم ڪندو هو. ڄائو نپيو ڳوٺ پير فتح شاھہ ۾ (51 ورهيہ عمر، وفات 1946ع)، سندس عشق پارس جھڙي پرين ڏانھن هو. جنھن جي حب جو سڄو ڪلام ظاهر آهي. اهو پارس حضور جن آهن. ويچاري گل جو ٿورو ڪلام هٿ پيو آهي نہ تہ سندس ڪلام ڪافي آهي.
في الحال جو رُلي پِني حاصل ڪيو ويو آهي. اهو حاضر ڪجي ٿو:
جهرمر پس جوان، اندر موتين جي مٺا،
ساراهي سبحان، موتي ڏسي ملڪ جا


فقط

محمد سومارﷲ بچايو شيخ
بدين
30 ربيع الثاني 1376ھہ

گل جو ڪلام

---

هڪ ڌڻي (صفت باري تعالى جلشانہ)

آهين رب ڌڻي تون، رحمان منھنجو،
ڪر مشڪل هي آسان منھنجو.

مون کي روز رزق ڏين رازق تون،
منھنجو خلقيندڙ هڪ خالق تون،
سڀ مطلب ڪر، منھنجا مالڪ تون،
ڪر محب مٺي وٺ مان منھنجو.

سڀ آدم رب اُپايا تو،
ڪئين نوري ناري، نپايا تو،
پنھنجي حڪمت ساڻ هلايا تو،
ڪر سوال سچو، تون سبحان منھنجو،

توکي معلم منھنجي من سندي،
جيڪا تار طلب آهي تن سندي،
مون کي آهي اُميد امن سندي،
ڪر ڀيڙو سنگت برهان منھنجو.

سڻي ’سومري‘ ”گل“ جي تون صدا،
ڪر پوري تون، خاوند خاص خدا،
نہ ڪر جيئري تون، جانب يار جدا،
هنيون هوت ڪيو، جنھن حيران منھنجو.

سچو ربّ

آهين رب سچو تون ستار منھنجو،
ڪر غرض کڻي تون غفار منھنجو.

مون تہ سوال ڪيو هڪ سالڪ کي،
تنھن موٽي چيو تہ: چئو مالڪ کي.
تنھنجي سڻندو خدا چئو خالق کي،
آئون تہ ڪين مڃيان ٿو انڪار منھنجو.

ڪنھن غريب کي، ٿيندو غم جڏهن،
رکي دوست حسن تي ٿو دم تڏهن،
بندو ڪين ڪندو، ڪنھن جو ڪم ڪڏهن،
ڪر جلدي ڪم، جبار منھنجو.

منھنجا عرض سڻي، تون آگا اڄ،
ڪا رمز رکي ڇڏ رحمي رڄ،
وجهہ ڇائي جي، تون منھنجي ڇڄ،
ڪر باغ سڄو تون بھار منھنجو.

ڪر غور سدا ”گل“ جو تون غني،
اڃان ور لئي ويٺي آھہ وني،
ڇڏ ڇوري کي تون ڪيم ڇني،
تنھن کي پرور ڏي ڪو پيار منھنجو.

ﷲ سان عشق رک

عشق رک ﷲ سان، تون ٻي نہ وائي وات ڪر،
ڪر عاجزي آگي اڳيان، ڀورا نہ ٻي تون بات ڪر.

بي بقا تون ڇو بندي تي، ٿو ٿئين عاشق ادا،
بي وفا آهي بندو، تنھنجي نہ ڪا تون تات ڪر.

بي وفائي ڏس بندي جي، خود خدا سان ٿو ڪري،
توسان وفائي ڪيئن، سمجهي سڻي تون سانت ڪر.

منت ڪر مولى اڳيان، جو ملڪ جو مالڪ آھہ.
سو مڃيندو منت تنھنجي، ٻيو نہ ڪو خيالات ڪر.

ڇو نٿو سمجهي سدا ”گل“ حرف هڪڙي مان هنيا،
لا اِلاہ الا ﷲ پڙهي، زير پنھنجي ذات ڪر.

(صفت رسولي) ڪانگ قاصد

آيو ڪانگ ڪري، ڪم ڪار منھنجو،
لاٿئين لِکَ ۾ اچي، انتظار منھنجو.

ڪيڏو ڪانگ ڪيو مون تي ٿورو ٿڌو،
آيو خاص کڻي سنيھو سڄڻ سندو،
ڇا بدلو ڏيئي، لاهي بار بندو،
ڪڍي ڪوري ڏيان، هي ڪپار منھنجو،

آيو عرب سندو سو تہ ڏيھہ ڏسي،
پکي پرين کي، آيو پاڻ پسي،
ڪريان ڪانگ مٿان، صدقو ساھہ سسي،
گهوري گهوري ڏيان، هي گهر ٻار منھنجو.

ويجهو وڻ مٿان آيو چوٽ چڙهي،
اوڏو اڱڻ اڳيان، ويٺو لام لڙي.
کولي خوشي منجهان ڏنئين پرزو پڙهي،
وٺندي وهسي ويو، وار وار منھنجو.

چڱي چھنب سدا ”گل“ چوري چيئون،
ڳالھيون ڳارا ڏيئي، قرب واريون ڪيون،
سڻي سرهي ٿيس، اديون اچڻ سنڌيون،
اڄ ايندو سيد سردار منھنجو.

ملايو يا رسول ﷲ صہ

ملڻ وس ناهي، محب منھنجي ملايو يا رسول ﷲ،
مون تان مشڪل سندو مهڙو، مٽايو يا رسول ﷲ،

مون وٽ ڪا مڏي مايا، دنيا دولت نہ آھہ دايا
ڇا تي ڪريان سڄڻ سعيا، سڏايو يا رسول ﷲ.

نڪا ياري، نڪا ڀاري، سڄڻ توکي آھہ سڌ ساري
قرب تنھنجي ڪيس ڪاري، ڪوٺايو يا رسول ﷲ.

مون تي دشمن پيو ڌڌڪي، ڏيکاري ڀو پيو سڀ کي،
تنھن کي تڙ تئون ڪڍو تڙڪي، تڙايو يا رسول ﷲ.

سدا ”گل“ يار تنھنجو گولو، اجهو تنھنجو ٿي تون اولو،
ڪڍي روح مان تون رنج رولو، رچايو يا رسول ﷲ.

ڏک ڏوٿين تان لاهيندو احمد ڄام اچي

ڏک لاهيندو ڏوٿين تان، احمد ڄام اچي،
سک ڪندو تن سانگين تي، محمد ڄام اچي.

تو گهر خان خوشي ٿي، هتي پيئڙو ماتام مچي،
حشر اني جي حال سين، تو وٽ پئا ناچ نچي.

هلان ڪئي تو هيڻن تي، عمر ڄام اچي،
روڄ اُنيجي راڄ ۾، تو در پئا رنگ رچي.

هت ميوا کاڌا موجون ٿيون، انب، انجير، ايلاچي،
هت لانگهو پيو لويارن ۾، تو وٽ پئا پڪوان پچي.

گوندر لاهيندو ”گل“ چئي، عربي سو اچي،
ملڪ پاڻ تنھن محمد جو، جنھن جي آهيم سڪ سچي.

ڀلي پئ ڏيھہ پئا ڏورن

متان ڪي ڏيھہ ٻئا ڏورين،
انھيء هند ڳول تون ڳڻ کي،

وهي ڏس وجود ۾ ووڙي تون ور کي.
اسم ﷲ جو، گهوري ڏس گهر کي،
متان ڪي ڌيان ٻئا ڌارئين.

جائي جانب يار جي، جاچي ڏس جيء ۾،
آڌي ڏي اُٿي تون، صبح جو مٽي ۾،
متان تون ننڊ کي نھارين.

سوچي ڏس سرير ۾، تون بدن کي ڀورا،
مڪو مدينو من ۾، ڏسي تون ڏُورا،
متان ڪا هڙ وڃين هارئين.

سدا ”گل“ سجود ۾، راتا ڏينھن رھہ،
سختيون سڀئي سر مٿي تون سارو ڏينھن سُھہ،
متان ڪي ٻئا سَر سارين.

ڏس جيئڻ کي

جوڙ ڏيئي ڏس جيئڻ کي، ڏيل ۾ ٻاري ڏيا،
باقي بقايا ڇا بچي ٿي، پھر پاڇي ڪي پئا.

مست ٿيو مُڇ مير موڙئين، ماڪ تي موريو ميان.
پھر پل کان پوءِ نہ پسندين، ماڪ لھي ويندي ميان.

اڄ اڄوڪي ڏينھن ۾، تو لوڙھہ لاشن جا ڏٺا،
ڪين عبرت وير ورتئي، هن حياتيء جي هنيا.

رٿون رٿئين روز راڻا، سال ايندئي جو اڃان،
ساھہ تي ويساھہ ڪھڙو، ڀروسو ڪرئين ڀَيا.

سوٽ سالا، چڱيء چالا، مائٽ تنھنجا هئا مٺا،
”گل“ ڪٿي او گهوٽ گهر ۾، سي وڃي رڃ ۾ رهيا.

مرد هئا مور

مرد هئا ڏس هت ڪي مور، ٽنڊ ڪيڏانھن ويئي تن جي ٽور...
لوڪ ڪنان، هُئا سي لاثاني، شوق ڇڏي ويا هت سي شور...

نينگر ويا سڀ ننڍڙا ننڍڙا، ڏس تہ جيئن پيا، جڏڙا جڏڙا،
ڪونڌر ويا ٿي قيد قبر ۾، اُت ويٺا آهن وڏڙا وڏڙا.

صورت جن جي هئي سبحاني، سي بُوئرن ۾ ڇڏي ويا ڀور...
حسن جنين جا هئا هن هنڌ تي، سي پڻ هليا پرئين پنڌ تي.

ڪلا ڇڏي ويا يار ڪلر ۾، آڊر جن جا هئا انڌ تي،
نالو تن جو ناهي نشاني. ضايع ٿي ويا تن جا زور...

پٽ پٽيھر جن تي پايا، سج چنڊ تن وٽ ٿي شرمايا،
سي تہ بھادر ويا بر ۾، گهوٽ ازل جي گهيري گهايا،

لاکيڻا ويا ڏس لقماني، عاشق هئا يار اتور.
غفلت ۾ تو ”گل“ گذارئين، نيڪيء ڏي تان ڪين نھارين،

آرس ڪرئين تون بہ اندر ۾، صاحب رب کي ڪين سنڀارين،
نڌر نہ ٿي تون ڇڏ ناداني، ڏاتر کي تون ڏهاڻي ڏور...

خاڪ آهين خاڪ ٿيندين

خاڪ آهين خاڪ ٿيندين، ڪر نظر تون خاڪ تي،
ڇو وتين ٿيو مست موڳا مورئون هن ماڪ تي.

عيسيٰ ڪٿي، موسيٰ ڪٿي، يعقوب ويو يحيٰ ڪٿي،
سي اڪابر سڀ اُٿي ويا، انبيا افلاڪ تي.

ويا سڙي ڪئين سڪندر ٿي دفن هن ڌوڙ ۾،
جن حڪومت ٿي هلائي عرب ۽ عراق تي.

هي ٺڳيون دولاب تنھنجا نيٺ ويندا ناس ٿي.
ڦيريون گهيريون سڀ ڦٽيون ڪر، انت ڪر املاڪ تي.

هي سدا ”گل“ جون صدائون من سڻي صاحب ستار،
ڀروسا سڀ بار منھنجا، مون رکيا رب پاڪ تي.

الڙ سان عشق

عشق لڳو منھنجو يار الڙ سان،
ڍنگ هلي نٿو، يار ڍولڻ سان.

سڪ نہ ڄاڻي ٿو، صحبت سھڻو،
مطلب محبت مور مھڻو،
قرب ڪري ڪيئن ڪامل ڪھڻو،
خبر پوي ايء، يار کيلڻ سان.

سمھي سنجهي کان، رات سويلو،
ارڏو هلي، سڄو ڏينھن اڪيلو،
عالم ساري ۾، البيلو،
سمجهہ پوي اي يار سلھڙ سان.

ياراني نڪا ڄاڻي ياري
بوند بره جي نڪائي بھاري،
نيڪ بدي، نڪو نيڪوڪاري،
ڳالھہ سڃاپي يار ڳولھڻ سان.

سخت سدا ”گل“، تکو طبيعت،
هيڏي حسن تي، ٿو ڪري حڪومت،
غور ڪرڻ کي، نہ ڄاڻي غنيمت،
بخت اڙايو، مون کي آهي ڀلڙ سان.
ž

قلندرانہ ڪلام-1

آھہ ملڪ سڄو مھمان هتي،
رهندو نام نڪو نيشان هتي.

سڪندر، دارا، بخت نصر،
نيا موت نھوڙي نادر نر،
ڪئين اجل اڪابر نيا اڪبر،
ڇڏي تخت ويا طولان هتي.

ويا رات ڏيئي ڪئين راجا نند،
جن حڪم هلايا ٿي هند سنڌ،
ويئي جان مٽيءَ ۾ جوانن جند
ڇڏي سون ويا سامان هتي.

رستم راڻا راهي رنگ،
هتان اڙد اٿي ويا اُتم ٻڙنگ،
لک چارڻ چوري ويئڙا چنگ،
ڇڏي طبلا ويا هڻي تان هتي.

ويا ڌوڙ اندر ڌڙ دودن جا،
ڳچ ڳاريا ڳُجهہ! تن ڳوڌن جا،
ويا جوڙ سدا ”گل“ جوڌن جا،
ڪٿي سومرا سمان سلطان هتي.

قلندرانہ ڪلام-2

ڇا تي دم رکين، دهمانہ هتي،
آهين ڏينھن ٻہ ٽي مھمان هتي.

توکان وير وڏا، ويا هي وطن ڇڏي،
هتان لک لکوتر، ويئڙا لڏي،
ڏس موت سڀنن کي ويو سھڻا سڏي،
هيءَ موج ڇڏي ويا مستان هتي.

تون کان تونگر ويا ڪئين تخت ڇڏي،
ڀورا ڀيڻيون ويا هي بخت ڇڏي،
راڻا روئندي ويا رڌل، رخت ڇڏي،
نيرانان ويا ڇڏي نان هتي.

توکان دلبر وڏا، ڪئين دولتمند،
قابو قيد ڪيا، وجهي موت ڪمند،
ڏس ڏيل تنيجو، ويا کائي ڏمند،
کامي خاڪ ٿيا ڪئين خان هتي.

سمجهہ سدا، ”گل“ چئي سرت ڪر،
وڃي توبھہ توبھہ ترت ڪر،
اُٿي ڪيما جھڙي ڪا ڪرت ڪر،
آهي هند کٽي، جو حيوان هتي.

عشق ٻي چيز

عالم چئي ٿو: ”آدم آھہ،“
عاشق چئي ٿو: ”آمين اجايو،“
محبت آهي يار مجازي،
عشق اڃان ڪا ٻي شي آهي.

محب منھنجو آهي مثالي،
خلق چوي ٿي: خالي خالي،
قطرو تنھن ۾ آهي ڪمالي،
جُهريا ڏس تون جهاتي پائي.

اسم تنھنجو آهي انساني،
جسم تنھنجو آهہ جسماني،
پر نقطو تنھن ۾ آھہ نوراني،
انڌا ڏس تون عينڪ پائي.

سمجهہ رکين ٿو، تو ڪين سياڻا؟
ڪيئن وڃائي نيھن تي ناڻا،
ڪي تہ رچي ويا رت مان راڻا!
ڪن تہ ڏٺو وڃي ڪيچي ڪاهي.

”گل“ ڪرين ٿو ڪھڙا گفتا،
پير رکج تون پنھنجا پختا،
اڳيان تہ تنھنجا آهين اُستا،
متان وجهنئي يار منجهائي.

عاشقانون ڪلام

مون کي تہ ماري وڌئي مٺڙا، نہ ڪئي ڪو قياس ڪُٺڙيءَ جو،
قرب ڏيئي ڪيئي قابو، جيئڻ ناهي مون جڏڙيءَ جو.

اکيون اڪمل تنھنجون اڙيون، منھنجي جان ۾ جڙيون،
خوشيءَ مان ٿو کڻي کڙيون، موهي منڙو مون مٺڙي جو.

اکيون ڪاريون ناز واريون، مٺا منھن ۾ اٿئي ماريون،
تو بہ دوکي لئي ڌاريون، هڻن ڌاڙو ٿيون دلڙي جو.

اکيون تنھنجون آهن اهڙيون، وتن واسينگ جيئن وهڙيون
سوين ماري اچي سهڙيون، بچڻ ناهي مون بندڙي جو.

کڻي تون چاھہ مان چھريون، اچي ”گل“ سان ڪئي گهريون،
تنھن کي لائي ڇڏيئي لھريون، نہ ڪيئي ويچار وڇڙي جو.

روبروٿي

روبرو ٿي منھن مقابل، ڪرم پنھنجو تون ڪري،
ڇو سخت دل ٿيو آهين، سھڻا پيو ڀڄين پارس پري.

منھن نٿو منھنجي چڙهين، اي بخت جو ڀولو چوان،
ڪو ڪمينيء جو ڪڏهن، وصل جو وارو وري.

جي ڏسان توکي ڏهاڙي، وس ڪريان ڏاڍا وڏا،
ميڙ منٿون پانڌ پٽڪا، ڳل لڳا تنھنجي ڳري.

هند سنڌ ساراھہ تنھنجي، سو نھن جي ڪن ٿا سوين،
طور سينا تي بہ تجلو، تو ڪيو برڪت ڀري.

دم جيئڻ جو آهي جيسين، هڪ دفعو تون آ! هلي،
گفتگو ئي ڪرتون ”گل“ سان، تہ تار مان ترهو تري.

محبوب ڏٺم

اڄ ڏٺم محبوب مھڻون نازئون نھاريندو وڃي،
خُلق سان خَلقت سڄي کي سو سنواريندو وڃي.

محب پرور محب مانجهي، ٻيو فضيلت فيض ور،
درد وارن جي دلين جا، ڌڪ ڌئاريندو وڃي.

ناهي جھڙس ڪو جڳت ۾، ڏيھہ ٻيا ڏوري ڏٺا،
اُتم سڀنن ۾ اُچو، جڏڙا جياريندو وڃي.

رحم دل راحم گهڻو، ٻيو قرب ڪامل جو ڪثر،
طالبن ۽ طلبگارن، ترت تاريندو وڃي.

مرڪي مليو منٺار مون سان، کل خوشيءَ مان خوب تر،
غمزہ گهورن ساڻ ”گل“ جا، نيڻ ٺاريندو وڃي.

توجيءُ جلايو

اسان جو جيءُ جلايو تو، جلائڻ مان ملئي ڇا ڇا؟
اسان کي ڦنڌ ڦاسايو تو، ڦاسائڻ مان ملئي ڇا ڇا؟

اسان جي بخت جي بازي، پڇئون ڪھڙا ملا قاضي،
ڪيئي مون رنج، ٿئين راضي، رنجائڻ مان ملئي ڇا ڇا؟

اسان جي ڪمن جا ڪرتا، پيا سون پانڌ سي پرتا،
اوهين ڇا کان وتو ورتا، وڃائڻ مان ملئي ڇا ڇا؟؟

اسان جي ڪمن جون ڪاريون، ڪريون زر زر تڏهن زاريون،
ڦٽي هينئڙو ڪيئي ڦاريون، ڦٽائڻ مان ملئي ڇا ڇا؟

برھہ واريون مثل بلبل ان جي رفتار ۾ ’گل گل‘،
محبت جو ناهي ناھہ مل مل، مٽائڻ مان ملئي ڇا ڇا؟

ايندين تہ ڇا ٿيندو

ڀلائي پاڻ تون پنھنجو، هلي ايندين تہ ڇا ٿيندو؟
پيالو پرت جو پيارا، پياريندين تہ ڇا ٿيندو؟

نہ ڪر ناحق نماڻن سان، نہ ٿي ڪوڙو قريبن سان،
ڪري زورو ضعيفن کان، نٽائيندين تہ ڇا ٿيندو.

بدن بلبل بستاني، پسائج جلد مون جاني،
اها سڌ يار سائل جي، پڄائيندين تہ ڇا ٿيندو؟

سڄڻ سيني کي سينگاري وڌيئي ڏيل مون ڏاري،
مٺا مسڪين کي ماري پڏائيندين تہ ڇا ٿيندو؟

نھوڙي يار نيڻن سان، مون کي موهيو تو ماڻن سان،
خوشيءَ جي ڪا گهڙي ”گل“ سان، جي گهاريندين تہ ٿا ٿيندو؟

ڏاڍايون نہ ڪر

ڪيم ڏاڍا ڪر ڏنگايون، تون پرين پينار سان،
ساھہ سر صدقو ڪري، ياري رکيم تو يار سان.

دمبدم دانھون ڪريان ٿو،
عشق ۾ تنھنجي عجيب،
آءٌ اڱڻ هيڪر حبيب.
اڄ جــــــوت ۽ جنسار سان.

بــــــرھہ بيحد باھہ باري،
جگر ويــــــو ســــــارو جلي،
يــــــا الاھي! هي مــــــون کــــــي ميلئين،
ماھہ رو منٺار سان.

يادگيريء يــــــار جــــــيءَ ۾،
رات ڏينھن راڙهــــــو ڪريان،
مــــــون کي مــــــلائيــــــن مصــــــطفٰي ؐ،
دل گهرئــــــي دلــــــدار ســــــان.

عرض ’گل‘ جو يا الاھي،
ڪر قادر هيءُ قبول،
هجان همدم، هــــــم قــــــدم مان،
هــــــوت هينئڙي ٺــــــار ســــــان.

موڪلايو ٿو وڃان

ملڪ تنھنجي مان مٺا اڄ، موڪلايو ٿو وڃان.
جان، جند، جيرو، جگر، جاني جلايو ٿو وڃان.

گهر گهر جي ڪئي غلامي، ڳڻ ڀريا تنھنجي ڳوٺ ۾.
ڪورين ڪمين جو ٿي ڪنيزڪ، کر کلايو ٿو وڃان.

سبب تنھنجي يار سھڻا، هٿ ٻڌم هر ڪنھن اڳيان.
نام ’نوڪر‘ پنھنجو ساڄن، هت سڏايو ٿو و ڃان.

آءُ! ﷲ لڳ اي عجيبا، اڄ اچڻ جو ڏينھن آھہ،
دانا تنھنجي ديس مان، لائق ليلايو ٿو وڃان.

اڄ پڇاڙي ۾ پرين، صحبت سدا ”گل“ ساڻ ڪر،
موٽي اچڻ جو آسرو، اميد لاهيو ٿو وڃان.

خواب ۾ ياري

خواب ۾ مون خوب روء سان، يارسان، ياري رکي،
تو ملڻ جي محب مون سان، هوت همواري رکي.

ننڊ ۾ توساڻ نازڪ، نينھن جو ناتو رکيم،
آ! ﷲ لڳ اڱڻ منھنجي، حب هڪ واري رکي.

حُسن هينئڙي کي هڻي، حيران ڪيو آهي حبيب،
دم بدم تون ڏي دلا سو، دوست دلداري رکي.

ياد ڪر تون يار پنھنجا، قول ڪنعاني قسم
ٻول ٻاجهئون پار پيارا، وير وهنواري رکي.

سڪ ۾ ”گل“ تنھنجي سدا، روئيو رب کي چوي،
ميل مون محبوب سان، مھر مو چاري رکي.

عطر جي بوءِ

مغز منھنجي ۾ هُئي ڪا، هوا تنھنجي هار جي،
خوش گهڻي خوشبوءِ خود، سا خاص هئي خمار جي.
مغز منھنجي کي مٺا، هو جلد تو جاڳائيو،
هڪدم تنھنجي هشيار ڪيو جا بوءِ هُئي بھار جي.
وار هڪڙو وصف تنھنجي، وات ڇا ورندي چوي،
بھشت ۾ هئي بوءِ، سا انھي هٻڪار جي.
مون تہ ڏينھن ميثاق جي، اي روء ڏٺي هئي روبرو،
واصل سڄي واري هئي، برھہ جي بازار جي.
”لولاڪلما خلقتل افلاڪ“ جو آواز هو،
واکاڻ وائي وات ۾، هُئي هار ۽ سينگار جي.
عرش ڪرسي آسمان ۽ سندس ساڪن سڀئي،
حيران حيرت ۾ هئا، عبرت ٿين اسرار جي.
ماڻھو ملڪ، جن و بشر جيڪا خلق هئي جھان ۾،
تن سڀن کان ٿي هئم، ساراھہ صفت سردار جي.
وڻ ٽڻ، واديون، واھہ وهندڙ، جانور، جيتام جي،
تن ۾ سُر پر رات ساري هُئي پرين جي پار جي.
ڪئين دفعا مون سؤ ڪنن سان، پئي پکين ڪئي پچار،
لاهيو ويٺا لولي هُئا، جانب سندي جنسار جي.
اي ادا عاجز نہ آهي من منھنجي جي مجال،
جو ڪري ظاهر ذري، ڪا دوست جي درٻار جي.
اي سدا ”گل“ هي صدا، من سوز واري سا سڻي،
درد واري دانھن در تي، پيش ٿئي پينار جي

آڙاھہ اُجهائين تہ بہ چڱو

باھہ ٻاري وئين بدن تي، وري وِسائين تہ بہ چڱو.
هيءَ عشق جو آڙاھہ، عاشق تان اُجهائين تہ بہ چڱو.

تنھنجي لٽڪي جا لونھان، لونءَ لونءَ اندر ويئڙا لڳي،
پرت جي پاڻي سندا ڇنڊڙا ڇندائين تہ بہ چڱو.

مرض محبت جو ڏيئي وئين جيء مٿي جانب ججهو،
ان درد جي دلبر دوا، پريم پڇائين تہ بہ چڱو.

منھن سٽي وئين يار مون کان، خيال پنھنجا سڀ کڻي،
هن ويچاري کي ونھيان، ڪامل ڪڇائين تہ بہ چڱو.

حجت منھنجي هوت توسان، ڪين ٿي هرگز هلي،
”گل“ گهرائي ٻيلھہ ٻانھون، گڏ گهمائين تہ بہ چڱو.

محبوبي وصف

ڇو چَڪَن ٿين ٿا، ڇا ڏسي، چؤ وصف تو ڪھڙي وڻي،
سا سڻائي سڀ سچي، جا تو منجهان دلبر ڌُڻي.

ڪامل قدم کنيو ڪوڏ مان، ڏاڍي لاڏ مان لٽڪو ڪري،
تنھن جي ٽنڊ ٽمڻ ٽور ٽمڪي، خاص خادم ڪيو کڻي.

پير پرين جا ڏسي، هوش حورن جا ويا،
بي صبر ٿيون بھشت ۾، سي ڇت مٿان پيئڙيون ڇڻي.

منھن پسي محبوب جو، سورج سڙي سارو ويو،
ٿيو لڄي لالن اڳيان ڇپيو ڇمر ۾ ڇان هڻي.

کسيو عقل کنوڻين سندو، هڪدم حبيبن کي ڏسي،
وڄڙين وسڻ وسري ويو، ڪا ”گل“ لڳي تن کي گهڻي.

حيران ٿي پيس

سڄڻ سھڻا تنھنجي صورت ڏسي حيران ٿي پيس،
تنھنجي تابع ڪيس تجلي تڏهن تعبان ٿي پيس.

مون کي محب تو مرڪي،سڄڻ پياري صحبت سرڪي،
چکڻ سان تنھن چٽڪي جي، مٺا! مستان ٿي پيس.

نھاري نيڻ کڻي نازڪ، هڻين وئين هينئڙو منھنجو حاذق،
نگهہ سان يار نيڻن جي،ڪُسي قربان ٿي پيس.

مان سڄڻ آهيان تنھنجي گهوري، جانب جيء تي اٿم جهوري،
جهڄڻ منجهہ تنھن جهوري جي، بيحد بيران ٿي پيس.

عمر ساري ويئي گذري ”گل“، ترس توکي نہ پيو هڪ تل،
سبب ارمان انھيء جي، ونھيان ويران ٿي پيس.

محبوبي لقاء

محبوبن جو منھڙو، مون ڏوري ڏٺو آھہ،
مثل چنڊ چوڏهين جي، چوڏس چٽو آھہ.

اکيون کڻيو آهو، سڃي بيٺو ساهو،
پري کان پرين جي ڪٽورين ڪٺو آھہ.

سامھان سيل سين، پڇيا ناز نيڻن،
چشم چوٽ چاڙهي مونکي مرگهن مُٺو آھہ.

حبيبن جي هوري، وڌو جيءُ جهوري،
ايڏو سور سرتيون، مون سِر تي سٺو آھہ.

سدا ”گل“ چئي سڪ ۾، منھن لالن جو لڪ ۾،
پڇي ڏٺم پاڙو، تہ ملڻو مٺو آھہ.

عجيبن جي آمد

عجيبن جي اکڙين اُچائي ڇڏيو آھہ،
تنھن جي ناز نيڻن، نچائي ڇڏيو آھہ.

تنھن نرمل نھاري، ڪيو ٻانھون ٻھاري،
مون کي محب ماري، مڃائي ڇڏيو آھہ،

اکين جي، اشاري ڇڏي جان ڳاري،
مٺي مچ ٻاري، مچائي ڇڏيو آھہ.

اڄ قربئون ڪٽاري، ٿي ارڏي اُلاري،
ڏيئي پوءِ بھاري، بچائي ڇڏيو آھہ.

سدا ”گل“ جي صحبت، مٺي ساڻ محبت،
تنھن جي راھہ رغبت، رچائي ڇڏيو آھہ.

انگ اڙيل

عجيبن سان اديون، اڙيو انگ آهي،
زوراور جي زلفن وڌو ونگ آهي.

منھنجو محب ملڻو، آهي خاصو ٻيو کلڻو،
چڱي ٽور، ٽلڻو عجب رنگ آهي.

منھنجو يار جاني، جنھن جو ڪو ناهي ثاني،
آئون تہ تنھنجي ٻانھي، لڳو انگ آهي.

اندر قلب ڪاڍو، وڍي جيئن واڍو،
لڳو مون کي ڏاڍو، ڏکيو ڏنگ آهي.

سدا ”گل“ کي سرندو، مديني ۾ مَرندو،
واريو ڪين ورندو، چڙهيو چنگ آهي.

توکي ساريان

توکي ساريان سپرين، پھر پل، پل ۾،
ڪڏهن مان کي ملندين ڏيئي ڳل، ڳل ۾.

جدائي ۾ جاني ٿيس يار فاني،
جگر جان جيرو جلي جل، جل ۾.

وڇوڙي ۾ ويئي منھنجي مَت سَڀيئي،
عقل هوش ساري، ويو هل، هل ۾،

لڳيم تات تاري ويم سمجهہ ساري،
مثل مست مجني، آهيان چل، چل ۾.

سدا ”گل“ کان سھڻا، مٺا محب مھڻا،
ٿي کنڊ- کير جاني، ويھہ کل کل ۾.

وڇوڙو

سوال منھنجو تون سڻي، وائي وهڻ وارين نٿو!
سمجهي سڻي تون اي سياڻا، پرت ڇو پارين نٿو!

ڇو نٿو ويجهو وهين، اوڏو اچي مون سان عجيب
ڏيئي گوڏي ساڻ گوڏو، ڪا گهڙي گهارين نٿو!

عقل توکي ايترو، آگي ڏنون آهي عجيب،
پيو بنائين پاڻ ڀورو، ڏاهپ ڏيکارين نٿو!

مل اچي مون ساڻ مٺڙا، ڇو ٿو ڪرين هيڏو حجاب،
لب لبن سان يار لائي، چپڙا سڄڻ چورين نٿو!

آئون سڏ ڪريان توکي سوين، تون ٿو نٽائين ناز سان
حال مون سان تون هلي ڇو، اندر جو اورين نٿو!

محبوب منھڙو ڪيئن ڏسان، ٿون گهمين گونگهٽ ڪريو،
پانڌ پاسيرو ڪري، ڇو سينڌ سينگارين نٿو!

اي ڪڪوريل ڪجل ڪارا، نرگس کڻي مون ڏي نھار،
غم سدا ”گل“ تان سڀئي ٽھڪ ڏيئي ٽارين نٿو!

نھاريندين ڇا ٿيندءِ؟

کڻي اکيون اهي ارڏيون، اڙائيندين تہ ڇا ٿيندو؟
ڪري لائق لياقت سان، لڙائيندين تہ ڇا ٿيندو؟

نرم دل سان نھاري تون، کڻي اي ناز سان نوري،
ڪري ڪو منھن تون مون ڏي، موڙائيندين تہ ڇا ٿيندو؟

مٺا اي ماڻڪيون تنھنجون جائي، مزي واريون اٿئي منھن ۾
جهلي مون ڏي جهجهيون جاني، جڙائيندين تہ ڇا ٿيندو ؟

سبق سڪ جو سڪايل کي، وهي وارث ورق واري،
پرت وارو پنون پيارا، پڙهائيندين تہ ڇا ٿيندءِ؟

تنھنجي دل ۾ جيڪي دلبر، آهين ڪــــــي ڳالھيون ڳھڻا،
اڀي ســــــامھون سدا ”گل“ کي، سڻائينديــــــن تہ ڇــــــا ٿيندءِ؟

سڪائي ڇڏءِ

ڪري سينڌ سرمون، سڪائي ڇڏيو اٿئي،
مٺا محب منھڙو لڪائي ڇڏيو اٿئي.

پاءِ سون سريون، ڪري زيب زريون،
پوءِ ڏيئي دوست دريون ڌڪائي ڇڏيو اٿئي.

تو سھڻا سينگاري، ونگا وار واري،
پوءِ ڏورئون ڏيکاري، ڏڪائي ڇڏيو اٿئي.

واسينگ وار ويڙهي، کٽڻھار کيڙي،
منھنجي دل کي ڇيڙي، ڇڪائي ڇڏيو اٿئي.

سدا ”گل“ تي ساڄن، ڪندو رحــــــم رانجهن،
ڪمن مون کي ڪو جهن، لڪائي ڇڏيو آھہ.

سوال نہ سڻڻ

منھنجا سوال سھڻان سڻي ڇو نٿو؟
مٿي پنھنجو منھڙو کڻي ڇو نٿو؟

ڪريو ڪنڌ قابل هلين هيٺ ٿو،
چڱي پائي چادر ڪرين چيٺ ٿو،
نہ تون منٿ منھنجي مڃين ميٺ ٿو،
ڏيکارين تون اک جي اڻي ڇو نٿو .

اٿئي ڪھڙي ڪاوڙ قريبن مٿي،
غصي جو گفتو غريبن مٿي،
اهڙا حرف رکجن حريفن مٿي،
چرئين جا تون چٽڪا چڻي ڇو نٿو؟

اکيون ساڻ اکين اڙائي اچي،
ليو پائي لائق لڙائي اچي،
ڪري ويس وڳڙا وڻائي اچي،
بدن کي بڻائي بڻي ڇو نٿو؟

سدا ”گل“ کي سامھون تون سينگار سان،
اڀي يار جاني تون جنسار سان،
سڌا سيف سيني ۾، سٽڪار سان،
هينئين ۾ تون هر هر هڻي ڇو نٿو.

تنھنجو حسن

حسن تنھنجي حاڪم هلائي ڇڏيو آھہ،
تنھنجي روپ راڻا رُلائي ڇڏيو آھہ.

عشق ۾ اوهان جي رڳا سور سھڻا،
سورن منھنجو سينون، سلائي ڇڏيو آھہ.

نہ مون رات ڏينھان ڪو آرام آهي،
اکين کي اوجاڳي، اُلائي ڇڏيو آھہ.

نڪو عيش عشرت، مزو ماڻيو مون،
آڙاھہ عشق جو آگ، لائي ڇڏيو آھہ.

سدا ”گل“ جــــــو ســــــارو، بــــــدن بــــــرھہ وارو،
تُنھنجي جوش جاني، جلائي ڇــــــڏيــــــو آھہ،

پرور پناھہ ڏيندو

پرين توکي پرور پناھہ پاڻ ڏيندو،
رقيبن کي روڪي ڏکي ڏاڻ ڏيندو.

حفاظت ۾ هادي، توکي رحمان رکندو،
امانت سلامت صبوح ساڻ ڏيندو.

جيڪي ڪندا گهُوري ناحق نسوري،
سائين تنھن کي سوري وڍي واڻ ڏيندو.

وڏو تُنھنجو وارث، آهي واحد وسيلو،
نہ ڪر هوت هيلو، امن آڻ ڏيندو.

سدا ”گل“ سوالي، ڪندو ڇا ڪمالي،
باري بــــــي مثالي، ڀري ڀــــــاڻ ڏيندو.

مالڪ مھربان آهي

مٺا توتي مالڪ مھر بان آهي،
رب توتي راضي سو رحمان آهي.

پرت پڙهڻ سان، پڙهي تون پارج،
وعدو وفا جو تو وهي وسارج،
ڪرم تنھنجو ڪامل، هي قرآن آهي.

ويري تنھنجا واحد والي وڃايا،
رولي رڻن ۾ تنھن ماري مڃايا،
ڏس قادر ڪنن کي، هنيو ڪان آهي.

لکيو تنھنجو لالن ﷲ ڪھڙو آگي،
خبر آ خدا کي، ڪا ڪل ناهي ڪانگي،
مشڪل تنھنجو مولا، ڪيو آسان آهي.

ساريان سدا ”گل“ ستار صاحب،
نبي تنھنجا سڀئي نوري ۽ نائب،
سختيءَ ۾، ساڻي سو سجان آهي.

”گل“ مارئي جي ويس ۾ (سر مارئي)

ﷲ شال مارن جو منھڙو ڏيکاري،
هيء ماندي مري ٿي، سنگهارن کي ساري.

ڪڍ تون قيدياڻي، جهٽ پٽ جهانگياڻي،
نہ ساعت سھي ٿي، هيءَ صبر سانگياڻي.
عمر اباڻي وڃان شل، پت پنھنجي پاري.

وطن وڃڻ لئي، مارن ملڻ لئي.
نيڻ نھارو ڪن، ڏوٿين ڏسڻ لئي،
پرين پسڻ لئي، ٿي پلپل پو ڪاري.

دم دم دراڙيون، سونھن سنگهاريون،
گجريون گهٽين ۾، اهو لڏڻيون لوياريون.
منھنجيون موچاريون، ويو دلڙي ڌتاري.

هو سرتيون سکن ۾ کير کٽن ۾،
ويٺيون ولوڙن پريون پکن ۾،
ڪٺڙي قيدن ۾، هي ”گل“ ٿي گذاري.

کٿيرين جي کٿي

کٿيرين جي کٿي خاصي، لڱن تان ڪين لاهينديس،
اٿم اوڍي جا انگ تي، سا لاشي سان لٽائينديس.

ڪٿي جا ڪالھہ مون ڪئي، ويڙهيچن جي وچ وهي،
ويندي سا نيٺ ڏهيون ڏيئي، نہ وطن جو ويس وڃائينديس.

رسم ريشم سندي راجا، ناهي پاڙي پنوهارن جي،
ڪري آئون آئون ريت راڻين جي، نہ لوئي کي لڄا ئينديس.

لڳي لھري تي لاهيان لاکي، تہ ٿيا ڀا ڳين ۾ بيساکي،
پسي ان جي پٽي پانکين نہ ڀورا خود ڀلائيندس.

ڏسي ”گل“ چئي هي گل ڪاريون، تنھنجا فيشن هي ڦل ڪاريون.
حويليون هنڌ هٻڪاريون، هرکي هي نہ هنڊائينديس.

رب راضي ٿيو مٿي ماروئن

راضي ٿيڙو رب رحمان، مارن تي ڪيا مينھن مانداڻا.

قادر ڪڪر مُڪا اڄ ڪارا ڪرماً پنھنجي قدرت وارا،
ساري ساڙيھہ تي سبحان، وڄون وسايون پرور پاڻا.

رم جهم ريجن ريلون ڇيلون، ٻاٻاڻن تي ٻيلون ٽيلون،
بوند بھاريون ڪيون بُرهان، ڏيھہ وسي پئا سڀ ڏاڏاڻا.

بادل پرسي، بر ٿر ڀريا، ويڙهيچن جا وارا وريا.
ان تي آگي ڪيا احسان ملڪان ملڪ ٿيا مانڌاڻا.

سر ها ٿيا سدا ”گل“ سانگي جهر جهنگ جام گهمن ٿا جهانگي،
مولى ٿيڙو مھربان سو سو رنگن ساڻ ساماڻا.

سارنگ جا سينگار

سارنگ سئو سئو ڪيا سينگار، ساوا سبزا، سر سر ۾.

مولي ڪيا مينھن ملھاريون وسي ڀريا ويء ولھاريون،
سائين سانوڻ ڪيا سڪار، ويڙھہ وطن جي ور ور ۾.

ڇڇر ڇنن ۾ ڪئي ڇانڇر، ويڙهيچن تي وٺڙي واڇر،
ڪنڍيون ڪڏيو ڪن ڪُڏ ڪار ڪڪيون ڪاريون ڪرڪر ۾.

بادل ڪيئون بوندون بھاريون ڪڪر ڏسيو ڪن ڪوڏ ڪنواريون،
جيڏين جام ڪيا جنسار، گل ڦل چونڊي، گهر، گهر ۾.

سينگارين ۾ سونھن سدا ”گل“، ڳاڙهيو ڳوڙهيون آهن ڳلا ڳل،
ويس وڳا ڪيو ويڙهين وار ٿاريليون سي ٿر ٿر ۾.

بي ننگو بادشاھہ

آهين ڪو بي ننگو باشا، پنھنجو ننگ نہ نھارين ٿو،
رکي لالچ ٿيو لوڀي پنھنجي لڄ ڇو لٽائين ٿو؟

اکيون کولي عمر تون اچ، رڳو مورت ڏسي نا مچ،
توکي سائين چوان ٿي سچ، پنھنجو وڙ ڇو وڃائين ٿو؟

آهين راڻو تون راجا ٿي، ڇڏي بڇڙي تون باشا ٿي،
هتان لک ويا سي لاشا ٿي، ڪنگالڻ ڇو ڪڪائين ٿو.

اسان گذران گولون ”گل“ ٻئا ڦوڳن سندا جي ڦل،
نڪو موتي اسان وٽ مُل، تڏهن تون منھن مَٽائين ٿو.

ڪوڪون ڪوٽ تي

ان لئي رت رڙي، جن سان جيءَ جڙي،
ڪيم ڪوڪارون ڪيڪون ڪوٽ چڙهي.

مارو مال ڪاهي، سانگي ويا پنھنجي سانگي،
اهو حال هلايو، ڪلھہ مان سان ڪانگي.

ڇڏي ڪک ويئڙا لک، ڦٽائي ماڳ مڙهي،
لڏي لس، ويئڙا وس، چڙهي مٿي چانگهي.

ڇڏي رس وٺي گس، لنگهيا وڃي لانگهي،
هتان سو سنگهار ويا هزار تن لويارن ڪانہ لڙي.

ڇڏي چاھہ ويا شاھہ اوکي پنڌ اڻاڳي،
بيواھہ مٿي راھہ رئان منجهہ روانگي.

تن جو ذڪر تن جو فڪر، پيڃارا ڏس پڙهي،
حاجي هوش ڏي تون گوش، ٻانگ ڏني ٻانگي.

پلنگ تي ارموش، ستي ڪنھن جي سانگي،
تو جيڏيون، تو وٽان ويون لڪ لڙي.

وٺڙي مان وڃان !

منھنجي مٺڙن ماڙيچن ڏي، وٺڙي مان شال وڃان،
مون کي آهي اميد اڃان ﷲ هي الا....
منھنجي مٺڙن ماڙيچن ڏي.

اکيون اَباڻي پار ڏي، مان سارو ڏينھن سَڃيان ﷲ هي الا....
منھنجي مٺڙن ماڙيچن ڏي.

پھون چارينديس پانور ۾، مان تہ رهي منجهہ رڃان ﷲ هي الا....
منھنجي مٺڙن ماڙيچن ڏي.

ٻانھيون ٻيڙا ٻانھوٽا، تنھنجا ڀيري مان تہ ڀڃان، ﷲ هي الا....
منھنجي مٺڙن ماڙيچن ڏي.

سدا ”گل“ چئي سومرا تنھنجون منٿون ڪين مڃان، ﷲ هي الا....
منھنجي مٺڙن ماڙيچن ڏي.

اُداسي مان آهيان !!

عمر اُداسي اَباڻن لئي آهيان،
ساريون سانگين کي پئي ڪانگ اڏايان.

باھہ ڏيان تنھن بازوبند کي،
ٻانھيون ٻيڙا ساڙ يا سڀن کي،
گندي گوڏ واري، لوئي نہ لڄايان.......

سونا مينا جهالر جهوريان،
ڪنگڻ ڪڙو ڀڃي تنھنجا ڀوريان،
کٿي کاهڙ جي لاکي نہ لاهيان…

پلنگ پٽولا آئون کانيان کٽن کي،
مارو ڏسان شل موٽي مٺن
اٿم تات تن جي، وائي نہ وساريان…

سڪ ۾ سدا ”گل“ منھنجون اکڙيون اوڏاهين،

نيڻ نچويان، جهانگي جيڏاهين
عمر انھن کي اڄ اڪنڍي آهيان…
گل مومل راڻي جي ويس ۾

رسي رات راڻو رئاري هليو ويو،
منھنجو ڏيل ڏک ۾ سو ڏاري هليو.

منھنجون ميڙ منٿون، ٻئا هيلا هزارين،
مڃين ڪين مورئون ميساري هليو ويو.

سوين پانڌ پٽڪا، مون پاتا پرين کي،
ٿڏي ٿڏن سان، ٿڏاري هليو ويو.

سدا ”گل“ کي سھڻو اڄ سيني ۾ سرتيون،
ٻيڻي آڳ اندر اُٿاري هليو ويو.

گل : سسئي جي ويس ۾

ور وٺي وارث ويا، اڄ ڪيچ تنھن ڪوهيار کي،
هٿ کڻيو، هڪلون ڪريو، پٽيو ڏسي تنھن پار کي.

ڏسڪا ڀريو ڏونگر مٿي ٿي، ڏک منجهان ڏاهي ڏري،
واڪا ڪريو ڪريو وجهليو ويچاري، پئي وڃي وڻڪار کي.

سڏڙا سپرين کي سوين ڪريو سوز مان سسئي سڏي،
بيھو بلوچا مون بنديءَ لئي، موڙ ڏيئي مھار کي.

ڏينھن آھہ ٽامڙي توڏا وڃن تڙيو تکا،
هيء ڪميني ڪيئن رسي، ٻانڀڻ ٻاروچي ٻار کي.

ساٿي سنجهي کان ويا سدا ”گل“، ڪالھہ سي ڪوھہ ڪاف تي،
ڪلمون چئي سي قرب مان، وڃي ڌر مليا دلدرر کي.

پنھون جي پيرن جي خاڪ

پنھل جي پيرن سندي، اڄ خاڪ ڀينر مرهجان،
قافلي ڪيچين سندي، گولي اديون گهر گهر هجان.

جاسين جيان ٿي جيڏيون، جيئري جتن جي جوء ۾،
تاسين ڪنيزڪ ڪيچ جي، دائي اديون در در هجان.

آئون ٻھاريدار ٻانھي ٻول ٻاروچي ٻڌي،
زر خريدي زائفان، ظاهر اديون زر زر هجان.

شل پرين کان ٿي نہ پاسي پل گذاريان آئون پري،
حرم هوت حبيب جي حاضر اديون هر هر هجان.

سربراهيءَ ۾ سدا ”گل“ رات ڏينھن انجي رهان،
ڀيڙي بلوچن بورچياڻي ڀل اديون برسر هجان.

عشق وڃايو شعور

عشق وڃايم شرم ۽ شعور، برھہ ڪيس بڇڙي،
ملڪن ۾ مشھوري..
ائين جي ڄاتم نينھن نہ لاتم،
پرت پنھل سان پيچ نہ پاتم،
پوءِ تہ پرينءَ جا نہ سانڍيم سور....

ننگ ڇڏي ٿيس نانگي ن وري،
پٺيان پنھل جي ٿئس ڀوري گهوري،
عشق عقل جي، ڀڳي باز بھور....

هاڻي هوتن جا ڳڻ ٿي مان ڳايان،
لڙڪ اکين مان لک ٿي لاهيان،
نئين سج نھاريو نچوڙيان نور....

سمجهہ وڃايم سدا ”گل“ صحبت،
مڙيئي منجهايم، متيون محبت،
ڪھت ڪيچين جا مون ڪيا منظور...

وڃايم ننگ

ناحق وڃايم ننگ ٿي نانگي،
لڄ تہ لکن جي ڪيم سرتيون سھانگي.

گهر ڇڏي، ٿيس گگهيلڻ،
ٻانڀڻ بروچ جي ٻانھي ٻيليڻ،
پرت پنھون جي آھہ اُهکي اڙانگي.

قرب ڪيچين سان ڪروڙ ڪيا مون،
جيڏيون جتن سان ڪي جوڙ ڪيا مون،
ڇڏي تہ ڇوريءَ کي ويا جهنگ ۾ جهانگي.

اديون اُٺن جي آئون پٺ ۾ پيس،
رئندي رڻن ۾ ور ڏي ويس،
ٻيلھہ ٻاروچي، هي نيئي نہ نڀاڳي.

سور سدا ”گل“ آهيان ستائي،
پيرن کان ٿي چوٽي تائين،
ڪونہ ڪيچين مان ڪو وريو وانگي.

ڏيرن چڱي ڪانہ ڪئي

مون سان ڏير ويا چڱي ڪانہ ڪري.
منھنجو پنھل ٻڌي ويا ٻان ڪري.

رات رُليءَ کي ويا رڻ ۾ رلائي،
ڀينر ڀوري کي ويا بر ۾ ڀلائي،
منھنجو مروئن سان ويا مڪان ڪري.

ڀائر پنھل جا مون سان بڇڙي ڪري ويا،
هوت بنان مون کي هيڪڙي ڪري ويا،
هاڻي رحم مٿن ڪو رحمان ڪري.

مھند مُٺيءَ کان هو مڙد مٽي ويا،
سنگت ڇني ساٿي سُڃ ۾ سٽي ويا،
ور کان سواء مون ويران ويا ڪري.

سو رسدا ”گل“ ڪنھن کي سڻايان،
ڳالھيون ڳڻن جون مان ڪنھن سان ڳڻايان،
جيرا جلن جلن ٿا، جولان ڪري.

گل ليلان جي روپ ۾

اچي ساڄن يار سرچايو.
جيڏيون، مون کي بخت ڀلايو....
اچي ساڄن…!

ڦٽي هن ڦلھيار تي، مون سو راجا رُسايو......
اچي ساڄن…!

دل رکي مون ڌوڙ تي، ڪامل، يار ڪڻٽايو ....
اچي ساڄن…!

ميڙ هلو مان سان جيڏيون، ڄام چنيسر پرچايو.......
اچي ساڄن…!

گوش ڏيئي گل چئي آگا عرض اگهايو ..........
اچي ساڄن…!

پچارنہ ڪئج پنوهارن

رڙين ڇو رُئين ٿي، سڙين لئي سنگهارن،
تنھنجي تہ ڪا نہ ڪئي، پُڇا هت پنھوارن.

توکي تات تن جي، ٻولي ٻي نہ آهي،
اُنين کي اوسئيڙو، اڃان تائين نہ آهي.

ويٺا هو وساري، ويڙهيچا ولھارن،
تو وٽ مٽ ماڻيچا، اڃان ڪين آيا.

اکين اوجاڳا، نہ اوڳي نہ آجايا،
هو سانگي ٿيا سجايا، ساوا ڪيا سڪارن (نامڪمل).

بديون لاھہ بندي ء تان

لکيو مون تان لاهي، بَدَين جي بار جو،

پوان پئي پانھين، احمد ڄام اڄ تائين،
مديني جا سائين، وسيلو ٿي وار وار جو.

جبل وڌيس جهوري ڏسان آئون ڪيئن ڏوري؟
عربي اچ تون اوري، پتڻ ٿي هن پار جو.

(هي مولود پني ڦاٽي وڃڻ ڪري نامڪمل آهي)

نا مڪمل شعر

تسبيح ڦيرئين تڪڙي تڪڙي،
فائق تي ڪريو فڪڙي ڦڪڙي،
ائين نہ سرچي ٿو سبحان .

جهنڊڙو ٿيو، ٿو جهاتيون پائين،
قلب اندر ٿو ڪاتيون لائين،
رب معلم سڀ روحان.

بدگماني بغض برائي،
ڪڏهن نہ ڪچ تون پرس پرائي،
”گل“ گذر جو آهي مڪان.