جيل ڊائري

اٽڪ قلعي کان

جنرل ضياءَ جي آمريت منجهہ ڪيل ’آپريشن گئليڪسي‘ دوران، جنوري 1984ع ۾، هِن ڪتاب جي ليکڪ ميجر آفتاب ۽ سندس ڪجهہ ساٿين کي،”آئيني حڪومت جو هٿياربند [مسلح] قوت وسيلي تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ۽ مملڪت جي سلامتيءَ کي لاڳو خطرن بابت پرچار ڪرڻ جي ڏوھہ ۾ گرفتار ڪيو ويو.“ ان ’آپريشن‘ جو عام نالو ’اٽڪ سازش ڪيس‘ سڏيو ويو، جنھن جو پڇاڻو، هڪ سال کان پوءِ جنوري 1985ع ۾، پڪڙيَلن کان شروع ڪيو ويو. جنھن ۾ مٿس، ساٿين سميت، فوجي ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويو، تہ ميجر آفتابَ ان ڪورٽ آڏو جيڪو بيان ڏنو، ان کي ڪجهہ ٻين تفصيلن سميت، هڪ ڪتاب جي صورت ۾ ”اٹک قلعے سے“ نالي سان، 1990ع ۾ڇپايو ويو.

  • 4.5/5.0
  • 73
  • 33
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book اٽڪ قلعي کان

حق ۽ واسطا

ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي(رجسٽرڊ) قنبر جو ڪتاب نمبر (71)
© ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (رجسٽرڊ) قنبر 2023ع
[هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي 26-هين ورسيءَ جي
موقعي تي، اپريل 2023ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو.]

ڪتاب: اٽڪ قلعي کان
ليکڪ: ميجر آفتاب احمد
سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
تدوين: ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
ٽائٽل: ڊاڪٽر احسان دانش
پھريون ڇاپو: مئي 1990ع، لطيف ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻو.
ٻيو ڇاپو: اپريل 2023ع
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
قيمت: 600 رپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com
2024ع

“Atak Qiley Khaan”
[A translation of the book in Urdu language with title
“Atak Qiley Se” (اٹک قلعے سے)]
Author: Major Aftab Ahmed
Translated by: Dr. Muhabbat Buriro
Edited by: Dr. Riazat Buriro
1st Edition: May 1990, By: Latif Adabi Academy Larkano
2nd Edition: April 2023
Published by: Dr. Muhabbat Academy®, Kamber
E-mail: drmuhabbatacademy@gmail.com
riazatburiro@gmail.com
هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر جي چيئرمين پروفيسر منظور ڇڄڙي،
قيوم پريس وٽان ڇپائي، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي پاران پڌرو ڪيو. 

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ميجر آفتاب احمد جي لکيل اردو ڪتاب جو سنڌي ترجمو ”اٽڪ قلعي کان“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو سنڌيڪار ڊاڪٽر محبت ٻرڙو آھي.
جنرل ضياءَ جي آمريت منجهہ ڪيل ’آپريشن گئليڪسي‘ دوران، جنوري 1984ع ۾، هِن ڪتاب جي ليکڪ ميجر آفتاب ۽ سندس ڪجهہ ساٿين کي،”آئيني حڪومت جو هٿياربند [مسلح] قوت وسيلي تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ۽ مملڪت جي سلامتيءَ کي لاڳو خطرن بابت پرچار ڪرڻ جي ڏوھہ ۾ گرفتار ڪيو ويو.“ ان ’آپريشن‘ جو عام نالو ’اٽڪ سازش ڪيس‘ سڏيو ويو، جنھن جو پڇاڻو، هڪ سال کان پوءِ جنوري 1985ع ۾، پڪڙيَلن کان شروع ڪيو ويو. ان ’آپريشن‘ کي ليکڪَ پنھنجي عدالتي بيان ۾ ”هڪ وڏو ۽ گهڻن مقصدن وارو ڊيگهارو ناٽڪ“ سڏيو آهي، جنھن ۾ مٿس، ساٿين سميت، فوجي ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويو، تہ ميجر آفتابَ ان ڪورٽ آڏو جيڪو بيان ڏنو، ان کي ڪجهہ ٻين تفصيلن سميت، هڪ ڪتاب جي صورت ۾ ”اٹک قلعے سے“ نالي سان، 1990ع ۾ڇپايو ويو.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1990ع ۾لطيف ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻو پاران ۽ ٻيو ڇاپو ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، قنبر پاران 2023ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون ڊاڪٽر رياضت ٻرڙي جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ٻئي ڇاپي جا ”ٻہ اکر“

اسان جي سڄاڻ ۽ باشعور سياسي ۽ سماجي ساٿِي ۽ رهنما، ۽ علم، ادب، فلسفي ۽ لسانيات جي شعبن ۾ پاڻ ملھائيندڙ مانائتي محقق ۽ مترجم ڊاڪٽر محبت ٻُرڙي جو، پنھنجي نالي ”محبت“ سان ڇپيل هيءُ پھريون ڪتابُ ”اٽڪ قلعي کان“ هو، جيڪو اپريل 1990ع ۾ ڇپيو، نہ تہ ان کان اڳ ڇپيل سندس سياسي-ادبي ڪتابن تي قلمي نالا، جھڙوڪ ”لطيف، سڄڻ، مھراڻ مگسي“ وغيرہ ڏنا ويا هئا.
پاڪستان ۾، جنرل ضياءَ جي آمريت منجهہ ڪيل ’آپريشن گئليڪسي‘ دوران، جنوري 1984ع ۾، هِن ڪتاب جي ليکڪ ميجر آفتاب ۽ سندس ڪجهہ ساٿين کي،”آئيني حڪومت جو هٿياربند [مسلح] قوت وسيلي تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ۽ لشڪرن [فوجن] ۾ مارشل لا، ڪُلڇڻائيءَ [بدعنوانيءَ]، عوام جي سڀ طرفي ڦُرلٽ [استحصال] ۽ مملڪت جي سلامتيءَ کي لاڳو خطرن بابت پرچار ڪرڻ جي ڏوھہ ۾ گرفتار ڪيو ويو.“ ان ’آپريشن‘ جو عام نالو ’اٽڪ سازش ڪيس‘ سڏيو ويو، جنھن جو پڇاڻو، هڪ سال کان پوءِ جنوري 1985ع ۾، پڪڙيَلن کان شروع ڪيو ويو. ان ’آپريشن‘ کي ليکڪَ پنھنجي عدالتي بيان ۾ ”هڪ وڏو ۽ گهڻن مقصدن وارو ڊيگهارو ناٽڪ“ سڏيو آهي، جنھن ۾ مٿس، ساٿين سميت، فوجي ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويو، تہ ميجر آفتابَ ان ڪورٽ آڏو جيڪو بيان ڏنو، ان کي ڪجهہ ٻين تفصيلن سميت، هڪ ڪتاب جي صورت ۾ ”اٹک قلعے سے“ نالي سان، جنوري 1990ع ۾، مڪتبہء فڪر و دانش لاهور پاران، ڇپيو ويو، جنھن ۾ فوج جي تنھن وقت تائين ادا ڪيل ڪردار تي ڳالھايو ويو آهي، ۽ ان ”بيان“ جِي ان ڪري تِھائين وڌيڪ اهميت آهي جو اهو هڪ ميجر پاران ڏنل آهي.
ان اهميت سبب ئي ميجر آفتابَ جي اِن ڪتاب جو ترجمو فيبروري ۽ مارچ 1990ع دوران، ڊاڪٽر محبتَ پنھنجيءَ ڪمال وابستگيءَ سان، سھڻيءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو جيڪو بنا دير اپريل 1990ع ۾ ئي ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ عام مقبول ٿيو.
ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ پاران، تسلسل سان، ڊاڪٽر محبت جا اڻ ڇپيل توڙي ڇپيل ۽ تخليقي توڙي ترجمي جا ڪتاب ڇپجندا رهيا آهن، جڏهن تہ ڪجهہ ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊميءَ، سِي پِي سِي ايس ۽ روشني پبليڪيشن پاران بہ ڇپيا آهن. هيءُ ڪتاب پڻ ان نيت سان ڇپرايو پيو وڃي، تہ نہ صرف هڪ اهم ڪتاب پڙهندڙن جي پڙهڻ لاءِ ميسر هجي، پر ڊاڪٽر محبت جا لکيل ۽ ترجمو ڪيل سڀ ڪتابَ بہ علمي ۽ ادبي دنيا ۾ موجود هجن، تہ جيئن انھن منجهان فڪري لاڀ حاصل ڪري سگهجي.

- ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
14-اپريل 2023ع، ڪراچي

”اٽڪ قلعي کان“ (مختصر رايو)(1)

هِن ڪتاب کان اڳ ڊاڪٽر محبت جا مختلف موضوعن تي ٻيا ڪيترائي مضمون ترجمو ٿيل ملن ٿا، پر ڪتابي صورت ۾ سندس هيءُ پھريون ترجمو آهي، جيڪو ڇپجي منظر عام تي آيو. هن ڪتاب کي لطيف اڪيڊمي لاڙڪاڻو 1990ع ۾ ڇپرايو. ان جو ٽائيٽل خدا بخش ابڙي جو ڊزائين ٿيل آهي، جيڪو جبر، استبداد ۽ اظھار جي آزاديءَ جي صلب هجڻ جو واضح ۽ نمايان عڪس پيش ڪري ٿو.
ڪتاب ”اٽڪ قلعي کان“ ميجر آفتاب، جيڪو پاڪستاني فوج جو هڪ اهم آفيسر ۽ اٽڪ سازش ڪيس جو مُک مجرم آهي، ان جي ’قيد-ڪٿا ۽ سزا-ڪھاڻي‘ تي مشتمل آهي. ميجر آفتاب کي 2 جنوري 1984ع تي هٿياربند قوت وسيلي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ فوج ۾ حڪومت خلاف بغاوت پيدا ڪرڻ جي ڏوھہ ۾ ٻين هزارين بري، بحري ۽ فضائي فوج جي آفيسرن ۽ جوانن سان گڏ گرفتار ڪري، اوجهڙِي ڪئمپ ۽ ٻين انيڪ اذيت گهرن ۽ قيدخانن ۾ باندي بڻايو ويو. ان دوران ملڪ ۾ جيڪو ڪجهہ وهيو واپريو، لٽ مار ٿي، لاقانونيت ۽ ناانصافيءَ جو راڄ قائم رهيو، عوام جي آزاديءَ ۽ اظھار جي بنيادي حقن کي هڙپ ڪيو ويو، آمر جنرلن مڪاريون ڪيون، ملڪي ناڻي کي ڀيليو ويو ۽ مڪار حڪمرانن جيڪا ڦرلٽ ڪئي، ان سموري منظرنامي جو هڪ لونءَ ڪانڊاريندڙ ۽ دردناڪ داستان آهي، جيڪو فوجي طاقت جي عتاب هيٺ آيل هڪ فوجيءَ انتھائي اثرائتي ۽ جرئتمنداڻي انداز ۾ نہ فقط رقم ڪيو، پر خصوصي فوجي عدالت اڳيان بيان پڻ ڪيو آهي. حقيقت ۾ هيءُ ڪتاب هڪ اهڙو اهم دستاويز آهي، جيڪو نہ صرف ملڪي تاريخ جي هڪ دَور جي درد ۽ ڪرب جي تصوير کي چٽي نمونيءَ سان پيش ڪري ٿو، پر ان سان گڏوگڏ ملڪ جي فوجي جنتا جي اندروني ڪٿا جا ڪيئي لڪل ورق پڻ ورائي ٿو. ڊاڪٽر محبت هن ڪتاب جي ترجمي جي چونڊ ڇو ڪئي، ان بابت هُو پاڻ ’سنڌيڪار پاران‘ ۾ لکي ٿو، ”هڪ فوجي ميجر جو پاڪستاني فوج جي عام توڙي خاص ڪردار تي خصوصي فوجي عدالت ۾ اهو بيان جيڪو پاڪستان ۾ ئي ڇپجي، وڏي ڳالھہ آهي... عام طرح جيڪو بہ چڱو ڪتاب ڪنھن بہ ٻوليءَ ۾ پڙهندو آهيان، پڙهڻ کان پوءِ سوچيندو آهيان، تہ جيڪر اهو ڪتاب سنڌيءَ ۾ بہ هجي تہ جيئن گهڻي کان گهڻا سنڌي پڙهي سگهن. انھيءَ جذبي هيٺ هي ۽ ڪجهہ ٻيا ڪتاب، مضمون، پمفليٽ وغيرہ ترجمو ڪيا اٿم... منھنجي آس آهي، تہ سنڌي ماڻھو هر اهو ڪتاب پڙهي، جنھن سان اختلاف رکندي بہ، پنھنجي جدوجھد ۽ ڇوٽڪاري جي راھہ سمجهي، ان تي هلي سگهجي ۽ هر قسم جي ڦرلٽ، ڏاڍ، غلامي ۽ مظلوميت مان نجات ماڻجي.“ ڊاڪٽر محبت، 181 صفحن [پھريون ڇاپو ايترن صفحن تي مشتمل هو] جو هي ڪتاب پنجويھن ڏينھن جي محدود عرصي اندر ترجمو ڪيو آهي، پر ان جي باوجود ان ۾ ڪٿي بہ تڪڙ ۽ ويڙھہ سيڙھہ جو احساس نہ ٿو ملي. ٻوليءَ جي سُپڪ ۽ سندر استعمال کان وٺي خيال جي تز بيان تائين هر جملو پنھنجي جوڙجڪ ۾ نہ رڳو سونھندڙ ۽ سيبائتو محسوس ٿئي ٿو، پر ان سان گڏوگڏ ڀرپور مفھوم ۽ معنى جي ادائگي بہ آسانيءَ سان پيش ڪري ٿو.
محبتَ عام مترجمن وانگر هن ترجمي-ڪتاب ۾ پنھنجي خيالن ۽ نظرين جي پرچار ۽ ٽنب ٽاڻ نہ ڪئي آهي، پر تخليقڪار جي نقطئہ نظر سان اختلاف باوجود عبارت ۽ تحرير کي ايمانداريءَ سان الٿو ڪري پڙهندڙ اڳيان پيش ڪيو آهي. هُو هن ترجمي ڪتاب جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو، ”مون کي ذاتي طرح ميجر آفتاب جي بيان ڪيل ڪيترين ئي ڳالھين سان اختلاف آهي، پر ترجمو ڪندي مون ڪٿي بہ پنھنجن جذبن ۽ سوچن کي ان ۾ سمائڻ جي ڪوشش نہ ڪئي آهي... اختلاف هوندي بہ هيءُ ڪتاب ترجمو ڪيم، رڳو ان ڪري، جو ان ۾ منھنجي مظلوم قوم سان گڏوگڏ پاڪستان جي سڀني مظلوم قومن ۽ ان جي سموري مظلوم عوام جي هڪ انتھائي خطرناڪ دشمن کي تفصيلن ۽ دليلن سان بي نقاب ڪيو ويو آهي.“
هن ترجمي-ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محبت، ترجمي جي سلاست ۽ عام فھميءَ جي سلسلي ۾ هڪ اهم ڪم اهو ڪيو آهي، تہ هن نہ رڳو اردو لفظن جا سنڌيءَ ۾ عام فھم ۽ سولا متبادل لفظ استعمال ڪيا آهن، پر انگريزيءَ ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيترن ئي لفظن جا پڻ آسان سنڌي لفظ ڪتب آندا آهن، ايتري تائين جو هن ڪيترن ئي اردو توڙي سنڌيءَ ۾ عام طور استعمال ٿيندڙ انگريزي لفظن جا سھنجا متبادل لفظ ڏنا آهن. جھڙوڪ: پريس (خابرو ادارو)، فائرنگ اسڪواڊ (گوليون هڻندڙ جٿو)، چارج شيٽ (ڏوھہ ــ چٺي)، ملٽري (لشڪر) ۽ انفنٽري آرمي (پيادي فوج) وغيرہ، جنھن عمل سان هُن هڪ طرف سنڌيءَ ۾ نئين اصطلاحسازيءَ جي هڪ وک کنئي آهي، تہ ٻي طرف ترجمي کي روان ۽ سنڌي ٻولي جي مزاج ۽ فطرت موافق بنائڻ جي سھڻي ۽ صحتمند ڪوشش ڪئي آهي.

- ڊاڪٽر فياض لطيف


_____________
( 1) ڪتاب ”محبت جن جي من“ [2017ع، مرتب: رياضت ٻرڙو] ۾ ڇپيل ڊاڪٽرفياض لطيف جي مقالي”ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ترجمن جو تنقيدي جائزو“ مان ورتل.

پھريان ٻہ اکر (پھرئين ڇاپي جا)

منھنجو دوست آهي نظير شيخ، لکڻ سان مائٽي گهٽ. هر وقت چئبس تہ چوندو ”ڪنھن ڏينھن لکبو، اهڙو لکبو چئي کڻي بس ڪر.“ اسان ان اهڙي ”ڪنھن ڏينھن“ جي انتظار ۾ ويٺا آهيون. هي ڪتاب پڙهي، نيڪيءَ جا جيڪي جملا چئي سگهيو، سي چيائين. مون ڪتاب کڻي سنڌيڪار کي چيو تہ هيءُ ”4 اپريل تي ڪڍجي“. بنا دستاويز، زباني انجام تي هن 25 ڏينھنِ ۾ ترجمو ڪري موڪلي ڏنو. ڪتاب زبردست آهي. ان جو هڪ سبب اهو بہ آهي تہ هيءُ هڪ فوجيءَ جو لکيل آهي. ڪتاب اوهان جي آڏو آهي. قيمت گهٽ کان گهٽ ان ڪري رکي وئي آهي جيئن گهڻي کان گهڻا پڙهي سگهن. اردوءَ ۾ هٿ لکائيءَ سان هِن ڪتاب جي قيمت 80 رپيا آهي ۽ اسان 50 رکي آهي. سنڌيڪار پاران ترجمي ۾ نوان، نج نبار سنڌي لفظ ڪتب آندا ويا آهن. مون انھن تي ڪجهہ بحث ڪيو پر سنڌيڪار چواڻي تہ ”لکڻ شروع ڪبا تہ رواج پئجي ويندو“.

- ڊاڪٽر ايوب شيخ
13-مئي 1990ع، ڪراچي

سنڌيڪار پاران

شھيد عوام فاضل راهوءَ جي ورسي سنڌ ۾ نين انقلابي روايتن جي امين ٿي پئي آهي. هت انقلابي جذبو وڌيڪ جوان ٿيندو آهي، تنظيم ٿيندي ۽ پنھنجائپ وڌندي آهي ۽ ماڻھو نِت نيون امنگون کڻي موٽندا آهن ــــ جيئن فاضل راهو جيئري هو، تيئن شھادت کان پوءِ بہ آهي.
فاضل صاحب جي ٽين ورسيءَ جي موقعي تي نون آيل ڪتابن ۾ هڪ ”اٹک قلعے سے“ (اردوءَ ۾) هو، هڪ فوجي ميجر جو پاڪستاني فوج جي عام توڙي خاص ڪردار تي، خصوصي فوجي عدالت ۾ اهو بيان جيڪو پاڪستان ۾ ئي ڇپجي، وڏي ڳالھہ آهي! ڪتاب پھرين سٽ ۾ ئي پڙهي پورو ڪيم ۽ عام عادت موجب ان جا ڪارائتا ٽڪرا دوستن کي ٻڌائڻ لڳس.
عام طرح جيڪو بہ چڱو ڪتاب ڪنھن بہ ٻوليءَ ۾ پڙهندو آهيان، پڙهڻ کان پوءِ سوچيندو آهيان تہ جيڪر اهو ڪتاب سنڌيءَ ۾ بہ هجي، تہ جيئن گهڻي کان گهڻا سنڌي پڙهي سگهن! انھيءَ ئي جذبي هيٺ ڪجهہ ڪتاب، مضمون، پمفليٽ وغيرہ ترجمو ڪيا اٿم.
سنڌي ماڻھو پاڻ پڙهن، پاڻ سوچين، پاڻ ڇنڊڇاڻ ڪن، نت نئين ڏينھن نون جذبن ــــ ڇوٽڪاري، سڀَ جي سُک، ڀلائيءَ، ڀائپيءَ، سلڇڻائيءَ، اورچائيءَ، سورهيائيءَ، ماڻھپي وغيرہ جي جذبن سان ٽمٽار ٿي، ڏکن ڏوجهرن، غلاميءَ ۽ محڪوميءَ مان جند ڇڏائڻ لاءِ حياتيءَ جي هر شعبي ۾ ڌُوڪي ڪاهي پوَن، تہ جيڪر پنھنجو مقصد پورو ٿيندو سمجهان.
اهو ضروري ناهي تہ سڄيءَ دنيا ۾ جيڪو بہ ڪتاب لکيو وڃي، اهو منھنجن سنڌي ماڻھن جي پسند ۽ معيار موجب لکيو وڃي. اهو بہ ضروري ناهي تہ اسين رڳو پنھنجي ئي پسند موجب پڙهون. هر ڄاڻ جي سرچشمي مان جيترو وڌيڪ ڍڪ ملي پوي، پيئجي يا سنڀالي رکجي، ۽ ان ۾ ڀلائي آهي تہ ٻين کي آڇجي.
مون کي ذاتي طرح ميجر آفتاب جي بيان ڪيل ڪيترن ئي ڳالھين سان اختلاف آهي، پر ترجمو ڪندي، مون ڪٿي بہ پنھنجن جذبن ۽ سوچن کي، هن ۾ سمائڻ جي ڪوشش نہ ڪئي آهي، تان جو افغان ڀاڄوڪڙ، انقلاب دشمن ۽ سامراجي دلال کي بہ ليکڪ جي لکت موجب ”افغان مھاجر“ ئي لکيم، بنگلاديش کي ”مشرقي پاڪستان“، وغيرہ.اختلافن هوندي بہ هيءُ ڪتاب ترجمو ڪيم، رڳو ان ڪري تہ هِن ۾ منھنجِي مظلوم قوم جي، پاڪستان جِي سڀني مظلوم قومن جي ۽ پاڪستان جي سموري مظلوم عوام جي انتھائي خطناڪ هڪ دشمن کي اگهاڙو ڪيو ويو آهي، نسبتن تفصيلي ۽ دليلن سان.
ترجمو ڪندي سوين جاين تي اندرُ ڪَڙهيو پئي. خاص طرح جڏهن بنگلاديش ۾ هلندڙ ظلم جي ڪھاڻي هئي يا ماڻھن تي ٿيندڙ تشدد جو قصو، تڏهن مون کي پنھنجِي سنڌ ۽ پنھنجا اٻوجهہ مسڪين ماريل مظلوم ماڻھو پئي ياد آيا، هر هر فوج چاڙهي اچڻ (۽ اڃا بہ ان جو سنڌ ۾ لاڳيتو رهڻ) ۽ سنڌي ماڻھن لاءِ قانون جي اڻھوند. مون ڏهن مھينن جون ڍُڪيون عورتون ٿاڻن تي ويٺل ڏٺيون آهن ۽ اهي ٻار بہ جيڪي اتي ئي ڄاوا ۽ کيڏڻ جھڙا ٿيا. ڏهن مھينن جي ڳُھراري بہ متان ڌاڙو هڻندي هجي پر ٿڃ-پيئاڪ تہ ڌاڙيل نہ ٿيندا آهن ــــ سنڌُ ٿڃ-پيئاڪ ڌاڙيل پئي ڄڻي! ڳوٺاڻن جو ڏوھہ اهو آهي تہ هُو سنڌي آهن ۽ شھرن ۾ وري دهشتگردن جو شڪار ٿيندڙ ماڻھن جو ڏوھہ اهو آهي تہ اهي سنڌي آهن ۽ دهشتگرديءَ جي ڏوھہ ۾ وري سنڌي ئي پڪڙيل ڏٺا اٿم ــــ ”سنڌي دهشتگرد“ جن کي جڏهن پنھنجن شھرن ۽ گهرن ۾ تحفظ نہ مليو، سرڪار کين ليسن نہ ڏنو ۽ هنن پنھنجي بچاءُ لاءِ لٺ باٺو هٿ ڪري ورتو.
قانون جي محافظن“ لاءِ ڪو قانون ڪونھي،
دهشتگردن لاءِ ڪو قانون ڪونھي،
قانون رڳو سنڌين لاءِ ۽ مظلوم ماڻھن لاءِ آهي!!!
قانون رڳو انھن لاءِ آهي جيڪي حڪمران ٽولي جي ڦورو مفادن خلاف آهن. حڪمران ٽولي لاءِ ڪو قانون ڪونھي، پوءِ ڇو نہ اهي انتھائي-غداري ڪندا هجن يا ڪو بہ انسانيت سوز ڏوھہ!
قانون، ساڳي ئي ڏوھہ ۾ حاڪم طبقن لاءِ هڪُ آهي، تہ ڦريل محڪوم طبقن لاءِ ٻيو، ظالم قوم ۽ ٽولي لاءِ هڪ آهي، تہ مظلوم قومن جي عوام لاءِ ٻيو.
جنھن ڏوھہ ۾ فاضل راهو لڳ ڀڳ اڍائي سال جيلَ اندر قيد ڪيو وڃي ٿو انھيءَ ساڳي ڏوھہ ۾ جهليل حاڪم ڦورو طبقي جا ماڻھو ڪجهہ ڏينھن ايئرڪنڊِيشنڊ بنگلن ۾ ”نظربند“ رکيا وڃن ٿا! طاقت ۽ اقتدار جي راند آ، ڏِٺا وائٺا قاتل ۽ ڄاتل سڃاتل دهشتگرد آزاد پيا گُهمن ۽ هزارين عام سنڌين سان ميل ملاقات لاءِ سندن ڳوٺ ۾ نہ، پر ٿاڻن تي وڃڻو پوي ٿو...
پڙهندي، سوچيم پئي تہ ڪاش! ليکڪ منھنجي ويجهو هجي ها تہ کائنس ڪجهہ سوال پڇجن ها، جيئن: جڏهن ”مشرقي پاڪستان“ ۾ ”گهريلو جنگ“ پئي هلِي يا جنرل ضياءَ بغاوت ڪئي، تڏهن ڇو هُن پنھنجو بيلٽ لاهي ڦٽو نہ ڪيو ۽ انتھائي-غداريءَ ۾ پاڻ بہ ايترو عرصو گڏ رهيو؟
۽ مون کي اهو بہ پڇڻو هو تہ جنرلن جي ”جالنڌر گروپ“ ۽ نمڪ حرام سنڌي دشمن مافيا جي وچ ۾ ڪھڙو ناتو آهي جو هڪ پاسي جالنڌر گروپ اقتدار ۾ اچي ٿو تہ ٻي پاسي سنڌي دشمن دهشتگردَ تنظيمي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا؟ وغيرہ.
منھنجي نيت هئي تہ
آءٌ پنھنجو هيءُ پورهيو
پاڪستان جي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرپرسن بينظير ڀٽو جي نالي منسوب ڪريان، انھيءَ درخواست سان، تہ جمھوريت جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ (اي آر ڊي) جِي پنڊيءَ واري گڏجاڻيءَ ۾ ڪيل پنھنجي قول کي پاڙي، تہ مرڪز وٽ رڳو چار کاتا ـــــ پرڏيھي معاملا، دفاع، ڪميونيڪيشن (گڏپ جا سرشتا) ۽ سِڪو ـــــ هوندا، باقي معاملن ۾ صوبن کي خودمختيار مڃيو ويندو، نہ تہ سندس قول ۽ ضياءَ جا ٻول ۾ ڪھڙو فرق رهندو، ڇو تہ باقي لڳ ڀڳ سڀ معاملا (سامراجي دوستي، پرڏيھي پاليسي، پاڪستان جي حقيقي مظلوم قوم ڏانھن رويو، رشوت، سفارش وغيرہ وغيرہ)تہ ائين ئي پيا هلن جيئن اڳ.
پر ڪجهہ دوستن چيو تہ ايترو سختيءَ سان نہ لِکُ، ڇو تہ ضياءُ آمر هو ۽ هيءَ جمھوريت پسند. آءٌ بہ اهو ئي سمجهان ٿو تہ آمريت ڏاڍَ ڀرِي ڪارِي رات آهي ۽ جمھوريت ٻاجهہ ڀَريو روشن ڏينھن ــــ ۽ ان ڪري ٻنھي ۾ فرق ايڏو ئي هئڻ گهرجي.
ائين نہ هجي، تہ اڳُ سنڌي ان ڪري پئي ماريا ويا جو اُهي آمريت دشمن هئا ۽ هاڻي اِن ڪري پيا ڪُسجن جو انھن جمھوريت لاءِ ووٽ ڪيو.
سنڌيءَ ۾ بہ سوين انگريزي لفظ سمائجي چڪا آهن پر ڀارتي لشڪري ٻوليءَ ۾ انھن جو واهپو ايترو وڌِي ويو آهي جو اردو لغت ۾ هزارين انگريزي لفظن جي معنى لکي پئي آهي. مٿان پاڪستاني فوج ۾ انگريزيءَ جي مھربانيءَ سان اهو رجحان ايترو تہ وڌيل آهي جو عام انگريزي پڙهيل آفيسر انگريزي ئي ڳالھائيندا ۽ انگريزيءَ ۾ ڳالھائڻ لاءِ همتائيندا آهن، تنھنڪري پاڪستاني فوج جي ذڪر واري هر ڪتاب ۾ هزارين انگريزي لفظن جِي موجودِي ڪا عجب جھڙي ڳالھہ ناهي.
سنڌيءَ ۾ فوجي معاملن بابت ڄاڻ اڳ ئي گهٽ، وري جو فوجي معاملن سان لاڳاپيل ڪتاب جو ترجمو هجي، ۽ مٿان وري اهو ”حڪم“ تہ ٽِن سؤ (300) صفحن جو ڪتاب ويھَن ڏينھنِ ۾ ترجمو ڪري ڏي، تہ توهين منھنجي حالت سمجهي سگهو ٿا، بھرحال، مون سان اهڙِي ٿِي جھڙي ڪنھن زماني ۾ ٻُرڙي ڪئي ٻارن سان!
پاڪستاني فوج ۾ طبقاتي نظام ايڏو چٽو آهي جيڏو ”آفيسر“ ۽ ”جوان“ ۾ فرق ــــ آفيسرن جي ماني کائڻ (۽ رهڻ) واري ”بلڊنگ“ جو نالو هوندو ”ميسِ“ ۽ جوانن جي ماني کائڻ (۽ رهڻ) واري لوهي جهوپڙيءَ (يا بيرڪ) جو نالو آهي ”لنگر“. آفيسرَ ميس ۾ ”ڊائلاگ “ (دوبدو ڳالھيون) ڪندا آهن ۽ جوان لنگر ۾ ”گپ“ (گپ شپ يا ڊاڙ لٻاڙ). آفيسرُ ”آرڊر“ ڏيندو ۽ جوان حڪم تي عمل ڪندو آهي...
حڪمُ آفيسرن جي ڏاڪڻ تان لھندو گهٽ آفيسرن جي ڏاڪڻ تي ايندو ۽ اتان لھي اڻ-آفيسرن جي ڏاڪڻ تي پھچندو، جنھن کان پوءِ ڦھڪو وڃي جوان تي.
گهٽ-آفيسرن (يا ننڍي درجي جي آفيسرن، جي سي او يعني (Junior Commissioned Officer- J.C.O)( 1 ) کي ڪتاب جي ليکڪَ خَصي ۽ حرامي ٻار سان تشبيھہ ڏني آهي جيڪو آفيسرن ۽ جوانن جي وچ ۾ ”وچين طبقي“ جو ڪم ڪري ٿو.
اچو تہ ٿوري نظر ڏاڪڻ تي وجهون جنھن ۾ هر هيٺيون ڏاڪو پاڻ کان مٿئين ايندڙ ڏاڪي جو غلام آهي.
آفيسرَ (ڪميشنڊ آفيسرز/ Commissioned Offcers):
1. جنرل
2. ليفٽيننٽ جنرل
3. ميجر جنرل [هنن ٽنھي کي عام طرح جنرل (جرنيل) سڏبو آهي.]
4. برگيڊيئر
5. ڪرنل [ڪرنيل]
6. ليفٽيننٽ ڪرنل
7. ميجر
8. ڪئپٽن [ڪپتان]
9. ليفٽيننٽ
10. سيڪنڊ ليفٽيننٽ [اهي پاڻ کي ”Sir“ سڏرائيندا آهن.]
گهٽ آفيسرَ (جونيئر ڪميشنڊ آفيسرز/J.C.O/Junior Commissioned Offcers):
1. صوبيدار ميجر
2. صوبيدار [”صوبيدار صاحب“]
3. نائب صوبيدار
اَڻ آفيسرَ (نان-ڪميشنڊ آفيسرز/N.C.O/Non-Commissioned Offcers):
1. حوالدار [حوالدار صاحب]
2. نائڪ
3. لانس نائڪ [نائڪ صاحب]
سپاهي: جوان [اڻ آفيسر کي بہ ”جوان“ ئي ڳڻيو ويندو آهي.]
نئون ڀرتي ڪيل: رنگروٽ
”سر“، ”صاحب“ ۽ ”جوان“ جون اهي ڏاڪڻيون ۽ هر هڪ ڏاڪي جو نالو بَري فوج (خشڪي واري فوج يا آرمي) موجب آهي. لشڪر (ملٽري) ٽن فوجن تي ٻڌل آهي:
1. بَري فوج (عام طرح جڏهن ”فوج“ لفظ ڪتب ايندو آهي، تڏهن ان جو مطلب بَري هوندو آهي. خشڪيءَ واري فوج يا آرمي، هن جي هيٺين ڏاڪي، جوان کي عام طرح ”سپاهي“( ) ۽ مٿين ڏاڪي کي ”جنرل“ سڏبو آهي.)
2. هوائي فوج (فضائيہ، ايئر فورس (Air Force) جوان کي هواباز ۽ مٿين ڏاڪي کي ”ايئر ڪموڊور“ سڏبو آهي.)
3. بحري فوج (سامونڊي يا پاڻيءَ جي فوج، بحريہ، نيوي (Navy) جوان کي ”ملاح“ ۽ مٿين ڏاڪي کي ”ڪموڊور“ سڏبو آهي.)
جيئن تہ بحريہ ۽ فضائيہ جو هن ڪتاب ۾ ڪو خاص ذڪر ڪونھي، تنھنڪري انھن جا عھديدار بہ نہ لکيا اٿم. (ڪتاب اڳ ئي وڏو ۽ ڳرو آهي!)
ڀُٽي صاحب جو تختو اونڌو ڪري، اقتدار تي جنرل ضياءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ قبضو ڪرڻ واري بغاوت کي ”آپريشن فيئر پِلي“ (سُٺي، سنئين سِڌي يا سُلڇڻي راند واري مھم)، سنڌي دشمن مافيا کي زور وٺائڻ لاءِ ڊرگ مافيا جي بھاني سھراب ڳوٺ جي رهاڪن (جيڪي گهڻي قدر پٺاڻ هئا) تي فوجي چڙهائيءَ کي ”آپريشن ڪِلِين اَپ“ (صاف ڪريو مھم) ۽ فوج جي ”سازشي“ ماڻھن تي ڪاھہ کي ”آپريشن گئليڪسي“ (ڪھڪشان، کير-پٽو يا ستارا مھم) جو نالو ڏنو ويو. فوج جو هر عمل عام طرح ”مھم“ ئي هوندو آهي ۽ ضيائي دور ۾ اهڙيون مھمون تمام گهڻيون ٿيون ـــ ”پاڪائي مھم ۽ وڏي رٿا“ (گرانڊ اسڪيم( بہ ان جو ئي تسلسل آهن.
ڊويزن، بٽالين، برگيڊ، سيڪٽر اسقئاڊ وغيرہ جھڙا لفظ جيڪي ونڊُ، ڳڀو، ڳترو، ٽڪرو، جٿو جهڙن لفظن جا هم معنى آهن، جيڪڏهن ڪي سنڌيءَ جا ماهر اهڙي مھم هلائي مخصوص لفظ مخصوص معنائن ۾ ڪم آڻن ۽ اسان جون اخبارون انھن کي عام ڪن، تہ جيڪر هزارين انگريزي لفظ بنا سوچي-سمجهي نہ ورجائيندا رهون!
منھنجو خيال هو تہ ڪتاب ۾ ڪتب آيل سمورن انگريزي لفظن جي معنا يا متبادل لفظ وچور ٺاهي لغت جي صورت ۾ ڏيندس. ان ڪري ڏکين لفظن جي معنى فوٽ نوٽ (حاشيي) ۾ بہ نہ لکي.
۽ هن وقت مھل جي کوٽ يا سوڙھہ سبب ائين ڪري ڪونہ ٿو سگهان. ايڊگر سِنو جو ڪتاب ”ريڊ اسٽار اووَر چائنا“ (چين مٿان ڳاڙهو تارو)، چين ۾ انقلابي جدوجھد ۽ ويڙھہ جي اکين ڏٺي ڳالھہ، هڪ ڪيڏارو، هڪ جنگنامو ۽ سُورهيَنِ جو قصو چار سال کن اڳ ترجمو ڪيو هوم ۽ اڃا تائين اڻڇپيو پيو آهي، جيڪڏهن ڇپائڻ جو وجهہ مليو تہ ترت ئي توهان جي هٿن ۾ هوندو.( )
منھنجي آس آهي تہ سنڌي ماڻھو هر اهو ڪتاب پڙهن، جنھن جي ڪجهہ يا سڄي مواد سان اختلاف رکندي بہ، پنھنجي جدوجھد ۽ ڇوٽڪاري جي راھہ سمجهي، ان تي هلي سگهجي ۽ هر قسم جي ڦرلٽ، ڏاڍ، غلاميءَ ۽ مظلوميت مان نجات ماڻجي.

مھرباني

محبت
1990/4/4
لطيف ڪلينڪ قنبر

_____________
(1 ) هتي جونيئر مان مرادَ ٿوري عرصي کان نوڪري ڪندڙُ ناهي، پر گهٽِ درجي جو آفيسرُ آهي.

متن

---

آپريشن گئليڪسيءَ جي سڃاڻپ

2 جنوري 1984ع تي مون کي ۽ منھنجن ڪيترن ئي ساٿين کي ”آئينِي حڪومت“ جو هٿياربند قوت وسيلي تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ۽ لشڪر ۾ مارشل لا، ڪُلڇڻائيءَ، عوام جي سڀ طرفي ڦرلٽ ۽ مملڪت جي سلامتيءَ کي لاڳو خطرن بابت پرچار ڪرڻ جي ڏوھہ ۾ گرفتار ڪيو ويو. پاڪستان جي ڊيگهہ ۽ ويڪر ۾ وسندڙ شھرن، ڇانوڻين، سياچن تائين پکڙيل اترين محاذ ۽ فضائي ۽ بحري ديرن جا اڻ ڳڻيا شھري، آفيسر، جوان ۽ (ٻيا) عھديدار ان سازش ۾ ڄاتل هئڻ سبب بنا وارنٽ ميار (تھمت) هيٺ گهرن، دفترن، ميسُن، ڪِلبن ۽ مورچن مان جِيپن، ٽرڪن، هيلي ڪاپٽرن ۽ خصوصي جھازن ۾ ”اغوا“ ڪري قيد ۾ واڙيا ويا. ڪا مھل اهڙي بہ آئي، جو ملڪ جي واسطيدار انٽيليجنس ايجنسين وٽ اذيت-گهرن ۾ ڪا بہ جاءِ نہ بچي ۽ نوان سيل ۽ چار ديوارون اَڏڻيون پيون. اوجهڙي ڪئمپ جا اهي سيل بہ ان ئي سلسلي ۾ اڏيا ويا جيڪي پوءِ، ظلم وڌندو آهي تہ مٽجي ويندو آهي، جو تفسير ٿِي ڌماڪن ۾ اُڏي ويا، ايتري قدر جو مغل فوجن جي لشڪري ٽڪاڻي، سنڌو نديءَ جي ڪناري اڏيل انتھائي ويڪري اٽڪ قلعي ۾ ترت ئي نئون قيدخانو اَڏيو ويو. اڪبر ۽ اورنگزيب جي شاهي دَور جا اذيت گهر ۽ ڦاهي گهاٽ جنرل ضياءَ جي قيدين جي انبوھہ ۽ ان خلاف واشنگٽن مان گهرايل اذيتي-اوزارن جي واهپي لاءِ سوڙها پئجي ويا هئا. انھن اذيتي-گهرن، جيلن ۽ قلعن ۾ آفيسر ۽ سپاهي تہ رهيا هڪ پاسي، انھن جا ٻار ۽ عورتون بہ بند ڪيون ويون، جن ۾ سيدياڻي رابعہ طاهر ۽ بيگم مريم عابد بخاري ۽ انھن جا اَبھم ٻارڙا تہ ڪجهہ مثال آهن.
1980ع واري ڏهاڪي جي ابتدا ۾ جڏهن ملڪ مختلف اندرين ۽ ٻاهرين محاذن تي ڦاٿل هو ۽ عوام ڦاهي گهاٽن جي ڪوٺڙين ۽ ڦٽڪن جي ٽڪٽڪين ڏانھن وڌي رهيا هئا ۽ جنرل وري هائوسنگ سوسائٽين جي گڏجاڻين جي صدارت ڪري رهيا هئا تڏهن هٿيابند فوجن جي قطارن ۾ آئين جي بحالي ۽ سندن بيرڪن ۾ موٽ جي تحريڪَ، وقت جي اهم ترين گهرج هئي. اها تحريڪ قومي تحريڪ کان ڪٽيل تحريڪ ڪا نہ هئي، اها سچ پچ قومي جدوجھد سان هم آهنگ هئي ۽ آءٌ سچائيءَ سان محسوس ڪيان ٿو تہ انھيءَ ۾ هٿياربند فوجن، خاص طرح پاڪ آرمي (بري فوج) جي نجات هئي. هڪ مٿان ٻِي مارشل لا سبب اڳواڻيءَ جي وڌندڙ گهوٽالي ۽ سکيا جي اڻھوند سان نبرڻ جي هڪ ئي راھہ هئي تہ پنھنجن سکيا جي ميدانن ۾ موٽي وڃن.
سڄي سال جي جاچ ۽ کوج کان پوءِ نيٺ جنوري 1985ع ۾، اٽڪ قلعي جي هڪ ”هوا بند“ بئرڪ ۾ سازشن جو پُڇاڻو شروع ٿيو. آپريشن گئليڪسي کي پريس (خابرو ادارن) ۽ عام راءِ اٽڪ-سازش ڪيس جو نالو ڏنو جيڪو اڃا تائين هلي رهيو آهي. آءٌ سدائين مڃيندس تہ عدالت جو سرواڻ ۽ ميمبر سٺا سپاهي هئا پر ٻئي يا ٽئين ڏينھن کان ئي صفائيءَ جي وڪيلن تي آڏي پڇا جون اهي پابنديون مڙهيون ويون جو آءٌ پنھنجي ان وڪيل کي ڇڏڻ تي مجبور ٿيس جنھن کي مون پنھنجي سوچ ۽ ساڃاھہ خلاف رڳو تھمت لڳل (ملزم، مياري) ساٿين جي سَڌ جو احترام ڪندي مقرر ڪيو هو. منھنجي هڪ ساٿي ميجر نثار بخاريءَ بہ، جنھن جي سيني تي مشين گن جا ڦٽ اڃا بہ ڳڙي رهيا هئا، پنھنجي وڪيل کي ڇڏي ڏنو، پر ان جو وڪيل پاڪ آرميءَ جو اڳوڻو جج ايڊوڪيٽ جنرل برگيڊيئر اقبال احمد خان، جيڪو انتھائي خوددار ۽ بااصول ماڻھو هو. ذاتي طرح پاڻ مقدمي جي پوئواري کي ڏکيو سمجهندي وڪالت تان هٿ کڻڻ جي سڌ ظاهر ڪئي. پنھنجي صفائيءَ جي وڪيل کان موڪلائي ميجر نثار عدالت آڏو پنھنجي بيان ۾ چيو هو تہ:
”جيڪڏهن آئين کي بحال رکڻ جي گُهر ڪرڻ ڏوھہ آهي، تہ مان پنھنجو اڳ ئي پرڻ ٿيل سينو هڪ ڀيرو وري آڇيان ٿو. توهان فائرنگ اسڪواڊ (گوليون هڻندڙ جٿو) سڏايو.“
بھرحال، اسان لاءِ عدالت جي پٺيان هڪ ٻي سرڪاري وڪيلن وسيلي پنھنجي مرضيءَ جا ڪيترائي وڪيل مقرر ڪيا جن مان ڪجهہ ضمير جي آواز تي هليا ۽ ڪن تي دڙڪو داٻ ڇانئجي ويو ۽ ڪي اسان جي مرضيءَ خلاف 15 سؤ رپيا ڏهاڙيءَ تي اسان جو بچاءُ ڪندا رهيا. انھن وڪيلن جو پيشه ور اخلاق ۽ اسان جي مرضيءَ خلاف عدالت ۾ لاڳيتو اچڻ بہ ادارن جي تباهيءَ جو هڪ ثبوت هو، جيڪو جنرل ضياءَ جي ”گرانڊ اسڪيم“ جو اهم حصو هو.
جيتوڻيڪ مون هڪَ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي تيار ڪيل چارج شيٽ (ڏوھہ-چِٺي) بابت پنھنجي ”صفائيءَ“ جي حق ۾ ڪا بہ دلچسپي نہ پئي رکي پر مڙهيل صفائيءَ جي وڪيلن جو وجود ۽ انھن جي هر گهڙيءَ جي ڇڪتاڻ عدالتي ڪارروائيءَ ۾ منھنجي مڪمل شرڪت جو بھانو ٿِي پئي. ان صورتحال جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪجهہ ڏينھنِ جي ڪڙاڻ ۽ ڇڪتاڻ کان پوءِ جنرل جج ۽ مياري (تھمت لڳل) ميجر ڪيس جي ٽٽل انساني ناتن واري پل ٺھڻ لڳي. انھيءَ پل تان پار پئي آءٌ لشڪري (ملٽري) عدالت کي پنھنجي موقف جي سچائيءَ بابت قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پئي سگهيس. پڇاڻي جي نتيجي ۾ جيڪڏهن گهڻا ماڻھو ڇُٽي ويا تہ ان جو سبب ڪجهہ ٻين سان گڏ اهو بہ هو تہ جنرل اعواڻ کي منھنجي بنيادي سوچ جي سچائيءَ سان گهاٽو، دلي لڳاءُ ٿي چڪو هو. اهڙو اظھار هُن ان رات کلي عام ڪري ڇڏيو جڏھن هن برگيڊيئر اقبال احمد خان جي موجودگيءَ ۾ اندر جون ڪيتريون ئي ڳالھيون ڪرڻ کان پوءِ مون کي چيو تہ آءٌ پنھنجو بيان موٽائي وٺان... ”منھنجي ۽ تنھنجي حياتي هڪ جھڙي ئي گذري آهي... تون نہ ٿو ڄاڻين تہ تو ڪھڙي قسم جي ماڻھن سان وير ورتو آهي... آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ تون وڌيڪ اڻانگو اڙجي وڃين... پڪ ڄاڻ تہ تون انھن مان هڪ آهين جن سان آءٌ حياتيءَ ۾ هر هر ملڻ پسند ڪندس...“
لشڪري عدالت بي مثال همت کان ڪم وٺندي 2-جنوري 1984ع تي اسان جي گرفتاريءَ جي ڏينھن کان 31-ڊسمبر 1984ع تي عدالتي ڪارروائي شروع ٿيڻ تائين واري سموري ”حراست“ کي لاقانوني جو مظھر سڏيندي غيرقانوني چيو. نتيجي ۾ انھيءَ هلندي ڪيل سموري جاچ ڪارروائي، عدالتي بيان ۽ وڊيو فلمون غيرقانوني ڪيون ويون. هاڻي سرڪار اسان جي خلاف ٽِين پتي آزاد شاهدن جي وچور ڏني هئي جن کي اسان جا ڏوھہ ثابت ڪرڻا هئا پر عملي طرح هڪ بہ آزاد شاهد نہ آندو ويو. برگيڊيئر امتياز ۽ جنرل اختر عبدالرحمان جي هٿن سان اسان خلاف تيار ڪيل ايف آئي آر بہ اهو چئي نہ آندي وئي تہ اها هڪ ڪُوڙي ڪھاڻي هئي جيڪا مملڪت جي سلامتيءَ ۽ سنڀال لاءِ لکائي وئي هئي. نيٺ مون کي ۽ منھنجن ساٿين کي ڊگهي-مدت لاءِ سزائون سب-جيل سپريڊنٽ ٻُڌايون. مارشل لا عدالتن جي انھن فيصلن جو اعلان ڪنھن بہ اهڙي سپاهيءَ جي وس جي ڳالھہ نہ پئي ٿي سگهي جيڪي اُن پاڻ نہ ڪيا هجن.
مون کي پنھنجيءَ سزا بابت تہ ڪو شڪ ڪو نہ هو. ماءُ کان وڌيڪ مِٺو من ان معاملي ۾ ڪنھن جو ٿِي سگهندو! مون ان کي بہ ذهني طرح گهٽ ۾ گهٽ 25-سالن جي قيد لاءِ تيار ڪري ڇڏيو هو ـــــ پر مون کي اها اميد اوس هئي تہ آزاد شاهدن جي اڻھوند سبب ذاتي طرح جنرل منھنجن ٻين ساٿين مان ڪنھن کي بہ سزا ڏيڻ پسند نہ ڪندا ـــــ منھنجي ان اميد خلاف هي فيصلو 1987ع تائين منھنجي لاءِ هڪ راز ئي رهيو. اهو راز ان وقت کُليو جڏهن جنرل اعواڻ منھنجي هڪ ويجهي سنگتيءَ آڏو جھلم ڇانوڻي ۾، جتي هُو گيريزن ڪمانڊر هو، اهو مڃيو تہ حقيقتن کان پاسائتو عدالتي ڪارروائيءَ جي نتيجي ۾ اهي سڀ ماڻھو ڇُٽي وڃن ها پر انھيءَ شرط تي تہ سندن هڪ اهم تھمت-لڳل ساٿي ايڊوڪيٽ رضا ڪاظم منھنجي آڏو واعدي معاف شاهد جو ڪردار ادا نہ ڪيو هجي ها. رضا ڪاظم مڃيو تہ جاچ هلندي ڊائريڪٽر جنرل انٽر-سروز انٽيليجنس ايجنسي جنرل اختر عبدالرحمان خان سان سندس اهو ٺاھہ ٿيو هو تہ هُو کيس هِن ڪيس مان نيٺ ڪڍي وٺندو. ترقي پسند تحريڪ ۽ سوچ جي علمبردارن لاءِ اهو شايد ٻيو ڏک هجي تہ پنھنجي زباني ”40-ورهين جي سوشلسٽ ڪميونسٽ جدوجھد جي روايتن جي امين“ رفيموف ڪاظيموف پنجاب جي اڳوڻي گورنر ۽ وڏي وزير ملڪ غلام مصطفى کَر جِي چائُٺ تي سھوَ جو سجدو ڪيو، تہ نتيجي ۾ سندس اهو بيان نڪتو جنھن ۾ سندس ساٿي تھمت لڳلن جو تفصيل هو ۽ جيڪو اٽڪ قلعي جي عدالتي حڪم خلاف سازش جي هن گڏيل پُڇاڻي ۾ هڪ انتھائي اهم ملزم جو هڪ انتھائي اهم ۽ تفصيلي بيان عدالت ۾ کولڻ- بنا ڪھڙي لاچار هيٺ قبول ڪيو هو. هِي پنا ان جي تفصيل کي جذب ڪرڻ لائق نہ ٿي سگهندا. هن وقت ايترو ئي صحيح تہ جنرل جي چواڻي، دانشور جو بيان عدالت ۾ نہ، پر ٽپال ۾ وڌو ويو هو، جيڪو چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي ميز تي پھتو ۽ جنوري 1984ع جي سازشين جي مقدر جو فيصلو ٿي ويو.
آپريشن گئليڪسي هڪ وڏو ۽ گهڻن مقصدن وارو ڊيگهارو ناٽڪ هو. ان مان مارشل لا جنتا ۽ رنڊڪ-تحريڪ ٻنھي پنھنجن پنھنجن مقصدن لاءِ سگهہ ورتي، پر جيئن ظلم خلاف هر ناڪام ڪوشش بہ ان جي هيڻائيءَ جو ڪارڻ ٿيندي آهي تيئن هن مقدمي بہ جنتا جون پاڙون کوٽڻ ۾ هڪ خاص ڪردار ادا ڪيو. مون کي ان حقيقي ناٽڪ جا هيٺيان پاسا ڪجهہ اهم ڏسڻ ۾ آيا:
(1) ملڪ جِي 37-ساله تاريخ ۾ پھريون ڀيرو هٿياربند فوجن جي جونيئر (گهٽ عرصي کان نوڪري ڪندڙ) آفيسرن آئين جي بالادستيءَ ۽ عوام جِي امنگن جو مانُ رکندي ان وقت آواز اٿاريو جڏهن سندن پنھنجن سينئر (گهڻي عرصي کان نوڪري ڪندڙ) آفيسرن جي اقتدار جو سج پوري چمڪ دمڪ سان دُکي رهيو هو. اها ڳالھہ پاڻ بہ ڪا معمولي نہ هئي تہ ڄَمتُو حڪمران طبقي جو هڪ ٽولو پنھنجن عھدن، پنھنجين رعايتن، پنھنجن پيارن جي آئيندن ۽ پنھنجي حياتيءَ کي داءَ تي هڻي ان اونداهي چُر ۾ گهڙِي پيو جيڪا اوٿُن ۽ اوکاين سان ڏٽي پئي هئي ۽ ظاهري طرح ڪٿي بہ ڪو نہ پئي کُٽي. جمھوري حڪومتن خلاف سازشن، بغاوتن ۽ تختو اونڌو ڪرڻ جي روايتن جي ابتڙ جمھوري ادارن ۽ آئين سان وفا جو هِيءُ جتن ڪجهہ سپاهين پاران قوم کي هڪ ننڍڙي سوکڙي هئي.
(2) 1965ع جي جنگ کان پوءِ پھريون ڀيرو عوام ۽ هٿياربند فوجن پنھنجين امنگن ۽ آرزوئن جو ڏيک پنھنجين اکين سان ڏٺو ۽ ڪَنن سان ٻڌو. جيلن، قلعن، ڦاهي گهاٽن ۽ ڦٽڪن جي ٽڪٽڪين تي چڙهيل رنڊڪ جي پتنگن محسوس ڪيو تہ اهي جيڪي ڏينھن-رات مُڇن کي تاءُ ڏئي ”پنھنجي“ حلقي جون ڳالھيون پيون ٿينديون آهن، حقيقتون انھن کان چڱيون مختلف آهن ۽ سپاهي بہ جنتا جي غارن کي ڇڏي نئين قومي وهڪري ۾ گڏجڻ لاءِ تيار هئا. ٽنھي فوجن جي ”آفيسرن ۽ عھديدارن ۽ انھن جي گهر وارن جي وڏي پيماني تي گرفتاريءَ وسيلي مارشل لا انتظاميا پنھنجي حلقي ۾ سجاڳيءَ جي آثارن کي اُٿندي ئي دٻائڻ گهريو. رياستي دهشتگرديءَ جِي هيءَ ڪاروائي حقيقت ۾ حڪمرانن جي ڳاٽي پئجي وئي ۽ سپاهين ۽ جھازن ۽ هوابازن کلي عام پنھنجن ڪمانڊرن کان ان ڪارروائي بابت سوال پڇڻ شروع ڪيا. آئين، مارشل لا جي ڊيگهہ، مشرقي پاڪستان جو ڏاکڙو، سرحد ۽ بلوچستان جي صورتحال ۽ سنڌ ۾ نيم سوِل-وار (اڌ-گهريلو جنگ) جو ماحول آفيسرن جي ميسُن ۽ جوانن جي بيرڪن ۾ ڳالھہ ٻول جو انتھائي گنڀير ۽ اهم ترين بحثي موضوع ٿي پيا. هٿين-خالي عوام جي راءِ جيڪڏهن نظرانداز ٿِي ڪري سگهجي تہ هٿياربند سپاهين جي وچ ۾ ٽيپھريءَ جِي چانھہ ۽ پڪوڙن جيان گرم ”لنگر گپ“ کي ڪيئن نظرانداز ڪري سگهجي پيو؟
(3) انٽيليجنس جي رڪارڊ موجب کين پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن سان منھنجي ڄاڻايل لاڳاپي جي خبر ڊسمبر 1983ع جي ابتدا ۾ ملي هئي جنھن کان پوءِ هنن اسان جو سرگرم پيڇو ڪيو هو. مارشل لا انتظاميا ان خبر سبب ڀُوڪَر جو شڪار ٿِي يا نہ، هنن ”هٿياربند عام راءِ“ خلاف پيش بنديءَ ۽ ڳجهہ ڳوھہ ۾ نئين صف بنديءَ جي رٿا پڪ ئي انھن ڏينھن ۾ شروع ڪري ڏني هئي. پارٽي اڳواڻ محترمہ بينظير ڀٽو اڃا بہ جيل ۾ بند هئي. انٽيليجنس جي سمورين ڇنڊڇاڻن جو نتيجو اهو هو تہ هن جي ملڪ نيڪالي سندس ايراني انقلابي اڳواڻ امام خمينيءَ جيان موٽڻ جي واٽ سڌي ڪري ها.
بھرحال، هٿياربند فوجن ۾ بيچينيءَ جي خبر ملندي ئي انتظاميان ان سلسلي ۾ متبادل راهون ڳولڻ لڳي. اهو آپريشن گئليڪسيءَ جي هنگامي انتظامن جو اڻ لکيل حصو هو، تہ جيڪڏهن بيرڪن ۾ صورتحال ٿوري بہ منجهائيندڙ هجي ها تہ ان کي هر حالت ۾ ملڪ نيڪالي ڏني وڃي ها.
2-جنوري 1984ع تي مختلف ڇانوڻين مان گرفتارين جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو، اهو ايندڙ ڪجهہ ڏينھن ۾ ڏاڍو تيز ٿي ويو. سڄي ملڪ جي بيرڪن ۾ ريڊ اَلرٽ (خطرو، تيار رهو) جھڙو ماحول هو. مختلف ڇانوڻين، تان جو سياچن جي ويجهن مورچن مان بہ خصوصي هيليڪاپٽر، جِيپون ۽ ٽرڪون قيدي ڍوئيندي جاچ مرڪزن ڏانھن ڊوڙي رهيون هيون. صورتحال جو وڌيڪ خطرناڪ پاسو، بھرحال جنتا جي ميمبرن جِي پاڻ ۾ اقتدار لاءِ ڇڪتاڻ بابت هو. جنرل ضياءَ جي ڪِچن ڪابينا (رڌڻي واري وزارت) ڪجهہ سينئر جنرلن ۾ ڪن سببن جي ڪري شڪ ڪري رهي هئي. هيءَ اها صورتحال هئي جنھن کي نظر ۾ رکندي آرمي هائوس جي هڪ گهريلو گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ ملڪ جي سڀ کان اهم قيدياڻيءَ محترمہ بينظير ڀٽو کي هڪدم ملڪ نيڪالي ڏني وڃي. هوءَ گذريل پنجن سالن کان جيلن ۽ سب-جيلن جي سفر ۾ هئي. هٿياربند فوجن ۾ رنڊڪ واري تحريڪ جي پھرين گرفتاريءَ جي ستين ڏينھن هوءَ سُئس ايئر جي هوائي جھاز ۾ ان سفر تي رواني ٿي رهي هئي جيڪو نيٺ 2-ڊسمبر 1988ع تي وزير اعظم جي ايوان ۾ سندس موٽ تي ختم ٿيو. 9-جنوري 1984ع تي جڏهن کيس اڌ رات جو بنا پليٽ واري ڪار ۾ ڪراچي انٽرنيشنل هوائي اَڏي ڏانھن نئيو پئي ويو، مون کي ۽ منھنجن اگهاڙي پيرين ساٿين کي خصوصي جاچ شاخ، انٽرسروسز انٽيليجنس فيلڊ انٽروگيشن سينٽرز، فيلڊ انٽيليجنس يونٽس ۽ مخصوص اينٽي ٽيررسٽ اسقئاڊز جا هٿياربند گارڊ اکين تي پٽيون ٻڌي زمين-هيٺ ڪوٺين (بُھرن) ۽ اذيتي-اوزارن سان ڀريل جاچ-ڪمرن ڏانھن هلي رهيا هئا. ٿوري گهڻي وٿيءَ سان ڪنھن ٽرڪ يا ان سان گڏ جيپن جي اڱڻن ۾ اچ وڃ جا آواز ان رات بہ ٻڌڻ ۾ پئي آيا ـــ گرفتاريون اڃا بہ پئي ٿيون.
محترمہ جي جلاوطنيءَ سبب مارشل لا جنتا کي پنھنجا ڪيترائي مقصد پورا ٿيندا پئي نظر آيا. اها هٿياربند فوجن ۾ حقيقي، ممڪن ۽ تخيلاتي، هر قسم جي رنڊڪ خلاف هڪ اڻٽر وِک هئي، ان جي ڪري آمريڪي سينيٽ ۽ عام راءِ کي مطمئن ڪري سگهجي پيو ۽ اهو انساني حقن جي علمبردار بين الاقوامي تنظيمن جو گوڙ گهٽ ڪرڻ لاءِ هڪ ڪارائتو گُر بہ هو (سنڌ جي هڪ اڳوڻي وڏي وزير ۽ هڪ اڳوڻي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ انھن جي ”نالن“ جو ان ۾ ڪھڙو ڪردار هو، آءٌ ڪڏهن نہ ڪڏهن ان تي ضرور لکندس.)
1983ع جي جمھوريت جِي بحالي لاءِ تحريڪ، خاص طرح ان جي سنڌ ۾ شدت مارشل لا جي تنتن تي جيڪو دٻاءُ وڌو هو، اهو سڀ جو سڀ نيٺ فيلڊ (ميدان ۾ موجود) ڪپتانن، ميجرن ۽ ڪرنلن کي سَھڻو پيو، جيتوڻيڪ تحريڪ سال جي پڄاڻيءَ کان اڳ ئي رفتار جي تيزي وڃائي ويٺي هئي پر ڊسمبر 1983ع ۾ هٿياربند فوجن ۾ ان جي پوئواريءَ ۽ ”پٺڀرائيءَ“ بابت خبرون پڪ ئي پڪ پريشان ڪندڙ ثابت ٿيون هيون. جونيئر آفيسر جيڪي ملڪ جي ڊيگهہ توڙي ويڪر ۾ مشين گَنون کنيون ڊوڙي رهيا هئا، هاڻي ڀروسي لائق نہ پئي نظر آيا. انھن حالتن ۾ 70-ڪلفٽن جي قومي رنڊڪ مرڪز کي ان جي آخري رهاڪن کان وانجهو ڪرڻ پَڪ سان هڪ شڪاري چال هئي.
(4) ڇھن ورهين جي مضبوط صف بنديءَ کان پوءِ ان تحريڪ جي ڪري 5-جولاءِ 1977ع وارن ڪاهيندڙن جي قطارن ۾ پھريون ۽ پويون ڏار پيو. ڪجهہ تفصيلي شاهدين جي ڪري ۽ ڪجهہ ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ جنرل اختر رحمان خان جي ذاتي سَڌن (ambitions) جي بار هيٺ اچي دوستن مان پنج اهم تارا ڪھڪشان کان ٽُٽي ويا. ان وقت جي چيئرمين جوائنٽ چيف آف دي اسٽاف ڪميٽي جنرل محمد اقبال وائيس-چيف آف دي آرمي اسٽاف جنرل سوار خان ۽ ٽِن ڪور ڪمانڊرن، مارشل لا ايڊمنسٽريٽر سنڌ ليفٽينَنٽ جنرل ايس ايم عباسي، ليفٽيننٽ جنرل احمد جمال خان ۽ ليفٽيننٽ جنرل سي آءِ عبيد کي جنوريءَ جي پھرئين هفتي ۾ ئي انٽيليجنس جي ڳجهي ڇانوري هيٺ ويھاريو ويو ۽ نيٺ ڪجهہ هفتن کان پوءِ سندن رٽائرمينٽ جو اطلاع کين فورٽريس اسٽيڊيم، گاف ڪورس، آفيسرز ڪلب ۽ گهرن ۾ جتي جتي اهي انھي گهڙيءَ موجود هئا، پھچايو ويو. جنرل اختر عبدالرحمان آرمي چيف ۽ پوءِ شايد صدارتي محل ۾ جاءِ نشينيءَ جا خواب ڏسي رهيو هو ۽ جنرل ضياءَ کي انھن ساٿين کان ڇوٽڪارو وٺڻو هو جيڪي پنھنجيون نوڪريون پڄائي نہ رڳو ڪجهہ ٿڪل هئا پر ڪجهہ ڪجهہ بيزار بہ هئا. انھن مان ڪجهہ کي پاڻ جيان اينگهہ ڏئي سگهجي پئي، پر انھن پِتن جي پرڪارن کان واقف ساٿين کان نجات وٺڻ ان ڪري بہ ضروري هو جو انھن مان ڪو هڪ ڪفارو ادا ڪرڻ جو بہ سوچي سگهي پيو. هڪ کان سواءِ باقي چارئي ساٿي پوٺوهار جا رهاڪو هئا. پوٺوهاري بھترين ٺھي-هلندڙ آهن، پر آمريت جي گوءِ ۾ هڪ ڏاڪي تي گهوڙن جي تبديلي انتھائي اڻ-ٽر ٿي پوندي آهي. هاڻي وقت هو تہ مٿينءَ سطح جي پاڪائيءَ وسيلي جالنڌر گروپ کي اڳتي آڻجي. جيڪڏهن حالتون مرضيءَ موجب هلنديون رهن ها، تہ ايندڙ چيف جنرل اختر عبدالرحمان ٿئي ها يا ان جو سؤٽ، سياچن گليشيئر ڀارت جي حوالي ڪندڙ، جنرل زاهد علي اڪبر يا وري سندس سيڻ جنرل رحيم الدين خان! جنرلن جي اها پاڪائي بہ پنھنجي پويان ڪيترائي سوال ڇڏي وئي. مارشل لا پنھنجن پايو وجهندڙن ۽ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر پنھنجن وفادار ساٿين کان وانجهو ٿي ويو. هاڻي پير پٽجي رهيا هئا. جنرل اختر مون کي جاچ هلندي چيو هو، ”تو اسان جي نراڙ تي ڪارنھن جو چُٽو هنيو آهي، پر بھرحال مون کي توهان ميجرن ۽ ڪرنلن سان نہ، پر انھن جنرلن جي نالن سان دلچسپي آهي جيڪي پيپلز پارٽي وارن سان مليل آهن. پيپلز پارٽي جي جنرلن ۾ تہ مون کي رڳو پوليس جي جنرل رائو شھيد ۽ آرميءَ جي جنرل ٽڪا خان ۽ ميجر جنرل نصيرﷲ بابر جا نالا ياد هئا جيڪي پاڻ تہ جيلن ۾ آيا پر انھن جا پُٽ، ڀائٽيا ۽ ڀاڻيجا بہ، جيڪي انھن جي سوچ سان متفق نہ هئا ۽ آمريت جي مقصدن جي نوڪري ڪري رهيا هئا ۽ ڪجهہ سالن کان پوءِ جمھوريت جا سمورا ميوا سندن جهوليءَ ۾ ڪِرڻا هئا. جاچُو آفيسرن جي زور باوجود سازشي جنرلن بابت اطلاع مون ڪجهہ هفتن کا پوءِ ڏنو. جنرل اختر مون پاران ان رضاڪارانہ اطلاع تي ٿوريءَ دير ۾ ئي جاچ مرڪز ۾ پھچي ويو. ”مون کي صدر سان ملڻ لاءِ وڃڻو آهي، ان کان پوءِ آءٌ ڪنھن اهم مشن (مقصد، مھم) لاءِ پر ڏيھہ وڃي رهيو آهيان. تون مون کي رڳو اهو ٻڌاءِ تہ تو اهي نالا ايترا ڏينھن لڪايا ڇو؟“ سامھون ڪرسيءَ تي ويٺل ڀوري ڳاڙهي ٺاهُوڪي جنرل پنھنجي ڀرونءَ جي اک تي ڪِريل ڊگهي وار کي پٽيندي پڇيو. ”مون کي اڃا بہ اميد هئي تہ ماڻھو ڪو هٿ ڏيکاري ويندا.“ منھنجو خيال آهي تہ منھنجو جواب ڏاڍو عقل ڀريو ۽ قائل ڪندڙ هو... ”مون ڄاتو پئي.“ جنرل اٿندي چيو. منھنجو خيال آهي تہ جنرل اختر ان سوال جو جواب منھنجي ٻڌڻ کان اڳ ئي ڄاتو پئي.
(5) هٿياربند فوجن ۾ مارشل لا خلاف ان تحريڪ جي حوالي سان مارشل لا جنتا جي وسيع ردعمل جو ڪاٿو ان مان بہ ڪري سگهجي ٿو تہ 2-جنوري 1984ع جي ٻيپھريءَ جو سيالڪوٽ جي گيريزن ڪمانڊر ميجر جنرل امتياز وڙائچ کي هڪدم سرگرم ڪمانڊ کان هٽائي اِنفنٽري (پيادي فوج) اسڪول ڪوئٽا جھڙي پراهين جاءِ تي وڃڻ جا حڪم ڏنا ويا. عارضي طرح هن کي پنھنجي ڪمانڊ هڪ برگيڊيئر ڇوڪر جي حوالي ڪرڻي هئي. اهو ان ڪري بہ ضروري محسوس ڪيو ويو تہ سندس ڊويزن مان پھرين سَٽ ۾ انفنٽري يونٽن جا ڪمانڊنگ آفيسر ٻہ ليفٽينينٽ ڪرنل، ٻہ ميجر ۽ هڪ ڪپتان ايندڙ ڪجهہ ڏينھن ۾ گرفتار ٿيڻا هئا.
جنرل امتياز 5-جولاءِ 1977ع واري آپريشن فيئرپِلي جي آفيسر انچارج جي حيثيت ۾ هڪ پڪو ماڻھو هو پر جڏهن ملڪي معاملا ڄاتل ادارن بدران انٽيليجنس ايجنسن جي ڌڻين وسيلي هلايا ويندا هجن، تہ ظاهر آهي تہ هر ماڻھو ۽ خاص طرح پنھنجن ساٿين جي پھرين نظر ۾ شڪي هجڻ لازمي ٿي پوندو آهي. اهو فرض بھرحال ان شڪي ماڻھوءَ تي اچي ٿو تہ هو پنھنجو پاڻ کي اڻ ڏکوئيندڙ ۽ هاڻي-بہ-وفادار ثابت ڪري.
23-مارچ 1984ع واري پريڊ جي ڪمانڊ ڍانچي تي بہ انتحريڪ جو پاڇو پيو. هن سال جي پريڊ جي سيڪورٽي ڪليئرنس عملن قيدي آفيسرن کان ڪرائي وئي. جنھن بہ مھل انھن مان ڪنھن تي بہ، صاحب سلام، رکڻ جو شڪ پيو، ان جي بدلِي ڪري اترين علائقن ڏانھن موڪليو ويو.
(6) آپريشن گئليڪسي کي شروع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي تابوت ۾ آخري ڪوڪي جو نالو ڏنو پئي ويو. الذوالفقار جو هٿ هجڻ کان پوءِ هٿياربند فوجن ۾ سازش ۽ بغاوت جا جيوڙا پکيڙڻ جي ڏوھہ ۾ ملوث ڪري ان تي آئنده ڪنھن سياسي عمل ۾ حصو وٺڻ جون راهون بند ڪرڻ جي رٿا ٺاهي وئي. پھريائين ان کي پارٽيءَ، فوج جي ماڻھن ۽ ٻاهرين طاقتن سان ڳٺ جوڙ جو نتيجو سڏيو ويو. جنھن جو مقصد جنرل ضياءَ ۽ ان جي ساٿين کي ڪُھِي حڪومت تي قبضو ڪرڻو هو. پارٽي چيئر پرسن بيگم نصرت ڀٽو چواڻي جڏهن ٻاهريَن ڏيھَن ۾ اهي سوال اٿڻ شروع ٿيا تہ هاڻي تہ پنھنجو ”حلقو“ بہ بغاوت تي سنبريل نظر ٿو اچي تہ جنرل ضياءَ ان کي چوويھہ پنجويھہ آفيسرن پاران رڳو هٿيارن جي سمگلنگ جو واقعو سڏيو.
پر نيٺ اسان تي اهي ڏوھہ مڙهيا ويا تہ هڪ قانوني حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪِني سازش ۾ ملوث هئا.
بھرحال، عدالتي ڪارروائيءَ کان اڳ پرڏيھي مداخلت جي وڏي-واڪ هامُن، انٽر سروسز پبلڪ رليشنز ۽ دٻايل پريس پاران ان ڳالھہ جون پرچارڪ هامُون، تھمتون ۽ ڪردارڪشيءَ جي جي مھم باوجود نہ تہ ڪو شاهد پيش ڪيو ويو ۽ نہ ئي ڪنھن بہ قسم جو ڪو ٻيو ثبوت.
(7) آپريشن گئليڪسي کي سکُ ڪارڊ جو وڌندڙ بار هلڪو ڪرڻ لاءِ بہ ڪتب آندو ويو، اڃا بہ نوان ڪوٽ لاهور ۾ هٿيارن جي سمگلنگ جي واقعي وسيلي ان جي پھرين ڏيک جي شروعات بہ ان سلسلي جي هڪ ڪَڙي هئي.
*
2-جنوري 1984ع جي ٿڌيءَ رات جو بنا وارنٽ گرفتاريءَ کان 27-مئي 1985ع جي ڪاڙهيندڙ منجهند تائين جڏهن آءٌ خصوصي عدالت ۾ پنھنجو آخري بيان ڏئي رهيو هوس تڏهن ٻيو بہ گهڻو ڪجهہ ٿيو، جنھن جو ذڪر مھل سِر ضرور ڪندس.
گذريل هڪ سال ۾ حالتون ڪھڙيون ڪھڙيون قلابازيون کاڌيون آهن. آپريشن گئليڪسي جو ليکڪ، ڇپائيندڙ، مصنف ۽ حاڪم سڀئي بھاول پور جي حادثي جو شڪار ٿِي، خدا جي عدالت ۾ پھچي چڪا آهن. جنرل اختر عبدالرحمان، برگيڊيئر صديق سالڪ، ميجر جنرل محمد حسين اعواڻ ۽ جنرل محمد ضياءالحق ڪير بہ تہ انھن سوالن جي جواب ڏيڻ لاءِ موجود ڪونھي تہ وطني حب ۽ انتھائي غداريءَ جو ماپو ڪھڙو آهي؟ ملڪ ۽ قومون ادارن جي وجود سان قائم رهن ٿيون يا شخصي اقتدار جي گهوڙين تي؟ ضمير، عوام جي تاريخ جي عدالت ۾ شاهدي ضروري آهي يا بذات خود هر عمل جو سبب هجڻ؟ ۽ ڇا اسان کي هڪ ئي گولائيءَ ۾ گهمڻو پوندو يا سڌي راھہ بہ ڪا ٿيندي آهي؟
جنرلن جي ڊگهيءَ رات تي باک ڦٽي چڪي آهي ۽ اسان جي رڳن ۾ اڃا ايترو رت باقي آهي جو ان سان اسين زيتون جي هڪ سڄي باغ کي پاڻي ڏئي ڀري سگهون ٿا، ۽ اهو اسين ضرور ڪنداسين، پوءِ ڇو نہ ان لاءِ اسان کي هزارين ورھہ وڙهڻو پوي يا هزار بھشت زهرہ آباد ڪرڻا پون! موجودہ حالتون ظاهري طرح ان جي راھہ هموار ڪندي نظر نہ ٿيون اچن پر صديءَ جي پڄاڻيءَ تائين موجودہ حالتن جي گليشيئر کي پگهرڻو ئي پوندو. ڪا دير ڪانھي جڏهن گهٽيون بند ۽ شاهراهون کلندي نظر اينديون. شاهراهن جي مسافرن ۾ منھنجو ايمان آهي. مزدور، هاري ۽ پورهيت ۽ سپاهي، جھاز ۽ هواباز گڏجي نڪرندا، اهو ڪو اسان جو مقدر نہ آهي تہ اسين سڀاڻي بہ ساڳي ڦرلٽ جي نظام جي چنبي ۾ ڦاٿل رهون.


(اڳوڻو ميجر) آفتاب احمد
اسلام آباد، ڊسمبر 1988ع

اسين سِيسُ نه نِوائينداسون

اسپيشل ملٽري ڪورٽ
(خصوصي لشڪري عدالت)
نمبر 64 قلعو اٽڪ ــ اٽڪ ننڍو آڏو
رياست پاران ميجر آفتاب احمد چوڌري
۽ ٻين سورهن ماڻهن خلاف وِڌل
سازش ڪيس جي سلسلي ۾
وڏي مياري (تھمت-لڳل)
بلوچ رجمنٽ جي 10809–P.S.S

ميجر آفتاب احمد جو بيان


”اسين سِيسُ نه نِوائينداسون“

ڪجهہ ڏينھن اڳ جڏهن آءٌ پنجاب پوليس جي اگهاڙين سنگينن جي ڇانوَ ۾ اٽڪ قلعي جي سب-جيل جي انھن ڏاڪن تان لھي رهيو هوس جيڪي منھنجي 17 سالہ سروس ڪئريئر جو شايد آخري ڏاڪو ثابت ٿين تہ اسپيشل سروسز گروپ( 1) جي هڪ جوان شايد ٻڏتر جي حالت ۾ مون کي فوجي سلام ڪيو. جيتوڻيڪ آءٌ ڪن سببن جي ڪري ساڳي گرمجوشيءَ سان کيس جواب نہ ڏئي سگهيس، پر اسان ٻنھي جي اکين ۾ هڪ ٻئي لاءِ هڪ نياپو هو:
”اسين سِيس نہ نِوائينداسون!“
صادق هال(2 ) کان ڪي ٽي وکون ان پاسي سنڌ ريجمينٽ جي پھرين پلاٽون( 3) جي ڪجهہ سپاهين جي ويجهو لنگهيس جن جي پٿريل مُنھن تي پکڙجندڙ فريبي مُرڪ مون کي نظرون چورائڻ تي مجبور ڪيو. ان ڪري جو آءٌ سرحدن تي ڪجهہ پراهين مورچي جي ڪمانَ ڪندي پنھنجو ڪنڌ ۽ نظر مٿي رکي پئي سگهيس پر پنھنجي ئي هِن سپاهيءَ آڏو اهو اڻ ٿيڻو هو جنھن مون کي سرڪاري حڪم جي مڃتا ۾ بي لباس ڪري ڇڏيو هو ـــــ ان ڏوھہ جي ڀوڳنا ۾ جنھن جي معنا جي نہ (ته) سندس ابي ڏاڏي کي خبر هئي جيڪي انگريزن جا جوتا چَٽيندي چَٽيندي زندگي گهاري ويا ۽ نہ ئي شايد سندس اهو پُٽ ڄاڻي سگهندو جيڪو آزاديءَ جي مفھوم جو اڻڄاڻو، هڪ ڦورو نظام جي وڻ-ويڙهيءَ جي پاڇي ۾ پلجي رهيو آهي. انھن سپاهين کان اڳتي هڪ ازلي وفادار سردار بيٺو هو جنھن کي انٽيليجنس جي ناٽڪ رچيندڙ اها همت عطا ڪئي هئي، جنھن جو مظاهرو هو ميداني فوج جي سڀ کان اهم عھدي (رينڪ) چنڊ ۽ تاري (ميجر جو بيج) ڏانھن حقارت ڀرين نظرن سان ڏسندي ڪري رهيو هو. شايد هن ڄاتو پئي تہ عھدي جي انھن نشانن واري گهڻن ئي، آفيسرن کي سرد راتين ۾ تشدد ڪندي رولو ڪتن جيان ماريو ڪُٽيو ويو هو.
اڄ کان ڪي سؤ سال اڳ هڪ صحافي چارلس اينڊرسن چيو هو تہ، ڪُتي ماڻھوءَ کي چَڪيو، اها ڪا خبر ئي ناهي. خبر تہ اها آهي تہ ماڻھوءَ ڪُتي کي کاڌو.
ذلت ۽ تشدد جي انھن راتين مان نڪري اچڻ کان پوءِ آءٌ ان چوڻيءَ ۾ ڦيرڦار ڪرڻ گهران ٿو. مون کي ان دانشور صحافيءَ کي ٻڌائڻو آهي تہ، ”نہ، خبر تہ ان وقت ٺھندي آهي جڏهن ماڻھو ماڻھوءَ کي ڏاڙهي کائي. جڏهن کان سندن فرض گسٽاپو، ساواڪ ۽ ايس آءِ بي سنڀاليا آهن تڏهن کان ڪُتا تہ مات کائي ماڻھو ٿي پيا آهن.“
جيئن مون کي منھنجا وڏا ٻڌائيندا رهندا آهن، هن کان اڳ مون کي آخري ڪُتي ڪي ڇٽيھہ ورھہ اڳ چَڪيو هو. شايد مون ان جي ڏاڙھہ مان هڏي کسڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جيتوڻيڪ اسين ٻئي بکيا هئاسون پر اها (هڏي) هن جي پورهيي جي ڪمائي هئي ۽ مون ان تي ايئن پئي هٿ وڌو جيئن ڪو جاگيردار پنھنجي هاريءَ جي نوجوان ڌيءُ جي لڄ تي، ڪو صنعتڪار پنھنجي مزدور جي رت ۽ پگهر جي پورهيي تي، ڪو سياستڪار پنھنجي گجگوڙ سان ڪامڻيل لکين ماريل ماڻھن جي حسرتن، تمنائن ۽ خوابن تي ۽ ڪو جنرل ڪارنر (ڪُنڊ وارن) پلاٽن تي جهٽ هڻندو آهي. جيتوڻيڪ آءٌ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ دامنِ ڪوھہ(4 ) ۽ برج ڪالونيءَ(5 ) جا سمورا پلاٽ ڪارنر پلاٽ ئي هئا.
معزز عدالت! 1949ع کان جنوري 1984ع تائين، مون کي ڪڏهن بہ ڪنھن ڪتي نہ چڪيو آهي، تان جو جنوري 1984ع ۾ لڳ ڀڳ ٻارهن چنڊ ستارن مون کي نسل ڏکائيندڙ قانون وسيلي ڏاڙهيو آهي. پر ڇا اها ڳالھہ وائڙو ڪندڙ ناهي، تہ ان هوندي ڪا بہ خبر ڪا نہ ٺھي.
ڪُتن جي چَڪڻ جي هن ذڪر ۾، مون کي ڪمانڊو جٿن جو اهو سردار ياد آيو آهي جيڪو اڄ کان ڪي نوَ سال اڳ آزاد ڪشمير جي گادي مظفرآباد ۾ ايس آءِ بِي(6 ) جي چَنبن ۾ اڙجي ويو هو ــــ منھنجو خيال آهي تہ مون کي ان لاءِ بہ هڪ مرثيو چوڻو پوندو ــــ جاچ ڪندي جڏهن کيس اگهاڙو ڪري اذيت ڏني پئي وئي تہ اوچتو دروازو ڀڃي اذيت گاھہ جي پاسي ۾ وهندڙ نيلم نديءَ ۾ ٽپو ڏئي هُو هميشه لاءِ ان جي نيرانجهڙين لھرن ۾ لڙهي ويو. آءٌ انھن ڏينھنِ ۾ اتي ئي نيلم نديءَ يا ڪشن گنگا نديءَ جي ڪنارن تي مقرر ڪيل هوس ــــ شايد توهان مون کان اهو سوال ڪرڻ گُهرو تہ مون ساڳي قسم جي حالتن ۾ انھيءَ سورهيہ سردار جي پيروي ڇو نہ ڪئي؟
صدر عدالت! پامر لائينز جي پاسي ۾ ڪا بہ نيلم ندي ڪا نہ ٿي وهي ــــ اسان جي جاڙِي-گاديءَ (لاهور) جي گندگيءَ ۽ غلاظت جو نشان لئِي نالي (جنھن جي پُلين مٿان لنگهندي اسان جي حاڪمن جي گاڏين جا شيشا چڙهيل هوندا آهن) بہ هڪ انڌي قيديءَ جي پھچ کان پري هئي. جيتوڻيڪ لئي سان ملندڙ جُلندڙ ڌپ ايس آءِ بي جي بوچڙخاني ۾ هر گهڙيءَ ڇانيل رهندي هئي. اها رڳو اتفاق جي ڳالھہ ڪانھي تہ ڪشن گنگا ۽ لئي جي ڪناري جڏهن هڪ جھڙا اهي واقعا ٿيا تہ انھن ٻنھي جاين تي ليفٽيننٽ جنرل اختر عبدالرحمان جي حڪمراني هئي.
توهان ضرور ڄاڻيندا هوندؤ تہ ڪشن گنگا جيڪا ان دلير سردار کي ڳِھي وئي، جڏهن ڪنٽرول لائين (سرحد) جي هن پار پھچي ٿي، تڏهن ان کي اسلامي شرف بخشي نيلم چيو ويندو آهي. 1947ع ۾ آزادي وٺڻ کان پوءِ اڄ تائين اسين نالا مٽائڻ، سڃاڻپون وڃائڻ ۽ ٺاهڻ جي سلسلي ۾ سچ پچ بي مثال مھارت رکندڙ ثابت ٿيا آهيون. هاڻي شايد اهو ئي اسان جي حب الوطنيءَ جو ماپو آهي. گذريل اٺن ورهين ۾ خاص طرح اسان طوهر ڪرڻ جا ڪمال ڏيکاريا آهن. هاڻي تہ رڳو ٽوبہ ٽيڪ سنگهہ ئي بچيو آهي جنھن کي مومن آباد جو نالو ڏيڻ ئي رهجي ويو آهي. ميمن سنگهہ کي تہ اسان ڪملو پڙهائي مومن شاهي ٺاهي ڇڏيو هو ــــ شايد اها 70ع يا 71ع جي ڳالھہ آهي جڏهن رمنا پارڪ ۾ اسان جا ٽائيگر (چِيتا) گجگوڙ ڪري رهيا هئا.
ميمن سنگهہ کان مومن شاهي ۽ پوئتي، تاريخ جي ورقن ۾ هڪ قوم جي عارضي لنگر ۽ سفر جي ڪھاڻي آهي ۽ سب-جيل اٽڪ قلعي کان صادق هال جو سفر هڪ اهڙي سپاهيءَ جو مرثيو، جنھن (جي حياتي ۽ ڪيرئر) جي خاتمي جي اعلان طور هن عدالت ۾ بگل (باجا) وڄايا پيا وڃن، پر ڪيڏي نہ ستم ظريفي آهي جو ٻاهر سنگينون اڃا بہ آسمان ڏانھن اُڀيون آهن.(7 )
ڪي گهڙيون اڳ آءٌ سب-جيل کان عدالتي ڪمري ڏانھن سفر جي ڳالھہ ڪري رهيو هوس جنھن دوران مون هڪ سردار جي نفرت ڀرين نظرن جي ڳالھہ ڪئي هئي. مان انھن ماڻھن کي ڪا بہ ميار نہ ڏيندس. مون کي انھن سڀني سان همدردي آهي. مون کي انھن جي حالت تي ڏک ۽ پڇتاءُ بہ آهي. ڦاهيءَ جي تختن تي گاھہ نہ نسرندو آهي. اسان جي فوج ۾ هڪ سپاهي رڳو عھدي جي ترقي ماڻيندو آهي، ڪردار ۽ سوچ جو سفر تہ سندس قسمت ۾ ئي ڪونھي. ذهن ۽ دل جي گهراين ۾ تہ هو سدائين موسى خان( 8) هوندو آهي ـــ حڪم جو غلام، مشيني ماڻھو، روبوٽ، ڍول سپاهي جيڪو مرڪندو بہ رڳو ان وقت آهي جڏهن کيس چُونڊِي پاتي وڃي. هُو هٿيار تہ کڻندو آهي پر رڳو حڪمن مطابق پر لوڊشيڊنگ سان گڏ اهي بہ ڦٽو ڪري ڇڏيندو آهي ــــ ۽ اهو تہ اسين ڄاڻون ئي ٿا. اسان جي قوم، هي اسان جا ماڻھو، اڄڪلھہ ڏاڍيءَ سخت قسم جي لوڊشيڊنگ (هٿيارن ڦٽ ڪرڻ) جو شڪار ٿا ويٺا آهن. شايد اسين مينھن جي ديوتا جُوپيٽر جي عتاب هيٺ آهيون... هي اٺن ورهين جو ڏُڪر ۽ ڏيوالو!
سپاهين جي معزز عدالت! اڄ آءٌ اوهان جي آڏو جيڪو ڪجهہ پيش ڪري رهيو آهيان، اهي نہ تہ ڪنھن وڪيل جا صفائيءَ لاءِ دليل آهن ۽ نہ ئي هڪ تھمت-لڳل پاران انصاف لاءِ مھڻو، نہ هيءَ توهان کان رحم جي ڪا اپيل آهي ۽ نہ ئي وري هي معزز سرڪاري وڪيلن جي ستل ضمير کي ڌونڌاڙڻ جو جتن ــــ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اڄڪلھہ اسان جي ملڪ ۾ ضمير نالي ڪنھن شيءِ جي ڏاڍي گهڻائي آهي. اسان جي ضلعي ڪچھرين کان سپرين ڪورٽ تائين، پوليس چوڪين کان ڊائريڪٽوريٽ جنرل انٽيليجنس تائين ۽ پٽوار خانن کان سربراھہ مملڪت جي سيڪريٽريٽ تائين هر پاسي ضمير جي حڪمراني آهي. پر مون کي ضمير جي انھن نھرن مان اُڃ اُجهائڻي ناهي. آءٌ ضمير جي عام سجاڳيءَ وسيلي رياست اندر رياست جي هن مقدمي کي تباھہ ڪرڻ نہ گهرندس. آءٌ نہ ٿو گُهران تہ هن سجاڳيءَ جي نتيجي ۾ منھنجي تھمت-لڳن ساٿين کان سواءِ ضمير جا ٺيڪيدار بہ ان جي صدا تي لبيڪ چوندي، اسان جي قطار ۾ گهڙِي اچن.(9 )
آءٌ بھرحال، هِن کان اڳتي ڪجهہ چوڻ کان توهان کي اهو ضرور چوندس ته
Macht doch den zweiten Frenter Laden Auch auf damit Mehr Licht.
”دريءَ جو ٻيو طاق بہ کولي ڇڏيو، تہ جيئن ڪجهہ روشني اندر اچي سگهي!“
توهان جو مغربي جرمنيءَ ۾ رهڻ ۽ ٻولي ڄاڻڻ نظر ۾ رکندي، شايد مون کي اهو چوڻ جي گهرج ڪونھي تہ اِهي اُهي آخري لفظ آهن جيڪي پوين پساهن ۾ پيل گوئٽي پنھنجي صادق هال کان روانگيءَ کان رڳو ڪي گهڙيون اڳ پنھنجيءَ زبان سان چيا هئا. آءٌ اميد ٿو رکان تہ توهين، ٻئِي نہ، تہ بہ هڪ طاق ضرور کليل رکندا.
سپاهين جي عدالت جا برگيڊيئر جج! توهان کي حق آهي تہ توهين هر ان لفظ سان اختلاف ڪريو جيڪو آءٌ چئي رهيو آهيان پر ان سان گڏ مون کي بہ توهان مان اميد آهي تہ توهان پنھنجي حياتيءَ جي آخري گهڙين تائين منھنجي ان حق جو بہ احترام ڪندؤ تہ آءٌ اهو سڀ ڪجهہ چئي سگهان جيڪو ڪجهہ آءٌ چوڻ گُهران ٿو. ان ڪري آءٌ هتي، هن گَهڙيءَ اهو اعلان ڪيان ٿو تہ هِن عدالت ۾ والٽيئرُ، جج ۽ تھمت-لڳل جي وچ واري پُل هوندو.
منھنجو توهان جي ذات تي ڀروسو ۽ ان جو ايئن کليل اظھار شايد گهڻن کي سيسڙاٽي ڇڏي. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ انھيءَ ظاهر ڪيل ڀروسي جي منفي پاڇولن جو شڪار بہ ٿي سگهان ٿو. ان جي ڪري منھنجي سوچ، منھنجا عقيدا، منھنجا مقصد ۽ منھنجي کليل وفاداريءَ جي اعلان بابت شڪ بہ پيدا ٿي سگهي ٿو. آءٌ گهڻو ڪجهہ لوڙي چڪو آهيان، پر ان هوندي بہ مون ۾ ايڏي همت آهي جو آءٌ جيڪو ڪجهہ محسوس ڪيان ٿو، اهو بنا ڪنھن ڊپ جي بيان ڪري سگهان.
توهان جا هٿ هڪ ڪاري قانون جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن. اهو قانون جنھن جي ڏڍ تي توهان کي هنن سپاهي آفيسرن جي مقدر جو سڪندر مقرر ڪيو ويو آهي. آءٌ هر حال ۾، ان هوندي بہ پُر اميد رهندس ــــ منھنجي خيال ۾ بيلٽ کان وانجهيل(10 ) هڪ ميجر پاران هِن ڪيس هلندي، ترقي ماڻيندڙ هڪ ميجر جنرل کي هن کان وڌيڪ سٺو، پائدار ۽ آخري آفرين نامو ڪو ٻيو ٿي نہ ٿو سگهي.
مسٽر پريزيڊنٽ ۽ ميمبر صاحبؤ! اڄ آءٌ اوهان جي آڏو قرضيءَ جي حيثيت ۾ نہ، پر هڪ آسودي جي حيثيت ۾ بيٺو آهيان. قرضي آءٌ نہ، پر اوهين آهيو، جن کي منھنجو ۽ منھنجي قوم جو اصل مال وياج سميت موٽائڻو آهي. تاريخ جي هن خاص گهڙيءَ تي آءٌ نہ آهيان جنھن کي هڪ امتحان ۽ آزمائش مان پارِ پوڻو آهي، پر اهو سخت وقت اوهان تي اچي پھتو آهي ــــ هن مھل توهان کي پنھنجو حڪم، پنھنجو فيصلو ۽ ضميرُ تاريخ جي ورقن حوالي ڪرڻو آهي ــــ ان تاريخ جي، جيڪا سڀاڻي توهان جي ڪردار ۽ فيصلي تي هڪ قاضيءَ، هڪ منصف ۽ حاڪم جي صورت ۾ ويٺل هوندي.
آءٌ اوهان کان رحم جي خيرات نہ گهرندس، ڪڏهن بہ نه!
آڻ مڃڻ منھنجن وڏڙن جو وڙ ئي ڪونھي.
عليه کان (ذوالفقار) علي ڀُٽي،
حُسين ابن عليه کان حسن ناصر،
منصور حلاج کان سرمد،
جارجي ديمتروف کان آندري سخاروف ۽
هِن سازش ڪيس جي هن وڏي تھمت-لڳل تائين نہ تہ ڪنھن رعايت، رحم يا معافيءَ جو اڳ ڪو ذڪر ڪيو آهي ۽ نہ ئي آئينده ايئن ڪندو. اسان جي ٻوليءَ ۾ هٿيار ڦٽو ڪرڻ، همت هارڻ يا هٿ مٿي ڪرڻ جو مورڳو وجود ئي ڪونھي. هيءُ قبيلو، هي ماڻھو ۽ هيءُ سفر هڪ اڻٿڪ ۽ اڻکُٽ جدوجھد جا ڏاڪا آهن، جيڪڏهن اسين چاهيون ٿا تہ حياتي ڳاڙهي، سائي ۽ ڪاري رنگن يعني پنھنجي وجود جي شھادتن کان وانجهيل نہ هجي، تہ اسان کي اها جدوجھد هر قيمت تي جاري رکڻي پوندي.
عدالت جا صدر! توهان پڪ ئي برلن ديوار جي هن پار ريشتاغ( 11) جاءِ ڏٺي هوندي. مون کي اها بہ پڪ آهي تہ توهان ان باھہ جو قصو بہ پڙهيو هوندو. گريگري دميتروف، فان لوبي، گوئرنگ، گوئبلز، ڪارپورل ايڊولف هٽلر، نازي پارٽي ۽ پيپزگ جي ڪينگرو (نام نھاد) عدالت جي ججن جا نالا توهان لاءِ نوان نہ هوندا. منھنجي دعا آهي تہ شل اوهان کي اهي نالا چڱيءَ طرح ياد رهن، ڇو انھن سڀني جا ڀُوت اڄڪلھہ پاڪستان جي دَوري تي نڪتل آهن ۽ اسان کي اهي سڃاڻڻا پوندا.
نوان ڪوٽ(12 ) اڄوڪي پاڪستان جو ريشتاغ وارو قصو آهي. هن گهڙيءَ اوهان جي آڏو هڪ نہ، پر سترهن (جارجي) دميتروف تھمت-لڳل جي صورت ۾ پڪڙ هيٺ ويٺا آهن. فان لُوبي ... ۽ ...( 13) ريشتاغ ويندڙ لاڏلي سرنگهہ مان نڪري اوهان جي آڏو بيان ڏئي چڪا آهن. توهان اهو بہ ڄاڻو ٿا تہ جڏهن اهي اسان خلاف سرڪاري شاهد طور بيان ڏئي رهيا هئا تڏهن ڊيموڪليس جو خنجر مٿان لڙڪي رهيو هو. انھن جي سڃاڻپ کان پوءِ هاڻي اسان آڏو رڳو هڪ مونجهارو رهجي وڃي ٿو تہ نيٺ ڪارپورل، ريش مارشل، پروپيگنڊا منسٽر ۽ نازي پارٽيءَ جي ان ناٽڪ جا جيڪي خالق، هدايتڪار ۽ ڪردار هئا، اهي ڪٿي آهن؟ منھنجو خيال آهي تہ هيءَ حقيقت توهان جي نظرن ۾ هوندي تہ پارليامينٽ ڏانھن ويندڙ زمين-هيٺان رستو ريش مارشل (گوئرنگ) جي بنگلي مان ئي نڪرندو هو. جيڪڏهن توهان ايترو ڄاڻو ٿا تہ پاڪستاني ريشتاغ جي قصي ۾ اصل ڏوهارين جي ڳولا ۽ باھہ ڏيڻ جو ڏوھہ ڪنھن ڪيو، اهو توهان لاءِ ڏکيو نہ هئڻ گهرجي.( 14)
جيڪڏهن ريشتاغ جي باھہ جو مطلب فاشزم خلاف جرمن قوم جي ضمير جو آواز (جرمن ڪميونسٽ پارٽي) کي ختم ڪرڻو هو تہ نوان ڪوٽ جي جنگي ويڙهاند ۽ ڪارروائيءَ جو مقصد مارشل لا جي ڄمار ۾ جنتا جي پنھنجي قطارن مان پھرين ۽ آخري عظيم پاڪائيءَ لاءِ راھہ هموار ڪرڻي هئي. جيتوڻيڪ ابتدا ۾ مون کي ٻڌايو ويو تہ هي ڪيس پاڪستاني قوم جي ضمير جو آواز پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو. نئين اڇي-چٺي جون ڳالھيون بہ گهڻيون ئي ٿيون ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس جي ڳالھہ بہ ٿي.(15)
اهو فيبروري 1984ع جي ابتدائي ڏينھنِ جو ذڪر آهي جڏهن اسان کي گرفتار ٿئي ڏيڍ مھينو کن ٿيو هو. انھن ڏينھنِ ۾ ڪنھن ان وقت جي وائيس چيف آف دَ اسٽاف (جنرل سوار خان) کي وينتي ڪئي تہ هڪ گم-ڪيل فوجي آفيسر جي مائٽن کي گهٽ ۾ گهٽ اهو تہ ٻڌايو وڃي تہ هُو جيئرو بہ آهي يا ڪُسجي ويو. ان سولي سوال جو جواب چمڪندڙ چئن ستارن واري جنرل ڪجهہ هيئن ڏنو هو تہ ”مان توهان کي منٿ ٿو ڪيان تہ ان موضوع تي مون سان نہ ڳالھايو، شڪاري ڪتا هر پاسي پکڙيل آهن. مون کي تہ اها بہ خبر ڪونھي تہ سڀاڻي مون سان ڇا ٿيڻ وارو آهي.
مسٽر پريزيڊنٽ! شڪاري ڪتن جي ڪھاڻي ڪا اڻلڀ يا اڻڄاتل ڪھاڻي ڪانھي. اها ڪھاڻي ٻڌي، هن قوم جي دل ۽ دماغ ۾ خطري، ڳڻتيءَ يا مونجهہ جون ڪي بہ گهنٽيون ڪو نہ وڄنديون آهن. مون کي ياد آهي تہ مون 1977ع ۾ هڪ ئي ماڻھوءَ، هڪ حُر مرد کي شھر جي مشغول چؤواٽي تي رڙيون ڪندي ٻڌو هو تہ شڪاري ڪتا سندس رت چَٽڻ گهرن ٿا.( 16) اڄ شڪاري ڪتن جو نشانو اهي ٻئي ماڻھو ڏسڻ ۾ بہ نہ ٿا اچن، جيتوڻيڪ هڪ لکين ماڻھن جي دلين ۽ انھن جي يادن ۾ امر ٿي چڪو آهي ۽ ٻيو پاڻ لک پتي ٿيو پنھنجي سُھڻي وِلا (گهر) جي ڀتين پٺيان بدناميءَ ۽ گمناميءَ جي وچ ۾ ڪٿي لڪو ويٺو آهي.
بائيبل (انجيل) شايد ان جھڙي لک پتي جنرل لاءِ ئي تہ چوي ٿو: ”انھن هوا جا ٻج پوکيا آهن ۽ اهي دلير دلين جو فصل ڪاٽيندا“ ۽ اهو حُر مرد، شاعر جي زبان سان هيئن ڳالھائي ٿو:
اي صاحب، صليب مُجهي جان عزيز ٿِي،
ميرا ڪمال، مرثيہ خواني ۾ ديکنا!
اڄ آءٌ پڪيءَ پڪ سان چوان ٿو تہ (سوار خان جيان) هِن ڏاکڙي جي ٻين ڪردارن کي بہ ترت يا دير سندن ”لُمبو“ ۽ ”لَڏو“ ضرور ملندا.
ٻي ڏينھن، جڏهن مون کي ڪنھن ماڻھوءَ جنرل جي ان ردعمل بابت ٻڌايو تہ آءٌ عدالت جي پاسي واري ڪمري ۾، جيڪو ملاقات واري ڏينھن ريلوي پليٽفارم جھڙو لڳندو آهي، دل کولي کِلي پيس. پنھنجي پنھنجي پياري قيديءَ سان ڳالھيون ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل ملاقاتين جي انبوھہ منھنجي ان وحشي ٽھڪ سبب ڇرڪ ڀريو، پر آءٌ پُر ٿي مرڪندو رهيس. توهان ڄاڻو ئي ٿا تہ مُرڪون ۽ ٽھڪ هن جڳ-بدنام قلعي ۾ ڪيتري نہ اڻلڀ جنس آهن. جنرل جي ڳالھہ سبب مون کي منھنجي بابا جي ياد آئي هئي جنھن کان مون سندس مرڻ کان ٿورو اڳ سوال ڪيو هو تہ هُو ڪجهہ لفظن ۾ مون کي خاڪي ۾ پنھنجي تجربن ۽ تاثرن جو نچوڙ ٻڌائي. منھنجو سوال ٻڌي هو پنھنجيءَ ڏاڙهيءَ ۽ مڇن وچ ۾ ئي ڳجهو مرڪيو هو!
”پتر! اَسي هَر ويلي فڪرمند رَهدي هان ڪه ڪُج هُوَڻ والا اي تي سوچديان رهويدا سي ڪه جي هوڻي هو گئِي تي ڦِر ڪِي هو وي گا، تي ساهدِي وال پيران تُون سِر تائين چِٽي هو گئِي اس اَنھونِي نُون روڪڻ لئہ جهيڙي ڪَدي وِي نان هوئي.“
(پُٽ! اسين هر ويل ڳڻتيءَ ۾ رهندا هئاسين تہ ڪجهہ ٿيڻ وارو آهي ۽ اسين انھيءَ سوچ ۾ رهندا هئاسون تہ جيڪڏهن ٿيڻ وارو ٿي پيو تہ پوءِ ڇا ٿيندو ۽ انھيءَ ڳالھہ جي پيش بنديءَ لاءِ سوچيندي سوچيندي جيڪا ڪڏهن بہ نہ ٿي. اسان جا وار پيرن کان مٿي تائين اڇا ٿي ويا.)
منھنجو خيال آهي تہ عظيم پاڪائيءَ لاءِ ڪڍيل جرنلن کي بہ خبر پئجي نہ سگهي هئي تہ انھن سان ڇا ٿيڻ وارو آهي. اهو ئي تہ هڪ سپاهيءَ کان ويندي جنرل تائين سڀني جو ڏاکڙو آهي.
معزز عدالت! مون پنھنجن سينئرن کان موقعي پرستيءَ جو ڪجهہ نہ ڪجهہ تبرڪ حاصل ڪيو آهي. ان ڪري آءٌ انھن گهڙين کي، جيڪي منھنجي وس ۾ آهن، نوان ڪوٽ جي باھہ جي سلسلي ۾ ڏوهاري مھانڊن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ کان سواءِ رهي نہ سگهندس. هونئن بہ اوندھہ ڇانئجڻ کان اڳ ئي انھن مھانڊن جي سڃاڻپ ڪري ڇڏڻ انتھائي ضروري آهي.
ڏوهن جي تاريخ ۾، شام جو ستين وڳي کان پوءِ لکايل ايف آءِ آر شڪايت ڪندڙ جي ڪوڙ ۽ هٿ ٺوڪيءَ کي ثابت ڪرڻ ۾ ڪو مڙيو ئي معمولي مدد ڏيندي آهي.( 17 ) ان سڃاڻپ-پريڊ ۾ اسان کي نوان ڪوٽ جي جنگي ويڙهاند جي ميجر ڊومو( 18 ) کي ڳولي ڪڍڻو پوندو ۽ ان سان گڏ ئي شھنشاھہ-بادشاھہ جي غلامن جي ان نسل جي نشاندهي ڪرڻي پوندي جيڪو ”آڌيءَ رات جي ٻارن“ جي مقدر ۽ مستقبل جو فيصلو ڪرڻ لاءِ عدالت جو ٻھروپ ڪري ويٺو آهي.
اسان کي ڄاڻڻو پوندو تہ ڪجهہ عرصو اڳ چيف آف دَ آرمي اسٽاف ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر تي اهو راز ڪنھن کوليو هو تہ هُو رڳو لڄا لُٽ ۾ ماهر محافظ(19 ) جي هوشياريءَ سبب هڪ نفسياتي ماهردهشتگرد جي گولين جو نشانو ٿيڻ کان بچي ويو هو.نفسياتي ماهر، منھنجو هڪ دوست ميجر، جنھن کي انٽيليجنس جا ايجنٽ انتھائي ٺڳيءَ ۽ مڪاريءَ سان نوان ڪوٽ جي ڪوڙڪيءَ اندر وٺي آيا ۽ جنھن کي سياچن گليشيئر جي سُورهيَن هڪ مثالي ڪلاسيڪي ملٽري آپريشن ۾ ان وقت گرفتار ڪيو جڏهن هو سرڪار جي پھرين ڪُوڙي ايف آءِ آر موجب ساڍا اَٺ مڻ چرس ۽ 7.62 ملي ميٽر قطر جي سب مشين گنن ۽ 9 ملي ميٽر جي گولين سان اٺن ورهين جي اونھي مورچي بند تاناشاهي فوجي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ڀاڄ کائي رهيو هو. اهڙي جنتا جيڪا نَھن کان چوٽيءَ تائين هٿياربند پنج لک سپاهين، ايف-16 جھازن ۽ ايگزاسسٽ ۽ هارپُون ميزائيلن سان ڀَري تَري ڄمي ويٺي آهي.
سام ماڻڪ شاھہ جي هٿان ٽُٽل هن ملڪ لاءِ اها ڳالھہ سوين ڀيرا فخر لائق آهي تہ نوان ڪوٽ ٿاڻو توب خاني جي هڪ ليفٽيننٽ جنرل جي ڪمان ۾ ان جي ٺيڪ پنھنجي تيار ڪيل اعلى جنگي منصوبن ۽ طريقن موجب فتح ڪيو ويو. پر ڪيڏا نہ خطرناڪ ارادا هئا انھن تخريبڪار آفيسرن جا! ميري جوانا وسيلي عام مدهوشي، پوءِ قتل ۽ تباهي ۽ پوءِ بغاوت ۽ اقتدار تي قبضو!
اهو منھنجي ڄاڻ ۽ سوچ جي حدن ۾ وائڙو ڪندڙ واڌاري جو موقعو آهي. ان کان اڳ منھنجي سوچ رڳو ان حد تائين محدود هئي تہ رڳو هڪ اگهاڙي ۽ سخت طاقت ئي هڪ حڪمران ٽولي کي بدعنوان (ڪَرپٽ، ڪُلڇڻو)، گمراھہ ۽ مدهوش ڪري سگهي ٿي. ڪاش! عوامي لڙاين جا ماهر ۽ سورهيہ مائو زي تنگ، فيڊل ڪاسترو، چي گويرا، هوچي منھہ، ياسر عرفات، نور مسوري، بن بيلا ۽ گياپ ڄاڻيندا هجن ها تہ ڪچو چرس انقلابي جدوجھد کي اڃا بہ تيز ڪرڻ ۾ ڪھڙا ڪھڙا معجزا ڏيکاري سگهي ٿو.
مون کي ياد پوي ٿو تہ اسڪول جي ڏينھنِ ۾ منھنجو منشي سدائين چوندو رهندو هو تہ اسين سورهيہ (هيرا) پيدا ڪرڻ واري قوم آهيون.جڏهن تہ پٽڪي واري ان پوڙهي استاد ڪڏهن بہ منھنجي ڳوٺ جي ويجهڙ واري مٽيءَ مان جنم وٺندڙ سورهيہ پورس جو نالو نہ ورتو هو پر پوءِ بہ طارق موسى، ابنِ قاسم، محمود غزنوي ۽ غرناطہ جو بابر سڀ ئي منھنجي لاءِ سورهيہ ٿي پيا هئا. اڄ چرس ۽ انقلاب جي ناتي جو ذڪر ڪندي، آءٌ سوچي رهيو آهيان تہ شايد منشيءَ ۽ سندس سورهيَن جا ڏينھن پُورا ٿي ويا. جڏهن کان هن ملڪ ۾ اسلامائيزيشن شروع ٿي آهي، تڏهن کان اسان رڳو هيروئنون ۽ هيروئن پيدا ڪرڻ ۽ پھچائڻ شروع ڪيون آهن. هيروئنون تيل جي بادشاهن لاءِ ۽ هيروئن سڄيءَ دنيا جي جواني تباھہ ۽ برباد ڪرڻ لاءِ.
مسٽر پريزيڊنٽ! اتريَن علائقن ۾ سردار ولي خان ڪوڪي خيل جي بي مثال گڏيل ۽ مڃيل ڪمان هيٺ آفريدي ۽ شنوارين جي ڏينھن ڏٺي بغاوت ۽ ان خبر جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلا اسان جي لاءِ ڪا بہ اهميت نہ ٿا رکن. خيبر لَڪ ۾ ڀڙڪندڙ بغاوت جي اُلن جيان ملڪ جي ٻين جبلن، ماٿرين ۽ وارياسن ۾ بغاوت جا جهولندڙ جهنڊا بہ اسان لاءِ ڪا معنى نہ ٿا رکن. اڄ اسان جي سمورن فائر برگيڊن، انفنٽري ۽ آرمرڊ برگيڊن جي سمورين توبن ۽ ٽينڪن جو رخ نوان ڪوٽ جي ريشتاغ ۽ ان جي چرس جي شعلن ڏانھن آهي. رڳو ان ڪري جو اهو رڳو نوان ڪوٽ جو ئي قصو هو جنھن جي دونھين جي آڙ ۽ چادر جي اوٽ ۾ اسلام آباد ۽ ان جي ويجهڙي جنگي ميدان لاءِ نئين ٽولي بازي ڪئي وئي آهي. سائين منھنجا! ان ناٽڪ جي آڙ ۾ ان جنگي ميدان ۾ نوان گهوڙا آندا ويا آهن.( 20 )
اها ٻي ڳالھہ آهي تہ گذريل اٺن ورهين جي سڀ کان اهم ۽ وڏي جنگ اسان نہ تہ مغربي محاذ تي وڙهي آهي جتي اسان سلوارون لاهيون ويٺا آهيون ۽ نہ ئي مشرقي محاذ تي جنھن جي لاءِ تازو ئي اسان چنڊ ۽ تاري واري جهنڊي کي ٽي ڏينھن سوڳ جي حالت ۾ جهڪائي رکيو.(21 ) انھيءَ عرصي ۾ اسان اسلام جي بحالي، نواڻ ۽ سجاڳيءَ جا لڦڙا هنيا آهن يا وري نوان ڪوٽ، راولپنڊي، ڪوٽ لکپت، هري پور، بالا حصار، ناڙا، اٽڪ ۽ ٻين شاهي قلعن ۽ جيلن ۾ مڙسيءَ جا جوهر ڏيکاريا آهن.
ماڻھن جي سڃاڻپ جون ڳالھيون، نون جنگي ميدانن جو ذڪر ۽ هيروئنين ۽ هيرَن جا قصا بيان ڪندي آءٌ پاڪ آرميءَ جي يارهين (ڪھاڙو ڇاپ) انفنٽري ڊويزن جي اڳين مورچن ۾ ٿيندڙ واقعي جي ڪھاڻي بيان ڪرڻ بنا رهي نہ ٿو سگهان. هيءَ انھن ڏينھنِ جي ڳالھہ آهي جڏهن 1971ع جي جنگ ۾ سِيز فائر (ويڙھہ بند ڪيو) يا اڃا بہ هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي متبرڪ رسم ادا ٿي چڪي هئي. انھن ئي ڏينھنِ ۾ بِي آر بِي نھر جي هُن پار ڪھاڙو ڇاپ ڊويزن جي ڪمانڊر آرٽلري کي پنھنجي جهنڊي-واري جيپ ڏانھن مٿي-تي-پير رکي ڊوڙندي ڏٺو ويو. رڙيون ڪندڙ هڪ انتھائي جونيئر توبچي آفيسرُ مٽيءَ جو وڏو ڦوڙ کڻي برگيڊيئر پويان پئجي ويو هو. سڙيل سَٽيل، سنهڙو سيپڪڙو ڪمينو توبچي(22 ) هڪ ڀوري ڳاڙهي، ڏاڍي ٺاهوڪي، سھڻي ۽ مٽي ۽ ڌُوڙ کان پاڪ ڌوتل برگيڊيئر جي انھي اڻڪٿي ۽ بي لحاظ تنقيد ۽ گارين کي سَھي نہ سگهيو هو، جيڪا هُن (برگيڊيئر) وڻن جي ٽارين ۾ ٻڌل پيھي جھڙي او-پِي (جاچ-جاءِ) جي بناوت ۽ اثر بابت ڪئي هئي. 3-ڊسمبر 1971ع کان جڏهن کان اسان جا صف شڪن جنرل اکٻُوٽ جي ابتدا ڪندي مغربي محاذ تي لومڙيءَ جي شڪار لاءِ نڪتا هئا، (16-ڊسمبر واري ڀارتي جنرلن جي ساڻن شاديءَ رات کان پوءِ) هي توبچي آفيسر ۽ ان جي ڪمانڊر جي وچ ۾ پھرين ملاقات هئي ــــ بھرحال، ايس آءِ بِي جي جاچ هلندي جڏهن مون کي ساڳي ئي برگيڊيئر، هاڻي ليفٽيننٽ جنرل اختر عبدالرحمان خان جي بارگاھہ ۾ جاچ لاءِ پيش ڪيو ويو تہ اهو ڄاڻي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي تہ گهٽ ۾ گهٽ نوان ڪوٽ جي جنگي ويڙهاند جي ڪمان جنرل صاحب بذات خود، بنفسِ نفيس فرمائي هئي.
سائين! بِي آر بِي نھر جي هُن پار هڪ آبزرويشن پوسٽ (او پِي) کان نوان ڪوٽ تائين اسان جي جنگي فن جي تاريخ هڪ تمام وڏو ڇال ڏنو آهي ۽ آءٌ سمجهان ٿو اسان جو سرحدون اڄ ايتريون محفوظ آهن جيتريون اڳ ڪڏهن بہ نہ هيون.
Mon centre c’ede Ma Recule Situation Excillante J Attaque.
(”منھنجي دل ٻڏي رهي آهي، منھنجي کاٻي پاسي واري فوج پست ٿي رهي آهي، جنگي صورتحال ڏاڍي شاندار آهي. آءٌ ڪاھہ ڪندس.“)
فرانس جي مارشل فوش اڄوڪي پاڪستان بابت اڄ کان ڪيترا ئي ڏهاڪا سال اڳ ڪيڏي نہ پيغمبرانہ اڳڪٿي ڪئي هئي!
مسٽر پريزيڊنٽ ۽ هٿيارن جي عدالت نمبر 64 جا ميمبرؤ! آءٌ پنھنجو بيان انھيءَ ماڻھوءَ جي ذڪر سان شروع ڪريان ٿو جنھن جو نالو جناح هو. اهو جناح جنھن کي منافقَ قائد اعظم جي نالي سان ياد ڪندا آهن ــــ اهو جناح جنھن کي انھن منافقن ڪراچيءَ جي هڪ اهرام ۾ رڳو ان ڪري پُوري رکيو آهي جو اهڙيءَ طرح اُهي ان جي اندر واري ان حُر مرد کي بيدرديءَ سان چيڀاٽي سگهن جنھن جي سموري زندگي ۽ موت جي جدوجھد آئين ۽ قانون جي حڪمرانيءَ ۽ آزاديءَ، آچار ۽ ٻين انساني قدرن کي حاصل ڪرڻ واري جدوجھد سان ڀريل هئي.
مون کي ٻڌايو تہ ڇا اهو سچ ناهي تہ توهان بہ هن کي ’قوم جو ابو‘ سڏي ياد ڪندا آهيو؟
جيتوڻيڪ مون کي سوال ڪرڻ جي گهرج نہ هئي، ڇو تہ توهان جي جواب جي اڳواٽ ئي خبر آهي. هڪ خاص سچي پاڪستانيءَ جو جواب ’ها‘ کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو ٿي سگهي! مون کي اهو بہ احساس آهي تہ گهٽ ۾ گهٽ ان معاملي ۾ آءٌ ۽ توهان شايد هڪ ئي سطح تان ڳالھائي رهيا آهيون تنھنڪري جيڪڏهن آءٌ توهان کي خصوصي قانونن، خصوصي عدالتن ۽ خصوصي ٽريبيولن بابت (توهان ۽ توهان جي اَبي) جناح جي فيصلي ۽ فرمان کان واقف ڪيان تہ اهو ڪم ڏاڍو مناسب ۽ گهرج موجب هوندو. اهو منھنجو ان معاملي ۾ پھريون فرض آهي ۽ ان کي پورو ڪندي آءٌ ڪڻي برابر بہ نہ لنوائيندس ــــ اها ياد اوهان کي ضرور ڏياريندس.
منھنجي ۽ توهان جي لاءِ هن ناتي جي حوالي سان جيڪو مون کي ۽ اوهان کي جناح سان آهي، اها نہ تہ ڪا مشاهدي جي ڳالھہ آهي ۽ نہ ئي ڇنڊڇاڻ جي، جنھن جي پوئواري، جيڪڏهن اسان ان جي ناخلف اولاد نہ ٿا چورائڻ گهرون تہ اسان کي هر حالت ۾ ڪرڻي پوندي. آءٌ انھن ڏينھنِ جي ڳالھہ ڪري رهيو آهيان جڏهن انڊين (ننڍي کنڊ جي) قانون ساز اسيمبليءَ ۾ بنگال ڪرائيمز (ڏوهن بابت) ريگيوليشنز (قانونَ) بحث هيٺ هيا. جا هي اهو وقت هو جڏهن ڀڳت سنگهہ، دت جيندر داس، اشفاق ﷲ خان، غازي عبدالقيوم، غازي علم الدين، هنس راج ۽ هيمون ڪالاڻيءَ جي ذات جا آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ مجاهد تہ رهيا هڪ پاسي، ”سونار بنگلا“ (سونھري، سھڻو بنگال) جون وڏين اکين واريون ڪماريون بہ بارودي بندوقون، تلوارون، خنجر ۽ تير ڪمان کنيو قدرت ﷲ شھاب، الطاف گوهر، غلام اسحاق خان، آغاشاهي، آغا هلالي ۽ روئداد خان جي گُروئن ۽ مرشدن جي شڪار جي ڳولا ۾ نڪري پيون هيون. ڦورو پرمار حڪومت ان انتھائي خصوصي حالتن سان نبرڻ لاءِ آئين-کان-مٿاهون قانون (سُپر ڪانسٽيٽيوشنل) منظوريءَ لاءِ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري رکيو هو. رولٽ ايڪٽ، جنھن وسيلي اهڙين خصوصي عدالتن ۽ ٽيبيونلن جي جوڙجڪ جي راھہ ٺاهڻي هئي جنھن جھڙي هڪ عدالت ۾ اڄ مون کي هن سازش جي ڪيس کي مُنھن ڏيڻو آهي.
جناح ان خاڪي (ڊرافٽ) جي ڏاڍي سخت مخالفت ڪئي. هُو اڃا ڳالھائي ئي رهيو هو تہ سرڪاري بئنچن تان گوري هوم سيڪريٽريءَ اهو چوندي دخل اندازي ڪئي تہ ”جيڪڏهن مسٽر جناح ذاتي طرح پاڻ انڊين سول سروس جو ميمبر هجي ها ۽ کيس اهڙين تشدد وارين وارداتن جو نشانو بڻايو وڃي ها تہ سندس ردعمل ڪھڙو هجي ها؟“
”جناحُ هڪ اهڙي ڪاري قانون جي منظوريءَ ۽ ان جي پاڇي هيٺ جيئرو رهڻ کان هڪ ڪُتي جھڙو موت مرن کي سٺو سمجهي ها.“ اسين سڀ ڄاڻون ٿا تہ جناح ترت ئي جوابي ڏنگ هڻندي اتي ئي ان ئي مھل هڪ اهڙي قانونساز اسيمبليءَ مان استعيفا ڏئي ڇڏي هئي جيڪا هن اسيمبليءَ، جنھن جي سربراهي اڄڪلھہ مسٽر فخر امام ڪري رهيو آهي، کان گهڻو وڌيڪ خود مختيار ۽ وس واري هئي.
ڇا تون، منھنجا ديسِي، پريزيڊنٽ، مون کي ايتري آزادي ڏئي سگهندين جيڪا گوري آقا، غلام جناح کي ڏني هئي؟
- تہ پوءِ آءٌ توهان کي ۽ سڄي پاڪستان کي اهو چوڻ ٿو گهران تہ صدر ۽ چيف ماشل لا ايڊمنسٽريٽر جو جاري ڪيل حڪم نامو مجريه 84/4، جيڪو هن سھڻيءَ دنيا ۽ اڳين جهانَ جي سموري قانونن کان مٿاهون آهي ۽ انھن کي رد ڪري ٿو، هڪ ڪارو قانون آهي، هڪ ڪرڀائتو حڪم آهي ۽ هڪ انتھائي ردي قسم جي رجعتي چال آهي.
اڄ مون کي موڪل ڏيو تہ آءٌ انھيءَ حُر مرد جي رَندن تي هلي سگهان. مون کي هڪ ڀيرو تہ آزادي ڏيو تہ آءٌ 36 سال اڳ صليب تي ٽنگيل ماڻھوءَ کي ٽيليويزن جي صليب تان لاهي، حڪمران ٽولي جي ڍاڍن نعرن کان جهپڙ هڻي ڪڍي ۽ زرد صحافت جي چوڪاٺي مان ڇڏائي پنھنجيءَ دل ۾ ويھاريان ــــ پنج لک جيڪ بُوٽن جي قطار ۾ ڌڙڪندڙ سڪيلڌي دل!
جنھن قانون جي آڙ ۾ مون کي ستم جو نشانو بنايو پيو وڃي، اهو هڪ ڪارو قانون آهي. ٻين گهڻن ئي قانونن جي موجودگيءَ ۾ هيءُ ڪارو قانون لاڳو ڪرڻ ٻيو ڪجهہ ناهي، نجي بد ديانتيءَ جو اظھار آهي.
هيءُ L’ Etat c’est moi پاران کُليل بڇڙائي(23 ) آهي. جيڪڏهن توهان ان حوالي تي ڌيان ڏيو، سچ تہ هي آهي تہ آءٌ نہ، پر توهان، هن اسپيشل ملٽري ڪورٽ جو جنرل محمد حسين اعواڻ،( 24) ڪرنل شامي ۽ مئجسٽريٽ مَلڪ ڪرمداد آهن، جن کي هِن مقدمي آڏو اچڻو آهي پر اڃا بہ ان کان هڪ وک اڳتي رڳو اوهين ماڻھو ڪو نہ آهيو پر جنرل ضياءُ ۽ چئن ستارن وارو اهو شاعر سپاهي خالد محمود عارف حقيقي ڏوهاري آهن جن اهڙيءَ حالت ۾ هڪ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ جيل ۽ پوليس جي حوالي ڪيو آهي، جڏهن تہ اهي سڀ اڃا بہ يونيفارم ۾ آهن.( 25) مون کي ان کان بہ اڳتي اهو چوندي ڏک ٿي رهيو آهي اڄ هڪ سڄي قوم تي هڪ ڪاري قانون وسيلي ڪيس هلايو پيو وڃي جيڪا پنھنجي ئي فوجن جي هٿان پنج-سالہ ڪاهن ۽ اوٿن جي عادي ٿي بي حس ٿي چڪي آهي. حقيقي حياتيءَ جو هيءُ ناٽڪ ان غداريءَ، ڌوڪي ۽ ٺڳيءَ جو اهو ڏکائيندڙ تسلسل آهي جيڪو جناح جي ڪنڌيءَ کان شروع ٿيو.
ڪو بہ ڪجهہ چئي نہ ٿو سگهي تہ پردا ڪڏهن ڪيرايا ويندا.
عدالت جا صدر! مون کي پڪ آهي تہ توهين ضرور ڄاڻيندا هوندا تہ جناح جو پنھنجي چوڌاري رهندڙ ماڻھن بابت فيصلو ڪھڙو هو ــــ اهي ماڻھو جيڪي منھنجا ۽ توهان جا امام، بلڪ وڏا هئا ۽ جيڪي اڄ پاڪستان ٺاهڻ جي دعويدارن ۾ شامل آهن.
”مسلم ليگ ڇا آهي؟ آءٌ، منھنجي ڀيڻ ۽ منھنجو ٽائيپ رائيٽر!“ پنھنجي مڙهيءَ تي جڏهن اهو وڏو-ماڻھو پنھنجن ڄامڙن نائبن جو عملي طرح قيدي ٿي چڪو هو. هڪ ڀيري هن رڙ ڪئي هئي تہ ”منھنجي کيسي ۾ سمورا سِڪا کوٽا آهن.“
اڄ جڏهن آءٌ ان عظيم پوڙهي ماڻھوءَ جي ياد ۾ اهو چئي رهيو آهيان تہ هن رياست جو نظريو ۽ سرڪاري مذهب نہ تہ اسلام آهي، نہ سوشلزم ۽ نہ ئي ڪميونزم، تڏهن مون کي معاف ڪجو. اسين حقيقت ۾ کوٽن سِڪن جو ٻيو نسل آهيون (۽ اهو ئي اسان جو دين ۽ ايمان آهي.)
“Our sires’ age was worse than our grandsires’. We their sons are more worthless than they: so in our turn we shall give the world a progeny yet more corrupt.” (Odes, by Horace)
(”اسان جي اباڻن جو دَور اسان جي وڏڙن جي زماني کان خراب هو. اسين انھن جا پُٽ کانئن وڌيڪ نِڪما آهيون. ان ڪري پنھنجي دنيا کي اسين ان کان بہ وڌيڪ بڇڙو نسل ڏئي وينداسون.“ - هوريس)
سائين! فارسيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي تہ ”خانهءِ خالي را ديوانِ مِي گيرد“ يعني سڃي گهر تي ديوَ اچي قبضو ڪندا. جڏهن 11-سيپٽمبر 1948ع تي گهر ڌڻي موڪلائي ويو تہ هيءُ اسان جو گهر بہ خالي ۽ سُڃو ٿي ويو. اسان جو نڀاڳ، جو ان سُڃ تي ڪنھن قدڪاٺيءَ وارن جنن ۽ ڏائڻين جو بہ قبضو نہ ٿيو پر اسين ڄامڙن جي قبضي هيٺ اچي وياسون. ڄامڙا ۽ بونا پارٽ جي هن گهر تي هر پنجن کان ڏهن سالن بعد فاتحانا قبضي ۽ ان کي هڪ فوجي بيٺڪ بڻائڻ جي ريت وڌي!
ترقيءَ جا ڏهاڪا، ڏاڍ ۽ جبر جا ڏهاڪا، منافقيءَ جا ڏهاڪا ۽ ڏهاڪا عياشيءَ جا ــــ اها ئي تہ آهي اُها پاڪستاني پڪنڪ، جنھن کي اسين گذريل 38 ورهين کان ملھائيندا آيا آهيون.
عدالت جا صدر! آءٌ ان سلسلي ۾ خود جناح جي هزارين قولن جي ڳالھہ ڪري سگهان ٿو پر انھن جو ذڪر توهان جي ”عدالت“ ۽ ان جي ”عزت“ جي خلاف هوندو. اسان جو ابو وڏو ”گستاخ“، کرو ۽ بيباڪ ماڻھو هو. هو ميگناڪارٽا (پھريون وڏو آئين) جي وجود ۾ اچڻ ۽ ٿامس جيفرسن جي دَور کان اڄ تائين واري دنيا جو عظيم آئين پرست هو. جديد دنيا هن کان وڏو اصول پرست ۽ قانون جي حڪمرانيءَ جو عاشق اڃا تائين پيدا نہ ڪري سگهي آهي، پر ان هوندي بہ جيڪڏهن کيس جنرل ضياءَ جي ٻوليءَ ۽ معيار موجب ڏنو ويندو تہ هو هڪ ”سازشي“ هو. هُو باغي هو ۽ هو هڪ دهشتگرد هو. منھنجو خيال آهي، اوهين ڄاڻيندا هوندؤ تہ هن بمبئيءَ ۾ لارڊ ولنگٽن ۽ سندس ”ٽِي (چانھہ) پارٽي“ جو ڪھڙو حشر ڪيو هو.
مون لاءِ جناح ۽ ان جي ذڪر کان هٽڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، پر سفر ڏاڍو ڊگهو آهي ۽ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ توهان وٽ بہ ايترو وقت ڪونھي جو توهان وٽ بہ ايترو وقت ڪونھي جو توهان مون کي اهو جاري رکڻ ڏيو.
هيڏانھن، سٺ واري ڏهاڪي جي آخري جنگباز نواب( 26) جو سلجهيل ريلوي وزير ۽ اڄڪلھہ چئن چمڪندڙ تارن ۽ هڪ گهنٽيءَ واري هڪ جنرل جي مڙهيل وزير اعظم پاڪستان محمد خان جوڻيجي کي کليل موڪل ڏني وئي آهي تہ اهي پنھنجي مرضيءَ ۽ سڌ موجب جڏهن گُهرن تڏهن سپھہ سالارن جي حڪومت جي خاتمي جو اعلان ڪن. آءٌ محمد خان جوڻيجي کي کوٽن سِڪن جو هڪ شريف النفس جانشين سمجهان ٿو. مون کي ڀؤ آهي تہ ڪٿي هو هن سازش جي ڪيس هلندي ئي مارشل لا ختم ڪرڻ جو حڪم نہ ڏئي ويھي. توهان ڄاڻو ئي ٿا، اڄڪلھہ ترميمن جو بھار آهي.( 27) ڪٿي ايئن نہ ٿئي تہ ترميمن جي وسڪاري ۾ اسان جو اڌ-ڪچرو ڪيس شھر جي مئجسٽريٽ ڪرم الاهي بيگ (28) جي عدالت ۾ نہ بدلي ڪيو وڃي.
سائين، جڏهن کان ايم آر ڪياني جوانيءَ جي ڏينھنِ ۾ اسان کان موڪلائي ويو، آءٌ پنھنجي ملڪ جي عدالتن کان ڏاڍو ڊنل آهيان. مون کي توهان جي عدالت ۾ بہ ٿڌو-ڪوسو پگهر ايندو رهيو آهي. توهان جيتوڻيڪ منھنجن سمورن صفائيءَ وارن شاهدن تي قلعي جا دروازا بند ڪري رکيا آهن،( 29) پر پوءِ بہ آءٌ اوهان جي ان همت ۽ صبر کي ساراهيان ٿو جن وسيلي توهان مون کي ٻُڌو آهي. اها ڌار ڳالھہ آهي تہ جڏهن آءٌ اوهان کي آئين ۽ قانون کان مٿڀري ”حڪم نامي“ جي توب جي پاڇي ۾ ويٺل ڏسان ٿو تہ دهشت جون لھرون منھنجي هڏين جي مِکُ ۾ ڊوڙڻ لڳن ٿيون، ڇو تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اها رڳو رات جي ٻاٽ ۽ ڪارنھہ ئي تہ هئي جيڪا هڪ چڱي ڀلي ماڻھوءَ کي ”ڪائونٽ ڊريڪولا“ ٺاهي ڇڏيندي هئي.
مون کي اميد آهي تہ منھنجيءَ ان ڳالھہ سان توهان کي ڏک نہ ٿيندو. آءٌ ملٽري انٽيليجنس ۽ فوجي تاناشاهيءَ جي هن تماشي ۽ سرڪس کان ڏاڍو بيزار آهيان. آءٌ ٿڪجي پيو آهيان ۽ منھنجي دل گُهري ٿي تہ هلندي هلندي ڪنھن تازي کيڙيل ٻني جي مٽيءَ جي ڍير تي ڪڏهن بہ نہ ختم ٿيندڙ ننڊ پئجي وڃان. آءٌ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي ڏُکائڻ نہ ٿو گهران، ڪنھن جي بہ بي عزتي ڪرڻ منھنجو مقصد ڪونھي، منھنجون سوچون ۽ سَڌون توهان جي ڀلائيءَ لاءِ بہ ايئن آهن جيئن بنھہ پنھنجن لاءِ. اصل ۾ آءٌ چاهيندس تہ اوهين ماٺ مٺيءَ ۾ مون کي سزا ڏيو ۽ آءٌ پنھنجي راھہ وٺان.
پر مسٽر پريزيڊنٽ! مون کي هر حالت ۾ ۽ هر قيمت تي توهان کي اهو ٻڌائڻو آهي، تہ مون کي هن ملڪ جي ڪنھن بہ عدالت تي ڪو بہ ڀروسو ڪونھي، نہ ان جي ٽيڪنيڪي جوڙجڪ جي لحاظ کان ۽ نہ ئي انھن جي قانوني ڪارروائين جي نڪتهء نظر کان، سياستباز منير کان ويندي خود فريبيءَ جي شڪار وڏائي-ورتي انوار الحق تائين، انھن سڀني انصاف جي نہ، پر نا انصافيءَ وارن مقصدن جي ”نوڪري“ ڪئي آهي. اهي هن ملڪ جون عدالتون ئي تہ آهن جن هر نازڪ گهڙيءَ ۾ هن قوم ۽ ان جي ماڻھن جي امنگن سان غداري ڪئي آهي. هي ئي اهي ماڻھو آهن جن بيگم نصرت ڀٽو، (ذوالفقار) علي ڀٽو، ۽ ضياءُ الحق سان هڪ ئي سَٽ ۾ دغا ڪئي آهي. آءٌ تہ عاصمہ جيلاني ڪيس جي فيصلي کي بہ انھيءَ اڻکُٽ عدالتي سازش ۽ مڪروھہ اکٻوٽ جو ئي هڪ حصو سمجهان ٿو.( 30 )
هن وقت جڏهن آءٌ پنھنجي ملڪ جي خصوصي ۽ عام عدالتن جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، مون کي پنھنجي تائيد ۾ ابوالڪلام آزاد جي ٻوليءَ ۾ ڪجهہ چوڻ جي موڪل ڏيو. تازو ويجهڙ وارن ڏينھنِ تائين آءٌ آزاد کان ”ڪانگريس جو شو بواءِ“ هئڻ جي ڪري نفرت ڪندو هوس پر هن جي عدالتي بيان جو (هيٺ ڏنل) ٽڪرو پڙهڻ کان پوءِ منھنجيءَ دل ۾ هن جو مانُ ڏاڍو مٿاهون ٿيو آهي. اهو بيانُ هن توهان جي هن عدالت کان گهڻي سٺي فرنگيءَ جي عدالت ۾ ڏنو هو جتي هن مٿان برطانيا جي راڄ خلاف هڪ سازش ۾ ملوث هجڻ جي ڪري ڪيس هلي رهيو هو.
”تاريخ شاهد آهي تہ جڏهن حڪمرانن آزادي ۽ حق جي مقابلي لاءِ هٿيار کنيا آهن تہ عدالتن سڀ کان وڌيڪ سولي ۽ بي خطا هٿيار جو ڪم ڏنو آهي. عدالت جو وس هڪ سگهہ آهي ۽ هوءَ بي انصافيءَ ۽ انصاف ٻنھي لاءِ ڪتب اچي سگهي ٿي. انصاف ڪندڙ ماڻھو حڪومت جي هٿ ۾ عدل ۽ حق پرستيءَ جو سڀ کان سٺو وسيلو آهي پر جابر ۽ ڦورُو حڪومتن لاءِ هن کان وڌيڪ انتقام ۽ نا انصافيءَ جو ڪو بہ اوزار ڪونھي.“
دنيا جي تاريخ جون سڀ کان وڏيون نا انصافيون جنگ جي ميدان کان پوءِ عدالتن جي ايوانن ۾ ئي ٿيون آهن. دنيا جي پاڪ مذهبي اڳواڻن کان وٺي سائنسدانن، محققن ۽ کوجنا ڪندڙن تائين ڪا بہ پاڪ ۽ حق پسند جماعت ڪانھي جيڪا ڏوهارين جيان عدالت آڏو نہ بيھاري وئي هجي. بيشڪ زماني جي انقلاب وسيلي پراڻي زماني جون ڪيتريون ئي برايون ميٽجي ويون آهن، مڃان ٿو تہ دنيا ۾ ٻي صدي عيسويءَ جون خوفناڪ رومي عدالتون ۽ وچين دَور جون انقئزيشنس (خصوصي عدالتون، Inquisitions) وجود ڪو نہ ٿيون رکن، پر آءٌ اهو مڃڻ لاءِ تيار ڪو نہ آهيان تہ جيڪي جذبا انھن عدالتن ۾ ڪم ڪندا هئا انھن کان بہ اسان جي زماني کي نجات ملي وئي آهي. اهي جايون ضرور ڊٿيون آهن جن ۾ خوفناڪ اسرار بند هئا پر دلين کي ڪير ٿو بدلائي سگهي جيڪي انساني خود غرضيءَ ۽ نا انصافيءَ جي خوفناڪ رازن جون قبرون آهن.
عدالتن جي بي انصافين جي وچور ڏاڍي ڊيگهاري آهي. تاريخ اڄ تائين ان ماتم مان واندي نہ ٿي سگهي آهي. اسين ان ۾ عيسى جھڙي پاڪ ماڻھوءَ کي ڏسون ٿا جيڪو پنھنجي دَور جي عدالت ۾ چورن جيان بيھاريو ويو هو. اسان کي ان ۾ سقراط نظر اچي ٿو جنھن کي رڳو ان ڪري زهر جو پيالو پيئڻو پيو جو هو پنھنجي ملڪ جو سڀ کان سچو ماڻھو هو. اسان کي ان ۾ فلورنس واري حقيقت جي عاشق گليلو جو نالو بہ ملي ٿو جيڪو پنھنجيءَ ڄاڻ ۽ پرک کي ان ڪري نہ ٽاري سگهيو جو وقت جي عدالت وٽ ان جو اظھار ڏوھہ هو...
“Eppur Si Muove!”
”پر اها ڌرتي تہ چرپر ڪري پئي!“
خصوصي عدالت انقئيزيشن جي جج کان سزا ٻڌڻ کان پوءِ بہ گليلو پاڻ-جھلي نہ سگهيو ۽ هن هڪ ڀيرو ٻيھر ڌرتيءَ جي چرپر بابت پنھنجيءَ پرک جي ڳالھہ چئي ئي ڇڏي هئي.
پر عدالت جا صدر! اڄ مون کي اهو چوڻو آهي تہ رڳو ڌرتيءَ جو گولو ئي نہ پر تاريخ بہ چرپر ۾ آهي. عقل ۽ اڪابريءَ جي گُهر آهي تہ اسين سڀ ان حقيقت ۽ سچائيءَ آڏو سيس نوايون. ڀلي، اسين ان کي ٽاري بہ ڇڏيون، پر ان جو سفر جاري رهندو. ڦيٿو چرپر ۾ آهي ۽ جيڪو بہ فرانز ڪافڪا جي لفظن ۾ اهو چئي رهيو آهي تہ ”آءٌ هتي ماڻھن ڦٽڪا هڻڻ آيو آهيان ــــ ۽ ڦٽڪا انھن کي هر حالت ۾ هڻندو رهندس...“ اهو پنھنجن ارادن ۽ انھن جي سلڇڻائيءَ بابت ڏاڍي ڏک جھڙي غلط فھميءَ ۽ خود فريبيءَ ۾ ڦاٿل آهي. منھنجي مظلوم ۽ محڪوم قوم کي هنيل 50 هزار کان وڌيڪ ڦٽڪا ذيان ٿي چڪا آهن، ڦيٿو بيھي نہ ٿو سگهي.
عدالت جا صدر! ڦٽڪن تي صوف ۽ نارنگيون ڪڏهن بہ نہ ڦٽنديون، ڦاهيءَ جي تختن تي گاھہ ڪڏهن بہ نہ نسرندو. تاريخ ۽ ڌرتيءَ گولو سدائين چرپر ۾ رهندا.
مسٽر محمد خان جوڻيجو چيف ضياءَ کي مارشل لا کڻڻ جو حڪم ڏي يا نہ ڏي، پر آءٌ محسوس ٿو ڪريان تہ مٿاڇري هيٺان اٿندڙ طوفان کي ترسائڻ لاءِ عارضي طرح فوجي عدالتون ٽپڙ ويڙهڻ واريون آهن. جيتوڻيڪ منھنجو خيال آهي تہ انھن کي ترت يا دير سان ٻيھر بحال ڪرڻ تي بہ ويچار ڪيو ويندو... بھرحال، مون کي تڪڙ ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن آءٌ پنھنجي کَل مرزا ڪرم الاهي بيگ کان بچائڻ گهران ٿو، جيڪو ڏندن جي ٻن سيٽن جو مالڪ آهي تہ مون کي پنھنجي بيان جي ڊيگهہ ”ٽُڪڻي“ پوندي، تنھنڪري هاڻي آءٌ ٻي مسئلي تي ڳالھہ ڪندس.
عدالت جي جوڙجڪ ۽ ان جي پھرين گڏجاڻي ٿيندي ئي ڊِن هاگ جي فاتح، اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر(31 ) ۽ ان جي نائبن توهان کي لاچار ڪيو تہ توهان ڪيس جي ٻڌڻي ڳُجهي ۽ بند ڪمري ۾ ڪرڻ جو حڪم ڏيو. اهي نائب جن ۾ سدا بھار شيخ اعجاز علي آهي جيڪو اڄ تائين هن ملڪ ۾ هلايل سازش جي سمورن ڪيسن مثال طور ميجر جنرل اڪبر ۽ فيض صاحب (1951ع) برگيڊيئر ايف بِي علي ۽ ٻيا (1973ع)، ميجر جنرل تجمل (1980ع) ۽ انٽر سروسز انٽيليجنس ڊائريڪٽوريٽ ۽ فلئشمين (گوشت خور) هوٽل جي رڌڻَن ۾ رڌل هِن سازش جي ڪيس (ميجر آفتاب ۽ ٻيا، 1984ع) جي جوڙجڪ، تياري ۽ ”گَهڙائيءَ“ جا اکين ڏٺا شاهد رهيا آهن ۽ انھن کان سواءِ شريف النفس مسٽر تنوير احمد خان بہ آهي جنھن کي ٻي ڏينھن ئي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل جي عھدي تي پروموشن ڏنو ويو آهي. اسلامي جمھوريہ پاڪستان جي انھن سرڪاري سورمن توهان کان اهو فيصلو مملڪت جي تحفظ (سيڪورٽي) ۽ سلامتيءَ جي نالي ۾ ورتو آهي.
مسٽر پريزيڊنٽ! آءٌ ڏاڍي ڏک ۽ افسوس سان اهو چئي رهيو آهيان تہ انھن جي ”سڌ“ ۽ توهان جي ”رضا“ سان هن عدالت جي بند ڪمري ۾ ڏاڍي افسوس جھڙي صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي. ڪئميرا، بند ڪمرو بنيادي انساني حقن جون پاڙون پٽڻ لاءِ بدترين اوزار آهي. مون کي توهان جي فيصلي سبب سچ پچ ڏاڍو صدمو پھتو آهي. اهو ڏسي منھنجو ڏک اڃا بہ وڌي ويو آهي تہ بند ڪمري ۾ ٻُڌڻيءَ جي درخواست هن ملڪ جي قانون جي محافظن پاران آئي آهي. جيتوڻيڪ مون کي هنن معزز وڪيلن جي انھن حرڪتن جو سدائين ڏک رهندو پر آءٌ وري بہ اهو نہ چوندس جيڪو شيڪسپيئر انھن لاءِ پنھنجي ”هنري اٺون بادشاھہ“ ۾ چيو هو:
“The first thing we do let’s kill all the Lawyers.”
يعني ”پھرين فرض طور اچو تہ سمورن وڪيلن کي ڪُھي ڇڏيون!“
آءٌ ڪنھن بہ صورت ۾ شيڪسپيئر سان ان معاملي ۾ اتفاق نہ ٿو ڪري سگهان. پڪ رکو، ان ”هِٽ لسٽ“ ۾ بہ ڪو وڪيل شامل نہ هو جيڪا منھنجي ۽ منھنجن ساٿين ـــــ جنوري 1984ع جي سازشين جو ٽولو ـــــ جي نالي تي مھرباني ڪري هڪ ليفٽيننٽ جنرل تيار ڪئي هئي.( 32) بھرحال، آءٌ انھن محترم سرڪاري وڪيلن، پبلڪ پراسيڪيوٽرن کي سندن دين ۽ دنيا جي ڀلائيءَ لاءِ خدا جا هي لفظ ضرور ياد ڏياريندس:
Weo unto you the prosecutors for you have taken away the key of knowledge.
يعني ”لعنت هجي توهان تي اي سرڪاري وڪيلو، توهان سچائيءَ کي ’قلف ڪڙي‘ ۾ بند ڪري ڇڏيو.“
سينٽ لوقا جي انجيل مقدس جي ٻاونجاهين حمد جي گيت ۾ خداوند انھن سرڪاري وڪيلن (جيڪي بند ڪمرن ۾ ٻڌڻيءَ جا شوقين آهن) تي لعنت موڪليندي ٻُڌجي ٿو. مون کي اميد آهي تہ اصل لکت ۾ لفظ Lawyer بدران پراسيڪيوٽر (Prosecutor) لکڻ سبب مون تي ناراض نہ ٿيندؤ بلڪل ايئن جيئن هو رياستي دهشت گردن پاران لفظ انويسٽيگيشن (يعني جاچ) کي انٽروگيشن (يعني سادي سودي پڇاڳاڇا) ۾ بدلائڻ جي ڪري وقتي طرح بي ڌياني ڪري چڪو آهي. مون کي اميد آهي تہ جيڪڏهن آءٌ هن ترميمي بھار ۾ ڪجهہ وڌيڪ ترميمون (ڦيرون ڦارون) بہ ڪري ڇڏيان، تہ توهان دل م نہ ڪندؤ. هاڻي آءٌ وليم نارمن جي تخليق کي توهان سان ٺھڪائڻ لاءِ ترميم (ڦيرڦار) ڪري رهيو آهيان:
ڪيڏي نہ عجب ڳالھہ آهي How odd
خدا پاران of God
چونڊجي وڃڻ to Choose
يھودين جو! The Jews
جيڪڏهن هي وڏو تھمت-لڳل (ميجر آفتاب) انھن سوچن جي تحريڪ واري سوچ کي هيئن بدلائي توهان سان ڳالھائي، تہ ڪيئن رهندو؟
ڪيڏي نہ عجب ڳالھہ آهي How odd
عدالت جي صدر جو of President
بند ٿي وڃڻ to be
چور ڪمري ۾ in Camera
مسٽر پريزيڊنٽ! آءٌ ترميمون ڪرڻ ڄاڻان ٿو ۽ ترميمون ڪندس ۽ ايڏيون ترميمون ڪندس، جو تاريخ پنھنجن راهن تان ڀٽڪي وڃي، ڦيٿو پوئتي ڦرڻ لڳي ۽ ڌرتيءَ جي گولي جِي چرپر بيھجي وڃي ــــ پر مون کي معاف ڪجو، نيٺ آءٌ هِيءُ ڇا چئي رهيو آهيان، ڄڻڪ آءٌ اڃا تائين پنجويھين بلوچ بٽالين جي ڊيلٽا ڪمپنيءَ جو ميجر ڪمانڊر آهيان! (دَراصل ڪمپني ڪمانڊر کان آرمي ڪمانڊر تائين، اسين سڀ گذريل وڏي عرصي کان ان قسم جي گردن ٽوڙ بخار ۾ ورتل رهيا آهيون.)
عدالت جا صدر! گذريل مھينن ۾ جڏهن کان هِن سازش جي ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي آهي، اسين تاريخ سان هڪ ڳالھہ ٻول جي حالت ۾ رهيا آهيون، سٺا ۽ ڪِنا سمورا واقعا تاريخ جي بابن جي صورت ۾ پنن تي ڇپجي ويندا آهن. گذريل وقت جي هر گهڙيءَ کي نيٺ انھن ئي ور وڪڙ راهن ۾ هلي وڃڻو آهي. انگلستان جي تاريخ جا امين لنڊن جي دل ۾ وهندڙ ٽيمز نديءَ جيان هن عدالتي ڪمري ۽ قلعي جي ڪوٽ ڀرسان وهندڙ سنڌو ندي بہ هن ڌرتيءَ جي پاڻياٺي تاريخ جي امين آهي. آءٌ توهان تي اهو پڌرو ڪرڻ ٿو گُهران تہ ”مھراڻ“ جي سرڪش ۽ سخت لھرن اڄ تائين پنھنجي سيني ۾ ڪو بہ راز لڪائي نہ رکيو آهي، تنھنڪري جڏهن آءٌ اوهان کي ٻڌايان تہ تاريخ چور ڪمرن جي ڪارروائيءَ کي بہ سدائين ايئن رد ڪيو آهي جيئن محلاتي سازشن کي، تہ دل ۾ نہ ڪجو. تاريخ بي رحميءَ سان چيري ڦاڙي انھن ڪاررواين ۽ سازشن جي هر نُڪتي ۽ هر پاسي کي حساب ڪتاب لاءِ اگهاڙو ڪندي رهندي آهي. هيءَ گذريل ڏينھن جي ئي ڳالھہ آهي تہ آءٌ اسلامي ملڪ جي ٽي وي تي هڪ ”بدمعاش“ کي دلائي ڪئمپ جي ”ظلم جو داستان“( 33) بيان ڪندي ڏسي ۽ ٻڌي رهيو هوس. آءٌ انھن ڳوڙهن جي تخليق ۽ سرچشمي بابت تہ ڪجهہ بہ نہ ٿو چئي سگهان، پر اها ذاتي مشاهدي جي ڳالھہ آهي تہ اهي ايڏا وڏا هيا جيئن ڪنھن نار جي لوٽين مان ڪرندڙ پاڻي، منافقت ۽ ڪِريل خوشامد پرستيءَ جو اهو منھن، اظھر لوڌي( 34 )، مانگر مڇ جي ڳوڙهن جي پُٺ منظر ۾ ڏک سور، دانھن ڪُوڪ ۽ جذبا ڀڙڪائيندڙ اشارن جي اپٽار ۾ رڌل هو. منھنجي تصور واري اک ان چڪر ۽ گهن چڪر کي ختم ٿيندي ڪو نہ ٿي ڏسي. عين ممڪن آهي تہ ويجهڙ-آئيندي ۾ هڪ نئين رياست جي منظور ڪيل اسڪرپٽ، هڪ ٻي ظلم جي داستان جو ٿھو، کنيو ڪو خوشامد پرست مڪروھہ مھانڊو هڪ ڀيرو وري ٽي وي پردي تي ظاهر ٿي رهيو هجي.
آءٌ سمجهان ٿو تہ اسين تباھہ ٿي وينداسون، مٽجي وينداسون، پر اهي مڪروھہ مھانڊا سدا بھار رهندا. عدالت جا صدر! اها ڏاڍي نڀاڳ جي ڳالھہ آهي تہ نہ آءٌ ۽ نہ ئي توهان، پر اهي مڪروھہ مهھانڊا ئي آهن جيڪي مھراڻ جي لھرن ۾ وهندڙ پاڻياٺي تاريخ ۾ واڌارو ڪري رهيا آهن. مون کي اهو سوچيندي ڏک ٿي رهيو آهي تہ سڀاڻي اوهان جو نالو بہ ”چور ڪمرن“ ۽ ڳُجهين ڪارروائين سان لاڳاپيل هوندو. اسان جي ان خدا جي توهين، جنھن اسان جي ابي آدم تي اهي راز پڌرا ڪري رکيا هئا، جن کان سندس انتھائي ويجها فرشتا بہ وانجهيل هئا، ڏوھہ جي سختيءَ کان پاسو ڪندي اسان جو خدا ۽ اسان جو دين ڪنھن حالت ۾ بہ ”چور ڪمرن“ جي ٻڌڻيءَ کي سھي نہ ٿو سگهي.
ان سلسلي ۾ آءٌ اوهان کي حاطب بن ابي بلتہ، هڪ بزرگ صحابيءَ جي ياد ڏيارڻ گهرندس، جنھن کي اسلام جي دشمنن پاران حديبيه واري ٺاھہ کان هڪ طرفي انڪار جي ڏينھنِ ۾ جاسوسيءَ جي ڏوھہ ۾ سڳ سوڌو پڪڙيو ويو. ذڪر طور اهو بہ چوندو هلان تہ اهي رڳو اسين ئي ڪو نہ آهيون جن کي گذريل 38 ورهين ۾ عام طرح ۽ گذريل 8 ورهين ۾ خاص طرح منزل جي هر پٿر وٽ ٽُٽل قسمن ۽ واعدن جون ڇتيون مليون آهن. انسانيت جي ان عظيم ترين محسن (رسول اڪرم ﷺ) کي بہ اهڙن صدمن سان مُنھن ڏيڻو پيو هو.
اسين حاطب جي ڳالھہ ڪري رهيا هئاسون، ان جي گرفتاري کان پوءِ غضب ۾ ڀريل عمررضہ تلوار ڪڍي اچي پھتو ۽ ان جو ڪنڌ ڪورڻ جي موڪل گهريائين، جيڪا ڪڏهن بہ نہ ڏني وئي. ڪيسُ خدا جي رسول جي کليل عدالت ۾ ٻڌو ويو ۽ فيصلي تي پھتو.
هتي ان سلسلي ۾ آءٌ مولانا سيد ابوالاعليٰ مودوديءَ جي هڪ قتل جو ذڪر ڪندس. هي مولانا مودودي اهو ئي آهي جنھن کي جنرل ضياءَ پنھنجو عربي ۽ مرشد چوي ٿو ۽ هيءُ اهو ئي مودودي آهي جنھن کي ”1951ع جي مارشل لا هلندي توهان جھڙي ئي هڪ برگيڊيئر موت جي سزا ٻڌائي هئي. هيءُ اهو مارشل لا هو جيڪو اڳتي هلي هن مظلوم قوم خلاف ڪيل ٽينڪن جي سمورين ڪاهن ۽ سمورن راتاهن جو سرچشمو ٿيو. اهي ڪاهون ۽ راتاها جن وسيلي هن ملڪ ۽ ان جي عوام خلاف پھرين سوڀ شير دل انفنٽري جي جرمن ڪمانڊر جي اڳواڻيءَ ۾ حاصل ڪئي وئي.“( 35 ) ٻِي عظيم الشان سوڀ ڏهين بلوچ بٽالين جي بلئڪ ڊاگ جي نشي ۾ چُور گرگن جي بي مثال اڳواڻيءَ هيٺ( 36) ۽ ٽِين (خدا ڪري تہ آخري) فتح فرسٽ مولٽين (جابلو) رجمينٽ آرٽلري جي خچرن جي نرالي ڪمانڊ ۾ حاصل ڪئي وئي.(37 )
عدالت جا صدر! مون ڄاڻي ٻجهي توهان جي شرمنن (Shermans) ۽ پيٽنن (Pattons) جو ذڪر نہ ڪيو آهي. نڀاڳ اسان جو، جو انھن اسان جي ملڪ جي گاديءَ تي سئون سڌو رڳو هڪ ڀيرو ئي قبضو ڪيو آهي ۽ جڏهن اهي ان قبضي لاءِ اڳتي وڌي رهيا هئا تہ انھن جي اڳواڻي خچر ۽ جابلو توبون ڪري رهيون هيون ۽ توهين ڄاڻو ٿا تہ خچرن کي نہ تہ پنھنجن اباڻن جي ڄاڻ هوندي آهي، نہ پنھنجي نسل ۽ جنم تي فخر ۽ نہ ئي وري آئندي نسلن جو ڪو ادراڪ يا اميد.( 38)
بھرحال آءٌ جو مولانا مودوديءَ ۽ سندس قتل جِي ڳالھہ ڪري رهيو هئس، جنھن کي جنرل ضياءُ پنھنجو استاد، اڳواڻ ۽ مرشد مڃي ٿو. مولانا پنھنجي سڀ کان اوچي ۽ پڪيءَ طرح مڃيل تحقيقي ورثي ”تفھيم القرآن“ جي صفحي 425 تي، سورة المتحنہ جي حوالي سان حضرت حاطب جي مقدمي جو ذڪر ڪندي ڏاڍي چِٽِي ۽ ڪَرارِي فتوا ڏي ٿو تہ ”اسلام ۾ بند ڪمري ۽ ڳُجهين ٻڌڻين جي ڪا بہ رعايت ڪونھي.“ سندس اصل فتوا جا لفظ هِي آهن:
”ان کان پاسو ڪندي، تہ ڪرڻ واري ڪھڙي نيت سان ڪيو، پنھنجي جاءِ تي هيءُ ڪم سڌو سئون جاسوسي هو ۽ جاسوسي بہ ڏاڍي نازڪ مھل تي سخت خطرناڪ نوعيت جي هئي، تہ ڪاھہ کان اڳ دشمن کي خبردار ڪيو ويو هو. وري مامرو شڪ جو بہ نہ هو پر ڏوهاريءَ جي پنھنجي هٿ جو لکيل خط پڪڙيو ويو، جنھن کان پوءِ ڪنھن بہ ثبوت جي گهرج نہ هئي. حالتون بہ امن جي زماني جون نہ، پر جنگ جا ڏينھن هئا، پر ان هوندي بہ نبي ڪريمﷺ حضرت حاطب کي صفائيءَ جو موقعو ڏيڻ کان سواءِ نظربند نہ ڪيو ۽ صفائيءَ جو وجهہ بہ بند ڪمري ۾ نہ، پر کليل عدالت ۾ کلي عام ڏنو ويو. ان مان چٽيءَ طرح پتو پوي ٿو تہ اسلام ۾ اهڙن قانونن قاعدن ۽ ضابطن جي گنجائش ڪونھي جن جي مدد سان حاڪمن کي اهو حق پھچندو هجي تہ ڪنھن ماڻھوءَ کي رڳو پنھنجي ڄاڻ يا شڪ جي بنياد تي قيد ڪن ــــ ۽ بند ڪمري ۾ ڳجهي نموني ڪيس هلائڻ جو طريقو بہ اسلام ۾ ڪونھي.“ اڄوڪي پاڪستان جي معيار ۽ حالتن مطابق ان ڏينھن حضورﷺ وڏي سولائيءَ سان بند ڪمري ۾ ڪيس هلائڻ جو حڪم ڏئي سگهي پيو. اهو سوال اڄ وڏيءَ اهميت وارو آهي تہ جڏهن مديني جي شھري رياست جي مڪمل ”سيڪيورٽي (تحفظ) ۽ تحريڪ“ جو سڄو آئيندو داءُ تي لڳل هو، پاڻ کُلي عام مقدمو هلائڻ جو حڪم ڇو ڏنائون؟ اهو قومي راز جنھن کي مڪي جي قريشن جي دشمن کان لڪائڻو هو، هڪ کليل مقدمي وسيلي ان کي ڇو هر خاص ۽ عام تائين پھچايو ويو؟ آءٌ ان صورتحال جي باري ۾ جيترو سوچيان ٿو اوترو ئي اظھار جي آزادي، هڪجهڙائي، ماڻھوءَ ذات جي برابري ۽ بنا رک رکاءُ انصاف جي ضرورت... ۽ ان انصاف جي نظر اچڻ وارن عقيدن تي منھنجو ايمان اڃا بہ پڪو ٿيندو پيو وڃيِ. ان سان گڏوگڏ آءٌ جيترو حضورﷺ جي عمل ۽ انصاف جي نموني جو توهان جي (فوجي) عدالت ۽ هن ملڪ جي ٻين (شھري) عدالتن سان ڀيٽ ڪيان ٿو، اوترو ئي هن ملڪ تي مڙهيل سفاڪ نظام خلاف منھنجو بغاوت جو ارادو سگهارو ٿيندو پيو وڃي. آءٌ هن قوم جي وس ۽ اقتدار جي مالڪن جي سوچن ۽ اعلان ڪيل عقيدن ۽ عمل جي وچ ۾ هر گهڙيءَ وڌندڙ ڏار جي ويڪر تي وائڙو ۽ وياڪل آهيان.
ضياءَ جو اسلام (اسان جي اڳواڻ) محمدﷺ جي اسلام کان ڪيڏو نہ مختلف آهي! عدالت جا صدر! اهو سچي اسلام کان پراهون ۽ غير واسطيدار ڪا ٻي مصيبت آهي. شايد سڀاڻي يا پرينھن ڪو ان جي مڪمل تفسير ۽ تعبير ڪري سگهندو.
مون کي خدشو آهي تہ ڪٿي هن گهڙيءَ اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر هڪ ڀيرو وري عدالت مان واڪ آئوٽ ڪري (ٻاهر نڪري) نہ وڃن.( 39) هن ڀيري منھنجي هن سوال خلاف، جيڪو مون فطري اسلام ۽ ان جي اڍنگي افسر شاهي، جرنيلي ۽ ايئر مارشلي چرٻي جي وچ ۾ وٿيءَ ۽ دوريءَ بابت اٿاريو آهي.
مسٽر پريزيڊنٽ! اها وضاحت ڏاڍي ضروري آهي تہ مسئلو رڳو انھن ٻن اسلامن ۾ اختلافن جي ڊگريءَ جو ناهي. حقيقت ۾ اهي ٻہ ڌار ڌار مذهب آهن، جن جي منزل ڪڏهن بہ هڪ نہ ٿي ٿي سگهي. اهي ٻئي ريل جي پور وِڇوٽ پٽڙين جيان آهن جيڪي ڪڏهن بہ نہ ملنديون آهن ۽ جيڪڏهن ملي وڃن تہ رڳو تباهيءَ ۽ موت نازل ڪرڻ جو سبب ٿينديون.
اجهو هينئر آءٌ فاضل خصوصي وڪيل پاران امڪاني واڪ آئوٽ جي ڳالھہ ڪري رهيو هوس، جيتوڻيڪ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جڏهن کان غازي علم الدين ڦاهي-تختي کي چميو آهي، تڏهن کان سئيز جي پرين ڪنڌيءَ واريون مائرون وهڪي ويون آهن. اسان جو رسول سان عشق بہ عدالتن ۽ حاڪمن جي خوشنوديءَ جو غلام ٿي پيو آهي. اسين رسول جي حديثن سان پنھنجن دفترن، گيلرين ۽ اقتدار جي ايوانن کي سينگارڻ ۾ منافقيءَ ڀريو فخر محسوس ڪيون ٿا. اسان جي اسلامي جمھوريہ جي ٽيليويزن تي ڏينھن رات حديثن جو ”شو“ (ڏيکاءُ، نمائش) ٿيندو رهندو آهي، پر جڏهن عمل ۾ امتحان جي ڳالھہ ايندي آهي تہ اسين منتون ڪندا آهيون، اسين دليل ڏيندا آهيون، تہ ڪارروائي بند ڪمري ۾ ٿئي ۽ اسين حڪم ڏيندا آهيون تہ ڪارروائي “چور ڪمري” ۾ ئي ٿيندي. هتي ذاتي مفاد جي ڪري اسين پنھنجي رسول سان عشق لاءِ معافي گهرندڙ ٿي پوندا آهيون. ان عظيم انسان سان محبت کان انڪار جنھن ماڻھوءَ دنيا کي اهڙي سڀ کان سٺي ۽ مٿير قدرن ۽ خوبين کان واقف ڪرايو، نہ انساني حقن جو نت نئون چارٽر بہ اڄ انھن آڏو هيچ آهي.
وري استاد مودودي ڪير آهي؟ مٿي ذڪر ڪيل فتوا جي ڪري مون کي ٻِي فتوا ياد اچي رهي آهي، اها فتوا جيڪا ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن جي سمورن فرضن جي ڪجهہ نہ، پر 500 جيد ۽ اڪابر ديني عالمن جي قلم ۽ مھر سان جاري ٿي هئي. ان مطابق انگريزن جي غلام هندستان (ننڍي کنڊ) ۾ انگريز راڄ جي هٿياربند فوجن جي نوڪريءَ کي خاص طرح صفا ”حرام“ سڏيو ويو هو. هيءَ ڪا پراڻي ڳالھہ ناهي، شايد 1920ع يا 1921ع جي آهي.
عدالت جا صدر! خدا جي واسطي، مون کي ٻڌايو تہ آءٌ پنھنجن ماڻھن جي نسل در نسل پکڙيل قول ۽ فعل جي تاريخي تضادن جي ڳالھہ ڪنھن سان ڪيان! هڪ انتھائي چِٽو، قطعي، فيصلي ڪُن ۽ متفق دين عام حق باوجود منھنجي ۽ توهان جي وڏن ۽ خاص طرح اسان جي متقي چيف ضياءَ نيٺ ڇو لي انفيلڊ (پرمار) رائفلون کڻي ڦوروءَ ۽ پرمار آقا لاءِ سامراجي ۽ بيٺڪي جيوڙن جي سڄي دنيا ۾ دلال ۽ پانڊو ٿي رهيا هئا؟ ان غلاميءَ ۽ ذلت جا دلال جيڪا پنھنجي نوعيت جي بدترين غلامي ۽ ذلت هئي.
وليم هنٽر هڪ ڀيري انھن لاءِ چيو تہ انھن جو ڪم يا تہ مَس ڪُپڙين کي ڀري رکڻ آهي يا وري وڌ ۾ وڌ اهي ڪنھن ڦاٽل شيءِ کي”سبڻ“ جو ڪم ڪري سگهن ٿا. شايد هن ڪجهہ ٻيو بہ چيو هو جيڪو هن وقت منھنجي ذهن ۾ ڪو نہ ٿو اچي، پر آءٌ حيران آهيان تہ هي ماڻھو نيٺ ڪھڙي مڪروھہ نموني هٿيار کڻي ڪنگ امپيريئر (بادشاھہ-شھنشاھہ) جي خدمت ۾ جوٽجي ويا هئا ۽ ڪھڙيءَ طرح هنن دين جي محافظن جو لقب ورتو، دين جيڪو ذلت ۽ غلاميءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهہ نہ هو.
عدالت جا صدر! مون کان وڏو بيوقوف بہ ڀلا ڪو هوندو جيڪو هن ملڪ ۽ هن سرزمين تي ڇوٽڪاري ۽ آزاديءَ ۽حُسن ۽ سونھن جا خواب ڏسندو رهي ٿو، جتي صدين کان دغا، دوکي ۽ خريدجڻ ۽ وڪامجڻ جي برڪتن سبب رت ڄميو پيو آهي.
آءٌ ڇو توهان جو قيمتي وقت پنھنجي آقا محمدﷺ ۽ ان جي جانشين جي ذڪر سان ذيان ڪري رهيو آهيان! اسان کي سوچ ۽ عمل ۾ ساڻن نيٺ ڪھڙو واسطو آهي؟
آءٌ بند ڪمرن ۽ ڳُجهين ڪارروائين جو ذڪر ڪري رهيو آهيان! مون تي ڪھڙي اوٽ پئي آهي، جو آءٌ انھن عقيدن ۽ نظرين جي ڳالھہ ڪريان، جيڪي لاڳيتو ماڻھوءَ مٿان صدين کان جاري رکيل جبر ۽ ڏاڍ کان نجات ڏيارڻ لاءِ وجود ۾ آندا ويا هئا. منھنجو هيءُ دَور تہ ضرورت جي قانونن جو دَور آهي، هي تہ اهو دَور آهي جڏهن ٻيا تہ ڇڏيو، اقبال جي پٽ، منبر ۽ انوار الحق جي قبيلي جي هڪ ٻئي چيف جسٽس بہ پراڻي دَور جي غارن جي کوٽائيءَ کان پوءِ ضرورت جي نظريي جي پوئواريءَ ۾ هڪ الماوردي ڳولي ڪڍيو آهي. جيتوڻيڪ مون کي سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي تہ هُو ان معاملي ۾ ٻين ريڊي ميڊ (ٺھيل ٺڪيل) حوالن ڏانھن ڏسڻ کان ڇو دل من هڻندو رهيو.
حضرت عيسيٰ کان ڪي هڪ سؤ سال اڳ سائرس بادشاھہ اعلان ڪيو هو تہ: Neccessitans Non Habet Legam (ضرورت قانون کان مٿڀري هوندي آهي.)
منھنجي ۽ جنرل ضياءَ جي هم پيشہ وڏڙن مان هڪ اوليور ڪرامويل چيو هو:
“Nesessity has no Law. Feigned Necessities, Immaginary Necessities are the greatest cozenage that Man can put upon the providence of God and Make pretence to break down Law.”
(ضرورت ڪنھن قانون جي ڳِيجهو ناهي، بھاني بازيءَ جون ضرورتون، من گهڙت ضرورتون، سڀ هڪ اهڙو وڏو دوکو آهن جن کي ”خدا جي فضل“ جي نالي ۽ بھاني سان ماڻھو سمورن قانونن کي ٽوڙڻ لاءِ ڍال طور ڪتب آڻيندو آهي.)
۽ وليم شيڪسپيئر اسان جي مدد هيئن ڪري ٿو:
Teach Thy Necessity to Reason thus.
There is no Virtue like Necessity.
(پنھنجي ضرورت (مفاد) کي ان بھاني سان هٿياربند ڪيو، تہ ضرورت کان وڌيڪ ٻي ڪا بہ خوبي ڪانھي.)
عزت واري عدالت! مون کي معاف ڪجو، آءٌ توهان جو ڪيترو ئي وقت مارشل لا جي ساڙيندڙ منجهند لھڻ کان اڳ ”چور ڪمري“ جي ٻڌڻي ۽ ضرورت جي نظريي جهڙن غير ضروري موضوعن تي ڳالھہ ڪري ڦٻائي چڪو آهيان. ايئن ٿو لڳي تہ وزير اعظم جوڻيجي جي حڪم سان مارشل لا جِي اُس واقعِي ختم ٿيڻ تي آهي. مون کي اهي نُڪتا کڻڻ سبب هاڻي ڪجهہ پڇتاءُ ٿي رهيو آهي، خاص طرح جڏهن مون کي چڱيءَ طرح ڄاڻ هئي تہ منھنجي سڄي قوم حڪمران طبقن ۽ رعيت، بادشاھہ، شھنشاھہ ۽ وار لارڊ (جنگجو) عدالتون ۽ قانون ٺاهيندڙ، اديب شاعر ۽ وڪيل، استاد ۽ شاگرد، سرڙيا ۽ هاري، مرد ۽ عورتون ۽ هڪ خواجه سرا (کودڙي) پريس ــــ سڀ بند ڪمري جي لڪل ٻڌڻين جي زهر جا عادي ٿي چڪا آهن.
آءٌ وڃي جھنم ۾ پوان!
آءٌ ڪير ٿو ٿيان قومي ۽ عوامي ميڙ خلاف ڳالھہ ڪرڻ وارو. ڪاش! ولي خان ڪوڪي خيال ۽ باغي قبيلائين کي ضرورت جي نظريي جي معجزن جي ڄاڻ هجي ها، تہ اهي ڪڏهن بہ جنرل فضل حق جي هيروئن وارن مفادن جي سلسلي جو نشانو نہ ٿين ٿا.
مسٽر پريزيڊنٽ! آءٌ اوهان کي پڪ ٿو ڏياريان، تہ ڪنھن بہ قوم جي اڄ ۽ سڀاڻي (آئيندي) کي برباد ڪرڻ لاءِ ضرورت جي نظريي کان وڌيڪ سٺو ۽ اثرائتو وسيلو ٻيو ڪو بہ ٿِي نہ ٿو سگهي.
عزت واري عدالت! پنھنجي بيان کي قابو ۾ رکڻ لاءِ (جيئن مون کي هدايت ڪئي وئي آهي) هاڻي آءٌ سڌو ان ڏوھہ-لسٽ جي ڳالھہ ڪندس جيڪا منھنجي ۽ ٻين جي خلاف تيار ڪئي وئي آهي. پھرين ڏوھہ بدران آءٌ هڪڙي ٻي بيان ڪيل ڏوھہ جي ذڪر سان ابتدا ڪيان ٿو. پھرين ڏوھہ جي ڳالھہ جنھن مطابق آءٌ پاڪستان يعني ڌرتي ماتا جي خلاف هٿيار کڻڻ جو ڏوھہ ڪندڙ ٿيو آهيان، ان تي پوءِ ڳالھائيندس. توهان ڄاڻو ئي ٿا تہ ”پاڪستان جو مسئلو“ اسان جي هٿياربند فوجن لاءِ ڏاڍي خاص اهميت وارو مسئلو پئي رهيو آهي. اسان جا بيلٽ (چيلھہ-پَٽا) لٿل هجن (اسين گرفتار هجون) يا نہ، اسان جي چوڪُنڊين، گول ۽ ڊگهين فوجي ميزن تي اهو پھريون ۽ پويون مسئلو رهيو آهي. اسان ان کي ٽڪرن ۽ ٽوٽن ۾ حل ڪيو آهي (جُهونا ڳڙھہ، مناودر، حيدرآباد دڪن، ڪشمير، مشرقي پاڪستان، اهي برپٽ بيابان جيڪي چين(40 ) ۽ شھنشاھہ ايران جي حوالي ٿيا ۽ آخر ۾ سياچن گلئشيئر، ”جتي گاھہ بہ نہ ٿو نسري.“ (41 )
اڄ تائين واري راند ”مصافبات“ يا جنگي تدبيرنStratagic and Objectives واري راند رهي آهي، پر اها بنياد هئي اعليٰ جنگي حڪمت عملي وارن مقصدن جو، جن کي عمل ۾ آڻيندي اسان هيءُ مسئلو يعني ”پاڪستان جو مسئلو“ سدا لاءِ سمھارڻ ٿا گهرون. هاڻي شايد اهو وقت اچي پھتو آهي جو اسين يعنيٰ هٿياربند فوجون ان مسئلي جي وجود جي پاڙ کي ئي تباھہ و برباد ڪري ڇڏيون.
”پاڪستان جي مسئلي“ کي حل ڪرڻ جون ڪيتريون ئي رٿائون اڄ تائين ظاهر ٿي چڪيون آهن، جن مان هڪ ڪنھن شھزادي، ڪرنل يا ميجر پاران پھتي هئي جنھن ان مسئلي جي هڪ ٽڪري شايد هنزا رياست جو گڏيل امريڪي رياستن (گ.ا.ر/ يُو ايس اي United States of America) سان ايڪونجاهين رياست جي صورت ۾ الحاق ڪرڻ پئي گهريو.
ٻِي (رٿ) ايشيا جي ڊيگال ۽ فولادي مرد هڪ فيلڊ مارشل پاران، جنھن ان مسئلي کي هڪ انتظام لائق ٽڪري جي صورت ۾ گَهڙڻ گهريو پئي ۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ فيلڊ مارشل ڏاڍو اعليٰ درجي جو سنگتراش هو. گنڌارا جي تھذيب کي انھيءَ ئي تہ گنڌارا انڊسٽريز جي صورت ۾ لافاني ڪري ڇڏيو هو.
پاڪستان مسئلي جو ٽيون حل هارلي اسٽريٽ جي ”نَر مڙس“ پاران آيو هو. هيءُ اهو ئي مرد ميدان هو جيڪو کَٽمندو هوائي اڏي جي فضائن ۾ هڪ پاڪستاني ايئر هوسٽس جو اگهاڙو بدن پَٽي رهيو هو جڏهن تہ بادشاھہ نويندرا هيٺ آجياڻي لاءِ سِڪي رهيو هو. وطن عزيز جو ٻيو چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنھن اڃا بہ ٻِي ايئرهوسٽس جي عزت سان ان وقت کيڏڻ گهريو جڏهن آريه مھر مھرآباد جي هوائي اڏي تي اسلامي جمھوريہ جي صدر جي ضرورت جي نظريي سبب فضا ۾ دير تائين چڪر هڻندڙ صدارتي جھاز کي حفاظت سان هيٺ لھڻ جي ڳڻتيءَ ۾ ڳريو پئي ويو. اهو ئي آريه مھر جنھن تي پوءِ خدا جي خدائي تنگ ٿي وئي، ان ڏينھن پاڪ آرميءَ جا ڇمب جوڙيان وارا غازي ڪمانڊر اِن چيف کي رايل سئليوٽ (شاهي فوجي سلامي) ڏيڻ لاءِ اوسيئڙي ۾ سڪي رهيو هو پر نہ، هو رايل سئليوٽ جو نہ، پر ڊاگ (ڪتو) چيف بلئڪ بيوٽِي (ڪارسري سونھن) ۽ بليڪ ڊاگ (شراب جو قسم) جو عاشق هو.
رجمينٽِي ساڙ سبب هُو مون کي ”سٺو“ لڳندو هو. هو منھنجي پنھنجي رجمينٽ منجهان جو هيو. بلوچ رجمينٽ، جيڪا مون کي پنھنجي ان پُٽ حسن کان وڌيڪ پنھنجي سيني ويجهو محسوس ٿيندي آهي، جنھن ان وقت ساھہ ڏنو جڏهن آءٌ هن رجمينٽ جي تيرهين بٽالين جي سنگينن جي ڇانوَ ۾ هن جي مرڻ جاءِ کان سؤ وال پري هڪ ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ بند هوس.
حسن مري چڪو آهي. ڪورو( 42) جي ڪاغذن ۾ هن جو نالو نہ رهيو پر هُو منھنجي اندر ۾ اڄ بہ جيئرو آهي. آءٌ هن کي هر ڏينھن پلجندي ڏسندو آهيان. هي اهو ئي تہ آهي، جنھن جو ٻاتڙو ابھم وارياسي قافلي جي گهنڊڙين جھڙو آواز هر نئين سج منھنجي لاءِ اهو نياپو آڻيندو آهي تہ:
بابا! ڏونگر ڏوريندي (جبل جهاڳيندي) ٿڪجِي نہ پئج، ٽڪر ڏاڍو اوچو ۽ سھڻو آهي. هلندو اچ ۽ هڪ ڏينھن تون ان چوٽي کي ڇُھي رهيو هوندين. تون ٿڪجي چڪو هوندين، پر آءٌ تو کي اتي تہ نہ ملندس. اتي آءٌ تو کي هڪ نئين دنيا ڏيکاريندس، جتي تو کي ڳالھائڻ جي آزادي هوندي، جتي تو کي گهمڻ ڦرڻ جي آزادي هوندي، جتي تون ايڏي سچاين جي سڀني سڳنڌن کي محسوس ئي نہ ڪندين، پر ڇُھي بہ سگهندين ۽ انھن کي پنھنجين اکين سان ڏسندين. اتي نہ تہ ڦٽڪا هوندا ۽ نہ چھبڪ، نہ تہ ڪو تنھنجي بدن ۾ وارِي وجهندو يا اڻ وسايل چوني جون چڻنگون دکائيندو. جتي پيئڻ لاءِ ايترو ججهو پاڻي هوندو جو تون وهنجي بہ سگهندين ۽ گل تنھنجين نظرن جي پھچ تائين پکڙيل هوندا. 2 جنوري 1984ع کان وٺي، جڏهن کان تون اسان کان جدا ٿي ويو آهين، گهر ۾ سڀئي پيلا پئجي ويا آهن. پر جڏهن اسين افق جي هُن پار ملنداسون تہ سڀ ڪجهہ ٺيڪ ٺاڪ ٿي چڪو هوندو، هر شيءِ پنھنجن اصل رنگن ۽ اصليت ڏانھن موٽي آئي هوندي.
آءٌ ڄاڻان ٿو تہ 27 جنوري تي، جڏهن آءٌ هڪ زمين هيٺ سوڙهي ۽ اونداهي بند ۾ هٿين پيرين جڪڙيو پيو هوس، اهو حسن ئي هو جنھن پنھنجو ساھہ ڏئي هن علائقي جي فرعون جو ضمير اگهاڙو ڪري ڇڏيو هو.(43 )
The Play’s the thing Wher in I will catch the conscience of the King.
”اهو موقعو (ناٽڪ) ئي تہ هوندو جتي آءٌ بادشاھہ جي ضمير جي پڪڙ ڪندس.“ (شيڪسپيئر-هيمليٽ)
پر آءٌ بہ ڪھڙو نہ احمق آهيان، عدالت جا صدر! ڀلا ڪارپوريشن جو بہ ڪو ضمير هوندو آهي؟
مون کي افسوس آهي جو هو بلوچ بٽالين، جن جي اگهاڙين سنگينن جو تازو ئي ذڪر ڪري رهيو هئس، پنھنجي سڃاڻپ وڃائي نئين ٺاهيل سنڌ رجمينٽ جي پھرين بٽالين ٿي چڪي آهي. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ قومي سالميت جي بچاءَ لاءِ هاڻي اهي ”ناٽڪ“ ۽ کيل تماشا ئي تہ رهجي ويا آهن.
هيءَ اعليٰ قومي مقصدن خاطر پنھنجن صدرين کي ابتو ڪرڻ ۽ وفادارين کي بدلائڻ جي موسم آهي. ڇا ٿي ويو جيڪڏهن اقتدار جي ڌڻين منھنجي رجمينٽ جي هڪ ٽڪڙي، هڪ پلاٽون جو نالو بدلائي سنڌ، مھراڻ، شھباز قلندر ۽ شاھہ لطيف ڀٽائيءَ کي بچائي ورتو آهي.
انھن ئي قومي مقصدن خاطر آءٌ پنھنجن مياري ساٿين کي اهو چوندو رهيو آهيان تہ اهي نوان ڪوٽ جي ڪچِي ۽ پڪِي ٻنھي ديڳڙين (ڪُنين) جي اوٻر ۽ تماشي کي ڀُلائي ڇڏين، ڇو تہ ايف آءِ آر جو فراڊ ٺيڪ قومي مفاد ۽ سالميت جي گهرجن مطابق ئي تہ هو. قومي سالميت ۽ تحفظ جو مسئلو جيڪو اسان جي هٿياربند فوجن جي دلين ويجهو رهيو آهي ۽ جيڪو سدائين اسان جي ڏينھن واري ايجنڊا جو آخري مسئلو هوندو آهي.
عدالت جا صدر! توهان کان سواءِ ٻن صدرن ۽ هڪ شهزادي پاران پاڪستان جي مسئلي جي حل جي سلسلي ۾ حوالا ڏيڻ کان پوءِ يا تہ آءٌ ٿڪجي پيو آهيان يا وري ڊڄي رهيو آهيان، تہ هاڻي مون کي چوٿين ”صدر“ جي ڳالھہ ڪرڻي آهي.
خدا ئي ان جي مدد ڪري! مون کي هاڻي بہ هن سان ”پيار“ آهي، جڏهن تہ هو ”رسالي“ (فوج) جو آهي جيڪي پيدل جٿن کي ڏاڍي ڌڪار جي نگاھہ سان ڏسندا ئي رهندا آهن. آءٌ ڄاڻان ٿو، هن (نام نھاد صدر) جي نيت ڪھڙي آهي. آءٌ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ فوجي تاناشاهي روايتن جا واچوڙا هن کي ڪھڙي پاسي اڏاريو پيا وڃن. خدا جو سُنھن، مون کي اهو ڄاڻڻ لاءِ رسالي جي شھيد، ڦاسي تي چاڙهيل ڪرنل-ان-چيف ڏانھن اشارو ڪرڻ جي گهرج ناهي.( 44) (ذوالفقار) علي ڀُٽي جي ڳالھہ تہ آءٌ ان وقت ڪندس جڏهن آءٌ سچ پڇ هٿيار کڻي انھن نيتن خلاف جنگ وڙهندس جيڪي پاڪستان جون دشمن آهن. منھنجي اباڻي وطن جي دشمنن ۾ رڳو “آءٌ” ئي تہ ڪو نہ آهيان! عدالت جا صدر! توهان، ڦاهيءَ چاڙهيندڙ جلاد، سرڪاري وڪيل، جنرل، جج، مارشل ۽ ايڊمرل ۽ هِي نظامُ ذاتي طرح پاڻ هن جي بدترين دشمنن ۾ شامل آهيو.
هاڻي آءٌ ڏوھہ-چٺي جي ڳالھہ ڪندس ۽ آءٌ ڏاڍو چٽو ڪري چوندس تہ اهو ئي ڏوھہ-چٺو منھنجي ان حج لاءِ سفري کاڌو آهي، جيڪو منھنجي ننڍپڻ جي خوابن جي تعبير هوندو.
آءٌ حج ڪندس
طوفان لڳي يا موسمون بدلجن
پرواھہ ناهي، ماڻھو ڇا بہ چوَن
ڏينھن رات مزدوري ڪندس حج جي لاءِ.
(جان بنيان (John Bunyan) نالي شاعر جي خيالن تان ورتل)
8 جنوري 1985ع تي جڏهن هڪ اسسٽنٽ سپريٽنڊنٽ جيل مون کي ڏوھہ-چٺو ڏنو تہ آءٌ وائڙو هوس تہ نيٺ اهو ڪم ڪنھن هيڊ وارڊن يا سپاهيءَ کان ڇو نہ ورتو ويو! توهان مون کي غلط نہ سمجهو! منھنجي سڌ اها ڪڏهن بہ نہ هئي تہ ڪو جيلن جو انسپيڪٽر جنرل اهو ڪم ڪري ها، پر اها تہ مقدر جي هيراڦيري، جو ڏوھہ-چٺو مون کي تارا مسيح جي جانشين نہ ڏٺو. جيڪڏهن توهان کان وسري ويو هجي تہ آءٌ توهان کي ياد ڏياريان تہ تارا مسيح اهو جلاد هو جنھن توهان جي ڪرنل-ان-چيف جي ڪنڌ ۾ ڦاهي جو ڦندو وڌو هو.( 45)
شايد اهو ان ڪري ممڪن نہ ٿي سگهيو هو، جو نوان ڪوٽ ويڙھہ جي جنرلن لاچاريءَ جي حالت ۾ پنھنجي حڪمت عمليءَ ۽ راند جا قانون بدلايا هئا. هن گهڙي اهو آءٌ فيصلي ڪُن انداز ۾ چئي نہ ٿو سگهان تہ ايف آءِ آر جي قلابازيءَ جا مڪمل تفصيل ڪھڙا آهن. هڪ سال کان پوءِ پاڪستاني ڏوھہ-سزا جي شق-302 ڇو موٽائي وئي. بھرحال، اها حقيقت آهي تہ آگسٽ-سيپٽمبر 1984ع ۾ رسالي جي ئي هڪ ٻي من-گهري ليفٽيننٽ ڪرنل، جيڪو پوءِ ”رياست“ ۽ سرڪاري ڀڳل شاهدن ۾ پھرين نمبر تي هو، اسان جي هن ئي صادق هال ۾ سمري آف ايوِيڊنس (قسميہ بيان) ريڪارڊ ڪئي هئي. جيتوڻيڪ پوءِ جِي ايڇ قيو قانوني گورک ڌنڌي جي پنھنجي ئي ڦندي ۾ ڦاسي وڃڻ جي ڀوَ کان ان ڊگهي ۽ سھپ گهرندڙ ايف آءِ آر جي وجود کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو هو. انھن ئي ڏينھن ۾ جِي ايڇ قيو کان هڪ ڄامڙي برگيڊيئر اٽڪ قلعي ۾ اچي گهٻراهٽ جي حالت ۾ نوان ڪوٽ ٿاڻي ۾ اسان جي خلاف ”رکيل“ هٿيارن ۽ ٻي ”جنگي سامان“ کي انھن ٻن ڪارن ۾ فٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جن ۾ اهو سڀ ڪجهہ رکي سازشي آفيسر ايف آءِ آر جي چواڻي، ڀَڄڻ جي ڪوشش ڪندي هڪ رتوڇاڻ ويڙھہ ۾ گرفتار ٿيا هئا. جڏهن ڪيترين ئي ٽرڪن ۾ اچي سگهندڙ ان سامان جي ڪا هڪ صندوق بہ انھن ڪارن ۾ سمائجي نہ سگهي، تہ ايف آءِ آر ۾ ترميم جا حڪم ڏنا ويا. ٻڌو آهي تہ اهي بارود بم هن شھر جي سڀ کان وڌيڪ عزت ڀري شھري جنرل ضياءَ جي گهاٽي يار سيٺ عابد امرتسر جي گوردواره صاحب کي هٿيار پھچايا ويندا آهن. توهان ڄاڻو ئي ٿا تہ ڪن خاص سببن جي ڪري اهو عزت ڀريو شھري تاناشاهي جو ڪيڏو نہ لاڏلو آهي.
ايف آءِ آر بدلائڻ لاءِ نوان ڪوٽ جي واقعي جي هنڌ بہ تبديل ڪرڻو پيو ۽ اهڙي طرح ڪوڙ تي ڍڪ وجهڻ لاءِ نيشنل سيڪيورٽي (قومي تحفظ) جو ناٽڪ کيڏيو ويو.(46 ) جڏهن تہ اها ئي اها جاءِ آهي جتي نيشنل سيڪيورٽيءَ جا ڪيرايل ڪارا پردا پنھنجو پاڻ کڄي ويندا آهن. سائين منھنجا! اهو جنرلن جي پيشورانہ صلاحيتن جو هڪ ٻيو شاهڪار آهي. فرياديءَ جي وڪيلن، فرياديءَ جي شاهدن (جيڪي هڪ ٻن کان سواءِ باقي سڀ انٽيليجنس جا ميجر ۽ ڪرنل هئا) ۽ ٻيا سمورا واسطيدار ماڻھو هن قصي ۾ نيشنل سيڪيورٽيءَ جي مسئلي جي وجود کي ثابت ڪرڻ ۾ صفا ناڪام ٿيا آهن. اهو مسئلو جنھن جي آڙ ۾ انھن ماڻھن ڪُوڙ جا ٿھا ڀري بيان ڪيا آهن.
وه بات جس ڪا ساري فساني مين ذڪر نہ ٿا
وه بات ان ڪو بُھت ناگوار گذري هي
اسان جي خلاف قلم-302 ختم ڪرڻ، بھرحال هڪ اسرار ڀريو مونجهارو آهي. اها ڳالھہ سڀ ڄاڻن ٿا تہ نوان ڪوٽ ۾ ماريل (هڪ صوبيدار، هڪ اين سِي او ۽ هڪ واٽھڙو) پنھنجن ئي انھن طوفاني جٿن هٿان قتل ٿيا هئا، جن جي ڪمان تھخاني جو هڪ ليفٽيننٽ جنرل ۽ هڪ برگيڊيئر بذات خود ڪري رهيا هئا. گهٽ ۾ هڪ صوبيدار جو لاش تہ آرمي هائوس تائين آندو ويو جت جنرل ضياءَ ان بيگناھہ ماريل جو آخري ديدار ڪيو هو. انھن ڏينھن تائين اهو قتل منھنجن جٿن مٿان مڙهيو ويو جيڪي ايف آءِ آر چواڻي هڪ والٿر پستول سان هٿياربند هئا. ۽ جنھن وسيلي انھن (جٿن) پاڪ آرميءَ جي هڪ ٿري اسٽار (ٽن تارن واري) جنرل جي ڪمان هيٺ گوريلا جٿن سان ڇتي ويڙھہ ڪئي هئي. اهو والٿر پستول بھرحال اڃا سوڌو عدالت ۾ پيش نہ ڪيو ويو آهي. شايد قومي تباهيءَ جو اهو موتمار هٿيار هتي آڻڻ ۾ بہ قومي سلامتيءَ جو مسئلو رنڊيل رهيو.
قلم-302 بابت تازيون خبرون بھرحال ڏاڍيون ڀليون آهن. مون ٻڌو آهي تہ اهي رڳو ٽيڪنڪي (هنري) چُڪون هيون جن هڪ ڪوڙ جي پوئواري کان انڪار ڪيو(47 ) ۽ اهڙيءَ طرح نوان ڪوٽ جي قاتلن ۽ قتل جي ”شھہ“ ڏيڻ وارن اسان باقي ميارين خلاف هنيل تھمت، ارادي سان قتل وارو قلم بيھي نہ سگهيو.
سائين منھنجا! ٽيڪنيڪون (هنر) ضمير وارا هوندا آهن، جڏهن تہ ڪارپوريشن ان خوبيءَ کان خالي هوندي آهي. محترمہ ٽيڪنڪ ان پھرين نظر ۾ ئي مون کي گهائي رکيو آهي. انساني سوچن ۽ ذهنن لاءِ هڪ ڄمار گذارڻ کان پوءِ اڄ مون کي اهو چوڻو آهي تہ منھنجي دل ۾ بيٺل آزاديءَ جي مظلوم مجسمي جي بلڪل ڀرسان ٽيڪنِڪن جو وجود بيھجي ويو آهي.
تازو جڏهن آءٌ ٽيڪنِڪن، انساني دلين ۽ ضمير جي ڳالھہ ڪري رهيو هئس، تہ شيڪسيپيئر هوريان هوريان منھنجي ڪَن ۾ سڙٻاٽ ڪيو آهي. توهان بہ ٻڌو، ڏاڍي ڪم جي ڳالھہ آهي:
What stronger Breast plate A Heart untainted,
Thrice is he Armed that Hath His qurrel just,
and he but nacked though locked up in steel,
whose conscience with injustice is corrupted.
ترجمو: زرھہ بند هڪ بي داغ دل کان وڌيڪ ڪير سگهارو هوندو، ٽيڻو هٿياربند آهي اهو ماڻھو، جو انصاف لاءِ وڙهي ٿو، ضمير جنھن جو بي انصافيءَ جي بڇڙائيءَ ۾ ورتل آهي ۽ پاڻ فولادي پوشاڪ ۾ لڪل آهي، پر پوءِ بہ اگهاڙو آ.
صدر صاحب! ٻنيءَ جي ٻارن جيان هڪ ڀيرو وري هيڏي هوڏي ٿي وڃڻ لاءِ مون کي معاف ڪندا. مون کي ڏوھہ-چٺي ۽ خاص طرح بي ڏوھہ جي ڳالھہ ڪرڻي هئي، پر آءٌ ڪجهہ پري نڪري ويس، ۽ سچ تہ اهو آهي تہ آءٌ آئيندي بہ نہ ڀٽڪڻ جي ڪا ضمانت ڏئي نہ ٿو سگهان. اهي ئي ڳالھيون، اهي سوچون ئي تہ اهي نُڪتا آهن جيڪي منھنجي بناوت ڏانھن اشارو ڪن ٿا ۽ اهي ئي اها پل آهن جن جي مدد سان توهان سڃاڻپ جي انھن اڻڄاتل سرچشمن ۽ نَدين کي اُڪري سگهو ٿا، جيڪي منھنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ موجود آهن.
انھن ئي پُلين کي اڪري اوهان پنھنجي مياريءَ کي ڄاڻي سگهندؤ! سڃاڻي سگهندؤ!
اها 1969ع جي ڳالھہ آهي جڏهن هڪ ڏينھن آءِ جيسور ڇانوڻيءَ ۾ گيريزن ڊيوٽي آفيسر(48) هوس. گيريزن ڊيوٽي آفيسر توهان ڄاڻو ٿا تہ اهي آفيسر آهن جيڪي تھمت لڳلن کي رضا خوشيءَ سان ڏوھہ قبول ڪرائڻ لاءِ ڪچھرين ۾ وٺي ويندا آهن ۽ ڏوھہ قبولڻ جي شادماني کان پوءِ گند، ڪچري جي ڍير جيان کين انھن ئي جاچو ايجنسين جي ڍونڍن ۾ ڦِٽو ڪري ويندا آهن جيڪي کين ڏوھہ قبولڻ تي مجبور ڪندا آهن.
بھرحال، آءٌ 1969ع جي ڳالھہ ڪري رهيو هئس. پنھنجن فرضن موجب مون سڀ کان پھريائين ڇانوڻيءَ جي سڀ کان وڏي هٿيارن جي ذخيري جا حفاظتي انتظام وغيرہ چڪاس ڪيا. هي اهو ئي ايمونيشن ڊمپ (گهڻو ڪري زمين هيٺ هٿيارن جو ذخِيري-گهر) هو جتي آرميءَ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال تائين ويڙھہ جي گهرجن جو ذخيرو ڪيل هو. اهو ئي جنھن کي اسان 1971ع ۾ ڪنھن هڪ بہ اِگلو (برفيلي جهوپڙي-ڊپو) تي ڪا رهنڊ آئي بنا نائين ڀارتي ڊويزن جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. اتي آءٌ فيلگ اسٽاف هائوس (جهنڊيدار عملي لاءِ گهر) ڏانڳن ويس. هي اهو ئي فيلگ اسٽاف گهر هو پوءِ جنھن جو ڦڙڪندڙ چنڊ وارو جهنڊو اسان گولي جي ڪنھن بہ نشان کان سواءِ حفاظت سان ڀارتي فوج جي حوالي ڪيو هو. اتي باغيچي ۾ مون پنھنجن اڳواڻن کي ڏٺو جيڪي هڪ سھڻي شام آن دَ راڪس (ٽڪرين تي سُھڻي شام) ملھائي رهيا هئا.
موسم وڻندڙ هئي ۽ آءٌ رڳو هڪ سيڪنڊ ليفٽيننٽ، ان ڪري مون بہ پنھنجي ٽئنڪ-مار رائيفل واريءَ جيپ کي ڇانوڻيءَ کان ڪي 80 ميل پري هڪ شھر ڏانھن ڊوڙايو جتي تازو ئي هڪ سنهري وارن واري جيسور کان لڏي آئي هئي. هن سڄي ڪٽنب گهاٽن وڻن هيٺ منھنجي آجيان ڪئي. هن جي کل هٺيان هڪ شينھن جي دل هئي ۽ منھنجو ساڻس پيار ڀريو ناتو هو.
پر ڏکَ خوشين ۽ فرحتن جي ڄڃ جي اٿاريل ڌوڙ ۾ ماڻھوءَ جو پيڇو ڪري رهيا هوندا آهن. رڳو ارڙهن مھينن کان پوءِ اسان اهو گهر ــــ ٽھڪن ۽ خوشين ۾ رچيل وسيل گهر، ڏور مشرق (بنگلاديش) جي انتهائي سهڻن پام (کجي) جي وڻن ۾ وسندڙ گهر ــــ خاڪ جي ڍير جي صورت ڏٺو. کجيءَ جون ڊگهيرڙيون پوريون ڳچيون مشين گنن جي گولين جي وسڪاري سان پرڻ ٿيو پيون هيون. ان شھر جي لوڪ ڪھاڻين ۽ ڳيچَن موجب، ان گهراڻي جي عورتن بہ زندگيءَ تي موت کي مٿير سمجهيو، پنھنجي لڄ ۽ عزت برقرار رکڻ لاءِ لڄ لُٽ، باھہ ۽ ڦرلٽ جي ان طوفان آڏو سِيس نوائڻ بدران سڀني موت سان ڀاڪر پاتو.
ڪو ٻيو ملڻ جو هنڌ اسان جي مقدر ۾ ڪو نہ هو. وَچنن واعدن باوجود اسين ٻيھر نہ ملي سگهياسون، پر ٻئي ڏينھن مون هتي، هن قلعي ۾ ڪنھن کي ساڳي رنگ ڍنگ، ٻوليءَ ۽ انھيءَ آواز ۾ سُڙٻاٽ ڪندي ٻڌو. شايد اهو ڪو بيقرار روح هو. ان جو همراز ۽ هم قوم جنھن کي هِيءُ قلعو تيار ڪرائيندڙ قاهر ۽ جابر شھنشاھہ شاهي پٿرن ۾ ليپرائي ڇڏيو هو، پر شايد ان کان دلير ۽ همت ڀَرئي ماڻھوءَ جنھن ان خوني درندي (شھنشاھہ) جي 1980ع واري جانشين کي للڪاريو آهي.(49 )
His fall was destin’d to a barren strand,
A petty fortrees, and a dubious hand;
He left the name at which the world grew pale,
To point a moral, or adorn a tale.(50 )
آءٌ چئي نہ ٿو سگهان تہ شاعر سيموئل جانسن مٿيون (بيت) ڪنھن جي مانَ ۾ چيو هو. هُن درندي (شھنشاھہ) لاءِ يا هِن وحشي (ضياءَ) لاءِ، جنھن کي هاڻي وڃڻو آهي. پر آءٌ توهان کي اهو ضرور ٻڌائيندس تہ ان گهر جي خاڪ تي بيھي، جنھن جو مالڪ مسلم ليگ جو پايو وجهندڙن مان هو. مون اهو وچن ڏنو هو تہ هن ملڪ جي سڀ کان مضبوط، سڀ کان جٽادار سياسي جماعت يعني هٿياربند فوجن جي هڪ ڪميشنڊ ميمبر جي حيثيت ۾ آءٌ پنھنجن سياستدان جنرلن جي رندن تي هلندس، هڪ سپاهي سياستڪار جي حيثيت ۾ نہ، پر هڪ ننڍي محتسب جي روپ ۾.
1971ع جي ان لڱ ڪانڊاريندڙ تباهيءَ هلندي هڪ ماڻھو، آدم جي پُٽ جي روپ ۾ جوان ٿيو. اتي مون پنھنجي سڌ، تمنا، مرضيءَ ۽ هڪ سوچيل سمجهيل فيصلي موجب (پاڪستاني شھريت) اختيار ڪئي. منھنجي پاڪستاني هئڻ واري هام نہ تہ فطري بنيادن تي آهي ۽ نہ ئي جاگرافيائي ورهاست جي وجود تي، پاڙيسري علائقن مان هجرت ڪرڻ سبب ۽ نہ ئي ڪنھن نسلي وجود جي سھاري ۽ نہ ئي وري ڪنھن حادثي ٿيڻ سبب 24-مارچ 1971ع تائين آءٌ هڪ اهڙو پيدائشي پاڪستاني هوس جيڪو ٻين گهڻن جيان پِڪنڪ تي ويل هو. 25-مارچ 1971ع تي جڏهن اسان جا جنرل ”لومڙيءَ جي شڪار“ تي نڪتا، ان مھم جوئيءَ تي، جنھن جو مقصد هڪ قوم کي تباھہ ۽ برباد ڪرڻو هو. مون مذهب ۽ عقيدت، تمنا ۽ سڌ، ۽ هوش ۽ حواس سان پاڪستاني ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.
سائين منھنجا! ان ڏينھن کان آءٌ ملڪي مسئلن ۽ معاملن سان لاڳاپيل رهيو آهيان، پر رڳو ايترو جنھن جي سڌ پاڪستان آرميءَ جي پھرئين پاڪستاني (؟) ڪمانڊر-ان-چيف ڪئي هئي.
”ملڪي فوجن جي گهٽين گهاٽن جي سياست کان پري ملڪي مسئلن بابت باخبر ۽ فڪرمند رهڻ گهرجي.“
اِهي اُهي لفظ آهن جن جو ورجاءُ، هُو سپاهين کي مخاطب ٿيندي گهڻو ڪري ڪندو هو.
اها ٻي ڳالھہ آهي تہ ”فيلڊ مارشل“ پنھنجي سوچ ۽ لفظن جي عزت ڪڏهن بہ رکي نہ سگهيو ۽ نيٺ پاڪستان جي هائيڊ پارڪ ”موچي در“ ۾ ڪِرَئش لينڊنگ (هوائي جھاز جو هنگامي طرح زمين تي لھڻ) ڪري ويو. سچ تہ هِيءُ آهي تہ محمد ايوب خان کان عيدي امين دادا (غنڊي؟) تائين جيترن بہ فيلڊ مارشلن ٽِين دنيا جي اگهاڙي پيٽ مان جنم ورتو، انھن سڀني جي مقدر ۾ اهو ئي لکيل هو.
سواءِ سام-مانڪ-شا جي، جيڪو ان عھدي ۽ رتبي جو حقدار ئي نہ هو!
ڏوھہ-چِٺي ۾ منھنجي خلاف ٻِي ميار (تھمت) سائيڪوپيٿالاجي (نفسياتي مرض-ڄاڻ) جو ڏاڍو مظاهرو آهي. اها حڪمران تاناشاهن کان ويندي ڏوھہ-چٺي جي وردي پھريل يا بنا وردي ليکڪن، سڀني جي دلين ۾ سرڪندڙ ڏوهاري احساس جو شاهڪار آهي.
تھمت ۾ انھن گڏجاڻين ۽ تخريبي ادب جو ذڪر آهي جنھن ”وسيلي“ اسان وقت جي حڪومت خلاف نفرت ۽ بي اطميناني پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. اهي ”ملاقاتون“، ”اهي گڏجاڻيون“ سندن چوڻ موجب ڌرتيءَ جي الھندي اڌ گولي جي شھرن کان وٺي مشرق جي ڇانوڻين تائين بين الاقوامي سطح تي منظم ڪيون ويون.
عزت لائق صدر! اسين هڪ بدترين احساسِ ڪمتري ۾ مبتلا قوم آهيون. آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ اهو وقت ڪڏهن ايندو جڏهن اسين ”پنھنجي ڏيھہ جي“ سوچن جي ڳالھہ ڪنداسون. مون کي سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي تہ نيٺ هن سرزمين، هن ڌرتيءَ، ان جي ماڻھن ۽ حڪومتن ۽ پاجامن ۽ زيرجامن (ڪَڇن ۽ گنجين) کان سواءِ ان خلاف هر ”سازش“ تي بہ ”ويسٽ منسٽر“ يا ”ڪيپيٽل هِل“ جي تصديقي مھر هڻڻ ڇو ايڏي ضروري سمجهي ويندي آهي. مون لاءِ اها بہ راز جي ڳالھہ آهي تہ اسلام آباد جي ايوانن ۾ گهڙيل هر لنڊن پلان (منصوبي، سازش) جي ڊراپ سين، آخري ڏيکُ ناڪاميءَ جي لفظن ۾ ئي ڇو لکيو ويندو آهي.
جڏهن تہ، سچ تہ اهو آهي، پينٽاگون ۽ ڪيپيٽل هِل جي مئچ سان ئي انقلاب اچي ويندا آهن.
ڪڏهن سبز انقلاب تہ ڪڏهن اڇو انقلاب!
مسٽر پريزيڊنٽ ۽ عدالت جا ميمبرؤ! توهان کي ياد هوندو تہ سَٺ واري ڏهاڪي ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل ليفٽيننٽ جنرل(51 ) فوجي آفيسرن خاص طرح ويڙهاڪ جٿن جي رجمينٽ ميس لائف (رجمينٽ جي ميس واري حياتيءَ) کي اڊيڙي ڦٽو ڪيو ويو هو. پلاٽونن جي رجمينٽن جي روايتن جي امين آفيسرز ميسن کي بنا سوچي سمجهي پاڻ ۾ ملائي گارو ڪري ڇڏيو ويو. ان گاري کي ڪٿي اي، بِي، سِي ۽ ڊِي آفيسرن جي ميس جو نالو، تہ ڪٿي وري انھن کي ”قيدي نمبر“ ڏنا ويا جيئن هتي اوهان هنن مياري آفيسرن کي هڪ کان ستر تائين وارن نمبرن سان سڃاڻو ۽ سڏيو ٿا.
آءٌ هڪ ڏاکڙي جي ڳالھہ ڪري رهيو آهيان جنھن جي نتيجي ۾ ويڙهاڪ ايڪن (يونٽن) جي سڃاڻپ ختم ٿي وئي ۽ انھن جا اڳواڻ خاص طرح جونيئر لِيڊر بي گهر ٿي ويا. اهو ئي لاڙو هو جڏهن آفيسرن انھن ملاقاتن جي ابتدا ڪئي ۽ اهي گڏجاڻيون ان وقت اڃا بہ وڌي ويون جڏهن اسان جي ڦاهي چڙهي ويندڙ (شھيد) وزير اعظم باقي بچيل ميسن کي ”خشڪ ويرانن“ ۾ بدلائي ڇڏيو، تان جو پيئڻ لاءِ ايتري چُڪي بہ نہ بچي جيڪا ”پڻڪيءَ جيتري پيالي ۾ اچي سگهي“.
ان کان هڪدم پوءِ اسلامائيزيشن جو گوڙ اٿيو ۽ نوجوان آفيسرن جي ڪمرن ۾ باقي بچيل هلڙبازيءَ ۽ حياتيءَ جي حسن ۽ رومانس (پيار پريت) خلاف ڦٽڪن ۽ چھبڪن جا چڀڪا ۽ سُوسٽ ٻڌڻ ۾ پئي آيا. حياتي ڏاڍي بور (بيزار)، ٺوٺي ۽ گهلجندڙ ۽ سُڏڪا ڀريندڙ مامري ۾ بدلجي وئي.
اهو سڀ ڪجهہ چوڻ جو ڪڏهن بہ ڪنھن بہ حالت ۾ اهو مطلب ناهي تہ آءٌ جرمنيءَ جي شھر ورتبرڪ ۾ لوٿر جي ڪمري ۾ اُڪريل انھن لفظن تي ايمان نہ ٿو رکان تہ:
”جنھن کي حوا جي نياڻيءَ، انگور جي ڌيءُ ۽ گيتن سان پيار ناهي، اهو اصل کان ۽ سدائين رهندڙ احمق آهي.“
آءٌ ڄاڻان ٿو تہ انھن ٽنھي مان ڪنھن هڪ سان بہ منھنجي پاران پيار جو اظھار مون کي آرمي ايڪٽ سان گڏوگڏ هِن ملڪ ۾ رائج چئن مختلف متضاد قانونن مان گهٽ ۾ گهٽ ٻن هيٺ اسِي کان سؤ تائين ڦٽڪن جو حقدار ڪري سگهن ٿا، پر اها رڳو منھنجي گيتن سان پريت آهي جيڪا مون کي جنم ٽيپ جي سزا ڏيارڻ لاءِ ڪافي ٿيندي. جيڪڏهن آءٌ ٻيھر ڄمندڙ اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر( 52) جي ڀوَ کان جنت الفردوس مان آيل پھرين ٻن سوکڙين سان پيار جو اظھار نہ ڪيان پر گيت تہ آءٌ ضرور ڳائيندس. ڌرتي ماءُ سان تہ لافاني عشق ۽ آزادي ۽ ڇوٽڪاري جا گيت تہ آءٌ ضرور چوندس ۽ ان معاملي ۾ اوندھہ ۽ ڏاڍ جي پيغمبرن جي ”پلاٽونن“ جي قھر ۽ ڪروڌ جِي ذرو بہ پرواھہ نہ ڪندس. اڄُ انھن جو آهي پر سڀاڻي هر حالت ۾ اسان جو هوندو. هن ملڪ جي پٽن ۽ ڌيئن جو، جيڪي آزاديءَ جي ان ڏينھن کان پوءِ پنھنجي رت، پگهر ۽ سوچن سان هن ملڪ کي ڌرتيءَ جِي جنت ۾ بدلائي ڇڏيندا، اها ڌرتيءَ جي جنت جيڪا سڄي دنيا جي بيگهر ماڻھن جو پناھہ گاھہ هوندو.
ہمیں خبر ہے کہ ہم ہیں چراغِ آخرِ شب
ہمارے بعد اندھیرا نهیں، اجالا ہے
(ظہیر کاشمیری)
هڪ اهڙي جنت جيڪا پنھنجن پٽن ۽ ڌيئن کي انھن جي مذهب، عقيدن، رنگ ۽ نسل جي فرق سبب ڪڍي ٻاهرڦٽو نہ ڪندي، هڪ اهڙو گهر جتي ڪو بہ ماڻھو رزق ۽ زماني جي ڏک ۾ بيحال نہ هوندو، ڪو بہ ايئن نہ ٿڪبو جو جلاوطن ٿي وڃي.
پر عزت واري صدر! جيستائين گهر جي ياد ۾ بيقرار جلاوطن ماڻھو موٽي اچن، توهان کي، مون کي، شاعر وائيس چيف ۽ اسان سڀني کي پنھنجي پنھنجي ٻارڻ وسيلي اهو ڀنڀٽ ڀڙڪائي رکڻو پوندو.(53 ) توهان ان کي انصاف جي ڪرسيءَ تي روشن رکو ۽ آءٌ... پيرَ ڪَڙين سان ڦاهي گهاٽ ڏانھن سفر وسيلي. اها حقيقت مون تي چڱيءَ طرح پڌري ٿي رهي آهي تہ اسين جتي بہ آهيون، دل جي گهراين ۾ اسان جا مقصد ۽ تمنائون هڪجهڙيون آهن. آءٌ ڄاڻان ٿو، توهان مون کي پاڪستان جي نالي تي هر حال ۾ مون کي ان پياري ڏوھہ جي سزا ڏيندا، پر پڪ رکو تہ ان نالي تي آءٌ توهان کان اڃا وڌيڪ، اڃا وڌيڪ، اڃا بہ وڌيڪ، سزا جي گُهر ڪندس. اهو نالو منھنجِي ۽ توهان جي گڏيل سڃاڻپ آهي. جيڪڏهن اهو نہ هجي ها تہ اسين سڀ تجريدي آرٽ جي ابتين سبتين ليڪن کان سواءِ ڪجهہ بہ نہ هجون ها.
معاف ڪجو، آءٌ هڪ ڀيرو وري ڪجهہ پري نڪري ويس پر هن ڀيري ڳالھہ هن سازش واري ڪيس جي انت يعني سزا ۽ جزا بابت هئي. اها ڳالھہ پڪ تہ غير واسطيدار نہ هئي.
آءٌ ڏوھہ-چِٺي ۾ ڪتب آندل اصطلاح ميٽنگز (گڏجاڻين) جي ماخذ ۽ ان جي ابتدا جي ڳالھہ ڪري رهيو هوس. ڇا مون کي توهان کان اهو پڇڻ جو حق آهي تہ توهان، فاضل فريادي ڌر جي وڪيلن يا هن ڏوھہ-چٺي جي ليکڪن، عوامي مسئلن بابت ڪڏهن ڀلجي بہ نہ سوچيو هوندو؟ ڇا توهان ماڻھن، ڪڏهن ڌوڙ سان ڀريل روڊن جي پاسي ۾ ڪنھن کوکي جھڙي هوٽل ۾ جهاتي پائي ڏٺو آهي؟ توهان کي ڪڏهن دونھون ڇڏيندڙ ڪِينئن ماڪوڙن سان ٽمٽار ڪنھن سوزوڪيءَ يا ”هڏيون نڪتل“ بس جي ساھہ-ٻوساٽيندڙ ڍانچي ۾ سفر ڪرڻ جو اتفاق ٿيو آهي؟ ڪڏهن توهان انھن گهٽين منجهان لنگهيا آهيو، جتي اُڀامندڙ گٽرن، غلاظت سان بند نالين ۽ ڦٿڪندڙ مخلوق کان سواءِ ٻيو ڪجهہ نہ هوندو آهي؟ ڪڏهن توهان ڪنھن تعلقي جي اسپتال جي ڀريل وارڊن ۾ رت-ٿوڪيندڙ، چِنگهندڙ، نڌڻڪن مريضن جي طبيعت پڇڻ لاءِ ويا آهيو؟ ڪڏهن توهان ڪنھن ڳوٺ جي ان پرائمري اسڪول ۾ گهڙيا جتي تپندڙ منجهند جو ڪو ڇانورو ابھم ٻارڙن لاءِ پيئڻ جو پاڻي ۽ انھن کي پڙهائڻ لاءِ ڪو استاد نہ هوندو آهي؟ ڪڏهن توهان ان ڳوٺ جي حالت تي ڌيان ڏنو آهي جنھن ۾ ڪو رستو ڪونھي، بجليءَ جو ٿنڀو ڪونھي، پيئڻ جو پاڻي ڪونھي! ڪڏهن توهان کي ڍَنڍن ڍير ۾ لڪل مڇرن جي ميڙن ۾ ساھہ کڻندڙ ڪچين آبادين ۾ رڳو هڪ رات ٽڪڻ جو موقعو مليو آهي؟ ڪڏهن توهان کي انھن وسندين جي انھن رهاڪن سان ڳالھيون ڪرڻ جو اتفاق ٿيو آهي جيڪي لتاڙيل سَڌن ۽ چيڀاٽيل تمنائن جي خوابن جا لاشا ڪلھن تي کنيو، سُڏڪي سُڏڪي حياتيءَ جا ڏينھن گهاري رهيا آهن؟ ڇا توهان ڄاڻو ٿا تہ هن ملڪ جا هاري ۽ مزدور ڪيڏي ذلت ڀري مسڪينيءَ جي پاڇن ۾ ساھہ کڻي رهيا آهن؟
ڇا هاڻي بہ مون کي اهو ٻُڌڻ جي گهرج آهي تہ اوهان آڏو بيٺل هن ڏوهاريءَ جون پاڙون انھن ئي ماڻھن جي وجود ۾ آهن؟ انھن ماڻھن جا خوف ۽ اميدون، انھن جا ڏک ڏاکڙا، انھن جون اڻپوريون خوشيون، انھن جا نفعا ۽ نقصان، انھن جا سڏڪا، انھن جا مرثيا ۽ نوحا، سڀ ڪجهہ منھنجو بہ آهي.
مون کي اوهان کان پڇڻو آهي، مون کي اوهان کان اهو پڇڻ جو حق آهي، تہ انھن حالتن ۾ توهان مون ۾ اها اميد ڇو رکي تہ آءٌ انھن مسئلن بابت ماٺ رهندس!
اهي مسئلا سڀ طرفا ۽ گهڻ-پاساوان آهن. اها رڳو هڪ گهٽي، هڪ ڳوٺ ۽ هڪ اسپتال ئي ناهي جتي وک وک تي اسين انھن اوٿن ۾ ڦاسون ٿا.
عزت وارا صدر! انھن مسئلن جا منحوس پاڇا اسان جي بيرڪن، اسان جي يونٽ لائينن ۽ اسان جي سکيا گاهن کي بہ پنھنجي زور هيٺ آڻي چڪا آهن. منھنجي لاءِ اهو ناممڪن هو تہ انھن حالتن ۾ بہ پنھنجي طبقي جي امن، سلامتيءَ ۽ سک جي ٻيٽ ۾ پاڻ کي قيد ڪيو ويٺو هجان هان!
شايد سرڪاري وڪيلن جي سمجهہ کان اها ڳالھہ ٻاهر ۽ مٿي هجي، پر آءٌ ڪيئن پنھنجي بٽالين ۽ پنھنجي فوج جي ان سپاهيءَ جي ڏک کان پري رهي سگهيس پئي جنھن کي ڊزن کن ماڻھن جي پيٽ جو جھنم ڀرڻو هجي پر جنھن جي پگهار جي پنجين پتِي رڳو سندس ڳوٺ ڏانھن اچ وڃ ۾ ختم ٿي وڃي! انھن کي اها خبر ڪٿي هوندي تہ فوج جي ڊيري فارمن جي مينھن جي کير تي، سپاهيءَ جي پُٽ جي نالي ۽ مقدر جو ٺپو لڳل ڪونھي! اهي پڪ ئي نٿا ڄاڻن تہ هٿياربند فوجن جي جوانن ۽ هيٺين درجي جي عھديدارن مان ڪي 5-10 سيڪڙو مس اهڙا هوندا جن کي سندن ڊيوٽيءَ واري جاءِ تي فيملي قئارٽر (ڪٽنب لاءِ گهر) ملي سگهندو آهي. هنن سرڪاري وڪيلن کي ڪير ٻڌائي تہ هڪ نئين ليفٽيننٽ ۽ ان جي نئين پرڻيل ڪنوار کي تہ هر حالت ۾ ٽن ڪمرن وارو بنگلو ملي ويندو پر پندرهنِ ورهَن کان نوڪري ۾ گسندڙ حوالدارن کي هڪ ڪوٺڙيءَ تي قناعت ڪرڻي پوندي آهي. شايد اها ڳالھہ سيٺين لاءِ ڪا بہ عجب جي ڳالھہ نہ هجي تہ ان عھديدار ۽ سندس زال کي سڄي ڄمار هڪ ئي ڪمري ۾ ٻارن جي هوندي زندگي جي ٻين معاملن سان گڏ شاديءَ جي حقن جو مسئلو بہ پورو ڪرڻو پوندو آهي.
ماڻھن ۾ فرق ۽ ورهاست ۽ هيٺ مٿاهين جو هي نظام رڳو بنگلن ۽ ڪوٺڙين سان ئي ناهي. هيءُ ڏاڍو اڻکٽ ”ڄار“ آهي. ان کي اسپتالن جي بسترن جي اسپرنگن جي ڳڻپ ۾ بہ برقرار رکيو ويندو آهي. هي ان ٻوليءَ ۾ بہ نظر ايندو آهي جيڪا سپاهيءَ ۽ هڪ آفيسر جي گهر ۾ ڳالھائي ۽ سمجهي ويندي آهي. اهو فرق ويندي لوڊشيڊنگ جي وقتن ۾ بہ نظر ايندو آهي.
عزت واري عدالت! هيءَ ”اپارٿي ازم“ (نسل پرستي) رڳو آفيسرن ۽ جوانن ۾ يا عھديدارن جي وچ ۾ ئي محدود ناهي پر ڪميشنڊ رئنڪن يعني آفيسرن جي طبقي ۾ بہ ”مھتر“، ”مصلي“ ۽ ”اڇوت“ موجود آهن. اها مخلوق ”شاهي ڏياٽن“ ۽ انھن جي نسل جي ٻين سونن چمچن وارن کان قطعي مختلف وجود ۽ معيار رکي ٿي.
۽ وري اسان جي هٿيار بند فوجن ۾ خوشامد پرستيءَ جي ڀُوتن جا منحوس پاڇا بہ مسئلو آهن. ترقي ۽ اڳتي وڏڻ جي انھن اجاين آرزوئن، تمنائن ۽ هوَس جو مسئلو آهي، جنھن جي آڏو ڪو بند ڪونھي، جن جي ڪا منزل ناهي، ڪٿي ماڳ ڪونھي، بيھڪ ڪانھي، ان ملٽري (لشڪري) ڪيريئرازم جو مسئلو آهي جنھن لاءِ ڪا بہ قيمت وڏي ڪانھي. پنھنجا نوازڻ ۽ ذاتي پسند ۽ ناپسند جا مسئلا آهن، ڪِريل قسم جي رجعتي رجمينٽل ازم جو مسئلو آهي، نسلي ۽ علائقائي ٽولي بازين ۽ ”گرائين بازين“ (ڳوٺائي بازي) ۽ غير ضروري رجيمنٽل ساڙ جو مسئلو آهي.
سائين منھنجا! اسين ڏاڍن ڳنڀير مسئلن ۾ ڦاٿل ۽ بند آهيون ۽ انھن مسئلن جي ڳالھہ ”سڄي شھر جي ڳالھہ“ ٿي چڪي آهي. جڏهن ڪڏهن رهي سھي سمجهہ جا مالڪ آفيسر هڪٻئي سان ملن ٿا تہ اهي رڳو موسمي حالتن ۽ جنگي هٿيارن جي ڪرت ۽ لياقت جي ئي ڳالھہ نہ ڪندا آهن.
اهي ”ملاقاتون“، اهي گڏجاڻيون“، اهي سماجي ميل ميلاپ جا موقعا ئي تہ آهن جتي اسان جا ماڻھو انھن مسئلن جي حوالي سان پنھنجا ڏک سور اوري سگهندا، ورهائيندا ۽ شريڪ ٿيندا آهن. جيستائين ملڪ ۽ هٿيار بند فوجون هن بدترين ڦورو نظام، جنھن جي چنبي ۾ اسين ڦاٿل آهيون، نجات نہ ٿا وٺون اهي گڏجاڻيون جاري رهنديون، اهي ڪنھن بہ حالت ۾ بند ٿي نہ ٿيون سگهن.
عدالت جا صدر! ٻيلن ۾ باھہ لڳي چڪي آهي، دلين جي باھہ ڀڙڪي اٿي آهي، سوچ جي اک سان هن ملڪ جي عدالت، اسپتال، ٿاڻن، پٽوار خانن، پاڙن، غلام سرائن، قلعن ۽ جيلن کي پيرس جي ”بستائيل جي رنگ روپ“ ۾ بدلجندو ڏسي رهيو آهيان. ٺيڪ هن گهڙيءَ هن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ، هر گهٽيءَ ۽ هر ڳوٺ ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي رهي آهي. هن ملڪ جي هر جهوپڙيءَ ۾ ظلم ۽ جبر جي هن نظام خلاف هڪ سازش جو بنياد رکيو پيو وڃي.
توهان کي لفظ سازش سان خاص لڳاءُ آهي. آءٌ ان کي سازش ئي چوندس. جڏهن تہ اها هڪ سڀ طرفي انقلاب جي ابتدا آهي. ملڪ اوٻڙ پد تي پھچي چڪو آهي. فاضل سرڪاري وڪيلن (۽ توهان کي) ايندڙ ڏينھنِ ۾ يا تہ اهڙين اڻڳڻ سازشن ۽ مقدمن سان هن ئي نموني نبرڻو پوندو يا وري انھن ڏينھنِ ۾ توهان سڀني کي ڪنھن نہ ڪنھن ميٽنگ (گڏجاڻيءَ) ۾ شامل ٿي اسان واري ”ڏوھہ“ ۾ شريڪ ٿيڻو پوندو، ٻي ڪا صورت مون کي نظر نہ ٿي اچي.
حڪومت ۽ سرڪاري وڪيلن کي اسان جي سماجي ميل ميلاپ تي اعتراض آهي. انھن اسان جي هڪٻئي جي گهر وڃڻ کي ”گڏجاڻين“ جو نالو ڏنو آهي. اسان ماڻھن تي داٻ وڌو ويو ۽ ماريو ڦٽيو ويو، تہ اسين سندن سَڌن تي هلون. جيڪڏهن سرڪار جو اهو ئي گهربل مقصد آهي تہ پوءِ اڄ سڄو پاڪستان ڏوهاري آهي ۽ هن ملڪ جو ننڍو وڏو هن مقدمي جي کوري ۾ ڦٽو ڪرڻ لائق آهي.
هن قوم ۽ ملڪ خلاف هيءُ مقدمو هلائڻ لاءِ ڪنھن پري-ٽرايل ايڊوائيس (ڪارروائيءَ کان اڳ صلاح) جي بہ گهرج ڪانھي. اها حقيقت آهي عزت وارا صدر، تہ هن قلعي جي اوچن ڪوٽن کان ٻاهر هڪ ڏاڍي ويڪري ۽ پکڙيل جيل ۾ نظربند، هن نظام جي ڪَڙين ۽ زنجيرن ۾ جڪڙيل سمورا نَو ڪروڙ عوام اڄ بہ ڏوهاري آهن ۽ هڪ مقدمي جي ڪارروائي لوڙي رهيا آهن. فرق رڳو ايترو آهي تہ مون کي اڄ هڪ سال ۽ پنجن مھينن کان پوءِ نيٺ ڪجهہ نہ ڪجهہ چوڻ جو وجهہ تہ ملي ويو آهي پر انھن نَو ڪروڙ ڏوهارين کي تہ اٺن ورهين جي قيد يا مشقت ڪاٽڻ باوجود اڃا تائين ڪو ڏوھہ-چِٺو بہ نہ ڏنو ويو آهي.
صدر ۽ عدالت جا ميمبرو! آءٌ اوهان جو ٿورائتو آهيان جو توهان اسان جي جاچ جي قيد جي هن سال کن مدي جو عدالتي ”نوٽيس“ وٺندي، ان کي قطعي ”غير قانوني“ سڏيو آهي.(54 )
خاص طرح گذريل اٺن سالن (جيتوڻيڪ سمورا 35- ئي سال) هڪ جيل ۾ گذارڻ وڏي حوصلي جو ڪم آهي. اهو قيد منھنجي حياتيءَ جي هڪ هڪ گهڙيءَ کي قابو ڪري ٿو، پر شايد توهان اهو ٻڌي وائڙا ٿيو تہ ڪي ٽي چار ڏينھن اڳ مون هتي هڪ ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ پنھنجي ٻِي ”سالگرھہ“ ملھائي هئي. اها حقيقت آهي سائين منھنجا! گذريل سال 1984ع ۾ مون پامر لائينز جي سيل نمبر 16 ۾، 23-مئي تي پنھنجي پھرين سالگرھہ ملھائي هئي. ان کان اڳ هنن عذاب گهرن کان ٻاهر گذاريل 35-جنم ڏينھن بس ايئن مڙيو ئي گذري ويا هيا. مون کي حقيقت جو احساس ۽ ادارڪ هن ڀيري ٿيو آهي.
پنھنجي عمل ۽ سوچن باوجود ڦاهيءَ جي هنن ڪال ڪوٺڙين کان ٻاهر آءٌ پنھنجن ماڻھن ۽ قوم کان ڪوهن جا ڪوھہ پري هوس. آءٌ ٿورائتو آهيان ”مھاڻن“ جو، جن مون کي ڄار ۾ ڦاسايو.
پر خدا جي واسطي مون کي ٻڌايو تہ توهان هن ملڪ جي عوام کي ايڏي ڊگهي عرصي کان ”غير قانوني قيد“ ۾ رکندڙن خلاف عدالتي نوٽيس ڪڏهن وٺندؤ؟ اها منير ۽ انوار الحق جي وس جي ڳالھہ ڪانھي. ڪڏهن بہ نه. توهان مون کي لڳي ٿو تہ پنھنجي سوچ ۽ فيصلي جي قوت هيٺ اڃا تائين ”شاداب“ آهيو.
ڇا توهان منھنجيءَ وينتي تي، هڪ مياريءَ جو چوڻ تي اهو ڪري سگهندو؟ آءٌ ڄاڻان ٿو ائين ڪرڻ ۾ ڪيترائي جوکا لڪل آهن پر
What’s brave, what’s noble?
Let’s do it after the High Roman Fashion
And make death proud to take us.
”جيڪو ڪجهہ دليريءَ ۽ جيڪو ڪجهہ شرافت جو معيار آهي، اچو تہ رومي روايتن جي پوئواريءَ ۾ اهو ڪري ڇڏيون، اهڙيءَ طرح جو موت بہ اسان تي فخر ڪرڻ لڳي.“ (شڪسپيئر - ”انطوني ۽ قلوپطرہ“)
سرڪاري وڪيلن جو چوڻ آهي تہ آءٌ انھن ڳجهين ملاقاتن ۾ ڪنرلن ۽ ملڪ ۾ قائم فوجي تاناشاهي نظام تي تنقيد ڪندو رهيو آهيان. آءٌ انھن تي پڌرو ڪري ڇڏڻ ٿو گُهران تہ آءٌ اهو سڀ ڪجهہ ان کان بہ وڌيڪ چِٽي ۽ بي رحم انداز ۾ چوندو رهيو آهيان. چيف تاناشاهي سي ايم ايل اي (چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر) ۽ ٻين گهڻن ئي جنرلن، جَجن ۽ سوِل عھديدارن بلڪ حاڪمن جي موجودگيءَ ۾ بہ مون اهو ڪجهہ چيو آهي تہ جنھن کي مون سچ پئي سمجهيو آهي.( 55) پر هن کان اڳ ان کي سازش جو نالو ڪڏهن بہ نہ ڏنو ويو. مون کي سازشن ۽ سازشي ذهنن کان دلِي نفرت آهي. منھنجو طريقو ڪڏهن بہ منافقيءَ وارو ۽ اڄوڪي دؤر ۾ رائج ڌوڪيباز اسلامي طريقو نہ رهيو آهي. منھنجي بزرگ ۽ برتر خدا مون کي چڱي سگهہ ڏئي رکي آهي، تہ آءٌ جيڪو ڪجهہ بہ ڪيان، شيڪسپيئر جي لفظن ۾ ”اعلى رومي روايتن“ موجب ڪيان. پنھنجي حياتيءَ جي ڪتاب جي هر ضلعي تي پکڙيل گهڻن ئي اهڙن واقعن مان هڪ ٻيو قصو آءٌ هاڻي اوهان کي ٻڌائيندس، جيڪو منھنجن عقيدن ۽ نظرين جو هلڪو پاڇولو آهي.
ڪجهہ سال اڳ مون پنھنجي ”سازش“ جي سلسلي کي جاري رکندي انھن ڪاغذي جنگين تي تفصيل سان لکيو هو، جيڪي هڪ بٽالين هيڊقئارٽر کان وٺي جنرل هيڊقئارٽر ۾ ”جنگي رٿابندين“ ۽ ”سِکيا ۽ ڇنڊڇاڻ“ جي ادارن ۾ وڙهي پئي وئي. انھن ۾ مون پنھنجيءَ سطح تي سپاهين کي ملندڙ سکيا واري ڌوڪي کي بي نقاب ڪندي، حقيقت پسنديءَ ۽ اثرائتي سکيا لاءِ ڪيتريون ئي سفارشون بہ ڪيون. اهو ڇنڊڇاڻ ڪندڙ مضمون خدا ڄاڻي ڪيئن پاڪ آرميءَ جي مانائتي رسالي ”آرمي جرنل“ ۾ ڇپجي ويو. ان ۾ ڪيل ڪيترين ئي سفارشن کي ساراهيو ويو هو. مون کي ان سلسلي ۾ ڏهاڪين خط مليا جن ۾ ان نيت جو اظھار ڪيو ويو هو تہ اهي بہ ملڪ ۽ قوم سان ٿيندڙ ان ”سِکيا واري ڌوڪي“ کي اگهاڙو ڪندا.
ڪي ڇھہ ست مھينا گذريا تہ اهو ڇاپو ڌوڙَ مٽيءَ جي تھن ۾ گم ٿي ويو. هڪ ڏينھن آءٌ جنرل هيڊقئارٽرز ۾ هڪ واسطيدار جنرل جي آفيس ۾ ويس. منھنجو ارادو هو تہ کائنس پڇان، تہ انھن مسئلن تي ڪو عملي ڪم بہ ڪيو ويو يا نه! اهو سوال پڇڻ کان ڪي گهڙيون پوءِ هڪ مسڪين ٻليءَ جھڙي پرسنل اسسٽنٽ (ذاتي مددگار) جي ياد ڏيارڻ تي، سينئر ڪمانڊرُ هلڪي معذرت ڪندي سوشل مصروفيت لاءِ آفيس مان اٿِي ويو. مون پڪ ئي ڪنھن ردي، بيھودي ۽ بي مقصد موضوع تي هن سان ڳالھائڻ پئي گُهريو. مون ڪمانڊر جي ميز تي اها رقم رکي جيڪا لکت جي ”اجوري“ طور مون کي موڪلي وئي هئي ۽ ماٺ ميٺ ۾ ٻاهر نڪري آيس.
ڄاڻان ٿو تہ ڪيتريون ئي ڪارپوريشنون انھن مقرر ڪيل مقصدن لاءِ ڪونہ هلايون وينديون آهن جيڪي ٿلھن اکرن ۾ سندن چارٽر ۾ لکيل هونديون آهن. انھن جي نفعي ۽ نقصان جون بيئلنس شيٽون، سندن نفعا ۽ نقصان، انھن جون ڪاميابيون ۽ ناڪاميابيون احتساب کان مٿڀريون هونديون آهن. انھن جا اقتدار تي ويٺل مالڪ ۽ وس وارا پنھنجو حساب ڪتاب وٺندڙ پاڻ ئي هوندا آهن. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ تاريخ انھن کي مختلف وٿين کان پوءِ اگهاڙو ڪندي رهندي آهي. هِن ڪارپوريشن (پاڪ آرمي)کي بہ تاريخ ڪيترائي ڀيرا اگهاڙو ڪري چڪي آهي. آءٌ 1948ع ۽ 1965ع جي مالي سالن ڏانھن اشارو ڪري رهيو آهيان ۽ انھن ۾ 1971ع جو سال بہ شامل آهي جيڪو صحيح معنائن ۾ ان ڪارپوريشن جي ڪيل ڪرتيل جي مڪمل اجوري، بدلي ۽ ”انعام“ جو سال هو.
انھن ٽنھي مالي سالن جو قصو ڏاڍو ڏک ڀريو آهي. اهو هٿياربند فوجن جي اڳواڻن جي لاڳيتي گهوٽالي جو قصو آهي. هاءِ ڪمان جي نااهلي ۽ ”غداري“ ڪا اڄوڪي وٿ ڪانھي. 1948ع ۾ جڏهن ڪشميري آزاديءَ جا مجاهد پنھنجن قبيلائي اتحادين سان گڏجي سري نگر هوائي اڏي جو گهيرو ڪري چڪا هئا تڏهن هِن ڪاپوريشن جي پاڪستاني ڊائريڪٽرن ملڪ جي مفاد خلاف هڪ عظيم غداري ڪئي ۽ ان جي تسلسل انھن ڏينھن ۾ پاڪستان جي حڪومت ملڪ ۾ موجود هٿياربند فوجن جي سڀني آفيسرن ۽ عھديدارن کي اڪيلي نموني ۽ رضاڪارانہ طور ڪشمير جي آزاديءَ لاءِ جنگ ۾ شامل ٿيڻ جو اجازت نامو ڏئي ڇڏيو هو پر هڪ اڌ ڇڏي، باقي سمورا غدار غدار جا پٽ (سٺ، ستر ۽ اسِي جي ڏهاڪي وارا جنرل) پنھنجن پنھنجن عھدن سان چنبڙيل رهيا. انگريزن جي پالتو پٺوئن ۽ دلالن جي ان ”ميڙ“ لاءِ آزاديءَ جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ تہ پري رهيو، ان بابت سوچڻ بہ ڏکيو هو. جنھن ايڪڙ ٻيڪڙ آزادي پسند سپاهيءَ قبيلائي ۽ ڪشميري لشڪر جو ابتدا ۾ ساٿ ڏنو بہ، تہ ترت ئي ان ”ميڙ“ جي بدنظر جو شڪار ٿي ويو، ڪي پنھنجي موت مري ويا ۽ ڪجهہ کي ملڪ خلاف ”غداريءَ“ جي اعلى ترين تمغن سان نوازيو ويو. پنڊي سازش ڪيس جو وڏو مياري منھنجو هڪ ”اڳرو اڳواڻ“ جنرل اڪبر خان انھن مان هڪ هو. ان حقيقت کان ڪير ٿو انڪار ڪري سگهي تہ انھن ڏينھن ۾ رڳو هڪ انفنٽري بٽالين ۽ ڇھہ کن شيفي ٽئنڪن جي پھچڻ سبب ننڍي کنڊ جي تاريخ جو رخ هميشه لاءِ ائين بدلجي وڃي ها جيئن ڏاکڻيون نديون. بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن پاڪستان آرميءَ جي ڪينئن جي هنن ”ڇڳن“ جي بي عمليءَ، خاموشيءَ ۽ بي حسيءَ جي ان مظاهري ۾ پھرين سک لائيٽ انفنٽريءَ سري نگر جي هوائي اڏي تي لھي، ڪشمير جي مقدر تي شايد سدائين لاءِ ٺپو هڻي ڇڏيو هو.
1965ع جي جنگ ”جرنيل نِي ڪرنيل نِي“ ملڪه ترنم نور جهان جي سُرن ۾ کٽي هجي تہ ٻئي ڳالھہ، نہ تہ جنگ جي ميدان ۾ پنھنجي چٽي فوجي مٿيرائي هوندي بہ، بدڪردار، نااهل ۽ غدار اڳواڻيءَ سبب اهو سنهرو وجهہ هڪ ذلت جھڙي اسٽالمينٽ (پوئتي موٽ واري) ”ڇَڪ ڇَڪ“ کان وڌيڪ نظر اچي رهي هئي تڏهن پاڪستان جي فاتح ايوب خان پاران محاذ جي ڪمان ميجر جنرل اختر حسين ملڪ کان کسي اها ديُوس يحى خان حوالي ڪري ڪاهيندڙ جٿن کي ”پھيه جام غداريءَ“ جو شڪار ڪرڻ ان ڏاکڙي جو شاهڪار باب هو. ان جنرل سرفراز خان کي ”لاهور جو محافظ“ لقب ڏيڻ جنھن کي 6 سيپٽمبر 1965ع جي صبح جو اخباري نمائندن ننڊاکڙي حالت ۾ بيڊ ٽِي (صبح سوير بستري تي ملندڙ چانھہ) پيئندي پڪڙيو هو ۽ جنھن کي ان رات واهگه-برڪي محاذ تي ٿيل ڀارتي ڪاھہ جي شايد ئي خبر هجي، هن ملڪ خلاف ان ”مالي سال“ ۾ ڪيل سازش جِي ئي ڪڙي هو. هتي ٺيڪ حقيقت موجب ڪو شڪ ناهي تہ لاهور آڏو شِيھي-ڀت بيھارڻ وارو ليفٽيننٽ ڪرنل تجمل حسين ملڪ (رٽائر ٿيڻ مھل ميجر جنرل) اڄ ”غدارن“ جي قطار ۾ شامل گذريل ڇھن سالن کان ساهيوال جيل جي ڪال ڪوٺڙي ۾ بند پيو آهي. ننڍي کنڊ جِي هِن وقت جي سڀ کان ڀوائتي جنگي مشين اسان جي فرسٽ آرمرڊ ڊويزن جي هڪ ننڍڙي واهي ۽ کيم ڪرن جي هن پار ڪپھہ جي ڦٽين ۾ ڦاسي وڃڻ جي ڏاکڙي تي تہ اڄ بہ انھن سڀني جنرلن کي هڪ هزار ڀيرا ڦاهيءَ جي سزا ڏئي سگهجي ٿي جيڪي ان يلغار بليٽز ڪريگ رٿا ٺاهيندڙ، ڪمانڊر ۽ تماشو ڏسندڙ هئا. اهو واهو جنھن ۾ ايشيا جي هيءَ مايه ناز ٽئنڪ ڊويزن ڦاسي پئي، پاڪستان رينجرس جي سرپرستيءَ هيٺ ايندڙ ويندڙ بين الاقوامي سمگلرن جي اُٺن، گڏهن، گهوڙن ۽ ٽرڪن ۽ ڇڪڙن جا قيدي اهي جنرل گذريل ٽيويھن ورهين کان هن قوم جي مقدر جا سڪندر ٿيو ويٺا آهن ۽ ڪوبہ انھن کان پڇڻ وارو ڪونھي! وري انھيءَ ئي 1965ع واري جنگ خاص طرح لاهور محاذ جي جنگي ريڪارڊ کي تباھہ ڪرڻ وارن حڪمن تي عمل ڪيو ويو. ان جو حساب ڪير ڏيندو؟ ان سازش کي اگهاڙو ڪير ڪندو؟ يونٽن جي جنگي رپورٽن ۽ ڊائرين کي ساڙڻ جا حڪم ڇو مڙهيا ويا! جيڪڏهن اهو ريڪارڊ موجود هجي ها تہ اڄ اسين ڪھڙين قبرن جي ڍانچن کي ڪٽھڙن ۾ بند ڪري مينار پاڪستان تي لٽڪائڻ جو مطالبو ڪري رهيا هجون ها؟
1965ع جي ڊينبن جنرلن، ڄامڙن ۽ اُٺ-پکين پاران ذوالفقار علي ڀُٽي تي هيءَ تھمت تہ پرڏيھي وزير جي حثيت ۾ هُن بين الاقوامي سرحدن تي ڪوبہ محاذ نہ کولڻ جي پڪ ڏياري هئي، سپاهيانہ بدديانتيءَ جو هڪ ٻيو شاندار ڪيس آهي. توهان مقبوضہ ڪشمير ۾ رياست اندر مڪمل گوريلا جنگ شروع ڪريو ويٺا آهيو. هوڏانھن اکنور محاذ تي ڪشمير ۾ ويٺل سموري ڀارتي فوج خلاف ڦَندن جو ڳنڍيون سوڙهيون ڪري رهيا آهيو ۽ ان سان گڏ اها سڌي سنئين احمقانہ ۽ اُلو جي پَٺن واري اميد رکندڙ ماڻھو فيلڊ مارشل، ليفٽيننٽ جنرل ۽ ميجر جنرل تہ ڇا حولدار ميجر ۽ لانس نائڪ بہ هڪ پاسي ديسي ڪَٻَڊِي (ڪوڏي ڪوڏي) جا سڀ کان ردي رانديگر سڏائڻ جا بہ حقدار نہ هئا.
هيڏانھن سچ اهو آهي تہ اسان جي مقبوضہ پارليامينٽ هائوس، عدالتي ايوانن، هيروئن جي فيڪٽرين، زرعي فارمن ۽ شگر ملن جي ڪمان واقعي جنرلن جي هٿ ۾ رهي آهي، جڏهن تہ جنگ جي ميدان جي ڪمان يا تہ ميجر، ڪپتان ۽ ليفٽيننٽ ڪندا رهيا آهن يا وري سپاهي، لانس نائڪ ۽ حوالدار، جن جي جنگ مقامي مورچن ۽ پنھنجي اوسي پاسي جي ڪجهہ ايڪڙن جي جنگ هوندي آهي. قومي سطح جي رٿابندين ۽ ڪارروائين ۾ نيٺ انھن ماڻھن جو حصو ڪيترو ٿي سگهي ٿو؟ آءٌ مڃان ٿو تہ ڪنھن ملڪ جو بچاءُ ايترو پڪو يا ڪچو هوندو آهي جيترو سندس سرحدن تي پَراهون اڪيلو مورچو، پر مورچا ڪڏهن بہ اڪيلا نہ هوندا آهن ۽ انھن جي مجموعي چرپر يا قوم جي حيثيت ۾ انجماد (ڄَمي وڃڻ) اسان جي روايتن مطابق ڪنھن جنرل جي ميڇ کان سواءِ ٿي ئي نہ ٿو سگهي. پر اڄ جنرل ضياءَ الحق کان وٺي جنرل عارف، جنرل رحيم الدين ۽ اسان جي ڪور ڪمانڊرن ۽ اڪثر ڊويزن ڪمانڊر ۾ سچ پچ ڪيترا جنرل اهڙا آهن جن جنگ جي ميدان ۾ پلاٽونن، ريجمنٽن يا فارميشنن جِي ڪمان ڪئي آهي؟ ڪيترا جنرل اهڙا آهن جن بارود جي دونھين ۾ ساھہ کنيو هجي؟ ڪيترا اهڙا آهن جي وردين تي پنھنجي ۽ پنھنجي اوسي پاسي ڪٽجي مرندڙ پنھنجن ساٿين جي رت جا ڦڙا پيتا هجن؟ هڪ قوم، هڪ ملڪ ۽ هڪ سوچ جي خون، اسان جي حسرتن، خوابن ۽ تمنائن جي رت ۾ هي ماڻھو پڪ سان وهنتل آهن. هي اهي ماڻھو آهن جيڪي هر اهڙي موقعي تي يا تہ ملڪ کان ٻاهر فلسطين جي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ تنظيم جي خلاف ”جهاد“ ۾ رڌل هئا يا پينٽاگان جي اعلى فوجي ادارن ۾ تعليم هيٺ هئا يا محاذ کان پراهين ڦِرندڙ ڪرسين ۾ ويٺي وهسڪي سوڍا، پائيپ يا 555 جو سگريٽ يا ڪولڊ ڪافي پيئندا رهيا هئا.
رهي 1971ع جي سال جي ڳالھہ تہ، ان جو هاڻي ذڪر ئي ڪھڙو! اهو تہ ملٽري قيادت جي هٿان جناح ۽ اقبال ۽ رحمت عليءَ جي خواب جي مڪمل وڪري جو قصو آهي. ان جو پھريون باب 16-ڊسمبر 1971ع تي پلٽن ميدان ۾ جنرلن جي هڪ ڌڻ لکيو ۽ ٻيو باب 4-اپريل 1979ع تي هن واڙيل قوم جي سُڏڪن ۽ دانھُنِ ۾ قلمبند ٿيو جڏهن انھن سورمن کي پنھنجي ذهانت ۽ حب الوطنيءَ جي طاقت جي زور تي ڀارتي قيدي ڪئمپن مان ڪڍِي ايندڙ بي هٿيار، هٿين خالي ذوالفقار علي ڀُٽي کي انھيءَ ”آرمي هائوس“ جي پاڇولن ۾ ڦاهيءَ جي تختي تي چاڙهيو ويو جنھن جي عزت جي بحاليءَ لاءِ هو مري مري جيئندو رهيو.
ڪجهہ حقدارن جي انھن ٽن ”مالي سالن“ ۾ پنھنجي فرسٽ ۽ سيڪنڊ (سَڳن ۽ سؤٽي) سؤٽن، ڀاڻيجن، ڀائيٽن، پُڦاٽن، سالَن، سمڌين، ساهرن، دلالن ۽ ڇوڪرن کي شجاعت ۽ جرئت جي تمغن سان جنھن نموني نوازيو ويو، اهو انداز بہ هن ملڪ جي هٿياربند فوجن جي جوانن ۽ جونئير آفيسرن خلاف هڪ وڏيءَ سازش ۽ غداريءَ جو ئي حصو هو.
چوٿين يعني هاڻوڪي مالي سال جو انت ڪيئن ٿيندو ۽ ان جا مرثيا ڪير لکندو، ان بابت ڪجهہ چوڻ لاءِ اسان کي شايد اڃا بہ انتظار ڪرڻو پوندو.
عدالت جا صاحب! 1948ع، 1965ع ۽ 1971ع جي شرم جھڙي لشڪري ڪِرت کي اگهاڙو ڪرڻ لاءِ [حضرت] نوح جي ڄمار گهربي، هاڻي اها ڪٿي! سٺو ٿيندو تہ آءٌ جنرل هيڊقئارٽر جي سِکيا واري ڊائريڪٽوريٽ جو قصو تہ پورو ڪري وٺان.
جڏهن آءٌ موٽي وڃي اسٽيشن (فوجي ويھڪ واري هنڌ) پھتس، تہ عادت موجب مون پنھنجن ڪجهہ دوستن سان جنرل هيڊقئارٽرز جي ”مردار ليٽر بڪس“ ۾ اقتدار تي ويٺل ٽولي جي سوچ ۽ عمل ۾ تضاد بابت ڳالھہ ڪئي. ان ڏينھن بہ آءٌ ايترو ”فرسٽريٽڊ“ (وباڪل، محروم) هوس جو جيڪڏهن سرڪاري وڪيل ۽ انٽيليجنس مافيا جو ڪو دلال اتي موجود هجي ها تہ هي سازش جو مقدمو جيڪو جنوري 1948ع ۾ اٿاريو ويو، ان ڏينھن ئي وجود ۾ اچي ها.
عدالت جا صدر! جيڪڏهن سرڪار ۽ ان جا ”دلال“ مون کي ڄاڻندا هجن ها تہ انھن کي هيءُ سازش جو مقدمو تيار ڪرڻ ۾ ورهين جا ورهيه اوسيئڙو ڪاٽڻو نہ پوي ها، ۽ ها، جيڪڏهن اهي ماڻھو مون کي ٿڏي تي ٻڌائن ها تہ کين منھنجو تيار ڪيل ڪوبہ تخريبي پمفليٽ نہ ٿو ملي، تہ آءٌ پنھنجو پاڻ اهو کين تيار ڪري ڏيان ها. جيڪڏهن آءٌ پنھنجي ”ڏوهاري سازش“ جي ثبوت ۾ انھن کي ذڪر ڪيل آرمي جرنل جي هڪ ڪاپي ئي پڪڙائي ڇڏيان ها تہ شايد هن ردي ڏوھہ-چٺي جي شڪل، جيڪا انھن منھنجي خلاف تيار ڪئي آهي، ان کان ڪجهہ وڌيڪ ڀروسي لائق هجي ها.
ڪاش! آءٌ اِن مدد ۾ انھن کي پنھنجي ان ”پيپر“ جي هڪ ڪاپي مھيا ڪري سگهان ها جيڪو مون هن ملڪ ۽ قوم سان هڪ ڏاڍي وڏي فراڊ يعني ”نيشنل گارڊن“ واري رٿا بابت هڪ چئن ستارن واري جنرل کي ضروري غور ۽ فڪر لاءِ ڏنو هو. اها حقيقتن تي ٻَڌل ڇنڊڇاڻ هئي جنھن ۾ مون پنھنجي ملڪ جي قومي خزاني ۽ وسيلي جي کليل ڦرلٽ جي ڏک ڀري ڪھاڻيءَ جو نقاب لاٿو هو. ان ۾ مون نيشنل گارڊن جي ڪاغذي ڀرتين، خيالي سکيا جي ڀاڄ سان ڀرجندڙ گرافن ۽ ”ڪاغذي خرچن“ جي ڳالھہ ڪئي هئي، ان ڏک جھڙي ڌاڙي جي ”شاهدن“ جي نشاندهي ڪئي هئي، جيڪي ڪمانڊ جي هر سطح تي اُٺ-پکي ٿيو ويٺا آهن.
ڪاش! ان ڪڙي ڇنڊڇاڻ تائين ”مارشل لا“ زون ”اي“ جي سُلڇڻي ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل جي پھچ ٿي سگهي ها تہ رڳو انھيءَ بنياد تي هُو آئين کان مٿاهين ان حڪم نامي جي لٺ جي سھاري بيٺي بيٺي مون کي توهان جي عدالت واري ڪرسيءَ جي پاسي ۾ موجود ڦاهي گهر تائين پھچائڻ جي سفارش ڪري سگهي ها.
عزت وارا صدر! هن دنيا ۾ رڳو ڪجهہ جايون ئي تہ اهڙيون آهن جتي ماڻھو آزاديءَ سان وڻندڙ موسمن، پيار ۽ پريت، امن ۽ انسان دوستيءَ جون ڳالھيون ڪري سگهن ٿا. شايد ٽيمز جي ڪنارن کان ”رائن“ (نديءَ) جي ”ٻيلن“ تائين اهو ممڪن هجي تہ هجي، نہ تہ نيل کان نيلم تائين اسين سڀ هڪ هلڙ، هيجان ۽ طوفان جو شڪار آهيون، نيٺ اسان وٽ ڳالھہ ڪرڻ لاءِ آهي ئي ڇا؟ خوشيون، فرحتون، محبتون، انصاف، برابريون، وڻندڙ موسمون ۽ آزاديءَ جا گيت، انھن مان ڪجهہ بہ تہ اسان جي ڀاڳ ۽ مقدر ۾ ڪونھي.
سچ چئجو، ڇا توهان کي انھن سھڻين من-موهڻين شين منجهان ڪا هڪ بہ آئين ۽ ماڻھپي کان مٿاهين هڪ حڪنامي هيٺ وجود ۾ آيل هِن عدالت جي ڪمري يا ان جي اوسي پاسي نظر اچي ٿي؟
اڄوڪي پاڪستان ۾ آمريتن، ڦٽڪن، سازشن، ڌاڙن، ڪوس ۽ ڪيس، ڦاهيءَ جي ڦندن، غريبي، بک، اوگهڙ ۽ بيمارين کان سواءِ ٻيو آهي ئي ڇا؟ انھن کان سواءِ اهي ڪھڙا موضوع آهن جن تي اسين ڳالھايون ۽ اوهين چپ چوريو تہ ان سان گڏ ئي غداريءَ ۽ ”ڏوهي سازش“ جا ٺپا چرپر ۾ نہ اچي وڃن.
اڄ آءٌ هن ڦورو نظام جي ان ”ڪُوئامار“ جي لوهي چنبي مان ڳالھائي رهيو آهيان جنھن جي چنبن مان گذريل اَٺن ورهين کان هن قوم جو رت ڳڙي رهيو آهي. سائين منھنجا! اڄ بہ اوهان کي هِن سفاڪ ۽ بي رحم دؤر جي مقصدن بابت ڪو شڪ شبھو باقي آهي. هن ”نظام“ پنھنجيءَ بقا لاءِ پنھنجي ”چادر ۽ چؤديواري“ کان ٻاهر رڙندڙ اَٺ ڪروڙ اگهاڙن ۽ بُکين ماڻھن کي ”سازشي“ سڏي ڇڏيو آهي. ان وڻ ويڙهيءَ ڪيڏو نہ سٺو دفاعي گهيرو ٺاهي ورتو آهي جو اڄ پنھنجن مسئلن ۾ قومي بقا جي ڳالھہ ڪندڙ هر ماڻھو غدار، سازشي ۽ ڪنڌ ڪورڻ لائق ٿي پيو آهي.
مسٽر پريزيدنٽ ۽ عدالت جا ميمبرؤ! ٻي ”تھمت“ ان لٽريچر (ادب، لکت ۾ مواد) بابت آهي جيڪو لکيو، ڇپيو ۽ ورهايو ويو ۽ جنھن بابت کلي عام ڳالھيون ٿيون. ڇا اوهان آڏو ان قسم جو ڪو دستاويز پيش ڪيو ويو يا توهان سمجهو ٿا تہ ان معاملي ۾ انٽيليجنس جي دلالن جي شاهدي ئي ڏوھہ ثابت ڪرڻ لاءِ کوڙ آهي! آءٌ ڄاڻان ٿو، رياستي مشينريءَ لاءِ ڏوھہ-چٺي ۾ لکيل موضوعن تي هڪ پمفليٽ تيار ڪري توهان آڏو آڻڻ ڪو ڏکيو مسئلو نہ هو. هڪُ تہ ڇا ان معاملي ۾ پورا چاليھہ پمفليٽ تيار ڪري اوهان آڏو آڻي سگهجن پيا، پر هنن شايد نئين سر ”فيئر پِلي“ جو احساس پيدا ڪرڻ گهريو پئي يا وري اهي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي هن مقدمي بابت خاص ”حڪم نامي“ جي ”ڪِلي“ جي مضبوطيءَ جي احساس کان ايڏو تہ سرشار هئا جو ان جي گهرج ئي نہ سمجهي وئي يا وري قدرت انھن کان ايف آءِ آر جيان هڪ ڀيرو وري هڪ غير معمولي ”حماقت“ ڪرائي رکي.
سچ تہ هيءُ آهي تہ ايف آءِ آر کان وٺي ڏوھہ-چٺي تائين سرڪار جا سڀ يَڪا اونڌا ڪِريا آهن. جيتوڻيڪ هن ملڪ جي هاڻوڪي ”انتظاميا“ جي قانوني سبب يا بي سببيءَ جي ڳالھہ اڃا ڪرڻي آهي پر بھرحال مون کي اهو ڏسي ڏک ئي ٿيو تہ ڏوھہ-چٺو تيار ڪرڻ وارن ۽ سندن واهرو ڇوڪرن، حڪمرانن کي ڏاڍيءَ ذلت ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي.
اهو ڏوھہ-چِٺو هڪ گندو چرچو آهي. اهو دراصل نوڪر شاهيءَ جو اهو ڄار آهي جنھن ۾ نيٺ پاڻ ڦاسي وئي آهي. ڏينھن-ڏٺي جي حقيقتن، گهٽيءَ گهيڙ جي ڳالھين، ڪراري سچائين، حقيقتون، نج حقيقيتون جن جي کُلي عام قبولِي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر کان ويندي سرڪار جو ننڍو وڏو هر ”ڇاڙتو“ ڪري چڪو آهي، انھن جو ذڪر ڪرڻ منھنجي سازش ۽ ڏوھہ سڏيو ٿو وڃي.
سائين منھنجا! جنوري 1984ع جي سازشين جو ڏوھہ اهو ئي آهي جنھن ۾ سڄو ملڪ ملوث رهيو آهي.
عدالت جا صدر! اڄ مون کي جنرل شاهيءَ کي اهو ٻڌائڻو آهي تہ اهي ئي طور طريقا آهن جن جي مدد سان سوِل ۽ ملٽري ڪامورا شاهي، حڪومتن جون ڄنگهون ڇِڪينديون رهيون آهن، پوءِ بيشڪ اها ڄنگهہ-ڇڪ ”ترقيءَ جي ڏهاڪي“ جي پڄاڻيءَ تي ٿي هجي يا ”اسلامائيزيشن“ جي هار-کاڌل ساھہ ڏيندڙ هاڻوڪي ڏهاڪي جي پوين ڏينھنِ ۾.
جنرل ضياءَ تہ ”شورى ڪريسي“ جو اهو اصطلاح ”ايجاد“ ڪيو هو، جنھن جي عبوري گهوڙين جي سھاري هُن ”ڪجهہ مھينا“ وڌيڪ ”تڙڳي“ ورتو. ”بيوروڪريسي“ (ڪاموراشاهي) جو اصطلاح تہ اڳ ئي موجود هو ۽ آءٌ اڄ ”چارجنگ ڪريسي“ (تھمت شاهي) جو اصطلاح ايجاد ڪري رهيو آهيان. اها ”ڪريسي“ هڪ فوجي تاناشاهيءَ جي انھن سمورن مسئلن ۽ ڏکيائين جو ترياق رکي ٿي، جن جي اڳرائي”جنتا“ ڪري سگهي. ان ”ڪريسي“ ۾ انھن مسئلن جي ”شفا“ بہ ٿئي ٿي جن کي فوجي تاناشاهي پنھنجون اسٽريٽيجڪ خوشيون حاصل ڪرڻ لاءِ تفريح جي وٿين ۾ پاڻ ئي پيدا ڪندي رهندي آهي.
ملڪ تي مڙهيل هاڻوڪي نظام سان پوريءَ طرح اختلاف رکڻ باوجود مون کي پنھنجن سپاهين جي عزت، مرتبو ۽ سالميت ڏاڍي پياري رهي آهي. آرمي منھنجو گهر ۽ ٽِڪاڻو آهي. منھنجي خلاف ڏوھہ-چِٺو توهان لاءِ مون کي دائمي قيد جي سزا ٻڌائڻ لاءِ کوڙ آهي. اهو ڏوھہ-چٺو صليب تي چڙهڻ واري منھنجين پراڻين سَڌن ۽ خوابن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. بھرحال، آءٌ وائڙو آهيان، پريشان ۽ ڏکارو آهيان، تہ چارجنگ ڪريسيءَ پنھنجين ”ميڪياويلي“ وارين چالن سان فوجي انتظاميا کي ڪيڏو نہ ذليل خوار ڪيو آهي.
پَڪ سان، هيءَ ذلت ”جنتا وسيلي“، ”جنتا لاءِ“، جنتا جي حڪومت جي مقدر ۾ پھرين ڏينھن کان ئي لکي وئي هئي، جيتوڻيڪ آءٌ ايترو ضرور چئي سگهان ٿو تہ انھن پاڻ ئي ان کي دعوت ڏني آهي. هاڻي آءٌ انھن لڪل ۽ کليل حقيقتن جي ڳالھہ ڪندس جيڪي هِن ڏوھہ-چٺي کي سائڪوپيٿالاجيءَ جي هڪ شاندار نموني جي صورت ۾ اسان جي اڳيان آڻن ٿا. مون کي لفظ سپرا Supra مٿاهون، بالا) ۽ ان جو هر هر ورجاءُ ڏاڍو وڻيو آهي. خاص طرح تڏهن جڏهن اهو هر ڀيري ”گهوڙي“ جي وات مان نڪري رهيو آهي. اهو عربي نسل جو گهوڙو مسٽر ايم بي زمان، اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر آهي جنھن اسان جي حياتيءَ جي هر پاسي تي ان اصطلاح جو زنجيري گهيرو وڌو آهي. فوجي تاناشاهيءَ جي جنھن ”حڪم نامي“ هيٺ اسان جي خلاف هي ڪيس ”کٽيو“ پيو وڃي، ان کي مسٽر زمان هڪ ”سپرا ڪانسٽيٽيوشنل آرڊر“ (آئين کان مٿاهون حڪم) سڏيو آهي. وري سندس ئي لفظن ۾ اهو حڪم رڳو آئين کان مٿاهون ئي نہ، پر شريعت کان مٿاهون، تعزيرات پاڪستان کان مٿاهون، شاهديءَ جي قانون کان مٿاهون ۽ ملٽري لا کان مٿاهون آهي. ان ڪري آءٌ ان مان نتيجو ڪڍڻ ۾ حق بجانب آهيان تہ هن جي چوڻ موجب هيءُ قانون رياست کان مٿاهون، قرارداد مقاصد کان مٿاهون ۽ انسانيت کان مٿاهون آهي.
عزت وارا صدر! ان کي ئي تہ بُت تراشي چوندا آهن. اهو ئي تہ اهي چور دروازا آهن جن مان رت جي ڳاڙهن ذرن کي ناس ڪرڻ وارا اصطلاح ڪنھن قوم جي بدن ۾ گهڙندا آهن. ڪنھن سماج کي ”ڪوڙهيو“ ڪرڻ لاءِ ان کان وڌيڪ سٺو طريقو ڪھڙو ٿي سگهي ٿو ۽ نہ ئي وري ڪنھن قوم لاءِ گڏيل خودڪشيءَ جي ان کان وڌيڪ سٺي واٽ ٿي سگهي ٿي. ان قتلام ۽ نسل ڪشيءَ لاءِ آمريڪا جي گرو جونز( 56) ۽ سندس مقناطيسي شخصيت جي ڪابہ گهرج ناهي. هڪ لفظ، هڪ اصطلاح وسيلي اهي سمورا غليظ مقصد پورا ٿي سگهن ٿا.
توهان ڄاڻو ٿا تہ آمريت کي دماغ (ذهن) نہ هوندو آهي، جنرلي لٺيون ۽ ڏنڊا هوندا آهن. انھن لٺين چھبڪن ۽ آئين ۽ قانون کان مٿيرائي جي نقيب ڪنھن لفظ، ڪنھن اصطلاح جي چتي قيامت تائين انھن (جنرلن) جي غلامن جي ڀاڳ کي سيل ڪرڻ لاءِ ڪافي ٿي سگهي ٿي.
آءٌ سائيڪوپيٿالاجيءَ جي ان شاهڪار جي ڳالھہ ڪري رهيو هوس جيڪو ڏوھہ-چٺي جي ٻين تھمتن جي صورت ۾ منھنجي آڏو پکڙيل آهي.( 57) 8-جنوري 1984ع تي جڏهن اهو منھنجين نظرن ۾ آيو تہ ڪنھن هوري هوري منھنجي روح کي مخاطب ٿي سڙٻاٽ ڪيو تہ:
Eureka! Eureka!
”مون ڳولي لڌو ! مون ڳولي لڌو“ (آرڪمڊيز)
ان کان اڳ جو آءٌ توهان کي اهو ٻڌايان تہ مون ڇا ڳولي لڌو آهي. آءٌ چٽو ڪرڻ گهران ٿو تہ منھنجي هيءُ سڀ ڪجهہ چوڻ جو مقصد اهو ناهي تہ آءٌ پنھنجي يا پنھنجن دوستن پاران ڏوھہ قبول ڪري رهيو آهيان يا مون ڏوھہ-چٺي ۾ بيان ڪيل لفظن يا تھمتن کي رڳو ان نيت سان ڪيو، ڇپرايو يا سماج جي ڪنھن طبقي ۾ ورهايو جنھن نيت جي ڳالھہ سرڪاري وڪيل ڪري رهيا آهن.
ٻين ميارن لاءِ لفظ ”دوست“ ڪتب آڻيندي منھنجي دل دڙڪي پئي آهي. اهو ناتو رڳو مڇيون پڪڙڻ وارو هڪ ڄار ٿي پيو آهي ۽ دوستن ۽ دوست هجڻ جي ڏاڍي ڳرِي قيمت چڪائي آهي. جيڪڏهن توهان بہ ان نتيجي تي پھچي چڪا آهيو تہ لفظ ”دوستي“ لفظ ”سازش“ جو هم معنى ۽ هم پلئہ ٿي چڪو آهي، تہ مون کي ضرور ٻڌائجو.
رياستي توبُن جو پھريون وسڪارو منھنجي خلاف هيئن شروع ٿئي ٿو، مون تي تھمت آهي تہ مون جنرلن خلاف پروپيگنڊا ڪندي چيو ۽ لکيو آهي تہ ” جنرل ڪڏهن بہ رٽائر نہ ٿيندا آهن“.

***

_______________________
1. ( ) Special Service Group يا S.S.G گوريلا يا ڪمانڊو جٿا اٽڪ قلعي ۾ اسان خلاف چوگرد حفاظتي جٿو جيل جي اندر ئي مقرر ڪيل هو. بئرڪن کان ٻاهر سول پوليس، انهن مٿان هڪ انفنٽري بٽالين ۾ انهن کان ٻاهران اهي ڪمانڊو جٿا مقرر هئا.
2. ( ) قلعي جي اها مشھور بيرڪ، جتي اسان کان اڳ به سازش جا مقدما هلي چڪا هئا. جِتي مون مٿان هڪ اهڙي ڪاري قانون هيٺ ڪيس هلايو پئي ويو جيڪو خالق ڏني هال جي جج مسٽر بِي سِي ڪينيڊي (جنھن محمد علي جوهر ۽ ٻين خلاف ڪراچيءَ ۾ ساڳين تھمتن-هيٺ سازش جو ڪيس هلايو هو) جي وهم گمان ۾ به نه پيو اچي سگهي. قلعي ۾ حفاظتي انتظامن جو ٽيون گهيرو بٽالين يا پلاٽون پيدل فوج جي اَٺ نوَ سؤ ماڻهن تي ٻڌل يونٽ هوندو آهي.
3. ( ) هٿياربند فوجن جا جونيئر ڪميشنڊ آفيسر يعني (J.C.O) نائب صوبيدار، صوبيدار ۽ صوبيدار ميجر جي عھدي جا آفيسر، جن کي انگريز آقا انگريز آفيسر ۽ ديسي سپاهيءَ جي وچ ۾ هڪ ”گهر جي نه گهاٽ جي مخلوق“ طور پيدا ڪيو هو.
4. ( ) اسلام آباد جو سھڻو علائقو.
5. ( ) لاهور ۾ شير پائو پل ويجهو جنرلن جي محلن واري ڪالوني، جنھن کي عام طرح جنرل ڪالوني چيو ويندو آهي.
6. ( ) اسپيشل انويسٽيگيشن برانچ. آرميءَ جو چُونا منڊي ادارو.
7. ( ) پراڻين جنگي رسمن موجب جنگ جي ميدان ۾ مرندڙ سپاهيءَ جي رائيفل قبر جي نشاندهيءَ لاءِ سنگينَ کوڙي بيھاربي آهي يعني مرڻ کان پوءِ سنگينَ جو رخ آسمان بدران زمين ڏانھن هوندو آهي.
8. ( ) جنرل موسى خان جي پنھنجن سينئرن خاص طور جنرل ايوب خان سان غير مشروط وفاداري اڄ به مثالي طور مشھور آهي، جيتوڻيڪ هُو به سپاهيءَ مان جنرل ٿيو هو.
9. ( ) اسان جي جاچ ۽ ڏاڍ سان قبول ڪرايل بيانن کي سرڪار اسان جي پنھنجي ضمير جي آواز جو ردعمل سڏيو هو، ڇو ته نه جاچ ٿي ۽ نه ئي تشدد ۽ ڏوهه قبولجي ويو.
10. ( ) ڪنھن فوجيءَ کي گرفتار ڪرڻ جي نشاني ان جو بيلٽ (چيلهه-پٽو) لھرائي وٺڻ آهي. [ڪنھن به فوجيءَ کي جيڪڏهن پنھنجي گرفتاري ڏيڻي هوندي آهي، ته هُو پنھنجو بيلٽ لاهي پنھنجي آفيسر حوالي ڪندو آهي.]
11. ( ) ريشتاغ (Reichtag) جرمن پارليامينٽ، جنھن جي جاءِ کي هٽلر ۽ نازي پارٽيءَ پاڻ باهه ڏياري ان جي تھمت جرمن ڪميونسٽ پارٽيءَ تي هڻي نيٺ ان کي ختم ڪري ڇڏيو.
12. ( ) لاهور شھر ۾ ملتان روڊ تي هڪ پوليس اسٽيشن جو علائقو، جتي انٽيليجنس ايجنسين ’بيڪار‘ هٿيارن جي ڍير جو هڪ ڄار وڇائي شروع ۾ هن سازش ڪيس جي ڪجهه آفيسرن کي گرفتار ڪيو. ان پوليس اسٽيشن ۾ 2-جنوري 1984ع تي پھرين ايف آءِ آر لکي وئي، جنھن کي پوءِ حڪومت پاڻ ئي قومي مصلحتن سبب ڳالهايل ڪوڙ سڏيو ۽ ڪيترن ئي مھينن کان پوءِ بدليل ضرورتن موجب هڪ واڌُو رپورٽ لکرائي، جنھن کي ’سچو‘ سڏيو ويو. اهو ’سچ‘ ذري پرزي پھرين قصي جي قطعي ابتڙ هو.
13. ( ) تھمت-لڳلن جا ئي ٻه ساٿي آفيسر جن کي صادق هال ۾ ويٺل ٻي خصوصي عدالت ۾ هڪ ڏينھن ۾ ئي ڪيس هلائي ڊگهيون سزائون ٻڌايون ويون ۽ ٻي ڏينھن انهيءَ واعدي سان اسان خلاف شاهد ڪري وٺي آيا ته شاهديءَ کان پوءِ انهن کي معافي ڏني ويندي. انهن مان هڪ آفيسر جي ته زال کي به قلعي اندر قابو رکيو ويو. ان مظلوم سيدياڻيءَ کي ان وقت ڇڏيو ويو جڏهن سندس مڙس سرڪار جي سَڌ موجب بيان ڏنو.
14. ( ) هاڻي اهو ڪو راز نه رهيو آهي ته ڪارپورل هٽلر جو ڀُوت جنرل ضياءَ جي روپ ۾ گذريل نون سالن کان پاڪستان جي دوري تي آهي، ريش مارشل ڊائريڪٽر جنرل انٽيليجنس اختر عبدالرحمان کان سواءِ ڪو ٻيو نه آهي ۽ انهن ئي مفاد پرستن پاڪ آرميءَ کي عوام خلاف نازي پارٽيءَ جي روپ ۾ بدلايو آهي.
15. ( ) ريفرنس جون ڳالهيون ته اڄڪلهه وري ٻڌيون پيون وڃن.
16. ( ) چيئرمئن ذوالفقار علي ڀُٽي جي پنڊيءَ جي صدر بازار ۾ آخري تقرير.
17. ( ) نوان ڪوٽ جي پھرين ڪُوڙي ايف آءِ آر شام جو ستين وڳي کان پوءِ درج ڪرائي وئي ۽ پوءِ ان کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان به خارج ڪيو ويو.
18. ( ) ميجر ڊومو، نگران (بورچي) خانو، ليفٽيننٽ جنرل اختر عبدالرحمان خان.
19. ( ) هڪ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر انٽيليجنس جنھن کي پنھنجي ساٿي آفيسر جي زال جي لڄ لٽڻ جي ڏوهه ۾ فوج کان ڪڍيو ويو پر پوءِ ساڳي عھدي تي کيس نوڪري ڏني وئي. هُو جنرل جيلانيءَ جي ٽائوٽ (چاپلوس) برگيڊيئر عبدالقيوم جو سالو هو ۽ اهو ئي اسان خلاف مُک شاهد به هو.
20. ( ) هن واقعي ۽ قصي جي جاچ هلندي پوٺوهار گروپ جي جرنلن جي جاءِ تي فوج جي مڪمل ڪمان جالنڌر گروپ جي حوالي ڪئي وئي. جنرل سوار، جنرل اقبال، ليفٽيننٽ جنرل احمد جمال، ليفٽيننٽ جنرل مجيد ۽ جنرل عباسي رٽائر ڪيا ويا ۽ جنرل رحيم الدين، جنرل عارف، ليفٽيننٽ جنرل زاهد علي اڪبر وغيره مرڪزي اثرائتين ڪمانن ۾ مقرر ڪيا ويا.
21. ( ) مشرقي پاڪستان جي فاتح مسز اندرا گانڌيءَ جي وفات جي سوڳ ۾.
22. ( ) ڪِين لِين مِين (Keen Lean Mean) يا (KLM)، توبچين جو پيشه ور خطاب.
23. ( ) ’مان ئي ته رياست آهيان.‘ فرانس جي بادشاهه لُوئي جي جَڳ مشھور چوڻي.
24. ( ) هن خصوصي ملٽري ڪورٽ جو صدر، انهن ئي ڏينھنِ ۾ ميجر جنرل جي عھدي لاءِ سندس نالو وِڌو ويو.
25. ( ) اسان جي خلاف جهنگ جي قانون جي سڄي سال لاءِ هلت کان پوءِ مقدمو شروع ٿيڻ وقت 31-ڊسمبر کان اٽڪ قلعي جي هڪ حصي کي تاخيري سوچ سبب سب-جيل ڪيو ويو.
26. ( ) مَلڪ امير محمد خان، نواب آف ڪالا باغ، انهن ڏينھنِ ۾ گورنر مغربي پاڪستان.
27. ( ) هيءُ مئي 1985ع جو ذڪر آهي جڏهن 1973ع جو آئين ڪٺ پتلي اسيمبليءَ ۽ هٿياربند فوجن جي ناز نظر جو شڪار بي مثال سياسي داداگيري ۽ فوجي تخريبڪاريءَ جي عمل مان گذري رهيو هو.
28. ( ) پنڊيءَ جو سٽي مئجسٽريٽ، جنھن جي عدالت ۾ 151 جي نگرانيءَ هيٺ، زوريءَ ڏوهه قبول ڪرائي ريڪارڊ ڪيا ويا.
29. ( ) منھنجن صفائيءَ جي 41 شاهدن مان هڪ کي به عدالت ۾ اچڻ جي موڪل نه هئي.
30. ( ) ان فيصلي موجب، ٻي فوجي تاناشاهه يحى خان کي ان وقت غاصب سڏيو ويو جڏهن هو تخت ۽ تاج کان وانجهو ٿي هارکي اسٽريٽ ۾ بلئڪ ڊاگ (شراب) جون آخري چسڪيون ڀري رهيو هو.
31. ( ) مسٽر ايم بي زمان، جنھن اسان جي ڪيس جي ٻُڌڻي هلندي ئي ڊن هاگ (دَ هيگ) هالئنڊ جي هڪ عدالت سمن جي اڻ پَڪي خبر جي بنياد تي پاڪستان جي فخر لائق سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير کي شايد هن صديءَ جي اهم ترين ايٽي رازن جي چوريءَ جي ڏوهه ۾ ڏنل عمر قيد سزا ختم ڪرڻ جو حڪم ٻڌو هو. ان جي ڀيٽ ۾ هن ئي فوجي عدالت اسان جي ڪيس جي ٻڌڻيءَ کان اڳ ان سموري قيد کي غير قانوني سڏي چڪي هئي جنھن دوران زبردستي ڏوهه قبول ڪرايا ويا ۽ مسٽر زمان پوءِ به مون ۽ ٻين لاءِ موت جي سزا جو سَڌڙيو هو.
32. ( ) شھيدن جي قطار ۾ پنھنجو نالو شامل ڪرائڻ لاءِ جنرل اختر عبدالرحمان ذاتي طرح پاڻ مون کي ڪيترا ئي ڀيرا چيو ته سندس نالو ته پڪ سان مون ئي هِٽ لسٽ (جن کي مارڻو آهي، انهن جي وچور) ۾ رکيو هو. جنگ جي ميدان ۾ شھادت جي جذبي جي ڀيٽ ۾ هي ”شھادت“ پڪ سان وڌيڪ ۽ ترت پئمينٽ (اجوري) جو ڪارڻ ٿي سگهي پئي.
33. ( ) ”ظلم ڪِي داستان“، چيئرمين ڀٽو خلاف فوجي تاناشاهي پاران ڪردارڪشيءَ جي مھم جو ٽي وي سلسلو.
34. ( ) ٽِي وي جو هڪ خبرون پڙهندڙ.
35. ( ) هٿَ ٺوڪيو فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جيڪو پنجين پنجاب رجمينٽ سان واسطو رکندو هو. ان بٽالين کي انگريز آقا ڦرلٽ جي سنڀال لاءِ ٻي (وڌيڪ ايندڙ صفحي 54 تي) (صفحي 53 تان آندل) وڏي جنگ هلندي شاندار ڪرناما ڪرڻ سبب ”شير دل“ جو نالو ڏنو هو. اهو ”نالو“، جنھن کي هي ماڻهو اڄ به ڀاڪر ۾ ڀريو ويٺا آهن. فيلڊ مارشل کي جرمن ڪمانڊر مون ان ڪري چيو آهي ته هُو پنھنجي رنگ روپ ۽ قد ڪاٺ جي ڪري پاڪ فوج ۽ قوم کي جرمن فوجن ۽ قوم سان ڀيٽيندي فخر محسوس ڪندو هو. ايتري قدر جو هڪ ڀيري جرمنيءَ جي ان وقت جي چانسلر، ڊاڪٽر ايڊنائر، فيلڊ مارشل جي مانَ ۾ ڏنل دعوت ۾ مھمان خاص پاران اهڙي ڀيٽ ۽ تشبيھه تي عجب جو احساس ظاهر ڪيو.
36. ( ) محمد شاهه رنگيلي جو استاد جنرل آغا محمد يحيى خان ”صدر“ اسلامي جمھوريه پاڪستان ۽ ان جا حواري جنرل حميد، جنرل پيزادو ۽ ٻاٽ ڪاري دَور جا ڪيترائي ٻيا مرڪزي ڪردار، هڪ ئي بٽالين جي پيداوار هئا.
37. ( ) 5 جولاءِ 1977ع واري وڏي غداري ۽ بغاوت جنھن جي پردي پٺيان اصل ڪردار جنرل فيض علي چشتي، جنرل سوار خان، جنرل جھانداد خان ۽ ليفٽيننٽ جنرل اختر عبدالرحمان، سڀئي هن جابلو رجمينٽ سان تعلق رکندا هئا. جابلو رجمينٽ جي سڀ کان ڳَري ملڪيت خچر ٿيندا آهن، جيڪي توبن کي ٽڪرين تائين پھچائڻ ۽ لاهڻ جو ڪم ڪندا آهن.
38. ( ) خچر گڏهه ۽ گهوڙي جي ميلاپ سان پيدا ٿيندو آهي. خچر مان خچر جي اولاد نه ٿيندي آهي.
39. ( ) منھنجي بيان کان ڪجهه ڏينھن اڳ مسٽر ايم.بي زمان ان ڳالهه جي ڪري رسالت جي توهين جي بھاني ۾ واڪ آئوٽ ڪري ويو جو هڪ شاهد هڪ معياري (تھمت لڳل) جنھن جي ذات سيد هئي، جي گهر کي تشبيھه ڏيدي رسول جو گهر چيو هو، پوءِ هُو عدالت پاران ناپسندي ظاهر ڪرڻ سبب هڪدم معافي وٺي موٽي آيو. شريعت تي عمل ڪندڙ ان مسلمان وڪيل کي ڪيس هلندي جاري رکيل کُلي لاقانونيت خلاف ر سول جا حڪم ڪڏهن به ياد نه آيا.
40. ( ) چين ڪجهه وٺڻ کان وڌيڪ اسان کي ڏنو هو.
41. ( ) سياچن گلئشيئر تي جنرل ضياءَ جي بي مثال بيان مان واڌو ٽڪرو.
42. ( ) ڪورو (Coro) سينٽرل آفيسرز رڪارڊ آفيس، آفيسرن جي رڪارڊ رکڻ واري مرڪزي آفيس.
43. ( ) جنرل ضياءَ ۽ اختر عبدالرحمان جي ذاتي حڪمن هيٺ مون کي حسن جي منھن ڏسڻ کان به محروم رکيو ويو.
44. ( ) وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو، جنھن کي جنرل ضياءَ ڏاڍين منتن ميڙن کان پوءِ کاريان ڇانوڻيءَ ۾ هڪ شاندار شادماني ۾ آرمرڊ ڪور (رسالي، بڪربند گاڏين واري فوج) جي ڪرنل-ان-چيف جي عھدي جا بيج (تارا) هنيا هئا. چيئرمين ڀٽو، پاڪ آرميءَ جي تاريخ جو پھريون ۽ آخري سولين (غير فوجي، شھري) ڪرنل-ان-چيف هو.
45. ( ) ميجر جنرل محمد حسين اعواڻ، عدالت جو صدر به ان شھيد ڪرنل-ان-چيف جي رجمينٽ آرمرڊ ڪور مان هو.
46. ( ) ايف آءِ آر موجب مياري (تھمت لڳل) آفيسر ٻن ڪارن ۾ هٿيار ۽ ڌماڪي وارو مادو کڻي ملتان روڊ تي پئي ويا ته فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ گرفتار ٿيا. تبديل ڪيل واڌاري موجب انهن کي نوان ڪوٽ جي هڪ گهر مان سڳ سوڌو پڪڙيو ويو. جِي ايڇ قيو موجب پھرين ايف آءِ آر ڪوڙي هئي، ڇو ته سچ ڳالهائڻ ۾ قومي سلامتيءَ کي خطرو هو تنھنڪري ڪوَر اسٽوري ٺاهڻي پئي (ڍڪڻ رکيو ويو). ڪوَر اسٽوري ۽ سچي رپورٽ ۾ فرق رڳو هِي هو ته سامان جو ڏهون حصو به ڪارن ۾ پئجي نه پئي سگهيو.
47. ( ) پوسٽ مارٽم (مرڻ کان پوءِ جاچيل) رپورٽ موجب مرڻ وارا 7.62 ملي ميٽر (م.م) جي رائيفلن ۽ مشين گنن جي فائرنگ سان مئا هئا. جڏهن ته پھرين ايف آءِ آر موجب قاتلن وٽان هڪ والٿر ۽ هڪ 2.5 م.م جو پستول مليو جيڪو به هڪ ڊاڪٽر، زخمي نثار حسين جي کيسي مان اهڙي حالت ۾ لڌو جو ان ۾ ڇهه ئي گوليون موجود هيون. ڊاڪٽر جي ان شاهديءَ کان پوءِ ٽيڪنڪي طرح قلم-302 ختم ٿي ويو.
48. ( ) هر ڇانوڻيءَ ۾ هڪ آفيسر کي پنھنجي واري تي ستن ڏينھن لاءِ موجود شيُن، سامان وغيره جي سنڀال ۽ ٻين سڀني عام انتظامي مسئلن جي جاچ لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي. ڪمانڊر جي حڪمن موجب اها ڊيوٽي ڏيندو آهي. هتي ان ناٽڪ ڏانھن اشارو آهي جيڪو انٽيليجنس انهن جِي ڊِي اوز (گيرزن ڊيوٽي آفيسرن) وسيلي اسان کي ڪچھرين ڏانھن موڪلڻ ۽ اتان وري پاڻ ڏانھن گهرائڻ لاءِ کيڏيو.
49. ( ) شھنشاهه اڪبر ۽ انارڪلي ـــــ ۽ ـــــ جنرل ضياءُ ۽ ...
50. ( ) هي سِٽون، ارڙهين صديءَ ۾ انگلئنڊ جي مشھور ادبي شخصيت، شاعر، مضمون نگار ۽ لغت نويس سموئيل جانسن/Samuel Johnson جي (وڌيڪ ايندڙ صفحي 69 تي) (صفحي 68 تان آندل) نظم ”The Vanity of Human Wishes“ (انساني خواهشن جي هَلڪڙائِي) مان ورتل آهن، جن جو ترجمو ميجر آفتاب ڏنو نه آهي. مون ان جو ترجمو لاڙڪاڻي جي ڪامرس ڪاليج ۾ انگريزي مضمون ۾ اسسٽنٽ پروفيسر، سعيد احمد سومري صاحب کان ڪرايو، جيڪو، سندس ٿورن سان، هتي ڏجي ٿو:
”هن جي نصيب ۾ ڪو بنجر علائقو، ڪو ننڍڙو قلعو ۽ ڪي مشڪوڪ هٿ ئي لکيل هئا، پنھنجي وڃڻ کان پوءِ هن اهو نالو ڇڏيو جنھن سان ڪو سبق يا ڪو قصو منسوب ڪندي، ماڻهن جا چھرا ڦِڪا پئي ٿيا.“
- رياضت
51. ( ) ليفٽيننٽ جنرل عتيق الرحمان جنھن وٽ هڪ سپاهيءَ جي پھرِين ۽ آخري سڃاڻپ ۽ هن جي ضابطي (ڊسيپلين)، همت ۽ ڪردار جو ماپو ان جي گهيٽي جيان ڪوڙيل مٿو هوندو هو.
52. ( ) ٻيھر ڄاول (Born again) مسٽر ايم بِي زمان، غلام مصطفى کر جي اقتدار وارن ڏينھنِ ۾ سندس گهاٽو يار، پيالي ۽ نوالي-ڀائي ايڊوڪيٽ جنرل، جيڪو جنرل ضياءَ جي دَؤر حڪومت ۾ جڏهن منھنجن ڀاڳن ۾ لِکيو ويو، ته هڪ شرع جي پابند، سچي ۽ ڪراري مسلمان جو روپ ڀري چڪو هو. اها ٻِي ڳالهه آهي ته عدالت ۾ هن سمورن خدائي قانونن کي ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيو.
53. ( ) جڏهن آءٌ پنھنجي رت ۽ تمنا جو هِيءُ ڀنڀٽ ڀڙڪائي رهيو هوس تڏهن مون کي ڪھڙي خبر ته جلاوطنن ۾ سڀني کان گهڻو سھڻو جلاوطن، علي ڀٽو ۽ ياسر عرفات جو پُٽ شاهنواز ان جي جهريل روشنيءَ ۾ گهر موٽي نه سگهندو پر پنھنجو ساهه ڏئي جيڪو ڀنڀٽ هُن روشن ڪيو آهي، ان جو سوجهرو ۽ جَرڪو هِن جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ ايئن آهي ڄڻڪ هر هڪ ۾ سج اڀري آيو هجي. مون کي الذوالفقار جي گرفتار ڪيل آزادي پسندن مان بڻيل شھيد جي ڳاڙهسري انقلابي مُنھن جو پاڇولو نظر اچي رهيو آهي. هاڻي مسئلو رڳو پنھنجو ڀنڀٽ ڀڙڪائڻ جو ناهي. هاڻي ته ڀنڀٽ مان ڀنڀٽ ڀڙڪائي، صدين جي اوندهه ۽ ڪارنھن کي ساڙي خاڪ ڪرڻ جو آهي.
54. ( ) فريادي ڌر جي سڀني شاهدن مڃيو ته تھمت لڳل جي گرفتاري ڪنھن قانون هيٺ يا قانون موجب نه آهي ۽ ئي انهن کي ٻڌايو ويو ته کين ڪھڙي قانون هيٺ اسان جي جاچ يا پڇا ڪرڻي هئي، نه ته ڪي گرفتاريءَ جا وارنٽ هئا، نه ڪڏهن رمانڊ ورتو ويو ۽ نه ئي وري ميارن کي ڪنھن جوڊيشنل لاڪپ ۾ رکيو ويو. عدالت سڄي سال جي قيد کي غيرقانوني ته سڏيو پر انهيءَ قيد دوران قبول ڪرايل بيانن جي بنياد تي اسان کي ڊگهيون سزائون ٻڌائي، فوجي عدل ۽ انصاف جو هڪ شاهڪار نمونو تيار ڪيو ويو.
55. ( ) اهڙا ڪيترا ئي واقعا منھنجِي شاهدن جي وچور ۽ صفائي-شاهدن جي تفصيل ۾ ڏنا ويا آهن جيڪي هن بيان جي آخر ۾ ڳنڍيل آهن. اِهي اُهي واقعا هئا جن جي تصديق ڪجهه سرڪاري شاهدن کي ڪرڻي پئي.
56. ( ) گرو جونز جنھن جِي شخصيت جو جادو جو شڪار ٿي لڳ ڀڳ 500 ماڻهن، عورتن، ٻارن ۽ ٻڍن سندس حڪم مڃيندي گڏيل خودڪشي ڪئي.
57. ( ) ٻيءَ تھمت موجب مون پنھنجو پاڻ هڪ ٿلهو پمفليٽ لکيو، ڇپرايو ۽ ورهايو جنھن وسيلي هٿياربند فوجن ۾ بي اطميناني، فوجي حڪومت خلاف نفرت ۽ ملڪ ۾ وڳوڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پمفليٽ جي مختلف بابن ۾ لکيل هو ته ”جنرل ڪڏهن به رٽائر نه ٿيندا آهن، ماڻهن کي ڪيس هلائڻ کان سواءِ ئي قيد رکيو وڃي ٿو، عوام جا حق پيرن هيٺ لتاڙيا وڃن ٿا، هٿياربند فوجن جا ماڻهو پرڏيھي ناڻي کي انڌاڌند اڏائي رهيا آهن، ملڪ ۾ ڪُلڇڻائي اوج تي آهي، پاڪستان-نظرئي جي غلط تشريح ڪئي پئي وڃي، پاڪستان هڪ فوجي حڪومت جي دؤر ۾ ٻه ٽُڪر ٿيو، لاڳيتي مارشل لا ننڍن صوبن ۾ بي اطمينانيءَ کي جنم ڏنو آهي جنھنڪري پاڪستاني وفاق کي شديد خطرا لاڳو ٿي پيا آهن، جنھن جو نتيجو پاڪستان جي آخري تباهيءَ جي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو، جنرلَ منظم نموني ملڪ کي ڦُري رهيا آهن، وڪيلن کي گهرجي ته ملڪ جي بقا لاءِ اُٿي بيھن.“ انهيءَ تھمت تي مون ايندڙ صحفن ۾ عدالت آڏو انهن موضوعن بابت پنھنجي مؤقف جي مختصر وضاحت ڪئي هئي.

جنرل ڪڏهن بہ رٽائر نہ ٿيندا آهن

The Generals Never Retire

آءٌ مڃان ٿو تہ جنرل ڪڏهن بہ رٽائر نہ ٿيندا آهن. هتي چارجنگ ڪريسيءَ قطعي حقيقت بياني ڪئي آهي. آءٌ مڃان ٿو ۽ مون کي اتفاق آهي تہ جنرل ڪڏهن رٽائر نہ ٿيندا آهن.
سپاهين جِي عدالت! اهو ٺيڪ آهي تہ اهي ڪي جنرل نہ هئا جيڪي اتر ۾ کلن ۽ ڏکڻ ۾ کلنا کان رٽائر ٿيا. اهي جنرل نہ، ڪي ٻيا هئا جيڪي اتر ۾ ئي سلھٽ کان ڍاڪا ڏانھن، اوڀر ۾ چٽگانگ کان ڍاڪا ۽ پوءِ نيٺ پلٽن ميدان کان واهگہ چيڪ پوسٽ ڏانھن رٽائر(1 ) ٿيا، ۽ ان کان اڳ رانچي کان آگري تائين جي جيلن ۾ بہ جنرل نہ، ڪي ٻيا رٽائر ٿيا هئا.
انھن ڀاڄوڪڙن جي ڳالھہ ڪندي مان اتر ۾ ”ڪارگل“ جي برفاني جيلن کان ڏکڻ ۾ ”لانگي والا“ جي وارياسن ڀِٽن ۽ اوڀر ۾ اجڙيل شڪر ڳڙھہ جي ڳالھہ نہ ڪندس، ڇو تہ اهي ناقابل ذڪر پسپايون هيون.
ها، عدالت جا صدر ۽ عزت وارا جنرل آفيسر! جنرل ڪڏهن بہ رٽائر نہ ٿيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهي رڳو موسم جي تبديليءَ لاءِ ڪنھن مِل، ڪنھن ڪارخاني يا ڪنھن ڪارپوريشن ۾ هوا کائڻ لاءِ رٽائر ٿي ويندا رهندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن ڪراچي ڊِوِلپمينٽ اٿارٽيءَ، ڪنھن لاهور ڊوِلپمينٽ اٿارٽيءَ، ڪڏهن فيصل آباد ڊوِلپمينٽ ۽ ڪڏهن ڪپييٽل ڊوِلپمينٽ ۾ قومي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ حل ٿي ويندا رهيا آهن.
منھنجي نوڪريءَ هلندي مون کي هڪ بہ جنرل اهڙو نظر نہ آيو آهي، جيڪو نوڪريءَ کان پوءِ ”گمناميءَ“ ۾ رٽائر ٿيو هجي، سواءِ انھن جي جن کي سندن لمبو (منڪرن جو جهنم يا جيل) ملي چڪا آهن ۽ آزاديءَ 1947ع کان اڳ رٽائر ٿيندا هئا. منھنجو بابا انھن ڪيترن ئي جنرلن جي ڳالھہ ڪندو هو جيڪي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ انگلستان ۾ پنھنجن گهرن جي آتشدانن ۾ ٻرندڙ باھہ تي هٿ سيڪڻ هليا ويندا هئا، اهڙي حالت ۾ جو سندن چڍين تي وڏيون چتيون لڳل هونديون هيون ۽ انھن جا بستر بند ليڙن ۾ بدلجي چڪا هوندا هئا.
۽ توهان ڄاڻو ٿا تہ برطانوي هند (ننڍي کنڊ) جي فوج ۾ جنرل جون ”پلاٽُونُون“ نہ هونديون هيون. مينھن جو ديوتا جُوپيٽر گهٽ ۾ گهٽ اسان تي ان معاملي ۾ ڏاڍو مھربان رهيو آهي. اڄ اسان وٽ چار ليفٽيننٽ جنرل ۽ ٻارهن ميجر جنرل تہ رڳو آرمي (بري فوج) ۾ ئي موجود آهن. آرمي سروس ڪور، آرڊيننس، سگنلز، اليڪٽريڪل ۽ مڪينيڪل انجنيئرز، سلو ترين خچرن ۽ گهوڙن جي ڪور ۽ قبرن جي سڃاڻپ جي يونٽن جو تہ ذڪر ئي ڪھڙو؟(2 )
اها ڳالھہ حقيقت ۾ معمول کان بلڪل هٽيل ۽ وائڙو ڪندڙ آهي تہ سترهن تارا (ٻہ جنرل ۽ ٽي ليفٽيننٽ جنرل) فيبروري-مارچ 1984ع ۾ڪيئن ڪڪرن جي اوٽ ۾ اچي ويا؟ اهو وقت ئي ٻڌائيندو تہ ان عظيم تارا-گرهڻ جو فيبروري 84ع ۾ مون کي ليفٽيننٽ جنرل اختر عبدالرحمان آڏو پيش ڪرڻ سان ڪھڙو واسطو هو! ان جاچ-انٽرويو ۾ گرهڻ-ورتل جنرلن جي پاڪستان ۾ جمھوريت خاطر ڏنل ”قربانيءَ“ جو ذڪر جيتوڻيڪ ٿيو ضرور هو. بھرحال، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ ڪجهہ ڏينھنِ جي ڳالھہ آهي تہ ڪڪر فاٽي ويندا ۽ عيسى جون رڍون پنھنجي ڌڻ ۾ ٻيھر اچي ملنديون. انھن مان هڪ ليفٽيننٽ جنرل( 3) تہ واقعي 1970ع جي ڏهاڪي جي هڪ وڏي ماڻھو، ڍاڪا ڪانٽينيٽل فيم (مشھوري رکندڙ) راؤ فرمان علي کان فوجي فائونڊيشن جي چارج بہ سنڀالي ورتي آهي.
عزت وارِي عدالت! مون کي پنھنجن اذيت-ڏيندڙن ۽ سرڪاري وڪيلن ٻنھي کي پڪ ڏيارڻ ڏيو تہ آءٌ ”ميوزيڪل چيئرز“ جي هن راند جي خلاف ڪونہ آهيان. هن ملڪ جي ڪروڙن بکين، اگهاڙن بابت ڪا ڳڻتي مون کي ڪانھي! خاص طرح جيستائين منھنجي ملڪ جا اهي محافظ، منھنجي ڌرتي ماءُ کي بچائڻ وارا خوش ۽ مطمئن آهن ۽ انھن کي گاف ڪورس جا ارڙهن ئي کُڏڙا کيڏڻ لاءِ مليل آهن:
Play I remember pleased not the millions. It was vaviar to the General. People are incarcerted without trial. (Shakespeare)
مون کي ياد آهي، هن ”ناٽڪ“ مان ڪي لک تہ ڪونہ وندريا هئا، اهو تہ رڳوجنرل ضياءَ لاءِ مڇيءَ جي بيدن جو حلوو هو.( 4 )
ٻي آفاقي سچائي، جنھن جي وڌيڪ تشريح ۽ تفصيل مون کان سرڪاري وڪيل گهرن ٿا، سا شھري آزادين ۽ انساني حقن بابت آهي. مون تي تھمت آهي تہ آءٌ فوجي تاناشاهن تي اها تھمت هڻندو رهيو آهيان تہ اهي ماڻھن تي ڪيس هلائي کين انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ کان سواءِ قيد ۽ بند ۾ رکيو ويٺا آهن.
***

_____________
(1 ) رٽائر لفظ جون ٻه معنائون آهن. پوئتي موٽڻ ۽ نوڪري پوري ڪري واندو ٿيڻ. مون هي لفظ ٻنهي معنائن ۾ ان ”تھمت“ جي سلسلي ۾ ”صفائي“ پيش ڪندي ”ڏوهه-قبول“ ڪيو هو. منھنجو خيال آهي ته اهڙيءَ طرح جنرل شاهيءَ جي چڱي تسلي ٿي هوندي.
( 2) ستم اهو آهي ته اڄ ڪلهه انفنٽري ڊويزن به توبچين، سلوترن ۽ سگنلز ۽ اهڙين ٻين پيشه ور محڪمن جي جنرلن کي ڏنا پيا وڃن.
( 3) ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ احمد جمال خان.
( 4) هتي جيل جي چڪي نمبر-16 ۾ مون کي ڦيرڦار جي ڪجهه ته موڪل هئڻ گهرجي.

غير قانوني قيد جو شڪار عوام ۽ زنجيرن ۾ ٻڌل ڪُتو

مانواري عدالت! ڪنسائِيزڊ آڪسفورڊ ڊڪشنري 1983ع جي ستين ڇاپي جي صحفي 505 مطابق انڪارسريشن (Incarceration) جو مطلب امپرزنمينٽ (جيل ۾ وجهڻ/Imprisonment) آهي. ان ڪري ڏوھہ-چٺي جو لفظي ترجمو اهو ٿيو تہ ”عوام کي ڪيس-هلائڻ-بنا قيد ۾ رکيو پيو وڃي.“ جيڪڏهن اهو ڪوڙ آهي تہ ڇا گذريل اٺن ورهين ۾ هن قوم کي ان ڏوھہ-چٺي کان بہ ڪنھن اڄ تائين واقف ڪيو آهي؟ ان نُڪتي تي آءٌ اوهان کي چوندس تہ سچائيءَ جي صدقي سرڪاري وڪيلن کي گهٽ ۾ گهٽ اها حقيقت تہ تھمتن جي وچور مان ڪڍي ڇڏڻ جي سفارش ڪري ڇڏيو. ڇا اهو ڏسڻ لاءِ تہ ڇا ماڻھو بنا ڪيس جي قيد ۾ رکيا پيا وڃن، واقعي توهان کي ڪنھن مارشل يا ڪنھن نواب جي قانوني يا غيرقانوني ”بندخاني“ جي شيخن پٺيان جهاتي پائڻ جي گهرج محسوس ٿئي ٿي؟ ڇا توهان هيءَ عدالت ۽ سرڪاري وڪيل پنھنجي آڏو بيٺل، حراست ۾ رکيل هنن سترهن تھمت-لڳلن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏسڻ جي همت ساري سگهو ٿا؟ توهان ئي تہ اسان جي جنوري 1984ع کان ڊسمبر 1984ع تائين واري سموري قيد کي غيرقانوني ۽ ناجائز سڏيو آهي، ڇا ان کان پوءِ بہ توهان ڏوھہ-چٺي جي ان حصي کي ساڳيءَ طرح برقرار رکڻ پسند ڪندؤ؟
ڪٿي ائين تہ ناهي، تہ توهان لاءِ آءٌ ۽ هِي مياري، عوام جي اصطلاح جي دائري ۾ نہ ٿا اچن؟ ڇا اسين انسانيت جي دائري کان بہ نڪري چڪا آهيون؟ ڇا اسان جو ”عوام الناس“ مان هجڻ جي ڪري، اها تھمت اسان جي حوالي سان سچي نہ ٿي ٿي سگهي؟
آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اهو سڄو جهيڙو پيپلز جي اکر ’پ‘ (P) جي چوڌاري پيو گهمي. ڪيپيٽل (وڏي) اکر ’پ‘ (P) ۾ ئي هن خطي جي ”فسادن“ جي پاڙ آهي. هيءُ اهو اڪيلو ڪَنڊو آهي جيڪو سندن دلين ۾ چُڀي رهيو آهي، ”جنگباز نوابن“ جي دلين ۾ ۽ اسان جي هن ”بيت المقدس“ تي سمورن ڦورو طبقن جي دلين ۾.
عدالت جا صدر! منھنجو خيال آهي تہ آءٌ ضرورت کان وڌيڪ فراخدليءَ کان ڪم وٺي رهيو آهيان. ڀلا، ”ڏائِڻين“ جي دل بہ هوندي آهي ڇا؟
مسٽر پريزيڊنٽ! هتي ئي هن جاءِ تي آءٌ اوهان تي اهو چٽو ڪري ڇڏڻ ٿو گهران تہ اکر ’پ‘ (P) اسان جي لاءِ حياتيءَ ۽ موت جو مسئلو آهي، جنھن ڏينھن اهو اُڏايو ويو، اسان وٽ رڳو ’اڪستان‘ (akistan) رهجي ويندو ۽ توهان ڄاڻو ٿا تہ اَڪُ (Wort) ڪيڏو نہ زهريلو ۽ ڪوڙو ڪسارو هوندو آهي.
”سائو“، ”ڳاڙهو“ ۽ ”ڪارو“ ــــ زندگيءَ جا سمورا رنگ انھي اکر ’پ‘ (P) سان ٺھن ٿا. پر ترسو! ڪجهہ ٻُڌو! آءٌ پھريائين انھن مُرڪن جي ڳالھہ تہ ڪري وٺان جيڪي ”ٽه-رنگي“ جي هن ذڪر سبب ڪجهہ مکڙين تي پکڙجي ويون آهن. اهو ضروري ڪونھي تہ انھن رنگن جي ذڪر سان آءٌ هن سازش جي ڪيس جي وجود کي قبول ڪريان ٿو. اسان جي ملڪ ۾ هڪڙي پارٽي آهي جنھن کي پاڪستان پيپلز پارٽي (PPP) چون ٿا ۽ مون کي اها بہ خبر آهي تہ هن ملڪ ۾ هڪ ٻِي بہ پارٽي آهي جنھن کي ”ٽِي (چانھہ) پارٽي“ چيو ويندو آهي، ۽ آءٌ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ پھرين پارٽيءَ تي ٻي پارٽيءَ کي اقتدار ۾ آندو آهي. هن موقعي تي آءٌ بھرحال انھن ٻنھي پارٽين جي وچ ۾ 1977ع ۾ اقتدار جي تبديليءَ جي ڳالھہ ڪرڻ نہ ٿو گهران. ان جي پس منظر ۾ بہ ڪي سبب آهن. دراصل انھن ڏينھنِ ۾ ”ٽِي پارٽي“ ڪاڪ-ٽيل (ڪَڙي ۽ مِٺي ميلاپ واري شراب) پارٽي هوندي هئي. ۽ ان پارٽيءَ ڍاڪا جي پلٽن ميدان ۾ ڪاڄ کان واندو ٿيڻ کان پوءِ ڊگهو سفر ڪري ”جُوڻ“ بدلائي آهي. هڪ وڏي روحاني انقلاب مان گذرڻ کان پوءِ ئي اها ”ٽِي پارٽيءَ“ ۾ بدلجي سگهي آهي. واسينگ انساني روپ ۾ اچڻ لاءِ سؤ سال وٺندو آهي.
اها ڏاڍي ڊگهي ۽ دل ڏکائيندڙ ڪھاڻي آهي ۽ توهان وٽ ايترو وقت ڪٿي، جو اها ٻڌي سگهو. هوڏانھن مسٽر جوڻيجو اڳ ئي اعلان تي ٺپو هڻڻ لاءِ تيار ويٺو آهي، جنھن موجب ٽِي پارٽيءَ کي هاڻي کوٽن سڪن جي حق ۾ بيرڪن ڏانھن موٽڻو پوندو. منھنجين هنن عرضدارشتن لاءِ توهان وٽ وقت ڪٿي هوندو!
ٽِي پارٽيءَ جو ميمبر هجڻ جي حثيت ۾ اڄ مون کي اهو قبول ڪرڻو آهي تہ پڪنڪ (تفريحي) پارٽي پاڪستان جي سلسلي جي سڀ کان ڊگهي پارٽي آهي. عام حالت ۾ ان کي خانہ ڪعبہ جي ڀتين ۽ غلاف ڪعبہ سان ڪيل واعدي مطابق رڳو نوي ڏينھن جاري رهڻو هو، پر اسلامائيزيشن جي نَزول ۽ عوام کي سڌو ڪرڻ جي مقدس فرض لاءِ اسان کي چانھہ دانيون وڌائڻيون پيون پون ۽ جيڪڏهن ان وحدت جي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اسان پ، الف، ڪ، س يا تان مان ڪنھن اکر يا مورڳو سڀني کان هٿ ڌوئي ويٺاسون تہ اهو اسان جو قصور نہ، پر ”خدائي مرضي“ ۽ ”مقدر جي کيڏ“ هوندو.
هونئن بہ جيڪڏهن هڪ مڇي وڪڻندڙ پنھنجي دڪان مٿان لڳل بورڊ ”هتي تازي مڇي وڪامندي آهي“ مان هڪ يا ٻہ يا سڀ لفظ مٽائي ڇڏي تہ ڪھڙو فرق ٿو پوي.
سلامت رهن اسان جا رانچ ۽ وڌن ويجهن اسان جا ڪارخانا، گهڻوئي دونھون پاڻي ڪڍن انھن جون چمنيون، خدا ترقي ڏي اسان کي عھدن ۾ ۽ زنده رهن اسان جا غلام!
ملڪ ٽُٽي تہ ڀلي، اسان کي ڪجهہ وڃائڻو ناهي.
ڪجهہ گڳڙيون اڳ آءٌ زندگيءَ جي رنگن جي ڳالھہ ڪري رهيو هوس. ان سلسلي ۾ ضرور ميارن سان گڏ ڪجهہ ماڻھن جي ذهن ۾ ڪيترائي سوال اٿيا هوندا. اهو ضروري ڪونھي تہ انھن رنگن مان منھنجي مراد رڳو پي پي جي جهنڊي واري هئي. ڪارو، ڳاڙهو ۽ سائو رنگ محمد ۽ علي جا رنگ هئا، اسلام جي انھن فوجن جا رنگ هئا جيڪي هڪ پاسي اهي (رنگ، جهنڊا) کنيو پيرافنير(؟) جي هن پار پھچي ويون تہ ٻي پاسي ”ويانا“ جي دروازن تي وڃي پھتيون هيون ۽ اهي ئي رنگ اسان جي جنرل هيڊقئارٽر جا بہ آهن.
سائو ۽ ڳاڙهو تہ مڃيل نموني جِي ايڇ قيو خاص ۽ ان جي سنئون سڌو اثر هيٺ ٽروپس (سپاهين) جا رنگ آهن. جيتوڻيڪ ڪاري رنگ کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ توهان کي صورتحال جي فلسفيانہ کوٽائيءَ جي گهرج پوندي.
عدالت جا صدر! وقت ۽ تاريخ جون قوتون انھن رنگن ۽ جهنڊن کي هڪ ڀيرو ٻيھر ضرور جهولائڻ جو وجهہ ڏينديون. منھنجي تمنا آهي تہ اهو ڏينھن اسان سڀني جي آزاديءَ ۽ نجات جو ڏينھن هوندو.
شڪراني جي عيد هجي، ماتم نہ، ۽ هٿيار ڦٽو ڪرڻ جيان هڪ ٻيو ذلت جھڙو ڪاڄ!
هاڻي آءٌ انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ کان سواءِ ئي ”عوام“ جي قيد ۽ بند جو ذڪر ڪندس، پر ان اڳ مون کي توهان سان پنھنجي ڳالھائڻ جي ڍنگ جي ڳالھہ ڪرڻي آهي. ان کان اڳ جو سرڪاري وڪيل منھنجي ڳالھائڻ جي ڍنگ کي عدالت جي توهين سڏين، مون کي ان جي چٽائي ڪري ڇڏڻ گهرجي. عين ممڪن آهي تہ منھنجو هيءُ حجائتو انداز توهان لاءِ بہ ڪنھن زحمت جو ڪارڻ بڻجي رهيو هجي.
مون کي اوهان سڀني تي اهو چٽو ڪرڻو آهي تہ هتي، هن هال ۾ ،آءٌ پاڪ آرميءَ خلاف ڪنھن صليبي جنگ لاءِ ڪونہ بيٺو آهيان. ”آرمي“ منھنجو جسم، منھنجي روح ۽ منھنجي رت جو حصو آهي. لوٿر جي حُسن ۽ گيتن سان گڏ مون کي سپاهگريءَ سان بہ عشق رهيو آهي. پھرين ٻن سان ڪڏهن ٿوري، تہ ڪڏهن ڊگهي، پر ٽين ڪم سان منھنجي پريت ڏاڍي پائدار، ڏاڍي لاڳيتي ۽ لاقانوني رهي آهي. منھنجي اها پريت منھنجيءَ ”کڏ“(1 ) ۾ بہ مون سان کڏ رهندي. آءٌ توهان ۽ ”يونيفارم“ خلاف ڪنھن جنگ جي ميدان ۾ ناهيان بيٺو. آءٌ تہ هڪ نظام هٿان ستايل هڪ ماڻھو آهيان. آءٌ تہ اهو ماڻھو آهيان جنھن هڪ سڄي نسل کي ڌوڪو ڏنو آهي. هن قلعي ۽ هن عدالت کي آءٌ پنھنجي آخري پوسٽنگ (ڊيوٽي جو هنڌ) ۽ آخري اسٽيشن (ويھڻ جي جاءِ) سمجهي رهيو آهيان. آءٌ توهان کي ان برگيڊيئر جج جي صورت ۾ ياد نہ رکندس جنھن مون کي دائمي قيد جي سزا ٻڌائي، پر پنھنجي آخري ڪمانڊنگ آفيسر جي حثيت ۾ 8 ۽ هن سموري ڪارروائيءَ کي منھنجي آخري دعوت ۽ الوداعي رسم، جيتوڻيڪ اها عجيب الوداعي رسم آهي جو سمورين روايتن جي ابتڙ بند ڪمري ۾ ملھائي پئي وڃي!
وقت ۽ واقعن جي ڌوڙ آرميءَ مان منھنجو آرمي نمبر تہ مٽائي سگهي ٿي، پر منھنجيءَ دل جي گهراين مان نہ.
1984ع جي اڻ ڏِٺل بھار جي ڏينھن ۾، جڏهن مون کي ٻڌايو ويو تہ ڀارت ۽ سوويت روس سان هن سازش ۾ ملوث هوس، تہ مون کي پڪ ٿي وئي تہ راند ختم ٿي وئي. پنجن مھينن کان پوءِ جڏهن 27-مئي 1984ع تي انٽيليجنس جي ٻارهن کن راکن (چوڪيدار) ڪتن (Watch Dogs) جي بندوقن جي ڇانوَ ۾ منھنجي گهرڀاتين سان (منھنجي پٽ حَسن جي تعزيتي) ملاقات ڪرائي وئي( 2) تہ مون لاءِ ڄڻڪ اها آخري ملاقات هئي. مشين گنن جي ڇانوَ ۾ مون ان جي ماءُ، هڪ تجربيڪار سپاهيءَ جي ڌيءُ نگهت کي ڳاٽ اوچو رکڻ لاءِ چيو هو.
۽ اهو بہ چيو ويو هو تہ ”آءٌ ڪتو آهيان جنھن کي زنجير هٿن ۾ ٻڌل آهي ۽ کيس ڦٽڪا لڳڻا ئي لڳڻا آهن.“
پر عزت وارا صدر! هر ”ڪُتي“ جو هڪ ڏينھن هوندو آهي!
مون ماٺ ميٺ ۾ کيس پنھنجي وصيت ڏيندي چيو هو تہ منھنجي قبر تي رڳو اهو هڻجانءِ تہ:
”هتي 10809 PSS سمھيو پيو آهي جيڪو يونيفارم ۾ جيئندو رهيو ۽ يونيفارم ۾ مُئو.“
هاڻي نئين صورتحال ۾ مون کي شايد پنھنجي ڪَتبي ۾ ٿورڙي ڦيرڦار ڪرائڻي پوي تہ
”هتي 10809 PSS سمھيو پيو آهي جيڪو يونيفارم لاءِ ئي جيئندو رهيو ۽ ان جي وقار جي جنگ وڙهندي ماريو ويو.“
منھنجو توهان سان ڳالھائڻ جو ڍنگ قانونن ۽ حڪم نامن جي پٿر دليءَ وارن خشڪ تشريحن سان ڪونہ ٿو ملي. منھنجي ان ڍنگ سوچ جي انھن ندين مان جنم ورتو آهي جن کي عبور ڪرڻ نہ تہ سرڪاري وڪيلن جي وس جي ڳالھہ آهي ۽ نہ ئي ”اذيت ڏيندڙ“ ان جو ادارڪ ڪري سگهن ٿا.
منھنجو هيءُ بيان، جنھن جو هر لفظ منھنجي رت ۾ ٻڏل ڳاڙهو رنگ آهي، منھنجي ملڪ جي هٿياربند فوجن جي وقار جي تحفظ لاءِ بہ هڪ نعرو آهي، اها عزت ۽ وقار جيڪو ان وقت جي ڀيٽ ۾ اڄ وڌيڪ خطري ۾ آهي. جڏهن احمد فراز تڙپي تڙپي رڙيون ڪرڻ لڳي ٿو:
میں نے اب تک تمھارے قصیدے کهے
اور آج اپنے نغموں سے شرمندہ ہوں
پابہء زنجیر یاروں سے نادم ہوں میں
اپنے دل گیر پیاروں سے شرمندہ ہوں
تم نے جاں کے عوض آبرو بیچ دی
ہم نے پھر بھی کیا ہے گوارا تمهیں
تم ظفر مند تو خیر کیا لوٹتے
ہار میں بھی نہ دل سے اتارا تمهیں
سینہ چاکانِ مشرق بھی اپنے ہی تھے
جن کا خوں منہ پہ ملنے کو تم آئے تھے
مامتاؤں کی تقدیس کو لوٹنے
یا بغاوت کچلنے کو تم آئے تھے
ان کی تقدیر تم کیا بدلتے مگر
ان کی نسلیں بدلنے کو تم آئے تھے
کس رعونت کے طيور سے آغاز ميں
کس خجالت سے تم سوئے زنداں گئے
میں نے پھر بھی تمهیں بے خطا ہی کہا
خلقتِ شہر کی دل دہی کے لئے
یاد ہوں گے تمهیں پھر وہ ایام بھی
جب اسیری سے تم لوٹ کر آئے تھے
ہم دریدہ جگر راستوں میں کھڑے
اپنا دل اپنی آنکھوں میں بھر لائے تھے
اپنی تحقیر کی تلخیاں بھول کر
تم پہ توقیر کے پھول برسائے تھے
کیا خبر تھی کہ تم سے شکستہ انا
اپنے زخموں کو بس چاٹنے آئیں گے
جن کے جبڑوں کو اپنوں کا خوں لگ گیا
ظلم کی سب حدیں پاٹنے آئیں گے
قتلِ بنگال کے بعد مہران میں
شہریوں کے گلے کاٹنے آئیں گے
اب پشاور سے لاہور و مہران تک
تم نے مقتل سجائے ہیں کیوں غازیو؟
کس شہنشاہِ عالی کا فرمان ہے؟
کس کی خاطر ہے یہ کشت و خوں غازیو؟
کس کے ایما پہ ہے اتنی غارت گری؟
کس کے آگے ہو تم سر نگوں غازیو؟
تم نے دیکھے ہیں جمہور کے قافلے
ان کے ہاتھوں میں پرچم بغاوت کے ہیں
پپڑیوں پر جمی پپڑیاں خون کی
کہہ رہی ہیں کہ منظر قیامت کے ہیں
خول اترا تمہارا تو ظاهر ہوا
پیشہ ور قاتلو! تم سپاہی نهیں
اب سبھی بے ضمیروں کے سر چاہیيں
اب فقط مسئلہ تاج شاہی نهیں۔(3 )

اهو ڪاغذ جو هڪ ڳريل لفافو هو جنھن ۾ ٻئي ڏينھن ڪنھن منھنجي لاءِ تازا ليما آندا هئا. مون کي منھنجا ”نِمبو“ ملي ويا ۽ انھن سان گڏ ئي جلاوطن احمد فراز بہ ”نِمبوئن“ جي لفافي ۾ قلعي جي حفاظتي ڪمن جي سمورين سطحن کي درهم برهم ڪندو، اٽڪ قلعي جي سيل نمبر ”هِڪ“ ۾ مون سان اچي مليو. شايد ڪنھن نئين سازش ۽ ٽولي بازي جي ابتدا ٿي چڪي هئي.
ان کان اڳ جو توهان فراز جي هِن بند ڪيل ڪلام جي پاڪ آرمي جي هن مضبوط ترين قلعي ۾ ”گهڙي اچڻ“ جي ڏوھہ ۾ ڪنھن کي پڪڙيو، آءٌ اوهان کي هڪ ڀيرو وري پڪ ڏيان، تہ مون هِي قصيدو يا مرثيو ۽ ”جنگ جو اعلان“ واقعِي هڪ ڳريل ڦاٽل پني تان نقل ڪيو آهي ۽ ان منھنجي ڦٽيل دل جي ڪيترين ئي وکريل يادن جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪي ڇڏيو آهي.
جيتوڻيڪ هِن وقت وري ايس آءِ بِي جي عنايت ڪيل مونجهہ جو شڪار ٿي رهيو آهيان، آءٌ نہ ٿو چئي سگهان تہ لفافي ۾ واقعي نِمبو ئي هئا يا لڏو ۽ ڳنڍيريون، پر جيڪڏهن اهي لڏو هجن ها تہ آءٌ اوهان کي ضرور ڏيان ها جو تازو توهان کي جنرل جي عھدي تي ترقي ڏني وئي آهي ۽ جيڪڏهن جليبيون هجن ها تہ آءٌ پڪ ئي فريادي ڌر جي وڪيلن ۽ سندن ”هنجن“ لاءِ رکي ڇڏيان ها.
جڏهن آءٌ بيان ڏئي رهيو هوس تہ اهو احمد فراز ئي آهي جيڪو قلعي ۾ گهڙي آيو هو. اڄ جڏهن آءٌ ان جو ترجمو ڪري رهيو آهيان تہ هيءَ ٻي جلاوطن فھميدہ رياض آهي جيڪا هن سينٽرل جيل جي ڪوٽن اندر منھنجي ڪال ڪوٺڙيءَ کان ٻاهر لوهي-لوڙهي ۾ ملاقات لاءِ بيٺي آهي! اڱڻ چوڌاري ڪوٽ ڏاڍا اوچا آهن، مون کي چنڊ نظر نہ ٿو اچي، پر فھميدہ جي سوچ جي ڏِيئن جي وٽ اڄ رات ڏاڍي مٿي رهندي (منھنجي دل چوي ٿي: تہ جڏهن ”باستيل“ (جيل) ٽٽي رهيو هوندو تہ هوءِ گهر موٽي ايندي. مون کي سندس مھرباني مڃڻي آهي، ان ملاقات ۽ ڏِيئي جي وٽ مٿي ڪري رکڻ لاءِ.)
مون ۽ احمد فراز سان هِن جي ڪلام جِي ڪاڪ ٽيل ڪا رڳو اتفاق جي ڳالھہ ڪانھي.
”غاصب ۽ ڦورو“
تيس سال ميں جو تين جنگيں لڑے
ڈال ديتے هيں هتھيار جو بِن لڑے
جن کو ڈھاکا کي گليوں ميں جوتے پڑے
آج گهر ميں هيں، سنگينيں تانے کھڑے

يه کرائے کے قاتل سزا دو انھيں ـــ اک حرف غلط هيں مٹا دو انھيں
پهرا دينے گئے تھے چمن کھا ليا
ايک لقمے ميں آدھا وطن کھا ليا
جس کا ثاني نھيں وه رتن کھا ليا

دل کي گهرائي سے بد دعا دو انھيں ـــ اک حرف غلط هيں مٹا دو انھيں
ماں کوننگا کيا وه گناه گار هيں
بهن پے پل پڑے وه زنا کار هيں
ملک آدھا کيا وه تباه کار هيں
تين آئين توڑے وه غدار هيں

جس سے عبرت هو ايسي سزا دو انھيں ـــ اک حرف غلط هيں مٹا دو انھيں
ٹينک آباديوں پے چڑھاتے هيں يه
بستيان ديکھ کے بم گراتے هيں يه
عصمتيں مورچوں ميں رُلاتے هيں يه
قوم اپني پے کوڑے لگاتے هيں يه

آخري بار کوڑے لگا دو انھيں ـــ اک حرف غلط هيں مٹا دو انھيں
چور ڈاکو هيں غاصب لٹيرے هيں يه
نہ باپ کے هيں نہ تيرے نہ ميرے هيں يه
کالي بلائيں خوني اندھيرے هيں يه
مارو شاهين نھيں بٹيرے هيں يه

سر زمين وطن سے اڑا دو انھيں ـــ اک حرف غلط هيں مٹادو انھيں
پھانسي چڑھائيں جو بھي بچائے انھيں
قيد هوتا هے جو بھي چھڑائے انھيں
لوٹ ليتے هيں جو گهر بلائے انھيں
اب نہ کوئي گلے سے لگائے انھيں

بيچ بازارا پھانسي چڑھا دو انھيں ـــ اک حرف غلط هيں مٹادو انھيں
اب حقيقت سنو ان کے ايمان کي
پھر گئے هيں پڑھ کے آيتيں قرآن کي
يه هيں تو هيں لفظ مسلمان کي
آؤ دهرائين تاريخ ايران کي

بڑھ کے توپوں کے منہ پے چڑھا دو انھيں ـــ اک حرف غلط هيں مٹادو انھيں
پاک فوج کے بے بس جوانو سنو!
ظالموں، قاتلوں کي صفيں چھوڑ دو!
ظلم کي ورديوں کو اتارو، اٹھو!
وقت سے آ ملو! آ ملو! آ ملو!
تم کو مظلوم بھٹو کے خوں کي قسم
جس سے قبريں ڈريں اس جنوں کي قسم
کربلا کے شهرضه سرنگوں کي قسم
اور زينبرضه کے حالِ زبوں کي قسم
پاک فوج کے بے بس جوانو سنو!
ظالموں، قاتلوں کي صفيں چھوڑ دو!
ظلم کي ورديوں کو اتارو، اٹھو!
وقت سے آ ملو! آ ملو! آ ملو!
تم کو مظلوم بھٹو کے خوں کي قسم(4 )

عدالت جا صاحب ۽ ميمبرؤ! اڄ هتي جيڪو ڪجهہ داءَ تي لڳل آهي اها رڳو هڪَ يا سترهن حياتيون ئي ناهن. هڪ يا سترهن حياتيون ۽ ارڙهين اوهان جي جندُ جان جي هن وقت اهميت ڪھڙي ٿي سگهي ٿي جڏهن تہ هڪ اداري ۽ سڄي ملڪ جي عزت ۽ آبرو ۽ رهيو سھيو وقار داءُ تي لڳل هجي. اڄ آءٌ اوهان کي ۽ سڀني کي اهو ٻڌائي ڇڏڻ ٿو گُهران تہ وِٿي (کاهي) ان تيزيءَ سان وڌي رهي آهي جو ان جي موتمار حقيقت جو ادارڪ توهان جي وس جي ڳالھہ نہ رهيو آهي. جيڪڏهن جنگِ، چرچل جي چواڻي، ايڏو گنڀير معاملو هجي ها جو ان کي جنرلن تي نہ ڇڏي سگهجي ها، تہ عظيم ملڪي معاملا ۽ گهوٽالو ڇا هِي ماڻھو پنھنجين سنگينن ۽ ارڙهنِ ڪوڪن وارن بوٽن جي مدد سان حل ڪري سگهن ها؟
سائين منھنجا! يارهين گهنٽي وڄڻ واري آهي!
اچو منھنجي ڳالھہ ڌيان سان ٻڌو. اسان کي کاريان ڳوٺ جي ان سُست پورهيءَ جيان نہ ٿي وڃڻ گهرجي جيڪا ان وقت تائين سمھيل رهي جيستائين ان کي اهو تہ ٻڌايو ويو تہ سندس لاڏلي ڌيءَ جي ڄڃ ڳوٺ ٻاهران نار (کوھہ) وٽ لٿي آهي. اهو ٻڌندي ئي هن ٿَڙ ڦَٿڙ ۽ انتھائي ڀُوڪرپائيءَ جي حالت ۾ ڏاج جي سَوَڙِن جو پھريون تھہ مٿي ڪيو ۽ رڙ ڪري پنھنجي ڪنوار ڌيءَ کي هيئن چيو:
”تُرهوني ڌيئي ترهو، ڄڃ آ لٿي آ کوھہ.“
(پياري ڌيءَ، ٽاڪا ڪجهہ تڪڙا هڻج، جو تنھنجي ڄڃ کوھہ تي اچي لٿي آهي.)
عدالت جا صدر! ڇا اسان جا جنرل ان پوڙهيءَ جنت بيبيءَ کان ڪجهہ دير اڳ جاڳي نہ ٿا سگهن؟ اڃا بہ، ڄڃ جي کوھہ تي پھچڻ ۾ ڪجهہ گهڙيون باقي آهن، اڃا بہ سج لھڻ کان اڳ ڪجهہ گهڙيون اسان جي وس ۾ آهن، اسين هاڻي بہ ڪجهہ وکون اڳتي وڌي پنھنجي ۽ پنھنجن نسلن لاءِ هڪ سٺي آئيندي کي ٻک وجهي سگهون ٿا. ”سڀاڻي“ بيشڪ ڏاڍي دير ٿي چڪي هوندي. سڀاڻي جيڪڏهن اسين گهرنداسون بہ، تہ اسان جون سموريون انجنيئر بٽالينون ملي هر گهڙيءَ پري ٿيندڙ ڪنارن مٿان ڪا پُل اڏي سگهن، تہ اهو ناممڪن هوندو، اسين تختن (Trestles، ٽنگيل پل تي وڇائڻ جا تختا) جي ڪڏهن بہ پوري نہ ٿي سگهندڙ کوٽ جو شڪار ٿي چڪا هونداسون.
اڄ منھنجِي ان کان وڏي ڪا سَڌ ڪانھي تہ آءٌ اوهان جي دلين ۾ اٿندڙ انھن طوفانن خلاف گهنڊ وڄايان. آءٌ اوهان کي ٻڌائڻ ٿو گهران تہ هن پھاڙيءَ جي پرئين پاسي، هن ڀت جي هُن پاسي ”دشمن“ ڳڻي سگهڻ کان وڌيڪ قوت سان گڏ ٿي رهيو آهي. ان جي وحشي هٿيارن ۾ گهاٽي نفرت، بدترين انساني فرق، گُروهي، لساني ۽ علائقائي ساڙ، ورهاست، تفرقي بازيءَ ۽ محروميءَ جي حساس جو ڳُوڙهو احساس سڀ ڪجهہ شامل آهي.
نيٺ اسين ڪڏهن ان سَھي جي خواب مان جاڳِي، وقت جي سڌ جو جواب ڏينداسون!
پنھنجين سوچن، پنھنجن خوابن، پنھنجي جسم، روح ۽ مڪمل وجود جي وطن جي قربانگاه ه تي ڀيٽا وسيلي آءٌ علمي ماءُ، پاڪ آرميءَ ۽ پنھنجي ملڪ جي مظلوم عوام جي وچ ۾ هڪ پتڪڙي پل جوڙڻ ٿو گهران.
سائين منھنجا! اياز پنھنجو قدر ۽ ملھہ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. مون کي ان بابت ڪو بہ شڪ ناهي. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ هن مڏيءَ ۾ منھنجي بھا ڪيتري ٿي سگهي ٿي، پر ٿوڙي ڦيرڦار سان مون کي اهو چوڻ ڏيو تہ آخري تيلو پڪ ئي ٻن ٿوهن واري ڳاڙهي اٺ جي ڳچي ٽٽڻ کا بچائي سگهي ٿو!
اجهو هينئر يارهين گهنٽيءَ ۽ خطري جي گهنڊن جو ذڪر ڪري رهيو هوس. گذريل ڏينھنِ ۾ منھنجي چيف جنرل ضياءَ بہ برما جي هڪ مندر ۾ گهنٽيون وڄايون هيون. گهنٽين سان گڏوگڏ هن مندر جي وڏي بُت جي ڳچيءَ ۾ تازن گلن جو هار. خبر ڪانھي تہ جنرل ڪيتريون گهنٽيون وڃايون هيون. ڪجهہ ماڻھن جو خيال آهي تہ اهي شايد اَٺ هيون پر منھنجي ڇھين حس ٻڌائي ٿي تہ آخري گهنٽي اٺين گهنٽي نہ هئي، ڳڻپ گهڻي وڌيڪ هئي يعني هڪ ڊزن يعني ٻارهن يا ان جي ويجهو.(5 )
بھرحال، آءٌ خوش آهيان تہ مون ۽ جنرل، اسان ٻنھي جي هٿن ۾ گهنٽيون ۽ ڊُبڪيون موجود آهن. گيت ۽ ڌنون ڌار ڌار ئي سھي، پر ڇا اهو گهٽ آهي تہ اسين ٻئي ”وڄائي“ رهيا آهيون: هُو طاقت جي سرچشمي آرمي هائوس مان ۽ آءٌ ظلم جي نشان اٽڪ قلعي ۾ هڪ ڪُوئي جي ”ٻِرڙ“ مان.
مون کي احساس آهي تہ هاڻ ڪجهہ زيادتي ٿيندي. گهنٽين ۽ بتين جي ڪري منھنجو ذهن هڪٻئي واقعي ڏانھن ڀٽڪي ويو آهي، جيڪو آءٌ هر حالت ۾ رڪارڊ تي آڻڻ گهران ٿو. گذريل ڏينھن منھنجو پٽ حمزه محمد هتي قلعي ۾ هو. هن ٽيليويزن تي بِگ چيف کي گهنٽيون وڄائيندي ۽ ديوي، ديوتا جي چرنن ۾ سيس نوائي هار وجهندي ڏٺو هو. ڇوڪرُ ڏاڍو بيچين ۽ ڪاوڙ ۾ هو. هُو هر هر غزنيءَ جي محمود جو ذڪر ڪري رهيو هو جنھن جِي سومنات واري ڪھاڻي مون جي ٻہ سال اڳ کيس ميڻ بتين ۽ ڪيڪ جي بدران چوٿين سالگره جي سوکڙيءَ طور ٻڌائي هئي. وري ٻئي ڏينھن هُن اچي منھنجو پاسو ورتو. هُو ٻِي ڳالھہ ٻڌڻ جي سَڌ ڪري رهيو هو ۽ آءٌ کيس هر هر اهو چئي رهيو هوس تہ ڏينھن جو ڪھاڻيون ٻڌائڻ سان مسافرَ راھہ ڀٽڪي ويندا آهن.
اٽڪ قلعي جي سب-جيل ۾ ويٺي مون هن کي هڪَ ٻِي بُت-ٽوڙيندڙ اورنگزيب جي ڳالھہ ٻڌائي بہ کيس اطمينان ڏياري نہ پئي سگهيس، ڇو تہ اهو بہ تہ هڪ سب-جيل جو داروغو هو جتي شاهجهان نالي هڪ ”عالم پناھہ“، ظل سبحاني دعى پنھنجي پوڙهي پيءَ کي ڪيس هلائڻ بنا قيد ڪري رکيو هو.
ٻيو ڪو وسُ نہ ڏسِي مون پنھنجي ”ولي عھد“ ڇوڪر کي مھا راجا رنجيت سنگهہ جي ان هڪ اک بابت ٻڌائڻ ۾ ئي ڇوٽڪارو سمجهيو جنھن سان هو پنھنجي رعيت جي سڀني طبقن ۽ سڀني فرقن کي هڪ ئي نظر سان ڏسندو هو. (۽ اڄ در اصل اسان جو مسئلو اهو ئي آهي تہ جنرل جي هڪ اک جي ڪُنڊ ٻيءَ سان ڪا نہ ٿي ملي، جڏهن تہ ڪي ماڻھو چون ٿا تہ سندس اکيون هيما مالنيءَ جي اکين جهڙيون آهن.)
ننڍڙو حارث محمد ان جي ڀيٽ ۾ لبرل (آزاد يا غير واسطيدار) ذهن رکندو آهي ۽ آءٌ ڊڄان ٿو، ان سِڪيلڌي اک جي ڳالھہ ٻڌڻ کان پوءِ هُو هڪ ڏينھن مون سان جهيڙو ضرور ڪندو تہ سندس هڪ احمدي (قادياني) هم ڪلاسيءَ کي ڪلمو پڙهڻ سبب قيد ڪيو ويو ۽ اهو بہ تہ مٿس ڪيس بہ هلايو نہ ٿو وڃي.
مسٽر پريزيڊنٽ! آءٌ ڏاڍو بوگس (شرمندو) محسوس ڪري رهيو آهيان!
عـزت واري عدالت! مٿي بيان ڪيل قصو شايد توهان کي پھرين نظر ۾ اڻ لاڳاپيل لڳي. اسان جي سماج جا ڏينھون ڏينھن وڌندڙ تضاد ۽ ”قسمت“ ۽ ماحول جون ڏاڍايون تيز بي اطمينانيءَ کي جنم ڏئي رهيون آهن. اها اُڀي ۽ ويڪري ورهاست وڌيڪ گڏجاڻين جون راهون کولي رهي آهي ۽ اهي گڏجاڻيون هاڻي گهرن ۾ ٿي رهيون آهن ڇو تہ ”عرب هوٽل“، پاڪ ٽِي هائوس“، ”لارڊز“ ۽ ”شيزان“ سمورا هوٽل سڄي رات جاڳندڙ ”ڪُتن“ جي زور هيٺ آهن. جڏهن کان اسان پنھنجي ٽئنڪن جو رخ بدلايو آهي، دل جي باھہ ڪڍڻ جو سموريون روايتي جايون ويرانن ۾ بدلجي ويون آهن.
انھن گڏجاڻين جي نتيجي ۾ ”ميڙن جا ميڙ“ بنا ڪيس هلائي ”اندر“ ڪيا پيا وڃن. انھن سپرا ڪانسٽيٽيوشنل حڪم نامن هيٺ بند ڪمرن ۾ مقدمو هلائيندي ڄمار جي ننڍ وڏائي جنس جو فرق بہ تہ نہ ٿو ڪيو وڃي.آءٌ پنھنجن ابھم پٽن لاءِ ڏاڍي ڳڻتيءَ ورتل آهيان! ايس آءِ بي ۾ ڪير انھن ”ابھم“ سازشين جي ڄمار پڇندو؟ ڪھڙي ڪرنل يا ميجر ۾ ايڏي همت هوندي؟ هوڏانھن گڏيل امريڪي رياستن (گ.ا.ر) ”حڪومت“ کي کير پيئاڪن کان وٺي پوڙهن تائين هر قدڪاٺ‏ جون هٿڪريون مھيا ڪري رکيون آهن.
اڄ جڏهن آءٌ اهو چئي رهيو آهيان تہ ڏاڍ جي هن دَور ۾ سڄي قوم بنا ڪيس هلڻ جي زنجيرن ۾ جڪڙي وئي آهي، تہ اهو رڳو منھنجي ذاتي تجربو ڪونھي. هن جنتا ۽ ان جي اڳواڻ سڀني فوجي حڪومتن جا ڪريڊٽ ڪارڊ منھنجي ان سوچ جي تصديق ڪرڻ لاءِ موجود آهن.
پاڪستان جي هڪ مرحوم صدر،( 6) جيڪو ان لاقانونيت ۽ انڌير نگريءَ جو پيش رُو هيو. جي هڪ پھاڪي کي ڏاڍي شھرت ۽ ڄمار ملي هئي. اها ان وقت جي ڳالھہ آهي جڏهن ڦاهيءَ چڙهي ويندڙ اسان جو شھيد وزير اعظم اڃا بہ اسان جي هٿياربند فوجن جو سپريم ڪمانڊر هو. هڪ ڏينھن صبح جو گاديءَ ۾ پنڊي-اسلام آباد جي ڪنھن کيشٽي ٽولي ”صدارتي محل“ جي سمورين ڀتين تي ملڪ جي صدر پاران اها وينتي لکي تہ ”مون کي آزاد ڪيو وڃي!“ شايد اها آزادي بي وسيءَ جي بيان ڪيل حالت مان هئي، جنھن ۾ هُو ڦاٿل هو.
بھرحال، هيءَ آگسٽ 1977ع جي شروعاتي ڏينھنِ جي ڳالھہ آهي جڏهن ٽيبلون (ميزون، تختا) اونڌا ڪيا ويا هئا پر واعدا اڃا بہ سر سبز هئا. منھنجو ڀاءُ خالد، جنھن جي آئيندي بابت هِن سازش جي ڪيس جي حوالي سان آءٌ ڪجهہ چئي نہ ٿو سگهان، مون کي ناڪيلي وجهي ”اولڊ مَئن“ (پوڙهي ماڻھوءَ ــــ چوڌري فضل الاهيءَ) وٽ وٺي ويو. ڊگهي، مستطيل جھڙي دفتر جي آخري ڪنڊ ۾ اهو پوڙهو مرد روايتي انڪساريءَ جي حالت ۾ موڳو موڳو ماٺ ماٺ ويٺو هو.
”بنا ڪيس هلي پاڻ کي گرفتار پيو سمجهان.“ هُن پنھنجي مخصوص ٿڌي لھجي ۾ منھنجي ان سوال جو جواب ڏنو هو تہ هُو اڄ ڪلھہ ڪيئن آهي. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي تہ جيتوڻيڪ هو ٺيٺ پنجابي ٻوليءَ ۽ لھجي ۾ ڳالھہ ڪندڙ هو، پر هُن لفظ ’انڪارسريشن‘ (Incarceration)( 7 ) ضرور ڪتب آندو هو.
مون بہ اِن لفظ جي معنى پنھنجي ڏوھہ-چٺيءَ مان سکي آهي، پر جيڪڏهن آءٌ اهو چوان تہ ”قيد بنا مقدمي“ تہ 4-5 جولاءِ 77ع جي وچين ڪاريءَ رات کان ئي شروع ٿي ويئي هئي ۽ اڄ تائين بنا وٿيءَ جي هلندي پئي رهي، تہ ڇا اوهان يا سرڪاري وڪيل ان کي رد ڪري سگهندا؟
هن ملڪ جي جيلن، قلعن ۽ اڻ ڳڻ ٻين اذيت گهرن ۾ ٺيڪ هن وقت بہ سوين هزارين قيدي اهڙا موجود آهن جن تي ورهين کان ڪو بہ ڪيس نہ هلايو ويو آهي. ضمير جي انھن قيدين ۾ سياسي ماڻھو نيٺ ڪيستائين بنا ڪيس يا بنا ٻڌڻيءَ يا بنا سڏ ايئن ئي سڙندا ڳرندا رهندا؟
ڇا مون کي وڪيلن ۽ سندن سرڪار کي بيگم رابعہ طاهر جي ياد ڏيارڻ جي گهرج آهي جنھن کي ڏيڍ سال جي قيد دوران ڪنھن بہ عدالت جي آڏو پيش نہ ڪيو ويو ۽ هوءَ هتي، وحشتناڪ قلعي ۾ قيد رهي چڪي آهي! اها حقيقت تہ هن عدالت جي ڄاڻ ۾ بہ آهي، تہ کيس ان وقت ۽ ان شرط تي ڇڏيو ويو تہ سندس مڙس اسان کي ”فِڪس اَپ“ (ڦاسائڻ، سُڪ ڪرڻ) لاءِ اهو سڀ ڪجهہ چئي چڪو، جيڪو حڪومت کانئس چورائڻ گهري ٿي.( 8) سرڪاري وڪيل چئي سگهن ٿا تہ اسقئاڊرن ليڊر (جٿي جي اڳواڻ)...تہ سندن ٿي ئي چڪو هو ان ڪري بيگم صاحبہ کي هن ڪيس لاءِ قيد نہ رکيو هو، پر اها ڪا نئين ڳالھہ ڪانھي. اها تہ ڦاهيءَ چڙهيل ڊِي آءِ جِي ميان عباس جي ڪھاڻي آهي جيڪا هن ڀيري اڳ کان وڌيڪ مھارت ۽ پيشہ ور هنرمنديءَ سان ورجائي وئي آهي.
اڄ ڪير نہ ٿو ڄاڻي تہ خچر رجمينٽ جو ليفٽيننٽ چشتي آپريشن فيئرپلي جي ميراٿين جي بيندوئگن جو ڊرائيور ئي هو جنھن ميان عباس کي پھريائين پنھنجي ڏٽي ۽ ڄار ۾ ڦاسايو ۽ ڪم ڪڍي کيس ڦاهيءَ جي تختي تي چاڙهي ڇڏيو.( 9)
ڇـا آءٌ عـدالـت کـي اهـا بہ ياد ڏياريان تہ مسٽر نعيم عباسي، جنھن جو 9-ساله پُٽ بہ هن قيد ۾ رهي چڪو آهي، اڃا بہ ايس آءِ بي وٽ بنا ڪنھن سبب جي بند پيو آهي. ان جِي ۽ سندس پٽ جي بنا مقدمي ان قيد با مشقت جو حساب ڪير ڏيندو؟
عدالت جا صدر! اخلاقي ۽ ذهني پستيءَ ۽ بي ايمانيءَ جي اِن انتھا کي ڏسي ۽ ان جي ڳالھہ ڪندي، جنھن کي وقت جي حڪمرانن جاري رکيو آهي، منھنجو ڪنڌ شرم کان جهڪي رهيو آهي. بي ايمانيءَ جي هن شاهڪار مظاهري ۾ چارجنگ ڪريسي، ان جي مھڙ وارن جٿن ۾ شامل رهي آهي.
ڇا آءٌ اوهان کي مسٽر آصف جي ياد ڏياريان، هڪ گلاس فيڪٽري انجنيئر جِي، جيڪو اولھہ جرمنيءَ کان ان نيت ۽ ارادي سان وطن وريو هو تہ ملڪ کي ”ليباريٽري ايقئپمينٽ“ (تحقيقي سامان) ۾ پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ رٿا بندي ڪري! 2-جنوري 1984ع تي ڪيترن ئي ٻين سان گڏ اسان جي هڪ ”مياري ساٿيءَ“ وٽ دعوت ۾ آيل هو، جتان انھن سڀني کي رڍن ٻڪرين جيان هڪلي انٽيليجنس مافيا جا اهي گرگا کڻي ويا، جيڪي هن ملڪ جا حقيقي حڪمران آهن.
ديوَ جيڏي، زمين ۽ آسمان تي ڇانيل تجويز ڪيل ڪور آف انٽيليجنس، جيڪا 1965ع ۾ اسان جي سرحدن تي لامارا ڏيندڙ هڪ ڀارتي ٽئنڪ ڊويزن جي موجودگيءَ جو احساس بہ نہ ڪري سگهي هئي، پر جنھن کي هن ملڪ جي شھريءَ ۽ ان جي زال جي لاڳاپن بابت سمورا تفصيل ياد آهن، اها ئي انٽيليجنس جيڪا مشرقي پاڪستان جي سرحدن تي جهيڙيندڙ ان سڄي فوج جو واس بہ نہ وٺي سگهي، جيڪا آخري ۽ مڪمل سوڀ جي نيت سان اتي ڪئمپ هڻي چڪي هئي. ڇا انھن چاڪليٽ ڪريم هيروز (سورهين) جي حب الوطنيءَ جو امتحان رڳو مسٽر آصف جهڙن محب الوطن نوجوانن کي اغوا ڪري بنا مقدمي قيد ۾ رکڻ جي انتظامن ۾ ئي هو؟
عدالت جا صدر! اچو، توهان ۽ اسين سڀ گڏجي هڪ ڪورس جي صورت ۾ آصف جو هڪ مرثيو چئون، ان جي لاءِ جنھن اپريل-مئي 1984ع ۾ اڌ رات جو ڳجهيءَ ڪارروائيءَ کان پوءِ پنھنجو مذهب ڇڏي ڏنو، پنھنجن سمورن عقيدن کان پاسو ڪيو ۽ ان مٽيءَ جي محبت کي، جنھن ۾ هن جنم ورتو هو ۽ جنھن کي هن چرين جيان چاهيو هو، طلاق ڏئي، ڪڏهن بہ موٽي نہ اچڻ لاءِ جرمنيءَ هليو ويو.
اهو ثابت ڪرڻ لاءِ تہ منھنجن هم وطنن کي ڪيس هلائڻ کان سواءِ ئي قيد ۾ رکيو پيو وڃي، آءٌ ٻيا ڪنھن ڪنھن جا مثال ڏيان! مون کي هڪ قيديءَ بابت، توهان مسٽر پريزيڊنٽ، هڪ آزاد انسانُ ــــ اِهو ڄاڻڻ لاءِ بھتر حيثيت ۾ آهيو، تہ اڄ بہ بري، بحري ۽ هوائي فوجن جي آفيسرز، ميسن ۽ بئرڪن ۾ ڪيترن ئي آفيسرن، (بري) سپاهين، ايئرمئنن (هوائي فوج جي سپاهين) ۽ ملاحن (بحري فوج جي سپاهين)کي قيد ۽ بند ۾ رکي، هن مقدمي جي سلسلي ۾ سندن ”مھمان نوازي“ ڪئي پئي وڃي. اهي سڀ ماڻھو بنا ڪيس جي قيد ۾ آهن. انھن مان ڪيترائي هتي اٽڪ ضلعي ۾ بند رهي چڪا آهن. آءٌ توهان آڏو انھن سڀني جي پاران بيجا قيد جي رپورٽ داخل ڪري رهيو آهيان.
انھن قيدين مان گهڻن کي ان واعدي سان ڇڏيو بہ ويو تہ اهي سرڪاري شاهدن جي حيثيت ۾ حاضر ٿيندا، پر جڏهن کان سرڪاري وڪيلن پوريءَ طرح آئين کان مٿاهين حڪم نامي جي مدد سان، مقدمي تي بلڊوزر گهمائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٻين من گهڙت شھادتن کان سواءِ انھن آزاد ڪيل قيدين کي بہ پوئتي ڦٽو ڪيو ويو. هاڻي آءٌ نہ ٿو ڄاڻان، انھن جي ڀاڳن ۾ ٻيو ڇا لکيو پيو وڃي!
ميجر اشفاق حسين بخاري جو ڏک ڀريو داستان توهان آڏو آهي. هي اهي آفيسر آهن جن کي گرفتار ڪرڻ وارن کين سرڪاري طرح ڀاڄوڪڙ قرار ڏنو هو.( 10) ڪير نہ ٿو ڄاڻي تہ هن سازش جي ڪيس جي سلسلي ۾ گرفتار ڪيل لڳ ڀڳ 300 ماڻھو بنا ڪيس جي مختلف مُدن تائين جيل ڀوڳي چڪا آهن. انھن مان ڪيترن کي ئي اسان جي خلاف ڪُوڙين شاهدين لاءِ تيار ڪيو ويو پر نيٺ اهو پاڻ ئي موٽائي ورتو ويو. سرڪاري وڪيلن جي خيال ۾، جيڪو انھن عدالت ۾ ظاهر ڪيو آهي، اهي ماڻھو اٽڪ قلعي جي قيدين هٿان (وڪامي) ويا آهن.
سائين منھنجا! سرڪاري ۽ ان جي وڪيلن کي هن آئين کان مٿاهين حڪم نامي تي ايمان جي حدن کان بہ اڳتي تائين ڀروسو آهي، تہ شاهد هجن يا نہ هجن، اهي هِي ڪيس پھرين ڏينھن کان ئي کٽي چڪا آهن.
”قيد ۽ بند“ اسان جي ملڪ ۾ رائج هڪ وڏو ۽ گهڻيءَ معنى وارو اصطلاح آهي. رڳو هن ملڪ جا قلعا، جيل ۽ ٻيا اذيت گهر ئي نہ، جتي توهان کي ڪڏهن بہ نہ شروع ٿيڻ وارن ڪيسن جو انتظار ڪندڙ ”بندِي خانه“ نظر ايندا، ٻيون بہ ڪيتريون ئي اهڙيون جايون آهن جتي ساڳي عذاب ۾ مبتلا ماڻھو نظر ايندا!
منھنجو خيال آهي تہ توهان بيگار ڪئمپن بابت ٻڌو هوندو. اِهي اُهي جيل خانا آهن جيڪي سڄي ملڪ ۾ گذريل اٺن سالن کان جنرلن شاهراھہ جي ٺيڪ هر سنگ ميل تي قائم آهن. انھن اٺن سالن ۾ انھن جي نسلي واڌ ڳاڙهي-تِڏَ جي رفتار سان ٿي آهي. شايد توهان ڄاڻيندا هجو، تہ هڪ ڳاڙهي-تڏ سڄي سال ۾ لڳ ڀڳ هڪ سؤ هزار يعني هڪ لک ٻچن کي ڄڻيندي آهي. جيتوڻيڪ جنھن نظام هيٺ آءٌ جِي رهيو آهيان، اڃا بہ ائين چئجي تہ سڏڪي سڏڪي جِي رهيو آهيان، ڳاڙهين-تڏين جي نسل جي ”زرخيز ترين ماديءَ“ کان بہ وڌيڪ ”پيداوار ڏيندڙ“ آهي. اهو حقيقت ۾ هڪ فاسٽ بريڊر (تيزيءَ سان نسل ڏيندڙ) نظام آهي. گذريل ڇھانوي مھينن ۾ هن نظام ڪروڙين ماڻھن کي مردارن جي هڪ ڍير ۾ بدلائي ڇڏيو آهي!
هيءَ ويجهڙ جي ئي ڳالھہ آهي تہ لاهور هاءِ ڪورٽ جي هڪ ”بليف“ هڪ ڦورو جاگيردار جي ذاتي جيل مان هڪ يا ٻن نہ، پر پورن اُڻھتر مزدورن کي ڳولي ڪڍيو. ڇا توهان سوچي سگهو ٿا تہ بنا ڪيس هلائي يا داخل ڪئي بنا اهي ماڻھو ان بندي خاني ۾ قيد رهيا جيڪو منٽو پارڪ کان رڳو 25-ميل پري هڪ وڏي روڊ جي ڀرسان آهي. اهو ئي ”منٽو پارڪ“ جنھن کي اسان ”اسلامي طوهر“ کان پوءِ ”اقبال پارڪ“ جي نالي مومن باغيچن جي قطار ۾ شامل ڪيو. اهو ئي ميدان جتي اڄ جي سڀ کان وڌيڪ اختلافن ڀري ”قرارداد لاهور“ 1940ع ۾ منظور ڪئي وئي. هيءَ اها ئي جاءِ آهي جتي اسان هڪ منارو ٺھرائي پھريائين ان کي ”يادگارِ پاڪستان“ جو نالو ڏنو هو. اها غلطي جيتوڻيڪ اڄ صحيح ثابت ٿي چڪي آهي. اهو منارو ان پاڪستان جو يادگار ئي تہ آهي جيڪو 1971ع ۾ ٻہ ٽڪر ٿي ويو.
اهي مزدور جن کي هاءِ ڪورٽ ڇڏرايو هو، پنجين هٿ ۾ گڏيل نموني وڪيا ويا هئا.
کاڻ (؟) مزدور ۽ سندن ٻار هن ملڪ جو ڪو سڪيلڌو طبقو ناهن، جيڪي بنا ڪيس جي جنب قيدي رهندا آهن. رڳو اهي ئي ناهن جن کي ٻڪرين وانگي وڪيو ۽ ڳڌو ويندو آهي، هن ملڪ ۾ ٻيا بہ لکين نوان-مسلمان موجود آهن.
ڪجهہ هفتا اڳ مون ٺيڪ اسلام آباد ۾ قيد ڪيل هڪ اهڙي آرمي ميجر بابت ٻڌو آهي جنھن جي مظلوم ۽ بي وس ٻارن کي پورن ڇھن ورهين تائين اها سڌ بہ نہ ڏني وئي، تہ هُو جيئرو بہ آهي يا نہ. جيڪڏهن ڏينھن رات جي ڳڻپ ڪبي، تہ بنا مقدمي هُو جنب قيد جي سزا ڪاٽي چڪو آهي ۽ رڳو هُو ئي نہ، پر سندس نڌڻڪا پوڙها پيءُ ماءُ، ڀاءُ ڀيڻ ۽ زال ۽ ٻار بہ انھيءَ اذيت ڏيندڙ سزا مان گذريا آهن.
هاڻي مون کي خبر پئي آهي تہ اسان جي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جو گذريل ڏينھن ۾، برما ۾، پنھنجي هڪ پيشرو هڪ ظل سبحاني شھنشاھہ بھادر شاھہ ظفر جي قبر تي وڃڻ ڇو ضروري هو. هِي اهو ئي شھنشاھہ آهي جنھن جي حڪمراني وڏي قلعي جي ڀتين اندر محدود هئي. اسان جو قومي هيرو، ڪجهہ ٻين شاهي جنسي جنونين جي ابتڙ هن پوڙهي بادشاھہ لاءِ حرم شاهي بہ پھچ کان ٻاهر هئي.
اڄ، هِن ”اسلامي“ دور ۾ اسان وٽ عظيم مغل سان لاڳاپي ۽ ان تي فخر ڪرڻ جا ڏاڍا مناسب سبب آهن. ٺيڪ هن گهڙيءَ اسان جي ملڪ ۾ ساڳئي وقت چار پور وڇوٽ قانون لاڳو آهن ـــــ رومن قانون، شرعي قانون، مارشل قانون، ۽ ملٽري (لشڪري) قانون، پر بھادر شاھہ ظفر جي شخصي شاهي قانون جيان انھن مان ڪو هڪ بہ اهڙو قانون ڪونھي جيڪو مينار پاڪستان جي ٽيپھريءَ جي پاڇن کان ڪجهہ وکون اڳتي تائين ڪارائتو هجي.
جيتوڻيڪ هتي رڳو اهي چار قانون ناهن، انھن کان سواءِ بہ هتي اهو سڀ ڪجهہ لاڳو آهي جنھن جي مدد سان هِن ملڪ جي اڻ ڳڻ شاهي ۽ صنعتي رياستن ۽ ”برطانوي“ جاگيردارن جا معاملا هلايا پيا وڃن. انھن ۾ نج شخصي ۽ آئين ۽ تھذيب کان مٿانھان قانون بہ ملن ٿا، پر في الحال منھنجو هن ملڪ ۾ نافذ انھن اصل قانونن کي ڇيڙڻ جو ارادو ڪونھي.
منھنجو چيف ضياءُ مُردن سان ڳالھائڻ جو فن ڄاڻي ٿو. مون کي اهو ٻڌي خوشي ٿي تہ هن اسان جي هيرو سان رنگون جي قبر ۾ تفصيلي ڳالھہ ٻول ڪئي آهي جنھن 1857ع جي جنگ آزاديءَ جي اڳواڻيءَ کان انڪار ڪيو هو. اسان جي لاءِ اهو ڪيڏو نہ نيڪ شگون آهي! جنھن عظيم مغل وڏي قلعي جون ڪُنجيون پرمار ڪاهيندڙن جي حوالي ڪيون هيون، ان جو ڀوت اڄ هن وقت اسان جي ملڪ مٿان مڙهيل آهي، جڏهن تہ ڪجهہ ٻيا ماڻھو اسان جي طورخم وارين سرحدن تي ٺڪا ٺوڪي لائي بيٺا آهن.
عدالت جا صدر! اميد تہ توهان مون کي روزي جي سختيءَ باوجود سنجيدگيءَ سان ٻڌي رهيا آهيو. آءٌ سچ چئي رهيو آهيان تہ هن سڄي ملڪ ۾ ڪِني پاڻيءَ ۽ غلاظت جي نيڪاليءَ لاءِ ايتريون زمين- هيٺ ناليون ۽ گٽر ڪو نہ آهن جيتريون ان جي سيني ۾ ٽنبيل آءِ ايس آءِ، آءِ ايس آءِ بي، ايف آءِ يو، ايف آءِ سي، ايف آءِ اي، آءِ بي، سي آءِ اي(11 ) ۽ برساتي ڏيڏرن جيان پکڙيل ٻين ادارن وٽ اسان جي شھرين کي بنا ڪيس هلائڻ جي بند رکڻ لاءِ زمين-هيٺ ڪوٺڙيون (بھرا) آهن.
هڪ آمريڪي تاريخدان جرمنيءَ ۾ نازين جي اقتدار ۾ اچڻ کي هيئن بيان ڪري ٿو: ”گهٽيءَ ۽ گهاٽ جي غنڊن هڪ عظيم الشان آزاد ۽ جديد رياست جي سمورن وسيلن تي قبضو ڪري ورتو هو. دراصل ’گٽر‘ اقتدار ۾ آيو هو.“
عدالت جا صدر! اسين نہ تہ هڪ آزاد ملڪ آهيون ۽ نہ ئي هڪ عظيم الشان رياست، پر اسان پنھنجن عملن ۽ روايتن وسيلي پڪ ئي هن عظيم جديد رياست جي ”گٽر“ کي بہ گهڻو پوئتي ڇڏي آيا آهيون. توهان ڪھڙي بہ، معيار (ماپي) سان پرکيو، اسان جي سوڀ پڪ ئي ڪا ڪِريل سوڀ ڪانھي،
منھنجو خيال آهي تہ ”گٽر غنڊن“، رياست ۽ رياست جي اندر رياست بابت آءٌ گهڻو ڪجهہ چئي چڪو آهيان. بنا مقدمو هلائي قيد ۾ رکڻ جي ڳالھہ تہ بھرحال ان وقت تائين ختم نہ ٿي ٿي سگهي جيستائين انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل سوين ”لاپته“ قيدين مان آخري قيدي بہ آزاد نہ ٿو ڪيو وڃي. وقت گذرندو پيو وڃي. اسان کي اڳتي هلڻو پوندو.
مون تي ايندڙ ميار آهي تہ آءٌ کُلي عام اهو چوندو رهيو آهيان تہ ماڻھن جا حق پيرن هيٺيان لتاڙيا پيا وڃن.
***

_____________
1. ( ) کڏ مان مراد قبر ۽ جيل ۾ سمهڻ جو تختو ٻئي آهن.
2. ( ) حَسن، منھنجي گرفتاريءَ کان 25 ڏينھن پوءِ 27-جنوريءَ تي موڪلاڻي ڪئي. پنجن مھينن تائين جاچ ۽ پڇا هلندي، هڪ ميجر کان وٺي جنرل تائين، سڀ مون سان لاڳيتو ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا ته هُو بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهي، اڃا به اهو ته اسين ان جي پرگهور پيا لھون. جڏهن ته هڪ محافظ (چوڪيدار) سپاهيءَ روئيندي، مون کي 28-جنوريءَ تي ئي سندس مرڻي جي خبر ڏني هئي. پوءِ اهو سپاهي به گم ٿي ويو ۽ آءٌ پنج مھينا عجيب اذيت جي حالت ۾ رهيس. اهڙيءَ طرح ڪيپٽن سبطين جي ماءُ جي مرڻ جي خبر به سڄو سال لڪائي وئي.
3. ( )هِي نظم ڊاڪٽر محبتَ سنڌي رسم الخط ۾ لکيو آهي، جيڪو صحيح طرح پڙهڻ واسطي اردوءَ ۾ ڏجي ٿو. احمد فراز صاحب جو هيءُ طويل ، (وڌيڪ ايندڙ صفحي 100 تي) (صفحي 99 تان آندل) نظم سڄو ئي، ڪتاب ۾ شامل ڪيل ناهي. اهو يُوٽيوب تي، هيٺ ڏنل لنڪ تان، احمد فراز جي آواز ۾ ٻُڌي سگهجي ٿو. ان نظم جون آخري ٻه سٽون مون کي مختلف وڊيوئن ۾ چيل ملي نه سگهيون.https://www.youtube.com/watch?v=iln-729tUL0
- رياضت
4. ( ) هِي نظم ڊاڪٽر محبتَ سنڌي رسم الخط ۾ لکيو آهي، جيڪو صحيح طرح پڙهڻ واسطي اردوءَ ۾ ڏجي ٿو. - رياضت
5. ( ) اسلامي ريفرنڊم جا پنج سال وڌائڻ سان لڳ ڀڳ اهو ئي انگ بيھندو. اهو ريفرنڊم جنھن ۾ ضياءَ چيو: ”جيڪڏهن توهان اسلام چاهيو ٿا ته آءٌ جنرل ضياءَ الحق ايندڙ پنجن سالن لاءِ توهان جو حڪمران آهيان، ڇو ته آءٌ ته عين اسلام آهيان.“
6. ( ) چوڌري فضل الاهي.
7. ( ) قيد، بند، جيل خانو. - رياضت
8. ( ) رابعه ڀيڻ کان سواءِ طاهر جو ننڍو ڀاءُ عثمان، جيڪو بِي ڪام جو شاگرد هو، به اسان سان گڏ لڳ ڀڳ هڪ سال بنا ڪيس جي قيد رکيو ويو، ان کي به ساڳين حالتن ۾ ڇڏيو ويو.
9. ( ) ميان عباس جي گهر وارن جي چوڻ موجب جنرل چشتيءَ قرآن تي قسم کڻي سندس جان بخشڻ جو وعدو ڪيو هو تڏهن ئي وزيراعظم خلاف بيان ڏيڻ تي تيار ٿيو.
10. ( ) ڪي ڇهه مھينا پڇا هيٺ رکڻ کان پوءِ اکين تي پٽي ٻڌي هڪ ويراني ۾ ان ڌمڪي سان ڇڏيو ويو ته جيڪڏهن ان قصي جي ڳالهه ڪيائين، ته پوءِ وري کنيو ويندين. پوءِ اهو دلير ماڻهو صفائيءَ جي شاهد طور پيش ٿيو ۽ انهي ڏوهه ۾ نوڪريءَ کان ڪڍيو ويو.
11. ( ) آءِ ايس آءِ (انٽر سروسز انٽيليجنس، فوجن-اندر جاسوس کاتو)، ايس آءِ بي (اسپيشل انويسٽيگيشن برانچ، خصوصي جاچ-پڇا شاخ يا ادارو)، ايف آءِ سي (فيلڊ انٽراگيشن سينٽر، ميداني پڇا ڳاڇا مرڪز)، ايف آءِ يو (فيلڊ انٽيليجنس يونٽ، ميداني جاسوسي يونٽ)، آءِ بي (انٽيليجنس بيورو، جاسوسي ادارو ۽ سي آءِ اي (ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي، ڏوهن جي جاچ-پڇا ايجنٽ-گهر

ماڻھن جا حق لتاڙيا پيا وڃن

عدالت جا صدر! مون کي ان اعزاز تي سؤ ڀيرا وڌيڪ فخر آهي جيڪو هيءَ تھمت هڻي سرڪار مون کي بخشيو آهي. هِن ملڪ ۾ ستارہء جرئت کان نشانِ حيدر تائين همت ۽ بھادريءَ جو ڪو بہ اهڙو تمغو ناهي جيڪو ماڻڻ کان پوءِ مون کي ايڏي خوشي، سُڪون ۽ اطمينان ملي ها جيڏي هن تھمت لڳڻ کان پوءِ مون کي ملي آهي. جيتوڻيڪ اها ڌار ڳالھہ آهي تہ همت جا تمغا اسان وٽ رڳو شاهي ڏياٽن، خوشامدي کودڙن، وڏي-ٻوٿ وارن ۽ پروپيگنڊا بازن کي ملندا آهن.
فرياديءَ جي وڪيلن ۽ سرڪاري قاصدن هٿان تيار ڪيل منھنجو هيءُ ڏوھہ-چٺو انھن لکن سٺي ڪرت تي انعام لاءِ ساراهُن (Citions for Awards) کان وڌيڪ آهي جيڪي اڄ تائين اعلى فوجي ڪمانڊرن جنگ جي ميدان ۾ پنھنجن هيٺين آفيسرن ۽ جوانن لاءِ لکيون هونديون.
عزت وارا صدر! آءٌ تہ ڪڏهن اهو سوچي بہ نہ پئي سگهيس، اهو تہ منھنجي خواب خيال ۾ بہ ڪو نہ هو، تہ مقدر جو ديوتا ايڏو وڏو اعزاز کنيو حياتيءَ جي هن سھڻي موڙ تي منھنجو اوسيئڙو ڪندڙ هوندو.
جيتوڻيڪ هن ملڪ جي عوام کي بنا مقدمو هلائي قيد ۽ بند ۾ جڪڙي رکڻ واري ڳالھہ چوڻ کان پوءِ اهو چوڻ جي گنجائش ڪا نہ هئي تہ ”سندن حقن کي لتاڙيو پيو وڃي“، پر، بھرحال آءٌ مارشل لا هيڊقئارٽر اي جِي ليگل برانچ جي ساراھہ ڪرڻ کان سواءِ رهي نہ ٿو سگهان. اهي سچ پچ ڏاڍا همت وارا ماڻھو آهن ۽ حالتن تي سندن نظر ڏاڍي گهري آهي. اسين جنھن دور مان گذري رهيا آهيون، ان جون ڪڙايون سندن پھچ کان ٻاهر ناهن. آءٌ سندن ”سوچ جي سچائيءَ “ کي مڃان ٿو، جيتوڻيڪ اهي بندوق منھنجي ڪلھي تي رکي هلائي رهيا آهن. بھرحال، انھن ڪنھن بہ شڪ شبھي جي وٿي ڪا نہ ڇڏي آهي. مـون کي خوشي آهي تہ انھن هن دؤر جي تاريخ جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ باب تہ با مقصد نموني لکي ڇڏيو آهي، تہ عوام جي حقن کي لتاڙيو پيو وڃي.
اهو ڪڏهن مارشل لا حڪومتن جو دستور نہ رهيو آهي. اهو تہ انھن جو ڪڏهن بہ رواج نہ هو. انھن هن ملڪ ۾ ان قسم جي روايت اڳي تہ ڪڏهن بہ نہ وڌي هئي. گهوڙن جي ٻوٿن مان سچائيءَ جو اهو اظھار پڪ ئي بي مثال آهي.
عدالت جا صاحبو! شايد پاڪستان جي عوام مارشل لا زون ”اي“ ۾ ڪنھن کي جيتي ورتو آهي، جو اها صورتحال وجود ۾ آئي.
مون کي اميد ڪونھي تہ ڪو هٿياربند فوجن جي اعلى ڪمانڊر کي هن ڏوھہ-چٺي تي ٺپو هڻڻ کان اڳ گهري نظر مان نڪتل بنيادي انساني حقن تي آخري خطبہ حجتہ الوداع پڙهڻ جو اتفاق ٿيو هجي. ها مون کي اميد ضرور ٿي سگهي ٿي. هُو تازو تازو قبر مان ڪڍيل آئين جي بنيادي حقن بابت شق کان ڪجهہ نہ ڪجهہ سڃاڻپ ضرور رکندو هوندو. جيتوڻيڪ اڄڪلھہ فوجي پنڊت آئين جي آرٽيڪل نمبر-6 بابت تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ ۾ رڌل رهيا آهن پر بنيادي انساني حقن جو ٽنگيل نُڪتو ڪجهہ نہ ڪجهہ تہ نظرن مان ڪڍيو هوندائون.
اها ڌار ڳالھہ آهي تہ اڄ جڏهن آءٌ هن ملڪ جي آئين جو حوالو ڏئي رهيو آهيان، تڏهن مون کي بہ ڄاڻ ناهي، تہ هيءُ ڪھڙو آئين آهي! ڇا هِي پوسٽ مارٽم (مرڻ کان پوءِ چيرڦاڙ) جو شڪار 1973ع جي آئين جي ڳالھہ آهي، هڪ ٽنگيل ۽ نِستي آئين جو ذڪر آهي، هڪ رد ڪيل ۽ وڃايل آئيني دستاويز جو معاملو آهي، يا آئين 1985ع جو قصو آهي. منھنجي لاءِ اهو ڄاڻڻ ڏاڍو ضروري آهي تہ آءٌ ڪھڙي دستاويز جو حوالو ڏئي رهيو آهيان. هن ملڪ جي عدليه ۽ ان جا جج ضرورت ۽ ”نظريهء ضرورت“ مطابق پنھنجن قسم نامن کي تازو ڪندا رهيا آهن. فوجن معاملي ۾ ايئن ڪو نہ ٿيو آهي. مون کي ياد ڪونھي، تہ 5-جولاءِ 1977ع کان پوءِ يا وري ”عبوري آئيني حڪم“ هيٺ ڪو قسم کنيو هجي.(1 )
اڄوڪي پاڪستان ۾ ڪنھن شيءِ بابت يقين سان ڪجهہ چئي نہ ٿو سگهجي. اسان جو آئين ۽ ان جون شقون هِن ملڪ جي موسمن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزيءَ سان بدلجي رهيون آهن. آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ منھنجن بنيادي حقن جي ٽنگيل شق ڪھڙين ”نسلي تبديلين“ مان گذري رهي آهي. ڪير چئي سگهي ٿو تہ سڀاڻي صبح جو ان جي ڪھڙي شڪل هوندي!
عدالت جا صدر! جڏهن مون کي پنھنجن انساني حقن جي ڪا خبر ئي ڪانھي، تہ آءٌ انھن جي لتاڙ جي ڳالھہ ڪيئن ڪري سگهندس؟ منھنجي هر پاسي جهالت ۽ ”بي يقينيءَ“ جو پاٽ انڌيرو ڇانيل آهي. خدا جو سُنھن، آءٌ تہ اهو بہ ڪو نہ ٿو ڄاڻان، تہ هماليہ کان آيل ان سنياسي ساڌوءَ( 2) جي هن ڊگهي ڄمار جو ڪھڙو راز آهي.
ان کان اڳ جو آءٌ هِن ملڪ جي عوام جي لتاڙيل حقن جي ڳالھہ ڪريان، مون کي موڪل ڏيو تہ آءٌ انساني حقن جي ڪجهہ انھن چارٽرن (سنَدن، مشورن) جو حوالو ڏئي سگهان جيڪي مڃيل ۽ چڱا ڄاتل سڃاتل آهن. حقن جي ڳالھہ کان اڳ (اڻڄاڻائيءَ جي شڪار هِن ملڪ ۾) اسان کي سڌ تہ هئڻ گهرجي، تہ نيٺ اهي حق ڇا آهن؟ ان سلسلي ۾ آءٌ اوهان جو ڌيان اقوام متحده جي انساني حقن واري چارٽر ڏانھن ڇڪائڻ گهرندس. (اقوام متحده جي) جنرل اسيمبليءَ جي ”تشدد ۽ غير انساني رويي“ خلاف ڪنويشن جي نمبر هڪ کان ٽيويھين شقن تائين جو اڀياس بہ ان معاملي ۾ مفيد ثابت ٿيندو. اهي شقون جنرل اسيمبلي جي تشدد ۽ ٻين سمورين ڏاڍائيءَ وارين ۽ ذلت ڀريل سزائن خلاف اعلان جو حصو آهن. اهو عام اعلان آهي جيڪو نوَن سالن جي ڇنڊڇاڻ، اڀياس ۽ جاچ کان پوءِ تازو ئي 4-فيبروري 1985ع تي منظور ڪيو ويو. اهو رياستي ظلم ۽ تشدد خلاف انتھائي تازو ۽ ڏاڍو ڳُوڙهو دستاويز آهي. (توهان جي اطلاع لاء آءٌ اهي سمورا دستاويز پنھنجي بيان سان گڏ ڳنڍي رهيو آهيان.)
انھن دستاويزن سان گڏ هڪ اهڙو بہ آهي جنھن جو ذڪر هتي غير واسطيدار نہ ٿيندو. عوامي جمھوريه افغانستان ان دستاويز تي تصديق جي مھر هڻڻ واري پھرين رياست هئي، جڏهن تہ منھنجي ملڪ پاڪستان جو نالو اڃا تائين انھن ملڪ جي وچور ۾ شامل نہ ٿي سگهيو آهي جيڪي ان کي قبول ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪري چڪا آهن.
بھرحال، منھنجي لاءِ اها ڳالھہ ڪا ڳجارت ڪانھي ۽ نہ ئي عجب جو ڪارڻ آهي. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ ان جي منظوري اڃا واشنگٽن کان ڪا نہ پھتي آهي. عالمي انسان حقن جي علمبردار گڏيل آمريڪي رياستن جو نالو بہ اڃا تائين انساني قدرن ۽ تحفظ جي ان املھہ دستاويز تي ڪو نہ لڳو آهي.
عوامي انقلابي جمھوري افغانستان جي ان باوقار ۽ همت ڀرئي قدم تي آءٌ ان کي سلام ڪريان ٿو ۽ اڄ هتي، هن فوجي عدالت آڏو ڪالعدم اسلامي جمھوري پاڪستان جي شھريءَ جي حيثيت ۾ انھن کي ۽ سندن عوامي انقلاب کي مڃان ٿو.
مون کي پڪ آهي تہ جڏهن ڊيورنڊ لائين (پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ وڌل انگريزن جي سرحدي ليڪ) جي ٻنھي پاسي وسندڙ ماڻھو هڪٻئي کي مڃي وٺندا، تہ پوءِ نہ جينيوا ٺاھہ پنج، ڇھہ يا اَٺ جي ۽ نہ ئي اسان کي مغربي سرحدن تي ڪنھن پھريدار بيھارڻ جي گهرج پوندي.
عدالت جا صدر! معاف ڪجو، هن ڀيري آءٌ مشرقي پاڪستاني، پاڪستان جي مشھور اڳوڻي جنگباز ڊپلوميٽ جي مملڪت ۾ داخل ٿي ويو آهيان. اهو سورمو جنھن ڪنھن جي چوڻ مطابق، ”مقصد جي اختلاف جي بنياد تي غاصب يحى خانَ جنتا کان تہ استيعفا ڏئي ڇڏي هئي پر اڄڪلھہ انھيءَ نظام جي ڀوتن جو ٽيليران ٿيو بيٺو آهي.( 3)
مون کان هر هر اجائي مداخلت ٿي پئي وڃي، پر اها رڳو ان ڪري آهي جو توهان ”اجائي مداخلت“ ڪرڻ وارن کي ٻڌڻ جي وڏي همت رکو ٿا. اڳين ڏينھن ئي توهان پنھنجي آڏو ”شھادت گاھہ“ (شاهدن جي ڪٽھڙي) ۾ حاضر هڪ پڪي زانيءَ، شرابيءَ ۽ چادر ۽ چوديواريءَ جي ڦوروءَ جِي اسان جي خلاف سرڪار پاران اهم ترين شاهدي وٺي رهيا هيئو.( 4) آءٌ بہ اجائي مداخلت ڪرڻ جو عادي آهيان پر ان فرق سان، تہ آءٌ اهو ڪُوئو آهيان جنھن ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ گهنڊڻي ٻڌڻ جي نيت ڪئي هئي. اجائي مداخلت ڪرڻ مون لاءِ ضروري آهي، ڇو تہ آءٌ تہ گهنڊ وڄائڻ گهران ٿو.
انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جي انھيءَ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جيان، جنھن جو ذڪر آءٌ اجهو ڪري رهيو هوس، آءٌ بہ نشي ۾ آهيان، پر شرابُ جنھن جي نشي ۾ آءٌ مخمور آهيان، منھنجو پنھنجو ئي رت آهي. آءٌ ڄاڻان ٿو، پنھنجي ملڪ لاءِ پنھنجي رت سان ڏيئا ٻارڻ کان سواءِ ڪجهہ بہ نہ ٿو ڪري سگهان، جيتوڻيڪ منھنجيءَ دل ۽ روح جون گهرايون خوابن ۽ اميدن سان ڏٽيل آهن ۽ آءٌ ڃاڻان ٿو، تہ جيڪڏهن اسان منجهان ڪجهہ ئي انھن ڏيئن جي لاٽ ٻاري رکندا تہ هڪ ڏينھن (ٻار) ضرور گهر موٽي ايندا.
پنھنجي آخري بيان جي هِن هنڌ آءٌ لينا گلبرٽ فورڊ (Lena Guilbert Ford) جي ان موچاري گيت جو ذڪر ڪئي بنا رهي نہ ٿو سگهان، جيڪو هُن گهرن ۾ اوسيئڙو ڪندڙ وينجهارن ۽ محاذ تي وڙهندڙ ڇوڪرن بابت لکيو هو:
Keep the Home Fires Burning,
While your hearts are yearning.
Though your lads are far away
They dream of home.
There's a silver lining
Through the dark clouds shining,
Turn the dark cloud inside out
Till the boys come home.
(اوسيئڙي جي ڏيئڙن جي وَٽِ اُوچي رکج،
جو دلين جي ديولن ۾ آسن جا ديرا آهن،
سپاهي پري سھي پر گهر جي خوابن ۾ گم،
ڪارن ڪڪرن ۾ چانديءَ وراڪن چمڪو آهي،
ٽوڙي ڇڏ اهو ڪارو ڪارونڀار، ٽوڙي ڇڏ،
تان جو ڇوڪر گهر موٽي اچن.)
آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اسان جا ”ڇوڪرا“ اسان جا سپاهي بہ اڄڪلھہ ٻاهر آهن (اٺن سالن کان هلندڙ) پڪنڪ تي، بيشڪ اهي هِن وقت هڪ ظالمانہ لاتعلقيءَ جي حالت ۾ آهن، پر مون کي پڪ آهي تہ شام، جڏهن ساڙيندڙ سج لڙي چڪو هوندو ۽ ”پاڇا“ ڊگها ٿي هلڪا ۽ پيلا پئجي چڪا هوندا، اهي گهر موٽي ايندا.
مسٽر پريزيڊنٽ! آءٌ چيڀاٽيل ماڻھن جي لتاڙيل حقن جي ڳالھہ ڪندي ڪندي پڪنڪ تي ويل ”ڇوڪرن“ ڏانھن هليو ويس. پڪ رکو تہ قومي گهوٽالي جِي هِن بدترين موسم ۾ انھن جو پڪنڪ تي وڃڻ ڪنھن ”سازش جي ڪيس“ جي ڏاڍي اهم ڪڙي آهي. ان جو نوٽس اوهان کي هر حالت ۾ وٺڻو پوندو. جڏهن توهان هڪ قوم کي سوچڻ سمجهڻ جي ڏيِا کان وانجهو ڪري بي حس ڪري ڇڏيندؤ، تہ توهان پڪ ئي ان کي سڄي ورثي کان وانجهو ڪري رکو ٿا.
بھرحال، اسين حقن ۽ انھن جي لتاڙ جي ڳالھہ ڪري رهيا هئاسون. ان نُڪتي تي آءٌ وڏي واڪ چوان ٿو تہ جيڪڏهن اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽرَ اهو ثابت ڪن تہ منھنجي ڄاڻايل انساني حقن جي چئن چارٽرن مان ڪو هڪ بہ هن وقت منھنجي ملڪ ۾ لاڳو آهي، تہ آءٌ ٿڏي تي ئي هن لعنتي نظام آڏو هٿيار ڦٽا ڪندس جيڪو اسان مٿان مڙهيو ويو آهي.
1. حجتہ الوداع وارو خطبو، خدا جي بزرگ ترين عالم جي آخري رسول جو انساني دنيا لاءِ آخري نياپو .
2. 1973ع جي آئين جي بنيادي انساني حقن بابت شق يا گهٽ ۾ گهٽ قراردادِ مقاصد، جيڪا هن وقت بہ ٽنگيل ناهي.
3. گڏيل قومن جو انساني حقن بابت بين الاقوامي اعلان.
4. جنرل اسيمبليءَ جو تشدد وغيرہ خلاف ڪنوينشن - 1985ع
عين ممڪن آهي تہ انساني حقن جا اهي قانوني-سرشتا خصوصي فاضل وڪيل جي نظرن ۾ ”ٺھڪي“ نہ رهيا هجن، ڇو تہ هِي صاحب انھن ماڻھن جي هڪ ڳنڍ ٿي چڪو آهي جيڪي پنھنجي ذاتي سڌن کي قانون جو روپ ڏيندا رهندا آهن، پنھنجيءَ منشا ۽ رضا مطابق انھن جي تشريح ڪرڻ جا عادي آهن، ۽ پنھنجي پنڪيءَ ۾ جڏهن گُهرن تڏهن انھن کي ٽوڙي ڦاڙي ڇڏيندا آهن. هونئن جيڪڏهن فريادي ڌر جو وڪيل خواهش ظاهر ڪري تہ هيءُ منَ موجي (فوجي) تنھن کي انساني حقن جي تحفظ لاءِ پنجون ڪوڊ (قانوني ڇڳو، يا نظام) بہ ٺاهي ڏئي سگهي ٿو جيڪو عملي طرح مون تي ۽ منھنجن ٻين تھمت-لڳل ساٿين تي مڙهيل رهيو آهي.
تاريخ جي ريڪارڊ لاءِ، عزت واري ڪورٽ، سرڪاري وڪيلن کي حڪم ڏيو تہ اهي منھنجي سوال جو جواب ڏين. آءٌ انھن کي چئلينج (مقابلي لاءِ للڪار) ڪري ڪو نہ رهيو آهيان. هيءَ ٻولي ۽ تکو لھجو تہ مون ڏاڍ ۽ تشدد تي ٻڌل هن ظالم نظام لاءِ مخصوص ڪري رکيو آهي، جو اڄ 25-مئي تي بہ هن قوم مٿان مڙهيل آهي، جڏهن تہ چون ٿا تہ اسلام آباد ۾ هڪ پارليامينٽ گڏجاڻي ڪري رهي آهي.
عدالت جا صدر! گذريل اٺن ورهين ۾ اسان پاڇولن تي ڀاڙڻ سکيو آهي. اڄ اسان ادارن ۽ تنظيمن بدران ”پاڇا“ پالي رکيا آهن. اسان جي ”پياري“ وزيراعظم (محمد خان جوڻيجو) نااميدن جي اميد، پارليامينٽ، ۾ پنھنجي پھرين تقرير ڏاڍي ”اڻڄاڻائيءَ“ ۾ اهو اعلان ڪيو هو تہ هڪ سوِلين (غير فوجي، شھري) يعني هڪ مھذب حڪومت ۽ مارشل لا يعني فوجي تاناساهي گڏجي هلي نہ ٿا سگهن.
آءٌ لاهور ۽ بالاحصار جي قلعن ۽ هري پور، ميانوالي ۽ خيرپور جي جيلن جي ڪھڙي ڳالھہ ڪيان! هتي هن قلعي اٽڪ ۾، اسين اڄ بہ اسلام آباد جي پارليامينٽ جي پور وڇوٽيءَ ۾ هڪ سيشن (فوجي ڪورٽ جي گڏجاڻي) ڪيون ويٺا آهيون. ڇا اها مارشل لا ۽ سول حڪومت گڏجي هلي نہ ٿا سگهن واري نعري کي کلي عام ڪوڙو ثابت نہ ٿي ڪري؟
جيتوڻيڪ اسين سڀ ڄاڻون ٿا تہ وزيراعظم جو مٿي ذڪر ڪيل اعلان ڪجهہ گهڙيون پوءِ ئي هڪ نسبتاً وڌيڪ زوراور اطلاعات ۽ نشريات جي سيڪريٽري، هڪ ليفٽننٽ جنرل(5 ) قومي آثارن، مان مٽائڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا پر، بھرحال، اهو ذائقي جي تبديليءَ جي ڳولا ۾ ڦرندڙ هڪ ”کودڙي پريس“ وسيلي اسان تائين وري بہ پھچي ٿي ويو.
قومي پريس بابت اها ”غير پارلياماني“ (اڻ سڌريل) ٻولي ڪتب آڻڻ تي مون کي معاف ڪجو. ذاتي طرح مون کي بہ ڪجهہ سٺي نہ ٿي لڳي، پر پڪ رکو تہ مون وٽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو سٺو لفظ ڪونھي.
اها حقيقت آهي هن سينسرشپ (ضابطي موجب ڪٽڻ) جي نشئي ملڪ ۾ عملي طرح ٽن قسمن جي پريس آهي. آءٌ پِيلِي صحافت،( 6 ) ان جي ”پڦاٽن“ جو ذڪر نہ ڪندس. مون کي تہ پنھنجيءَ سوچ، پنھنجي دَور جي ڳالھہ ڪرڻي آهي. مون لاءِ هيءَ يا تہ پيدائشي ”کدڙي“ پريس آهي يا ورِي ”خصِي صحافت“ يا وري چوٿون ٿنبو (ٺُلھہ) رنگ جنس مٽائيندڙ سانڊي جو.
”نسلِي کدڙا“ سينسر شپ جا عادتي اهي صحافي آهن جن جون ڪجهہ سَڌون ۽ ڪجهہ سوچون تہ هونديون آهن پر کين خبر نہ هوندي آهي تہ ڪاڏي وڃن ۽ ڇا ڪن. خصي اهي، جن کان سندن احساس بہ ڇني ورتا ويندا آهن ۽ ”جنسي تبديلي جا سانڊا“، اهي لانگ پلي (ڊگهو مدو هلندڙ) ريڪارڊ جن کي ٻڌڻ کان پوءِ توهان انھن کي اونڌو ڪري سگهو ٿا ۽ وري اونڌو ڪري سگهو ٿا.
۽ مسٽر پريزيڊنٽ! اوهان ڄاڻو ٿا تہ ريڪارڊن سان کيڏڻ ڪيڏي نہ دلچسپ وندر هوندي آهي! ريڪارڊ چاڙهڻ ۽ انھن سان کيڏڻ، پوءِ ڇو نہ اهي قومي آثارن جا ريڪارڊ هجن، ڊسڪو لانگ-پلي هجن يا لنڊن ۾ انڊيا آفيس جا ريڪارڊ، اها ڏاڍي ڊگهي ذهني عياشي هوندي آهي، اها گهڻن کي ئي سندن پنھنجي ضمير کي ئي ٿپڪيون ڏئي سمھارڻ جو وجهہ مھيا ڪندي آهي.
مون کي انھيءَ ساھہ ۾ ريڪارڊ چاڙهڻ ۽ ان سان کيڏڻ جي لاڳاپيل معاملن بابت ڪجهہ واسطيدار لفظ بہ چوڻ ڏيو (جيتوڻيڪ توهان ڌيان ڏيندَو تہ ايڏو اڻ لاڳاپيل بہ نہ لڳندا. ريڪارڊن سان کيڏندڙ سڀئي ماڻھو ڪجهہ ان قسم جا هونداآهن).
هِي ”ويسٽ لئنڊ فائر سرمن“ (Wasteland - fire serman) ۾ ٽِي ايس ايليٽ جي سھڻي سوچ (جو جھڙوڪر اَڍَنگو ترجمو) آهي.
When lovely woman stoops to folly and
Paces about her room again, alone,
She smoothers her hair with automatic hand
And puts a record on the gramophone.
(هڪ پياري گُجر ”چُڪ“ کان واندِي ٿي، پنھنجي ننڍ-ڪمري ۾ اڪيلي سر ٽلندي ڏڪندڙ هٿن سان ٽڙيل وار سڌا ڪندي، فوني تي ريڪارڊ چاڙهي پئي!)
اڄ جڏهن هِن بند عدالتي ڪمري ۾ موجود ”تيل کان خالي“ سمورا شيخ ۽ ڪجهہ بي زمين چوڌرين کان سواءِ باقي سمورن ماڻھن کي روزو آهي، منھنجي سرڪش زبان مان هڪ پياري (پر هاڻي لُچي لفنگي) گجر جي بدچاليءَ جو ذڪر ”ڀڙڪاءَ“ کان گهٽ ناهي. هِن، بدنامه زمانہ قلعي جي فضائن ۽ ڪوٽن جي اوسي پاسي اڳ ئي سازش ۽ افسانن جو گهيرو آهي. اڃا بہ ٻِي سازش ڳاٽي ۾ پوڻ جو خطرو نہ هجي ها تہ آءٌ انھن ”کوجي“ شيخن مان شيخ احمد وحيد اختر ۽ چوڌرين ۾ زميندار اعتزاز احسن(7 ) جو نالو ضرور وٺان ها.
پر آءٌ ايئن نہ چوندس. مون کي وري پيدا ٿيل ڪجهہ مسلمانن کان ڀؤ ٿي رهيو آهي، جڏهن تہ اهو ڄاڻان ٿو تہ رمضان-آرڊينس جو احترام رڳو برانچ (ننڍڙين) لائينن جي کٽارا بس مسافر نون-مسلمانن لاءِ گهڙيو ويو آهي.
منھنجو خيال آهي تہ آءٌ عوامي حقن جي کسجڻ ۽ لتاڙ بابت لوٿر جي گيتن ۽ گجرن جو ذڪر گهڻو ڪري چڪو آهيان.
اهو ذڪر ڪندي آءٌ ذرو بہ نہ هٻڪيو آهيان، تہ هِن بند ڪمري ۽ قلعي جي اوسي پاسي نئين اسلام جي حڪمراني آهي، رڳو ان ڪري جو خدا اڄڪلھہ پوريءَ طرح منھنجو واهرو آهي.
عزت واري ڪورٽ! خدا نہ تہ توهان جي ڌڙي ۾ آهي ۽ نہ ئي سرڪاري وڪيلن جي ڌر ۾، پر هُو مون سان گڏ ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ بند هوندو آهي. هِن هال ۾ تہ هڪ اهڙي تاناشاهي حاڪم جي حاڪميت آهي جيڪو اوهان سڀني جي چوڻ موجب سمورن افساني ۽ خدائي قانونن کان مٿاهون آهي.
سائين منھنجا ! توهان جي ڳوٺائي درشن سنگهہ آواره ان صورتحال جي ترجماني هيئن ڪئي آهي:
تي مُلاني سوٽا ڦڙيا اي
رب اپڻي پگ بچاوڻ لَئي
”ايٿي چڪيان“ وچ آ وڙيا اي(8 )
(آواز جي ڏِنگين وارا لفظ منھنجي ڪيل ڦيرڦار آهن، جن جي لاءِ سردار جِي کان معافي گهران ٿو، پر جيڪڏهن سردار جي کان منھنجي ان معذرت ۾ توهان کي ڪنھن ”پرڏيھي“ طاقت سان، جتي هن 1947ع کان پوءِ پناھہ ورتي، ڳٺ جوڙ جِي بوءِ ايندي هجي، تہ آءٌ هاڻي ئي اها ڳالھہ بند ڪيان.)
سائين منھنجا! آءٌ ماڻھن جي حقن جي لتاڙ جي ڳالھہ ڪري رهيو هوس، تہ وچ ۾ خدائي قانونن جي بي عزتيءَ جو مسئلو اچي ويو. توهان ڄاڻو ٿا تہ جڏهن خدائي قانون کي بہ نظر انداز ڪيو وڃي، تہ باقي رڳو ذلت ۽ غلاميءَ جا ڪِريل قانون ئي رهجي وڃن ٿا.
هيءَ ويجهڙ جي ئي ڳالھہ آهي تہ هڪ محترمہ خاتون بيگم تنوير مسعود ميارِي نمبر-17 جي صفائيءَ واري شاهد طور اوهان آڏو پيش ٿي هئي. توهان کي ياد هوندو تہ سندس شاهدي شروع ٿيڻ کان اڳ مون خصوصي سرڪاري وڪيل کان ان بابت ڪھڙي وضاحت گُهري هئي. مون ان کان پڇيو هو تہ ڇا محترمہ جي شاهدي هڪ سڄي ماڻھوءَ جي هوندي يا اڌ جي؟ شيخ صاحب کي اڃا بہ منھنجي سوال جو جواب ڏيڻو آهي. آءٌ انتظار ڪري رهيو آهيان ۽ منھنجو خيال آهي تہ اوسيئڙي جي حالت ۾ ئي رهندس. خدا ڪري تہ هو هڪ ڏينھن پاڻ هلي اچي ۽ مون کي ٻڌائي سگهي تہ ان معاملي ۾ منھنجا خدشا بي بنياد هئا ۽ اهو تہ اسان جي ملڪ جون عورتون ۽ مرد هڪ جهڙن ئي حقن جا مالڪ آهن.
آءٌ اوهان جو وقت ان عيسائي جوڙي جي ڏاکڙي جو ذڪر ڪري ضايع نہ ڪندس جنھن کي هڪ ”اسلامي شرعي عدالت“ قيد ۽ ڦٽڪن جي سزا ٻڌائي آهي. ان عورت کي ڪراچيءَ ۾ کُلي عام ڦٽڪا هڻڻ جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
اها ڪراچي جنھن کي اسان هن ئي دَور ۾ بھاري ڪراچيءَ، پٺاڻ ڪراچيءَ، پنجابي ۽ سنڌي ڪراچيءَ ۽ شيعو ۽ سُني ڪراچيءَ ۾ ورهائي رکيو آهي. هڪ ورهاست 1947ع ٿي هئي، اها ورهاست هِندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ٿي هئي. گذريل اٺن سالن ۾ اسان فيصلو ڪيو تہ اسين ورهاست مٿان ورهاست ۽ اڃا وڌيڪ ورهاست ڪري، هن سڄي ملڪ کي ڪارنر پلاٽن ۽ نفرت جي ٻيٽن ۾ ورهائي ڦٽو ڪيون.
ان اڀي ۽ ويڪري چيرڦاڙ ورهاست جِي موجوديءَ ۾ آءٌ ڪھڙن انساني حقن جي ڳالھہ ڪري سگهان ٿو.
آءٌ نواب پور جي مشھور ڏاکڙي جو ذڪر نہ ڪندس جنھن ۾ عورتن جون لِيڙون ڦاڙي کين اگهاڙو ڪيو ويو، سندن لڄ لٽي وئي ۽ پوءِ کين پنھنجن ئي اگهاڙن ڀائرن سان ڳوٺ جي گهٽيءَ ۾ بئنڊ باجي سان گڏ پريڊ ڪرڻ تي لاچار ڪيو ويو. گذريل هڪ سال کان ان مقدمي جو فيصلو (خليفتہ المسلمين) اسان جي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي ميز تي منظوريءَ لاءِ پيو آهي...... [هتي بيان جا ڪجهہ صفحا گم آهن.] ...... ڌاڙن جا واقعا ٿيا جڏهن تہ هن اسلامي ڏهاڪي ۾ اٺھتر هزار اهڙيون وارداتون ٿيون. تاناشاهي دَور ۾ رسه گيري جا سٺ هزار ڪيس داخل ٿيا جڏهن تہ ايڏي ئي مدت ۾ گذريل دَور ۾ ان جي ٽئين حصي جيتريون وارداتون بہ نہ ٿيون هيون.
چوپائي مال جي چوري ڪا معمولي ڳالھہ ناهي. هڪ هاري جڏهن هڪ مينھن وڃائي ٿو تہ سندس اڌ ڪائنات ختم ٿي وڃي ٿي.
هڪ ٻار جو اغوا پڪ ئي هڪ ڳئونءَ جي چوريءَ کان وڏي صدمي ۽ نقصان جو ڪارڻ ٿيندو آهي. هن جو نيلي دور ۾ ان بدترين ڏوھہ ۾ سؤ في سيڪڙو واڌ ٿي. 1974ع ۾ اهڙا 45 واقعا ٿيا، جڏهن تہ رڳو 1983ع ۾ 107 ٻار اغوا ٿيا. تازو ئي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي خواهشن جي احترام ۾ ست لک رپيا ڀُنگ ڏئي هڪ ابھم ٻار کي آزاد ڪرايو ويو آهي. نيٺ ڪيترا ٻار ۽ سندن وڏا ايڏا ڀاڳ ڀريا ٿي سگهن ٿا، ڪيترن ڏانھن جنرل جي سخي نظر ايئن پئجي سگهي ٿي ۽ ڪيترن لاءِ هُو ذاتي طرح مداخلت ڪندو؟
اڃا، تازو ئي هڪ ڏينھن هتي شاهدن جي ڪٽھڙي ۾ هڪ ميجر( 9) توهان کي پنھنجي ڏک ڀري ڪھاڻي ٻڌائي رهيو هو، تہ هن کي ڪيئن انٽيليجنس مافيا اغوا ڪيو ۽ قيد ۾ بند ڪرڻ کان پوءِ پاڻ ئي فوج مان ڀاڄوڪڙ سڏيو. ان معاملي ۾ مروج قانون جون ٽڳڙيون جيئن اڏايون ويون آهن اها ڪا راز جي ڳالھہ ناهي رهي. خصوصي فاضل وڪيل هن کان پڇيو هو تہ ڇا هُن ان زيادتيءَ خلاف ڪٿي ڪا رپورٽ داخل ڪرائي؟ آءٌ سمجهان ٿو تہ اهو سوال ڪري هن سان ڏاڍو ظالمانہ سلوڪ ڪيو ويو. هن ملڪ ۾ (خاص طرح هن تاناشاهي دَور ۾) ڪھڙو پوليس انسپيڪٽر هڪ ”خدائي گُڻن“ جي دعويدار ليفٽيننٽ خلاف اغوا جو ڪيس لکڻ جي همت ڪري سگهي ٿو.(10 )
جڏهن اوهين سول عدالتن جي آزادي کسي چڪا هجو، جڏهن هڪ بندوقچي ميجر جي ”عدالت“ ۽ ”حڪم“ پاڪستان جي سڀ کان وڏي عدالت (سپريم ڪورٽ) جي چيف جسٽس جي ”عدالت“ ۽ ”حڪم“ کان مٿاهين ۽ اوچي هجي، جڏهن عدليا جي ججن کي پنھنجي قول ۽ وچن کان (جمعو جمعو اٺن ڏينھن ۾) منحرف ٿي وڃڻ تي مجبور ڪيو ويندو هجي ۽ گُهٽيا درجي جا بي مغز نوڪر ججن کي پنھنجي دفتر ۾ گهرائي حاضري ڏيڻ جا قانوني چٺا (سمن) موڪليندا هجن، تہ مون جھڙو هڪ عام شھري هن ملٽري پوليس رياست ۾ ڪھڙن شھري حقن جو دعويدار ٿي سگهي ٿو.
چارجنگ ڪريسيءَ عوام جي حقن جي لتاڙ جي ڳالھہ ڪئي آهي. مسٽر پريزيڊنٽ ! هتي حقن جو سوال ئي ڪيئن پيدا ٿي پيو! هي سوال تہ ان وقت اٿندو جڏهن پھريائين عوام کي ڪجهہ حق ڏيڻ جو اعلان نہ ڪيو وڃي.
منھنجي ڏوھہ-چٺي ۾ ايندڙ تھمت جو ذڪر هيئن اچي ٿو...

***

_____________

1. فوج ۾ خاص طرح، اعلى عملدار عام طرح ۽ اصولن هر سرڪاري نوڪري ڪندڙ کي آئين سان وفاداريءَ جو قسم کڻڻو پوندو آهي. - سنڌيڪار
2. جنرل محمد ضياءُ الحق آف جالنڌر
3. ليفٽيننٽ جنرل صاحبزاده يعقوب خان، فوجي حڪومت جو پرڏيھي وزير
[جيڪو اڄڪلهه جمھوري حڪومت ۽ ليکڪ جي پسنديده پارٽيءَ جو پڻ پرڏيھي وزير آهي. - سنڌيڪار]
4. هن کي نشي ۾ ڪنھن عورت جي لڄ لٽڻ جي ڪوشش سبب ميجر جي حيثيت ۾ آرميءَ مان ڪڍيو ويو هو ۽ پوءِ ساڳئي عھدي تي جنرل غلام جيلانيءَ آءِ ايس آءِ ۾ ايڊجسٽ ڪري ورتو. نيٺ ڇو نه ٿئي ها، اهو ”ٻارهن پٿر“ آفيسر جنرل جيلانيءَ جي ”دلال“ برگيڊيئر عبدالقيوم آف ايبٽ آباد جو ويجهو مائٽ هو.
5. ليفٽيننٽ جنرل مجيب الرحمان، فيصل آباد ۾ 24-ڪروڙن جي سرڪاري ٻنيءَ جو دلال.
6. عام معنائن ۾ ڪوڙي ۽ بلئڪ ميل سانڊي جو. - سنڌيڪار
7. ڪجهه ”ابھم بدڪن“ جا رکوالو، صفائيءَ جا وڪيل.
8. پر وڌيڪ سٺو ته هيئن ٿئي ها:
اندر پريزيڊنٽ ني ڊانگ الاري اي
تي بديع الزمان ني ُسوٽا ڦڙيا اي
رب اپڻي پگ بچاوڻ لئي
اپڻي چڪيان وچ آ وڙيا اي.

9. ميجر اشفاق حسين بخاري، جنھن جو ذڪر آءٌ اڳ ڪري چڪو آهيان.
10. جنرل پڇا هلندي مون کي هنن لفظن ۾ مخاطب ڪيو هو. آءٌ هن ملڪ جي انٽيلِيجنس جو فولادي ماڻهو آهيان. تون ايئن سمجهه ته ختم ٿي چڪو آهين. جنرل ته رهيو هڪ پاسي، منھنجي اهو چوڻ تي ته حياتي ۽ موت جا فيصلا ايس آءِ بي ۾ نه، پر ڪٿي ٻئي هنڌ ٿيندا آهن. هڪ ساڍن چئن فوٽن جي ڪرنل مون کي گاريون ڏيندي هام هڻندي چيو، ”اها پراڻي ۽ ردي ڳالهه آهي، اهي فيصلا اسان ڪنداسيون“.

هٿياربند فوجي، (قومي) مٽاسٽا ناڻو بي رحميءَ سان ذيان ڪري رهيا آهن

سائين منھنجا! فوجي ماڻھو (ميمبر يا پرسنل/Personal) اصطلاح ڏاڍو وسيع آهي. اِن ۾ پاڪ آرميءَ جو ٽام، ڊِڪ ۽ هيرِي ۽ سپاهي پاٽي خان، سپاهي غنچہ گل ۽ سپاهي الھہ بچايو سڀ ئي ڳڻيا ويندا آهن.
اهو سمجهڻ ڪو ڏکيو ڪونھي، تہ مارشل لا هيڊقئارٽر زون ”اي“ جي قانوندانن ”آقائن“ ۽ ”غلامن“ کي گڏيل نموني هِن اسيڪنڊل (شرمناڪ واقعي) ۾ ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڇو ڪئي آهي. ان ڪري، جو انھن سڀني کي هڪ گڏيل دشمن يعني سازشين جي هن ٽولي خلاف شيھو وڌل ڀت جيان بيھاري سگهجي. هيءَ انھي قسم جي ”پيشہ ور قدر“ جو حصو بہ آهي، جن جو ذڪر جناح صاحب گانڌيءَ جي پاسي مان هڪ نانگ جي بنا ڏنگي نڪري وڃڻ واري ”معجزي“ جي ڳالھہ ٻڌي ڪيو هو.
جيتوڻيڪ مون کي ”ڀاڙيتو سپاهيءَ (فوجيءَ) يا ”پوليس مئن“ جي ڪردار کان دلي نفرت آهي، پر تازو ئي جڏهن نار جي پيٽرو ڊالر جا دروازا آفيسرن سان گڏ سپاهين (۽ ننڍن عھديدارن) لاءِ بہ کوليا ويا آهن، تہ نہ چاهيندي بہ مون کي ڄڻڪ اطمينان مليو هو. رڳو ان ڪري، جو اهو در کلڻ سبب مون کي ”جوان“ (فوجي-سپاهي) ۽ ان جي ايندڙ نسلن جي ڪجهہ ڀلائي نظر آئي. جيتوڻيڪ مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي تہ ڪجهہ سال اڳ مون هڪ واسطيدار ميجر جنرل سان نار جي ڪنارن کان پنھنجي سرحدن ۾ داخل ٿيندڙ ان ”معاشي ديوَ“ جو ذڪر ڏاڍي ڳڻتيءَ واري نموني ڪيو هو. ان ڏينھن مون جنرل کي چيو هو تہ پيٽرو-ڊالر اسان سپاهين جي ڪردار کي خراب ڪري ڇڏيندو. اهو انھن (سپاهين) جي سادہ دلي، خلوص ۽ باھہ اوڳاڇيندڙ مورچن تي ڪاھہ لاءِ ”گهٽ ۾ گهٽ ضروري“ ۽ روايتي ”بي مغزي“ سڀ ڪجهہ وَهائي کڻي ويندو.
بھرحال، هاڻي آءٌ سمجهان ٿو تہ ايئن هاڻي هڪ لحاظ کان جائز آهي. جڏهن سپاهين جي ٻارڙن جي پٺي ۽ عورتن جا مٿا پوتيءَ سان چڱي طرح ڍڪجي ويندا. جڏهن انھن جي پيٽ ۾ ٽي وقت مناسب کاڌو پھچندو، تڏهن اهي پڪ پنھنجو مٿو کنھڻ شروع ڪندا. تڏهن اهي ضرور سوچيندا تہ سندن مصيبتن ۽ صدين پراڻي ڦرلٽ جو ذميوار ڪير هو ۽ آهي؟ ايئن انھن کي گهڻن ئي پراڻن، پوئتي رکيل سوالن جو جواب پنھنجو پاڻ ملڻ شروع ٿي ويندو. پوءِ اهي سوچيندا تہ ”جنگجو نسلن جي نظريي ۽ فلسفي جي پٺ-ڏيک ۾ ڪھڙا ڌوڪا ۽ ٺڳيون لڪل آهن. ”جنگجو نسلن جي نظريي“ جي آڙ ۾ انھن جا واهڻ ۽ ڳوٺ حياتيءَ جي سمورين گهرجن کان رڳو ان ڪري وانجها رکيا ويا هئا تہ پسماندگي ئي توبن جي ان چاري (گاھہ) جي پيداوار ۽ حصول جي اڪيلي ضمانت هئي.
مون کي پڪ آهي، جڏهن انھن جي دلين ۾ اهي سوال اٿڻ شروع ٿي ويندا ۽ سندن زبانون سندن ساٿ ڏئي رهيون هونديون تہ انھن جي سوين سال پراڻي غلامانہ ڪردار جا سَنڌ ساڻا ٿي پوندا ۽ نيٺ سندن ”ڪلھن“ تي سوار اهو بڇڙو بار پنھنجي ڏوهن ۽ ذلتن سان ڀريل وجود سميت ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۾ ملي ويندو.
عزت وارا صدر! اِن مٽيءَ جي ڍير مان هڪ نئين فوج جنم وٺندي ”پيپلز لبريشن آرمي (عوامي نجات جي فوج) ـــــ اها فوج جنھن جا مقصد ۽ ماڳ (۽ قومي توڙي عوامي جهنڊا) بلڪل ٻئي نموني جا ۽ نوان هوندا.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ اڄ اسان جا (سپاهي) اٺ پکيءَ( 1) واري راند کيڏي رهيا آهن. پر هڪ ڏينھن اوس اچڻو آهي جڏهن اهي سيمرغ (پنھنجي ئي خاڪ مان جنم وٺندڙ خيالي پکي) جو ڪردار ادا ڪري رهيا هوندا.
سائين منھنجا! ”نٿو“ ۽ ”ڦتو“ مٽاسٽا ناڻي سان ڪيئن کيڏي سگهن ٿا، جڏهن تہ ڀاڙيتو انھن سپاهين جون پگهارون بہ کين مقامي رپين ۾ ڏنيون وڃن ٿيون؟
هاڻي جڏهن اهو ثابت ڪيو ويو تہ اهي هٿياربند فوجن جا جوان ۽ عھديدار ناهن جيڪي مٽاسٽا ناڻي سان کيڏي رهيا آهن، تڏهن مٽاسٽا ناڻي جي هيءَ ڪھاڻي صفا چٽي پئي آهي. سائين منھنجا! هن ملڪ جو ناڻو اهي ماڻھو ڦري رهيا آهن جن جا هٿ ايڏا ڊگها آهن، جو اهي سولائيءَ سان قومي خزاني جو ٽجوڙين تائين پھچي سگهن ٿا ۽ هِي اهي ئي ماڻھو آهن جن جو ڏوهاري ضمير ڏوھہ-چٺي جي هن حصي ۾ رڙيون ڪري رهيو آهي.
هتي شايد ڪنھن کي اهو احساس ٿي رهيو هجي تہ آءٌ رڳو گئلريءَ آڏو آميڙو مچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. عزت وارا صدر! اڄ تائين آءٌ شايد ئي ڪنھن گئلريءَ آڏو ويو هوندس. هتي مون کي پنجاھہ جي ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ پنھنجي ڳوٺ کان يارهن ميل پري جھلم شھر ۾ حياتيءَ جي پھرين مووي فلم ڏسڻ جو واقعو ياد اچي رهيو آهي. سئنيما ھال خالي پيو ھو ۽ اسين ”ٿرڊ ڪلاس“ جي پوئين بينچن تي ويھي رھياسون. جيئن ئي فلم جو ھيرو ھڪ ڪٽارون-ڀريل اکين واري دنيا جي سھڻيءَ سان گڏ مُشڪي گهوڙي تي سوار پردي مٿان ظاھر ٿيو، منھنجو اڳواڻ ساٿي سؤٽ مون کي ڇڪي اڳين بئنچن ڏانھن وٺي ويو. مون کي ياد پوي ٿو تہ مون بہ ان جي ان وقتائتي فيصلي جي پوئواري ئي ڪئي ھئي.
ھاڻي آءٌ محسوس ڪريان ٿو، تہ مون کي شروع کان ئي شين کي ويجهڙ کان ڏسڻ جو شوق رھيو آھي، ايترو ويجهڙو جو آءٌ حياتيءَ جي حقيقتن کي دل ۽ دماغ سان محسوس ڪري سگهان، انھن کي ڇھي سگهان ۽ انھن جي سڳنڌ سان واسجي سگهان. ان ڏينھن کان وٺي اڄ تائين مون کي ”گئلريءَ“ ۾ وڃڻ جي ضرورت ڪڏھن بہ محسوس نہ ٿي.
ھتي ئي، ڪجهہ ڏينھن اڳ مون کي ڪنھن ويس سينٽ لارينٽ جو ڏاڍو دلربا پرفيوم (خوشبوءِ) سوکڙيءَ ۾ ڏنو ھو، پر ان کان گهڻو وڌيڪ منھنجيءَ دل جي ويجهو ھن ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي سڳنڌ رھي آھي. اڃايل مٽيءَ جي آڊوڪي سڳنڌ جا اھي جُهوٽا جيڪي مينھن جو پھريون ڦڙو ڪرندي ئي فضا ۾ گهلڻ شروع ٿي ويندا آھن، مون کي سڄيءَ ڪائنات کان وڌيڪ پيارا آھن.
سائين منھنجا! اھي شرفا جن ھِن ڏوھہ-چٺي کي ٻارھن مھينن جي غير-فطري حمل کان پوءِ ڄڻيو، ان جي منظوري ڏني ۽ ان تي تصديق جو ٺپو ھنيو، ھزارين ڀيرا ڪنھن ٿيٽر، ڪنھن چيني يا روسي طائفي جي شو ھلندي اڳين قطارن ۾ ويٺا ھوندا. آءٌ ڄاڻان ٿو چيف ضياءُ پاڻ بہ انھن جو ڏاڍو شوقين آھي، پر پڪ سان چوان ٿو تہ اھي ماڻھو نہ تہ ڪنھن سئنيما ھال ۽ نہ ئي وري ڪنھن جنگ جي ميدان ۾ اڳين بينچن يا مورچن ڏانھن وڌيا ھوندا.(2 )
مون کي خدشو آھي تہ اھي ”غير سپاھي“ سپاھي منھنجي زبان ڪڏھن بہ سمجهي نہ سگهندا. ھِي اھي ماڻھو آھن جن جو نہ تہ ڪو ماضي آھي ۽ نہ ئي ٻئي جي تجربن ۽ مشاھدن مان ڪڏھن ڪو سبق وٺي سگهندا.
جارج منتيانا جي لفظن ۾ ”انھن جي مقدر ۾ لکيل ھوندو آھي، تہ اھي ماضيءَ کي ورجائڻ جي سزا کائيندا رھن.“
عدالت جا صدر! آءٌ مٽا سٽا ناڻي جِي ڦرلٽ جي سلسلي ۾ ھنيل رياستي تھمت جي ڳالھہ ڪري رھيو ھوس. اھا حقيقت آھي تہ مون ان قسم جي معاملن ۾ ايڏا ردي تجربا ڪڏھن بہ ڪو نہ ڪيا ھئا. اھا سچائي منھنجين نظرن کان ڪڏھن بہ لڪل نہ رھي ھئي تہ ھٿياربند فوجن جي ھيٺين عھديدارن جي پھچ قومي ٽجوڙين تائين ڪڏھن بہ ناھي ٿي.
8-جنوري 1985ع تي ھنيل تھمتن جي ترديد ڪندي بھرحال اڄ آءٌ دھل جي ڏونڪي تي چئي رھيو آھيان تہ قومي خزاني ۾ مٽا سٽا ناڻي جي ڦرلٽ جو داستان ڪراري سچائين تي ٻڌل آھي.
صد افسوس جو ھن مھل مون وٽ ايترو وقت ڪونھي، جو آءٌ تاناشاھي دَور جي ٻہ ھزار ست سؤ اسي ڏينھنِ جي بي حساب ڪميشن (دلالي، ڀلاوڻي)، وياجِي ڪٽوتين ۽ انھن نذرانن جي ڳالھہ ڪري سگهان جيڪي سُوزرلئنڊ ۽ آمريڪا جي بئنڪن ۾ ڍير ڪيا ويا آھن، مون وٽ ڪا بہ وٿ ڪانھي!
ھتي آءٌ توھان جو ڌيان سرڪاري شاھد اڳوڻي ڪئپٽن سبطين جي بيان ڏانھن ضرور ڇڪائيندس، جنھن تصديق ڪئي ھئي تہ گذريل سال جنرل ضياءُ الحق انٽروسروسز سليڪشن بورڊ ۾ جنھن سيمينار جو افتتاح ڪيو ھو ان تي لکين رپيا خرچڻ باوجود بورڊ جي ردي پراڻي نظام ۽ ڪرت ۾ ”ٽڪي“ جيتري واڌ ۽ سٺائي نہ ٿي سگهي ھئي. اسان لڳ ڀڳ ھڪ لک رپين جو جنرل جي پيرن ھيٺيان وڇائڻ لاءِ غاليچو ۽ فضائن جي رنگينيءَ لاءِ 50 ھزار رپين جا جهنڊا ۽ جهنڊيون اوس ڳڌيون ھيون پر جهنڊن جي ان واڌ سان اسين انھن سرنگون جهنڊن جي بحاليءَ لاءِ ڪجهہ بہ نہ ڪري سگهياسون، جيڪي اسان جي ھٿن سان دشمن جي پيرن ۾ اڇلايا ويا ھئا! جيتوڻيڪ اھا رقم سڌو سئون ڊالرن ۾ نہ ھئي، پر ان جو ماخذ ۽ سرچشمو تہ اھو ئي ھو ۽ ڊالر بہ تہ سائين وڏا، انھيءَ نموني گٽرن ۽ گندي نالين ۾ وھايا پيا وڃن.
انھيءَ اداري ۾ منھنجي ٽڪاءَ ھلندي آفيسرن جا ٻہ وفد ھڪ ٻي پٺيان بگن ھل انگلئنڊ کان جرمني ۽ سويڊن ۽ آمريڪا پئائنٽ سان گڏ وچ مشرق جي ڪيترن ئي ملڪن جي بين الاقوامي دَورن تي روانا ٿيا ھئا. دنيا چوڌاري ان سفر جو مقصد اھو ھو تہ انھن ملڪن جي ھٿيابند فوجن جي چونڊ-نظام (سليڪشن سِسٽم) جو پنھنجين اکين سان ڳوڙھو اڀياس ڪري پنھنجي نظام کي وڌيڪ سٺو ڪيو وڃي. ٻئي ٽولي جي ڪمان تہ ھڪ ليفٽيننٽ جنرل جي ھٿ ۾ ھئي.
اڄ آءٌ پنھنجي خدا جي عزت ۽ مانَ جو نالو وٺي چئي سگهان ٿو تہ سير ۽ تفريح ۽ ”شاپنگ (خريداريءَ) جي انھن مھمن“ کان پوءِ اسان جي سليڪشن سسٽم ۾ نہ تہ ھڪ لفظ جو واڌارو ٿيو آھي ۽ نہ کوٽ. مون کي اميد آھي تہ ليفٽيننٽ جنرل زاھد علي اڪبر، ٻئي وفد جو اڳواڻ، گهٽ ۾ گهٽ ايتري اخلاقي ھمت تہ رکندو ھوندو جو منھنجي ھن ساک بيان جي تصديق ڪري سگهي.
سائين منھنجا! منھنجي مظلوم قوم ڪميشنن ۽ وفدن وسيلي دنيا جي ”نئين ڳولا“جي ڄار ۾ ڳچيءَ تائين ڦاٿل آھي. ”عام چونڊن“ جي طريقن جي اڀياس لاءِ اسان جي جنرلن، ڪامورا شاھيءَ جي ڪرتا ڌرتا ۽ ”خصوصي مشيرن“ جا سڄيءَ دنيا خاص طرح ”جمھوريت جي پينگهن“ سريلنڪا انڊونيشيا ۽ ترڪيءَ وغيرہ جا دورا (اسان جي قومي بقا لاءِ) بھرحال ڏاڍا ضروري ھئا.
اڃا تازو آءٌ پاڪستان جي ان وفد جي عظيم الشان سوڀ جو چھچٽو ٻڌي رھيو ھوس جنھن ”ورلڊ بئنڪ“ وارن کي ”لاچار“ ڪري رکيو، تہ اھي لاھور شھر مان غلاظت ۽ گند ڪچرو ڍوئڻ لاءِ اسان جو ھڪ ٻيو وفد ھڪ ٻي ”قومي فتح“ جا دھل پٽيندو 40 ڪروڙ ڊالر کيسن ۾ کڻي آيو ھو. اھو قرض اسان پاڻيءَ پھچ (آبپاشي) سرشتي جي ننڍن واھن جي مرمت ۽ صفائيءَ لاءِ ورتو ھو. شايد ئي ڪا قوم پنھنجن سردارن، پنھنجن حاڪمن کي مٽاسٽا ناڻو ڏيڻ جي اھڙن ذلت جهڙن قرضن ۾ گروي رکي وئي ھجي.
ھِن ملڪ ۾ جتي توھان ھڪ سپاھيءَ تي ٻہ ھزار ٽي سؤ اٺ ڊالر خرچ ڪري رھيا آھيو، ان ۾ ھڪ شھريءَ جي تعليم تي رڳو پنج ڊالر ۽ صحت تي رڳو ھڪ ڊالر خرچ ڪيو ٿا. جتي اَٺ ڪروڙ جي آباديءَ لاءِ رڳو 2-لک، 65-ھزار استاد ھجن، پر ان جي شھرن ۽ ڳوٺن جي کٽڻ لاءِ ۽ انھن تي پنھنجو قبضو برقرار رکڻ لاءِ 4-لک، 29-ھزار بندوقچي ھجن، مون کي ٻڌايو تہ ان ملڪ جي قومي خزاني تي ڇا ڪجهہ گذرندو ھوندو، پوءِ اھي مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا ھجن يا سرڪاري منٽ جا سڪا!
ھن ملڪ ۾ جتي بوئنگ جھاز سنگاپور ۽ ٻين شھرن ۾ خريداريءَ لاءِ خاتون اول، ٻہ ۽ ٽي جي ڪمانڊ ھيٺ ڏنا ويندا ھجن، جتي ”ولي عھد ۽ شاھي ڏياٽا“ سرڪاري ”ھنِي مُون“ لاءِ دنيا جي دوري تي وڃي رھيا ھجن ۽ اسان جا سفير بين الاقوامي اڏن تي انھن جي آجيان لاءِ قطارون ٻڌيو سيس نوايو بيٺا ھجن ۽ جتي نيلي بار جون مينھون ۽ عربي نسل جا گهوڙا فضائيہ (ھوائي فوج) جي جنگي ٽرانسپورٽ جھازن ۾ ”نئين دنيا“ (آمريڪا) جي پرانھن ”رانچن“ ۾ تبديل ڪيا ويندا ھجن، عدالت جا صدر! ان ملڪ ۾ سپاھين ۽ ھيٺين عھديدارن جي ڦرلٽ لاءِ باقي بچندو ئي ڇا؟
اھا رڳو شيرپائو پل جي جرنيلي ڪالوني ئي ناھي جتي حياتيءَ جي ھر گهرج برطانوي، فرانسي يا اٽيليائِي آھن. ان مرض جي جيوڙا منھنجا صاحب، انھن جنگبازن جي پرانھن ڳوٺن تائين پھچي چڪا آھن.
صدر صاحب! ان ”ڪوڪا ڪولا بوئنگ“ بابت توھان ڇو چوندؤ جيڪو ڪجهہ عرصو اڳ اسلام آباد جي ھوائي اڏي تي لٿو ھو! ان سازش جو ڏوھاري ڪير آھي؟ ان اھم ترين شخصيت جنرل ضياءَ جيڪا ان فضائي بزنس پلازا ۾ ڏکڻ مشرقي ايشيا کان موٽي رھي ھئي، پنھنجن چور ۽ ڌاڙيل ھم سفر ساٿين لاءِ ڪنھن اسپيشل ملٽري ڪورٽ جي جوڙجڪ جا حڪم ڪڏھن جاري ڪيا ھئا. مون کي اميد آھي، توھان ڄاڻندا ئي ھوندا تہ ان وِي آءِ پِي فلائيٽ (ڏاڍو-اھم-ماڻھو يا ڏاڍن اھم ماڻھن لاءِ جھاز) ۾ ڪو بہ مسافر ھيٺيون عھديدار ڪو نہ ھو.
جناب والا! اھا تہ سمنڊ مان ھڪ ڦڙي ۽ ديڳ مان ھڪ چانور جي ڳالھہ آھي. آءٌ ڏاڍو لاچار آھيان تہ انھن حالتن ۾ ”چارجنگ ڪريسيءَ“ جي ضمير جي وڌيڪ ملازمت جي بندوبست لاءِ ٻين اڻڳڻ معاملن بابت ڪجهہ چوڻ جو مون وٽ وقت ڪونھي.
عزت وارا صدر! ھر سازش جو ڪيس ھڪ جئائنٽ ٽرايل ڪيس (گڏيل پڇاڻي يا جاچ جو مقدمو) ھوندو آھي. اڄ اسان خلاف جيڪو ڪيس ھلايو پيو وڃي، ان ۾ اسان ئي نہ، سڄي قوم اوھان آڏو ”ڏوھارين“ جي قطار ۾ بيٺي آھي. اهو در اصل منھنجي سڄي قوم ۽ ان جي ھر ماڻھوءَ خلاف ھڪ وڏيءَ سازش جو حصو آھي. آءٌ اوھان کي عرض ٿو ڪريان تہ قوم خلاف ان سازش جو نوٽيس وٺو. لاھور شھر جي گهٽين مان گند ڪچري جي صفائيءَ کان وٺي وچ-پنجاب جي کلن جي مرمت تائين، ”پل ڪالونيءَ“ جي محلن کان ڪوڪا ڪولا فلائيٽس تائين، اھي سڀ ان سازش جون ڪڙيون آھن.
ان سازش جي ڪيس ۾ دفاع ۾ کاتي پاران ڪيل خريداريءَ ۽ وڪريءَ جي اداري کي شامل ڪرڻ نہ وسارجو ۽ ان سان گڏ ئي فضائي ۽ بحري ۽ بري فوج جي انھن جرنيلي وفدن کي بہ، جيڪي ”سير ۽ تفريح“ لاءِ يا تہ پرڏيھہ ۾ وڃي چڪا آھن، سنبت ڪري رھيا آھن، اھي ئي تہ اھي ماڻھو ۽ ادارا آھن جيڪي مٽاسٽا ناڻي سان کيڏي رھيا آھن.
آءٌ اوھان جي فيصلي جي سگهہ تي ڀروسو ڪري رھيو آھيان. مون کي اميد آھي، مون تي ان ”تھمت“ جا ھي پاسا توھان جي نظرن کان لڪل رھندا.
ڏوھہ-چٺي ۾ منھنجو ايندڙ ڏوھہ ڪُلڇڻائيءَ جو ذڪر ڪرڻ آھي. 


________________________
(1 ) اُٺ-پکيءَ (Phoenix) جي فطرت آهي ته آنڌاري يا طوفان وقت هو پنھنجي مُنڍي واريءَ ۾ لڪائي، سمجهندو آهي ته بچاءُ ڪري ورتو اٿائين.
(2 ) جنرل ضياءَ ۽ جنرل عارف سميت ڪيترن ئي حڪمران جنرلن کي اڳيَن مورچن ۾ ته ڇا، پوئين هيڊقئارٽر ۾ به جنگ وڙهڻ جو مانُ نه مليو آهي.

براين جو عروج: ڦورن جي حڪمراني

منھنجيءَ غلام ڌرتي-ماءُ جا ڦورُو حڪمرانو!
اھو ئي تہ اوھان جي اونھي ڏوھہ جي احساس جو آواز آھي.

عدالت جا صدر! توھان ھِن ڌرتيءَ جا سرخ ڌرنگ (انقلابي؟) پٽ آھيو. مھرباني ڪري منھنجي مدد ڪريو. آءٌ شين جي ڄاڻ ۾ صدين کان سفر ڪندي بہ اڻڄاڻ آھيان. سچ ٻڌائجو، ڇا توھان کي ھن تھمت مان ڏوھاري سازش جي ڪا ڌپ اچي رھي آھي؟
ڇا منھنجي منھنجي خلاف ھيءَ تھمت ٻڌڻ کان پوءِ بہ توھان مون کي ئي ڏوھاري سڏيندؤ؟ ڇا اھا ٻڌڻ کان پوءِ بہ آءٌ ئي وڏي مياريءَ، ھڪ غدار ۽ ھڪ سازشيءَ جي روپ ۾ نظر اچي رھيو آھيان، ۽ ھيءَ تاناشاھي عيسيٰ جي ڪا معصوم رڍ!
آءٌ ترديد ڪيان ٿو تہ مون ملڪ ۾ ”ڪُلڇڻائيءَ“ (ڪرپشن) جي موضوع تي ھڪ يا چاليھہ پمفليٽ لکيا، ڇپايا ۽ ورھايا. پر، ڇا توھان مون کان اھو چَورائڻ ٿا گُهرو تہ ھن ملڪ ۾ رشوت ۽ ڪلڇڻائيءَ جو ڪو وجود ڪونھي!
اچو، اسين پنھنجي ذات سان تہ بنا حجاب ٿي سچائيءَ سان ڳالھہ ڪيون! ڇا آءٌ، اوھان يا اسان مان ڪو بہ ھن وقت ھتي بيھي اھو چوڻ جي ھمت ڪري سگهي ٿو تہ ملڪ رشوت ۽ ڪلڇڻائيءَ جي وجود کان پاڪ آھي؟ اھو تہ ٺيڪ ھن وقت، ھن دَور ۾، اھي برايون پنھنجي اوج تي ناھن؟
ڇا توھان کي جنرل ضياءَ جي پنھنجن نامزد ڪيل خوشامدي طوطن تي ٻڌل، ھاڻي مراد مجلس شورا آڏو اھا تاريخي تقرير ياد ناھي، جنھن ۾ ھن پنھنجي دور ۾ رشوت ھيڪوڻ، ٻيڻ يا ڏھوڻ نہ، پر پنج سؤڻ ڀيرا وڌجڻ جو فراخدليءَ سان اعتراف ڪيو ھو! اِھا اُھا تقرير آھي جنھن جو پڙاڏو ھن وقت بہ رنگون جي مندر جي گهنڊڻين جيان سَڄي ماحول ۾ ٻڌجي پيو.
عزت وارا صدر! ھاٿي ۽ عورتون پنھنجن ڦٽن کي ڪڏھن بہ وسارينديون ناھن، خاص طرح ”ھاٿي“ تہ اسين ڏسي چڪا آھيون تہ ڏاڍي ظالم ياد جو مالڪ آھي(1 ) پر، منھنجيءَ قوم جي يادداشت افسوس ڪرڻ جي حد تائين ڪچي آھي. ان ڪري ايندڙ نسلن لاءِ اھا تقرير آءٌ پنھنجي بيان سان ڳنڍي رھيو آھيان ۽ ھاڻي انصاف ۽ ”فيئرپلي“ جي نالي تي اوھان کان اھو ڄاڻڻ لاءِ سوال ڪري رھيو آھيان تہ ان سڀ ڪجهہ باوجود وڏي ڏوھاريءَ جو درجو مون کي ڇو ڏنو ويو آھي؟ اھو اعزاز جنرل ضياءَ کي ڇو نہ ڏنو ويو، جيڪو نہ رڳو کُلي عام ملڪ ۾ رشوت ۽ ڪلڇڻائيءَ جي بدترين ڪيفيت جو اقرار ڪري رهيو آهي پر کيس تہ هر ڪم لاءِ رشوت جي بھا جي بہ خبر آھي... جڏھن تہ آءٌ انھيءَ کان اڻڄاڻ آھيان.
هُن کي منھنجيءَ جاءِ تي مياري نمبر پھريون ڪري ڇو نہ بيھاريو ويو، جو مملڪت جو سردار سڏائڻ باوجود ھُو ان معاملي ۾ پنھنجي پاڻ کي ايڏو ئي بيوَس ثابت ڪري رھيو آھي جيترو بيوس اھو جج آھي جنھن کي محتسب اعليٰ جو نالو تہ ڏنو ويو آھي پر عملي طرح ھُو ڪامورا شاھيءَ، جرنيلي، دستوري، رواجي ۽ حڪمرانن جي ٻاجهاري پاڇي ھيٺ پلجندڙ ڪلڇڻائيءَ خلاف زبان کولي نہ ٿو سگهي.
ڇا جنرل کي پنھنجي زبان سان ان ڏوھہ قبوليءَ جي ان ”ڏاکڙي“ ظاھر ٿيڻ کان پوءِ بہ مون کي ان تھمت جا ڇوڏا لاھڻ لاءِ وڌيڪ ڪجهہ چوڻ جي گهرج آھي؟
ڇا مون کي جنرلن، ايئر مارشلن ۽ خاص طرح جنرل ضياءَ جي پرڏيھہ ۾ ڏيتي ليتيءَ جي اھم ترين دلال ان مصري ارب پتي موديءَ (ڪارو ناڻو ميڙيندڙ، ذخيرو ڪندڙ) جي ڳالھہ ڪرڻ جي گهرج آھي جنھن لاءِ پاڪستان اندر ۽ پرڏيھہ ۾ سمورا مھمان خانا ھر وقت کليل رھندا آھن؟ ڇا مون کي ڪئناڊا جي ان پراسرار بلوچستان جي ڀلائيءَ واري انجمن (؟) جو ذڪر ڪرڻ جي گهرج آھي جنھن جو افتتاح پرڏيھي دورو ڪندي، جنرل پنھنجي مبارڪ ھٿ سان ڪيو ھو؟
ڇا مون کي اسلام آباد جي ”گرين ايريا“ (سر سبز علائقي) مان ”صدر جي ڪٽنب“ لاءِ ڪاٽيل ڊبل روٽيءَ جي ٽڪرن بابت ڪجهہ چوڻ جي گهرج آھي؟
ڇا مون کي ھيروئن سٿيل انھن گلدانن بابت بہ ڪجهہ چوڻو پوندو جيڪي اقوام متحده ۾ ڳالھائيندڙ اسلامي اُمه جي 80 ڪروڙ ماڻھن جي اڪيلي نمائندي جي صدارتي جھاز مان پڪڙيا ويا ھئا؟
مون ٻڌو آھي تہ اڄڪلھہ جنرل ضياءُ ”چرچي گهٻي“ ۾ خاص لست وٺي رھيو آھي. سچ تہ ھيءُ آھي تہ ھُن سڄي ملڪ کي ھڪ وڏي ظالمانہ سنجيدي چرچي جو شڪار ڪري رکيو آھي ۽ اھو چرچو انھيءَ ڪلڇڻائي ۽ رشوت سان لاڳاپيل اڃا بہ ڀريل آھي.
اھا تازي ڳالھہ آھي تہ ملٽري آپريشنن (لشڪري مھمن جي) ڊائريڪٽوريٽ جو ھڪ جنرل جنگي نقشو کڻي وڃي پنھنجي چيف آف آرمي اسٽاف واري آفيس ۾ پھتو، جتي ھُو وردي پھريو ويٺو ھو ۽ ھر سال پنھنجي ايڪسٽينشن (نوڪري وڌائڻ) جي درخواست رياستي صدر جي سيڪريٽريٽ ۾ موڪليندو رھندو ھو.
”حضور جن جو مان مٿاھون رھي، جو ھن غلام، نيٺ دھلي فتح ڪرڻ جو اھو منصوبو ٺاھي ورتو آھي جنھن وسيلي 38-ساله پراڻو ڀارتي مسئلو حل ٿي ويندو.“ پگهر ۾ شل ڳاڙھي ڳٽول جنرل فرشي سلام کان پوءِ عرض ڪيو.
”حضور دھلي ور چڙھي وئي، تہ سمجهو ڄڻڪ سڀ ڪجهہ ملي ويو.“ جواب مليو. ”ھا، اھو تہ ٺيڪ آھي.“ چيف سوچن ۾ ٻڏندي جواب ڏنو.
جنگي نقشي تي رنگين پينسلون گسائيندي جنرل ھڪ ڀيرو وري ٽي فرشي سلام ڪيا ۽ چيو تہ ”آقا! اسين دھليءَ کي سڀ کان اڳ چئن زونن (Zones، ڀاڱن، علائقن) ۾ ورھائينداسون، پوءِ ھر زون جا چار چار سيڪٽر (ٽڪرا) ٺاھيا ويندا...“
”ڏاڍو سٺو!“ چيف مڇون مروٽيندي چيو.
جنرل وري فرشي سلام کان پوءِ جنگي منصوبي جي ڳالھہ جاري رکي: ”انھن سڀني سيڪٽرن کي اسين پنھنجي، ماڻھن جي ڳڻپ مطابق سب سيڪٽرن (ننڍن يا ماتحت ٽڪرن) ۾ ورھائي ڇڏينداسون.“
”ڏاڍو سٺو“! چيف چپڙن ۾ ئي مرڪيو، جيئن ھو ٽيليويزن تي پنھنجن (اقتدار ۾) ڊيگهہ وٺندڙ ورھين جو ذڪر ڪندي مرڪندو رھندو ھو.
جنرل آخري فاشي سلام کان پوءِ منصوبي جو باقي رھيل تفصيل ٻڌائيندي چيو، ”منھنجا آقا! انھن سب سيڪٽرن کي اسين پنھنجن ايندڙ نسلن جي ڳڻپ جيترن پلاٽن ۾ ورھائينداسون ۽ آءٌ پڪ ٿو ڏياريان تہ انھن جو ھر پلاٽ ڪارنر پلاٽ ھوندو. نيٺ آرميءَ جي انجنيئر چيف کي بہ تہ اتي ئي آزمايو ويندو.“
مانوارا صدر! اسان جي ھاءِ ڪمان جو ايئن ماڪوڙين جي مُچي جيان دھليءَ تي ڇانئجي وڃڻ کان پوءِ راجيو گانڌي، اروڙا ۽ سام مانڪ شاھہ لاءِ دھليءَ ۾ بچندو ئي ڇا، جو اھي ”ديوناگري“ ڏانھن لڏڻ بدران اتي ئي رھڻ تي زور ڏين.
ڪلڇڻائيءَ ۽ رشوت جي سلسلي ۾ چرچن جي ڳالھہ ھاڻي نڪري ئي پئي آھي، تہ ھڪ سچو واقعو بہ ٻڌو.
ڪجهہ عرصو اڳ جي ڳالھہ آھي تہ ھڪ ڏاڍو وڏو بيوروڪريٽ (ڪامورو) شايد آغاشاھي يا شايد غلام اسحاق خان(2 ) يا شايد روئداد خان يا شايد ان جھڙو ئي ڪو ٻيو... فائيل ڪڇ ۾، صدارتي محل ۾ وڃي پھتو. صدارتي محل، جتي شيرواني پائي ”صدرِ مملڪت“ پنھنجي چيف آف دَ آرمي اسٽاف کي ھر سال نئين ايڪسٽينشن (نوڪريءَ ۾ ڊيگهہ) وڌندو رھندو آھي.
”حضور! پِي آءِ اي (پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز) بلڪل برباد ٿي رھي آھي.“ ھن ڏڪندي ڊڄندي عرض ڪيو.
”جنرل رحيم خان ڍاڪا کان اچي چڪو آھي، ان کي اضافي چارج (وڌيڪ ذميواري) ڏئي ڇڏ.“ حڪم مليو.
”عالمي مقام! فوجي فائونڊيشن بہ پوين پساھن ۾ آھي.“ پگهر ۾ ورتل ڪاموري نظرون فرش ۾ کپائيندي چيو.
”جنرل راؤ فرمان علي جو پلٽن ميدان وارو ٿَڪ لھي ويو آھي، ان کي واڌُو ذميواري ڏئي ڇڏ.“ جنرل ھڪدم فيصلو ٻڌايو.
ٻئي ڏينھن وري ساڳي حالت ھئي. ”عالمي جاه! واپڊا کاتو تربيلا ۾ ٻڏي رھيو آھي.“ بيوروڪريٽ نيزاري ڪندي فائل رکيو.
”جنرل صفدر بٽ ڪٿي آھي؟“
ٽيون ڏينھن بہ مختلف نہ ھو.
”عالم پناه! ريلوي جو ترو نڪري ويو.“
”جنرل جمال سيد ميان جي حوالي ڪري ڇڏ. پيري مريدي ڪري چڪو آھي، انھن نذرانن سان ڇا ٿيندو ھوندس.“
ايندڙ ڏينھن بيوروڪريٽ وري پگهر ۾ شَل ڏڪندو ڦڙڪندو سخي در تي حاضر ٿيو.
”ھا، ھاڻي وري ڇا ٿيو؟“ جنرل پنھنجون نظرون بيوروڪريٽ تي کپائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي پڇيو.
”مائي باپ! ڀارت ڪاھہ ڪئي آھي.“ گنجي ڪاموري گلابي ٽشو پيپر ۾ ڳوڙھا جذب ڪندي چيو.
”ميان! نيٺ توھان ماڻھو بہ تہ سِي ايس پي آھيو، ڪجهہ پاڻ بہ تہ ڪندا ڪيو.“ مملڪت جي صدر ڏاڍي بيزاريءَ سان جواب ڏنو ۽ شيروانيءَ جي کيسي مان اھا تسبيح ڪڍي ورتي، جيڪا ستاويھين عُمري کان موٽندي عربي سمنڊ مٿان اڏام ھلندي، کيس خصوصي صدارتي بوئنگ جي قداور فضائي ميزبان (ايئر ھوسٽس) پِي آءِ اي پاران ڏني ھئي.
عزت وارا صدر! اسان جو ڏاکڙو ئي اھو آھي تہ اسين سڀني براين، ڪلچڻائين کي سڃاڻون ٿا، اڃا بہ انھن مان گهڻيون اسان جون پاليل برايون ۽ ڪلڇڻايون آھن، پر اسين ڪنھن بہ زبان مان اھو ٻڌڻ سھي نہ سگهنداسون تہ اسان جي چوڦير ڪھڙا ديوَ آھن. اسان جا ڪَن ۽ ذھن اسان جي ڄم کان وٺي پالنا ۽ قبرن ۾ لاھڻ وقت تائين لوريون ٻڌڻ جا عادتي ٿي پيا آھن. اھي لوريون، سائين منھنجا! اسان جي مقدر ۾ لکي ڇڏيون ويون آھن. اسين پاڻ تہ چپ چاپ ۾ نجات جي راھہ ڏسون ٿا، پر اھو بہ سھي نہ ٿا سگهون تہ ڪو ٻيو بہ وات ۾ زبان رکي.
اسان پڪو ارادو ٿا ڪيون تہ چُپ چپات گهڻائيءَ کي لانگ مارچ (ڊگهي پنڌ) تي نڪرڻ لاءِ ڪجهہ بہ پَرَ ساھڻ نہ ڏينداسون، اسين اھو عھد ٿا ڪريون تہ چپ سبيل رکيا ويندا، ۽ اسين اھو اڏول ارادو ٿا رکون، تہ ھن دنيا جي نعمتن ۽ اقتدار ۾ ھن ڌرتيءَ کي فيض بخشيندڙن کي ڪڏھن بہ شامل ٿيڻ نہ ڏينداسون.
منھنجو خيال آھي تہ اسين ”حملو“ ڪنداسين ۽ اسين قوم کي نئين سر جيئارڻ جون سموريون چوٽيون ٽپي وينداسين....... [ھتي بہ بيان جا ڪجهہ صفحا گم آھن] ....... مون تي ايندڙ تھمت اھا پروپيگنڊا ڪرڻ جي آھي تہ نظرئي پاڪستان جي اڄڪلھہ غلط تشريح ۽ ترجماني ڪئي پئي وڃي.

_________
(1 ) چيئرمئن ڀٽو جي هڪ اعلان حقيقت تان ورتل.
( 2) ضياءَ جو ساٿي ۽ اڄڪلهه جمھوري حڪومت جو صدر، جنھن کي جمھوري حڪومت جي سڀني چونڊيل عوامي نمائندن (بينظير سميت) ووٽ ڪيو. – سنڌيڪار

پاڪستان جي مخالفن جو دل پسند موضوع

پاڪستان جي مخالفن جو دل پسند موضوع (1)

صدر صاحب ۽ عدالت جا ميمبرؤ! اھو اسان جي ايجنڊا جو سڀني کان وڌيڪ حساس موضوع آھي. ”پاڪستاني نظريو“ اسان جي قطارن ۾ موجود انھن جو ڏاڍو دلپسند موضوع رھيو آھي جيڪي حقيقت ۾ پاڪستان جي ويندي ”پ“ جا بہ بدترين مخالف ھئا. اِھي اُھي ماڻھو ئي تہ آھن جيڪي جناح کي ”ڪافر اعظم“ ۽ پاڪستان کي ناپاڪستان بہ چوندا ھئا.
اھا ڏاڍي عجب جي ڳالھہ آھي تہ پاڪستان نظريي جو اصطلاح ايجاد ڪرڻ جي پڳ جناح جو کوٽن سِڪن مان ڪنھن جي بہ مٿي تي نہ آھي! اھو اعزاز تہ سائين منھنجا ”ڪئپيٽل ھِل“ (ٽَڪري) جي درويش جي نصيب ۾ ئي ھو. سونَ تي سھاڳو اھو، تہ ان کي ايجاد ڪرڻ وارو اھو درويش ھو تہ ان کي واھپي ۾ آڻڻ وارو يحى خان جي ورڪشاپ جو غازي بندگانِ صحرائي اور مردان ڪوھستاني!
منھنجو خيال آھي تہ آءٌ انھن تاريخ ساز گهڙين کي ڏاڍي سولائيءَ سان پنھنجي ذھن جي ”گئلريءَ“ جي نمائش ۾ سينگاري سگهان ٿو. منھنجو تصور ۽ ويجهڙ ماضيءَ جي تاريخ جي واقعن ۾ مُنجهيل منھنجو شعور منھنجي آڏو ڪھڙو نظارو پيش ڪري رھيو آھي.
1971ع جي بدمست ھيروز (سورھيه)... سونَ ۽ چانديءَ جي تمغن سان ڍڪيل ڇاتُين وارا جنرل...
ٽَربل شُوٽر عُمر،
سازشي پيرزادو،
جي حضور! حميد،
۽ قصو کڻندڙ شير علي ”بلئڪ ڊاگ“ چيف جي اڳواڻيءَ ھيٺ، پاڪستان جي تصور ۽ وجود جا دشمن پر پاڪستان جو نظريو ايجاد ڪندڙ ھر قسم جي عالم سان بحث ڪندي نظر اچن ٿا. جنرلن سان هم بستر ٿيندڙ ماڻھو، جن هي سقاشاهي سِڪو نظريه پاڪستان رڳو پنھنجي ڏوھاري ضمير جي پردي پوشيءَ لاءِ گهڙيو ھو.
آءٌ پوري پڪ سان چوان ٿو تہ ان ٽولي ۾ ھڪ ٻي ھستي بہ ضرور ھئي. اھا ھستي جيڪا ھڪ ”ماڊرن ميجر جنرل“ جو سؤ سيڪڙو ھوبھو ۽ ٺھڪندڙ ”ماڊل“ ھئي. منھنجو خيال آھي تہ ”پاڪستاني نطريي“ جو اصطلاح ان وقت تائين منظور ٿي نہ پئي سگهيو جيستائين جنرل راني بنفس نفيس ان ٽِه-رنگي محفل ۾ موجود نہ ھجي.
توھان دل ۾ نہ ڪجو. اھو آءٌ ڪو نہ آھيان جنھن ان شڪ ڀريو ڪردار رکندڙ عورت کي ميجر جنرل جو رئنڪ (عھدو، مرتبو) ڏنو ھو. ھن کي اڄ بہ دنيا انھيءَ عھدي يا رئنڪ سان سڃاڻي ٿي ۽ منھنجو خيال آھي تہ ھوءَ اڄ بہ جنگ ۽ امن جي ڏينھن جي ڪنھن بہ ڊويزن ڪمانڊر جي ڪمان ھيٺ موجود قوت ۽ طاقت کان بھتر قوت ۽ طاقت جي مالڪ آھي. ان جي گوريلن ۾ تہ ھن ملڪ جو حڪمران طبقو بہ شامل آھي.
عدالت جا صدر! اڄ کان اڳ مون کي ان سرڪاري پاڪستاني نظريي بابت ھيئن خيال ظاھر ڪرڻ جو وجهہ نہ مليو آھي. ڏوھہ-چٺي مون کي اھو وجهہ ڏنو آھي. فرانسس بيڪن جو چوڻ آھي تہ ”ھڪ ڏاھي ماڻھوءَ کي جيترا وجهہ ملندا آھن، ھو انھن کان وڌيڪ پاڻ ڪندا آھي.“
مون وٽ ڏاھپ جي ڪا ھام ڪونھي. ھڪ سپاھيءَ جي حيثيت ۾ آءٌ شايد ڪنھن ”ڏاھي“ جي چوٿين پتي بہ ناھيان، پر توھان ڄاڻو ٿا تہ سپاھي پنھنجي سروس ڪئريئر ۾ ڪجهہ سکندو آھي، تہ اھو آھي وجهن کي ھٿ ڪرڻ ۽ انھن کي واھپي ۾ آڻڻ جو فن.
شايد انھيءَ ڪري ماڻھو اسان کي Soldiers of Fortune (ڀلي ڀاڳ وارا سپاھي) ڀاڳ آزمائيندڙ ۽ موقعي پرست (وجهہ جو فائدو وٺندڙ) چوندا رھندا آھن.
آءٌ ان وجهہ کي ذيان نہ ڪندس.
سائين منھنجا! آءٌ ھڪ ڀيري وري کُلي عام اوھان جي آڏو چئي رھيو آھيان تہ منھنجو پاڪستاني نظريو، منھنجو اسلام اُن جي ھن ڪُوڙي ڇاپي کان ٻئي نموني جو آھي جيڪو گذريل اٺن سالن کان اسين ڏسي رھيا آھيون. آءٌ ايمان رکان ٿو ھڪ خدا تي ۽ ان جي رسول جي خاتم النبيين ھجڻ تي. آءٌ خدا تي محمد جي معرفت پڪ رکان ٿو، ڇو تہ ان جي حياتي ۽ عظيم ڪارناما ئي تہ آھن، جو اڻ ڏٺي اھي منھنجي ايمان جو ڪارڻ ٿيا.
ھُو ھڪ عوامي ھيرو (سورھيه) آيو ھو، ھن جدوجھد ڪئي ۽ ھن ويڙھيون وڙھيون ۽ ڏک سَٺا ۽ انسانيت کي آزاد ڪرايو. ان ڪاري دَور ۾ ھُن انساني دنيا کي انساني حقن جو سڀ کان وڌيڪ تفصيلي ۽ مڪمل چارٽر ڏنو. عرب جو حڪمران، جنھن ھِن زماني مان اھڙيءَ طرح موڪلايو، جو گهر ۾ ٻئي ويلي جو سيڌو سامان بہ موجود ڪو نہ ھو.
ھُن ڪڏھن بہ بلو پيٽرول(2) ڪو نہ پھريو ھو ۽ نہ ئي ھن جي سيني تي ڪڏھن ڪنھن گهنٽيون سينگاريل ڏٺيون ھيون. ھن جي ھڪ ڪمري واري قئارٽر (ننڍي گهر) ٻاھران ڪي بہ محافظ جٿا موجود ڪو نہ ھوندا ھئا ۽ نہ ئي ھن جي تنبيلي ۾ ترڪي گهوڙا ۽ ٻن ٿوھن وارا ڳاڙھا اٺ ڪڏھن ڪنھن ڏٺا.
ھُن کجور کاڌي ۽ انھن ئي کجين جي ڇِڊي ڇانوَ ۾ حياتيءَ جا تپندڙ ڏينھن گذاريا. ھُو پاڙيسرين وٽ مزدوري ڪندو ھو. ھو پنھنجي گاديءَ واري شھر جي گهٽين ۾ ٻھاري ڏيندو ھو، گهر ۾ سبڻ کان وٺي ڇنڊ ڦوڪ تائين ھُن سڀ ڪجهہ ڪيو.
ھُو مزدور ھو، ھاري ھو، سپاھي بہ، سياستدان بہ ۽ ۽ ڊپلوميٽ به.
ھُو ظلم، ڏاڍ ۽ ڦرلٽ جو سڀ کان وڏو دشمن ۽ سماجي انصاف، برابريءَ ۽ انساني ڀائپيءَ جو سڀ کان وڏو علمبردار ھو.
اھي ئي اُھي عمل آھن جيڪي منھنجو انھن شين تي ايمان تازو ڪرڻ جو ڪارڻ ٿيا جن تي آءٌ اڄ ايمان ۽ پڪ رکان ٿو. مون لاءِ ھن جي ذات ئي پاڪستاني نظريو ھئي ۽ آھي.
مون کي ان جي پرواھہ ڪونھي تہ قوم تي مڙھيل اڄوڪي ڦورو نظام جا ”پٺُو“، نئين سامراج جا مترڪا، ھي منافق ڪھڙو نعرو ھڻي رھيا آھن. مون کي انھن واتوڙي حوالدار ميجرن جي ان بڪواس جي ڪا بہ پرواھہ ڪونھي جيڪا اھي ھڪ ٻي ذلت ڀري پسپائي ۽ ھٿيار ڦٽو ڪرڻ واري ڪاڄ جي انتظار ۾ ڪري رھيا آھن.
پنھنجن ھم عصرن جي ذاتي مفادن ۽ تحفظن لاءِ ھلندڙ ھيءَ ڊوڙ ھڪ جابر حڪمران جو خوف ۽ ھن خوني رات پيئاڪ نظام جي چَنبا مون کي منھنجي ”جنگ“ کان جھلي نہ ٿا سگهن. مون پنھنجي ملڪ ۽ ملڪ جي ھٿياربند فوجن جي عزت ۽ سلامتيءَ جي بچاءَ لاءِ جن مورچن ۾ پير ڄمايا آھن ساھہ جي پوئين گهڙين تائين اتان موٽ نہ کائيندس.
جيتوڻيڪ منھنجي سَڌ آھي تہ ”ڪجهہ ٻيا ھٿ“ بہ انصاف ۽ سچائيءَ لاءِ ھٿيار کڻي پنھنجن کيتن ۽ ڪارخانن، پنھنجين يونيورسٽين ۽ ڇانوِڻين، پنھنجن شھرن ۽ ڳوٺن ۽ ”ڪئپيٽل“ (گاديءَ) ۽ ”هيڊقئارٽرن“ (مُک گهرن) تي ڇانيل منافقيءَ ۽ ڦرلٽ جي خاتمي واري جنگ لاءِ تيار ٿي وڃن.
اھو ئي تہ آخري رستو آھي جنھن تان ھلي اسين پنھنجي ساڻي سماج ۽ واڍوڙيل خودداريءَ کي سھارو ڏئي سگهون ٿا. اھو ئي تہ ھڪ انداز آھي، جنھن سان اسين پنھنجي رت ۽ پگهر وسيلي پاڪستان ۽ پاڪستاني نظريي جي صحيح معنائن کان واقف ٿي سگهون ٿا.
پاڪستان جي بنياد جو تصور سڃاڻڻ لاءِ مون کي نہ تہ ڪئپيٽل ھِل ڏانھن ڏسڻ جي گهرج آھي ۽ نہ ئي پنڊيءَ جي پينٽاگون(3) ڏانھن قوم جي ابي جِي، پھرين آئين جوڙيندڙ اسيمبليءَ ۾ ان جي پھرين صدر جي حيثيت ۾ افتتاحي تقرير اسان کي اھو سڀ ڪجهہ مھيا ڪري ٿي جنھن جي اسان کي ان معاملي ۾ ڳولا ٿي سگهي ٿي.
11-سيپٽمبر 1947ع جي صدارتي تقرير ۾ ھن چيو ھو:
”اسين انھن بنيادي انساني اصولن جي قوت ۽ روح سان ابتدا ڪري رھيا آھيون جن موجب اسين سڀ ھڪ رياست جا رھاڪو آھيون ۽ ھر طرح پاڻ ۾ برابر ۽ ھڪ جيڏا...
”جيڪڏھن اسين ھن عظيم مملڪت کي سکيو ۽ ستابيءَ جو پينگهو ٺاھڻ گهرون ٿا تہ اسان کي پنھنجو پاڻ ان جي عوام ۽ خاص طرح غريب گهڻائيءَ جي بھبود لاءِ سيڙائڻو پوندو...
”پاڪستاني مملڪت ۾ توھان آزاد آھيو، توھان مسجدن ۾ وڃڻ گُهرو يا ڪنھن ٻي عبادت گهر ۾ توھان تي ڪا بہ پابندي ناھي، توھان جو واسطو ڪھڙي بہ مذھب، عقيدي يا ذات سان ھجي، ان جو رياستي معاملن سان ڪو بہ لڳ لاڳاپو ڪونھي...
”ھوري ھوري اوھان ڏسندؤ تہ ھندو ھندو نہ رھندا ۽ مسلمان مسلمان نہ رھندا. مذھبي نڪتهء نظر موجب نہ، ڇو تہ اھو تہ ھر ماڻھوءَ جو ذاتي معاملو آھي پر سياسي نڪتي نظر ۽ ھن مملڪت جي ھڪ جھڙي شھريءَ جي حيثيت ۾ ’انصافُ ۽ انصاف بنا ڪنھن ساڙ، جانبداريءَ ۽ بدنيتيءَ جي‘ منھنجو رھنما اصول ھوندو. مون کي اميد آھي تہ توھان جي مدد ۽ پوئواريءَ سان آءٌ پاڪستان کي دنيا جي عظيم ترين رياست جي صورت ۾ آڻڻ جو خواب ڏسي سگهان ٿو.“
مٿي ذڪر ڪيل آخري ٻول چوڻ کان اڳ قوم جي اَبي، دستور ٺاھيندڙ اداري کي، ان جي ٻن بنيادي فرضن کا ھيئن واقف ڪيو:
”توھان جو پھريون فرض اھا ڏاڍي ڏکي ۽ عظيم ذميواري آھي جنھن موجب توھان کي پاڪستان جو آئين تيار ڪرڻ ۽ وفاقي پاڪستان جي ھر طرح آزاد قانون ٺاھيندڙ اسيمبليءَ جو ڪردار ادا ڪرڻو آھي.“
مون پنھنجن پَسڻ وارن انھن چمشن جي مدد سان، جن جو وجود انھن ماڻھن ٺاھيو آھي جن ھي ڊگهو عرصو مون کي بنا ڪيس ھلائڻ جي قيد ۾ بند رکيو آھي، جناح جي انھن لفظن ۽ انھن سٽن جو ڳوڙھو اڀياس ڪندي ڳوليو آھي، پر مون کي پاڪستان جي ان بنيادي دستاويز ۾ ڪٿي بہ ”نظريهء ضرورت“ جي گنجائش نظر نہ آئي ۽ نہ ئي ڪٿي مارشل لا جو ذڪر.
سائين منھنجا! ھن جي لفظن جي ذخيري ۾ مُلا، مارشل، ايڊمرل ۽ جنرل جا لفظ قطعي ڪونھن. ھو تہ رڳو عوام، انصاف ۽ برابريءَ جي ڳالھہ ڪري ٿو يا وري ھڪ آزاد ۽ خودمختار پارليامينٽ ۽ آئين جي.
ان جي خوابن جا قاتل جنرل ۽ جج سڀاڻي ھُن کي ڪھڙو منھن ڏيکاريندا؟
مون کي ڪو بہ ڀؤ ڪونھي. آءٌ اھو چوندي ھڪ گهڙي لاءِ بہ نہ ھٻڪندس تہ منير کان انوار الحق ۽ ايوب کان ضياءُ الحق تائين، انھن سڀني ماڻھن ۽ ملت سان ڌوڪو، ٺڳي ۽ دغا ڪئي آھي.
سائين منھنجا! ھي اسين ”اڌ رات جا پُٽ“ ناھيون، پر ويھہ ۽ ٽيھہ واري ڏھاڪي ۾ جنم وٺندڙ ”بچونگڙا“ آھن جن غداري ۽ انتھائي غداري (ھاءِ ٽريزن High Treason) ڪئي آھي. اھڙن ئي ماڻھن جي ڀاڙيائپ، مصلحت پسنديءَ ۽ ”ھٿيار ڦٽو ڪرڻ“ وارين نيتن جو ڪيتو، اڄ آءٌ پنھنجي رت، ڳوڙھن ۽ بدترين خدشن جي صورت ۾ ادا ڪري رھيو آھيان!
لاھور ۾ ويٺل ڪنھن بہ ميجر، ڪرنل يا جنرل لاءِ پنھنجي ھن ڏوھہ-چٺي جي تياري ۽ منظوري ڏاڍو سولو ڪم ھو، پر آءٌ حيران آھيان، منھنجين انھن تھمتن جي تياري ڪندي، انھن مان ڪنھن کي ڪو خيال نہ آيو. اھو آءٌ نہ، پر اھي ھئا جيڪي اگهاڙي ڏاڍ جي ڏڍ تي قانون ٺاھيندڙ ادارن جون ڪرسيون والاري ويٺا آھن. اھو آءٌ نہ، اھي آھن جن قانون ٺاھيندڙن جي قلمن جي جاءِ انفنٽري رجمينٽن جي زھر لڳل سنگينن کي ڏئي ڇڏي آھي. اھو آءٌ نہ، اُھي ئي ھئا جن اسان جي اوسيئڙي ۾ عرصي کان ترسندڙ فضائن ۾ نازل ٿيندڙ جمھوريت جي سڙٻاٽن کي ”حوالدار ميجرن“ جي ڊيڄاڙيندڙ رڙين ۽ فوجي بوٽن جي نچندڙ کُڙين جي کٽاکٽ ۾ بدلائي ڇڏيو آھي.
مسٽر پريزيڊنٽ! اھو آءٌ نہ، پر اھي آھن جن محمد علي جناح جي خوابن ۽ اميدن کي ذرا پرزا ڪري ڇڏيو آھي. اھو ماڻھو جنھن کان سواءِ ٻيو ڪنھن کي بہ حق ناھي تہ ھو پاڪستان جي نظريي ۽ ان جي پيڙھائتي بنياد جي تشريح ڪري سگهي.
اسيمبلين جي فتح ڪيل عمارتون، ڦٽو ۽ برباد ڪيل آئين، خوشامدي پٺوئن جا ٽولا، سرڪس جي چٻرن جھڙا عوامي نمائندا، ڪٿيل ڦاٽل ۽ قد موجب ”چريل“ سرحدون، ٽٽندڙ اميدون ۽ ڀريل واعدا وچن!
Thou art the ruins of the noblest man
That ever lived in the tide of times.
”اھي ئي تہ آھن وقت جي وھڪري ۾ جنم وٺندڙ عظيم ترين ماڻھوءَ جا کنڊر!(4)“ (شيڪسپيئر)
ڪالھہ، جڏھن تھمت لڳل نمبر 3، 4، 5 جو ڪونسل برگيڊيئر (رٽاريرڊ) اقبال احمد خان پنھنجي مؤڪلن جي بچاءِ ۾ آخري دليل ڏئي رھيو ھو تہ آءٌ ان پٺيان ويٺي اھي لکي رھيو ھوس. ان وقت مون کي پنھنجو جسم بٺيءَ ۾ پگهرجندڙ لوھہ لڳي رھيو ھو، پر اڄ آءٌ ھي بيان ڏئي رھيو آھيان تہ ذاتي طرح آءٌ پاڻ پنھنجي لھجي جي نرميءَ ۽ وچٿرائيءَ تي وائڙو رھيو آھيان. جيتوڻيڪ پري ڪونھي تہ (ڪوٽ جي) ڪنڊاين تارن جي ھن پار ويٺل شڪارين مان ڪو ھاڻي بہ اھو چئي ڇڏي ته
Cet animal est tres mechant
Quand and atteque il se.
”ھي جانور تہ ڏاڍو بدتميز ۽ کيشٽي آھي، جڏھن حملو ڪيون ٿا تڏھن بچاءُ ڳوليو وٺي.“
بھرحال، عدالت جا صدر! آءٌ جيڪو ڪجهہ بہ چئي رھيو آھيان پنھنجي بچاءَ ۾ ڪو نہ ٿو چوان. توھان ڄاڻو ئي ٿا تہ مون پنھنجي صفائيءَ جي وڪيل کي ابتدا ۾ ئي شاھدن ۽ آڏي پڇا بابت توھان جي جانبدار ۽ بي انصافيءَ واري رولنگ خلاف احتجاج ڪندي ڇڏي ڏنو ھو.
ان کان سواءِ آءٌ اھو بہ ڄاڻان ٿو تہ منھنجي دفاعي جنگ سرڪاري وڪيلن جي ٽولي جي دلين ۾ ڪو بہ انقلاب آڻي نہ سگهندي. اھا ڌار ڳالھہ آھي تہ پنھنجي فطرت کان مجبور آءٌ ان ٽولي سان بہ پيار جو پيچ وجهي ويٺو آھيان، جڏھن تہ مون کي ڄاڻ آھي تہ سڀ ڪجهہ ڄاڻڻ سمجهڻ باوجود بہ شيخ اعجاز سچائيءَ ڏانھن نہ ايندو. ھن ڀرپور جنگي صورتحال مان نڪري وڃڻ کان پوءِ بہ پنھنجي واندڪائيءَ جي گهڙين ۾ شايد ئي ھو ڪڏھن منھنجي ۽ ٻين جي خلاف غداريءَ ۽ انتھائي غداريءَ جھڙا غير منصفانہ ۽ ناجائز لفظ موٽائي وٺڻ تي تيار ٿي سگهي.
دراصل شيخ صاحب جون سموريون بدڪون نہ پر ھنج ھئا ۽ منھنجا سمورا ھنجَ ھنج نہ پر بدڪون ھئا.
مسٽر شاھد رحيم (ٻارھن پٿر ميجر(5 ) ڊپٽي ڊائريڪٽر ميجر انٽيليجنس جيڪو شيخ صاحب جو اسان جي خلاف سڀ کان قيمتي ۽ پيارو ھنج ھو (جنھن بدمستيءَ جي حالت ۾ ڪنھن عورت جي لڄ لٽڻ لاءِ ان جي گهر ۾ گهڙي پڪ ئي ڏاڍي عزت ڀريي ۽ شاندار ڪردار جو مظاھرو ڪيو ھو) ان ”بدڪ“ جي مقابلي ۾ (جيڪا ڪنھن جي ناھي ۽ جنھن جو ڪو بہ ناھي) پر پاڪستاني نظريي جي تشريح جي جسارت ان وقت ڪري رھي ھئي جڏھن ”ڪائو بواءِ“ (شڪاري، کيڏاري) رونالڊ ريگن اڃا جيئرو ۽ وس وارو آھي.
سائين منھنجا! مون سرڪاري ۽ دفاع جي ھَنجن ۽ بدڪن بابت گهڻو ڪجهہ چئي ڇڏيو آھي، پر آءٌ ھي ”واعظ“ ڪنھن جي آڏو ڪري رھيو آھيان! منھنجن ايڪيتاليھہ بدڪن مان تہ ڪنھن ھڪ کي بہ ھن قلعي اندر اچڻ جي موڪل نہ ڏئي وئي. ان ڪري ھاڻي مون کي ھيءَ ”بڪواس“ بند ڪرڻ گهرجي..... [شايد ھتي بہ ڪجهہ صفحا گم آھن] .....
فتح ڪيل پنجاب جي فوجي گورنر (ليفٽيننٽ جنرل غلام جيلاني خان) جي منظور ڪيل ڏوھہ-چٺي ۾ منھنجو ايندڙ ڏوھہ اھو چوڻ آھي تہ پاڪستان جي ورھاست فوجي دَور ۾ ٿي.

__________________
( 1) ليکڪ پاران ان باب جو عنوان ”نظريهءِ پاڪستان جي غلط طريقي سان ترجماني ڪئي پئي وڃي“ ڏنل آهي. - رياضت
( 2) فوجي آفيسرن جو سرڪاري ڪاڄ لاءِ سڀ کان مھانگو لباس.
(3 ) عام معنائن ۾ گ.ا.ر جي ان پنجڪُنڊي عمارت ڏانھن اشارو جتي سامراجي دماغن ۽ مفادن جا محافظ ويھي قومن جي تقديرن جا فيصلا ڪندا آهن. - سنڌيڪار
(4 ) جناح ۽ سندس سپني جي ساڀيان!
( 5) ٻارھن پٿر جو اصطلاح پراڻن ڏينھن ۾ انهن فوجين خلاف ڪتب آيو جيڪي ڪورٽ مارشل کان پوءِ ڪنھن به سرڪاري نوڪريءَ جا حقدار نه ھئا.

پاڪستان جا ٽڪرا فوجي حڪومت جي ڏينھنِ ۾ ٿيا

The Break up of Pakistan Happened during a Military Regime

اھو گورنر اٺين فرنٽيئر فورس رجمينٽ جو ڪمانڊنگ آفيسر رھي چڪو آھي ۽ توھان ڄاڻو ٿا تہ ھو پِفرز (Pifers) ھاڪيءَ جو ھڪ بونگو (وات-پَٽيو) رانديگر( 1) پيدا ڪرڻ کان سواءِ بہ ڪجهہ ٻين ڪمن ۾ ڏاڍي مشھوري رکي ٿو.(2 )
سائين منھنجا! ھڪ جنرل پاران ھڪ ميجر تي اھا تھمت بہ حقيقت قبولڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهہ ناھي. بابا بُلھي شاھہ جي بَڪل (ڪنگڻ) جو چور ايئن ئي تہ ڳالھائيندو آھي:
ميري بڪل وچ چورني...
آءٌ پنھنجي سروس ڪَيرئر دوران ھٿياربند فوجن جي ڏينھون ڏينھن گهـٽـجندڙ اخلاقي قوت، وسامندڙ ويڙھاڪ خواھشن ۽ امنگن ۽ وڌندڙ غير پيشہ ور مصروفيتن بابت شڪايت ڪندو رھيو آھيان. پنھنجي گرفتاريءَ جي ڏينھن تائين آءٌ ذھني طرح ھڪ اِنفنٽري بٽالين جي جنگي تدبيرن جي ڄاڻ تائين محدود ھوس پر منھنجي خلاف ھي ڏوھہ-چٺو اعليٰ ترين جنگي چالن (اسٽريٽجي) ۽ داءَ پيچ جو بي مثال شاھڪار آھي.
سائين! اھو عقل ۽ ڏاھپ جي حربي لشڪرڪُشيءَ جي سطح جي ڏاڍي وڏي ڏيوالي جو مظاھرو آھي.
پر ڇا منھنجيءَ رڙ دانھن سان ڪو فرق پوندو؟
ڇا منھنجي ھڪ ميمبر واري ڪميشن انھن جنرلن تي اھو سڀ ڪجهہ چٽو ڪري سگهندي، جيڪو حمود الرحمان ڪميشن بہ نہ ڪري سگهي؟
منھنجو خيال آھي تہ ھاڻي جڏھن ھِن بند ڪمري واري عدالت جي بند ٿيڻ ۾ ڪجهہ ڪلاڪ وڃي بچيا آھن. مون کي ان معاملي ۾ ڏوھہ قبولڻ ئي گهرجي. اھا ڏوھہ-قبولي ھاڻي آءٌ پنھنجي رضا خوشيءَ سان ڪري رھيو آھيان.
صدر صاحب ۽ خصوصي عدالت! آءٌ اوھان جي آڏو پڪِي قبولي ڪري رھيو آھيان تہ پاڪستان جي ھار ۽ ٽوٽ ڦوٽ ھڪ فوجي حڪومت جي دَور ۾ ڪو نہ ٿي ھئي. شايد رچرڊ ايم نڪسن ۽ ڊاڪٽر ھنري ڪسينجر (تمغهء قائداعظم) جو دَورِ حڪومت ھو، جنھن ۾ ملڪ ٽُٽو يا وري مسز اندرا گانڌيءَ جو زمانو ھو جنھن ۾ پاڪستان کي ان جي پھرين تانا شاھہ، ھڪ پاڻ گهڙئي فيلڊ مارشل جي خوابن جي تعبير مطابق گهڙي گُسائي ”فطري قد“ ۾ ڦيرايو ويو. مون کي اميد آھي تہ اھا قبولي ۽ ھڪ تاريخي غلطيءَ جي درستي واسطيدار سڀني ماڻھن لاءِ راحت جو ڪارڻ ٿيندي. آءٌ ٽي ڀيرا قبوليان ٿو تہ ھيءُ ملڪ تاناشاھيءَ جي دَور ۾ نہ ٽٽو ھو.
۽ سچ تہ ھيءُ آھي تہ ان دَور ۾ ھن ملڪ ۾ ڪا حڪومت ھئي ئي ڪو نہ. منھنجيءَ سوچ موجب فوجي قانون ڪو قانون ئي ناھي ۽ تاناشاھي ڪا حڪومت ئي ناھي. آءٌ ان سازش جي ڪيس جو وڏو مياري، اڄ اُن وقت جي جنتا کي ان تھمت کان آجو ٿو سڏيان، تہ جڏھن ملڪ ٻہ ٽڪر ٿيو، تہ ھوءَ ان جي اڇي-ڪاري جي مالڪ ھئي. ڇا آءٌ اميد رکان تہ ھاڻي پريشان ضميرن سُڪون جو ساھہ کنيو ھوندو؟ منھنجو خيال آھي تہ سرڪاري فاضل وڪيل بہ پنھنجي وطن ۾ جلاوطن ھِن ”ڏوھاريءَ“ کي کين ڀاڙي تي وٺندڙ سندن فوجي آقائن جي بئنڊ جي ڌُن تي مارچ ڪندي ڏسي ڏاڍا خوش ۽ مطمئن ٿي رھيا ھوندا.
سائين منھنجا! منھنجي راءِ ۾ ڪنھن قوم ۽ ان غفلت ڪرڻ ۽ لاتعلق ٿي وڃڻ کان وڌيڪ تباھہ ڪندڙ ڪا ٻي ڳالھہ ٿي نہ ٿي سگهي، خاص طرح اھڙي وقت ۾ جڏھن اھا تاريخ بہ ھجي جنھن جا ”مئنيجر“ ”ھيروز“ ۽ ”رقيب“ اھي بذات خود رھيا ھجن.
Continuation of Martial Law has bred discontentment amongst the smaller provinces exposing the Federation to ominous threat of an Eventual Break-up.
”مارشل لا جي تسلسل ننڍن صوبن ۾ بي اطمينانيءَ (احساس محروميءَ) کي جنم ڏنو آھي جنھنڪري وفاق کي شديد خطرا لاڳڙ ٿي پيا آھن جنھن جو نتيجو ان جي (آخري ۽ مڪمل) ٽوٽ ڦوٽ جي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو.“
ان تھمت جي سلسلي ۾، آءٌ سڀ کان اڳ رياستي ڪارندن کي سندن تاريخدانيءَ ۽ ”ملڪي سياست“ جي سمجهہ ٻوجهہ تي مبارڪ ڏيڻ گهرندس. ھڪ پٽاخي قسم جي ليفٽيننٽ کان وٺي ڪنھن گهاگهہ صوبيدار ميجر تائين، اھو ڪير بہ ھجي، مون کي خوشي آھي تہ اسان ۾ ڪجهہ ان قسم جا اعليٰ ذھن موجود آھن. وري صوبيدار ميجر ته، توھان ڄاڻو ٿا تہ ڏاڍا باڪمال ماڻھو ھوندا آھن. اھي جوانن جي لنگر جي ديڳين ۾ ڪفگير سان ھڪ سٺو آرڪسٽرا تخليق ڪري سگهن ٿا، اھي ڏينھن کي رات ۾ بدلائي سگهن ٿا ۽ اھي اوھان ٻارن لاءِ ”اڇا ڪانوَ“ بہ مھيا ڪري سگهن ٿا.
اھا ڳالھہ منھنجي لاءِ ڏاڍي وڻندڙ حيرت جو ڪارڻ ٿي آھي تہ صوبن جي اھميت کي مڃيندي نيٺ پاڪستان کي ھڪ فيڊريشن طور مڃيو ويو آھي. راشدي (پير علي محمد)، بروھي (اي ڪي) ۽ سلُھري جهڙن پنڊتن جي قبيلي جي اقتدار ۾ ھوندي، ھيءُ اعتراف پڪ ئي حيرت جھڙو آھي. اڄ ڪھڙي نيڪ گهڙي آھي جو اھو بچي ويو تہ اھي وفاقي يونٽ ئي ھئا جن پھريائين پاڪستان جي تخليق لاءِ رضامندي ۽ خواھش ظاھر ڪئي ۽ وري اھو ماڻڻ لاءِ جدوجھد.
عدالت جا صاحبو! آءٌ بھرحال گُهر موجب اهو مڃان ٿو تہ اڄ پاڪستان جي وفاق کي ڪو بہ خطرو لاڳو ڪونھي، اڄ ھو ايترو مضبوط آھي جيترو اڳ ڪڏھن بہ نہ ھو، شوالڪ جبل جي ڪاڇي کان ھجرت ڪري نازل ٿيل ”سنياسيءَ“ ان جي ذخيري ۽ نسلي واڌ جي صلاحيتن ۾ يوناني ۽ اسلامي جَڙي ٻوٽين جي ڪُشتن سان بي پناھہ واڌ آڻي ڇڏي آھي.
اڃا ڪالھوڪي ڳالھہ ئي تہ آھي جو ان حامله (ڍُڪيءَ) دل گرم رکندڙ ڪنفيڊريشن کي جنم ڏنو آھي.
عزت وارا صدر! اھا تہ وڏي ڳالھہ ئي ڪونھي، فيڊريشن کان ڪنفيڊريشن تائين رڳو ٻن اکرن جو واڌارو ئي تہ آھي.
آءٌ ھِن گهڙيءَ ڏاڍي مونجهاري جو شڪار ٿي رھيو آھيان. مون کي سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي تہ آءٌ ڪٿان کان شروع ڪريان ۽ ڪٿي ختم. ڇا مون کي پھريائين ”جيئي سنڌ“ جو ذڪر ڪرڻ گهرجي يا ”آزاد بلوچستان“ جو، ڇا مون کي ”سنڌو ديش“ کي اوليت ڏيڻ گهرجي يا عظيم بلوچستان کي، آءٌ ڪاشر ديش(3 ) جي ڳالھہ سان ابتدا ڪريان يا ”آزاد پختونستان“ کان!
ڪھڙن جهنڊن کي پھريائين ڦڙڪائڻ گهرجي؟ قرارداد بنون وارن کي يا سنڌي بلوچ پختون (س.ب.پ) محاذ وارن کي. س.ب.پ محاذ کي بھرحال وقتي طرح نظرانداز ڪري سگهجي ٿو. في الحال انھن جي مھم جو جواب اسين انھيءَ ساڳي نفرت جھڙي پروپيگنڊا سان ڏئي سگهون ٿا جيڪا اسان شيخ مجيب الرحمان ۽ ان جي ڇھن نُڪتن سان جاري رکي ھئي. اسان اميد ڪري سگهون ٿا تہ ڇھن نُڪتن جيان ھن محاذ جو پروگرام بہ نيشنل پريس ٽرسٽ جي ھٿان پنھنجي موت پاڻ مري ويندو.(4 )
اسان گهڻائي (بنگالي قوم) جي ڌار ٿيڻ جي ڪھڙي پرواھہ ڪئي ھئي، جو ھاڻي اسين ٿوراين (مظلوم قومن) جي علحدگيءَ جي خدشن ۾ ڳرڻ جُهرڻ لڳون. صدا محفوظ رھن اسان جا مفاد، ملڪيتون ۽ راڄ!
شاعر ھيري گراھُم جو رھائيمس (Rhymes) ”For the Heartless Homes “ (فار دي ھارٽ ليس ھومز/بيدِل گهرن لاءِ) اسان جي زماني ۽ معاملن جون ڏاڍيون سٺيون عڪاس آھن. انھن مان ھڪ ڪجهہ ھيئن آھي:
Aunti did you feel no pain falling from that willow tree?
Would you do it please again Cos my friends didn’t see.
”چاچي! تو کي ھِن بيڊ جي وڻ تان ڪِرڻ سبب ڪو ڌڪ تہ نہ لڳو؟
مھرباني ڪري ٻيھر بہ ايئنءَ ڪندينءَ، ڇو تہ منھنجي ساھيڙين اھو (لقاءُ) ڪو نہ ڏٺو!“
مسٽر جونز جي نالي سان ھڪَ ٻي بہ ٻڌو:
They said your servant is cut into two indeed! Said Mr. Jones and please send me the half that’s got my keys!
”اھي چون ٿا تہ توھان جو نوڪر ٻن ٽڪرن ۾ ورھائجي ويو آھي. ڇا سچ پچ؟ مسٽر جونز چيو، جي ايئن آھي تہ مون ڏانھن اھو اڌ ڌڙ موڪلي ڏجو جنھن ۾ منھنجون (ٽجوڙيءَ جون) ڪُنجيون آھن.
عزت وارا صدر! چاچيءَ جي ڀاڳن ۾ شايد ھڪ ڀيرو وري وڻ تان ڪِرڻ لکيو ويو آھي، پر مسٽر جونز کي ان جو رڳو اھو ڌَڙ ڳُڀو گهرجي جنھن ۾ ان جي ٽيڪساس ۽ ڪيليفورنيا جي انچن جون ڪنجيون رکيون آھن.
عدالت جا صاحبو! اڄ کان ڪي ست سال اڳ ھڪ حُر مرد، پنھنجي ڦاھيءَ جي ڪال ڪوٺڙيءَ مان اسان جي مٿان ڪڙڪندڙ طوفان ۽ تباھيءَ کان اسان کي ھيئن خبردار ڪيو ھو:
The hour has sturk. The supreme challenge lies in preventing, another out break. Tongue ashing, abuses and the employment of force will be disastrously counter productive. Time is crying for political dexterity, for vision and for genuine consensus. The immediate ‘need’ (?) is for a comperhnsive political settlement based on equitable formula. This is a moment for quiet good sincere negotiations between brothers, without malice or prejudice.
”گهنڊ لڳي چڪو آھي. اھم ترين للڪار اھا آھي تہ اسين ھڪ ٻي ورھاست کي وجود ۾ اچڻ کان اڳ بند ڪري ڇڏيون. زباني چھبڪ، گاريون ۽ ڏاڍ جو واھپو منفي ردعمل پيدا ڪندو. وقت رڙيون ڪري سياسي ھوشياريءَ، دورانديشيءَ ۽ ھر معاملي ۾ سرچاءَ جو سڏ ڏئي رھيو آھي. ھڪ انصاف ڀري فارمولا موجب سياسي پرچاءُ تڪڙي گهرج آھي. ڪنھن بہ ساڙ يا ڪِيني کان سواءِ ڀائرن جي وچ ۾ ڪارائتين ۽ پرخلوص ڳالھين لاءِ ھيءَ ئي مھل آھي.“ (ذوالفقار علي ڀٽو: ”جيڪڏھن مون کي قتل ڪيو ويو“)
پر ڀائرن ان سان ۽ ان جي ڀائرن سان سندس اباڻي ڌرتيءَ سنڌ ۾ جيڪو ڪجهہ ڪيو، اھو ھاڻي تاريخ ۽ تحريڪ جو حصو ٿي چڪو آھي.
سنڌ جي ھاري ۽ پنجاب جي ”جنگباز سالار“ جو ناتو اڄ ڏاڍي ڪچي ڌاڳي سان ٻڌل آھي.
عدالت جا صاحبو! توھان ڪنھن قوم کي، ان جي ماڻھن کي اُن وقت تائين نہ ٿا سڃاڻي سگهو جيستائين توھان کي اھا خبر نہ ھجي، تہ صدين جي سفر انھن جي ذھنن تي ڪھڙا ڪھڙا نقش چٽيا آھن. آرڊيننس، مارشل لا ۽ حڪمن جون تلوارون تھذيبن، قبيلن ۽ سوچن کان ڪاٽي ڌار ڪري نہ ٿيون سگهن.
سنڌڙيءَ تي سر ڪير نہ ڏيندو،
سَھندو ڪير ميار او يار!
ھتي آءٌ اوھان کي جنرل ھوش محمد (ھوشو شيديءَ) جي ان جنگي نعري (مَرسون مَرسون، سنڌ نہ ڏيسون) جي ياد ڏياري رھيو آھيان جيڪو ھن ”مياڻيءَ“ واري جنگ جي ميدان ۾ جنرل نيپيئر خلاف اوچو ڪيو ھو. جنرل ھوش محمد جنگ ۾ ڪم اچي ويو، پر سندس نعرو امر بڻجي ويو.
جن ماڻھن جي ٻڌڻ-سگهہ اڃا جيئري آھي، اھي اڄ بہ ان کي ٻڌي سگهن ٿا. دراصل اڄ تہ سنڌوءَ جا ڪنارا تر کان چوٽ تائين ان جي پڙاڏي سان سجاڳ ٿي چڪا آھن.
توھان ماڻھن کي انھن جي قدرن، ثقافت ۽ رسمن جي فطري رنگ کان ساڳيءَ طرح وانجهو ڪري نہ ٿا سگهو، جيئن توھان ڪنھن صوبي جي موسم بدلائڻ جو وس نہ ٿا رکو.
بلوچستان جي ڦَٽن مان اڄ بہ رت ڳڙي رھي آھي. توھان اسلام آباد جي محلن (محلات) ۾ ويھي، ھڪ سڄي-دنيا کي انھن شين کان وانجهو ڪرڻ جو فيصلو ڪيئن ڪري سگهو ٿا جن کي سيني سان لايو ھوءَ جيئندي ھجي ۽ مرندي ھجي ــــ اھا دنيا، جنھن ۾ ڪو صدين کان وسي رھيو ھجي، توھان ان کان اھا دنيا ڪيئن کسي سگهو ٿا!
مانوارا صدر! ياد رکجو، اھي رڳو ”ھاٿي“، ”اٺ“ ۽ عورتون ئي ناھن جيڪي پنھنجن ڦٽن کي نہ ٿيون وسارن، صوبن ۽ علائقن تي قبضي جو نظريو ھاڻي ڪم نہ ڏيندو. اقتدار، قوت ۽ طاقت ۾ ”گڏپ“ جي ڳالھہ بہ ھاڻي پراڻي ٿي چڪي آھي. اسان کي ھاڻي اھو سرچشمو موٽائي ڏيڻو پوندو جيڪو اسان کانئن کسيو ۽ غصب ڪيو ھو. بلوچيءَ جو ھڪ پھاڪو آھي تہ:
Beir Balochistani Tan do sad sala Lassan Ahing do ten Tanen.
”ھڪ بلوچ وٽ بدلي جو جذبو ٻن صدين تائين نوجوان سھي جيان، چاق چوبند ۽ ڦڙتيلو ۽ تازو توانو رھندو آھي.“
مون کي اھو چوڻ جي موڪل ڏيو تہ ھڪ بلوچ نہ ٿو وساري، تہ باقي سڀ بلوچ ڪڏھن بہ نہ وساريندا. اسين ڏيڍ دريائن جي ڌرتيءَ جا جنگباز نيٺ ڇا ٿا گهرون؟
شايد توھان اھو بلوچي ”قومي“ ترانو بہ ٻڌي رکيو ھجي جيڪو اڄڪلھہ خاص طرح جوانن جي حقيقي نمائنده تنظيم بي ايس او (بلوچستان اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن) جي جلسن ۾ ڳاتو وڃي ٿو.
آءٌ ڄاڻان ٿو تہ توھان جو ڏاڍو قيمتي وقت ذيان ٿي... [ھتي ڪجهہ صفحا يا پئرائون گم آھن.]
March on March on this living Slavery is forbidden to the faithfull from his pain Nasir said it, March on!
With pride in your mother land with devotion in body and soul come out of Slavery, March on! March on!
وک ٻڌايو، وڌندا ھلو!
ھن جيئري غلاميءَ جو وجود
ايمان وارن تي ڪفر جو قبضو
ناصر پنھنجي قلم وسيلي
ھنيو نعرو:
وک وڌايو، وڌنڌا ھلو!
ڌرتي-ماءُ تي فخر ڪندي
جسم ۽ روح جو نذرانو ڏيندي
غلاميءَ مان جند ڇڏايو
وک وڌايو، وڌندا ھلو!
عدالت جا صدر! ھي نئون نسل ڪنھن غلاميءَ جي ڳالھہ جي ڪري رھيو آھي:
اسان کي ان جي معنا ڪير ٻڌائيندو؟
ھاڻي ٽڪرن کي ڪير گڏ رکندو؟
توبون؟ جابلو توبون؟ خچر ۽ ٽئنڪون؟
منھنجي بيان سان گڏ اخباري ڪٽنگ بہ نظر وجهو،( 5) ۽ وري ھڪ پختون کي اھو ڪجهہ چوڻ کان ڪيئن جھلي سگهجي ٿو جيڪو خوشحال خان خٽڪ صديون اڳ چيو ھو:
”لفظ پختون جو تہ مطلب ئي عزت ۽ عظمت آھي. ان کي منفي ڪري ڇڏيو تہ افغانن جي قبضي ۾ رھجي ئي ڇا ويندو؟“
نئين ڄاول ڪاشر ديش جي ڪھاڻي ڪنھن ٻئي نموني جي ناھي. ھماليا جي چوٽين ۽ ان جي ڪاڇي ۾ پلجندڙ نوان نسل حُبہ خاتون، غني ۽ ايتري قدر جو لِله عارفہ جي ڪلام کي بہ نيون معنائون ڏئي رھيا آھن، ڇا توھان نہ ٿا ڄاڻو تہ پونڇ جي مجاھد شمس خان جي جنگي نعرن کي ڪھڙو روپ ڏنو پيو وڃي؟
پر آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اطمينان ۽ سُڪون تہ انھيءَ ۾ آهي تہ توهان هن رياست اندر رياست جي دشمن ميجر جو قيمو ڪري ڇڏيو جنھن خطري جي گهنٽي وڄائڻ جي همت ڪئي آهي!
آءٌ پنھنجي روح جي ڏک ۽ سُور جي دانھن ڪنھن کي ڏيان؟ آءٌ شڪايت ڪنھن سان ڪيان؟ انھيءَ ڏک ۽ سور جي ئي تہ مون کي سزا ڏني وئي آھي ۽ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اھا سزا مون کي ملندي ئي رھڻي آھي.
شايد مقدر جي ديوتا منھنجن ڀاڳن ۾ اھو ئي لکيو ھو، پر پنجاب جا جنگباز، آخري گهنڊ ٻڌڻ کان اڳ ڪجهہ سمجهندا يا نه؟ مون وٽ ان سوال جو ڪو بہ جواب ڪونھي. ھن سوال جو جواب تہ ايم آر ڪيانيءَ وٽ بہ نہ ھو. ھُو بہ ان کان سواءِ ٻيو ڪجهہ چئي نہ پئي سگهيو جيڪو ڪجهہ آءٌ چئي رھيو آھيان.
Oh! You Punjabis consider your Sword Arm and the name which Englishman gave you. The Martial races! On the Fields you have done Martial deeds and in the courts you have brought Martial-Law.
”او پنجابيو! پنھنجيءَ تلوار واري ٻانھن ۽ ان نالي جي ڳالھہ ڪيو جيڪو انگريزن توھان کي ڏنو ـــــ مارشل نسل (جنگباز نسل)! جنگ جي ميدان ۾ توھان جنگي ڪارناما ڪيا آھن ۽ جنگي قانون (مارشل لا) کي ڪورٽن ۾ وٺي آيا آھيو.“
سائين منھنجا! ھن مھل آءٌ توھان کي کُلنا، جيسور، سلهٽ ۽ ڍاڪا جي پرانھين ۽ وساڻل باھہ جي ڄِڀين جي ڳالھہ ياد ڪو نہ پيو ڪرايان. ھِن وقت تہ آءٌ سکر، نوابشاھہ، موري، بدين ۽ قاضي احمد جي فضا ۾ ڇانيل دونھين جي ڪارن ڪڪرن ۾ ڦاٿل، توھان کي سڏي رھيو آھيان...
ڇا اڄ پاڪ آرميءَ جو ڪو عھديدار ھٿيارن کان سواءِ سنڌ جي ڪنھن بازار مان لنگهي سگهي ٿو؟ ڇا پاڪ فوج جو ڪو وردي پھريل آفيسر محافظن جي اڻ موجوديءَ ۾ سنڌ جي ڪنھن تعليمي اداري اندر پير پائي سگهي ٿو؟ جيڪڏھن نہ، تہ پوءِ اھو ڇا آھي؟
سائين منھنجا! ھڪ پلاٽون، ھٿياربند ماڻھن جي ڇانوَ کان سواءِ تہ توھان اڄ سنڌ جي ڪنھن ڍنڍ ۾ آڙين جو شڪار ڪرڻ بہ نڪري نہ ٿا سگهو!
مسٽر پريزيڊنٽ! ڇا اسان جنگ جي حالت ۾ آھيون؟ ڪنھن جي لاءِ؟ ڪنھن جي خلاف؟
رڳو جيڪڏھن اسان کي ھن گهڙيءَ بہ احساس ٿي وڃي، وڏن جنرلن جي خواھش ھجي، تہ آءٌ سمجهان ٿو تہ اڃا بہ اسان جي بدن ۾ ايتري رت آھي جو اسين زيتون جي ھڪ باغ کي ڀري سگهون.
سائين منھنجا! ڪِريل پُلين جي مرامت اڄ بہ ٿي سگهي ٿي، پر اسين جيڪا پوڪر (راند) کيڏي رھيا آھيون ان جي مدد سان نہ. سائين، پوڪر ڪو نہ ھلندي!
زيتون جي باغ جي ذڪر تان مون کي پنھنجي ڀاءُ ملڪ ترڪيءَ جي ضمير جي آوازَ ناظم حڪمت جي ياد اچي رھي آھي. ھن چيو ھو:
”جيڪڏھن توهان هڻي سگهو ٿا تہ پوءِ توهان کي ضرور زيتون جو هڪ ٻوٽو هڻڻ گهرجي، پوءِ ڇو نہ توهان ستر ورهين جا ٿي ويا هجو.“
منھنجي تمنا آھي تہ منھنجو ڏٻرو آواز انھن ڪاڻن-ڪنن(6 ) تائين ضرور پھچي جيڪي گذريل اَٺن سالن جي مھم جوئيءَ کان پوءِ ”ٻاھتريا“(7 ) ٿي ويا آھن.
ڪجهہ سال اڳ، پينٽاگون جي پاليل، مسلم امه جي معززن جو ھڪ وفد ياسر عرفات سان ملڻ ويو ھو. سُڌ موجب، اڃا بہ، ھدايت موجب، انھن ياسر عرفات کي نصيحت ڪئي تہ ھن وقت ڳالھيون ڪرڻ جو دروازو کولڻ لاءِ ھٿيار ڦٽا ڪرڻ ئي مجموعي مفاد ۾ ھوندو. اھو ابو موسيٰ جي بغاوت کان ترت پوءِ جو واقعو آھي جڏھن پي ايل او (فلسطيني ڇوٽڪاري واري تنظيم) ڏاڍي خراب حالت ۾ ھئي، پر ياسر عرفات، ان ڏاکڙي جي سورھيه، وري بہ کين جواب ڏنو: ”مسلمانو! اسان جي ھر نئين نسل پنھنجي پراڻي نسل سان غداري ۽ ڌوڪو ڪيو آھي. ڇا توھان چاھيو ٿا تہ آءٌ پنھنجي ٻارن سان غداري ڪرڻ وارن مان ٿيان؟“
آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ مسلم اُمه جي وڏيرن ياسر عرفات جي ان سوال جو جواب ڪھڙو ڏنو! آءٌ تہ رڳو ايترو ٿو ڄاڻان تہ اھو ئي سوال کنيو مُدت کان اوسيئڙي ۾ بيٺو آھيان، مون کي ان جو جواب ڏيڻ وارو ڪو بہ نہ ٿو ملي.
آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اڄوڪي پاڪستان ۾ اھڙا سوال سدائين بي جواب رھندا!
ھاڻوڪيءَ 23-مئي تي، مون کي ھڪ مائٽ شاعر خالد محمود عارف جو مجموعو ”گردِ سفر“ سوکڙيءَ ۾ ڏنو. ٻڌو آھي تہ خالد محمود عارف اسان جو وائيس چيف آف دَ آرمي اسٽاف آھي.
شاعريءَ سان ڪا بہ دلچسپي نہ ھوندي بہ، جيڪا ڏاڍي اڀاڳي ڳالھہ آھي، مون ان مجموعي تي مٿاڇري نظر وڌي، ان ڪري نہ تہ مون کي خوشامدڙين ۾ پنھنجو نالو لکائڻ جو شوق ھو، پر رڳو ان ڪري جو مون اھو ڏسڻ پئي گُهريو تہ نيٺ ھي ماڻھو آھي ڪير، جنھن پنھنجيءَ ميز تي رکيل ڪتاب ”مينيوئل آف پاڪستان ملٽري لا“ جي ٻنھي جُلدن جي موجودگيءَ ۾ ايترن آفيسرن جي ان حڪم نامي جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي جيڪو ھن جي ۽ سائي ڪتاب جي سمورن اختيارن ۽ قانونن کي پوئتي اڇلائي فريم (بند) ڪيو ويو آھي.
آءٌ ھن ملڪ جو اھو آخري ماڻھو ھوندس جيڪو ھيٺ ڏنل شعرن ۾ اعلان ڪيل جنرل جي پنھنجي سوچ ۽ عقيدي جو حوالو ڏئي، ان جي سٺي ضمير کي جاڳائڻ جي اپيل ڪندو.
درِ زندانُ رهے گا بند کب تک
قفسَ وا کر، اسيروں کو رها کر
کَها عارف سے ايک پير مَغَاں نے
اس بڑھاپے ميں تو ظالم کچھ حيا کر
ان معاملي ۾ جنرل حيا ڪري يا نہ، مون کي ڪا پرواھہ ڪونھي، پر آءٌ بھرحال پاڪستان جي ٻہ-ٽڪرا ٿيڻ، آئين جي بي عزتيءَ، وفاقي يونٽن ۽ صوبن تي فوجون چاڙھڻ بابت، فوجي مھم جوئيءَ سبب غلاميءَ جي دَور ۾ موٽ ۽ ھن انڌي دور ۾ ڪيل اوڀ ۽ ويڪر ۾ ٽوٽ ڦوٽ ۽ ورھاست بابت جنرلن جي قبول ڪيل حقيقت جو داد ضرور ڏيندس.
زيبا نھيں هے هم کو شبِ تار کا گلہ
هم نے تو خود قبائے سحر تار تار کي
جيڪڏھن اھڙيءَ طرح جنرل عارف جي شاعريءَ کي ان جي صحيح ڏيک ۾ سمجهي سگهيو آھيان تہ پوءِ اھا ڳالھہ منھنجي لاءِ سُک جي ساھہ جو ڪارڻ آھي تہ مارشل لا جنتا ۽ جنرل ھيڊ ڪوارٽرز جا سپاھي، ھاڻي ڪجهہ سپاھي بہ مختلف ٻوليون ٻولي رھيا آھن، پر جيڪڏھن جنرل جو اھو مطلب نہ ھو جيڪو مون سمجهيو آھي تہ بھرحال ان غلط فھميءَ جو ذميدار آءُ ڪو نہ آھيان ۽ نہ ئي وري مون کي ان جو حساب ڏيڻو آھي.
اٽڪ قلعي جي قيد ۾ بند ميجرن کان سواءِ يونيفارم (ورديءَ) ۾ ڍڪيل اسان جي آرميءَ جو ھر ميجر عام احتساب ۽ مسٽر جسٽس اي بي حليم(8 ) تائين پاران ڪنھن قسم جي روڪ ٽوڪ کان بالاتر آھي. اسان جو ھر ميجر ۽ حوالدار ميجر ۽ ميجر جنرل؟ پنھنجيءَ ذات ۾ مجسم قانون ھوندو آھي.
The Law is true embodiment of every thing that’s Excellent it has no kind of fault or flaw and I my Lord embody the law.
”قانون ھر شيءِ جو ٺھيل جسم ھوندو آھي جيڪو اعليٰ ترين ھجي، ان ۾ لوڏي لمي ۽ غلطيءَ جو ڪو بہ امڪان نہ ھوندو آھي ۽ منھنجا مالڪ، آءٌ مجسم قانون آھيان!“ (گلبرٽ)
عدالت جا صاحبو! ماڻھو فيڊريشن جي آئيندي بابت ان کان گهڻو وڌيڪ اڳتي جي ڳالھہ ڪري رھيا آھن جنھن جي تھمت مون تي آھي (۽ جنھن سچائيءَ جو اعلان ڪرڻ لاءِ آءٌ ڪٽھڙي ۾ بيٺو آھيان). ھاڻي تہ اھو سڀ ڪجهہ نوشتهء ديوار ٿي چڪو آھي.
جنرل ضياءَ جي پنھنجن لفظن ۾ (جنھن جو اخباري ٽڪرو ھن بيان سان ڳنڍيل آھي): ”اسين ھاڻي ھڪ فرنٽ لائين اسٽيٽ ٿي چڪا آھيون.“
عدالت جا صدر! فرنٽ لائين اسٽيٽ پر ڪنھن جي خلاف؟ ڇا اسين پنھنجي حوش ۽ حواسن ۾ آھيون؟
ڇا اسان کي ماضي-ورجائڻ جي لاڳيتي سزا ڏني وئي آھي؟ يا اسان کي ھر ھر ماضيءَ ۾ ئي ڄمڻو ۽ مرڻو آھي؟ شايد توھان کي ايران جي شاھي خيمن جو اھو شھر ھاڻي بہ ياد ھوندو جتي اسان جي عزت ماب ٻئي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر صاحب سائرس اعظم کي خيمي ۾ پيل غاليچي تي پيشاب ڪندي روسي رھنما کي ”ان جي بنگلاديش“ جو نقشو ٺاھي ڏيکاريو ھو( 9) پوءِ ان پيشابي جنگاڻ وارن قدمن تي ئي ظل سبحانيءَ مسٽر پڊگورني کي وِھسڪي ۾ لکيل پنھنجو عام مشھور ”تنبيھہ نامو“ بہ موڪليو ھو.
حضور والا! اسان ويھہ آئونس جرنيلي پيشاب ۽ ھڪ صفحي جي وھسڪي شجاعت نامي لاءِ اڳ ئي ڏاڍي چَٽي ڀري چڪا آھيون.
جنرل ضياءَ جو ھي اعلان ان کان گهڻو خطرناڪ آھي جيترو اسان کي اھو ھڪ ٽئنڪ جي بنفشي ڪرڻن (10) واري دوربين سان نظر اچي رھيو آھي. اھو اعلان حقيقت ۾ جنرلن جو ان سڀ کان ڊگهيءَ رات (اَٺن سالن جي اقتدار) کان بہ وڌيڪ خطرناڪ آھي جيڪا ان جو ڪارڻ ٿي آھي.
ٻاٽ ڪاري رات کي سائين منھنجا، هاڻي ختم ٿي وڃڻ گهرجي.



_____________
(1 ) برگيڊيئر ظفر حيات، منھنجو ڪرم فرما.
(2 ) هم جنس پرستي
(3 ) ڪاشر ديش يعني خودمختار ڪشمير. ڪجهه عرصو اڳ آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڄامڙي جنرل جي نادرشاهي حڪومت کان بيزار ميرپور کان مظفر آباد تائين نوجوان نسل اهي نعرا هنيا هئا ته انهن کي ڪشمير بدران پاڪستان جي تاريخ ڇو ٿي پڙهائي وڃي. انهن نعرن ۽ پٿراءَ جي رد ۾ سردار عبدالقيوم جھڙا ماڻهو اچي به ويا آهن.
[ڀارتي حڪمران پاڪستان واري ڪشمير کي مقبوضه يعني قبضي ڪيل ۽ پاڪستاني حڪمران ڀارتي ڪشمير کي مقبوضه سڏيندا آهن ۽ پنھنجي مقبوضه ڪشمير کي آزاد. پر حقيقت اها آهي ته ڪشميري پاڪستان توڙي ڀارت ٻنهي جي ”آزاد“ ڪشميرن کي مقبوضه ڪشمير سمجهندا آهن ۽ انهن جي خودمختاريءَ لاءِ جدوجھد ڪن ٿا. - سنڌيڪار]
(4 ) سَٺ واري ڏهاڪي جي آخري ڏينھن ۾ ايوب خان ۽ 6-نڪتن جي اصل ليکڪ الطاف گوهر پنھنجي تاناشاهي ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ 6-نُڪتن کي جنھن نموني نيشنل پريس ٽرسٽ جي هٿان هوا ڏني. اها مشرقي پاڪستان جي علحدگيءَ جو وڏو ڪارڻ ٿي. اڄ فرنٽ جي اڳواڻن کي قيد ۽ بند ۽ قوميتن جي حقن کان انڪار وسيلي وري ساڳي راند کيڏي پئي وڃي.
(5 ) اھو تراني جو ٽڪرو، بلوچستان ۽ پاڪستان جي ماضيءَ ۽ مستقبل جي لاڳاپن سان واسطيدار ھڪ بلوچي دستاويز جي ٽڪري تي، ھڪ پاڪستاني اخبار جي تبصري واري مضمون مان کنيل آھي.
(6 ) لفظ ”ڪانون“ جي ٻنهي معنائن جو مزو وٺجو يعني ’ڪَنَن وارا‘ ۽ ”ڪاڻا“ يعني هڪ اک وارا. توهان ڄاڻو ٿا ته ته سڄي قوم اڄوڪن ڏهاڙن ۾ ”ڪاڻو“ ڪنھن کي چوي پئي.
(7 ) پنجابي چوڻيءَ موجب ستريا ٻاهتريا (يعني ستر يا ٻاهتر ورهين جي ڄمار وارا) وڏيءَ ڄمار سبب مت کسجي ويل ماڻهو هوندا آهن. چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ سدا بھار يعني ايڪسٽينشن ورتل جنرل انهيءَ ڄمار ۾ آهن.
(8 ) چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان
( 9) شھنشاهه ايران (؟) محمد رضا پھلوي جي عالمي تاجپوشيءَ جي جشن جي سرڪس جو ڪاڄ.
( 10) انفرا ريڊ ريز، اهي ڪِرڻا جيڪي ڳاڙهي رنگ کان به هيٺ ”هلڪا ڳاڙها“ هوندا آهن، جن جي مدد سان رات جي وقت هڪ محدود ٽڪري ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

جنرل ملڪ کي ڦُري رهيا آهن

وڪيلن کي مُلڪ جي بقا لاءِ اُٿڻ گهرجي

عزت واري ڪورٽ! مون گذريل ٽئي راتيون جاڳي گذاريون آھن. آءٌ وقت جي ڊوڙ سبب اڏامندڙ ڌُوڙ جي پٺيان پيو ڊوڙان ۽ توھان ڄاڻو ٿا تہ وقت پڪ ئي 1983ع ماڊل جي ان ايئر ڪنڊيشنڊ ڪار کان تيز پيو ڊوڙي جيڪا مون تي مڙھيل سرڪاري وڪيل کي ھن قلعي اندر ۽ ان کان ٻاھر وڃڻ لاءِ ڪُتي-مکين جيان جهينگندڙ ڏھاڪو کن انٽيليجنس ايجنسين مان خدا ڄاڻي ڪنھن مھيا ڪئي آھي. ڪجهہ ماڻھو واقعي وات ۾ سوني چمچي سان پيدا ٿيندڙ آھن. انھن ماڻھن کي پنھنجو صفائي-وڪيل مڃڻ کان منھنجي لاڳيتي انڪار باوجود اُھي منھنجي نالي ۾ ”جاوا“ ڪري رھيا آھن. مون انھن کي مڃڻ کان بلڪل ايئن انڪار ڪيو آھي جيئن تازو ئي ڪئناڊا جي حڪومت آمريڪا ۾ ڏاڍين وڏين جاگيرن جي مالڪ ھڪ ڦورو ڌاڙيل ايئر چيف مارشل کي پاڻ وٽ پاڪستان جي سفير طور قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آھي،(1 ) پر آءٌ پنھنجي ڀيٽ ڀلا ڪئناڊا جي ان حڪومت سان ڪيئن ٿو ڪري سگهان جيڪا ”سھڻي“ مارگريٽ (2) جي مڙس جي جائنشين آھي.
توھان ڄاڻو ٿا تہ مون ان مسئلي تي ڏاڍي دانھن ڪُوڪ ڪئي آھي. مون وِک وِک تي انھن صاحبن کي پنھنجي صفائي-وڪيل طور مڃڻ کان انڪار ڪيو آھي، پر ھن انتظاميا وٽ، جنھن سِک فضائي ڌاڙيلن کي ملڪ جي بھترين وڪيلن جو خدمتون مھيا ڪيون ھيون، منھنجي لاءِ اھو ”بوڙيندو“ ئي رکيو ھو. ٻين لفظن ۾ انھن مون کي ”آڱوٺو“ ڏيکاريو آھي، تہ منھنجي حياتيءَ جي پنجاب جي فوجي گورنر وٽ چيچ جيتري حيثيت بہ ٿي نہ ٿي سگهي.
گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن کان منھنجي حياتي ھوا ۾ اڏامندڙ ھڪ ذري جيتري آھي... ھيڏانھن توھان مون کي ان صفائيءَ جي وڪيل حوالي ڪري ڇڏيو آھي جيڪو ڏاڍو مشھور ”گهر ڄاٽو“ رھيو آھي. ھاڻي تہ توھان ڄاڻي ويا ھوندؤ تہ گذريل سترھن سال مون ھن فوج ۾ ھڪ ”اڇوت“ جيان گذاريا آھن. ان جو سبب رڳو اھو ھو جو مون ھڪ ”غير ڄاٽي“ جي حيثيت ۾ حياتيءَ جي شروعات ڪئي ھئي.
ڪڏھن بہ ان جو مطلب اھو ناھي تہ منھنجي سَس مون کي نہ ٿي چاھي، جيتوڻيڪ ان پياري پڪي ڪردار واري عورت ۽ منھنجي وچ ۾ ڪڏھن بہ ڏاڍا خوشگوار لاڳاپا نہ رھيا آھن، جو مون کي ”گهر ڄاٽو“ ٿيڻ پسند نہ ھو.
عدالت جا صدر! توھان ھڪ ”عادتي گهر ڏياٽي“ چوڌري غلام احمد کي زوريءَ منھنجو صفائي-وڪيل مقرر ڪري مون کي ھڪ ڏک ڀري خوشيءَ جي احساس ۾ وجهي ڇڏيو آھي. آءٌ ان کي خوشيءَ جو احساس ان ڪري چوان ٿو جو چوڌري صاحب پيدائشي طرح منھنجي ڳوٺ کاريان کان ٽي ميل پري چنن نالي ڳوٺ جو ڄائو نپنو آھي.
توھان ڄاڻندا ئي ھوندؤ تہ چنن ڳوٺ ھن ننڍڙي کنڊ ۾ نظر ايندڙ ڪي ڏاڍا سھڻا ائٽ پيدا ڪرڻ ۾ مشھوري رکي ٿو. سرجيت ڪور (يا سريندر ڪور؟) جي دل موھيندڙ آواز ۾ ڳايل گيت ”چرخا چنن دا...“ توھان ضرور ٻڌو ھوندو، پر منھنجو خيال آھي تہ مون کي ”چنن ڪي ھين چرخي“ جو ذڪر اتي ختم ڪرڻ گهرجي. ھڪ تہ مِٺي آواز وارين حوا جي انھن ڌيئن جي نالي سان سڄي سڄي ڪور (Corps)(3 ) جو تصور ڳنڍيل آھي ۽ ٻيو تہ اھي آھن بہ ڀارتي ڪورون (ڪور جو جمع)! ان کان اڳ جو ڳالھہ اڳتي وڌي ۽ اسپيشل انويسٽيگيشن برانچ (ايس آءِ بي) جو ڄامڙو ڪرنل منھنجي نئين ڏوھہ-قبولي ٻڌي، آءٌ ان کي ختم ڪريان ٿو.
ھن کان اڳ آءٌ ڄاٽن ۽ سالن جو ڏاڍو ذڪر ڪندو رھيو آھيان. ان مسئلي جو بہ ھن سازش جي ڪيس سان گهرو ناتو آھي، ان ڪري ان بابت ڪجهہ تفصيل سان ذڪر ڪندس.
منھنجي لغت موجب، اسان جي ملڪ ۽ ھٿياربند فوجن ۾ ٽن قسمن جا ڄاٽا موجود آھن:
1. شاھي ڄاٽا، جيڪي جنرلن، ڪاموراشاھي ۽ ھن ملڪ جي مقدر جي ٻين مالڪن جا ’پُڇڙ‘ ھوندا آھن.
2. غريبي ۽ مسڪينيءَ جا ڄاٽا.
3. ضمير، نجات ۽ آزاديءَ جا ڄاٽا.
مون کي ھن ملڪ جي عوام جي قطارن منجهان ھئڻ تي ناز آھي ــــ جيتوڻيڪ منھنجي پگهار، ڪيس ٺھڻ کان اڳ ئي بند ٿي چڪي آھي ۽ منھنجا گهر ڀاتي ڏاڍي ڏکيائيءَ سان جسم ۽ روح جو ناتو قائم رکيو ويٺا آھن. پر آءٌ وري بہ مسڪينيءَ جو ڄاٽو سڏائڻ کان انڪار ڪريان ٿو. ھن ملڪ ۾ رڳو ھڪ ئي قسم جي غربت ۽ مسڪيني موجود آھي، ذلت ۽ خواريءَ واري غريبي.
آءٌ ھوش حواس قائم رکندي ٽين درجي سان لاڳاپيل ھجڻ جي ڳالھہ ڪيان ٿو. منھنجو ناتو ضمير ۽ آزاديءَ سان ٿي چڪو آھي. ان جي نتيجي ۾ جيڪڏھن مون کي ھڪ اڇوت جي حياتي گذارڻي آھي ۽ جيڪڏھن مون کي رڳو خوابن جي دنيا ۾ ئي لاڳيتو رھڻ جي لاڳيتي سزا ملڻي آھي، تہ سؤ ڀيرا جيءُ!
عدالت جو صدر! جيڪڏھن توھان مون کي ان وقت جي اڌ جيترو بہ ڏنو ھجي ھا جيترو فردوسيءَ کي مليو ھو، تہ آءٌ بہ پڪ ھڪ شاھنامو، اڃا بہ جنرل نامو تخليق ڪري وٺان ھا ــــ انھن ٻہ ھزار ست سؤ اسي اونداھين راتين جي ڪھاڻي، پر آءٌ لاچار آھيان. ھاڻي مون وٽ وقت ئي ڪٿي آھي، سواءِ حقيقتن جي ھن بيان کي ورجائڻ جي، جنھن ۾ چيف ضياءَ سرڪاري طرح اھو مڃيو ھو تہ وزيراعظم ڀُٽي جي دور جِي ڀيٽ ۾ سندس عھد ۾ رشوت جي شرح 500 ڀيرا وڌي وئي آھي.
ھتي آءٌ اوھان کي اھو بہ ياد ڏيارڻ گهرندس تہ مٿي ذڪر ڪيل، ڏوھہ-قبوليءَ کان ڪجهہ ئي اڳ ھڪ ھزار صفحن جو اڇو چِٺو چيئرمئن ڀُٽي خلاف ٺيڪ ان وقت شايع ڪيو ويو ھو جڏھن هُو ھن ملڪ جي مٿاھين عدالت (؟) ۾ حياتيءَ ۽ موت جي ويڙھہ وڙھي رھيو ھو.
سائين منھنجا! اھا ڳالھہ ڪيڏي نہ همت ڏياريندڙ آھي تہ تازو ھن ملڪ جي سپريم ڪورٽ ان معاملي ۾ ست سال اڳ داخل اپيل تي فيصلو ڏيندي حڪم ڏنو ھو تہ اھي سمورا ماڻھو جيڪي ڦاھي ڏيندڙ عدالت کي متاثر ڪرڻ لاءِ ڪوڙ جي اڇي گاڏي، اڇو چٺو ھلائيندڙ ھئا پنھنجي عمل جي معافي وٺن. اھو فيصلو ان وقت ٻُڌايو ويو جڏھن ان حُر مرد کي ڦاھيءَ چڙھي ست سال بہ گذري ويا آھن.
مانوارا! ھن ملڪ ۾ انصاف جو ھڪڙو ئي نمونو ملي ٿو ـــــ دير سان ۽ آئينده تي ڇڏيل!
عدالت جا صدر! جنرل ضياءَ جو اھو بيان جيڪو رشوت جي طوفان بابت آھي، آءٌ پنھنجي بيان پٺيان ڳنڍيان ٿو. اھو بيان پاڻ ئي جنرل خلاف ڏوھہ-چٺو آھي ۽ اھو ڏوھہ-چٺو آھي انھن جنرلن خلاف جيڪي ھن وقت اقتدار ۾ ساڻس گڏ آھن. جنرل پنھنجي تقرير ۾ اھو تہ ڪو نہ چيو ھو تہ رڳو مس ڀرڻ ۽ قلمدانن جي صفائي ڪرڻ وارا پٽيوالا ئي رشوت ۽ ڪُلڇڻائيءَ جي انھن واچوڙن جا ڪارڻ آھن ــــ ھڪ پٽيوالو پڪ انھيءَ بھا کي 500 ڀيرا نہ ٿو وڌائي سگهي.
منھنجو ڀاڻيجو افضل تازو ئي ھڪ نئين قاعدي، اردو قاعدي جي ڳالھہ ڪري رھيو ھو جيڪو ھن پنھنجن نون سنگتين سان گڏجي تيار ڪيو آھي. ان ۾ ”ر“ سان رشوت ايئن ئي ٺھي ٿي جيئن ”الف“ سان ايمان ٺھندو ھوندو.
سائين منھنجا! ملڪ ۾ رشوت ۽ ڪلڇڻائيءَ جي بازار گرم آھي ۽ اھا جمعي بازارن کان گهڻي وڌيڪ کليل ۽ کُلي عام لڳل آھي، ۽ اھي ڦورو ڪير آھن. رڳو ھن بازار جا پانڊي ئي نہ پر اھي سمورا ماڻھو جن کي ان جي وجود جي ڄاڻ ھجي ۽ طاقت جا سرچشما سمورا جنرل بہ، جيڪي چاھن تہ ان کي بند ڪرائي سگهن ٿا.
جيڪڏھن خدا جي رسول رشوت ڏيڻ ۽ وٺڻ وارن تي خدا جي لعنت ۽ عذاب جو ذڪر ڪيو ھو تہ پاڻ سڳورن وقت جي حاڪم کي ڪو ان کان ڇٽل سمجهيو ھوندو، جنھن جي ڇانوَ ۾ بازار متل ھجي. شايد اسان جي ڪمانڊر اِن چيف حضرت عمر جي پنھنجي ذميوارين بابت دانھن ڪوڪ جو ٻڌو ھجي ــــ جنھن جو اظھار ايئن ڪيو ھو تہ جيڪڏھن دجلا ۽ فرات جي ڪنارن تي ڪو ڪُتو بہ اُڃيو مري ٿو تہ عمر کي ان جو جواب ڏيڻو پوندو.
سائين منھنجا! جسٽس سردار اقبال وفاقي محتسب اعليٰ کي اڄ اھو اختيار ڪونھي تہ ھو خليفتہ المسلمين کي پنھنجي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو چئي سگهي، پر شرعي قاضيءَ کي اھو اختيار پڪ مليل ھو.
جرنيلي ڦرلٽ جا ڪيترائي پاسا آھن. شايد اھو معزول شھيد ھيرو فضائيہ جو نڪ ايم ايم عالم ان تي مون کان وڌيڪ سٺي نموني روشني وجهي سگهي. جيتوڻيڪ مون کي ھاڻي بہ اميد ڪونھي تہ ھن اٻوجهہ قوم کي ايتري ٻوجهہ بہ ھجي تہ نيٺ ان کي ڪھڙي ڏوھہ جي ڀوڳنا ۾ بئنڊ باجن کان سواءِ ئي انھيءَ مھل کان بہ گهٽ گهڙيءَ ۾ نوڪريءَ تان لاٿو ويو جيتري مھل ۾ ھن سڌي حملي ۾ پنج ڀارتي جھاز ڪيرايا ھئا.( 4)
سائين منھنجا! ان ڊاگ فائيٽ (ڪتا-ويڙھہ) جو بہ ڪو مثال ڪونھي!
جنرلن جي ڦرلٽ جو قصو ڪابل کان ڪلڪتي ويندڙ جرنيلي سڙڪ کان بہ وڌيڪ گهڻو ڊگهو آھي. ڪڏھن چٽگام کان خيبر تائين ۽ ھاڻي خيبر کان ڪراچيءَ تائين سُسيل يا بارودي بوٽن ھيٺان لتاڙيل ھن مقبوضه ملڪ ۾ ھاڻي انھن فاتح جنرلن جي غلامن، ٻانھين ۽ مال غنيمت کان سواءِ بچيو ئي ڇا آھي! اھا ڪالھوڪي ڳالھہ ئي تہ آھي جو پھرين مارشل لا جنرل اعظم خان لاءِ لاھور جي ڀَر ۾ 16-مربعن جي ڇٽڻي مھيا ڪئي ھئي. ان کان پوءِ تہ اھا ھر جنرل لاءِ سورھن ڪورسن جي شاھي ڊنر رھي آھي جنھن ۾ (1) مربعا، (2) ڪارنر پلاٽ، (3) مغل، (4) فيڪٽريون ھيروئن سميت، (5) شگر مِلون، (6) پَرمٽون ۽ ليسن، (7) ھُنڊا اڪارڊ، ٽويوٽا ڪرائون، مرسڊيز، (8) ايئر ڪنڊيشنڊ پلانٽَ، (9) ٺيڪا، (10) ڪميشن ۽ ڪڪ بيڪس، (11) بين الاقوامي شاپنگ ٽوئرس، (12) پنھنجي لاءِ ووٽ ۽ ووٽرن لاءِ ڦٽڪا، (13) ڪارپوريشن جماعت اسلامي ۽ مسلم ليگ، (14) فتح ڪيل اسيمبلين جا ايوان، (15) عدالتون ۽ عدل ۽ انصاف جون ڪرسيون ۽ (16) لڳ ڀڳ نوَ ڪروڙ ٻانھيون ۽ غلام ــــ اھي سورھن طعام تہ اھي آھن جيڪي اکين کان انڌي ۽ ڪنن کان ٻوڙي ٻٽي قوم کي بہ نظر اچي رھيا آھن. قلعي اندر ڇا ٿيندو رھيو آھي، اسين ڇا ڄاڻون، ڪوٽن مٿان تہ گذريل 9-مھينن کان رڳو ٻانگن جا آواز ئي ٻاھر اچي پئي سگهيا.
پھرين مارشل لا جي اعظم خان کان سواءِ بي پستول بردار جنرل برڪي بابت گنڌارا انڊسٽريز جي ٽاٽا برلا اسان جي پھرين ۽ في الحال آخري فيلڊ مارشل جا لفظ ھاڻي بہ فضائن ۾ ٻڌي سگهجن ٿا ــــ ”ھُو تہ پنڊيءَ جو قبرستان بہ الاٽ ڪرائي ڇڏيندو.“
ان ۾ ڪھڙو شڪ آھي تہ ”پاڪستان ۾ اڳواڻيءَ جي گهوٽالي“ (Crisis of leadership in Pakistan) جي ليکڪ جنرل فضل مقيم جيڪڏھن پنڊي ڇانوڻيءَ جو چوٿون حصو الاٽ ڪرائي ورتو ھو تہ باقي ٽن حصن تي اڄڪلھہ جالنڌر گروپ جي ابي جنرل برڪيءَ جا جهنڊا ڦڙڪي رھيا آھن.
بلوچي (رجمينٽ جي) چيف يحيٰ خان کي بھرحال خريد ڪرڻ کان وڌيڪ اڏائڻ سان دلچسپي ھئي ۽ ھن اسلام جي علمبردار جنرلن جي ”وڏي لوڌ“ وسيلي اڌ کان وڌيڪ ملڪ کي کلي عام نيلام ڪري ڇڏيو. مشرقي پاڪستان ۾ انھن ماڻھن جي حڪمن تي بازارون ڦريون ويون، کلنا جي بندر تي بيٺل جھاز رڳو انھن جنرلن جا مال غنيمت جي انتظار ۾ بيٺي بيٺي تارپيڊو ٿي ويندا ھئا. جنرل جهان زيب ارباب جي ٻن ڪروڙ رُپين سان سٿيل ان ٽرڪ جي قصي جي ڪنھن کي خبر ناھي جيڪا ڍاڪا ويجهو پڪڙي ويئي ھئي ۽ ان سان گڏ ئي ”ارباب“ کي ستارہء جرئت سان نوازيو ويو. اتي بئنڪون ۽ حڪومت جي خزانن تي سنگينن جي چھنبن سان ڌاڙا ھڻندڙ اڄ باقي بچيل پاڪستان جي عوام ۽ خزانن ۽ سرحدن جا محافظ سڏرائن ٿا.
بدنصيبي اھا جو چيئرمئن ڀُٽي بہ انھن شھسوارن جي فائيلن کي انھن جا رڳو اھي پڇ دٻائڻ لاءِ ڪتب آندو جيڪي 4-جولاءِ تائين تہ سندس اڳيان پٺيان ھر پاسي لڏندي نظر ايندا ھئا، پر انھيءَ رات رائيفل جي روپ ۾ اڀا ٿي پيا. ڪاش! چيئرمئن (ڀُٽي) کي ڪو اھو تہ ٻڌائي ھا تہ انھن اڇن ھاٿين جڏھن پورس کي نہ ڇڏيو تہ هن سان کين ڪھڙي محبت ٿي سگهي ٿي؟
ڪاش! ھن کي ڪو ايترو ئي ٻڌائي ھا تہ انھن مان ھر ھڪ اسان کان ڏوھہ-باسرائيندڙ مئجسٽريٽ مرزا ڪرم الاھي بيگ جيان ڏندن جي ٻٽي سيٽ جو مالڪ آھي!
بھرحال، 5-جولاءِ 1977ع کان پوءِ ھيءُ ملڪ سواءِ ھڪ جرنيلي شڪار گاھہ جي ٻيو ڪجهہ بہ نہ بچيو آھي. جيڪڏھن جنرل فضل رزاق تربيلا جي سرنگهہ نمبر-2 جي رت سان سئزرلئنڊ جي فائيو اسٽار ھوٽلن ۾ ناڻو سيڙايو، تہ جنرل فضل حق ھيروئن جي پڙين جي بازار گرم ڪري ڀاءُ سان ڀيٽ ڪئي. جيڪڏھن ايئر چيف مارشل انور شميم ايف-16 ۽ ٻين سودن ۾ پنھنجي سالي ايئر ڪموڊور سليم کي سروس تان استعيفا ڏياري ڪميشن ورتي، تہ آرميءَ ۾ وائيس چيف کان ڊائريڪٽر جنرل پرچيز (Purchase، خريداري) تائين سڀ ئي ٽئنڪن، جيپن، ميزائلن ۽ بڪتربند گاڏين مان پنھنجو حصو اوڳاڙي رھيا ھئا.
ھوڏانھن پاڪ فضائيہ يعني انور شميم-ضياءُ الحق اينڊ ڪمپنيءَ جي ايئر بسن ۾ انھن جي آمريڪي رانچن، چراگاھن، جاگيرن ۽ فارمن لاءِ ڊالر، مينھون ۽ گهوڙا موڪليا پئي ويا تہ ھيڏانھن سڄي جو سڄي انجنيئر بٽالين جنرل سوار خان، جنرل اقبال ۽ ٻين جنرل کي نئين الاٽ ٿيل ٻنيءَ کي سڌو ڪرڻ جي مشق ۾ ايئن رُڌل ھئي ڄڻڪ شاھراھہ ريشم کان پوءِ ۽ قيامت کان اڳ ان (انجنيئر بٽالين) جو آخري مشن اھو ئي رھجي ويو ھو. 80 ڪروڙ مسلم امه جي رھنما جنرل ضياءَ جي صدارتي جھاز مان ھيروئن جو ملڻ ۽ ان جي ميجر اي ڊي سي جي ڊپٽي ڪمشنر جي عھدي تان لھڻ تہ ڏاڍي معمولي ڳالھہ آھي. جنرل چشتيءَ واري لاھور جي ھڪ پرائيويٽ فرم جي ھيڊقئارٽر پاران يارھن لک رپين واري ريڊي ميڊ گهر جو تحفو ھن ملڪ جي نمبر-ٽُو (2) تي ڪھڙو وڏو احسان ھو؟ ۽ جيڪڏھن ان کي اھو حق مليل ھو تہ سندس چيف آف اسٽاف (سي او ايس) ۽ آپريشن فيئرپلي جي اسٽاف-آفيسر-انچارج جنرل وڙائچ کي اھو حق ڇو نہ ٿو ڏئي سگهجي تہ سرڪاري زمين تي ان کي ڪھوٽا پراجيڪٽ جو مالڪ جنرل نقوي ھڪ سھڻو وِلا (گهر) ڏي ھا ۽ پوءِ وري پاڻ ئي مسواڙ تي وٺي ھا؟ جيڪڏھن ھن ملڪ لاءِ ايٽم بم ٺھي رھيو آھي تہ ڇا... سڀاڻي ان کي ھلائڻ جو حڪم ڏيڻ واري جنرل کي ايترو بہ حق نہ ٿو ڏئي سگهجي تہ ھو ان جي نانءَ صدقي ھڪڙو گهر ئي ٺھرائي وٺي؟
ڀُٽي جي ڳالھہ ٻِي آھي تہ ان کي تہ بم ٺھرائڻ واري سوچ جي ڏوھہ ۾ ڦاھي اچڻي ئي ھئي!
فيلڊ مارشل ويوِل، وائسراءِ ھند کي برطانيا موٽڻ کان پوءِ مسواڙ جي ھڪ فلئٽ کان نئين حياتي شروع ڪرڻي پئي ھئي پر اسان جا سمورا جنرل عامل جنرل آھن، انھن سڀني وٽ الادين جو چراغ ۽ منڊيون آھن جو بيشڪ اڄ انھن مان ھر ھڪ سھگل، آدم جِي ۽ دائود جو نہ رڳو ھم عصر آھي پر طاقتور حريف بہ.
جيڪڏھن قومي خزاني مان 35-لک رپيا راولپنڊي ڇانوڻيءَ جي سڌاري ۽ ڀلائيءَ لاءِ وٺي اھي وائيس چيف، چيئرمئن، جئائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل عارف ۽ جنرل اختر عبدالرحمان جي سرڪاري محلن جي رڳو سونھن ۽ سينگار تي خرچ ڪري سگهجن ٿا تہ پندرھن لک رپيا ”آرمي ھائوس“ جي اعتڪاف جي اندرين سونھن (ڊيڪوريشن) تي ڇو نہ ٿا خرچ ٿي سگهن! نيٺ اھو مُصلو تہ اتي ئي آھي جنھن تي گذريل 9-سالن کان ھن ملڪ جي تقدير جا فيصلا ڪيا ويندا رھيا آھن.
جيڪڏھن جنرل رفاقت جي ڪوھاٽ کان بدليءَ وقت سمگل ڪيل اڌ ڊزن ايئر ڪنڊيشن ھڪ مٿي-ڦريل ڪئپٽن جي غلطيءَ سبب پڪڙجي ۽ ڇڏجي سگهجن ٿا تہ پوءِ ڇا ٿيو! جنرل اقبال جا ڊزن کن بہ تہ اٽڪ پل تي پڪڙيا ۽ ڇڏيا ويا ھئا. وري ان مال-گاڏيءَ جو ڇا چئجي جنھن جي بوگين ۾ سڄي جنرل ھيڊقئارٽر لاءِ سمگل ڪيل ايئر ڪنڊيشن پنڊيءَ پھتا ۽ ريلوي واچ اينڊ وارڊ وارن جا مٿا ڦاڙي ”ڪسٽم ڪليئر“ ڪرايا ويا. وري اسمگلنگ جي تہ ڳالھہ ئي ڪھڙي ڪجي! افغان مجاھدن جي مدد ڪرڻ جو ايترو اجورو بہ اسان جا اڳواڻ وٺي نہ ٿا سگهن ڇا؟
پنڊيءَ جي جنرل صغير جي ڪيسن، ڦاسين، معافين ۽ آزادين ۾ ھڪ ڪاٿي موجب پاڪستان جي پنجن سالن واري منصوبي جيتري رقم جي ڏيتي ليتي ڪئي ھئي. ۽ جيڪڏھن ھڪ ڊي ايم ايل اي ايترو ڪجهہ ڪيو ھو تہ ڇا باقي ٻيا ايڏا لولا لنگڙا ھئا جو پھرين پنجن سالن جي سطح کي بہ نہ پھچي سگهن؟
اڄ جيڪڏھن سي آءِ اي جو ڄاھو ڊاڪٽر محبوب الحق(5 ) بي مثال نڪ جي پڪائيءَ ۽ بي عزتيءَ سان اعلان ڪري ٿو تہ قومي خزاني جا ويھہ ارب رپيا ڪاموراشاھي فراڊ ۾ (ڌوڪو ڪري) کائي وڃي ٿي، تہ ڇا ان ڪاموراشاھيءَ ۾ جنرل شامل ناھن؟ اڄ ڪيتريون ئي وزارتون ۽ ڪارپوريشنون اھڙيون آھن جن جا سردار نوڪريءَ ۾ موجود يا رٽائرڊ برگيڊيئر ۽ جنرل آھن!
ملڪ جي اعليٰ ترين اداري نيشنل ڊفينس ڪاليج جو ڪمانڊنٽ ليفٽيننٽ جنرل بخاري جونيئر آفيسرن کي سعودي عرب ۾ مقرر ڪرڻ (Secondment) لاءِ في ماڻھو لڳ ڀڳ ھڪ لک وٺندو رھيو، تہ ڇا اھو انھن ماڻھن تي ”حج“ جي راھہ کولڻ جو ديني اجورو نہ ھو. نيٺ ھو ڪيستائين پنھنجن وڏڙن جي صدقي ملندڙ زڪوات ۽ نذرانن تي حياتي گهاري ھا!
نيٺ اسان کي ڪو اھو تہ ٻڌائي تہ انھن نوَن سالن ۾ ڪيترا جنرلن جا ڄاٽا سول سروس ۾ جذب ٿي ويا، ڪيترا پرڏيھي نوڪرين تي چڙھيا ۽ ڪيترن جي مٿن تي ضلعن ۽ ڊويزنن جي سرداريءَ جا تاج رکيا ويا؟
ان عرصي ۾، ڪيتري عرصي ۾ ڪيترا ملٽري ڪئمپنگ گرائونڊ (لشڪر جي ديري جا ميدان) نيلام ٿيا، ڪيتريون ڊفينس ھائوسنگ سوسائٽيون وجود ۾ آيون ۽ سنڌ ۽ پنجاب جي زمينن جي ڦرلٽ ٿي؟
چَٽ پوڙھي عتيق الرحمان کي نيٺ اھو ڇو چوڻو پيو تہ جنرلن جي گهرن ۾ چونو نہ، الف کان بي تائين سڀ سنگ مرمر آھي، نيٺ ”ڇا“ ضياءُ نہ ٿو ڄاڻي تہ اھو ڪٿان ٿو اچي؟(6 ) جيتوڻيڪ آءٌ سمجهان ٿو تہ سڀاڻي واري عوامي پارليامينٽ کي پاڪستان جي ان ملٽري گورنر جي ڍانچي کي بہ ڪٽھڙي ۾ بند ڪري مينارِ پاڪستان وٽ آڻڻو پوندو، پر پوين پساھن تي پھتل اھو واقعي سچ پيو چوي.
ھيءَ رڳو ٽي چار سال اڳ جي ڳالھہ آھي تہ ھڪ ڪرنل جي بيواھہ سائيڪلن، بگين، گڏھہ گاڏين ۽ پيادل ڌڪا کائي کائي پنھنجي مرحوم مڙس جي نالي الاٽ ٿيل 2 مربع ٻنيءَ جي ”کوج“ ھنئي. جڏھن ھن جا ڪاغذ جِي ايڇ ڪيو پھتا تہ شاھي حڪم پھتو تہ اھا ٻني جنرل سوار، جنرل صغير، جنرل بخاريءَ ۽ جنرل راحت لطيف( 7) کي سندن تازين فتحن جي سلسلي ۾ تمغن جي اجوري ۾ ڏني وئي آهي. ان اڀاڳي عورت سرگوڌا جي سب-مارشل لا هيڊقئارٽر ۾ پٽي پٽي پاڻ کي ڳاڙھو ڪري ڇڏيو ھو، پر ان جي ڪري ڪھڙو فرق ٿو پوي، ھتي تہ سڄي قوم جو جسم ڦٽڪن سان رتو رت لڳو پيو آھي.
ان ظلم، ڏاڍ، انھيءَ ڦرلٽ جا، جيئن آءٌ چئي چڪو آھيان، تمام گهڻا پاسا آھن، ايترو جو ھڪ ھزار حمود الرحمان ڪميشن ھزار سالن ۾ بہ نہ ڪري سگهندا، ھا ايترو ضرور آھي رڳو اٺن ڏھن ڏينھن جي جاچ ۽ جتن سان ايترو مواد گڏ ڪري سگهجي ٿو جو سڄي ملڪ ۾ ڦاھي گهرن جي کوٽ ٿي پوي. سرڪڻ ڦاھيون ٺاھڻ لاءِ رسا کٽي پون ۽ جلاد شايد انڊونيشيا، چِلي ۽ ڏکڻ آفريڪا مان گهرائڻا پون.
آرمي ايويئيشن جي جھازن ۽ ھيلي ڪاپٽرن ۾ رنڊين کي ڪوٽلي-ميرپور محاذ جي مقدس مورچن ۽ ان پٺ-وارين ڪمانڊر پوسٽن يا ريسٽ ھائوسن ۾ وٺي ويندڙ جنرل آفريديءَ کي جيڪڏھن ھڪ صوبي جو گورنر ڪري سگهجي ٿو، تہ پوءِ ٻئي گورنر کي بہ اھو ”حق“ ھو تہ ھُو ايبٽ آباد جي باغيچن ۾ چَرندو وتي. جيڪڏھن جنرلَ راڻيءَ (راني) وٽ ويا، گذريل ڏينھن جيان ھن ڀيري بہ جنرلن جا ديرا ھئا تہ جنرل سروپ، جنرل اقبال (رسالي وارو) ۽ جنرل سجاد کي ڪو ”منظور“ ڇو نہ ٿو ڪري؟ جڏھن تہ انھن مان ھڪُ ھن ملڪ جو ٻيو نمبر ڪور ڪمانڊر آھي. ھڪ ھاڻي مرڪز ۾ سيڪريٽري ۽ ھڪ آرميءَ جو ڊائريڪٽر جنرل پرچيز، اھو ئي ڊائريڪٽر جنرل پرچيز جنھن بابت 27-جون 86ع جو اخبار ”دي مسلم“ ۾ شايد ھڪَ مون جيان ئي ”حياتيءَ کان بيزار“ صحافي مليحا لوڌيءَ دفاعي معاملن ۽ خرچن بابت ”عوام جي ڄاڻڻ جي حق“ جو ذڪر ڪيو آھي. انھيءَ مضمون ۾ ھن فوج لاءِ فولادي ٽوپلن ۽ 1500 ڳرين فوجي ٽرڪن جي خريد بابت ٻن وڏن اسڪينڊلن (شرمناڪ واقعن) جو ذڪر ڪيو آھي. اسڪينڊل جنھن ۾ رڳو ٻن ڪروڙ رپين جي مٽاسٽا ناڻي سان ئي نہ کيڏيو ويو پر ھن ملڪ ۾ خود ڪفالت (پاڻ ئي پنھنجو خرچ ۽ گهرجون پوريون ڪرڻ) جي دروازن کي بند ڪرڻ واري ”ايوبي سازش“ جو تسلسل بہ ڪاميابيءَ سان جاري رکيو ويو آھي. واسطيدار يورپي ڪمپنيون ان معاملي ۾ پاڪستان ۾ سرمائيداريءَ وسيلي پنھنجي معيار جي ديسي پيداوار شروع ڪري، نہ رڳو پاڪستان لاءِ خود ڪفالت جو بِلو ڪري رهيون هيون پر گهرن پيون تہ ايئن گڏيل مفادن هيٺ وچ آفريقا ۽ ڏکڻ-اوڀر ايشيا جي مارڪيٽن (منڊين) جا دروازا بہ کُلي پون، پر خود ڪفالت جي ڊگهي مُدي وارن منصوبن جي ڪري انھن جنرلن کي ڇا ملي ھا جن کي اڄ نہ تہ سڀاڻي چڪوال يا جالنڌر واپسيءَ جي پروگرام تي عمل ڪرڻو ئي آھي. اڄوڪيءَ ڪميشن (دلاليءَ) مان اھي ۽ سندن نسل ترت ئي ستابا ٿي سگهن ٿا، پاڪستان ۽ ان جو دفاع وڃي پئي کڏ ۾! باقي بچي صحافڻ مليحا لوڌي، تہ ان کي شاھوڪار جنرلن خلاف پمفليٽ لکڻ جي ڏوھہ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 25-سال قيد بامشقت جو شاھي حڪم تہ ٻڌايو وڃي، جو ھتي ھن جيل ۾ اڃا بہ (جاءِ) بچيل آھي.
”آءٌ ڏاڍي اوني سان ”اقتدار جِي ھوس جِي جنگ“، ”ڪلڇڻائي“ ايماندار محب وطن ۽ محنتي عوام جي شرم جھڙي ڦرلٽ، سُلڇڻائيءَ جي خاتمي ۽ سياسي مقصدن لاءِ اسلام جي لڄ لٽ جو تماشو ڏسندو رھيو آھيان...“
فيلڊ مارشل توبن جي زور تي اقتداري ھوس جي جنھن جنگ ڪلڇڻائيءَ، عوام جي شرم جھڙي ڦرلٽ، سلڇڻائيءَ جي خاتمي ۽ عوام جي لڄ لُٽ جو بنياد وڌو آھي، ان جي انتھا سندس ٽين نمبر جائنشين، ملڪ ۽ ملت جي فاتح جنرل ضياءُ الحق جي فتحن ڀريل دَور ۾ ڏسي رھيا آھيو ۽ اھو آءٌ نہ جنرل پاڻ آھي، جنھن کي انھن سڀني مقصدن ۽ ورثن کي اوج تي پھچائڻ وارين پنھنجن سوڀن تي فخر آھي. ھُو کوڙ ڀيرا انھن حقيقتن جو ذڪر ڪري چڪو آھي. ھن جي ڪنھن ”متوقع جائنشين“ لاءِ ھاڻي انھن حدفن ۾ پڪ ئي ڪا دلچسپي نہ ھوندي. اقتداري ھوَس آخري حدون اورانگهي چڪي آھي، ڪُلڇڻائيءَ جو ان کان وڏو تصور ڏکيو آھي. اسلام 9-ساله لڄ لُٽ سبب ساڻو آھي. رھيا عوام، تہ ھاڻي انھن وٽ آھي ئي ڇا، جو ڪنھن تي ڦرلٽ جي تھمت لڳي سگهي ــــــ نہ عزت، نہ مانُ، نہ امنگون، نہ ئي آرزوئون، انھن جون تہ ڇھن جو ڇھئي حسون جنرل ھيڊقئارٽر ۾ گروي رکيل آھن!
منھنجي تہ آرزو آھي تہ خدا کين ظلم کي اڃا بہ تيز ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ اھي (جنرل) ٻارڙن جي واتن، مائرن جي ڇاتين ۽ وڏن جي ھٿن مان آخري گرھہ بہ کسي وٺن شايد پوءِ ئي ھيءَ قوم پنھنجي نبيءَ جيان پيٽ سان پٿر ٻڌي ھن نظام جي آخري ۽ مڪمل تباھيءَ لاءِ کاھيءَ ۽ گڏيل قبرن جو بلو ڪرڻ لاءِ اٿي بيھي.
تازو ئي مارشل لا جي حرامي اولاد ـــــ آئين 85ع ھيٺ وجود ۾ آيل ڪَٺ پُتلي پارليامينٽ ۾ 15-ارب رپين جي انھن قرضن جو ذڪر ٿي رھيو ھو جيڪو ”لاقانونيت جي دَور“ جي 9-سالن ۾ قومي سطح جي ڌاڙيلن کي معاف ڪيو ويو. ان جي ڪجهہ باضمير ميمبرن جي مطالبي باوجود ”ڀان متي“ جي ھن ڪٽنب کي انھن جا نالا ٻڌائڻ کان چٽو انڪار ڪيو ويو. نوان ڪوٽ کان پوءِ اھو بہ قومي سلامتيءَ ۽ تحفظ جو ئي مسئلو آھي. بھرحال، آءٌ خيبر کان ڪراچيءَ جي مٽيءَ جو قسم کڻي چوان ٿو تہ انھن قرضن ۾ ڪا بہ بي سھارا بيوه نہ ھئي، نہ ڪنھن شھيد جا وارث، نہ تہ ڪو يتيم ۽ نہ ئي وري ڪو لاوارث. ان وچور ۾ جنرلن، ايئر مارشلن، ايڊمرلن ۽ انھن جي ”پڦاٽ“ سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ ڪامورن کان سواءِ ڪو بہ ٻيو ڪو نہ ھو.
9-سالن ۾ 53-جنرلن جي ڊيوٽي-فري (ڪسٽم معاف) مرسيڊيز ڪارن تي ڪمايل في داڻو 15-لک رپيا انھيءَ طرح ئي ٺيڪ اسلامي ھئا جيئن محمد جي ھزارين پوئلڳن جي اگهاڙين پٺين تي واسيل 50-ھزار برحق ڦٽڪا. ھاڻي ڪير نہ ٿو ڄاڻي تہ ”واپاري جنرلن“ ملڪ کان ٻاھر ۽ ملڪ اندر ھڪ پاسي ويندي ھٿياربند فوجن کي بہ ھيروئن سان واقف ڪرايو آهي. اڄ ڪھڙي آفيسرز ميس آهي جتي حق يا شميم برانڊ هيروئن نہ ٿي ملي! ڪنھن کي شڪ ھجي تہ جنرل ضياءُ الحق ۽ جنرل فضل حق جي پوڙھي مسلمان ڪمانڊنگ آفيسر پير عبد ﷲ شاھ کان ڪوھاٽ ۾ وڃي پڇي.
ھاڻي اھو ڪو راز ناھي تہ ڪراچيءَ ۾ حراست ھيٺ ھيروئن-ڪئريئر-جنرل جي ذاتي اسٽاف آفيسر ميجر ظھور آفريديءَ جي ڀاڄ جي رٿ ھڪ ميجر جنرل ۽ آءِ ايس آءِ جي ھڪ برگيڊيئر ڪوسٽ گارڊ (سامونڊي محافظن) جي مدد سان ٺاھي ھئي ۽ ڀاڄ کان پوءِ ھُو ھاڻي بہ ھڪ ٽن ستارن واري جنرل جي ان گهر ۾ لڪل آھي جنھن جي مٿان ”پرچم ستاره و ھلال“ جو پاڇو آھي.
جنرل مجيب الرحمان جي فيصل آباد ۾ ھڪ ئي سودي ۾ 25-ڪروڙ رپين جي ڪميشن (ڀلاوڻي) ۾ ڪنھن جو ”حق“ آھي! ”حق“ جي ڳالھہ اھا آھي تہ ھاڻي اھو ڪو راز نہ رھيو آھي.
جنرل ضياءَ جي ٿرڊ ڊويزن ۾ آيل پٽ ۽ ڌيءَ کي ايم بِي بِي ايس جون ڊگريون ملڻ ڪا ڪلڇڻائيءَ ۽ عجب جي ڳالھہ ڪانھي. سوال تہ رڳو ھي آھي تہ ڀُٽي جي حق ۾ فيصلو ڏيڻ وارو صفدر شاھہ مئٽرڪ پاس ڪري معمولي سپاھيءَ کان سپريم ڪورٽ جي جج جي عھدي تائين ڪيئن پھتو؟
مون کي سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي تہ ”چارجنگ ڪريسيءَ“ نيٺ جنرلن ۽ وڪيلن کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪيئن ڪيو، ڪنھن ڳجهي ھٿ باھہ ۽ پاڻيءَ کي گڏ ڪرڻ جي اھا حرڪت ڇو ڪئي! ان ۾ تہ ھڪ سازش جي ڌپ ٿي اچي. آءٌ حرص ۽ ھوس ۾ وڪاڻل ڪجهہ ماڻھن کي تہ ڄاڻان ٿو، پر اھو ڏوھہ-چٺو تہ وڏي ”ميڙ“ جي ڳالھہ ڪري رھيو آھي. شايد وڪيل چوڌري اعتزاز احسن يا اڃا تائين مھاجر، پاڪ آرميءَ جو اڳوڻو جج ايڊووڪيٽ جنرل برگيڊيئر اقبال احمد خان ان تي روشني وجهي سگهي.
مون کي محمد علي جناح جي ھم پيشہ ماڻھن کي اھو چوڻ جي گهرج ڪڏھن بہ محسوس نہ ٿي، تہ اھي ڌاڙيلن ۽ ڦورن خلاف اٿي بيھن. منھنجو خيال آھي تہ ھڪ ملڪ جا وڪيل ٿڃ پيئڻ جون حدون اورانگهي جوانيءَ کي پھچي چڪا آھن.
جنھن ماڻھوءَ اھو ڏوھہ-چٺو تيار ڪيو ان جي ڪڇ ۾ پڪ ئي سيواجي جو وِڇون (ڀٽون) ھو. ان ماڻھوءَ تاناشاھيءَ کي اھو ڏنگ ھنيو آھي جيڪو وڪيل طبقو گذريل اٺن سالن ۾ نہ ھڻي سگهيو. ھن ڏوھہ-چٺي جون اھي تھمتون سڀاڻي تاريخ جي ھٿان ھلندڙ ڪيس جا ڪلاسيڪل ڏوھہ ثابت ٿيندا. شايد توھان کي احساس ھجي تہ تاريخ ڪڏھن بہ معاف نہ ڪندي آھي، تاريخ رحم جي ڪنھن اپيل تي بہ نہ سوچيندي آھي.
آءٌ اھو ڪو نہ ٿو چوان تہ ”منظم ڦرلٽ“ ھن جنتا حڪومت کان ئي شروع ٿي آھي يا اھو رڳو پاڪستاني مينٽ جي اسڪولن کي ڦرڻ جو نالو آھي. ان جو پاڙون پڪ ئي انھن ڏھاڪن ۾ ملن ٿيون جيڪي اسان اڄ تائين ملھائي چڪا آھيون. ورھين ۽ وقت جي لحاظ سان اھي ڏھاڪا ھڪ ٻئي پٺيان اچن ٿا:
سياسي مونجهہ موڳائيءَ جو ڏھاڪو،
قرضن جي وھڪ ۽ ترقيءَ جو ڏھاڪو،
پڪنڪ ۽ سير تفريح جو ڏھاڪو ۽
مذھبي ۽ سياسي ھم جنس پرستيءَ جو ڏھاڪو.
ٽين ڏھاڪي ۾ ھن قوم کي انھيءَ ڏاڍ ۽ سختيءَ جي واچوڙي کان ٻاھر ”پنجن منٽن“ جي تعميري وٿي ملي ھئي، پر ان جو تفصيل آءٌ ان وقت ئي بيان ڪري سگهندس جڏھن ھن قلعي ۾ ۽ ان جي ڪوٽن ٻاھران اسان جي غصب ڪيل آزادي موٽائي ويندي.
سائين منھنجا! اھو قومي خزانو ئي نہ آھي جنھن کي جنرلن گذريل ڏھاڪن ۾ عام طرح ۽ ھن ۾ خاص طرح منظم ڦرلٽ جو نشانو بڻايو آھي. قوم جون ھڪ سؤ ڀيرا وڌيڪ ملڪيتون بہ ان ظالمانہ جهپڙ ۽ رھزنيءَ جو شڪار ٿي ويون آھن. عقل ۽ ڏاھپ، شجاعت، غيرت ۽ ننگ، خلوص، وفا، پيار ۽ محبت ۽ آزادي ۽ سونھن تي الف ليليٰ جي انھن ٽن ھزار راتين ۾ جيڪي ڌاڙا ھنيا ويا آھن، انھن جو مرثيو ڪير لکندو؟
غاصب جنرلو! توھان ھن ملڪ مٿان ڪھڙي ذلت جھڙي مفلسي مڙھي رکي آھي!
آءٌ غاصبن جي ٽولي جي پنھنجي خلاف ڏوھہ-چٺو رد ڪريان ٿو، پر بھرحال ڪنھن رک رکاءَ کان سواءِ اڄ انھن جي ئي نمائندن ۽ ھن فوجي عدالت آڏو چوان ٿو تہ:
1. پاڪستان جا ٽڪرا فوجي اقتدار جي دَور ۾ ٿيا ۽ جنرل ئي ان جا ذميوار آھن.
2. مارشل لا وفاق کي آخري ۽ مڪمل تباھيءَ جي ڪناري تائين گهلي آيو آھي.
3. ملڪ رشوت، اقربا پروريءَ، ڪلڇڻاين، ڏاڍ ۽ جبر جي چنبي ۾ دم پيو ڏي. جنرل ان کي ٻنھي چنبن سان پٽي رھيا آھن، اھي ئي ان جي موت جا ذميوار ھوندا.
4. رڳو وڪيلن کي ئي نہ، ھن ڌرتيءَ جي ھر پٽ ۽ ڌيءَ کي ان جي بقا لاءِ غاصبن ۽ ڦورن سان جنگ وڙھڻ لاءِ ميدان تي نڪري اچڻ گهرجي، انھن حالتن ۾ مارشل لا خلاف جنگ سڀ کان مٿاھين جهاد جو درجو رکي ٿي.
(ڏوھہ-چٺي جي ٻي تھمت بابت پنھنجو نڪتهء نظر بيان ڪرڻ کان پوءِ مياري ھاڻي ڏوھہ-چٺي جي اڃا بہ ٻِي تھمت يعني ”پاڪستان“ خلاف بغاوت لاءِ سازش جي تياري ڪرڻ بابت پنھنجو بيان جاري رکي ٿو.(8) ان موضوع تي ابتدائي ڪجهہ صفحا ذيان ٿي ويا آھن. ان ڪري ھيٺ ايندڙ ابتدائي جملن جي سوچ جو ناتو چٽو ناھي.)
.... انھن ئي جنرلن مان ھڪ جنرل مسجدن جي شھر ڍاڪا جون ”ڪنجيون“ سک جنرل جگجيت سنگهہ اروڙا جي حوالي ڪيون ھيون. دشمن فوج جو اھو فاتح جنرل جيڪو پاڪ آرميءَ جي جونيئر آفيسرن ۽ عھديدارن بابت اھو چوڻ تي مجبور ٿيو تہ جيڪڏھن ھي ماڻھو منھنجي ڪمان ھيٺ ھجن، تہ آءٌ جيڪر سڄيءَ دنيا کي ھٿيار ڦٽو ڪرائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيان ھا.
عزت وارا صدر! پڪ ڄاڻو تہ انھن ماڻھن مان ھڪ ھڪ ماڻھو ھنن جنرلن کان وڌيڪ ھو جن ھن ذلت جھڙي پسپائيءَ لاءِ ھن ملڪ جي اڳواڻي ڪئي ھئي. مون تي اھا تھمت آھي تہ مون پاڪستان خلاف جنگ وڙھڻ جي سازش ڪئي آھي. پھريائين مون کي اھو تہ ٻڌايو تہ اھا ڪھڙي پاڪستان جي ڳالھہ ٿي رھي آھي؟ ڇا ھيءُ غليظ مفادن جي تحفظ لاءِ آباد پاڪستان آھي؟ ڇا ھي عھدن ۽ (ذاتي) ترقيءَ جي بک لٽائڻ لاءِ قائم پاڪستان آھي؟ ڇا ھي فوجي بغاوتن جو شڪار ڦاھي گهرن سان ڀريل پاڪستان آھي؟ يا وري اھو پاڪستان، جنھن جو جهنڊو 14-آگسٽ 1947ع تي انصاف، برابريءَ ۽ آزاديءَ جي نالي تي ڦڙڪايو ويو ھو؟
صدر صاحب! اڄوڪو پاڪستان آھي ئي ڇا، جنھن خلاف جنگ وڙھڻ جي مون کي سازش ڪرڻي ھئي؟ ”جتي چٻرن ۽ سينسرشپ جي اپاھجن جو ٽڪاءَ آھي، جيل جي ڪال ڪوٺڙين جي ڌپ آھي، بدلجندڙ سنترين (پھريدارن) جي کٽا کٽ، بدترين ساڙ ۽ انتھائي وحشانيت جو واسو آھي، جتي معصوميت ساھہ ڏئي چڪي آھي ۽ ڪوڙي خودداري پنھنجا پير پڌاريو ويٺي آھي ۽ جتي ماڻھوءَ جي ڦرلٽ پنھنجي اوج تي اچي رسي آھي.“ جنرل فلاسافر ھينرخ ھائين (Heinrich Heine) جا اھي لفظ ڏاڍا وزنائتا آھن، پر منھنجي خيال ۾ اڄوڪي پاڪستان جو اھو پورٽريٽ (تصوير) اڃا بہ اڌورو آھي ۽ ھتي ھن ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ مون وٽ وقت باقي نہ بچيو آھي، منھنجا سمورا برش کسي ويا آھن ۽ قلمن جي مس ختم ٿي چڪي آھي.
ھاڻي ھاڻي جڏھن آءٌ پنھنجي بيان ھلندي فنش اِٽ (ان کي پُوري ڪيو) لفظ ڪتب آڻي رھيو ھوس، تڏھن تصور جي اک سان مون کي ڪٽھڙي جي ھن پاسي ھوءَ ھلڪي ھلڪي مرڪ اڀرندي ڏيکارجي پئي. توھان اطمينان رکو. منھنجو خيال آھي تہ مون کي فنش اِٽ چوڻ ۾ اڃا ڪجهہ ڏينھن لڳندا، پر جڏھن مون کي ايئن چوڻو ھوندو تڏھن اٽڪندس ڪو نہ.(9 )
وطن جي خلاف جنگ ۽ سازش جي سلسلي ۾ ان تھمت خلاف پنھنجي صفائيءَ جي حق ۾ ڪجهہ چوڻ جو تصور ئي منھنجي لاءِ ذلت ڀريو آھي. چارجنگ ڪريسي ۽ سرڪاري وڪيلن جي ملي ڀڳت سبب پيدا ٿيل ان تاثر جي نفي ڪرڻ بہ منھنجي خيال ۾ عزت ۽ وقار ۽ حب الوطنيءَ جي منھنجي انھن ملڪيتن جي خواريءَ برابر ھوندي جيڪي جرنيلي ڦرلٽ جي ھن دَور کان بچي ويون آھن.
ان معاملي ۾ صفائي ڏيڻ جو مطلب پنھنجي ھٿان پنھنجيءَ ذات تي ذلت مڙھڻ ۽ نفرت لائق اطاعت گذاريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ناھي.
آءٌ پنھنجي وجود جي اھا خواري ڪرڻ کان انڪار ڪيان ٿو!
اھو گهڻا سال اڳ ھڪ پرانھين جنگي محاذ جو قصو آھي.( 10) آءٌ اڪيلي سر گهڻن ئي انھن جنگي قيدين کي (جيڪي فولاد ڍڪيل صليبي مجاھدن کان وڌيڪ ھٿياربند ھئا) ھڪ ويڪري ڍنڍ ڀرسان رتوڇاڻ جنگ کان پوءِ پنھنجي خالي مشين گن جي زور تي قيد ڪري پنھنجن گهڻو پوئتي رھجي ويل جٿن ڏانھن آڻي رھيو ھوس. ڍنڍ جي ٺيڪ وچ ۾ کجين جي جهڳٽي واري ننڍڙي ٻيٽ تي وجهہ ڏسي آءٌ خدا جو شڪرانو ڪرڻ لاءِ سجدي ۾ جهڪي پيس.(11)
جڏھن مون سلام ورايو تہ انھن ھٿياربند جنگي قيدين مان ھڪ روئندي مون کي ڀاڪر پائي چيو ھو تہ ”جيڪڏھن تو جھڙا ماڻھو پاڪستان لاءِ وڙھي رھيا آھن، تہ اسان انھن کان ڪيئن کٽي سگهنداسون.“
اڄ ھڪ ايڊيشنل ايڊوڪيٽ بيھي مون کي باغي، سازشي ۽ غدار جي لفظن سان سڏي رھيو آھي. ھُو غداريءَ ۽ انتھائي غداريءَ جي ڳالھہ ڪري رھيو آھي، جڏھن تہ منھنجو خيال آھي تہ انتھائي غداريءَ جو قصو تہ 5-جولاءِ 1977ع کان پوءِ سدا لاءِ ختم ٿي چڪو آھي.
عدالت جا صدر! غداريءَ ۽ انتھائي غداريءَ جي وچ ۾ ھڪ سنهڙي ڪاري ليڪ جي تشريح ۽ تعريف اسان جي چيف آف اسٽاف کان وڌيڪ سٺي نموني ٻيو ڪو بہ ڪري نہ ٿو سگهي.( 12)
آءٌ تہ رڳو ايترو ڄاڻان ٿو تہ جڏھن بلخ جي جنگ ۾ گهمسان جي ويڙھاند ھلندي اورنگزيب خدا جي حضور ۾ جهڪيو تہ خدا ان سان ھڪ فلاسافر شاعر اقبال جو واعدو ڪيو ھو جنھن ان کي امر ڪري ڇڏيو (13) پر جڏھن آءٌ مٽيءَ ۽ بارود جي بوءِ ۾ ان جي آڏو جهڪيس تہ ان وٽ منھنجي لاءِ ھڪ ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل کان سواءِ ٻيو ڪجهہ نہ ھو!
ڇا خدا بہ وڏين پلاٽونن جو ساٿ ڏيندو رھندو آھي؟ ڇا والٽيئر سچو ھو؟
16-مئي 85ع تي جڏھن فريادي ڌر پنھنجو ڪيس بند ڪيو ھو، اڄ تائين آءٌ اھو ئي سوچيندو رھيو آھيان، تہ بھرحال مون کي تنوير احمد خان کي ڪا ميار ناھي ڏيڻي، ھُو تہ ھڪ شريف النفس ماڻھو آھي جنھن کي اھو ئي ڪجهہ چوڻو ھو جيڪو ھيءَ نظر نہ ايندڙ رياست گُهري ٿي.
پر خدا جو سُنھن! آءٌ ان دشمن جي شڪل ڏسڻ لاءِ سِڪي رھيو آھيان، جيڪو انھيءَ ھنڌان مون سان ڳالھائي ھا جتان آءٌ ڳالھائي رھيو آھيان. چارجنگ ڪريسيءَ مون کي انسان جي سُھڻين سَڌن مان ھڪ سَڌ پوري ٿيڻ کان وانجهو ڪري ڇڏيو.
جيتوڻيڪ اسان وٽ وقت ھاڻي بلڪل ناھي بچيو، پر ان سلسلي ۾ مون کي اورنگزيب جي شاعر اقبال تان ئي ڪجهہ نقل ڪرڻ ڏيو. ھتي ھو قوي ۽ طاقتور دشمن جو ذڪر ڪري رھيو آھي ۽ شايد توھان ڄاڻندا ئي ھوندؤ تہ قوي ۽ توانو دشمن ٻيو سڀ ڪجهہ ئي ٿي سگهي ٿو، ڪمينو ڪڏھن بہ نہ.
راست مي گويَم عدد ھم يارست ــــ ھستي او رونق بازار نست
ھر ڪہ دانائي مقامات خودي است ــــ فضل حق داند گر دشمن قوي است
ڪجهہ سال اڳ مون ھڪ ميجر جنرل تي ان وقت حب الوطنيءَ جي سنگين اُڀي ڪئي ھئي جڏھن ھو گهٽ ۾ گهٽ ٻن برگيڊيئرن ۽ ٻارھن کن ڪرنلن ۽ ميجرن جي ٽولي ۾ ويٺو 16-ڊسمبر 79ع (يا 80ع) جِي ھڪ شام قصائي گَليءَ جي چَڪلي وارين سان ملھائڻ جو پروگرام ٺاھي رھيو ھو. 16-ڊسمبر شايد توھان کي ياد ھوندو، اسان جي ڍاڪا ۾ سرنگون ٿيڻ جي ورسي(14) ھوندي آھي.
اھو ميجر جنرل ھاڻي ليفٽينٽ جنرل آھي.( 15) ھُو چوي ٿو تہ ھو فوج جو برين ٽرسٽ (اعليٰ ترين دماغ) آھي. رنگ ۾ ڀنگ وجهڻ جھڙي ان گستاخيءَ تي منھنجي ڪَنَ-مھٽ ڪئي وئي ۽ گهٽ-وڌ ڳالھايو ويو.( 16)
۽ آءٌ سمجهان ٿو تہ جيڪڏھن 4-اپريل 1979ع تي جيڪڏھن ڦاھيءَ-تختي تي قتل ڪرڻ بدران سنگسار ڪرڻ جي رسم وڌي وئي ھجي ھا، تہ ان اجائي مداخلت تي آءٌ ڪڏھوڪو سنگسار ٿي چڪو ھجان ھا.
عدالت جا صدر! مون کي اوھان آڏو ھن تاريخي رستي تي ھلڻ جي مھلت رڳو ان ڪري ملي آھي جو 4-اپريل 1979ع تي ان رسم جي ابتدا نہ ڪئي وئي.
مانوارا سائين! افغان مِگ جھاز ڏينھن رات پاڪستان جي سرحدن جو تقدس پامال ڪندي راڪيٽ ۽ بم وسائي رھيا آھن پر اِھي اُھي نہ، اٽڪ قلعي ۾ غير قانوني طرح حراست ھيٺ رکيل آفيسر آھن جيڪي پاڪستان خلاف گهمسان جي جنگ وڙھي رھيا آھن.
توھان تہ ڄاڻو ئي ٿا، 2-جنوري 1984ع جي شام، جڏھن توبخاني جو ھڪ ليفٽيننٽ جنرل نوان ڪوٽ جي ايف يو پي مان طوفاني ڪاھہ لاءِ اٿي رھيو ھو.( 17) اڄوڪي ڏينھن تائين اسان جي سرحدي علائقن تي 140 ڀيرا ھوائي حملا ٿي چڪا آھن. ڊيورنڊ لائين جي ھن پار انھن حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ھڪ ھزار پاڪستاني پنھنجيون حياتيون وڃائي چڪا آھن.
ايف-16 پنھنجن ھينگرز (ڇانورن) ۾ رکيا آھن، جنرل پنھنجن عشرت گهرن ۾، بدڪُون مورچن ۾ ۽ ڳيرا آکيرن م ڇپ ھنيو ويٺا آھن. مسٽر سمرنوف روس موٽي وڃي چڪو آھي، ڊين ھنٽن کي ايم آر ڊي (جمھوريت جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ) جي لڄ لُٽ جو فِري ليسن (آزاد اجازتنامو) مليل ۽ ڪي ڊي شرما بہ ھاڻي ھتي ڪونھي.(18 ) خارجہ دفتر آئيندي ٿيندڙ افغان بمبارين بابت ھڪ سؤ وڌيڪ احتجاجي بيان تيار ڪرڻ ۾ رُڌل آھي ۽ ھاڻي جڏھن آءٌ ھن ڪوئا-مار ۾ بند آھيان تڏھن پاڪستان جو سرحدون قطعي طرح محفوظ ٿي چڪيون آھن.
عدالت جا صدر! اسان پاڪستان جي تحفظ لاءِ ھڪ نھايت ئي اعليٰ درجي جي ڪلاسيڪل جنگ وڙھي رھيا آھيون. مارشل فوش بہ جيڪڏھن ٻيو جنم وٺي اچي تہ ان کي سمجهي نہ سگهندو.
اسان جو حوصلو ھارجي چڪو آھي. اسان جو ساڄو پاسو بي مقصديت جو شڪار آھي ۽ اسان جو کاٻو پاسو ’خصي‘ ٿي چڪو آھي، پر اسين پڪ ئي حملو ڪنداسون ۽ اسين پڪ ئي جنگ کٽي وينداسون!
آءٌ نظر جي ڌوڪي يا وھم ۽ گمان جو شڪار ڪو نہ ٿيو آھيان. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آئين کان مٿاھين ھن حڪم نامي ۾ مون جھڙي عقيدن واري ماڻھو لاءِ ڇا ٿي سگهي ٿو. منھنجي امڙ منھنجي حقيقت پسنديءَ تي ارپي چڪي آھي. منھنجي (اڌ-سٺي زال) جا گهڻا مائٽ ڪاري پاڻيءَ جي سزا ڪاٽي چڪا آھن. مون کي پرواھہ ڪونھي تہ توھان مون سان ڇا ٿا ڪيو. آءٌ ذات، عقيدي، رنگ ۽ ايمان جي حوالي سان رجائي آھيان ۽ ڄاڻان ٿو تہ سچائي ھڪ ڏينھن ضرور ظاھر ٿي مون کي پنھنجين سھڻين ٻانھن ۾ ڀري وٺندي. ان سان ڪو فرق ڪو نہ ٿو پوي تہ ان وقت ڄاتل معنائن ۾ آءٌ جيئرو ھوندس يا نہ.
لوٹي که پھر صد بار فرزند دي
کار ئي وصد چا دتہ خو کندي
چه نوائي تشنہ ٹو کے پا بہ شق
شو که پورتہ بہ باد بلندي دي
”دونھون ڀلي دلين جو ئي ھجي منھنجا پٽ، اسين ان جي حيثيت چڱيءَ طرح سڃاڻون ٿا. ھي سوجهري کان سکڻو ھوندو آھي تڏھن تہ دونھون سڏجي ٿو. ان سان ڪھڙو فرق ٿو پوي جو اھو فضا ۾ اوچو اڏامي ٿو.“ (خوشحال خان خٽڪ)
منھنجي خيال ۾ دونھين مان خوشحال خان جو مطلب ڌوڪو، مڪاري ڪوڙ، ٺڳي، غداري ۽ انتھائي غداري ئي آھي. خوشحالُ ھن عدالتي ڪمري کان ڪجهہ ميل ئي پري دفن ٿيل آھي. اسان جي ملاقات مقدر جي ھڪ ڏاڍي عجيب موڙ تي ٿي آھي. جيتوڻيڪ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ ھُو ان سڄي عرصي ۾ ھر گهڙيءَ ھن ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ مون سان گڏ رھيو آھي. توھان ڄاڻيندا ھوندا تہ هن کي بہ مون جيان پنھنجي وقت جو سڀ کان وڏو جابر ماڻھو مھاڏو اٽڪيل ھو ــــ شڪي مزاج اورنگزيب جنھن ھڪ دنيا تہ فتح ڪري ورتي پر پنھنجي وقت جي (وھڪ؟) تي انڌي نموني ۽ پوريءَ طرح ڀاڙڻ سبب سڀ ڪجهہ وڃائي ويھڻ جو ڪارڻ بڻيو.
خوشحال خان خٽڪ جيتوڻيڪ دئيت انسان ھو پر ان ھوندي بہ منھنجي ۽ ھن جي وچ ۾ اباسين (ندي) جي پاڻيءَ کان سواءِ ٻيون بہ ڪيتريون ئي ڳالھيون ھڪجهڙيون آھن. ھن کي بہ ڪيس ھلائڻ کان سواءِ گواليار ۽ نٿمبور جي قلعن ۾ قيد رکيو ويو ھو ۽ ھي قلعو اٽڪ، جتي ھاڻي مون تي نيٺ ھڪ نام نھاد ڪيس ھلايو پيو وڃي، جتان عظيم مغل لشڪر خوشحال خلاف ڌوڪڻ نڪرندو ھو.
ھن وصيت ڪئي تہ ھن کي ان ھنڌ دفن ڪيو وڃي جتي مغلن جي گهوڙن جي ٽاپ ٽاپ سان اڏامندڙ ڌوڙ نہ پھچي سگهي ۽ آءٌ بہ اھو ٿو گهران تہ مون کي اھڙي ھنڌ دفن ڪيو وڃي جتي قانون جي حڪمراني ھجي ۽ نظريهء ضرورت جا منحوس پاڇا نہ پھچي سگهن.
فرانس جي ”گدڙ جي ڏينھن“ جيان آءٌ ڄاڻان ٿو، ھتي پاڪستان ۾ اڄ اھي ذلت جهڙيون شڪستن جون مڪروه تصويرون، فرمان علين ۽ رحيم خانن جو ڏينھن آھي. آءٌ اھو ڏسڻ لاءِ جيئرو رھان يا نہ، پر منھنجو ايمان آھي تہ انھن ئي سالن ۾ ھڪ سال انسانيت ۽ ھن ملڪ جي قومي جدوجھد ۽ پيش قدميءَ وارن مُکڙن منصور، خوشحال، علي ڀٽو ۽ ٻين آزادي پسندن جو ڏينھن بہ ضرور اڀرندو.( 19) ھن سڙيل، سٽيل ڌرتيءَ تي سوجهرو ٿيندو. ان ڏينھن کان پوءِ شعوري ۽ آفاقي سچائين جي اظھار کي ڌرتيءَ ماءُ خلاف جنگ جو نالو نہ ڏنو ويندو ۽ نہ ئي تانا شاھہ ”آءٌ ئي تہ رياست آھيان“ واري ھام ھڻڻ جو پوزيشن ۾ ھوندو.
عدالت جا صدر ۽ ميمبرؤ! ڏوھہ-چٺي جي ڳالھہ تہ پوري ٿي ۽ ان سان گڏ منھنجي حصي جو وقت بہ. ھن وقت آءٌ ڳوٺ جي جنت بيبيءَ جيان پڇتائي رھيو آھيان جنھن پنھنجي پياريءَ کي ڪجهہ ڦڙتي ڏيکارڻ لاءِ چيو ھو، ڇو جو سندس ڄڃ کوھہ تي لٿي ھئي. آءٌ ڏوھہ-چٺي تي وقت جي کوٽ سبب تفصيلي روشني وجهي نہ سگهيس، پر ڪريل کير بابت ھاڻي چئي ڇا ٿو سگهجي.
ھاڻي آءٌ ٿورن لفظن ۾ ڪجهہ نُڪتن بابت ڳالھہ ڪرڻ ٿو گهران جيڪي ڏوھہ-چٺي کان ڪي گهٽ اھم ناھن. انھن سڀني مان پھريون مسئلو سازشي گروپ جي جوڙجڪ ۽ تنظيم جو آھي:
Dirty dozen and not so dirty half a dozen.
(گندا ٻارھن ۽ ڪجهہ گهٽ گندا ڇھہ ــــ يعني سترھن.)( 20)
سائين منھنجا! مون کي اسٽاف ڪاليج وڃڻ جو اتفاق ڪو نہ ٿيو آھي. منھنجن ڀاڳن ۾ اعليٰ عقل، ڏاھپ ۽ تعليم جي سزا لکيل ڪو نہ ھئي. اوھان کي ھڪ يا شايد ٻن ۾ تعليم پرائڻ جو موقعو ملي چڪو آھي. توھان کان وڌيڪ سٺي نموني ٻيو ڪير ٿو ڄاڻي سگهي تہ ھٿياربند فوجن ۾ ”گروپنگ“ (ٽولي بازي) ۽ ”ريگروپنگ“ (ان ۾ بہ ٽولي بازي) ۽ ھٿيار ڦٽا ڪرڻ جا ڪاڄ ڪمانڊ جي مٿاھين سطحن تي ئي ٿيندا آھن. ايتري قدر جو نوان ڪوٽ ٿاڻي واري ويڙھاند جي گروپنگ ڪنھن ميجر نہ ڪئي ھئي. ملڪ تي مڙھيل فوجي حڪومت تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ان گروپنگ جي چونڊ، جوڙجڪ ۽ تنظيم بہ گهڻو اڳ ڄم-ھيٺ ڪور آف انٽيليجنس جي تمام مٿاھين سطح تي ڪئي وئي ھئي.
گروپ جو اصطلاح اسان جي خون ۾ ايئن رچي ويو آھي جيئن رت جا ڳاڙھا ۽ اڇا ذرا، اسان گروپ بندين ۽ گروپ بازين سان ايترو تہ ھِري ويا آھيون جو اھي اسان جي وجود جو ٻيو نشان ٺھي چڪو آھي.
گروپ بہ ڪيترن ئي قسمن جا آھن. مثال طور، آرميءَ ۾ بلوچ ۽ پنجاب گروپ آھن، وري ”يفرز“ ۽ رسالا گروپ آھن ۽ انھن ۾ سڀني کان وڏو جالنڌر گروپ.(21 ) ملڪ ۾ ٻين گروپن جو وجود بہ آھي جيئن جاگيردار ۽ اعليٰ آسٽريليائي نسل ۽ انھن سان گڏ مصلين (نون-مسلمانن) ۽ ميراثين جا گروپ، انھن سان گڏ قربانيءَ لاءِ ڍور ڍنگر، گروپ ۽ ٻڪرن ۽ گهيٽن
(دُنبن) جا گروپ.
ھيءُ (تھمت-لڳل) سترھن جو گروپ، عدالت جا صدر! نہ ته، گروپ آف 77 آھي جيڪو نہ، تہ بہ رڳو پنھنجين ادائن ۽ عشر گرين (ناز ڏيکارڻ) جي سھاري ئي ڪجهہ ھڏيون جهڙپي وٺندا آھن ۽ نہ ئي چين جي گروپ آف فور يعني چئن جي ٽولي سان ان کي تشبيھہ ڏئي سگهجي ٿي، جن جي نيت ۾ واقعي فتور ھو. ھِي تہ رڳو جانورن جو ڌڻ آھي ۽ توھان ڄاڻو ٿا تہ انھن جي قرباني فيبروري-مارچ ۾ پنھنجو رنگ ڏيکاري چڪي آھي.
سائين منھنجا! توھان جي آڏو تہ رڳو کَلون پيش ڪيون ويون آھن، ماس تہ عظيم پاڪائيءَ (Great Purge) جي بٺي ڪوسي ڪرڻ لاءِ واھپي ۾ اچي ويو. ھاڻي اوھان انھن سترھن کلن سان جيڪو وڻيوَ، اھو ڪيو: انھن کي لڙڪائي ڇڏيو يا رنگيو، ان سان ڪھڙو فرق پوندو!
رنگ ڪرڻ لاءِ توھان ڪھڙو تيزاب يا آچار ڪتب آڻيو ٿا، ان جو ذڪر بہ ايئن بي معنا ھوندو جيئن اھو سوال تہ کلن کي ڪيتري ٿولھہ واري رسي ۾ لڙڪائبو.
رَسن جي قسمن بابت ڳالھہ ڪري سگهجي ٿي. ھڪ رسو تہ اھو ھوندو آھي جنھن کي جيڪڏھن سمورا ماڻھو گڏجي جھلن تہ خدا جي نعمتن ۽ انعام ۽ اڪرام ۾ واڌارو ٿي ويندو آھي ۽ ٻيو اھو جيڪو توھان جون اکيون ۽ ڄڀون تہ ٻاھر ڪڍي ڇڏيندو آھي پر آخري ڇنڊڇاڻ موجب توھان جي قد، وقار ۽ شخصيت ۾ اڻمَئي واڌ جو نياپو آڻيندو آھي.(22 )
جيتوڻيڪ تارا مسيح( 23) کي اڃا بہ ان حقيقت جي ڄاڻ ڪانھي.
عدالت جا صدر! مون کي سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي تہ منھنجي مٿي ھيٺان ڪھڙي گدڙ-ڦيڻ رکيل ھئي جو آءٌ پرانھين علائقي ايبٽ آباد ۾ ھڪ ماڻھوءَ سان ڪي گهڙيون ملان ٿو تہ اھو ٿڏي تي ھن ملڪ جي سڪيلڌي طاقت جو ڌڙن تختو (تختو انڌو ڪرڻ) لاءِ مون سان متفق ٿي وڃي ٿو؟
آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ منھنجي ساڄي ھٿ ۾ ڪھڙين معجزانہ قوتن جو ٽڪاءُ آھي جو ھڪ ماڻھو مون سان پھريون ۽ آخري ڀيرو ھٿ ملائيندي ئي ان قوت خلاف سازش ۾ شريڪ ٿي وڃي ٿو.
منھنجي ھٿ جي ڇھاءَ ۾ ڪھڙو ڪامڻ ھو، جو مون سياچن گليشيئر جي ويجهن مورچن مان آيل ھڪ ماڻھو کي ٿپڪي ڏئي ”بغاوت جي ڀنڀٽ“ ۾ ٽپو ڏيڻ تي تيار ڪري پئي ورتو؟ اھا ڪيڏي نہ ڏک جي ڳالھہ آھي صدر صاحب! تہ اھو سپاھي جيڪو قراقرم (جابلو سلسلي) جي اُڀ ڇُھندڙ چوٽين تي ڏينھن-رات جاڳي پنھنجي ملڪ جو بچاءُ ڪري رھيو ھو، ان کي مورچن مان جهپڙي ھڪ اذيت گهر، ھڪ ”ڪُتي خاني“ جي ”ڪوس گهر“ ۾ سندس کل پئي لاٿي وڃي؟
ھڪ اھڙو ماڻھو جنھن سان حياتيءَ ۾ ٻيھر آءٌ ڪو نہ مليس، گذريل ھڪ سال کان ھتي اٽڪ جي ڪال ڪوٺڙين ۾ منھنجو پاڙيسري آھي، شايد مون جيان ھن جو ڏوھہ بہ اھو ھو تہ ھن کي پاڪ آرميءَ سان پيار ھو ۽ سوِل ۽ اعليٰ عھدي تي پھچڻ کان پوءِ بہ ھن پنھنجي نالي مان فوجي رتبو نہ ھٽايو ھو.
ھڪ ماڻھو جنھن سان حياتيءَ ۾ رڳو ھڪ اڌ ڀيرو ئي مليو ھوندس پنھنجي گهر آيل مھمانن جي رڍن ٻڪرين سميت واڙي ۾ بند ڪيو وڃي ٿو. قسمت جي حادثن جو اجورو ڪڏھن ڪڏھن ڪيڏي وڏي قيمت ۾ ڏيڻو پوي ٿو.
آءٌ ھڪ پراڻي سڃاڻوءَ کي ڪجهہ رقم اسلام آباد جي ”نيلام گهرن“ مان ھڪ پراڻو ايئر ڪنڊيشنر خريد ڪرڻ لاءِ ڏيان ٿو، پر ان رقم کي ھڪدم سازشين جي گئنگ (بدمعاش ٽولو) ۽ ان جي ڪارپوريشن ۾ شامل ھجڻ جي رسيد سمجهيو وڃي ٿو.
ھڪ ماڻھو ذاتي لاڳاپن جي ڪري منھنجي ڪنھن مسئلي ۾ مدد ڏيڻ پھچي ٿو ۽ ان کي سازش ڳٺجوڙ ۾ شريڪ سمجهيو وڃي ٿو. ھا، ان ڳٺجوڙ ضرور ڪيو ھو پر رڳو منھنجي حياتيءَ ۾ ڪجهہ خوشيون آڻڻ لاءِ. ان ھڪ ڪم جِي ان ڪٽنب کي ڪيڏي وڏي قيمت ڏيڻي پئي آھي جيڪو ڪڏھن ڏاڍو سکيو ستابو گهر ھو!
ھڪ ماڻھوءَ تي ستم جي مشق ڪئي ٿي وڃي، جو ھو منھنجو سنگتي ھو، ٻئي جا پير جڪڙيا وڃن ٿا رڳو ان ڪري جو مون کي پيارو ھو ۽ آءٌ ان جي پرڏيھہ ۾ آبادڪاريءَ لاءِ دلچسپي وٺي رھيو ھوس.
ٻئي کي ان ڪري اذيت جو نشانو بنايو ويو جو ھو منھنجي ويجهو ھو ۽ مون پنھنجي بئنڪ مان قرض وٺي (جنھن جو ريڪارڊ ھن توھان جي آڏو پيش ڪيو ھو) کيس ڪجهہ ھزار رپيا ڏنا ھئا. توھان کي ڄاڻ آھي انھن پئسن کي ڪيڏي سولائيءَ سان سازش جي سلسلي ۾ ”گرانٽس“ (مالي مدد) ۾ تبديل ڪيو ويو.
اڃا بہ ٻئي ماڻھوءَ کي ان جي پريزيڊنٽ (صدر) سمري ملٽري ڪورٽ جي ڪرسيءَ تان جهپڙيو وڃي ٿو ۽ ملڪ ۽ قوم جي دشمن جو خطاب ڏنو وڃي ٿو. پريزيڊنٽ سمري ملٽري ڪورٽ جي حيثيت ۾، جيڪڏھن کيس اھو لقب ڏنو وڃي ھا تہ پڪ ئي مون کي ڏاڍي آسيس ملي ھا. انھيءَ ماڻھوءَ کي جيڪو انھن ئي مقصدن کي نڀائڻ ۾ رُڌل ھو، پنھنجين مڪروھہ نيتن جي پورائي ڪرڻ لاءِ اھڙي گچڻ ۾ ڦٽو ڪيو پيو وڃي جنھن جي ڪا حد ئي ڪونھي.
ھڪ ماڻھوءَ جِي ٻئي سان پھرين ۽ آخري ملاقات کي پنڊي-اسلام آباد جنرل ھيڊ ڪوارٽر ۽ آرمي ھائوس تي قبضو ڪرڻ جي سازش لاءِ ھڪ اھم ترين گڏجاڻيءَ جو نالو ڏنو ويو آھي.
ڪجهہ سنگتي گهمندڙ ڦرندڙ قسم جا، ھڪ مينھوڳي شام جو مزو وٺندي پڪڙيا وڃن ٿا ۽ انگور جي ڌيءُ واپرائڻ منع آھي جي قانون بدران ڪڙي سازش ۾ ريڙھيا وڃن ٿا.
ڪجهہ ماڻھو رڳو ان ڪري سرڙيا وڃن ٿا جو انھن ھڪ بٽالين، ھڪ اداري يا جاءِ ۾ پاڻ ۾ ڪجهہ ڏينھن گڏ گذاريا ھئا.
ھڪ ماڻھوءَ کي ان ڪري ”سازشي“ سڏيو ٿو وڃي، جو آءٌ سندس گهر جي رڌڻي ڀرسان لنگهيو ھوس. آءٌ توھان کي ڪيئن پڪ ڏياريان تہ اتي سازش نہ گوگڙو يا شايد واڱڻ پچي رھيا ھئا. خدايا! سکا شاھي ۾ گوگڙو پچائڻ بہ ايڏو ڏوھہ ھوندو!
اڃا بہ ھڪ چار X چار فَوٽ جي پڃري ۾ ان ڪري ڦٽو ڪيو ٿو وڃي، جو ھو منھنجي دوست جي دوست جو سڃاڻو ھو.
لوٿر جي ڊبليو (W جي مزو وٺندڙ ماڻھوءَ کي انھيءَ بدنام جي نالي تي ھڪ دعوتي نياپو ڏنو وڃي ٿو ۽ ھو ھڪ ”زاھد خشڪ“ (پڪي پرھيزگار) سان گڏ ”ملڻ-جاءِ“ تي پھچي ٿو. اتي ان کي ڄار ۾ ڦاسائي تخريبڪارن جي گئنگ جي شڪل ڏني وڃي ٿي. گنن، بندوقن، رائيفلن، توبن، گولين ۽ گولڊ (سونَ) ۽ چرس جي مدد سان گهيرو تنگ ڪيو وڃي ٿو ۽ اسلام آباد ۾ سُپرمين ۽ انھن طاقتن کي جيڪي ... آھن، گمراھہ ڪندڙ بريفنگ (واقفيت) ڏني وڃي ٿي..... [ھتي ڪجهہ صفحا گم آھن جنھنڪري تسلسل ٽٽل آھي.] .... جيئن فوجي تاناشاھہ سِکن سان پنھنجي نيم دليءَ ۽ منافقيءَ واري ”ھني مُون“ جو توازن قائم ڪرڻ لاءِ ڀارت مان ”اسان جي لاءِ آيل“ ھٿيارن جو نوان ڪوٽ ناٽڪ رچايو ھو. اھڙيءَ طرح شروع ۾ ئي ھنن ھن ڪيس جي آڙ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ لاءِ گلوٽين (ڪات) تيار ڪرڻ جو منصوبو بہ ٺاھيو ھو. اھو منصوبو پورو ڪرڻ لاءِ پ پ جي ڪجهہ ماڻھن ۽ اڳواڻ کي ان ۾ ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوءِ اھو معاملو ھڪ پراسرار ماٺ جو شڪار ٿي ختم ٿي ويو.
عزت وارا صدر! آءٌ انڪار نہ ٿو ڪريان، مون غلام مصطفيٰ کَر کي ان ڏينھن ڏٺو ضرور ھو جڏھن لاھور جي مال روڊ تي ھڪ سڄي فوج انفنٽري، رسالو، (سوار)، توب خانو، انجنيئر ۽ ٻين جٿن ان آڏو پريڊ ڪندي لنگهي رھيا ھئا ۽ اڄوڪا جنرل فرشِي سلامن ۾ رڌل ھئا. گورنر کر جو گرھہ- ۽ پيالي-ڀائي، رازن ۾ شريڪ ۽ راز رکندڙ اسان جو محترم فاضل خصوصي سرڪاري وڪيل بہ پڪ ئي رتبي جو خيال رکندي 25 يا 30 وال پري، ”شير پنجاب“ جي کاٻي يا ساڄي بيٺي اھو روح پروَر نظارو ڏسي رھيو ھوندو.
آءٌ اھو بہ ڄاڻان ٿو تہ غلام مصطفيٰ جتوئي اھو ماڻھو آھي جنھن کي جنرل ضياءَ شايد ٻہ يا ٽي ڀيرا پاڪستان جي وزير اعظم جو ٿال آڇي چڪو آھي. ۽ آءٌ اھو بہ ڄاڻان ٿو تہ مس بينظير ڀٽو، شھيد وزير اعظم جي ڏاڍي پياري ڌيءَ آھي. شايد ھوءَ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قائم مقائم چيئرپرسن بہ آھي.
پر عدالت جا صدر! اھا ڪھاڻي بس ايتري ئي تہ آھي.
سائين منھنجا! ايئن پنھنجون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ جنوري 84ع جي سازشين جي هن گروپ جي جوڙجڪ ۽ ”سازش“ جو نظريو پورو ٿيو ۽ ھلايو ويو تہ جيڪڏھن اھي بہ جھلجن ھا تہ آسمان ٽٽي اچي پاڪستان ۽ ان جي ڏوھاري حڪمرانن تي ڪِري ھا.
مون کي شڪ ڪونھي تہ ڊسمبر 83ع جي آخري ڏينھنِ ۾ اسلام آباد، اڃا بہ آرمي ھائوس پڪ ئي سَر بائل روش (Sir Boyle Roche) جا لفظ ھڪ جنرل، اختر عبدالرحمان خان ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز انٽيليجنس جي سڙٻاٽن ۾ ضرور ٻڌا ھوندا. اھي لفظ سمنڊن ۾ جنم وٺندڙ ڪنن ۽ فضائن ۾ گڏ ٿيندڙ واچوڙن بابت ھئا.
Mr. Speaker, I smell a rat, I see him forming up in the air and darkening the sky but I will rip him in the bud.
(”مسٽر اسپيڪر، مون کي ھڪ ڪُئي جي ڌپ پئي اچي، آءٌ ان کي فضا ۾ حملي جي تياري ڪندي ڏسي رھيو آھيان ۽ ان جو پاڇو آسمان کي ڪارو ڪري چڪو آھي پر آءٌ ان کي ان جي ’ڪُک‘ ۾ ئي تباھہ ڪري ڇڏيندس.“)
”ڪوئو“ جيڪو رڳو ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ گهنڊڻي ٻڌڻ ٿو گهري، 2-جنوري 1984ع جي ”ڪک“ ۾ ئي پڪڙيو ويو، ۽ توھان ڄاڻو ٿا تہ ايس آءِ بي ۽ شيخ اعجاز علي کان وڌيڪ سٺا ڪوئا مار ڪير ٺاھي سگهي ٿو.
شيخ ڪھڙن بہ پرانھن ٻيلن ۾ ڇو نہ رھندو ھجي، ھي حڪمران ھي مقدمي باز ۽ ھي انسانيت جا دشمن ان جي جهوپڙيءَ جو دڳ ڳولي لھندا.
جناب والا! اھا ٿورن لفظن ۾ گروپ جي جوڙجڪ جي ڪھاڻي آھي، جنوري 84ع جي سازشين جي ڪھاڻي. آءٌ ان قصي ۾ ملوث جنرلن ۽ سياستدانن بابت پنھنجا خيال في الحال پاڻ تائين محدود رکڻ ٿو گهران. ھا انھن مان ڪجهہ کي مون پنھنجي بچاءَ لاءِ گهرائڻ پئي چاھيو، بچاءُ ۽ صفائي جيڪا توھان موجب ضروري ئي ناھي ــــ خس ڪم جهان پاڪ، توھان ڪنھن شاھد کي قلعي ۾ داخل ٿيڻ جي موڪل ئي نہ ڏني.
گروپ جي ذڪر کان پوءِ آءٌ فريادي ڌر جي شاھدن بابت ڪجهہ چوڻ گهران ٿو. اھو ھن معاملي جو شايد سڀ کان وڌيڪ تڪيلف ڏيندڙ پاسو آھي.
سائين منھنجا! فريادي ڌر ابتدا ۾ اسان جي خلاف 64 شاھدن جي وچور ڏئي ھن عدالت ۾ ڏاڍي سنسي خيز صورتحال پيدا ڪري ڇڏي ھئي، پوءِ ان 47 شاھدن جا نالا موٽائي ورتا. توھان دل ۾ نہ ڪجو! اھي حقيقت ۾ فريادي ڌر پاران تھمت لڳلن ۽ ھن عدالت خلاف دھشتگرديءَ جي کليل ڪارروائي ھئي.
طاقت جي ان مظاھري وسيلي ان توھان کي مغلوب ۽ مفلوج ڪرڻ پئي گهريو. اھا ھن رياست پاران نفسياتي تشدد ۽ زيادتي جو ھڪ مثال آھي جيڪا پنھنجي مظلوميت ۽ معصوميت جو ھوڪو ڏيندي چئي رھي آھي تہ آفيسرن جي ھڪ گروپ جنھن جي ماڻھن جي ڳڻپ سندن شاھدن جي ڀيٽ ۾ چوٿون حصو آھي، ان کي مجرمانہ دٻاءَ جو نشانو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.
64 مان 47 شاھدن جي واپسيءَ جو ھڪ پاسو ٻيو بہ آھي ۽ اھو پڪ ئي ڏاڍو خطرناڪ آھي. آءٌ ان ڏانھن توھان جو ڌيان ھڪدم ڇڪائڻ گهران ٿو.
منھنجي ننڍڙي خيال ۾ فريادي ڌر جي اھا حرڪت قانوني عمل تي ان جي مڪمل بي اعتباريءَ جو ڏيک آھي. اھا انھن پاران قانوني عمل کان سواءِ ڪجهہ لڪل معاملن تي بہ پوريءَ طرح ڀاڙڻ جو کليل ثبوت آھي. مون کي ان پاران شاھدن جي واپسيءَ واري ڪارروائي جي ڪارڻ تي ڪو بہ اعتراض ڪونھي. اھو ”حڪم نامو“ انھن کي اھڙي راند کيڏڻ جي پوري موڪل ڏي ٿو. پر ڇا اھو عمل وائڙو ڪندڙ ناھي ۽ ڏاڍو غير معمولي بہ، تہ انھن جيڪي شاھد موٽائي ورتا آھن رڳو انھن سڀني کي ئي فريادي ڌر پاران مھيا ڪيل وچور ۾ ”آزاد شاھد“ جو نالو ڏنو ويو ھو؟ توھان جي ريڪارڊ لاءِ اھا وچور آءٌ پنھنجي بيان سان ڳنڍي رھيو آھيان، جو ڪير ڄاڻي تہ ”لُچي لفنگي“ يا مومن حسينہ، ڪڏھن اڪيلائپ جي حالت ۾ ھن ڪيس جي ريڪارڊ سان بہ کيڏڻ گهري.
سائين منھنجا! انھن نام نھاد ”آزاد شاھدن“ جي ”واپسيءَ“ کان پوءِ جيڪي شھادتون فريادي ڌر پيش ڪيون، اھي تہ رڳو ”فيملي افيئر“ (گهريلو معاملو، معاشقو) ھو.
انھن شاھدن ۾ اھي شاھد جن کي منھنجي ۽ نتيجي ۾ ٻين جي پ پ سان لاڳاپي جي ڳالھہ ڪرڻي ھئي، انھن مان ڪجهہ کي اسان جي نالي تي پڪڙيل ھٿيارن ۽ گولي بارود بابت ماھرانہ نڪتهء نظر ۽ جائزو پيش ڪرڻو ھو. ۽ انھن ۾ اھي ”آزاد شاھد“ ھئا جن کي ”گروپ“ جي ملاقاتن ۽ گڏجاڻين جي ڳالھہ ڪرڻي ھئي جيڪي لنڊن کان وٺي پاڪستان جي ڇانوڻين ۾ ٿينديون رھيون ھيون.
ڪجهہ فريادي ڌر جي شاھدن کي تخريبي لٽريچر جي لکجڻ، ڇپجڻ ۽ ورھائجڻ کي ثابت ڪرڻو ھو. اھي ماڻھو ڪي معمولي ماڻھو نہ ھئا. انھن ۾ پاڪ آرمي، ايئر فورس جا آفيسر ھئا ۽ عوامي نمائندا بہ ۽ انھن نمائندن ۾ فوجي تاناشاھي جي اڳوڻي ”ٻئي نمبر اوپنر“ (راند جي شروعات جو کيڏاري نمبر 2) پھلوان جي شھر جي ڊپٽي ميئر کان وٺي اسان جي مقننہ (قانون ساز اداري) جا ميمبر تائين شامل ھئا. ڇا اھي سڀ وڪامڻ وارا ماڻھو ھئا؟ آءٌ نہ ٿو سمجهان ۽ نہ ئي اھو مڃيندس تہ ”ميڪاولي جي حڪومت“ خلاف گهمسان جي جنگ ۾ رڌل آفيسر کين پنھنجي پاسي لاڙي پئي سگهيا.
پوءِ فريادي ڌر انھن شاھدن کي ڇو جھليو؟
عدالت جا صدر! آءٌ پبلسٽي (شھرت) جي بُکين ۾ شامل ڪو نہ آھيان، آءٌ ماٺ رھندڙ گهڻائيءَ مان آھيان ۽ آءٌ ان جي ئي ڪنھن پرانھينءَ ڪنڊ ۾ رھڻ گهران ٿو. جنھن ڏينھن مون کي اوھان جي آڏو پيش ڪيو ويو آھي ان ڏينھن کان اڄ تائين مون نہ ڪڏھن سَستي شھرت ھٿ ڪرڻ جو سوچيو آھي ۽ نہ ئي مارشل لا دشمنيءَ جي ڪريل چيمپئن (پھلوان) ٿيڻ جي ڪا سنسني خيز صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون لڪل ھٿڪنڊن کان ڪڏھن بہ ڪم نہ ورتو آھي، پر مون انھن کي اگهاڙو ڪرڻ ۾ ڪڏھن بہ ھٻڪ نہ ڪئي آھي ۽ ھاڻي بہ اھو ئي ڪجهہ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھيان.
حقيقت اھا آھي تہ بيان ڪيل ”آزاد شاھدي“ جي واپسي توھان جي عدالت خلاف فريادي ڌر پاران سنئين سڌي بيعزتي واري رويي کي ظاھر ڪري ٿي. آءٌ سمجهان ٿو تہ اھي ماڻھو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي حڪم نامي (اپريل 82ع جي ان جي وجود کان بہ وڌيڪ سنگدليءَ واري تعبير ۽ تشريح بابت گهرج کان وڌيڪ پُريقين آھن. انھن لاءِ ھڪ اھڙي ”حڪم نامي“ جو وجود ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ، جيڪو نہ تہ اسلامي فقه جي معيار تي ٺھڪي ٿو ۽ نہ ئي رومن انصاف جي، ذاتي طرح پاڻ ان ڳالھہ جي ضمانت آھي تہ اسان سڀني کي اڳ پوءِ جاچڻ کان سواءِ ئي سزا ڏني وڃي. فريادي ڌر انھن سترھن جو سترھن تھمت لڳلن لاءِ توھان کان ان ”حڪم نامي“ جي گهرج موجب گهڻي کان گهڻي سزا جي ”گُهر“ اڳ ئي ڪري چڪي آھي.
جيڪڏھن وقتي طرح منھنجي عقيدن جي ڪجهہ خوشبو ھن يونيفارم جي وقار جي بچاءَ لاءِ، جيڪو توھان پھري رکيو آھي، ڪجهہ گهٽ بہ ٿي پوي، تہ بہ اھو منھنجي لاءِ نقصان جو سودو نہ ھوندو، پر آءٌ ان کي بابا نانڪ جي لفظن ۾ ”سچو سودو“ ئي چوندس. ان وقار جي بچاءِ لاءِ آءٌ اوھان آڏو پھرين ۽ آخري وينتي ھيءَ ڪريان ٿو تہ ”آزاد شاھدن“ جي ان مڪمل پسپائيءَ جي مسئلي تي اوھان سنجيدگيءَ ۽ سوچون اڀارڻ واري انداز ۾ سوچيو.
اھو مسٽر سعيد ھادي ڪير ھو جنھن ”سازشي“ مقصدن لاءِ ڪجهہ رقم مھيا ڪئي ھئي؟ اھي اڳوڻي اسيمبلي جا وزير ۽ ميمبر ڪير ھئا جن جي شاھدي سان بيان ڪيل لنڊن پلان (لنڊن ۾ ٺاھيل منصوبو يا سازش) جو وجود ثابت ڪرڻو ھو؟ ڇا انھن شاھدن جي واپسي اھو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي ناھي تہ تھمت لڳلن جا زوريءَ ھٿ ڪيل قبولي بيان ۽ فريادي ڌر جو سمورو گورک ڌنڌو مذھبي، فوجي ۽ سياسي ھم جنس پرستيءَ جي ھن غليظ ڏھاڪي جو سڀ کان وڏو ڪوڙ ۽ ڌوڪو ھو؟
تازو ئي اسلام آباد انتظاميا سِک فضائي قزاقن (ڌاڙيلن) يا آزاديءَ جي مجاھدن کي لاھور ايئرپورٽ تي پاڪستاني حاڪمن پاران ھٿيار مھيا ڪرڻ بابت دھليءَ ۾ ڏنل ”بيانن“ بابت اھو تبصرو ڪيو ھو تہ ”ڀارتي پوليس ان قسم جا بيان زوريءَ ڏيارڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿي.“
سائين منھنجا! آءٌ اھو آخري ماڻھو ھوندس جيڪو ان معاملي ۾ پاڪستاني پنٽاگون جي ھٿيارن (ايف آءِ يو، ايف آءِ سي) جي موتماريءَ جو انڪار ڪندس. جيڪڏھن ڀارتي پوليس اھو سڀ ڪجهہ ڪري سگهي ٿي تہ پاڪستان جا فاتح ايئن ڇو نہ ٿا ڪري سگهن؟ ان معاملي ۾ ”دَ مسلم“ اخبار جي 13-سيمپٽبر 1984ع واري اشاعت جو ٽڪرو بيان سان ڳنڍي رھيو آھيان. فريادي ڌر جي 99-سيڪڙو شاھدي گهوڙن جي وات مان نڪتل شاھدي آھي ۽ توھان ڄاڻو ٿا تہ اھي سڀ گهوڙا انٽيليجنس ايجنسين جي تنبيلي مان آيل ھئا.
ڇا گهوڙن کي ضمير ھوندو آھي؟ شايد ان معاملي ۾ خچرن ۽ سلوترين جِي ڪور جو ڊائريڪٽر اسان جي ڪجهہ رھنمائي ڪري سگهي.
پر سائين منھنجا! آءٌ اوھان کي پڪ ٿو ڏياريان تہ اسان جي پاسي وارن سمورن گهوڙن ”سرڪاري شربت“ پيئڻ کان نابري واري ھئي.(24)
بھرحال گهوڙي سوار جٿي رسالي سان لاڳاپو ھئڻ سبب توھان ڄاڻو ئي ٿا تہ چھبڪن جي مدد سان ھڪ گَھہ ڪندڙ گهوڙي کي بہ ڪنھن دُٻي جي ڌپيل پاڻيءَ تي وٺي وڃي سگهجي ٿو.
اسان جي ھنن ميارن جو واسطو اعليٰ عھدن تي ويٺل ڪُوڙن ماڻھن جي ھڪ وڏي گهاٽي ڪاري ڪڪر سان پيو آھي. ڪوڙ جي انھن گهاٽن تھن ۾ سچائيءَ جو ڪو سنھرو ڪِرڻو ڳولڻ بہ ڏاڍي اڻ ٿيڻي ڳالھہ آھي ۽ اھو ئي ھن سڄي قصي جو ڏاکڙو آھي.
ڪُوڙي جي لفظ ۾ ڏاڍي ڪڙاڻ ڏيکاربي ھوندي. ڄاڻان ٿو تہ ان کي نامناسب سمجهيو ويندو، پر ان کان سواءِ ٻيو ڪھڙو لفظ انھن سينئر آفيسرن ۽ ”رجمينٽل ڪمانڊرن“ جي ”تشبيھہ چِٽڻ“ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو! ھي ماڻھو جن اسان جي ... وٽ قيد ۽ پنھنجو پاڻ جاچ پڇا کان انڪار ڪيو آھي،( 25) جن ڏينھن ڏٺي ھن ئي قلعي ۾ ھن ئي حال ۾ ريڪارڊ ڪيل سمري آف ايوِيڊنس ۽ ان ۾ ڏنل پنھنجين شاھدين جي وجود کان پوريءَ طرح انڪار ڪيو آھي،(26) اھي اشراف جن ڏاڍي شرم جھڙي نودپڻي سان اڇا ڪوڙ ڳالھايا آھن ۽ تشدد جي انھن سڀني ڪاروائين کان بہ انڪار ڪيو آھي جيڪي اوھان جي آڏو بنا ڪنھن شڪ گمان جي ثابت ٿي چڪيون آھن.
اڄ، يونيفارم ۾ پنھنجي آخري ڏينھن آءٌ اھو سوچي ڏُکارو ٿي رھيو آھيان تہ آءٌ ھي ”گهر“ ان وقت ڇڏي رھيو آھيان جڏھن فريادي ڌر جا انھن ڪرنلن ۽ ميجرن واري قسم جا ماڻھو رجمينٽن ۽ پلاٽونن ۽ رائفيل ڪمپنين، اسقئاڊرن ۽ بيٽرين جي اڳواڻي ڪري رھيا آھن.
مون کي پڪ ئي ڏاڍو افسوس آھي ۽ ڏک پڻ!
صد افسوس! انھن آفيسرن مان ڪو ھڪ بہ جيڪڏھن مومنانہ نہ، تہ سپاھيانہ ڪردار جو مالڪ ھجي ھا! انھن مان ڪو رڳو ايتري ھمت جو مالڪ ھجي ھا جو ڏينھن کي ڏينھُن ۽ رات کي رات چئي سگهي ھا!
ھڪ ڪرنل تہ پنھنجي ۽ ان وقت برگيڊيئر ۽ ھاڻي ميجر جنرل خالد لطيف مغل جي اُن فياضيءَ جو اقرار ڪرڻ کان بہ انڪار ڪيو جيڪا ھنن پنجن مھينن تائين ٽاري رکڻ کان پوءِ منھنجي درخواست تي مون کي ”قرآن حڪيم“ جو ھڪ نسخو مھيا ڪري ڏيکاري ھئي. شايد ان جو ڪارڻ اھو ھو تہ ھيءَ فياضي ھڪ سلڇڻي مئجسٽريٽ جي ”عبادت گاھہ“ ۾ منھنجي زوريءَ-ڏوھہ-قبوليءَ کان پوءِ بہ جاري رھندڙ جاچ پڇا جو راز کولي سگهي پئي.
برگيڊيئر جنرل! مون کي ٻڌايو تہ جيڪڏھن اھي ڍول سپاھي اھو مڃين ھا تہ اسان کي ايس آءِ بِي ۾ قيد رکيو ويو ھو ۽ اتي ئي ھن ڪيس جي پُڇا بہ ڪئي وئي ھئي، تہ ڇا آسمان ڪري پوي ھا؟ ڇا انھن جي اقرار کان پوءِ ڇا ھي آئين کان مٿاھون ”حڪم نامو“ خَصي ٿي پوي ھا؟ ڇا اھا حقيقت قبول ڪرڻ سبب ان زمين ۽ آسمان تي حاوي شقون، ھر جيئري توڙي مئل شيءِ ۾ جذب ٿيل ھن جي قوت ۽ ھنن ميارن جي مقدر تي ان جي مڪمل ھڪ ھٽي ختم ٿي وڃي ھا؟
ان حڪم نامي جا لفظ، اسان کي تہ ٻڌايو ويو آھي تہ قادر مطلق خدا جي حڪمن کان بہ مٿاھان آھن، جيڪو اڄڪلھہ منھنجي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ رھيو پيو آھي.
عدالت جا صدر! سڀاڻي اھي ڪرنل آٽوميٽڪ ڀارتي رائيفلن جي گولين جي وسڪاري سامھون ڪيئن ايندا، اھي دشمن جي ٽئنڪن جي ڳڙي ۾ ڪيئن بيھندا، اسان جي سرحدن جا پرانھان مورچا انھن جو ڪرڀائتي وزن جو بار ڪيتري دير سھي سگهندا؟ اسان جا جوان، انھن جي اڳواڻيءَ ھيٺ باھہ اوڳاڇيندڙ مورچن تي ڪيئن ڪاھہ ڪندا؟
پنھنجين دلين جي انتھائي گهرائيءَ ۾ بہ اھي ماڻھو انٽيليجنس ايجنسين جي ”ڪريل دلالن“ کان وڌيڪ حيثيت جا مالڪ نہ ھئا. اھي اُھي ماڻھو ھئا جيڪي ذھني، جسماني ۽ عقلي طرح شاھہ دوله جي ڪُوئن جيان گهڙيل ۽ ڇليل ھئا. ھِي اھي ماڻھو ھئا جن جو ڪم ملڪي مفادن لاءِ نہ پر پنھنجن آقائن جي مفادن لاءِ ”جاسوسي“ جو ڪرڀائتو ڪم ڪرڻ ھوندو آھي. انھن ھِز ماسٽرس وائيس (His Masters Voice) جا پنھنجا مفاد ڪھڙا ٿي سگهن ٿا؟
نوڪريون، پروموشن (ترقي)، تمغا ۽ گهنٽيون ۽ پرڏيھہ ۾ پڪنڪ جا ليسن ــــ انھن مان تہ گهڻا اڳواٽ ئي ھن سازش جي ڪيس جي ڪُني چڱيءَ طرح پچائڻ جي انعام طور ملڪ کان ٻاھر وڃي چڪا آھن. انٽيليجنس جو دارو مدار ھڪ جديد رياست لاءِ ڏاڍي اھميت رکندڙ ھوندو آھي پر انٽيليجنس، جنھن جي معنيٰ عقل جي کوٽ ھجي، کي انٽيليجنس مافيا سان ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، تہ اھو عمل موتمار ثابت ٿي سگهي ٿو.
عليعہ جيڪو علم جو شھر جو دروازو ھو، ھڪ ڀيري دائود جي حوالي سان جيڪو خدا جو بزرگ نبي ھو، فرياديءَ جي اھڙي شاھدن جي ڪردار جي ڏاڍي سھڻي تصوير چٽي ھئي. ”نھج البلاغہ“ (حضرت عليعہ جي خطبن جو ڪتاب) ۾ پاڻ (حضرت عليعہ) ھڪ صحابيءَ سان ڳالھائيندي چوي ٿو:
”يا نوف! اِنَ دائود عليہ السلام قام في مثل ھذہ الساعتہ من اليل فقال اِنھا ساعتہ لايدعو فيھَا عبدُ الا استجيب لھُ الا ان يڪون عِشا او عريفا او شرَطيبا او صاحب ڪويتہ (ھي الطبل) او صاحب عرطبتہ (وھي الطنبور).“
”يا نوف، إن داود (عليہ السلام) قام في مثل هذہ الساعة من الليل، فقال: إنھا لساعة لا يدعو فيھا عبد إلا استجيب له، إلا أن يكون عشارا، أو عريفا، أو شرطيا، أو صاحب عرطبة - وهي الطنبور.“
يعني: ”اي نوف، حضرت دائود (عليہ السلام) رات جي اھڙين گَهڙين ۾ اٿيو، ۽ چوڻ لڳو: ھيءَ اھا مھل آھي جنھن ۾ ٻانھو دعا ناهي گهرندو پر سندس دعا قبول ڪئي ويندي آهي، سواءِ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ جي، يا حڪومت جي جاسوس جي، يا پوليس واري جي، يا ستار ۽ طبلو وڄائيندڙ جي.“
عدالت جا صدر! ان چِٽي فرمان کان پوءِ مون وٽ انھن ماڻھن بابت ڪجهہ چوڻ جي گنجائش ڪونھي. توھان ڄاڻو ئي ٿا تہ ھن ملڪ ۾ مالياتي اداري جي تپيدارن ۽ اعليٰ عملدارن، انٽيليجنس جي دلالن ۽ ميان صاحب ۽ چوڌري رياست (27) کان معذرت گهرندي، پوليس وارن جو ڪھڙو ڪردار رھيو آھي. مون کي اميد آھي تہ توھان انھن شاھدن جي شاھدي قبول ڪرڻ کان اڳ قانون ۽ انصاف جي مروج اصولن ۽ روايتن سان گڏ انھن آفاقي سچائين کي، جن جو ذڪر حضرت دائود ڪيو ھو، ضرور پنھنجي نظر ۾ رکندا.
جيستائين فريادي ڌر جي يارھين ۽ ٻارھين شاھد جو واسطو آھي، انھن بابت آءٌ پنھنجي سوچ ظاھر نہ ٿو ڪريان. آءٌ خوش آھيان. حاڪمن ”واعدا“ وٺي ساڻن مھرباني ڪئي آھي. منھنجي دعا آھي تہ انھن سان ”ميان عباس“( 28) واري کيڏ نہ کيڏي وڃي. انھن ٻنھي اھڙيءَ حالت ۾ شاھدي ڏني جو ڊيموڪليس جو خنجر مٿانئن لڙڪي رھيو ھو.
(ھتي آءٌ انھن دوستن جي احترام ۾ ھڪ پئراگراف حذف ڪري رھيو آھيان. انھن بيشڪ ڏاڍا ڏک ڏٺا آھن. منھنجي دعا آھي تہ خدا انھن کي انھن ڏکن کان پوءِ سک ۽ آرام بہ ڏي!)
... آءٌ تہ اھو ڪجهہ ورجائڻ بہ نہ پسند ڪندس جيڪو راولپنڊيءَ جي ھڪ عتاب ھيٺ آيل ڪمشنر مسٽر افضل ڪھوٽ فريادي ڌر جي پھرين شاھدن سٽي مئجسٽريٽ مرزا ڪرم الاھي بيگ جي سالياني ڳجهي رپورٽ ۾ لکيو آھي.(29 ) اھو سڀ ڪجهہ ھن مئجسٽريٽ جي ڪردار ۽ ”پيشہ ور امانت ۽ ديانت“ جي حدن بابت آھي ۽ قدرت جي ستم ظريفي آھي تہ انھيءَ انتھائي سسيل اخلاقي قوت جي حدن جي زور تي ان ھڪ ئي مئجسٽريٽ منھنجي ۽ ٻين ويھارو ”تھمت لڳلن“ جي ضمير ۽ جذبن کي ايڏو تہ جهنجهوڙيو ھو، جو اسان سڀني ھر ان اڻ ڪيل ڏوھہ جو اعتراف ڪري ڇڏيو جنھن جو تفصيل اڳواٽ ئي مئجسٽريٽ جي عدالت واري ھنڌ رکيو ھو.(30 )
آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اڄ ڏيڍ سال قيد ڀوڳڻ کان پوءِ بہ انٽيليجنس جون مختلف ايجنسيون منھنجي ڪردار بابت مواد گڏ ڪرڻ ۾ رڌل آھن. مون بابت انھن جيڪو فائيل کوليو آھي، اھو پڪ ئي ھن ملڪ جي ”دستور“ موجب منھنجن ايندڙ نسلن تائين ھلندو رھندو.
آءٌ اوھان کي درخواست ڪندس تہ توھان پنھنجو فيصلو ڏيڻ کان اڳ ھڪ ٻئي فائيل تي بہ نظر وجهو ــــ مرزا ڪرم الاھي بيگ جو فائيل، جيڪو فريادي ڌر جو مرڪزي شاھد آھي.
سائين منھنجا! ھي ”تذڪيتہ الشھود“ جو مڪمل قصو آھي. فرياديءَ جي انھن اھم ترين شاھدن جي رپورٽ جنھن ۾ اھو بدمست، زاني نقب زن، ڊپٽي ڊائريڪٽر انٽيليجنس بہ شامل آھي جنھن پنھنجي بيان ۾ رڳو ھڪ جملو شامل ڪري ھن سازش جي ڪيس جي بند بوتل ۾ ”ھڪ ٻاھرين دشمن طاقت جي شامل ھجڻ“ جو آچار وڌو آھي.( 31)
اسان جا باسيل بيان، وڊيو ريڪارڊنگ ۽ ٻيا جاچ بيان فرياديءَ جي انھن مقدس ڪارين ڳئن جي محنت جو نتيجو آھن. اھڙن ئي انتھائي بدڪردار شاھدن جي شاھدين جي بنياد تي فريادي ڌر اسان سڀني لاءِ سخت ترين سزائن ۽ اڃا بہ انتھائي سزائن جا مطالبا ڪري رھي آھي.
16-مئي تي جڏھن فريادي ڌر پنھنجو ڪيس بند ڪري رھي ھئي تہ سرڪاري وڪيلن جي مھانڊن تي عظيم الشان فتح جا جيڪي تاثر ھئا اھي مون کي اڄ بہ ياد آھن، ڄڻڪ اھي سڀ چئي رھيا ھئا:
Roma Locuta est, causa Fimita est.
”روم ڳالھہ ڪري ڇڏي، ڪيس جي ڪارروائي ختم ڪيو.“
پر عدالت جا صدر! جيتوڻيڪ ”مَڪي“ ڳالھہ ڪري ورتي آھي، پر ”مديني“ جو وارو بہ ھاڻي پري ڪونھي ... ۽ مون کي ھاڻي بہ شڪ آھي تہ توھان پنھنجي فيصلي ۾ سر سبز تازا توانا ھوندا.
مون انھن کان سواءِ ٻيا بہ گهڻا ئي نُڪتا توھان جي ڌيان تي آڻڻ گهريا پئي، پر وقت منھنجي ھٿن مان نڪري چڪو آھي. ان لاءِ بھرحال آءٌ اوھان کي ميار نہ ڏيندس. اھو منھنجي ڀاڳ ۾ ئي ھو تہ منھنجا سمورا بيان دٻاءَ ۽ بار ھيٺ قلمبند ٿين... ڪجهہ ذھني دٻاءُ ھيٺ ۽ ڪجهہ وقت ۽ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ھلندي.
مون ان جسماني ۽ ذهني تشدد جي ڳالھہ ڪرڻ پئي گُهري جيڪو مون تي ۽ ٻين تي جاري رکيو ويو. مون انھن ڇاپن جي ڳالھہ ڪرڻ پئي گهري جيڪي منھنجي ۽ ٻين جي گَهرن تي اسان جي گرفتارين کان پوءِ هنيا ويا. مون کي ان ڦرلٽ جو ذڪر ڪرڻو هو جنھن جو نشانو اسان جا مِٽ مائٽ ۽ سنگتي ٿيا. مون کي ان ساڍا اٺ سؤ مڻ چرس جي ڳجهارت حل ڪرڻي ھئي جيڪو ڀارت کان پاڪستان ۾ سمگل ڪيو ويو. مون قرآن حڪيم ۽ ان جي تفسيرن جي حوالي سان ”سازش“، بغاوت ۽ غاصبن خلاف عام جٿي بنديءَ بابت ڳالھہ ڪرڻ پئي گُهري. آءٌ انھيءَ ئي حوالي سان ھڪ قانوني ۽ ھڪ غير قانوني حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ڪيل ڪارروائين ۽ انھن جي سبب بابت ڳالھائڻ گهران ٿو، پر ڪجهہ بہ نہ چئي سگهيم.
بھرحال، جيڪڏھن توھان وٽ وقت ھجي تہ قرآن ۾ آيل ھڪ غاصب ۽ غير قانوني ۽ غير اخلاقي حڪومت خلاف مسلمانن جي فرض بابت ضرور پڙھجو. ان جي موجودگيءَ ۾ توھان وٽ ھنن سڀني ”تھمت-لڳلن“ کي ھڪ ڏينھن لاءِ بہ قيد رکڻ جو ڪو سبب ڪو نہ رھندو. مون کي پڪ آھي تہ قرآن جو اھو اڀياس توھان کي صحيح فيصلي تي پھچڻ ۾ مدد ڏيندو. اھو فيصلو جيڪو نہ رڳو توھان لکندؤ( 32) پر ٻُڌو بہ ويندو ۽ مڃيو بہ ويندو.
ھن گهڙيءَ رڳو منھنجي ۽ ٻين سورھن تھمت لڳلن جون ئي نہ، پر ھن ملڪ جي لکين ماڻھن جون نظرون توھان تي کتل آھن. پنھنجي فيصلي وسيلي توھان کي ھر حالت ۾ ھن قلعي ٻاھران وھندڙ ”اباسين“ (نديءَ) جي پاڻياٺي تاريخ ۾ واڌاري جو سبب ٿيڻو آھي. توھان ڄاڻو ٿا تہ اھا ندي ھن قوم جي حياتيءَ جو مظھر ۽ امين آھي.
ھاڻي اھو توھان تي آھي تہ توھان ان جي ميرانجهڙن پاڻين ۾ واڌارو ٿا ڪيو يا شفاف نيراڻ مائل پاڻيءَ ۾.(33)
عدالت جا صدر ۽ ميمبرؤ! اجهو اسين تاريخ سان ڳالھہ ٻول ۾ مصروف رھيا آھيون، ان ڪري نہ، جو احمد (ميجر آفتاب) نالي وارو ھڪ ماڻھو مھراڻ، اباسين، سنڌ يا اٽڪ (ندي) جي پاڻياٺي تاريخ جي ذخيري جو ذڪر ڪري رھيو ھو يا ھو عيسيٰ، ڦاھي جي تختن، منصور ۽ سرمد جو ذڪر ڪري رھيو ھو، پر ان ڪري جو ھڪ ماڻھو جيڪو ڪالھہ بہ يونيفارم ۾ ھو، تہ اڄ بہ يونيفارم ۾ آھي، اٿلندڙ لکين ماڻھن جي جنگي نعري ۾ انھن سان ھم آواز ٿيو آھي، ان ڪري جو ڪو ماڻھو ڌرتيءَ جي مظلومن جي ڏک سور، انھن جي اميدن ۽ تمنائن ۾ شريڪ ٿيو آھي، ان ڪري جو اڄ ڪنھن ماڻھوءَ کي عزت ملي آھي.
مانوارا صدر! انھيءَ سان گڏوگڏ توھان کي ان بابت ڪو بہ شڪ نہ ھجڻ گهرجي، تہ اڄ 27-مئي 85ع ھتي اٽڪ قلعي ۾ ھٿياربند جٿن جي عزت ۽ مانَ وارِي لڳ ڀڳ چوٿون حصو جنگ جيتي وئي آھي. توھان اھو سڀ ڪجهہ ٻڌو جيڪو ڪجهہ مون چيو ۽ مون اھو ڪجهہ چيو جيڪو مون کي چوڻو ھو، ۽ اھو ئي حقيقت ۾ اھو قرض ھو جيڪو اسان کي پنھنجي قوم کي موٽائي ڏيڻو ھو.
اسان کان جيڪو ڪجهہ بہ ٿي سگهيو، اھو اسان ڪري ورتو آھي. آءٌ ڏاڍو معمولي ماڻھو آھيان. منھنجو ڪُوڙي مانَ ۽ شانَ سان ڪو واسطو ڪونھي، پر آءٌ اھو چوڻ تي بہ مجبور آھيان تہ اھا ڪا معمولي ڪاميابي ناھي!
برگيڊيئر پريزيڊنٽ! آءٌ چاھيان ٿو تہ سڀاڻي تاريخ ”ويڙھاڪن“ جي پاڪستان بابت اھو ڪجهہ نہ چوي جيڪو ھن ”بادشاھن“ واري پروشيا (جرمنيءَ جي ھڪ رياست) بابت چيو ھو: ”پروشين بادشاھي ھڪ اھڙو ملڪ ڪونھي جنھن جي ڪا فوج ھئي پر ھڪ اھڙي فوج ھئي جيڪا پنھنجي ملڪ کي پنھنجا تنبو کوڙڻ لاءِ ڪتب آڻيندي ھئي.“ توھان جو پروشيا بابت اھو فيصلو سخت فيصلو ھو. اڄ دنيا جي نقشي تي توھان کي ان نالي وارو ملڪ ڏسڻ لاءِ بہ نہ ملندو!
توھان ڄاڻو ٿا تہ ڪنھن علائقي ۾ فوج جي تنبن وجهڻ جو مقصد ڪھڙو ھوندو آھي ــــ قدرن جي تبديلي، ثقافت جا زخم ۽ ذلت، تھذيب جا ڦٽ ۽ جنازا، دڪاندارن وارو روپ وٺندڙ ھاري ۽ مزدور ۽ ٽئنڪ ليگرن( 34) ۾ بدلجندڙ ٻنيون، فطرت جي مھڪ، خلوص ۽ سادگيءَ جي پڄاڻي، ڀرپاسي غليظ وسندين جو قيام، رنڊين جو اچڻ ۽ ھم جنس پرستيءَ جا ڪڪر ــــ تنبو لڳڻ سان، مانوارا صدر، ٻيو بہ گهڻو ڪجهہ کسجي ويندو آھي!
اھا آءٌ ذاتي مشاھدي جي ڳالھہ ڪري رھيو آھيان. اڄ کان ڪي 25-سال اڳ مون پاڻ پنھنجي وڻندڙ ڳوٺ کي اڀرندڙ لشڪر گاھہ جي ڌوڙ ۾ گم ٿيندي ڏٺو ھو ــــ ھيءَ اھا ئي ڇانوڻي آھي جنھن کي اوھان جي اڳواڻيءَ جو اعزاز مليل آھي.
عدالت جا صدر! ھن ملڪ جون ڪجهہ قوتن، اڃا بہ جنرلن، مارشلن، ايڊمرلن، جاگيردارن، ڦورو نوابن، خوشامدي پٺوئن ۽ مذھبي زاھدن تي ٻڌل ھڪ ڪارپوريشن اھڙي آهي جيڪا ھن ملڪ کي بہ ماضيءَ جي پروشيا ۾ بدلائڻ گهري ٿي.
اھي نانگ ۽ وِڇون پنھنجيءَ ھوس ۽ ڪرڀائتين نيتن جي گهمسان جي جنگ ۾ ويٺا آھن. ھيءَ ئي اھا مھل آھي جڏھن پاڪستان جي عوام کي اھو فيصلو ڪرڻو آھي تہ اھي ان لاءِ وڙھندا، مرندا يا سدائين لاءِ ھٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندا! حياتي پنھنجين سمورين تازگين سان موٽي ايندي يا قبرستان اڃا بہ ويڪرو ٿي ويندو. ھيءُ ملڪ پنھنجي اصليت تي موٽي ايندو يا اھو گهوڙن، خچرن ۽ بجوئن جو شڪار گاھہ ۽ تنبيلو ئي رھندو؟(35 )
ڇا اسين ڪڏھن آزاديءَ جو سھڻو مُک ڏسي سگهنداسون؟
ڇا ھي ملڪ ھن ڪارپوريشن جي ڊائريڪٽرن جي پرائيويٽ (نجي) جنت ئي رھندو؟
جڏھن آءٌ پاڪستان جي عوام جي ڳالھہ ڪيان ٿو تڏھن آءٌ سپاھي پاٽي خان، غنچہ گل ۽ الھہ بچائي کي نٿو، ڦتو ۽ خيري کان ڌار نہ ٿو سمجهان، پر اھي سپاھي جيڪڏھن پنھنجي ”ڪک“ کان ڌار ٿيڻ نہ ٿا گهرن ۽ پنھنجين پاڙُن مان سگهہ وٺڻ ٿا گهرن تہ انھن کي پنھنجو تاريخي ڪردار ادا ڪرڻو ئي پوندو، اھو نہ جيڪو اھي ماضي ۾ ادا ڪندا رھيا آھن، پر اھو جنھن جون راھون اڄ ھن قلعي جي ظاھري طرح اُوچن ڪوٽن اندر روشن ڪيون ويون آھن. جڏھن مون تاريخ سان ڳالھہ ٻول جي ڳالھہ ڪئي ھئي، تہ منھنجو مطلب پنھنجي ۽ انھن جي انھيءَ ڪردار بابت ھو.
عدالت جا صدر! منھنجي حياتيءَ جي سڀ کان ڏک ڀري ياد منھنجي پٽ حَسن جو اهڙيءَ حالت ۾ مون کان کسجي وڃڻ ناهي. هُو ڏاڍو پيارو پٽ هو. هُو بلڪل مون جيان هو ۽ مون ان سان کوڙ اميدون ڳنڍي رکيون هيون. ان جي وڇوڙي کان گهڻو وڌيڪ ڏک مون کي انھن پندرهن آفيسرن ۽ سورهين وڪيل جو، اوهان آڏو تھمت هيٺ ڏوهاري سڏي، پيرَ ٻڌي پيش ڪرڻ سبب ٿيو آهي.
مون وقت جي انتھائي دلير ماڻھن کي جنگ ۽ امن جي مونجهارن ۾ ننڍن جبلن جي برف جيان رجندي ڏٺو آھي ــــ جنگ جي ميدان ۾ ڪجهہ وڏين سوڀن کان سواءِ مون کي سرحدن تي ھڪ انتھائي ردي شڪست جو ذاتي تجربو بہ آھي. جتي اُن وقت سڄي ڪائنات ڊھي اچي ڌرتيءَ تي ڪري جڏھن ڀاڄوڪڙن جي سازش جو شڪار ٿي مون کي بہ ھڪ سرحد تان پسپا ٿيڻو پيو. ان اُملھہ تجربي کان پوءِ آءٌ اڄ ڪلھہ نوَن فاشين جي ان ڊگهي چر مان لنگهي رھيو آھيان جنھن جو ٻيو ڇيڙو ھِن وقت نظر نہ پيو اچي. ھن تجربي جو بہ ڪو مُلھہ ڪونھي!
آءٌ ھنن سڀني تھمت لڳلن کي سڃاڻان ٿو. اسين حياتيءَ ۽ موت جي سفر ۾ ڪلھو ڪلھي ۾ ڏئي ھلندا رھيا آھيون. اسان ھڪ ئي ٿانوَ ۾ کاڌو پيتو آھي. اسان جون سنگتون مثالي ھيون تہ دشمنيون بہ ڪجهہ گهٽ نہ. اسان پاڻ ۾ ’ڊوئل‘(36 ) بہ وڙھيا آھيون. ڪڏھن ڪڏھن تہ ھتي ماڻھو ھڪ ٻئي کي قتل ڪرڻ جي خواھش دل ۾ رکي ويٺا ھوندا ھئا. ھتي انتھائي ساڙ ۽ نفرت جون وٿيون رھيون آھن ۽ ان کان بہ وڌيڪ اھو تہ ڏاڍين سُور ڏيندڙ خاموشين جا دَور.
بھترين اميدون ۽ بدترين مايوسيون ھتي ھنن ڪال ڪوٺڙين ۾ ھٿُ ھٿَ ۾ ڏئي ھلنديون رھيون آھن. جيڪڏھن ھٿڪڙين، ٻيڙين ۽ سنگهرن، جبري اڌارتين، پاڳل اڪيلاين، ٿڦن ۽ ڦٽڪن جي موجوديءَ باوجود ھي سڀ ڪجهہ نہ ھجي ھا تہ آءٌ پنھنجي قوم جي آئيندي بابت واقعي بدترين خدشن جو شڪار ٿي وڃان ھا.
مانوارا صدر! ھي مياري ڏاڍا شاندار ماڻھو آھن. پنھنجن عام انساني خامين کوٽن باوجود حالتن انھن سڀني جي ھمت، ارادي ۽ حوصلي تي دائمي ڦٽن جا ڪي بہ نشان نہ ڇڏيا آھن. اھي پنھنجن مورچن ۾ ايئن ڄميا رھندا جو توھان کي انھن جي خدمت ۾ 31 توبن جي سلامي ڏيڻي پوندي. اھي اوھان جي تصورن کان گهڻو وڌيڪ محب وطن آھن. اھي سڀ پروفيشنل (پيشہ ور) سپاھي ھئا. جيڪڏھن حالتن انھن مان ڪنھن کي بہ ڪنھن ڪنڊ ۾ ڌڪو ڏئي ڦٽو ڪيو آهي تہ ان جو مطلب اهو ناهي تہ انھن عامين منجهان عام ھو جيڪي اَڄ بہ رڳو مھربان لھرن جي وھڪ سھاري منزلون ٽپي رھيا آھن.
مسٽر پريزيڊنٽ! آءٌ ھن ھال ۾ ڪيترن ئي شيخ صاحبن کي گڏ ڏسي رھيو آھيان. ان کان اڳ مون رڳو خليج (نار) وارين رياستن جي شيخن جو ٻڌو ھو... آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ ھي بنا تيل (شيخ) پاڪستان تي بہ انھيءَ طرح ئي ڇانيل آھن.
اھي شيخ ماڻھو بہ واھہ جا ماڻھو ھوندا آھن. ھي سمورو جهيڙو جيئن تہ منھنجي عقيدن جي ڪري وجود ۾ آيو آھي ۽ ھي تھمت لڳل بہ رڳو انھيءَ ڪري اوٿ ۾ اچي ويا آھن، تنھنڪري اھا حقيقت قبول ڪندي بہ مون کي ھڪ ڏاڍي وڏي شيخ جو ئي سھارو وٺڻو پوي ٿو.
ان وڏي شيخ (شيخ سعدي) چيو ھو:
اي روشني طبع تو برمن بلا شدي.
۽ مون کي اھو چوڻو آھي تہ:
”اي روشني طبع من تو بر ھرھما بلاشندي“
آءٌ ڪو نہ ٿو چوان تہ انھن ماڻھن جو قومي مسئلن بابت ڪو بہ نڪتهء نظر ڪو نہ ھو، پر حقيقت ھيءَ آھي تہ اھي سڀ ماڻھو باغي ناھن، سرڪش ناھن. اهي روايت پسند ۽ تعميل پسند ماڻھو ھئا، اھي بہ جن سان آءٌ ھتي پھريون ڀيرو ھن قلعي ۾ مليس، ان ڇنڊڇاڻ کان ٻاھر ڪونھن.
اھي تہ وقت جي فرعون جي معصوم رڍن جي روپ ۾ توھان جي بارگاھہ ۾ پيش ٿيل انڌير جا دلال ھئا جن انھن کي سازشين جي روپ ۾ گهاڙيو، اھا تہ ڪجهہ ماڻھن جي ذاتي مفادن جي رجندڙ بٺين جي ڄر ھئي جنھن ۾ ھزارين ماٺ مٺي ۾ ٻري پيا.
جيترين مجبورين جو احساس اڄ مون کي ٿي رھيو آھي، مون پنھنجو پاڻ کي ايڏو لاچار ڪڏھن بہ محسوس نہ ڪيو. توھان آڏو ان ڳالھہ جي تصديق ٿي چڪي آھي تہ مون جاچ پڇا ھلندي جنرل مغل کي پوري زور سان ٻڌايو ھو تہ ھي سڀ ماڻھو بيگناھہ آھن. اتي ئي مون خواھش جو اظھار بہ ڪيو ھو تہ مون کي جيئرو رھڻ جي ڪجهہ وڌيڪ سزا رڳو ان مھل تائين گهرجي جيستائين آءٌ ڪنھن عدالت ۾ ھنن ماڻھن جي بي گناھيءَ جي ڳالھہ ڪري سگهان، پر اڄ ڏاکڙو ٻيڻ ٿي چڪو آھي. ھيءَ چوڻ ڪاڻ تہ عدالت آھي پر قانون ڪو بہ ڪونھي. اھو قانون نہ پر ھڪ حڪم نامو آھي جنھن موجب ھي ڍونگ رچايو ويو آھي. ھاڻي آءٌ ھنن تھمت لڳلن جي صفائيءَ ۾ ڇا ٿو چئي سگهان سواءِ ان جي تہ ”ھي ماڻھو، بي گناھہ ھجڻ جي ڏوھ، جي سزا لوڙي رھيا آھن، اڃا بہ ايئن چئجي تہ انھن کي سندن اڻڄاڻائيءَ جي سزا بہ ڏني پئي وڃي.
عدالت جا صاحب! ھي ماڻھو ايترا ئي سٺا يا خراب پاڪستاني آھن جيترا توھان پاڻ. بي حسن فريادي ڌر ھن سازش جي ڪيس ۾ ھڪ ٻاھرين ملڪ جي شراڪت جو شوشو ڇوڙي اسان کي ناقابل تلافي نقصان پھچايو آھي. اڄ تائين ڪنھن بہ نالي واري حڪومت پنھنجي ھٿياربند فوجن جي آفيسرن کي پنھنجن ڪرڀائتن مفادن جي بقا لاءِ اھڙي ڪني سزا نہ ڏني ھوندي.
آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ ھن ناٽڪ وسيلي ڪنھن ڪنھن جي مفادن کي سگهہ وٺرائي وئي آھي. اھي پڪ ئي پاڪستان جا مفاد نہ ھئا.
ھنن ماڻھن ڏاڍا ڏک سَٺا آھن. منھنجي دعا آھي ۽ آءٌ اميد ڪيان ٿو تہ پنھنجي قلم جو ھن ڪاري حڪم نامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل ھئڻ باوجود توھان پنھنجي ضمير جي آواز تي لبيڪ چوندي ھنن (تھمت لڳلن) ۾ مصيبتن جي خاتمي جو فيصلو ڪندا.
منھنجي ڳالھہ ٻي آھي. اھو تاريخ جو فيصلو آھي تہ ھر دَور ۾ ھڪ منصور کي ڦاھيءَ تي چڙھڻو پوندو آھي. تاريخ ۾ حياتيءَ جي قد کان بہ وڏا منصور ٿي گذريا آھن ۽ ڪجهہ، مانوارا صدر، انھن جا پاڇا ھوندا آھن. آءٌ بہ ھڪ سوچ، ھڪ خواب ۽ ھڪ تمنا جو پاڇو آھيان.
پر توھان ڄاڻو ٿا تہ سمورن خوابن جي تعبير نہ ٿيندي آھي ۽ نہ ئي خواھشون ڪي رڪيب ھونديون آھن جو ھر ھڪ انھن تي سواري ڪندو.
آءٌ لفظن جو قيمو ڪرڻ جو عادتي ناھيان. مون کي پرواھہ ڪونھي تہ ھي حقيقت جو اعتراف مون کي ڪيڏانھن وٺي ويندو... مون کي پرواھہ ڪونھي تہ منھنجن ھٿن ۾ جيت آھي يا ھار... مون کي ذوالفقار علي ڀُٽي سان سندس آخري ڏينھنِ ۾ پيار ٿيو ھو. مون کي ھن دَور جي ڏاڍ ۽ آمريت کان نفرت ھئي، پر مون کي ھن جي سڀني کيسن ۾ کوٽن سڪن ۽ انھن جي نسلن کي ڏسي ڏک بہ ٿيو ھو. اھو تاريخي بي وفائيءَ جو تسلسل ھو، مقدر جو بگاڙ، سمجهہ جي ٽوٽ ڦوٽ، پڪڙ جي ڪمزوري يا پسپائيءَ جو خوف يا صادق ۽ جعفر جو گهيرو، آءٌ نہ ٿو ڄاڻان. ان وڏي ماڻھوءَ کي نيٺ ڪھڙيءَ بلا ھيئن بي وس ڪري ڇڏيو ھو، رڳو وقت ئي ان راز تان پردو کڻي سگهي ٿو.
جڏھن ھن رحم جي اپيل ڪرڻ کان انڪار ڪيو تہ آءٌ کيس تعريف ۽ ستائش جي نظرن سان ڏسندو رھجي ويس ۽ جڏھن ھو انھيءَ شانَ سان ڦاھي گهاٽ ۾ ويو تہ مون زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ڪنھن لاءِ ماتم ڪيو.
جيستائين آءٌ ساڳي ئي قسم جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ آيس، تہ آءٌ ايندڙ منزل طيءِ ڪري ھن جي عشق ۾ ڦاسي ويو ھوس.
ھو ھڪ حر مرد ھو. ھو حياتيءَ جي سڄي وجود کان گهڻو وڏو ماڻھو ھو. ھن ھڪ دنيا کي آزاديءَ ۽ ڇوٽڪاري جو شعور ۽ سبق ڏنو آھي. اڄ آءٌ ھُن کي ھِن سڙيل سٽيل ڌرتيءَ جي مظلومن جي اميدن ۽ تمنائن جو مجسم روپ سمجهان ٿو.
ھن جو نعرو اڀرندڙ لکن ماڻھن جو جنگي نعرو ٿي چڪو آھي. ذوالفقار ڀُٽي جو نعرو پڪ ئي زنده رھندو پر شرط اھو تہ جن ماڻھن ساڻس دغا ڪئي آھي ھن کي ھڪ قبر ۾، قيد ڪرڻ ۾، سوڀارا نہ ٿين. مون کي اڻتڻ ۽ ڳڻتي آھي. پھريائين انھن قائد اعظم کي قبر ۾ بند ڪيو ھو، ھاڻي اھي قائد عوام کي بند ڪرڻ گهرندا ھوندا.
صدر صاحب! مون ان ماڻھوءَ سان پنھنجي ناتي جي ڳالھہ ڏاڍو کولي ڪئي آھي. اھڙيءَ طرح اوھان کي منھنجو فيصلو ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي. نيٺ ھڪ فوجي آفيسر لاءِ ڀُٽي جو نالو وٺڻ کان وڏو ڏوھہ ٻيو ڪھڙو ٿي سگهي ٿو!
منھنجي ڪھاڻي سوچن جي سفر ۾ ارتقا جي ڪھاڻي آھي. اھا رڳو منھنجي ئي نہ پر ڪئپيٽل ھِل جي دلالن کان سواءِ سمورا ڪروڙين ماڻھو آھن جيڪي مختلف وڙ وڪڙ ۽ ڊگهين پرَ نيٺ ماڻ ملندڙ راھن تي لانگ مارچ (ڊگهو پنڌ) ڪندي بيجنگ (پيڪنگ) پھچي رھيا آھن.
جنرل پريزيڊنٽ! لانگ مارچ آخري پڙاءَ کان نڪري منزل ڏانھن وک وڌائي چڪو آھي. ان ٻوڏ کي پاڪستان جي چيانگ ڪائي شيڪ جنرلسيمو( 37) ھاڻي ڪنھن بہ صورت ۾ روڪي نہ سگهندو. بندُ ٽُٽي چڪو آھي، ايتري قدر جو متقين ۽ پرھيزگارن تي ٻڌل مثبت نتيجن واري پارليامينٽ (؟) بہ ھن وقت سرڪشيءَ جي حالت ۾ آھي.
اٺ ساله سوڪ جو شڪار اڃاري ڌرتيءَ ۽ وھندڙ پاڻيءَ جي ميلاپ ۾ ھاڻي ڪا دير ڪانھي...
مٿي مون جن خيالن جو اظھار ڪيو آھي، اھي قطعي طرح منھنجا خيال آھن. مھرباني ڪري توھان بہ انھن ’انٽيليجنس‘ نوٽس وٺي انھن کي باقي تھمت لڳلن تي لاڳو ڪري ھڪ ڀيرو وري منھنجو ساٿاري نہ بڻائجو. ھن ملڪ ۾ اسين نہ تہ نظرين ۾ گڏپ جا قائل آھيون ۽ نہ ئي وري اقتدار ۾ حصيداريءَ جا. اسان جو دَور تاناشاھي-آمراڻو دَور آھي!
عدالت جا صدر! ھاڻي ھاڻي مون اوھان جي آڏو پنھنجيءَ سوچ جي منزلن ۽ ڏاڪن جي ٿورڙي عڪاسيءَ جي ڪوشش ڪئي آھي.
منھنجو مسلڪ انا الحق آھي، ضياءُ الحق نہ.( 38) اھو ئي منھنجو ايمان آھي ۽ اھو ئي منھنجو عقيدو. خدا گهريو تہ آءٌ ھر قيمت تي ان ئي مورچي ۾ وڙھندس.
منھنجي ساڄي ھٿ ۾ دل ۽ دماغ جي ھڪ ئي گڏيل ليڪ آھي ۽ منھنجي کاٻي تريءَ ۾ محرومين، ڏکن ۽ ڏولاون کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نہ آھي، پر مون کي پڪي پڪ آھي تہ جيڪڏھن ساڄي ۽ کاٻي ٻئي ٻانھون ھن ملڪ جي آزاديءَ، بقا ۽ ترقيءَ ۽ قوت لاءِ پاڻ ۾ ملي ويون، تہ سوڀ پڪ اسان جي ٿيندي.
مسٽر پريزيڊنٽ! برگيڊيئر ڪمانڊر پنھنجي فيئر ويل ٽُ آرمز( 39) تي مون کي توھان کي ھڪ ھزار ڳالھيون چوڻيون ھيون، پر منھنجا جذبا مون تي غالب اچي چڪا آھن. اڄ ھن 29-مئي 1985ع تي ڪو بہ منھنجيءَ دل جي گهراين ۽ انھن ۾ لڪل ڏک کي نہ ٿو ڄاڻي سگهي. ڪو بي مثال گهاتو بہ ان پاتال کي ڇُھي نہ ٿو سگهي.
مون انھن تھمتن جو، جنھن نموني اھي مون تي مڙھيون ويون آھن، اقرار نہ ڪيو آھي. جيڪڏھن ھن نڀاڳي ڌرتيءَ تي قانون جي حڪمراني ھجي ھا تہ اڄ ھتي منھنجي جاءِ تي چرس، ھٿيارن جي سازش جا اصل ڪردار ڪٽھڙي ۾ بيٺل ھجن ھا، جن نوان ڪوٽ واري پوليس ۽ فوج جي وچ ۾ مقابلي جو بلو ڪيو ھو. نوان ڪوٽ جي قصي ۾ سچائيءَ جو ڪو بہ عنصر ڪونھي، جيتوڻيڪ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ مجبور آواز ڪڏھن بہ ڪوڙ ۽ ڌوڪي تي ٻڌل سفاڪ حقيقتن کي بدلائي نہ ٿا سگهن.
مون کي وڃڻو ئي پوندو. اھو ئي پاڪستان جي تاناشاھہ جي آئين کان مٿاھين حڪم جي منشا ۽ مقصد آھي. آءٌ نظر جي ڌوڪي ۾ وھم ۽ گمان کي پنھنجي حقيقت پسنديءَ تي غالب پوڻ نہ ڏيندس. مون کي وڃڻو ئي پوندو! اڄ منھنجي رڳو ھڪ ئي تمنا آھي ۽ وصيت آھي تہ اڄ نہ تہ سڀاڻي منھنجو نيڪال، منھنجي جبري بي دخلي، ھيءَ قرباني ۽ ھن قلعي جي ڪڻ تي پکڙيل منھنجو رت منھنجي ديس واسين ۽ ڌرتيءَ ماءُ جي سپاھين جي وچ ۾ ڊٿل پلين جي مرمت جي ڪم اچي سگهي!
ڪال ڪوٺڙين مون کي فيض صاحب سان بہ ڪجهہ ڄاڻ سڃاڻ ڪرائي آھي ۽ آخر ۾ ان جي مدد منھنجي لاءِ سعادت جو ڪارڻ ۽ وڏو اعزاز ھوندو:
تجه کو کتنوں کا لہو چاہیے اے ارضِ وطن
جو تیرے عارضِ بے رنگ کو گلنار کریں
کتنی آہوں سے کلیجہ تیرا ٹھنڈا ہو گا
کتنے آنسو تیرے صحراؤں کو گلزار کریں
کتنی آنکھوں کو نظر کھا گئی بد خواہوں کی
خواب کتنے تیری شاہراہوں میں سنگسار ہوئے

جو گزری مجه پہ مت اس سے کہو ہوا سو ہوا
بلا کشان محبت پہ جو ہوا سو ہوا
مبادا ہو کوئی ظالم ترا گریباں گیر
مرے لہو کو تو دامن سے دھو ہوا سو ہوا( 40)


۽ ملٽري انٽيليجنس جي ھٿان پليل ھڪ ٻِيءَ سازش جي حوالي سان:
وه بات جس کا ذکر سارے فسانے ميں نہ تھا
وه بات ان کو بهت ناگوار گذري هے(41 )

_____________

1. ( ) ايئر چيف مارشل محمد انور شميم، هيروئن جو هڪ ٻيو سوداگر.
2. ( ) چيئرمئن ڀٽو جو ڪئناڊا جو دورو.
3. ( ) فوج ۾ هر پيشي سان لاڳاپيل هڪ مڪمل ادارو هوندو آهي، جيئن انجنيئرڱ ڪور يا ميڊيڪل وغيره. - سنڌيڪار
4. ( ) ٻين ڳالهين سان گڏ پاڪستان ايئر فورس جي ان دَور جي اصل ڪمانڊر جنرل ۽ بيگم ضياءَ جي ٻول-ٻڌي ڌيءَ طاهره شميم جي هٿان ۽ حڪم تي فضائيه جا وسيلا ڪتب آڻڻ (جنھن ۾ جنگي جھازن جو واهپو به شامل هو) خلاف احتجاج ڪرڻ تي پنھنجي يونيفارم (وردي) ۽ رئنڪ (عھدو) وڃائي ويٺو.
5. ( ) هاڻوڪي جمھوري حڪومت ۾ اقوام متحده ۾ نمائندو. - سنڌيڪار
6. ( ) تفصيل ڪتاب جي آخر ۾ ڳنڍيل شاهدن جي وچور ۾ ڏسو.
7. ( ) وزير اعظم ڀُٽي کي ڦاهيءَ چاڙهيندڙ ”جيل جو داروغو“.
8. ( ) پھرين الزام موجب، هِن ملزمَ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي جلاوطن اڳواڻن سان ملي پاڪستان خلاف جنگ جي تياري ڪئي، قانوني حڪومت جو دٻاءَ ۽ هٿياربند جدوجھد وسيلي تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ۽ تخريبڪاري ۽ جاني ۽ مالي نقصان جو ڪشادو منصوبو ٺاهيو.
9. ( ) چيئرمئن ڀُٽي جا ڦاهيءَ جي تختي تي آخري (؟) لفظ.
10. ( ) سُندر بَن جي اتر اوڀر ڪنارن تي شام نگر جي ٻيٽ ۾ هڪ مشھور جنگ.
11. ( ) ان مھل منھنجو هڪ دلير سپاهي اڪرم به مون سان اچي مليو هو، پر مون کي ايئن سجدي ۾ ڪِريل ڏسي هُو به پنھنجن جذبن تي قابو رکي نه سگهيو ۽ اتي ئي سجدي ۾ جهڪي پيو، جڏهن ته جنگي قيدي سئي-ڌاڳي سوڌا هٿياربند ۽ بي ڌيان اسان کي تڪيندا رهيا.
12. ( ) آپريشن فيئر پلي ۽ آئين جي شق-2 جي روشنيءَ ۾ مون ان مقصد لاءِ جنرل ضياءَ کي پنھنجي صفائيءَ جي شاهد طور به سڏرايو هو.
13. ( ) آگيا عين لڑائي ميں اگر وقتِ نماز / قبله رُو هو کے زمين بوس هوئي قوم حجاز۔ (اقبال، بلخ جي لڙائيءَ بابت)
14. ( ) ڪوهاٽ گئريزن آفيسر ڪلب ۾ هڪ سياري جو عظيم الشان جشن 16-ڊسمبر جي شام تي ملهائجڻو هو. گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار جوان ۽ سڄيءَ ڊويزن جون گاڏيون ۽ ٻيا وسيلا هفتي کن کان تيارين ۾ رُڌل هئا. آءٌ انهيءَ صبح جو موڪل پوري ڪري ڪوهاٽ پھتس ۽ جنرل کي ياد ڏياريم ته هي اُهو ئي ڏينھن هو جڏهن هُن ۽ سندس جنرلن ملڪ کي دشمن جي حوالي ڪيو هو. ڇا هُو هاڻي اسان جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪي اسان جي ايندڙ نسلن کي قومي بي غيرتيءَ جو هيءُ سبق ان لاءِ ٿو سيکارڻ گُهري ته سڀاڻي اهي به سندن رندن تي ئي هلن!
15. ( ) ليفٽيننٽ جنرل سيد رفاقت
16. ( ) ان پياري ڏوهه جي سزا طور تڏهن کان ئي انٽيليجنس جا شڪاري ڪتا منھنجي پٺيان ڇڏيا ويا هئا. ڪاڄ بھرحال ملتوي ٿي ويو.
17. ( ) ايف يُو پِي (فارمنگ اپ پِليس) دشمن جي مورچن ويجهو اهو مناسب هنڌُ جتان صف بندي ڪري ويڙهاڪ جٿا انهن تي ڪاهه لاءِ ويندا آهن.
18. ( ) مسٽر وِي سمرنوف، روس جو سفير ۽ مسٽر ڪي ڊِي شرما، ڀارت جو سفير. ٻنهي کي مون پنھنجي صفائيءَ جي شاهد ۽ عدالتي شاهدن جي حيثيت ۾ نامزد ڪيو هو ته جيئن منھنجي ساڻن ۽ سندن ڏيھن سان انهن رابطن جي سازشي سلسلي جي تصديق يا ترديد ڪري سگهن جيڪي قبول ڪرڻ لاءِ مون کي جاچ-پڇا ڪندي اذيتون ڏنيون ويون. ڊين هنٽن، آمريڪا جو سفير، انهن ڏينھن ۾ ايم آر ڊِي جي مذمت جو بيان ڏنو هو.
19. ( ) شاهنواز ڀٽو، پَرُو چانڊيو، حميد بلوچ، اياز سمون، ناصر بلوچ، ٽِيپو اسلم پٺاڻ، اسد الياس، نادر جسڪاڻي، علي گوهر چانڊيو، رحمت اللھ انجم، عثمان غني، ادريس بيگ، ادريس طوطي، نذير بلوچ ۽ ٻيا ڪيترائي، جن پنھنجيءَ رت سان ڏيئا ٻاريا ۽ يعقوب پرويز کوکر، عبدالوحيد قريشي، مھر عبدالرشيد عاجز، عبدالعزيز منور حسين ۽ حفيظ ۽ ... جيڪي پنھنجي جسم کي باهه ڏئي سڄا سارا ڏيئا بڻجي پيا هئا، هڪ ڏينھن اها خبر ٻڌندا ته اهي جنھن صبح جي اوسيئڙي ۾ هئا، اهو صبح ٿي چڪو آهي.
20. ( ) چوڻيءَ موجب 18، پر جيئن ته سازش ۾ شامل ڪيل 17 ڄڻا هئا، تنھنڪري ليکڪ ”سترهن“ لکيا آهن. - سنڌيڪار
21. ( ) ان جالنڌر مافيا ۾ جنرل ضياءُ، عارف، جنرل اختر، جنرل...، جنرل رحيم، جنرل زاهد علي اڪبر ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻارهن کن راکا (چوڪيدار) شامل آهن جيڪي فوج ۽ رياست جي اهم ترين جاين تي قابض ٿيو ملڪ کي ان جي وجود خلاف لاحق خطرا نظر انداز ڪيو ويٺا آهن.
22. ( ) فخر زمان جي ڪتاب ”بنديوان“ تان ورتل.
23. ( ) تارا مسيح يا ضياءُ الحق هڪ ئي شخصيت جو نالو آهي: پھرئين جو ڪو پنھنجو وجود نه هو، اهو ٻئي جو ئي پاڇو ۽ ڀوت هو.
24. ( ) سموري تھمت لڳل آفيسرن نه رڳو ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪيو هو پر سرڪاري شاهد ٿيڻ کان به انڪار ڪيو. لاچار ٻن آفيسرن کي هڪ ڏينھن جي ڪارروائيءَ کان پوءِ سزائون ٻڌايون ويون ۽ معافي ڏيڻ جو واعدو وٺي انهن کي اسان جي خلاف شاهد ڪيو ويو.
25. ( ) جڏهن ته صفائي-ڌر پاران جِي ايڇ قِيو ۽ ان جي ايجنسين ۾ ٿيل اسان جي گرفتاري، جاچ پڇا ۽ قيد بابت لڪل دستاويزن جون فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون به پيش ڪيون ويون.
26. ( ) آگسٽ-سيپٽمبر 1984ع ۾ ڪيل ان ڪارروائيءَ ۾ اسان جي خلاف لڳ ڀڳ 40 شاهد پيش ٿيا. ان هوندي به ان جي وجود کان انڪار ڪيو ويو.
27. ( ) ٻه مَياري: ظھير احمد پوليس مئن ۽ چوڌري رياست علي انسپيڪٽر پوليس.
28. ( ) مرحوم ميان عباس، جنھن کي بئنڊوئگن ڪمانڊر جنرل چشتي جان بخشي جي واعدي سان شھيد ڀُٽي خلاف شاهدي ڏياري ۽ پوءِ ڦاهيءَ چاڙهي ڇڏيو.
29. ( ) ڪمشنر پنھنجيءَ رپورٽ ۾ مئجسٽريٽ کي ڏاڍو بي ايمان، راشي ۽ ڪُلڇڻو سڏيو هو. جڏهن ته آرمي هائوس جي سوٽ ڊپٽ ڪمشنر جي ڪري اهو ماڻهو اڃا تائين عدالت جي ڪرسيءَ تي ويٺو مُڱ ڏَري رهيو آهي.
30. ( ) آءِ ايس آءِ سان هن جي سھڪار جي انتھا هئي، جو پڇاڻو ڪندڙ آفيسر نه رڳو عدالتي ڪمري جي پاسي واري رٽائرنگ روم (ساهي ڪرڻ واري ڪمري) ۾ موجود هئا پر سموري ڪارروائيءَ جي ضرورت جھڙي وڊيو ريڪارڊنگ به ڪندا رهيا. هن گهٽ ۾ گهٽ ٽيھن آفيسرن کان ڏوهه-قبول ڪرايا جيڪي بذات خود ان سلسلي ۾ هن جي آءِ ايس آءِ سان ڳٺجوڙ جو نھڪر نه ڪري سگهڻ جھڙو ثبوت آهي.
31. ( ) جملو هي هو: اسان کي خبر ملي آهي ته ”پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ هڪ دشمن ملڪ کان مدد وٺي رهيا آهن.“
32. ( ) خصوصي فوجي عدالتن جي سلسلي وارن ججن کي خصوصي سھوليت مليل هئي جو انهن کي پنھنجو فيصلو ڪنھن تفصيلي لکت ۾ نه ڪرڻو هوندو هو، بس رڳو ”گِلٽِي“ (ڏوهاري) يا ”ناٽ گِلٽِي“ (بي ڏوهي) مان ڪنھن هڪ تي ليڪ ڏئي، سڄي قوم جي تقدير کي ٺپو هڻي پئي سگهيا.
33. ( ) قلعي جي ويجهو (اٽڪ) پُل جي اتر-اولھه ۾، جتي ٻه نديون ملنديون آهن، اولھه کان ايندڙ ڪابل نديءَ جو پاڻي صاف شفاف ۽ نيراڻ مائل، ٻئي ڌار ڌار ڏيکاربا آهن.
34. ( ) ٽئنڪ ليگرز (Tank Leagures) جنگ جي ميدان ۾ يا جنگ جي مشق ڪندي اهو نسبتاً محفوظ هنڌ، جتي ٽئنڪون سڄي رات لاءِ عام طرح عارضي ٽِڪاءُ ڪنديون آهن ۽ انهن جي Replenishment (ٻيھر ڀَرائِي) ڪئي ويندي آهي.
35. ( ) گهوڙي مان مراد آرمرڊ ڪور (Armoured Corps) يعني بڪتربند گاڏين وارو فوجي حصو، خچر مان مراد توب خانو ۽ بجوئن مان انفنٽري.
36. ( ) ڪا به شيءِ خاص طرح عورت حاصل ڪرڻ لاءِ ٻن ماڻهن جي وچ ۾ موتمار مقابلو. - سنڌيڪار
37. ( ) جنرلسيمو (جنرلن جو جنرل) چيانگ ڪائي شيڪ چينَ ۾ وڏيرڪي قوم پرست پارٽيءَ (ڪومنتانگ) جو قبضي باز ۽ جنگباز سردار. - سنڌيڪار
38. ( ) اصل لفظ هي هئا ته ”آءٌ انا الحق چوڻ جو عادي آهيان، ضياءُ الحق چئي نه ٿو سگهان.“
39. ( ) هٿيارن کي الوداع.
40. ( ) هي پڇاڙڪيون چار سٽون محمد رفيع سودا جي غزل مان ورتل آهن. - رياضت
41. ( ) ملزم بيان جي پڄاڻيءَ تي هو ته هڪ مھربان، جيڪو پاڻ به صاحبِ دل شاعر ۽ فيض کي پسند ڪندڙ آهي، هي شعر چوڻ لاءِ چيو، جنھن تي فيض صاحب پنڊي سازش ڪيس ۾ پنھنجو بيان ختم ڪيو هو. اهو شعر ٺھڪي ٿو يا نه، ان جو هتي ڪو سبب آهي يا نه، هِي ڏوهاري بھرحال ان مھربان شاعر جو دل سان ٿورائتو آهي.

مون کي بہ قتل ڪري ڇڏيو (ملزم جو واڌو بيان)

انٽيليجنس جي ڄاهن جا ڪرتب ۽ ڪرامتون(1 )

18-فيبروري 1984ع جي ڏينھن ليفٽيننٽ جنرل اختر عبدالرحمان خان فوجي ڊگرين سان گڏ، پوليس اسٽيشن نوان ڪوٽ ۾ پنھنجو ھڪ واڌو بيان لکائي رھيو ھو. انٽيليجنس جي ھڪ ڄاھي، ھڪ ڪرنل ھتي، ھن اسپيشل ملٽري ڪورٽ نمبر-64 اٽڪ قلعي جي ميدان شھادت (شاھدن جي ڪٽھڙي) ۾ ٻڌايو تہ ايف آءِ آر جو اھو واڌو بيان (ڳنڍڙ، Supplemnetary) سچ کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ لکايو ويو آھي. 2-جنوري 1984ع تي اسان جي خلاف جنرل ھيڊ قئارٽر (جي ايڇ قيو) ۽ ان جي ڳنڍڙن پاران لکرايل ايف آءِ آر اھم ’ڄاھي‘ موجب ھڪ ڪُوڙي رپورٽ ھئي جيڪا رڳو قومي سلامتيءَ، سالميت ۽ وقار جي بچاءَ لاءِ لکرائي وئي ھئي. ھي اھو سڄو سارو ردي ۽ بيھودو دليل ھو جنھن کي پوريءَ طرح پچايو بہ نہ ويو ھو.
جيڪڏھن مون کي انساني حقن جي ٿوري گهڻي ڄاڻ آھي بہ، تہ آءٌ اھو بہ ڄاڻان ٿو تہ ڪھڙيون شاھي رعايتون ھڪ فوجي تاناشاھي جو پيدائشي حق ھونديون آھن ــــ ڪوڙ، مڪاري ۽ ڌوڪو پاپا ڊوپلس( 2) جو بنيادي ۽ پيدائشي حق آھي. 5-جولاءِ 1977ع وارو اعلان جهاد، ان سان گڏ سمورن پاپا ڊوپلڪين يعني ان جي مصاحبن ۽ چمچن کي بہ سندس رند تي ھلڻ جو حق ڏي ٿو. اھو حق انھن ليڙن کي قومي سلامتيءَ جي نالي تي مليو آھي جيڪو گذريل اٺن سالن جي غليظ ليڙن جو ڪنوارو نالو آھي.
ھن عدالت کي سرڪار جي لکرايل انھن ٻنھي رپورٽن جي غليظ ليڙن جي مڪمل ھڪجهڙائي سمجهہ ۾ آئي يا نہ، آءٌ ڪجهہ چئي نہ ٿو سگهان، پر ايترو ضرور چوندس تہ ان ڌوڪي ۽ دولاب کي سمجهڻ لاءِ ڪنھن انڌي کي بريل (انڌن جي پڙھڻ لاءِ اڀريل اکرن جي لکت) جي گهرج ڪونھي ــــ اھا سڄي شھر جي ڄاڻ ۾ آھي تہ ايف آءِ آر جو ڳنڍڙ انٽيليجنس جي ڄاھن جي بيانن موجب 18-جنوري 1984ع تي نہ لکرايو ويو پر اھو آگسٽ-سيپٽمبر 84ع جو واقعو آھي جڏھن رايل ڪاليج آف ڊفينس اسٽڊيز جي گريجوئيٽ انٽيليجنس جي سڀ کان وڌيڪ انٽيليجنٽ (ذھين) جنرل جي ان معاملي ۾ ٿي ويل ’وڏي بيوقوفي‘ لڪائڻ جي گهرج محسوس ٿي.
دراصل تھمت لڳلن خلاف ڄاڻايل، گولي بارود ۽ ھٿيارن جو سَوَ مان ھڪ حصو بہ انھن ٻن ڪارن ۾ سمائجي نہ پئي سگهيو جن ۾ اھي رکي ايف آءِ آر جي چوڻ موجب اھي (تھمت لڳل) پاڪستان خلاف جنگ لاءِ نڪري رھيا ھئا. ها، اھو ٿي پئي سگهيو تہ اھي ڪارون پاڻ چرس جي ٿھن ۽ ٻئي مال سان ٽائرن کان ڇت تائين ايئن دفن ڪري سگهجن پيون جو انھن جو نالو نشان ئي نہ ملي.
ان پنھنجي اُڻيل ڄار مان جنرلن کي ڪڍڻ وارو اھو رسالي جو شھسوار بھادر ڪرنل جو جيڪو اسان جي سمري آف ايويڊنس پاڻ ريڪارڊ ڪري ان جي سوين صفحن تي پکڙيل ريڪارڊ سان ان ڪُوئي وانگر ايئن ڀڳو جيڪو ڪڏھن بہ ٻاھر نہ اچڻ لاءِ ٻِر (ٻرڙ) ۾ گِهڙيو ھجي.
چتونءَ جي چھنب جھڙي نڪ واري ان ڪرنل سمري آف ايويڊنس جي نتيجي ۾ ظاھر ٿيل حقيقتن کي نظر ۾ رکندي ئي انٽيليجنس جي ڄاھن جي ڪارونڀار ۽ جنرل ھيڊقئارٽر جي برگيڊيئر رشيد بيگ کي نوان ڪوٽ جي تِڪي ڪباب واري دڪان ۾ ايف آءِ آر جو ڳنڍڙ لکرائڻ جي صلاح ڏني ھئي.
بھرحال ھڪ روايت قائم ڪئي وئي آھي، ھڪ رسم جي ابتدا ٿي چڪي آھي ۽ ھڪ مثال منھنجي آڏو آھي، تہ ڳنڍڙ ۽ واڌو بيان لکرائي ۽ ڏئي سگهجن ٿا، تنھنڪري اڄ ھڪ واڌو بيان ڏيڻ ۽ پنھنجي 27-مئي تي لکرايل ايف آءِ آر جي ڳنڍڙ لکرائڻ لاءِ منھنجي راھن ۾ ڪا بہ رنڊڪ ڪونھي.
ھيءُ ڪو ويل وڃڻ کان پوءِ پِٽڪو ناھي. مارشل لا جي ليڙن ۽ واڌو غلاظت جي وچ تہ ھڪ ڊگهي عرصي جي سوچ ويچار ھو.( 3 ) پر منھنجي 27-مئي جي بيان ۽ 10-جون جي ھن ڳنڍڙ ۾ رڳو ڪجهہ ڏينھن جِي وٿي آھي. ايترو وقت تہ خير اسان جي قومي رٿابنديءَ جي گهرجن جو بہ حصو آھي. منھنجو واڌو بيان نہ منھنجي ڪنھن ”بيوقوفيءَ“ جي ازالي جي ڪوشش آھي ۽ نہ ئي ھيءُ ڪنھن انتھائي شرم جھڙي ڪوڙ کي لڪائڻ لاءِ ڏنو پيو وڃي. منھنجو بيان ۽ واڌو بيان ھڪ ئي ڪھاڻيءَ جو تسلسل آھي. ھِي آڪسيجن ٽينٽ( 4 ) ۾ ٻڌي رکيل ھڪ قوم جي ڏاکڙي جي ڪھاڻي آھي. اھو آڪسيجن ٽينٽ توھان ڄاڻو ٿا تہ گ.ا.ر جي امدادي پروگرام جو ھڪ حصو آھي.
ھيءَ ڪھاڻي آھي ھڪ قوم جي وڪاڻل سلامتيءَ ۽ گروِي رکيل عزت ۽ مانَ جي!
پنھنجي بيان ۽ جنتا خلاف پنھنجي ايف آءِ آر جي ڀيٽ ۾، جيڪا مون توھان جي عدالت ۾ لکرائي آھي، ھِن واڌُو بيان ۾ نہ رڳو توھان پر پاڪستان جي عوام، پنھنجون ھٿياربند فوجن ۽ ان ”سودي بازيءَ“ جي ”دلالن“ ۽ پوکيندڙن سان سنئون سڌو مخاطب آھيان.
اڄ کان گهڻو عرصو اڳ ”برطانوي واپارين“ ڪشمير جي سڄي ماٿريءَ کي گلاب سنگهہ ڊوگر جي ھٿن ۾ ڪجهہ لک سِڪا وٺي وڪڻي ڇڏيو ھو. تاريخ ھن ڏھاڪي ۾ وري ورجائي وئي آھي. ھاڻوڪو وڪرو برطانوي راڄ جي حقيقي جائنشين ۽ ڊوگر جي پڦاٽ جي ھٿان وجود ۾ آيو. ھن ڀيري ھڪ ملڪ پاڪستان جو سودو ڪيو ويو آھي!
ھڪ قوم کي وري وڪيو ويو آھي پر ھن ڀيري قيمت ... ڪجهہ مرڪن، شايد اڌ انچ، ڪجهہ ٻي جائداد ۽ 40 مُڱ ڦريون ۽ انھن جي ڪجهہ لک ڪميشن (ڀلاوڻي) تي ٻڌل آھي.(5 )
عدالت جا صاحب! اڃا تہ شاعر پھرين وڪري جي مرثين مان بہ واندا نہ ٿيا ھئا، ڪيرو تُرت ھي ٻيو سودو بہ کرو ڪيو ويو آھي!
۽ وڪامندڙ جي ماٺ ڪيڏي نہ اذيت ۽ ڏک ڀري آھي!
آھہ! هي اڀرندڙ چنڊ واريون قومون جن بابت هڪ پياري ماڻھو سھرورديءَ(6 ) ڪھڙي نہ سٺي نشاندهي ڪئي هئي:
”ھي مسلمان قومون ڇا آھن ــــ ٻڙي + ٻڙي + ٻڙي = ٻڙي.“
عدالت جا صدر! ھِن ملڪ جي ھر شيءِ گروي رکي وئي آھي. اختراع پسند، چالاڪ چارڻ ڇوڪري رُونيءَ( 7) پنھنجين مُرڪن سان ڀريل ميلو کٽي ورتو آھي. ”بڊابير“(8 ) بحال ٿي چڪو آھي. يو(9 ) جو بدلو وٺڻ لاءِ ان جي اوسي پاسي روسي سپاھي قتل ڪيا پيا وڃن. ڪراچي ڊيگو گارشيا جو جاڙو شھر ٿي چڪو آھي. گوادر فتح ڪيل ۽ قبضي ھيٺ علائقن مان آھي ۽ ”پَسني“ ( 10) جا دورا ڪيا پيا وڃن.
پشاور سِي آءِ اي جي بين الاقوامي مھمن لاءِ ھِن علائقي جو منيلا ٿي چڪو آھي ۽ اسان جو ھيڊقئارٽر پينٽاگون( 11) جي ھڪ گهٽيءَ ۾ بدلجي چڪو آھي.
سِک ڪاروائين کان پوءِ موٽي رھيا آھن!
افغان تہ ڄائي ڄم کان سپاھي آھي!
۽ سريلنڪا جا سنھالي سکيا لاءِ شنڪياري(12) اچي رھيا آھن!
گذريل ڪجهہ عرصي کان ھن ملڪ ۾ آمريڪي سينيٽرن جي اچ وڃ ان جي عام شھرن جي گٽرن جي وھڪري جي دٻاءَ کان بہ وڌي چڪي آھي. اڄوڪي ڏينھن بہ پاڪستان ۾ ايترا سينيٽر ۽ ڪانگريس جا ميمبر موجود آھن جو شايد ئي ڪڏھن ڪئپيٽل ھِل جي جائنٽ ھائوس ۾ گڏا ٿيا ھوندا!
مون کي پڪ آھي تہ اسپيڪر ٿامس (پي) ٽپ اونيل کي ڪنھن اندروني آمريڪي مسئلي تي بہ اڄ تائين مختلف قسم جي ايترين متضاد سوچن ۽ مفادن وارن آمريڪي اڳواڻن جا گهڻا ھٿ ھڪ ئي دستاني ۾ نہ مليا ھوندا.
اھو اتفاق، سائين منھنجا، نہ تہ 98-ڪانگريس ۾ ٿيو ھو ۽ نہ ئي 99-ڪانگريس ۾ ٿي سگهي ٿو.
اسان جي قومي مقدر وارن فائيلن ۾ بہ ڪھڙا ڪھڙا اعزاز لکيل هئا. اسان جي ڪري گ.ا.ر ايڏيون متحد آھن، جو اڳ ڪڏھن بہ نہ ھيون. انھن کي پڪ ئي پنھنجي ”پياري اتحادي“ جي تاناشاھي جو ٿورائتو ٿيڻو پوندو.
اسين اڄ ”فرنٽ لائين“ (اڳين قطار) ۾ وڙھندڙ رياست آھيون. ناٽو (North Atlantic Treaty Organization) يا وارسا معاھدي جي ڪنھن بہ صحيح وجهندڙ ملڪ کان وڏي وڙھندڙ رياست!
پر اڃا بہ سائين منھنجا! اڄ اسين اُن دور جي ڀيٽ ۾ بہ گهڻو اڳين محاذ تي آھيون جڏھن ”مقدر جي ديويءَ“ جنرل راڻيءَ جي خوبصورت ھٿن ۾ اسان جي ڪمان ھئي.
اھا رنگون جي ديوتائن جي ڪرم نوازي آھي. انھن جي ڪرپا سان اسين ڀارت سان وڙھنداسون، اسين روسي رڇ سان زور آزمائينداسون، اسين تاملن خلاف جنگ ڪنداسون، اسين افغان انقلابين جي راھہ رنڊائينداسون ۽ اسين ڀُٽي جي روح ۽ پيغام خلاف جهاد ڪنداسون. اسان کي اجوري جي پرواھہ ناھي، پر اھو سڀ ڪجهہ اسين ھر صورت ۾ ڪنداسون.
اسين پنھنجن سمورن گوريلا جٿن، پيادن سپاھين جي ڪمپنين، جيلن جي وارڊن ۽ نواب پور جي صليبي جنگي ميدان جي فاتحن ــــ پنجاب پوليس جي مدد سان ويندي نيلسن منڊيلا جي جوڌن تائين، سمورن سرڪش انقلابين کي پنھنجن قلعن ۾ قيد ڪري رکنداسون.
اسلام جي ھن قلعي پاڪستان ۾ خيبر کان مھراڻ تائين قلعن جي ڪا کوٽ ڪونھي، اسلام جي تحفظ ۽ تبليغ جو اھو ئي ھڪ طريقو تہ رھجي ويو آھي.
عدالت جا صدر ۽ ڏيھہ واسيو! ”اڄ منھنجي حياتيءَ کان بہ اھم شيون داءَ تي لڳل آھن.“( 13) آءٌ عدالت جي ميمبرن کان بہ وڌيڪ باخبر آھيان تہ عدالت جي ڪارروائي ختم ٿيڻ کان اڳ ئي مون کي دائمي قيد جي سزا جو فيصلو ٿي چڪو آھي.
پر اڄ آءٌ اوھان کان مطالبو ٿو ڪريان تہ منھنجي جنم قيد کي ڦاھيءَ جي سزا ۾ بدلايو، منھنجي بہ قتل جا حڪم جاري ڪيو.
منھنجو قتل ان ڪري بہ لازم آھي جو آءٌ کلي عام چئي رھيو آھيان تہ اڄ پاڪستان کي گروي رکيو ويو آھي. ان سوديبازيءَ جو بيانو قسمت آزمائيندڙ بوناپارٽ جنرلن، گهوڙي ڊوڙ جي شيدائين، گاف جي چوسارين شرابين، بدمستن ۽ جواري بندوقچين لکيو آھي.
ھي ھڪ مڪمل وڪري جو ڏاکڙو آھي. عالمي بئنڪ پاران لاھور شھر جي گهٽين جي غلاظت جي صفائيءَ وارن قرضن کان وٺي ايل-80ع ۽ مڱ ڦريون حاصل ڪرڻ تائين ھر شيءِ تي ٻڌل.
ڪزن (سؤٽ) گلاب سنگهہ ڊوگر تہ ”ھڪ“ قوم کي ايڏو سستو ڪو نہ خريد ڪيو ھو!
دعا ڪيو تہ 1988ع جون پرائمريون( 14) اسلام آباد ۾ بہ ٿين، ھڪ عرصي کان مون کي پنھنجو ووٽ ڪرڻ جي تمنا آھي. آءٌ فوجي تاناشاھي جنرل ضياءَ کي ھن ملڪ جو صدر ڪڏھن بہ نہ ٿو مڃان. ان ڪري بہ منھنجي درخواست باوجود مون کي 19-ڊسمبر 1985ع واري عظيم ڌوڪي ۽ رڃ(15) لاءِ پوسٽ وسيلي بہ ووٽ وجهڻ نہ ڏنو ويو.
شايد پاڪ آرميءَ جو ايڊجوٽنٽ جنرل( 16) جنھن جي غيرقانوني حراست ۾ آءٌ انھن ڏينھنِ ۾ بند ھوس، نہ ٿو چاھي تہ ان جي بِلي ھيٺ آرميءَ جي وچور موجب ضياءَ جي حق ۾ وڌل ووٽن جي شرح 1.1 سيڪڙو ٿي وڃي ھا.
ايڊجوٽنٽ جنرل بھرحال سوا ڇھہ فوٽ ڊگهو ھجڻ سبب ھڪ ايماندار ۽ ديانتدار ماڻھو آھي. ان سان ڪھڙو فرق ٿو پوي تہ ھن جو نائب برگيڊيئر ھن جي قد جو اڌ بہ ناھي. اٽڪ قلعي جي اذيت گهر ۾ تہ ڄامڙا بہ بک ھڙتالي قيدي آفيسرن کي ”ٻي واٽ“ کان کاڌو کارائڻ جي ڌمڪي ڏئي سگهندا آھن.(17 )
پر ريڪارڊ لاءِ مسٽر پريزيڊنٽ اھو نوٽ ڪيو تہ 19-ڊسمبر 1984ع جي ريفرينڊم جي فراڊ واري ڏينھن جڏھن ھڪ چتونءَ جي چھنب جھڙي نڪ وارو نسوار ٿُڪيندڙ حوالدار منھنجي ڳچيءَ ۾ ٻڌل ڏھہ فوٽ ڊگهي زنجير سان ھتي ھن قلعي ۾ مون کي گهلي رھيو ھو، منھنجو ووٽ منھنجي ڳوٺ جي بئلٽ باڪس ۾ پئجي چڪو ھو.
مون کي ٻڌايو ويو آھي تہ اھو جنرل لاءِ ”ھا“ (Yes) ۾ ھو.
آءٌ پنھنجي ملڪ جي ”جهرلو“ اليڪشن ڪمشنرن جو ٿورائتو آھيان تہ انھن منھنجو دين ۽ دنيا ٻئي محفوظ رکيا. ھنن مون کي خدائي منشا جي پورڻتا نہ ڪرڻ کان بچائي ڇڏيو.
مانوارا صدر! اھا ڪالھوڪي ڳالھہ ئي تہ آھي تہ واشنگٽن کان پھتل ”اسلامي عالمن“ اسان کي جنرل ضياءَ جي ٺيڪ اسلام موجب حڪومت بابت پنھنجن تصديقي الھامن جو ٻڌايو آھي. مون کي اھو بہ ياد پوي ٿو تہ انھن دين جي وارثن جي ان روحاني انڪشاف کان پوءِ ئي جنرل ضياءَ ”ضل ذوالجلال“ (خدا جي پاڇي) ھئڻ جي ھام ھنئي ھئي.
ملت کي تعظيمي رڪوع ۾ جهڪڻ گهرجي!
نَوشھري (اٽڪ ۽ مردان جي وچ ۾ شھر) کان ٽلاجوگيان تائين اسان جي فيلڊ فائرنگ رئنج جتي اسان پنھنجي سالياني ڪوٽا جو گولو بارود ساڙيندا آھيون ۽ انفنٽري اسڪول کان نيشنل ڊفينس ڪاليج تائين جتي اسان جو ٿنڪ ٽئنڪ پليا آھن، سول سروسز اڪيڊميءَ کان ايڊمنسٽريٽوِ اسٽاف ڪاليج جي گند ڪچري جي ڍير تائين ۽ منھنجي گهر کان آرمي ھائوس تائين ھر پاسي ريگنامڪس (ريگنائي علم؟) جو مينو (کاڌي جي نمونن جي ڄاڻ واري وچور) ۽ ريل گاڏين جي شيڊويول تائين ھر شيءِ جي وجود جو ضامن ۽ بنا ڪنھن جي شرڪت جي مالڪ آھي. گرئناڊا( 18) ”آزاد“ ڪرايو ويو آھي.
ساندانستا لاڳيتو محاذ تي ھئڻ (Seguminos de Front) باوجود ”ڪُوئا مار“ ۾ ۽ ڪنٽراز پوريءَ ھار باوجود پيش قدميءَ جي حالت ۾ آھي.( 19) ھيڏانھن اسان جي نيرن، منجهند، رات جي کاڌي سمورا ڪارڊ آمريڪين جو کيسن ۾ ھئڻ باوجود اسين ايڏا آزاد ناھيون جيڏا اڳ ڪڏھن بہ نہ ھئاسون.
آزاديءَ ۽ ڇوٽڪاريءَ جو اھو ئي تہ راز آھي جيڪو ويجهڙ ۾ ڊاڪٽر ھنري ڪيسنجر، تمغهء قائد اعظم اسلام آباد ھوائي اڏي تي کوليو ھو، جتي ان کي ملڪ جو چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ذاتي طرح پاڻ موڪلائي چوڻ ويو ھو.( 20 )
عدالت جا صاحب ۽ ھن ملڪ جا رھواسيو! آءٌ ھڪ اڻڄاتل گهٽيءَ سان واسطو رکان ٿو. آءٌ نہ تہ ھارلي اسٽريٽ آھيان ۽ نہ ئي منھنجو وال اسٽريٽ سان ڪو لاڳاپو آھي. ڪو جنرل اسان جي گهٽيءَ کي پنھنجي نالي سان منسوب ڪرائڻ پسند نہ ڪندو. بھرحال اسان جي حصي ۾ بہ ڪجهہ ڏاھا ... ان جي سوچ وارا ضرور آيا آھن.
آءٌ ننڍپڻ جي ڏينھن کان ئي ھڪ بگيءَ واري کان ويندي ھڪ استاد تائين ۽ ھڪ اڳوڻي بندوقچيءَ کان ويندي روزگار تي چڙھيل حاضر سروس تائين ڪيترن ئي ماڻھن کان اھو ٻڌندو آيو آھيان تہ پاڪستان کي ھلائڻ جو آخري طريقو ھاڻي اھو ئي رھجي ويو آھي تہ ان کي سڀ کان وڌيڪ ٻولي ڏيندڙ کي ٺيڪي تي ڏنو وڃي.
سودو ٿي چڪو آھي، رجسٽري لکجي وئي آھي ۽ ڀت تي لکئي جي خواب جو تعبير نظر اچي رھيو آھي. اھا ٻي ڳالھہ آھي تہ اڄ 80ع جي ڏھاڪي ۾ توھان کي خوابن جي ڏاڍي ڳري قيمت ڏيڻي پوندي.
اڄ ڪلھہ تہ ھڪ خواب ڏسڻ جو مطلب بہ ھڪ صدي جڪڙيل پيرن سان گذارڻ برابر آھي.
بھرحال ٺيڪو ڏنو ويو آھي. ٻولي ان وقت تائين تہ گهٽ ۾ گهٽ اھا ئي رھندي جيستائين جنرلن جي ھن ڊگهيءَ رات جي پڄاڻي ٿِي باک نہ ٿي ڦٽي يا وري ڪابل (نديءَ) ۾ ستين سامونڊي جھازن جي جٿي جا ”گهوٻا“ (لنگر) ڦٽو ڪرڻ جي ضرورت نہ ٿي پوي!
ڳڌو وڪرو جاري آھي، جمعہ بازار لڳل آھي، آئيڪ( 21) پنھنجا چنبا وچين محاذ تي ڦٻائي رکيا آھن. اسان کي جيڪڏھن مارشل زوخوف(22) اولھہ پاسي پيش قدمي ڪندي ڪوسي پاڻيءَ ڏانھن وڌي رھيو آھي.
جوزف فارلئنڊ( 23) مشرقي پاڪستان جي مسئلي لاءِ جيڪي ڪشالا ڪاٽيا ھئا، مغربي پاڪستان جي مسئلي جي آئيندي ۽ آخري حل جي سودي جا شرط ۽ معاملا انھن کان گهڻو وڌيڪ سولا ۽ سادا آھن.
مون کي لاھور ”منٽ“ ۾ ڪجهہ وڌيڪ تمغن جي گهاڙ جي ”بوءِ“ اچي رھي آھي.
جنرل نيازيءَ لاءِ ھلال جرئت کان پوءِ ھاڻي اين ايڇ (نشان حيدر) جنرل ضياءَ لاءِ، اين پِي ڪي (نشان پاڪستان) ڪئليفورنيا جي ڇوڪري لاءِ، ٽِي قيو اي (تمغئه قائد اعظم بار) پيڪنگ جي مسافر لاءِ ۽ ٽِي ٽِي اي يعني ”آڱوٺو“ پاڪستان جي عوام ۽ ان جي ساٿي ھن سازشي قيدي لاءِ!
توھان ڄاڻو ئي ٿا تہ سِي آءِ اي، ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي ھڪ ”ڄاھي“ اڳواٽ ئي قومي (؟) بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آھي ۽ لالا موسيٰ ۾ مھنگائي آھي. ھاڻ اسان لاءِ نہ ڪو لڏو آھي ۽ نہ ئي ”لمبو“.
اٽڪ قلعي جي ڪال ڪوٺڙي نمبر ھڪ مان توھان جي معرفت ابراھيم لنڪن ۽ مارٽن لوٿر ڪِنگ جي قوم کان سنئون سڌو ھڪ سوال ڪرڻ ٿو گهران. مون کي ان سودي ۽ ٻوليءَ جي ٺيڪيدارن رونالڊ ريگن ۽ جين ڪرڪ پيٽرڪ ۽ سندن ڪارپوريشن کان ڪجهہ وٺڻو ناھي.
مون کي کين اھو چوڻو آھي تہ ھاڻي گهڻو ڪجهہ ٿي چڪو. خدا جي واسطي ھاڻي نيويارڪ جي پاڻين ۾ بيٺل ٿڪل اداس فرانس جي مھاجر ”آزاديءَ جي مجسمي“ جو لاش( 24) کڻي وڃي ان کي تسلي متڀيد جي سامونڊي ڪنارن تي ”ڪيپ آف گُڊ ھوپ“ ۾ کوڙي ڇڏيو، تہ ان جي ڪجهہ علامتي اھميت تہ موٽي اچي.
ھاڻي جڏھن تہ ويھين صدي بہ پنھنجي پڄاڻي کي پھچي چڪي آھي توھان آمريڪين غلامي کي نئين معنا ڏئي ان جو ڀيانڪ احيا ڪيو آھي. غلامي ھاڻي مقامي نہ بين الاقوامي ٿي چڪي آھي.
سموريون پاڙون آفريڪا جي گهاٽن ٻيلن کان وٺي پراسرار مشرق تائين ھيون. ڏکڻ فرانس جي انگور جي ٻارن کان ويندي پرانھين پورال تائين توھان آيا ھئا. توھان اھي ماڻھو ھئا جيڪي عالم انسانيت جو ”واعدو“ ۽ ”اميد“ ھئا پر فضائن کي توھان ايٽم بم ۽ ھئڊروجن بم جي ڌماڪن جي کُنڀين (نانگ کُنڀين) سان ڍڪي ڇڏيو آھي ۽ غلاميءَ جا ڪڪر ھاڻي انڪل ٽام جي جهوپڙيءَ مان اٿي رھيا آھن.
آمريڪيو! توھان آمريڪا سان دغا ڪئي جيڪا ھڪ اميد ھئي، توھان آمريڪا سان ڌوڪو ڪيو جيڪا ھڪ سوچ ھئي، توھان ان کي جيئري ئي پوري ڇڏيو جيڪو ھڪ سندر سپنو ھو.
اڄ کان ڪي چوڏھن پندرھن سال اڳ مون کي چنڊ جي مسافر نيل آرم اسٽرانگ سان ملڻ جو اتفاق ٿيو ھو. ھُو ٻين خلابازن سان گڏ آسمان تان موٽي اچڻ کان پوءِ دنيا جي سير تي ھو ۽ آءٌ ڍاڪا ھوائي اڏي تي پنھنجي ورديءَ جي ٽڪيٽ ڪتب آڻيندي آجيان ڪندڙن جي قطار م وڃي بيٺو ھوس.
وڏن وڏن پيٽن وارين معزز شھرين ۽ شيروانين ۾ جڪڙيل ڪاموراشاھيءَ جي ڪارندن جي نراڙن تي ٺھندڙ گهنجن جي پرواھہ نہ ڪندي مون نيل کان پڇيو ھو: ”ڪرنل! اڃا تہ ھڪ دنيا جي کوجنا باقي آھي. انڌيرن ۾ غرق دنيا کي ڇڏي، ڇا جي لاءِ تون ھڪ نئين جنت جي ڳولا ۾ نڪتو ھئين؟“
آءٌ نہ ٿو چئي سگهان تہ ”ڪينئن“ جي انھن روايتي ميڙن ۽ انھن جي ”ڇڳن“ جي گهاٽن تھن جي موجودگيءَ ۾ ان قسم جي سوالن ۽ نياپن جي ڏي وٺ ڪڏھن ممڪن بہ ٿي سگهي ٿي. آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ خلاباز نيل آرم اسٽرانگ منھنجي نياپي جي گهرائيءَ تائين پھتو بہ ھوندو يا نہ، پر مون ھن جي منھن تي اداسيءَ ۽ اميد جي گاڏڙ مرڪ ضرور پکڙجندي ڏٺي ھئي. اھا مرڪ ماڻھوءَ جي نہ، پر آمريڪا جي منھن تي ھئي: سھڻي، تازي تواني ۽ آئيندي بابت اميد ڀرِي.
آءٌ بھرحال، اڃا بہ پنھنجي سوال جي جواب جو انتظار ڪري رھيو آھيان!
جيتوڻيڪ آسمان ڇھندڙ جاين، ڪارپوريشن ۽ لابين جو آمريڪا بي-1 ايٽم بم ۽ نئين غلاميءَ جو موجد آمريڪا ڪيڏي نہ بدصورتيءَ جو ڏيک آھي.
ويـٽـنام ۾ تـوھـان نسل ڪشيءَ جا معجزا ڏيکاريا ھئا. گريناڊا ۾ توھان اڻ ٿِيڻيءَ کي ڪري ڏيکاريو، نڪارا گئا ۾ توھان جا چمڙا موڻڻ لاءِ کنڀڙاٽيون ھڻي رھيا آھن، توھان لبنان جا ڳترا ڳترا ڪري ڇڏيا، ال سلواڊور توھان جي بڇڙن بوٽن ھيٺيان ڪنجهي رھيو آھي، ڪابل جي زمين ھيٺ توھان بارودي سرنگهون وڇائي ڇڏيون آھن ۽ قذافيءَ، ھن واريامي جي پٽ جي ڳچيءَ ۾ توھان جو ڦاھيءَ جو ڦندو ڏينھون ڏينھن سوڙھو ٿي رھيو آھي.
ھڪ ڪائنات ڏکڻ کان اتر ۽ اوڀر کان اولھہ تائين توھان جي ڪارپوريشن جي ڪرڀائتي بار ھيٺ تباھہ ٿي رھي آھي، ھيڏي پاڪستان ۾ توھان ھڪ بي دل فوجي جنتا جي عشق ۾ اڙجي ويا آھيو.
اوقيانوس سمنڊ ۾ ٽاٻڙڪو ڪندڙ مارڪوس ۽ سھارتو کان انھن جي ڪناري تي قابض پول پاٽ ۽ ڪم دوران تائين، طورخم جي سرحد تي بيٺل ڪيسابلانڪا بواءِ ضياءُ الحق کان نار وارين رياستن جي جنسي جنونين تائين، صدام حسين کان وٺي انقراه-بغداد-اسلام آباد محور تي مڙھيل سمورن فوجي تاناشاھن تائين، ٻن دنيائن جي ڪناري تي بيٺل ظلم ۽ جبر جي نشانن پِي ڊبليو بوٿا ۽ چليءَ جي پنوشي ۽ روم سمنڊ جي ڪناري کان توبچي ايرل شيرون تائين، توھان پيار، محبت ۽ عشق کي ڪھڙا ڪھڙا ويس ۽ مطلب ڏنا آھن! توھان ڪيڏي ھمت ۽ حوصلي سان ھر ان عقيدي جو بچاءُ ڪيو آھي جيڪو ڪن آمريڪين جي ايمان جو حصو آھي.
خان ڀائر ــــ ايوب خان ۽ يَحى خان، شھنشاھہ آريه مھر رضا پھلوي، بتستا ۽ ان جا ساٿي سنگتي، نگوڊين ۽ ان جي سھڻي ”مارگريٽ“ انستاسيو سيموزا ۽ بيگن، اھي سڀ ماڻھو توھان جي ٽوڪريءَ جا گندا آنا آھن.
ڪارپورل ھٽلر ۽ سندس سونَ جو چمچو بينتو مسوليني جيڪو ڪجهہ پنھنجي بدصورت فاشزم سان ھٿ نہ ڪري سگهيا، اھو سڀ ڪجهہ توھان پنھنجي ”خدا تي ايمان“ جي ڏڍ تي ھٿ ڪري ورتو آھي.
IN GOD WE TRUST
”خدا تي اسان جو پڪو ويساھہ آھي.“(25)
توھان جي ھن ڪائنات بابت سھڻن واعدن جي ڳالھہ تان مون کي پئٽ جي ڳالھہ ياد اچي رھي آھي جيڪا مون سان پئرس جي سين نديءَ تي پنجتاليھن منٽن لاءِ ملي ھئي. ناٽري ڊيم جي ويجهو ھڪ پراڻيءَ پل وٽ جڏھن اسين جدا ٿي رھيا ھئاسون تہ ھن ٽين دنيا جي ھڪ پيلي-ڪڻڪ رنگي ڳلي تي ٻاجهہ ڀري پيار جي ھڪ مھر ھڻندي چيو ھو:
”اسين ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ھڪ نئين دنيا جي اڏاوت ڪنداسون. ستارن سان ڀريل جهنڊو تنھنجي لاءِ بہ ھن ڪائنات جي سونھن ۽ سرور جو پيغامبر ھوندو.“
عدالت جا صدر! ستارن سان ڀريل جهنڊو واقعي اسان لاءِ گهڻو ڪجهہ آڻي چڪو آھي. سٺ جي ڏھاڪي ۾ ھن يو-2 موڪليو ھو، ستر جي ابتدا ۾ ستون سامونڊي جھازن جو جٿو ۽ ستر جي پوئين اڌ ۾ جنرل ضياءُ الحق ۽ اڄ اسيءَ جي ڏھاڪي ۾ اسان جي دروازن تي خوشين ۽ مسرتن جو ميڙ آھي ــــ اھي ايڏي تہ جوش منجهان کڙڪائي رھيون آھن جو منھنجن ڪنن جا پردا ڦاٽڻ تي آھن.( 26)
آمريڪيو! اسين ٽين دنيا جا پيلن ڳلن وارا ماڻھو ان غلاميءَ لاءِ جيڪا اسان جي دروازن، اسان جي شھرن ۽ ڳوٺن ۽ فتح ڪيل گاديءَ تي مڙھي رکي آھي، نہ تہ توھان کي وساري سگهون ٿا ۽ نہ ئي وري ڪڏھن معاف ڪنداسون.
اسين اھو وچن ٿا ڪريون تہ اسين ڀُٽي، ناصر، سوڪارنو، لوممبا، اڌ جيئري بن بيلا، مڪمل ڏاکڙو ياسر عرفات ۽ توھان جي ڪَن جي سور قذافي ۽ فيڊل ڪاسترو جي ڳچين ۾ توھان جي وڌل ڦاھيءَ ڦندن کي ڪڏھن بہ نہ وسارينداسون.
اسان توھان جي عوام ۽ انسانيت دشمنن سان انھيءَ سازشي سٽاءُ کان پڇون ٿا تہ اسان کي ٻڌايو وڃي تہ اسين ڪيستائين آمريڪي ادارن ۽ ھٿيارن جو فيلڊ فائرنگ رينج ٿيا رھنداسون؟ افغان ايڪشن جو آمريڪي فيڊريشن جي ڪرنل رابرٽ ڊائونز کي پنھنجو فضائي رسدي پل، پاڪستان جي فضائن مان ھٽڻ لاءِ ڪيترو وقت لڳندو؟( 27)
ملٽري آپريشن ڊائريڪٽوريٽ جا ان سلسلي ۾ تجزيا ڇا ٿا چوَن؟ اُٺ جي چيلھہ تي آخري ڪَک ڪڏھن ۽ ڪھڙي پاسي کان رکيو ويندو؟ ڇا اھو ڄاتل سڃاتل مشرقي محاذ طرفان ھوندو يا اڃا سوڌو ”پراسرار“ اڻ کوجيل الھندي محاذ جي پاسي کان؟
ھڪَ پينٽ (20 آئونس) بلئڪ ڊاگ جو پيشاب، ھڪ وھسڪي بوتل ۾ لکيل تنبيھہ نامو ۽ ھاڻي بيت المقدس کان بہ وڌيڪ مقدس ۽ پاڪ آخري ڪک جنرل ضياءُ الحق! منھنجي ملڪ جا رھواسيو ۽ سپاھيو! توھان ان للڪار جو جواب ڪڏھن ڏيندا؟ يارھن گهنڊ تہ اڳ ئي وڄي چڪا آھن. خدا جو قسم توھان جي نيرو وٽ ايترو وقت بہ ڪونھي، جو ھو اسلام آباد جي گرين ۾ موجود پنھنجي ڪارنر پلاٽ جو گيت ئي ڳائي سگهي.
اسان جي نيرو جي بانسري گهڻو ڪري پري کان واشنگٽن ڊِي سِي مان اچڻي آھي. روم تہ سڙندي وري بہ ڪجهہ ويرم ورتي ھئي، اسان جي لاءِ تہ 1971ع کان 1985ع تائين ھيءَ تاريخ جي وڏي وات جي ھڪ ڪوسي اوٻاسي ئي تہ آھي.
You Aint Seen Nothing Yet.
”توھان اڃا ڏٺو ئي ڇا آھي!“
گڏيل آمريڪي رياستن (گ.ا.ر) جي چوئيتاليھين قدر پنھنجي ٻي چونڊ واري مھم ھلندي پنھنجي قوم سان اھو ڄاتل سڃاتل واعدو پنھنجي آئنده ارادن بابت ڪيو ھو. ڪجهہ مختلف معنائن سان اھو واعدو اسان تي بہ لاڳو ٿئي ٿو. خدا ئي ڄاڻي تہ جڳ مشھور ”تاريخي جهڪاءَ“ (The Tilt) ( 28) جي ھن جائنشين جي ايجنڊا تي اسان لاءِ ھاڻي ڇا لکيل آھي!
عدالت جا صاحب! اسان جيڪو ڪجهہ اڃا تائين نہ ڏٺو آھي، اھو ٻين جي نظر بدران پنھنجين نظرن سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي. اھو غلط آھي تہ اسين پنھنجي جاڳندڙ اکين، اڻ ڍڪيل ۽ کليل اکين سان ايندڙ سڀاڻي کي نہ ٿا ڏسي سگهون.
نوان ڪوٽ ۾ جنرل جيمز بانڊ جي ڪمالن بابت سوالن کان سواءِ مسٽر پريزيڊنٽ، آءٌ اوھان کان بين الاقوامي سطح جا سوال بہ ڪري رھيو آھيان، ان ڪري جو آءٌ توھان کي پريزيڊنٽ مڃان ٿو.(29 ) جڏھن تہ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر کي آءٌ ڪنھن بہ صورت ۾ ھن مقبوضہ ملڪ جو صدر مڃڻ لاءِ تيار ناھيان. آءٌ ان کي کُلي عام انڪار ڪيان ٿو. پاڪستان گاف فيڊريشن جو صدر توھان کان سواءِ پاڪستان ۾ ٻيو حقيقي صدر ھو، اھو جيڪو اليڪشن سيل جو انچارج جنرل بہ ھو، پر ھو بہ اڄڪلھہ مريض آھي ... ھو پنڪچر ٿي چڪو آھي.(30 ) ان ڪري انھن حالتن ۾ منھنجي لاءِ انھن سمورن سوالن جو نشانو توھان کي ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا راھہ ئي نہ ھئي!
مھرباني ڪري منھنجي ڳالھہ ٻڌو ۽ انھن کي سمجهايو جيڪي ھن بي وزن مملڪت ۾ وزن رکن ٿا.
مون کي ماڻھن کي ريجهائڻ ۽ پرچائڻ جا گُر نہ ايندا آھن. پاپا ڊوپلس جي حڪمن ھيٺ آءٌ گذريل ڏيڍ سال کان حراست ھيٺ آھيان ۽ انھيءَ مدي ۾ منھنجو گهڻن ڊوپلڪين ۽ ٿورن سپاھين سان واسطو پيو آھي. پاپا ڊوپلڪي( 31) انٽيليجنس جي ڄاھن کان بہ وڌيڪ شاھہ جا وفادار نظر ايندا ھئا پر دل سان نہ. ان جو سبب رڳو انھن جو روزگار ۽ ”اٽي لٽي اجهي“ جو ڀئه ھو، جيڪو ڪنھن بہ وقت ڪنھن بہ اڻ ڏٺل بلا جو ڪارڻ ٿي پئي سگهيو. ھيڏانھن سپاھي بہ مون کان ناخوش ھئا، ڇو تہ مون ڪن سببن جي ڪري پامر لائينز جي ”ڪوس گهر“ ۽ ھتي اٽڪ قلعي ۾ انھن پاران ڀڄي وڃڻ جا اشارا ۽ سڏ قبول نہ ڪيا ھئا.
ضيائيءَ (ڊوپلڪي) ۽ سپاھي ٻئي اھو ڪجهہ سمجهي نہ پئي سگهيا جنھن ۾ سندن نجات ھئي. ضيائين کي اھو سمجهہ ۾ نہ پيو اچي تہ ڦرلٽ کان نجات جي جدوجھد ۾ شامل ٿيڻ ڪري انھن کي پنھنجي چوڌاري ويڙھيل زنجيرن کان سواءِ ڪجهہ وڃائڻو نہ ھو ۽ اھي زنجير انھن زنجيرن کان گهڻو وڌيڪ موتمار ھئا جن سان اھي مون ”لاچار“ کي جڪڙي رکندا ھئا. اھي اھو سمجهي نہ سگهيا تہ ان جدوجھد ۾ شامل ٿيڻ سان اھي انھن سڀني ڪارين، خاڪي، ڀورِي ۽ ناسي پٽين کان بہ آزاد ٿي وڃن ھا جيڪي سندن بکايل بدن ۽ ڏٻرين چيلھين سان ٻڌل ھونديون آھن ۽ جن جي پيدا ڪيل ٻوسٽ ۽ انھن جي اندر جو سموريون سھڻيون تمنائون ساھہ ڏئي ڇڏينديون آھن. ٻئي پاسي منھنجا پھريدار سپاسي اھو نہ سمجهي سگهيا تہ انھن اڙانگن پيچرن تي پنڌ ڪندي پنھنجو سڀ ڪجهہ وڃائي ڇڏڻ ۾ ئي سوڀ ھوندي آھي، نہ ڪو ان جي سنڀال ڪرڻ ۾.
انھن وڙ وڪڙ دڳن ۾ تہ حياتي ھارائي ئي ڪو پنھنجي سوڀ جو ماڳ ماڻي سگهي ٿو. ڏکن ڏاکڙن ۽ للڪارن کان ڀاڄ تہ ھن واٽ جي سڀ کان وڏي ۽ آخري ھار ھوندي آھي.
مون لاءِ قلعي يا ڪال ڪوٺڙين کان ڀاڄ وسيلي جلاوطن ٿي وڃڻ وڏي ذلت جھڙي خودڪشيءَ جي برابر ھجي ھا، جيڪا آءٌ سھي نہ پئي سگهيس.
آءٌ انھن ٻنھي کي ناراض ڪري آيو آھيان. ضيائي ھاڻي اڳ کان وڌيڪ ڀئه ۾ ورتل آھن، ڇو تہ ھاڻي انھن کي ڦرلٽ کان آزاديءَ ۽ نجات لاءِ جدوجھد جي ضرورت جو اڌ ڪچو-اڌ پڪو احساس ٿي چڪو آھي. بٺي جي ڪنڌيءَ تي بيٺل ماڻھن کي پڪ ئي ان باھہ کان وڌيڪ خوف ٿيندو آھي، جيڪو ان ۾ ڪِري پيو اھو تہ امر ٿي ويو ... ۽ سپاھي پنھنجي ذاتي احساس محرومي ۽ مھماتي رٿائن جي رد ٿيڻ واري نقصان تي ناخوش آھن.
ان ڪري مسٽر پريزيڊنٽ، انھن ماڻھن تائين خيال پھچائڻ ۾ منھنجي مدد ڪيو. منھنجي خلاف ھي ڪيس ھلائڻ لاءِ اوھان وٽ ڏاڍو گندو ”حڪم نامو“ ھو پر توھان وٽ مون کي سزا ڏيڻ يا نہ ڏيڻ جو وس بہ آھي. آءٌ اوھان پاران ملندڙ سزا قبول ڪيان ٿو، پر ان جي عيوض توھان منھنجي ڳالھہ جو عام اعلان ڪرائي ڇڏيو.
اھو ڪو خراب سودو تہ ناھي. مھرباني ڪري ماڻھن کي، سپاھين کي ٻڌايو تہ آمريڪا جي چوئيتاليھين صدر جي چونڊن واري واعدي جو اسان لاءِ ڇا مطلب آھي؟
اڄ اسين ھڪ ورھايل ۽ ورھاست اندر ورھاست ۽ تنھن ۾ بہ ورھاست جو شڪار قوم آھيون. توھان انھن کي ڪارنر پلاٽ چئو، مذھبي، لساني يا علاقائي ٻيٽ چئو يا ضيائي سياست جي ٻوليءَ مان ڪو نئون نالو ڏيو، سچ ھي آھي تہ ھيءَ قوم پنھنجي اصل سڃاڻپ ۽ سڳنڌ وڃائي چڪي آھي. ماءُ جي جهوليءَ کان وٺي استاد جي اداري تائين ھر پاسي مڪمل تباھيءَ جو زمانو آھي.
جابر ۽ قاھر فوجي آمرن جي دَور ۾ بي انتھا ذلت، پستيءَ ۽ بي قدريءَ جنم ورتو آھي. پڪ ڄاڻو تہ ھٿياربند فوجون بہ انھيءَ تباھيءَ جو سڀ کان وڏو نشانو ٿيون آھن.
اھا ڪا پيغمبرانہ اڳڪٿي ناھي، رڳو گهر جي ڀيدِيءَ پاران جيڪو لنڪا کي ڊاھڻ نہ، پر ٺاھڻ گهري ٿو. حقيقت کي مڃڻ ۽ ان پاران ”سڏ“ آھي تہ مسٽر پريزيڊنٽ، اڄ ھن وقت اسين حملو يا جوابي حملو تہ رھيو ھڪ پاسي، اڀرندي يا الھندي محاذ تان ڪنھن ھڪ ڪاھہ روڪي رکڻ جي ڏات بہ ڪو نہ ٿا رکون.
ھا! اسين ”ھڪ ھزار سالن“ تائين وڙھي سگهون ٿا جيڪڏھن اسان کي عوام پاران پُٺ مليل ھجي.
ھا! جيڪڏھن ھڪ انتھائي خلوص ڀري ۽ بي رعايت ”سرجيڪل آپريشن“ وسيلي ھٿياربند فوجن جي مٿاھين سطح تي لڳل گئگرين (ڌپيل ڪِنو ڦَٽ) ڪاٽي ڦٽو ڪيون.
پر ياد رکجو! جيڪڏھن اھو سڀ ڪجهہ ڪو نہ ٿو ٿئي، تہ پوءِ ڪو بہ مورچو، ويجهو يا پري، ايندڙ صبح تائين بہ قائم رھي نہ سگهندو. ”جنرلن جي رات“ ھن قوم لاءِ تہ ڏاڍي ڊگهي، اينگهاري ۽ ڪڏھن بہ نہ ختم ٿيڻ واري تہ ٿي سگهي ٿي، پر دشمن لاءِ ان قبضي جي حيثيت رڳو ٻارھن ڪلاڪ مس ھوندي.
آءٌ نہ تہ پنھنجي ملڪ خلاف ڪنھن سازش ۽ نہ ئي ڌرتيءَ ماءُ خلاف ھٿيار کڻڻ جو ڏوھاري آھيان. ان تھمت خلاف آءٌ پنھنجي بي گناھہ ھئڻ جو اعلان ڪيان ٿو. اھا سراسر ڪوڙ آھي.
بھرحال عدالت جا صاحبو! اڄ آءٌ اوھان کان مطالبو ٿو ڪيان تہ مون کي ڦاھيءَ تختي تي لڙڪائڻ جو حڪم ڏيو. اھو ان ڪري اڻٽڙ آھي، جو اڄ آءٌ ڦاھيءَ چڙھندس تہ سڀاڻي ڪجهہ ٻين ماڻھن لاءِ بہ رستو کُلي پوندو. اسان لاءِ پنھنجين گهٽين، گهرن جي صفائي کان وڌيڪ ضروري اھا ڳالھہ آھي تہ اسين پنھنجي قطارن جي غلاظت ڌوئي ڇڏيون.
آءٌ اڄ بہ ھن ”ڪُوئا مار“ ۾ بہ 1973ع جي آئين جو حلف قائم رکيو ويٺو آھيان.( 32 ) ان قومي دستاويز سان منھنجو واعدو ۽ وفا منھنجي ايمان ۽ مذھب جو حصو آھي. آءٌ ان آئين خلاف انتھائي غداري ڪندڙ ”غدارن“ سان وفا ڪري نہ ٿو سگهان، پوءِ اھي منھنجي پنھنجي ”گهر“ جا ھجن يا اسلام آباد جو چڙيا گهر يعني ڪَٺ پُتلي پارليامينٽ!
”ميجر آفتاب“ ۽ ”جنرل ضياءَ“ جو تضاد ۽ جهيڙو ان ”فساد“ کان گهڻو وڌيڪ خطرناڪ ۽ تيز آھي جيڪو پنجن ستان واري جنرل ڊوگلس ميڪارٿر ۽ ھڪ ”چونڊيل“ آمريڪي صدر ٽرومين جي وچ ۾ ھو.
عدالت جا صدر! اڄ جيان اُن وقت، ان دَور ۾ بہ آمريڪي آئين پنھنجي جاءِ تي برقرار ھو. ميڪارٿر جي جنگ تہ رڳو شخصيت پرستيءَ جي وڌندڙ لاڙي خلاف ھئي، ان کي تہ رڳو اھا شڪايت ھئي تہ ”شخصيت“ کي اھڙي نموني گهڙيو پيو وڃي، جو ممڪن آھي تہ ھڪ ڏينھن اھا رياست جو حصو ٿي پوي.(33)
ھتي پاڪستان ۾ تہ ھيءَ فنا ۽ بقا جي آخري جنگ آھي. چوڌري رحمت علي اسان جي تاريخ جي ھن عظيم ڏاکڙي جي لفظن ۾ ”ھاڻي يا وري ڪڏھن بہ نه“ (No Or Never) جو مستانو نعرو اڄوڪي حالت تي بہ ٺيڪ ايئن لاڳو ٿئي ٿو جيئن پاڪستان کان اڳ ھو.
۽ ھا، آءٌ ان سان گڏ ئي توھان کي اھو بہ ياد ڏياريان تہ ھن ملڪ جي نالي جي خالق ۽ پھرين مصورن مان ھڪ نمايان مصور جون ھڏيون اڄ نہ امانت طور ڪيمبرج جي قبرستان ۾ دفن آھن. ڄڻڪ ان خاڪ جي موٽ ھن ملڪ جي جنرلن ۽ ڪامورا شاھيءَ جي گندن پيچڪشن جون پاڙون پٽي ڪڍندي.
نصرﷲ خان، اھو آزاديءَ ۽ جمھوريت جو مجاھد جنھن کي آءٌ نوابزادي واري عنوان جي گار ڏين نہ ٿو گهران، گذريل ڀيري چئي رھيو ھو تہ اھي جنرل جيڪي قومي اڳواڻن جي ھڪ ٽولي کي 1971ع جي جنگ (؟) جا تفصيل ٻڌائي رھيا ھئا، انھن جون ڄنگهون ڏڪي رھيون ھيون ۽ ڳالھيون بي ربط ٿڙڪڻيءَ جو شڪار ۽ ان ڪري سمجهڻ کان ٻاھر ھيون!
آءٌ وائڙو ٿي رھيو آھيان تہ اھو ڪٺ شھتير اھو ڇا پيو چوي. ھمت ۽ دليريءَ جي ڳولا؟ ڪھڙن ماڻھن ۾ سائين؟ خاڪ جي ڍير ۾ ھڪ شاعر پاران مچ ۽ ماڪ جي ڳولا منھنجيءَ سمجهہ کان ٻاھر آھي.(34 )
ھُو بہ اڻڄاڻائيءَ جو شڪار آھي، صدر محترم! اھو آزاديءَ جو مجاھد ڏاڍي گهري اڻڄاڻائيءَ جو شڪار آھي!! ۽ اھا ڪيڏي نہ ڏک جي ڳالھہ آھي!
نيٺ گذريل 38 ورھين کان ھلندڙ شڪستن، ذلتن، پسپائين ۽ ھٿيار ڦٽا ڪرڻ جي رسمن ھلندي يا انھن کان پوءِ ڪھڙو پاڪستاني جنرل اڄ تائين خود-احتسابي عمل مان لنگهي پنھنجي ضمير، جيڪڏھن ھجي، جي سڏ تي لبيڪ چوندي، پنھنجي ھارايل ڪمان تان استعيفا ڏني آھي؟ پر اھو ڪھڙو جنرل آھي جنھن ملڪ ۽ ملت خلاف ڪيل غدارين جي بدلي، پنھنجين ڀريل ٽجوڙين ۽ جاگيرن تان ھٿ کنيو ھجي يا محروم ڪيو ويو ھجي؟
ان اداري جي سلسلي ۾، اسين ڇو ھمت، دليريءَ، امانت ۽ ديانت جون ڳالھيون ڪيون جيڪو ڌوڪن، بي وفائيُن ۽ غدارين جي ”پليگ“ (مئل ڪوئن کان پکڙجندڙ ۽ وچڙندڙ بيماريءَ) جو شڪار آھي، جنھن کي انتھائي غداريءَ جي اڏوھيءَ ڳاري ڇڏيو آھي.
جنرل پريزيڊنٽ! آءٌ اوھان کي شرمندو ڪرڻ لاءِ اھو سوال ڇو ڪيان تہ ھيءَ قوم گذريل 38 ورھين ۾ ڇو ھڪ بہ ميڪارٿر، رڳو ھڪڙو ئي سام مانڪ شا ۽ جگجيت سنگهہ اروڙا پيدا ڪري نہ سگهي!
آءٌ نہ ٿو مڃان تہ ھن ڌرتيءَ جون مائرون ”وھڪي“ ويون آھن، ڪڏھن بہ نہ، ھي تہ قومي غدارين جو اھو اجورو آھي، بدلو ۽ خدا جو پَلئه آھي، جيڪو ھن ذلت ۽ ھار جي نشان اسان جي ھٿياربند فوجن جي ”ھاءِ ڪمان“ کان ورتو آھي.
The Hour has struck
”گهنڊ وڄي چڪو آھي.“
(ذوالفقار علي ڀٽو: ”جيڪڏھن مون کي قتل ڪيو ويو“)
عدالت جا صدر! ”گهنڊ وڄي چڪو آھي.“ اچو، اسين پنھنجي ھن ملڪ ۽ ايندڙ نسلن لاءِ ڪا ھڪ ئي قرباني ڏيون! اچو اسان گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن جي فوجي حڪمرانيءَ واري دَور ۾ ھن ڌرتيءَ جي ويران ۽ اجڙيل ٻنين مان جيڪو ڪجهہ ڦريو آھي، اسان ھن ملڪ جي نظرياتي ارتقا خلاف جيڪي ڌاڙا ھنيا آھن، اھا سموري مادِي ۽ نظرياتي ڦرلٽ پنھنجيءَ قوم کي موٽائي ڏيون!
چشمه-جھلم لِنڪ ڪئنال کي رڳو ھڪ مھيني لاءِ بند ڪرڻ يا کولڻ، ٻنھي صورتن ۾ اسان جون ٻنيون سڙي ويون.( 35) اھو تہ رڳو ھڪ واھہ جي کلڻ يا بند ٿيڻ جو قصو ھو. سائين منھنجا! ٿورو تصور تہ ڪيو، تہ گذريل اٺن سالن کان مڪمل قلعي بنديءَ، ڏڪار ۽ سوڪھڙي سبب ھن ملڪ جي نظرياتي ۽ شعوري محاذن تي ڪھڙيون ڪھڙيون بلائون نازل نہ ٿيون ھونديون.
عدالت جا صاحب! انسانيت، قومن ۽ ماڻھن جو ارتقائي سفر ان وقت بيھجي ويندو آھي جڏھن سنگينون اڀيون ڪيون وينديون آھن!
اچو تہ اسين گهنڊ جي سڏ جو جواب ڏيندي، سدا لاءِ ”بيرڪن“ ڏانھن موٽي ھلون. اسان جي سکيا-ميدانن ۾ اسان لاءِ ڏاڍو اھم ڪم رھيو پيو آھي.
جيڪڏھن ھن موٽ کان پوءِ قومَ اسان کان ڪجهہ ڪنڌن، ڪجهہ مٿن جي گُهر ڪري ٿي، تہ اسين ڇو دل من ھڻون؟ ڇا يونيفارم پھريندي، اسان پنھنجا ڪنڌ پنھنجي قوم ۽ ملڪ لاءِ لکي نہ ڏنا ھئا؟
عدالت جا صدر! اسين سپاھي آھيون ۽ سپاھين جو اولاد بہ. اسان کي پنھنجا ڪنڌ اعليٰ رومن ۽ اسلامي قدرن موجب بھادريءَ ۽ ھمت جو مظاھرو ڪندي قوم لاءِ پيش ڪرڻ گهرجن!
جنگي ميدان ۾ مھاڙي ڪمپنيءَ جو ڪمانڊر ئي پھرين قطار جي اڳواڻي ڪندڙ ھوندو آھي. ان ڪري ھاڻ آءٌ بہ توھان کان اڳ پنھنجو ھِي ”ڳرو“ مٿو قوم جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو.
منھنجا جنرل! آءٌ پھريون ڪنڌ پيش ڪري رھيو آھيان، توھان ٻي (پنھنجي) ڪنڌ جي آڇ ڪريو، ۽ آءٌ اوھان کي پڪ ڏياريان ٿو تہ ٽين ڪنڌ آڇڻ جي گهرج ئي نہ پوندي.
ڪاش! توھان ھنن ماڻھن کي، پنھنجي قوم کي، ڄاڻندا ھجو ھا! اھي ماڻھو چريائپ جي حد تائين جذباتي ۽ پيار ڪرڻ وارا ماڻھو آھن. اھو انبوھہ چرياڻن ۽ وطن تي سر گهورڻ وارن جو انبوھہ آھي.
اھي اسان کان ٽيون ڪنڌ نہ گهرندا!
اچو، اسين ھن قوم جو وقار، غيرت، ننگ ۽ ”قومي فخر ۽ غرور“ ان جي فرزندن کي موٽائي ڏيون. انھن کي کانئن کسيل آزادي موٽائي ڏيون. اھي توھان کي ھن ويھين صديءَ ۾ معجزا ڏيکاريندا. اسان کي گهرجي تہ اسين تاريخ کي پنھنجي خلاف ھڪ ٻيو موقعو نہ ڏيون. اسان کي گهرجي تہ تاريخ کي اھو ورجائڻ جي موڪل نہ ڏيون، تہ اسيءَ جي ڏھاڪي ۾ بہ ھن ملڪ سان اھو ئي ڪجهہ ٿيو جيڪو سٺ ۽ ستر جي ڏھاڪي ۾ ٿيو ۽ اھو بہ تہ اسان انھن سمورن ڏک ڀرين ڏھاڪن ۾ اھي جنرل ۽ ايڊمرل ئي ھئا جيڪي سڄيءَ قوم جي اميد ۽ تمنائن جا قاتل ٿيا.
۽ اھي ئي قاتل آھن جن ھڪ نظريي جي، جنھن جو نالو پاڪستان ھو، نسل ڪشي ڪري رکي.
سپاھيو! ھوا بازو! ملاحو! ملڪي بقا، نجات ۽ بچاءَ جي سلسلي ۾ توھان جو ذميواريون بہ اھي ئي آھن جيڪي ٻين شھرين جون آھن. اڄ توھان جي ماٺ ۽ خطرن کان اڻڄاڻائي انھن ڏوھن کان گهڻو وڏو ڏوھہ آھي جيڪو توھان پنھنجي ڪوتاھہ انديش اڳواڻن جي حڪمن جي پورائي ڪندي باريسال کان بولان ۽ بدين تائين ھن سڙيل ڌرتيءَ تي وڏي ڪوس جي صورت ۾ ڪيا ھئا.
اچي پنھنجي ماضيءَ جي بار کي لاھي ڦٽو ڪيو!
ان ڏاڍ ۽ ستم جي روايت کي پرزا ڪري ڇڏيو ۽ پنھنجي اصليت ڏانھن موٽي اچو. پنھنجي عوام جي قافلي ۾ اچي ملو، ڇو تہ ھاڻي گهڻا ھٿ ئي گڏجي پنھنجي باقي بچيل ميراث کي مڪمل تباھيءَ کان بچائي سگهن ٿا!
سپاھين جي عدالت نمبر-64 جا صدر! فريادي ڌر جي ”چوڻ“ موجب، آءٌ ڏوھن جي دنيا جو سڀ کان وڏو ڪرڀائتو ڏوھہ يعني غداري ڪندڙ آھيان.(36 ) اڄ تائين ھن مظلوم ڌرتيءَ خلاف ”غداريءَ“ جا سمورا ڏوھاري بي سزا رھيا آھن. اھو تہ رڳو ھڪ ”نواب“ جي قتل جو ناٽڪ ھو جنھن جي آڙ ۾ 4-اپريل 1979ع تي باک ڦٽڻ کان اڳ ئي ھن قوم جي ضمير ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڦاھيءَ ڦندي ۾ لڙڪايو ويو.
اھو ”قتل“ آرمي ھائوس جي پاسي ۾ ٿيو ھو. اھو آرمي ھائوس، جتي ھاڻي گاھہ ان وقت تائين نہ نسرندو، گل نہ ٽڙندا ۽ ميوا نہ ڦٽندا، جيستائين ان قتل جي ھن ڊگهيءَ رات جي پڄاڻي نہ ٿي ٿئي!
باک ضرور ڦٽندي ۽ گاھہ اوس نسرندو. اسان جا افغان ڀائر پنھنجن سڀني ڌڻن سان گڏ موٽي پنھنجي وطن بہ وڃن، تڏھن بہ ڌرتيءَ جي تازگيءَ ۽ سونھن لاءِ صبح ضرور ٿيڻو آھي ۽ گلن کي ٽڙڻو ئي آھي.
اچو، اسين ان وچ ۾ رڳو ايترو ڪري وٺون جو سڙيل مکڙيون وري ڦٽي پوَن.
آءٌ ھن سازش جي ڪيس جو وڏو مياري، غداري ڪندڙ ۽ پاڪستان يعني جنرل ضياءُ الحق خلاف جنگ جو ارادو رکندڙ ھِي ”وڏو مياري“ توھان کان ھڪ ڀيرو وري گهر ٿو ڪيان، تہ توھان ڪنھن فائرنگ اسقئاڊ کي منھنجي قتل جو حڪم ڏيو.
جنرل جج! آءٌ اوھان کي ميار ٿو ڏيان، آءٌ ھٿياربند فوجن جي سموري اڳواڻيءَ کي ڏوھاري ٿو سڏيان، ان ڏوھہ ۾ تہ اھي توھان ماڻھو ئي آھيو جيڪي ھن ملڪ جي تباھيءَ جو ڪارڻ ٿيا آھيو.
پر پوءِ بہ منھنجي سَڌ ۽ تمنا آھي تہ ھڪ ڀيرو تہ اوھان سڀ سرخرو ٿيو، ڪنڌ کڻو. ھڪ ڀيرو تہ توھان پنھنجي شيروانين، پنھنجن بلو پيٽرولن ۽ پنھنجي سينن جي گهنٽين ۽ تمغن تي ڄميل ھن ملڪ جي رت جون ڦينگون ڌوئي ڇڏيو.
ڪاش توھان جي انھن گهنٽين ۾ الارم جو سُيون بہ ھجن ھا!
اڄ آءٌ اوھان کي پنھنجي عھدي جا نشان ۽ ڪنڌ جو نذرانو پيش ڪري رھيو آھيان، پر منھنجو انداز توھان جي جنرل نيازيءَ جھڙو ناھي، ھي تہ منصور ۽ ڀُٽي جي ڳري ڳُوڙھي رسم جو پاڇولو آھي!
ھاڻي تہ ھڪ وڌيڪ سازش ۽ ڪَوَرِ اَپ (Cover Up)، ان کي ڍڪڻ) جا حصيدار نہ ٿيو!
مون کي بہ قتل ڪري ڇڏيو!
عدالت جا صاحبو! مون کي ڦاھيءَ تختي تي وٺي وڃڻ جا حڪم جاري ڪيو. ھن ملڪ جا ”غدار“ ۽ ”سازشي“ ڪيترو وقت ايئن ئي ٽاڏون ڏيندا، ٿُونا ھڻندا رھندا.
ڪيستائين مسٽر پريزيڊنٽ!
نيٺ ڪيتري عرصي تائين؟

_____________

1. ( ) ليکڪ پاران هن جو عنوان ”جنتا خلاف منھنجي ايف آءِ آر جو ’اضافو‘“ ڏنل آهي.
2. ( ) پاپا ڊوپلس... سٺ جي ڏهاڪي ۾ يونان تي قابض ٿيندڙ ڪرنلن جي ٽلي جو سردار هو. ليفٽيننٽ پانا گولس جي هن خلاف سازش ۽ ان سلسلي ۾ جاچ پڇا ۽ فوجي عدالتي ڪارروائي ۽ اسان جي ڪيس ۾ وائڙو ڪندڙ هڪجھڙائي هئي. اطالوي صحافڻ اوريان فلاچي ان سلسلي ۾ ان سازش جو تفصيل لکيو آهي.
3. ( ) واڌُو بيان ايف آءِ آر کان گهڻو عرصو پوءِ لکرايو ويو هو.
4. ( ) ساهه جي شديد مُونجهه يا کوٽ جي حالت ۾ مريض کي آڪسيجن گئس واري هڪ شيشي جي وڏي خاني ۾ رکيو ويندو آهي ته جيئن کيس گهربل آڪسيجن ملي سگهي. - سنڌيڪار
5. ( ) چاليهه عدد ايف-16 بمبار جھاز، جيڪي عوامي پُٺ کان وانجهي فضائيه لاءِ مُڱ ڦرين کان به گهٽ حيثيت رکن ٿا.
6. ( ) پاڪستان جو ٻيو قتل ڪيل وزير اعظم.
7. ( ) صدر رونالڊ ريگن.
8. ( ) بڊابير، پشاور ۾ آمريڪي اڏو، جتان 50 جي ڏهاڪي ۾ گيري پاورز جو جاسوسي جھاز اڏاڻو، جنھن کي روسين ڪيرائي وڌو ۽ خروشيف جي چوڻ موجب پشاور چوڌاري ڳاڙهو ليڪو ڪڍيو ويو.
9. ( ) هِن علائقي ۾ آمريڪا جو سڀ کان وڏو سامونڊي اَڏو.
10. ( ) گوادر ۽ پسني بلوچستان جا ٻه بندر، جن جي ڪجهه علائقن ۾ پاڪستانين جي وڃڻ تي پابندي آهي.
11. ( ) آمريڪي فوجن جو هيڊقئارٽر، دفاعي وزارت جو محڪمو.
12. ( ) شنڪياري ايبٽ آباد کان اتر ۾ هڪ علائقي جو نالو. - سنڌيڪار
13. ( ) چيئرمئن ڀٽو، ”ڦاهيءَ جي ڪوٺڙيءَ منجهان“.
14. ( ) آمريڪي صدر جي چونڊ جي هڪ ڪڙي.
15. ( ) اسلامي ريفرنڊم يعني جيڪڏهن اسلام گهرجيوَ ته آءٌ ضياءُ الحق توهان جو صدر آهيان، ڇو ته آءٌ ئي اسلام آهيان.
16. ( ) ميجر جنرل عمران اللھ خان، آرمي جي چونڊن واري ڪئمپ جو چيف ريفرنڊم ڪمشنر.
17. ( ) برگيڊيئر رشيد بيگ پاران بُک هڙتالي آفيسرن کي ڌمڪي.
18. ( ) آمريڪي اثر ۽ زور هيٺ آزاد ترقي پسند راڄڌاني، جنھن جي آزادي پسنديءَ جي ڏوهه ۾ آمريڪي فوجن باقاعدي ڪاهه کان پوءِ مھانڊا ۽ نظام بدلائي ڇڏيو.
19. ( ) نڪاراگئا خلاف وڙهندڙ رد ٿيل نظام جون پاڇيون جن کي کليل آمريڪي پٺ مليل آهي.
20. ( ) چيئرمئن ڀُٽي کي ان جي ايٽمي پروگرام خلاف هڪ عبرت جھڙو مثال ٺاهڻ واري ڌمڪي ۽ ان تي عمل ڪرڻ واري “ٻن جي بدمعاش ٽولي“ يعني ضياءُ ۽ ڪيسنجر.
21. ( ) اتحادي فوجن جو سپريم ڪمانڊر آئزن هاور جنھن جي اڳواڻيءَ هيٺ اتحادين برلن ڏانھن پيش قدمي ڪئي.
22. ( ) روسي فوجن جو ڪمانڊر، جنھن جي ڪمان هيٺ اهي فوجون برلن ۾ داخل ٿيون.
23. ( ) ستن ڏينھن لاءِ پاڪستان ۾ آمريڪي سفير
24. ( ) نيويارڪ جي بندر جي ٻيٽ ايلس جي ”سي لبرٽي“ سڄيءَ دنيا جي ماڻهن کي پنھنجي ٻانھن ۾ پناهه ڏيڻ لاءِ بيٺي آهي. هاڻي جڏهن ته آمريڪا پنھنجيءَ دل جا دروازا ضمير جي مھاجرن تي بند پر بوٿا، پنوشي ۽ ضياءَ لاءِ کولي رکيا آهن، ته ان جي اتي وجود جو ڪو سبب ڪونهي.
25. ( ) آمريڪين جو قومي نعرو.
26. ( ) انهن ٽنهي سرحدي جاين تي ٻين گهڻين جاين سان گڏ اڄڪلهه به روسي مگ بمباري ڪري رهيا آهن ۽ هر صبح ۽ شام بي گناهه شھرين جا جنازا کنيا پيا وڃن.
27. ( ) هڪ آمريڪي تنظيم، جنھن افغانستان جي جنگ ۾ پاڪستان کان ڪابل لاءِ سڌو فضائي رستو گهريو هو، ته جيئن زمين بدران فضا مان ئي انقلاب مخالف قوتن جي مدد ڪري سگهجي.
28. ( ) 1971ع جي جنگ ۾ پاڪستان لاءِ ستين سامونڊي ٻيڙي (جھازن جي جٿي) واري ڏٽي بابت ڪسينجر جو جهڪاءُ.
29. ( ) پر ان جو مطلب اهو ڪڏهن به ڪونهي ته آءٌ هِن نظام ۽ ”حڪم نامي“ کي مڃي رهيو هوس جنھن هڪ جنرل کي جج ۽ عدالت جو صدر ٺاهي ڇڏيو هو.
30. ( ) جنرل فيض چشتي.
31. ( ) پاپا ڊوپلڪي مان مراد يونان جي فوجي آمر پاپا ڊوپلس جا چمچا، پاڇا ۽ مجبور ماڻهو آهن. منھنجو خيال آهي ته اسان جي حالتن ۾ ضيائي ان جو صحيح بدل آهي.
32. ( ) هتي ان ڳالهه جو ذڪر ڏاڍو مزيدار ٿيندو ــــ هر فوجي توڙي اعلى غير فوجي (سوِل) عھديدار کان اهو قسم (حلف يا ساک) کڻايو ويندو آهي ته هُو آئين ۽ آئين موجب آيل حڪومت سان وفادار رهندو. ان ڪري آئين جي ڀڃڪڙي ڪري اقتدار ۾ آيل ڌر کي غدار يا انتھائي غدار ڳڻبو. ان موجب فوجي حڪومت ۽ ان سان سھڪاري سمورا سول عھديدار غدار ڳڻبا. غدارن جي ٺاهيل آئين موجب قسم کڻي اقتدار ۾ ايندڙ ڌر، مثال طور جوڻيجي واري ۽ اڄوڪي پارليامينٽ ۾ ويٺل ڌر کي آئين موجب ڇا سمجهڻ گهرجي؟ اڄوڪن فوجي ۽ غير فوجي عھديدارن کي ڇا سمجهڻ گهرجي؟ - سنڌيڪار
33. ( ) ان رومانوي هيرو جنرل ڊگلس، ملڪ جي صدر سان پنھنجن اختلافن جي ڳالهه هِن هڪ جملي ۾ چئي ته ”مون پنھنجي ملڪ جي آئين سان وفاداريءَ جو قسم کنيو آهي ۽ ان جو پابند رهندس، صدر ٽرومين جي حڪومت جو نه.“
34. ( ) آزاديءَ جا مجاهد شاعر به ته آهن.
35. ( ) بند هجي ته پنجاب جون ٻنيون سڙن ۽ کُليل هجي ته سنڌ جا فصل سڙن ٿا. بيان جي ڏينھنِ ۾ ”مفاد پرستن“ ان مسئلي تي ٻنهي صوبن کي هڪٻئي سامهون ”جنگي ميدان“ ۾ آڻي بيھاريو هو.
36. ( ) شق نمبر-6 موجب، غدارن جي حڪومت خلاف آواز اٿارڻ ٺيڪ منھنجو فرض هو. آءٌ ڪندڙ ته تڏهن هجان ها جڏهن آءٌ اهو ڪجهه نه ڪريان ها جيڪو مون ڪيو آهي.

سازش توهان ڪئي آهي،ڏوهاري توهان آهيو!

جنرلو! ججو! حاڪمو! دانشورو! غاصبو!

”سازش توهان ڪئي آهي،
ڏوهاري توهان آهيو!“


پاڪستان کي ٻہ ڳڀا ڪندڙ تخريبڪار نسل خلاف
اٽڪ سازش ڪيس جي وڏي ملزم جي فرياد

عدالتي دستاويز

1. رياست (جي سڃاڻپ) ۽ ان جا مَڙھيل ”صفائيءَ جا وڪيل“
2. صفائيءَ جي شاھدن جي وچور ـــــ شاھديءَ جو تَت
3. ڪانسٽِيٽيوشن اَوينيو کان شاھراھہ قائداعظم ڏانھن

هٿيار-رکندڙن جي خصوصي عدالت نمبر 64 آڏو

موضوع
رياست (جي سڃاڻپ) ۽ ان جا مڙھيل صفائيءَ جا وڪيل
حوالو: ميجر آفتاب ۽ ٻين سورھن خلاف رياست جي ڪيس جي جواب ۾

1) آءٌ انتھائي ادب سان گذارش ٿو ڪريان تہ 19-فيبروري 1985ع تي مون ”عدالت“ پاران صفائيءَ جي وڪيلن جي فريادي ڌر جي شاھدن کان آڏي پڇا جي حق کي غير معمولي انداز ۾ نامناسب پابندين ھيٺ محدود ڪري ڇڏڻ جي حڪم خلاف احتجاج ڪندي، پنھنجي بچاءَ جو حق پاڻ ختم ڪري ڇڏيو. ان سان گڏ ئي مون پنھنجي صفائيءَ جي وڪيل کي بہ رد ڪري ڇڏيو (ڇو تہ انھن حالتن ۾ ھن جي موجوديءَ جو ڪو سبب ڪو نہ ھو). ان جي نتيجي ۾ ھڪ ماڻھو ”راجا“ انور عباسيءَ کي زوريءَ منھنجي ۽ منھنجي ساٿي تھمت لڳل ميجر نثار حسين بخاريءَ جو سرڪاري وڪيل مقرر ڪيو ويو. بھرحال، نيٺ مسٽر عباسيءَ بہ موٽ جي واٽ ورتي. شايد ان ۾ سندس شھري آزادين بابت ذاتي احساسن جو ڪجهہ ھٿ ھجي.(1 )
ان کان پوءِ ظفر احمد عرف جالپ کي ان جي لفظن موجب ”مارشل لا حاڪمن پاران ان مقصد لاءِ مقرر ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا.“ ان جي رندن تي ھلندي چوڌري غلام احمد، ھڪ ٻيو ”سرڪاري ڀاڙيتو وڪيل“ 17-مارچ 1985ع تي اچي ڪڙڪيو. ان جبر ۽ ڌانڌليءَ خلاف منھنجن لاڳيتن اعتراضن جي جواب ۾ سرڪار جا اھي نام نھاد صفائي-وڪيل ۽ فريادي-وڪيل چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي حڪم، 82/4 ۾ جاري ڪيل، جو ڇَٽ کنيو ڦرندا رھيا آھن، جيڪو سندن چوڻ موجب کين منھنجي مٿان زوريءَ مڙھيو رھڻ جو سبب مھيا ڪري رھي ٿو. آءٌ توھان کي اھو چوڻ ٿو گهران تہ ھيءَ ان حڪم نامي جي انتھائي گمراھہ ڪندڙ، ليکي-چوکي کان خالي ۽ ”قانون“ جي روح جي قطعي ابتڙ تشريح ۽ ترجماني آهي. شق-10 هڪ اهڙي صورتحال جي ”ڪيمياگري“ ڪري ٿي جيڪا في الحال ھن ”عدالت“ جي ڪمري ۾ مورڳو پيدا ئي ڪو نہ ٿي آھي. اھا صورتحال تہ ان وقت پيدا ٿئي ھا جڏھن ھيءُ تھمت لڳل يا ان جو وڪيل صفائي انصاف جون راھون رد ڪرڻ جي نيت سان عدالت جي ڪمري مان غير حاضر رھيا ھجن ھا. ان جي ابتڙ آءٌ ذاتي طرح پاڻ ۽ منھنجو اڳوڻو صفائي-وڪيل بنا ڪنھن گس گساءُ جي حاضر رھيا آھيون. ايتري قدر جو اڄ جڏھن منھنجي آزادي، منھنجو فرياديءَ خلاف پنھنجي زندگيءَ ۽ نظريا بچائڻ جو حق ۽ منھنجو راءِ ظاھر ڪرڻ جو حق بہ انھن ڌارين کي الاٽ ڪيو ويو آھي، آءٌ ھتي حاضر ۽ موجود آھيان. منھنجي لاءِ اھو ڪنھن ڏاکڙي کان گهٽ نہ آھي. ھيڏانھن ھي ڌاريا الاٽمينٽ ۽ لاٽريءَ تي ايڏا مطمئن ۽ خوش پيا ڏيکارجن، ڄڻڪ آءٌ بہ ڪنھن ان اڻمَئي ترڪ ڪيل جائداد جو ٽڪرو ھوس جنھن جي پيٽ مان ھن ملڪ جي اڄوڪن شريفن ۽ معززن جنم ورتو ھو.
2) پنھنجي صفائي-وڪيل کي موڪل ڏيڻ پٺيان ”انصاف“ جون راھون رنڊائڻ يا ان جي ”نزول“ خلاف دير-ڪرائيندڙ حربا ڪتب آڻڻ جھڙا منھنجا ڪي بہ ارادا نہ ھئا. جن ڇاپن ۾ اسان کي گرفتار ڪيو ويو، انھن کان پوءِ وقت جي ندين ۾ ڪيترو ئي پاڻي ھيٺ وھي چڪو آھي. اسان جا ٿڃ-پيئاڪ ٻار ھاڻي گوڏن ڀر ھلي رھيا آھن، ”وھڙا“ جوان ٿي رھيا آھن ۽ وارن جي ڪارنھہ اڇاڻ ۾ بدلجي وئي آھي. انٽيليجنس مافيا جي منصوبن ۽ حڪمن ھيٺ شروع ڪيل ھن ”سرنگهن جي سفر“ ھلندي، ھڪ دنيا بدلجي چڪي آھي. آءٌ ۽ منھنجا ساٿي ان ڊگهي مدي ۾ بيان نہ ڪري سگهڻ جهڙن عذابن مان گذريا آھن. اسين ڏکن جي ان سفر کي اينگهہ ڏينداسون؟ توھان جي اھا سوچ تہ مون پنھنجي صفائي-وڪيل کي ھن بند ڪمري جي ڪارروائي بند ڪرائڻ يا ان کي ڊيگهہ ڏيارڻ لاءِ رد ڪيو آھي. ”پاڪستان خلاف جنگ“ واري نموني جي ھڪ ٻئي ڏوھہ-چٺي جي تياريءَ ۾ تہ مدد ڏئي سگهي ٿو پر ھنن ڌارين ماڻھن کي منھنجن ڪلھن تي ويھي ھتي پھچڻ جو ڪارڻ ڪنھن بہ صورت ۾ نہ ٿو ٿي سگهي. مون کي اھو چوڻ جي موڪل ڏيو تہ فرياديءَ جي خصوصي وڪيل پاران شق-10 جي ”تفسير“ ۾ ڪا بہ سچائي ڪونھي. ان تشريح جي ڪا بہ اخلاقي، شرعي ۽ قانوني پيڙھہ ڪونھي. اھا ڪنھن بہ حالت ۾ وڪيلن جي ھن ”ماوراءِ ملزمان“ (تھمت لڳلن کان مٿاھين) جوڙي جي ھتي موجوديءَ جو سبب نہ ٿي ٿي سگهي. ھن ”تھمت لڳل کان مٿاھن“ صفائي-وڪيلن جي ھڪ نئين اداري جي جوڙجڪ جو ھڪ بلڪل بي بنياد بھانو آھي. مھذب رياستن جا قانون ڇيڻن جي ڍير ۾ اسريل ”کنڀين“ جيان وجود ۾ نہ ايندا آھن. ھنن قانونن جون پاڙون ان رياست ۽ سماج جي ثقافت، روايتن، قدرن، رسمن ۽ رواجن ۾ وڌنديون ويجهنديون آھن جنھن جي مقصدن جي پورڻتا لاءِ اھي ٺاھيا ويندا آھن. انھن کي ھر حالت ۾ عوام جي سڌن ۽ سچائيءَ ۽ انصاف جي ماڳن ڏانھن انھن جي سفر ۽ جدوجھد جي گهرجن سان ھڪجهڙائي رکڻي پوندي آھي. قانونَ ”ڪنھن ماڻھوءَ“ جي غير معمولي ۽ پراسرار مفادن جي قربان گاھہ تي ”ڀيٽا“ ڏيڻ لاءِ وجود ۾ نہ آڻبا آھن پر انھن جو تہ مقصد ئي ان جو ”آواز“ اوچو رکڻ ھوندو آھي. اھي دراصل ٽينڪن جا اھي ”برج“ ھوندا آھن جن کي ”گهمائي“ نہ سگهبو آھي.
اھا تہ آءٌ رڳو اميد ئي ڪري سگهان ٿو تہ جنھن قانون، اڃا بہ حڪم نامي ھيٺ اسان کي قربان گاھہ تي چاڙھيو ويو آھي ان جو روح انھن اصولن کان صفا خالي ۽ اڻڄاڻ ناھي. شق-10 کي جيڪڏھن شق-14 سان ملائي پڙھيو وڃي، تڏھن بہ اھو ھن صورتحال تي لاڳو ڪو نہ ٿو ٿئي. ان کان سواءِ مون پنھنجي صفائيءَ ۽ بچاءَ لاءِ سرڪار کان ڪا مدد بہ ڪو نہ گهري آھي.(2 ) آءٌ عدالت کي وينتي ٿو ڪريان تہ اھا ان سلسلي ۾ منھنجي ”بنيادي حق“ ۽ ”عمل جي آزاديءَ“ جو بچاءَ ڪري. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جڏھن قبر مان ڪڍيل 1973ع جي آئين جو پيٽ چيري، ان جي اندران ھڪ آئين (1985ع وارو حرامي ٻار) ڪڍيو ويو، تہ ان جراحيءَ جي عمل يا ناجائز ۽ غير قانوني طرح ٻار ڪيرائڻ جي عمل ۾ بنيادي حقن جي شق جيئري نہ بچي سگهي ھئي. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اھا شق اڻڄاتل مدي تائين ٽنگيل ئي رھندي، پر قرارداد مقاصد بہ تہ منھنجن انھن حقن جو بچاءُ ڪري ٿي.( 3) آءٌ انھي جي نالي ۾ توھان کان مدد گهري رھيو آھيان. توھان مون کي منھنجي پنھنجي ”عمل“ جو ڪجهہ حق تہ ڏيو! 2-جنوري 1984ع کان پوءِ مون کي ھڪ ڀيرو تہ اھو ڪجهہ ٿيڻ جي آزادي ڏيو، جيڪو آءٌ واقعي ھوس ۽ جيڪو آءٌ رھندس.
3) گذريل ڀيري مون توھان کان ان مسئلي تي تفصيلي ڳالھہ ٻول جي موڪل گهري ھئي، تنھنڪري اڄ آءٌ ان سلسلي ۾ پنھنجا سمورا اَھنج، مشاھدا ۽ ذھن ۾ ڪر موڙيندڙ اڻڳڻ سوال کنيو، اوھان جي آڏو بيٺو آھيان. آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ وڪيلاڻي ڌنڌي جا اخلاقي قدر ڪھڙا ھوندا آھن، پر اھي پڪ ئي ان سماج جي قدرن کان مختلف ٿي نہ ٿا سگهن، جنھن جو اھي حصو آھن. انھي نسبت سان اھا مون لاءِ ڏاڍي جائز ڳالھہ ھوندي، تہ آءٌ پنھنجي مٿان مڙھيل ”جبر“ ۽ ”تشدد“ جي جيئرن ڏيکن، انھن صفائي-وڪيلن جي ڪردار جي ڳالھہ ڪريان. انھن جو ھيءُ ڪردار اھڙو آھي، جو ان جي ڪري مون پاران انھن تي کُلي عام بي يقينيءَ ۽ بي اعتباريءَ جي اظھار واري ڳالھہ تي مڪمل تصديق جي مھر لڳي ٿي.
مسٽر جالپ جڏھن کان پنھنجي ”ذاتي ھام“ موجب منھنجي صفائي-وڪيل جو جُبو پھريو آھي، ان وقت کان وٺي لاڳيتو فريادي ڌر سان پڪنڪ تي رھيو آھي. رڳو فريادي ئي نہ، ھُو فرياديءَ جي شاھدن، ھن ڪيس جي جاچو آفيسرن ۽ آرميءَ جي ليگل برانچ جي ان ليفٽيننٽ ڪرنل (نسيم) سان گڏ بہ وندر ورونھن ڪندو رھيو آھي جنھن پنھنجي قانوني حيثيت ۽ مرتبي کان مٿي ٿيندي، اٽڪ قلعي جي ڪوٺڙيءَ کي پنھنجن اڌ-رات وارن ڇاپن وسيلي کوجي کولين ۾ بدلائي رکيو ھو. انھن ڇاپن ھلندي ھن ظلم، جبر، لالچ ۽ انعام جي ڌمڪين ۽ واعدن وسيلي ڪيترن ئي تھمت لڳل آفيسرن کي سلطاني شاھد ٺاھڻ جون ناڪام ڪوششون ڪيون ھيون. منھنجي صفائي-وڪيل جون ھُن طرف وارن سان مانيون، راتيون ۽ ياري باشي بھرحال اھڙي ناھي جو آءٌ ان جي اونھاين ۾ وڃان، نہ ئي وري آءٌ اھو ورجاءُ ضروري ٿو سمجهان تہ ھن ماڻھوءَ ايندي شرط پھرين ڏينھن کان منھنجي خلاف توھان جا ڪَن ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. اھو سچ آھي تہ مون کي ھن تي ڀروسو ناھي. مون ھن کي قانون ڄاڻندڙن جي پيشي جي اخلاقي قدرن جي ياد ڏياري ھئي ۽ ھن کان کوڙ ڀيرا پڇيو ھو، تہ نيٺ منھنجي مرضيءَ خلاف وٽس منھنجي صفائي-وڪيل طور اچڻ جو ڪھڙو قانوني يا اخلاقي سبب ھو؟ پر اھو تہ آءٌ کيس وک وک تي ياد ڏياريندو رھندس. جيڪڏھن ھن ماڻھوءَ کي ”ڪاري پَڙي“ وسيلي پنھنجن ٻارن جو پيٽ پالڻو آھي، تہ آءٌ بہ ھڪ خوددار ماڻھو آھيان. مون کي بہ پنھنجي ”خوديءَ“ جي سنڀال ڪرڻي آھي ـــــ مون کي افسوس آھي تہ مون کي ھن بابت اھو سڀ ڪجهہ چوڻو پيو آھي، پر مون وٽ ڪا ٻي واٽ بہ تہ ڪو نہ ھئي. ان قطعي ھوند جي ڳالھہ ڪرڻ کان پوءِ آءٌ اھو توھان تي ڇڏيان ٿو تہ ھاڻي پاڻ اھو فيصلو ڪيو تہ مسٽر جالپ کي منھنجي صفائي-وڪيل جو ٻھروپ ڀري رکڻ گهرجي يا موٽي وڃڻ گهرجي.
4) ڏاڍي پراسرار نموني 12-مارچ 1985ع تي سرڪار منھنجي ھڪ تھمت لڳل ساٿي نمبر-3 تي وڌيڪ مھرباني ڪندي، اڃا بہ ھڪ ٻي صفائي-وڪيل کي مقرر ڪيو ھو. ان جا ڪارڻ اڃا سوڍو ڳجها آھن. منھنجي لکيل نامنظوريءَ باوجود نئين صليبي مجاھد چوڌري غلام احمد بہ اُن ”رياست“ خلاف منھنجي بچاءَ تي سندرو ٻڌو جنھن جو ھُو ذاتي طرح پاڻ دلال آھي. ھن ڪيس جي وڏي مياريءَ جي حيثيت ۾ اھو منھنجو حق آھي تہ آءٌ توھان کان پڇان تہ ”سرڪار“ نيٺ ڪھڙي نيت سان ۽ ڪھڙا مقصد پورا ڪرڻ لاءِ ڇو ۽ ڪنھن لاءِ ان انوکي ڏاڍ ۽ ڏمر تي ٻڌل ھن انتھائي قدم جو فيصلو ڪيو آھي؟ توھان مون کي اھو بہ ٻڌائيندؤ تہ نيٺ ھن ڪيس ۾ رياست آھي ڪير؟ ــــ اھا ڪير آھي جنھن جي پراسرار مقصدن جي نوڪري اھي شرفا ڪري رھيا آھن.
5) آءٌ احترام سان توھان جو ڌيان ان حقيقت ڏانھن ڇڪائڻ گهران ٿو تہ ھنن سترھن ”تجريدي مھانڊن“ جي نالي تي اڳ ئي ظلم جي انتھا ڪئي وئي آھي. اھو ظلم رڳو انھن تي ئي ڪو نہ ٿيو آھي پر انھن جي گهر وارن ۽ انھن سڀني قيدين تي بہ ٿيو آھي جن کي نيٺ ھنن ڪال ڪوٺڙين مان ڪڍي، ”غلاميءَ واري دَور“ جي يادگار ھن قلعي جي اوچين ڪوٽن کان ٻاھر موجود ڪنھن وڏي جيل ۾ موڪليو ويو.
سائين منھنجا! منھنجي مدد ڪريو. منھنجي مدد ڪريو، اھو ڄاڻڻ ۾ تہ ڇا ھن رياست تي ان جي شھرين جا بہ ڪجهہ حق ڪڏھن ھئا بہ يا ... جي تھہ خانن (بُھرن) کان ھن قلعي تائين انھن ماڻھن جي مقدر ۾ اقتدار جي بکين ھنن قوتن جي ھوس جو چارو ٿي رھڻ لکيل ھو جيڪي ظاھري طرح نظر نہ ٿيون اچن پر جيڪي در اصل پنھنجي ذات ۽ وجود ۾ مڪمل رياست آھن ــــ اھا رياست جيڪا صليب تي لڙڪيلن کي ٽنگڻ کان نہ ٿي ڪيٻائي، جنھن ۾ ھمت ۽ ايمان جي ايتري رتي بہ ڪونھي، جو سج جي روشنيءَ ۾ ڪيل پنھنجن ڪيترن ئي ڪمن، مثال طور، ھن ئي صادق ھال ۾ ريڪارڊ ڪيل اسان جي سمري آف ايويڊنس جي وجود جو ئي اعتراف ڪري ھا! اھا رياست جيڪا آئين کان مٿاھين حڪم نامن جا ”ڦٽڪا“ ھٿن ۾ ھئڻ باوجود ايترڙي ھمت ۽ حوصلي جي مالڪ بہ ڪو نہ ھئي، تہ اسان جي ايس آءِ بِي ۽ قيد ۽ انھن جي ئي ھٿان جاچ پڇا جو اقرار ئي ڪري سگهي ھا.( 4) اھا رياست جنھن ۾ عدالتي جنگ( 5) جو سڄو دارومدار لفظن جي ھيراڦيريءَ ۽ جوڙتوڙ تي ھو.
جنھن لفظ انويسٽِيگيشن کي لفظ انٽوگيشن ۾ بدلائڻ لاءِ سِر ڌڙ جو سودو ڪري ڇڏيو ھو، اھا رياست جيڪا پنھنجي ئي لکرايل ايف آءِ آر جي تقدس کي رڳو پنھنجا ڏوھہ لڪائڻ لاءِ راڄڌانيءَ جي تحفظ جي ڪُوڙي نالي ۾ لتاڙي ڇڏي ٿي، اھا رياست جيڪا ان قسم جي اڻڳڻ ۽ ھاڻي عالمي سطح تي مڃيل سچاين ۽ حقيقتن کان شرم جھڙو انڪار ڪري پنھنجي لاءِ ذلت جو سامان تہ مھيا ڪري ٿي، پر ڪيڏي نہ ستم ظريفي آھي جو ھن جو پنھنجن پيرن-ٻڌل انھن سڀني شھرن جي ”باجماعت ڏوھہ باس“ تي ايترو ئي ايمان آھي جيترو انھن مڃيل حقيقتن جي انڪار تي زور! آءٌ ڀلا ڪيئن ان رياست جي ڀاڙيتو سپاھين کي پنھنجو صفائي-وڪيل مڃان؟ سڄي زندگي مون نظرياتي، جذباتي ۽ جسماني طرح ان رياست سان وفا جو نينھن نڀايو آھي جيڪا 14-آگسٽ 1947ع تي وجود ۾ آئي ھئي. آءٌ ان رياست لاءِ جنگ ۽ امن جي ڏينھن ۾ وڙھيو ۽ جيئو آھيان جيڪا پنھنجن ٻارن ۾ سچائي ۽ وفا، بي غرضي ۽ خلوص، ھمت ۽ دليري ۽ ڪردار جي انھن سمورين اوچاين تي واڌ ويجهہ لاءِ وجود ۾ آئي ھئي جن تي انسانيت تي فخر ٿي سگهي ٿو. اڄ آءٌ اوندھہ ۾ مٿو ڦاڙي رھيو آھيان. منھنجي مدد ڪيو، مون کي سمجهڻ ۾ مدد ڏيو، اھو ڏاکڙو منھنجي سمجهہ کان ٻاھر آھي، آءٌ ان کي سمجهي نہ سگهندس!
6) اڄ آءٌ آزمائش جي ڦاھي گهاٽ تان ھڪ اھڙي قانون، اڃا بہ حڪم نامي ھيٺ لنگهي رھيو آھيان جيڪو شريعت ۽ قانون، ۽ قرآن ۽ سنت کان مٿاھون آھي، جيڪو آئين کان مٿاھون آھي، جيڪو رياست جي وجود کان مٿاھون آھي ــــ ان رياست جي وجود کان، جيڪا اسان جي قائد شھري آزادين جي نالي تي گهڙي ھئي! جڏھن انھن خوبصورت نظرين بابت سوچيان ٿو جن جي نالي تي ھِي ملڪ وجود ۾ آيو ھو ۽ پوءِ پاڻ مٿان گذريل ڏيڍ سال جي حياتيءَ سان ان جي ڀيٽ ڪندي منھنجي نظر پنھنجي سامھون ويٺل ھنن صفائي وڪيلن جي ڪارن ڪوٽن تي پوي ٿي، تہ مون کي ايئن ٿو لڳي ڄڻڪ آءٌ بي گهر ٿي ويو آھيان، منھنجي رياست منھنجو ملڪ مون کان کسجي ويو آھي، مون وٽ ڪنھن ملڪ جي شھريت ڪونھي، آءٌ ڪنھن ملڪ جو رھاڪو ئي ناھيان ــــ آءٌ ”بِھاري“ ٿي ويو آھيان. پر جيڪڏھن منھنجا اھي خدشا بي بنياد آھن تہ پوءِ اڄوڪي ھيءَ مھربان رياست جنوري 1984ع جي سرد راتين ۾ ڪٿي ھئي جڏھن آءٌ لباس کان آزاد رڳو سنگهرن ۾ ڍڪيو ھڪ اھڙي زمين ھيٺ ”گڏي“ ۾ نيم بيھوش پيو ھوس جنھن کي ڄاڻي ٻجهي ٿڌي پاڻيءَ سان ڀريو ويو ھو ۽ جنھن جي رڳو ڌپ ئي ھڪ ماڻھوءَ جي موت لاءِ کوڙ ھئي. ان ڏينھن ھيءَ رياست ڪٿي ھئي جڏھن منھنجو ٽن ورھين جو پٽ حسن مون کان رڳو ڪجهہ سؤ وال پري رت ۾ وھتو ھڪ سرجن جي ميز تي حياتيءَ جا آخري ساھہ کڻي رھيو ھو ۽ منھنجا گهر ڀاتي ھن ملڪ جي ”خدا“ ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز انٽيليجنس کان وٺي ڊائريڪٽر ملٽري انٽيليجنس، ايڊجوٽنٽ جنرل ۽ اسلام جي سڀني قلعن جا دورازا رڳو ان ڪري کڙڪائي رھيا ھئا، تہ ڦاھيءَ جي چائنٺ ڏانھن وڌندڙ پيءُ جي موت جي چائنٺ تي پھتل پٽ سان آخري ملاقات ڪرائي وڃي. اھا ملاقات منھنجي لاءِ تہ قطعي ضروري نہ ھئي، جو منھنجي لاءِ اھو حسن وسيلي حسين سان وَچن پاڙڻ جي نئين سر قبوليءَ جو ھڪ سھڻو وجهہ ھو، اھا ملاقات تہ رڳو انھن ٻارن ۽ عورتن جي آٿت جو ڪارڻ ٿئي ھا جيڪي ان ٽن ورھين جي شھيد چوڌاري گڏ ٿيا ھئا، پر جهانگير جي محل جون گهنڊڻيون نہ وڳيون. اھي دروازا جيڪي تصديق ٿيل زناڪارن، ھن قوم جي لڄ ۽ لوئيءَ جي شڪارين ۽ گهرن جي چار ديوارين کي کاٽ ھڻندڙن لاءِ ڏينھن رات کليا رھندا ھئا، نہ رڳو ان عورت لاءِ بند رکيا ويا پر ڪيتريون ئي رابعائون ۽ مريَمُون جن کي ”نازين“ جنوري 1984ع جي دھشتناڪ راتين ۾ يرغمال ڪيو ھو، اسلام جي قلعن جي انھن تالابندين جو شڪار ٿيون.( 6)
ڇا ھِن رياست ۽ ان ۾ نافذ ھن نظام جي نالي تي، جنھن کي ان جو علمبردار ضياءُ بذات خود ھڪ لعنت سڏي ٿو، توھان اڃا بہ مون کي انھن ٻن ڌارين خلاف ڪنڌ جهڪائڻ جو حڪم ڏيڻ پسند ڪندؤ؟
عدالت جا صاحبو! مون کي اھو سڀ ڪجهہ سمجهڻ ۽ ڄاڻڻ ۾ مدد ڏيو، آءٌ ”شين جي ڄاڻ“ ۾ اڃا بہ ڏاڍو ڄَٽ ۽ چَٽ آھيان.
7) رياستي ڀاڙي ۽ مسواڙ تي آندل ٻي صفائي-وڪيل پنھنجي غير اخلاقي ۽ غير قانوني حيثيت جو سبب مون کي اهو ”لالي پاپ“ (کٽمٺڙو) ڏئي ڪيو، تہ ھو منھنجو بچاءُ ايئن ڪندو جيئن ڪو پيءُ پنھنجي پٽ جو ڪري سگهي ٿو. بيشڪ ھيءَ ”گاڊ فادرز“جي مند آھي،( 7 ) ڪو انھن تي ڀروسو رکي يا نہ، سندن مقدس، الھامي ۽ خدائي درجا ۽ مرتبا پنھنجي جاءِ تي ھڪ اٽل حقيقت آھن. خدايا! ھنن وڻ ويڙھين ھنن باغن ۾ ڪو ھڪ وڻ بہ تہ سائو ستابو رھڻ نہ ڏنو آھي!
7) اھا صورتحال آڏو رکندي، آءٌ ھن معاملي ۾ ”عدالت“ پاران مدد ۽ ”ملم پٽيءَ“ جي وينتي ڪريان ٿو. اھي صفائي-وڪيل جيڪي ڪڏھن بہ شھري آزادين جا چيمپئن نہ رھيا آھن، پنھنجي ڌنڌي جي اخلاقي قدرن کان کليل انحرافي ڪندي پنھنجن مفادن لاءِ اھا ”مورچي بندي“ ڪري رکي آھي ــــ ان کان بہ گهڻو وڌيڪ، اھي ھڪ ستايل ماڻھوءَ جي احساسن جي بدترين بي عزتي ڪندڙ ٿيا آھن. جن حالتن مان لنگهي آءٌ ھن عدالت جي بند ڪمري تائين پھتو آھيان، اھي ھر ماپي موجب ڏاڍا غيرمعمولي ھئا. انھن وڪيلن جو ”چـمـڙن“(8) جيان منھنجي مٿان زوري مڙھيو رھڻ، نہ رڳو منھنجن ڦٽن جِي بي عزتيءَ پر انھن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آھي.
آءٌ اوھان کان انصاف ۽ انساني حقن جي نالي تي انھن کي ھڪدم ڊِسمس ڪرڻ جو مطالبو ڪيان ٿو، تہ متان، ان سلسلي ۾ توھان کي ڪجهہ خدشن گهيري ۾ رکيو ھجي. آءٌ ھن موقعي تي اھو بہ عھد ڪريان ٿو تہ صفائي-وڪيل جي اڻ موجودي ۾ بہ جيڪا سزا توھان تجويز ڪندا، آءٌ ان کي عزت ۽ مانَ سان قبول ڪندس. ان معاملي ۾ مون کي ڪو بہ پڇتاءُ نہ ٿيندو، ڇو تہ آخري ڇنڊڇاڻ مطابق منھنجي دل ۽ روح جو پھريون ناتو اڃا بہ ”يونيفارم“ سان آھي، باقي سڀ ناتا پوءِ آھن.

اٽڪ قلعو ميجر آفتاب احمد
19-مارچ 1985ع (وڏو تھمت-لڳل)

(نوٽ منھنجيءَ ھن درخواست باوجود، اھي وڪيل منھنجي نالي تي ڪيس وڙھندا رھيا جن سان مون ڪڏھن ڀلجي بہ، لفظ بہ نہ ڳالھايو.)

_________
( 1) مسٽر عباسيءَ کي هنن انھن ڏينھنِ ۾ پنجاب ۾ اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل جو عھدو ڏنو ويو جنھن لاءِ کيس ترت ئي وڃڻو پيو. شھري آزادين جو تصور ته هاڻي هن ملڪ ۾ هڪ خواب، ڌوڪو ٿي پيو آهي.
(2 ) پوءِ جڏهن مون اهو موقف ورتو ته جيڪڏهن سرڪار کي واقعي سرڪاري وڪيل مون مٿان زوريءَ مڙهڻو آهي، ته پوءِ ڪو غير جانبدار ۽ شھري آزادين جي حقن جي سلسلي ۾ ڪنھن ڄاتل سڃاتل ماڻھوءَ کي مقرر ڪري. ان درخواست ۾ مون پنھنجي ڀيٽ سک فضائي قذاقن (يا حريت پسندن؟) سان ڪئي هئي، جن کي انتھائي وڏن وڪيلن جو پئنل سرڪار پاران مھيا ڪيو ويو هو. بھرحال، منھنجي اها درخواست مقبوضه پنجاب جي گورنر رد ڪري ڇڏي.
(3 ) قرارداد مقاصد کي انھن ئي ڏينھنِ ۾ آئين جو حصو ٺاهيو ويو هو.
( 4) سمري آف ايوِيڊنس (ثبوت طور مھيا ڪيل حقيقتن جو تت) ۽ ايس آءِ بي پاران جاچ پڇا ۽ قيد ٻنهي معاملن بابت اسان جِي ايڇ قيو (جنرل هيڊقئارٽرز) کي پنھنجن حڪمن جون فوٽو ڪاپيون مھيا ڪيون، پر ان هوندي به پاڪستان جا فاتح جنرل انھن جي وجود کان انڪار ڪندا رهيا.
( 5) مون کي پڪ آهي ته جيڪڏهن اسان جو جِي ايڇ قيو ايترو ڌيان ۽ قوت ڀارت تي ڪنھن هڪ جنگ ۾ ئي ڏي ها ته گهٽ ۾ گهٽ بياس نديءَ جي ڪنارن تائين ضرور پھچي ها.
( 6) رابعه طاهر ۽ مريم عابد اسان جون ٻه مظلوم ڀينرون، جن مان پھرينءَ کي ڏيڍ سال ۽ ٻيءَ کي ڇهه مھينا قلعن ۽ جيلن ۾ يرغمال طور رکڻ کان پوءِ ماٺ مٺيءَ ۾ ڇڏيو ويو.
(7 ) جنرل ضياءَ انھن ئي ڏينھنِ ۾ پنھنجيءَ زبان سان، پنھنجيءَ قوم لاءِ، پنھنجي گاڊ فادر (God Father) هئڻ جو اعلان ڪيو هو. اهو شايد سندس نئين ’آئيني پوڪر‘ جي نسبت سان هو.
( 8) زباني چيل هي لفظ مون مارشل لا ۽ ”ذاتي مجبورين“ جو شڪار وڪيلن جي دل ڏکائڻ جِي تلافيءَ طور پاڻ ئي موٽائي ورتا. عدالت جي صدر به، جيڪو ذاتي طرح پاڻ شريف ماڻھو هو، مون کي ايئن ڪرڻ لاءِ چيو.

شاهدن جي وچور ــــ شاهديءَ جو تَتُ

اسپيشل ملٽري ڪورٽ نمبر 64، اٽڪ قلعو،
جي سامھون

شاهدن جي وچور ــــ شاهديءَ جو تَتُ
حوالو: ميجر آفتاب ۽ ٻين سورھن تي رياست جو ڪيس

1) توھان جي سَڌ موجب، اڄ آءٌ پنھنجي صفائيءَ جي شاھدن جي ابتدائي وچور توھان آڏو پيش ڪري رھيو آھيان. روايتن جي ابتڙ ھڪ تھمت لڳل جي حيثيت ۾، پنھنجي صفائيءَ جي شاھديءَ جو تفصيلي تت بہ ھتي کُلي عام پيش ڪرڻ جي ھمت ڪري رھيو آھيان. اھا روايت شڪني، اھو غير معمولي قدم، آءٌ ان ڪري کڻي رھيو آھيان جو منھنجي ايمان ۽ عقيدن جي پاڙُن ھڪ ڏينھن سھڻي ڳوٺ (کاريان) جي کليل کيتن ۾ جنم ورتو ھو. اڄ جيڪڏھن منھنجيءَ دل ۽ روح ۾ سوڙھين ٻوساٽيل ڪوٺڙين ۽ ”بند ڪمرن“ جي خلاف شديد نفرت آھي تہ اھا انھن ئي ويڪرين واڙين جي ڏيا آھي. اھا نفرت مون کي منھنجي علمي ماءُ ۽ ان شھر (اسلاميه ڪاليج سول لائينز لاھور) کان بہ ورثي ۾ ملي آھي جتي 23-مارچ 1940ع تي جناح برطانيا-راڄ خلاف ڳاٽ اوچو ڪري ھڪ آزاد رياست جو مطالبو ڪيو ھو. اھا رياست جنھن پوءِ ناٽ (Knot) محل وائسريگل لاج جي بند ڪمرن ۾ ڪنھن ڳجهي ڪارروائيءَ جي نتيجي ۾ نہ، پر لکين لاشن ۽ ڪروڙين ڌڙڪندڙ اميدن جي وجود تي جنم ورتو ھو. اھي اميدون ھڪ اھڙي آئيندي لاءِ ھيون جيڪو ماڻھوءَ ھٿان ماڻھوءَ جي ڦرلٽ کان پاڪ ھجي، جيڪو بند ڪمرن جي سازشن کان آزاد ھجي. ھڪ اھڙو آئيندو جيڪو اڌ رات جي ڇاپن ۽ ڪارن قانونن جي موتمار چنبن کان محفوظ ھجي. ھڪ اھڙي رياست جيڪا پنھنجي تحفظ ۽ سلامتيءَ جي نالي تي بہ ڪڏھن اجتماعي اذيت گهرن جا ليسن جاري نہ ڪري. اھا رياست جيڪا ”يھودين جا انھن قئارٽرن“ ۽ ”گئس چيمبرن“ جي اڏاوت جي موڪل نہ ڏيندي جن ۾ منھنجا ھِي سورھن ساٿي ۽ اڻڳڻ ٻيا لکين ھڪ وڏي عرصي کان سڙي رھيا آھن، پنھنجي شاھديءَ جي راز کي ھيئن ظاھر ڪندي، آءٌ فريادي ڌر جي وڪيلن ۽ ھن رياست کي، جيڪي چور ڪمرن جي ڪاررواين تي پلجي رھيا آھن، جيئڻ جا نوان ڍنگ سيکارڻ گهران ٿو. اھڙيءَ طرح اڄ آءٌ سڄي رياستي ڍانچي کي کُلي عام للڪاري رھيو آھيان، تہ جيئن ان کي پنھنجي جوابي حملي ۽ جنگي ميدان جي چونڊ جي پوري آزادي مليل ھجي. ان سان گڏ ئي آءٌ فريادي ڌر جي وڪيلن ۽ رياست کي اھو اڻلڀ وجهہ ڏئي رھيو آھيان تہ ھوءَ منھنجن شاھدن مان جنھن کي چاھي، جيترن کي چاھي، مون کان ٽوڙي وٺي، جيتوڻيڪ منھنجي سوچ موجب، منھنجا اھي سمورا شاھد ھڪ ”ڪردار“ جا مالڪ ضرور آھن.
2) سرڪار جر خصوصي وڪيل اسان کي فريادي ڌر جي شاھدن جو انتھائي مختصر خاڪو مھيا ڪري ڏاڍي ”فراخدليءَ“ جو ثبوت ڏنو ھو. جيتوڻيڪ ھاڻي اھو سڀ ڪجهہ عملي طرح رد ٿي چڪو آھي. بھرحال جڏھن آءٌ انھيءَ ”فراخدليءَ“ جي ھن ملڪ جي سڀني پوليس ٿاڻن ۽ ملٽري ۽ سول انٽيليجنس جي پھرن ۾ جاچ پڇا ھيٺ ٻين سازشي ڪيسن، ملڪ جي سڀني جيلن ۽ قلعن ۾ ھلندڙ ھنن ڪيسن جي حالتن سان ڀيٽ ڪيان ٿو، تہ آءٌ پاڻ کي فريادي ڌر جي وڪيلن جي ان ”رد ڪيل“ خاڪي لاءِ ٿورائتو سمجهان ٿو. اھا ٻي ڳالھہ آھي تہ ٽين دنيا جي ڪنھن بہ پناشي تاناشاھي جي اسلامي يا عوامي ريفرنڊم ۾ حاصل ڪيل 93.75 سيڪڙو ووٽن جيان(1) فرياديءَ جون سموريون شاھديون ھاڻي پامر لائينز جي قبرستان مان ڪڍيل انھن مَنڊن رُونڊن تھمت لڳلن جي زوريءَ باسرايل بيانن تائين محدود رھجي ويون آھن. جيتوڻيڪ انھن سڀني تھمت لڳلن پنھنجي پنھنجي قبر مان نڪرڻ کان پوءِ مرزا ڪرم الاھي بيگ جي عبادت خاني ۾ زوريءَ باسرايل سمورن گناھن ۽ ڏوھن کان مڪمل انڪار ڪري ڇڏيو ھو. ان ھوندي بہ اھي بيان ڪتب آندا پيا وڃن. اھا بہ ڏاڍي دلچسپ ڳالھہ آھي تہ فرياديءَ جا ڄاڻايل لڳ ڀڳ 99 سيڪڙو شاھد واپسيءَ جي واٽ وٺي چڪا آھن. تازو ئي مون ھڪ ڏنڊي مُسٽنڊي ڪرنل کي ”بيماريءَ“ جي بھاني قلعي ۾ موجود حمزه ڪمپنيءَ جي بيرڪن مان نڪري ڀڄندي ڏٺو. جيتوڻيڪ منھنجن ڪجهہ سنگتين جي دعويٰ آھي تہ انھن ڍاڪا جي جنگي ميدان ۾ ڪيترن ئي جنرلن (ميجر جنرل رحيم خان ۽ سندس ساٿين) کي پنھنجون مائرون ڀينرون دشمن جي رحم ڪرم تي ڇڏي برما ڏانھن ڀڄندي ڏٺو ھو، پر ان سلسلي ۾ منھنجو ذاتي تجربو ڪرنل جي عھدي تائين محدود آھي. 1971ع جي جنگ ۾ آءٌ بھرحال ھڪ ڀاڄوڪڙ ڪرنل کي پنھنجي اسٽين گن جي نال جي زور تي مارايل دفاع ۾ موٽائي وٺي آيو ھوس، پر آءٌ فرياديءَ جي ڀوڄوڪڙ ڪرنل کي پڪڙي نہ سگهيس، جنھن جي ڀاڄ ۽ پسپائيءَ کي ھن رياست جي عدل ۽ انصاف جي توبن جو حفاظتي ڇاتو ۽ فائر مليل ھو. آءٌ معذرت گهران ٿو، ھن موقعي تي آءٌ ان ڀاڄوڪڙ ڪرنل اشرف سان پنھنجن سڃاڻپو گفٽن جو ذڪر ڪرڻ بنا رھي نہ ٿو سگهان. جاچ پڇا ھلندي پھريون ڀيرو سامھون ٿيڻ تي ھن مون کي ”گارين“ سان نوازيندي چيو ھو تہ ”اھو ڪيئن ممڪن آھي تہ تون ڪرنل اشرف تِڏي کي نہ ٿو سڃاڻين، جنھن کي سڄي فوج سڃاڻي ٿي ۽ جنھن وٽ ھڪ سؤ قتلن جو ليسن موجود آھي“ ــــ ان جي نائب ھيئن چيو: ”ڪرنل پاڪستان انٽيليجنس جو اڪيلو (مڃيل) جلاد آھي“ ـــــ ٻڌل پيرين جديد ۽ قديم اذيتي مشينن آڏو بيٺي بيٺي مون ان دھشتي رات ھن سھڻي دنيا کي عملي طرح خدا حافظ چئي ڇڏيو ھو. ھاڻ جڏھن توھان اسان کي ھن ”بند ڪمري“ ۾ ڪجهہ تازي ھوا مھيا ڪئي آھي، مون کي اھو چوڻ جي موڪل بہ ڏيو تہ نازين خلاف فرانس جي ڳجهي رنڊڪ تحريڪ جي ڪنھن انتھائي دلير ميمبر کي بہ ليؤن جي ڪاسائي (Butcher of Leon) ايڏي ھيبتناڪ صورتحال سان واسطو نہ پيو ھوندو. آءٌ وائڙو ۽ موڳو ٿي پيو آھيان تہ حالتون اھو ڪھڙو گس پيون وٺن! بئنڊياجن سان اعلان ڪيل فريادي ڌر جي 64 شاھدن مان 47 جي ڀاڄ کان پوءِ ھاڻي رڳو 17 شاھد رھجي ويا آھن ۽ اھي 17 شاھد توھان جي آڏو موجود ھنن 17 تھمت لڳلن ۽ انھن جي زوريءَ باسرايل بيانن کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نہ آھي. اھا ڏاڍي ڪڙي حقيقت آھي، معزز عدالت، تہ ھاڻي توھان کي اسان جي شاھدين جي بنياد تي ئي اسان کي سزا ڏيڻي پوندي! آءٌ توھان آڏو ريفرنڊم ۽ شاھدين جي سلسلي ۾ بيان ڪيل حساب ڪتاب ۽ شرح في سيڪڙو جو قصو ڇيڙڻ لاءِ معافي گهران ٿو.
مون کي ذاتي طرح پاڻ ”حساب جي ڄاڻ“ سان ڪڏھن بہ دلچسپي نہ رھي آھي. اھو تہ ڪجهہ مھينا اڳ ٿيل اسلامي ريفرنڊم جي سلسلي ۾ ئي مون کي ان علم جي معجزن جو احساس ٿيو آھي. آءٌ حياتي ۾ شايد پھريون ۽ آخري ڀيرو انھن جو ذڪر ڪري ويٺو آھيان.
3) مھرباني ڪري منھنجي بچاءَ ۽ صفائيءَ لاءِ ھيٺ ڏنل ماڻھن جي شاھديءَ لاءِ سمن جاري ڪري ڇڏيو. مون کي اميد آھي تہ اھي سڀ ماڻھو ”تذڪيت الشھود“ تي ٺھڪي ايندا. انھن مان ٻن کان سواءِ باقي سڀني بابت ٻڌو اھو آھي تہ ”سچا مسلمان“ آھن تنھنڪري اھي پڪ ئي قرآن الحڪيم جي لفظن ”شاھدي تہ لڪائيندا“. منھنجو انھن مان گهڻن سان ذاتي لاڳاپو رھيو آھي ۽ اھي سڀ انشاءَ ﷲ ھيٺ ڏنل تفصيلن مطابق شاھدي ڏيندا.
(1) جنرل محمد ضياءُ الحق: اسلامي جمھوريہ جو چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ھيٺ ڄاڻايل معاملن بابت شاھدي ڏيندو:
الف: آزاد ڪشمير جي گاديءَ مظفر آباد ۾ ٿيل ٻہ واقعا جن بابت مون جنرل ضياءَ کي ھاڻي ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ ۽ ھن ڪيس جي وڏي جاچو آفيسر ليفٽيننٽ جنرل اختر عبدالرحمان خان جي موجوديءَ ۾ ٻڌايو ھو تہ جنرل اختر اسان جي پيشہ ورانہ زندگيءَ سان لاڳاپيل انھن اھم واقعن بابت جنرل ضياءَ ان وقت چيف آف دَ آرمي اسٽاف سان ڪوڙ ۽ غلط بيانيءَ کان ڪم ورتو ھو، ۽ اھو تہ مون وٽ ان غلط بيانيءَ جو دستاويزي ثبوت موجود آھي. جنرل ضياءُ ٻڌائيندو تہ ان وقت چوري پڪڙجڻ سبب جنرل اختر عبدالرحمان جو ظاھر ردعمل ڪھڙو ھو. ھڪ ”قدسي مسلمان“ جي حيثيت ۾، ھو اھو بہ ٻڌائيندو تہ ھڪ ڪئپٽن (ھاڻي ميجر، آفتاب) ۽ ھڪ ميجر جنرل جي وچ ۾ ان قسم جي ڪڙاڻ جو وجود مستقبل ۾ ان ڪئپٽن لاءِ ڪھڙن تباھہ ڪُن نتيجن جو پيغمبر ٿي سگهي پيو. شايد ان معاملي ۾ ھُو ڀارتي جنرل جگجيت سنگهہ اروڙا جا پاڪ آرميءَ جي ڪپتانن ۽ جنرلن بابت ڪجهہ تاثر بہ ٻڌائيندو.(2)
ب: ھُو ان ڳالھہ جي بہ تصديق ڪندو، تہ ھڪ موقعي تہ مون سندس موجوديءَ ۾ انٽر سورسز سليڪشن بورڊ ۾ (جيڪو اسان جي ٽنھي بَري، بحري ۽ فضائي سروسز جي آفيسرز ڪور جو ماءُ ادارو آھي) ايئر چيف مارشل محمد انور شميم کي چيو ھو تہ ھاءِ ڪمان ھن اھم ترين اداري کي ڏوھاري نموني لاڳيتو نظرانداز ڪيو پئي اچي ۽ جيستائين ان جو معيار ايترو اوچو نہ ٿو ڪيو وڃي جو اھا شاھي ۽ جنرلي ڄاٽن لاءِ ناقابل قبول ٿي سگهي، ان جي چونڊ جو معيار ۽ نتيجي ۾ ھٿياربند فوجن جي آفيسرن جو ڪرندڙ معيار اوچو نہ ٿو ڪري سگهجي، جنرل ان افسوس جھڙي حقيقت جي بہ تصديق ڪندو تہ ان موقعي تي ھن جيڪي ”ھڪ سَؤ“ تعميري ۽ تفصيلي حڪم ان اداري جي بھتريءَ لاءِ ڏنا ھئا، اڄ تائين انھن مان ڪنھن ھڪ تي بہ عمل ڪو نہ ٿيو آھي.
ٻ: جنرل تصديق ڪندو تہ ھڪ ڀيري جڏھن مون کيس ٻڌايو تہ مون 1971ع جي جنگ تي ھڪ ڪتاب جو مسودو ”اردو ڊائجسٽ“ جي ايڊيٽر مسٽر الطاف حسين قريشيءَ کي ڇپائي لاءِ ڏنو آھي، تہ ھن مون کي خفا ٿي ھڪدم اھو مسودو ”ملڪ جي ان بدترين دشمن“ کان موٽائي وٺڻ لاءِ چيو ھو. ان سان گڏ ئي ان مھل اتي موجود جنرل اختر عبدالرحمان کي ھدايت ڪئي ھئي، تہ ھو پڪ ڪري تہ منھنجو الطاف قريشيءَ سان لاڳاپو ھڪدم ختم ٿي ويو آھي. جنرل اختر مون تي چيف پاران انھي غيض ۽ غضب جي نزول تي خوش ٿيندي، پاڻ بہ عجب ظاھر ڪيو ھو تہ نيٺ منھنجو ان ”غُنڊي“ سان ڪھڙو واسطو ٿي سگهي پيو. جنرل اسان کي وطن جي انھيءَ دشمن الطاف قريشيءَ سان پوءِ ملھايل ”ھني مُون“ بابت بہ ٻڌائيندو.(3)
ڀ: جنرل ذاتي طرح پاڻ يا پنھنجي ڪنھن اسٽاف آفيسر وسيلي سندس نالي منھنجو اھو خط بہ پيش ڪندو جنھن ۾ جنگي نڪتهء نظر کان مون خيال ظاھر ڪيو ھو تہ افغانستان ۾ ڪميونسٽ جهيڙي جي ابتدائي ڏينھنِ ۾ اسان جي ھٿيار ٺاھيندڙ فيڪٽرين مان معمولي مدد بہ صورتحال کي بدلائي سگهي ٿي، پر وقت گذرڻ سان اھو مسئلو اسان جي لاءِ ڦاھيءَ جو ڦندو بہ ثابت ٿي سگهي ٿو.(4)
اسان جون اھي ھٿيار ٺاھيندڙ فيڪٽريون جيڪڏھن ان وقت بند رھيون تہ اڄ جڏھن آءٌ ھِي سٽون لکي رھيو آھيان، بدقسمتيءَ سان اھي ھونئن بہ بدترين تالي بنديءَ جو شڪار ٿيو پيون آھن.(5)
ان خط ۾ مون جنرل کي اھو بہ لکيو ھو تہ صدين کان وٺي رتُ اولھہ کان ھيٺ اوڀر ڏانھن وھندو رھيو آھي ۽ ھاڻي وقت ھو تہ ان وھڪري جو رخ بدلائي اوڌر چڪتو ڪئي وڃي. جنرل ضياءَ اھا بہ تصديق ڪندو تہ سوچ جي جنھن اظھار لاءِ ان وقت مون کي ”تنبيھہ“ ڪئي ۽ سزا ڏني وئي ھئي، اھا ئي سوچ پوءِ ايف-16 جي مڱيرن ۽ ”ڪرسيءَ“ جي مضبوطيءَ لاءِ اسان جي قومي پاليسي ٿي پئي؟ ان سلسلي ۾ ھو پڪ ئي پنھنجي پيشرُو جنرل يحى پاران روس جي صدر مسٽر پڊگورني ڏانھن موڪليل ”تنبيھہ نامي“ بابت بہ ضرور ٻڌائڻ گهرندو.
ت: مون کي اميد آھي تہ ھو اڳ ئي ريڪارڊ ڪيل ھڪ حقيقت جي تصديق ڪندو، تہ اھي جنرل ۽ سندس زال شفيقه جنرل ضياءُ الحق نہ، پر ميجر ۽ ان جي بيگم آفتاب ئي ھئا جن ٻن مٿير قومن (سپر پاورز) خلاف پنھنجيءَ نفرت جو اظھار ۽ بي گهر افغان مھاجرن ۽ ڏکاري انسانيت لاءِ ابوبڪر جي روايت جي پوئواري ڪندي پنھنجو گهر آڇيو ھو.
ٿ: جنرل ضياءُ الحق اھو بہ ٻڌائيندو تہ اسان جي قومي وجود جي 38 ورھين ۾ اڄ تائين گهٽ ۾ گهٽ 21 ورھيه ھن ملڪ تي اسان جي ھٿياربند فوجن جو قبضو رھيو آھي. ان ۾ ”نئين پاڪستان“ جي 169 مھينن جي زندگيءَ جا 96 مھينا بہ شامل آھن! سياست جي علم جي ڪنھن بہ تفسير ۽ تشريح موجب حڪومت ڪرڻ جو مطلب سياست ڪرڻ ئي ھوندو آھي. ان ڪري ھو ٻڌائيندو تہ انھن سڀني سالن ۾ اسان جون ھٿياربند فوجون کليو کلايو سياست ڪاريءَ ۾ رڌل رھيون آھن. انھن سببن جي ڪري پاڪ آرميءَ کي خاص طرح ھن ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ سگهاري، سڀ کان وڌيڪ پيداواري ۽ سڀ کان وڌيڪ سخت جان سياسي پارٽي سڏي سگهجي ٿو. جنرل حق پرستيءَ جو مظاھرو ڪندي، ان سچائيءَ جي تصديق ڪندو تہ انھن حالتن ۾ ان جي ڪنھن ماتحت آفيسر يا عھديدار پاران ملڪي سياست تي ڳالھہ ٻول پڪ ئي ڪو ”ڏوھہ“ نہ ٿو چئي سگهجي.
ٽ: جنرلُ ھن عدالت آڏو پنھنجي مجلس شورا ۽ ان عظيم تقرير جو ذڪر ڪندو جنھن ۾ ھن بي مثال ھمت کان ڪم وٺندي، اعلان ڪيو ھو تہ ان جي دَور ۾ رشوت جي بھا 500 ڀيرا وڌي وئي آھي. ”جيڪڏھن اڳي (يعني ڦاھي چڙھيل وزير اعظم جي دَور ۾) ھڪ ڪم لاءِ 50 رپيا لڳندا ھئا، تہ ھاڻي منھنجي دور ۾ ان لاءِ 500 رپيا رشوت ڏيڻي پوي ٿي.“(6)
مون کي پڪ آھي تہ جنرل اسان کي رشوت جي مڏيءَ ۾ اڄوڪي تازي بھا بابت بہ ضرور ٻڌائيندو.
ٺ: جنرل ثابت ڪندو تہ مارشل لا ڪنھن بہ قوم لاءِ بدترين لعنت ۽ برائي ھوندو آھي. ان روشن خياليءَ جو مظاھرو ھو اڄ تائين ڪيترا ئي ڀيرا ڪري چڪو آھي.
ث: سال 1984ع ۾ ڏنل اخباري بيانن ۽ انٽرويوئن وغيرہ جي روشنيءَ ۾ جنرل پنھنجي ان مؤقف تي روشني وجهندو جيڪو ھُن ھِن ”سازش“ ظاھر ٿيڻ جي ابتدائي مھينن ۾ اختيار ڪيو ھو. ان بابت ھن کوڙ ڀيرا اھو اعلان ڪيو ھو تہ ھڪ وڪيل ۽ 24 فوجي آفيسرن ھن يا راڄڌاني ڪا بہ سازش نہ ڪئي ھئي، اھي تہ رڳو ھٿيار جا سمگلر ھئا.
پ: ھڪ تجربيڪار، ٿڌو ڪوسو ڏٺلُ ۽ ڄاتل سڃاتل سپاھي منھنجو چيف ھن سازش جي ڪيس جي حوالي سان ”سازش“، ”بغاوت“ ۽ ”انقلاب“ جي اصطلاحن جي تشريح ڪندو. ھُو حب الوطنيءَ ۽ غداريءَ جي وچ ۾ غداريءَ ۽ انتھائي-غداريءَ جي وچ ۾ ”نازڪ“ ۽ ”سنهڙي“ سرحد جي نشاندھي بہ ڪندو. اھا نشاندھي ۽ وضاحت ھو شايد ”آپريشن فيئر پلي“ واري پنھنجي تجزيي جي روشنيءَ ۾ ڪندو. انھيءَ ئي سلسلي ۾ ھُو پڪ ئي اسان کي ٽوڙيل ۽ پرزا ڪيل قرآني قسمن ۽ واعدن بابت بہ ٻڌائيندو جيڪي ڪڏھن بہ پورا نہ ٿيا.
(2) مسٽر محمد خان جوڻيجو: اسلامي جمھوريہ جو ”وزير اعظم“ ھيٺين معاملن بابت شاھدي ڏيندو:
الف: تہ مارشل لا ۽ ھڪ مھذب شھري حڪومت ڪڏھن بہ گڏ ھلي نہ ٿا سگهن ۽ ھڪ قوم جون پاپولر يا عوامي امنگون ۽ فوجي تاناشاھي نظام بنيادي ۽ فطري طرح ھڪٻئي جو ضد آھن ۽ ھڪ جي بقا لاءِ ٻئي کي ھر صورت ۾ فنا ٿيڻو آھي.
ب: اھو تہ ھٿياربند فوجون نئين ڄاول سياسي نظام (؟) جون ا ڄ بہ سڀ وڏيون حصيدار آھن ۽ آئينده جيڪڏھن اھو ئي نظام ھلندو رھيو تہ انھن جي دائمي سياسي ڪردار کي قبول ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا بہ واٽ نہ رھندي. مسٽر جوڻيجو اھا بہ تصديق ڪندو تہ جنرل، مارشل، ايڊمرل ۽ سپاھي، ھواباز ۽ ملاح يا تہ سڀ ئي سياستدان ۽ سياستڪار آھن يا وردي پوش ڪارڪن!
(3) ليفٽيننٽ جنرل اختر عبدالرحمان خان: ڊاريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ ۽ ھن سازش جي ڪيس جو وڏو جاچ آفيسر ھيٺين معاملن ۾ بيان ڏيندو تہ:
الف: مظفرآباد ۾ چيف آف دَ آرمي اسٽاف جنرل ضياءُ الحق جي موجوديءَ ۾ ظاھر ٿيل واقعا جن جو ذڪر آءٌ اڳ ئي ڪري چڪو آھيان ۽ جن جي نتيجي ۾ ھن مون سان لاڳيتو وير وڌو ھو، مون کي انھن ڏينھن ۾ ”سازشي“ جي لقب سان نوازيو ۽ منھنجي ڏينھن رات جي پورھيي جو ڦل، منھنجي سالياني رپورٽ بہ مسخ ڪري ڇڏي. ھو ان ڌمڪيءَ جو ذڪر بہ ڪندو جيڪا ھن الطاف قريشيءَ کان ڪتاب جو مسودو موٽائي نہ وٺڻ جي صورت ۾ ڏني ھئي ۽ اھو تہ سندس حڪم موجب مون کي ان ”پاڪستان دشمن غنڊي“ سان لاڳاپا ختم ڪرڻا ھئا.
ب: ھو منھنجي ان ”غير سپاھيانہ“ اخلاق جو ذڪر ڪندو جنھن جو مظاھرو مون ھن جي سَڌ تي پلاءَ جي ھڪ ڊش کڻي جنرل ٽڪا خان جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ کان انڪار ڪري ظاھر ڪيو ھو. ٻارھن کن وردي پوش ويٽَرن جي موجوديءَ سبب منھنجي اھڙي انڪار کان پوءِ جنرل پاڻ ڊش کڻي وڃي پري بيٺل جنرل ٽِڪا وٽ پھتو. ھن واقعي ان واقعي (چاپلوسيءَ) جي موٽ ۾ ڪيترائي اعزاز حاصل ڪيا پر منھنجي مقدر ۾ سندس وڌندڙ دشمني ئي لکيل ھئي.
ٻ: ھُو ان واقعي جو بہ ذڪر ڪندو، جڏھن مون سندس سَڌ جي احترام ۾ ھن سان گڏ ان ٽئاليٽ (Toilet) (سينگار گهر ۽ عام معنى ۾ ڪاڪوس خانو يا صفائيءَ جو ھنڌ) جي جنريلي معائني ۾ جنھن جي سياحت لاءِ ڪور ڪمانڊر جنرل آفتاب احمد خان اچڻ وارو ھو، اتي اڏامندڙ ڪجهہ مَکين کي مارڻ کان معذوري ڪئي ھئي. اھو نہ تہ آءٌ ڪو اھنسا جو عامل ھوس پر رڳو ان ڪري جو مکيون مارڻ منھنجي فرضن جو حصو ڪڏھن بہ نہ رھيو آھي. جنرل اڃا بہ ناراض ٿيو. جيتوڻيڪ مکين جي جان بچي وئي پر آءٌ جنرل جي ڄار کان ڪِٿي پئي بچي سگهيس؟
ڀ: ھُو (جنرل اختر) سندس آفيسر ڪمانڊنگ چنار ڊويزن (ڪوھہ مري) جي دفتر ۾ منھنجي ان ”سرڪشيءَ واري“ عمل تي بہ روشني وجهندو جيڪو مون ھن جي ھڪ حڪم جي ناپوئواري ڪري ظاھر ڪيو ھو. ھن مون کي سڏائي ھڪ ڪُلڇڻي برگيڊيئر بابت (جنھن جو انھن ڏينھن ۾ آءٌ ماتحت ھوس) مون کان ڪجهہ تفصيل پڇڻ گهريا ھئا. آءٌ انھن ڏينھن ۾ ان برگيڊيئر سان کليل جنگ جي حالت ۾ ھوس. ان ھوندي بہ مون جنرل (اختر) کي درخواست ڪئي تہ جيڪڏھن ھُو سچ پچ حقيقتون ڄاڻڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو تہ برگيڊيئر کي سڏائي ان جي سامھون ھن بابت ڳالھائڻ جو موقعو ڏي، ۽ اھو تہ آءٌ ڪنھن بہ صورت ۾ برگيڊيئر جي پرپٺ گلا (غيبت) لاءِ تيار نہ ھوس، جنرل ضرور ٻڌائيندو تہ ان سرڪشيءَ تي ھو غيض ۽ غضب جي حالت ۾ اچي ويو ھو ۽ ھن پنھنجي اسٽاف آفيسر ھاڻي برگيڊيئر راٺوڙ کي حڪم ڏنو ھو تہ ھن (ميجر آفتاب) کي ھتي ئي ڊويزن ھيڊ ڪوارٽر ۾ جھليو ۽ منھنجي حڪم نہ مڃڻ جي ڏوھہ ۾ قانوني ڪارروائي شروع ڪيو.
ت: جنرل اختر مظفرآباد ۾ منھنجي خلاف انھيءَ ڪلڇڻي برگيڊيئر جي حڪمن تي ريڪارڊ ڪيل سمري آف ايوِيڊنس جي ڳالھہ بہ ڪندو. منھنجو ڏوھہ چٺو ٽن تھمتن سان شروع ٿيو ھو، جن مان ھڪ مطابق مون ”پانڊو“ جبل(7) تان آيل ڪجهہ آفيسرن کي پنھنجي ڪمري ۾ چانھہ پيئارڻ جو ڏوھہ ڪيو ھو ۽ ٻئي مطابق انھن ئي آفيسرن کي نامناسب وقت يعني منجهند جو ٽين وڳي ميس اسٽاف (ماني ٺاھيندڙن ۽ پھچائيندڙن) کي حڪمن خلاف مجبور ڪري کاڌو کارائڻ جي ”ھمت“ ڪئي ھئي.
جڏھن اھا ”قانوني ڪارروائي“ ڪيترن ئي مھينن کان پوءِ پنھنجي پڄاڻيءَ تي پھتي تہ ڏوھہ چٺي ۾ لڳ ڀڳ ٻارھن ڏوھن جو واڌارو ٿي چڪو ھو جن مان نيٺ ھڪ بہ ثابت نہ ٿي سگهيو. جنرل اختر مڃيندو تہ اھو ئي برگيڊيئر جنھن مون کي ھڪ ڊگهي عرصي تائين ذھني عذاب ۾ ڦاسائي رکيو پوءِ قرآن ھٿ ۾ کڻي پرچاءَ ۽ معافيءَ لاءِ ڊوڙندو رھيو، رڳو ان ڪري جو انھن ئي ڏينھن ۾ ھن جو ميجر جنرل جي عھدي تي پروموشن لاءِ بورڊ ٿيڻو ھو ۽ منھنجو اھو مؤقف تہ ھن ڌانڌلي ۽ ظلم خلاف آءٌ ھاءِ ڪمان تائين ويندس، ھن جي ساڍا ڇھہ فوٽ ڊگهي لاش جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿي پئي سگهيو.
ٿ: ھُو اھا بہ تصديق ڪندو ٺيڪ امن جي ڏينھنِ ۾ ھنن جي ڪمان ھيٺ ھڪ انفنٽري بٽالين جا عھديدار ۽ جوان آزاد ڪشمير جي ھڪ اھم سرحدي پوسٽ کان رڳو ان ڪري ڀڄي آيا ھئا جو سندن اوسي پاسي موجود بدمست ڀولڙن ڀتر ريڙھي ڦٽا ڪرڻ شروع ڪيا ھئا ۽ ھنن سمجهيو ھو تہ ڀارتي فوج سندن پُٺ ۾ پھچي وئي آھي. اھو آءٌ ئي ھوس جيڪو انھن ڏينھن ۾ ”جبل جاچڻ جي سزا“ تي نڪتل ھوس، اڌ رات کا پوءِ ان برف ڍڪيل جبل تي پھتس، جتي مون ڀاڄوڪڙ پوسٽ ڪمانڊر کي پڪڙي، باقي چئن کي زوريءَ ڌڪي وڃي پوسٽ تي قبضو بحال ڪرايو ھو. اھو منھنجو وطن سان پيار ھو، نہ تہ مون کي اختيار نہ ھو تہ ان خطرناڪ صورتحال ۾ انھن غير واسطيدار جوانن سان ڪو اھڙو ناتو جنھن جي بنياد تي آءٌ انھن کي رڍن جيان ھڪلي وٺي وڃان ھا ـــــ اھو ئي وطن جنھن خلاف اڄ مون کي ھڪ دشمن جي روپ ۾ پيش ڪيو پيو وڃي.
ٽ: جنرل اختر ان قرآن حڪيم جو ذڪر بہ ڪندو جيڪو ھن وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي کي ان جي (اقتدار جي) آخري مھينن ۾ پيش ڪيو ھو. مون کي ان لاءِ مظفرآباد مان اخروٽ جو ٺھيل ھڪ سھڻو ”رحل“ ترت آڻي مري پھچڻ جا حڪم ڏنا ويا. جنرل وفاداريءَ جي ان عھد جي ياد تازي ڪندو جيڪو ھن قرآن تي ھٿ رکي وزيراعظم سان ڪيو ھو.
We have been Loyal to you, come what may we shall ever remain Loyal to you.
”اسين اوھان سان وفادار آھيون ۽ ڀلي زمين آسمان اٿلي پوي، پر توھان جا وفادار رھنداسون.“
مون کي پڪ آھي تہ ان ”وفا جي وچن“ کان ڪجهہ ئي مھينا پوءِ پنھنجن خصوصي جٿن سان پرائيم منسٽر ھائوس جو گهيرو ۽ نيٺ 5-جولاءِ جي ٻاٽ رات ان کي فتح ڪرڻ ۽ پنھنجي وفا وچن جي نشانو ڪيل وزير اعظم کي ”جنگي قيدي“ ٺاھڻ وارو جنرل اسان کي ان معرڪي جي تفصيلن کان ضرور واقف ڪندو.
ٺ: مون کي اميد آھي تہ جنرل ايس آءِ بِي ۾ منھنجي ڪيترائي ڪلاڪ ڪيل ان ذاتي جاچ پڇا جي ڪارروائي جو ذڪر بہ ڪندو، جنھن جي ابتدا ھن اھو چئي ڪئي ھئي تہ ”توکي تہ ڏھہ سال اڳ ھتي ھئڻ گُهربو ھو، بھرحال ھاڻي تون سمجهہ تہ تون دنيا ۾ ڪو وجود ڪو نہ ٿو رکين.“ ھو پڪ ئي اھو بہ ٻڌائيندو تہ ھن ”سازش“ ۾ جنرل اقبال، جنرل سوار، ليفٽيننٽ جنرل شمس الرحمان ڪَلو، ليفٽيننٽ جنرل عباسي، سِي اي مجيد ۽ ڪيترن ئي ٻين جي بيان ڪيل شراڪت سان ھن کي ذاتي دلچسپي ڇو ۽ ڪھڙن مقصدن ۽ نيتن ھيٺ ھئي؟
ث: جنرل اھو بہ ٻڌائيندو تہ مون ڪيئن ۽ ڇو آزاد ڪشمير جي سڀ کان ڏکئي محاذ جي مورچن جو ھڪ مھينو ڏينھن رات لاڳيتو جيل جاچ کان پوءِ 30 صفحن جي تجزياتي رپورٽ ۾ اھو نتيجو ڪڍيو ھو تہ ٽيٽوال سيڪٽر ۾ پاڪ جٿا جنگ وڙھڻ لاءِ قطعي ۽ پڪيءَ طرح ھر لحاظ کان اَن فِٽ (نامناسب) ھئا.(8) اھو محاذ جنھن لاءِ جنرل ذاتي طرح ذميوار ھو ۽ جنھن تي سڄي آزاد ڪشمير جي دفاع جو دارومدار ھو.
منھنجو اھو بي لاڳ تبصرو، پڪ ئي انھن ڪمانڊرن مان ڪنھن کي بہ پسند نہ آيو ھوندو جيڪي خچر جي پٺيءَ تي يا ھيلي ڪاپٽر ۾ سوار ٿي بہ ڪشمير ۾ پنھنجي ڊيوٽيءَ جي سڄي عرصي ۾ ٻہ چار پوسٽون ئي ڏسي سگهندا آھن. ھي ڪمانڊر اھي ڌاڙيل ۽ ڦورو ھئا جن کي رڳو ايترو ايندو آھي تہ سرحدي دفاع لاءِ مليل قومي خزانو ڦري سگهن.
پ: جنرل اختر ان اڻوڻندڙ ڳالھہ ٻول بابت بہ بيان ڏيندو جيڪا منھنجي ۽ سندس وچ ۾ ان وقت ٿي جڏھن اسان سان نيرن ڪندي جنرل سوار بہ موجود ھو. ان وچ ۾ مون ان توبچي جنرل کي اھو ٻڌايو ھو تہ ھو انفنٽري جي ھڪ اھڙي جنگي ڪارروائيءَ بابت بلڪل بي بنياد ۽ غلط بيانيءَ تي ٻڌل رمارڪس پاس (نڪتهء چيني) ڪري رھيو ھو، جنھن جو آءٌ ذاتي طرح پاڻ اکين ڏٺو شاھد ھوس. جڏھن جنرل سوار بہ منھنجي مؤقف جي تائيد ڪئي تہ جنرل اختر ھڪ ڀيرو وري رت جا ڍُڪ پي رھجي ويو. منھنجي ”غير سپاھيانه“ عمل بابت ھن جو ڪَڙيون يادون وڌنديون ئي رھيون.
ج: ھُو اھو بہ ٻڌائيندو تہ جڏھن ٻارھن کن جنرلن ۾ وڪوڙيل رٽائر ٿيندڙ جنرل ٽِڪا خان کي الوداعي دعوت ۾ مون اھو چئي نوجوان آفيسرن جي ھڪ ٽولي ڏانھن سڏڻ گهريو تہ ”انھن جنرلن سان تہ توھان سڄي حياتي گذاري آھي، اڄ اسان وٽ بہ تہ اچو“، تہ جنرل اختر ڪاوڙجي ڇا چيو؟ ٻئي ڏينھن مون کي باقاعدي سندس حاضريءَ ۾ پيش ڪيو ويو ان ڏوھ ۾، تہ آءٌ ”سپاھيانہ ادبن ۽ فضيلتن“ کان خالي ماڻھو ھوس. ھن عدالتي ڪمري ۾ جنرل پڪ ئي منھنجي ان عقيدي جي پوئواري ڪندو، تہ اھي آفيسر ۽ اھي جوان جيڪي امن جي ڏينھنِ ۾ پنھنجن ڪمانڊرن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏسي سگهڻ جو حوصلو نہ ٿا رکن. اھي جنگي ميدان جي ڏکيائين ۽ دشمن جي گولين جي وسڪاري ۾ ڪڏھن بہ نہ بيھي سگهندا.
ڄ: ھن عدالت آڏو جنرل پنھنجي انھيءَ حڪم جي وضاحت ۽ ان جو سبب بہ پيش ڪندو جنھن مطابق ھن منھنجي دم ڏيندڙ پُٽ ۽ منھنجي وچ ۾ آخري ملاقات ڪرائڻ کان انڪار ڪيو ھو.
(4) جنرل سوار خان: ھيٺين معاملن بابت بيان ڏيندو:
الف: جنرل اختر سان منھنجي نيرن مھل ڪيل جهيڙي جي تصديق.
ب: ھُو ان ڳالھہ جي تصديق ڪندو تہ منھنجي رپورٽ ۽ منھنجي مؤقف جي بنياد تي ٻن سينئر فوجي آفيسرن، ھڪ انفنٽري بٽالين ڪمانڊر ۽ ھڪ جي ايڇ قيو يونٽ ڪمانڊر کي انھن جي ننڍي کنڊ جي ورھاست خلاف ڪيل مؤقف ۽ پاڪستان جي نظرياتي ۽ جاگرافيائي وجود جي نفي ۽ ان خلاف پروپيگنڊا جي ڪري فوج مان ڪڍيو ويو.
(5) جنرل محمد اقبال خان: جنرل سوار سان گڏ اھو بيان ڏيندو تہ نيٺ ان کي ڇو ۽ ڪيئن ھن سازش جي ڪيس جي جاچ پڇا ھلندي ”نوڪريءَ“ کان وانجهو ڪيو ويو. فريادي ڌر منھنجي خلاف تھمت ھڻي ٿي تہ آءٌ پروپيگنڊا ڪندو رھيو آھيان تہ ”جنرل ڪڏھن بہ رٽائر نہ ٿيندا آھن“، تہ پوءِ اھو ڪيئن ٿيو جو مارشل لا سان 7 سال ڳٺجوڙ ۽ نڪاح کان پوءِ اوچتو رٽائر ڪيو ويو؟
(6) ليفٽيننٽ جنرل ايس ايم عباسي
(7) ليفٽيننٽ جنرل سِي اي مجيد
(8) ليفٽيننٽ جنرل احمد جمال خان
ھِي ٽئي جنرل مارشل لا جي پھرين ۽ آخري پاڪائيءَ جو قصو بيان ڪندا.
(9) ليفٽيننٽ جنرل سيد رفاقت: جنرل ٻڌائيندو تہ 16-ڊسمبر 1980ع (يا 1979ع) جي ڏينھن، جڏھن ھو ڪوھاٽ ڪلب ۾ ھڪ جشن ملھائڻ جي آخري تيارين ۾ رڌل ھو، تہ مون کيس ڪھڙن لفظن ۾ ڍاڪا ڏاکڙي جي ياد ڏياري ھئي. منھنجيءَ مداخلت کان جهٽ کن اڳ گهٽ ۾ گهٽ ٻن برگيڊيئرن ۽ ٻارھن کن ڪرنلن ۽ ميجرن سان گڏ 16-ڊسمبر جي شام جو ملھائي ويندڙ ان جشن جي انتظامن بابت آخري ڪانفرنس ۾ ھو. ملڪ جي انھن فاتح ڪمانڊرن مان ڪنھن ھڪ کي بہ تہ ان قومي ڏاکڙي جي ورسيءَ تي ھن ڏوھاري عمل کان جھلي ھا. اھو تہ ھن وطن دشمن جي مقدر ۾ لکيو ھو، جو ھو انھن جي راھہ ۾ رنڊڪ ٿيو.
(10) برگيڊيئر محمد شريف: هيءُ ٻڌائيندو تہ ڀارت ۾ قيد ۾ رھي موٽي اچڻ کان پوءِ ڇو ۽ ڪنھن لاءِ مون سندس نيڪ خواھش جي موٽ ۾ ڪڙي ردعمل جو مظاھرو ڪيو ھو، تہ آءٌ ھن کي پنھنجي ذاتي جنگي ڪارروائين جو ريڪارڊ موڪليان تہ جيئن ھُو منھنجي لاءِ جنگي ايوارڊ (انعام، تمغي) جو معاملو ھڪ ڀيرو وري اٿاري سگهي. ھُو اھو بہ ثابت ڪندو تہ آءٌ تہ ”باريسال“ جي پٽن کان بنگال نار جي سرڪش لھرن تائين ھن ملڪ جي بقا لاءِ وڙھندو رھيو ھوس ۽ منھنجي ذھن ۾ ڌرتي ماءُ خلاف جنگ جي سوچ جي مواد لاءِ جاءِ ئي ڪٿي ھئي؟
(11) برگيڊيئر محمد حيات، ستارہء جرئت: جيسور سيڪٽر جو ڪمانڊر منھنجي سپاھيانہ ڪردار، يونيفارم سان منھنجي محبت ۽ قوم سان منھنجي عشق جي ڪھاڻي ٻڌائيندو ــــ انھن جذبن جو داستان جن کي اڄ سازشين ”داءَ“ تي ھڻي ڇڏيو آھي. برگيڊيئر اھو بہ ٻڌائيندو تہ ھن جي دشمن جي قيد (ڀارت) ۾ موٽ کان پوءِ مون ھن کي منھنجي لاءِ سوا انچ جي ربن لاءِ جِي ايڇ قِيو سان ھڪ ڀيرو وري لھہ وچڙ ۾ اچڻ کان جھلي ڇڏيو ھو.(9) ھو تصديق ڪندو تہ دشمن سان جنگ تہ ھڪ پاسي آءٌ پنھنجين قطارن ۾ موجود وطن دشمنن ۽ ڀاڄوڪڙن خلاف ”لاڳيتي جدوجھد“ ۾ رڌل رھيو ھوس، جيڪو دشمن سان جنگ جي ڀيٽ ۾ پڪ ئي ھڪ ڏکيو ڪم ھو. پاڪستان لاءِ ھر گهڙيءَ حياتي کي داءَ تي ھڻي مون ڪيترن ئي ڀاڄوڪڙن کي کوڙ ڀيرا سرحدن تان ڀڄڻ سبب قيدي ڪيو ھو. انھن مان ھڪ تہ پوءِ پاڪستان جي ھڪ قائم مقام صدر جو پُٽ بہ ھو جنھن جِي منھنجي ھٿان گرفتاريءَ جي ڪري جِي ايڇ قيو (جنرل ھيڊڪوارٽر راولپنڊي) ۾ ھيڊڪوارٽر ايسٽرن ڪمانڊ (يعني اڄوڪي بنگلاديش ۾) ڄڻڪ زلزلو اچي ويو ھو ۽ جنرل ھن جي تحفظ لاءِ ڀڄندا رھيا ھئا. اھا ٻِي ڳالھہ آھي تہ اڄ ھُو پاڪستان جي سوِل حاڪمن مان ھڪ آھي، معزز ۽ محب وطن شھري ۽ آءٌ باغي ۽ وطن دشمن!
(12) ھڪ بٽالين ڪمانڊر: اھو جنھن منھنجي اڳواڻيءَ ھيٺ ھڪ مثالي جنگي ڪارروائيءَ کان پوءِ مون کي چيو ھو تہ آءٌ توکي ھن ملڪ جي ان اعليٰ ترين جنگي اعزاز لاءِ نامزد ڪري رھيو آھيان جيڪو وطن جي ڪنھن بہ سپاھيءَ کي ڏئي سگهجي ٿو. پر ان جي جواب ۾ مون کيس چيو ھو تہ ڪنھن تمغي بدران انھن ڇھن ”جنگي قيدين“ جي جان بچائي نوازيو وڃي جن کي مون اڪيلي سر ھڪ ڍنڍ ۾ موتمار ”ڊوئل (دوبدو مقابلي) کان پوءِ پڪڙيو ھو ۽ جيڪي دشمن سھي پر ڏاڍا دلير سپاھي ھئا. مون سان انھن جي جان بخشڻ جو واعدو ڪيو ويو پر ڪجهہ ڏينھن پوءِ آءٌ پٽ واري ڇانوڻي ۾ ويس تہ مون کي خبر پئي تہ نازين جي ڪريل چرٻي پاڪ آرمي انٽيليجنس انھن کي اڳ ئي مغربي پاڪستان موڪلي ڇڏيو آھي. ”مغربي پاڪستان موڪلڻ“ انھن ڏينھن ۾ ھڪ اھڙو ”سرڪاري“ اصطلاح ھو جنھن جو مختصر مطلب ھِي ھو تہ ”قتل ڪريو! ڪُھي ڇڏيو!“ مقتول مشرقي پاڪستان ۾ اھو اصطلاح سڀني لاءِ ڪتب اچي رھيو ھو، انھن لاءِ بہ جيڪي زبان سان اختلاف راءِ ڪري رھيا ھئا(10) ۽ انھن لاءِ بہ جن جي ھٿ ۾ تلوار ھئي ۽ انھن ٻن ٽولن کان سواءِ منھنجي لغت موجب اتي ٻيو جيئرو ئي ڪير ھو؟
(13) مسٽر روئداد خان، سِي ايس پِي: اڄ ڪلھہ شايد اندريَن معاملن جي وزارت ۾ سيڪريٽري جنرل. 1971ع جي پھرين اڌ ۾ پنھنجي مشرقي پاڪستان جي ”دَوري“ جو حال بيان ڪندو جنھن ھلندي کلنا ۽ جيسور جي سفر لاءِ ان جو رابطي وارو آفيسر ھوس. ھو تصديق ڪندو تہ انھن ڏينھن ۾ جڏھن ڪارن ڪڪرن ۾ اڃا بہ سنھري ليڪ ڏيکارجي رھي ھئي، مون ھن کي ٻڌايو ھو تہ مارشل لا نيٺ ملڪ کي ٻہ ٽڪرا ڪري ڇڏيندو. آرمي جنھن کي لڄ لُٽ، ڦرلٽ ۽ گهيراؤ جلاؤ جو فري (آزاد) ليسن ڏنو ويو آھي،(11) بھرحال، جيڪڏھن بيرڪن ۾ موٽي وڃي، تہ شايد ملڪ بچي پئي ۽ جيڪڏھن اسين ملڪ بچائڻ ٿا گهرون تہ ان (فوج) کي ھر حالت ۾ بيرڪن ڏانھن موٽي وڃڻو پوندو. مون ڏاڍي بي رحميءَ سان ملڪ جي اطلاعات ۽ نشريات جي ادارن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي، انھن کي قطعي بيڪار ۽ اڃا بہ ”مردار“ سڏيو ھو. اھا تنقيد ڪلڪتي ۾ موجود بنگلابيتار ڪيندور (ريڊيو اسٽيشن بنگلاديش) جي انھن نشريات جي روشنيءَ ۾ ڪئي ھئي جيڪي ايڏيون اثرائيتون ھيون جو سرحد جي اڪيلن نويڪلن مورچن ۾ جنگ جي ٿَڪ ۾ چُور اسان جي سپاھين جي رڳن جو رت بہ ٿڌو (خشڪ) ٿي ويندو ھو. ھتي آءٌ اھو بہ ذڪر ڪري ڇڏيان تہ مسٽر روئداد خان ھن فوجي تاناشاھي جو اطلاعات ۽ نشريات جو سيڪريٽري ھو.
(14) ميجر جنرل (رٽائرڊ) شوڪت رضا: ان وقت جو جِي او سِي (جنرل آفيسر ڪمانڊنگ) جيسور گيريزن بہ تصديق ڪندو تہ مسٽر روئداد خان جي موجودگيءَ ۾ ان جي رابطي واري آفيسر ھڪ ڪپتان فلئگ اسٽاف ھائوس ۾ ويٺي مارشل لا جي مذمت ڪندي اھو مؤقف ظاھر ڪيو ھو تہ ملڪ بچائڻ لاءِ اسان جي آڏو ھڪ ئي رستو ھو تہ اسين عوامي نمائندن کي حڪومت جون واڳون ڏئي راھہ تان ھٽي وڃون. جنرل رضا جيڪو پاڻ بہ نجو سپاھي ھو، ذاتي طرح پاڻ بہ غاصب يحى خان جي (خلاف) جنرل مجيب الرحمان آڏو انھن ئي خيالن جو اظھار ڪيو ھو.
(15) ميجر جنرل (رٽائرڊ) محمد حسين انصاري: جنرل انصاري شاھدي ڏيندو تہ جيسور گيريزن آفيسرز ميس جي ھڪ وڏي ميڙ ۾ تقرير ڪندي، جتي ھن آرميءَ جا وڏا ”دلير“ ڇاتا برادر بہ موجود ھئا، ھِي چيو ھو تہ ”مون کي ھن ڊويزن جي ھڪ ڪپتان تي ڏاڍو فخر آھي ۽ آءٌ ڇا، سڄي قوم ان ڪئپٽن جي مقروض آھي.“ جنرل انصاري ھتي شاھدن جي جاءِ (ڪٽھڙي) مان، ان ڪپتان لاءِ شاھدي ڏيندو جيڪو فريادي ڌر جي خصوصي وڪيلن ۽ انٽيليجنس مافيا جي ”فرمان“ مطابق ھن ملڪ ۽ ھن قوم خلاف سازش ڪندي گرفتار ڪيو ويو جيڪي ان (ڪپتان يعني ھاڻي ميجر آفتاب) جا اڳ ئي مقروض ھئا ۽ جنھن کي اڄ خصوصي مقصدن ھيٺ وطن دشمن سڌيو ويو آھي.
(16) ليفٽيننٽ جنرل اسلم بيگ: اڄڪلھہ پاڪستان آرميءَ جو چيف آف دَ اسٽاف پنھنجن ذاتي مشاھدن جي روشنيءَ ۾ ھن ڏوھاريءَ جي انھن قربانين جو ذڪر ڪندو جيڪي ھن پاڪستان جي تحفظ ۽ سالميت لاءِ پنھنجو فرض سمجهي ادا ڪيون.
(17) برگيڊيئر منصور الحق: جيڪو اڄڪلھہ ڊائريڪٽر ٽيليفون ۽ ٽيليگراف آھي، مٿي ڏنل حقيقتن جي تصديق ڪندو.
(18) ليفٽيننٽ جنرل صاحبزادو يعقوب خان: پاڪستان جو اڄڪلھہ پرڏيھي وزير، 1970ع ۾ راڄڌانيءَ جي غاصب سردار جنرل يحى خان واري واچوڙي (سائيڪلون) ۾ اجڙيل بنگالي نار جي ٻيٽ ”ڀولا“ جي دَوري جو ذڪر ڪندو. (12) ھِي اھو ئي ٻيٽ ھو جتي مٿين حاڪمن ھڪ انفنٽري بٽالين کي ڪجهہ لاشن جو بلو ڪرڻ لاءِ چيو ھو جن کي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي ھٿان ٻيھر ”دفن“ ڪرائڻو ھو. جنرلن، برگيڊيئرن ۽ ڪرنلن ھفتا پراڻا لاش تہ ھٿ ڪري ورتا پر ڪيڙن جي سَت جون بوتلون ڇڻڪارڻ کان پوءِ انھن مان ايتري ڌپ اٿي رھي ھئي ۽ اھي ايترا خراب ٿي چڪا ھئا جو ”مھربان صدر مملڪت“ پنھنجي جيپ جي آفيسر ڊرائيور کي ھيٺ لھڻ بنا ئي اڳتي وڌي ھلڻ جو چيو. اھا ڏاڍي بدنصيبيءَ جي ڳالھہ ھئي تہ ڪرنل صديق سالڪ ۽ ان جي قلم قبيلا ”سپاھين“ جون ڪئميرائون نہ ھلي سگهيون ۽ قوم ھڪ غمگسار چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ھٿان ”پنھنجا لاشا“ دفن ٿيندي نہ ڏسي سگهي. لاشن کي کوٽي ڪڍڻ ۽ دفنائڻ وارن پاڪ آرمي جي انھن ھر ڏينھن جي مشغلن بابت صاحبزادي يعقوب علي خان جھڙو ھڪ دانشور سفارتڪار سپاھي ئي صحيح تفصيل ٻڌائي سگهندو. شايد ھو ان قومي ۽ بين الاقوامي ڏاکڙي دوران ”لاشن کي دفنائڻ“ جي ان عظيم تصور جي پيدائش واري عمل بابت بہ اسان کي ٻڌائڻ پسند ڪندو. ھو ذاتي طرح پاڻ انھن ڏينھن ۾ ڍاڪا ايسٽرن ڪمانڊ جو ڪمانڊر ھو ۽ ان قسم جو انوکو حڪم پڪ ئي آرمي جي مٿاھين ھيڊقئارٽر کان ھلندو اچي انفنٽري بٽالين تائين پھتو ھوندو!
(19) ميان طفيل: رد ڪيل جماعت اسلاميءَ جو امير ھيٺ ڏنل حقيقت جي تصديق ڪندو:
الف: تہ گهريلو جنگ (يعني بنگلاديش ۾ فوجي ڪارروائي) جي ڏينھنِ ۾ مون کلنا جي سرڪٽ ھائوس جي ڏاڪڻين تي بيٺي بيٺي کيس ٻڌايو ھو تہ مشرقي پاڪستان ۾ فوج کي لڄالٽ، ڦرلٽ، گهيراءُ جلاءُ، نسل ڪشيءَ جو کليل ليسن ڏنو ويو آھي. مون ھن کي اھو بہ ٻڌايو ھو تہ ھڪدم موٽي وڃي اسلام آباد جي جنگباز حڪمرانن جا پير پڪڙي، تہ اھي ھِن آوارا فوج کي بيرڪن ۾ موٽرائي ۽ انھن کي ٻڌائي تہ بيلٽ باڪس (ووٽن) جي قوت تي وجود ۾ آيل ھڪ ملڪ ۽ مارشل لا گڏجي جيئرا رھي نہ ٿا سگهن.(13)
ب: ميان صاحب جيڪڏھن مناسب سمجهيو تہ ھو ”مرچن واري ڏنڊي“ جو پنھنجو ذاتي تجربو بہ بيان ڪندو. منھنجو خيال آھي تہ ان معاملي ۾ منھنجي ڀيٽ ۾ ھن جو مشاھدو پڪ ئي وڌيڪ ڀروسي ڪرڻ جھڙو ھوندو.
(20) مولانا اي ڪي ايم يوسف: مقتول مشرقي پاڪستان جي پوئين گورنر ڊاڪٽر مالڪ جي الوداعي ڪابينا جو ميمبر، مولانا ابو الڪلام محمد يوسف، ھِن عدالت کي ٻڌائيندو تہ ڪھڙن سببن جي ڪري مون کيس منھنجي جنگي خدمتن جو اعتراف ڪندي مشرقي پاڪستان جي ڪئيبنيٽ ۾ ھڪ ٺھراءُ پيش ڪرڻ کان جھليو ھو. ھو اھو بہ ٻڌائيندو تہ 1971ع جي آخري مھينن ۾ مون ھن کي چيو تہ جيتوڻيڪ اڃا ”لڄن جو ويري“ ھڪ ٽائيگر (چيتو) ”ڪُرمي تولا“ جي اوسي پاسي گجي رھيو آھي پر ترت ئي ”رمنا پارڪ“ ۾ ھڪ اھڙو ڪاڄ ٿيندو جنھن کان پوءِ اسين ڪڏھن بہ نہ ملي سگهنداسون. اڄ کان لڳ ڀڳ 14 سال اڳ مون جيسرو ھوائي اڏي تي ”شھيد ڪابينا“ (ڀٽو وزارت) جي ميمبر مڪرم کي چيو ھو تہ فوج جيئن ئي مشرقي پاڪستان جي جنازي مان واندي ٿيندي، اھا ترت ئي ڪنھن ٻي صوبي تي ھٿ وجهندي. مون کيس وينتي ڪئي ھئي تہ ھو ان قسم جي جنگي تمغن ۽ تعريف ۽ پَڏ جي ٺھرائن کي ڀلجي وڃي جيڪي شايد سڀاڻي ئي ردي جو ڍير ۽ بي معنى ٿي ويندا.
(21) مولانا شاھہ احمد نوراني: اسان کي ھڪ اسلامي راڄڌانيءَ جي شھريت جي حڪومت خلاف تنقيد ۽ احتساب جي حقن بابت ٻڌائيندو. مولانا اسان کي اسلام جي ھنن ٻن قسمن بابت بہ ٻڌائيندو: ضيائي اسلام ۽ خدائي اسلام.
(22) خان عبدالوَلي خان: خان ٻڌائيندو تہ کيس ڪيترا ڀيرا ۽ ڪھڙن بنيادن تي ”غدار ۽ محب وطن“ سڏيو ويو آھي. شايد ھو اھو بہ ٻڌائي سگهي تہ نيٺ مون کان ڪھڙي موڙ تي ڪھڙو ڪارنامو سرزد ٿيو آھي، جو مون کي ھن جي صف ۾ شموليت جو اعزاز ملي ويو آھي.
(23) ھُو سَؤ ورھين جو آزادي جو مجاھد، وطن جو غدار، اسان کي ذاتي طور اھو ٻڌائيندو تہ ھِن ملڪ جي حڪمران نسلن ــــ انھن وردي پوشن ــــ جا ابا ان مھل ڪٿي ھئا جڏھن ھو پاڻ برطانوي راڄ خلاف سينو ناڻي بيٺو ھو ــــ ھن سازش جي ڪيس سان لاڳاپيل سڀني ماڻھن، فريادين، ججن، جنرلن ۽ تھمت لڳن خاص طرح ”سرڪاري جاسوسن“ جي نسلن ۾ شجرن جي ڳولا اسان سڀني لاءِ جيڪي ھتي تاريخ جي فيصلي جي اوسيئڙي ۾ آھيون، ڏاڍي اھميت واري آھي.
(24) مسٽر جِي ايم سيد: سيد صاحب پنھنجي نئين تازي ڪتاب ”پاڪستان ھاڻ ٽُٽڻ گهرجي“ جي روشنيءَ ۾ پنھنجي ڳوٺ سن ۾ ھاڻوڪي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر سان طيءِ ڪيل ۽ متفق ٿيل ارادن ۽ نيتن تي تفصيل سان روشني وجهندو. ھُو اھو بہ ٻڌائيندو تہ ھن ملاقات ۾ سندس ئي چوڻ موجب ”ڪفر جي رھنما“ ۽ ”اسلام جي سپاھيءَ“ جي وچ ۾ ٻين ڪھڙن ڪھڙن معاملن تي اتفاق راءِ ٿيو.(14)
(25) ايئر مارشل محمد اصغر خان: پاڪ فضائيہ جو اڳوڻو چيف ”سياست ۾ جنرل“ (جنرلز اِن پاليڪٽڪس، Generals in Politics) جو ليکڪ ھن ملڪ ۽ ان جي عوام خلاف اصل سازش ۽ ان جي ڏوھاري ڪردارن کي بي نقاب ڪندو.
(26) مير غوث بخش بزنجو: مير صاحب بہ ان سازش جي کول ڪندو جنھن جو شڪار نہ رڳو ھي ملڪ ۽ ان جا عوام آھن، پر ھتي ھي پيرن ٻڌل تھمت لڳل بہ ان جي نذر ٿي چڪا آھن.
(27) مسٽر غلام مصطفيٰ جتوئي:
(28) مسٽر غلام مصطفيٰ کر:
(29) مسٽر علي محمود، سابق سينيٽر:
(30) ميجر جنرل (رٽائرڊ) شاھ رفيع عالم:
(31) ميجر جنرل (رٽائرڊ) تصور حسين شاھہ:
(32) ميجر جنرل (رٽائرڊ) خواجه صلاح الدين:
27 کان 32 تائين وارا، صفائيءَ جي شاهدن کي ممڪن حد تائين عدالتي شاھدن جي صورت ۾ آندو وڃي، تہ جيئن ھن بيان ڪيل سازش کي ثابت ڪري سگهجي. آءٌ انھن شاھدن ۾ بيگم علي محمود جو نالو بہ ڳڻائي پئي سگهيس، پر آءٌ فريادي ڌر ۽ رياست کي اھو احساس ڏيارڻ ۽ سيکارڻ ٿو گهران تہ مڙسن جون جنگيون مڙسن جي وچ ۾ ئي وڙھجن. عورتون اڳ ئي ھن سماج جو ڏکايل حصو آھن.
ھن موقعي مان فائدو وٺندي، آءٌ فرياديءَ جي خصوصي وڪيل کي اھا پڪ ھڪ ڀيرو وري ڏيارڻ ٿو گهران تہ ھُو جيڪڏھن 14 مھينن کان يرغمال ڪري رکيل مظلوم رابعہ طاھر کي بہ آزاد ڪري ڇڏين، تہ ھي ڪيس ڪنھن بہ حالت ۾ ڪو نہ ھارائيندو.
(33) ايئر وائيس-مارشل مسعود: ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ ان سوشل (عام رواجي، راڄوڻي) ملاقات جي ڳالھہ ڪندو جنھن ۾ مون ۽ ھن سان گڏ فضائيہ جو ھڪ ايئر ڪموڊور ۽ پاڪستان نيوي (بحريہ) جو ھڪ ڪمانڊو ۽ ھڪ ٻيو ميجر بہ موجود ھئا. ايئر مارشل تصديق ڪندو تہ مون ايئر ڪموڊور ايم ايم عالم جي زوريءَ رٽائرمينٽ جي ڏاکڙي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ھئي. 65ع جي جنگ جي بي مثال ھيرو کي ان ڪري فضائيہ مان ذلت جھڙي طريقي سان برخواست ڪيو ويو تہ ھن سروس (يعني فضائيہ) اندر ڪلڇڻائپن جو احتساب ڪيو ھو. ايئر مارشل مون کان پڇيو تہ منھنجو عالم جي رٽائرمينٽ بابت خيال ڪھڙو ھو ۽ مون کي ھُن ٻڌايو ھو تہ اھا پاڪستان جي عوام ۽ سچائيءَ جي ڪڏھن ڪڏھن اٿندڙ آوازن خلاف ھڪ وڏي ۽ مڪروھہ سازش جو حصو ھئي. ھن جي ان پڇا تي تہ آءٌ ان تي پنھنجو ردعمل ڪيئن ظاھر ڪرڻ گهران ٿو، مون ايئر مارشل کي چيو ھو تہ منھنجو ذھن تہ اھو ٿو چوي تہ آءٌ زيرو پئائنٽ تي ھليو وڃان، ٽريفڪ بيھاري ڇڏيان ۽ سڄيءَ دنيا کي ٻڌايان تہ جيڪا قوم پنھنجي ناز ڪرڻ لائق پُٽن ۽ ھِيرن سان اھو ورتاءُ ڪري رھي آھي جيڪو ”اڃا بہ بھاري“ عالم سان ڪيو اٿائين، ان کي جيئڻ جو ڪو حق ناھي ــــ اھو ڄاڻڻ باوجود تہ منھنجو مخاطب ھن ملڪ تي انتھائي طاقتور ماڻھوءَ جو نائب پھريون آھي. ايئر مارشل تصديق ڪندو تہ آءٌ ان ڏينھن ھڪ سيڪنڊ لاءِ بہ پنھنجن سچن احساسن ۽ جذبن کي ظاھر ڪرڻ ۾ ھٻڪيو نہ ھوس. اڄ انھيءَ ڏوھہ جي تہ مون کي سزا ملي رھي آھي.
(34) ھِز ايڪسيلينسي وِي. سمرنوف، سفير سويت روس:
[بيان محفوظ]
(35) مسٽر ڪرشن ديال شرما، سفير ڀارت:
[بيان محفوظ]
(36) مسٽر ايم بِي زمان، سينئر ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان: محمد بديع الزمان(15) مھرباني ڪري اسان کي اھو ٻڌائيندو تہ ھن ڪھڙن قانوني ۽ اخلاقي بنيادن تي اسان جي ناز لائق سائنسدان عبدالقادر جي دَ ھيگ ھالئنڊ جي ھڪ عدالت کان جند ڇڏرائي. مسٽر زمان کي ڊاڪٽر عبدالقادر ۽ اسان جي ھن ڪيس ٻنھي بابت بلڪل ذاتي ۽ سنئين سڌي ڄاڻ آھي. ان ڪري ان ڄاڻ جي بنياد تي ھُو ٻڌائيندو تہ جيڪڏھن ويھين صديءَ جي ان عظيم ترين ”ايٽمي رازن جي چوريءَ“ جي ”ڏوھاريءَ“ خلاف ڪيس رڳو ان ڪري ٺپ ٿي سگهي ٿو جو ھن کي سزا ڏيڻ واري عدالت تھمت لڳل (عبدالقادر) کي پنھنجي آڏو سڏائڻ يا سمن جا حڪم پھچڻ يا نہ پھچڻ جي پڪي يقين دھاني (پڪ) نہ ڪئي، تہ ھيءَ ”فوجي عدالت“ انھن تھمت لڳل خلاف پنھنجي ڪارروائي ڪيئن جاري رکي سگهي ٿي. ھي تھمت لڳل تہ اھي آھن جن کي نہ تہ ڪنھن وارنٽ آف اريسٽ ھيٺ گرفتار ڪيو ويو، نہ ئي ڪنھن عدالت ڪنھن جاسوس ايجنسي کي انھن جي حوالي ڪرڻ جو رمانڊ ڏنو ۽ جن خلاف جاچ يا پُڇاڳاڇا فريادي ڌر جي سمورن شاھدن جي بيانن موجب ڪنھن بہ قانون ھيٺ نہ ھئي. ھڪ ڪرنل تہ وڦلجي اھو بہ مڃيو تہ ”ھا، اھا جهنگ جي قانون ھيٺ ٿي ھئي.“ اھي تھمت لڳل جن جي جاچ ھلندي سموري قيد کي ھيءَ عدالت غير قانوني سڏي چڪي آھي. جن خلاف رڳو ھڪ شاھدي آھي ۽ اھا شاھدي رڳو ۽ رڳو سندن زوريءَ باسرايل بيان آھي. اھي تھمت لڳل جن مان ھر ھڪ کي بي مثال ”مڃيل“ جبر ۽ تشدد جو نشانو بنايو ويو آھي.
آءٌ اميد ٿو رکان تہ ھڪ وڏي قانوندان جي حيثيت ۾ مسٽر زمان ھر قيمت تي قانون جي حڪمرانيءَ ۽ پنھنجي پيشي جي تقدس ۽ روايتن جي تصور کي اوچو ۽ برقرار رکندو.( 16) مسٽر زمان اسان جي خلاف اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر آھي.
(37) نوابزادہ نصر ﷲ خان(17): هن سازش جي ابتدا ۽ وجود ۾ اچڻ جو قصو بيان ڪندو. هن آزاديءَ جي مجاهد کان وڌيڪ ٻيو ڪير ملڪ خلاف هن ڳُوڙهي سازش کان واقف هوندو!
(38) سردار محمد عبدالقيوم خان: ھُو اسان سڀني کي ٻڌائيندو تہ اسلام آباد جي ننڍين ٽَڪرين جي ھن پاسي ھماليه جي ڪاڇي ۾ آباد شھرن ۾ ھڪ ٻيو ”بنگلاديش“ جنم وٺي رھيو آھي. ڪجهہ ماڻھو ان کي ڪاشر ديش جي نالي سان ياد ڪري رھيا آھن. اھو وقت جڏھن ڪنھن(38) ھماليه جي راڙن ۽ ڳوڙھن جي ڳالھہ ڪئي ھئي، ڏاڍو ويجهو اچي پھتو آھي. اھي ئي خدشا ھئا جن جو اظھار مون 1982ع ۾ منگلا ۾ ھڪ ليفٽيننٽ جنرل(39) سان ملاقات ۾ ڪيو ھو ۽ جن جي قيمت آءٌ اڄڪلھہ ادا ڪري رھيو آھيان.
(39) مسٽر رسول بخش پليجو: پليجو صاحب 1983ع ۾ سنڌ ۾ وڙھيل ”بنگلاديش وار“ (جنگ) جو قصو ٻڌائيندو. اھو قصو مافيا جي ڪرم فرمائيءَ سان اسان جي سازش جي ڪيس سان سئون سڌو ڳنڍيل آھي.
(40) ليفٽيننٽ جنرل (رٽائرڊ) عتيق الرحمان: ھڪ آزمودڪار سپاھي ۽ مقبوضہ مغربي پاڪستان جو فوجي گورنر ــــ اھو مغربي پاڪستان جيڪو ھڪ غاصب ۽ فوجي حڪومت پاران منھنجن پٽن حمزي ۽ حارث کي ورثي ۾ مليو آھي. منھنجا اھي ٻئي پٽ چلي فاشزم جي طوفانن کان بچي نڪتا آھن. اھي پڪ ئي عابد جي پٽ عامر کان وڌيڪ سڀاڳا آھن جنھن پنھنجا ٿڃ پيئڻ جا ڏينھن ھڪ جيل ۾ گذاريا آھن. جنرل عتيق الرحمان جيڪو اڄڪلھہ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمئن آھي، اھو ڪجهہ ٻڌائيندو جيڪو ھن انٽر سروسز سليڪشن بورڊ (آءِ ايس ايس بي) ڪوھاٽ جي ھڪ وفد کي ان وقت ٻڌايو ھو تہ جڏھن ھو آڪٽوبر 1982ع (؟) ۾ ھن سان مليو. پوڙھي جهانديده جا لفظ ھئا:
”سنگ مرمر، سنگ سرخ ۽ سنگ سفيد کان سواءِ شيرپائو برج ڪالوني (جرنيلي ڪالوني لاھور) ۽ ان قسم جي ٻين جاين تي اڏيل جنرلن جي محلن (محلات) ۾ ڪجهہ ٻيو استعمال نہ ٿيو، چُونو ڪٿي بہ ڪو نہ ٿو لڳي. ڇا ضياءُ نہ ٿو ڄاڻي؟ ھو سڀ ڪجهہ ڄاڻي ٿو، پر ھو ڪجهہ بہ نہ ڪندو.“
هو پنھنجي ان دعوا جي بہ رصديق ڪندو تہ جڏهن کان جنرل ضياءَ حڪومت سنڀالي آهي، هن جا هزارين حڪم سوِل ۽ ملٽري ڪاموراشاهيءَ جي رديءَ جي ٽوڪرين ۾ پيا آهن ۽ انھن تي ڪڏهن بہ عمل نہ ٿي سگهندو.
(41) حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ: 1971ع جي ڏاکڙي ۽ ھار جي ڇنڊڇاڻ لاءِ جوڙيل ھن ڪميشن جي رپورٽ ھن عدالت ۾ منھنجي صفائيءَ جي بنيادي دستاويز طور گهرائي وڃي. جيترو منھنجي ڄاڻ جو واسطو آھي، ان دستاويز جا ڇنڊڇاڻ ڪندڙ ۽ ترتيب ڏيندڙ بہ انھن ئي نتيجن، نظرين ۽ حقيقتن تائين پھتا ھئا جن جي ”ملڪيت“ ۽ جن جي کلي عام اظھار جي ڏوھہ ۾ مون کي ھيءَ ڪَڙي سزا ڏني پئي وڃي. انھيءَ ھڪجهڙائي جي بنياد تي آءٌ اھا گُهر ٿو ڪريان تہ ھن ڪميشن سان لاڳاپيل سمورا جج، جنرل، ڪامورا (بيوروڪريٽ) ۽ اھي سڀ جيڪي ھن دستاويز جا مصنف، ليکڪ ۽ شاھد ھئا ۽ اھي بہ جيڪي ھن کي عوام جي نظرن کان لڪل ۽ احتساب جي پڪڙ کان پري قلف ڪڙي ۾ رکڻ جا ذميدر آھن ـــــ ھن ملڪ خلاف ان سازش جي سڀني ڪردارن کي ڏنڊا ٻيڙيون ھڻي اٽڪ قلعي جي ڪال ڪوٺڙين ۾ آندو وڃي. رياست جي نوَن ڄاول سلطاني شاھدن جي نڪري وڃڻ کان پوءِ ھاڻي انھن اونداھين ڪوٺڙين ۾ گهڻي جاءِ ويران پئي آھي. ان سان گڏ ئي ڇا آءٌ اميد بہ رکان، تہ نون ايندڙن ۾ ڪو ھڪ ڄمار ۽ رئنڪ ۾ مون کان سينئر، مون کان منھنجي ڪال ڪوٺڙي نمبر ھڪَ جي چارج وٺندو؟ ان وچ ۾، آءٌ ان سلسلي ۾ سڀ نوان ايندڙ ”سٺي ضمير“ (Good Conscience) کي آواز ڏئي جاڳائڻ لاءِ تيار رھندس. اوھان کي اھو بہ ياد ڪرائڻ جي گهرج ناھي، تہ ھيءُ ھڪ مڃيل ”بدديانت ۽ ڪُلڇڻي“ مئجسٽريٽ پاران اسان سڀني جي ”سٺي ضمير“ کي اپيل ئي ڪئي ھئي جنھن جي نتيجي ۾ اسان مان گهٽ ۾ گهٽ 25 آفيسرن ھن جي عبادت گهر ۾ پنھنجا ننڍڙا وڏڙا گناھہ باسيا ھئا! بھرحال ڪو تہ مون کان منھنجي سيل نمبر ھڪَ جي چارج سنڀاليندو ئي. 9-ڪروڙ ”ڏوھارن“ جي ھن بدمعاش قوم ۾ جنھن تي رڳو توب جي گولن سان ئي حڪومت ڪري سگهجي ٿي، نمبر ھڪُ ھجڻ بہ تہ ڪيڏو نہ خطرناڪ اعزاز آھي!
4) عدالت جا صاحب! ھاڻي جڏھن تہ منھنجي حياتيءَ جو سج لڙي چڪو آھي ۽ پاڇا ڊگها ٿيندا پيا وڃن. ھڪ خواب مان اوچتو جاڳ جي حالت ۾ مون کي اھو احساس ٿي رھيو آھي، تہ ڄڻڪ اجهو ھينئر ”پيدا ٿيل“ ھڪ اسلامي رياست جو شھري ٿي چڪو آھيان. منھنجي آقا محمدﷺ کان پوءِ ٻِي ۽ چوٿين اسلامي جمھوريہ جا اڳواڻ عمررضه ۽ عليعہ منھنجا آئيڊل ھيرو رھيا آھن. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ انھن جي روايتن ۾ ٺھيل ھڪ جمھوريہ ۾ منھنجا ڪھڙا حق ۽ فرض ٿي سگهن ٿا. انصاف ۽ انصاف پلئہ وجهڻ جو حق اھو پھريون حق آھي جيڪو ھيءَ جمھوريہ مون کي عنايت ڪري ٿي، انصاف ھر قيمت تي، انصاف ھر وقت ۽ انصاف ھر حالت ۽ ڪيفيت ۾ ـــــ ھيڏانھن انصاف ماڻڻ لاءِ ۽ سمورن انصاف ڀرين مقصدن لاءِ ”اڻٿڪ“ ۽ ڪڏھن نہ ختم ٿيندڙ جدوجھد منھنجو پھريون فرض آھي، جنھن کي اھا جمھوريہ منھنجن ڪلھن تي رکي ٿي. اھا جمھوريہ مون کي ايڏا ڊگها ھٿ ۽ ٻانھون عطا ڪري ٿي جيڪي وقت جي حاڪم جي ڳچيءَ تائين پھچي سگهن. اھي ئي ھٿ جيڪي ھڪ ”يھوديءَ“ کي وقت جي حاڪم عليعہ جي عدالت ۾ وٺي وڃڻ لاءِ مددگار ٿيا ھئا.
ان عدالت ۾ جنھن نيٺ وقت جي حاڪم خلاف فيصلو ڏنو ھو. عدالت جا صاحب! اڄ آءٌ اوھان کي عليعہ جي عدالت واري ڪرسيءَ تي ويٺل ڏسي رھيو آھيان، جيڪو پاڻ بہ ھڪ وڏو منصف ھو، پر منھنجي ۽ توھان جي وچ ۾ مسئلا ھڪ زرھہ پھريل جي ملڪيت کان گهڻو وڌيڪ آزمائش وارا ڏاڍا ڳتيل ۽ نازڪ آھن. چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر گذريل ڀيري پشاور جي عام جلسي ۾ ڏاڍي جذباتي انداز ۾ عوام کي پاڻ ۾ اھا ھمت ۽ ايمان پيدا ڪرڻ جو چيو هو جنھن جي ڏڍ تي ھڪ بَدوءَ عمررضه جھڙي عظيم مرتبي واري وقت جي خليفي جو احتساب ڪيو ھو. آءٌ مڃان ٿو تہ آءٌ ڪلي ڪنڊي تائين ھٿياربند ھڪ سپاھي ئي آھيان. مون کي بَدو ٿيڻ لاءِ ڪٿي تيار ڪيو ويو ھو؟ مون کي تہ رڳو ھٿياربند بيٺو رھہ (اٽينشن، Attention)، ٻَڌ ۽ ڳالھاءِ نہ (لِسن اينڊ ڊوناٽ اسپيڪ، Listen and do not Speak)، عرض ڪيو (رقُئيسٽ، Request)، رڳو راءِ ڏيو (جسٽ سَجيسٽ، Just Suggest)، بنا اعتراض جي قبول ڪيو يا پاڻ کي حوالي ڪري رکو (سبمٽ، Submit)، حڪم مڃو (اوبي، Obey)، سوال نہ ڪيو (ڊو ناٽ قئيسچن، Do not Question) ۽ ھٿيار ڦٽا ڪريو (سرينڊر، Surrender) ئي سيکاريو ويو ھو.(20)
ھنن بدليل حالتن ۾ آءٌ اوھان جي مدد گهران ٿو. آءٌ محمد ﷺ ۽ عليعہ جي ڪرسيءَ کان واھر ٿو گهران تہ مون کي ”يھودي“ ۽ ”بدو“ جو ڪردار ادا ڪرڻ ڏنو وڃي، ۽ اھو آءٌ تيستائين نہ ٿو ڪري سگهان جيستائين توھان اسلام جي پھرين چاليھن ورھين جي پِي ايل ڊِي ۽ قرآن ۽ سنت جي سڀني حڪمن کي ڪم ۾ آڻيندي انھن سڀني شاھدن کي جن جو مون ذڪر ڪيو آھي، ھتي ھن ھال ۾ نہ ٿا گهرايو.
جيڪڏھن ھڪ اھڙي ماڻھوءَ لاءِ جيڪو پنھنجي ”قوم“ جي عظمت جي خوابن ۾ جيئندو رھيو ھجي، ”سازشيءَ“ جو لفظ مناسب لفظ آھي تہ آءٌ ”سازشي“ آھيان، پر ھن ٻيءَ سازش کي جيڪا ھڪ اگهاڙي ۽ ڪرڀائتي طاقت جي ايوانن ۾ پلي وڌي آھي، غلط ثابت ڪرڻ لاءِ مون کي انھن سڀني شاھدن جي سخت گهرج آھي، انھن کي ھر قيمت تي اچڻو پوندو.
جنھن سازش جو آءٌ اقرار ڪري رھيو آھيان، ان 1981ع ۾ جنم نہ ورتو ھو پر اھا تہ 4-اپريل 1968ع تي ان ڏينھن ئي وجود ۾ اچي وئي، جڏھن مون خاڪي وردي پاتي ھئي. اھي سمورا شاھد منھنجي حقيقي حياتيءَ جي ان حقيقي ڊرامي جا ڪردار رھيا آھن، اھي سڀ مون سان شريڪ سازشي رھيا آھن، آءٌ انھن جي اڻ موجوديءَ ۾ ڪجهہ نہ ٿو ڪري سگهان. مون کي انھن جي ايتري ئي اشد گهرج آھي جيتري وارياسي جي وچ ۾ ڦاٿل ھڪ ماڻھوءَ کي پاڻيءَ جي ھڪ ڍڪ جِي ٿي سگهي ٿي.
اھو بہ ممڪن آھي تہ ھي ماڻھو، منھنجا شاھد، ھيءَ ڪارروائي ھلندي شاھدين کان باغي ٿي وڃن، ڦري وڃن، پر انھن کي ايئن ڪرڻ ڏيو جيئن اھي ڪرڻ گهرن. مون کي ان جي پرواھہ ڪونھي. جيڪڏھن اھي ماڻھو ھن بند ٻوساٽيل ڪمري مان اٿندڙ سڏ جي جواب ۾ لبيڪ چوڻ جي ھمت جو مظاھرو ڪن ٿا تہ مون کي اھا پرواھ نھہ ھوندي تہ اھي ھن شاھديءَ جي جاءِ ۾ منھنجي حق ۾ ٿا ڳالھائن يا مخالفت ۾.
آءٌ ھن ”بيان ڪيل سازش“، جيڪا حقيقت ۾ اسان جي مٿان ڳجهن جيان لامارا ھڻندڙ قومي گهوٽالي ۽ ڪُن مان اٿندڙ لاچار آوازن مان ھڪ آواز آھي، جي ڪيس ۾ ان جي ڪارروائيءَ بابت ڪنھن بہ ڳڻتيءَ ۾ نہ آھيان. تاريخ پنھنجو پاڻ ھن موتمار طوفان ۾ اٿيل خاڪ جي ذري جو تحفظ ڪندي. اڄ جيڪڏھن مون کي ڪا ڳڻتي، ڪو انديشو ۽ ڪو اونو لاڳڙ آھي، تہ اھو رڳو ھي تہ ڇا اڃا بہ ھڪ پيرن-ڀڳل، بدديانت، خودفريبيءَ ۾ ڦاٿل، منافقيءَ جي خمير ۾ ڳوٿل ۽ پوريءَ طرح تباھيءَ جي شڪار ھن سماج جي ٽٽل قطارن ۾ ڪي ماڻھو جيئرا سلامت آھن، جيڪي سچ کي سچ ۽ ھڪ ”ٻاٽ رات“ کي ٻاٽ رات چئي سگهن؟(21)


ميجر آفتاب احمد
(وڏو ملزم)
سيل نمبر هڪ
اٽڪ قلعو
4-اپريل 1985ع

______________
1. جنرل ضياءَ جي اسلامي ريفرنڊم ۾ حاصل ڪيل اهي ووٽ جيڪي ماڻھوءَ جي جسم جي ٺيڪ ڪوساڻ پد 98.6 کان 4.29 پد گهٽ هئا. آءُ نه ٿو سمجهان ته ڪو نظام لاڳيتو ايتري گهٽ ڪوساڻ تي جيئرو رهي سگهي ٿو.
2. ڀارتي جنرل اروڙا جي چوڻ موجب، پاڪستان آرمي بھترين ڪپتانن ۽ بدترين جنرلن جو ڏک جھڙو مربو آهي.
3. الطاف قريشيءَ تي ”وطن دشمنيءَ“ جو الزام ان دَور جو قصو آهي جڏهن چيئرمئن ڀُٽو هن ملڪ جو بااختيار وزير اعظم هو ۽ جنرل ضياءُ ان جي نئين تازي آئين تي حلف کڻڻ وارو چيف آف دَ اسٽاف، وزير اعظم جو تختو اونڌو ڪرڻ کان پوءِ بھرحال پھرين رات مسٽر قريشيءَ ۽ جنرل ضياءَ، آرمي هائوس ۾ هڪ ئي مصلي تي گذاري هئي. هاڻي ته ڀَت ڀائي ئي نه، پر هم بستر به ٿي چڪا آهن.
4. افغانستان کي وچين دَور جي ڦورو نظام بُک، مفلسي ۽ ذلت مان ڪڍڻ جو حل ”انقلاب ثور“ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه پئي ٿي سگهيو. سوچ جي ان ارتقائي سفر جو احوال منھنجي بيان ۾ پڌرو ڏيکارجي پيو.
5. اڄڪلهه هٿيار ٺاهيندڙ فيڪٽريون پنھنجي وجود جي سڀ کان وڌين هڙتالن، تالابندين ۽ آزادي پسند مزدورن جي ڇانٽين جو شڪار ٿيو پيون آهن.
6. پر مون عدالت ۾ چيو هو ته ”جنرل پنھنجي سموري اسلامي جوش ۽ خروش سان اها سڄي جو سڄي تقرير شاهدن جي ڪٽھڙي مان ورجائيندو جنھن ۾ اسين خليفت المسلمين، هن راڄڌانيءَ جي سڀ کان وڏي آڙهتي (پوکي ڪندڙ) جي زباني رشوت جي تازيءَ بھا بابت به معلومات وٺنداسون.“
7. پانڊو جبل جو هيءُ اهو ئي مورچو هو جتي پاڪ آرميءَ جو پھريون نشان حيدر ڪئپٽن سرور شھيد ٿيو.
8. ان عرصي ۾ مون ڳڻي ڳوتي ڪيل ڪاٿي موجب 2-لک فوٽ جبل ماپيو (جاچيو) ۽ برف پوش جبلن ۽ سوڙهين ماٿرين ۾ ڏيڍ سؤ ميل (اڪثر) اڪيلو پنڌ ڪيو.
9. مون کي کوڙ ڀيرا همت ۽ دليريءَ جي فوجي اعزازن لاءِ نامزد ڪيو ويو هو پر عام آفيسرن ۽ عھديدارن جيان آءٌ جيئن ته جنرل محمد حسين انصاري، جنرل ٽائيگر نيازي، جنرل حميد، جنرل گل حسن يا يحى خان جھڙن پاڪستان جي فاتحن جي اعلى نسل مان نه هوس، هر رڪمڊيشن ٽوڪريءَ جي حوالي ٿيندي رهي. اڄ بھرحال، مون کي فخر آهي ته پاڪستان کي وڪڻندڙ هلالِ جرئت ۽ ستارهء جرئت پوکيندڙن جي قطار ۾ منھنجو نالو ڪونهي.
10.هتي ليکڪ جي مراد شايد بنگالي آهن! - سنڌيڪار
11. پاڪستاني فوج بنگال ۾ ڪھڙو ڪردار ڪيو، ان جو ٿورو اندازو انھن لفظن مان ڪري سگهجي ٿو. - سنڌيڪار
12. ڀولا ۽ ان جي آسپاس آيل ان سامونڊي طوفان جي نتيجي ۾ لکين مشرقي پاڪستاني (بنگالي) مري ويا. جيتوڻيڪ فوج دير سان ئي سھي، پر پوءِ به وس آهر امدادي ڪارروائي ڪئي، پر مغربي پاڪستان مان ڪنھن به اڳواڻ کي اها توفيق به ڪو نه ٿي ته حال پڇڻ ئي اتي ها. 1970ع جي چونڊن کان ترت اڳ اها بي حسي گڏيل پاڪستان جي جنازي ۾ آخري ڪوڪن مان هڪ وڏو ڪوڪو ثابت ٿي.
13. ميان طفيل وارن جي پاڻ پاليسي ئي اها هئي جيڪا جنرلن هلائي پئي. هو ڇو ايئن ڪري ها! - سنڌيڪار
14. جنرل ضياءُ ”پاڪستان هاڻ ٽٽڻ گهرجي“ جي ليکڪ جو شيدائي ڇو آهي؟ ايندڙ وقت ئي ان جي وضاحت ڪري سگهندو. بھرحال، جِي ايم سيد کُلي عام چئي چڪو آهي ته جنرل ضياءَ کان وڌيڪ سٺي نموني ڪو به ٻيو سندس مقصدن جي پورائي ڪري نه سگهندو. ان هوندي به هُو محب وطن ۽ ڌيان جو مرڪز آهي ۽ مون جھڙا اڻڳڻ وطن دشمن!
15. مسٽر ايم بِي زمان اسان جي خلاف سرڪار جو خصوصي وڪيل هو. منھنجي ان نموني صفائيءَ جي شاهد طور کيس سڏائڻ سبب هُو مون کان ناراض ٿي ويو ۽ سلام جو جواب ڏيڻ به بند ڪري ڇڏيائين، جنھن جو مون کي افسوس آهي.
16. ان وڏي (بلندپايه) قانوندان، ڊن هاگ جي فاتح، شاهه کان وڌيڪ شاهه جي وفادار (ڏاچِي هڻي ڏهه ته توڏو هڻي تيرهن) جو ثبوت ڏنو. ملڪي قانون ته رهيو هڪ پاسي، مارشل جي لاقانونيت جي ”حڪمن“ جي به شديد کليل ۽ بي مثال خلاف ورزين جي ثبوت باوجود هن (مسٽر زمان) نمبر هڪَ کان سترهين تائين سڀني تھمت لڳلن لاءِ ”حڪم نامي“ ۾ ڏنل وڌ کان وڌ سزائن جو مطالبو ڪيو. هڪ اڌ (تھمت لڳل) سان رعايت ڪندي، هن پنھنجي سفارش مان ”سخت“ جو لفظ ڪڍي ڇڏيو پر سزا ڏيڻ جو مطالبو انھن لاءِ به زور شور سان ڪيائين. (ڊاڪٽر قادر جو وڏو وڪيل ايس ايم ظفر هو.)
17. گواهه نمبر 37 کان 41 حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ تائين واري فھرست، وڏي فھرست عدالت کي ڏيڻ کان پوءِ ورندڙ ڏينھن تي ميسر ڪئي وئي هئي پر تسلسل ۽ سھولت خاطر ان کي وڏي دستاويز ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
18. چيئرمئن ڀٽو.
19. ليفٽيننٽ جنرل شمس الرحمان ڪلو، هن فوج جو آخري نج سپاهي، ڪَرارو، هر دل عزيز ۽ پيارو ليفٽيننٽ جنرل، جيڪو نيٺ جالنڌر مافيا جو شڪار ٿي گهر پھتو.
20. انھن جملن ۾ سمجهو ته اسان جي فوجن جي ڪردار جو نچوڙ پيو آهي. انھن حالتن ۾ هڪ عام شھري انھن کان آئين جي وفاداري ۽ ملڪ جي سرحدن جي صحيح معنى ۾ بچاءَ جي اميد رکڻ ڪيتري حد تائين حق بجانب آهي، توهان پاڻ ئي سوچيو.
21. پنھنجي صفائيءَ جي شاهدن ۽ انھن جي حقيقي ـــ سچ پچ تخريبڪار نسل خلاف ڀُٽي جي شھادت جي ڇھين ورسيءَ جي ڏينھن فوجي عدالت آڏو اها منھنجي فرياد هئي جيڪا اڃا هَلڻي آهي:
ميں کس کے هاتھوں پے اپنا لهو تلاس کروں
تمام شهر نے پهن رکھے هيں دستانے

ڪانسٽِيٽيوشن اوينيو کان شاھراھہ قائد اعظم ڏانھن

اسپيشل ملٽري ڪورٽ نمبر 64
اٽڪ قلعو، اٽڪ خورد جي لاءِ

عنوان:
ڪانسٽِيٽيوشن اوينيو کان شاھراھہ قائد اعظم ڏانھن


ادب سان آءٌ ھيٺ ڏنل معاملا توھان جي اطلاع، جائزي، ترت يا دير ڪرائيندڙ لاءِ پيش ڪري رھيو آھيان:-
الف: 13-مئي 1985ع تي اٽڪ قلعي سب-جيل جي ھڪ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ مون کان اھڙي فارم تي صحيح ورتي جنھن جو مقصد 2/3 جنوريءَ جي رات سيالڪوٽ ڇانوڻيءَ ۾ منھنجي جاءِ 225-شاھراھہ قائد اعظم تي ھنيل ”ڇاپي“ ۾ کنيل نہ-ڄاڻ ڪھڙين شين مان ڪجهہ موٽائي ڏيڻ جي نيت ظاھر ڪيل ھئي. اھو فارم جنھن جو نالو نامزدگيءَ جا ڪاغذ (Nominative Proforma) ھو، جنرل ھيڊقئارٽر جي پي ايس (PS) ڊائريڪٽوريٽ کان آيل ھو ۽ ان تي صحيح وٺي اوڏانھن ئي موٽائڻو ھو. مون نامزد ڪيو، صحيح ڪئي ۽ ڪاغذ اسسٽنٽ سپريڊنٽ جيل جي حوالي ڪري ڇڏيا.
ب: 14-مئي تي انھيءَ ئي آفيسر مون کي پنھنجيءَ آفيس ۾ سڏايو ۽ مون نامزدگي بدلائڻ لاءِ چيو ــــ ان ”نامزد“ (Nominee) جي تبديليءَ لاءِ جنھن کي ڇاپي کان ھڪ سال ۽ پنج مھينا پوءِ ڪيل ھن فراخدليءَ واري فيصلي جي نتيجي ۾ شاھراھہ قائد اعظم واري گهر ۾ کسيل ۽ ڪيس سان غير واسطيدار شين کي ”ڇاپي مارن“ کان موٽائي وٺڻو ھو. اھو عرصو جيتوڻيڪ ھن قوم ۽ ان جي انھن ماڻھن لاءِ ايڏو وڏو نہ ھو، جن کي ان قسم جي ڪيسن جي چڪيءَ ۾ پيٺو ويندو ھجي، مون بھرحال نامزدگي تبديل ڪرڻ جي حڪمن مڃڻ کان صاف انڪار ڪيو.
ٻ: منھنجا گهرڀاتي ۽ ٻيا ”ويجهي پري جا“ مٽ مائٽ، اڃا بہ سوِل ۽ ملٽري انٽيليجنس ايجنسين جي دھشتگرديءَ جو شڪار آھن. اھي سڀ مرد ۽ عورتون، جوان ۽ پوڙھا ۽ ٻار منھنجي گرفتاريءَ جي رات کان پوءِ ڏاڍي اذيت ڀوڳيندا رھيا آھن. مون کي ڪنھن قيمت تي بہ اھو گوارا نہ ھو، تہ اھي ان ڀوائتي رات تي نازل ٿيل مھانڊن جو ديدار ٻيھر بہ ڪن، ان ڪري مون ھن مقصد لاءِ ”اسلامي جمھوريہ پاڪستان“ جي حڪومت کي نامزد ڪيو ھو ــــ ”عوام“ جي ان حڪومت کي جيڪا ”عوام“ جي لاءِ آھي ۽ ”عوام“ جي ئي آھي ـــــ معرفت ڪانسٽيٽيوشن اوينيو، اسلام آباد.
ڀ: مون کي ھاڻي بہ پنھنجي ”نامزد“ ڪيل جي نامزدگيءَ بابت ڪا ڳالھہ ”غير معمولي“ محسوس نہ ٿي ٿئي. ھا اھو ممڪن آھي تہ ايڊريس ۾ ڪا کوٽ رھجي وئي ھجي. دراصل جڏھن آءٌ ”نامزدگيءَ جا ڪاغذ“ ڀري رھيو ھوس تہ قلعي جي فضا ۾ ڪيترا ئي ايف-16 (جديد بمبار جھاز) الھندين سرحدن ڏانھن رڙندا پئي ويا. ان مھل آءٌ پڪ ئي اھو فارم ڀرڻ کان وڌيڪ انھن جي اڏام، ارادن، مِشن ۽ منزل بابت وڌيڪ ڳڻتي ۾ ھوس.(1) اھو بہ سچ آھي تہ پنھنجي ”نامزد“ جي ايڊريس جي وڌيڪ وضاحت ھاڻي بہ منھنجي وس جي ڳالھہ ناھي. آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ اھو ڪانسٽيٽوشن اوينيو ڪھڙي آئين سان لاڳاپيل آھي ــــ اھو آئين جيڪو ٺھي نہ سگهيو، اھي آئينَ جيڪي ٺھيا ۽ دفن ٿي ويا، يا ھي 1973ع جو آئين آھي ــــ ھڪ ٽنگيل ۽ پوئتي رکيل آئين، ھڪ وڃايل ۽ ھاڻي رد ڪيل آئين آھي، يا 1985ع جو آئين آھي؟ بھرحال، ايڊريس جي ڪا کوٽ منھنجن ”نامزدگي ڪاغذن“ جي ان نموني رد ڪرڻ جو ڪو سبب ٿي نہ ٿي سگهي جيئن اسان جي ملڪ جو جهرلو باز اليڪشن ڪمشنر ان قسم جي ڪاغذن کي قانوني ۽ قانون کان مٿانھن سببن جي ڪري رد ڪري ڇڏيندا آھن. سمجهو ڪري تہ ايڊريس ۾ غلطي ھئي بہ، تہ اھي ڪاغذ منھنجي ڦريل ملڪيت سميت جنرل ھيڊ قئارٽرز جي خطن واري ”مردار گهر“ (Dead Letter Office) ۾ جمع ڪرائي سگهجن پيا ـــــ اھو مردار گهر اھو ازدھا آھي جيڪو اڄ بہ منھنجي ”مال“ کي وڌيڪ ڪجهہ ورھين لاءِ ان وقت تائين ضبط ڪري رکڻ ۾ ڪو حرج نہ ھو جيستائين مون کي ڪجهہ تازي ھوا جي جهوٽن تائين پھچ نہ ٿي وڃي ھا. آءٌ ڄاڻان ٿو، ليُونِڊ برزنيف جي مرڻي کان پوءِ فضا ۾ چڱي تازي ھوا اچي چڪي آھي.(2)
ت: ھيٺ ڏنل حقيقتن جي ڪري آءٌ ھن عرضداشت کي عدالت جي ريڪارڊ ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ڪري رھيو آھيان:
(1) اھا سرڪار پاران منھنجي گهر 225-شاھراھہ قائد اعظم، سيالڪوٽ ڇانوڻيءَ تي ھنيل ”ڇاپي“ جو شايد پھريون ۽ آخري ثبوت آھي.
(2) اھا ان ڳالھہ جو اٽل ثبوت آھي تہ منھنجي گهر مان ڪجهہ شيون ان ڇاپي ۾ اھڙيون بہ ضبط ڪيون ويون جيڪي ڪيس سان غير واسطيدار ۽ انڌاڌنڌ ڦرلٽ جو نتيجو ھيون، تڏھن تہ انھن مان ڪجهہ موٽائڻ جي نيت ظاھر ڪئي وئي آھي.
(3) اھا ان حقيقت جو بہ ثبوت آھي تہ ڇاپو ھلندي ڇاپو ھڻندڙ جٿن ڪنھن بہ معاملي ۾ ڪا بہ تميز نہ رکي، ان ڪري جيڪڏھن مون وٽ ايئن ڪيو ويو تہ پڪ ئي اھڙن ”حملن“ جي زد ۾ آيل ٻيا گهر ڪٿي محفوظ رھيا ھوندا. چادر ۽ چارديواريءَ جي جڳ مشھور نئين نعري جي موجوديءَ باوجود ڇاپا مارن گهرن جي تقدس جي جيڪا بي عزتي ڪئي آھي، ان جو مثال نہ ٿو ملي.(3)
(4) اھو معاملو پنھنجي زبان سان سڏي سڏي ان رويي جو ٻڌائي رھيو آھي جيڪو جاچو دلالن حراست ھيٺ آفيسرن ۽ انھن جي گهرڀاتين سان جاري رکيو. انھن جي گهرن مان کنيل اھي شيون جنرل ھيڊقئارٽرز جي ڪٻاڙخاني ۾ اڇلايون ويون ھيون. عورتن جي زيورن ۽ رجمينٽل شيلڊن (Shields) کان وٺي جنگي يادگارن ۽ سوکڙين ۽ ڪتابن ۽ رسالن کان وٺي ڪجهہ ”نيرن خطن“ تائين ھر شيءِ شامل ھئي.
سائين منھنجا! 2/3 جنوريءَ جي وچ واري رات شاھراھہ قائد اعظم تي جيڪي قلف، پيٽيون ۽ دليون ٽوڙيون ويون، انھن جا ڦٽ نہ تہ اڃا ڇُٽا آھن ۽ نہ ئي ڇُٽي سگهندا. منھنجو بابا، ھڪ اڳوڻو سپاھي، پنھنجي منھن ۽ روح تي ڇَپيل گهرن ڦٽن جا نشان کنيو ناردرن ڪمانڊر ھيڊقئارٽر(4) جي ڪنھن ڪني ڪارندي وٽ اھي ڦريل شيون موٽائي وٺڻ جي حيثيت ۾ ڪونھي. آءٌ ذاتي طرح پاڻ پسند نہ ڪندس، تہ منھنجو پيءُ ان معاملي ۾ ”صاحب بھادر“ وٽ ويٺل ڪنھن مڪروھہ ڄامڙي ڀُوت آڏو پيش ٿئي. منھنجو خيال آھي، ”اولڊ مئن“ [پوڙھو ماڻھو يعني آفتاب جو پيءُ] 1937ع کان 1968ع تائين انھن بيرڪن ۽ ڀُوتن جي گهڻي ئي چاڪري ڪري چڪو آھي. آءٌ ھن کي ڪنھن اھڙي شيءِ وٺڻ لاءِ بہ اتي وڃڻ جو نہ چوندس جيڪا مُلھہ ۾ ان رقم برابر ھجي جيڪا اسين تربيلا جي سرنگهہ نمبر 2 ۾ غرق ڪري چڪا آھيون.(5) آءٌ اھو بہ پسند نہ ڪندس تہ ھُو ھڪ ڀيرو وري ڪنھن اونداھيءَ رات ۾ انھن جي ڪڍ دروازو ٽوڙي گهر ۾ گهڙي پوي. ڇاپا مارن جي رات اڳ ئي کٽڻ ۾ ڪو نہ ٿي اچي. ھنن حالتن ۾ منھنجو ڪو بہ مائٽ ان حيثيت ۾ ناھي جو ھڪ ھڪ ”تڙيل ماڻھوءَ“ جي ڦريل ملڪيت جي واپسيءَ لاءِ ”نوح جي ٻيڙيءَ جي مقدس ڇاپامارن“ جي سامھون اچي.
(5) مٿي ڏنل حقيقتن جي روشنيءَ ۾ آءٌ توھان کي درخواست ڪيان ٿو تہ توھان جيل جي حاڪمن کي منھنجا نامزدگي ڪاغذ، جيئن اھي آھن، ھيڊقئارٽرز موڪلڻ جو حڪم ڏيو. انھن نامزدگي ڪاغذن جي نوعيت کان ڪنھن کي بہ نہ ڪو ڀؤ هجڻ گهرجي ۽ نہ ئي اڄ سڀاڻي اهي وري ڪنھن لاءِ شرمندگيءَ جو ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. ويجهڙ جي ئي تہ ڳالھہ آھي تہ ھڪ ”ٺيڪيدار“، جنھن جي نامزدگي ڪاغذن پرزائيڊنگ آفيسر کان وٺي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ھاءِ ڪورٽ جي بينچ کان وٺي ھن ملڪ جي سپريم ڪورٽ تائين سڀني رد ڪري ڇڏيا ھئا، ھن ملڪ جي وفاقي وزير تجارت جي عھدي جو حلف کنيو آھي.(6) ۽ ان ڪري آءٌ اھا اميد رکڻ ۾ حق بجانب آھيان تہ منھنجا نامزدگي ڪاغذ جيئن آھن تيئن قبول ڪري منھنجي گهر مان ڦريل سڀ شيون پھريائين ھن ”اسلامي حڪومت“ ۽ ان گهر ڏانھن موٽايون وڃن جتان اھي چورايون ويون ھيون.
(6) آخر ۾، انصاف ۾ فيئر پلي جي حوالي سان ھڪ ڀيرو وري آءٌ توھان کي درخواست ڪريان ٿو، تہ منھنجي ھن درخواست کي عدالت جي ريڪارڊ تي آندو وڃي.
عدالت جا صدر! ان کان سواءِ آءٌ اڄ اوھان کي ھيءَ وينتي بہ ڪريان ٿو تہ توھان گذريل اٺن سالن ۾ ھن ملڪ ۽ قوم جون سموريون ڦريل ملڪيتون ڪانسٽيٽيوشن اوينيو معرفت(7) ۽ ”راھہ“ سان شاھراھہ قائد اعظم(8) کي موٽائي ڏيڻ ۾ اسان جي مدد ڪريو.

_______________

1. اِهي اُهي ڏينھن هئا جڏهن افغان روسي مگ ڏينھن رات اسان جي سرحدن تي بمباري ڪري رهيا هئا. انھن جو هر ڏينھن جو شڪار گهٽ ۾ گهٽ ٻارهن سورهن پاڪستانين يا افغان مھاجرن کان ورلي ڪو گهٽ هوندو هو. اسان جي فضائيه پوريءَ طرح خصي محسوس ٿي رهي هئي.
2. برزنيف جي آخري رسمن مھل سرڳواسي آندروپوف سان ملاقات کان پوءِ جنرل ضياءَ جي قوم کي ٻڌايل خوش خبريءَ تان ورتل ته ”فضا ۾ گهڻي ئي تازي هوا محسوس ٿي رهي آهي“. اها تازگي پڪ ئي انھن بمبارين سان ڪري سگهجي ٿي جنھن سان اڄ بي هٿيار پاڪستانين جو واسطو آهي.
3. ڪيترن ئي آفيسرن جي گهرن ۾ عورتن ۽ ٻارن کي ٿڦون هنيون ويون، پيٽيون ڀڳيون ۽ الماڙيون ڊاٿيون ويون، گهرن مان بي دخلي عمل ۾ آئي ۽ انڌاڌنڌ ڦرلٽ ڪئي وئي. انھن ڇاپن مان ڪنھن هڪ لاءِ به وارنٽ يا قانوني اجازتنامو نه ورتو ويو هو.
4. انگريز راڄ جي دَور ۾ پنڊيءَ جي انھن ئي بيرڪن ۾ جتي اڄڪلهه جِي ايڇ قيو آهي، ان جي ناردرن (اترين) ڪمان جو هيڊقئارٽر هو. نالو بدلجي ويو پر انھن بيرڪن جا مقصد ۽ ڪردار نه بدليو.
5. هيءَ اها ئي رقم ۽ ڏاکڙو آهي جنھن جو ذڪر ڪرڻ تي تربيلا ڊيم جي بريفنگ روم ۾ پِي اين اي جي واپڊا واري وزير چوڌري رحمت الاهيءَ کي چيئرمئن واپڊا هيروئن جي هٽي سردار سمگلر فضل حق جي ننڍي ڀاءُ جنرل فضل رزاق جي ٺونشن ۽ ٿڦن سان واسطو پيو هو.
6. همايون سيف اللھ
7. اهو اوينيو جيڪو ڪنھن ملڪ ۽ قوم جي اميدن جو مرڪز ۽ مقصدن ۽ منزل جي ”راهه“ هو.
8. شاهراهه قائد اعظم جتي ڪڏهن هن ملڪ جي هڪ شھريءَ جو گهر هوندو هو، پر 14-آگسٽ تي ته ست ڪروڙ پاڪستانين، سڀني جي آبادڪاري ان ئي ”شاهراهه“ تي ٿي. هاڻي هڪ گهر ئي نه، جناح جي هيءَ سڄي وسندي ۽ ان جي سوچ جي لٽيل شاهراهه اونداهين ۾ ٻڏل پئي آهي. 

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو مختصر تعارف

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو همه گير شخصيت جو مالڪ ۽ سنڌ جو لائق سپوت هو. هُو سياسي، سماجي ۽ فڪري اڳواڻ، ٻوليءَ جو ماهر، محقق، اديب، مترجم، تنقيدنگار، صحافي، ايڊيٽر، ’استاد‘، ڊاڪٽر، اتساهڪ ڪردار، ماڻھپي سان پيار ڪندڙ ۽ انساني چڱايُن ۾ يقين رکندڙ شخص هو.
ڊاڪٽر محبت علي ولد شوڪت علي ’شوق‘ ٻرڙو 25-مارچ 1952ع تي قنبر شھر، ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻ قنبر-شھدادڪوٽ) ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم قنبر ۽ ثانوي تعليم لاڙڪاڻي مان پرائڻ کان پوءِ ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج (ايل ايم سِي) ڄامشوري مان پاس ڪئي. هُن ٻہ سال ڪئپٽن ڊاڪٽر جي حيثيت سان ڪمپلسري ملٽري سروس ۽ ٿورو وقت ڪراچيءَ ۾ پرائيويٽ نوڪري ڪرڻ کان پوءِ قنبر ۾ ’لطيف ڪلينڪ‘ قائم ڪئي. سندس شادي صفيه ميمڻ سان ٿي. سندس پٽ انجنيئر ڊاڪٽر ساجد محبت ٻرڙو اين اِي ڊِي انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي.
ڊاڪٽر محبت ايل ايم سِي ۾ پڙهڻ دوران 1971-72ع ڌاري لکڻ جي شروعات ڪئي. هُن قنبر ۾ ”گلن جھڙا ٻارڙا سنگت قنبر“ جي سرپرستي ڪئي. هُو ”قنبر ويلفيئر ايسوسيئيشن“ جو باني ميمبر، ”سٽيزن (ويلفيئر) ڪاميٽي قنبر“ جو باني ميمبر ۽ سيڪريٽري بہ رهيو. هُو ”موهن جو دڙو سائنس ڪلب قنبر“ ۽ ”کيرٿر سائنس اڪيڊمي قنبر“ جو فڪري سرپرست ۽ سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ جو رڪن رهيو. هُو ”سنڌ فورم فار اِنٽيگريٽيڊ ڊولپمينٽ حيدرآباد (روشني فورم)“ سان لاڳاپيل پڻ رهيو.
ڊاڪٽـر محـبـت ٻـرڙو سياسي طور سنڌي شاگرد تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ سان لاڳاپيل ۽ مرڪزي اڳواڻ رهيو. هن سڄيءَ سنڌ ۾ 500 کان وڌيڪ علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي موضوعن تي ليڪچر ڏنا، جن سياسي ۽ سماجي سجاڳيءَ ۾ وڏو ڪم ڪيو. 1984ع ۾ قنبر ۾ اچڻ کان پوءِ هن سياسي مضمون لکڻ سميت فلسفي ۽ جدوجھد جي موضوعن تي ڪتاب لکڻ ۽ ترجمو ڪرڻ شروع ڪيا. 1992ع ۾ کيس عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سان اختلاف رکڻ ۽ تنقيد ڪرڻ جي بنياد تي ڌار ڪيو ويو.
سن 1990ع کان ڊاڪٽر محبت سياسي صورتحال تي مضمونَ لکڻ ۽ ترجما ڪرڻ، مختلف علمي مقالا ۽ مضمونَ لکڻ ۽ ترجمو ڪرڻ، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا جوڙڻ، سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ سائنسي اصطلاحسازي ڪرڻ، سنڌي ٻوليءَ، ان جي لفظن ۽ گرامر تي تحقيق ڪرڻ، علمي ليڪچر ڏيڻ ۽ سماجي ۽ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. ڊاڪٽر محبت سڄي ڄمار ان راءِ جو رهيو، ۽ ان تي عمل بہ ڪندو رهيو، تہ جيڪو ڪجهہ بہ پاڻ کان عملي ۽ علمي ڪم ٿي سگهي ٿو سو اوَس ڪرڻ گهرجي.
هن عالم، اڻ مُلھہ ۽ محبتي شخص ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي وفات دل جي دَوري سبب، 9 اپريل 1997ع تي قنبر ۾ ٿي. سندس ياد ۾ ”کيرٿر سائنس اڪيڊمي“ جو نالو بدلائي ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي“ رکيو ويو. اڪيڊميءَ پاران هر سال سندس ورسي منعقد ڪرڻ سميت سندس لکيل يا ترجمو ڪيل ڪتاب ڇپرائي پڌرو ڪيو/ڪرايو وڃي ٿو. اڪيڊميءَ پاران 2002ع کان علمي، ادبي ۽ سماجي شعبن ۾ ڪم ڪندڙ نمايان شخصيتن کي ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ“ پڻ ڏنا وڃن ٿا. *

ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپرايل ڪتاب

1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ................................................ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
2. ماڻھو ۽ ماڻھپو ................................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
3. آبشار ...................................... جبران خليل جبران/انجنيئر شفقت حسين وڌو (ختم)
4. يادون ۽ سُڪونُ ................................................................. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
5. ٻوليءَ جو بڻ ....................................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
6. سائنسي ڄاڻ ............................................................................ اجمل هديٰ ڀٽو (ختم)
7. ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟ ....................................... شفقت حسين وڌو (ختم)
8. سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت ........................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
9. رانديڪو ..................................................................................... ملھار سنڌي (ختم)
10. ٻہ ٽي جام پيئڻ کان پوءِ ........................................ عمر خيام/ شفقت حسين وڌو (ختم)
11. گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ڪالا باغ ڊيم ................................... محمد ادريس راجپوت (ختم)
12. شعور ................................................................................ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
13. شام جي هوا ................................................................................ رياضت ٻرڙو (ختم)
14. هوا ۾ ٻرياسين ............................................................................... بيخود بلوچ (ختم)
15. تقريرون .................................................................................... غلام علي چنہ (ختم)
16. موسيٰ کان مارڪس تائين ................................ سِبطِ حسن/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
17. پنج ڏينھن ........................................................ سعادت حسن منٽو/رضوان گل (ختم)
18. وکر ڌارو ڌار ............................................................................... غلام علي چنہ (ختم)
19. ڪونج ...................................................................................... غلام علي چنہ (ختم)
20. ديوانِ رياضت ............................................................................ رياضت ٻرڙو (-/60)
21. تحفو ................................................................................ حسن علي هڪڙو (-/40)
22. جيون تنھنجي نانءِ ................................................................... وفا اسلم شيخ (ختم)
23. ساحل ۽ سمنڊ .............................. جبران خليل جبران/پروفيسر عطاءُ ﷲ ابڙو (-/40)
24. سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام .................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/90)
25. قنبر: هڪ اڀياس ........................................... ايڊيٽر ۽ سھيڙيندڙ: رياضت ٻرڙو (ختم)
26. قنبر تعلقو: مختصر ڄاڻ سڃاڻ ............................... مرتب: دين محمد ڪلھوڙو (ختم)
27. گرهن جي کوجنا ............................................. جيقئلن مٽن/ جاويد حسين وڌو (ختم)
28. ٻول جو بڻ ................................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/100)
29. ڳولا ............................................................ ٽيلر ڪالڊويل/ شفقت حسين وڌو (ختم)
30. چانڊوڻا چمڪن ............................................................... مرتب: رياضت ٻرڙو (ختم)
31. سڄڻ ماکيءَ ميٺ .......................................................................... اسد چاچڙ (-/40)
32. ڌرتي: منھنجو گهر ............................................................. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
33. آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ............................. ايم ايڇ پنھور/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
34. فلسفو: هڪ مطالعو ........................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
35. ضميري پڇاڙيون ........................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/100)
36. سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون ...................................... ڊاڪٽر بشير احمد شاد (ختم)
37. پيرل قنبر .............................................................................. ڪوڙل قربدار (-/160)
38. اهنجي ڌرتي ................................................................ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/130)
39. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (شخصيت، فڪر ۽ فن) .................. ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (-/200)
40. ابتدائي سائنس (ٽئين درجي لاءِ) ............................................ جاويد حسين وڌو (ختم)
41. ابتدائي سائنس (چوٿين درجي لاءِ) ......................................... جاويد حسين وڌو (ختم)
42. ابتدائي سائنس (پنجين درجي لاءِ) ......................................... جاويد حسين وڌو (ختم)
43. فطرت، سائنس ۽ سماج ................................................. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/150)
44. پھاڪن ۽ چوڻين بابت تنقيدي مقالا .................... انجنيئر عبدالوهاب سھتو (-/120)
45. لاڙي پھاڪا ۽ چوڻيون ............................................. انجنيئر عبدالوهاب سھتو (ختم)
46. ڳوٺاڻو ڳُــڙ ......................... ڄاڃي لال ڊي آهوجا ۽ انجنيئر عبدالوهاب سھتو (-/140)
47. محبت جا خط ............................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/200)
48. ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون ... انجنيئر عبدالوهاب سھتو (ختم)
49. طبي پھاڪا ۽ چوڻيون ............................................. انجنيئر عبدالوهاب سھتو (ختم)
50. معلوماتي مالھا .......................................... واحد بخش تونيه ۽ عابد حسين تونيه (ختم)
51. چونڊ سنڌي چوڻيون .......... ڪيرت مھرچنداڻي ۽ انجنيئر عبدالوهاب سھتو (-/140)
52. معلوماتي مالھا (ٻيو ڇاپو) .......................... واحد بخش تونيه ۽ عابد حسين تونيه (ختم)
53. ٿري پھاڪا ۽ چوڻيون .............................................. انجنيئر عبدالوهاب سھتو (ختم)
54. محبت جن جي من ............................. ترتيب ۽ تدوين: ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (-/400)
55. ڌرتي: منھنجو گهر (ٻيو ڇاپو) ........................................ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/100)
56. اکئين ڏٺم جو .............................................................................. عاشق منگي (ختم)
57. گهاگهر منجهہ ساگر (هندڪو پھاڪا ۽ چوڻيون) ...... انجنيئر عبدالوهاب سھتو (-/150)
58. پھاڪن جي پاٻوھہ ................ تيرٿداس پيسومل/انجنيئر عبدالوهاب سھتو (-/200)
59. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ۽ سنڌي ٻولي ....................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/400)
60. شاھہ جي شاعريءَ جو پھاڪاتي پھلُو .............. مرتب: انجنيئر عبدالوهاب سھتو (ختم)
61. معلوماتي مالھا (ٽيون ڇاپو) ....................... واحد بخش تونيه ۽ عابد حسين تونيہ (ختم)
62. نصيحت آموز آکاڻين وارا پھاڪا ۽ چوڻيون ............. انجنيئر عبدالوهاب سھتو (ختم)
63. يادون ۽ سُڪون (ٻيو وڌايل ڇاپو) ................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/200)
64. پھاڙي آخاڻ (پھاڙي ٻوليءَ جا پھاڪا ۽ چوڻيون) .... انجنيئر عبدالوهاب سھتو (-/400)
65. معلوماتي مالھا (چوٿون ڇاپو) ................ واحد بخش تونيه ۽ عابد حسين تونيه (-/350)
66. سوکڙي ڳالھين جِي ............................. ديوان ڪيولرام/انجنيئر وهاب سھتو (-/200)
67. جدلي ماديت جا بنيادي اصول ...................... سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/340)
68. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جون علمي ۽ ادبي خدمتون ......... ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (-/250)
69. فلسفو: هڪ مطالعو (ڇاپو ٻيو) ...................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/250)
70. چين مٿان ڳاڙهو تارو ................................... ايڊگر سنو/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/800)
71. اٽڪ قلعي کان ................................ ميجر آفتاب احمد/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/600)