سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار عبدالسلام ٿھيم پاران ٻارڙن لاءِ لکيل ڪھاڻين جو ڪتاب ”ميِنھُن آيو ڊوڙِي“ اوھان اڳيان پيش آهي.
ھن ڪتاب ۾ ٻارن جي دلچسپي ۽ اصلاح لاءِ مختلف موضوعن تي ڪھاڻيون شامل آھن. عبدالسلام ٿھيم ڪھاڻين لکڻ وقت اھو ڌيان ۾ رکيو آھي تہ ٻولي ۽ فھم ٻاراڻي سمجهہ مطابق ھجي جيئن ٻار سولائيءَ سان سمجهي سگهن. ھن مجموعي ۾ شامل سڀني ڪھاڻين وسيلي ٻارن جي ڪچن ذھنن ۾ چڱين ڳالھين جا ٻج ڇٽيا ويا آھن.
ھي ڪتاب 2018ع ۾ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي