خواب نگر
محمود مغل پنھنجن ڪالمن ۾ سماج جي اوڻائين، انيڪ حقيقتن ۽ مسئلن کي نھايت سھڻي ۽ اثرائتي پيرائي ۾ لکي ٿو. محمود جي لکڻين ۾ عوام جي اندر جو احوال سمايل آھي. سندس هڪ هڪ ڪالم (positive) اصلاحي ۽ مقصدي ھوندو آھي. خواب نگر ھڪ اھڙو آئينو آھي جنھن ھر ھڪ انسان کي پنھنجو چھرو نظر اچي ٿو. محمود مغل لکي ٿو: ”خواب نگر، درد جي حڪايت آھي ۽ سچ جي شڪايت آھي. “