آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل (يادگيريون)

سدائين مُرڪندڙ چھري وارو ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو. ڊاڪٽر تہ ڀلو ۽ ماهر آهي، پر اُن کا وڌيڪ اِنسان دوست ۽ آدميت جو احترام ڪندڙ آهي. سڄاڻ ليکڪ ۽ شاعر. لطيفي فڪر کي پنهنجي نظر سان پرکيندڙ ۽ بيان ڪندڙ ۽ ڪمال جو داستان گو آهي. ڪتاب ”چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل“ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي يادگيرين ۽ واٽس ايپ گروپ تي لکيل مضمونن ۽ نثري ٽڪرن تي مشتمل دلچسپ ڪتاب آھي. ڪتاب ۾ رڳو شاگردن ۽ استادن جا قصا ناھن پر ڪيتريون ئي يادون، دلچسپيون ۽ تاريخي ڳالھيون پڻ شامل آھن. ڪتاب جي آخر ۾ ڊاڪٽر ماڪي، پنھنجن واسطيدار ڊاڪٽرن جا مختصر تعارف بہ شامل ڪيا آهن، جيڪي هڪ تسلسل ۾ هن ڪتاب جو حصو آهن.
  • 4.5/5.0
  • 94
  • 13
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل (يادگيريون)

سنڌسلامت پاران:

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر محمد إسماعيل ماڪي جي لکيل يادگيرين تي مشتمل ڪتاب ”چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
سدائين مُرڪندڙ چھري وارو ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو. ڊاڪٽر تہ ڀلو ۽ ماهر آهي، پر اُن کا وڌيڪ اِنسان دوست ۽ آدميت جو احترام ڪندڙ آهي. سڄاڻ ليکڪ ۽ شاعر. لطيفي فڪر کي پنهنجي نظر سان پرکيندڙ ۽ بيان ڪندڙ ۽ ڪمال جو داستان گو آهي. ڪتاب ”چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل“ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي يادگيرين ۽ واٽس ايپ گروپ تي لکيل مضمونن ۽ نثري ٽڪرن تي مشتمل دلچسپ ڪتاب آھي. ڪتاب ۾ رڳو شاگردن ۽ استادن جا قصا ناھن پر ڪيتريون ئي يادون، دلچسپيون ۽ تاريخي ڳالھيون پڻ شامل آھن. ڪتاب جي آخر ۾ ڊاڪٽر ماڪي، پنھنجن واسطيدار ڊاڪٽرن جا مختصر تعارف بہ شامل ڪيا آهن، جيڪي هڪ تسلسل ۾ هن ڪتاب جو حصو آهن.
ھي ڪتاب 2024ع ۾سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون ڊاڪٽر محمد إسماعيل ماڪي صاحب جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڪتاب جا حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ آهن

ڪتاب جو نالو: چانڊڪا ۽ ملينئيم گرل
موضوع: يادگيريون
ليکڪ: ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو
ڪمپيوٽر لي آئوٽ: امان ﷲ ڀٽي
ڇاپو: پھريون 2024ع
ڪمپوزنگ: امرايازمھر 03322920262
ٽائيٽل: نعيم ڏيساولي
ڇپيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي
مُلھہ: 2000 رپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com
2024ع

ارپنا

پنھنجي مرحوم ڀاءُ
انجنيئر حاجي محمد يونس ماڪو
جي نانءُ
جو ڪورونا ۾ وفات ڪري ويو

مرحوم حاجي محمد يونس ماڪو تي سندس نياڻيءَ جو لکيل تاثر

پبلشر پاران

It took me an unbearably long time to finish writing this piece, 87 days to be precise. Every time I would start an overwhelming fear and apprehension to do justice with my words for this great man whom the universe gave me the privilege to call my father would overtake. After great emotional wrestling, I finally came to the terms that no words would be enough to describe the strength of his character, the force of his kindness, the degree of his
selflessness, and the amplitude of his knowledge. But then again he would have wanted me to go ahead, no matter how onerous the task is. So, I will attempt for his sake despite the heartache.
More than a year has passed since he left us for his final abode but I could still feel his presence, hear him in every conversation, see him in every corner. The pain and memories still revolve around. And so do his legacy and principles. There was always more to him than what met the eye. He was our anchor, a guiding light for all his children. His fortitude and courage inspired us, and his relentless support made us who we are today. His aptness to treat all his children equally bit distinctively was remarkable. His ability to always go a step beyond for us was astounding. He was a friend who also happened to be our father.
He had his way of helping people. His offer for helping others would always precede them asking him for help. He would pick up strangers from the road, drop them at their destinations and oftentimes even take their numbers to follow up. The ideas of societal disparities and discrimination were blurred in front of him, he would treat and respect everyone equally. The strong philanthropic values he possessed led him to sponsor dozens of young boys and girls with their education. His assistance and service would not be limited to financial aid only, he was a potent moral force for them as well. Even today when I go back to his old texts for reminiscence, every single message was him telling me to help a certain person in a hospital, guide them with medications and treatment, or counsel someone regarding their illness. He was a true visionary in every essence, his knowledge had no bounds, and would often jokingly proclaim himself a better doctor than me.
His death left a great void in the lives of all those who loved him but with time the pain passes and the beauty of the memories remain. I once read, "A great soul serves everyone all the time. A great soul never dies. It brings us together again and again. " I hope we carry forward his legacy, honor his life and always keep him alive in our hearts.

هن تحرير جو سفر انتھائي اڙانگو هو پر مون همٿ نہ هاري ۽ هن مضمون کي 87 ڏينھن ۾ پورو ڪيو. جڏهن بہ آئون ان عظيم انسان تي لکڻ ويھندي آهيان جيڪو منھنجو والد محترم آهي تہ اندر ۾ هڪ خوف جي لھر پيدا ٿي پوندي آهي. وڏي سوچ ويچار کان پوءِ مان ان نتيجي تي پھتي آهيان تہ اُن جي ڪردار جي طاقت، اُن جي مھرباني جي قوت، اُن جي بي لوث محبت ۽ علم جي وُسعت کي بيان ڪرڻ جي لاءِ لفظن جو هجوم تمام ٿورڙو آهي. پر هن جي خواهش هئي تہ آئون اڳتي وڌندي رهان، رستو ڪيترو بہ کڻي ڪٺن ڇو نہ هجي پر آئون سختين ۽ تڪليفن باوجود اُن جي خوشيءَ جي خاطر ڪوشش ڪنديس.
اُن عظيم هستي کي اسان کان جدا ٿئي ٽي سال ٿي ويا آهن ۽ هو اسان کي اداس ڪري هميشہ هميشہ جي لاءِ هليو ويو آهي. آئون هاڻي بہ هُن جي موجودگيءَ جي احساس کي محسوس ڪري سگهان ٿي ۽ انھيءَ سان گڏ اُن جي ٻڌايل واٽ ۽ رهنما اصول وساريا ناهن. اُن وٽان جيڪو ڪجهہ بہ اسان کي مليو، اُهو اُن جي علم جي ڀيٽ ۾ بلڪل مختصر آهي. هو هميشہ پنھنجي سمورن ٻارڙن جي رهنمائي ڪندو هو. اُن جي استقامت ۽ همت اسان کي گهڻو متاثر ڪيو ۽ اُن جو اسان سان ساٿ اسان کي اُهو بڻائي ڇڏيو جيڪو هينئر اسين آهيون. اُن جو هر ٻار سان هڪ جيترو پيار ۽ امتيازي سلوڪ قابل تعريف هو. هُو هڪ وڏين صلاحيتن جو مالڪ هو. هُو اسان جو والد هجڻ سان گڏ هڪ سٺو دوست بہ هو.
ماڻھن جي مدد ڪرڻ ۾ هن جو هڪ پنھنجو الڳ طريقو هو. هو روڊ ڪناري ويندڙ اجنبين کي اتان کڻندو هو ۽ انھن کي پنھنجي منزل تي ڇڏيندو هو ۽ انھن جي وڌيڪ مدد ڪرڻ لاءِ انھن کان نمبر بہ وٺي ڇڏيندو هو. اُن جي آڏو سماجي اوچ نيچ جو تصور ڪا بہ معنيٰ نہ رکندو هو. هُو هر انسان ذات سان هڪ جيترو سلوڪ ۽ احترام ڪندو هو. هُن وٽ انساني قدر ايترا تہ مضبوط هئا جو هُن درجنين نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي تعليم جي معاملي ۾ اُنھن جي مالي ۽ اخلاقي مدد ڪئي. آئون اڄ بہ جڏهن هُن جي پراڻين لکڻين کي پڙهندي آهيان تہ هو هر هڪ پيغام ۾ مون کي چئي رهيو هوندو آهي تہ اسپتال ۾ مجبور ۽ لاچار ماڻھن جي مدد ڪريو. انھن کي دوائن ۽ علاج جي باري ۾ انھن جي رهنمائي ڪريو. هُو هر جوهر ۾ هڪ سچو هو جنھن جي علم جي ڪا بہ حد نہ هئي ۽ اڪثر مذاق ۾ پاڻ کي مون کان بھتر ڊاڪٽر هجڻ جو اقرار ڪندو هو.
هُن جي جدائيءَ انھن سڀني ماڻھن جي زندگين ۾ هڪ وڏو خال پيدا ڪري ڇڏيو جيڪي انھن سان محبت ڪندا هئا پر وقت سان گڏ گڏ هر هڪ شيءِ گذرندي ويندي آهي، بچنديون آهن تہ رڳو حسين يادون. مون هڪ ڀيري ڪٿي پڙهيو هو تہ ”عظيم روح هر وقت سڀني جي خدمت ڪندو رهندو آهي، هڪ عظيم روح ڪڏهن بہ فنا ناهي ٿيندو، اُهو اسان کي بار بار گڏ ڪندو آهي“. مون کي اميد آهي تہ اسان اُن جي ڇڏيل مشن کي اڳتي وٺي وينداسين، اُن طرفان وراثت ۾ مليل علم کي اسان اڳتي وڌائينداسين ۽ هُن کي هميشہ اسان ماڻھن جي دلين ۾ زندہ رکنداسين.

ڊاڪٽر ماھہ نور يونس نواب ماڪو
حاجي محمد يونس ماڪو جو آشيانو
نواب ماڪا حويلي سکر
ڪلفٽن ڪراچي، سنڌ

پنھنجي پاران

ساروڻيون سارڻ ۽ سلڻ ڪو سولو ڪم ڪونھي. بس وجود کي نپوڙي ان مان دوستن جون يادون ڪڍي ڪو حيات جو آب زم زم پيئجي ٿو. يادن جي مالھا بہ ساھن جي سورڻ وانگر آھي جتي خيالن جي آمد ۽ واپسي ٿئي ٿي. وقت کي ابتو ڦيرائڻ بہ اھا پرولي آھي جنھن کي اوھان ڀڃي سگهو ٿا. آواز پڙاڏا ٿي گونجن ٿا. ۽ اھا گونج اوھان جي حيات تائين آھي. جيسين ممات جي جهوليءَ ۾ ھليا نہ ٿا وڃو. 100 ارب تنتي گهرڙن ۽ 500 کرب تنتي رسد گاھن جي پيچرن تان پھتل اھي نياپا، سنيھا اوھان جي شعور، لاشعور ، تحت الشعور يا مابعد الشعور جي ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ محفوظ ٿي وڃن ٿا. ۽ پوءِ اوھان جنھن يادن جي ڪشڪول کي کوليو ٿا تہ اھي ماضيءَ جا جرڪندڙ موتي اوھان کي جيون جي نئين جوت ڏئي وڃن ٿا.
چانڊڪا جي ڀونءَ بہ ڀلاري ھئي ان جا رنگ ڍنگ نرالا ھئا. مادر علم ممتا جو ٻيو روپ آھي. اسان اڄ جو ڪجهہ آھيون چانڊڪا جي ڪري آھيون. ھي ادارو بہ پنھنجي پرڳڻي جي قديم ۽ عظيم تاريخ جيان ڪنڌ اوچو ڪيون بيٺو آھي. ۽ چانڊڪا جا ڊاڪٽر ايشيا کان آفريڪا تائين، يورپ کان آمريڪا تائين ھوائيءَ کان ھونو لولو تائين ۽ آسٽريليا کان ڪئناڊا تائين ھر ھنڌ پنھنجي علمي درسگاھ جو نالو اوچو ڪيون اچن ٿا.
چانڊڪا تہ پريميڪا جي پيار کان الاھي اتم آھي جنھن زندگيءَ جي ھر جيو گهرڙي ۾ نئين جيون، جوت اوتي ڇڏي آھي. اسين جڏھن مڇن جي ساول واري وَھيِ ۾ ھتي آيا ھئاسون تہ چرچا، چلولايون، وڏا ٽھڪ زندگيءَ جو روٽين ھئا. پوءِ ھتان اسين پختہ سوچ سان پچي راس ٿي نڪتاسون. چانڊڪا ۾ گهاريل ھر گهڙي ھر لمحو منھنجي ذھن تي ترندو رھي ٿو، اسان زندگيءَ جو حسين ترين حصو ھتي گذاريو آھي. آءٌ ھيس تہ چانڊڪا جو معمولي ڇوڪرو، اڪيلو، اڪيلو پنھنجي سوچن ۾ گم، پر چانڊڪا منھنجي ڪنھن سپرين پرين جيان رھي. ان جا رستا، ھاسٽلون، وڻ ٽڻ، منھنجي وجود جو اڻ ٽُٽ حصو ئي رھيا. زندگيءَ جو انتھائي مشغول روٽين، عشق، دوستيون سڀ بہ چانڊڪا جون يادون وساري نہ سگهيا.
عشق بہ ڪيم، عشق اوھان کي ڪئي شيون ڏئي وڃي ٿو. خوشيون، مرڪون، اُداسيون، نراسائيون، کل، خوشي، لڙڪ، ڳوڙھا. عشق اوھان کي ھندورن ۾ بہ لوڏي ٿو ۽ سوليءَ تي بہ چاڙھي ٿو. خير مون واري محبوبا کي بہ منھنجي چانڊڪا جي يادن، ڳالھين کان چڙ ھئي. ھوءَ ڪڏھن برداشت ئي نہ ڪندي ھئي تہ مان ڪا ان سان چانڊڪا جي ڳالھہ ڪيان ھوءَ چڙ کائيندي ھئي. پر شايد منھنجو چانڊڪا سان عشق ان کان بہ وڌيڪ ھو. پوءِ ٿيو ائين جو وقت بدل کاڌي جو مان پيڙجي نپوڙجي ڏکن جي اھڙي پيچري تي ھليو ويس جو مون شاھ لطيف کي پڙھيو ڏک جي گھرائي، پروڙي ۽ پوءِ اھو پرايو تہ ڏک ئي اوھان جي زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي طاقت آھي منھنجي ان بريڪ اپ کان پوءِ آءٌ لکڻ پڙھڻ جي ڪرت کان پري ھليو ويس ۽ پنھنجي ڊاڪٽريءَ جي ڌنڌي ۾ لڳي ويس.
پوءِ ڪنھن محفل ۾ ڪا اجنبي ڇوڪري ملي. نمبر ڏنا ورتا ويا. ان محفل ۾ لطيف جو ذڪر ھلي پيو. وچ ۾ مان بہ ٽپڪو کاڌو. منھنجي گيٽ اپ ۾ ھن مون کي اردو پئي سمجهيو ۽ چيو تہ آپ اردو ھين. مون کان کل نڪري وئي چيو مانس سوال تہ سنڌيءَ ۾ ڪندي ڪر. ڪئي مھينا گذري ويا. پوءِ عيد مبارڪ جي ڪال آئي. ان دور ۾ موبائل نوان نوان آيا ھئا. اسان کي بہ نسواني آواز ٻڌڻ جي ھير ھئي. پوءِ ڪالن تي ڪچھريون شروع ٿي ويون.
ھوءَ انتھائي ذھين ھئي، پوءِ ھوءَ ھڪ مقدس، محترم ۽ رحمدل دوست ٿي وئي. اسان بہ پنھنجي ڏکن جو ڪچو گهڙو ان اڳيان ٽوڙي ويٺاسين، ھوءَ وڏي آٿت ڏيندي ھئي. پوءِ موضوع ۾ چانڊڪا اچي وئي. ھوءَ منھنجي شاعري ۽ چانڊڪا جون ڳالھيون ٻڌي اچرج کائيندي ھئي. چيائين چانڊڪا لئہ جيڪو ٻڌائين ٿو، اھو لِکين ڇو نہ ٿو، ۽ اسان بہ قلم کنيو، لکي ھن کي فون تي چانڊڪا جون يادون، ڳالھيون ٻڌائڻ شروع ڪيون. ائين منھنجو ڪيٿارسس ٿيڻ شروع ٿيو. ھن وٽ بہ پنھنجي دور جون چانڊڪا جون ڳالھيون ۽ ڪھاڻيون ھيون. ”ش“ جو قصو، پھاڙن جي ديس جي افغان مھاجر ڪيمپ جي ذھين پوزيشن ھولڊر ڇوڪري. ان جي ڪنھن پٺاڻ ڇوڪري سان شناسائي. ان پٺاڻ ڇوڪري جو ”ش“ سان ڪنھن ڳالھہ تي جهيڙو. ان جو ان کي بيدرديءَ سان مارڻ، ”ش“ جي پڙهائي ۾ رخنو ان ظالم کي ڪنھن نہ روڪيو. ”م“ نالي بھادر ميمڻ ڇوڪريءَ جي ”ش“ جي مدد ڪرڻ. روم ۾ رھائڻ ھن جون ڳالھيون بہ سيني کي چيري وجهنديون ھيون. سوچيم اسان جي دور ۾ اھڙو واقعو ٿئي ھا تہ ڇوڪري کي ڇوڪرا ڳپل ڳپل ڪرنس ھا.
ائين بانسري وڄائيندڙ ڇوڪري جو قصو جيڪو کيرٿر واھ ڪناري ميھار بنجي چانڊڪا جي ڪنھن سھڻي جو انتظار ڪندو ھو، ۽ ان ڊگهن وارن واري شڪارپوري ڇوڪريءَ جو ھاسٽل جي ٽيرس تي بيھي کڙي نيم ڪي نيچي ھون تان ھيڪلي ڳائڻ جي ڳالھہ هئي. ڪنھن ڇوڪريءَ جو پنھنجي بابا جي وفات تي لکيل نظم جو قصو، مان ان نظم کي ٻڌڻ ويو ھوس. پر سندس لکيل نظم نہ ٻڌي سگهيس ۽ نہ گهري سگهيس. ھن ان نظم جي ايتري تعريف ڪئي ھئي جو مان ان جي ٻڌڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر ٻڌي نہ سگهيس. سوچيم چانڊڪا ۾ اڃان تائين درد ائين لکجن ٿا مان بہ ھن سان بابا جي وفات تي تعزيت ڪيان ھا پر ائين ڪري نہ سگهيس. ائين پاپڙن، ڪٽلسن، انڊي قيمي ۽ ڇوڪرين جي کل خوشين کان انھن جي اداسين جو ذڪر بہ ڏاڍي اثرائتي انداز ۾ ڪري ويندي ھئي. ۽ ائين ڳالھين ئي ڳالھين ۾ ھوءَ منھنجي ذھن مان چانڊڪا جون يادون ڪڍي آئي. ھوءَ 2000ع بئچ جي ڇوڪري ھئي جو مان کيس ملينيئم گرل سڏيندو ھوس ۽ ڪتاب جو نالو ئي ملينيئم گرل رکيو آھي. ۽ پوءِ انتھائي احترام لائق، انتھائي مقدس، انتھائي پوتر ڇوڪري ھڪ ڏينھن مون کان کلندي کلندي موڪلائي وئي (جيئري آھي) انھن ڪجهہ سالن جي دوستيءَ ۾ ھوءَ منھنجي اندر جي سمورن زخمن کي heal ڪري وئي ۽ مان وري پنھنجي پيرن تي اٿي بيٺس جيئن ڪو ڪنھن کي ويل چيئر تان اٿاري بيساکيون ھٿن ۾ ڏئي سھاري سان پنڌ ڪرائي ۽ آخر ۾ ميراٿن ڊوڙائي. ھي ڪتاب ان ملينيئم گرل جي امانت ھو. جنھن جا مان اخلاقي احسان زندگي ڀر لاھي نہ ٿو سگهان. ھي سچ لکڻ بہ وڏي اخلاقي جرئت آھي ۽ ھوءَ مون کي اھا جرئت، ھمٿ، حوصلو ڏئي وئي ۽ ھي پنا مون سنڀاري رکيا. پوءِ اھو ڪتاب 16، 17 سال ائين ئي پيو رھيو. اسان بہ پنھنجي مصروفيتن ۽ مشغولن ۾ گم ٿي وياسين.
سال 2021ع جي فيبروري ۾ منھنجو پيارو ننڍو ڀاءُ OGDCL فيلڊ مئنيجر انجنيئر حاجي محمد يونس ماڪو، ڪرونا وگهي وفات ڪري ويا. ان ڏک پروڻ ڪري ڇڏيو. سوچيم ان کي اھو ڪتاب ارپيان ٿو ۽ ڪٻٽ مان ڪتاب چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل (چانڊڪا ۽ ھزار سالن جي ڇوڪري) ڪڍي آيس. ٻيھر جڏھن ان ڪتاب جو جائزو ورتو تہ ايترو ئي مواد ذھن تي ٻيو تري آيو. پر جيئن تہ اھو ڪتاب شعور جي وھڪري، بيباڪيءَ ۽ سچائيءَ سان لکيو ھئم ان ۾ اضافو ڪرڻ مناسب نہ سمجهيم.
ھن ڪتاب ۾ ڪيئي ڳالھيون، ڪيئي قصا رھجي ويا آھن. چانڊڪا جي ڪيئي گمنام مردن مٿيرن جو ذڪر رھجي ويو آھي. انھن کان معافي ٿي وٺجي. ڪوشش ڪئي آھي تہ ڪتاب اسم، عام ۾ لکان، خاص ۾ نہ، ان ڪري فردن جي ڪارنامن کي تفصيل ۾ نہ لکيو آھي پر پوءِ بہ جيڪڏھن ڪنھن دوست کي ڪا ڳالھہ نہ وڻي. ڪنھن جي متان ڪا دل آزاري ٿي ھجي ان لاءِ اڳواٽ معافي وٺجي ٿي، ھي ڪتاب ٽن حصن تي مشتمل آھي:
1. چانڊڪا جون يادگيريون
2. بئچ ستين جي واٽس اپ گروپ تي لکيل پوسٽون
3. جڏھن آءٌ ٽئين سال ۾ ھوس تہ Hutchison’s clinical methods جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ۽ اھو سائين ﷲ بچائي ميمڻ کي ڏيکارڻ ويس تہ ان چيو. ڇا تہ تو شاندار ڪتاب لکيو آھي پر جيئن تہ اسان جا سنڌي ڇوڪرا اڳ ئي انگريزي ۾ ڪمزور آھن انھن کي بين الاقوامي طور ڪم ڪرڻو آھي. ان لاءِ اھو تون نہ ڇپاءِ سو مون بہ گهر ۾ رکيو. ان جا ڪافي باب گم ٿي ويا. ڪجهہ مليا سوچيو تہ اھي بہ ھن ڪتاب ۾ ڇپرائي ڇڏيان ٿو تہ ڪجهہ پئسا وڌيڪ لڳندا.
4. تہ اڄ جا شاگرد ڄاڻن تہ اسان پنھنجي سنڌي ٻوليءَ سان ڪيترو پيار ڪندا ھئاسين ۽ سوچيوسين تہ اسان جي ميڊيڪل بہ ٻين ٻولين وانگر سنڌي ۾ ھجي. ھا تصوراتي ڪوشش ھئي.
5. ھن ڪتاب ۾ ڪجهہ ڳالھيون پڙھڻ جهڙيون آھن. ڪو بہ ھن مان ڪجهہ سکي سگهي ٿو ۽ ٻيو پراڻو ادب. جيئن شاگردن کي خبر پئي تہ اڳ ڇوڪرا ڇا سوچيندا ۽ لکندا ھئا.
ھن ڪتاب ڇپرائڻ ۾ تمام گهڻن دوستن جي ھمت افزائي ۽ اخلاقي مدد رھي آھي ڪنھن ڪنھن جا نالا لکان. . خاص طور تي منھنجن ٻارن ڊاڪٽر ثنا، احمد يار، شھريار ننڍڙن ڏوھٽي ميرب ۽ غلام مصطفيٰ ۽ خاص طور منھنجي گهر واري، ھوءَ منھنجي ھر ڪم ۾ مداخلت ڪندي آھي پر لکڻ پڙھڻ جي معاملي ۾ تمام گهڻو تعاون ڪندي آھي. جي سڀ تعاون نہ ڪن ھا تہ شايد مان ھي ڪتاب نہ لکي سگهان ھا.
خاص طور تي انھن دوستن جو بہ ٿورائتو آھيان جن پنھنجي طرفان ڪجهہ لکيو آھي ھن ڪتاب لاءِ. هن ڪتاب جا تمام گهڻي ڌيان سان پروف ڏسڻ جي سلسلي ۾ مان پنھنجي ننڍپڻ جي دوست پروفيسر منظور بيدار جو بيحد ٿورائتو آهيان.
ڪتاب لکڻ ۾ محمد يعقوب ماڪو جي همت افزائيءَ جو ذڪر ڪرڻ بہ ضروري آهي، جنھن هر سڏ، وراڻي، ڪال جو انتھائي مثبت جواب ڏنو. سندس جا ٿورا بہ لاهڻ جھڙا نہ آهن.

ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو
نواب ماڪا حويلي سکر
فون: 03363544758

ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو گهڻين خوبين وارو ماڻھو

جيئن تہ ڊاڪٽر صاحب جو آئون وڏو ڀاءُ آهيان ۽ سندس پرورش ڪرڻ جو اعزاز بہ مون کي حاصل آهي. ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب سندس حقيقي مشاهدي تي منحصر آهي. ڊاڪٽر صاحب تي لکڻ لاءِ گهڻو ڪجهہ آهي پر اهو ضرور چوندس تہ هي علم جو بحر آهي. ننڍپڻ ۾ کيس انگن اکرن تي ايڏي مھارت هئي جو هو ڪروڙن جا ٽوٽل سيڪنڊن ۾ ڪندو هو. اهوئي سبب آهي جو منھنجي والد صاحب مرحوم جي هڪ دوست مرحوم محمود جيھي کيس ”جادوگر“ جو لقب ڏنو ۽ ڊاڪٽر صاحب سان ڪچھري ڪري مزو وٺندو هو. ڊاڪٽر صاحب پنھنجي پيشي سان پڻ ديانتداري سان نڀايو آهي ۽ هو گهڻين ئي خوبين جو مالڪ آهي ۽ ان سان گڏ لطيف سرڪار جو وڏو پارکو پڻ آهي. هر سال لطيف سرڪار جو عرس پنھنجي ڳوٺ ۾ وڏي اهتمام سان ڪندو آهي.
ڊاڪٽر صاحب ننڍپڻ کان ڪيترن ئي تقريري مقابلن ۾ حصو ورتو ۽ ڪيترائي انعام پڻ کٽيا. هو هڪ ملنسار ۽ شفيق انسان آهي. ڌڻي در دعا آهي تہ کيس وڏي ڄمار عطا ڪري.

فقير امان ﷲ ماڪو

باني
”الفرقان اسلامڪ ريسرچ انسٽيٽيوٽ
اينڊ ميوزم سکر“

پيارو انسان

السلام عليڪم ورحمتہ ﷲ وبرڪاتہ

سائين محمد اسماعيل صاحب توهان جو ڪتاب چانڊڪا ۾ داخلا کان پڙهيو. ماشاءَﷲ انداز بيان ڏاڍو سٺو ۽ بھترين آهي. ﷲ سائين اوهان کي خوش رکي. اهي ڪيڏا نہ سٺا ڏينھن هُئا. هيءَ حسين زندگي ائين گذري وئي خواب هو يا هوا ڪا خبر ئي نہ پئي. زندگي ان شعر وانگر ئي آهي. ﷲ پاڪ جل شانہ هن دنيا کي عجيب بڻايو آهي. انسان هر ماحول مان، هر جاءِ تان متاثر ٿئي ٿو. ﷲ پاڪ توهان، اسان سڀني کي آخرت جي تياريءَ جي توفيق عطا فرمائي. ائين ئي هيءَ زندگي جيئن گذري وئي آهي ۽ گذري رهي آهي، چانڊڪا جون يادون جيئن اوهان لکيون آهن ائين هي زندگي بہ گذري ويندي ۽ انسان پنھنجي منزل طرف روانو ٿي ويندو. هيءَ دنيا عارضي آهي، چند ڏينھن جي آهي. موت هڪ حقيقت آهي ان مان ڪو بہ انسان ڪنڌ نٿو ڪڍائي سگهي. ﷲ رب العزت جي ذات ئي باقي رهندي. اڳ ۾ انسان ڪو نہ هو. ﷲ پاڪ انسان کي بنائڻ جو ارادو فرمايو ۽ ان کي هميشہ رکڻ جو فيصلو ڪيو. هاڻي انسان ختم نہ ٿيندو. پھريان پاڻ عالم ارواح ۾ هئاسين، ان کان بعد امڙ جي پيٽ ۾ آياسين، ان کان بعد قبر جي پيٽ ۾ وينداسون. پاڻ سڳورن صلي ﷲ عليہ وسلم جن فرمايو آهي تہ ”قبر کي مٽيءَ جو ڍير نہ سمجهو، اها جنت جي باغن منجهان هڪ باغ آهي ۽ اها دوزخ جي کڏن منجهان بہ هڪ کڏ آهي.“ اتي زندگي آهي. موت زندگيءَ جو خاتمو ناهي، موت تہ زندگيءَ جي شروعات آهي. يا انسان ﷲ پاڪ جي مهمان خاني جنت ۾ ويندو يا قيد خاني جهنم ۾ ويندو. ﷲ پاڪ اسان سڀني کي هن دنيا ۾ ٿوري عرصي لاءِ موڪليو آهي پر ان جي قيمت تمام وڏي آهي. جنھن انسان دنيا جي اندر رهي ﷲ پاڪ جي ٻڌايل قانون تي عمل ڪيو ۽ ان جي ياد کي دل ۾ ويھاري آخرت جي تياري ڪئي تہ اهو هميشہ هميشہ جي لاءِ ﷲ پاڪ جي مهمان خاني جنت ۾ ويندو. انھيءَ ڪري هيءَ دنيا جي زندگي مختصر آهي پر ان جي قيمت تمام وڏي آهي.
انھيءَ مختصر زندگيءَ جو اندازو تڏهن ٿيندو جڏهن هيءَ زندگي هلي ويندي، پوءِ خبر پوندي، پوءِ انسان افسوس ڪندو ۽ چوندو تہ ڪاش مان جيڪر تياري ڪري اچان ها. ڇو تہ اها تياري ئي اصل زندگيءَ جو روح آهي. جيڪڏهن اسان هن دنيا ۾ آخرت جي تياري نہ ڪئي سين تہ انسان کي هن دنيا مان وڃڻو تہ هونءَ بہ آهي. اسان ڪيترن کي ڇڏي آيا آهيون ۽ ڪو اسان کي بہ ڇڏي ايندو. انھيءَ لاءِ سائين اسان سڀئي آخرت جي تياري ڪيون. هي ميسيج دوستن کي بہ ڏيو تہ اهي آخرت جي تياري ڪن. اسان کي بخار نڪري ٿو تہ ڊاڪٽر ڏانھن ويندا آهيون تہ ڪٿي زندگيءَ جو انت نہ ٿي وڃي. اهڙيءَ طرح جن ماڻھن آخرت جي تياري ڪئي ۽ پنھنجي سموري زندگيءَ انھيءَ ۾ لڳائي ڇڏي تہ انھن کي آخرت ۾ سوڀ نصيب ٿيندي.
سيدنا بلال رضي ﷲ تعاليٰ عنہ بابت ڳالھہ ڪندا آهن تہ موت جو وقت ويجهو آيس تہ سندس گهر واري روئڻ لڳس. پڇيائينس تہ ڇو ٿي روئين؟ چيائين تہ تنھنجي جدائي جو وقت آهي ۽ ظاهر آهي تہ هڪڙو تون ئي تہ منھنجو سھارو آهين ۽ تون هن دنيا مان وڃين ٿو. انھيءَ جي جواب ۾ سيدنا بلال رضي ﷲ تعاليٰ عنہ چيو تہ آخرت جي تياري ڪئي هئي ۽ پنھنجو سڀ ڪجهہ انھيءَ تي لڳايو هو. پنھنجو سمورو سرمايو آخرت ۾ لڳايو هو. اڄ تہ خوشيءَ جو ڏينھن آهي ۽ تون روئي رهي آهين. هاڻي روح نڪتو ۽ محمد صلي ﷲ عليہ وسلم ۽ سندس ساٿين سان وڃي ملنداسين. اهڙيءَ طرح سائين اسان سڀن کي ﷲ تعاليٰ توفيق ڏي ۽ آخرت جي تياري ڪيون ۽ هميشہ هميشہ جي زندگيءَ جي تياري ڪيون جتي هميشہ هميشہ رهڻو آهي. اُن ﷲ پاڪ کي راضي ڪيون جنھن توهان اسان کي بڻايو آهي. جنھن ﷲ پاڪ ڏينھن ۽ رات جو نظام بڻايو آهي. جنھن ﷲ پاڪ ڏينھن ۽ رات بڻائي آهي. جنھن ﷲ پاڪ آسمان مان بارشن کي وسايو آهي ۽ گڏوگڏ هنن موسمن کي پڻ بڻايو آهي. ڪائنات جو وجود مالڪ الملڪ، ربِ ڪائنات جون نشانيون آهن.
اوهان جھڙي نموني چانڊڪا جي زندگيءَ جو احوال پيش ڪيو آهي تہ ڪيڏو نہ خوشين وارو ماحول هو. ان کان بعد شاديون ٿيون، ٻارن ٻچن وارا ٿياسين. پيءَ بڻياسين، وري ڏاڏا ٿياسين، نانا ٿياسين. ان کان بعد هڪڙو ڏينھن اهڙو ايندو جو جيئن اسان ٻين کي ڇڏي آيا آهيون اسان کي بہ ڪو ائين ڇڏي ايندو. قبر جي اندر تنھائي آهي، اڪيلائي آهي. ان جي تياري هن دنيا ۾ رهي ڪيون جيئن اسان پنھنجن سٺن عملن سان ان کي روشن ڪري سگهون. اهو پيغام سڀني دوستن تائين پهچايو. ﷲ پاڪ مون کي، اوهان کي ۽ اسان سڀني کي دنيا ۽ آخرت جون ڀلايون نصيب ڪري. ﷲ پاڪ اسان سڀني کي دنيا ۽ آخرت جي غمن مان نجات عطا فرمائي. حضور پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم جي مبارڪ طريقن تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. ﷲ پاڪ اسان کي ڪاميابي واري راھہ تي يقين سان هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. انھيءَ لاءِ اسان کي محنت ۽ ڪوشش ڪرڻي پوندي. سائين هيءَ دنيا ٿورڙي آهي، مختصر آهي. اُن آخرت لاءِ ڪوشش ڪريون جيڪا هميشہ هميشہ جي لاءِ آهي.


پروفيسر ڊاڪٽر غلام حيدر رند
الخير جنرل اسپتال سکر

جينئس ليکڪ

اوھان جي ڪتاب جو مسودو مليو ڏاڍي خوشي ٿي، ڪافي خوشي ٿي . ڏاڍي محنت ڪئي اٿوَ. لکڻ ٻکڻ پاڻ کي ڪو نہ ايندو آھي. اسماعيل ۽ منھنجي وچ ۾ انتھائي عزت ڀريو مقدس ۽ دوستي جو رشتو آھي. ھن جون تحريرون اصل ۾ ھن جون پيڙائون آھن، جنھن کي مون گهڻو ويجهو کان ڏٺو آهي. ھن جيڪي يادون لکيون آھن ان ۾ ھن انتھائي ڪنجوسي جو مظاھرو ڪيو آهي. ھن وٽ ڳالھين ۽ يادن جا ڀنڊار آھن.
ھي لطيفي پارکو، پنھنجي خيالن وانگر روحاني، جسماني طور ڏاڍو شفاف آھي. ھن جي وڏي خوبي آ تہ ماڻھوءَ جي درد جي گھرائي تائين پھچي وڃي ٿو. درويش صفتن وارو ھي صوفي پنھنجي عام رواجي زندگي ۾ محنتي، ايماندار، سچو ۽ قابل شخص آھي، ھن جي ھي تحرير انھن ڳالھين جو عڪس آھي.
ھو جينيس آھي، سندس ڳالھيون مستقبل جون ڳالھيون ھونديون آھن. خبر ناھي ھي ماضي ڪيئن لکي ويو، پڙھندڙ ئي رايو ڏيندا. خاموش کلڻو ھي سڀني جو ھمدرد دوست آھي. ھي ھن جون اوائلي تحريرون آھن، پر جي لکي تہ شاندار نثر، نظم لکي سگهندو . ھو جتي بہ ھجي خوش ھجي. ھو انسان جي حوالي سان پرين بہ آھي تہ سپرين به، ھي عاشق بہ آھي تہ معشوق بہ آھي. چانڊڪا جو عاشق. سڀني چانڊڪائي مسيحن جو ترجمان آھي. مان ان کي اسماعيل ئي چوندي آھيان . اسماعيل تنھنجي ھي تحرير لاجواب آھي.

عيني الف

سنڌ، شاھہ لطيف ۽ چانڊڪا جي عاشق جون يادون

سدائين مُرڪندڙ چھري وارو هي آهي، ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو. ڊاڪٽر تہ هي ڀلو ۽ ماهر آهي، پر اُن کا وڌيڪ اِنسان دوست ۽ آدميت جو احترام ڪندڙ آهي. سڄاڻ ليکڪ ۽ شاعر. لطيفي فڪر کي پنھنجي نظر سان پرکيندڙ ۽ بيان ڪندڙ ۽ ڪمال جو داستان گو. اِهي سڀئي خوبيون آهن اسان جي انھيءَ پياري دوست ۽ هڪ مثالي اِنسانَ ۾. انھيءَ سُڃاڻپ تائين پهچڻ لاءِ هڪ حسين دل رکندڙ اِنسان، هڪ عاشق جي اڌ صديءَ جو سفر گذريو آهي. ڊاڪٽر اسماعيل اَڄُ بہ مون کي هاءِ اسڪول جي زماني وارو ساڳيو ئي محمد اسماعيل ماڪو ”جوشيلو“ لڳندو آهي. پنھنجي مزاج ۽ رويي ۾ بنھہ سادو، بناوت ۽ اجائي ڏيک ويک کان پري، جيئن جو تيئن.
محمد يعقوب ماڪو، محمد قاسم ماڪا، ڊاڪٽر عثمان ماڪو، فقير امان ﷲ ماڪو سڀئي پنھنجي سڃاڻپ رکن ٿا، پر اسان جي محمد اسماعيل ماڪي جي ڳالھہ ٻي آهي. هي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو تعليمي، ادبي، ثقافتي ۽ سياسي داستان پڙهندو، مان حيران ٿيندو ٿو وڃان تہ هُن هي ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالھيون ۽ واقعا ۽ ڪردار ڪيئن ياد رکيا آهن ۽ اُنھن کي ڪھڙي تہ سادي مگر دلچسپ انداز سان بيان ڪيو آهي. ائين محسوس ٿئي ٿو هو واقعو بيان ٿو ڪري ۽ قلمُ، ڪاڳر تي پنھنجو پاڻ ڊوڙندو ٿو وڃي. اهڙي تحريري انداز لاءِ بہ هڪ آرٽ ٿو گُهرجي، جيڪو ڊاڪٽر اسماعيلَ وٽ آهي. هُن معمولي ڳالھين ۽ واقعن کي بہ اهم بڻائي ڇڏيو آهي. ان جو هڪڙو سبب اِهو بہ آهي تہ هر ڳالھہ ۽ واقعي جو هو اکين ڏٺو شاهد ضرور آهي پر ان ۾ هن جي مڪمل شموليت بہ ظاهر ٿئي ٿي، ڄڻ هُو ان جو حصو هجي. لاتعلقي واقعن کي بي اثر بڻائيندي آهي. مثال طور هو جڏهن ذوالفقار علي ڀُٽي جي شھادت جو ذڪر ٿو ڪري تہ انھيءَ سوڳوار ماحول جو پاڻ بہ حصو بڻجي ٿو وڃي.
”تازو ئي ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏني وئي. چانڊڪا جا شاگرد، ڀٽي صاحب جي تربت تي پوليس پھري ۾ ڳڙهي خدا بخش ويا هئا. بر ۾ سُمھيل هن بادشاھہ جي قبر جي مٽي اڃان آلي هئي ۽ اُن کي وڌيڪ آلو، چانڊڪا جي شاگردن جا ڳوڙها ڪري آيا“.
هڪ سٽ ۾ درد جي شديد ڪيفيت کي بيان ڪرڻ جو آرٽ اِهوئي آهي. چانڊڪا ۾ داخلا کان وٺي آخر تائين هن داستان ۾ سوين واقعا ۽ ڪردار آهن. هر ڪردار جو ذڪر هُن نھايت محبت سان ڪيو آهي. چانڊڪا ۾ داخلا کان پوءِ هاسٽل بابت هن طرح لکي ٿو.
”اسان کي جنھن جاءِ ۾ ڪوارٽر گهاٽ ڪيو ويو هو، سا هئي زيرو پلازہ. اِها ڪلر ۾ ڪلور ٿيل جلاوطن بلڊنگ هئي، جنھن جو چانڊڪا جي حدن ۽ حُسن سان ڪو بہ تعلق نہ هو. زيرو پلازہ مان ٻہ سُکَ هئا، هڪ تہ قلوپطرہ سئنيما ويجهي هئي ۽ ٻيو تہ سامھون باگڙين جا گهر، جتان جون باگڙياڻيون، سامھون لنگهي وينديون هيون تہ اسان جي دل باغ بھارٿي ويندي هئي“.
پنھنجي ڪمري بابت وري هن طرح لکي ٿو. ”اسان جو ڪمرو، پٺاڻ جي اوطاق جيان هوندو هو، جت بسترا فرش تي لڳل هئا. چانھہ جي محفل ۾ وڏا وڏا تفصيلي بي معنيٰ بحث ٿيندا هئا. “
چانڊڪا جي انھيءَ طويل داستان، پڙهندي ٿڪاوٽ يا بوريت جي احساس نہ ٿيڻ جو سبب ڊاڪٽر ماڪي جو دلچسپ تحريري انداز آهي. ڳالھہ مان ڳالھہ اهڙي پيرائيءَ سان ڪري ٿو جو دل چئي ٿي تہ اڃان اڳتي پڙهجي.
”چانڊڪا ۽ ملينيم گرل، ڪنھن تعليمي اداري سان وابستہ يادگيرين بابت اهڙو ڪتاب اڳ ۾ منھنجي نظرن مان نہ گذريو آهي. لطيف ميڊيڪوز ۽ ڊاڪٽر ثناءُﷲ ”ڀڀڙاٽ“ جو بہ ذڪر هن ڪتاب ۾ آهي.
منھنجو پيارو دوست رسول ميمڻ ۽ ڀڀڙاٽ پاڻ ۾ گھرا دوست هئا. رسول ميمڻ مئگزين سيڪريٽري چونڊيو ويو هو ۽ اُنھن هڪ شاندار مئگزين آندي. اُن جھڙي مئگزين، اَڄُ تائين مون ڪنھن تعليمي اداري جي نہ ڏٺي آهي. ثناءُ ﷲ ڀڀڙاٽ هڪ دلچسپ شخصيت جو مالڪ ۽ هڪ انوکو ڪردار هو. ان وقت جي صحت واري وزير ڪٽپر جي ڪوٽا واري سيٽ تي کيس چانڊڪا ۾ داخلا ملي هئي. هو پاڻ ئي چوندو هو تہ هن کي ڊاڪٽر ٿيڻو ئي ناهي ۽ هو پنھنجو ميڊيڪل سينٽر کوليندو، جنھن جو هو ايڊمنسٽريٽر ٿيندو. اُستادن جا ليڪچر ڇپرائي هن پنھنجي پبليڪيشن قائم ڪئي هئي. مان رسول ميمڻ وٽ اڪثر ويندو هيس جتي ڀڀڙاٽ سان بہ ڪچھريون ٿينديون هيون. لطيف ميڊيڪوز پاران ڪوٺايل ”سنڌي ساهت ڪانفرنس“ ۾ مان بہ شريڪ ٿيو هوس. ڊاڪٽر ماڪي جي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي تہ انھيءَ ڪانفرنس ڪوٺائڻ لاءِ انھن کي ڪيترا جتن ڪرڻا پيا هئا. انھيءَ ڪانفرنس لاءِ اُنھن کي مختلف هنڌن تان چندو ڪرڻو پيو هو. ڊاڪٽر ماڪو لکي ٿو تہ ”شاگردن لاءِ ٻہ ڪم ڏاڍا ڏکيا آهن، هڪ تہ چندو گڏ ڪرڻ ۽ ٻيو ڪنھن اديب جا ڪتاب کپائڻ“.
لطيف ميڊيڪوز پاران رسول ميمڻ سان شام بہ ملھائي وئي هئي. ان ۾ ڪافي دوست متحرڪ هئا، جن ۾ منصور مغل، چاچي جان محمد منگيءَ جو پٽ امان ﷲ عرف جانسن منگي جن بہ شامل هئا. ڊاڪٽر ماڪي جو بہ ان ۾ چڱو حصو هو. لطيف گزيٽ جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ ڊاڪٽر ماڪو بہ شامل هو.
اديب انقلابي، گهنشام پرڪاش، خادم سنڌي، شمس سومري، خادم منگي، مولا بخش ڪلھوڙي جي ذڪر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين جون ڳالھيون بہ آهن. شاگردن جي سياسي تنظيمن بابت مختصر تجزيه، انھن جي اڳواڻن جي ذڪر سميت شامل آهن. جيڪي اوهان ڪتاب ۾ پڙهندا تہ هر منظر اوهان جي اکين آڏو ڦري ايندو. رسول ميمڻ جيڪڏهن هي ڪتاب پڙهي ها تہ سڀني کان وڌيڪ خوش ٿئي ها ۽ ڊاڪٽر ماڪي کي خوش ٿي ڀاڪر پائي مبارڪباد ڏئي ها.
شاگردن جي ميس جو ان زماني ۾ ڪھڙو حال هوندو هو، ڊاڪٽر ماڪي جي هنن سٽن پڙهڻ بعد سڀ ياد اچي ويندو.
”ميس جي ناشتي جو انڊو قيمو، رات جو ڪونھٽ جو قيمو، منجهند جو فورپيس برياني، رات جو واڱڻن جي ڦاري يا پٽاٽي واري ٽڪي، اسان جو روز جو کاڄ هوندو هو“.
هن ڪتاب جي هڪ خاص ڳالھہ اِها بہ آهي تہ وچ وچ ۾ موضوعاتي اعتبار کان ڊاڪٽر ماڪي جي شاعري بہ شامل آهي.
هي ڪتاب صرف ڊاڪٽر شاگردن جي سرگرمين جو داستان نہ آهي پر ان ۾ ڪجهہ ڪڙيون سچايون بہ بيان ڪيون ويون آهن، جيڪي شايد ڪيترن دوستن کي پسند نہ بہ اچن پر ڊاڪٽر ماڪي نھايت بيباڪيءَ سان بيان ڪيون آهن جو هُو بي نيازيءَ سان سرشار هڪ کرو شخص آهي.
ڪتاب جي آخر ۾ ڊاڪٽر ماڪي، پنھنجن واسطيدار ڊاڪٽرن جا مختصر تعارف بہ شامل ڪيا آهن، جيڪي هڪ تسلسل ۾ هن ڪتاب جو حصو آهن. هُو جاني ڪلوڙ، جاويد لوهر ۽ قربان جهتيال کي بہ ياد ڪري ٿو، جيڪي کائنس وڇڙي ويا آهن.
چانڊڪا جي شاگردن جا اِن ڊور ۽ آئوٽ ڊور عشق بہ هن ڪتاب جو حصو آهن:
ڪنھن کيس دڙڪو ڏنو
ڪنھن کيس چريو چيو
منُ، پنھنجي ان پرينءَ لاءِ،
رُلَندو رهيو.
پيارُ ڪيڏو نہ ڀوڳي اٿو.
پيار جي بہ سڪرات آ.
پيار ڄڻ ڪا تاريڪ رات آ.
پر ماديت جا رنگيلا مسافر،
بند، شيشن وارين گاڏين ۾،
پيار پنھنجو ٿا لڪائي هلن،
۽ اسان تي بيٺا اجايو کلن.
”چانڊڪا ۽ ملينيم گرل“ هڪ قصي ۾ ڪيئي قصا آهن. ڪي ڳالھيون، توهان جي چھري تي مُرڪ آڻي ڇڏينديون، ٿي سگهي ٿو ڪي اوهان جي نرڙ ۾ گهنجُ پوڻ جو سبب بہ بڻجن. ليکڪ پنھنجي دل جي سچائيءَ سان انھن يادن کي گڏ ڪيو آهي. اهڙو ڪتاب، جيڪڏهن ڊاڪٽر ماڪو نہ لکي ها تہ پوءِ رسول ميمڻ ئي لکي سگهي ها. افسوس جو رسول ميمڻ جھڙو جينيس ليکڪ بہ ائين ئي اوچتو هليو ويو. اسان کي پنھنجن ڏاهن ماڻھن جو قدر ڪرڻ کپي.


ڊاڪٽر ادل سومرو
حسين صالح هائوس
واري تڙ سکر
12 جنوري 2024ع

ڊاڪٽر ماڪا جي مھڪ ۽ چانڊڪا جون چانڊوڪيون!!!

سانوڻ ڪيئن اڪيلو آئين
ساجن کي بہ تہ آڻ
موتئي جي مھڪار هوا ۾، سار ڀري سرهاڻ!!!
ساجن کي بہ تہ آڻ!!
برکا رت جي باک ڦٽيءَ ۾ لڳھہ لڳھہ لالاڻ،
ساجن کي بہ تہ آڻ!!!
بادل ٿي توسان رچايان، آءٌ بہ ڪنھن ڪاڻ،
ساجن کي بہ آڻ!!!!
شيخ اياز

ڇا تہ يادون آهن!! سنڀالي رکجاءِ، ڪم ايندئي!!!
چانڊڪا ڪاليج جي پنھنجي هڪ ڊگهي تاريخ آهي اگر ان جا ورق اٿلائبا تہ اتي ڀلي ڀت ڄاڻ ملندي تہ هن تاريخ جي اندر ڪيترن ئي املھہ موتي استادن ۽ ڪيترن ئي هونھار شاگردن جا نالا سنھري حروف ۾ رقم ٿيل آهن. چانڊڪا لاٽ تي ڪيترن ئي نوان علم حاصل ڪندي نوان نوان جنم حاصل ڪيا. ڪي سٺا استاد بنجي نڪتا، ڪي سٺا ڊاڪٽر بنجي نڪتا، ڪي سٺا لکاري ۽ دانشور بنجي نڪتا، ڪي سٺا سياستدان بنجي نڪتا تہ ڪي سٺا اديب دانشور بنجي نڪتا. مقصد تہ هر روپ ۾ منھنجا چانڊڪين شاگرد املھہ موتي آهن ۽ هيرا لعل جواهر آهن.
چانڊڪا جي ڏينھن ۾ گرم اس جي تپش ضرور آهي پر ان اس آبياري ڪندي هتان جي علم حاصل ڪندڙن جي بيچيني کي علم ۽ ڏاهپ سان سرشار ڪيو آهي ۽ چانڊڪا جي راتين پنھنجي رائيس ڪئنال جي چيڪي مٽيءَ جي خوشبوءَ جي هڳاءَ سان هتان جي هاسٽلن جي رهندڙن کي معطر ڪرڻ ۾ پنھنجو خوب ڪردار ادا ڪيو آهي.
هتان جي شاگردن ۾ صبر ۽ تحمل رهيو آهي ڇو تہ انھن هميشہ پنھنجي علم ۾ ئي يقين رکيو آهي ۽ چانڊڪين مٺايون ڪندڙن سان بہ مھربانيون ڪيون آهن ڇو تہ اهي هميشہ صوفي ازم جي نظريئي جا قائل رهيا آهن بلڪل نيلسن منڊيلا وانگر.
نيلسن منڊيلا جڏهن سائوٿ آفريڪا جو صدر ٿيو تہ هڪ ڏينھن ڪنھن ريسٽورانٽ ۾ مانجهاندو ڪرڻ لاءِ ويو. هن سان سيڪيورٽي گارڊ جو جٿو گڏ هو. نيلسن پنھنجي کاڌي جو آرڊر ڏنو. ٻيا گراهڪ بہ پنھنجو آرڊر ڏئي کاڌي جو انتظار ڪري رهيا هئا. ان دوران نيلسن جي نظر اتي ٿورو پري ٽيبل تي پئي جتي هڪ شخص ويٺو هو. نيلسن پنھنجي سيڪيورٽي گارڊن کي حڪم ڪيو تہ ان ماڻھو کي وٺي اچي سندس ٽيبل تي ويھارن.
نيلسن منڊيلا ۽ ان شخص گڏجي ماني کاڌي. جيئن ماني کائي بس ڪيائين تہ اهو همراھہ هٿ ٻڌي وٺي تڪڙو هوٽل کان ٻاهر ڀڳو. اهو سڄو لڪاءُ سيڪيورٽي گارڊن ڏٺو. سيڪيورٽي گارڊن نيلسن کي چيو تہ سائين همراه شايد بيمار هو. ماني کائي پيو تہ هٿ ڏڪنس پيا. نيلسن مسڪرايو ۽ چيو تہ اصل اها ڳالھہ ناهي. پوءِ نيلسن سيڪيورٽي گارڊن کي ٻڌائيندو رهيو تہ اهو همراھہ ڪير هو؟ اهو شخص منھنجو جيلر هو مون مٿان سخت تشدد ڪندو هو. جڏهن مان ساڻو ٿي ڪري پوندو هوس تہ هن کان پاڻي گهرندو هئم پر اهو شخص منھنجي وات ۾ پيشاب ڪندو هو.
هن کي اهو خوف هو تہ مان صدر ٿيڻ کان پوءِ هن سان پلاند ڪندس پر اتي نيلسن ڪمال جي ڳالھہ ڪئي، هن چيو تہ بدلي جو خيال ماڻھو مان انسانيت ختم ٿو ڪري ڇڏي پر صبر ۽ برداشت انسان کي اندروني طور مضبوط ۽ وڏي انسان ٿيڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. توهان بہ جيڪڏهن سٺا انسان ٿيڻ ٿا چاهيو تہ معاف ڪرڻ سکو.

جهڙو ماڻھو تھڙو ناڻو

جهڙو ماڻھو تھڙو ناڻو، هر ڪو پنھنجي اگهہ اگهاڻو،
جيڪو ماڻھو ڪو نہ وڪاڻو، سوئي ماڻھو موتيءَ داڻو.
ڪنھن جي هِت ذات وڪامي، ڪنھن جي ٿي هِت ڏات وڪامي،
ڪنھن جي ٿي هِت مَتِ وڪامي، ڪنھن جي ٿي هِت رات وڪامي،
هيڏي وڪري جو نہ وڪاڻو، تنھن کي مليو جيل ۽ ٿاڻو.

جهڙو ماڻھو تھڙو ناڻو

صبح سانجهي پيئندي ڪانجهي، ”منشي“ مور نہ وڪيا مانجهي،
مصريءَ ماکيءَ کان بہ مٺا مون، اهڙا ڪي انسان ڏٺا مون،
قول عزم تي قائم رهندي، گهوٽ قبولي هليا گهاڻو!

جهڙو ماڻھو تھڙو ناڻو

ڊاڪٽر ماڪا صاحب مونکي اسرار ڪيو تہ اوهان منھنجي ڪتاب تي ڪجهہ سٽون ضرور لکو. مان حيرانگي جو شڪار ٿي ويس تہ مان ڪٿان کان شروعات ڪريان!؟ مان اهو عڪس لکان جڏهن چانڊڪا هڪ ننڍڙي بلڊنگ ۾ شروع ٿيو هيو ۽ سھوليتن جو فقدان هيو ۽ اسان نور نچوئي ان کي اڳتي وڌائڻ جي تگ ودو ڪئي. . مان ان تي لکان تہ جڏهن چانڊڪا جي ڦوه جواني هئي ۽ سنڌوءَ جي لھرن وانگر اهو گجگوڙون ڪري پنھنجون نيون جھتون ۽ رستا بنائي رهيو هو.
مان ان سمي تي لکان جڏهن چانڊڪا جي اندر انتشار ۽ خلفشار پئدا ٿيا. مان پنھنجي انھن محسن استادن ۽ منتظمين تي لکان جيڪي ڏينھن رات هڪ ئي سوچ سوچيندا هئا تہ اسان پنھنجي هن مادر علمي کي ڪھڙن طريقن سان اڃان بہ اڳتي ترقيءَ طرف وٺي وڃئون!؟ پر پوءِ سوچي سوچي مون جيئن ئي ماڪا صاحب جو موڪليل ڪتاب کوليو تہ ان ۾ حيران ڪندڙ داستان موجود هئا ۽ مون انھن داستانن تي ئي اڪتفا ڪئي تہ بس قارئين ان ڪتاب کي ئي پڙهن ۽ هڪ زندہ تاريخ چانڊڪا جي حاصل ڪندي پنھنجي تاريخ کي اڃان بہ وڌيڪ سنوارڻ جي ڪوشش ڪن.
ڊاڪٽر ماڪا جي هيءَ آتم ڪھاڻي آهي جيڪا ان پنھنجي دور جي ڪجهہ سالن جي سھيڙي آهي ۽ ان کي هن خوب لفظن جو سٽاءُ ڪيو آهي. . آتم ڪھاڻي ڪنھن جي بہ هجي جواهر لعل نھرو جي هجي، طارق اشرف جي جيل ڊائري جي صورت ۾ هجي يا ڊاڪٽر ماڪا جي چانڊڪا جي تاريخ ورجائڻ جي شڪل ۾ هجي ليڪن آتم ڪھاڻيون ڏاڍيون خوبصورت هونديون آهن ۽ ماڪا خوبصورتي ۾ اضافو ان حساب سان بہ ڪيو آهي تہ ان پنھنجي دوست ساٿين تي بہ لکيو آهي. مھربان استادن تي بہ لکيو آهي تہ چانڊڪا جي ماحول تي بہ لکيو آهي. مقصد تہ ان آتم ڪٿا جي ڪنھن بہ پاسي کي تشنگي جو شڪار ٿيڻ نہ ڏنو آهي. هيءَ سندس شخصيت جو ئي ڪمال آهي.

پروفيسر ڊاڪٽر ظفر پيرزادو
لاڙڪاڻو

اَمُھاڳ

مادر علمي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان يادون ۽ دليون جڙيل تہ سڀ جون آھن جيتوڻيڪ ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو پنھنجي لاءِ اتان ڪا دل کنئين نہ آھي پر اڄ بہ سندس دل ان اداري ۾ گهاريل گهڙين سان گڏ ڌڙڪي ٿي.
يادگيريون سنڀالي رکڻ ۽ وري انھن کي قلم بند ڪري حال ۽ مستقبل سان جوڙي رکڻ بہ ھڪ فن يا سائنس آھي. اھا ڪمال مھارت مون ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو جي ھن يادگيرين تي مشتمل ڪتاب پڙھڻ کان پوءِ پنھنجي اوج تي ڏٺي.
ڊاڪٽر صاحب علم ۽ ادب سان عشق رکندڙ صوفي سوچ جو مالڪ آھي، سنڌي ٻولي جي لفظن جو بي بھا خزانو سندس ميراث آھي. وري انھن لفظن کي پنھنجي تحريرن، تقريرن، مقالن شعر و شاعري ۾ موتين جيئان جوڙي جيڪي بيھارڻ جو ڪمال فن اٿس. پنھنجي طبيعت ۾ قياس ڪرڻ وارو، کل مک، حاضر جواب ۽ مزاح جو مزاج رکڻ وارو دلبر ماڻھو آھي.
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج شھيد ذوالفقار ڀٽو جي سنڌ جي نوجوانن لاءِ 1973ع ۾ ڏنل ھڪ تحفو آھي جنھن ۾ سنڌ جي ننڍي وڏي شھر ۽ جهر جهنگ جي نوجوانن کي علم حاصل ڪرڻ جو معاشي بدحالي مان نڪرڻ جو موقعو مليو. ساڳي وقت سياسي ۽ نظرياتي سجاڳي بہ پنھنجي عروج تي پھتي. 70 ۽ 80 جا ڏھاڪا سڄي دنيا ۾ سياسي اٿل پٿل جا دور ھئا. ھڪ طرف سوشل ازم تہ ٻئي طرف ڪيپيٽل ازم جا طرفدار ھئا. اڪثر ترقي پسند نوجوانن جا ھيرو ياسر عرفات، ھوچي منھہ، مائوزي تنگ، لينن ۽ فيڊل ڪاسترو ھئا. سو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج بہ ان نظرياتي جنگ کان بچيل ڪين ھو.
وري 5 جولاءِ 1977ع تہ حاڪمن ٻارڻ ٻاري ڇڏيو جو ڊڪٽيٽر ضياء الحق، ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ظلم جو راڄ قائم ڪيو. آخر 4 اپريل 1979ع ڀٽو صاحب کي ڦاھي ڏني وئي.
ان سڄي دور وري چانڊڪا کي سياست ۽ مزاحمت جو مرڪز بڻائي ڇڏيو. ائين پيو لڳندو ھو تہ نہ صرف ملڪي پر عالمي سياست جو مرڪز بہ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج آھي.
ان دور جي سياسي ھل چل، اسٽوڊنٽس يونين جي اليڪشن جا ھوڪرا ۽ تقريرون، جلسا ۽ جهيڙا ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب مھارت، سچائي سان قلم بند ڪيا آھن جي چانڊڪا جي تاريخ جو حصو آھن.
محبتون انساني فطرت جو حصو آھن ۽ محبت قدرت جي ھر تخليق سان ڪري سگهجي ٿي پر انسان انسان سان نہ ڪندو آھي. ماڪو صاحب ھن ڪتاب ۾ محبت ڪرڻ وارن جي مرڪن سان بہ ڳالھايو آ تہ وري لُڙڪن سان بہ نڀايو آ پر پاڻ ٿورو پاسيرو رکيو اٿس پر سندس نثر ۽ نظم اندر ۾ لڪيل آھن جو پاڇو ڏين ٿا.
سندس ھڪ تخليقي خط جيڪو آخري سال جو شاگرد پنھنجي محبوبہ کي گهر جي ايڊريس تي لکي ٿو اھڙي انداز ۾ تہ جيئن ان جو پيءُ ان جو اصل مفھوم سمجهي نہ سگهي. اھو ڏاڍو دلچسپ آھي. ٻيون چلولايون بہ پڙھڻ جهڙيون آھن.
ھڪ نرم دل ۽ احساس رکڻ واري فرد ھجڻ جي ناتي ڊاڪٽر صاحب مريضن جي دردن کي بہ پنھنجو سمجهي دل ۾ جاءِ ڏني آھي انھن جي پيڙا جو عڪس سندس نثر ۽ شاعري ۾ ڀرپور عيان آھي. شيخ زيد اسپتال جي ليبر روم جي ٻاھران ويھي سندس لکيل نظم پڙھڻ جوڳو آھي. ھڪ ٻيو نظم ”حرامي ٻار“ بہ سندس ھڪ سوچ جو مظھر آھي.
پنھنجي استادن سان سندس چلولايون ۽ نوڪ جهوڪ کي بہ دلچسپ انداز ۾ لکيو اٿس. خاص طور ENT جي پروفيسر حسن صاحب ۽ ڊاڪٽر ﷲ بچايو ميمڻ ۽ پيٿالاجي جي امتحان ۾ زبير صاحب سان مڪالما مزاح سان ڀرپور آھن. وري شيخ زيد اسپتال جي ليبر روم ۾ ھائوس جاب جي پھرين ڏينھن ڊيوٽي تي ڇا ٿيو!؟ واھ واھ
اعظم ٻگهيو کي ڊاڪٽر صاحب واءِ وا جي تياري ڪرائي جنھن فارما ڪالاجي جي امتحان ۾ اسپرين جا Side effect ٻڌايا
”سائين خالي پيٽ ۽ بدھضمي مين نہ لين”
”بچون ڪي پھنچ سي دور رکين”
”طبيعت زيادہ خراب ھو تو ڊاڪٽر سي رجوع ڪرين. . . . !”
ڊاڪٽر صاحب چانڊڪا جي جونيئر ۽ سينئر بيچن سان سياسي، ادبي ۽ طنز مزاح سان ڀرپور واقعا ائين تحرير ڪيا آھن جو پڙھندڙ اڄ بہ ان جي سحر ۾ سمائجي ان دور ۾ ھليو وڃي ٿو. مون اھو ڪتاب 2 دفعا ان ڪري پڙھيو جو جيڪو ڪجهہ لکيل آھي مان ان جو اکين ڏٺو شاھد آھيان اھو ان ڪري جو مان1976ع (چوٿين بيچ) کان 1995 تائين چانڊڪا جي چوديواري ۾ پڙھڻ کان نوڪري تائين ھر اٿل پٿل ۽ واقعن کان باخبر رھيس. شايد ان ڪري ئي ڊاڪٽر صاحب ڪتاب جي اَمھاڳ لکڻ لاءِ مون ناچيز جي چونڊ ڪئي. تنھن لاءِ سندس مھرباني.
چانڊڪا ۾ سياسي سرگرمين سان گڏ علمي ۽ ادبي پروگرام ۽ شامون، تقريري مقابلا ۽ اسپورٽس ويڪ وغيرھ ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا گڏجي ملھائيندا ھئا جن ۾ ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو ۽ اعظم ٻگهيو جا ڪمينٽري باڪس مان جملا ۽ ٽھڪ ڏياريندڙ رمارڪس تہ events جي جان ھوندا ھئا جن کي ڊاڪٽر صاحب ڪتاب ۾ دلچسپ انداز ۾ سھيڙيو آھي. واھ واھ. . . .
ھائيجن ٽوئر (Hygine tour) جيڪي لاڙڪاڻي کان بولان ميل ۾ سفر سان شروع ٿي ملتان بھاولپور، لاھور، پنڊي، اسلام آباد، شڪر پڙيان ناران ڪاغان نيلم جھلم، پشاور، خيبر، ڪافرستان ۽ ڪشمير تائين وڃي دنگ ڪندا ھئا. انھن ٽوئرز جو سربستو ۽ دل لڀائيندڙ احوال ڊاڪٽر صاحب پنھنجي مخصوص احساسن، آشائن سان ھڪ جاءِ تي سھيڙي وڏي مھارت سان لکيو آھي. پڙھندڙ ائين محسوس ڪندو تہ ھو بہ ريل جي درين مان اڻڄاتل محبوبن سان اکين جا پيچ ملائيندڙ سفر ۾ شامل آھي. . !
ڪاليج کان اسپتال کڻي ويندڙ بس جي ڊرائيور، ميس جي ماني ۽ بورچين کان وٺي مُني، ڪڪڙ ۽ خميني جي ڪينٽين وري شيخ جي چانھہ ۽ چانڊڪا جي اڻوسرندڙ ڪردار ھاسٽل ۾ ڪمرن تي چانھہ جو پھچائيندڙ چانڊيو جو ھوڪو ”چانڊئي جي چانھہ ملڪروز“ ۽ قيوم جا ڪباب ۽ العباس ھوٽل جي ذائقيدار گوشت جي ڪڙھائي جا ذڪر ڪتاب جي خوشبو آھن. دلچسپ واقعا جھڙوڪ: شيخ زيد ڪالوني کان شاگردن جو گڏھ گاڏن تي چڙھي ڪاليج اچڻ. . ! ڇو. . !؟ ۽ وارڊن ۾ ھسٽري وٺڻ وقت مريضن کان عجيب و غريب سوال ۽ جواب ٻڌڻ. . . !
مثال: صبح کان ھڪ ٽڪي بہ اسپتال مان نہ ملي آھي رھندو نرس صبح جو دڙڪا ڏنا آھن. . . ! اھڙي ماني تہ اسان جيل ۾ بہ نہ کاڌي آ. . . . زناني وارڊ ۾ اڌيڙ عمر مائي کان ماھواري لاءِ سوال ڪرڻ ۽ موٽ ۾ مائي چيس تہ وڃ پنھنجي ماءُ کان پڇ. . . بي حيا ڇورا. . . . !
پنج ڇھہ سالن جي شاگردي واري عرصي ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو چانڊڪا جي ھر وڻ، رستي، درو ديوار، پکين ۽ ھوائن سان بہ پئي ڳالھايو آھي. حسن جواني جي ناز نخرن کان وٺي مريضن جي پيٽ جي سور تائين انساني اھنج، احساس، خواھش، جذبن ۽ مجبورين کي پنھنجي خاص نظر سان لفظن ۾ قيد ڪيو آھي جو نھايت پڙھڻ جوڳو ۽ سبق آموز پڻ آھي.
مشڪل سان ئي اھڙو ڪو چانڊڪا جو رنگ ھجي جو ڊاڪٽر صاحب جي قلم کان لڪل ھجي، ڪمال جي ياداشت ۽ لکڻ جو ڏانءُ اٿس جو پڙھندڙ چانڊڪا جي پولار ۾ گم ٿو ٿي وڃي. . . . ! ۽ ٻيا اھڙا خوبصورت ۽ دل کي ڇھندڙ گيت، نظم ھن ڪتاب جو حصو آھن.
سندس لکيل ڪتاب ۾ ڪجهہ شعرن ۾ ذڪر؛

1. ڊڄڻا ماڻھو ڀاڙي تي جلاد گهرايون ويٺا ھِن!
2. اڄ لال لھو جي سرگم تي ٿي ڌرتي منھنجي رقص ڪري. . !
3. تون لاشن تي ٿو ڏند پٽين، مان لڙڪ انھن تي لاڙيان ٿو.
4. چنڊ تون جيڏو ڏور وڃين ٿو
ايڏو توسان پيار وڌي ٿو
5. موٽي او چانڊوڪي ايندي
مون کي واپس ڪرڻا ملندا
منھنجا سپنا پورا ٿيندا
6. ارھن اگهاڙي سامھون بيھاري
رنگين اڪيلي شام ڏين ٿا
۽ انھن جي بدلي مون کان ڌرتي جو پيار گهرن ٿا
پر منھنجو ڪنڌ انڪاري ٿئي ٿو
پوءِ سنگينن سان سوچ چٿين ٿا.
7. اسان کي رڳو ڪنھن ورائي ڏٺو
سور سوز، درد، پيڙا ۽ ڪرب
پاڻھي مات ٿيو
روح ٻيھر حيات ٿيو
8. مون کي ڳولي وٺندي آن،
منھنجي من ۾ نچندي آن
مان سمجهان ٿو تون
مون سان پيار جو جهيڙو جهيڙيندين آن
۽ مون کي اجايو ڇيڙيندين آن.

ڊاڪٽر وجئہ نھال
سکر

ڊاڪٽر اسماعيل، هڪ بھترين دوست

ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪا جي تمام گهڻي، بي حد اسرار تي سندس ڪتاب تي بلڪه حڪم تي ڪجهہ سٽون لکڻ ويٺس تہ ڪجهہ گهڻا سال اڳ ڪتاب صبح ٿيندو پڙهيو هو جيڪو ڪتاب جناب رسول بخش پليجي لکيو هو ۽ گهڻو ڪري ان جو مھاڳ محمد ابراهيم جويي صاحب جو لکيل هو جنھن ۾ جويي صاحب لکيو هو تہ ”جيڪڏهن پليجو صاحب ڪنھن هڪ شعبي ۾ هجي ها تہ لازوال هجي ها.“ ساڳي نموني مان سمجهان ٿو تہ جيڪڏهن ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو بہ ڪنھن بہ هڪ شعبي ۾ هجي ها تہ لازوال هجي ها. ڇا لاءِ تہ هن جون سرگرميون ، اديب بہ هو، ڊاڪٽر بہ هو، سوشل ورڪر بہ هو ۽ دوست بہ هو ۽ ڇا ڇا نہ هيو ان ڪري مان هميشہ چوندو آهيان تہ جيڪڏهن هي ڪنھن هڪ شعبي ۾ هجي ها ۽ صرف شعبہ بيھوشي ۾ بہ هجي ها تہ هن جو تمام وڏو نالو هجي ها، بھرحال جيڪو ٿيو سو بھتر ٿيو، پر هي جنھن شعبي ۾ رهيو تہ تمام سٺو رهيو ۽ مان هميشہ چوندو آهيان تہ اسان جي ڪلاسي دوستن ۾ ڊاڪٽر اسماعيل ماڪو ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو لازوال صلاحيتن جا مالڪ هئا ۽ سندس گهڻ پاسن شخصيتن جي ڪري يا لاڙن سبب مختلف ڪمن ۾ مشغول رهيا.
مان سموري سچائيءَ سان چوان ٿو تہ ٻئي اسان جا دوست انتھائي ذهين هئا. ڊاڪٽر اسماعيل سان دوستي چانڊڪا جي پھرئين سال کان ٿي ۽ ائين وڌندي وڌندي گهري دوستي ۾ بدلجي وئي. ڊاڪٽر اسماعيل ماڪو في البديع ڊبيٽر هو. ڇا تہ ڪمال جي رواني هئي سندس تقرير ۾ ۽ يقيناً اها سندس مطالعي جي نشاني بہ هئي ۽ نہ رڳو ايترو پر شاعري ۾ پڻ تمام سٺي ۽ زبردست شاعري ڪندو هو. لطيف ميڊيڪوز پاران اسان هن کي ڊبيٽنگ سيڪريٽري طور بيھاريو هيوسين. سندس مقابلو ڊاڪٽر مجتبيٰ ميمڻ سان هو جيڪو چوٿين سال جو شاگرد هو ۽ سپاف جو مشھور ليڊر هو. مون سندس ڀرپور ورڪ ڪئي پر تمام ٿورن ووٽن سان هارايوسين. اهو مقابلو ڪرڻ ئي وڏي ڳالھہ هئي جيڪو محمد اسماعيل ماڪي جي صلاحيتن جي ڪري ئي ممڪن هو. ڪرڪيٽ جو بہ شوقين ۽ بالر وڌيڪ هو. ٽينس بال سان بہ شاندار بالنگ ڪندو هو.
لطيف ميڊيڪوز هڪ مئگزين ڪڍندي هئي. جنھن جو مان ايڊيٽر هوس ۽ مان اڪثر هن کي گڏ کڻندو هوس مون کي ياد پئي ٿو تہ اسان ٻنھي ڊاڪٽر نيڪ محمد صاحب جو انٽرويو بہ ڪيوسين ۽ اهو تمام گهڻو مشھور ۽ مقبول ٿيو جيڪو بي بي سي جي پروگرام هارڊ ٽاڪ جي طرز تي ورتو هئوسين. لطيف ميڊيڪوز جي ڳالھہ هلي ٿي تہ ان جا ثناءُﷲ کوکر صاحب سان جيڪو لطيف ميڊيڪوز جو سرواڻ يا باني هو ۽ انتھائي محنتي شخص بہ هو ۽ هُو Autocrat هو ڇاڪاڻ تہ سندس گذارو بہ ان ۾ ئي هوندو هو ۽ ان سان اسماعيل جا اختلاف ٿيا. ان اسماعيل کي يا تہ خارج ڪرائي ڇڏيو يا استعيفا ڏيڻ تي مجبور ڪيو. ان ضد ۾ مان ثناءُﷲ جي سامھون ٿيس ۽ لطيف ميڊيڪوز جي اليڪشن ۾ ثناءُﷲ کي شڪست ڏنيسين ۽ اسماعيل ماڪو وري ان ۾ شامل ٿيو.
هن ڪتاب ۾ اسماعيل ماڪا تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. چانڊڪا جي تاريخ دهرائي وئي آهي جيڪا پڙهندڙ تمام گهڻو پسند ڪندا، منھنجو خيال آهي هي جيڪا چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي تاريخ آهي جيڪا ان وقت هئي يا ان کان ٿورو اڳتي هئي ۽ اسان جي بئج جي آخري ٽائيم تائين هئي. اها جيڪا آهي سا هن ۾ توهان کي تمام گهڻي ملندي. کوڙ اهڙيون شيون هيون جيڪي مون کي بہ ياد نہ هيون جيڪي اسماعيل ماڪا هن ڪتاب ۾ لکيون آهن جيڪا هڪ پراڻي فلم وانگر آهي جنھن کي ڏسي اسين سمجهيوسين تہ هي بہ شيون ٿيون هيون ۽ ٿينديون رهيون. اسماعيل ماڪا لکڻ جو بادشاھہ آهي. پڙهڻ جو بہ بادشاھہ آهي ۽ پنھنجي ڪم جو بہ بادشاھہ آهي.
منھنجي دعا آهي تہ اسماعيل ماڪو اڃان بہ گهڻي کان گهڻيون ڪاوشون جيڪي دل ۾ اٿس انھن ۾ کيس ڪاميابي نصيب ٿئي ۽ سندس ٻچا خوش هجن. انھن کي پڙهائي وڏو ڪيو اٿائين. انھن کي صحيح تعليم ڏنائين ۽ گهر بہ هلائي ٿو اهي سندس ڪاميابيون آهن. اميد تہ هي ڪتاب اوهان کي تمام گهڻو پسند ايندو.

پروفيسر ڊاڪٽر ملڪ جلباڻي
لاڙڪاڻو

ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو هڪ غير معمولي شخصيت ۽ سندس حسناڪ نثر

ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو صاحب منھنجو ننڍپڻ کان دلي دوست رهيو آهي. اسان ٻئي تقريبن ٻارهن، تيرهن ورهين جي معصوم، خوابناڪ ڄمار ۾ ادل سومري، ايازگل ۽ شفن مڱريو صاحبان پاران سکر ۾ قائم ڪيل ٻارن جي تنظيم" گلن جھڙا ٻارڙا "جي پليٽ فارم تي مليا هئاسين جنھن جون هفتيوار گڏجاڻيون "گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر" (هينئر رحيم داد خان مولائي شيدائي هاء اسڪول) مناري روڊ ۾ ٿينديون هيون. اهو خوبصورت دور1974ع وارو دور آهي. انھن گڏجاڻين ۾ اسان تقرير ڪرڻ، شعر، ڪھاڻيون يا مضمون لکڻ سکيا سين. ان شاندار دور ۾ مان، انيل نھال ۽ حفيظ ﷲ پيرزادو هاء اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين ۽ اسماعيل ماڪو ڪمپريھنسو هاء اسڪول سکر ۾ پڙهندو هو جيڪو سندس ڳوٺ نواب خان ماڪو ويجهو هو، اسماعيل اتان ھر هفتي پيرين پنڌ اچي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو. اسان سڀني دوستن کي "گلن جھڙا ٻارڙا“ تنظيم اهڙو تہ جوڙي ڇڏيو هو جو اڄ عمر جا ڇھہ ڏهاڪا مالڪ مھربان جي ٻاجهہ سان مڪمل ڪرڻ باوجود ساڳئي ئي معصوميت واري وقت کان خلوص، پيار ۽ احترام جي رشتي ۾ جڙيل آهيون. ان دور جا اسان جا پيارا دوست انيل نھال، حفيظ ﷲ ڊاڪٽر ٿيڻ کان پوءِ ڪجهہ سال پنھنجي اباڻي وطن سنڌ ۾ گذاري پرڏيھہ هليا وياپر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو پرڏيھہ وڃڻ جا انيڪ موقعا ملڻ باوجود سنڌ ۾ رهي پنھنجي وطن جي ماڻھن جي مسيحائي واري مشن ۾ مصروف رهيو.
هو نوڪري دوران لکي، شڪارپور، سکر، روهڙي ۽ نوڪريءجي آخري سال جيڪب آباد ۾D. H. O رهڻ بعد روهڙيء ۾ قائم ”فارنزڪ ليب“ مان ڪيميڪل اگزامنرجي پوسٽ تان 20 گريڊ ۾ رٽائر ٿيو. ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو گلن جھڙا ٻارڙا واري دور ۾ "جوشيلو" تخلص ڪتب آڻيندو هو ۽ هڪ بھترين مقرر هو، سندس تقريرون سندس تخلص جيان جوش سان ڀرپور هونديون هيون. ان وقت ڊاڪٽر اسماعيل قدڪاٺ ۾ ڊگهو ۽ صفا سنهڙو هوندو هو. ننڍپڻ کان ئي کيس پنھنجي گهرو علمي ماحول سبب شاه لطيف رحہ جي شاعريءَ سان بي حد لڳاء ۽ دلچسپي هوندي هئي، کيس ان وقت بہ شاھ سائينء جي شاعري چڱي خاصي ياد هوندي هئي. شاھہ لطيف رح جي ڪلام سان انسيت کيس والدين کان ورثي ۾مليل آهي تنھن گهرو علمي ماحول ۽ بھترين تربيت سبب ئي اڄ ڊاڪٽر اسماعيل شاھہ فھمي جي فيلڊ ۾ مھارت ۽ دسترس سبب سکر، روهڙي، چڪ، شڪارپور، خير پور، پنوعاقل، گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي جي ادبي حلقن ۾ شاه جي ڪلام جي پارکو طور ڄاتو، سڃاتو وڃي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي مقبول چئنل K. T. N تي پڻ ڊاڪٽر اسماعيل شاھہ جي فڪر بابت پنھنجن خيالن جو اظھار ڪري چڪو آهي. مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ پڻ پنھنجي مصروف زندگيء مان وقت ڪڍي لکندو رهي ٿو، مختلف ادبي، علمي پروگرامن ۾ پڻ شاھ لطيف سميت مختلف سماجي، تاريخي، فڪري موضوعن تي پنھنجن خيالن جو اظھار ڪندو رهي ٿو پر سندس ڪتاب ڇپجڻ جي ڪا عملي صورت سندس مصروفيتن سبب معرض وجود ۾ نہ پئي آئي. حالانڪہ وٽس چئن، پنجن ڪتابن جيترو مواد مختلف موضوعن تي موجود آهي.
مون ورهين جي ڊاڪٽر سان رفاقت ۾ اهو محسوس ڪيو آهي تہ ڊاڪٽر وٽ اولين ترجيح سندس گهر ۽ اولاد آهي. اولاد جي تعليم سندس زندگيءَ جو اهم مقصد رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب ڪاميابيون پڻ ماڻيون آهن، سندس ٻہ پٽ انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪري چڪا آهن ۽ نياڻي ڊاڪٽر بڻجي وئي آهي. پنھنجن ٻين ٻارن کي پڻ پوسٽ گريجوئيشن تائين تعليم ڏياري چڪو آهي. ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو صاحب رٽائرمينٽ کان پوءِ ڪجهہ وقت ملڻ سبب پنھنجي پروفيشنل اداري "چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج" جي يادگيرين بابت لکيل ڪتاب "چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل" ڇپرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سندس هي فيصلو ٻڌي منھنجي دل باغ بھار ٿي وئي آهي ڇو تہ مان سمجهان ٿو هي فاني زندگي ڪڏهن بہ بيوفائي ڪري سگهي ٿي. ڪتاب جي پروفنگ دوران ڪتاب جو هڪ، هڪ لفظ غور وخوض سان پڙهيو اٿم ۽ مڪمل ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ خوشيءَ ۾ سرشارٿي ويو آهيان تہ ڊاڪٽر اسماعيل روح جي گهرائي، ايمانداري ۽ محبت سان پنھنجي پروفيشنل اداري کي، اداري ۾ تعليم ڏيندڙ پروفيسر صاحبان، اداري ۾ ڪم ڪندڙ مختلف ڪيٽيگريز جي ملازمن جي حقيقي ڪردارن کي اهڙي تہ خوبصورتيء سان نيچرل انداز ۾ پنھنجي قلم جي مھارت سان قلمبند ڪيو آهي ڄڻ ڪنھن مشاق مصور پنھنجي برش کي پنھنجي ڪومل حسين دل جي رت ۾ ٻوڙي اعلافنائتي پيرائي ۾ چانڊڪا سان سلھاڙيل هر شيء جي چٽي ۽ سھڻي مصوري ڪري اعلي فن پاروتخليق ڪيو هجي. هڪ چوڻي تہ ملڪان ملڪ مشھور ۽ معروف آهي تہ "ڪوزي ۾ دريا سمائڻ" پر ڊاڪٽر صاحب جي حسناڪ ۽ باوقار يادگيرين جي ڪتاب "چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل" پڙهڻ کان پوءِ ان چوڻيء جو قائل ٿي ويس تہ هن بھترين ڪتاب جاAspectsانيڪ آهن پر ان ڪتاب جو وڏي ۾ وڏو اهم قومي ۽ سماجي فائدو اهو ٿيندو تہ پروفيشنل ادارن ۾جڏهن اسانجي قوم جا نوجوان خواب سجائي انھن جي ساڀيا لاءِ داخل ٿين ٿا تہ اتان جي گليمرائيزڊ ماحول جو حصو بڻجڻ کانپوءِ جيڪڏهن Young blooded شاگرد ڊاڪٽر اسماعيل ماڪي جو هي ڪتاب پڙهندا تہ يقينن اهي بامقصد، ڪامياب ۽ ڪارائتي زندگي گذارڻ جي پيچرن تي گامزن ٿي ڪامياب ڊاڪٽر بڻجي اسانجي ڏتڙيل سماج ۾ ڏکايل ماڻھن جي زخمن تي پھو رکڻ جي سلسلي ۾ پنھنجيون ذميداريون ڪاميابيءَ سان نڀائيندا.
منھنجي نظر ۾ هن ڪتاب جو بنيادي ڪارج ۽ جوهر پروفيشنل ادارن جي تعليمي ماحول ۾ موجود تلخ۽ شيرين تجربن کي بھترين ادبي ٻوليءَ ۾ موقع محل جي نقطه نظر کان شاعراڻي نثر ۾ هڪ گائيڊ لائين طور ڏيڻ آهي. اهڙي اهم مقصد ۾ ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو صاحب قلم جي حرمت کي قائم رکندي ڪامياب ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سنجيدہ موضوعن سان گڏ مزاح جو رنگ پڻ پنھنجي جوڀن تي نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جي يادگيرين تي ٻڌل هي ڪتاب گهڻ موضوعاتي ڪتاب آهي جنھن ۾ ان دور جي شاگرد سياست سان گڏوگڏ ان دور جي ملڪي سياست جو پڻ گھري دانشوراڻي انداز ۾ تجزيو (Analysis )ڪيل آهي ،ازانسواءِ ان دور ۾ سڄي دنيا ۾ هلندڙ نظرياتي تحريڪن جو پڻ فڪري ڇيد ڪيل آهي. ڊاڪٽر صاحب پنھنجي ڪتاب ۾ ان دور جي شاگرد سياست جا دکدائڪ واقعا بہ بيان ڪيا آهن تہ انھن سان ساڻ ساڻ ان دور جي شاگرد سياست ۾ موجود سھپ ۽ درگذر وارو ماحول پڻ سٺي نموني بيان ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب پنھنجين يادگيرين ۾ پنھنجن اثر انگيز نثري نظمن وسيلي نذير عباسي جي شھادت، ٽارچرسيلن جي عقوبتن، آمريت جي قهري قدمن، ڊائنا جي شخصيت جو احاطو ڪرڻ ۽ "منھنجو ڇوڪروڪافر ٿي ويو" جھڙن ڪردارن کي پڻ متاثر ڪندڙ لفظن سان واضح ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب هي ڪامياب، متاثر ڪندڙ بھترين ڪتاب لکي پنھنجو فرض مثالي نموني ادا ڪيو آهي تنھن سلسلي ۾ مان کيس دل جي گهراين سان مبارڪون ڏيان ٿو.

پروفيسر منظور بيدار
مھر محلو نيوپنڊ سکر
03337208162

خدا ترس انسان

”ڊاڪٽر“ لفظ ئي اهڙو آهي جنھن جي ٻڌڻ سان مريض کي ايتري آٿت ضرور ٿيندي آهي تہ سندس تڪليف جو ڪو نہ ڪو ازالو ضرور ٿيندو ۽ وري انھيءَ شعبي ۾ جيڪڏهن سائين محمد اسماعيل ماڪي جھڙا نرم دل ۽ خداترس ماڻھو شامل هوندا آهن تہ مريض جو اڌ علاج تہ سندن سڀاءُ سان ئي ٿي ويندو آهي. هونئن ڪنھن کي بيھوش ڪرڻ هاڪاري ڪم ناهي پر جڏهن اهو ڪنھنجي زندگي بچائڻ لاءِ هوندو آهي تہ پوءِ اهو عمل بہ عبادتن ۾ شمار ٿي ويندو آهي. سائين اسماعيل صاحب اهڙين ئي عبادتن ۾ مصروف رهندڙ آهن ۽ مٿان وري اهو جو سندن ادب سان لڳاءُ بہ اهڙو جو سچ ۾ هُو ڪنھن جي دعا وانگر لڳندا آهن. لکڻ جي حوالي سان بہ سندن تعلق شاگردي واري دور کان ئي رهيو آهي. ان جو هاڪاري نتيجو اهو نڪتو آهي جو سالن پڄاڻان جيڪو سندن من ۾ سانڍيل هو سو بہ ڪڍي پڙهندڙن آڏو رکيو اٿائون. هڪ رومانس جو پورو دور سنڌ يونيورسٽيءَ بعد چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو بہ رهيو آهي. اهي تعليمي ادار سنڌي ادب ۾ استعارو ۽ تشبيھہ بہ بڻجي ويل آهن. ماڪي صاحب ان دور جي يادگيرين کي جنھن سيبتي نموني لکيو آهي ڄڻ تہ اسين ان دور ۾ داخل ٿي ويا هجون. هي رڳو سندن يادگيريون ئي ناهن پر تاريخ بہ آهي ۽ سڀ کان اهم ڳالھہ تہ هنن لکڻين ۾ توهان کي ادبيت پوري ريت بکندي نظر ايندي. ڪتاب جا تفصيل ان ڪري نہ پيو ڏيان جو اهو فيصلو پڙهندڙ پاڻ ڪن، پر منھنجي راءِ موجب هي يادگيريون واقعي پڙهڻ جهڙيون آهن.

ممتاز بخاري
سکر

ڊاڪٽر اسماعيل ماڪو هڪ ذهين لکاري

ڊاڪٽر اسماعيل منھنجو چاچو بہ آهي تہ سٺو دوست بہ آهي. اسان هم عمر آهيون پھرئين درجي کان وٺي ايم. بي. بي. ايس تائين گڏ پڙهيا آهيون. هن جي قلم ۾ اُها طاقت آهي جو سڀني کي موهي ڇڏي ٿو. ائين لڳي ٿو تہ هي ڪتاب مون لکيو آهي اُهو ئي ان جي لکڻ جي فن جو ڪمال آهي جو هو شگفتہ تحريرن جو ماهر آهي. مون هن کي کلندي، لکندي، پڙهندي ۽ ڪم ڪندي ڏٺو آهي. اسان جو روم هڪ سياسي، عوامي ۽ دوستن جي اوطاق هو. مگر پوءِ بہ هو باقاعدہ، لائبرري وڃي پڙهندو هو. پڙهڻ، لکڻ جو هن کي جنون آهي. هو سٺو انسان، سٺو ڊاڪٽر، سٺو دوست ۽ سٺو مائٽ پڻ آهي. مان ان لاءِ گهڻو نہ ٿو لکان. ڇو جو هن جي تحرير اوهان سان ڳالھائيندي ۽ اوهان خود اندازو لڳائيندئو تہ هن جي تحرير ۾ ڪھڙو منفرد جوهر آهي.

ڊاڪٽر محمد عثمان ماڪو
سکر

مثالي پيءُ

پيءُ پٽ جو رشتو، عزت، احترام ۽ ڪنھن حد تائين تعبيداري ۽ دوستيءَ جو رهي ٿو. مون جڏهن کان اک کولي آهي. بابا وٽ ڪتاب ئي ڪتاب ڏٺا آهن ۽ ٻيو شاھہ لطيف جو رسالو پڙهڻ. اهو پڙهڻ لکڻ اسان جي خانداني روايتن ۾ آهي. اسان جي پڙ ڏاڏي جي وڏي لائيبرري هئي. اها تہ الائي ڪاڏي وئي. اڪثر مذهبي ڪتاب هوندا هئا. اسان جو گهراڻو مذهبي، سيڪيولر ۽ خوشحال هو. منھنجو ڏاڏو صوفي قسم جو انسان هو، سياح، زميندار ۽ ڪاروباري شخص هو. هن کي ادب، موسيقي سان لڳاءُ هو ۽ وڏو سخي مڙس هو. بابا کي گهڻيون ڳالھيون وراثت ۾ مليون جيئن منھنجو ڏاڏو قرآن شريف، شاھہ لطيف ۽ مولانا روميءَ جو وڏو ڄاڻو هو ۽ بابا کي گهڻيون ڳالھيون منھنجي ڏاڏي نواب خان مان مليون پر بابا جڏهن 12 سالن جو هو تہ ڏاڏو گذاري ويو ۽ اسان جي ڏاڏِي بہ زميندار گهراڻي جي سگهڙ عورت ۽ سخي عورت هئي. بابا، ڏاڏيءَ سان گهڻو ويجهو رهيو ۽ هن ڏاڏيءَ مان صبر، تحمل ۽ سخاوت سکي. بابا گهريلو طور انتھائي ذميوار ۽ ڪشاده دل شخص آهي. هن جو اسان تي گهڻو زور پڙهائيءَ تي هوندو آهي. وقت جو پابند، پنھنجي پيشي سان سچو، ماهر. بابا جي گهڻين خوبين منجهان احساس، ذميواري ۽ اخلاق آهي. اها ڊگهي ڪھاڻي آهي تہ بابا وٽ سڀ شيون هوندي بہ هو سادگي ۽ شائستگي رکندو پئي آيو آهي.
منھنجو ادب سان ايترو واسطو ناهي ۽ پڙهائيءَ ۾ مصروف رهان ٿو پر جڏهن بابا جو هي ڪتاب پڙهيم تہ پنھنجو هاسٽل جو دور ياد اچي ويو. حيرت ٿي تہ بابا جي ياداشت ڪيڏي نہ سٺي آهي ۽ مشاهدو، مطالعو پڻ وسيع آهي. اوهان ڪتاب پڙهي خود اندازو لڳائيندا. بس مان تہ ايترو لکندس بابا مثالي پيءُ آهي.

انجنيئر شھريار ماڪو
سکر

منھنجو بابا

شيخ اياز جي هيءَ سٽ مون کي ڏاڍي وڻندي آهي:
ممڪن آهي ڌرتيءَ جو دک پورو ڪو نہ ٿئي،
ممڪن آهي تنھنجو بابا وڙهندي جان ڏئي.

ويڙھہ ڪا ميداني جنگ ۾ نہ ٿي وڙهجي، پر اها ويڙھہ جھالت، حق سچ ۽ بيمارين خلاف بہ ٿئي ٿي. منھنجو بابا سچ جو اُهو سگهارو ڪردار آهي جنھن ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ ڳالھايو ۽ ڪوڙ خلاف وڙهندو رهيو آهي. ان زماني جا نرالا رويا بہ ڏٺا مگر مسڪرائيندو رهي ٿو. هن جون تحريرون مان پڙهندي رهندي آهيان پر مون سوچيو بہ ڪو نہ هو تہ بابا چانڊڪا جي هر شيءِ من ۾ سنڀالي رکندو ۽ منفرد نموني لکندو به، مان ڊاڪٽر آهيان ۽ اُهو پيشه ورانہ اتساھہ بابا جي زندگيءَ مان ئي ورتو آهي تہ ڪيئن ماڻھو پنھنجي پيشي سان ڪميٽيڊ رهي ٿو. مان gen-z جين زي آهيان. انٽرنيٽ ۽ موبائل فون ۽ مصنوعي ذهانت جي دور ۾ پلي وڏي ٿي آهيان، مگر بابا جو دماغ سوپر ڪمپيوٽر وانگر آهي تہ مسئلن کي ڪيئن حل ڪجي. تنازعن کي ڪيئن ختم ڪجي ۽ ماڻھو پنھنجي ڌرتي، ماڻھن، ماحول ۽ ڪٽنب سان ڪيئن ڳنڍيل رهي، عمر جو فرق ڪيئن مٽائجي ۽ ڪيئن نئين نسل سان جڙيل رهجي، مان بابا لئہ چوندي آهيان هو جينيس آهي. هومحنتي آهي، هن اسان کي زندگي سٺي معياري زندگي، اخلاق، آدابن ۽ عزت سان گذارڻ سيکاري آهي. هو منھنجو بابا بہ آهي تہ هڪ سٺو دوست به، مان هن سان بنا جهجهڪ هر مسئلو شيئر ڪندي آهيان ۽ ڏاڍي صبر سان منھنجي ڳالھہ ٻڌي ان تي انتھائي پيارو ردعمل ڏيندو آهي. مان چونديس تہ سڀ والدين بابا وانگر اولاد سان جڙيل رهن. مان هميشہ فخر ڪندي آهيان تہ بابا جي ڪري اولاد کي عزت نصيب ٿئي ٿي. بابا جو شاھہ لطيف کي ٻڌائڻ تہ ڪمال آهي. مان پلاننگ ڪيان ٿي تہ بابا جي لطيفيات جي شوق کي نمايان ڪيان ۽ مان هڪ پروگرام ترتيب ڏئي رهي آهيان تہ ”ڊاڪٽر ثنا وٿ بابا ۽ لطيف“.

ڊاڪٽر ثنا اسماعيل ماڪو

نرالو لطيفي شارح

هڪ ننڍڙي ليکڪہ جي طور تي ادب جي دنيا ۾ لطيف سائين جي شاعري جو پيغام عام ڪندي منھنجو رابطو جڏهن سائين اسماعيل ماڪا نالي هڪ اهڙي انسان سان ٿيو, جنھن جي ذڪر ۽ فڪر کي ٻڌي ڪري مان ڏاڍي متاثر ٿيس. هڪ صوفي صفت انسان، بيباڪ ليکڪ جنھن جي لکڻين ۾ لفظن جي جادوگري، پڙهندڙ کي ان منظر ۾ گم ڪريو ڇڏي. سائين جن ڊاڪٽري جي شعبي سان منسلڪ هڪ حساس ۽ خوش مزاج ماڻھو آهي.
سندس ڪتاب جو نالو ”چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل“ هڪ منفرد نالو آهي جيڪو پڙهندڙن کي ان ڪتاب ۾ موجود ڳجهہ سَلڻ لاءِ مائل ڪري ٿو. سندن ڪتاب ۾ چانڊڪا جي منظرڪشي مونکي بيحد وڻي، پڙهندي پڙهندي بي اختيار ٽھڪ ڇڏائجي ويا . لاڙڪاڻي جي ڪنھن هوٽل وارن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو تہ:
”هوٽل وارا بہ ڏاڍا استاد آهن، اسان بس اسٽينڊ تي هوٽل تي مانيءَ لاءِ پڇيو، بيري وڏي سريلي انداز ۾ چيو گوشت آهي ننڍو پر ڪچي جو آ، اهڙو جھڙو حلواڻ. اسان بہ بک جي باھ ۾ ٻہ ٽي پليٽون چٽي وياسين. آخر جڏهن هڏا بچيا تہ ٿورو شڪ ٿيو تہ گوشت وڏو ٿو لڳي پر هي اسان کي ننڍو ڪري کارائي ويو آهي. پڇيوسونس تہ گوشت ڇا جو هو؟چيائين سائين ننڍي جو. وري رهڙ ڏيندي پڇيوسين تہ اڙي گوشت ڇا جو هو؟ چيائين سائين ننڍي پاڏي جو. اسان کان رڙ نڪري وئي ڇو جو اسان جي ڳوٺ ۾ فقط ٻڪريءَ جي گوشت کي ئي ننڍي جو گوشت چوندا آهن“.
مٿان وري جيڪو زيرو پلازہ ۾ ننڍن وڏن مسئلن ۽ گڏوگڏ ڪاليج ۾ شاگردن کي بس نہ ملڻ جي ڪري سڀني شاگردن جو ٻئي ڏينھن تي گڏھ گاڏن تي اچڻ ۽ انھن منظرن کي لفظن جي خوبصورت ڍانچي ۾ قيد ڪرڻ بيحد پسند آيو. سرد سفرن جون ڪھاڻيون ڇا لفظن جي چونڊ آهي. وري جو ڪنھن دوست جي پيار ڪھاڻي کي بيان ڪندي لفظن جي ادائگي ڏسجي:
”اپسرا جي غائب ٿيڻ سان ئي پرويز جي اکين ۾ ساروڻين سان گڏ نيڻن جا ڪڪر برسڻ لڳي ويندا هئا“. بيحد متاثر ڪن آهي.
مون کي سائين جن جي هن ڪتاب ۾ الطاف شيخ جي سفرنامن جو عڪس نظر اچي ٿو، جيئن جيئن پڙھ تيئن تيئن ماڻھو هڪ الڳ دنيا جو سير ڪندو پيو وڃي. هر هڪ موضوع کي الڳ الڳ عنوان تحت پيش ڪري هڪ بھترين انداز سان پيش ڪيو ويو آهي.
لکڻ جي لاءِ تہ هن ڪتاب متعلق گهڻو ڪجهہ لکي سگهجي ٿو پر ڪجهہ مختصر لفظن ۾ ڪتاب متعلق تاثر پيش ڪندي مان سائين جن کي هن بھترين ڪاوش جون مبارڪون ڏينديس. شال سرها رهو ۽ پنھنجن پڙهندڙن کي اهڙا بھترين ڪتاب لکي ڏيندا رهو.

انمول ميمڻ
هالا

ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪا، منھنجو ڪلاس فيلو

ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي دور جي يادن تي ٻڌل ڪتاب تي منھنجي راءِ.
ڊاڪٽر صاحب جي مھرباني آهي تہ مون کي ان لائق سمجهيائين تہ اوهان بہ منھنجي هِن ننڍڙي ڪوشش تي پنھنجي راءِ ڏيو. آءٌ اديب تہ آهيان ئي نہ جو اديباڻن لفظن جي جوڙ جڪ ڪري جملا ٺاهيان سو جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي وئي هجي تہ پڙهندڙن کان معافي جو طالب آهيان.
ڊاڪٽر ماڪا صاحب هونءَ بہ بھترين ليکڪ ۽ زبردست مقرر آهي ۽ سٺو Observer بہ آهي. هي ڪتاب بہ Best Observation جو مجموعو آهي. جنھن ۾ صاحب موصوف ڪنھن بہ صنف کي miss ناهي ڪيو. Curriculum هجي يا Extra Curriculum سڀ تي واھہ جو لکيو اٿائين. Demonstration ليڪچر Dissection ڪلينيڪل سائيڊ ۽ انھن سڀني جون منظر ڪشيون.
سڀ جو سڀ لاجواب. هاسٽلن جي رهڻي ڪھڻي. ميس جو حال احوال، راندين جو حال احوال، شاگرد سياست، ۽ مختلف Events تقريباً ڇھن سالن جون يادون ننڍڙي ڪتاب ۾ سھيڙڻ اهو ماڪا صاحب جو ڪمال آهي. جي رهايو اٿائين تہ صرف پنھنجو پاڻ کي اهو بہ الائي ڇو. . !؟

ڊاڪٽر علي اشرف ڪلوڙ
گهوٽڪي

هِڪَ عاشق جي يادُن جي ڪائنات

مون جامَ ڪِتابَ ڪمپوز ڪيا آهن. ڪمپوزنگ ڪَرڻ وَقت آئون اُنھن ليکڪن جون تحريرون بہ پَڙهندو آهيان. تحريرون پَڙهڻ وقت ڀائيندو آهيان اُهو لکاري مون سان ڪچھري ڪري رهيو آهي. پَنھنجي زندگيءَ جي تَلخ تجربن، محبتن، نفرتن، خوشيُن، اذيتُن، مشاهدن ۽ مطالعي جي وُسعتن بابت آگاهي ڏيندي نَظر پيو ايندو آهي. سوچيندو آهيان تہ هڪ ليکڪ پَنھنجي سماج ۾ رَهندي ڪيڏو نہ حَساس ٿئي ٿو. هُنَ جي دل ڪيڏي نہ ڪوئنري ٿئي ٿي. ڪيئن تہ لَفظن جي ميڙ کي گڏ ڪري هڪ خوبصورت گُلدستي جي شِڪل ڏئي ٿو. هُو لِکندو رهي ٿو، ۽ تيستائين لِکندو رهي ٿو جيستائين اُن جو اندر خالي نٿو ٿي وڃي! پَر اندر ڪِٿي ٿو خالي ٿئي! مسلسل لِکندو رَهڻ وارن جي لاءِ اِئين ئي آهي جيئن هڪ اڃارو پاڻيءَ جا مَٽَ پي بہ چوي تہ آئون تہ اڃا اڃارو آهيان. ليکڪَ جي اندر جي تاسَ بہ تہ آخر تائين تاسَ ئي رهجي ٿي وڃي. لکڻ وقت هڪ ليکڪَ جي ڪيفيت ڪھڙي هوندي اِها تہ اُنَ کي ئي خَبر، پَر اِهو سو چئي سگهجي ٿو تہ لِکڻ وقت هڪ ليکڪ جي آڏو يا اُن جي ذهن ۾ سموري ڪائنات جون حَسناڪيون ۽ سمورا عُنوان جگ مگ جگ مگ جَرڪندا هوندا.
ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو صاحب جو ڪِتاب ڪمپوز ڪرڻ وقت مون مَٿان هڪ عجيب قِسم جي ڪيفيت طاري هُئي. اِهڙي ڪيفيت ممتاز بخاريءَ جي ناول "تنھنجو انتظار ڪرڻو آهي" جي پروف ريڊنگ ڪَرڻ وَقت ٿي هُئي. ڪِتابُ ڪمپوز ڪرڻ وقت نہ ڄاڻ ڪيترا ڀيرا مُنھنجي دل ڌڙڪي هئي ۽ نہ ڄاڻ ڪيترا ڀيرا مُرڪيو ۽ رُنو هيس جو سائينءَ پَنھنجي يادُن کي اهڙي تہ انداز سان پيش ڪيو ۽ ايتريون تہ تشبيھون ڏنيون آهن جو حيرتُن جي سمنڊ اندر لھندو وڃان. ڪي ڪِتابَ اهڙا هوندا آهن جو اوهان (پڙهندڙ) اُن تحرير ۾ موجود ڪِردار بڻجي ويندا آهيو، اُنَ جي خوشي بڻجي ويندا آهيو، اُن جو درد بڻجي ويندا آهيو، اُن جي محسوسات بڻجي ويندا آهيو. ڪِردار جي دل جيان اوهان جي دل بہ ڌڙڪندي رهندي آهي. اهڙي ڪيفيت پڙهندڙ جي ذهن تي ڪيئي ڏينھن خمارن جيان پئي رهندي آهي.
ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو صاحب جيڪو ڪجهہ بہ لکيو آهي هُنَ پنھنجي اندر جي سموري ڪائنات پَني تي سَجائي ڇڏي آهي. اهڙي ڪائنات جيڪا ڪوڙ ۽ منافقي کان پاڪ آهي. اهڙي ڪائنات جنھن ۾ زندگي ساھہ ٿي کڻي. اهڙي ڪائنات جنھن ۾ هو بادشاهن وانگر رهيو آهي. اهڙي ڪائنات جيڪا هڪ سچي پچي عاشق جي ڪائنات آهي.
ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو صاحب جي هيءَ تحرير عِشق آهي ۽ هو پاڻ عاشِق آهي. هُنَ جو ذهن ڪمپيوٽر کان بہ تيز ڊوڙندڙ هڪ اهڙي مَشين آهي جيڪا پَل ۾ 30سالَ پُراڻيون يادن کي سھيڙي آڏو رکي ٿي جنھن ۾ ڪو بہ error نہ آهي ۽ نہ ئي اُن سي ڊي ۾ ڪي scratch آهن.
ڊاڪٽر صاحب هن ڪِتابَ سان گڏ پَنج ٻيا بہ ڪتاب ڏيکاريا آهن جن کي پڻ ڇپرائڻ جو خواهشمند آهي. اُنھن مان هڪ ڪِتابُ اهڙو آهي جنھن ۾ عام ماڻھن، پَر ڊاڪٽر صاحب جي لاءِ خاص ۾ خاص شخصيتن تي شاعريءَ ذريعي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي. اهڙو ناياب ۽ نادر ڪم تہ ڪو عاشق ئي عشق ۾ ڪري سگهي ٿو.

امرايازمھر
سکر

هڪ پروفيشنل ڊاڪٽر ۽ سھڻو شاعر

چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو، اتر سنڌ جي ھڪ وڏي ۽ سڀ کان پراڻي ميڊيڪل ڪاليج آھي. جيڪا مون سميت سنڌ جي ھزارين ڊاڪٽرن جي مادرعلمي آهي.
چانڊڪا جا شاگرد ھن وقت سنڌ يا پاڪستان نہ بلڪه سموري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهن ۽ انسان ذات جي خدمت سرانجام ڏئي رھيا آھن. ھر ڪنھن جي زندگي منفرد ۽ الڳ الڳ پيچرن تي مختلف رفتارن سان روان دوان آهي، ليڪن دنيا جي انھن ھزارين ڊاڪٽرن جي دلين ۾ زندگيءَ جا اھي پنج سال يقينن ناقابل فراموش ۽ ساھ ۾ سانڍيل ھوندا جيڪي انھن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ شاگردي جي دور ۾ گذاريا. ڪاليج جون دوستيون، ڪاليج جون محبتون، اڌما، احساس، ويجهڙايون، رازداريون توڙي رنجشون ۽ نفرتون ھونئن بہ ڪير وساري سگهندو آهي، اھي وسارڻ جوڳيون ھونديون ئي ناهن جو اھي وارتائون زندگي جي ان اھم مرحلي ۾ اوهان تي گذري رھيون ھونديون آھن، جڏهن نوجواني جي شروعات ھوندي آھي، اوهان جو ذھن ٻاراڻي وھي مان نڪري ھر شيء، ھر احساس کي منطق ۽ نظريي جي اک سان ڏسڻ، پرکڻ شروع ڪندو آهي، ھيء وھي زندگيءَ جي موسمن مان بھار وانگر ھوندي آھي جڏھن نوخيز ذھنن تي محبتن، دوستين ۽ تعلقات جا نوان گونچ ڦٽي رھيا ھوندا آھن. ۽ اھي گونچ ئي اڳتي ھلي وڏين ۽ پختين شاخن جي صورت ۾ توهان جي زندگيءَ جي واڌ ۽ ڦھلاءَ جو تعين ڪندا آهن.
اڄ جي تيز رفتار دنيا ۾ جڏهن انسان تقريبن مشين بڻجي چڪو آهي تڏھن، ڪنھن بہ بھاني سان پراڻيون يادون جڏهن ذھن جي پردي تي لھن ٿيون تہ ڄڻ ذھن تيز رفتاري جي پالوشن مان نڪري ڄڻ ھڪ خوبصورت گلستان ۾ پھچي وڃي ٿو جتي يادگيرين جي خوشگوار ۽ خوشبودار ھير ڄڻ روح کي نئين تازگي بخشي ٿي ڇڏي. ان وايومنڊل ۾ اسان جي محترم سائين ڊاڪٽر اسماعيل ماڪا صاحب جو سھيڙيل ھي گلدستو تازي ھوا جي ھڪ جهوٽي جھڙو آهي. جيڪو پنھنجي پڙھندڙ کي اڏندڙ قالين تي ويھاري اچي چانڊڪا جي گلستان ۾ ڇڏي ٿو جتي ڪاليج جي دور جا سڀئي ڪردار ھڪ دفعو ٻيھر گهمندي ڦرندي ۽ پاڻ سان ڳالھائيندي محسوس ٿين ٿا. اسماعيل ماڪا صاحب جي چانڊڪا ۾ گذريل وقت ۽ منھنجي چانڊڪا ۾ گذاريل ڏھاڙن ۾ لڳ ڀڳ 25سالن جي وٿي آهي. پر ھن ڪتاب پڙهڻ دوران مونکي ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ اھي سڀ قصا منھنجي اکين جي سامھون رونما ٿيا آهن ۽ انھن سڀني ڪردارن کي مان پنھنجي وقت ۾ بہ ڏٺو آهي.
ماڪا صاحب ھڪ انتھائي پروفيشنل ۽ مصروف ڊاڪٽر آھي، ان جڏھن ھن ڪتاب جو مسودو مونکي پھريون دفعو پڙھڻ لاءِ ڏنو تہ مونکي ھڪ خوشگوار حيرت بہ ٿي تہ ايتريون پراڻيون يادگيريون سائين ڪيئن سالن کان سانڍي رکيون آهن، ليڪن پڙهڻ کان پوءِ اھو احساس ٿيو تہ سائين جو اھو خزانو واقعي ئي سانڍڻ جي قابل آھي. ڪتاب جي ٻولي سادي ۽ عام فھم ۽ اسلوب تمام دلچسپ آهي جيڪو پڙھندڙ کي پاڻ سان آخر تائين ڳنڍي رکي ٿو. واقعات جو تسلسل ۽ رواني پڻ ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. ان لاءِ ماڪا صاحب جس لھي.
ڪتاب ۾ شامل نظم بہ تمام خوبصورت ۽ برجستا آھن جيڪي ان دور جي شاگردن جي سياسي ۽ سماجي شعور توڙي نظرياتي سجاڳي جا آئينہ دار آھن. ڪتاب جو نثر ماڪا صاحب جي طبيعت وانگر شگفتہ ۽ شائستہ آهي. ايئن کڻي چئجي تہ ھي ڪتاب نہ صرف سنڌي ادب ۾ ھڪ خوبصورت ۽ انمول اضافو آھي پر چانڊڪا ڪاليج جي نون توڙي پراڻن شاگردن لاء پنھنجي يادگيرين کي تازو ڪرڻ لاءِ ھڪ بھترين ذريعو پڻ آهي.
ﷲ سائين شل ماڪا صاحب جي قلم ۽ حافظي کي وڌيڪ طاقت عطا فرمائي تہ جيئن اسان ھن ڪتاب جھڙن انيڪ شاھڪارن کان مستفيض ٿي سگهون.
سانڍي سيني وقت جي،
مون جا ڳالھہ ڪئي،
ٻيھر ايندي ڪينڪي،
پيھي وئي پولار ۾،
چپن مس چئي،
ٻيھر ايندي ڪينڪي. !

( اياز)

ڊاڪٽر سجاد سرور
سکر

جولائي مھيني ۾ ٿڌڙي هِير جھڙي شخصيت

هيءَ الائي تہ ڪھڙي وهي هوندي آهي جنھن ۾ ڪائنات نئين نئين لڳڻ لڳندي آهي ۽ هر هڪ پل پاڻ سان حيراني کڻي ايندو آهي! سچ پچ تہ عمر جو اهو حصو جنھن ۾ هر هڪ ڳڀرو زندگيءَ کي نئين رنگ ۽ ڍنگ سان ڏسڻ شروع ڪندو آهي ۽ هن جي اڳيان اڻ ڏٺل خوابن جا پوپٽ اڏامڻ لڳندا آهن! ان ئي حصي ۾ هو زندگيءَ جي هڙئي حسناڪين سان گڏ بي رحم تلخين سان پڻ منھن مقابل ٿيندو آهي!
پنھنجي پيشرو چانڊڪين، ڊاڪٽر اسماعيل ماڪو صاحب جي يادگيرين تي مشتمل هن ڪتاب جا ورق ورائيندي آئون پڻ چانڊڪا جي ڪاريڊورس مان گذرندي، ليڪچر هال ۾ ويھندي ٻاهر ننڍن ننڍن باغيچن تان نظر ڊوڙائيندي، پراڻن رهائشي ڪوارٽر ۽ هاسٽل نمبر 3 کان ٿيندي هاسٽل نمبر 4 جي ڪمري نمبر 34 ۾ اچي ڪري نوجوان ضمير ڦل سان ملان ٿو! مُڙي ڪري وري دروازو کولي هاسٽل جي ڪاريڊور مان ٻاهر نظر ڊوڙائي ڏسان ٿو تہ منھنجي حيرانيءَ جي حد نٿي رهي ! ائين ٿو لڳي منھنجا سڀ جيڏا، منھنجا ڪلاس فيلوز اُتي ئي موجود هُجن ! نہ رڳو موجود پر سڀ ساڳيا نوجوان، ساڳيا ڇوڪرا، ساڳي سوڀيا، ساڳي سونھن، ساڳيا ٽھڪ!
ائين ئي ذهن جي سافٽ ويئر ۾ ڪٿي محفوظ ٿيل بي نام فولڊرن منجهان، چانڊڪا جي يادن جو فائيل ڄڻ تہ کُلي پيو هجي. ڊاڪٽر اسماعيل ماڪو صاحب نھايت محنتي، جاکوڙي ۽ سنڌ جي روايتن جو امين رهيو آهي! جنھن پنھنجي ڪاليج جي زماني جي يادگيرين کي سھيڙي عام فھم، سولي ۽ عوامي ٻوليءَ ۾ اهڙي تہ سھڻي انداز ۾ پيش ڪيو آهي جو پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ وٺيو پيو هلي، اسٽوڊنٽ لائيف ۽ ميڊيڪل ڪاليج خاص طور تي ڪاليج جي ڪلچر جي پس منظر ۾ نھايت مفيد معلومات سان گڏ فنڪارانہ طريقي سان مزاح، اها بہ ميڊيڪل ٽرمانالوجيءَ ۾ استعمال ڪيو اٿائين جيڪاان زماني جي سياسي ڪلچر جو حصو هوندي هئي ۽ ساڳي طرح ميڊيڪل ٽرمانالوجي سان ڀرپور پنھنجا شعر بہ شامل رکيا اٿس بيشڪ تہ هي هڪ ليکڪ جا ذاتي تجربا، مشاهدا ۽ وارتائون آهن پر ساڳي جاءِ تي هڪ دور جي تعليمي، علمي ادارن جي اندرين ٻاهرين سياسي، سماجي اٿل پٿل وارين وارتائن سان ڀرپور ڪارائتو ۽ اهم دستاويز پڻ آهي.
ڊاڪٽر صاحب چانڊڪا جي بيرن کان ويندي پنھنجي استادن پروفيسرن تائين جو ذڪر نھايت اعليٰ طريقي سان پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب پنھنجي ڪتاب جي شروعات ئي جولائي جي گرم گرم ڏينھن ۽ جهولن سان ڪئي آهي ۽ ائين ئي ايئر ڪنڊيشنڊ ننڊ جو ذڪر پڻ حقيقي ۽ نھايت سھڻي انداز ۾ ڪيو اٿائين!
سچ پچ تہ چانڊڪا جي سرزمين جو نقشو منھنجي حواسن ۽ يادگيرين منجهہ بہ بلڪل اهڙو ئي چٽيل آهي، لاڙڪاڻي جي گرمي، ڏامر جا تتل روڊ، واڻراھہ ڪا ورلي!! شايد تڏهن ئي تہ مون بہ هڪ نظم لکيو هو جنھن جو پسمنظر بہ جھڙو ڪر ساڳيو ئي هو!
جا پرينءَ جي نانءَ ۾ آ
سان وڻن جي ڇانوَ ۾ ڪانھي
نانوَ ان جي کان سواءِ
ڇانوَ کي ڳوليون ڪٿي؟
پاڻ کي روليون ڪٿي!؟
سچ پچ تہ چانڊڪا جو اهو دور، اسان سڀني چانڊڪين جي زندگين ۾ هڪ زخم وانگر آهي ۽ جڏهن بہ جتي بہ ڪو چانڊڪين/ڪلاس فيلو ملندو آهي تڏهن اِهو زخم گلاب وانگر مھڪندو آهي.

ڊاڪٽر ضمير ڦُل
خيرپور

ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو- هڪ بيباڪ شخصيت

ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو جو غائبانہ تعارف تہ ڪافي سال اڳ جو ھو, ڪجهہ عرصو پھرين منھنجي ڀاء وڪيل طارق جي ٿرو ھن مون کان چانڊڪا جون چاھتون چانڊڪا جي يادگيرين تي مشتمل ڪتاب گهرايو ھو. اھڙي طرح فون تي رابطو ٿيو ھو. ٻہ ٽي مھينا اڳ مون جڏھن پنھنجي وائيف جو الخير ھاسپيٽل ۾ گال اسٽون جو آپريشن ڪرايو، آپريشن ٿيڻ کان بعد ڊاڪٽر اسماعيل ماڪو ڪمري ۾ آيو، شايد ڪيس پڙھي خبر پيس تہ ڊاڪٽر وحيد سمائر جي گهر جو ڪيس آھي، سڌو ڪمري ۾ آيو حال احوال ورتائين ۽ چوڻ لڳو تہ سڃاڻو ٿا، مون چيو، ڪونہ پيو سڃاڻان، جو اسان جي ڪٿي ملاقات نہ ٿي ھئي. بھرحال ھن ھٿ کان ورتو ۽ چيو تہ ڪڏھن اجنبي دوستن سان بہ چانھہ پيئڻ گهرجي. ھاسپيٽل جي ڀرواري ڪيفي تي اچي ويٺاسون. ھن چيو ڪنھن ڊاڪٽر دوست اوھان کان چانڊڪا وارو ڪتاب گهرايو مون چيو ڪافي دوستن پر اوھان ڊاڪٽر اسماعيل ماڪو آھيو! ان بعد ڪافي ڪچھري ٿي ھن بہ چانڊڪا بابت ڪافي ڪجهہ لکيو ھو ۽ ڪتاب جي تياري ۾ ھو.
ڪجهہ ڏينھن کان ھو رابطي ۾ ھو. جيئن تہ ھو الڳ ٿلڳ منفرد قسم جي طبيعت رکندڙ ماڻھو آھي، پر ان سان گڏ کلڻو ملڻو، بيباڪ، مزاح پسند. سو ھن جي چانڊڪا جي يادگيرين تي مشتمل ڪتاب ۾ اھي سمورا رنگ نمايان نظر اچن ٿا. ھن جو ڪتاب ٽن بابن تي مشتمل آھي جنھن ۾ پھريون حصو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ۽ پنجن ڇھن سالن دوران جيڪي ڪجهہ ھن ڏٺو پسيو مطلب جيڪي ھن جي سامھون ٿيو، جنھن ۾ ھن وڏي خوبصورتي ۽ مھارت سان سڀني دوستن، شاگردن، ڪامريڊن ۽ پنھنجي استادن جو ذڪر ڪيو آھي. آءٌ سمجهان ٿو ان ۾ تقريباً چانڊڪا ۾ رھندڙ ھر فرد جو ذڪر ڪيو اٿائين، ويندي سينيٽري ورڪر ۽ پي اون جو به، ان سان گڏ گهمڻ ڦرڻ، سير سپاٽا موجون مستيون، رانديون مطلب تہ وڏي باريڪ بيني سان لکيو اٿس. ٻي چيپٽر ۾ ھن پنھنجي انھن دوستن جو ذڪر ڪيو آھي جيڪي ھن دنيا ۾ ناھن رھيا ۽ مالڪ حقيقي سان وڃي مليا آھن. ھنن جا واٽس ايپ پروفائيل، ٽين چيپٽر ۾ ميڊڪل بابت شروعاتي ۽ بنيادي معلومات ڏنل آھي جنھن بابت ڊاڪٽري جا اصول ھسٽري وٺڻ ۽ مڪمل چيڪ اپ ڪرڻ شامل آھن. ھي ڪتاب چانڊڪا سان گڏ سڀني ادبي دوستن کي پڙھڻ گهرجي ھن ڪتاب آڻڻ سان اھو ٿيندو تہ ڪجهہ سالن جي تاريخ رقم ٿي ويندي. ڪجهہ سالن جي تاريخ مون لکي آھي ۽ اڳتي وري ھڪ ٻن دوستن چانڊڪا بابت پنھنجي دور جون ساروڻيون يادگيريون لکيون تہ سموري ڪاليج جي تاريخ رقم ٿي ويندي ۽ ھي ڪتاب ادب ۾ خوبصورت واڌارو ثابت ٿيندا. اھڙي معلوماتي ۽ چانڊڪا جي يادگيرين جي ڪتاب آڻڻ تي ڊاڪٽر اسماعيل ماڪو جس لھڻو. دعا آھي تہ سدا آباد ۽ سکيو ۽ سرھو رھي. آمين.

ڊاڪٽر وحيد سمائر
لاڙڪاڻو

سائين محمد اسماعيل ماڪا جي ڪتاب “چانڊڪا ۾ داخلا” تي ٻہ لفظ

رسول ميمڻ جي ڳالھہ ياد ٿي اچي جيڪا ھن سندس ڪتاب حليمان جي مھاڳ ۾ لکي هئي. ”ڪي چوندا آھن تہ ماضيءَ کي ياد ڪرڻ چڱو نہ آھي پر ڇا ڪجي تہ ماضي اسان کي ياد ڪندو آھي. انسان زندگيءَ جي سفر ۾ لمحي لمحي ورھايل آھي. منھنجي وجودَ جا ڪيئي وڃايل حصا پويان آواز ڏيئي رھيا آھن. مان ماضيءَ جا سڏ ٻڌندو آھيان تہ ڪنڌُ ورائي پنھنجا پوئتي ڇڏي آيل ڪيئي روپ ڏسي سگهندو آھيان. “
سائين محمّد اسماعيل جي اندر جي نارَ جون لوٽيون لاڙڪاڻي جي گهٽِين، چئونڪن، رستن مان جَرُ ڀرينديوُن اچن ٿيون تہ ڪڏھن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي ڪئمپس ۽ ھاسٽلن جي خيال جو امرتُ کنيون اچنس ٿيون. ايئن ڪو ماڻھو سايو ڪري ڪو نہ ٿو ڪري جو وڃي ڪالھہ ۾ ھنڌُ پٿاري پئي رھي، اھيو انَ ماضيءَ جي تجربي سان شعوريل (Empirically) سچُ آھي. ماڻھوءَ وٽ، جيڪو کيس جاڳَ ۽ ننڊ ۾ ان پاسي سان واڳيل رکي ٿو. سندن ننڍپڻ ۾ ريلَ گاڏيءَ مان لنگهندي ڏسڻو سندن ارادي ۾ پختو ٿي بيٺو ۽ اھو کين ان ئي اولاھين سنڌَ جي عظيم شھر جي واسن ۾ کڻِي آيو. لاڙڪاڻو ساھَ سيباڻُو مٿس نالو ڪو ائين ڪو نہ پيو ھو، گهاڙِ واھَ نڪرڻ واري ھنڌِ رائيس ڪئنال تي وڏو منڊل متل رھندو ھو. واپار جو مرڪز ھوندو ھو ۽ چانڊڪا پرڳڻي جي مٿي جو موڙ ھو.
پاڻ پنھنجي تعليم جي حالَ اور ڪن ٿا ۽ پنھنجي سنگتين جا احوال اھڙو سُروري انداز ۾ ڪن ٿا جو پڙھندڙ کي ٻانھن کان وٺي سي ڏينھن ۽ جايون ڏيکارن ٿا. اھڙو ھڪ اظھار پاڻ ھيئن ڪيو اٿن؛
”شاگرد پنھنجن رومَن مان وڃڻ وقت نہ ان جي تاريخ کي مسخ ڪندا هئا ۽ نہ جاگرافي کي، وال ڪلاڪ کان وٺي پنھنجي پسند جون تصويرون سڀ اُتي جو اُتي ڇَڏي ويندا هئا ۽ پارٽنر کي چوندا هئا تہ يارَ! انھن جي پارت اَٿئي، ڪڏهن اچڻ ٿيو تہ ڏسنداسين. انھن رومن سان هنن جو پيار فطرتي ۽ حقيقي هو، ڇو جو انھن رومن ۾ ئي هنن جي زندگيءَ جا حسين لمحا، جوانيءَ جون ڪھاڻيون جوان ٿيون هيون ۽ اهي انھن لمحن کي ڪڏهن بہ نہ وساريندا هئا جيڪي هنن رومن ۾ گذاريا. روم مان سامان گهٽ ۾ گهٽ کنيو ويندو هو البتہ ڪتاب، نوٽس، پنھنجا پنا کڻندا هئا. لڳندو هو تہ هر روم ۾ ڪا ننڍي لائبرري آهي جيڪا پنھنجي مستقبل ماڳ لئہ وڃي ٿي. بس هوندا هئا انھن اکين ۾ جهجها ڳوڙها هئا جيڪي کڻي روانا ٿيندا هئا. هنن کي خبر هوندي هئي تہ هاڻ هنن کان زندگيءَ جو نرالو روٽين هاسٽل کان ڪلاس، ڪلاس کان ڪينٽين، ڪينٽين کان لائبرري، لائبرري کان ميس ۽ ميس کان هاسٽل سڀ اوچتو وڇڙي ويندو. هنن کي هتي گذاريل زندگيءَ جون تلخيون بہ ساروڻين ۾ ڪتابن ۾ بند رابيل ۽ گلاب جي پتين جيان سھڻيون لڳنديون هيون، جيڪي هو هزار ڪوششن باوجود پرين کي آڇي نہ سگهيا. “
ڪاليج جي ھاسٽل ۾ رات دير تائين شاگردن جا ڪُوڪرا، ھُلَ، صبح جي پھر کان ئي شرارت، غسل خانن کان شروع ٿيڻ، بالٽيون لڪائڻ، ٻاھران کان پاڻِيءَ جي ٽونٽِي بند ڪري ڇڏڻ، ھمراھَ کي صابڻ لڳو پيو ھجي ۽ اندران کان گاريون ڏيڻ شروع ڪري ۽ ٻاھران گنجين ۾ بيٺل شغلائي لڏي جا ٽھڪَ. . . ھاءِ ھاسٽل جا ڏينھن. . . سڄي عمر تہ ياد جا پاڇا ڪيون بيٺا ھوندا آھن. تن يادُن جا ڪيفَ، سنگت جي ساٿ جي يادِ ماڻھوءَ کي جيئرو رکندي آھي ۽ رکي رکي اکين جي ٻني کي ٻٽِڙو پياريندي ويندي آھي.
سائين جن جي انداز بيان ۾ سندن تن حياتيءَ ڏينھنِ سان حُبَ تجلا ڏئي ڇُلڪي ٿي. ڪاليجَ ۾ سياسي، سماجي معاملا، ڪينٽين جي بورچيءَ جي ڳالھہ تہ مونکي کلائي وڌو ته؛ ھو اُٺُ بہ پچائي تہ چوندو ھو مرغي پچائي آ. انتھائي نگهداشت جي وارڊ مان سندس استاد جون ڳالھيون تہ فلاڻو گذاري ويو!، فلاڻو تہ بچڻو ئي نہ ھئو وغيرہ سندن شعبي جي ماحول کي عڪس ڪن ٿيون.
ڪتاب اسان کي پنھنجين ورسٽِيءَ يادُن ڏانھن پڻ وٺي ويو، جيڪي اسان پاڻ گُذاري آيا آھيون. سندن ڳالھيون پڙھندي سچ پچ تہ سڪون بہ مليو ۽ پوئتي ڇڏيل ماضيءَ تي ڏُکارو احساس بہ جو اُھي ماڻھو ڪي تہ حيات ھوندا ۽ ڪي اڳيين ماڳ ڏي اُسھي چُڪا ھوندا. ھڪ يادِ جي لڙھي پوئي اٿن جن لاءِ کين ساراھجي ٿو ۽ اميد ڪجي ٿي تہ پڙھندڙن وٽ ھڪ نئون ڀلو ڪتاب پھچندو.

محب علي راڄپر
ڄامشورو

باب پھريون

---

چانڊڪا ۾ داخلا

جولاءِ جا گرم گرم ڏينھن هئا، سخت جهولو پئي لڳو، ”موئن جي دڙي“ ايڪسپريس جي دريءَ مان ڀاءُ ڏيکاريو تہ اها ”چانڊڪا“ آهي. اسان سيوهڻ پئي وياسين، ”چانڊڪا“ جي نالي سان الائي ڇو ائين لڳو جيئن ڪو پنھنجو نالو هجي يا ڪا پنھنجي منزل. انھن ڏينھن ۾ مون انٽر جو امتحان ڏنو هو ۽ ڊاڪٽر ٿيڻ جي اميد هئي، خبر ناهي مون الائي ڪيتري دير ”چانڊڪا“ لئہ سوچيو تہ الائي ڪيئن هوندي ڪنھن وانگر هوندي وغيرہ وغيرہ.
ان کان بہ اڳ مون چانڊڪا جو نالو ٽي دفعا ٻڌو هئو، پھريون دفعو ريڊيو تي جڏهن ڀٽي صاحب ”چانڊڪا“ جو افتتاح ڪيو. ٻيو دفعو غازي رشيد پارڪ سکر ۾ جڏهن رمضان سنڌيءَ ”چانڊڪا“ جي شاگرد جي نالي سان
ڊڄڻا ماڻھو ڀاڙي تي جلاد گهرايو ويٺا آهن،
سنڌي ماڻھو سوليءَ تي بہ سيس سھايون ويٺا آهن
ڳايو هو ۽ آخري دفعو ”سينٽ سيويئر هاءِ اسڪول سکر“ ۾ ”چانڊڪا“ جي هڪ گمنام شاگرد تقرير ڪئي هئي عنوان هو ”قيامت آهي تہ انسان بني نوع انسان جو شڪاري آهي“. ان شاگرد چيو هئو تہ:
”جناب صدر:
تون گڏھہ آهين، تون نڪمو آهين، تون ڪمينو آهين،“ اهي لفظ منھنجي ماءُ تڏهن مون کي چيا جڏهن مان کيس چيو تہ امان ”انسان، انسان جو شڪاري آهي“ جي موافقيت تي ڳالھائڻ لئہ وڃان ٿو. سڄو پنڊال کليو هو خاص ڪري ڇوڪرين ۾ ٽھڪڙا مچيا هئا ان شاگرد آخر ۾ هي شعر پڙهيو هو:
اڄ لال لھوءَ جي سرگم تي ٿي ڌرتي منھنجي رقص ڪري،
ٿيا هيڊا منھن غدارن جا، بي پير وڏيرن ميرن جا.

ان مقابلي ۾ مون پھريون انعام کٽيو هو. پر الائي ڇو مان ”چانڊڪا“ جي ان شاگرد کان ڏاڍو متاثر ٿيو هوس جنھن وڏي بي باڪي ۽ جوانمرديءَ جو مظاهرو ڪري هال کي کلايو هو. ان شاگرد جون فلاسيفڪل ڳالھيون مون کي سمجهہ ۾ نہ آيون هيون، پر مون ائين محسوس ڪيو تہ ”چانڊڪا“ کلندڙ ۽ کلائيندڙن جو ديس آهي.
اڄ اسان جيڪي ڪشمور کان ڪراچي جي اسپتالن ۾ ڊاڪٽر نظر اچون ٿا اهي ڀٽي صاحب جي مستقبل نظري جو نتيجو آهيون ۽ ائين ٻيا هنرمند پڻ.
ڀٽو صاحب جيڪو دنيا جي ماڻھن کي ڏسي آيو. تنھن اهو چيو تہ اسان جا ماڻھو بہ ڇو نہ بھتر زندگي گذارن ۽ ان سماجي تبديلي، تعليمي طرح سان آندي جنھن خود معاشي تبديلي آندي آهي. بقول ”مشغول پتافيءَ جي جيڪڏهن ڀٽو صاحب نہ هجي ها تہ مان وڌ ۾ وڌ ٽريڪٽر هلايان ها يا پرائمري استاد ٿيان ها ۽ منھنجي ڌيءَ قاضي واھہ جي ڪڙن واري زمين ۾ ووئنڻ چونڊيندي نظر اچي ها! “ ۽ ڀٽي صاحب لئہ اهڙا لفظ منھنجو گجراتي دوست بہ چوندو هو تہ ”ڀٽي صاحب هڪ ڳالھہ سيکاري تہ مضبوطي ڪيڏي نہ سٺي مستقبل جي ضمانت آهي ۽ ضرورت وقت اوهان شرطن کي نہ ڏسو، پر پنھنجي ضرورتن کي ڏسو“. هو مثال ڏيندو هو تہ فرانس جي ايٽمي معاهدي ڪرڻ کان پوءِ جڏهن صحي لئہ اهو مسودو ڀٽي صاحب کي ڏنو ويو هو تہ هُن اُن جا شرط نہ پڙهيا هئا ۽ اچرج ۾ ان آفيسر ڀٽي صاحب کان پڇيو هو تہ ”سائين اوهان شرط نہ پڙهيا! “ تہ ڀٽي صاحب چيو هو تہ ”بقا لئہ شرط نہ ڏسبا آهن! “ ملڪي وجوديت کي مستقل طاقت ڏيڻ جو اعتراف تہ ڀٽي صاحب جا دشمن بہ ڪن ٿا. مگر ڀٽي صاحب جيڪي تعليمي ادارا قائم ڪري احسان ڪيا ان لاءِ سڀني کي سندس احسان نسلن تائين نہ وسارڻ کپن.
مان پھريون دفعو جڏهن ”چانڊڪا“ آيو هوس تہ اهو منھنجي انٽرويو وارو ڏينھن هو. ان ڏينھن چانڊڪا مون کي ان گمنام شاگرد جي کلائيندڙ جملن جيان کلندي نظر آئي. اسان جو انٽرويو هاڻوڪي ريسرچ بلاڪ ۾ ٿيو هو. ان جي سامھون وارو باغ تن ڏينھن ۾ انتھائي دلڪش، حسين ۽ سرسبز هوندو هو. گرلس هاسٽل جي گيٽ مان نڪرندڙ رنگ برنگي ڪپڙن ۾ ملبوس ڇوڪريون جيڪي اسان جي ڪومايل منھن ڏي ڏسي مسڪرائينديون پئي ويون. انھن ڇوڪرين جي چال ڍال مان اسان کي چانڊڪا انتھائي ماڊرن پئي نظر آئي. انھن ڇوڪرين جي ٽولي ۾ هڪ بيل باٽم پاتل ڇوڪري بہ هئي جنھن اسان تي جام ٺٺوليون ڪيون ۽ اسان تي ڪبوتر، گدڙ، ڳيرا کان وٺي ٽوني مونيءَ تائين نالا رکيا. انٽرويو واري ڏينھن ڌڪا ڌوڪي جو هڪ رائونڊ بہ ٿيو جنھن ۾ ڪجهہ چھرن تي رت ذري بہ نڪري آئي هئي. اهو جهيڙو ڪار جي بانٽ تي پير رکڻ تان ٿيو هو، خبر ناهي تہ وڙهندڙ ڪير هئا پر اهو بہ ڀوائتي فلم جو سين هئو.
انٽرويو دوران ڪجهہ ڪامريڊن اسان جي ڪاغذن جي جهڙتي ورتي تہ متان ان ۾ ڪو بھاولپور يا پنڊيءَ جو پاس ٿيل ڇوڪرو نہ هجي ان وقت ۾ ڪوڙا ڊوميسائيل عام جام ٺھي ويندا هئا.
لاڙڪاڻي جي هوٽلن وارا بہ استاد آهن. اسان بس اسٽينڊ ڀرسان هوٽل تي مانيءَ لئہ پڇيو، بيري ڏاڍي سريلي انداز ۾ چيو تہ ”گوشت آهي ننڍو، پر ڪچو جو آ اهڙو جھڙو حلواڻ”، اسان بہ بک جي باھہ ۾ ٻہ ٽي پليٽون چٽي وياسون. آخر جڏهن هڏا بچيا تہ ٿورو شڪ ٿيو تہ گوشت تہ وڏو ٿو لڳي پر هي اسان کي ننڍو ڪري کارائي ويو آهي.
سو چيو سونس تہ گوشت ڇا جو هيو چيائين سائين ننڍي جو، وري رهڙ ڏيندي پڇيو سونس تہ اڙي ڇا جو هيو چيائين سائين ننڍي پاڏي جو اسان کان رڙ نڪري وئي ڇو جو اسان جي علائقي ۾ فقط ٻڪريءَ جي گوشت کي ئي ننڍو گوشت چونداآهن.
ايڊميشن کان پوءِ اسان جاويد بدويءَ جا مھمان هئاسون جيڪو منھنجي ڀاءُ جو دوست هو ۽ فرسٽ ايئر جو CR پڻ، هن اسان کي هاسٽل الاٽمينٽ بہ ڪرائي ڏني ۽ اسان کي حوصلو بہ ڏنو، همت بہ ڏني. اسان ان ڪري لکان ٿو تہ عثمان ۽ مان بلڪل گڏ گڏ هوندا هئاسين.
مائٽ، عزيز، چاچو ڀائيٽو، ڪلاس فيلو ۽ هڪ ٻئي کانسواءِ هلي ڪو نہ سگهندا هئاسون. فرق ايترو هو جو عثمان قد جو ننڍو ۽ متارو ۽ مان ڊگهو ۽ ڏٻرو هوندو هوس.
جاويد بدويءَ کي اسان دل کولي دعائون ڏنيون. اسان مولائين جي دعا وڃي دنگ ڪيو ۽ بدوي چانڊڪا مان هڪ مان ٻہ ٿي نڪتو ان جي ڪلثوم چنا سان شادي ٿي جيڪا سندس ڪلاس فيلو بہ هئي ۽ چانڊڪا جي خوبصورت ڇوڪري پڻ، خير جاويد جون ڀلايون وسارڻ جھڙيون نہ آهن. ان ڪري ئي کيس گول چھري، کليل رنگت، بنديا لڳل نرڙ ۽ هندستاني فلمي اسٽار جھڙي ڪنوار نصيب ٿي. هينئر جت بہ هجن شال خوش هجن.
اسان کي جنھن جاءِ ۾ ”ڪوارٽر گهاٽ“ ڪيو ويو هو سا هئي ”زيرو پلازہ“ ان جاءِ تي زيرو پلازہ نالو ڪيئن پيو، ڪنھن وڌو، ڪا خبر نہ آهي. پر جنھن بہ ان جاءِ تي زيرو پلازہ لکيو هئو اهو واقعي مشاهدي جو ماهر هئو. اسان جي ڪمري ٻاهران لکيل هئو. Xero Plaza اهو زيرو باٽنيءَ وارو هيو جنھن جي معنيٰ آهي خشڪ، سو واقعي ئي زيرو پلازہ ڪلر ۾ ڪلور ٿيل جلاوطن بلڊنگ هئي جنھن جو چانڊڪا جي حدن ۽ حسن سان ڪو بہ تعلق نہ هئو پر هاسٽلن جي گهٽتائيءَ سبب ان کي هاسٽل بنايو ويو هو. زيرو پلازہ مان ٻہ سُک هئا هڪ تہ قلوپطرہ سينيما ويجهي هئي ۽ ٻيو تہ سامھون باگڙين جا گهر جتان جون باگڙياڻيون سامھون لنگهي وينديون هيون تہ اسان جي دل باغ بھار ٿي ويندي هئي. اسان جي ڪيفيت بہ صحرا ۾ ڊيوٽي ڏيندڙ ان سپاهين وانگر هوندي هئي جيڪي ڪنھن بدوءَ جي بدصورت زال ڏسي بہ دل ۾ پنھنجا رومانوي لمحا ياد ڪري لطف وٺندا هئا ڇو جو کين عورت ذات کان پري رکيو ويو هو. زيرو پلازہ جون يادون بہ نہ وسرڻ جھڙيون آهن.
مثلا: باٿ روم ٻاهران بالٽي هٿ ۾ جهلي بيٺلن جون قطارون، تڙ ڪندڙ دوستن جو دروازن کي زور سان کڙڪائڻ، ٻاهران پاڻيءَ جون لائينون بند ڪرڻ.
اندران صابڻ ۾ ڀريل، لڌڙن جيان لڳندڙ دوستن جون گاريون، هڪ ٻئي جو صابڻ لڪائڻ، ڏينھن تتي جو مئن سوئچ بند ڪرڻ واريون شرارتون. ، زيرو پلازہ ۾ اسان کي روم نمبر 6 ڏنو ويو هو جنھن کي اسان ”ماڪا هائوس“ ڪري ڇڏيو هو. اسان جو ڪمرو سڄي هاسٽل ۾ ابتر حالت ۾ هئو. ڀڳل دريون، اکڙيل فرش، ڪمرو مان تڪلف ۾ لکان ٿو . جت بہ اسان جي الاٽمنٽ مشڪل سان ٿي هئي. ان دور ۾ چانڊڪا ۾ هاسٽل ملڻ چڱو خاصو مسئلو هو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هاسٽل 5 ۽ شھيد مير اشتياق هاسٽل 6 پوءِ ٺھيون، ان وقت بہ سائين جي ايم سيد هاسٽل 1 جي هڪ روم ۾ ڇھہ ڄڻا رهندا هئا. اوهان اعتبار ڪريو يا نہ پر اسان جي ڪمري ۾ بہ ڏهن ڄڻن جي الاٽمنٽ ٿي هئي.
اسان جو ڪمرو پٺاڻ جي اوطاق جيان هوندو هو جت بسترا فرش تي لڳل هئا. چانھہ جي محفل ۾ وڏا وڏا تفصيلي بي معنيٰ بحث ٿيندا هئا. ٿڪجي ٽٽي وڃي سمھي پونداهئاسون. صبح جو ڪلاس ۾ اڳي کان اڳرا اهي اسان جا فرسٽ ايئر جا شروعاتي ڏينھن هئا جنھن وقت اسان فولنگ جي ڀوءَ کان اندروني خوف جو شڪار هئاسين ۽ نيشنل جاگرافي جي هرڻن وانگر ڌڻ ڪري گهمندا هئاسين مگر جڏهن پاڻ ۾ ملنداهئاسون تہ پاڻ کي ”سڪندر اعظم“ جي لشڪر کان گهٽ ڪو نہ سمجهندا هئاسون. فرسٽ ايئر جي ياريءَ جو پنھنجو لطف آهي. هر ڪو هر ڪم ۾ اڳڀرو هوندو آهي محفل ۾ هر ڪنھن جي ڪوشش هوندي آهي تہ گهڻي کان گهڻو ڳالھائي ۽ گهڻي ۾ گهڻو خرچ ڪري اهو شايد لفظ فرسٽ جو ڪمال آهي.
تمام ٿورن ڏينھن اندر ئي ڪلاس اندر دوستن جون ٽوليون ٿي ويون. ان دوستيءَ ۾ نہ نظريو شامل هو نہ هم آهنگي پر جاگرافي جي لڪيرن جيان اسان هڪ ٻئي سان گڏ ٿي وياسين. سکر وارا سکر وارن سان، لاڙڪاڻي وارا لاڙڪاڻي وارن سان. دادوءَ وارا دادو وارن سان ۽ ذات ڀائي ذات وارن سان اهو سڀ ڪجهہ ڊارون جي Adaptation هئي مطلب تہ چانڊڪا جو Ecological balance اهوئي هيو.
اسان دوستيءَ جي جنھن يونٽ ۾ ورهائجي وياسون ان ۾ مرحوم شاهنواز سيال، اشرف ڪلوڙ، اعجاز شاھہ، جاني ڪلوڙ ھئا. اسان جي ڪچھرين جو موضوع نہ سياست هئي نہ نظريو پر اسان ماضيءَ جي قصن، ڪھاڻين، ڏينھن جو واقع ٿيندڙ واقعن ۽ مختصر لطيفن کي دهرائي کلندا هئاسين. اسان کي اهي خالي ٽھڪ بہ زندگيءَ سان ڀرپور لڳندا هئا.
هاسٽل ۾ اسان جو وقت حافظ سيف الملوڪ ۽ ٿاڻي بولاخان جي هندو دوستن سان تاس کيڏڻ ۽ شام جو ونجهہ وٽي کيڏڻ ۾ گذرندو هو.
مرحوم شاهنواز سيال جي هڪ مخصوص عادت هوندي هئي تہ هو فتنہ کڙا نہ ڪندو هو ۽ ڳالھہ کي Minimize ڪري ٻڌائيندو هو. هن جي ڳالھہ ڪرڻ جو انداز بلڪل ناصر صاحب جي سرائڪي انداز جھڙو هوندو هو. I. C. U نشتر ۾ هو منھنجو سينئر هو. صبح جو جيئن آءٌ هن کان over وٺڻ ويس مون سان گڏ امير بہ هو جنھن جو پيءُ i. c. u ۾ داخل هو.
ناصر صاحب چوڻ شروع ڪيو. ”آج i. c. u ٺنڊا ٺنڊا هي“ مان سمجهيو مريض وارڊن ۾ هليا ويا هوندا پر ناصر صاحب چوڻ شروع ڪيو.
”اسماعيل. . . . وہ بيڊ نمبر 1 والا مريض ﷲ ڪون پيارا تھي گيا”
”او ڊوجهي مريض ڪون الائي ڪيا تھي گيا وه بہ مرگيا، تيکون پتا تھا تہ ڈاکڻر سرفراز دي بھتيجڙي سيريس تھي وه بہ پيالا ڪر گئي،
باقي وه head injury والا مريض تہ بچڻا ئي نہ ها! “ اتي امير ڀري ڊڪ تہ ڪٿي هن جو پيءُ تہ وفات نہ ڪري ويو.
سو ناصر صاحب چئن موتن کي جنھن نموني پيش ڪيو ائين شاهنواز سيال بہ وڏين وڏين گارين ۽ گلاين کي دوستن ۾ معمولي ڪري پيش ڪندو هو. هن جي حتيٰ الامڪان ڪوشش هوندي هئي تہ دوستن ۾ رنجشون نہ هجن.
هڪ دفعي ٻہ دوست ڪاوڙيا ڳالھہ مرڻ مارائڻ جھڙي ٿي وئي. هڪڙي کي هن چيو تہ يار هو دوست اوهان لئہ روئي ٿو، ۽ ٻئي کي چيو تہ يار هو تنھنجو ڏاڍو ڏک ڪري ٿو ۽ ائين جڏهن هو سامھون ٿيا تہ واقعي پاڻ ۾ روئڻ لڳا.
اسان اپريل 1979ع ۾ چانڊڪا ويا هئاسون، تازو ئي ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏني وئي. چانڊڪا جا شاگرد ڀٽي صاحب جي مزار تي پوليس پھري ۾ ڳڙهي خدابخش ويا هئا. بر ۾ سمھيل هن بادشاھہ جي قبر جي مٽي اڃان آلي هئي ۽ ان کي وڌيڪ آلو چانڊڪا جي شاگردن جا ڳوڙها ڪري آيا. صوفي عنايت شھيد جي فلسفي، جيڪو کيڙي سوئي کائي جو پوئلڳ سوئيڪارنو ۽ قذافي، شاھہ فيصل ۽ سادات جو دوست، مائو ۽ لينن جهڙو، بلاول ۽ منصور جي صف ۾ وڃي بيٺو هو. اهو ڏينھن چانڊڪا جي ڇوڪرن ڏاڍو اداس گذاريو هو. چانڊڪا ۾ ان ڏينھن جھڙي اداسي مون ڪڏهن ڪو نہ ڏٺي.
اسان جڏهن ويا هئاسون تہ اسان سان فولنگ بلڪل ڪو نہ ٿي مورڳو اسان کي welcome پارٽيون ڏنيون ويون. اهي ڏينھن هئا جو چانڊڪا جي سياست جوان پئي ٿي ۽ سياستدانن پنھنجا رويا بدلايا هئا. پارٽيون عملي جدوجهد ۾ شامل ٿيون. هر ڪنھن جي اها ڪوشش هئي تہ انھن جا وڌ ۾ وڌ ميمبر ٿين. جيئي سنڌ، سپاف ۽ سڀني ننڍين پارٽين بہ اسان کي tea party ڏني. مون کي ياد آهي تہ سپاف جي پارٽيءَ جو انائونسر مجتبيٰ ميمڻ هو. ان پارٽيءَ کانپوءِ اسان مجتبيٰ ميمڻ کي ”تون ماڻھو آن“ جي نالي سان سڏيندا هئاسين. مجتبيٰ ٺيٺ دادوءَ واري انداز ۾ هي شعر پڙهندو هو تہ:
تون ماڻھو ماري مرڪين ٿو مان ڳاڙها ڳوڙها ڳاڙيان ٿو.
تون لاشن تي ٿو ڏند پٽين مان لڙڪ انھن تي لاڙيان ٿو.

ان پارٽيءَ ۾ مون مجتبيٰ کي ڪجهہ شعر ۽ هڪ وائي ڀٽي صاحب جي حوالي سان لکي موڪلي ۽ ان فنڪشن ۾ پڙهي.
شعر هو
هت ظلم نہ رهندو نہ ئي ظالم رهڻو آ.
تون بہ ٻڌي ڇڏ ڪن کولي هر ماڻھو ڀٽو ٿيڻو آ.

۽ اسان اڄ تائين ظلم ۽ ظالم جي وچ ۾ ختم نہ ٿيندڙ جنگ ۽ ماڻھن کي ڀٽو ٿيڻ جي انتظار ۾ آهيون.
۽ وائي هئي:
ڏاڍ ڪنھن جي کان نہ ڏريو،

مرڪي ڦاهيءَ تي چڙهيو،

هو تہ امر قائد منھنجو،

حق جي خاطر جو لڙيو.
مرڪي ڦاهيءَ تي چڙهيو،

هردم جڳ ۾ جيئرو رهندو،

مريو ناهي هو مريو.

واقعي ئي ڪي شھيد موت کي بہ مات ڏئي ڇڏيندا آهن. سپاف جي ان پارٽيءَ جو ڪيترن ئي شاگردن جذباتي اثر بہ ورتو ۽ ان ۾ شامل ٿيا جن ۾ عطا چانڊيو بہ هيو. ڪنھن مھل مون بہ سوچيو تہ سپاف ۾ شامل ٿيان پر ائين تہ مون جساف جي پارٽيءَ ۾ بہ سوچيو هو مگر ڪنھن بہ سياسي پارٽيءَ جو ميمبر نہ ٿيس.
حقيقت ۾ محفلون ماڻھوءَ تي اثر انداز ٿين ٿيون، محفل جي جذباتي ڪيفيت عموماً ماڻھن جي توازن کي ڍرو ڪري ڇڏيندي آهي. ان ڪري ئي جيڪڏهن اوهان راڳ جي محفل ۾ ويندئو تہ چوندئو جيڪڏهن مان بہ وڏو راڳي ٿيان پر جيڪڏهن اوهان مولويءَ جي تقرير مان متاثر ٿيندئو ۽ هن کي داد ملندو ڏسندو تہ اوهان جي دل ۾ بہ ايندو تہ مان مولوي ٿيان. ماڻھوءَ جون سوچون محفل جي رنگ سان جدا جدا وقت تي جدا جدا طريقي سان بدلجن ٿيون ۽ ماڻھو فطرتاً شناخت ۽ قيادت چاهيندو آهي. هر ماڻھوءَ وٽ ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪرڻ جو احساس، جذبو ۽ سوچ هوندي آهي. ماحولياتي، ارضياتي، سماجي، معاشي، معاشرتي ڳالھيون بہ ماڻھوءَ تي اثرانداز ٿين ٿيون پر محفلون ماڻھوءَ ۾ اچانڪ وڏي تبديلي بہ آڻي ڇڏينديون آهن. ان لاءِ ڪيترائي ڇوڪرا متاثر ٿي سپاف ۾ شامل ٿيا ۽ جيئي سنڌ جي پارٽيءَ ۾ جام ڇوڪرا جيئي سنڌ ۾ شامل ٿيا. جيئي سنڌ جي پارٽيءَ جون مون کي ٻہ ڳالھيون وڻيون هيون، هڪ قربان اعواڻ جو راڳ ٻيو گمنام شاگرد جا جملا جنھن چيو تہ اسان فرسٽ ايئر وارن کي فولنگ بجاءِ welcome پارٽي ڏني آهي ان لاءِ تہ اسان مظلوم سنڌين تي کلڻ بجاءِ سندن عزت سان آجيان ڪريون ٿا، سندن ڏک ونڊايون ٿا، اسان جو ضمير اجازت نہ ٿو ڏئي تہ اوهان جھڙن ڳڀرن کي باندر جيان نچايون.
هڪ رات اسان زيرو پلازہ ۾ ويٺاهئاسون ان وقت اسان جي شاگرد يونين جو صدر جنھن جو تعلق سپاف سان هو. اسان کي سياسي ليڪچر ڏيڻ آيو. همراھہ کي ڊوڙايوسين تہ ٻي هاسٽل مان ٿڌو پاڻي ڀري اچي. اسد ابڙي صاحب کي ڏاڍي تشويش ٿي، چيائين تہ سڀان اوهان وٽ ڪولر لڳندو ۽ اوهان کي تہ خبر آهي تہ سڀان ڪڏهن بہ نہ ٿيندي آ سو اڄ بہ اڄ آهي. سو ڪولر ڪو نہ لڳو. اهو منھنجي دل کي پھريون سياسي ڌچڪو لڳو هو. مون سوچيو تہ وڏيرن ۽ شاگردن جي سياست ساڳين دلاسن جي گهوڙي تي سوار ڇو آ. شاگرد تہ پڙهيل لکيل هوندا آهن هنن کي تہ وعدا پاڙڻ کپن.
ٻئي ڏينھن اسان وٽ ڪاليج جو جنرل سيڪريٽري احمد علي شاھہ صاحب آيو. جنھن جو تعلق جساف سان هو. ان دور ۾ سپاف ۽ جساف گڏيل پينل بيھاريو هو ۽ جميعت کي شڪست آئي. کاٻي ڌر جون پارٽيون جي ائين ٺھي هلن تہ ادارن ۾ انتھائي سٺا اثر پوندا.
شاھہ صاحب قومپرستيءَ تي وڏو ليڪچر ڏنو. مان شاھہ صاحب جي علڻ فقير جھڙي ڏاڙهيءَ ڏي پيو ڏسان تہ ڪٿي گٿو لفظ نہ ڳالھايان ۽ ڏنڊا کاوان اسان کي ڪاليج ۾ داخلا کان اڳ ئي اها ڳالھہ ذهن ۾ وڌي وئي هئي تہ قوم پرستن سان ڦٽائڻ ڏنڊا کائڻ برابر آهي ان ڪري مون شاھہ صاحب کان ڪي الٽا سلٽا سوال ئي نہ ڪيا مگر جيڪب آباد جي هندو ڇوڪري ”سندر“ شاھہ صاحب جي جيئي سنڌ تي ڀرپور تنقيد ڪئي ۽ دليلن سان ٻڌايو تہ انھن ڪٿي ڪٿي داداگيري ڪئي آهي.
شاھہ صاحب جي چھري تي ڪاوڙ، رنج، دهمان ڌمڪي جي ڪا بہ علامت نہ اڀري ۽ سندر کي ڏاڍي شائستگيءَ سان مدلل قسم جا دليل ڏنا ۽ مطمئن ڪيو. ان وقت منھنجي ذهن مان جيئي سنڌ جي داداگيريءَ جا سمورا احساس مدفون ٿي ويا. سندر جي منھن تي بہ اطمينان جي جهلڪ اڀري.
حقيقت ۾ پارٽين جي قيادت ۽ ليڊرن جي بردباري ئي عام شاگردن جي ذهن ۾ positive اثر وجهندي آهي عام شاگرد جواب ۽ مطمئن ڪندڙ جواب گهرندو آهي. عام شاگرد ذهني طور تي گهٽ ئي ڌمڪي، دهمان ۽ بندوق سان زير ٿيندو آهي مگر الٽو باغي ٿيندو آهي اسان بہ شاھہ صاحب جي ڪچھريءَ مان ڪافي مزو ورتو. شاھہ صاحب شايد گهڻو پڙهيل هو ان ڪري هن ڳالھين کي گهڻي ڊيگهہ ۾ ڪيو. اسان کي شاھہ صاحب ٻڌايو تہ ڪيوبا آمريڪا سان دشمني ڪئي، ڪيوبا کي ڪمند وڪڻڻ جو مسئلو پيدا ٿيو، سو روس ڪيوبا کان سموري کنڊ خريد ڪري ورتي. شاھہ صاحب جو مقصد انقلاب ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن ۽ انھن جي دوستن جو ذڪر ڪرڻ جو مقصد نااميديءَ ۽ تڪليف کان بچڻ هو. پر اسان کي اهي ڳالھيون ان وقت سمجهہ ۾ نہ پئي آيون حقيقت ۾ عالم کي گهرجي تہ نادانن سان گهڻيون دانائيءَ جون ڳالھيون نہ ڪري نہ تہ عالم بہ نادان ليکبو. شاه صاحب بہ معمول موجب اسان جا مسئلا ٻڌي ويو مگر انھن جو حل ڪڏهن بہ نہ ٿيو.
فرسٽ ايئر جي ڏينھن ۾ ميس جوائن ڪرڻ ۾ ڪجهہ ڏينھن لڳي ويا ۽ اسان ماني ”مني“ جي ڪينٽن تان کائينداهئاسين. مني کي مان ”منو“ غليظ چوندو هوس ڇو جو مني جي ٻوڙ مان جيڪڏهن اٺ ڏھہ مکيون نہ نڪرن تہ منو غليظ سڏجي ئي نہ، مني جي مانيءَ تي اڪثر ڇڪ ڇڪان هوندي هئي. منو ڇا ڪندو هو جو اٺ ڏھہ مانيون پچرائي هر شاگرد کي هڪ ماني ڏيندو هو، پوءِ ٻي مانيءَ جو انتظار ڪنداهئاسون. جيئن جيئن مانيون پچنديون وينديون هيون تيئن تيئن سرڻن جيان جهٽي کائيندا هئاسون senior تہ گرم ماني تنور واري کان کسي جلدي پيٽ ڀري ويندا هئا باقي اسان کي رڳو ماني کائڻ ۾ ڪلاڪ لڳي ويندا هئا.
ان ماني جي وٺ سٺ دوران ڪڏهن مڪي بازي جي مشق بہ ٿيندي هئي يعني ٺونشن سان جهيڙو ان دور ۾ چانڊڪا ۾ پستول ۽ ڪلاشن ڪوفون گهٽ هيون. ڇوڪرا انفرادي طور دليري جو مظاهرو ڪندا هئا ۽ ائين هلڪا ڦلڪا طاقتور گروپ بہ هئا. تنظيمن اڃان پنھنجا ويڙهاڪ جٿا تيار ڪو نہ ڪيا هئا ان ڪري رت جا جهيڙا شروعاتي ڏينھن ۾ ڪو نہ ٿيا باقي boxing جا outdoor سين چانڊڪا ۾ عام جام ڏسڻ ۾ ايندا هئا.
مني جي ڀڪ سان ئي هڪ نئين ڪينٽن کلي جنھن جو مالڪ ڪڪڙ هئو ان جو نالو تہ الائي ڇا هيو مگر ان کي ڪڪڙ ان ڪري چوندا هئاسون تہ جيڪڏهن اٺ بہ پچائيندو هو تہ چوندو هئو تہ سائين ڪڪڙ پچايو آهي. ڪڪڙ تہ وري مني جو بہ استاد هو. هڪ هڪ ماني ڏيڻ کانپوءِ چوندو هئو سائين ٿورو انتظار ڪيو ڇوڪرو اٽو وٺڻ ويو آهي. اسان کي ڪلاسن ۾ دير ٿيندي هئي ۽ ائين هڪ مانيءَ وارو ناشتو ڪري ڪلاس ۾ ايندا هئاسين باقي ڪڪڙ ڀاڄيءَ جي گريبي ڏيڻ جو شير هوندو هو. ڇو جو ڪڪڙ جو ٻوڙ جو ديڳڙو چلھہ تي هميشہ ئي چڙهيل هوندو هو. جيترو ٻوڙ شاگردن کي ڏيندو هو اوترو ئي ان ۾ پاڻي ۽ لوڻ مرچ وجهندو ويندو هو سو ڪڪڙ جي لنگر ۾ برڪت نہ پوڻ جو تہ سوال ئي پيدا نہ ٿيندو هو.
چانڊڪا جي ان ننڍڙن ننڍڙن طاقت ور گروپن ۾ هڪ ف_ ش جو گروپ بہ هوندو هو. ف_ ش ڏسڻ ۾ ڏاڍو نازڪ نفيس ۽ سريلو جوان هئو مگر ٻڌندا هئاسون تہ ف_ ش ڪافي جهيڙا ڪيا آهن. باقي اسان جي دور ۾ ف_ ش گروپ ڪو بہ جهيڙو نہ ڪيو. ف_ ش کي لاڙڪاڻي جي ڏاهاڻين دوستن جو ڀرپور ساٿ هوندو هو. ف_ ش کي چانڊڪا جي هڪ سگهاري قوم پرست پارٽيءَ ڪري هاسٽل ڇڏڻي پئي ۽ هن آخري ڏينھن شھر ۾ گذاريا. اسان ٻڌو هو تہ چانڊڪا ۾ گوليءَ سان پھريون رت ڪانگي جو وهيو هو. ڪانگي جي سيني ۾ لڳل گولي حقيقت ۾ ان جي دل کان گسي وئي هئي مگر ان گوليءَ سان چانڊڪا جي دل ضرور زخمي ٿي هئي. بھرحال گوليءَ جي بدلي ڪانگي کي چانڊڪا مان بي انتھا پيار مليو هو پيار جي آخري نشاني شيخ زيد مان پنھنجي گهر وٺي ويو. اسان جي شروعاتي ڏينھن ۾ ئي چانڊڪا ۾ trapping جو عمل شروع ٿيو. اهو trapping جو عمل اينٽي ڪرپشن وارن جو نہ هئو پر سياسي ورڪرن جو هئو جيڪي شاگردن کي پنھنجين پنھنجين پارٽين جو ميمبر ڪرڻ ۾ مصروف هئا. مون محسوس ڪيو تہ شاگرد نظرياتي طور گهٽ، پر سگهارين پارٽين جي ميمبر ٿيڻ ۾ دلچسپي وٺندا هئا. امن جي ان دور ۾ بہ شاگردن کيprotection جي ضرورت پوندي هئي سياست جي ان اثر هيٺ اسان جا ڪجهہ دوست بہ هئا جن وڃي پروگريسيو جيئي سنڌ جوائن ڪئي. انھن جو سرواڻ کاٻي ڌر جي سوچ رکڻ وارو شاگرد هو ۽ ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ جو دوست هو. پروگريسيو جيئي سنڌ ۾ وائيس چيئرمين جهجها هئا. مثلا: شاهنواز سيال، اشرف ڪلوڙ، جاني ڪلوڙ، اعجاز شاھہ اهي سڀ ليڊر جا روم پارٽنر هئا. اعجاز شاھہ صاحب قد بت ۾ ايترو سگهارو لڳندو هو جو رڙ ڪري تہ ڪنھن جو هانءُ نڪري وڃي پر شاھہ صاحب گهوٽڪيءَ جي ماٿيلي جي علمي گهراڻي جو فرزند هئو ۽ ان جي طبيعت ۽ مزاج ۾ نماڻائي ۽ عاجزي وڌيڪ شامل هوندي هئس.
اسان جي ڪلاس اندر شاگردن جي سياسي ورهاست ختم ٿي چڪي هئي ۽ ڪيترا شوبازن جا گروپ بہ پيدا ٿيا. جيڪي اڳتي هلي حالتن جي سنگينيءَ کي سمجهي پاڻيءَ جي ڦوٽي جيان ٽڙڪي پيا ۽ پنھنجو وجود وڃائي ويٺا. هڪڙو گروپ جنھن ۾ ڪجهہ پيٽارين ۽ ڪجهہ برگر فيملي جا ڇوڪرا هئا اسٽيج تي اچي اڇوترون حرڪتون ڪندو هو. انھن ڇوڪرن جي شھري حرڪتن ڪري ٻھراڙين جي ڪن ڇوڪرن ۾ روايتي غيرت بہ جنم وٺڻ شروع ڪيو. هڪ ڏينھن تہ باقاعدہ زيرو پلازہ ۾ ميٽنگ بہ ٿي تہ سڀاڻي انھن ڇوڪرن کي مزو چکائينداسين. ٻئي ڏينھن انھن ڇوڪرن کي شرافت سان سمجهايو ويو ۽ ائين ڪلاس ۾ سنجيدگي ايندي وئي سواءِ اسان جي ڪلاس جي هڪ ڇوڪري جي جنھن جي شڪل فلمسٽار رنگيلي سان ملندي هئي ۽ ان جو نالو بہ رنگيلو پئجي ويو ۽ اهو ڇوڪرو واقعي ئي رنگيلو رهجي ويو. کيس اعظم ٻگهئي اسپورٽس ويڪ ۾ قلوپطرہ جو هيرو قرار ڏنو هو. اوهان چوندا تہ رنگيلو قلوپطرہ جو هيرو ڪيئن ٿيو. ان کي تہ نجمه ۽ فردوس، راڻي يا شميم آرا جو هيرو ٿيڻ کپندو هو. مگر هو واقعي ئي قلوپطرا جو هيرو هو. قلوپطرہ سينيماتي در مان اندر جهاتي پائڻ تي هن جي سينيما جي گيٽ ڪيپرن سان جهڙپ ٿي. گيٽ ڪيپرن رنگيلي کي سڄائي ننھو بڻائي ڇڏيو پوءِ شاگردن جي ڪٽڪ قلوپطرہ تي حملو ڪيو ۽ قلوپطرہ فتح ٿي وئي ۽ ائين اهو اسان جو ڪلاسي قلوپطرہ جو هيرو بڻيو.
ڪليم شيخ ان يونين جو سوشل سيڪريٽري هو تنھن چانڊڪا جي سبز لان تي فلمن جو هفتو ملھايو ۽ اسان اوپن لان ۾ ويھي فلم ڏٺا انھن فلمن ۾ ايترو تہ مزو آيو جيترو drive inn سينيما ۾ بہ نہ اچي. انھن ئي فلمن ۾ لھريءَ جو هڪ سين نہ وسرڻ جھڙو هو، جنھن ۾ هو ميڊيڪل ڪاليج ۾ گڏھہ تي چڙهي آيو ۽ چوٿين سال جي ڪلاس ۾ ويھي هڪ شاگرد سان گپ شپ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ چيائين تہ مان اڃان بہ چوٿين سال ۾ آهيان پر پرنسپل منھنجو ڪلاس فيلو رهي چڪو آهي.
گڏھہ جي ان سين اسان جي شيخ زيد ڪالوني (جيڪا ان وقت اڌ کان وڌيڪ چانڊڪا جي هاسٽل هئي) ۾ رهندڙ شاگردن کي ٽرانسپورٽ جو بھترين substitute ڏنو. صبح جو اسان جي ڪلاس جا ڇوڪرا گڏھہ گاڏن تي چڙهي ڪاليج آيا ۽ نعرا هڻڻ لڳا حليم شيخ صاحب جيڪو ٽرانسپورٽ ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو تنھن کي ڪافي ڪاوڙ آئي، چوڻ لڳو تہ اوهان اسان جي شھر ۾ بيعزتي ڪرائي آهي ان واقعي کان پوءِ شيخ زيد ڪالونيءَ وارن ڇوڪرن کي باقاعدہ بس ملي.
فرسٽ ايئر دور ۾ ڪڏهن ڪڏهن خوامخواھہ گوڙ ڪرڻ ۾ مزو ايندو هو. سو ننڍن ننڍن مسئلن کي اشو بڻائي A. O جي آفيس ۾ بائڪاٽ ڪري ويھي رهندا هئاسين. هڪ ڏينھن اهڙي ڌماچوڪڙي ڪئي سون ۽ A. O صاحب (عبدالمجيد پٺاڻ) جي آفيس ۾ ويھي رهياسين. انھن ڏينھن ۾ بارڪزئي صاحب چانڊڪا جو پرنسپل هو. اهو ڪو نہ ھو يڪدم نيڪ محمد شيخ صاحب کي گهرايو ويو. جنھن اسان کي اهڙو تہ نفسياتي ڌڪ هنيو جو اسان اخلاقي طور ڪيترا ڏينھن بيمار رهياسين.
سائين چيو تہ مان آپريشن ٽيبل تي مريض ڇڏي آيو آهيان جيڪو اوهان کي پٽيندو اسان ڏاڍا پشيمان ٿياسون. حقيقت ۾ اسان کي خبر ڪو نہ هئي تہ اسان کي انتظاميہ ڪھڙيون ڪھڙيون سھولتون فراهم ڪرڻ جي پابند آ يا اسان جا انتظاميہ تي ڪھڙا حق آهن حقيقت ۾ اسان کي پنھنجي حقن کان پري رکيو ويو هو. جنھن ڪري اسان پنھنجا جائز مطالبا پيش ڪندي بہ شرمندگي محسوس ڪندا هئاسون. اسان ڪيترا مھينا فرش تي سمھياسون ان کانپوءِ اسان کي لوها بيڊ فراهم ڪيا ويا جيڪي ڏاڍا ردي هئا ۽ اسان پاڻ ۾ باقاعدہ سٺي چونڊڻ جي چڪر ۾ ڏند چڪ بہ ڏناسون.
چانڊڪا جي اسان واري اوائلي دور ۾ ميسون سٺيون ۽ سستيون هونديون هيون، صفائي سٿرائي بہ چڱي هوندي هئي. ڊائيٽ، شگر وارن مريضن واري ڊائيٽ بوتل نہ پر ميس جو ويلو اٽڪل ڏيڍ روپئي ۾ پوندو هو. مگر ميسن جو بہ پنھنجو هڪ رواج هو اتي بہ ليڊر کي سٺو کاڌو پيش ڪبو هيو ۽ وري مسڪين شاگرد کي ننڍي هڏي واري ٻوٽي ڏبي. ميسن جي مينيجرن جي ٻيگهي متل هوندي هئي مگر گل بورچي تہ بورچين جو سردار هو ۽ صديق بہ ڪو گهٽ نہ هوندو هو. اهو ئي سبب هو جو اسان کي ٻين ادارن جي ميسن وانگر، مئل مرغيون، پاروٿو پلاءُ ۽ سڙيل سبزيون نصيب نہ ٿيون ۽ انھن کائڻ جي آس اندر ۾ رهجي وئي. البتہ بورچي ٻوڙ کي ڪڏهن ڪڏهن گهاٽو ڪرڻ لئہ (جيئن اڄڪلھہ حليب کير وارا چون ٿا) اٽو وجهي ڇڏيندا هئا ۽ اسان کي ان اٽي واري ڀاڄي کانسواءِ مزو ئي نہ ايندو هو. خميس ڏينھن رات جو هاسٽلن جون ميسون بند هونديون هيون ۽ ڇوڪرا وڃي العباس هوٽل جي اڌ پاءُ ڪڙاهيءَ واري پليٽ کائي عياشي ڪندا هئا. انھن ئي ڏينھن ۾ رحمت پور ۾ خمينيءَ نالي هڪ همراھہ هوٽل کوليو جيڪو اسان کان مخصوص پئسا وٺي ماني کارائيندو هو يعني فڪس ويلو ۽ اهو ويلو بہ ٽين روپئي جو هوندو هو جنھن ۾ پيٽ ڀري ماني کارائي ويندي هئي. خمينيءَ جي هوٽل جي انڊا گريبي ۽ ڪونھٽ وارو قورمو شاگرد ڏاڍي شوق سان کائيندا هئا ۽ پوءِ ان همراھہ جنھن کي خميني چوندا هئا چانڊڪا ۾ ڪينٽين کولي. اهو همراھہ بنيادي طور قومپرست هو ۽ وڏي اخلاق وارو هو. ميسن جو ناشتي جو انڊو قيمو، رات جو ڪونھٽ جو قيمو، منجهند جو 4 پيس برياني ۽ رات جو واڱڻ جي ڦاري يا پٽاٽي واري ٽڪي اسان جو روز جو کاڄ هوندو هو. قيدين وانگر مجال آهي جو مينيو ۾ ردوبدل ٿئي. ميس وارا بہ سوچي سمجهي ميمبر ڪندا هئا تہ جيئن ڪو پئسا نہ کائي ۽ ميس جا پئسا وصول ڪرڻ بہ هڪڙو فن هوندو هو.
هڪڙي دوست ڏي ڪي مئس جا پئسا رهجي ويا سو مئنيجر ان وٽ پئسا وٺڻ آيو ۽ لطيفو ٻڌايائين تہ هڪ مواليءَ کي هڪ لک روپيو مليو دوستن پڇيس تہ ڇا ڪندين، مواليءَ وراڻيو تہ پنجاھہ هزار جي ڀنگ وٺندس ۽ پنجاھہ هزار جو آفيم. دوستن پڇيس تہ ماني؟ مواليءَ وراڻيو: تہ ماني تہ پن سن تي بہ ملي ويندي آهي. همراھہ بہ ميس جا پئسا ڏيڻ ۾ دير نہ ڪيس.
ميس ۾ مھمان جي مناسبت سان ويلا لکيا ويندا هئا.
مثلا: ٻہ پيرا سائيٽ
ٻہ چٽيون
ٻہ V. T. O يعني ويلا ٽار آفيسر. سو V. T. O کان بچڻ کي سڀ ترجيح ڏيندا هئا. ميس جي ٽيبل تي ٻولي ڳالھائڻ جو پورو پورو خيال ڪرڻو پوندو هو. جيڪڏهن ڪو گلاس يا جڳ پاڻ ڏي ڪرائڻو هوندو هو تہ عرض ڪرڻو پوندو هو. سائين جڳ کي تہ سورجو.
هڪ ڏينھن هڪ شاگرد ڪنھن کي جڳ سورڻ لئہ چيو، سائين جڳ کي تہ اٽ هڻجو. همراھہ چيس، سائين اوهان هينگ ڪيو تہ مان اٽ هڻان. ميس جي ٽيبل تي ڪو بحث مباحثو نہ ڇيڙيو ويندو هو البتہ نوان آيل ڇوڪرا پنھنجي سبجيڪٽن تي روانيءَ سان ڳالھائيندا هئا. چانور کائيندا هئا تہ چوندا هئا تہ Cellulose ٿا کائون. اسان پڪ سان سمجهي ويندا هئاسون تہ هنن ۾ اوجهري ٻڪريءَ جي آهي جو گاھہ بہ هضم ڪري سگهن ٿا.
ميسن ۾ پٽارين ميس جو شروع ۾ اسٽينڊرڊ چڱو هوندو هو پر پوءِ اها ڀلاري بہ پنھنجي ساهيڙين سان گڏ هلڻ لڳي.
فرسٽ ايئر دوران ڪلاسن ۾ شوق سان وينداهئاسون پڙهائيءَ جو ڪٿي نہ ڪٿي ذڪر ڪبو مگر هن وقت ذڪر ڪريون ٿا ان نظم جو جيڪو مون سيڪنڊ ايئر ۾ فرسٽ ايئر وارن جي پارٽيءَ ۾ پڙهيو جنھن کان پوءِ مون تي مزاح نگار جي ليبل لڳي وئي.


1. اڳي مينھن کان بہ متارو هئس مان.
هت پٽاٽن تي پلجي سڙيل دال کائي،
مان سنهڙو ٿيو آ.
ڪمين ۽ ڪڇوئن جا آنا اڳري،
موالين جھڙو منهڙو ٿيو آ.
ڦٽي منھنجي قسمت، ٿي داخلا چانڊڪا ۾
اباڙي اباڙي! الاڙي، الاڙي.

2. نلڪا صبح جو پاڻي بدران موسيقي پياري ڪن ٿا
ڀنگي بادشاھہ هت مرضيءَ تي ٻهاري ڏين ٿا
چوڪيدار چڱا مڙس پٽيوالا بہ بھاري ڪن ٿا
اتفاق ساڻ آفيسر ۾ ڪو ڪم جي پئجي ويندو،
نہ A. O ئي لڀندو نہ ناظم (اڪائونٽ) ملندو.
ڪلارڪن تي ڏيان ڪھڙي تهمت
ڦٽي منھنجي قسمت، ٿي داخلا چانڊڪا ۾
اباڙي اباڙي! الاڙي، الاڙي.

3. نہ ڪنسيڪشن فارم هت نہ ڪارڊ آهن،
نہ ئي لئبرريءَ منجهہ ڪتاب آهن،
بوڪ بئنڪ ۾ بہ لڳي سڃائي پئي آ.
سينٽرل ڪينٽن جي چانھہ چڱي چانڊڪا جي لڄائي ڪئي آ.
رڪگنائيزيشن وارا جو هت آيا اٽي ۾ لوڻ برابر ڏٺئون ڇوڪريون،
چيائون رڪگنائيز ڪنداسون نہ چانڊڪا اسان کي وڃائڻيون نہ آهن نوڪريون
سڄو ظلم سارو اسان سان او يارو PMC ڪيو آ.
حقيقت يارو اها ٿَوَ حقيقت
ڦٽي منھنجي قسمت ٿي داخلا چانڊڪا ۾
اباڙي اباڙي! الاڙي، الاڙي.

4. بسيون بگل باجا وڄائينديون هلن ٿيون،
ڇڪڙن جي لوڏن تي مانيُون لھن ٿيون،
پڇو بل تہ پئٽرول پاڻيءَ جيان پيئن ٿيون،
گٽرن جي بند ٿيڻ انتظاميہ کي پريشان ڪيو آ،
باٿ رومن جي بندوبست جو تن اعلان ڪيو آ،
ٻڌون ٿا تہ بند پار ٽڪرو زمين جو ورتو ويو آ،
جت عنقريب هٿراڌو جهنگ هڻايو ويندو.
ڇورن جي ضرورت حاجت جو مسئلو پاڻھي حل ٿيندو
Defecation ۾ تن کي ٿيندي هاڻ نہ دقت،
ڦٽي منھنجي قسمت ٿي داخلا چانڊڪا ۾،
اباڙي اباڙي! الاڙي، الاڙي.

5. بايو جا بيڪر سمورا ڀڳل هن،
پپيٽون ۽ ٽيسٽ ٽيوب سارا ٽٽل هن،
نہ ڪي ائسڊيون Acids اتي نہ ڪي بيس base ڀائو،
مگر رجسٽرن ۾ سڀئي درج ٿيل هن،
Theory انھن جي نہ پوري ٿي آ،
Practical ۾ پڙهائڻ جي ڪئي ڪنھن نہ زحمت،
ڦٽي منھنجي قسمت ٿي داخلا چانڊڪا ۾
اباڙي اباڙي! الاڙي، الاڙي.

6. ائناٽاميءَ ۾ مڙدن جي هڙتال اڃان جاري آهي،
استاد چون ٿا اها ڳالھہ ڏاڍي پياري آهي،
نہ ڪي مڙدا هوندا نہ ڇورا ئي ايندا،
نہ ڇورا ئي ايندا نہ ميڄالو چٽيندا،
اسپيسيمن تہ ات اصل ڪو نہ آهن،
بون بئنڪ ۾ بہ ڀڳل بون آهن،
بند ماڊل ڪنجين ۾ لڳي ٿو انھن ساڻ سائين جي آهي محبت،
ڦٽي منھنجي قسمت ٿي داخلا چانڊڪا ۾،
اباڙي اباڙي! الاڙي، الاڙي.

7. Histo، فزيو، هت مڙئي خير آهي،
پئٿالاجيءَ ۾ پڙهائي ڪو نہ، فارما ۾ بہ ڦير آهي،
آءِ، اي، اين، ٽي، گائني سرجري جي ڳالھہ ڪندس ڪونہ،
ڇو جو امتحان منجهہ اڃان دير آهي،
جي انھن جي هينئر گلا ڪيان ٿو تہ پوءِ
سپليءَ مٿان سپلي ايندي،
۽ سپلين ۾ ئي منھنجي اڇي ڏاڙهي ٿيندي،
هتي اٿو اها يارو ذلت ڦٽي منھنجي قسمت،
ٿي داخلا چانڊڪا ۾،
اباڙي اباڙي! الاڙي، الاڙي.

8. هي نوجوان جيڪي نعرا هڻن ٿا،
حقيقت ۾ مون کي پيارا لڳن ٿا،
ڏسان ٿو حشر پنھنجو جڏهن،
هي سمورا مون کي ويچارا لڳن ٿا،
سپلين سان گڏ جڏهن ميس جي ماني کائيندا،
سڄو ڏينھن ڀائو رڳو باٿ رومن ۾ ويندا،
سٺي صلاح آ تن کي اڄ ئي ٿيلھا ٻڌن،
پل نہ ترسن بس هاڻي ئي ڀڄن،
نہ تہ رهندي هنن وٽ سڄي عمر غربت،
ڦٽي منھنجي قسمت ٿي داخلا چانڊڪا ۾
اباڙي اباڙي! الاڙي، الاڙي.

منھنجو هي پھريون نظم هو جيڪو مون چانڊڪا جي اسٽيج تي پڙهيو هو. هن نظم سبب ڪيترا انتظاميا وارا مون کان ناراض بہ ٿيا ۽ ڪيترن ميارون بہ ڏنيون پر خوشقسمتي سان ان نظم مون کي چانڊڪا سان حقيقي پيار سيکاريو. مون پڇتايو تہ مان عظيم اداري لئہ اهو سڀ ڪجهہ چئي ويٺس جيڪو مون کي نہ چوڻ کپندو هو. منھنجي ان هارايل حوصلي کي پشيمانيءَ جي سمنڊ ۾ ٻڏڻ کان دوستن جي ٽھڪن بچايو جيڪي ڀرپور، بي خوف ۽ زبردست طريقي سان کليا هئا.

پڙهائي ۽ پوسٽنگون

سڀ کان پھريان مان اڳ ۾ فرسٽ ايئر جي شاگردن جون سڃاڻپ جون نشانيون ٻڌايان ۽ پوءِ سيڪنڊ ايئر وارن جون ان کان پوءِ اسان جي پري ڪلينڪ واري دور تي، پنھنجي عقل جي عينڪ سان آرام سان اوندھہ وجهي سگهجي ٿي يا اسان جي صحت، سماجيات، معاشيات ۽ اخلاقيات تي چانڊڪا ڪيئن اثر انداز ٿي پوءِ احوال پڙهائيءَ جو ڏبو.

فرسٽ ايئر وارن جي سڃاڻ

هنن جيتامڙن تي نہ دال جي دٻ اثر انداز ٿيل هوندي آهي نہ وري ڪو پروفيشنل ڏئي مينٽل ٿيندا آهن. ان ڪري هنن ۾ ڏاڍي ٻڌي هوندي آهي ۽ ڌڻ ڪري گهمندا آهن وڏا حوالي ۽ چانھہ جا موالي ٿيندا آهن. شل نہ ڪو ڊاڪٽر ڪوٺين ٺران ٺران پئي پوندي. خدمت جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندا، بوڪن، بئنچن، بسين، باٿ رومن ۾ عشق جا احوال لکڻ جا ڪوڏيا. هنن جي موسمي نموندار ٿيڻ تي بسيون، ميسون، ڪئنٽينون، ٽي وي هال فل هوندا آهن. سامھون ڏسندڙ هر جيتامڙيءَ لئہ چوندا آهن تہ عاشق ٿي پئي آهي. جيتامڙيءَ سان ڳالھائڻ وقت زبان خشڪ ٿي ويندي اٿن ۽ ابتدا اديءَ سان ڪندا آهن. عشق جي آسري ۾ سڄو ڏينھن گرلس هاسٽل جي سامھون واري لان ۾ ليٽيا پيا هوندا آهن.

ٻئي سال وارن جي سڃاڻ

ٻئي سال جا جيتامڙا سپليءَ جي سورن کان بچڻ لئہ هڏا هٿن ۾ کنيون، چوپڙيون بگل ۾ دٻايون سڄو ڏينھن ڊائسيڪشن هال ۾ ڊسڪس ۾ مصروف رهن. ڪوڙ ورلي ڳالھائيندا آهن. زٽ ڳالھائين، جنھن ۾ هڪ لک ڪوڙ پوندو آهي. ڊاڙ ، ٻٽاڪ جو استعمال آزاديءَ سان ڪندا آهن. ڪورس تي ڪوڙ مڙيو ئي جهجهو ڳالھائين چانور کائيندا تہ چوندا cellulose ٿا کائون. امتحان ويجهي اچڻ جي صورت ۾ هنن جي سڃاڻ بلڪل واضح ٿي ويندي آهي. منھن ورلي ڌوئيندا آهن. اکين ۾ پچيون تجلا ڏينديون اٿن ڪپڙا بغير استريءَ جي، موالين وانگر سائي سٿڻ تي ڳاڙهي قميص، امتحان جي موسم ۾ برش ورلي ڪندا آهن. ڀڪ سان لنگهڻ وقت نڪ پاڻ ئي ٻڌائيندو آهي تہ ڇوڪرو سيڪنڊ ائير جو آهي. “
اسان جي پري ڪلينڪ جي پڙهائي، پوري پني هوندي هئي، استادن ۽ اسٽاف جي شديد کوٽ هوندي هئي. ائناٽامي امين صاحب جي ذمي هوندي هئي، هسٽالاجي سائين حبيب الرحمان صاحب پڙهائيندو هو. فزيالاجي سائين نور احمد صاحب پڙهائيندو هو. بايوڪيمسٽري سائين حليم شيخ صاحب پڙهائيندو هو. ظفر پيرزادو صاحب، عبدالرحيم قريشي، محمد صالح سومرو، ڊاڪٽرشير خان، ڊاڪٽر راڻو صاحب، ڊمانسٽريٽر هوندا هئا. استادن جو احوال استادن واري سيڪشن ۾ ڪبو هاڻي اچون ٿا پڙهائي طرف وڏي ۾ وڏو ليڪچر هال پراڻو آڊيٽوريم هوندو هو جيڪو چانڊڪا جي اصلي بلڊنگ ۾ هوندو هو. جنھن جي ڀڪ سان ئي ٽيليفون ايڪسچيج هوندي ھئي. اهابلڊنگ هاڻي شايد ريسرچ بلاڪ آهي. ان ۾pre clinic جون سڀ ڊپارٽمينٽس هونديون هيون. ائناٽامي، فزيولاجي ۽ بايو ڪيمسٽري شاگردن ۾ پڙهڻ جو انداز روايتي هيو. گريز ۽ گائٽن تي زور هوندو هو. شاگردtext book ضرور پڙهندا هئا. ان وقت چانڊڪا جي شاگردن جي منزل فقط M. B. B. S هوندي هئي ۽ ڪي شاگرد جن جا والدين ڪوPLAN رکندا هئا تہ اهي POST GRADUATION وارو خيال رکندا هئا. چانڊڪا ۾ شروعاتي ڏينھن ۾ POST GRADUATION کي مستقبل ۾ رکڻ لئہ ڪا اهڙي فضا پيدا ئي نہ ڪئي وئي جو شاگرد ان انداز سان پڙهن، سمورن شاگردن جو عزم بس M. B. B. S هوندو هو. ڊمانسٽريشن ۾ صبح جو شروعاتي ڏينھن ۾ چڱي خاصي حاضري هوندي هئي، پوءِ چانڊڪا جي ڪينٽين جي ڊگهين ڪچھرين ۽ اوجاڳن ان حاضريءَ کي اڌ ڪري ڇڏيو باقي ليڪچر ٻڌڻ ڇوڪرا گهڻي تعداد ۾ ايندا هئا. ليڪچر انتھائي غور سان ٻڌندا هئا ۽ ان کي سمجهہڻ جي ڪوشش پڻ ڪندا هئا.
استادن سان ليڪچر ۾ الجهڻ ۽ سوال پڇڻ جو فيشن گهٽ هوندو هو. شاگردن جي گهڻائي درسي ڪتابن کي سمجهہڻ تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيندي هئي ۽ ان کي ياد رکڻ جي ڪوشش پڻ ڪندا هئا. ان دور ۾ WORD جي روح تائين ويندا هئا لفظ ۽ system جي معنيٰ کي پوري نموني سمجهہندا هئا. هر شاگرد ڊڪشنرين جو استعمال جهجهي نموني ڪندو هو ۽ ان ڪنھن بہ ڳالھہ کي compare يا ڀيٽ واري انداز ۾ وڌيڪ پڙھندا ھئا.
شاگردن ۾ اھو بہ رجحان ھوندو ھئو تہ ھو گهٽ ۾ گهٽ ھڪ درسي ڪتاب text book پاڻ وٽ ضرور رکن ان لاءِ ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور ۽ لطيف ميڊيڪوز جي فيئر پرائس شاپ تان شآگرد گهٽ ۾ گهٽ ھر سبجيڪٽ جو ھڪ ڪتاب ضرور وٺندا ھئا. گريز ۽ گائٽن تہ تقريبا ھر شاگرد وٽ ھوندي ھئي البتہ بايو ڪيميسٽريءَ ۾ پروفيسر مشتاق صاحب جو ڪتاب جڏھن مان نشتر ميڊيڪل ڪاليج ملتان ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڪندو ھوس تہ سائين اسان کي basic ۾ physiology پڙھائيندو ھو، زندگيءَ جي فلسفي ۽ ان کي پنھنجي وقت تي گذارڻ ۽ خوش رھڻ جو سبق ڏيندو ھو. لسيءَ کي لاھوري انداز ۾ پيئندو ھو. ھن اسان جي test ورتي. مان ڪو ذھين شاگرد نہ ھئس مگر اتي ڪا ڄاڻ سڃاڻ ڪو نہ ھئي. ان ڪري گلگتين ۽ ڪشميرين وانگر پڙھندو ھوس ان test جو جڏھن رزلٽ آيو تہ ھن منھنجو نمبر پڪاريو مان سمجهہيس تہ فيل آھيان، بيعزتي ٿيندي، اسان کي چانڊڪا لئہ خوامخواھ ۾ Inferior complex ۾ وڌو ويو ھو ۽ اسان پنھنجي talent کي under estimate ڪنداھئاسون. مان اٿي بيٺس سائين پڇيو تہ ڪٿان پڙھيو آھين. چيم چانڊڪا مان، تہ سائين حيرت مان چيو ”میں نے سنا ہے وہاں گولیاں چلتی ہیں کیا چانڈکا میں لڑکے پڑھتے بھی ہیں“ جيئن تہ مان حاضر جواب ھوس سائين جي اھڙي رمارڪ تي مون کي شديد صدمو ٿيو ۽ سائين کي چيم ”سر میرا فائنل میں میرٹ نمبر 100 تھا“ يعني چانڊڪا جو جيڪو 100 نمبر ڇوڪرو آھي اھو اوھان وٽ فرسٽ آ.
اھو 90 جو ڏھاڪو ھو سائين انتھائي پيار ڪرڻ وارو شخص ھو مگر ان کي غلط ٻڌايو ويو. سرائڪي بيلٽ جي ان اسپتال جا استاد سنڌين جي گهڻو ويجهو ھئا ۽ اسان جي عزت بہ ڪندا ھئا. پر انھن وٽ پڙھڻ، لکڻ، اٿڻ ۽ ويھڻ جو ھڪ باقاعدہ discipline ھوندو ھو اهي زندگيءَ کي سماجي حالتن ۾ ھن شعر وانگر سمجهہندا ھئا.
زندگی کیا ہے،ظہور عناصر میں ترتیب
موت کیا ہے، انھی اجزا کا پریشان ہونا

اھو شعر مشتاق صاحب جي ڪتاب ۾ لکيل آھي. بھرحال شاگردن وٽ زندگيءَ ۾ ايڏي ترتيب ۽ discipline نہ ھوندو ھو ان جا انيڪ ڪارڻ آھن لکڻ سان ڊيگه ٿيندي ڪجهہ شاگرد تہ ڪافي پئسا خرچ ڪري رنگين atlas پڻ وٺندا ھئا. Library ۽ بوڪ بئنڪ مان بہ ڪتاب اشو ڪرائيندا ھئا مگر شاگرد ڪتاب پنھنجا ورتل پڙھندا ھئا ۽ ڪم وارين شين کي under line بہ ڪندا ھئا.
ائناٽامي ۾ ڊمانسٽريشن ۾ bones تي زور ھوندو ھو ۽ pre-clinic جي شاگرد وٽ ھڪ نہ ھڪ مڙدي جو ھڏو ضرور ھوندو هو. باقي مڙده تہ چانڊڪا جي dissection ھال ۾ ڪو ھڪ اڌ پھتا ۽ انھن جي بہ عضون جي صدقي جي ٻڪري وانگر ورھاست ٿي. ڊائسيڪشن ڪرڻ ۽ سکڻ جو شوق سڀني کي ھوندو ھو. ان لئہ تہ شاگرد ڪتاب practicle کان شروع ڪندا ھئا. قديم دور ۾ انسان جيڪا مڙدن تي کوجنا ڪئي ۽ انھن غارين ۾ لڪي ماڻھن کان مڙدن تي تحقيق ڪئي ۽ ڪن تي تہ آدمخور جا لقب بہ پيا ۽ ڪن تہ انتھائي پنھنجي قريبي عزيزن جي جسم جي وڍ ڪٽ ڪري اسان کي علم تشريح البدن يا anatomy جي ڄاڻ ڏني ان ۾ گريز کي سلام پيش نہ ڪرڻ سراسر زيادتي آھي ۽ اسان جڏھن ھڪ دفعي متل جوڳيءَ (چانڊڪا جو ننڍڙو پتڪڙو شاگرد) جي مٿي تي گريز ڏٺي تہ چوڻ شروع ڪيو تہ گريز جوانيءَ ۾ ئي فوت ٿيو نہ تہ اسان ۽ متل جھڙا جيتامڙا گريز جي بار ۾ ئي ڊسيڪشن ھال جي ٽيبل تي پيا ھجون ھا. اسان کان اڳ وارن شاگردن لئہ ھڪ ڳالھ مشھور ھئي تہ انھن پنھنجي ھڪ دوست سان شرط رکي تہ جيڪو رات جو ڊاسيڪشن ھال جي مڙدن کي اونداھ ۾ کنڊ کارائيندو انھيءَ کي 100 روپيا انعام ملندو. ڇوڪرو راضي ٿيو ان رات ئي ھڪ ڇوڪري ڇا ڪيو جو ڊائسيڪشن ھال جي خالي ٽيبل تي سمھي پيو ۽ رات جو جڏھن شرط رکيل شاگرد ٽن مڙدن جي وات ۾ کنڊ وجهي چوٿين مڙدي کي جڏھن کنڊ کارائي تہ ان ڳالھائڻ شروع ڪيو تہ ابا چپٽي وڌيڪ وجهجانءِ ۽ پوءِ اوندھ ۾ شرط رکيل شاگرد جي رڙ ٿي ۽ ٻاھران ڇوڪرن ڊوڙي وڃي ان شاگرد کي حقيقي مڙدو ٿيڻ کان بچايو.
ڇوڪرا اھو ضرور ڄاڻندا ھئا تہ انھن مڙدن جي اندر ۾ انساني بناوٽ جون انيڪ ڪھاڻيون ۽ راز آھن جيڪي مسيحائيءَ جي منزل تائين رسڻ لئہ ضروري آھن سو ھر شاگرد کي انساني بناوٽ جي راز پروڙڻ جي خواھش ۽ جستجو ھوندي ھئي ۽ پوءِ جڏھن ڪو pre-clinic جو فنڪشن ٿيندو ھو تہ ان ۾ انھن مڙدن مطابق ڪا نہ ڪا خبر ضرور پڙھي ويندي ھئي. مثال طور:
چانڊڪا جي ڊائسيڪشن ھال مان جيڪي پنج مڙدا اونداھيءَ جو فائدو وٺي فرار ٿيا ھئا پوليس انھن کي سخت جدوجهد کان پوءِ گرفتار ڪيو آھي.
پھرين مڙدي کي اسپتال مان دوائون L. p ڪرائيندي، ٻئي مڙدي کي گرلس ھاسٽل ۾ گهمندي، ٽين مڙدي کي کي لئبرريءَ ۾ راڳ ڳائيندي، چوٿين مڙدي کي ليڪچر ھال ۾ چانھہ پيئندي ۽ پنجين مڙدي کي ھاسٽل جي باٿ رومن مان بلب لاھيندي پڪڙيو ويو آھي. استادن جي آنرري ڪورٽ جيڪا جسٽس حبيب الرحمان ابڙي، جسٽس نيڪ محمد شيخ ۽ جسٽس ﷲ بچائي صاحب تي مشتمل ھئي تن مڙدن کي ست ست سال سپليمينٽريءَ جون سخت سزائون ٻڌايون آھن. مڙدن جي ترجمان چيو آھي تہ ھو ايستائين چانڊڪا ۾ داخل نہ ٿيندا جيستائين ھنن جا ھيٺيان مطالبا منظور نہ ٿا ڪيا وڃن.
1. چانڊڪا ۾ ڇوڪرين جي داخلا وڌائي وڃي ۽ انھن کي اسان سان ڳالھائڻ جي کلي عام اجازت ڏني وڃي.
2. اسان کي ڊائيسڪشن ھال جا A. C موٽرائي ڏنا وڃن جيڪي انتظاميا جي گهرن ۾ لڳل آھن اسان آخر انسان آھيون. اسان کي بہ گرمي ٿيندي آ.
3. ٻئي سال جي ڇوڪرن کي ھدايت ڪئي وڃي تہ ھو صبح جو برش ڪري ڊاسيڪشن ھال ۾ اچن اسان کي ھنن جي وات مان ڌپ ايندي آھي.
ھاڻ ھاڻ اطلاع آيو آھي تہ انتظاميہ مڙدن جي مطالبن کي مسترد ڪندي انھن جي چانڊڪا ۾ اچڻ تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي آھي. ان فيصلي سان ائناٽاميءَ جي استادن ۾ خوشيءَ جي لھر اچي وئي آھي. تہ ھنن جو ڇوڪرن تي دماغ خرچ ٿيڻ کان بچي پوندو ۽ سڀاڻي ليڪچر ھال ۾ جشن جو اھتمام ڪيو ويو آھي جنھن ۾ سائين امين صاحب ۽ حاجي حبيب الرحمان صاحب پڙھائڻ بدران عشق جون قواليون ڳائيندا ڍولڪ تي سندن ساٿ راڻو صاحب ڏيندو ۽ ھارمونيم سڪندر مغل صاحب وڄائيندو. جشن جي آخر ۾ استاد امين خان ائناٽاميءَ جا سمجهہ ۾ نہ ايندڙ سرگم ٻڌائيندو. سڪندر مغل اسان جي pre-clinic کانپوءِ ڊمانسٽريٽر ٿيو. خلائن جي پولارن ۾ سوچيندي. ڪنھن سانئڻ سان گڏ چانھہ جي سرڪي پيئندي ڪنھن شاگرد کان ھي گانو شوق سان ٻڌندو ھو.
جب سے تونے مجهے دیوانہ بنا رکھا ہے
سنگ ہر شخص نے ہاتھوں میں اٹھا رکھا ہے

سندس ڌيان تڏھن مٽبو هو جڏھن ڪنڌ کي جهٽڪو ڏئي وار پري ڪرڻ واري اسٽائل رکڻ واري ڇوڪري ماٺ کي موت ڏئي ٽھڪن جي دنيا ۾ وٺي ايندي ھئي.
سڪندر مغل چانڊڪا جو اھو جينئس ڇوڪرو آھي جيڪو مان تہ چوندس تہ چانڊڪا کي ڪڏھن بہ ٻي روپ ۾ نہ ملندو. ادب، فسلفي، شاعري، سائنس ۽ سبجيڪٽ تي سندس ڏات ۽ ڏاھپ ڪنھن بہ شاگرد ۾ نہ ھئي. ھو چانڊڪا جو سرمايو ھو ۽ فخر پڻ. فائنل ائير ۾ امتحان دوران ڪنھن گهريلو جنگ ۾ ھن سان وڏا ھاڃا بہ ٿيا مگر حوصلو نہ ھاريندڙ اھو شخص منھنجو آئيڊيل ھو. بلاشڪ فائنل ائير ۾ پوزيشن امتياز شاھ کڻي ويو مگر سڪندر واقعي ئي سڪندر ھو.
ائناٽاميءَ ڊپارٽمينٽ جي سرگرمين ۾ تڏھن واڌ آئي جڏھن اسان انساني ڊيڊباڊيءَ بدران پلاسٽڪ جي ڊيڊ باڊيءَ تي اسٽڊي ڪئي ۽ ماڊلن کي چھٽيل شاگرد بس هسٽلاجي جي سمجهہ ۾ نہ ايندڙ سلائيڊن کان ڊڄندا ھئا ۽ اوڏانھن رخ نہ ڪندا ھئا.
فزيولاجي جي پريڪٽيڪل ۾ ڏيڏر جي مسل jerk جھڙو ڌچڪو تڏھن لڳندو ھو جڏھن صالح صاحب اسان کان Skeletal muscle جون پراپرٽيز پڇندو ھو ۽ اسان easy fatigability جو شڪار ٿي ويندا ھئاسون. اسان جو گهڻو بحث All or non law تي ھوندو ھو ۽ ڪڏھن ڪڏھن heart muscle جي Automacity جي ۽ Rhythmcity وانگر پنھنجي ليکي گيت جهونگاريندا ھئاسين ۽ ڏھين جي Lucy gray گرل وانگر اسان W. B. C ۾ وڃائجي ويندا هئاسون ۽ اسان چيمبر ۾ سيل ائين ڳڻيندا ھئاسون ڄڻ ڪو ڌنار پنھنجون رڍون ڳڻيندو ھجي ۽ پويان پڙاڏي ۾ آواز ايندو ھجي تہoh marry go and call the cattle home اھو ڪال تہ ڪيٽل ھوم وارو آواز اسان کي وڳ ورائڻ وارو آواز ايندو ھو ۽ اسان ڪنھن واڙي جي مينھن وانگر ماٺيڻي انداز سان ميس تي ڪڙڪندا ھئاسين.
بايوڪيمسٽري جي پريڪٽيڪل جي ڳالھ نرالي آھي. ظفر پيرزادي ۽ قريشي صاحب جي ڪر ڪر ويندي ئي ڪو نہ ھئي باقي bio جي test جو مون کي ڀرپور فائدو ٿيو ۽ اھا ٽيسٽ جيڪا اسان ويدن ۽ ڌرمي ڪتابن وانگر ياد ڪئي ھئي. اسان کي زندگيءَ جو ٿڪ ڏئي وئي. اسان کي الاھي انتظار کان پوءِ test لاءِ گهرايو ويو اصل رات ٿيڻ واري ھئي حليم صاحب تہ منجهند جي ماني کائي آرام سان ويٺو ھو باقي اسان جي پيٽ ۾ بک جي فوج فساد لڳايون ويٺي ھئي مان سوچيندو ھوس تہ اسان کي آرام سان AC روم ۾ ويھاريو وڃي اسان کي بہ مھمانن وانگر چانھہ، سمبوسا، پڪوڙا ڏنا وڃن، ڇو جو اسان بہ تہ چانڊڪا جا مھمان ھئاسون پر نہ تہ بہ شاگردن کي وقت ۽ ضرورت مطابق انتظار ڪرائجي انھن کي ٿڪائي نہ مارجي.
ان ڇوڪرن جي ٿڪ جو مون ڀرپور فائدو ورتو مان نڪري ميس مان تازو توانو ٿي ماني کائي، ٽيسٽ ڏني ۽ پھريون نمبر آيس ۽ منھنجو حليم صاحب تي پڙھائي وارو تاثر آخر تائين رھيو. ڪجهہ ڇوڪرا تہ جڏهن اھو سڏ ٿيو، جي صبح کان سانجهيءَ تائين بکيا رھيا ۽ ائين بايو جي پھرئين ٽيسٽ جو فاتح مان ٿيس. Pre-clinic جي امتحان جو احوال امتحان واري سيڪشن ۾ ٿيندو.
اسان جو جڏھن نتيجو آيو تہ مان خيرن سان پاس ٿيس ۽ مون اھا خوشي ھر روم ۾ پاس ٿيو آھيان ٻڌائي celebrate ڪئي ۽ congratulation جون ڳٺڙيون مٿي تي کڻي آيو ھوس چانڊڪا جي ڇوڪرن وٽ ننڍڙيون ننڍڙيون خوشيون ۽ انھن لئہ وڏيون وڏيون expressions جو انداز ئي نرالو ھو ھڪدم بانور ڪرائي ويندا ھئا تہ ھو اوھان جي خوشيءَ ۾ گڏ آھن يا اوھان سان پيار ڪن ٿا. جذبن ۽ تاثرن جي ڪنجوسي ڪڏھن بہ نہ ھوندي ھئي. البتہ کيسن جي قلاشي ڪا عام ڳالھہ نہ ھئي، منھنجي ويجهن دوستن جو چڱو خاصو تعداد فيل بہ ٿيو ھو. مگر ان دور ۾ شاگرد امتحان ۾ فيل ٿيڻ کي دل تي ڪو نہ وٺندا ھئا ۽ چوندا ھئا تہ annual نہ تہ بہ suply مگر ھو پاس ڪري ويندا ھئا. Suply واري امتحان کي ھر ڪو ڇوڪرو سيريس وٺندو ھو ۽ گهٽ ئي ڇوڪرن جو سال ويندو ھو.
مون کي 1st professional ۾ پاس ٿيڻ ڪري گهڻو وقت ملي ويو ۽ مون انھن ڏينھن ۾clinical methods ۽ K-dos سرجريءَ کي دل کولي پڙھيو. اھو مان پڙھڻ وارو نہ ھوس مگر شاگرد ھر ڏينھن بلاشڪ ڇا بہ ھجي پڙھڻ جو ٽائيم ضرور ڪڍندا ھئا ۽ سمجهہندا بہ ھئاسون.
اسان جي شروع شروع ۾ ميڊيسن ۾ پوسٽنگ ٿي ۽ مون کي بہ ﷲ بچائي صاحب سڀاڻي ڪيس present ڪرڻ لئہ چيو مان جيئن تہ گهڻو ڪري طنز مزاح ڪندو هوس تہ مان اهو ڪيس بہ طنز مزاح وانگر پيش ڪرڻ چاهيو. اهو مريض تہ pulmonary tuberculosis جو هئو ۽ مان ان جي جيڪا هسٽري ورتي اها ٿوري هيئن هئي حاضر شڪايتون present complaints
1. زال تہ ستن سالن کان کنگهائيندي اچي ٿي
2. پٽ ٽيون سال آ تپ ڏنو آ
3. ساهرن جي ويلن ڪري سال کان واتان رت اچي ٿي.
4. ستون ڏينھن آ وڏو صاحب رائونڊ تي نہ آيو آهي.
5. ٽئين ڏينھن کان هڪ ٽڪي بہ اسپتال مان ڪو نہ ملي آ
6. باقي اڄ صبح مردان سان نرس دڙڪا ڏئي وئي آ
ﷲ بچائي صاحب پھريان تہ منھن ٺاهيو ۽ پوءِ مشڪيو. ڀلا تنھنجو نالو ڇا آهي.
سائين، اسماعيل ماڪو.
ها، ماڪا هاڻي هن جي auscultation ڪر
جيئن تہ مان چيو آهي تہ چانڊڪا جا شاگرد لفظ جي روح تائين ويندا ۽ ايستائين ان جي جند ڪونہ ڇڏيندا هئا، جيستائين ان لفظ کي چڱي طرح نہ سمجهہندا هئا.
مثال طور: اسان جيڪڏهن vesicular breathing کي پيش ڪيون تہ اسان کي خبر هوندي هئي تہ اهو آواز ائين هوندو آهي جيئن سرءُ ۾ پپل ڇڻي پئي ۽ ان جي سڪل پنن تان هوا گذري ۽ سرسراهٽ جو آواز ٿئي ڇو جو Alveoli بہ سڪل پنن وانگر هوندا آهن ۽ انھن مان جڏهن هوا گذرندي آهي تہ سرسراهٽ جو آواز ٿيندو آهي. ائين bronchical breathing جو آواز Aspiratory هوندو آهي. اهو آواز ائين ٿيندو آهي جيئن سنڌيءَ ۾ ”ھہ“ هرڻي اچارجي هيءِ يي هي يعني (هي هي هي) ڇو جو Bronchi هڪ ٽيوب آهي ۽ جڏهن هوا پائيپ مان گذرندي تہ ائين آواز ايندو هي هي. سو مان سائين جي اجازت سان auscuhaation sound لئہ هي شعر پڙهيو.

(1) پپل ڇڻي پيو پتا جي ڪريا
هوا جي گذري سرسراهٽ جا ساز آيا. Vesicular
اوهان اچڻ جو اسان ٻڌوسين ڄڻ
شھنائين جا آواز آيا
ساھہ سرنگ ۾ هوا جي گذري هي هي ٿي bronchial
ساھہ سرنگ ۾ هوا جي ڦٿڪي درد جي ڪاسيٽي وڳي wheeze
دل نگر ۾ پيار جذبا رت ڦڙن تي،
بلبلن جيان ٽٽي پيا Creptition
اسان لٽڻ جي لوڪ ڪنن ۾
سس پس ڪئي هئيwhispering pectoriloguy
تہ بانوري اسان جي،
مڻي ٿي پئي هڻي Egophony
روح کي جا رڳڙ آئي pleurisy
ساھہ هو سڏڪو ڀريو pleurisy pain
او پرين توکي اسان
هر ويل هو ياد ڪيو.
۽ ائين palpation لئہ شعر پڙهيو:
(2) اسان پرينءَ جو ڇھيو جي سينو
نہ درد ريکا نہ مک پسينو
نہ هڏا نرالا نہ اجايا اڀار آهن،
نہ ئي ڪي دشمنن جا آثار آهن.
(3) Percussion and inspection
لئہ بہ شعر پڙهيم
مثال طور: منھنجو سينو وچين آڱر سان وڄائي ڏس تون
Resonant هڏن جي ويلي آواز منھنجو هيڻو هوندو
Hyper resonant پر ساھہ جي ديرن تي آواز ٻيڻو هوندو.
ساھہ گهرڙن ڊاھہ ۾،
ڪنھن ڳوڙهي ماھہ ۾،
دل حدن ۾ پاسرين ۾،
سڏ منھنجو موڳو هوندو dull
ڀر جي من ۾ هوندو پاڻي،
ائين توکي لڳندو ڄڻ ڪو پٿر ڇھيو ڪو stony dull
(4) Inspection
منھنجو سينو پنھنجي نظر سان جاچي ڏس.
۽ پاسا ٻئي نظرن سان ماپي ڏس.
ساھہ جي تون چال ڏس، رفتار ڏس،
گفتار ڏس،
سيني جو ٻطرفو کڄڻ ڏس،
۽ دل جو ات ڌنوڻ ڏس،
هو سينو منھنجو ڪبوتر وانگر ڏس،
ات تون ڪا بندو ق جي نال ڏس،
ات موچي هنر جو ڪٻ ڏس،
يا مالھا جي لاڙ ڏس،
او پرين اسان ۾ پنھنجا پيار ڏس!

هي سڀ منھنجي لکڻ جو مقصد اهو آهي تہ سالن کان پڙهيل اهي شيون اسان کان وسرن نہ ٿيون ڇو جو اسان ڪتابن جي لفظن کي پڙهڻ بجاءِ انھن کي پروڙيندا هئاسين ۽ اهو چانڊڪا جي ڇوڪرن جي پڙهڻ جو نرالو انداز هوندو هو.
پوءِ ﷲ بچايو صاحب مون سان ڏاڍي مشڪري ڪندو هو. فائنل امتحان ۾ جڏهن ويس تہ سائين صفا serious ٿيندي چيو تہ تون ڪالھہ امتحان ڏئي ويو آهين منھنجا تہ تاڪ لڳي ويا. سائين صفا منھن پڪو ڪري بيھي رهيو تہ تون وڃ! منھنجا پگهر لھڻ شروع ٿيا، اڄ ڀلا سائينءَ سان ڪيئن الجهان، final year اهو بہ ميڊيسن جو پرچو شاگرد بہ ex گوڙ بہ ڪيئن ڪيان. هاڻي تہ سمجيهم حال ئي رلي ويا.
پوءِ سائين ڀڻڪيو
Full bladder جو percussion note ڇا آهي؟
چيومانس سائين stony dull ڇو جو پاڻي ۾ آوازي لھرون تيز سفر ڪنديون آهن.
سائين وراڻيو وڃ،
سائين ٻيو پڇيو ”بابا چيم نہ وڃ، موڊ خراب نہ ڪر!”
سمجهيم اڄ ميڊيسن وارين ڪيل مشڪرين جا سڀ حساب پورا ڪري ڇڏيا. ڀيلو منھن ڪري ٻاهر آيس پويان وڃي نھال نڪتو جيڪو سائين جو رجسٽرار هوندو هو. پٺيءَ تي هٿ رکي چيائين ”سائين ٿو چئي سڀ سال تہ ماڪي اسان سان مشڪري ڪئي آ اڄ منھنجي مشڪري ڪيئن لڳئي، بھرحال ماڪا تون گهٽ ۾ گهٽ ميڊيسن ۾ تہ پڪ سان پاس آهين. “ پوءِ شڪرانا ادا ڪيم.
سرجريءَ جي پوسٽنگ ۾ ڪيتريون ڳالھيون کلڻ جھڙيون آهن انھن ڏينھن ۾ بہ ٿيٽر ۾ ايٿر Ether جا آکيرا هوندا هئا ۽ ٿيٽر ناٿي، برڪت ۽ سلامت جي سھاري هلندو هو. سڪندر صاحب اڃان نئون نئون آيو هو. ٿيٽر ۾ پوسٽنگ دوران هڪ آپريشن هلي رهيو هو. هڪ سينئر رجسٽرار وٽ هڪ هائوس آفيسر ڊوڙندو آيو چيائين ”سائين بيڊ نمبر 1 جو B. P ناهي. No pulse“”ڇا ڪيانس؟”
”آءِ وي لائين لڳائيس”
”سائين لڳائي آ”
”Haemaccel هڻيس سائين هئين آ”
”Solucortif لڳائينس سائين لڳائي آ”
”Adrenaline هڻيس سائين هنئين آ“
”Cardiacmassage ڪريس”
”سائين ڪئي آ”
”پٽ پوءِ هاڻي مريض کي گهٽو ڏيس
تہ ساجهر سوير روانو ٿئي”

هسٽري وٺڻ دوران بہ وڏا وڏا تماشا ٿيندا هئا.
هڪ ڇوڪرو family history پڇڻ دوران مريض کان پڇي پيو. ”سائين اوهان جي پيءُ جي مٿان ڪڏهن ڀت ڪري آ؟ ”نہ بابا“ ”ڀلا سائين اوهان جي ڏاڏي مٿان ڪڏهن ڀت ڪري آ؟“ ”نہ بابا سائين“ اوهان جي خاندان مٿان ڪا ڀت ڪرڻ جي هسٽري آهي ڇا؟“ ”نہ بابا“ ڪجهہ ڳالھيون تہ مذاق ۾ ڪيون وينديون هيون مگر ڪجهہ غلطيون نادانستہ بہ ٿي وينديون هيون. اسان جي هڪ دوست جي ڀاءُ جي ڄاڙي بند ٿي وئي. هنگامي بنيادن تي ان جي tracheostomy ڪئي وئي مگر ان وقت بہ اسان کي آڪسيجن ۽ suction machine ملڻ ۾ دقت ٿي هئي. چون ٿا تہ ڄاڙيءَ جو بند ٿيڻ تشنج، دماغي بخار meningitis يا Strychnine poisoning ڪري ٿئي ٿو ۽ اسان واري دوست جو ڀاءُ پاڙي جا حڪيم ٻڌائڻ لئہ سوچي پيو تہ ڪٿي مون واري ڀاءُ ڪو مردانگيءَ ڪمزوريءَ جو ڪُشتو تہ نہ ورتو آ پر اسپتال اندر tetanus جي مريض لئہ بہ ڪو جوڳو بندوبست نہ هو. حقيقت ۾ شين جي سنڀال جي ذميوار نرسن کي ٻين ڪمن ۾ الجهايو ويندو هو. اسان وٽ وقت سان ڪم ڪرڻ، پنھنجو ڪم ڪرڻ، ڌيان سان ڪم ڪرڻ، ذميواري محسوس ڪرڻ ۽ ٻئي جي ڪم ۾ مداخلت نہ ڪرڻ جو اڃان رواج پيو ئي ناهي.
نرسون اسان شاگردن کي ڪو خوامخواه دڙڪا وغيرہ نہ ڏينديون هيون، هنن جا بہ مسئلا ۽ مشڪلات هئا. انھن لئہ بہ society جو sex abuse رويو هاڻي وانگر موجود هوندو هو. اسان جي سماج اندر اڃان مثبت تبديليون آهستگيءَ سان بہ نہ ٿيون اچن. اسان جي فنڪشن ۾ بہ نرسن جو ٿورو گهڻو ذڪر ضرور هوندو هو. مثلا، اسان هيءَ خبر پڙهي تہ:
چانڊڪا اسپتال اندر نرسن ۽ ڪرسين جون شديد جهڙپون ٿيون آهن جن ۾ ڪيترن هائوس آفيسرن جا پيار لڙهي ويا ۽ عشق برباد ٿي ويا آهن ڪيترن ئي هائوس آفيسرن جا نڪ فيوز ٿي ويا آهن البتہ هڪ هائوس سرجن جي ڪن فيوز ٿيڻ جو اطلاع پڻ مليو آهي. انتظاميہ ان جهيڙي کي پھاڄن جو جهيڙو قرار ڏنو آهي.
ڪرسين اڄ انتظاميہ کي آگاھہ ڪيو تہ هائوس آفيسر اسان بدران سڄو ڏينھن نرسن سان ويٺا آهن. انتظاميہ هڪ اعلاميي ۾ اهڙن رجسٽرارن کي هدايت ڪئي آ تہ جيڪي شادي شده آهن ۽ رات جو دير تائين اسٽافن سان چانھہ پيئندا آهن تہ اهي پنھنجي گهرن ڏانھن هيٺيون شيون نہ وٺي وڃن مثلا: وڏي کڙيءَ وارا سينڊل، شيشي جون بوتلن واريون شيون ۽ هٿيار طور استعمال ٿيندڙ ڀاڄيون ۽ ميوا، مثلا: صوف، پٽاٽا، بصر، واڱڻ، گجرون، موريون وغيرہ وغيرہ
بھرحال انتظاميہ هنن کي آنا، ٽماٽر گهر وٺي وڃڻ وقت surf ساڻ وٺڻ جي بہ هدايت ڪئي آ.
انتظاميہ هڪ رجسٽرار جي پڻ نرسنگ اسڪول ۾ پڙهائڻ تي پابندي وڌي آهي جيڪو نرسن کي pelvicanatomy پڙهائيندي پڙهائيندي جذباتي ٿي ويو ۽ بليڪ بورڊ کي ڀاڪر پائي روئڻ لڳو. M. s کيس شادي ڪري اچڻ واري الٽيميٽم سان معاف ڪيو.
اهي طنز مزاح جون ڳالھيون اسان جي زندگيءَ جو هڪ روٽين ۽ حصو هيون ۽ انھن کي ڪو بہ مائينڊ نہ ڪندو هو. حقيقت ۾ انساني instinct ۾ vulgarity, sadism انھن سوچن کي جنم ڏين ٿا، جيڪي حيات جي پٽڙيءَ تي پنھنجي نارمل پٽڙيءَ تي نہ ٿا هلن.
سرجريءَ جي پوسٽنگ دوران اسان کي خوب پڙهايو ويو ۽ انھيءَ جو ڦل اسان کي اڄ بہ ملي ٿو.
اسان کان هڪ سال سينئر ڇوڪرو ڪنھن نرس سال دل لڳائي ويٺو هن جو پنھنجو انداز هو. گيٽ جي ڏاڪي تي ويھي انتظار ڪندو هو تہ جيستائين اها ڇوڪري وارڊ ۾ نہ ويندي هئي هو بہ نہ ويندو هو.
هوڏانھن ڪاليج ۾ اسان جي Pharma cology pathology جي پڙهائي شروع ٿي، سائين غلام رسول جو ليڪچر اسان کان نہ وسرندو جنھن ۾ هن ٻين ڳالھين سان گڏ اسان کي infection جو major cause kiss ٻڌايو هو ۽ ان چميءَ جو بحث اسان جي ڪلاس ۾ ايترو ڇڙيو هو، جو اميتاڀ جي گاني ، چمان چمان دي دي چمان چمان جو بہ نہ ڇڙيو هو.
اسان بہ هڪ ڳالھہ کي وٺي ويھي رهياسون ۽ هر نوٽ بوڪ ۾ چميءَ متعلق ڪو نہ ڪو جملو، پھاڪو، چوڻي، ٽيڙو، چوسٽو، نظم آزاد نظم هوندو هو.
جنھن جا مثال هينئن ڏجن ٿا:

1. مون کي مذهب پاڙهيندي،
ڪانن nun ويچاري،
چميءَ جي سوال تي ڇرڪي وئي!
پوءِ سرندي سرندي،
آرس ڀڃندي،
منھنجي بدن سان چهٽي وئي.
2. او ڇيڏري ڇوڪري،
سونھن جي ڀري گلابن جي ٽوڪري،
رابيل جي پازيب سان،
چندن سان واسجي،
وار پنين ٻڌي،
جوانيءَ جي هٻڪار سان،
۽ پنھنجي پيار سان،
پنھنجي پيرن هيٺان ڪڍي، ڳل جو لاتو هيئي،
۽ وڏي چاھہ سان،
جوان اتساھہ سان،
گلابي چپن رس،
جا اندر ۾ هاري ڇڏيئي،
جيءَ زندان مان اڏامي اچي،
ڄڻ امرت جو ن سرڪيون ڀري،
حيات جي زم زم سان ويو ڌوپجي،
او پوپري، ڪيئن حيات،
جي ميلي ۾،
گهڙي ممات تائين،
ڪيئن ٿو توکي وساري سگهان!


۽ ٻيو ذلالت جي خول ۾

تون بہ مھذب مان بہ مھذب.
تون بہ مقدس مان بہ مقدس.
تون مدرس مان مسيحا،
ڏوھہ منھنجو ڀي نہ ڪوئي،
تون سراسر آهين حيا،
پر اڄ شھر جي باغ ۾،
پنھنجي چپن کي گڏ،
شھر وارن ڏسي ورتو،
هو ڏاهو بہ ڀڻڪيو،
هو ملو بہ ڦتڪيو،
شھر ۾ پنھنجي
سنگساريءَ جا اعلان ٿيا،
هر زانيءَ هٿ ۾ پٿر کنيا،
حجري جي ڏوهيءَ لفظ چيا، سنگ ماريو، سنگ ماريو،
شريف ماڻھو،
رهن ٿا ذلالت جي خول ۾،
پر تون تہ ڄاڻين ٿي،
پنھنجي ان ذلالت جي خول ۾،
پنھنجا ڪيڏا پيار لمحا،
رنگين گهڙيون حسين يادون،
امر چميون قيد هن!


سرجريءَ جي پوسٽنگ کان پوءِ اسان جي پوسٽنگ شيخ زيد گائني ۾ ٿي، ٿيوري ۾ اسان جڏهن بيڪٽريلاجي ۽ پيٿالاجي پڙهڻ شروع ڪئي تہ سمجهيوسين تہ سڀ بيماريون اسان ۾ آهن گهڻن تہ پنھنجا بسترا اس ۾ رکي انھن کي solarenergy سان sterlize ڪرڻ شروع ڪيا. هر شاگرد پيٿالاجي پڙهي پاڻ کي بيمار سمجهندو هو. پر جڏهن سائين رحيم صاحب فارما پڙهائي تہ سمجهيوسين تہ انھن بيمارين جو علاج بہ آهي. انھن ڏينھن ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب جو بيڪٽيريالاجيءَ تي سنڌيءَ ۾ ڪتاب ”انسان جا پراسرار دشمن“ ٽئين سال ۾ شوق سان پڙهيو ويندو هو. Therapeutic وزير صاحب پڙهائيندو هو. ليڪچر کانپوءِ پريڪٽيڪل ۾ بہ ويندا هئاسون ان وقت فارماڪولاجي ۽ پيٿالاجي ڊپارٽمينٽ هاسٽل 2 ۽ 3 جي پويان واري بلڊنگ ۽ مسجد ڀرسان هونديون هيون هاڻي خبر ناهي ڪٿي آهن.
اهي ڏينھن هيا جڏهن ملڪي حالتون بگڙڻ شروع ٿيون هيون ۽ انھن جا تعليمي ادارن تي اثر پھتا هئا. پرو چانڊيي ۽ جلال چانڊيي جو ذڪر ضرور نڪرندو هو. جلال شاگرد ان حوالي سان ٻڌندا هئا تہ ان پنجابي ۽ سرائڪي موسيقيءَ جو سنڌي حلقو گهٽايو هو ۽ ماڻھن عطاءُ ﷲ نيازي ۽ عنايت حسين ڀٽي ٻڌڻ ڇڏي ڏنو هو. پروءَ لاءِ بہ چوندا هئا تہ هو سنڌ جو رابن هڊ آهي جيڪو اميرن کان مال ڦري غريبن ۾ ورهائي ٿو. چانڊڪا ۾ ھڪ شاگرد سينئر چانڊيو ھيو. جنھن جي شڪل شبيھ، قد بت، بناوٽ ڊي . ايس. پي کان گهٽ ڪو نہ هوندي هئي. ان سان ملڻ لئہ جيءُ جگر گڙدو کپندو هو. سمھندو انڊر ويئر سان هو ڪڏهن ڪڏهن اهو تڪلف بہ نہ ڪندو هو. ٽوال ٻڌي باٿ روم ۾ ويندو هو ۽ اڪثر ڪري اهو ٽوال باٿ روم ۾ ئي وساري ايندو هو. هڪ دفعي لاڙڪاڻي اسٽيشن تي هڪ صوبيدار کي رهڙ ڏيندي چيائين ”اڙي ڇورا وڃ گولڊليف جو پاڪيٽ وٺي آءُ“. صوبيدار سمجهيو هي پڪ سان ڪنھن ضلعي جو ايس پي هوندو سو سلوٽ ماري هن کي سلام ڪري گولڊليف جا پاڪيٽ وٺي آيو. سو دليري ۽ همت ان وٽ بي تحاشا هوندي هئي پر نيازمنديءَ جو تہ شھنشاھہ هو.
اسان جي انتظاميا وٽ ان چانڊئي ڇوڪري جو روم بہ وڏي اهميت رکندو هو. هاسٽل لئہ سفارشون ٿينديون هيون مگر accomodation نہ هوندو هو. هڪ گلگتي ڇوڪري مٿان کان سفارش ڪرائي تہ انتظاميا چيس تہ ٻيون تہ هاسٽل سڀ ڀريل آهن هڪ ڇوڪري جي روم ۾ جاءِ خالي آهي. ان سان ڪو بہ ڇوڪرو رهڻ لئہ تيار نہ آهي جي اوهان چئو تہ اوهان جي الاٽمينٽ ان ۾ ڪيون گلگتي ڇوڪرو بہ athlet ۽ sports man هو ، چيائين ”سر مين رھہ لون گا“ ۽ جڏهن هو سامان کڻي ڪمري ۾ آيو تہ ان سينئر ان جي ڏاڍي عزت ڪئي ڇوڪري سمجهيو تہ ڇوڪراان سان هروڀرو نہ رهندا هئا.
مگر جڏهن رات ٿي ۽ گلگلتي سمھڻ جي تياري ڪئي ۽ هو ٽاپ ليس ٿي پنھنجي بستري تي سمھي پيو گلگتيءَ چيس ”پارٽنر آپ ايسي سوتي هين!”
”جي جناب مجهي گرمي بھت لگتي هي اور مين فطرتي لباس مين رهنا پسند کرتا هون!”
صبح جو سوير گلگتي ٽپڙ ويڙهيا ۽ ڇھہ مھينا لاڙڪاڻي جي هوٽل ۾ ترسيو.
اسان مان ڪجهہ ڇوڪرا تہ پوسٽنگ دوران انجيڪشن روم ۾ هليا ويندا هئا ۽ اتي انجيڪشن سکڻ سان گڏ ڪو عشق جو تير، محبت جو پيغام اڇلائي ايندا هئا.
جلال جو هي گانو چانڊڪا جي شاگردن کي برزبان ياد هوندو هو.
کلڻ تي ڪو بہ خوش ناهي روئڻ تي آهي پابندي
ڪيئن محبوب سان ملجي ملڻ تي آهي پابندي.
گائني جي پوسٽنگ وقت شيخ زيد عروج تي هئي ۽ ان جو ac پلانٽ باقاعدہ ڪم ڪندو هو. ميڊم بلقيس جو وڏو نالو ۽ ڏهڪاءُ هوندو هو ان تي استادن واري سيڪشن ۾ لکبو.
گائني جي پوسٽنگ دوران اسان ڏاڍا ريگيولر، پنڪچوئل، اوبيڊنٽ ۽ good looking ٿي ويندا هئاسون. گائني ڪافيDisciplined ڊپارٽمينٽ هوندي هئي پر اتي بہ ميڊم سان ڪجهہ ئي ڊاڪٽرياڻيون اٽيچ هيون. باقي وچاريون ليبر روم کان o. t ، o. t کان ward، وارڊ کان پيئنگ وارڊ، پيئنگ وارڊ کان سيمينار روم، حتيٰ ڪه ڊاڪٽرياڻيون ويچاريون ليبارٽري ۽ ايڪسچينج تائين سمورو ڪم پاڻ ڪنديون هيون. هنن کي ايترو وقت ئي نہ هوندو هو جو ڪنھن سان ڳالھائن اسان انھن سان ڳالھائڻ جي آس روز دل ۾ کڻي ويندا هئاسون ۽ آس ساڳي ئي صورت ۾ واپس آڻيندا هئاسون.
هڪ ڏينھن ڏٺم تہ هڪ پوڙهي هڪ ڊاڪٽرياڻيءَ جي ايپران ۾ چيونگم وانگر چنبڙي پئي آ. ڪنھن مھل هٿ پئي ٻڌيس، ڪنھن مھل پئسا پئي ڏيکاريس، هن جي ڳالھہ ٻڌڻ کان پوءِ ان فرشتہ صفت هائوس آفيسر جي منھن تي پريشاني ائين اچي ڪڙڪي جيئن ڪڏهن ڪڏهن سانوڻ جو مينھن ڳڙي سان وسندو آهي. مان وارڊ مان نڪري هڪ مريض جي هسٽري وٺڻ ويس. ڪلاڪ کان پوءِ اها ادڙي مون وٽ آئي ۽ ان منھنجي اندر ۾ هڪ اهڙي ڳالھہ اوتي ڇڏي، جھڙي سائنائيڊ بہ نہ اوتيندو آهي ۽ مان ڳيت ڏيندو رهجي ويس.
هن چيو هو تہ تون بس اسان کي دوائون وغيرہ اسٽور تان آڻي ڏي يا ٻاهر جي ڪم ڪار ۾ مدد ڪر، مون کي ايترو بہ ياد آهي تہ ان ويچاريءَ ان معذور ڇوڪريءَ جي علاج جا پئسا بہ پاڻ ڏنا هئا جيڪا جوانيءَ جي اڏيءَ تي چڙهي اچي شيخ زيد پھتي هئي.
۽ جڏهن مان ليبر روم جي ٻاهران بئنچ تي ويھي هي نظم لکيو هو:


من اندر جي آتما،
جڏهن ٿي جوانيءَ،
جي اڏيءَ تي چڙهي،
حرڪتون جسم جون،
ٿڙٿڙ ڪندڙ چپ،
ٿا بي حيائيءَ لئہ ،
بيقرار ٿين.
فطرت پنھنجي،
بقا جي چڪر ۾،
ڪيئن ٿي جوڙا ڳولي،
ٿا نسل ناپيديءَ،
کان ڊڄن.
شھوتون ذهن تي،
سوار ٿين،
لفظ وعدا پيار جا،
پنھنجي ماديت گهرن،
سونھن سوڀيا، من
اندر جون خواهشون،
دريءَ کان ليئا پائي ڏسن،
واٽ ويندڙ جوان جڏهن،
ٿا متوجهہ ٿين.
زبانون خاموش بنجن،
۽ اشارا ٻولي ٿين.
وجود جي بقا لئہ،
جڏهن انسان ٿو،
جاکوڙ ڪري ،
پريت پيار سنيھا،
نينھن جا رڪن ٿين،
۽ جڏهن جسم،
اذيت جي دوري،
ڇڏي هڪ ٻئي سان گڏجن،
پوءِ ڪيئن ٿو سماج،
ڪرکڻي،
تهمتون، سازشيون،
چغليون،
پنھنجي چوٻولن سان،
گهٽيءَ گهٽيءَ،
گردش ڪن.
مذهب، ماڻهپا،
سماجي قدر،
ذات پات جا چڪر،
۽ اسان جي وڏيرن جي،
پڳڙين جا ور،
ڪيئن اڀا ٿي پون،
انا ۽ عزت جي نانءُ تي،
شان ۽ شوڪت جي نانءُ تي،
ماڻھن جي مقدر جا،
فيصلا ٿا مقدم ڪن.
جت ڪوٽن ۾ بند امانتون،
هردم پنھنجي قيد جي،
قيمت ڀرن.
اتي، سوچ، ڏاهپ،
ڪوٽن جون اوچون ديوارون،
سڀ بنجي خاموش تماشائي،
نانءُ انسانيت جي ماتم ڪن.
هي لفظن جا ڪوڙا معزز،
هي مڇون وٽيندڙ معزز،
هي ڏاڙهيءَ جا وار پٽيندڙ معزز،
هي جنس جا پڄاري،
انڌا ۽ منڊا،
جسمن جا بکاري،
شرم کان هميشہ نا آشنا رهن ٿا.
نہ هي سوچن،
نہ هي سمجهہن،
زمان هن ۾ انسان جي آمد،
سڀئي راز ڪائنات جا سھيڙي آئي،
نہ پولارن تي پھرو،
نہ خلائن تي پھرو،
نہ چنڊ تي پھرو، نہ ستارن تي پھرو،
نہ ڪا سج ڪرڻ پنھنجي،
اچڻ جا پئسا گهري ٿي،
نہ هوا ئي ڪنھن سان،
تعصب ڪري ٿي،
زمين بہ پنھنجي مرضيءَ سان،
گردش ڪري ٿي،
نہ کيتن تي پھرو،
نہ باغن تي پھرو،
نہ ندين تي پھرو،
نہ پھاڙن تي پھرو،
نہ عملن تي پھرو، نہ جذبن تي پھرو،
پوءِ هي ڇو حق اسان،
کان گهمڻ ۽ ڦرڻ جو،
باغن ۾ نچڻ ۽ ڪڏڻ جو،
ندين ۾ ترڻ، کلڻ جو،
۽ سرعام هڪ ٻئي کي،
چمڻ جو حق،
کسيو ڇو ويو آ.
ڀلا جوانيءَ جون،
خدا قيد ڪيون،
ڇو نہ سوچون،
اسان لمحي لاءِ جي،
بدليون سوچون،
تہ پوءِ ڌرتيءَ جي ناري،
نہ ٿيندي ڪاري!

۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ليبر روم جي بئنچ تي ويھندي لکندي هر ڪو مون کي معنيٰ خيز نظرن سان ڏسندو پئي ويو منھنجو منھن ڪتابن ۾ هو ۽ پوءِ ساڳي ڪراڙي زندگيءَ جي چيٽ کانسواءِ ميري ڪپڙي ۾ ڪو ٿڌڙو جيون کڻي ڄڻ شيخ زيد مان اڏامي وئي ۽ ساڳي ڊاڪٽرياڻي ٻاهر نڪري چيو ”ادا تون بلاشڪ وڃ تنھنجي مھرباني!“ جنھن ڪرب، درد، پيڙا ۽ ڀوڳنا مان اها سندر ڊاڪٽرياڻي نڪتي اها خود اها ئي ڄاڻندي هوندي ۽ مان شام واري بس ۾ چڙهي ڪاليج آيس. الائي ڇو مون وٽ ٿڪ، بيزاري، بيقراري ڪو نہ هئي ۽ رات جو حسب معمول ڊائريءَ ۾ لکيم.

“حرامي ٻار”

جڏهن جواني مرگهہ جيان،
چالون هڻي ٿي،
۽ ترڇي نظر،
ڇالون هڻي ٿي.
جڏهن رات اونداھہ ٿئي ٿي،
جڏهن روشن پرين راھہ ٿئي ٿي،
اجرڪ ۾ ويڙهيل جواني،
ڇو اڱڻ پرينءَ جي اچي ٿي،
ڇا اها ڇڪ پيار جي آ؟
يا سھڻي يار جي آ.
يا اندر جون گهرجون،
جوانيءَ جا لوڏا،
هو عضون جو سيسراٽيون،
جسمن کي چقمق،
جيان گڏائي ڇڏن ٿيون،
۽ جڏهن ساھہ ماٺار ٿئي ٿي،
۽ ڀاڪر ڍرا ٿي پون ٿا.
جڏھن لب پيوست،
پنھنجي مستي وڃائي،
ڇڙا ٿي پون ٿا،
جڏهن عورت جو،
عورت پڻي جو ڦيرو،
رڪجي وڃي ٿو.
اتان درد نئون،
شروع ٿئي ٿو،
ممتا ۽ مامتا،
اندر ۾ صليبن تي،
لٽڪي
ڪا نئين زندگيءَ ،
جي چيٽ ٻڌن ٿيون.
ڪو ڪھاڙين ڦرها،
بندوقن جون ناليون،
خوف ۾ ڏيک،
موت جو ڏين ٿيون.
۽ ڪراڙيون سرٻاٽن،
۾ ڪڇن ٿيون.
ڪا دائي ڪا مائي،
ڪا منڊم معتبرياڻي،
يا ڪا نئين پڙهيل ڊاڪٽرياڻي،
هن نئين جيون کي،
سلي ۾ ئي رولي وٺي،
پوءِ ماٺ ئي ماٺ ۾،
خدا جون خلقيل جوانيون،
رواجن جي اڏيءَ چڙهن ٿيون.
ڪئي مائرون، داين کان،
سيکڙاٽ، ڊاڪٽرياڻين کان،
مرن ٿيون.
هو پيرن ۾ رلندڙ روا مامتا جا،
هو سوريءَ تي چڙهندڙ،
جذبا مامتا جا،
جي ويڄن جي جٺ مان بچي ٿا پون،
مگر اندر ئي اندر ۾ پچي ٿا پون،
ڪي پيار جون نشانيون،
ڪي محبت جا تحفا،
گٽرن ۾ گم ٿيا،
ڍيرن تي اڇليا،
يا ڪتن جي واتن،
۾ چچريا!
شھر جي
معزز جي خالي پينگهن ۾،
شھر وارا ئي پھتا.
پر ڳوٺ وارا ٻارڙا،
حرامي ئي نڪتا،
ان لاءِ نہ تو ڏٺا
نہ مان ڏٺا.


شيخ زيد ۾ جڏهن گائنيءَ جي هسٽريءَ وٺڻ وياسون تہ اسان سان ذڪيہ ميرونا جي ڪارٽون جھڙو ڇوڪرو بہ هو. ڊاڪٽر ذڪيہ ميرونا ان وقت ڪارٽون ٺاهيندي هئي ۽ انھن ڪارٽونن ۾ اڪثر ڪردار چانڊڪا جا ئي هوندا هئا. اسان جڏهن پنھنجي هڪ مئگزين لئہ ڪارٽونن لئہ عرض ڪيو تہ هن انڪار ڪيو. ڪارٽون جو عنوان هڪ پروفيسر هو. ڊرامي جي ان سين تي ڪارٽونن جو خيال تڏهن آيو جڏهن واقعي ڪنھن سائينءَ جي نرس سان دل ڏيڻ جي ڳالھہ چانڊڪا ۾ زير بحث آئي.
ڊرامي جو سين هو
”هڪ ڊاڪٽر ڪنھن پروفيسر جي مٿي تي هٿ رکندي چوي ٿو ”سائين اوهان پروفيسر آهيو مريض اڇلي پوي ٿو سائين اوهان کي ڪئين خبر پئي؟”
”سائين اوهان کي ميڄالو ڪونھي؟”
پروفيسر: ”سائين اوهان جو ميڄالو بہ مون جي ميڄالي وانگر شاگردن چٽي ورتو هوندو!“ پوءِ ڊاڪٽر پروفيسر جي ساڄي پاسي تي اسٽيٿ رکي اڇلي ٿو تہ ”سائين اوهان کي دل ئي ڪونھي“.
ڀڪ سان بيٺل نرس ڊاڪٽر کان سوال ڪري ٿي ”ڊاڪٽر هن کي دل نہ هجي ۽ هي زندہ هجي اهو تہ ناممڪن آهي“.
ڊاڪٽر: ”اسٽاف، هن دل ڪنھن کي ڏئي ڇڏي هوندي! “.
نرس: ”سر دل بہ ڪا ڏيڻ جي شيءِ آهي ڇا؟”
ڊاڪٽر: ”جيئن مون توکي ڏئي ڇڏي آهي!”
اهو ڪارٽون جھڙو ڇوڪرو جڏهن هڪ ڪراڙيءَ کان هسٽري وٺڻ ويو تہ ان وقت mensturation cycle متعلق سنڌيءَ ۾ لفظ ڪو نہ هئا ۽ اسان ان مناسبت سان ان جي مناسب رهنمائي ڪئي هئي.
ڇوڪري ڪراڙيءَ کان سوال ڪيو.
”امان: اوهان کي ڪپڙا ايندا آهن؟”
ڪراڙي جواب ڏنس ”ڇو ڪپڙا پڻھين موڪليا آهن؟”
وري ڇوڪري شرمندہ ٿيندي ڪراڙيءَ کي چيو تہ
”امان اوهان کي ماهواري ايندي آهي؟”
وري ڪراڙي رهڙ ڏيندي چيس ”وڃ ماڻھين کان پڇ ان کي ماهواري ايندي آ، ڪو نہ، وڃ بي شرم ماءُ جيڏيءَ سان عشق ڪرڻ آيو آهين ڇو ٿو اهڙا بي حيائيءَ وارا سوال پڇين؟”
پوءِ اسان ان ڪارٽون جھڙي ڇوڪري جون سڀئي ڪارٽون جھڙيون شڪليون ڊاڪٽر ذڪيہ ميرونا جي مدد کانسواءِ ئي live ڏٺيون.
گائني ۾ پوسٽنگ دوران باقاعدہ ڪلاس ٿيندا هئا ۽ باقاعدہ اسان بہ وينداهئاسون. شيخ زيد جي ٻاهرين لان ان وقت شھر جي عاشقن جو مسڪن هوندي هئي. چوڪيدار انھن کي ائين ڊوڙائيندا هئا جيئن رات جو پوليس وارا فوٽ پاٿن تي ستل فقيرن کي ڊوڙائيندا آهن.
پيڊيا ٽرڪس جي پوسٽنگ دوران اسان گهٽ وياسون ۽ اهو دور بہ شيخ زيد ۾ گذاريوسين. پيڊياٽرڪس ڊپارٽمينٽ جيتامڙن سان ڀريل هوندي هئي ۽ اڪثر gastro جا ڪيس ايندا هئا. مستقبل جي معمارن سان اسان جا ڊاڪٽر پوري پوري جنگ ڪندا هئا ڇو جوان دور ۾ بہ چانڊڪا جي اسٽيج تي ٽيگور جو هي بيت خوب ٻڌايو ويندو ھو.
جڏهن مان نئين ڄاول ٻار جي چيٽ ٻڌندو آهيان
تہ سمجهندو آهيان تہ خدا اڃان انسان مان مايوس نہ ٿيو آهي
۽ جيستائين معصوم ٻار ٽھڪ ڏيندا رهندا جيستائين مائرون مرڪنديون رهنديون، تيستائين شاعرن ۽ اديبن لاءِ تخليق ۾ ميدان تنگ نہ ٿيندو.
ٽئگور جي گيتانجليءَ جو ان وقت شايد سنڌي ترجمو ڇپيو هو پوءِ شايد اسان کان پوءِ وارين بئنچن ۾ ڊاڪٽر رند ان جو سنڌي ترجمو ڪيو آ.
رابندر ناٿ ٽيگور کانسواءِ ان وقت شرميلا ٽيگور بہ آرٽ فلمن جي حوالي سان چانڊڪا ۾ مشھور هئي خاص طور تي گلزار جي فلم ”موسم“ ۾ جنھن ۾ هوءَ ڪنھن ڊاڪٽر جي محبوبا هئي.
سوپيڊيا ٽرڪس ڊپارٽمينٽ جا ڊاڪٽر وسيلن جي اڻھوند هوندي بہ ننڍڙين زندگين کي بچائڻ ۾ مصروف هوندا هئا ۽ پيڊس ڊپارٽمينٽ جي رات انھن لاءِ عذاب ۽ اوجاڳي جي رات هوندي هئي ڇو جوmortalility rate وڌيڪ هو، هر هائوس سرجن چاهيندو هو تہ هن جي نائيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ موت ٿين ۽ انھن ڪمزور، نٻل ٻارن مان بہ ڪو روسي ڪھاڻيءَ جو ڪردار ٿئي.
روسي ڪھاڻي هئي
”هڪ ڊاڪٽر وٽ هڪ ماءُ هڪ ضعيف نٻل ٻار کڻي آئي جنھن جي پٺيءَ ۾ وڏو ڳوڙهو هو. ڊاڪٽر ماءُ کي چيو تہ هي ڇا ڪندو. هي ڇا بچندو. هي تہ اپاهج ٿيندو، بھتر ٿيندو تہ تون هن لاءِ ايڏي تڪليف نہ ڪر ۽ هن ٻار کي آرام سان مرڻ ڏي.
ڪافي سالن کان پوءِ اهو ڊاڪٽر هڪ نوجوان ڪٻڙي ڊاڪٽر کان پنھنجي هڪ پيچيدہ آپريشن ڪرائي ۽ ان ڊاڪٽر جو دوست ٿي ويو. ڪٻڙي ڊاڪٽر هڪ ڏينھن ان ڊاڪٽر کي پنھنجي بچپن وارو قصو ٻڌايو جيڪو هن جي ماءُ هن کي ٻڌايو هو تہ هڪ ڊاڪٽر هن جي ماءُ کي صلاح ڏني هئي تہ هوءَ هن کي آرام سان مرڻ ڏي. ڳالھہ ٻڌڻ کان پوءِ وڏو ڊاڪٽر ڏاڍو لڄي ٿيو ڇو جو صلاح ڏيندڙ ڊاڪٽر اهو خود هو“.
۽ اسان فورٿ ايئر ۾ فائنل ايئر ۾ بہ آءِ ۽ اي اين ٽي جي پوسٽنگ کي ڪا لفٽ ڪو نہ ڪرائي پر گائني جي پوسٽنگ جو ڪو ڏينھن هوندو جو اسان گسايو هجي نہ تہ بہ اچي سيمينار روم ۾ پڙهائي ڪندا هئاسون. انھيءَ ئي سيمينار روم ۾ لکيل هڪ پيار پتر اوهان لئہ عرض آهي.
”هي اهو تخليقاتي خط آهي جيڪو فائنل ائير جو شاگرد پنھنجي محبوبا کي گهر جي ائڊريس تي اماڻي ٿو ۽ حتيٰ الامڪان اها ڪوشش ڪري ٿو تہ هي خط ان جي پيءُ کي سمجهہہ ۾ نہ اچي“.
”او منھنجي ايسپرن aspirin جھڙي اڇي.
سيڪرن (saccharin) جھڙي مٺي،
ڪارٽيڪو اسٽيرائيڊ corticosteried جھڙي ڪارائتي،
ايڊرنلين جھڙي اثرائتي adrenaline،
مارفين morphine جھڙي غشيلي،
ڪلور پرومازين chlorpromazine جھڙي نشيلي،
هيلوٿين جھڙي بي حس،
آرسينڪ جھڙي خطرناڪ،
پينسلن جھڙي چڙاڪ،
۽ surfactant جھڙي مھانگي محبوبا!
جيڪڏهن مان تنھنجي فگر figure فارماڪولي ۾ نہ بدلايان ها تہ لوڪ توکي ٻولاهي ڪوٺي ها.
مان جڏهن توکي پھريون دفعو ڏٺو تہ تنھنجو عڪس ريٽينا retina کان ٿيندو آپٽڪ نرو optic nerve ۾ پھتو. آپٽڪ ڇئازما Optic chisma چيريندو آپٽڪ ٽريڪ optic tract لتاڙيندو، آڪسيپٽيل occipital جي ايريا 17، 19 ۾ پھتو ۽ مون توکي thalamus ۾ سانڍي ڇڏيو ان وٽ منھنجي هائپو ٿيلميس جو پوسٽيرر نيوڪلاءِ تڙپي اٿيو هو،شابس آvaga;escpe کي جنھن دل جي رفتار تي ڌاڙو لڳڻ نہ ڏنو.
تنھنجون مٺڙيون مٺڙيون ڳالھيون منھنجي سيني ۾ پڪنچرڊ punctured wound ڪنديون پيريڪارڊيم pericardium ڪٽينديون، مايوڪارڊيم myocardium ۾ پھتيون ۽ مون کي grevious injury گريويس انجري ٿي پئي، شابس آهي سرجريءَ وارن کي جن هرٽ لنگ مشين heart lung machine تي رکي اوپن هارٽ سرجري open heart surgrry ڪري ڪورونري آرٽيز coronary arteries مان اهو ايمبولاءِ emboli ڪڍي ورتو نہ تہ منھنجي زندگيءَ جو ٽراءِ پاڊ tripod بيھي رهي ها.
رسپائريشن respiration برين brain ۽ سرڪيوليشن circulation جي سزيشن cessation ٿئي ها. باڊي ٽيمپريچر body temperature ختم ٿئي ها، آءِ بال فڪس eyeball fix ٿئي ها. رائگرمارٽس rigor mortis اچي وڃن ها. اڃان بہ پيوٽريفيڪشن putrefaction ايڊيپوسر adipocere يا مميفڪيشن mummification ۾ هليو وڃان ها.
مان تنھنجي ڪري پنھنجي گلائڪوجن glycogen واري وجود کي ٽوڙي ڇڏيو، بابي جي دٻ سان گلوڪوز ون فاسفيٽ glucose I phosphet ٿيس پوءِ گلوڪوز سڪس فاسفيٽ glucose 6 phosphet ٿيس آخر وڃي پائريويٽ pyruvate تي پھتس شابس آ تنھنجي امڙ آڪسيجن oxygen کي جنھن مون کي سٽرڪ ائسڊ سائيڪل ۾ citric acid cycle ۾ داخل ڪري ڇڏيو نہ تہ مان تہ ليڪٽيٽ lactate ٿيان ها. رات مون کي تنھنجي ياد جا ليبر پين labour pains شروع ٿيا بستري تي ائين تڙپيس ڄڻ فارسيپ ڊليوري forceps delivery ٿيندي هجي صبح جو اٿڻ وقت منھنجو رنگ نيئونيٽل جانڊس neonatal jaundice جھڙو ٿي ويو. شابس آهي psychology جي سوچن کي جن تنھنجي گهر جو اتو پتو ڏسي ورتو نہ تہ مان راهن ۾ ئي رلي وڃان ها.
مان ڊرمس dermis مان پيھي epidermis ۾ آيس اپي ڊرمس کان ٿيندو هاپئو ڊرمس hypodermis ۾ پھتس، سپر فشيا super fascia لتاڙي ڊيپ فيشيا deep fasia ۾ پھتس، اپيٿيليم epithelium ۽ ڪنيڪٽوٽشو connective tissue مون کي ڪجهہ بہ نہ چيو، مان هيليوس بريوس hallius brevis ۽ لانگس longus جي بلڊ سپلاءِ blood supply ڳوليندي آرٽيرل ايناسٽموسس rterial anastmosis ذريعي اينٽيريل ٽيبل آرٽري تي پھتس anterior tibialتان پاپليٽيل papliteal تي پھتس پوءِ فيمورل femoral ۾ داخل ٿيس.
فيمورل آرٽري femoral artery کان ايڪسٽرنل اليڪ external iliac آيس بعد ۾ ڪامن اليڪ commoniliac کان ورندو تنھنجي گهر واري وڏي شاهراھہ ايبڊومينل ايئارٽا abdominal aorta ۾ گهرِيس اتان ٿوريسڪ ايئارٽا thoracic aorta ۾ پناھہ ورتي پوءِ ٿوريسڪ thoracic aorta کان ٿيندو تنھنجي گهر واري وڪڙ آرچ آف ايئارٽا arch of aorta کان مڙندو تنھنجي گهر جي دوازي ايئارٽا aorta وٽ آيس. اتي مون فارين باڊي foreign body ٿي دروازو کڙڪايو. تنھنجي امڙ هسٽمين histamine موسان دوکو ڪيو تنھنجي پيءُ ڊبليو، بي، سي w. b. c کي سڏي آئي جن تنھنجي ڀائرن بيسووفل basophil، ايزينوفل eosinophil، نيوٽروفلneutroplus لمفوسائيٽ lymphocyte ۽ مون سائيٽ monocyte کي سڏي منھنجو گهيراءُ ڪيو. پوءِ تہ انفليميشن inflammation واري لڙائي ٿي. ڏي فيور fever ڏي ٽيومر tumor ڏي پيلر pallor ڏي ريبور rubor تو وارا همراھہ لاس آف فنڪشن loss of function ۾ هليا ويا مان بہ نود ٿي بيٺس، آخر جائنٽ سيل giant cell ٿي ڀڄايائون.
مان سمجهہان ٿو ان جهيڙي ۾ تنھنجي گهر جي ديوار ۾ وونڊ wound ضرور ٿيو هوندو. جتان يا مان اچي سگهان ٿو يا تون ٻاهر نڪري سگهين ٿي. پر تو وارو ڏاڏو برين brain بہ ڏاڍو سياڻو آ. جنھن تنھنجي چاچي ڪلاٽنگ clotting کي چيو آهي تہ هوءَ مون کي تنھنجي وجود ۾ اچڻ نہ ڏي. ۽ تنھنجي ڀينرن فبرينوجن fibrinogen ۽ پروٿرمبن prothrombin چوڪيداري شروع ڪئي آهي تہ جيئن مان تنھنجي اندر اچي نہ سگهان.
پر پياري ٻڌي ڇڏ مان تنھنجي اندر مليريل پيراسائيٽ malarial parasite وانگر سوڊيو پارٽ psendo part بنجي تنھنجي سموري اميونٽي immunity کي دوکو ڏئي سگهان ٿو پر مان تو کي ڊزيزڊ diseased ڪرڻ نہ ٿو چاهيان، جڏهن کان تنھنجي پيار جي پيراسائيٽ parasite چڪ پاتو آهي لو love جي ان لاروا larva ڪري مون کي تہ مليريا malaria ٿي پئي آهي. سيءُ، تپ، بخار، لڱن ۾ سور پر ان باوجود بہ مون توکي جگر ۾ جاءِ ڏني آهي. اتي جيڪڏهن تو آر، بي، سيز R. B. CS کي مارڻ شروع ڪيو يا اسپلين spleen کي انلارج enlarge ڪيو تہ مان وڃي ميڊيسن کي دانھن ڏيندس جتان ريسوچين resochin ايندي ۽ توکي پاڻھي ڀڄائي ڪڍندي.
اڄ مان توکي ٻڌائي ٿو ڇڏيان تہ منھنجي رستي ۾ ڪنھن بہ ڊي اين اي DNS وانگر ايس آبسٽرڪشن obstruction ڪئي تہ مان ان جي ايس، ايم، ار S. M. R ڪرائي ڇڏيندس جيڪڏهن ڪنھن Rhinitis بڻجي منھنجو رستو روڪيو تہ مان ان جي ڪارٽري caurtery ڪرائي ڇڏيندس. پياري اچ تہ تون ۽ مان سنجيدہ ٿي محبت جي ميڊيا media تي قرب جون ڪالونيون ٺاهي گرام رنگت جي ميندي لڳائي pneumacocci وانگر جوڙو بنجي وڃون، شادي ڪري ڇڏيون پر اي دلربا جيڪڏهن تون مون سان پيار ڪرڻ ۾ سچي ناهي تہ پوءِ مان تنھنجي اندر ميلگننٽ malignant ٿي ايندس ۽ توتي سڄي ڪيموٿراپي chemotheraphy ريڊيو ٿراپي radiotherapy ۽ سرجري surgery ناڪام ٿي ويندي پر جيڪڏهن تنھنجي بچڻ جا ٿورا بہ چانس ٿيا تہ پوءِ مان تنھنجي اندر aids ٿي ايندس تنھنجي سموري اميونٽي immunity کي سپريزsupress ڪري توکي مھينن ۾ ماري ڇڏيندس.
تنھنجي منھنجي ملاقات اڳي پوءِ ڊائسيڪشن هال dissection hall ۾ تہ ٿيڻي آهي. بھتر آ تہ پاڻ اهڙي نوبت کي اچڻ ئي نہ ڏيون پر شادي ڪري ڇڏيون.
پياري هي خط پڙهڻ کان پوءِ ڪول coal جھڙي ڪاري نہ ٿجان ۽ sodium جھڙي کاري نہ ٿجان، ايٽروپين atropine جھڙو گرم اثر نہ ڏيکارجان ۽ پراسپرٽ وانگر ٿڌڙي ٿي هوائن ۾ اڏري منھنجي ڳولا ڪجانءِ.
هي خط مون ٻہ دفعا پڙهيو هڪ s. s. t سنڌي شاگرد تحريڪ جي ڪنھن فنڪشن ۾ ۽ ٻيو سپاف جي فنڪشن ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ واري فنڪشن ۾ جڏهن مان هي خط ٻڌائي رهيو هوس تہ ان وقت ريفريشمينٽ جو سامان سامعين ۾ ورهايو پئي ويو ۽ منھنجو خط ڪنھن بہ نہ ٻڌو پر جڏهن سپاف جي فنڪشن ۾ گلوڪار نہ پھتا تہ عطا چانڊئي چيو تہ ماڪا ڪجهہ منٽ هنن ماڻھن کي الجهائي رک، ان فنڪشن ۾ ان خط جي هر لفظ سان هوڪارا ٿيا ها. جيڪي منھنجي ڪنھن بہ تخليق تي نہ ٿيا ها ۽ ايترو داد مون کي ڪڏهن بہ نہ مليو هو.
هوڏانھن اسان کي ڪاليج ۾ فورٿ ايئر ۾ هائجن ۽ اسپيشل پيٿالاجي بہ پڙهائي ويندي هئي. جيوروپروڊنس بہ شاگرد شوق سان پڙهندا ھئا. انڪوئسٽ کان وٺي سوڊوميءَ تائين شاگردن موديءَ ۽ صديق حسن جو ڪتاب اکر اکر پڙهيو تنھن ڪري جيورس ۾ فيل ٿيڻ جو تہ سوال ئي پيدا ڪو نہ پئي ٿيو. باقي فارما سڀني شاگردن جون کوپڙيون اڏائي ڇڏيون. اهو فارما ڪوڊائنا مڪس ۽ ڪائنيڪٽڪس سڀني کان وسرندو ويندو هو رحيم صاحب جو خوف بہ هو پر جڏهن رحيم صاحب بدلي ٿي ويو تہ پوءِ نظير سولنگي صاحب آيو. نوراحمد عباسي صاحب جڏهن اسان کي پوسٽ مارٽم پڙهايو تہ اسان وڏي ضد ڪئي تہ ڪنھن لاش تي اسان کي سيکاريو وڃي هاڻي لاوارث لاش ڪٿان اچي ۽ جي ڪو وارثن وارو لاش هوندو هو تہ مالڪ تڙ تڪڙ ۾ هوندا هئا ۽ اسان ان لاش تي پڙهڻ کان رهجي ويندا هئاسون. هڪ گرم منجهند جو هڪ لاش واقعي اسان کي رئاري ۽ رجائي وڌو هو. اهو لاش هڪ عورت جو هو جنھن کي ڪاري ڪري ماريو ويو هو رلھيءَ ۾ ۾ ويڙهيل اهو لاش بہ امر جليل جي ڪردار سرد لاش جو سفر وانگي پئي لڳو، يا وري اهو لاش ”چوٽيھون در“ واري لاش جو سکر کان لاڙڪاڻي تائين سفر هو ۽ موهن جي دڙي وٽ لاش پنھنجي آڳاٽي تھذيب ڏي واپس ورڻ لئہ ڪناري تي آيو هو. جتان کيس پوليس پڪڙي آئي هئي ۽ ان لاش جي پس منظر ۾ ئي هي آزاد نظم لکيو ويو هو:



اڙي هي پراڻي رلھيءَ ۾ آ لاش ڪنھن جو،
نہ پٽڪو نہ سٽڪو،
نہ دانھون نہ ڪوڪون،
نہ آلاپ نہ ڪي پار آهن.
نہ ڪي شھر وارا، ڳوٺ وارا سوگوار آهن
بس هي جيجل جي،
واتان گجر جي،
نان هڪڙو ئي سڏڪو،
هي امان جي اکين ۾،
خشڪ ٿيل ڳوڙها،
هتي خوش خوش ڇو پوڙها،
هي ورديءَ وارن جي،
گاڏيءَ جو کڙڪو،
۽ ماٺ لئہ وڏيري جو دڙڪو،
هي ڇو گهر ۾ لنگهڻ جي،
چانورن بدران ڪڪڙ جو ٻوڙ،
هتي اڄ آ اڇن ڪبوترن
جو شور،
ها هتي نہ مُلو نہ مُلياڻي،
هتي ڇو نہ ڪڇ جو ڪانو،
نہ دلو نہ صاف پاڻي،
هتي ڇو نہ تختي تي تڙ،
۽ ڪفن جي تياري،
هتي ڇو نہ ڪنھن سامي سنواري،
هتي ڇو نہ تڏو،
۽ تڏي تي مڙدي جون ڳالھيون،
هتي ڇو نہ ڪنھن گل خريديا،
نہ اجرڪ ئي آندي،
نہ خاڪ مدينہ نہ زم زم جو پاڻي،
نہ ڪائي پوتر چادر،
نہ ڪنھن خوشبو گهرائي،
هن بي ڪفن لاش کي ڀلا
ڪير تڙ ڏيندو،
۽ ڪفن تي عنبر ڇڙيندو،
هن مھڪندڙ مُک جون،
اکيون ڇو نہ ورتيون،
عضون کي ٺاهي پٽيون ڇو نہ ٻڌيون!
اڃان ڇو نہ هٿڙن جي،
مھنديءَ پنھنجي مھڪ وڃائي،
اڃان ڇو نہ هت آنڌي آ آئي،
هتي گهٽيءَ ۾ ڊوڙندڙن،
ٻارن جي دز سان،
ڀلا ڌوڙ ڇو ٿيا آهن، ڳوٺ وارن
جا چھرا،
هت مٺ ۾ پئسا وٺي،
ٿيو عملدار روانو،
۽ ائين ڳوٺ وارن،
ڪاريءَ جو لاش بي ڪفن دفنايو!

اڳ ۾ لاش جي پوسٽ مارٽم لئہ ڊاڪٽر يا ليڊي ڊاڪٽر بہ پوسٽ مارٽم ڪندا هئا مگر هاڻي عورت جي لاش جي پوسٽ مارٽم لئہ ضروري آهي تہ ليڊي ڊاڪٽر ئي ڪري. ان لاش جي جيڪا حالت هئي اتي مون کي بس پنھنجن ماڻھن سان ناراضگي پيدا ٿي، تشدد ۽ اذيت وارو موت ماڻھوءَ جي نفسيات جي ڪھڙي نشاندهي ڪري ٿو. وحشت ۽ حيوانيت بہ پنھنجا اصول رکي ٿي مگر اسان وٽ ان غيرت جي نانءُ جي قتلن پٺيان اها نامردانگي آهي جنھن کي اسان مڙس ماڻھو ڪوٺيون ٿا. انصاف جي تارازيءَ ۾ ڪڏهن اسان پنھنجي عملن کي نہ ٿا توريون. اهو لاش منھنجي ذهن ۾ ڪئي سوال ڇڏي ويو. بس مون کي تہ ان لاش جو رت ۾ ڀريل چھرو هميشہ ياد رهندو. اسان جي ڪلاس جي سمورن ڇوڪرن ان لاش تي ڪجهہ سکڻ بجاءِ ان کي عزت جي ڀيٽا ڏني هئي ۽ جڏهن ڊاڪٽرن ۽ پوليس پنھنجو ڪم پورو ڪيو تہ هڪ ڇوڪري رئو ڦاڙي ان سان سڄي لاش تان رت صاف ڪئي هئي ۽ هڪ ڇوڪريءَ پنھنجي مٿي تي رکيل اها هرمچي واري ڪاري چادر لاش مٿان وڌي ۽ پاڻ کي مٿي اگهاڙو ڪري پوسٽ مارٽم روم مان هلي وئي هئي ۽ پوءِ اسان ڪڏهن بہ سائين نوراحمد کان پوسٽ مارٽم لاءِ ڪنھن لاش جي ضد نہ ڪئي هئي

چانڊڪا جا استاد ۽ امتحان

اسان جڏهن چانڊڪا ۾ داخل ٿيا هئاسون تہ سڀ کان پھريون اسان جي medical fitness ٿي هئي. اتي اسان جي ڪجهہ استادن سان پھرئين ملاقات ٿي، جيئن سائين عبدالقادر شيخ صاحب، سائين وٽ مان جڏهن ميڊيڪل چيڪ اپ لئہ ويس تہ منھنجي ڇاتيءَ ۾ دل ٽپا پئي ڏئي ۽ سائين ڪافي دير تائين منھنجي سيني ۾ ڪو مر مر murmer ڳولڻ چاهيو پر پوءِ دل بہ طيش ۾ ايندڙ محبوبا وانگر هوريان هوريان ڍري ٿيندي وئي ۽ منھنجي دل جي رفتار معمول تي آئي. ”پٽ تو واري دل ايڏا ٽپا ڇو ٿي ڏئي؟“ ”سائين چانڊڪا جي خوشيءَ ۾“.
سائين ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس آڇيندي:
”پٽ، شادي ڪئي ٿي؟”
”نہ سائين“. ”پٽ جڏهن ماڻھو ڪنوارو هوندو آهي تہ چوندو آهي تہ جلد شادي ٿئي پوءِ جڏهن شادي ٿيندي اٿس تہ چوندو آهي هاڻي جلدي جند ڇٽي“.
مان سائينءَ جي ڳالھہ سمجهي ويس تہ چانڊڪا ۾ داخلا کان پوءِ پڙهائي ڪا آسان نہ هوندي پر پوءِ کلندي کلندي نڪري آيس سائينءَ جو سڀاءُ آخر تائين نہ وسريو ۽ مون ڀوءَ کان فائنل ائير تائين شادي نہ ڪئي . . . .
اسان جي pre-clinic ۾ bio-chemistry حليم شيخ صاحب پڙهائيندو هيو. حليم صاحب زور سان ۽ تيز پڙهائڻ جو عادي هئو، ۽ ٻڌڻ ۾ ايندو هو تہ حليم صاحب open heart ۽ open brain جو ماڻھو ھو. ان ڪري سندس دل ۾ جيڪو ايندو هو اهو چئي ويندو هو. حليم صاحب ڪيترائي ڀيرا وڏي آزاديءَ جو مظاهرو ڪري ڪلاس ۾ ڇوڪرن کي هلڪيون ڦلڪيون رهڙون بہ رسيد ڪري ويندو هو. هڪ ڏينھن هڪ ڇوڪري ڪلاس ۾ گوڙ پئي ڪيو تہ حليم صاحب چيس تہ ”اڙي شيخ تہ نہ آهين؟”
ڇوڪري چيس تہ ”جي سائين“.
حليم صاحب وراڻيس تہ
”مون کي خبر آهي شيخ گوڙ ڪندا آهن“.
تنھن تي ڪنھن رڙ ڪري چيو تہ
”سائين اوهان بہ تہ شيخ آهيو”
جنھن تي حليم صاحب چيو تہ ”مون کانسواءِ سمورا شيخ گوڙ ڪندا آهن“.
اتي مون کي داغستان جي شاعر حمزہ رسول توف جي هڪ ڪھاڻي ياد اچي وئي تہ مون ٻڌو هئو تہ مٿي پھاڙن ۾ هڪڙي ٻڍڙي آهي جيڪا گهڻيون گاريون ڏيندي آهي. حمزہ رسول توف جڏهن ٻڍڙي وٽ پھتو تہ ان پڇڻ کان سواءِ ئي حمزہ رسول کي پٽڻ ۽ گهٽ وڌ ڳالھائڻ شروع ڪيو جڏهن ان ٻڍڙيءَ بس ڪئي تہ حمزہ رسول توف کان پڇيائين تہ تون هت ڇو آيو آهين؟ حمزہ رسول توف چيس تہ ٻڍڙي مان ٻڌو آهي تہ تون ڏاڍيون گاريون ڏيندي آهين، تنھن تي ٻڍڙيءَ چيس تہ ڏس مان تنھنجو آڌر ڀاءُ ڪيڏو نہ شاندار ڪيو ٻڌاءِ ڀلا مان توکي گاريون ڏنيون ان تي حمزہ رسول توف کليو.
حليم صاحب انتھائي حساس ۽ زندہ دل ۽ کرو ماڻھو هو. ان جو رويو امتحان ۾ ايڏو پنھنجائپ وارو هوندو هو جو حليم صاحب امتحان ۾ صفا حليم ٿي ويندو هو ۽ دل چوندي هئي تہ سائين کي کائي ڇڏجي. ڪڏهن ڪاوڙ ۾ سوال تہ ڪڏهن پيار ۾ مگر ايماندارانہ ڳالھہ اها آهي تہ حليم صاحب ڪنھن بہ شاگرد کي فيل ڪرڻ نہ چاهيندو هو. Bio-chemistry ڊپارٽمينٽ باقاعدہ discipline سان هلائيندو هو. ڪلاس جو ليڪچر باقاعدہ ٽائيم سان وٺندو هو. باقاعدہ ٽيسٽون، ڊمانسٽريشن، پريڪٽيڪل. مطلب تہ حليم صاحب پنھنجي ڊپارٽمينٽ جو نہ فقط روح روان هو مگر ان جو باقاعدہ انتظام بہ سٺي نموني هلائيندو هو. ان دور ۾ ڊاڪٽر رحيم قريشي ۽ ظفر پيرزادو صاحب بايو جا ڊمانسٽريٽر هوندا هئا باقين جا نالا وسري ويا آهن مگر جيڪي بہ هئا اهي محنتي ۽ ريگيولر هوندا هئا. رحيم صاحب هميشہ ڪيمسٽريءَ جي پريڪٽلن ڪرڻ ۾ مشغول هوندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن مون کي ائين لڳندو هو سائين ڊالٽن جو پڪو پيروڪار آهي. سائين ظفر پيرزادو انتھائي پيار ڪندڙ شخص ھو. حليم صاحب جو تڪيہ ڪلام هوندو هو تہ ”آءٌ اوهان جا هڏا ڀڃي ڇڏيندوسانءَ پر سائين ڪڏهن بہ ائين نہ ڪيو.
سائين ظفر پيرزادو اسان سان شائستہ ۽ دوستانہ انداز ۾ پيش ايندو هو ان لاءِ هر ڪو شاگرد ظفر پيرزادو صاحب کي وڃي پنھنجو مسئلو ٻڌائيندو هو.
امتحانن جون ذميواريون ظفر صاحب جي حوالي هونديون هيون.
فزيالاجي اسان کي سائين نور احمد ميمڻ صاحب پڙهائيندو هو. حاجي نوراحمد ميمڻ صاحب اسان جي ڏينھن ۾ نئون نئون حج ڪري آيو هو سو ڪلاس ۾ ڪڏهن فل سوٽ سان تہ ڪڏهن عربي لباس سان ايندو هو جيڪا ڳالھہ مون کي اڃان تائين سمجهہ ۾ نہ آئي آهي. سائين جو آواز انتھائي سريلو هوندو هو ۽ مظفر وارثيءَ جون نعتون سريلي انداز ۾ پڙهندو هو.
سائينءَ کي ڳائڻ جو بہ شوق هو ۽ اڪثر ڪري ڪلاس ۾ هي ٻہ گانا شوق سان ڳائيندو هو:
نبوان دا جوڙا اسان باغي وچئون توڙيا۽
لي آئي پھر ڪھان پر قسمت همين يھان پر
يہ تو وهي جگہ هي گذري تھي هم جھان سي
سائين جي طبيعت ۾ اعتدال پسندي ۽ حقيقت پسندي ٻئي هونديون هيون سائين مذهبي عبادتون، تبليغ تائين باقاعدہ ادا ڪندو هو ۽ ڪلاس ۾ هڪ نوجوان وانگر آکاڻيون، لطيفا، ڪھاڻيون باقاعدہ ٻڌائيندو هو.
سائين اڪثر ڪري لطيفا بہ ٻڌائيندو هو.
هڪ ڏينھن ڪلاس ۾ هڪ شاگرد کي اسٽيج تي سڏ ڪري چيائينس تہ رات مون خواب لڌو آ تہ تون ۽ مان مٿي عرش تي پرواز ڪندا پيا وڃون ۽ تمام مٿي وڃڻ کان پوءِ پنھنجا پر ٽٽي پيا آهن ۽ تون ۽ مان هيٺ ڪرندا پيا وڃون ۽ آخر ڪري پيا آهيون.
تون ماکيءَ honey ۾ ڪريو آهين
۽ مان (حاجي نوراحمد) F. M ۾ ڪريو آهيان.
ڇوڪري ڏند پٽڻ شروع ڪيا.
حاجي صاحب چيس تہ اڃان تہ ٻڌ
پٽ پوءِ تو مون کي چٽيو آهي ۽ مان توکي .
اهڙا عجيب غريب لطيفا اسان کي کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيندا هئا. حاجي صاحب پاڻ تہ سمورو ڪورس چيٽرجيءَ مان پڙهائيندو هو پر اسان کي خدا جو واسطو ڏيندو هو تہ چيٽرجي نہ پڙهجو.
حاجي صاحب اڪثر ڪري جنھن بہ دوست ۽ استاد جو ذڪر ڪندو تہ ان کانپوءِ چوندو هو تہ ﷲ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏئي. اسان مھينن تائين حاجي صاحب جي واتان ڪنھن اهڙي دوست جو نالو ٻڌڻ لئہ بيچين هياسين تہ سائين ڪو اهڙو نالو وٺي جيڪو حال حيات هجي ۽ ان کان سفارش ڪرايون. سو سائين سڄي سال ۾ ٻہ نالا ورتا جيڪي تا حال حيات هئا. هڪ وڪيل نظام ميمڻ صاحب جو ۽ ٻيو الطاف شيخ صاحب جو جيڪو باٽنيءَ جو پروفيسر هو ۽ ان وقت دادو ڪاليج جو پرنسپال هو اسان بہ سفارشي چٺي وٺي حاجي صاحب وٽ وياسين ۽ حاجي صاحب کليو ڇورا ڀلا سائين اڃان حال آهي اسان کان بہ کل نڪري وئي.
صالح سومرو صاحب ان دور ۾ فزيالاجي جو ڊمانسٽريٽر هو. مگر استادن جي کوٽ سبب ليڪچر بہ وٺندو هو. صالح صاحب جو پنھنجو انداز هو. سلطان صاحب بہ بايو ڪيمسٽري ۾ ڊمانسٽريٽر ھو، ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪري فزيالاجيءَ ۾ ٻہ نيون عورت ڊمانسٽريٽر آيون هيون جن جي ڪلاسن ۾ ڇوڪرا هائوس فل وانگر ايندا هئا.
ائناٽاميءَ جو سڄو وزن سائين امين چوڌري صاحب تي هوندو هو. سائين امين صاحب هڪ محنتي استاد هو مگر امين صاحب جو تلفظ سمجهہ ۾ نہ ايندو هو.
انھن ڏينھن ۾ ئي امين صاحب M. phil تي هليو ويو ۽ فيض صاحب pmc مان بدلي ٿي آيو. ائناٽاميءَ ۾ ڇوڪرا گهڻو زور bones ۽ ماڊلز تي ڏيندا هئا انھن ڏينھن ۾ ميڊم محموده صديقي ۽ ميڊم فھميده شاه بہ ائناٽاميءَ ۾ ڊمانسٽريٽر هيون جيڪي انتھائي شان ۽ اخلاق سان رهنديون هيون. هر شاگرد سان پنھنجي ننڍڙي ڀاءُ وانگر پيش اينديون هيون. ڊاڪٽر شير خان، ڊاڪٽر عبدالستار مھر بہ ڊمانسٽريٽر هئا. شير خان تہ واقعي شير خان هو، شام جو بہ ڪلاس وٺندو هو ۽ پروفيسر کان گهٽ ڏيک نہ ڏيندو هو. اعجاز نارو صاحب مرحوم بہ سٺو پڙهائيندو هو. باقي راڻو صاحب پوءِ آيو.
هسٽالاجيءَ جو روح روان سائين حبيب الرحمان صاحب هوندو هو جيڪو اڻڪي ڦڻڪي ڪو نہ ڄاڻندو هو ۽ درويشي طبيعت رکندو هو. سائين شاگردن کي خرچي وغيرہ بہ ڏيندو هو گهڻن ڇوڪرن جا جڏهن پئسا کٽندا هئا تہ سائين وٽ ويندا هئا ۽ چوندا هئا سائين يتيم آهيون گهران پئسا نہ آيا آهن تہ سائين سو جو نوٽ ڪڍي ڏيندو هين.
سائينءَ جي نرالي طبيعت ۽ سادگي وڻندڙ ۽ پنھنجائپ جو تاثر ڏيندي هئي.
ائناٽاميءَ ۾ ايمبريالاجي سائين نيڪ محمد صاحب پڙهائيندو هو. سائين نيڪ محمد صاحب نہ فقط سٺو سرجن هئو. سٺو استاد هو پر چانڊڪا جو سٺو پرنسپال ۽ ميڊيڪل سپرينٽيڊنٽ پڻ هو.
سائينءَ ۾ خدا انتھائي جهجهيون صلاحيتون ڏنيون هيون سائين جو تلفظ ۽ پڙهائڻ جو انداز باقاعدہ پروفيشنل ۽ معياري هيو. ڪلاس ۾ اچڻ کان اڳ ڇوڪرو ڪاريڊور ۾ ملندس تہ هل بابا هل ڪلاس اٽينڊ ڪر. ڪنھن ڪلاس ۾ ڪنھن هيڏي هوڏي ڏٺو تہ چوندو هو تہ ڪاڏي ٿو ڏسين؟ هيڏي ڏس ڪنھن گوڙ ڪيو تہ آڱر کڻي چوندو هو تہ يو silent please سائين جي ڪلاس تي پوري پوري نظر هوندي هئي. شاگردن سان شائستہ، دوستانہ سڀاءُ رکندو هو ۽ پاڻ انتھائي ڪامياب سرجن، استاد ۽ پرنسپال هيا.
اسان کان اڳ وارن ڏينھن جي هسٽالاجي جي استاد پروفيسر احسان ڪريم جو چانڊڪا ۾ ڏاڍو ذڪر هوندو هو تہ هو انتھائي طاقتور پرنسپال هو ۽ انتھائي وڏو ماڻھو پڻ، هو چانڊڪا جي شاگردن کي زندگيءَ جي روين، اٿڻ ويھڻ، لباس، ڳالھائڻ تي پورو ڌيان ڏيڻ لئہ زور ڏيندو هو.
شال نہ ڪا ڪڪري لاڙڪاڻي تي ڪاهي اچي تہ پوءِ بسيون موهن جي دڙي يا ماهوٽن جي زيتونن جي باغن ڏانھن پڪنڪ لئہ ڪاهي اينديون هيون هي سائين اسان جي اچڻ کان اڳ هليو ويو هو ۽ اسان جي ڏينھن ۾ بارڪزئي صاحب پرنسپل هوندو هو.
بارڪزئي صاحب پاڪستان جو مڃيل پيٿالاجسٽ هو مگر انتظامي معاملن ۾ خاموش ۽ محتاط رويو رکندو هو. جيئن تہ سائين عالمي سطح تي پيٿالاجي جو ماهر هو ۽ بائڊجي 1980ع واري ايشين ايڊيشن جو ڪو آٿر هيو ۽ هن پھاڙن تي رهندڙ ماڻھن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جو هڪ سبب لڌو هو اهو هئو تہ هو ڪوئلا ٻڌي هلندا هئا جيئن ٿڌ کان بچي سگهن سو بارڪزئي صاحب انتظامي معاملن ۾ گهٽ دلچسپي وٺندو هو ۽ فاروق بارڪزئي صاحب جو انتظامي ڪاروهنوار گهڻو تڻو پروفيسر نيڪ محمد شيخ صاحب سنڀاريندو هو.
سرجن احمد علي لغاري صاحب اسان کي جنرل ائناٽامي پڙهائيندو هو بلڪ خاموش طبع ۽ ڳالھائڻ جو ڌيمو انداز، سٺا اکر ۽ مختصر سمجهاڻي سائينءَ جي سڃاڻپ جون نشانيون هونديون هيون. ائناٽاميءَ جي پوزيشن کان وٺي پلينز جي جاگرافيءَ ۾ ورهايل انساني جوڙ جڪ جي هڪ ٻئي عضوي سان مليل سرحدن کي سائين ڏاڍي سٻاجهڙي انداز ۾ پڙهائيندو هو ۽ اسان سائينءَ جي پڙهايل نامن ڪليچر مان پڻ پنھنجي دوستن تي نالا رکيا ۽ چوندا هئاسون تہ عام رواجي ٻوليءَ ۾ بہ ائناٽامي ڳالھائي سگهجي ٿي.
فزيالاجيءَ ۾ استادن جي کوٽ سبب سائين ﷲ بچايو ميمڻ صاحب اسان کي فزيالوجي پڙهائيندو هو. سائين سٺي نموني فزيالوجي پڙهائيندا ھئا. هنڊا 70 تي ايندڙ سائين ڪڏهن ڪڏهن جڏهن هاسپٽل واپس ويندو هو تہ اسان جا شاگرد لفٽ گهرندا هئا ۽ سائين بہ هميشہ ڏيندو هو.
هڪڙي شاگرد تہ ڄڻ سائينءَ کي تاڙي رکيو هو جيئن ڪلاس وٺي واپس وڃي تيئن سائينءَ کان لفٽ گهري. هڪ ڏينھن سائين بہ شرارت ڪئي ۽ گاڏيءَ جو پئٽرول بند ڪري ڇڏيو رستي تي گاڏي بيھي رهي سائين تہ رڪشه ۾ چڙهي هليو ويو ڇوڪرو پنڌ موٽر سائيڪل ڪاهي پگهرجندو وڃي سائين وٽ پھتو. ان نہ ڏٺو تہ موٽر سائيڪل جو ڪو پئٽرول بند آهي.
اسان کي اتي هڪ فوجيءَ جو لطيفو ياد آيو تہ رمضان جي ڏينھن ۾ آفيسرن فوجيءَ کي روزي کولڻ کان اڳ چيو تہ وڃ سائيڪل پڪڙ ۽ جلديءَ ۾ پڪوڙا وئي آءُ، سپاهيءَ سائيڪل هٿ ۾ کنئي ۽ ڪلاڪ کانپوءِ پگهر ۾ شل ٿي پڪوڙا وٺي آيو ايستائين روزو کُلي ويو.
آفيسرن پڇيس دير ڪيئي. سپاهي وراڻيو سائين اوهان آرڊر ڪيو تہ سائيڪل پڪڙ سو سائيڪل کي گهلڻ ۾ وڏو ٽائيم لڳي ويو.
ﷲ بچايو صاحب شاگردن کي هميشہ مفت ۾ ڏسندو هو ۽ انھن جي مائٽن سان بہ چڱي خاصي رعايت ڪندو هو ان ڪري ﷲ بچائي صاحب جي ڪلينڪ تي هميشہ شاگرد نظرايندا هئا. سائين جي ڊائگنوسز انتھائي پڪي هوندي هئي ۽ دوائون بہ مختصر لکندو هو هميشہ چوندو هو ڇوڪرا پڙهو. منھنجا مائٽ اوهان کان دوا ڪو نہ وٺندا. اوهان پنھنجي عزيزن جو علاج ڪندئو ان لاءِ مائٽ مار ڊاڪٽر نہ ٿيو.
اسان جو روم پارٽنر ”ھہ“ بہ ﷲ بچائي صاحب کي پنھنجي طبيعت ڏيکاري آيو ۽ سائين ان کي bronchitis تشخيص ڪئي ۽ دوا ڏني. ان دوست جا ڪجهہ ڏينھن اڳ ڳوٺان انڊا آيا هئا ۽ اهي هن پنھنجي پيٽيءَ ۾ حفاظت سان رکيا هئا. مگر هاڻي دوا سان ناشتي وقت انڊا وٺڻ بہ ضروري هئا. سيارو هئو ۽ اسان لڪڙي هيٽر بالٽيءَ ۾ وجهي پاڻي گرم ڪندا هئاسون گيزرن جو اڃان تائين خيال نہ اسان کي آيو هو ۽ نہ انتظاميہ کي. اهو لڪڙي هيٽر ٺاهڻ سولو هو ۽ ان سان پاڻي گرم ڪرڻ پڻ، سو مون واري پارٽنر ٻہ انڊا پنھنجا هيٽر واري بالٽي ۾ وڌا اتي عثمان ۽ مون بہ سوڙ مان منھن ڪڍيو پارٽنر صلاح ڪئي. انڊا پچي ويا پارٽنر باٿ روم ۾ هليو ويو. اسان سمورا انڊا کائي پارٽنر جي بيگ مان ٻہ ڪچا انڊا ڪڍي ان کي ڌوئي ٿورو گرم ڪري رکي ڇڏيا. اڄ پارٽنر جو ارادو سينٽرل ڪينٽين تي ناشتو ڪرڻ جو هيو. اسان بہ تماشو ڏسڻ لئہ يڪدم تيار ٿياسون پارٽنر ٻئي انڊا جين جي ڪوٽيءَ جي کيسن ۾ وڌا ان وقت جين جي ڪوٽي يا واسڪيٽ پائڻ جو فيشن هوندو هو. پارٽنر ڪينٽن تي ويٺو، اسان بہ پريان ٽيبل تي ويٺاسون. ڪينٽين کچا کچ ڀريل هئي، پارٽنر بہ ڇوڪرين واري ٽيبل جي ڀرسان ويٺو هو.
پارٽنر: ”ڇوڪرا پليٽ کڻي آءُ”
ڇوڪروپليٽ کڻي آيو.
”اڙي ڇوڪرا لوڻ کڻي آءُ”
ڇوڪرو لوڻ کڻي آيو.
پارٽنر ڏاڍي نزاڪت سان انڊو ڀڳو ۽ پارٽنر زرديءَ ۾ رنڱجي ويو. هيڏي هوڏي ڏسي ڪپڙا صاف ڪري مون کي چوڻ لڳو اسماعيل هي تو وارو انڊو هو جيڪو پڪو ناهي. مون پڪائي ڪري کل کي روڪي چيو هائو پارٽنر ۽ پوءِ پارٽنر ٻيو انڊو اڃان وڌيڪ اسٽائل سان ڀڳو ان انڊي تہ پنھنجا رنگ ڏيکاريا ۽ پارٽنر ڪوڙي سياستدان وانگر پبلڪ جي لڳل انڊن جھڙو ٿي ويو. اتي ڇوڪرين کان بہ کل نڪري وئي. پارٽنر منھن جي پڪائي ڪئي: ”عثمان تو وارو انڊو بہ بوائل نہ ٿيو آ“.
عثمان کلندي ڪنڌ لوڏيو.
اسان ڪيترا ڏينھن پنھنجي مذاق لڪائي آخر پارٽنر کي ٻڌائي هو بہ شيطان هو. ڇا ڪندو هو تہ هڪ انڊو بوائل ۽ هڪ انڊو ڪچو کڻي ڪينٽين تي ايندو هو. اڳ ۾ پنھنجو پڪل انڊو ڪڍي کائڻ شروع ڪندو هو ۽ ڀڪ ۾ ويٺل ڪنھن دوست کي انڊي جي صلاح ڪري انڊو آڇيندو هو ۽ پوءِ انڊي ڀڃڻ سان تماشو ۽ کل. انڊي جي ان مذاق ايترو تہ اثر ڇڏيو جو ڪو بہ دوست کان گهٽ ۾ گهٽ انڊو وٺي نہ کائيندو هو. انڊي جي مذاق جو پارٽنر مون سان پلئو ڪيو. هڪ ڏينھن بئگ کڻي چيو تہ يار مان حيدرآباد وڃان ٿو مون کي تہ وئگن تي ڇڏي آءُ. آءٌ بہ کيس وئگن تي ويھاري آيس مان هيڏي منھن ڦيرايو هو وئگن مان لھي سڌو اچي ڪوارٽر ۾ لڪي ويھي رهيو. آءٌ ميس کان موٽيس تہ ڏٺم تہ منھنجي ڪواٽر جي بجلي هر بند ٿئي هر ٻري ٿي مون هاسٽلن ڏي ڏٺو تہ بجلي هئي مون سمجهيو تہ پڪ سان ڪو چور ڪوارٽر ۾ داخل ٿيو آ. مان بہ ڊوڙي ڪوارٽر جي ٻنھي دروازن کي ٻاهريون ڪنڊيون ڏنيون ۽ ڇوڪرا گڏ ڪرڻ شروع ڪيا. اسان ۾ اقبال سيھڙ انتھائي بلند قامت ڇوڪرو هو. قربان ڀنگر جو ضد هو جيڪو بہ اقبال جو روم پارٽنر هو. اقبال ڏنڊو کنيو ۽ چور کي وارننگ ڏيندا رهياسين. چور بہ اندر کڙڪا ڪيا سموريون هاسٽلون گڏ ٿيون ۽ پوءِ پارٽنر رڙ ڪندي چيو تہ ”اسماعيل اڄ انڊي جي مذاق جو پلئو ٿيو!“
چانڊڪا ۾ مذاق جو جواب مذاق ۾ ڏيڻ جو رواج هوندو هو ۽ جڏهن امتحان کان اڳ اسان جي هڪ گيٽ ٽو گيدر ٿي تہ ان ۾ هڪ تقريري مقابلو رکيو ويو تہ:
”ڪاش مان پروفيسر هجان ها“.
اهي ڪلاس جون سموريون پارٽيون تقريبا ڪاليج کان ٻاهر سمبارا هوٽل ۾ ٿينديون هيون سمبارا هوٽل جي سوئمنگ پول جون اهي پارٽيون ڪنھن کان بہ نہ وسرنديون، ڇو جو اتي استاد، شاگرد سڀ دوستن وانگر هوندا هئا. پارٽيءَ ۾ مون چار شعر پڙهيا.
هڪ سائين حليم صاحب تي:
اسان جو جيئي سائين مينهل مير،
پاڻ کي چوندو آهي دادگير،
ڳالھہ ڪندو آ پالڪ لوڻڪ جي،
بورڊ تي ٽاپڪ هوندو آ کير.

ٻيو سائين نوراحمد ميمڻ لئہ:
اسان جو جيئي سائين ابوبڪر
آهي اهڙو نر،
سارو ٿئي c. n. s پورو،
وٺي جي هڪ ليڪچر.

ٽيون سائين امين صاحب لئہ:
اسان جو جيئي سائين ﷲ وڌايو.
تنھن سر سان ڪو نہ پڙهايو.
واءِ واس ۾ جڏهن ويندا آهيون،
چوندو آهي اور بتائو اور بتائو.

چوٿون سائين حبيب الرحمان ابڙي لئہ
اسان جو جيئي سائين وليم.
تنھن ڪڏهن بہ ڪورس ڪيو نہ ختم.
ليڪچر جا سٺ منٽ سمورا،
واري واري چوندو آهي اپيٿيليم اپيٿيليم.
منھنجي تقرير: ”ڪاش مان پروفيسر هجان ها“ هي تقرير، تقرير واري حصي ۾ پڙهندا.
تقريري مقابلي ۾ بہ ڇوڪرن استادن جو نقل، حرڪتون، انداز اپنائي کلائي کلائي کيرو ڪيو. ان پارٽيءَ ۾ اسان جي هڪ دوست جمال ناصر مذاق ۾ ڪجهہ چئي ويو هو تہ اڳ ۾ پروفيسرن ڪھڙا ڦاڙها ماريا آهن جو اسان مارينداسين. ان تي سائين نيڪ محمد صاحب ناراض ٿي پارٽيءَ مان وڃڻ لڳو پوءِ شاگردن جون ائين منٿون هيون جيئن ڪاڄ ۾ ڪو مائٽ ناراض ٿي ويندو آهي. نيڪ محمد صاحب جڏهن تقرير ڪرڻ آيو تہ چيائين يار مان ڦاڙها تہ نہ ماريا آهن پر ٿر ۾ دوستن سان هرڻ ضرور ماريا آهن. باقي ڦاڙها بہ ماربا. اسان ڪلاس جي هڪ ڇوڪري ڏي ڏٺو جنھن کي ڦاڙهو چوندا هئاسون . ڦاڙهي بہ ڪنڌ هيٺ ڪيو ۽ ٿيو بہ ائين تہ اهو ڦاڙهو ائناٽاميءَ ۾ مري ويو. (فيل ٿيو) ان فنڪشن جي خاص ڳالھہ سائين فيض صاحب جو ڳائڻ هو.
محمد خان شيخ هڪ خواجه سراءِ کي وٺي آيو هو جنھن ان پارٽيءَ ۾ آفريڪي طرز جي ڪا ”لوبو“ ڊانس ڪئي هئي پر فرسٽ ايئر ۾ هوندي بہ اسان جا شاگرد موزاٽ جي موسيقي ٻڌندا هئا. تھذيب جي شناسائي لئہ اوپيرا کي پسند ڪندا هئا ۽ هندستاني فلمن ۾ پيٽ کي نچائي belly ڊانس ڪندڙن تي توجھہ نہ ڏيندا هئا. ان ئي پارٽيءَ ۾ اسان جي ڪجهہ شاگردن اوپيرا جي طرز تي هڪ ڊرامو ڪيو جنھن جي خاموش اشارن ۾ اهو واضع ڪيو ويو تہ سائين مڙئي فيل ڪرڻ کان رحم ڪجو ۽ ان پارٽيءَ اسان جي رزلٽ تي انتھائي مثبت اثر وڌا ۽ گهٽ ڇوڪرا فيل ٿيا.
اسان جي clinic جي ڏينھن ۾ رحيم ميمڻ صاحب فارماڪالاجيءَ جو استاد هئو. پڙهائڻ ۾ ڀڙ هوندو هو. مگر ڇوڪرا رحيم صاحب کان امتحان ۾ لنوائيندا هئا هڪ تہ سفارشون گهٽ ٻڌندو هو ۽ هو سڄو سال شاگردن تي تحقيق ڪري ايماندارانہ ۽ ميرٽ وارو نتيجو ڏيندو هو. رحيم صاحب کلمک قسم جو ماڻھو هو پر ڪلاس ۾ڪڏهن بہ ناشائستگيءَ وارو رويو نہ اپنايو.
نذير احمد سولنگي صاحب بہ فارماڪالاجيءَ ۾ آيو. سولنگي صاحب دراز قد ۽ ڪلاس وقت تي وٺڻ ۽ ڇوڪرن جي حاضري چيڪ ڪرڻ ۾ پابنديءَ سان عمل ڪندو هو. فارماڪالاجي تي گهڻو زور ان تي هوندو هو تہ اوهان دوا جي اسٽڪچر کان وٺي ان جي نيڪال elimination تائين ضرور ڄاڻو ۽ سائينءَ جو گهڻو زور actions کان وڌيڪ side effects ، pre-caution ۽ contra-indications تي هوندو هو. پوءِ وارن ڏينھن ۾ مظهر سلطان بخاري صاحب بہ فارماڪالاجي جوائن ڪئي جيڪو شاگرد دوست استاد هوندو هو.
پئٿالاجي ڊپارٽمينٽ جو روح روان سائين قريشي صاحب هوندو هو هن جي پرسنلٽي، لٽو، ڪپڙو، اٿڻ ويھڻ وارو انداز انتھائي پرڪشش هوندو هو. سائين پڙهائڻ سان گڏ شاگردن جي وندرن، مثلا، راند، تقريرون، ڳائڻ وڄائڻ وارن خوبين کي ساراهيندو هو ۽ پاڻ بہ ڪاليج جي اهڙين ڪاميٽين جو ميمبر بہ هوندو هو ۽ انھن سرگرمين ۾ وڌي ڪري حصو وٺندو هو.
زبير صاحب بہ قريشي صاحب جي شعبي جا استاد هئا ۽ سائين پنھنجي مخصوص طبيعت ڪري الڳ ٿلڳ رهندو هو ۽ شاگردن سان گهٽ ڊيگهہ ڪندو هو.
جيورس پروڊنس سائين نوراحمد عباسي صاحب پڙهائيندو هو جيڪو ڊپٽي ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽ هوندو هو. سائين پڙهائي ۾ گهٽ توجھہ ڏيندا هئا مگر اسپتال جي انتظامي امورن ۾ گهڻو وڌي چڙهي حصو وٺندو هو.
ڊاڪٽر انور شيخ صاحب ڪميونٽي ميڊيسن پڙهائيندو هو. حقيقت ۾ سائين شاگرد دوست استادن جو شھنشاھہ هو. سائينءَ جي طبيعت صوفين جھڙي هوندي هئي ڪنھن کي بہ ايذائڻ سندس مزاج ۾ نہ هو ۽ ويدن ۽ سنجوگين، صوفين ۽ سنتن جو من رکندڙ شخص هو. گهٽ ۾ گهٽ ڪميونٽي ميڊيسن ۾ تہ هر شاگرد کي پڪ هوندي هئي تہ ان ۾ فيل نہ ٿيندو.
وزير شيخ صاحب جي جوانيءَ جو زمانو هو جنھن ۾ هو اسان کي ٿراپيٽڪس پڙهائيندو هو ۽ سائين فلمي اسٽارن وارو فل سو ٽ پائي، پنھنجي مخصوص انداز ۾ سنڌيءَ ۾ بہ سمجهاڻي ڏيندو هو. انھن ڏينھن ۾ ئي مون کي سائنس جي پراڻي رسالي ۾ جڏهن سائين فورٿ ايئر ۾ پڙهندو هو جو لکيل ليک نظر آيو سائين عبدالقادر شيخ صاحب جن بلڪل ائين پڙهائيندا هجن ڄڻ ڊيوڊ سنز اکين اڳيان پيو آهي. سائين جو پنھنجو اسٽائيل هوندو هو تہ هو پڙهائيءَ ۾ هڪ ئي رفتار، لھجي ۽ سمجهاڻيءَ جو اسٽائيل رکندو هو ڪجهہ ڏينھن ۾ ڪاليج جا پرنسپال بہ رهيا پوءِ ايل، ايم، سي هليا ويا.
ﷲ بچايو ميمڻ صاحب ذهين شاگردن جو انتھائي گهڻو خيال ۽ قدر ڪندو هو. سائين جي پڙهائيءَ جو گهڻو زور clinical سائيڊ تي هوندو هو ۽ چوندو هو تہ منھنجا استاد بہ مريض آهن جيڪي روز نيون ڳالھيون سيکارن ٿا ۽ اسان کي بہ مريض مان سکڻ لئہ چوندو هو، سائين چوندو هو تہ ٿيوريءَ سان گڏ اوهان پريڪٽيڪل ۾ بہ ڀڙ ٿيو، سائين گهڻو هون، هان، ڪنڌ لوڏي جواب ڏيندو هو باقي جي مذاق ڪندو هو تہ پوءِ لھري بہ سائينءَ جو مريد نظر ايندو ۽ مذاق ۾ ايڏا وڏا ٽھڪ ڄڻ چانڊڪا جي ڪينٽين تي ويٺا آهن. سائينءَ چانڊڪا جي ذهين شاگردن جي ذهن ۾ پوسٽ گريجوئيٽ واري سوچ وڌي.
سائين نور احمد بلوچ صاحب جن سرجري پڙهائيندا هئا پر سائين ڪلاس ۾ انگريزيءَ سان گڏ شايد فرينچ يا جرمن لفظ استعمال ڪندو هو جو اسان کي سائين جو ليڪچر گهٽ سمجهہ ۾ ايندو هو. سائين جو انگريزي ڳالھائڻ جو انداز ٺيٺ برطانوي هوندو هو مگر سائين پيار ڪندڙ شخص هو. ايڏو وڏو سرجن هوندي بہ شاگردن جي تڪليفن، مونجهارن ۽ مسئلن ۾ دل کولي پنھنجو ڪردار ادا ڪندو هو. ڪنھن بہ شاگرد جي لوڏ ۽ لھجي مان سڃاڻي وٺندو هو. اعتدال ۽ امن پسند شخص هو چاهيندو هو تہ مسئلا حل ٿين ڊيگهہ نہ وٺن، ان ڪري هر مسئلي جي حل ۾ سائينءَ جو مرڪزي ڪردار هوندو هو.
سائين سڪندر شيخ صاحب جن سرجري پڙهائيندا ۽ اسپتال ۾ آپريشن ٿيٽر ۾ گهڻو وقت گذاريندا هئا. سائين جن پڙهائيندا ڏاڍو سٺو هئا ۽ چوندا هئا تہ اوهان کي سڀ ڳالھہ سمجهہ ۾ اچي. مون کان اڄ تائين سائين جو x-ray وارو ڪلاس نہ وسرندو آهي. جنھن ڪري اڄ مان lvp ۽ پيٽ جا ايڪسريز سڃاڻي، سرجن وٽ پنھنجي عزت بچائيندو آهيان. مون کي حيرت آهي تہ سائين سرجن آهي يا ريڊيولاجسٽ، ان دور ۾ شاگردن سان گهڻي ڊيگهہ نہ ڪندو هو، ٻڌندا هئاسين تہ سائين اصول پرست آهي پر هڪ ڏينھن ڏٺوسين بہ هڪ شاگرد جنھن c. s. s ڪئي، d. m. g گروپ ۾ هليو ويو. فارملٽيءَ طور فائنل جو امتحان ڏيڻ آيو. سائين وٽ ان جا دوست ڊوڙندا ويا ۽ چيائون سائين s. d. m آهي، سائين چيو تہ s. d. m آهي تہ ڇا ٿيو جي پاس ٿيندو تہ پاس ڪندومانس هڪ شعبو اختيار ڪري ۽ ان c. s. s پاس شاگرد کي بہ عام رواجي شاگردن وانگر treat ڪيو. سائينءَ جي اصول هڪ ڏينھن منھنجو بہ مٿو ڪچو ڪيو. ڊاڪٽر ٿيڻ کانپوءِ مون کي post-graduation لئہ ٻہ ريفرنس کپندا هئا چيم چانڊڪا وڃان ٿو. سرجري o. p. d ۾ مرحوم نجيب شيخ صاحب جيڪو شڪارپور سول اسپتال جي ايم ايس دوران ڪار حادثي ۾ شھيد ٿي ويو. مليو، چيومانس سائين ٻن پروفيسرس کان ريفرنس وٺي ڏيو. چيائين هل تہ سائين سڪندر شيخ کان وٺون ٿا. مون بہ سوچيو تہ مون کي ڪير نہ سڃاڻيندو. سو سائين کي نجيب صاحب گذارش ڪئي تہ سائين اسماعيل کي ريفرنس کپي، ڇا جو ريفرنس ڏيانس تہ سٺو مشڪرو آهي.
نہ سائين پنھنجي post-graduation لئہ. ها مون کي خبر آهي تہ هن کي Thyroid جي ڪيس ۾ treacheal ٽيوب بہ مان وجهي ڏنو هئومانس، ڏي تہ اهو لکي ڏيانس مون کي پھريون تہ باھہ لڳي وئي پوءِ سوچيم اسان وٽ جي اهڙا سچ چوڻ وارا ڪجهہ مرد مجاهد ئي هجن تہ تعليم ترقي ڪري سگهي ٿي. پوءِ مون واقعي پوسٽ گريجوئيشن ۾ پڙهيو جنھن جو فائدو اڄ بہ رسي ٿو.
اي . اين. ٽي جو حسن صاحب بہ پنھنجي خشڪ مزاج سبب مشھور هو. سائينءَ جي چھري تي ڪنھن مشڪل سان مرڪ ڏٺي هوندي. سائين چوندو هئو تہ هر شيءِ جو پروٽوڪول آ. استاد کي استاد ٿيڻ کپي ۽ استاد وارو رويو اپنائي. اڄ ڪلھہ تہ گهڻا post graduates ملن ٿا ان ڪري مسئلو نہ آهي پر اسان جي فائنل تائين هڏيءَ وارو شعبو خالي رهيو. سو سائين حسن صاحب جون e. n. t ڊپارٽمينٽ ۾ ڪيل خدمتون نہ وسارڻ جھڙيون آهن.
ان دور ۾ چانڊڪا ۾ ”نوراحمد“ نالي استادن جي گهڻائي هوندي هئي. نوراحمد ميمڻ صاحب نوراحمد بلوچ صاحب، نوراحمد عباسي صاحب ۽ نوراحمد چنو صاحب، ٻارڙن جي شعبي کي خوش اسلوبي سان هلائڻ ۽ سنڀالڻ ان دور ۾ ڪو سولو ڪم نہ هو پر چني صاحب کي جس هجي جو ان پنھنجي وقت ۾ انتھائي ڏکين حالتن ۾ بہ پنھنجي شعبي کي ترقي وٺرائي. سائين امتحان ۾ سولا سوال پڇڻ جي حوالي سان مشھور هو.
اک جي شعبي ۾ سائين فيض هاليپوٽو صاحب ۽ سائين اڪبر حيدر سومرو صاحب اک جي شعبي جتي مريضن جي وڌ ۾ وڌ ڀرمار هوندي هئي، نہ فقط خير خوبيءَ سان هلايو پر ترقي بہ وٺرائي. اڪبر صاحب پوءِ چانڊڪا جو پرنسپل بہ ٿيو. ان وقت پرنسپل ٿيڻ ڪو سولو ڪم نہ هوندو هو پر سائينءَ اها مشڪل ذميواري بہ صوبيدار وانگر سخت ٿي خير خوبيءَ سان نڀائي. سائين چوندو هو تہ beautiful eyes are always diseased خوبصورت اکيون بيمار هونديون آهن. پر اسان شاگردن کي تہ خوبصورت اکين بيمار ڪيو هو. ان ڏينھن کان پوءِ شاگردن خوبصورت اکين کي ڏسڻ ڇڏي ڏنو ۽ محبوبائن جي نڪ جي ناسن کي چتائي ڏٺو تہ اتان هوا جي رسد صحيح آهي يا نہ، جي رسد صحيح هوندي تہ هوا ۾ آڪسيجن بہ ويندي ۽ محبوب جي دماغ ۾ جي آڪسيجن ملندي تہ اهو چڙچڙو نہ ٿيندو. ان لئہ اسان bull nose محبوبائون چونڊڻ شروع ڪيون ان دور ۾ ميڊم بلقيس جو لاڙڪاڻي ۾ اچڻ اسان لئہ گهٽ اعزاز نہ هو ڇو جو اڄ بہ اسان جون 90 سيڪڙو اسپتالون Gynecologist کان بغير هلن ٿيون.
ميڊم ۾ سڀ ڪوالٽيز هيون پڙهائيءَ جون، انتظام جون سرجريءَ جون پر الائي ڇو ميڊم مان ماتحت ڊاڪٽرياڻيون خوش نہ هونديون هيون پر جس آهي ميڊم بلقيس کي جنھن هن اجنبي شھر کي پنھنجو علم، هنر، وقت ۽ حياتيءَ جو وڏو حصو ڏنو ۽ اڄ شيخ زيد جي گائني ڊپارٽمينٽس ملڪ جي وڏين اسپتالن جي گائني ڊپارٽمينٽس کان گهٽ نہ آهي.
سائين منير شيخ صاحب E. N. T وارا چانڊڪا جي سينئر استادن مان هئا. شاگردن کان في نہ وٺڻ وارو رواج سائين وڌو هو. پر پوءِ بيماريءَ سبب وفات ڪئي. ان کان علاوه چانڊڪا ڪاليج جي ڊمانسٽريٽرن ۽ اسپتال جي گمنام ڊاڪٽر صاحبان هن عظيم اداري کي جيڪو رت ست ڏنو ان کي لکڻ سان ڪا انھن جي خدمتن کي ملھہ خريد نہ ٿو ڪري سگهجي پر اهي گمنام سپاهي هن عظيم سلطنت جا رکوالا هئا. جن کي آءُ نالي پڄاڻان نہ ٿو سڃاڻان پر انھن جون ڪوششون، ڪاوشون، خدمتون وسارڻ جھڙيون نہ آهن. ائين ڪاليج جا ڪلارڪ ليباريٽري اسٽنٽ، لائبررين، مالھي، بورچي، چوڪيدار پڻ ناياب هئا.
چانڊڪا ۾ سڀ کان پريشانيءَ واري امتحان جي موسم هوندي هئي. جنھن دوران شاگردن جي منھن تي ٻارهان وڄندا هئا ۽ انھن جي عقل جو سج لٿل رهندو هو. هر چھري تي موڳائپ، وائڙائپ، پريشاني واضح هوندي هئي ان لاءِ ئي مون فرسٽ ايئر جي هڪ گيٽ ٽو گيدر ۾ هي شعر پڙهيو:

ڏسي اوهان جون جوانيون.
ترس مون کي ٿو اچي،
وڏي هجڻ جي ناتي،
سان فرض منھنجو ٿو ٿئي،
پنھنجون زندگيون نہ برباد ڪيو.
هن ڊاڪٽريءَ کي باھہ ڏيو.
وڃي ڪا ڪلارڪي ڪيو.
اڙي سياڻا ٿيو ڪجهہ سوچيو.
اٿو اوهان کي موقعو ڀڄي وڃو
ڀڄي وڃو ڀڄي وڃو
نہ لفٽ ڪرائينديون اوهان کي ڇوڪريون!
ڪھڙيون ملنديون ڀلا اوهان کي نوڪريون!
ڊاڪٽرن جي مقدر ۾ لکيل هن در در جون ٺوڪريون.
اهو بہ دور، دور ناھہ جو کڻڻيون پونديون ٽوڪريون.
ڏسي مُڙدن جون کوپڙيون متان دهلجي پئو.
ڇڙن جون نہ ٿينديون شاديون،
مڱلين جون ٽٽنديون مڱڻيون،
سَگهرن جون زالون رسي وينديون،
اڃان بہ نوبتون طلاقن تي اينديون!
ان لاءِ ئي چوان ٿو اوهان کي،
ازدواجي زندگيءَ جو وٺو وڃي مزو!
سياڻا ٿيو ڪجهہ سوچيو.
اٿو اوهان کي موقعو، ڀڄي وڃو، ڀڄي وڃو.
پڙهڻ لئہ پوندو
مٺي ننڊ ڦٽائڻي،
ٻڌي نہ سگهندئو پنھنجي،
پسند جي ڳائڻي!
امتحان جي تہ ڀوءَ کان ٽينشن مٿي ٽينشن چڙهندا آهن،
امتحان جي رزلٽ کان لڱ لڱ ٿڙڪندا آهن.
جيڪ ڳولڻ ۾ بہ آهي وڏو ڏچو.
سياڻا ٿيو ڪجهہ سوچيو، ڀڄي وڃو، ڀڄي وڃو.
امتحان تہ امتحان ٿيندو آهي اسان کي فرسٽ پروفيشنل ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀوءُ ۽ تياري هوندي هئي. ڇوڪرا بہ استاد هئا جن جي پڙهائي نہ ٿي تہ انھن پنھنجا گروپ ٺاهيا ۽ جيڪڏهن upper limb جا هڏا پڙهڻا پيا تہ هڪ بون هڪ پڙهيو ٻيو ٻئي ۽ ٽئين ٽيون ذهانت شاگردن ۾ انتھائي حد تائين هوندي هئي ان لاءِ پوءِ شام جو هر شاگرد پنھنجو رکيل ڪم ٻڌائيندو هو ۽ ائين وقت ۽ محنت بچائي ويندي هئي. شاگردن ۾ ان معاملي ۾ ڪو بہ ساڙ، حسد يا بديانتي نہ هوندي هئي ۽ هر ڪو پنھنجو ڪم ذميواريءَ سان ڪندو هو ۽ ائين چيپٽر بہ ورهائي پڙهيا ويندا هئا. اهو ڪم ايڏي مھارت سان ٿيندو هو جو مجال آهي جو استاد سمجهي تہ هي چيپٽر هن ڇوڪري جو پڙهيل ناهي پر ٻڌل آهي. ٿيوريءَ لئہ باقاعدہ ڪم ٿيندو هو. ڪارتوس، بم، ڦٽاڪا، ميزائل، گولا تيار ڪيا ويندا هئا. انھن ڪارتوسن ٺاهڻ جي تياري ۽ سھيڙي رکڻ سان ڇوڪرن جو اڌ ڪورس پڙهجي ويندو هو. ان دور ۾ استاد بہ هڪ سوال ۾ 4 سوال پڇي ويندا هئا ۽ ائين essay ٽائيپ پيپر کي ڏسي حل ڪرڻ بہ ڪنھن ڪمزور شاگرد جو ڪم نہ هو. انھن جي انڊيڪس ٺاهڻ ، رٻڙ ۾ ٻڌڻ، وري هر چيپٽر پنھنجي جاءَ تي رکڻ بہ ڪو آسان ڪم نہ هو. فوٽو اسٽيٽ تي ايتري رش هوندي هئي جو فوٽو اسٽيٽ وارو باقاعدہ ٽائيم ڏيندو هو. امتحان هال ۾ وٺ وٺان هوندي هئي هر ڪو ايترو مصروف هوندو جو جيڪڏهن ڪنھن جي کيسي مان پئسا بہ ڪڍي وٺجن تہ خبر نہ پوندي پر ڪنھن ڪارتوس کي هٿ لڳايو تہ دماغ جا سڀ سينسر وڄي ويندا هئا ۽ سائرن وڄڻ لڳندو هو ان لاءِ امتحان ۾ ڪنھن جي ڪارتوس کي ڇيڙڻ ڪو مناسب ڪم نہ هو. پر ڇوڪرا فارغ ٿي هڪ ٻئي جي مدد ڪندا هئا اسان کان اڳ واري فورٿ ايئر جا هائيجن جا سڀ جرنل اسان جي بئنچ ٺاهيا ۽ اسان جون ايناٽاميءَ جون سڀ ڊاياگرامس فرسٽ ايئر وارن ٺاهيون.
انھن ڏينھن ۾ فائنل ائير جو نتيجو ايترو سخت نڪتو جو ميڊيسن جھڙي پيپر ۾ ڪو شاگرد هڪ مارڪ تي فيل ٿيو. ڪي تہ اهڙا بہ شاگرد هئا جن جا ٽي پيپر فيل هئا ۽ مارڪون پنج کٽل هئن. انھن ۾ رسول ميمڻ بہ هئو. رسول ميمڻ چانڊڪا جو مڃيل اديب هئو جنھنجو شاگرد واري دور ۾ ئي ”امن جي نالي“ ڪھاڻين جو مجموعو ۽ ”اوشا جي آشا“ شاعريءَ جو مجموعو ڇپيا پر رسول ميمڻ بنيادي طور تي ڪھاڻيءَ جو ليکڪ هو. رسول ميمڻ هڪ ترجمو بہ شايع ڪرايو آهي جنھن ۾ دنيا جي عظيم آرٽسٽن جي زندگيءَ جو حال احوال آهي. اوهان ليونارڊو ڊونچي کان وٺي موزارٽ تائين ان ڪتاب ۾ پڙهي سگهو ٿا. سو انھن فيل ٿيڻ جي فڪر ۾ ڊاڪٽر ڇوڪرا بک هڙتال تي ويٺا ۽ انھن بک هڙتالين جو روزانو چيڪ اپ شاھہ بيگ چانڊيو ڪرڻ ايندو هو جيڪو ان دور ۾ R. M. O هئو پر جيئن تہ شاگرد بک هڙتال دوران، جوس، مالٽا، صوف، ڪيلا، هلڪي ڦلڪي ماني آرام سان کائيندا هئا ان ڪري انھن بک هڙتالين جو وزن ڪرڻ بجاءِ وڌندو ويو ۽ انتظاميہ طرفان انھن ڇوڪرن جي ٿلھو ٿيڻ جي خوف کان کين گريس مارڪون ڏئي پاس ڪيو ويو هو. اهو واحد نتيجو هو جنھن ۾ ڇوڪرن کي اهڙي قسم جي رعايت ڏني وئي، ان وقت ۾ شاگردن جو سال بچائڻ لئہ اسپيشل سپليمينٽريءَ جو امتحان ورتو ويندو هو پر اهو امتحان بند ڪيو ويو ۽ ان اسپيشل سپلي جي بند ٿيڻ ڪري اسان جي هڪ دوست کي steatorrhea ٿي پئي جيڪو اڄڪلھہ f. c. p. s ڪيون ويٺو آهي. جيئن ئي امتحان جي انائونسمينٽ ٿيندي هئي تہ ان جا دوست پنھنجن پئسن مان flagyl, entox, furoxona اموڊيم ۽ mebeverine وٺي رکندا هئا جيئن پارٽنر جي پريشانيءَ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهن.
واءِ واز دوران بہ شاگرد پنھنجو ڪرتب ڏيکاريندا هئا انھن امتحان ڏيندڙن جي درجا بندي هيئن هئي.
1. اهي جيڪي text book پڙهي پنھنجي ليکي پاس ٿيندا هئا.
2. جيڪي text book پڙهندا هئا ۽ پاس ٿيڻ جي پڪ نہ هوندي هئن. اهي مسجد وسائيندا هئا.
3. جيڪي چوپڙيون پڙهي، جيڪ يعني سفارش جو استعمال ڪندا هئا. انھيءَ سفارش ۾ آفيسرن جي سفارش، مائٽن جي سفارش، ساهرن جي سفارش ۽ ليڊرن جي سفارش.
4. اهي جيڪي ٻڌي ڪري پڙهندا هئا اهي استاد سان وڃي شطرنج راند ڪندا هئا.
5. اهي جيڪي امتحان شروع ٿيڻ کان وٺي هر شاگرد کان واءِ واز جو حال احوال وٺي اهو نوٽ بوڪ ۾ اتاري انھن سوالن جا جواب ياد ڪندا هئا جيڪي استادن جا پسنديدہ جواب هجن.
6. اهي جيڪي انيئوئل کي امتحان ئي نہ سمجهندا هئا ۽ سپليءَ ۾ تياري ڪندا هئا.
7. اهي جيڪي ﷲ جي آسري امتحان ۾ ويھندا هئا.
اسان جي پروفيشنل ۾ مان جڏهن anatomy جي واءِ واز ڏيڻ ويس تہ هڪ شاگرد کي امين صاحب چيو تہ heart جي سرفيسanatomy مارڪ ڪر. ان مارڪنگ ۾ سويپر جو ساٿ ضروري هو. سوئيپر بہ ڇوڪري جو ستايل هو سو منھن جي پڪائي ڪري چپ ڪري ويھي رهيو شاگرد سڄي پاسي کان دل مارڪ ڪئي پر هن ڪئي بلڪل صحيح امين صاحب رڙ ڪري چيس تہ ڇا دل سڄي پاسي ٿيندي آ ڇوڪري جون وايون بتال ٿيون، وايون واپس موٽي آيون ۽ عقل امين صاحب کي دانھن ڪري چيو تہ سائين نارمل هرٽ جي سرفيس ايناٽامي تہ هرڪو ٿو مارڪ ڪري مان dextro cardia جي مريض جي دل مارڪ ڪئي آهي امين صاحب وڏو ٽھڪ ڏنو.
Anatomy ۾ بون، ماڊل، جنرل ايناٽامي سڀ ڪنھن کان هر چيپٽر مان هڪ نہ هڪ سوال ٿيندو هو. هڪ شاگرد کان امين صاحب پڇيو تہ obturator foramen (ڍڪڻيءَ جي هڏي) مان ڇا گذرندو آهي ڇوڪري رڙ ڪري چيس تہ سائين (medulla oblongata ) دماغ جو حصو. امين صاحب چيس تنھنجو دماغ anus ۾ آهي ڇا؟ پر اهو اهڙي نموني چيو ويو جو ڇوڪرو پنھنجي tract تي موٽي آيو پوءِ تہ ان بہ امين صاحب جو مٿو ڪچو ڪيو.
حاجي صاحب هڪ ڇوڪري کان فزيالاجيءَ ۾ سوال ڪيو تہ : body temp ڪيترو آهي؟ ڇوڪري کان غلطيءَ ۾ نڪري ويو 98. 4c ڇوڪرو بہ سانورو هيو. حاجي صاحب چيس پٽ ﷲ تعاليٰ توکي ان temp سان ٺاهيو آهي. حليم صاحب بہ شاگردن کي cycles ۾ منجهائيندو هو پر ڇوڪرا بہ اهڙا استاد جو انھن سائيڪلن جو سنڌيءَ ۾ مخفف ٺاهي ياد ڪندا هئا.
آئون سيڪنڊ ايئر ۾ هيس تہ اعظم مليو ان جو فارما ڪولوجيءَ جو امتحان هئو. اعظم ٻگهيو چانڊڪا جي اها شخصيت هئي جنھن کي چانڊڪا تہ ڇا پورو لاڙڪاڻو سڃاڻيندو هو ننڍي قد وارو اعظم ڀٽي صاحب جو شيدائي هو. پڙهڻ سان پوندي نہ هيس باقي چانڊڪا جي محفلن جي جان هوندو هو. اسپورٽس ويڪ جي ڪامنٽري، ڪنھن فنڪشن جي انائونسمنٽ، جهمر، نعرا اعظم جي شخصيت جا لازمي جزا هئا.
اعظم چيو تہ باقي تہ پاس ٿيندس رحيم صاحب رعايت نہ ڪندو چوندو ڪجهہ نہ ڪجهہ ٻڌاءِ، ماڪا تون ئي ٻڌاءِ ڪنھن سوال جو جواب، پوءِ اعظم کي t. v تان ٻڌل ايسپرين جا side effecte ياد ڪرايا.
انھيءَ دور ۾ استاد اسان جھڙن مسڪين شاگردن کي چوندا هئا پٽ جيڪو اچئي ٿو اهو ئي ٻڌاءِ.
سو جڏهن اعظم واءِ واس ۾ ويو تہ رحيم صاحب پڇيس
اعظم پڙهي آيو آهين؟
حاضر سائين
سائين اسپرين جا side effects ٻڌاءِ.
سائیں خالی پیٹ اور بدہضمی میں نہ لیں، بچوں کی پہنچ سے دور رکھیں، طبیعت زیادہ خراب ہو تو ڈاکٹر سے رجوع کریں۔
رحيم صاحب ڏاڍو کليو ۽ چيس تہ ڪيئن ياد ڪيا اٿئي؟ چيائين تہ سائين هاڻي اڌ ڪلاڪ ماڪي سان ڪينٽين تي revesion پئي ڪئي، پر هو تہ جونيئر آهي سائين intelligent آ نہ. رحيم صاحب پوءِ جڏهن ملندو هو تہ چوندو هو متان اعظم وانگر پڙهي اچين پر خوش قسمتيءَ سان اسان رحيم صاحب جي examiner ٿيڻ کان بچي وياسون.
اسان جو ٿرڊ ايئر وارو امتحان سولنگي صاحب ورتو ۽ پٿالاجي جو امتحان سائين غلام رسول قريشي صاحب جي نہ هجڻ ڪري سائين زبير صاحب ورتو. انھن ڏينھن ۾ ڪاليج ۾ الاهي ڏچا هوندا هئا. سياسي ميدان ۾ اسان کان اڳ واري پوري بئچ ڪنھن مسئلي تي امتحان نہ ڏنو ۽ سڄي جو سڄي بئچ کي هڪ سال لئہ پوئتي ڪيو ويو ، ڪن اخبارن تہ بئچ لاءِ لکيو تہ ان کي ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو آهي. اها خبر سنڌ جي گورنر جي حوالي سان سنڌي اخبار پنھنجي مک سرخيءَ ۾ ڇاپي. سياسي قيادتون زمين دوز ٿي ويون هيون ۽ اسان جي ڪلاس جو امتحان هو ٿرڊ ائير جو، جنھن لئہ اسان جي ڪلاس جي هڪ ائڪشن ڪاميٽي جوڙي وئي تہ اسان پاڻ کان پويان ايندڙ ساٿين لئہ جدوجھد ڪيون ۽ اسان بہ امتحان جي بائڪاٽ جو اعلان ڪيون. زبير صاحب سان ڳالھيون ٿيون. اهي ڳالھيون زبير صاحب پنھنجي ليکي ڪيون يا انتظاميہ ڪرايون پر مان نابري واري بيٺس تہ جيستائين اسان کان پھرئين بئچ جو امتحان نہ ورتو ويندو تہ اسان امتحان نہ ڏينداسون ۽ ان دوران زبير صاحب سان الاهي گرما گرم بحث بہ ٿيو. پوءِ پوئين بئچ جو امتحان وٺڻ جو اعلان ٿيو ۽ مان جڏهن پئٿالاجيءَ جو امتحان ڏيڻ ويس تہ زبير صاحب مون کي منھنجو رويو ياد ڏياريو. پوءِ زبير صاحب سوال پڇڻ شروع ڪيا ۽ مان جواب ڏيندو رهيس ۽ ائين سوال پيچيدہ ۽ اجنبي ٿيندا ويا. مون کي رزلٽ ۾ پئٿالاجيءَ جي پيپر ۾ فيل ڪيو ويو. جيئن تہ آءٌ ڪو سياسي ماڻھو يا ڪو طاقتور شاگرد نہ هيس ان لاءِ انتقامن فيل ڪيو ويس. حتيٰ ڪه مان پڙهڻ وارن ڇوڪرن مان هئس هي ان لاءِ لکان ٿو تہ امتحان ۾ بہ استاد جي پسند، ناپسند، هلڪي ناراضگي يا ڪو ٻيو سبب بہ ڪڏهن ڪڏهن امتحان جي نتيجي تي اثر انداز ٿيندو آهي ۽ اهي روايتون صدين کان هلنديون اچن ٿيون ۽ شايد هلنديون رهنديون مگر متاثر شاگرد ان جو منفي اثر نہ وٺن ۽ دلبرداشتہ نہ ٿين. دلبرداشتہ ٿيڻ جو وڏو سبب ڪڏهن ڪڏهن امتحان ۾ ناانصافي بہ هوندي آ. اها ناانصافي بہ شاگرد کي ڀوڳڻي پوي ٿي. مگر اوهان جي اندر ۾ جيڪا طاقت، قوت ۽ talent آهي اهو اوهان کي ڪڏهن نہ ڪڏهن باقاعدہ، سينگاري، سنواري سرخرو ڪندو. سو ڪنھن امتحان ۾ فيل ٿيڻ يا پوزيشن نہ کڻڻ شاگرد زندگيءَ جو حصو آهي ان کي ايترو سيريس نہ وٺڻ کپي. ڪلاس جي دوستن کي ڏاڍو ڏک رسيو. مان جڏهن سپلي ڏيڻ ويس تہ مون وٽ اهو خوف ضرور هو تہ متان سال نہ وڃي سو مان بہ ايترو پڙهيو ۽ يقينا ائين بہ سوچيو تہ جيڪڏهن مان فيل ٿيس تہ ڪورٽ ۾ هليو ويندس. پوءِ سپليءَ ۾ شير محمد شيخ صاحب پئٿالاجي جو اگزمنر ٿيو ۽ رشيد شيخ صاحب pmc مان ايڪسٽرنل ٿي آيو مان جڏهن واءِ وا ڏيڻ ويس تہ رشيد شيخ صاحب مون کان سوال پڇڻ شروع ڪيا مان جواب ڏيندو رهيس ۽ اهو سلسلو ڊگهو ٿيندو ويو.
رشيد شيخ صاحب چيو پٽ تو annual نہ ڏنو هو ڇا؟
مون وراڻيو سائين فيل ٿيس
رشيد شيخ صاحب پڇيو: بيمار هئين ڇا؟ نہ سائين فيل ڪيو ويس. ان تي مون کي شير محمد شيخ چيو تہ پٽ تون وڃ پاس آهين.
پر رشيد شيخ صاحب پوري ماجرا پڇي. هن نہ فقط افسوس ڪيو پر شير محمد شيخ صاحب سان شاگردن جي امتحان جي مسئلي تي انصاف تي وڏو بحث پڻ ڪيو. رشيد شيخ صاحب ائين محسوس ڪيو ڄڻ مان ڪو هن جو ويجهو عزيز دوست هجان.
۽ پوءِ هن منھنجون مارڪون ۽ شير محمد شيخ صاحب جون مارڪون پڪي پين سان لکيون ۽ مون کان استاد جي رويي تي apologise ڪيو. ان استاد جي رويي منھنجي اندر جي سموري ڪاوڙ، غصي ۽ بغاوت کي ماٺ ڪري ڇڏيو. سو استاد شاگرد جي اندر جي ان تڪليف تائين بہ پهچي ويندا هئا ۽ جيڪا نظر نہ ايندي هئي.
چوٿين سال جو امتحان تہ اسان ٽپا ڏئي پاس ڪيو . هائيجن ۾ تہ انور صاحب هو ۽ پئٿالاجيءَ ۾ بہ شير محمد شيخ صاحب پراڻي امتحان جي سموري ڪاوڙ ختم ڪري ڇڏي. باقي فائنل جو امتحان تہ فائنل آهي. فائنل ۾ مون سان استادن پوري پوري جٺ ڪئي ڇو جو شايد ئي ڪو استاد اهڙو هيو جنھن جو مان نقل نہ ڪيو هجي يا ان جي پيروڊي نہ ٺاهي هجي. خاڪن کان وٺي شاعريءَ تائين استادن جا خدوخال بہ بيان ڪيا ويندا هئا جيڪي شيون اڄڪلھہ احترام سبب نہ ٿيون لکجن ڇو جو اهو وقت ئي ٻيو هو.
مان جڏهن واءِ واز ڏيڻ ويس تہ ﷲ بچائي صاحب جيڪا مشڪري ڪيي اها اڳ ۾ ئي لکي آيو آهيان پر رحيم ئي وهرا صاحب بہ گهٽ نہ ڪئي چيائين تہ واءِ واز پوءِ وٺندومانءِ اڳ ۾ اهو گانو ٻڌائي تہ : میں سر وهرا کی طرف چل نکلا۔ وهره صاحب کي چيم سائين اهو گانو اوهان مير نذير کان پڇجو جيڪو چوندو هو تہ :
ﷲ ميس مئنيجر کي سمجهاءِ
دل دال جي ماريل آ
دل دال جي ماريل آ
پٽاٽن جي ساڙيل آ
سو وهرا صاحب بہ منھن پڪو ڪري ويھي رهيو انھن ڏينھن ۾ رحيم اي وهرا صاحب ۽ شبيح الحسن زيدي صاحب ۽ جهامن داس منجاني صاحب کي چانڊڪا ۾ پروفيسرن جي کوٽ پوري ڪرڻ لئہ موڪليو ويو هو.
وهرا صاحب سرجريءَ ۾ ڪم ڪندو هو ۽ تڪڙي ۽ تيز سرجري ڪرڻ جو ماهر هو خاص طور تي پتي جي آپريشن جو ماهر هو شاگردن سان ڀائيچاري ۽ کل ڀوڳ سان هلندو هو.
شبيح الحسن زيدي صاحب اي. اين. ٽي جو ماهر پروفيسر هو هن هڪڙو ڪتاب بہ لکيو هو جيڪو اسان اکر اکر پڙهيو. پر اسان جي بدقسمتي جو فائنل جي امتحان کان اڳ شبيح الحسن زيدي بدلي ٿي ويو. شبيح الحسن جيترا ڏينھن بہ چانڊڪا آيو ان اسان کي الاهي محنت سان پڙهايو.
سائين جهامن داس منجاني علم بيھوشي anaesthesia ۾ f. f. a هو ۽ ميڊيسن ۾ m. r. c. p پڻ ان جو ذڪر هائوس جاب جي باب ۾ ٿيندو.
سو وهرا صاحب کي چيم تہ سائين سر ۾ تہ مير نذير ڳائي سگهي ٿو باقي تحت اللفظ ۾ چئو تہ مان ٻڌايان ۽ وهرا صاحب چيو اهو ئي ٻڌاءِ
اگر میری سپلی آئی تو
میں سر وھرا کی طرف چل نکلا
سرجری تونے ماردیا
میرا پڑھ پڑھ کے دم نکلا
سروھرا کی کروں تعریف میں کیا
تشخیص کیا prostate
وہ توھرنیا hernia نکلا
امتحان هال ۾ وڏو ٽھڪ اڀريو. پر پوءِ وچ ۾ محبوب شاھہ جان بچرائي محبوب شاھہ سائين وهرا کي چيو تہ: اسماعیل جینس لڑکا ہے، سر یہ مذاق بس ایسے کرتا ہے، پڑھنے والا لڑکا ہے۔ پوءِ وهرا صاحب بہ الاهي پيار سان عام شاگردن وانگر سوال ڪيا ۽ پوءِ ڪافي appreciate ڪرڻ کان پوءِ چيائين ڀلا معين اختر تنھنجو سئوٽ آهي ڇا؟ نہ سائين ماسات آهي!.
محبوب شاھہ هڪ ملڪي پارٽيءَ جو اهم شاگرد اڳواڻ هو مگر انتھائي بااخلاق ۽ تحمل وارو هو پنھنجي پيري مريدي جو اثر رکڻ ڪري ان جي پارٽيءَ کي ڀرپور main power فراهم ڪندو هو.
جڏهن مان اي. اين. ٽي جي واءِ واز ڏيڻ ويس تہ حسن صاحب بلڪل خشڪ طريقي سان واءِ واز وٺڻ شروع ڪئي. هلندي هلندي مون کان syringingڪن صاف ڪرڻ جا complications پڇيا مان بہ ٺڪ سان چيو vasovagal atack .
کیا کرو گے؟
سر شاک کو مینٹین کروں گا۔
کیا دو گے؟
1/v line maintanکروں گا
Fluid دوں گا، anti Histamine دوں گا cortisone دوں گا۔ اگر arrest میں چلا گیا تو کیا کرو گے؟adrenaline دوں گا۔ artificial ventilationدوں گا۔ اور سر adrenaline intra cardial دوں گا۔
حسن صاحب ڪاوڙ ۾ چيو:
یہ کیوں نہیں کہتے ہو کہ ٹانگیں اٹھاؤں گا۔
سر اگر مریض female ہو تو مصیبت ہوجائے گی۔
حسن صاحب وڏو ٽھڪ ڏنو اتي محبت جتوئي صاحب بہ کليو.
سر یہاں سب سے پہلے foot end ……. . اوپر کروں گا۔ e.n.t مان جند ڇڏائي جڏهن گائني ويس تہ ميڊم بلقيس ميڊم رضيہ انصاريءَ کي چيو: یہ لڑکا brilliant ہے یہ واحد لڑکا ہے جو m. r. c. o. g کرنا چاہتا ہے۔ ميڊم تہ مذاق ۾ چيو پر ميڊم رضيہ انصاري سوالن ۾ ڪڙڪي پئي. مان بہ ان وقت گائني جيف ڪاٽ کان وٺي ٽين ٽيچرس تائين اي، اين، ڊونالڊ کان وٺي مجيد ميمڻ تائين ۽ راشد لطيف کان وٺي هر چوپڙي ۽ نوٽس پڙهيا هئا ۽ هونئن بہ گائنيءَ جي پوسٽنگ بہ ٽيئي سال اٽين ڪئي هئي سو ميڊم رضيہ سان ٻہ پاڻي ڪري ٽپا ڏيندو لھي آيو هوس.
باقي eye جي واءِ واز ۾ اڪبر حيدر سومري صاحب ڏاڍي عزت ڪئي. ضياء شيخ کي چيائين هي اسان جي ڪاليج جو سٺو ڇوڪرو آهي. ضياءَ منھنجي حصي جي واءِ واز بہ تون وٺيس ۽ مان آءِ ڊپارٽمينٽ مان يقيني پاس ٿي آيو هوس.
ان دور ۾ استاد امتحان دوران مزاحيہ، پرخلوص ۽ پنھنجائپ وارو رويو رکندا هئا. جيڪڏهن ڪو شاگرد صحيح نہ ٻڌائي سگهندو هو تہ ان کي چوندا هئا پٽ تون بلاشڪ ٿوري دير کان پوءِ فريش ٿي اچ. استاد مذاق ضرور ڪندا هئا مگر تذليل نہ ڪندا هئا ۽ انھن جي حتيٰ الامڪان ڪوشش هوندي هئي تہ شاگردن کي پاس ڪجي. ڇو جو هڪ تہ ملڪي حالتن ڪري وقت گهڻو لڳي ويو هو ۽ ايم بي بي ايس ستن سالن ۾ ٿيندي هئي ۽ ٻيو تہ شاگرد بہ بيزاريءَ واري ڪيفيت ۾ اچي ويا هئا.
استادن جي اهڙي سٺي رويي باوجود بہ ڪيترائي شاگرد chronic failure طور مشھور هئا پر پوءِ بہ استاد انھن کي گِھلي گنداڻي پاس ڪندا هئا.
اسان جي فائنل جي امتحان دوران هڪ ناخوشگوار واقعو پيش آيو. ٻڌڻ ۾ آيو تہ ڪنھن استاد ڪنھن شاگردياڻيءَ کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي، انھن واقعن لئہ بس باھہ تي تيل هارڻو هوندو هو. هڪ تنظيم ان معاملي تي گهڻو رد عمل ڏنو ۽ ڪجهہ ڪلاڪن لئہ استادن کي يرغمال بہ بڻايو ويو مگر پوءِ معاملو ٿڌو ٿيو.
انھن ڏينھن ۾ سنڌ ڊيموڪريٽس dsf هڪ سائڪلو سٽائيل ٽائيپ پرچو ڪڍندي هئي جاڳرتا جنھن جي ايڊيٽوريل ۾ اهو قصو لکيو ويو هو تہ 5 شاگردن کي هڪ سال لئہ ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو آهي ۽ شاگردياڻيءَ کي T. C ڏني وئي آهي. استادن جي وڏي اڪثريت بردبار، محنتي ۽ شاگردن سان همدردي رکڻ واري هئي مگر انھن اندر بہ ڪجهہ ڪاريون رڍون بہ هيون تہ ان کان انڪار نہ ٿو ڪري سگهجي. خوبيون ۽ خاميون شخصيتن جي زندگيءَ جو حصو ٿين ٿيون. مزاج بہ لھجو بہ، انداز بہ ، زبان بہ، لفظ بہ، اشارا بہ سڀني استادن کي اعتدال ۾ سوچ رکي ڳالھائڻ کپن ڇو جو هنن کي سوين شاگرد پرکڻ ۽ ڏسڻ وارا هوندا آهن.

تقريري مقابلا:

منھنجي فرسٽ ايئر جي شروعاتي ڏينھن ۾ ھڪ تقريري مقابلو ٿيو عنوان ھيو تہ ”عورت فساد جي جڙ آھي“ ان مباحثي جي قائد ايوان طاھرا ڪوثر ڀٽو صاحبہ ھئي جيڪا پڻ سٺي مقرر ھئي. انھن ڏينھن ۾ شايد ماھ جبين مغل صاحبہ ڊبيٽنگ سيڪريٽري ھوندي ھئي. تقريرون ڏاڍيون جاندار ۽ جوشيليون ھيون. مون کي سمجهہ ۾ نہ آيو تہ ڇا چوان ان دور ۾ آءُ پتڪڙو ۽ ڦڙتيلو ھئس. مون بہ پنھنجي سڀني صلاحيتن کي استعمال ڪندي قائد ايوان جي تقرير تي تقرير ڪئي.
محترمہ طاھرا ڪوثر ڀٽو چيو ھو تہ:
عورت چئن اکرن جي ٺھيل آھي؛
ع معنيٰ عبادت گذار
و وفادار
ر رحمدل
ت تدبر واري
مان بہ ڦڙڪيون ھڻندي چيو ته
قائد ايوان چيو تہ عورت عبادت گذار، وفادار، رحمدل ۽ تدبر واري آھي. ھوءَ تہ پرھيزگار۽ حيا جو پتلو آھي.
پر صدرگرامي!
جيڪڏھن عورت عبادت گذار آھي تہ پوءِ محترمہ جي بي نقاب زلفن تي حيا جو ڍڪ ھجي ھا. محترمہ جون نظرون سامعين جي رنگارنگي لباس بجاءِ قرآن شريف جي ورقن ۾ ھجن ھا. توريت کي ڏسن ھا. زبور کي پڙھن ھا. جيڪڏھن عورت عبادت گذار آھي تہ محترمہ جي ڳلي ۾ لاڪٽ نہ پر تسبيح يا مالھا ھجي ھا. جيڪڏھن عورت عبادت گذار آھي تہ محترمہ کي ھن وقت ڪنھن مسجد ۾ ھجڻ کپندو ھو. ڪنھن مندر ۾ ھجڻ کپندو ھو. ڪنھن گرجا ۾ ھئڻ کپندو ھو، ڪنھن ڪليسا ۾ ھجڻ کپندو ھو نہ ڪي ھن اسٽيج يا ميڙ ۾ ھئڻ کپندو ھو.
ھوءَ وفادار ناھي ڪڏھن ھن ليلا بڻجي چنيسر مڻي تي وڪيو آ تہ ڪڏھن سھڻي بڻجي ڏم کي ڏکايو آھي جيئن شاھ چيو آ
ڏينھان گهاري ڏسين راتين جو ميھار
ورتائين ٻہ پار تيلھ مئي سھڻي
ڪڏھن ھوءَ غيور ڀاءُ جي عزت مٽيءَ ۾ ملائي مجازي خدا جو اڱڻ اڪاري غيرن سان گڏ ھلي وڃي ٿي. محترمہ شايد عبرت اخبار جا ڌيان طلب جا ڪالم ڪو نہ پڙھيا آھن.
رحمدل نہ آھي، تاريخ جي مختلف دورن ۾ ھن مختلف ظالمانہ روپ ڌاريا آھن، ڪڏھن ھن مڪروھ روپ ۾ سرور ڪائنات تي گند اڇلايو آھي تہ ڪڏھن ھن ”ھندا“ بڻجي حضرت حمزہ جي دل کي چٻاڙيو آھي. ڪڏھن ھن گولڊ ميئر بڻجي فلسطين تي بم وسرايا آھن معصومن کي مارايو آھي. جوانن کي سنگينن سان چيرايو آھي. ٽئنڪن سان چيٿاڙيو آھي. گولين سان اڏايو آھي.
ڪڏھن ھن مومل بڻجي سون شھزادن کي موت جو مزو چکرايو آھي تہ ڪڏھن ھن ڪونئرو بڻجي ليلا جو گهر اجاڙيو آھي. جديد دور ۾ ھوءَ انڌ جي اھڙي گهوڙي تي چڙھيل آھي جو پنھنجي معصوم ٻچڙن تي بہ ظلم ڪري ٿي، انھن کي ٿڃ بہ نہ ٿي ڏئي ۽ چوي ٿي تہ ان سان سندس سونھن گهٽجي ٿي.
تدبر واري آھي.
چڙچڙوپن، ساڙ، حسد، ريس ۽ تعصب ھن جي رڳ رڳ ، نس نس ۾ موجود آھي. هو پنھنجي ھم جنس کي بہ نہ ٿي بخشي، شعلہ بياني ۽ ڪاڪڙو ڪري جهيڙو ڪرڻ ڪو ھن کان سکي، منٽن ۾ گهر ۽ خاندان جلائي ٿي.
قائد ايوان جو ٻيو دليل ھو تہ عورت ڪمزور آھي. ھن ۾ رت جو دٻاءُ گهٽ، ڳاڙھا جزا گهٽ، دل جي ڌڙڪ گهٽ، دماغ جي تور گهٽ ۽ ڪمزور ڪڏھن بہ ظالم نہ ٿو ٿي سگهي.
مون چيو ھو:
صدر گرامي ھٽلر، تيمور، چنگيز کان ڪيترائي ماڻھو طبعي طور وڌيڪ مضبوط ھئا ۽ ھي انھن کان طبعي طور تي ڪمزور ھئا پر ھنن جا ظلم ٻڌي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وڃي ٿي. ڪئي جيوگهرڙا ايترا تہ ننڍا ۽ ڪمزور آھن جو اھي اک سان ڏسي بہ نہ ٿا سگهجن. ڳالھہ تور ۽ وزن سان مظلوم ٿيڻ جي آھي تہ ڪول ھاٿيءَ کان ھزارين دفعا ڇا لکين دفعا ننڍي آھي پر اھا بہ ظلم ڪري ھاٿيءَ کي ماري سگهي ٿي.
منھنجي تقرير تہ شاندار ٿي ھئي مگر آخر ۾ قائد ايوان منھنجي محنت تي پاڻي ڦيري وئي ۽ چيائين تہ منھنجي ننڍڙي ڀاءُ اجايو جذباتي ٿي چيو تہ مون کي مسجد ۾ ھجڻ کپندو ھو اڃان تہ ڏھ ٿيا آھن مان عشاءَ جي نماز قضا ڪر ي پڙھنديس ۽ ھن لئہ دعا مغفرت گهرنديس. واقعي ئي ان مقابلي ۾ ججن منھنجي تقرير تي دعاءِ مغفرت پڙھي ڇڏي ۽ مون کي ڪو بہ انعام نہ مليو. پر سينيئر ڇوڪرن تمام گهڻي ھمت افزائي ڪئي. مشغول پتافي ڪينٽين تي چانھہ پيئاري ۽ سڀني چيو تہ تون اسان وٽ تہ کٽي وئين ۽ ائين مون کي ڪينٽن تي سمورن ڇوڪرن لفظن جو انعام ڏنو. اھو انھن ڇوڪرن جو پنھنجن ماڻھن سان پيار ھو. ھو ڪنھن جي ڏک ۾ رڌالن کان وڌيڪ روئندا ھئا ۽ اھا جذبن جي سچائي ئي چانڊڪا جي ڇوڪرن جي سڃاڻپ ھئي. ڊبيٽ جي ان فنڪشن ڪري مون کي ڪجهہ ڇوڪرا سڃاڻڻ لڳا خاص ڪري ڪلاس ۾ مون کي چڱو خاصو ڀائيندا ھئا.
ڊبيٽس جي انھيءَ فنڪشن ۾ انگريزيءَ ۾ بہ تقريرون ٿيون ھيون اردوءَ ۾ بہ پر مان حافظ عطاءُ الرحمان لائق چوھاڻ ۽ ڪريم سولنگيءَ کانسواءِ ڪنھن ٻئي کي ياد نہ ڪري سگهيو آھيان. البتہ رخسانہ الماس انصاري ان مقابلي جي کٽندڙ ھئي. ڪيترائي شعلہ بيان مقرر ھئا. مگر افسوس تہ انھن جا نالا ياد نہ آھن البتہ ڪنيعه لال شايد اڄڪلھہ اک جي شعبي ۾ سينيئر رجسٽرار آھي جنھن ان مقابلي ۾ حصو ورتو ھو.
چانڊڪا جي اليڪشن کان پوءِ مجتبيٰ ميمڻ ڊبيٽنگ سيڪريٽري ٿي آيو ۽ باقاعدہ ڊبيٽنگ ڪاميٽي ٺاھي وئي جنھن ۾ پروفيسر نوراحمد بلوچ، غلام رسول قريشي ۽ نيڪ محمد شيخ صاحب جن دلچسپي وٺندا ھئا ۽ ٻيو اينيئونل ڊبيٽ ڪاميپٽيشن ٿيون جنھن ۾ باقاعدہ ٽنھي زبانن ۾ ڊبيٽس ٿيون.
سنڌيءَ ۾ عنوان ھو: ”زندگي عذاب آ“
اردو ۽ انگريزيءَ ۾ بہ مباحثو ٿيو
انگريزي مباحثي جو مطلب ھو تہ نوجوان بگڙيل آھن. انھن ڏينھن ۾ طارق مرزا ڪراچيءَ جو اردو اسپيڪنگ ڇوڪرو ھو جنھن لئہ مشھور ھو تہ سٺو ڊبيٽر آھي ۽ اھو نوجوانن جي ٽي وي پروگرام ”فروزان“ جي ڪمپيئر سان سٺو مھاڏو اٽڪائي آيو.
ڪمپيئر جيڪا عورت ھئي.
تنھن طارق مرزا کان پڇيو
ہاں توبتائیں آپ کیا چیز ہیں؟
تنھن تي طارق کيس جواب ڏنو ھو ته
میڈم چیز تو آپ ہیں میں تو ناچیز ہوں!
طارق مرزا انگريزي مباحثي ۾ تقرير لئہ آيو تہ ان عجيب طريقواختيار ڪيو. ھن جي ھڪ دوست ھن کي ڊائس تي گاھ ڏنو تہ کاءُ ھيٺان ڪن انڊا ٽماٽر ڦھڪائي ڏنا اھو سڀ pre plan اڳواٽ رٿيل ھو ۽ طارق ان نقطي تي تقرير ڪئي ۽ انعام کٽي ويو. اردو ۾ ان وقت نجم ثاقب جي تقرير نمايان ھئي ۽ شايد مير حسن ملڪاڻي بہ اردو ۾ حصو ورتو ھو.
سنڌي تقريرن دوران انتھائي سٺيون تقريرون ٿيون سٺيون مشڪريون بہ ٿيون. اھو واقعي ئي tug of war ھو جنھن ۾ ڪنھن کي بہ پڪ نہ هئي تہ ڪير کٽندو ۽ ان مقابلي جي بنياد تي رات جو في البديع تقريري مقابلو ٿيڻو ھو.
ان تقرير دوران ھڪ شاگرد حفيظ ابڙو جيڪو جيڪب آباد جو ھو ان کي ھوشو سڏيندا ھئا. کاٻڙي ھٿ وارو اھو شاگرد ڪرڪيٽ ۽ ٽيبل ٽينس بہ چڱي کيڏيندو ھو. حفيظ منھن مٿو پٽيندو مٿي ۾ مٽي وجهي راھڙ ڪندو اسٽيج تي آيو تہ عذاب آ، عذاب آ، زندگي عذاب آ، پوءِ تہ ھال ۾ ڇڙو نعرو ھو عذاب آ زندگي عذاب آ.
ان مقابلي ۾ واقعي ئي شاگردن انتھائي معياري تقريرون ڪيون ھيون. مير حسن ملڪاڻي جنھن علامہ نصير الدين اجتھادي جي طريقي سان رڌم ۾ تقرير ڪئي. رحيم سومري بہ سٺو ڳالھايو. شمس سومري، انيڪ شاگردن تقريرون ڪيون ۽ اھي تقريرون انتھائي معياري ھيون. مون بہ تقرير ڪئي جنھن جا ڪجهہ ٽڪرا پيش ڪجن ٿا.
مون ان مباحثي ۾ مخالفت ۾ تقرير ڪئي ھئي تہ زندگي عذاب نہ آھي. مون چيو ھو:
اسان زندگيءَ جي تخليقي پھلوءَ تي غور ڪيون تہ ڊارون چوي ٿو تہ زندگي سيل يا جيو گهڙي مان ٺھيل آھي پر ڊارون اھو ڪو نہ ٻڌايو تہ اھو سيل ڪنھن ٺاھيو. وجود حيات جو تصور مقدس قرآن ۾ ڏسون تہ وجود محبوب خدا آھي پوءِ خدا جيڪا شيءِ پنھنجي محبوب لاءِ خلقي ۽ ان کي بخشي، ان کي نعمت چيو، رحمت چيو، جنھن جو خالق ئي عظمت الاھيءَ جو آئينو سڏي ٿو. ان جي ھر ذري کي ماھ جبين سڏي ٿو. ان کي اھڙو بي بھا نگينو چوي ٿو جنھن جو خارج عقل تخمينو سڏي ٿو. اھا ڪيئن عذاب آ؟
جيڪڏھن زندگي عذاب آھي تہ پوءِ ھي دوست شاديون ڇو ٿا ڪن ٻين زندگين کي جنم ڏئي انھن کي عذاب ۾ ڌڪي گناھ ڇو ٿا ڪن ارتڪاب گناھ کان بعد ان گناھ کي ختم ڇو نہ ٿا ڪن پر ڇو پيءَ ماءَ بڻجي ڪري خود ئي زندگيءَ لئہ زندگيءَ جي دعا ڇو ٿا ڪن.
جناب صدر، ماءُ امرتا، ماءُ مقدس ھستي اولاد محبت ڪري جنت جنھن جي قدمن ۾ اچي ٿي. ماءُ تہ وڏي حياتيءَ لئہ دعائون ڏيندي آ. جڳ جڳ جيئين شال چوندي آ جيڪڏھن زندگي عذاب آھي ۽ ماءُ طويل عذاب جي دعا ڏئي ها تہ ماءُ جي مقدسمي پائمال ٿي وڃي ھا. جنت ھن جي قدمن ھيٺيان نڪري وڃي ھا.
جيڪڏھن زندگي عذاب آھي تہ ماڻھو موت کان ڇو ٿا ڊڄن. زندگيءَ لئہ جدوجھد ڇو ٿا ڪن. زندگيءَ سان لڳاءُ ان ڳالھہ جو واضح ثبوت آھي تہ زندگي عذاب ناھي.
ان مقابلي جو نتيجو ظاھر نہ ڪيو ويو ھو ۽ اٺن ڄڻن کي فقط في البديع تقرير لئہ چيو ويو جيڪو فنڪشن رات جو ھو ۽ ان جو مھمان خصوصي ان وقت جو سکر جو ڪمشنر آغا رفيق ھو اھو چانڊڪا اندر ڪنھن ڪاموري جو پھريون اسٽيج تي اچڻ ھو.
شام جو کچا کچ ڀريل ھال ۾،
عنوان شاگردن کي ڏنا ويا.
مير حسن ملڪاڻي کي عنوان مليو ”تنھنجو خط مليو”
مون کي عنوان مليو ”واھ واھ چمچا گيري“ ٻيا عنوان ھئا، پٿر جو بت، شيطان عظيم آ، ڪوڙ جديد دور جي ضرورت آهي، اڄڪلھہ جو ڊاڪٽر جراح نہ پر جلاد آهي، اڄڪلھہ جي تعليم فيشن آهي.
مون ٽن منٽن جي وقفي کانپوءِ تقرير ڪئي ان تقرير دوران مير حسن ھلي نہ سگهيو مان واھ واھ چمچا گيري تي ڳالھائيندي چانڊڪا ۾ چمچن جي ڪردار تي ڳالھايو جنھن تي ڪيترن شاگردن ڪڪڙ وانگر ڪنڌ بہ ھيٺ ڪيا. بھرحال ان في البديع مقابلي۾ مان پھريون نمبر آيو ھوس ۽ اڳئين مقابلي ۾ مير حسن ملڪاڻي پھريون نمبر آيو ھو ۽ مان ٻيو نمبر آيو ھوس ۽ اسان ٻنھي کي چانڊڪا جي شاگردن ڀرپور عزت ۽ داد ڏنو ھو. مير حسن ملڪاڻيءَ ۽ منھنجي جوڙي چانڊڪا لئہ ٻاھران جي مقابلن ۾ ٽرافيون ۽ انعام بہ کٽيا پر پوءِ ستت مير حسن ملڪاڻي T. C وٺي ويو. بدقسمتيءَ سان ڊبيٽس جي انھيءَ فنڪشن ۾ انعامن جي ورھاست نہ ٿي سگهي ۽ اھو فنڪشن آخر ۾ ھنگامي جي نظر ٿي ويو پر نہ ڪا گولي ھلي نہ ڪو زخمي ٿيو.
ان ڊبيٽ جي فنڪشن جي ھل ھنگامي چانڊڪا جي شاگرد سياست تي ڪافي اثر وڌا ۽ پوءِ سپاف ۽ جساف ھميشہ ٽڪراءُ ۾ رھنديون ھيون.
ٻئي دفعي ڊبيٽس جي انعامن جي ورھاست ان وقت جي پي پي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئيءَ کان ڪرائي وئي ڇو جو چانڊڪا جي اليڪشن سپاف کٽي آئي ھئي. ڊبيٽس جي انعامن جي ورھاست وارو ٻيو فنڪشن ھٿيارن جي ڇانوَ ۾ ٿيو مگر ڪو بہ ناخوشگوار واقعو پيش نہ آيو.
انھن تقريرن جي عنوانن تي ڪافي ڪينٽيني بحث بہ ٿيا مثلاً ”شيطان عظيم آھي“ جي عنوان تي مذھبي ڌرين سخت ناراضگي ڏيکاري ۽ ان عنوان کي ناپسند ڪيو ويو مگر لبرل ڇوڪرن ڪرشن چندر جي ناول ”بڙا شيطان“ کي بہ موضوع ھيٺ آندو ليڪن يڪطرفہ راءِ سان ان عنوان کي ناپسند ڪيو ويو. ڇو جو ان وقت ۾ بہ ڪميونسٽ ڇوڪرا بہ اھا ڳالھ ڪندا ھئا تہ ڪميونزم ۽ ”خدا وارو نظام ئي سٺو نظام آھي“ ۽ ھو مولانا عبيدﷲ سنڌيءَ جي تحريرن کي بہ شوق سان پڙھندا ھئا.
ٻيو جيڪو عنوان زير بحث رھيو اھو ھو پٿر جو بت ان تي تہ اسلام کان اول حضرت آذر ۽ حضرت ابراھيم عليہ السلام کان بحث شروع ٿيو ۽ ڀڳوانن ۽ ديوتائن ويدن ۽ رامائڻ جا مثال بہ بحث ھيٺ آيا. پوڄا جي تصور کي تصوف جي روپ ۾ انسان ۾ خدا ڳولڻ ۽ ان انسان کي سڀني دنيوي ضرورتن کان آجو ڪرڻ جي تصور ۾، ان کي ڪنھن پٿر جي مجسمي جي روپ ۾ پيش ڪرڻ ھو، دليل سائنس ۽ منطق جي ڪسوٽي تي پرکيا ويندا هئا ھم اوست جي حجابن ۾ لڪل سڀ راز، پر پوءِ بہ تخليق جو خالق ڇوڪرن وٽ فقط ڪائنات جي اڪيلي هستي هئي، مادي جي بقائيت جي قانون کان وٺي بگ بين ۽ بليڪ ھول نظريا بہ زير بحث ايندا رھيا.
۽ مان بہ پنھنجي ڪتاب جي ڪنھن ڪنڊ ۾ پٿر جي بت متعلق لکيو:
پٿر جو بت منھنجو صنم آ، نہ ڏيندو مون کي غم آ
ويھي ان جي آڏو ڪندو دور آھيان
زمانو جو يارو ڏيندو مون کي غم آ.
پٿر جي بت سان مون کي پيار آھي
ڇو جو ھو منھنجو محبوب آھي.

ھن سان محبت جو اھو سبب آھي تہ ھن جو پيار مون سان يڪسان آھي. انسان جي فطرت وانگر ھو چالاڪ ناھي ھو مونسان پيارنہ بدلائيندو آھي نہ گهٽائيندو آھي جو ناپاڪ سڏجي. ھن جي فطرت نرالي آھي جو ھو واحد محبوب آ جيڪو انسانن وانگر فرمائش نہ ڪندو آھي. جيڪو انسانن وانگر فرمائش نہ ٿو ڪري مون کي ھن جي پيٽ ڀرڻ جو احساس ناھي، ڍڪڻ جو احساس ڪونھي، رسڻ جو احساس ڪونھي، پرچڻ جو احساس ڪونھي. ھن ۽ منھنجي پيار ۾ ايتري بہ پختگي ڪانھي جو منھنجو خدا ٿي وڃي ايتري بہ لچڪ ناھي جو ھو مون کان جدا ٿي وڃي.
مير حسن ملڪاڻيءَ وارو عنوان بہ گهڻو زير بحث آيو ۽ ان تي وڏي ٽيڪا ٽپڻي ٿي تہ ملڪاڻي کي تنھنجو خط پھتو ۾ ھيئن ڳالھائڻ کپندو ھو.
مثلاً ھيئن:
تہ مون کي تنھنجو بيقراريءَ جي ڪيفيت ۾ خط مليو منھنجي چچريل وجود کي ڄڻ ٻيھر جيون مليو. مون کي تنھنجو گلاب جھڙو چھرو، ھرڻيءَ جھڙيون اکيون موتين جھڙا ڏند ۽ واسينگ جھڙا زلف ياد اچن ٿا. مان سمجهان ٿو تہ منھنجي رڳن کي نئون خون ملي ويو آ ۽ ساھ کي نئون ست مليو آ. ڪنھن چيو تہ ان کي انقلابي انداز ۾ پيش ڪرڻ کپندو ھو.
”تنھنجو خط مليو آ، تو لکيو آ تہ تون سچائيءَ سان وڙھندين ۽ تو ھي شعر لکيو آ:
ڀڳو آءُ نہ چوان ماريوسين مڃان.
ڪا نڌ منھن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سونھان،
تہ پڻ لڄ مران جي ھوند ھئڙس پٺ ۾!

مان توسان واعدو ٿو ڪريان تہ آءُ ميدان ڇڏي ڪڏھن بہ نہ ڀڄندس، مان جي مرندس تہ منھنجي سيني ۾ زخم ھوندا. پٺ ۾ نہ، متان توکي ساھيڙيون مھڻا ڏين تہ آءٌ ڀاڙي ٿي ڀڳو آھيان جو زخم منھنجي پٺ ۾ آھن تو کي خبر آھي تہ غلامن کي گهر واريءَ جو گهوٽ ٿيڻ کان علاوه آزاديءَ جي ڪنوار بہ ماڻڻي پوندي آھي. جنھن لئہ لھوءَ جي ميندي بہ لائڻي پوندي ۽ مان بہ مرندس آزاديءَ لئہ ڌرتيءَ لئہ“.
مون کان راءِ ورتي وئي مان حسب معمول چيو تہ مير حسن کي اھو عنوان مذاق ۾ ھيئن چوڻو پوي ھا:
تہ ھن کي بيگم جو خط مليو آھي تہ ھن سان ڇا حالت ٿي آھي، مان سوين ميل ڏور توکان سواءِ سک سان گذاريان پيو. تنھنجي خط منھنجو سڪون ڇني ڇڏيو آھي. مون کي تنھنجون ڪوئي جھڙيون اکيون، ھاٿيءَ جھڙا ڏند، گينڊي جھڙو نڪ ۽ ڪوئلي جھڙو حسن ياد اچي ٿو. مون کي تو واري پادر واري ايڪسر سائيز بہ ياد اچي ٿي جنھن منھنجي ٿولھہ جو ويھہ ڪلو وزن گهٽائي ڇڏيو آھي. مون تنھنجي فرمائشن جي لسٽ پڙھڻ کان اڳ ۾ ڪورونري ڪيئر يونٽ ۾ ايڊميشن وٺي ڇڏي آھي لسٽ پڙھڻ کانپوءِ جي دل جي دوري کان بچي بہ ويس تہ تنھنجي فرمائش پوري ڪرڻ لئہ پوري عمر پنڻو پوندو.
۽ ائين ڊبيٽس جو فنڪشن ڪيترا ڏينھن ڪينٽيني ڪچھرين جو موضوع رھيو. اسان جي ڪلاس جي گيٽ ٽو گيدر ۾ ھڪڙو تقريري مقابلو ڪرايو ويو. سمبارا ھوٽل جي سوئمنگ تي ڪرايل ان تقريري مقابلي جو عنوان ھو:
”ڪاش مان پروفيسر ھجان ھا”
ان مقابلي ۾ اسان جي ڪلاس جي ڇوڪرن ئي حصو ورتو. جنھن ۾ گوھر بروھي، آغايشاءُﷲ، جمال ناصر شامل ھئا.
مون بہ ڳالھايو:
”ڪاش مان پروفيسر ھجان ھا”
ھاڻ ڏسو ٿا سيپڪ سنھڙو
پوءِ باڊي مينھن آڌار ڏسو ھا
ھاڻ گهمان ٿو ھيڪل ھيڪل
پوءِ ڇورن جي تہ سفارش خاطر
در تي سارا يار ڏسو ھا
اڃان تائين سس سڳوري
ڄائي ئي ڪونھي
پوءِ ست زالن جو ور ھجان ها
ماڪا سوچي سوچي دل ٿي چاھي ڪاش
مان بہ پروفيسر ھجان ھا.

سمورن سائنسدانن عرف مينٽل ڪيسن جو خيال آھي تہ سوچ جو سڌو سنئون تعلق انساني دماغ سان آھي، سوچ ئي آھي جيڪا ماڻھن کي ماڻھپي مان ڪڍي ٿي، سوچ جي ڪري محبوب جو تصور اچي ٿو. دل جي رفتار وڌي ٿي دل تي ڌاڙو لڳي ٿو. مولا کي وساري ڇڏجي ٿو، گنھگارن ۾ نالو لکجي ٿو. مالڪ جي سامھون پشيمان ٿجي ٿو ۽ ڌو وڃي دوزخ ۾ ڪرجي ٿو.
ان ڪري ئي سوچيندو آھيان تہ ڪاش مان بہ پروفيسر ھجان ھا. دماغ جھڙي ڄوا کان جند ڇٽي پئي ھا. سمورو برين (دماغ) ڇورا چٽي وڃن ھا. لو (پيار) لاس (تباھ) ٿي وڃي ھا. ميمري (ياداشت) ڊسٽراءِ (ختم) ٿئي ھا. ائڊرنلين جي سيڪريشن بہ ختم ٿي وڃي ھا. محبوب جو تصور نہ اچي ھا. دل جي رفتار تي ڌاڙو نہ لڳي ھا. اکين تي 11- جي عينڪ ھجي ھا ۽ ھر حسين جو چھرو ڌنڌلو لڳي ھا. گنهگارن ۾ نالو نہ لکجي ھا مالڪ جي سامھون پشيمان نہ ٿجي ھا. ۽ ڌو وڃي جنت ۾ ڪرجي ھا.
مان ڪلاس وٺان ھا ڇوڪرا مون تي ھوٽنگ ڪن ھا ۽ مان ان کي داد سمجهان ھا.
مھانگائيءَ جنھن چڱن ڀلن جي چيلھہ چٻي ڪري ڇڏي آھي، مون تي گهٽ اثر ڇڏي ھا. مٿي جا وار ڇڻي وڃن ھا. مٿي تي صابڻ بہ ٿورو خرچ ٿئي ھا. حجامت جو خرچ بچي ھا ۽ پنھنجي فنڪار ڀاءُ لئہ ڍولڪ بہ نہ وٺڻي پوي ھا. ڪڏھن ڪڏھن حيدرآباد ۾ سرڪاري خرچ تي گدو بہ گهمڻ وڃجي ھا. ان بھاني راڻي باغ جي ڀولڙن سان بہ سٺو ڀائيچارو ٿئي ھا.
تقرير تہ منھنجي بہ استادن کي چيڙائڻ واري ھئي پر مون اڳ ۾ ئي معافي ورتي ھئي ۽ منھنجي انداز بيان تي استاد پاڻ کليا ھئا.
تقريرن جو ھڪ مقابلو لطيف ميڊيڪوز وارن ڪرايو ھو جنھن ۾ انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ مقابلو ٿيو، ان مقابلي ۾ مقابلو ايترو سخت نہ ھو ڇو جو ڪافي سينئر ڊبيٽر ڪاليج مان ھليا ويا ھئا. امجد شاھ ۽مون پاڻ ۾ مقابلو ڪيو ھو مگر سوڀارو مان ٿيو ھئس. امجد شاھ بہ سٺو ڊبيٽر ھو مگر ھو مون وانگر ڦڙتيلو ۽ جوشيلو نہ ھو.
مون کي چانڊڪا ۾ ڪيل ٻين ڳالھين مثلا: ڪاميڊي، اسٽيج ۽ اسپورٽس ويڪ جي ڪامنٽري بہ فائدو ڏنو ھو ۽ شاگردن جو مون سان وڌيڪ ساٿ ھو.
سنڌيءِ جو جيڪو عنوان ڏنو ويو ھو. اھو ھو تہ عورت مظلوم آھي ۽ مون ھي تقرير ڪئي ھئي. ان ۾ مون مير حسن ملڪاڻي وارو انداز اپنايو ۽ رڌم ۾ تقرير ڪئي.
اڄ جو عنوان عنوان نہ آھي، مگر سنڌوءَ جي سھسين سورمين جي جدوجھد جو اعلان آ، منھنجو موضوع جي حمايت جو ڪارڻ صداءِ انقلاب آ. سماج ۽ سامراجين جي چھرن کي ڪرڻ بي نقاب ڪرڻ آ. مڃڻ عورت جي مظلوميت کي تاحيات آ. وقت جي مختصر لمحن ۾ منھنجن لفظن ۾ ھنن انسانن، نادانن جن کي برغلايو آھي ننڍڙن شيطانن لئہ امن ۽ آشتي جو پيغام آ نہ ڪي مون کي لالچ انعام آ.

جناب صدر:
عورت جي مظلوميت جو داستان ايترو طويل آھي جيترو انسانن جي تاريخ، ڪڏھن ھن کي جيئري ئي دفن ڪيو ويو آ تہ ڪڏھن کيس جوا جي داءُ تي لڳائي قسمت آزمائي ڪئي وئي آھي.
ڪڏھن کيس عيوضي ۾ ڀريو ويو آھي،
تہ ڪڏھن کيس ڏي وٺ ۾ ڏنو ويو آھي.
ڪڏھن ھن جي شادي پوڙھي ڌنوان سان ڪرائي وئي آھي.
تہ ڪڏھن قرآن سان،
ڪڏھن ھن کي ڪاري ڪري ماريو ويو آ،
تہ ڪڏھن کيس ستي ڪري ساڙيو ويو آ.
ڪڏھن ھن کي طبلي جي ٿاپ تي نچايو ويو آھي،
تہ ڪڏھن ھن کي وئشيا گهر جي زينت بنايو ويو آھي.
ڪڏھن ھن کي نواب پور ۾ ننگو گشت ڪرايو ويو آھي،
تہ ڪڏھن کيس يوناني ڏند ڪٿائن ۾ مصيبت جي علامت سڏيو ويو آھي.
ڪڏھن ھن کي مصر جي بازارين ۾ سرعام نيلام ڪيو ويو آھي،
تہ ڪڏھن ھن جو اٽليءَ ۾ قتل عام ٿيو آھي.
ڪڏھن ھن کي جنوبي آفريڪا ۾ گوري رنگت وارن غلام بنايو آ.
ڪڏھن ھن کي رڳو مسجد ۾ سجدي ۾ پوڻ لاءِ چيو ويو آ،
تہ ڪڏھن ھن کي مندر جي بتن کي پوڄڻ لاءِ چيو ويو آ.
ڪڏھن ھن کي گرجا جي گهنڊن کي لوڏڻ لاءِ چيو ويو آ.
تہ ڪڏھن ھن کي رڳو گهر ۾ بند رھڻ لاءِ چيو ويو آ.
۽ اڄ بہ ھن جي رڳن مان رت ڪڍي تيزاب ڀريو وڃي ٿو.
ھن کي روبوٽ ۽ ٻارن ڄڻڻ جي مشين کان وڌ اھميت ناھي.
ھن کي الھڙ جوانيءَ ۾ 8 سالن جي ٻار جي گود ۾ اڇلايو وڃي ٿو.
يا 80 سال جي پوڙھي سان پرڻايو وڃي ٿو.
ھن جي اميدن جا لغڙ ڪاٽا ڪجن ٿا.
۽ آسن جا تاج محل ڀورا ڀورا ٿين ٿا.
ھن کي بيڊ منٽن جي بيجان گڏي سمجهي حيوانيت جي راند کيڏي ڪڏھن ڪڏھن ڪورٽ جي ھن پاسي اڇلايو وڃي ٿو تہ ڪڏھن ھن پاسي.
۽ اھو سڀ ڪجهہ ان ڪري ٿيو آھي جو اسان وٽ خدا ساختہ زبردست قانون جي جاءِ خودساختہ زيردست قانون والاري آھي ۽ عورت کي اھي حق نہ ملي سگهيا آھن جن لاءِ چيل آھي:
حضرت دائود جي زبور ۾، حضرت موسيٰ جي توريت ۾، حضرت عيسيٰ جي انجيل ۾، حضرت محمد ﷺ جي قرآن ۾، ھندن جي ويدن ۾، گروناڪ جي گرنٿ ۾، سيتا جي لفظن ۾، گيتا جي ورقن ۾، سرمايو جي صفحن ۾ ڀٽائيءَ جي بيتن ۾.
عورت جو وڏو الميو اھو آھي تہ سماج ۾ ھن کي رشتن جي اھڙي تہ نازڪ زنجير ۾ جڪڙيو ويو آھي جو دنيا ۾ ڪٿي بہ ظلم ٿئي ٿو،
چاھي شتيلا ۽ صابره ۾ معصوم فلسطينن جا سڏڪا گونجن ٿا.
يا صحراءِ سينا جي گرم واريءَ تي بيگناھ مصرين جا لاشا رلن ٿا.
يا گولان جي پھاڙين ۾ شامين جي جسمن جا عطيا ڄمن ٿا.
يا بيروت جي بازارين ۾ بمن جا ڌماڪا ٿين ٿا.
لبنان مسمار ٿئي ٿو يا بيروت سڙي ٿو!
مانجهند ۾ ڪيس ٿئي ٿو!
يا دادو ٻري ٿو، تہ بہ ظلم عورت تي ٿئي ٿو جو اتي ھن جا ٻچڙا ڪسجن ٿا. ور مرن ٿا ۽ عورت جا جذبا تڙپن ٿا. اڄ بہ چاھت جي چمي ورتل ڪنھن نوجوان ناريءَ جي پيٽ ۾ پليل پيار جي پوپٽ کي حرامي ڪوٺي گٽرن ۾ اڇلايو وڃي ٿو تہ ڪٿي ھن کي ڪوٺي تي سينگاري، گهنگهرن سان گهائل ڪري مئي جي چسڪي وٺي سسڪين ۾ سمھاريو وڃي ٿو مان تہ سمجهندس انسان کان ڏات ئي رسي وئي آ. ھڪ طرف ايٿوپيا جي امڙين جي ٿڻن جي ٿڃ سڪي وئي آ تہ ٻئي طرف مغرب جي ناري گٽار جي ڌن تي ڪنھن ڪلب ۾ مئي ۾ پسي پئي آ. ڪجهہ ٽڪرا مير حسن جي تقرير تان بہ ورتا ويا آهن.
ان مقابلي ڪرائڻ لاءِ ملڪ جلباڻيءَ جيڪو لطيف ميڊيڪوز جو جنرل سيڪريٽري ھو. ان ڪوششون ورتيون ۽ گهڻين مخالفتن باوجود ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ان محفل جو صدر ھو. ان مقابلن ۾ مون بيسٽ ڊبيٽر جو اعزاز حاصل ڪيو. چانڊڪا جا شاگرد رسالپور تائين declamation ۾ تقرير جي مقابلن ۾ ويندا ھئا ۽ ملڪ جي تقريري مقابلن ۾ حصو وٺندا ھئا. تقرير جي فن جا گهڻا شاگرد ماھر ھئا. پر سياسي تقريرون شاگرد انتھائي مدلل، عالمانہ ۽ اديبانہ ڪندا ھئا. چانڊڪا جي شاگردن جي ڳالھائڻ جو فن، انداز بيان نرالو ھو. خاص طور تي سياسي ڇوڪرا بھترين مقرر ھئا مگر انھن جي ڊبيٽس پروگرامن ۾ حصو وٺڻ ۾ دلچسپي ڪا نہ ھئي.
چانڊڪا ۾ تقرير جو فن عروج تي ھو ۽ شاگرد شعلہ بيان مقرر ھئا.

چانڊڪا ۾ اليڪشن جون سرگرميون:

اسان کان اڳ ۾ چانڊڪا اسٽوڊنٽس يونين جون ٻہ اليڪشن ٿي چڪيون هيون. ھڪ ۾ جماعت اسلاميءَ جي حمايت يافتہ شاگرد تنظيم اسلامي جميعت طلبا کٽي ھئي. اھو دور ھو جو کاٻي ڌر ۽ ساڄي ڌر جي پارٽيءَ جي شاگرد تنظيمن ۾ پاڻ ۾ اختلاف ھوندا ھئا. ساڄي ڌر مان مراد مذھبي تنظيمون جيڪي پڻ اختلافن جو شڪار ھيون. مولانا مفتي محمود جيڪو مولانا فضل الرحمان جو والد صاحب هو جي جميعت طلبا اسلام جنھنجي سنڌ ۾ مولانا عبدالڪريم ٻير شريف وارو قيادت ڪندو هو ان جو چانڊڪا ۾ مولانا خالد محمود سومرو اڳواڻ ھو. بعد ۾ غني انصاري، عبدالقيوم سومرو ۽ ٻيا شاگرد پنھنجون سرگرميون جاري رکندا ھئا. کاٻي ڌر مان مراد گهڻو ڪري ڪميونسٽن جي ھوندي ھئي جنھن جي شروعاتي تنظيم سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ھئي جنھن کان بعد ڀٽي صاحب جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ سپاف ٺھي ۽ سنڌ ماروئرڙا آرگنائيزيشن، ون يونٽ جي ڏينھن ۾، سائين جي ايم سيد جي فڪر ھيٺ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ٺھي. جنھن کان پوءِ جيئي سنڌ خود گروھ بنديءَ جو شڪار ٿي ۽ پروگيسو جيئي سنڌ جيڪا ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ ٺاھي. پليجو صاحب بہ قوم پرستن کان ڌار ٿيو ۽ ان جي تنظيم سنڌي شاگرد تحريڪ ٺھي. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جيئي سنڌ کڙتالي گروپ ٺھيو. کڙتال حقيقت ۾ بلوچي ساز آھي ۽ کڙتالي مان مراد شاگردن جو مضبوط يا جهيڙاڪ گروپ ھوندو ھو. چانڊڪا ۾ ھڪ اڌ کڙتالي قسم جو اعلان ٿيو جنھن ۾ جيئي سنڌ جا ناراض ڪارڪن ھئا جيئن لالو عباس، بشير چارڻ وغيرہ پر پوءِ کڙتالي گروپ بہ جيئي سنڌ ۾ شامل ٿيو ان وقت ڊاڪٽر قادر مگسي جيئي سنڌ جو ھوندو ھو ۽ ان بہ جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي نہ ٺاھي ھئي. ڪي وري قوم پرست مولانا عزيز ﷲ ٻوھيو جي اثر ھيٺ اچي ڪري s. s. o سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ٺاھي جنھن جو روح روان مظھر ميمڻ ھو. پر پوءِ مظھر جو پنھنجي ھڪ دوست سان جهيڙو ٿيو ۽ اھو جهيڙو ايترو وڌي ويو جو مظھر ٻاھرين دوستن سان گڏجي ان دوست کي ڪھاڙيون ھنيون ۽ اھو شخص معذور ٿيڻ کان بچي ويو. مظھر بنيادي طور ادب سان شوق رکندو ھو ۽ چانڊڪا جي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ بہ ايندو ھو ھن جو ھڪ آزاد نظم اڄ بہ مون کي ياد آھي:
مان سوچيان ٿو مان ڇا آھيان؟
واريءَ وڍ تي نٽھڻ اس ۾،
ھاءِ اڪيلو اڪ تہ ناھيان!
يا ڪنھن پينوءَ جي ھٿ ۾،
تار ڀڳل يڪتارو تہ ناھيان!
مان سوچيان ٿو مان ڇا آھيان؟
اخباري اطلاعن مطابق
آخر ۾ مظھر ميمڻ مير مرتضيٰ جي شھيد ٿيڻ وقت زخمي ٿيو ۽ ھاڻي بہ ھو ھڪ قوم پرست تنظيم سان جهيڙي ۾ ملوث سمجهيو وڃي ٿو ۽ مظهر شھيد ڀٽو تنظيم سان واسطو رکي ٿو. بھرحال مظھر جي من جي بي چيني ۽ شناخت ۽، سڃاڻ جي ڳولا ھن جي آزاد نظم وانگر آزاد ئي رھجي وئي ۽ مظھر پڙھائي اڌ ۾ ڇڏي ھليو ويو.
سو چانڊڪا ۾ ساڄي ڌر جي تنظيمن، جميعت طلبا اسلام ۽ اسلامي جميعت طلبا کانسواءِ ٻي ڪا متحرڪ قسم جي مذھبي تنظيم چانڊڪا ۾ سرگرم ڪا نہ ھئي. البتہ اصغريه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن پنھنجي مذھبي سرگرمين تائين محدود ھوندي ھئي. باقي ساڄي ڌر ۾ سپاف، جساف ٻئي اليڪشن ۾گڏ ھيون، چانڊڪا جي ٽئين اليڪشن جيڪا اسانجي دور ۾ ٿي حقيقت ۾ جيئي سنڌ ۽ سپاف ئي ھڪ ٻئي سان اليڪشن وڙھيون. ھڪڙو شاگرد اتحاد بہ ٿيو جنھن ۾ ڪجهہ شاگردن تنظيمن اندورني ۽ ظاھري طور جساف جو ساٿ ڏنو ۽ ڪجهہ سپاف جو.
چانڊڪا جي ٻن پئنلن سپاف ۽ جساف کانسواءِ لطيف ميڊيڪوز جيڪا ھڪ سماجي تنظيم سڏرائيندي ھئي پڻ چئن سيٽن جنھن ۾:
اسپورٽس سيڪريٽري: آفاق شيخ
ڊبيٽنگ سيڪريٽري: اسماعيل ماڪو
مئگزين سيڪريٽري: ڪلثوم چنا
سوشل سيڪريٽري: منوھر پريم ساگر
پنھنجا اميدوار بيھاريا.
ڀٽي صاحب جي ڦاھيءَ کانپوءِ سپاف کي ھڪڙي بيپناھہ شاگرد ۽ عوامي سپورٽ ھئي مگر جيئي سنڌ وارن واقعي ئي سپاف جو ظاھري طور مقابلو ڪيو. ان جو جنرل سيڪريٽري لئہ اميدوار ڪريم شر ھيو ۽ صدر لئہ جيئي سنڌ ڪنھن متفقہ اميدوار جي حمايت ڪئي ھئي. سپاف مان افضل ابڙو صدر ۽ بشير ايري جنرل سيڪريٽري لئہ اميدوار ھئا. جڏھن تہ جوائنٽ سيڪريٽري عطا چانڊيو ھو. ان اليڪشن جي ڪمپيئن ائين ھلائي وئي. جيئن ملڪي جنرل اليڪشن ۾ ھلائبي آھي. ان دور ۾ پراڻو آڊيٽوريم ڄڻ ھائيڊ پارڪ ھوندو ھو. ھر شاگرد تنظيم پنھنجو ميڙاڪو ڪيو ۽ آزاديءَ سان تقريرون ڪيون ڇوڪرن وٽ خود ساختہ ضابطہ اخلاق ھو ۽ ڪنھن بہ غير اخلاقي تنقيد نہ ڪئي. ڪو بہ ڦڏو فساد نہ ٿيو البتہ ھر تنظيم چڱي نموني سان مسلح ھئي. جيئي سنڌ جي سڄي اليڪشن مان تہ چوندس اديب انقلابيءَ جي اڳواڻي ۾ وڙھي وئي ۽ اديب انقلابي واحد مقرر ھو جيڪو جيئي سنڌ جي انتخابي جلسن ۾ انتھائي ذھانت، علم سان ڳالھائيندو ھو. اديب جو ان وقت نالو دليريءَ ۾ بہ ورتو ويندو ھو ۽ اديب جو جيئي سنڌ کي ھڪ قسم جو شخصي ايڊوانٽيج پڻ ھو. گهٽ تہ ان جي ٻين ڪارڪنن بہ نہ ڪئي. ڪامريڊ ﷲ ڏني دائود پوٽي کان وٺي حميد منگيءَ تائين حافظ گلاب ۽ مشتاق حيدريءَ جو ڪردار بہ ان اليڪشن ۾ نمايان ھو. جيئي سنڌ جي حوالي سان باقي ورڪرن ۽ ميمبرن بہ گهٽ محنت نہ ڪئي. انتخابي ريلين کان وٺي در در وڃي اليڪشن مھم ھلائڻ ڪو آسان ڪم نہ ھو انھيءَ اليڪشن ڪمپئين ۾ جڏھن ڇوڪرا ڪارين، موٽر سائيڪلن ۽ پلي ڪارڊ جي ريلي ڪڍندا ھئا تہ چانڊڪا جي فضا جيئي سنڌ، سدا جيئي، تنھنجو ديش منھنجو ديش، سنڌو ديش. نعراءِ ڀٽو جيئي ڀٽو، رھبر ڪير قوم جو، رسول بخش پليجو، نعرہ تڪبير ﷲ اڪبر، جيئي سنڌ، جيئي لطيف، تنھنجو رھبر منھنجو رھبر، جي ايم سيد، جي ايم سيد جي فلڪ شگاف نعرن سان گونجي اٿندي ھئي. تاڙين، ھوڪارن، نعرن ۽ جهمرين جي ان جهرمٽ ۾ ڏوڪلي راند کان وٺي جمناسٽڪ جو پڻ مظاھرو ٿيندو هو. حفيظ الرحمان سومري جي قلابازين کان وٺي محمد خان ٻرڙو جي ھاءِ جمپ ۽ ان ايئر ايڪسائيز جي ڪرتبن تائين پيش ڪيو ويندو هو. مختلف ڇوڪرين جي گهگهي پيل آوازن جو شور ڪڏھن ڪڏھن ائين ايندو ھو ڄڻ شرنائيءَ ۾ ڪو آواز ڦاسي پيو ھجي. ڪڏھن ڪڏھن ميگا فون جو آواز شير دل پٺاڻ ۽ امتياز نارو جي آواز ۾ شڪست کائي ويندو ھو. امتياز نارو بيگم نارو جو پٽ ھو جيڪا پيپلزپارٽي سکر جي اھم عھديدار ھئي ۽ ان جو ھڪ پٽ اعجاز نارو چانڊڪا ۾ ائناٽاميءَ جو ڊمانسٽريٽر ھو.
بيگم نارو سياسي قيدي ٿي ۽ جڏھن آزادي ماڻي پنھنجن ٻن پٽن امتياز ۽ اعجاز نارو سان سکر پئي آئي تہ خيرپور جي حدن ۾ ڪار حادثي ۾ اھي ٽيئي ڄڻا شھيد ٿي ويا ۽ چانڊڪا مان ھڪ ھاءِ پچ آواز ھميشہ لئہ خلائن ۾ گم ٿي ويو. بيگم نارو جا ٻہ پٽ رياض ۽ افتخار نارو چانڊڪا مان ڊاڪٽر ٿيا، مگر پوءِ ھو سنڌ ڇڏي پنجاب واپس ھليا ويا.
ڇوڪريون جڏھن پنھنجي مڌر آواز ۾ وڪٽري وڪٽري ميڊيڪوز وڪٽري، منوھر جو آ منوھر جو ووٽ اسان جي منوھر جو ماڪي جو آ ماڪي جو ووٽ اسان جي ماڪي جو تہ پريان مخالف پارٽيءَ ۾ سرٻاٽن ۾ چوندا ھئا تہ منوھر جو آ، منوھر جو موت اسان جي منوھر جو.
اعظم ٻگهئي بہ سپاف جي ڪمپئين ۾ گهٽ نہ ڪئي ۽ ھن جي پتڪڙي قد ۽ ڳوري آواز ۽ ان جي جذباتي ٿيڻ جي انداز پڻ سپاف جي اليڪشن ڪمپئين ۾ جان وڌي. اعظم ڀٽي صاحب جو شيدائي ھو ۽ سپاف جو ھڪ ڊيڊيڪيٽڊ ميمبر.
ان اليڪشن ۾ ڀٽي صاحب جو آواز چانڊڪا جي حدن ۾ واڪا ڪندو ٻڌڻ ۾ ايندو هو. ڪارين جي ڊيڪن ۾ ھلايل ڀٽي صاحب جون تقريرون اهڙيون هيون ڄڻ ڀٽو صاحب پاڻ اليڪشن جي ورڪ تي آيو آھي ۽ ائين قومي گيتن واريون ڪيسٽون ۽ جي ايم سيد جون فلاسفانہ تقريرون پڻ چانڊڪا جي ان اليڪشن ۾ ٻڌڻ ۾ آيون جنھن جو سحر ۽ طاقت ان وقت جا شاگرد ئي محسوس ڪري سگهيا ھئا.
پروگريسو جيئي سنڌ جو سڄو انتظام مرتضيٰ کھڙي وٽ ھو ۽ ھو اڪيلي سر پنھنجي ڪوششن ۾ رڌل ھو ان سان رزاق لاڙڪ (جيڪو سٺو پڙھندڙ ڇوڪرو ھو ۽ ھينئر شايد بابا فريد جي شھر ڪوٽ مٺڻ ۾ ڪلينڪ ٿو ھلائي) اعجاز شاھ، شاھنواز سيال، اشرف ڪلوڙ جو انتخابي ساٿ ھو. جاني ڪلوڙ اسان جي ڪلاس مان c. r لئہ اٿيو ھو مگر ان کي بہ سپاف جي محمد خان شيخ ھارايو ھو. محمد خان شيخ اسان جي ڪلاس جو c. r ھو ليڪن ھو گهٽ متضاد ماڻھو ھو. سڀني سان ڀائيچاري ۽ محبت سان ھلندوھو. فنڪشنن ڪرائڻ جو ڪوڏيو. محمد خان ڪلاس جي ھر شاگرد جو دوست ھئو ۽ ڪنھن جي بہ ڳالھ نہ ٽاريندو ھو. ان لاءِ فائنل تائين توڙي جو اسٽوڊنٽس يونين ختم ٿيون پر محمد خان شيخ اسان جي ڪلاس جو ان داتا c. r رھيو.
لطيف ميڊيڪوز جي انتخابي مھم ڄڻ تہ ان جي ڇوڪرين ھلائي ڇو جو ڇوڪريون ان جون جهجهي تعداد ۾ ميمبر ھيون سڀ کان وڌ ۾ وڌ ووٽ ڪلثوم چنا کنيا ھئا جنھن پنھنجي ڀاءُ خادم سنڌي (قريشي) کي عبرت ناڪ شڪست ڏني ھئي. باقي منوھر پريم ساگر اليڪشن مھم ۾ گانا ڳائيندو ھو.
جو تون ووٽ ڏيندي تہ،
مَن واھ واھ.
جي تون نہ ڏيندي،
تہ بہ واھ واھ
ھو بہ سپاف جي حمايت يافتہ آصف گهانگهرو کان ھارائي ويو. آصف چانڊڪا جو سوشل سيڪريٽري ھو پر پوءِ s. l. e بيماري وگهي فوت ٿي ويو، ھُو ھٿ جوڙيءَ وارو ڇوڪرو ھو.
آفاق شيخ بہ اعجاز سھاڳ کان اسپورٽس سيٽ تي ھارائي ويو، ڇو جو اعجاز کي سپاف جي پٺڀرائي ھئي ھي ٻئي شاگرد قد جا ڊگها ۽ سھڻا سيبتا ھئا. مگر اعجاز سھاڳ ڪرڪيٽ جو بھترين رانديگر ھو ۽ سنڌ يونيورسٽي ٽيم ۾ ھن جي جاءِ پڪي ھوندي ھئي ۽ ھن انٽر يونيورسٽي چيمپين شپ ۾زرعي يونيورسٽي خلاف شاندار سينچري پڻ ٺاھي ھئي.
ڊبيٽنگ ۾ منھنجو مقابلو مجتبيٰ ميمڻ سان ھو جيڪو سپاف جو اميدوار ھو جيڪو مقابلو مان بہ عزت ڀرئي مارجن سان ھارايو ھو. منھنجي ڪلاس جي شاگردن مون کي گهڻا ووٽ ڏنا ھئا پر اليڪشن ۾ ھٿ ٻڌي ووٽ گهرڻ واري عادت اڃان تائين نہ وئي آھي ۽ اڄڪلھ بہ اچانڪ ھر ڪنھن سان ھٿ ٻڌي ڳالھائيندو آھيان. سپاف جي فنڪشن ۾ محبوب شاھ بہ سپاف کي وڏي ٽيڪ ڏني ڇو جو ھو مقامي ماڻھو هو ۽ سٺو اثر رسوخ رکندو ھو.
سلميٰ زيب سومرو اسان جي اليڪشن مھم ھلائي ان اديءَ اسان لاءِ ڏينھن رات کليل جيپ ۾ چانڊڪا ۾ نعرا ھنيا ۽ وڪٽري، وڪٽري چوندي وڃي سمھندي ھئي. سنڌي شاگرد تحريڪ جي ڪا خاص قيادت چانڊڪا ۾ ڪو نہ ھئي البتہ ان دور ۾ فرسٽ ايئر ۾ آيل ڇوڪرا ايوب شيخ ۽ نذير شيخ نمايان ڪم ڪندا رھيا. آخري بئنچن ۾ سعيد شيخ پڻ سنڌي شاگرد تحريڪ جي سرگرمين ۾ وڌي چڙھي حصو ورتو. اعجاز شيخ ۽ ذوالفقار راھوجي بہ وسان نہ گهٽايو. ذوالفقار راھوجو اسان جي ڪلاس ۾”اديءَ وڏيءَ“ طور مشھور ھو.
سپاف جي جن اميدوارن کي شڪست ٿي ھئي ان مان c. r مير اشتياق ٽالپر شھيد کٽيو ۽ سپاف جي فضل پيچوھي کي مشتاق حيدري شڪست ڏني. اھا اليڪشن ڀٽي صاحب جي سحر ۾ وڙھي وئي ۽ سپاف sweep victory ڪئي.
ھي تہ چانڊڪا ۾ اسٽوڊنٽس يونين جي اليڪشن جو حال ھو مگر شاگردن تنظيمن جون اليڪشنون ظاھري يا لڪل طور ٿينديون رھنديون ھيون ۽ انھن جا نتيجا اسان نوٽيس بورڊن جي شيٽن تي پڙھندا ھئاسون.

چانڊڪا جو آڌر ڀاءُ ۽ الوداع

مون اڳ ۾ ئي لکيو آھي تہ چانڊڪا ۾ اسان واري بئنچ کان ئي فرسٽ ايئر جي ڇوڪرن سان فولنگ جو رواج ختم ٿي ويو ھو. انٽرويو وقت ئي ھر پارٽي پنھنجا اسٽال ھڻندي ھئي ۽ ان جا ھم درد دوست ۽ ميمبر پنھنجن پنھنجن پنڊالن ۾ ويھندا ھئا ۽ پنھنجي شروعاتي ڏينھن ۾ ئي پارٽيءَ جا ميمبر ٿي ويندا ھئا جڏھن ڪلاس ھلندا ھئا تہ تقريبن ھر پارٽي شاگردن کي آڌر ڀاءُ پارٽي ڏيندي ھئي. جنھن ۾ ريفريشمينٽ کان علاوھ تقريرون ۽ راڳ جون محفلون پڻ ٿينديون ھيون جيڪي پارٽيون وڏا پروگرام نہ ڪنديون ھيون اھي بہ پنھنجن شاگردن کي روم ۾ يا ميس ۾ ئي پارٽي ڏينديون ھيون. ڪجهہ پارٽيون سپاف ۽ جساف کان علاوہ. بنيادي مھم جوئيءَ جي اصول تي ڪم ڪنديون ھيون. ميمبر ٺاھڻ جي چڪر ۾ ٻہ ٽي ڇوڪرا ان نئين ايندڙ شاگرد جي روم ۾ وڃي سياسي تبليغ ڪندا ھئا. جن لئہ کين ٿوري بہ ڄاڻ ھوندي ھئي تہ اھي ھنن جا ھم خيال آھن ميمبر آھن يا وري ھنن جو ڪو پراڻو ھنن جھڙو سياسي رڪارڊ آھي. گهڻو ڪري آءٌ اھڙين پارٽين ۾ نہ ويندو ھوس جيڪڏھن ڪڏھن ويس بہ تہ خاموش ئي رھيس ۽ ڪا ڪوڪولا جي ٿڌي بوتل، پاروٿو سمبوسو ڪو بسڪوٽ اٿاري ايندو ھئس. اٿاري ايندس جو اصطلاح دادوءَ جو ھڪ ڇوڪرو نثار استعمال ڪندو ھو. جيڪڏھن ساڻس ڪو ماني کائي ۽ ڪو گرھ ئي وڌيڪ ٻوڙي تہ چوندو ھو تہ ڀاڄي اٿاري وئين ۽ جيڪڏھن پر پٺ ڪنھن کي گار ڏيندو ھو تہ چوندوھو تہ ھو گهوڙيءَ جو فرزند مون کي وري ائين پيو چوي، نثارجي اٿاري وڃڻ واري اصطلاح مان ان جي دوست ”ھ“ وڏو فائدو ورتو ۽ ھو اڪثر ڪري لاڙڪاڻي جي دوڪانن مان شيون اٿاري ايندو ھو. ان جو ھڪڙو اسٽائيل ھو. دڪاندار کان شين خاص طور تي پرفيومن ۽ ھار سينگار جي شين جا اگهه پڇندو ھو. دڪاندار جي چوي تہ 100 روپيه تہ ھي چوندو ھو تہ 10 روپيا ۽ دڪاندار جذباتي ٿي چوندا ھا تہ صاحب ان کان تہ مفت ۾ کڻي وڃو. مفت ۾ کڻي وڃان. صاحب توھان کان وڌيڪ شيءِ آھي ۽ پوءِ ھي برق رفتاريءَ سان شيءِ کڻي رڪشا ۾ چڙھي ھليو ويندو ھو ۽ دڪاندار وات پٽي بيھي رھندو ھو. ھن جو چوڻ ھو تہ دڪاندار کي سوچڻ جو موقعو ئي نہ ڏيو جي سوچيندو تہ فيصلو بدلائيندو. ان لاءِ شيءِ اٿارڻ ۾ بنھہ دير نہ ڪيو. ان ھڪ ڏينھن دوستن سان شرط رکي تہ آءٌ باٽا جو جوتو مفت ۾ وٺي ايندس. باٽا جي تہ قيمت لکيل ھوندي آ۽ ان جو بہ ريٽ فڪس ٿيل ھوندو آھي. ھن باٽا جو جوتو وڃي پاتو ۽ دڪاندار جڏھن پئسا ٻڌايس تہ ھن بوٽ مان نقص ڪڍيا ۽ چيائينس يار ڪٽ پرائيز وارو جوتو اصل۾ ٿو وڪڻين. دڪاندار جذباتي ٿيندي چيس صاحب ان کان تہ ائين کڻي وڃو. ائين کڻي وڃان. ھن پڇيس دوڪاندار ھائو ڪئي ۽ ھو پنھنجو پراڻو جوتو دڪان تي ئي ڇڏي جهٽ رڪشا ۾ چڙھي چانڊڪا ھليو آيو.
انھن آڌر ڀائي تقريرن ۾ شاگرد اڳواڻن کي ھڪ ڀيرو ري چارج ٿيڻ جوموقعو ملي ويندو ھو ڪڏھن ڪڏھن مون کي بہ راڳ رنگ جي محفل دوران زور ڀريندا ھئا تہ يار تون بہ ڪجهہ ٻڌاءِ پوءِ مان بہ ڪو نہ ڪو مزاحيہ شعر ٻڌائي فرسٽ ائير وارن کي پنھنجو حال ٻڌائي آگاھي ڏيندو ھئس.
انھن پارٽين ۾ پڙھيل ھي شعر حوالي طور لکجن ٿا:
مان چيو تہ اسان وٽ فرسٽ ائير وارن جي بھار آئي آھي ۽ چانڊڪا جي موسم ۾ ڪھڙيون تبديليون آيون آھن:

(1) ”نہ ٿيون ملن اسان کي ميسن ۾ جايون.
سڄي چانڊڪا جون پي ويا آھن چانھيون.
گٽر سمورا بند ٿي ويا آھن،
ڀنگي سمورا تنگ ٿي ويا آھن،
پڄي ويا پڄي ويا فرسٽ ائير جا ڇوڪرا!
(2) ھر وقت ٽي وي ھال فل آ.
بسين ۾ شور غل آ.
ھر جاءِ تي ھنن ئي ھودڙين جو ھُل آ
ٺينگ ٽپا ڏيندا وتن.
سڄو ڏينھن چرندا وتن.
پري کان ئي پڌرا،
پڄي ويا پڄي ويا فرسٽ ائير جا ڇوڪرا.
(3) تن جي شيو تازي ٿيل آ.
منھن تي مڻ ڪريم مکيل آ.
ڇڙو ڇوڪرين جي فڪر ۾،
عشق جي چڪر ۾،
ھن ظلم جي نگر ۾،
گرلس ھاسٽل ٻاھران ھروڀرو چڪر ھڻندا وتن.
۽ اس ۾ سڙندا وتن.
پري کان ھي پڌرا.
پڄي ويا پڄي ويا فرسٽ ائير جا ڇوڪرا.
(4) ڌڻ ڪري گهمندا آھن.
وڏا ٽھڪ ڏيندا آھن.
وڏيون ڊاڙون ھڻندا آھن.
وڏيون ڳالھيون ڪندا آھن.
رات جو رلندا آھن ۽ ڏينھن جو سمھندا آھن.
ماڻھو ناھن، آھن چيچي چمڙا،
پڄي ويا پڄي ويا فرسٽ ايئر جا ڇوڪرا.

۽ انھن ئي ڏينھن ۾ اسان وٽ بيروزگاريءَ جو وڏو چرچو ھو ان لاءِ ھڪ فرسٽ ائير جي پارٽيءَ ۾ پنھنجو احوال ھيئن بيان ڪيو ھو.

(1) ”اڳي مائٽن جي پئسن تي اسان وڏي موج ڪئي ھئي.
ڊاڪٽريءَ جي دھمان تي وڏي اوج ڪئي هئي.
گڏ سڃن يارن جي ڇڙو فوج ڪئي ھئي،
سکن وارا ڏينھڙا رسي ڄاڻ ويندا.
ڏکن وارا ڏينھڙا اچي ڄاڻ ويندا،
اسان کي او يارو بيروزگاري سڏي ٿي.
(2) مدينہ جي مانيءَ تي اسان وڏي مستي ڪئي ھئي.
شاليمار جي ڪڙھائيءَ تي وڏي اوڳرائي ڏني ھئي.
جتي بہ وياسون تڪلف ۾ تن مرغي ڪُٺي ھئي .
ڪڪڙ ۽ خميني جي ماني بہ ڏاڍي سٺي ھئي،
ھينئر اسان کي پھلوان جي نھاري سڏي ٿي.
اسان کي او يارو بيروزگاري سڏي ٿي.
(3) جاڏي بہ وياسون ڪنسيڪشن ڪرايا ڏناسون.
چائلڊ جي ٽڪيٽ تي سليپر ۾ سمھياسون.
چانڊڪا جي بسين ۾ مفت ۾ گهمياسون.
قدم قدم تي رڪشن تي چڙھياسون، ڏاڍا عيش ڪياسون.
ھينئر اسان سڃن کي گڏھ جي سواري سڏي ٿي،
اسان کي او يارو بيروزگاري سڏي ٿي.
(4) اڳي جڏھن گهر ويندا ھئاسون ھئي امان جيءُ چوندي،
ھاڻي جڏھن وينداسون سا بہ پري منھن ڪندي،
وڏي جوش جذبي سان گهر واري اٿندي.
مئا موت پيا ڇو سڃو گهر آئين،
ڇو ھن مٿان ڇوھ ڇنڊيندي،
توھان جي پٺيءَ تي وسڻ ۾ مزو آ.
اسان کي او يارو ٻھاري سڏي ٿي،
اسان کي اويارو بيروزگاري سڏي ٿي.
(5) مون کي جي نہ کڻندئو صفا بک مرندئو.
سڄو ڏينھن سڃائيءَ جي سورن ۾ سڙندئو.
جاڏي بہ ويندئو وڏا خوار ٿيندئو.
وٺو پيار منھنجو کڻو بار منھنجو،
اسان کي او يارو تغاري سڏي ٿي.
اسان کي او يارو بيروزگاري سڏي ٿي.
(6) ڊگريون ھٿن ۾ ھونديون زمانو اوھان کي نہ ڪا جاءِ ڏيندو.
جيئڻ ۽ مرڻ جي نہ ڪا راءِ ڏيندو.
سٺي صلاح آھي پنھنجي پريشاني جو ھاڻي ئي بندوبست ڪيو،
پل نہ ترسو ۽ سگهو ئي ٽپو ڏيو،
اسان کي يارو بئراج سکر واري سڏي ٿي.
اسان کي او يارو بيروزگاري سڏي ٿي.

فرسٽ ايئر وارن ڇوڪرن کي ھاسٽل جو مسئلو ھوندو ھو مگر انھن جي علائقي جا ڇوڪرا يا مٽ مائٽ انھن کي پاڻ وٽ رھائيندا ھئا. اڪثر پاڻ کان جونيئرن جو خيال ۽ عزت ڪندا ھئا. ڪي ڪي جونيئر موڳا بہ ھوندا ھئا ۽ پارٽنر انھن کان چانھہ ۽ پاڻي ڪوسو ڪرائڻ وارو ڪم بہ ڪرائيندا ھئا.
مگر سينئر شاگردن جو رويو پنھنجن جونيئرن سان انتھائي عزت ڀريو ۽ ڀائرن جھڙو ھوندو ھو. ھڪڙو ڇوڪرو جيڪو گهوٽڪيءَ جو ڪولاچي ھو ۽ ان ٻڌايو تہ مون کي diabetes آھي ۽ insulin تي ھلان ٿو مون کي ڏاڍو خيال آيو ان کي ڏاڍو سمجهايم ۽ ڊپارٽمنٽس جا نقشا بہ ٺاھي ڏنم تہ ھيءَ ڊپارٽمينٽ ھن جڳھہ تي آھي. جيئن ان کي ڪا تڪليف نہ ٿئي. انھن ڏينھن منھنجي دوستن ڏاڍي ڪئي تہ اسان سان تون تاس بہ نٿو کيڏين ۽ ھن سان ايڏو مٿو ھنيو اٿئي مان کين ڇا ٻڌايان تہ ھن دوست سان ڇا مسئلو آھي.
ڪي ڪي جونيئر بہ استاد ٿيندا ھئا. مون کان ھڪ نئين آيل ڇوڪري قيوم سومري جو پڇيو جيڪو سکر جو ھوندو ھو ۽ مولانا فضل الرحمان جي تحريڪ جو ڪارڪن ھو ۽ منھنجي سڃاڻپ وارو بہ ھو ان لاءِ مون سمجهيو تہ ھو ھن جو مھمان آھي سو چانھہ پيئاري مانس، ميس تي ماني کارائي مانس، رھڻ جي ڏاڍي صلاح ڪئي مانس پر چيائين تہ سائين مان ويندس. پوءِ ھڪ ڏينھن اھو ڇوڪرو ڪتابن سوڌو نظر آيو چيومانس ڀائو تون ھتي پڙھندو آھين. ان ڏينھن چڪر ڏئي چانہ پي ۽ ماني کائي ويو آھين، حساب تہ ڏيندين. ڇوڪري کي پگهر لھڻ شروع ٿيا. شام جو قيوم سوڌو معافي سميت ڪوارٽر تي ھو مگر مون تہ ان ڳالھہ جو بہ مزو ورتو تہ سير تي سوا سير آھن.
آجيان جون تقريبون تہ تقريبا ھر سال ٿينديون ھيون مگر سڀ کان وڌيڪ ابر آلود منظر انھن وڇوڙن جا ھوندا ھئا جڏھن ساٿيئڙا ۽ ساٿياڻيون پنھنجو علمي ساٿ ڏئي مڪتب کي الوداع چونديون ھيون ۽ اکين جي پنبڻين ۾ پليل پيار جا سپنا ۽ اوجاڳن جا خيال پنھنجي تعبير کان رھجي ويندا ھئا. ڪاليج ڇڏڻ جو درد شاگردن کي ٻن طرفن جو ھوندو ھو ھڪ اھي پنھنجن دوستن، يارن کان وڇڙندا ھئا ۽ ٻيو تہ انھن جا خيالي محبوب انھن جي نظرن کان دور ھليا ويندا ھئا. جنھن لئہ ھو صبح جو ٺھي سنڀري، گرلس ھاسٽل کان وٺي آڊيٽوريم تائين انھن پرين جي پويان پيراڊن وانگر ايندا ھئا. وڇوڙي جي اھا گهڙي نہ سرائيڪي فنڪاره ڳائي سگهي آھي نہ وري جوڳي جلال، ليڪن شاگردن کي خبر ھوندي ھئي تہ ھو پيشہ ورانہ زندگيءَ ڏي وڌي رھيا آھن جنھن ۾ ھنن لئہ سڀ کان وڌيڪ قلت وقت جي ھوندي ۽ ھو جو آزاديءَ سان ڏينھن جا ڏينھن سمھندا ھئا. وري کين نصيب ٿيندا الائي يا نہ، no dues جا پنا تہ شاگردن وٽ ھوندا ئي ھوندا ھئا مگر ھو دلين جا no dues وٺي ھتان ھليا ويندا ھئا. جيڪڏھن ڪنھن جي ڪنھن سان منھن ماري ٿيندي ھئي تہ اھي انھن وٽ بغير حجاب ۽ انا جي انھن دوستن جي رومن تي ويندا ھئا ۽ ڳراٽيون پائي ائين روئندا ھئا جيئن سرسامونڊيءَ ۾ وڻجارن جي وڃڻ وقت انھن جون ونيون بہ نہ روئنديون ھيون. اھو ھڪ وقت ھو جنھن وقت ڇوڪرن جي ڪمرن ۾ بہ رنن جھڙو روڄ ۽ راڙو ٻڌبو ھو. ڪنھن جو بہ قرض ھوندو ھو تہ اھو چڪايو ويندو ھو. ڪينٽين واري جو ، ميس واري جو، ڌوٻي جو ۽ڇوڪرا چانڊڪا مان پنھنجا ٻئي جھان آجا ڪري ويندا ھئا. پر بڪ بئنڪ جا ڪتاب تاريخي منتقلي تحت ڪنھن ٻئي شاگرد جي نالي ڪرائبا ھئا. اھو رواج اسان جي ڪاليج ڇڏڻ تائين رھيو ھاڻي خبر نہ آھي تہ آھي يا نہ.
فائنل جون فيئرول پارٽيون گهڻن روپن ۾ ھونديون ھيون. ھڪڙيون انفرادي نوعيت جون جيڪي يار دوست جونيئر ڏيندا ھئا ۽ اھي خمينيءَ جي ڪينٽين کان وٺي سمبارا ان ھوٽل ۾ ھر ھنڌ ٿينديون ھيون ٻيون ڪلاس جا شاگرد پاڻ ارينج ڪندا ھئا جيڪي بہ فقط ان ڪلاس لاءِ ھونديون ھيون ۽ ٽيون اھي جيڪي سياسي پارٽيون آڊيٽوريم ھال ۾ ڪنديون ھيون ۽ انھن ۾ بہ ڪو راڳ رنگ، مشاعرو مباحثو ٿيندو ھو. اڄ جا وڏا وڏا ڪنسلٽنٽ ڪيئي دفعا اڌ خودڪشيون ڪري چڪا آھن. اڌ خودڪشيون مان ان ڪري چوان ٿو تہ ان وقت بہ چانڊڪا جي شاگردن ۾ ڏاھپ موجود ھئي ۽ ھو دوا جو ليٿل ڊوز ڪڏھن بہ نہ کائيندا ھئا. بس مرڻ ۽ جيئڻ جي وچ واري چوڏل تي جهومي ايندا ھئا ۽ ائين ئي اسان ھڪ دوست جي حوالي ھي نظم ڪئي ھئي جيڪو ھڪ ھندو ڇوڪريءَ تي عاشق ھو ۽ ڪيئي دفعا اڌ خودڪشيون ڪري چڪو ھو.

ڇورو منھنجو ڪافر ٿيو آ

تنھنجون منھنجون سوچون ساڳيون
تنھنجا منھنجا سپنا ساڳيا
تنھجون منھنجون راھون ساڳيون
تنھنجون منھنجون راتيون ساڳيون
تنھنجا منھنجا مارو ساڳيا
تنھنجي منھنجي ڌرتي ساڳي
تنھنجي منھنجي ٻولي ساڳي
تنھنجي منھنجي لولي ساڳي
تنھنجا منھنجا قول بہ ساڳيا
تنھنجا منھنجا ٻول بہ ساڳيا
تون ۽ مان ڄڻ گل خوشبو
تون ۽ مان ڄڻ چنڊ چانڊوڪي
پوءِ بہ تنھنجي منھنجي دوري ڇا جي
چاھت ۾ مجبوري ڇاجي
آءُ اچي مون ساڻ ملي وڃ
منھنجي جيون سان ھڪ ٿي وڃ
سڏڪي سڏڪي سسڪي سسڪي
روئي روئي، مسڪي مسڪي
ايءُ اجايو بھانو ڏئين ٿي
تنھنجو منھنجو دين ڌرم ساڳيو ناھي
مذھب جي تہ وڇوٽي آھي
تنھنجي بابا منھنجي بابا جي
ھڪ ٻئي لئہ دل کوٽي آھي
مون وٽ ريتن جون زنجيرون آھن
دين، ڌرم جون مجبوريون آھن
ھا مان مڃان ٿي منھنجو توسان پيار بہ آھي پريت بہ آھي
تنھنجي منھنجي ھڪڙي ريت بہ آھي
مان بہ مذھب کان باغي آھيان
تون بہ مذھب کان باغي آھين
ھا مان مڃان ٿي.
تنھنجو ساٿ منھنجي جيون جو سھارو آھي
پر مون کي بابا بہ ڏاڍو پيارو آھي
مان ڪنڌ جهڪائي عرض ڪيان ٿي
مون کان منھنجا يار ھليو وڃ
پيارا پيارا پيار ھليو وڃ
منھنجون اکڙيون آليون ٿين ٿيون
جسم منجهان الا اٿن ٿا
منھنجا جذبا زھر اڇلن ٿا
ڇا تون جڏھن ڄائي ھئين
تنھنجي ھٿ ۾ گيتا ھئي
يا منھنجي ھٿ ۾ قرآن ھو ڪو
تنھنجي منھنجي پيشانيءَ تي
ھندو مسلم جو نشان ھو ڪو
توکي گهر ھندو ٺاھيو
مون کي گهر مسلم ٺاھيو
تون مون لئہ ڪافر بنجي وئينءَ
مان تو لئہ ڪافر بنجي ويس
پر ٻاراڻي ۾ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾
گڏ رلياسين
پنھنجا مذھب ٻئي پلياسين
ھڪ ٻئي کي پيار ڏناسين
ھڪ ٿيڻ جا اقرار ڪياسين
ڇا تون ايڏي خود سر ٿي آن
پنھنجا سارا پيار ڀلي ھان
پوءِ سڏڪي سڏڪي ھوءَ چوي ٿي
تنھنجي منھنجي دوري ناھي
مذھب جي مجبوري آھي
مون کان ڏاڍو ڏور ھليو وڃ
چاھت جو ڏئي سور ھليو وڃ
لڙڪيل لڙڪيل قدمن سان
ھن جي اسپتال ڇڏيان ٿو
بي ست بي ست ساڻو ساڻو
چوراھي تي ڍير ٿيان ٿو
ماڻھو ڏاڍو شور ڪن ٿا
توکي مدد لئہ زور ڀرن ٿا
ڏڪندڙ ھٿن سان تون اسٽيٿ ڪڍين ٿي
منھنجي کاٻي سيني تي رکين ٿي
منھنجي دل ۾ ڌڙڪ نہ آھي
منھنجي ساھ ۾ چال نہ آھي
منھنجو چھرو پيلو آھي
منھنجون اکڙيون ساڪت آھن
ڊوڙي تون سرنج کڻين ٿي
دل ۾ ائڊرلين ھڻين ٿي
پر منھنجي دل ڪو نہ چري ٿي
پوءِ ڌيري ڌيري
منھنجي چپن سان چپ ھڻين ٿي.
پيار ڀريو ھڪ ساھ ڀرين ٿي.
پوءِ منھنجو جيون جاري ٿئي ٿو.
منھنجون اکڙيون حرڪت ڪن ٿيون.
ماڻھون ڏاڍيون ڪوڪون ڪن ٿا.
تنھنجي عظمت کي داد ڏين ٿا.
تنھنجي قدمن منجهہ ڪرن ٿا.
توکي پنھنجي ديوي چون ٿا.
پوءِ تون ڏاڍو غمگين ٿئين ٿي.
۽ ڀڻڪي ايءُ چوين ٿي
ھن کي منھنجي پيشي جياريو ناھي.
ھن کي منھنجي پيار اٿاريو آھي.
ھوريان ھوريان تنھنجا جذبا ماٺ وٺن ٿا
توکي دين ڌرم ۽ بابا جا خيال اچن ٿا
تون سوچين ٿي بابو يا دين ڌرم اپنايان
يا توکي پنھنجي ڳل لڳايان.
پوءِ تنھنجي ڳلي ۾ لٽڪيل اسٽيٿ چوي ٿو.
تنھنجو پيشو پيارو آھي.
جيڪو جيون ڏيندو آھي
ڪنھن کان جيون کسيندو ناھي.
پوءِ ڇرڪي ڇرڪي
منھنجو ھٿ وٺي تون
مندر جي چوئنٺ ٽپين ٿي.
ماٿي جو سندور گهرين ٿي.
پاڻ لئہ آشيرواد گهرين ٿي.
موتين جو هڪ هار گهرين ٿي.
ھو، ٻائو، برھمڻ، پنڊت.
ڀڀڪي ڀڀڪي رڙ ڪري ٿو.
مندر مان نڪرڻ لا ءِ چوي ٿو.
پوءِ تون مان قاضي آڏو آھيون.
جڏھن ھو پيٽ ڀرڻ کان آجو ٿئي ٿو.
ھو بہ ڀڙڪي ڀڙڪي پاڻ ٻنھي کي دور سٽي ٿو.
پوءِ پاڻ ٻئي قاضي ۽ پنڊت کان مايوس ٿيون ٿا.
پنھنجي ليکي گهر ھلون ٿا.
ھڪ ٻئي کي ٻانھن منجهہ وٺون ٿا.
چاھت ڀريا گيت چئون ٿا.
ڳاڙھا ڳاڙھا چپ چمون ٿا.
سانت سانت منجهہ سمھون ٿا.
پوءِ ڳليءَ ڳليءَ ۾ شور ٿئي ٿو.
ٻاھر پنھنجون ڳالھيون ٿين ٿيون.
ماڻھو پاڻ کان خائف ٿين ٿا.
ماڻھو پاڻ کان نفرت ڪن ٿا.
ھو تنھنجو بابا روئي ٿو پيو.
ڳوڙھن سان منھن ڌوئي ٿو پيو.
ھوءَ تنھنجي جيجي سڏڪي ٿي پئي.
سينگاري جيان ڦتڪي ٿي پئي.
ھو منھنجو بابا پاڳل ٿيو آ.
ڳليءَ ڳليءَ ۾ واڪ ڏئي ٿو.
مون کي ملڪيت کان عاق ڪري ٿو.
چوراھي تي ماڻھو ميڙي ايءُ چوي ٿو.
ڇورو منھنجو ڪافر ٿيو آ.
ملحد دين ڌرم ڇڏي
پوجا کي اپنايو آھي.
پنھنجو پيار نڀايو آھي.
ھو ملو سامھون فتويٰ ڏئي ٿو
واري واري ايءُ چوي ٿو
ايءُ بہ ڪافر ٿئي ٿو.
جيڪو ڪافر ڇوريءَ ساڻ وھانءُ ڪري ٿو.
ھوءَ اھل ڪتاب نہ آھي.
ھن جي منھن تي حجاب نہ آھي.
ھن کي مارڻ ۾ تہ ثواب آھي.
ھو ٻانڀڻ مالھا سوري ٿو پيو.
پنھنجا چپ چوري ٿو پيو.
ھوءَ اسان لئہ حرام ٿي وئي.
جيڪا پنھنجو ڌرم ڇڏي وئي.
ھو سڏڪي سڏڪي چنڊ اچي ٿو.
ملي، ٻانڀڻ کان پڇي ٿو.
منھنجو ڪو خدا، رام ڀڳوان نہ آھي.
منھنجو نالو ھندو مسلمان نہ آھي.
پوءِ بہ سڀ کي ڪرڻا ڏيان ٿو.
ڪنھن سان نفرت ڪين ڪريان ٿو.
ڇا مان بہ دين ڌرم اپنائي
ماڻھن ۾ تفريق ڪيان
ھڪڙن کي سارا ڪرڻا ڏيان
ٻين کي اونداھو ڪيان.
ھوءَ ھوا ڊوڙي ڊوڙي اچي ٿي.
ملي ٻانڀڻ کان پڇي ٿي
مان اوھان جي سرير ۾ آھيان.
اوھان جي اندر جي ھر لھر لھر وير ۾ آھيان.
منھنجو دين ڌرم نہ ڪوئي
اوھان ٻنھي لئہ حرام ٿيان ٿي.
پر مان تعصب کان آجي آھيان
ٻنھي کي ساھ ڏيان ٿي
جي اوھان ٻنھي ۾ غيرت آھي.
مون کي سرير مان ڇڏيو ڊوڙائي.
پر ايءُ ڪرڻ جي اوھان ۾ طاقت ناھي.
اوھان ۾ مرڻ جي جرئت ناھي.
ھا پيار بہ مون وانگر بي ڌرمي آھي.
ان لاءِ ايرو غيرو ساڳيو آھي.
نٿو خيرو ساڳيو آھي.
ڪافر مسلم ساڳيو آھي.
ملو ٻانڀڻ ساڳيو آھي.
پيار دين ڌرم کان اتاھون آھي.
ھن ۾ نفرت ڪنھن کان ناھي.
ھو تنھنجو بابا مرڪي ٿو پيو.
ھو منھنجو بابا ڦتڪي ٿو پيو.
وڏي واڪي اعلان ڪري ٿو.
مون کي ملڪيت کان عاق ڪري ٿو.
ھو ڪٽر مومن مسلم آھي.
ھن جي دين سان ياري آهي
ھن ڪئي فتويٰ جاري آھي.
ڇورو منھنجو ڪافر ٿيو آ.
ملحد دين ڌرم ڇڏي
پوڄا کي اپنايو آھي.
پنھنجو پيار نڀايو آھي.
ڇورو منھنجو ڪافر ٿيو آ.
ڇورو منھنجو ڪافر ٿيو آ.


ھي نظم ان ائين سنڀاري رکيو جيئن فائنل ائير جو پاس سرٽيفڪيٽ ۽ ان اميد تي ھليو ويو تہ ڪڏھن ھوءَ پاڻ ڪلينڪ ۾ ھن جو ھٿ وٺي ھن سان رشتا ازدواج ۾ ٻنڌجي ويندي پر ان وقت پريمي جوڙن جو ايڏو نانءُ نہ ٿيندو ھو ۽ اھي آسانيءَ سان حدود ۽ زنا آرڊيننس ۾ چالان ٿي ويندا ھئا ان لاءِ بہ اھي ٻہ ئي شاگرد پريمي جوڙو بنجي نہ سگهيا ۽ من ۾ سڀ اميدون آرزئون کڻي ائين اڏامي ويا جيئن سيءُ وڃڻ تي سائبيريا جا پکي سنڌ جي ڍنڍن ڍورن تان اڏامي ھليا ويندا آھن. انھن جو پاڻ ۾ رابطو رھيو آھي يا نہ اھو ﷲ ٿو ڄاڻي.
شاگردن پنھنجن رومن مان وڃڻ وقت نہ ان جي تاريخ کي مسخ ڪندا ھئا ۽ نہ جاگرافيءَ کي وال ڪلاڪ کان وٺي پنھنجي پسند جون تصويرون سڀ اتي جواتي ڇڏي ويندا ھئا ۽ پارٽنر کي چوندا ھئا تہ يار انھن جي پارت اٿئي ڪڏھن اچڻ ٿيو تہ ڏسنداسين. انھن رومن سان ھنن جو پيار فطرتي ۽ حقيقي ھو ڇو جو انھن رومن ۾ ئي ھنن جي زندگيءَ جا حسين لمحا، جوانيءَ جون ڪھاڻيون جوان ٿيون ھيون ۽ اھي انھن لمحن کي ڪڏھن بہ نہ وساريندا ھئا جيڪي ھنن رومن ۾ گذاريا. روم مان سامان گهٽ ۾ گهٽ کنيو ويندو ھو البتہ ڪتاب، نوٽس، پنھنجا پنا کڻندا ھئا. لڳندو ھو تہ ھر روم ۾ ڪا ننڍي لائبرري آھي جيڪا پنھنجي مستقبل ماڳ لئہ وڃي ٿي. بس ھوندا ھئا انھن اکين ۾ جهجها ڳوڙھا ھئا جيڪي کڻي روانا ٿيندا ھئا. ھنن کي خبر ھوندي ھئي تہ ھاڻ ھنن کان زندگيءَ جو نرالو روٽين ھاسٽل کان ڪلاس. ڪلاس کان ڪينٽين. ڪينٽين کان لائبرري، لائبرري کان ميس ۽ ميس کان ھاسٽل سڀ اوچتو وڇڙي ويندو. ھنن کي ھتي گذاريل زندگيءَ جون تلخيون بہ ساروڻين ۾ ڪتابن ۾ بند رابيل ۽ گلاب جي پتين جيان سھڻيون لڳنديون هيون، جيڪي ھو ھزار ڪوششن باوجود پرين کي آڇي نہ سگهيا. بس پرين کي ارپيل لفظ ڪڏھن ھنن کي وڇوڙي جو احساس ڏياري اڪيلو رئاريندا هئا، ۽ جڏھن بہ ھو پنھنجي جواني چانڊڪا ۾ سوچ جي نرالي انداز آرزوئن ۽ ارادن سان چانڊڪا ۾ ڳولڻ ايندا تہ ھنن کي ڊپارٽمينٽ جي بدبودار ليبارٽرين ۾ پرين جي وارن جي مھڪ ملندي. اکڙين ۾ روڪيل لڙڪن سان جڏھن ھو چانڊڪا جي وشال روڊن تي گهمندا تہ ھي ايندڙ ويندڙ شاگرد کان پاسو بدلائي راھون ۽ رستو بدلائي ويندا ڇو جو اڄ جتي ھو پرين جي ٽھڪن جا پڙاڏا ڳولڻ آيا آھن انھيءَ شھر ۾ ھنن کي پنھنجا بہ نہ سڃاڻيندا ۽ پوءِ ھو ڪينٽين جي ڪنڊ ۾ ويھي ساڳي صدين واري چانھہ ۽ انڊو قيمو کائي وري واپس ورندا. انھن سمورين فيئر ويل پارٽين ۾ شھزادي دايي کان گيت ڳارايو ويندو هو تہ:
ھڪ وطن کان وڇڙياسي،
ٻيو يار جدا ٿي ويو!
۽ جڏھن ھو ڏھن تائين ڳائي چوندو تہ ڏکڙا تہ مولائي جا يار مولا لاھيندو تہ. آس ۽ نراس جي وچ ۾ پيل اميد جا گهنج انھن شاگردن جي منھن تي نڪري نروار ٿيندا ھئا. وڇوڙي جي ڪيفيت ۾ خبر ناھي تہ هو ڪيئن پنھنجي دل تي پٿر رکي انھن ڪوسٽر ۾ ويندا ھئا جيڪي پنھنجي شھرن لاءِ ڪرائي ايندا ھئا تہ يار وڃجي ۽ وڇڙجي تہ بہ گڏ. فائنل تائين اڪثر ڪري شاگردن جون خاص طور تي ٻھراڙيءَ وارن جون شاديون ٿي چڪيون ھونديون ھيون. پر ھنن تان ڪڏھن بہ مزاج جو بخار نہ لھندو ھو ۽ وجود ۾ سمايل پرين پنھنجي آخري لمحن تائين ھنن کان نہ وسرندو ھو ۽ ڊائريءَ جي ڪنھن ورق ۾ لکي وٺندا ھئا.
سوچيان ٿو:

جسم، جسمن جي ڳولا ۾ ٿا رھن،
ياروح پنھنجي ماڳ لئہ ڀٽڪندا وتن
تات جا رات ھئي،
۽ رات جڏھن مات ٿي.
پرھ ويل کانپوءِ
سج جڏھن جرڪي اٿيو.
قدم لڙکڙائيندا وري
تنھنجي راھ ۾ رلندا رھيا.
مون سان گڏ
منھنجي زال به
نسوانيءَ جا نقش نگار
خدوخال ۽ اعمال،
پورا ٿي رکي.
پر پوءِ مان
ڇو تنھنجي جستجو ۾،
تنھنجي بدن جي خوشبوءَ ۾،
تنھنجي وارن جي پاڇي ۾،
سمھڻ ٿو چاھيان،
مھل مھل،
ويل ويل،
لمحي لمحي،
گهڙي گهڙي،
تنھنجا خيال روح جي روح ۾.
دل اندر جي ديس ۾
تنھنجي ھر ويس ۾
من منھنجي تي
قبضو ڇو ٿاڪن
ڇا مان وڃايل اڌ ڪري،
تنھنجي پاڇي پويان،
ٽاڪ منجهند جي،
سج جيان جرڪندو ٿو اچان.
ڦتڪندو ٿو وتان،
سوال بہ جواب بہ،
انيڪ ھن انيڪ ھن،
خواھشون وجود جون،
جمود ۾ نہ ٿيون رھن.
واھر بہ وسيلا بہ،
عذر بہ حيلا بہ،
گهڻا ھن گهڻا ھن.
لعنتون، ملامتون،
سمجهان پيون مبارڪون.
رڳ رڳ، نس نس،
رت جي ھرڦڙي ۾،
زندگيءَ جي ھن پڙي ۾،
بس تون ھي تون ، تون ھي تون.


اھي آخري الوداعي پارٽيون خاص طور تي انھن شاگردن لئہ وڌيڪ عذاب بڻجنديون ھيون. جن جا جگري يار ڏاھپ جي ھن سفر ۾ ڪو قدم پوئتي رھجي ويا ھجن. ظفر ڀٽو جي مک تي پريشاني ان جي ڀاءُ لياقت لاءِ نہ ھئي پر پارٽنر ح لئہ. ح انتھائي ذھين ڇوڪرو ھو، منھنجو بہ استاد ھو ۽ ڪمپريھينسو ھاءِ اسڪول سکر ۾ سائين ع ا جي چوڻ تي اٺين درجي جي مئٿ پڙھائي ھئي. چانڊڪا ۾ھن ھتي وندرون بہ بدلائي ڇڏيون ھيون. تاس ۽ اسڪريبل ھن جا پسند مشغلا ھيا. پوءِ امتحان جي بدقسمتي ھن سان ھلندي آئي يا تہ ھو امتحان ۾ ڪنفيوز ٿيندو ھو يا ھن کي ڪيو ويندو ھو. ۽ ائين ھن کي annual لڳي ويندو ھو. اھڙا امتحاني مثبت نتيجي متاثر گهڻائي ھوندا ھئا. حاجي خان کان وٺي انعام تائين ۽ ڪجهہ شاگرد تہ پنھنجا ٻيا مشغلا جاري رکندا ھئا ۽ ڇڙو امتحان ۾ ايندا هئا ۽ ڪٿان سفارش وغيرہ ڪرائين. ڪن تہ ڪچي ۾ وڃي ڪلينڪون کوليون ھيون. سو اھڙن متاثر دوستن جو درد وڇوڙي کي وڌيڪ پردرد بڻائي ڇڏيندو ھو ۽ نہ چاھيندي بہ ھو ھڪ ٻئي کان وڏن ٽھڪن ۽ ڀرپور ڀاڪرن ۾ موڪلائيندا ھئا ۽ ڪن کي پرين جي ڪاوڙ ۽ نفرت جو احساس ايڏو تہ کائي ويندو ھو جو وصيت جو پنو بہ چانڊڪا جي نوٽيس بورڊ تي چنبڙائي ويندا ھئا تہ:


شمشان گهاٽ تي،
منھنجي چتا کي تون ساڙجانءِ،
۽ جنھن وقت شعلي کي،
مليل تنھنجي ھٿڙن جي لمس،
ٿڌائپ جي احساس سان،
منھنجي جسم کي وڪوڙي،
۽ اگنيءَ جي رتي رُتِ ۾،
منھنجي خاڪ مليل جذبا،
تنھنجي مک تي پنھنجائپ ڳولن،
ان وقت شايد ڪو،
نمڪين ڳوڙھو،
تنھنجي ڳلن کي ريج ڏئي،
تنھنجي عمر ڀر جي نفرت جي احساس،
کي محبت ۾ بدلي،
تہ ات ئي منھنجي،
جنمن جو انت ٿيندو!.



چون ٿا تہ چانڊڪا ڇڏڻ وقت اعظم ٻگهيو سڀ کان وڌيڪ رنو ھو ۽ ھو چانڊڪا جي روڊن تي چرين وانگر ڊوڙيو. سويپر کان وٺي پروفيسر تائين ھن سڀني کان وڃي پيرن پئي موڪلايو ھو، ڪا اھڙي بئنچ، ڪرسي نہ ھئي جنھن کي ھن عقيدت سان چميو نہ ھو. ھو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان آڊيٽوريم جي بئنچ تي رنو ھو جنھن ۾ھو ڪاڪڙي تي ٽنگ ڏئي نعرا ھڻندو ھو ۽ پوءِ ھن کي دوستن پرچايو ھو، سمجهايو ھو ۽ ائين ھو ڳوڙھن ۾ وھنجي ھتان نڪتو ھو. ان آڊيٽوريم جي ڳالھہ ئي پنھنجي ھئي. اتي ڇوڪرن کي ڇوڪرين جي تاڙ جون وڏيون ڪھاڻيون آھن. خاموش محبت جا طلبگار سويري ئي وڃي اھڙي سيٽ وٺندا ھئا جتان ھنن کي پرين ڏسڻ ۾ اچي. اھا چانڊڪا جي ڇوڪرن جي تاڙڻ واري عادت اڃان ڪو نہ وئي شل ڪنھن ڪاري برقعي ۾ سنھري ھٿ نظر اچين منھن ورائي ضرور ڏسندا. اڄڪلھہ اھي سڀ عمر جي ان حصي ۾ ھوندا جو اھو انھن کي زيب نہ ڏيندو پر ھو تاڙيندا ضرور ليڪن چانڊڪا جي انھن ڇوڪرن ۾ مايوسي ھرگز نہ ھوندي ھئي ھڪ نظر انداز ڪيو تہ ٻي ۾ اميد رکندا. Optimism ڇوڪرن جي جينس ۾ ھو.
جيئن ھي نظم بہ ان دور ۾ لکيو:


چنڊ تون جيڏو دور وڃين ٿو،
ايڏو توسان پيار وڌي ٿو.
آس نراس ۽ منھنجو جيون،
مايوسين ۾ پليل سپنا،
سج جيان ٿيا روشن،
پيا جڏھن تنھنجا ڪرڻا،
تنھنجي چانڊوڪيءَ جي اثر،
کان منھنجي من ۾ لھرن وانگر،
وير اٿي ٿي،
لمحي لمحي ساگر ساڻ ملڻ،
جي آس وڌي ٿي.
پر ساحل ڏاڍو ڏور آ ساٿي،
چنڊ تون ايڏو گهور نہ ساٿي.
مان اڳ ۾ ڏاڍو گهايل آھيان.
ڪرڻن جو تڙپايل آھيان.
گهگهه اوندھ ۾ منھنجي روح کي،
ڳولي روشن ڪيو ھو.
پل گهڙيءَ لئہ منھنجي،
من جي صحرا کي تو گلشن ڪيو ھو.
پر مان بہ ڏاڍو آن اڻ ڄاڻ او ساٿي.
مون کي تنھنجي ناھ سڃاڻ او ساٿي.
ھو ماڻھو مون تي چٿرون ڪن ٿا.
واري واري ايءُ چون ٿا،
ڇا چنڊ کي ماڻڻ سولو آھي!
چنڊ جو ناھي ڪوئي ٺڪاڻو،
ھو گردش وارو گولو آھي.
پھرين پھرين راتين ۾ ھو،
چانڊوڪي ورھائيندو آ.
سارا جڳ جرڪائيندو آ.
پوين، پوين راتين ۾ ھو،
چانڊوڪي موٽائيندو آ.
سارا جڳ اونداھيندو آ.
پر اي چنڊ،
منھنجي توسان ڪاوڙ ناھي.
منھنجو توسان پيار آ ساٿي،
مان بس ايءُ سوچيندو آھيان،
پھريون راتيون واپس اينديون،
پويون راتيون واپس وينديون،
موٽي او چانڊوڪي ايندي،
مون کي واپس ڪرڻا ملندا.
منھنجا سپنا پورا ٿيندا.
چنڊ تون ڪيڏو ڏور ھليو وڃ.
پر مون کان ڏور نہ ويندين ساٿي.
ڇو جو تنھنجي او چانڊوڪي،
منھنجو ذھن تڙپائي وئي آ.
منھنجو ذھن جاڳائي وئي آ.
مان تنھنجي يادن جي نقش تي جيئرو رھندس.
توسان ناتو مور نہ ڇنندس.
چنڊ تون ڪيڏو دور ھليو وڃ،
پر مون کان دور نہ ويندين ساٿي!.


مان تہ اھو لکندس تہ اسان جي بئج کي سڀ کان نرالي ۽ مانائتي انداز ۾ الوداعي پارٽيون ڏنيون ويون ھيون. اھي الوداعي پارٽيون مئن آڊيٽوريم ۾ ٿيون ھيون ۽ سڀني سياسي تنظيمن ريفريشمينٽ کان راڳ رنگ تائين بندوبست ڪيو ھو جيئي سنڌ، سپاف، سنڌي شاگرد تحريڪ مطلب تہ ھر ڪنھن پاڻ نڀايو ھو. اسان جي ڪلاس ۾ ھڪ خاص ڳالھہ ضرور ھئي تہ ڪڏھن بہ ڪلاس اندر ڪو جهگڙو نہ ٿيو ھر شاگرد ھڪ ٻئي جو دوست ھوندو ھو ۽ سڀني جي ھڪ ٻئي ۾ حجت ھوندي ھئي. ائين بہ ٿيو تہ جڏھن ڪو سياسي تنازعو بہ ٿيو تہ ڪلاس جا شاگرد پاڻ ۾ نہ اٽڪيا. ان ڳالھہ ۾ اسان جي ڪلاس جي شاگردن جي ھڪ نفسيات ھئي تہ ھو سڀ جو سڀ دوست ھئا. حتيٰ ڪہ اھي بہ ننڍڙن، گروپن ۽ ٽولن ۾ ورھايل ضرور ھئا مگر انھن ۾ حيا ۽ لڄ ضرور ھئي. بس ڳالھہ کي نظرانداز ڪري ۽ لنوائي ھليا ويندا ھئا اسان جي فائنل تائين شاگرد راڄ ھو. ان کان پوءِ قاضي صاحب جي دور ۾ چانڊڪا ۾ ديوارون ٺھيون. اسان جي فيئر ويل پارٽين ۾ ھڪ قسم جو عجيب صوفيانہ ۽ وڇوڙي جو رنگ ھو. پر ان کي سڀني انجواءِ ڪيو. ايترن سالن ۾ شاگردن جو مان تہ چوندس دوستيون جوان ٿيون ھيون دشمنيون نہ پر مون کي افسوس سان لکڻو پوي ٿو تہ اسان کان پوءِ وارن بئنچن کي دشمنيءَ جي رنگ ۾ رنڱيو ويو ھو. جنھن ڪري اڪثر ھيٺين ڪلاسن ۾ پاڻ ۾ ئي جهيڙا ٿيندا ھئا. اسان کان پوءِ واري ڪنھن بئچ ۾ سپاف ۽ جساف جا صفدر سرڪي، نياز ڪالاڻي ۽ سپاف ۾ بہ چڱا ڇوڪرا ھوندا ھئا. انصاف مگسي جهانگير اعواڻ، وغيرہ وغيرہ پر صفدر سرڪي ۽ نياز ڪالاڻي جيئي سنڌ جي مرڪزي قيادت تائين ھليا ويا.
اڄڪلھہ ڪڏھن ڪڏھن انھن جو اخبار ۾ ذڪر پڙھڻ کي ملي ٿو مگر چانڊڪا ۾ بنيادي طور اھي ڇوڪرا نظرياتي ھئا ۽ قومپرستيءَ جو ادب پڙھندا ھئا. باقي ڪنھن جهيڙي جي صورت ۾ اڳواڻي ۾ ھوندا ھئا. خاص طور تي BSO واري جهيڙي ۾ نياز ڪالاڻي سٺي بھادريءَ سان وڙھيو ۽ اھو تڪڙو انڪائونٽر ٿيو جنھن ۾ چانڊڪا ۾ ساڳي ڏينھن bso جا ڪجهہ ھٿيار ۽ شاگرد جساف کي مليا پر شاگردن کي ڪو بہ نقصان نہ پھچايو ويو. اھو ھڪ عظيم جنگي اخلاق ھو جيڪو شايد سڌريل فوجون بہ نہ ٿيون ڪن تهbso جي پڪڙيل شاگردن کي جساف وارن ڪو بہ نقصان نہ پھچايو نہ ڪا تذليل ڪئي وئي ۽ اھو ئي bso جو چانڊڪا ۾ آخري ڏينھن هو. جساف جي ان عمل کي چانڊڪا ۾ وڏي پذيرائي ملي.
اسان جي ڪلاس فيئر ويل پارٽي خود پاڻ کي ڏني. اسان جي چانڊڪا ۾ گذاريل آخري رات اوجاڳي جي رات ھئي. استادن ۽ شاگردن جي وچ ۾ مئچ جنھن ۾ سائين عبدالقادر صاحب کي ٽي دفعا آئوٽ ٿيڻ تي امپائر ھر بال کي نو بال قرار ڏنو ۽ سائين ھڪ رنز سان کاتو کولي پويلين روانو ٿيو. شاگردن جي پاڻ ۾ بہ مئچ ٿي انھن سڀني مئچن تي لائوڊ اسپيڪر ذريعي روان تبصرو پيش ڪيو ويندو ھو جنھن جي گهڻي ذميواري مون تي ھئي ۽ ڪڏھن ڪڏھن مقيم (اردو اسپيڪنگ ڇوڪرو) عربي، فارسي، پشتو، بلوچي ۽ انگريزي انداز ۾ اردو ڪامنٽري ۽ سنڌي ڪامنٽري ڪئي. اھا ڪامنٽري مون کان نہ وسري آھي جنھن ۾ شاگردن جي ٽھڪن ۾عجيب درد ۽ اجنائپ ھئي ۽ انھن جي نعرن جي گونج ڪڏھن ڪڏھن مون کي اڃان بہ ٻڌڻ ۾ ايندي آھي اھا چانڊڪا جي آخري رات ھئي جيڪا اسان شاگردن جاڳي گذاري ھئي ۽ گرائونڊ تي گذاري ھئي ۽ مون پنھنجو ھي نظم پڙھيو ھو:
ڪنھن چنچل ٻار جيان،
تنھنجي ھنج ۾ اچي،
مون لولي گهري.
تو وڏي آجيان ڪئي
۽ سندر مون کي لولي ڏني.
تو مارون ملوڪن سندي ڳالھہ ڪئي
تو ڌرتيءَ سان محبت سندي ڳالھہ ڪئي.
لفظن جي ميٺاج تي اک وئي منھنجي لڳي.
اٺ سال بعد اھا اک آھي کلي،
ڏسان ٿو تہ تون مسيحت جي نشتر ٿي ڏئين،
ڇري سمجهہجانءِ ان کي بار بار ٿي چئين،
توکي ڇڏڻ وقت اعظم بہ روئي ڏنو،
تنھنجي خاڪ اکين کي مَلي تنھنجي ڌرتيءَ کي چميو.
ھا مون بہ توسان مارن جي خدمت سندو وچن آ ڪيو،
جي ان وچن ۾ مون کان ڪا ويسر ٿي،
پوءِ انھيءَ وقت مون کي ڪينسر ٿي.
پرنم اکين سان توکي چوان ٿو الوداع،
او منھنجي امرتا امرتا چانڊڪا!
او منھنجي جيجل ماتا چانڊڪا!

ان رات ئي چانڊڪا ۾ آتش بازي ڪئي وئي. ڄڻ ڪو اولمپڪ راندين جي آخري تقريب آ ۽ ڪلاشن ڪوفون ڦٽاڪن جي عيد جي رات ڦاٽندڙ ٽنڊڙين جيان پنھنجي ننڍڙن نالين مان بارود وسايو ھو. اھي اسان جي آخري رات وارا جرڪندڙ ستارا اھو احساس ڏياري رھيا ھئا تہ جيئن اسان بہ پنھنجي ڌرتيءَ تي انھن ننڍڙن ستارن جيئان ڪا ننڍڙي روشني ڦھلائي سگهون ۽ پوءِ مون شيخ اياز جي شعر:
پل پوپٽ آ پل جگنو آ.
پل پل کي پنھنجي خوشبو آ.

جو جو تہ پکين جو جوڙو آھي.
تنھنجو انت وڇوڙو آھي

۽ وڌيڪ شاھہ سائينءَ جو هي شعر پڙهيو:
ڪڻا منجهہ قرار ھئا ھيڪاندا سنگ ۾.
ڳاھي ڳاھ فراق جا ڪيائون ڌارئون ڌار.
نہ ڄاڻان ٻيھار ڪير ملي ڪنھن سين.

پڙهيا هئا، ۽ پوءِ ڦٽاڪن ۽ گولين جي گونج واري رات پرھ ۾ تبديل ٿي ۽ جيئن جيئن سج پنھنجي مدھم روشنيءَ سان اڀرڻ شروع ڪيو ۽ ڪوئل ڪا درد جي لات لنوي. صبح جو ڪونجون پنھنجي سفر تي نڪري پيون ۽ جهرڪيون ۽ ڪانوَ پنھنجي معاش جي تلاش ۾ جاڳي پيا ھئا. اھي پکين جا سنديس سانڍي اسان اوجاڳي واريون اکيون مھٽي وڃي رومن ۾ سمھياھئاسين ۽ منجهند جو دير جو اٿياسين تہ اسان ڄڻ خلا جي پولارن ۾ پئي گهمياسين. ھر شيءِ اجنبي پئي لڳي اھا بي وزنيءَ جي ڪيفيت ھر شاگرد محسوس ڪندو جڏھن ھو چانڊڪا ڇڏيندو. اسان بہ ان حامله عورت وانگر ھلڪا ٿي پياھئاسين جنھن جي گود ڀرجي وئي ھئي ۽ اسان مسيحت جي ملڪيت کڻي ھتان نڪرڻ وارا ھئاسين. بس ان ڏينھن ئي اسان پنھنجو سامان کڻي روانو ٿياسين موڪلاڻيون تہ مھينن کان جاري ھيون ائڊريسون، پار پتا سڀ ورتاسون پر وقت جي وھڪري ۾ اھي بس وڃي حسين يادون ئي رھجي ويا آھن.

چانڊڪا ۾ رانديون

اسان جي شروعاتي ڏينھن ۾ قدوس سومرو sports secratory ھو. جيولين ٿرو جي نيزي جھڙو سنھڙو اھو قدوس پاڻ تہ اسپورٽس ۾ ڪوخاص نانءُ نہ رکندو ھو مگر ھن پنھنجي فرض کي پوري طرح نڀايو. اھو اسپورٽس ويڪ ھاسٽلن جي ڀڪ سان جيڪا اسٽاف ڪالوني ٺھيل آھي ان وقت اھا ٺھيل ڪا نہ ھوندي ھئي ۽ اھو گرائونڊ ھو ان ۾ ٿيو ھو. قدوس جي اسپورٽس ويڪ جي ڪامنٽري اوميش نالي ڪنڌڪوٽ جي ھندو شاگرد ڪئي ھئي جيڪو رڪارڊ ٻڌائيندو ھو ۽ پاڻ بہ ڪرڪيٽ جو چڱو رانديگر ھو. ان اسپورٽس ويڪ ۾ يوسف (اردو اسپيڪنگ) انگريزيءَ ۽ اردوءَ ۾ گيت ڳايا. سيٽيءَ سان ڳايل يوسف جا اھي گيت ڏاڍا اداس ۽ رولاڪ ھئا. ڪنھن محبوبہ جي تلاش ۾ يوسف جو آواز سندر ھو ۽ ھو پاڻ بہ سندر ھو. ھر لحاظ کان پورو پر حسب معمول پيار ۾ اڻپورو. يوسف باقاعدہ ان اسپورٽس ويڪ کي زندگي ڏني ھئي رانديگرن ۾ بہ فقط ٻہ شاگرد سڄي ميدان ۾ چرين وانگر ڊوڙيا ھئا. ھڪڙو اسان جي ڪلاس جو ممتاز لغاري ۽ ٻيو لائق چوھاڻ. لائق چڱي جوڙ جو اٿليٽ ھو. خاص طور تي فيلڊ ايونٽس ۾ھن کي مھارت ھئي. لائق چوهاڻ پاڪستان هاڪي ٽيم جو ڊاڪٽر بہ ٿيو، اھا لائق جي لائقي ئي ھئي جو ان اھو اعزاز ماڻيو.
لائق ۾ اھا ڳالھ ھئي تہ ھن ۾ بي پناھ اسٽيمنا ھئي ۽ ممتاز لغاري ڪجهہ ھلڪو جوان ھو. پر ممتاز لائق سان پورو مقابلو ڪيو.
وسان تہ محمود بہ ڪو نہ گهٽايو ھو. پنجابي ھوندي بہ اھڙي سنڌي ڳالھائيندو ھو جو مجال آ ڪو هن کي سمجهي، پر ھو سگريٽ پيئندو ھو ۽ آخر ۾ دم چڙھي ويندو ھوس. سميع شاھہ بہ چڱو ڊڪيو ھو پر ان اسپورٽس ويڪ کان پوءِ سميع شاھ نظر نہ آيو چون ٿا تہ ھو مڱڻيجن واري جهيڙي جو مک ڪردار ھو. پر چانڊڪا ۾ ان اسپورٽس ويڪ کانپوءِ ھو نظر نہ آيو. ان اسپورٽس ويڪ ۾ ڪيترن شاگردن پنھنجا جوھر ڏيکاريا ھئا پر افسوس تہ انھن مجاھدن جا نالا ياد نہ آھن. مان بہ ان اسپورٽس ويڪ ۾ لانگ جمپ ۾ نصير سميجي سان گڏ ٽيون نمبر کنيو ھو.
ان اسپورٽس ويڪ ۾ علي بابا بہ آيو هو پنھنجي سوچن ۾ گم شايد ٻيو ڪو ”سو رپيو نوٽ ماڻھو“ لکڻ جي چڪر ۾ ھو. علي بابا ان اسپورٽس ويڪ ۾ نھايت خاموش رھيو. ان اسپورٽس ويڪ ۾ پري ڪلينڪ ۽ ڪلينڪ جي ڪرڪيٽ مئچ بہ ٿي ھئي جيڪا اسٽيڊيم ۾ ٿي ھئي. پري ڪلينڪ ٽيم ۾ مان بہ شامل ھيس پر ڪو ٻوٽو ٻاري نہ سگهيس. اسان جو ڪئپٽن فضل پيچوھو ھو جيڪو رانديگر تہ پورو پنو ھو پر ڪپتان سٺو ھو. ھن ڪلينڪ جي شاگردن سان پورو مقابلو ڪيو ھو. اسان کي نديم عليم جھڙو بالر ھو جيڪو سٺو رانديگر ھو. ھن جا مھانڊا انگلينڊ جي مائيڪ ھينڊرڪس سان ملندا ھئا. ڏاڙھي وارو اھو جوان ڏسڻ ۾ بہ انگريز لڳندو ھو مگر تمام تيز بالر ھو. فضل پيچوھو ڪرڪيٽ کان علاوہ سٺو پڙھندڙ ڇوڪرو بہ ھو ھن c. s. s ڪئي ۽ DMG گروپ ۾ ھليو ويو.
اڄڪلھہ آصف زرداري جي ڀيڻوي طور ڪڏھن ڪڏھن خبرن ۾ ايندو آھي. فضل انتھائي سلڇڻي سڀاءُ وارو ڇوڪرو ھو. نديم عليم جيڪو اڪثر ٽريڪ سوٽ ۾ چانڊڪا ۾ ڊوڙندو نظر ايندو ھو اسان جي فائنل ايئر ۾ ھن ٽئين پوزيشن بہ کنئي پر پوءِ ھو چانڊڪا ۾ اسپورٽس جي معاملي ۾ Inactive رھيو. نديم عليم لئہ حفيظ ابڙي لکيو هو تہ هو نديم عليم آفريدي جعلي ڊوميسائيل تي جيڪب آباد جي سيٽ تي سليڪٽ ٿيو هو. ڪلينڪ جي ڇوڪرن ۾ اعجاز سھاڳ، عرفان ۽ ناصر سٺا ھئا جن اسان جي ٽيم کي آسانيءَ سان ھارايو ھو. ۽ ان ئي اسپورٽس ويڪ جي ڪري ئي چانڊڪا ۾ باڊي بلڊنگ جي سنڌ ليول تي چيمپيئن شپ ٿي. تيل سان ليپيل، سنھڙي چيلھہ ۽ ھڏائين چھري وارا باڊي بلڊر جڏھن پنھنجا مشڪ يا muslcles ڏيکاريندا ھئا تہ ٽھڪڙا ۽ تاڙيون ھيون. ان مقابلي ۾ ھڪ ميڊيڪل جو شاگرد بہ ھو جيڪو DMC جو ھو ۽ ان جو نالو شايد اسماعيل ھو اسان تہ بس ان لاءِ ئي تاڙيون وڄايون ھيون ۽ فاتح بہ اھو ٿيو ھو.
چانڊڪا ۾ بہ ڪثرت بازن جي باقاعدہ ڪلب ھئي جتي ويٽ لفٽنگ ۽ باڊي بلڊنگ تائين شاگرد وڃي ايڪسرسائيز ڪندا ھئا. جن ۾ رفيق پٺاڻ سڀ کان سوڀارو ھو. نثار ھڪڙي کان وٺي رشيد ابڙي تائين سڀ ان ڪلب ۾ ويندا ھئا جيڪا چانڊڪا جي حدن ۾ ئي ھوندي ھئي. اسدﷲ مھر بہ ڪڏھن ڪڏھن پنھنجا ڏورا ٺاھڻ اتي ايندو ھو. اسداﷲ مھر ھينئر چانڊڪا جو وائيس پرنسپال آھي. ماٺيڻو ۽ خاص لھجي ۾ ڳالھائيندڙ شاگرد لئہ ھرڪو سمجهندو ھو تہ ڄڻ طنز ٿو ڪري. ھو ڳالھائڻ تي خاص ڌيان نہ ڏيندو هو باقي پڙھائيءَ ۾ سسئيءَ جي سورن وانگر ڪتاب ھميشہ گڏ ھوندا ھئس.
اھو تہ چانڊڪا جو باقاعدہ اسپورٽس ويڪ هو، ان ۾ انڊور گيمس ۾ اختر عادل شاھ کان ڪير بہ کٽي نہ سگهيو ھو. اختر عادل شاھ بيڊمنٽن ۽ ٽيبل ٽينس جو ڊويزن چيمپئين ھو ۽ حيدرآباد ۾ رھندو ھو.
اسان جي دور ۾ ڪرڪيٽ مينيا ھئي. شاگردن جي عشق لئہ بہ ضروري ھو تہ ھو ڪرڪيٽ متعلق سڀ معلومات رکن، جاويد ميانداد جي والد کان وٺي ڪلائيڊ لائيڊ جي خاندان بابت بہ ڄاڻن، ڇو جو ڇوڪريون بہ ميانداد ۽ عمران خان جون مداح ھيون. عشق جي ڪچھرين ۾ بہ ڪرڪيٽ جو موضوع ضرور ھوندو ھو ۽ معشوقه کي موھڻ لئہ ڪرڪيٽ تي تبصرو ڪرڻ بہ فيشن ۾ شامل ھو. ان اسپورٽس ويڪ ۾ ھاڪي ۽ فٽ بال جا مقابله بہ ٿيا. فٽبال ۾ حافظ عطاءُ الرحمان سٺو رانديگر ھو. ھاڪيءَ ۾ مون کي مسعود غني ياد آ جيڪو بہ شھباز ۽ سميع وانگر ھاڪيءَ ۾ تيز ڊوڙندو ھو باقي والي بال تہ چانڊڪا جي پنھنجي اباڻي راند ھئي. خاص طور تي دادوءَ ۽ خيرپور جا ڇوڪرا ان راند جا ماھر ھئا. آئوٽ ڊور اسپورٽس ۾ ھيمرٿرو، شاٽ پٽ ۽ جيويلين جا مقابلا بہ ٿيا. اھو اسپورٽس ويڪ باقاعدہ راندين جي حوالي سان پورو اسپورٽس ويڪ ھو. ان اسپورٽس ويڪ کان پوءِ چانڊڪا ۾ ٻن راندين جون سرگرميون ڏاڍيون رھيون. ھڪ ڪرسي ڪرڪيٽ ۽ ٻيو والي بال. ڪرسي ڪرڪيٽ تہ بيٽ بال ۽ ڪرسيءَ سان کيڏي ويندي ھئي. مگر والي بال بيچ والي بال وانگر ٻٽي ڇوڪرا ئي پاڻ ۾ کيڏي وٺندا ھئا. خاص طور تي دادوءَ جا شاگرد والي بال ۾ ننڍڙو بال استعمال ڪندا ھئا جنھن ۾ ھوا بہ گهٽ ڀريل ھوندي ھئي ۽ ان کي ھودڙي ڪوٺيندا ھئا. اھا راند چانڊڪا جي ھر موسم جي راند ھئي باقي ڪرسي ڪرڪيٽ جي تہ ڳالھ ئي ناھي شام جو چانڊڪا جي ھر ھاسٽل اڳيان روڊ تي ڪرسي ڪرڪيٽ کيڏي ويندي ھئي ۽ ڪرڪيٽ نہ ڄاڻندڙ دوست بہ ان راند جا وڏا مداح ھئا ۽ ڪرڪيٽ متعلق theory وڌيڪ ڄاڻندا ھئا انھن جو شھنشاھ اشرف ڪلوڙ هو جنھن ڪڏھن بہ ڪرڪيٽ نہ کيڏي پر ھن 1983ع واري ورلڊ ڪپ لئہ چيو ھو تہ اھو انڊيا کٽندو ۽ ان جي پيشن گوئي صحيح نڪتي. سڄو ڏينھن ريڊيو بگل ۾ دٻايون ڪمنٽري ٻڌندو وتندو ھو ۽ ڪرڪيٽ لئہ ھر قسم جي قانوني راءِ اشرف ڪلوڙ کانورتي ويندي ھئي. انھن ئي ڪرڪيٽ جي ناسورين مان تحسين بہ ھڪ ھو. ھو بہ آخري ڏينھن ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ سکيو ۽ اڪثر ڪري ھاسٽل جي ھالن ۾ بيرن کان بالنگ ڪرائي انڊور اسٽيڊيم ۾ ڇڪا چونڪا ھڻندو ھو.
اشرف ڪلوڙ اسڪريبل ۽ چوباز تاس جو ماھر رانديگر ھو. تاس اھڙي ٻڌندو ھو جو تيرھان ئي پتا ھن وٽ اچي ويندا ھئا ۽ کول ممبري کيڏندو ھو. ھن چانڊڪا ۾ تاس جي ھڪ چيمپيئن شپ بہ ڪرائي ھئي جنھن ۾ ديوانن خفيه اشارا ايجاد ڪري ھن کي دوکي سان ھارايو ھو.
چانڊڪا جي ڪرسي ڪرڪيٽ تي پوءِ ٿا ڳالھايون پر اچون ٿا تاس تي. سو چانڊڪا جي شاگردن ۾ چوباز راند ڏاڍي مقبول ھئي. ان تي باقاعدہ شرطون لڳنديون ھيون. باقاعدہ سلامن کان پوءِ اٿ ويھ ٿينديون ھئي. اڪثر ڪڙاھيءَ جو شرطون لڳنديون ھيون. ڪي ڪي ڇوڪرا اڳتي نڪري ويندا ھئا، تہ جِنُ اسرٽو ڪريٽ ۽ بليڪ ليبل جون شرطون رکندا ھئا. ڪي ڪي مري بيئر جا شوقين، جن کي مري بيئر نہ ملندو ھو تہ پوءِ جوَ چٻاڙي جوس ٺاهي مري بيئر جو مزو وات ۾ ئي وٺندا ھئا. بليڪ ڪوئن راند بہ چانڊڪا ۾ عام جام کيڏي ويندي ھئا. البتہ منگهه پتي ۽ ٽي پتي ۽ فليش جا بہ ڪجهہ شوقين ضرور ھئا. اسڪريبل بہ عام ھوندي ھئي مگر شطرنج ۽ لوڊو ڪجهہ مخصوص شاگرد ئي کيڏندا ھئا ۽ اھي ٻئي رانديون چانڊڪا ۾ غير مقبول ھيون.
تاس راند ۾ غلام قادر ناريجي کي بہ وڏي مھارت ھئي. گلگتي ۽ ڪشميري ڇوڪرا جيڪي گهڻو تڻو راندين ۽ ٻين سرگرمين ۾ حصو نہ وٺندا ھئا اھي بہ تاس کيڏندا ھئا. اعجاز ڪشميريءَ کي تہ تاس سدائين کيسي ۾ ھوندي ھئي. ھودڙي راند ڪرڪيٽ کانپوءِ گهڻي کيڏي ويندي ھئي. ان ۾ بہ رياض ھيسباڻي ۽ علي مرتضيٰ شاھ تائين کيڏندا ھئا جن کي مون ڪڏھن واندو ڪينٽين تي بہ گهمندي نہ ڏٺو ھو. عاشق لاشاري ۽ عطا چانڊيو بہ پنھنجا ھٿ ھودڙيءَ سان گرم ڪندا ھئا. شروعاتي ڏينھن ۾ ونجهوٽي راند بہ کيڏي وئي پر چماٽن جي وھائي ڪڍڻ تي اھا راند ڪڏھن ڪڏھن جهيڙي جو رخ ڪري وٺندي ھئي ان لاءِ ترت ئي ان راند جو چانڊڪا مان خاتمو ٿيو. البتہ ٽيبل ٽينس جي ٽيبل ھر ھاسٽل جي ميس ۽ ٽي وي روم ۾ ھوندي ھئي جتي ٽيبل ٽينس جو مار مارو ھو. ڪڏھن ڪڏھن سعيد پٺاڻ ٽينس جي ريڪٽ سميت چڍي ۽ شرٽ ۾ نظر ايندو ھو پر چانڊڪا ۾ ڪو بہ ٽينس ڪورٽ نہ ھو. خبر ناھي ھو ڪٿي ٽينس کيڏندو ھو باقي اسڪوائش تہ شاگرد ٽيبل ٽينس جي ريڪٽن ۽ بال سان ڀت کي ڪورٽ ٺاھي ٽي وي ھال ۾ ئي کيڏندا ھئا.
ڪرسي ڪرڪيٽ پوءِ باقاعدہ ترقي ماڻي ۽ ان جون باقاعدہ ٽورنامينٽ بہ ٿيون نہ تہ بہ ان ڪرسي ڪرڪيٽ جون پاڻ ۾ ميچون تہ روز ٿينديون ھيون. ان ڪرسي ڪرڪيٽ جي پھرئين ھيٽ ٽرڪ سائين رکيو ميراڻي ڪئي ۽ پھريان پنج وڪٽ ھڪ ٽورنامنٽ ۾ جيڪا نائيٽ ۾ کيڏي وئي اختر سومري ورتا ھئا جيڪو آف اسپنر بالر ھو ۽ پھرين 50 اعجاز سھاڳ ٺاھي ھئي. سائين رکيو ميراڻي اصل ۾ ملھہ پھلوان ھو مگر بالنگ ڏاڍي تيز ڪرائيندو ھو. خاموش مزاج ۽ شگفتہ اخلاق جو اھو شاگرد ڏاڍو سٺو انسان ھو. اختر سومرو سٺو آف اسپنر بالر ھو. آغا سميع ﷲ بہ کاٻي ھٿ جو جو سٺو ليگ اسپنر بالر ھو مگر اسپيڊ جي حوالي سان نديم عليم کان ڪوئي کٽي نہ سگهندو ھو. پھرئين نائيٽ ڪرسي ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ھاسٽل 2 ۽ 1 جي اڳيان ٿي ھئي. فلٽ لٽ ۾ کيڏيل اھا راند چانڊڪا ۾ راندين جون نيون چاھتون ڏئي وئي ھئي. ھاسٽل ون جي گيلريءَ ۾ بيٺل بشير چارڻ ۽ ڪامنٽري باڪس مان اعظم ٻگهئي جي گارين جي فائرنگ سڀ کان نمايان ھيون جنھن ۾ نين نين گارين جا نئين نئين انداز ۾ ڏيڻ جا ڪامياب تجربا ڪيا ويا. ان ٽورنامنٽ ۾ نالي وارن رانديگرن ڪي خاص جوھر نہ ڏيکاريا ھئا. آفتاب سومرو پني عاقل وارو رانديگر تہ سٺو ھو مگر ھو چانڊڪا ۾ ڪرڪيٽ جي ڪا خاص اننگز کيڏي نہ سگهيو البتہ صادق لاشاري جي وڪيٽ ڪيپنگ ۽ آف واريون شاٽون بہ نہ وسرڻ جھڙيون آھن. سعيد پٺاڻ ڪرڪيٽ کي بہ ٽينس سمجهي ٽينس واريون شاٽون ھنيون ۽ ائين ڪرڪيٽ ۽ ٽينس ڏسڻ جو مزو ھڪ ئي وقت پورو ٿيو. چانڊڪا ۾ ڪرسي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو شوق علم الدين بلي کي بہ ھو جيڪو بئٽس مئن تہ چڱو ھو مگر بالنگ انڊر آرم ڪرائيندو ھو. ان وقت تائين آ. سي . سي جا ڪرڪيٽ قانون چانڊڪا ۾ لاڳو نہ ٿيا ھئا نہ تہ علم الدين بلو جو بالنگ ايڪشن تڪراري ضرور ليکيو وڃي ها. ڪرڪيٽ جو اھو ”چاچا ڪرڪيٽ”c. s. s ڪري ھليو ويو. ۽ ڪرڪيٽ ھڪ مداح کان رھجي وئي.
چانڊڪا ڪرڪيٽ ۾ ھڪ لاھور جو ڇوڪرو بہ ھوندو ھو غالبا ان جو نالو ناصر ھو مگر ان کي آئوٽ ڪرڻ مشڪل ھوندو هو ۽ ائين سکر جو جاويد بہ ورلي آئوٽ ٿيندو ھو.
اسان جي سينئر ڇوڪرن جي ڪاليج مان وڃڻ کان پوءِ ڪرسي ڪرڪيٽ وڏي ترقي ورتي جونيئرن ۾ ڪليم شيخ بہ سٺو کيڏندو ھو مگر بيٽ تي چڙھيل ڪي ڪي شاٽون حيران ڪري ڇڏينديون ھيون ۽ ائين ھاسٽل ون جي اڳيان کيڏندڙ ھڪ مئچ دوران يارھين رانديگر بشير قريشيءَ جو ڇڪو سڀني ڇوڪرن وات ڦاڙي ڏٺو ھو. اسان جي ڪلاس کي مڙئي ڪرڪيٽ جو گهڻو ئي جنون ھو ھاسٽل 5 اڳيان روزانو ڪرڪيٽ ٿيندي ھئي ۽ ان جو سڄو انتظام تحسين ۽ اشرف ڪندا ھئا. امجد شاھ جي ان سوئمنگ بالنگ، عبيد سومري جي ڪپيل ديو جي طرز تي زور لڳائي بال ڪيرائڻ ۽ منھنجي ڪفيل ڀائيءَ واري بالنگ، يعني ان سوئمنگ، آئوٽ سنگ، آف اسپين، ليگ اسپين فاسٽ بالنگ، ھڪ اوور ۾ ڪيرائڻ ۽ امپائر جا اعتراض سڀ ھاسٽل 5 تي شام جي چانھہ کان پوءِ معمول ھئا. جاويد دادوءَ وارو بہ ڊوڙي ڊوڙي مرندو ھو پر ڪڏھن بہ وڏو اسڪور ٺاھي نہ سگهيو. خالد ۽ ممتاز، آفتاب ۽ مقيم، نديم ٿانوي ۽ شبير شيخ سڀ جو سڀ ڪرڪيٽ گرائونڊ تي پيا بال پويان ڊوڙندا ھئا ۽ ائين ٻين بئنچن وارن جو حال بہ ھو ۽ اھي بہ پنھنجن ھاسٽلن اڳيان ڪرڪيٽ کيڏندا ھئا. البتہ شاگرد ڇٻر تي ڪرڪيٽ کيڏڻ کان لنوائيندا ھئا ڇو جو بال ڪيرائڻ ۽ مزيدار شاٽ ھڻڻ ۾ الاھي دقت پيش ايندي ھئي ان لاءِ گراس وڪيٽ تي کيڏڻ کان پاسو ڪيو ويندو ھو. ان دور ۾ ٽيپ ٽينس چانڊڪا ۾ نہ کيڏي ويندي ھئي البتہ، شيلڊ ۽ ڊنلپ وارا ٽينس بال ڪرڪيٽ ۾ استعمال ٿيندا ھئا.
چانڊڪا ۾ سٺا سئمر بہ ھئا مگر شاگرد رائيس ڪئنال تي وڃڻ کان لنوائيندا ھئا ڇو جو چانڊڪا جا ڪجهہ ڳڀرو گهوٽ رائيس ڪئنال ڳڙڪائي ويو هو. ان لاءِ ڇوڪرا وھنجڻ جو سمورو عمل ھاسٽلن ۾ ئي پورو ڪندا ھئا.
اسڪيٽنگ لاءِ تہ چانڊڪا ۾ ڪا بہ اٽريڪشن نہ ھئي مگر ڦيٿن وارا بوٽ ۽ ڦيٿن واري ننڍڙن تختين تي پير ڦاسائي مقيم لاڙڪاڻي جي روڊن تي وڏي توازن سان ڊوڙندو ھو ڄڻ برف تي ڊوڙي ٿو. اسان کي ھميشہ خطرو ھوندو ھو تہ متان ڪا ٽرڪ چٿي وڃيس ۽ آرٿو پيڊڪ سرجن بہ نہ ھوندو ھئو. ٽرڪ تہ اسان جي ڪلاس جي فائنل جي شاگرد مٿان بہ چڙھي وئي ھئي جيڪو زال جا زيور ڏسڻ سوناري وٽ ويو ھو ۽ موٽر سائيڪل تي بغير ھيلمٽ وارو اھو جوان غالباً پرڪاش موت ساڻ ڪري ھليو ويو ھو. ڪيولٽيءَ ۾ روئندڙ ان جو پارٽنر سنمک ۽ دولت بجاج اسان پرچائي پرچائي ٿڪا ھئاسون پر پوءِ سوچيو سون موت تہ مقدر آ. پوءِ وڏن ڦيٿن واري موٽرسائيڪل بہ ترڪي پئي. ان لاءِ مقيم آخر تائين موت جي گهوڙي تي سوار ٿي ٽرڪين اڳيان ترڪندو ھو ۽ ائين لڳندو ھو. ھو living on edge گاني جي رڪارڊنگ ۾ مشغول آھي.
چانڊڪا ۾ اسپورٽس جو اسان جي دور ۾ جيڪو سپر ايونٽ ٿيو ھو اھو شھيد مير اشتياق حسين ٽالپر اسپورٽس ويڪ ٿيو ھو. ان جھڙو راندين جو ڪو جشن چانڊڪا ۾ شايد نہ ٿيو ھو نہ ٿيندو. ھر شاگرد پنھنجي مزاج، رتبي، اسٽائيل ۽ پڙھائيءَ کي ڇڏي ان اسپورٽس ويڪ ۾ رنگ ڀريا ھئا. سڀ جو سڀ مقابلا سخت ۽ ڀرپور ھئا ھر ڪلاس پنھنجون ٽيمون ٺاھيون ھيون سڀ کان وڌيڪ گرما گرمي ڪرڪيٽ مقابلن ۾ ھئي ۽ سموري گرائونڊ جي چوڌاري شاگرد ۽ شاگردياڻيون ويٺيون ھونديون ھيون. شل نہ ڪو آئوٽ ٿئي شل نہ ڪا شاٽ لڳي، زبردست داد ملندو ھو ۽ شاگردن ان مھذبپڻي سان اھي ڪرڪيٽ مئچون ڏٺيون جيئن لارڊ جا تماشائي بہ نہ ڏسندا ھئا. تاڙين ۽ نعرن جو ھڪ اھڙو مڌر سُر اٿندو ھو ڄڻ ڪو اوپيرا پيو ڳائجي.
ان اسپورٽس ويڪ ۾ ڇوڪرين بہ ڀرپور حصو ورتو ھو. چانڊڪا جي لنڊي جا سمورا ٽريڪ سوٽ کٽي ويا ھئا ۽ رنگ برنگي لباس ۾ شاگرد ائين مست ھئا جيئن ڪيري پيڪر سرڪس ۾ ڪرڪيٽ جا مھان رانديگر بہ نہ. انھن ڏينھن ۾ فرسٽ ائير ۾ ھڪڙو شاگرد آيو ھو سردار شيخ جيڪو ڪمپليٽ ڪٽ ۾ ايندو ھو ۽ انتھائي جارحانہ کيڏندو ھو ۽ پوءِ اسان ان جي ڪمزوري ڳولي لڌي ليگ وڪيٽ تي ڪرندڙ آئوٽ سوئنگر کي جيڪو آف اسٽمپ اڏاري کي ھو بلڪل کيڏي نہ سگهندو ھو يا تہ بولڊ ٿيندو ھو يا فرسٽ سلپ ۾ ڪئچ ڏيندو ھو سردار شيخ آمريڪا ۾ هڪ حادثاتي ۾ موت جو شڪار ٿيو. مير اشتياق اسپورٽس ويڪ جي ڪرڪيٽ مقابلن جي ڇا ڳالھہ ڪجي.
ھاڻي اچو مان اوھان کي ان مقابلي جي فائنل ۾ سڌو سنئون يا لائيو ٿو وٺي ھلان ڪامنٽري باڪس ۾ مان موجود آھيان ۽ ائين ٿو پيش ڪيان ڄڻ اھا جانورن وچ ۾ مئچ آھي اھا مئچ اصل ۾ فرسٽ ائير ۽ فورٿ ايئر وارن جي وچ ۾ ھئي.
ھا سامعين: ھتي چڙيا گهر ۾ ڪرڪيٽ مئچ جو فائنل آھي. آءٌ اوھان کي سڀني رانديگرن جو تعارف نہ ٿو ڪرائي سگهان پر ڪجهہ مکيه رانديگرن جو تعارف ڪرايان ٿو (حقيقت ۾ اھي جانورن جا نالا رانديگرن تي مزاح ۾ رکيا ويا ھئا).
ھا سامعين: ھي فائنل مئچ جيڪا شروع ٿيڻ واري آھي ان جو ڪپتان آھي لومڙي، اوپنر آھي ڪاري ٻوٿ وارو آسٽريلوي گهيٽڙو ۽ ٻيو اوپنر آھي سامونڊي گهوڙو يا ٽلو عرف ٽريفڪ جو سپاھي (اھو شاگرد ڪمپليٽ ڪرڪيٽ ڪٽ ۾ ھو) سامعين ھي رانديگر چڙيا گهر ۾ نوان نوان آيل آھن ھنن تي اڃان نہ دال جي دٻ اثر ڪيو آھي نہ وري ڪو پروفيشنل ڏئي مينٽل ٿيا آھن. سامعين ھنن جانورن ۾ گهڻي ٻڌي آھي ڌڻ ڪري گهمندا آھن. سڄو ڏينھن چرندا وتندا آھن، چانہ جا موالي آھن، روڊ تي مڙئي رانڀاٽ ڪندا نظر ايندا آھن. ٽنگون ٽيڙي، واڇ ڦيري ، ٻانھون لوڏي ناز مان نخرا ڪري گهمندا آھن، آچر تي ايندا آھن ۽ اربع تي ويندا آھن.
انھن جي مئچ ڪڪڙ جي مانيءَ ۽ چانڊئي جي چانھہ تي پليل، سپلين جي ستايل چوٿين نمبر جي بيرڪ جي بھادر جانورن سان آھي. ھنن جانورن ۾ ايمانداري ڏاڍي آھي. تمام فيئر بنيادن تي پکا ڪڍيائون ۽ ڏٻرن ڏٻرن جانورن سان پنھنجو مقابلو ڪري سڌو سنئون بلا جهجهڪ فائنل ۾ پھتا آھن. اسٽيٿو ڳچيءَ ۾ اٽڪايون پوسٽنگ اٽين ڪرڻ بجاءِ اسپتال جي ٻڪرين پويان لور لور ڪندا وتندا آھن، ٻڪريءَ جي ٻيڪ ٻڌي ائين ڀڄندا آھن جيئن سوئا گڏھ ڦر تي ايندي آھي. ھن ٽيم جو ڪپتان آھي ريگستاني اٺ، وڪيٽ ڪيپر آھي زيبرا ۽ مئن اٽيڪ بالر آھي گدڙ، گدڙ جي سياڻپ ڪري ھي ٽيم فائنل ۾ پھتي آھي.
ھا سامعين مئچ شروع ٿي.
پھريون بال سامونڊي گهوڙو نہ کيڏي سگهيو ھاڻ گدڙ بالنگ مارڪ تي، گدڙ بال کي گگ ھنئي، ٺينگ ٽپا ڏيندو، ڪن ڇنڊيندو ڊوڙيندو اچي رھيو آھي. امپائر کان گذريو، تيز بال آئوٽ، سوئنگر ۽ سامونڊي گهوڙو بولڊ ھڪ بھترين رانديگر آئوٽ. گدڙ جي پوزيءَ تي پوزي آھي. ريگستاني اٺ بہ ڳچي لوڏيندو ڀڄندو ڀڄندو گدڙ وٽ پھتو آھي ۽ گدڙ کي ڀاڪر ۾ ڀري ان سان ائين پيار ڪري رھيو آھي ڄڻ اٺ جي ڪنڌ تان بار ھلڪو ٿي پيوھجي.
سامعين راند ۾ جواني آھي. گهيٽوڙي جو بال کي ٿونو، بال آف سائيڊ تي. گهيٽوڙي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ننڍڙن ٽنگن ڪري ڪريز تائين پھچي نہ سگهيو آھي ۽ رن آئوٽ ائين مون ڪرڪيٽ جي ڪامنٽري ڪئي. مزاح ۾، اھا فائنل فورٿ ائير وارن کٽي ھئي ان راند ۾ فورٿ ائير جو جاويد نمايان رانديگر رھيو ھو.
والي بال جون مئچون بہ شاندار ٿيون ۽ سخت ترين مقابلا ٿيا. انھن ئي مقابلن جي ھڪ سيمي فائنل مئچ ۾ آءٌ اوھان کي وٺي ٿو ھلان ۽ آءٌ ان مئچ کي ائين ٿو وٺان تہ جيئن اھا مئچ ڪانون وچ ۾ آھي. ڇو جو ان مئچ ۾ ايترو گوڙ ۽ شور ھو جو ڪانوَ بہ نہ ڪندا آھن ھر بال ھر والي ھر نيٽ ھر سروس تي ھڪ شور جنھن رانديگرن جون متيون منجهائي ڇڏيون ھيون ۽ رانديگر عجيب دٻاءُ جو شڪار ھئا ۽ مسلسل غلطيون بہ ڪري رھيا هئا. ھا سامعين
ھي والي بال مئچ فائنل نہ آھي مگر سيمي فائنل آھي جيئن تہ ھي مئچ رڳو ڪانون وچ ۾ آھي. تنھن ڪري اسان کي سڃاڻپ ۽ تعارف ڪرائڻ ۾ دير لڳندي.
ھا سامعين: سڃاڻپ لئہ ڪھڙا ڪانو ڪھڙي ٽيم جا رانديگر آھن انتظاميہ سٺو انتظام ڪيو آھي ساڄي پاسي وارن جي ڳچيءَ ۾ 2 نمبر جي ڳاني ٻڌل آھي ۽ کاٻي پاسي وارن جي ۾ 5 نمبر جي. ھا سامعين جيڪو سينٽر جي پوئتان ڪانو بيٺو آھي ۽ منھن تان ڪٿان ڪٿان گوشت پٽيل اٿس (ماتا جا نشان ھئا small pox) اھو گوشت ھن جو ٻئي ڪانو ڪانويليءَ جي ڪري پٽيو آھي. اھو جيڪو 5 نمبر ٽيم جو سينٽر ڪانو آھي ڏٻرو آھي. ھڏيون نڪتل اٿس سارو ڏينھن نرسنگ ھاسٽل تي ويٺو ھوندو آھي ان ڪري ڪمزور ٿي ويو آھي. ھي جيڪو سائيڊ لائين تي ڪانو بيٺو آھي اھو اصل بدڪ جو ڀاءُ لڳي ٿو. ڇو جو ان جو پيٽ نغاري جيان آھي ۽ آواز ڀٽاري (ڏاند) جيان.
ھي جيڪو نيٽ جي ڀڪ سان بيٺو آھي نيٽي ڪانو ان کي atypical ڪانو بہ چوندا آھن. ڏاڍو نماڻو آھي سٺيون واليون چورائيندو آھي. ماني رڳو کائيندو ئي ڪونھي خرچ مان رڳو ميڪ اپ لئہ وائسراءِ پوڊر جا دٻا وٺندو آھي. ان ڪري سنھڙو ٿي ويو آھي. ھا سامعين ھو جيڪو سروس تي ڪانو بيٺو آھي ان جي ڳچيءَ تي اوھان وڌيل وار ڏسي سگهو ٿا (ان شاگرد جا وار وڏا ۽ ڊگها ھئا). ھن ڪانو کي اصل ڪانويلي ٿيڻ جو شوق آھي پر جيئن تہ ھتي اڳ ۾ ئي ڪانويليون ٿوريون آھن ۽ عاشقيءَ جو انگ وڌيڪ آھي ان ڪري ھي ڪانو عاشقن جي ڀوءَ کان ڪانويلي ٿيڻ کان لھرائي پيو.
ھن مئچ جو ريفري آھي ٻگهه پکي ۽ لائين مئن آھي اٺ پکي مگر پيار ۾ ان کي پشيمان ڪانو زادو (اصل ۾ ان شاگرد جو نالو هو مگر اسان نالن کي بگيڙي پيش ڪندا ھئاسون جيئن شھزاد تہ چوندا ھئاسون متضاد).
سامعين جيئن تہ ھي مئچ رڳو ڪانون وچ ۾ آھي ان ڪري ڪانون جا ولر گرائونڊ ٻاھران بيٺا آھن ۽ انھن سان گڏ ڪانويليون بہ ڪلھو ڪلھي سان ملايون بيٺيون آھن. سامعين جيئن تہ مئچ شروع ٿيڻ واري آھي ان لاءِ ڪئي ال ڪانو بہ اچي ويا آھن ۽ ڄاڻ پنھنجي مٺڙي ٻوليءَ ۾ ڪان ڪان ڪندا.
ان والي مئچ ۾ فائنل ۽ سيڪنڊ ائير وارن ۾ ڀرپور مقابلو ٿيو. طفيل پيچوھو جي کاٻڙي والين کان وٺي عطا چانڊئي جو نامڪمل شاٽن تائين ھر ويلي ھر لمحي چانڊڪا واھ واھ، اھو ٿئي جي نعرن سان گونجي اٿي، سيٽين، باجن، ھوڪارن، ننڍڙن دفن ۽ دفلين جي سازن سان کيڏيل اھا مئچ چانڊڪا جا پراڻا شاگرد ورلي وساري سگهندا. اياز گاجاڻيءَ جي ٽپن، طلعت مھيسر جي تاڙين، مشتاق نوناريءَ جي ڪوڪن، حفظ الرحمان جي جهمرين ۽ ٽيڪم داس جي ٽپن ان مئچ ۾ نوان رنگ ڀريا ۽ تاڙو ڀائر تاڙ ۾ ئي رھيا. عالم لوھار، جي جگني ۽ چمچي جي پيروڊي بہ اصل ڪردار ۾ موجود ھئي. ڪڏھن ڪڏھن چورن واري سيٽي بہ امپائر کي منجهائي پئي تہ منھنجي ڳچيءَ ۾ لٽڪيل اھا سيٽي پاڻ مرادو ڪيئن ٿي وڄي.
سامعين ھاڻي اچون ٿا فٽ بال گرائونڊ ۾.
چانڊڪا ۾ فٽ بال جا مھان رانديگر ھئا. حافظ عطاءُ الرحمان، زاھد قريشي مرحوم، خالد، ممتاز، فرمان گلگتي، حسين، پر فٽبال سنڌي ڇوڪرن کان وڌيڪ غير سنڌي ڇوڪرا کيڏندا ھئا. گلگت، اسڪردو، چترال ۽ پارا چنار تائين جا شاگرد چانڊڪا ۾ کيڏندا ھئا. ۽ پولو کان وٺي فٽ بال تائين مشڪل رانديون ڄاڻندا ھئا. مگر اسان جي ڪلاس جا حسين ۽ فرمان مذھبي فرقي ۾ ورھايل ھئا، يار بہ سٺا ھئا مگر مجال آھي مئچ ۾ فٽبال جي پاس بہ ھڪ ٻئي کي ڏين فٽ بال ۾ بہ اسان جي ڪلاس جي ٽيم اڳي تائين وئي ھئي ان وقت ميراڊونا ۽ پائولوراسي، زيڪو ۽ حاجي فٽ بال ۾ ايڏو نانءُ نہ ڪمايو ھئو. نہ وري اسان وٽ پيلي جي مھانڊي جا ڪي لياري ۽ لس ٻيلي جا شاگرد پڙھندا ھئا.
ان دور جا ارجنٽائن جا آڊيلس ۽ ڪيفس فٽ بال جا ستارا ھئا ۽ اسان پنھنجن رانديگرن کي انھن نالن سان سڏيندا ھئاسون.
ھا سامعين ھاڻي مان اوھان کي فٽ بال گرائونڊ تي وٺي ٿو ھلان جتي ڪمنٽري ڪندي ڪندي ڪڏھن ڪنھن MOVE کي مون ھيئن بہ چيو ھو:
ھا سامعين جيئن تہ اوھان کي خبر آھي تہ ھي مئچ چانڊڪا جي پکين وچ ۾ ھلي رھي آھي.
نمايان رانديگر آھن، بدڪ، ڳيرو، ڪانو،شتر مرغ ۽ ٻي ٽيم جا رانديگر آھن. ڳجهہ، ٽيٽيھر، ھھڙو. ھا سامعين ھن وقت بال ٽيم جي ڳيري جي هٿ ۾ ڪو بہ فائول نہ ڇو جو ڳيرو گول ڪيپر آھي. ڪڪ ھڻندو شتر مرغ، بھترين ڪڪ بال بدڪ وٽ، بدڪ جي ڪاز کي پاس، ڪاز جي بيڪ پاس بدڪ کي، بدڪ بال کڻي اڳتي وڌي رھي آھي. ڳجهہ کي خوبصورت ڊاج. بدڪ بال سوڌي ٽيٽھر ٽنگن ھيٺان نڪري وئي ڊي ۾، ٽراءِ ۽ سامعين گول.
ڳجهہ افسوس سان تڪي رھي آھي.
ھن وقت بال ٽيٽيھر وٽ، ٽيٽھر جي ٽنگن ۾ طاقت ناھي ڪمزور شاٽ، بال انٽر سيپٽ نہ ٿي سگهيو، بال ھھڙي وت ھھڙو سٺو رانديگر آھي مگر شتر مرغ منڍي ھڻي ان کي ڪيرائي وڌو.
ھا سامعين فائنل وسل، ھن مئچ جو ريفري ھو متضاد جهرڪ.
ائين چانڊڪا ۾ ٻيو جيڪو بيڊمنٽن کان پوءِ سڀ کان خطرناڪ ۽ ٽينشن وارو مقابلو ھو. اھو ڪوڏي ڪوڏي جو جنھن ۾ ٿوري سياسي مداخلت ھئي ان مقابلي کي ڇوڪرن طاقت جو مقابلو سمجهيو ۽ ليڊر مقابلي ۾ لھي پيا. مان بہ ڪيترن تي ڀرپور طنز ڪئي نالا رکيا ھڪ فرسٽ ائير جو ڇوڪرو ان جو ڪوڏي ڪوڏي کيڏڻ جو انداز ٿورو عجيب ھو. جڏھن اٽيڪ تي ويندو ھو تہ بجاءِ تري چنبو، چماٽ، يا مخالف رانديگر کي ھو ڀولي وانگر ان جو رانڀوٽي سان منھن پٽيندو ھو ۽ مون ان جو نالو ”رانڀوٽو“ رکيو ۽ ان تي اھو لقب اڃان تائين آھي. ان مقابلي ۾ ڪئي ڪانگڙي پھلوان لٿا جيئن ستار ٻٻر پر راند تہ غلام قادر ناريجي ۽ فيض پنھور ڀلي ڪئي وسان تہ ٻين بہ نہ گهٽايو. ڪوڏي ڪوڏي جي راند ۾ بس وٺ وٺان ھئي. انڊڙيون، چنبي، ڀاڪر، دس، تري، چماٽ، ٺونشو، بس ان ڏينھن اھا راند بہ باڪسنگ وانگر لڳي پر ﷲ ﷲ ڪري اھا راند پوري ٿي جنھن ۾ جهيڙي جو وڌ ۾ وڌ امڪان ھو مون سان گڏ رشيد شيخ ڪامنٽري باڪس ۾ ويٺو ھو اسان ٻنھي ان راند کي حساس قرار ڏنو ۽ راند کي ٻي رنگ ۾ وٺي وياسون.
مون اچانڪ اعلان ڪيو تہ:
”اڄ چانڊڪا ۾ بورچين اڳ ڪٿي ڪئي آھي تہ شاگردن کي ميس ۾ معمول مطابق گڏھ جو ٻوڙ ملندو البتہ ميس جي ٻوڙ ۾ ڪٽي ڪٽي مکين پوڻ جو امڪان آھي. اڄ چانڊڪا جي چانھہ ۾ کير جو تناسب نہ ھجڻ جي برابر ھو. Lover’s association جي اعلامئي مطابق عاشقن اڄ گرلس ھاسٽل جو چڪر نہ هنيو، ان لاءِ سڀاڻي ڇوڪرين جي طبيعت چڙيل رھندي. بي رخيءَ ڪري ميڪ اپ رجڻ جو امڪان آھي. اڄ وائسراءِ واپرائڻ ڪري ڇوڪرن جو اڇو منھن رهندو ديدار جي گهٽتائي ڪري ڇوڪرن جو سج لٿل رهندو، ۽ منھن تي ٻارانھن وڄڻ جو امڪان آهي. راندين جي خبرن ۾ پڙھيوسين تہ اڄ چانڊڪا جي سبز لان تي استادن ۽ ڇوڪرين جي وچ ۾ رسا ڪشيءَ جو مقابلو ٿيو جنھن ۾ ڇوڪرين سڀني استادن کي پنھنجي طرف ڇڪي ورتو. استادن پنھنجي ھار تي تبصرو ڪندي چيو آھي تہ انھن ان مقابلي کي دل لڳيءَ جو مقابلو سمجهيو ان ڪري سڀئي خودبخود ڇوڪرين جي طرف ڇڪجي ويا.
تجارتي خبرن ۾ پڙھيوسين، اڄ چانڊڪا ۾ عشق جا ڪي ڪامياب سودا نہ ٿيا مگر اسپتال اندر نرسين ۽ ھائوس آفيسرن جي دلين جو ڪاروبار ٿيو. اڄ گهٽ ڇوڪرين سبب ڪلاس جي حاضريءَ ۾ مندي رھي.
چانڊڪا ۾ مريضن جو، مرڻ جوانگ ھي رھيو. اي. اين. ٽي ۽ آءِ ۾ ڪو مريضن جي مرڻ جو اڪو دڪو واقعو ٿيو ميڊيسن جا ست مريض مائٽن کان موڪلائي ويا. سرجريءَ جا سورنھن مريض پيالو ڪري ويا. گائنيءَ جي ليبر روم ۾ عزرائيل 7 شڪار ڪيا. البتہ پيڊس ڊپارٽمينٽ مان مريض جي مرڻ جو انگ معلوم نہ ٿي سگهيو ڇو جو انتظاميہ ان کي ڪانفيڊشل رکيو آھي.
بيڊ منٽن جا مقابلا بہ بي حد سخت ۽ مشڪل ھئا. جمنازيم ۾ ايتري رش اڳي ڪڏھن بہ نہ ڏٺي وئي خاص طور تي سيمي فائنل مقابلن ۾ ھڪڙو سيمي فائنل اسان جي ڪلاس جي چاندي رام ۽ فتاح ٻڳھيو وچ ۾ ٿيو. فتاح جو tennis elbow ٿي چڪو ھو. ان جو شولڊر بهlock ٿي ويو ان لاءِ ھن کي سخت سور ھو ۽ ان الاھي pain killers بہ ورتيون مگر ڊوپ ٽيسٽ جي سھولتن نہ ھجڻ ڪري مٿس ڪا بہ پابندي نہ لڳي. ڪلاس جي اڪثريت فتاح ٻگهئي سان ھئي. ڇو جو ھن سٺي راند ڪئي ھئي. چاندي خوش ھو تہ ھن کي واڪ اوور ملندو مگر اسان جا ڇوڪرا ھار مڃڻ وارا ڪين ھئا ۽ اھا مئچ رانديگر تہ درد جي ڪيفيت ۾ کيڏي مگر ان جو سمورو درد تماشائين بہ سمجهيو ۽ چاندي رام جي چاندي ٿي نہ سگهي.
ٻي سيمي فائنل ۾ علي محمد ميمڻ ۽ ھڪ ٻيو ڇوڪرو رنگ جو سانورو، قد جو ننڍڙو ھو ۽ ڀولي وانگر بل کائي شاٽ پيو ھڻي ان لاءِ اسان ان جو نالو چيمپينزي رکيوسين. ان جي جسم جي ميلانن وڌيڪ ھئي، بس ويسٽ انڊيز جي رانديگرن وانگر ان جا سھڻا ۽ اڇا ڏند واضح ڏسڻ ۾ ايندا ھئا ڪڏھن ڪڏھن تہ ھو روشني ۾ بہ نظر نہ ايندو ھو. اھو ملڻ ۾ سٺو ڇوڪرو ھو پر پرسنلٽيءَ ماري وڌو ھوس ان لاءِ عشق ڪرڻ کان ڪيٻائيندو ھو. ڊبل مڪس ۾ جڏھن ان سان ھڪ ڇوڪري بيٺي تہ ان کي 1949 دفعا ادي چئي چڪو ۽ پوءِ تہ گڏي کي بہ ادي پيو چوي. شٽل ڪاڪ جي ڪنھن ڇوڪري وٽ وڃي تہ چئي پيو ادي اھا ادي گڏي تہ ڏجو.
بيڊمنٽن جا جاندار مقابلا ٿيا ۽ اھو فائنل علي محمد ميمڻ کٽيو ھو. ڇوڪرين بہ وسان نہ گهٽايو. ڇوڪرين بہ ان راندين ۾ ڀرپور حصو ورتو ھو ٽيبل ٽينس ۾ اسان جي ڪلاس جي روحينا شاھ چيمپئن ٿي ھئي ان جي ڀاءُ بہ شاگردن ۾ پاڻ ملھايو ھو. ڇوڪرين جي ٿرو بال بہ ٿي ھئي. جنھن جا رنگ تہ بيان ڪري ئي نہ ٿا سگهجن. البتہ چانڊڪا ۾ ڇوڪرين جي سائيڪل ريس ان اسپورٽس ويڪ جو ڪلر فل ايونٽس ھو جيڪا ريس ياسمين ڪيھر کٽي ھئي. مايا ديوي بہ وسان ڪو نہ گهٽايو ھو پر سرلا ڪماري اڌ ۾ ئي سھڪي پئي ھئي. ان اسپورٽس ويڪ ۾ ٽريڪ ۽ فيلڊ جا مقابلا ٿي نہ سگهيا ھئا. مثلا ريس، ھيمر ٿرو، جيولين ٿرو، ھاءِ جمپ، لانگ جمپ پول واٽ وغيرہ.
سندرو ٻڌي تہ چانڊڪا جا ڇوڪرا ملھہ مقابلي ۾ بہ لٿا ھئا جنھن لئہ ھنن وٽ ميسن ۾ خوراڪ تہ اڻ لڀ ھئي پر پوءِ بہ ھو ھانو جي سوجهري ۽ انڊي قيمي جي طاقت ۾ ملھہ مقابلي ۾ لٿا ھئا. حاجي ڪينٽن وارو ريفري ھو. اتفاق سان ان مقابلي ۾ آءٌ نہ ويو ھوس مگر چون ٿا تہ سائين رکيو ميراڻي سڀني کي ڦيرائي دسيو ھو ۽ پتل جي ٻلي تي سون لڳل پاڻيءَ وارو کيس گولڊ ميڊل مليو ۽ اھو گولڊ ميڊل کيس c. s. s امتحان ۾ پوليس گروپ وٺي ڏيڻ ۾ مددگار شامل ٿيو ھوس. سائين رکيو ميراڻي جيڏو سٺو رانديگر ھو اوترو بااخلاق ان جھڙي نيازمندي ۽ خوش اخلاقي چانڊڪا جي ڪنھن ڪنھن ڇوڪري ۾ ھئي. ان اسپورٽس ويڪ ۾ ا_ٻ جي غير موجودگي ڏاڍي محسوس ٿي. ﷲ بہ واندڪائيءَ ۾ ٺاھيو اٿس. بس ھو جمالي جي ڌن تي ٺھيل ھو. پير پنج سير، اکيون جھڙيون مکيون، ھٿ اڌ فوٽ، پتڪڙيون اکيون. الف لئہ تہ منھنجي ڊڪشنريءَ ۾ ڪا بہ ڊيفينيشن نہ ٿي ٺھيس پر پرائي وصف مان لکجي ٿو. اھا ايناٽاميڪل ڊسڪريشن، ايگريڪلچر جي ٻوليءَ وچ ۾ ھنداڻو مٿان گدرو ھيٺان ٻہ ڪيلا (ڪيلا پير ڳوٺ وارا پتڪڙا نہ پر ٽنڊي آدم وارا وڏا). خير اھا وصف الف تي نہ ٺھندي ھئي. وچ ۾ صوف مٿان ٽماٽر ھيٺان ٻہ مٽرن جو ڦريون (انگريزي مٽرن جو نہ پر سنڌي مٽرن جو) ان دور ۾ الف کي سيتا روڊ ۾ m. o مقرر ڪري اضحيٰ جو دنبو بنايو ويو ھو ڇو جو گهڻي وقت کان وٺي علي گوھر چانڊئي کي پوليس وارا منٿلي پڄائي نہ آيا ھئا. اوھان بہ سوچيندا ھوندئو تہ مان احوال تہ اوھان کي اسپورٽس ويڪ جو ڏيڻ وارو ھوس مگر وڃي الف تي پھتو آھيان. الف جي سلڇڻي سڀاءُ، خوبصورت آواز ۽ گرامر کان پاڪ ڪامنٽري (جنھن ۾ گارين جو مصالحو بہ شامل ھوندو ھو) کانسواءِ اسپورٽس ويڪ احوال ائين آھي جيئن سائين حبيب الرحمان جو ليڪچر.
آرگنائيزرن کي جس آھي جنھن جوان جذبي تحت، عقل کي ڪونجين ۾ بند ڪري، لگن ۽ لالچ سبب ڏينھن رات ڦٽائي، انھن ۾ ش ذات جو تعداد سٺو ھو معاف ڪندا زير اضافي لڳي وئي آھي.
چيپ لفظ حقيقت ۾ چيف آھي پر مان ڇا ڪيان ٿورڙو ٻاتڙو آھان دانستہ ڪو نہ ٿو لکان سو چيپ آرگنائيزر صاحب جو سٺو آڌر ڀاءُ ٿيو. ھن جي ڪپڙن جيان ان جو نالو بہ ڊسڪو ٿي ويو. ائين ڳائڻ ۾ جلدي ڪو نہ اچاربو آ. سو ڪورس ۽ قواليءَ ۾ ان جو استعمال ”ايناين“ طور ٿيڻ لڳو. چوندا آھن تہ سڀ ھڪ جھڙو ذھن نہ رکندا آھن. سو ھڪ نوجوان جيڪو پاڪستاني پروگرام ”سر سنگيت“ جو فنڪار آھي ۽ استاد بندو خان جو شاگرد آھي ھو ڊسڪو کان الرجڪ آھي ان ڪري ”اين“ جي اڳيان ”آ“ جو استعمال ڪري پنھنجي روايتي سنگيت سان دلچسپيءَ جو مظاھرو ڪيو ۽ بھترين ٻول بنجڻ لڳا ”آ اين“.
۽ پوءِ ڊسڪو جو سُر ”آ اين“ يعني ”آ اين“ چانڊڪا جي ڀتين مان بہ ڪيئي ڏينھن ٻڌڻ ۾ ايندو ھو.
ڊسڪو جو اھڙو انداز جيڪڏھن نازيہ زوھيب ٻڌن ھا تہ ھوند ڳائڻ ئي ڇڏي ڏين ھا پر شايد ائين نہ آھي ڇو جو فنڪار ۾ olfactory ۽ optic نرو ٿورو گهٽ فنڪشن ڪنديون آھن.
انھن ئي ڏينھن ۾ اسپورٽس ويڪ ۾ مائيڪل جيڪسن جو گانو بلي جين ڳايو ويندو ھو تہ ڇوڪرا مست ٿي نچندا ھئا. پر مان جڏھن ھڪ دفعو ان بلي جين جي سنڌي تشريح ڪئي ھئي تہ ”ڊانس فلور، تي اتي موجود حسين ڇوڪري بلي جين. حسين اھڙي جھڙي راڻي. ان سان گڏ ننڍڙو ٻار. ماڻھن جو انبوھ مائيڪل جو گڏ نچڻ جو پروگرام. ماڻھن جون رڙيون ڪوڪون نہ نہ، ٻار جو مسئلو ڪنھن جو آھي. مائيڪل جيڪسن چوي ٿو ھي ڪڊ منھنجو ناھي. بلي جين بہ ائين چوي ٿي ۽ پوءِ ٻار ڏي ڏسي ٿي اھا کيس جذباتي انداز ۾ پنھنجو ڪري ٿي. ائين خاموشي. رقص جو ٽٽڻ، جوڙن جو وڇڙجڻ اھو حرامي ٻار جومسئلو شايد يورپ ۾ بہ آھي ائين چوڻ سان الاھي ڇوڪرا لڙڪ لاڙي ويٺا ھئا.
سو اين جي نالي جي ڊسڪو شڪل اين ۽ ان سان گڏ جهوني راڳ جي آ. ان جي صحت تي ڪو بہ اثر نہ وڌو ھو. ۽ ھن مست ٿي ڪم ڪيو ان اسپورٽس ويڪ کي آرگنائيزر اين واقعي وڏي محنت ڪئي. اڪثر ڪري ھو پنھنجو عقل ڪٻٽ ۾ بند ڪري ايندو ھو پر آخري وقت ۾ عقل ڪٻٽ جا تالا ڀڃي ڊوڙندو، سھڪندو، ايلاز، منٿون، گهگهراٽيون ڪندو پيرن تي ڪري پوندو ھئس ۽ سڌو سنئون pain path way ذريعي دماغ تائين پھچي ويندو ھوس. اين جي سيني ۾ دل وڏي ھئي يا نہ، خير وڏي دل وارو تہ cardiomegaly جو مريض ھوندو آ مگر اين ۾ endorplins ۽ p. substaus کوڙ ٺھندا ھئا ڇو جو ھن اسان جي طنز جي درد کي ڏاڍي سھڻي طريقي سان منھن ڏنو.
ان اسپورٽس ويڪ جي انعامن جي ورھاست جو پروگرام بہ انتھائي دلڪش ھو. جيئن تہ اھو پروگرام جيئي سنڌ جي ڇوڪرن جو پروگرام ھو ان لاءِ پرائيز ڊسٽربيوشن واري پروگرام ۾ بہ قومپرستيءَ جو رنگ ھو. ان پروگرام جو ڪمپيئر ذوالفقار شيخ ھو پر ان پروگرام جو گهڻي ڀاڱي اسڪرپٽ مون کان لکرايو ويو ھو.
ان پروگرام جي شروعات ھيئن ڪئي وئي.
”دنيا ۾ رانديون تہ قديم دور کان وٺي ٿينديون آھن پر اولمپڪ جي نالي انھن راندين کي مان مرتبو ۽ شان ڏنو ائين چانڊڪا ۾ بہ رانديون ٿينديون آيون پر شھيد مير جي نالي انھن راندين کي نئون اعزاز ۽ عزت بخشي آھي ان لاءِ آئون انھن راندين کي ”ميرس گيمس“ چوان ٿو ۽ آئنده چانڊڪا جون عظيم رانديون ”ميرس گيمس“ جي نالي سان ئي کيڏيون وينديون ائين ٿيو يا نہ خبر نہ آھي“.
انھن ڏينھن ۾ جنوبي آفريڪا طرفان رانديگرن کي وڏيون لالچون ڏئي کيڏايو ويو ھو مگر نسل پرست حڪومت ڪري ڪو بہ رانديگر جنوبي آفريڪا سان نہ کيڏندو ھو. ڪرڪيٽ جي عظيم رانديگر ”ويوين رچرڊس چيو تہ مان ڪارن جي خون جا پئسا نہ وٺندس“.
ان جا اھي لفظ ھتي بہ ورجايا ويا ھئا ان وقت نيلسن منڊيلا قيد ۾ ھو ۽ آفريڪي قومپرستن جا مثال ڏنا ويندا ھئا ھڪ آفريڪي قوم پرست جي تقرير جا ڪجهہ حصا بہ ان فنڪشن ۾ چيا ويا.
”اي آفريڪيو اٿو ۽ پنھنجي سفيد آقائن کان جهونسبرگ جي کاڻين جو سمورو سون ڦري وٺو پوءِ بر اعظم آفريڪا ۾ ڪو بہ ڪارو بک نہ مرندو“.
حقيقت ۾ انھيءَ فنڪشن ۾ وڌ ۾ وڌ قومپرستي تي ڳالھايو ويو ھو. انعامن جي ورڇ ۾ بہ ٿوري گهڻي ھيراڦيري ڪئي وئي ھئي ۽ رانديگرن کان وڌيڪ انعام آرگنائيزرن کي ڏنا ويا ھئا. جنھن کي شاگردن محسوس ڪيو ھو.

چانڊڪا جون غير سياسي پارٽيون

اوھان جڏھن ريڊيو حيدرآباد يا خيرپور جو فرمائشي پروگرام کوليندئو تہ ھڪ فرمائش ضرور ھوندي تہ ڊاڪٽر قربان علي جهتيال ڦلجي اسٽيشن کان.
ڊاڪٽر قربان علي جهتيال بنيادي طورتي شاعر ھو شاعري ڪيئن ھئس ايتري ڄاڻ پاڻ کي ناھي. پر ھن جي ھڪ شعر جو ڪجهہ حصو مون کي ياد آھي:
. . . . . . . . . . . . . . . . . . . توکي دل نہ دردن واري
ڪھڙو توکي قدر اسان جو اي پٿر جا پوڄاري
۽ اھو شعر ھو لس بيان ڪندو ھو. ڀريل بت ۽ ڏاڙھي واري ان جوان جو قدڪاٺ لطيف ميڊيڪوز جي ثناءُ ﷲ کوکر عرف ڀنڀراٽ سان ملندو ھو. قربان علي جهتيال وري لطيف ادبي سنگت ٺاھي.
ھاڻي اچون ٿا لطيف ميڊيڪوز جي طرف، ثناءُ ﷲ کوکر چانڊڪا جي سيڪنڊ بئج ۾ ئي غير سياسي ڇوڪرن جي تنظيم لطيف ميڊيڪوز ٺاھي. جنھن ۾ اڪثر ڇوڪرا ادب سان تعلق رکندا ھئا ڪجهہ وري مئگزين ۾ نالو ڇپرائڻ جا شوقين پڻ ھئا. لطيف ميڊيڪوز چانڊڪا ۾ نشر و اشاعت جا چڱا ڪم ڪيا جنھن ۾ خاص طور تي امتحاني نوٽس ۽ چوپڙيون. ثناءُ ﷲ انتھائي محنتي ماڻھو ھو مئگزين ڪڍڻ ۾ مھارت رکندو ھو کيس حقيقي ڄاڻ ھئي تہ ڪيئن ڪراچيءَ جي ڪمپنين جا اشتھار وٺجن. فل سوٽ واري پرسنلٽيءَ ۾ پروفيسر کان گهٽ ڪو نہ لڳندو ھو. ھن چانڊڪا ۾ لطيف ميڊيڪوز ۾ ھڪ سستو ڪتاب گهر متعارف ڪرايو. جنھن ۾ ڊسڪائونٽ تي ڪتاب ملندا ھئا اھا سٺي شاگرد ڀلائيءَ واري ڪوشش ھئي.
مگر خود لطيف ميڊيڪوز شروعاتي ڏينھن ۾ اختلافن جو شڪار رھي تہ ثناءُ ﷲ auto crate آھي يعني چوندو آھي تہ ان جو حڪم ھلي. ان لاءِ خير محمد پيرزادو، بدر قريشيءَ وارا دوست ھن کي ڇڏي ويا.
اھي اندروني اختلاف شاگرد سياست جو حصو ھوندا آھن ۽ شاگردن ۾ ننڍڙين ڳالھين تي جذباتي ٿيڻ عام رواجي ڳالھہ آھي.
ثناءُ ﷲ جا روم پارٽنر ھئا. رسول ميمڻ جيڪو باقاعدو اديب ھو ۽ مقيم سومرو جيڪو ڪنھن بہ اشاعتي ڪارروائيءَ ۾ ڪو بہ حصو نہ وٺندو ھو. ان کانپوءِ ثناءُ ﷲ کي شمس سومرو مليو جيڪو مشھور ليکڪ ھو. ماٺيڻي مزاج جو شمس ھميشہ مسڪرائيندو ھو ۽ تخليق جي سوچن ۾ گم ھوندو ھو. باقي ڪريم منگي، عزيز منگي، اشفاق منگي، امان ﷲ منگي، ثناءُ ﷲ جا ٻانھن ٻيلي ھئا. مان بہ فرسٽ ائير ۾ لطيف ميڊيڪوز جو ميمبر ٿيو ھوس پر اسان بہ طفيل پٺاڻ، امير ڌاريجي واري اختلافي ڌڙي ۾ ھوندا ھئاسين. ۽ پوءِ مون لطيف ميڊيڪوز مان استيعفا ڏئي ڇڏي ويس ۽ چانڊڪا ۾ فري لانسر جي نالي لکندو ھوس.
لطيف ميڊيڪوز ۾ ”ڪتاب گهر“ خاص اھميت جو حامل ھوندو ھو. اھو نائب صدر ھلائيندو ھو شروعاتي ڏينھن ۾ ثناءُ ﷲ پاڻ ھلائيندو ھو پر پوءِ لطيف ميڊيڪوز ۾ پڻ اليڪشنيون ٿيون پھريون نائب صدر سائين رکيو ميراڻي ھو پر ان اھو اسٽور نہ ھلايو ۽ استعيفا پيش ڪئي ان کانپوءِ قربان ترين نائب صدر ٿيو ان اھو اسٽور ھلايو مگر جيئن تہ ان ۾ پئسي جو عمل دخل ھو ان لاءِ اھو معاملو ھميشہ سان ئي تنقيد ھيٺ ايندو ھو آخر ۾ تہ ان اسٽور مان الاھي ڪتاب غائب ٿيا. لطيف ميڊيڪوز مئگزين ۽ چوپڙيون ڇپرائيندي ھئي. لطيف ميڊيڪوز پنھنجا اليڪشن ۾ بہ اميدوار بيھاريا جنھن مان ڪلثوم چنا سوڀاري ٿي.
لطيف ميڊيڪوز سنڌي ساھت سال ڪانفرنس ڪوٺرائي جيڪا چڱي خاصي ڪامياب وئي. ان لاءِ آءُ لطيف ٻرڙو، ھي سٺو پڙھندڙ شاگرد ھو. اشفاق منگي ۽ حميد جماڻي ان ساھت ڪانفرنس لاءِ چندو گڏ ڪرڻ لاءِ سکر کان ٿيندا پنوعاقل، گهوٽڪي، ميرپور، ڏھرڪي، اوٻاوڙو گڊو ٿرمل ۽ رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڏوڪريءَ تائين چندو وٺڻ وياسين. ڪٿي تہ ڪن دوستن خاص طور تي ڊاڪٽرن سٺو چندو ڏنو. پر گڊو ٿرمل جي سنڌي انجنيئرن ۽ ڊاڪٽرن بہ وسان نہ گهٽايو. انجنيئر ڪنڀر کان وٺي ڊاڪٽر قاضي تائين سڀني مدد ڪئي. چندو تہ وس آھر رائيس انسٽيٽيوٽ ڏوڪريءَ وارن بہ ڏنو پر خواري ڏاڍي ٿي. مان سمجهان ٿو تہ شاگردن لئہ ٻہ ڪم ڏاڍا ڏکيا آھن ھڪ تہ چندو گڏ ڪرڻ ٻيو ڪنھن اديب جا ڪتاب کپائڻ.
ثناءُ ﷲ جي وڃڻ کانپوءِ شمس سومرو، ڪريم منگي، امان ﷲ منگي جنھن جي والد جو نالو جان محمد ھو ۽ ھو جانسن منگي لکرائيندو ھو.
لطيف ميڊڪوز کي ايڏي فعال طريقي سان نہ ھلايو. آخري ڏينھن ۾ جڏھن ملڪ جلباڻي لطيف ميڊيڪوز جو جنرل سيڪريٽري ھو تہ ھنن ڊبيٽنگ جو مقابلو ڪرايو. لطيف ادبي سنگت ۾ منصور مغل نمايان ھوندو ھو. انھن دوستن رسول ميمڻ سان شام ۽ ھڪڙو سنڌي لوڪ گيتن جو فنڪشن ڪرايو ھو. مگر اھي ٻئي پارٽيون پنھنجي خاص مزاج ۾ ھونديون ھيون ۽ اھي ليڊر شپ جي شھنشاهي انداز ۾ ڪم ڪرڻ پسند ڪنديون ھيون. سنڌي ادبي سنگت بہ چانڊڪا ۾ ڪڏھن ڪڏھن فارما ڪولوجي جي ڪينٽن تي پنھنجون گڏجاڻيون ڪرائيندي هئي. ان ۾ شاھڪار قسم جا ادبي نمونا پڙھيا ويندا ھئا. ان ۾ شمس سومرو ۽ مولا بخش ڪلھوڙو سٺو ڪردار نڀائيندا ھئا. پر پوءِ اھي گڏجاڻيون ايڏي پابنديءَ سان نہ ٿيون ان ۾ ڪافي دوست شرڪت ڪندا ھئا:
چانڊڪا ۾ سپاف جي حمايت يافتہ دوستن ھڪڙي مھراڻ ميڊيڪوز بہ ٺاھي ھئي جيڪا يونس اسد شيخ ۽ لالو زبير پٺاڻ ھلائيندا ھئا. انھن بہ ڪجهہ ڪرڪيٽ مئچون ۽ ننڍڙا فنڪشن ڪرايا. انھيءَ تنظيم جو باقاعدہ وال شيٽون قابل توجھہ ھونديون ھيون. جنھن ۾ مزاحيہ انداز ۾ مرزا غالب جي شاعريءَ جا بکيا اڊيڙيا ويندا ھئا ۽ ٻيون مزاحيہ ڳالھيون بہ لکيل ھونديون ھيون.
اھو وال پيپرس جو چانڊڪا ۾ فيشن ھيو ۽ ڪيئي تنظيمون پنھنجون اخبارون بہ انھيءَ انداز ۾ ڪڍنديون ھيون. شروعاتي ڏينھن ۾ چانڊڪا ۾ شاگرد تنظيمون وال چاڪنگ ڪنديون ھيون. انتظاميہ انھن جي پرچار لئہ ھر سياسي پارٽيءَ کي ائڊمنسٽرين بلاڪ ٻاھران بورڊ بہ ھڻائي ڏنا. پر اھي بہ ايڏا پرڪشش نہ رھيا.
ھڪڙي تنظيم غير سياسي قسم جي خادم قريشي عرف خادم سنڌي بہ ٺاھي جيڪا جيئي سنڌ جي ذيلي تنظيم ھئي. ان چانڊڪا جو ڏھ سال فنڪشن ڪرايو پر اھا بہ ايڏو فعال نہ رھي. چانڊڪا ۾ نشر اشاعت لئہ بہ شاگردن جون ننڍڙيون ننڍڙيون تنظيمون ھيون. آغا جان محمد ۽ مڱرئي وارا ڀنڀور مئگزين ڪڍندا ھئا. ھندو ڀائر بہ پنھنجا ڌرمي ڏڻ چڱي نموني ملھائيندا ھئا ۽ اھي باقاعدہ ڏياري مئگزين بہ ڪڍندا ھئا. جنھن ۾ گهڻو تڻو مسلمان شاگرد لکندا ھئا. 85 واري ڏياري مئگزين ۾ منھنجي ڪھاڻي ”جنم جنم ۽ پيار“ ڇپي ھئي.
ھن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ ڊبيٽر جو ھڪ ڇوڪريءَ سان ڪنھن فنڪشن ۾ ٽڪر ٿيندو آھي ۽ اھي جنمن تي بحث ڪندا آھن ھندو ڇوڪري جنمن کي نہ مڃيندي آھي ۽ ڇوڪرو جنمن کي مڃيندو آھي.
چانڊڪا ۾ لطيف ميڊيڪوز ”لطيف گزيٽ“ جو ھڪ رسالو بہ ڪڍيو جنھن جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ طفيل پٺاڻ، ملڪ جلباڻيءَ سان گڏ مان بہ ھئس. شروع ۾ نيڪ محمد صاحب جو انٽرويو شايع ڪيوسين جنھن ۾ ھڪ سوال تي شاگردن ڏاڍيون مذاقون ڪيون. سائين نيڪ محمد کان سوال پڇيو ويو تہ سائين توھان جي ”آخري خواھش“ شاگردن پڇيو تہ ڀلا سائينءَ جي زندگيءَ جو آخري ڏينھن ھو جو اھڙي قسم جو سوال ڪيو ويو.
شاگرد انفرادي طور تي بہ ڪجهہ لکندا ھئا. ارشاد نوناري ستارن جي علم تي ڪتاب لکيو. اديب انقلابي انقلاب ۾ ڊاڪٽر جو ڪردار لکيو ۽ گهنشام پرڪاش ميخائيل گورباچوف جو ڪتاب پروستيڪا جو سنڌي ترجمو بہ ڪيو. ائين چانڊڪا جي شاگردن انيڪ ڪتاب بہ لکيا فقط رسول ميمڻ ٻہ ڪھاڻين جا مجموعا ھڪ شعري مجموعو اوشا جي آشا ۽ مشھور فنڪارن ۽ موسيقارن موزارٽ ليونارڊو وغيرہ تي ڪتاب لکيو. لطيف ڪوئز ڪامپٽيشن يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت ڪرائي هئي، جنھن ۾ مجتبيٰ ميمڻ جو مک ڪردار هو. اهو مقابلو اسان جي ڪلاس فيلو حضوران شيخ کٽيو هو.

چانڊڪا جي شاگردن جون جدوجھدون

اسان جڏھن چانڊڪا وياسون تہ چانڊڪا مسئلن جو گهر ھوندي ھئي. ڪجهہ سياسي وايومنڊل بہ بدليو ھو ۽ ڪاليج ڪافي عرصو بند بہ رھي ھئي ۽ ھڪ قسم جو نعرو ھوندو ھو. مسئلا ڙي مسئلا چانڊڪا جا مسئلا، چانڊڪا ۾ شاگرد ھميشہ ئي متحرڪ رھيا ۽ انھن چانڊڪا جي اندر ۽ ٻاھر احتجاج ۽ سياسي جدوجھدون جاري رکيون.
اسان جي ڏينھن ۾ سڀ کان پھرين ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ کان پوءِ محترمہ بينظير ڀٽو ريل ذريعي لاڙڪاڻي آئي ھئي اھو محترمہ جو عظيم الشان آڌر ڀاءُ ھو جنھن ۾ چانڊڪا جي ھزارن شاگردن لاڙڪاڻي جي سمورن ماڻھن کي گهران ڪڍيو ھو. ٽڪا خان ۽ فاروق لغاري ان دور ۾ ppp جا مرڪزي رھنما ھئا. سنڌي ليڊر بہ آيا ھئا. ٽڪا خان کان بنگال جي معاملي تي قوم پرست ۽ ترقي پسند يا کاٻي ڌر جا شاگرد ناراض ھئا مگر انھن ٽڪا خان کي مھمان سمجهي ان کي سوالن سان شرمسار نہ ڪيو. امانت ڪتاب گهر جي اسٽال تي بيٺل اھي ليڊر ڪتاب گهر جو پاسو ڪرڻ تي بار بار بچيا ھئا ان ڏينھن ۾ محترم بي نظير ڀٽو صاحبہ سياسي آکاڙي ۾ نئين داخل ٿي ھئي انتھائي ڪمزور صحت جي مالڪ ان وقت جي ان آڪسفورڊ جي لھجي ۾ ڳالھائيندڙ ڇوڪريءَ لئہ گهٽ ماڻھن کي گمان ھو تہ ھوءَ ڪا پاڪستان جي ٻہ دفعا وزيراعظم ۽ انٽرنيشنل شخصيت ٿيندي. پر چانڊڪا جي شاگردن جي جوش ۽ ولولي pp ڪارڪنن ۾ نئين زندگي ڦوڪي ھئي ۽ محترمہ بي نظير ڀٽو سان سنڌي ماڻھن جي بي انتھا محبت ھئي جو ھن جو سياسي شعور حيرت ناڪ حد تائين تيزيءَ سان اڀري آيو. انھن ڏينھن ۾ ئي ايران ۾ امام خمينيءَ جي ڪار ھجوم کنئي ھئي. پر ھتي تہ ھلندڙ گاڏي چانڊڪا جي جوڌن ڪلھن تي کنئي ۽ چڱو رستو اھا ڪار محترمہ بي نظير سوڌو چانڊڪا جي شاگردن جي ڪلھن تي ھئي. ۽ لاڙڪاڻي اسٽيشن کان وٺي المرتضيٰ تائين چانڊڪا جا شاگرد ئي ان جلوس جا اڳواڻ ۽ متحرڪ ھئا. عجب ڳالھ اھا ھئي تہ ان ۾ چانڊڪا جا مذھبي ۽ قوم پرست شاگرد بہ ايترا سرگرم ھئا جيترا سپاف جا. ۽ المرتضيٰ جي حفاظت تي ڪيترائي ڏينھن چانڊڪا جا شاگرد ئي محافظ ھئا.
چانڊڪا ۾ شاگردن جا بائڪاٽ ۽ احتجاج رھندا ھئا. جيڪي ھاسٽل جي مسئلن ، سھولتن جي کوٽ، استادن جي کوٽ ۽ انتظاميہ سان ھوندا ھئا. ان لاءِ ڪاليج اندر، ڪلاسن جا انفرادي بائڪاٽ، احتجاج، نعرا، ھوڪارا، ھلندا ئي رھندا ھئا ۽ انتظاميہ ۽ شاگرد مڙئي ھر دفعي ٺھي ويندا ھئا. چانڊڪا جي سيڪنڊ بئج جو نتيجو ايڏو خراب آيو جو ھڪ ھڪ مارڪ تي ڇوڪرا ميڊيسن ۾ بہ فيل ٿيا. ان نتيجي خلاف چانڊڪا جي فيل ٿيندڙ ۽ پاس ٿيندڙ شاگردن بک ھڙتال ڪئي.
مزي جي ڳالھہ آھي تہ پاس ٿيل دوست ناپاس دوستن لئہ بک ھڙتال تي ويٺا ان بک ھڙتال کي انتظاميہ بہ پروٽوڪول ڏنو ۽ شاھ بيگ چانڊيو ان وقت آر ايم ھو. بک ھڙتالي شاگردن کي روز تپاسيندو ھو. نظر ايندڙ ناانصافيءَ آڏو انتظاميہ گوڏا کوڙيا ۽ شاگردن کي گريس مارڪون ڏئي انصاف ڪيو ويو.
جيئن تہ مان لکيو آھي تہ ون يونٽ واري شاگرد جدوجھد ايوب خان جي دور ۾ ٿي. ڀٽي صاحب جي دور ۾ شاگرد سياست پروان چڙھي. ان دور ۾ سائين جي ايم سيد جي قومي سياست نئين جوش جذبي سان ٿي، ڀٽي صاحب کي ڦاھي ڏيڻ کان پوءِ جنرل ضيا جي دور ۾ پيپلز پارٽي ۽ مذھبي پارٽيون پنھنجي عوامي طاقت رکنديون ھيون پر قوم پرست پارٽيون خاص طور تي شاگرد سياست ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيون ۽ خاص طور تي پروفيشنلن ڪاليجن ۾.
ان دور ۾ ھن خطي جي سياست ۾ ٻن وڏين طاقتن روس ۽ آمريڪا جي سرد جنگ پنھنجي عملي روپ ۾ اچي وئي. روس پنھنجون فوجون افغانستان ۾ موڪليون ۽ آمريڪا پاڪستان معرفت مجاھدن ذريعي روس سان مھاڏو اٽڪايو. جنرل ضيا جي دور ۾ پاڪستان ۾ پرڏيھي ڊالرن ڪري اقتصادي مضبوطي نظر آئي. انھن مان ڪجهہ ڊالر شاگردن کي قرض حسنہ ۽ زڪوات جي اسڪالر جي روپ ۾ ملندا ھئا ان سان شاگردن جي مالي مسئلن ۾ بہ ڪمي آئي ھئي ھا ڳالھہ پئي ڪئي سون عالمي طاقتن جي ٽڪراءَ جي تہ پاڪستان ۾ کاٻي ڌر جون طاقتون خاص طور تي ترقي پسند شاگرد عتاب ھيٺ ھئا ۽ DSF جا شاگرد خفيہ نموني ڪم ڪندا ھئا. انھن سلسلن ۾ نذير عباسي شھيد ٿي ويو ۽ ان مرحوم جا تعزيتي ميڙاڪا چانڊڪا جي رومن ۾ انتھائي خفيہ نموني ڪيا ويا. پليجو صاحب پاڪستان جي ڳالھہ ڪندو ھو ۽ اھو سامراجي قوتن کي للڪاريندو ھو ۽ اھو پنجابين جي ويجهو ھو. ان کي قوم پرست پسند نہ ڪندا ھئا ۽ خود پليجي صاحب جي سنڌي شاگرد تحريڪ بہ پنھنجي ارتقائي دور ۾ ھئي باقي شاگرد سياست ۾”سنڌوديش“ جو تصور ڪنھن خاص طبقي ۾ عروج تي ھو ۽ سامراجي پنجابين کي ڪوٺيو ويندو ھو ۽ اھا نفرت تعليمي ادارن ۾ مختلف روپن ۾ موجود ھئي. ھوڏانھن ايل، ايم، سي ۽ s. m. c ۾ ”پنجابي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن“ وجود ۾ آيون. سنڌ جي اندر رھندڙ پنجابين جيڪي گهڻي ڀاڱي سنڌي ڳالھائيندا ھئا ۽ قوم پرستن ۽ پنجابي شاگردن وچ ۾ جهڙپون بہ ٿيون ان وقت قادر مگسي صاحب قوم پرستن جو ھيرو ھو.
سنڌي ۽ پنجابي شاگردن ۾ سواءِ ليڊري ۽ نظرياتي اختلافن جي چانڊڪا ۾ ڪا خاص يا عام نفرت موجود نہ ھئي ۽ ھتي سنڌي پنجابي شاگردن جا جهيڙا نہ ٿيا ڇو جو چانڊڪا ۾ جيڪي پنجابي ڇوڪرا آيا ھئا اھي لوڪل ھئا ۽ انھن ضلعن جا شاگرد انھن جا دوست ھئا. باقي پنجاب جون سيٽون بہ ھيون. جتان جا شاگرد بہ چانڊڪا ۾ پرامن ۽ حفاظت سان گذاريندا ھئا ڇو جو انفرادي طور تي جيئي سنڌ جا شاگرد بہ انھن پنجابي شاگردن جا دوست ھئا جيڪي سنڌي پڙھي آيا ھئا. چانڊڪا ۾ حبيب نالي شاگرد انھن پنجابين کي گڏ ڪيو ۽ شھر ۾ انھن جون ڪي خفيہ ميٽنگيون بہ ٿيون پر اڪثر پنجابي شاگرد سنڌين سان چانڊڪا ۾ ڪنھن ٽڪراءُ ۾ نہ آيا. مگر مٿين ليول تي اھي نفرتون وڌنديون ويون ۽ ھڪ دفعي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ پنجابي شاگردن لئہno go area جو نعرو ھنيو ويو. اھو سڄو ڪجهہ حيدرآباد جي تعليمي ادارن ۾ ٿيو ۽ چانڊڪا جي شاگردن پڻ نظرياتي مجبورين تحت چانڊڪا ۾ پنجابي شاگردن کي چانڊڪا خالي ڪرڻ لئہ چيو.
ان دور ۾ بہ سياسي پارٽيون جيڪي انقلابي نعرا ھڻنديون ھيون اھي پنھنجي سموري طاقت شاگردن کي سمجهنديون ھيون، ڇو جو پاڪستان ۾ ٽريڊ يونينس ايتريون مضبوط نہ ھيون. ھاري بہ منظم نہ ھيا ۽ عوامي حلقا پيپلز پارٽيءَ جي سحر ۾ ھئا سو انقلاب جو سمورو سرچشمو شاگردن کي سمجهيو ويو. ھتي بہ بيجنگ يونيورسٽيءَ واريون اميدون رکيون ويون مگر شاگرد ھڪ تہ پروفيشنل ھئا ۽ ٻيو اھي خود سماجي تبديليءَ تحت پنھنجو ڪلاس مٽائي رھيا ھئا جتي خود انھن کي پنھنجي شناخت ظاھر ڪرڻ لئہ پنھنجي ھنر تي ڀاڙڻو ھو ۽ اھي پنھنجي پروفيشنل زندگي ۾ ھليا ويا ۽ انقلاب لئہ گهربل پنھنجو ڪردار نڀائي نہ سگهيا.
پنجابين شاگردن کي سنڌ جي تعليمي ادارن مان تڙڻ جي ردعمل ۾ تعليمي ادارن اندر فوجي آپريشن بہ ڪيو ويو. جنھن کي ڇاپو چيو ويو. اھو پھريون دفعو ھو جو چانڊڪا ۾ بلڪل فوجي انداز ۾ گهيراءُ ڪيو ويو ۽ پاڪستاني فوجين ھر روم جي تلاشي ورتي. پر ان ڇاپي ۾ فوجي جوانن بلڪل اھڙو ورتاءُ ڪيو، جيڪو فوجي نہ ھيو. انھن باقاعدہ اخلاق سان ھر شاگرد سان ورتاءُ ڪيو، ڪنھن کي بہ ڌڪ چنبو گار گند نہ ڪيو ويو. ڪنھن بہ روم مان ڪا بہ شيءِ نہ کنئي بند پيل رومن کي ٽوڙي ان جي تلاشي تہ ورتي وئي مگر انھن مان بال پين بہ غائب نہ ھئي. ننڍي وڏي سياسي مواد کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ ڪنھن بہ شاگرد کي ھروڀرو هراسان ۽ گرفتار نہ ڪيو ويو ۽ چانڊڪا جي قوم پرستن شاگردن فوجين جي ڪيل ان ورتاءُ کي ساراھيو. ان آرمي ايڪشن چانڊڪا ۾ فوج خلاف نفرت کي ٿڌو ڪيو جيڪا خود عام سپاھي نہ پر مٿين ليول تي ھئي. اھو تلاشيءَجو سلسلو اسر ويل شروع ٿيو ۽ منجهند تائين ھليو مگر شاگرد روڊ تي نڪري ڪرڪيٽ کيڏڻ لڳا ۽ ان ايونٽ کي بہ انجواءِ ڪيو. مگر فوج کانسواءِ جتي f. c ۽ پوليس وئي اتي ڪجهہ شڪايتون مليون. تہ انھن شاگردن سان چڱو ورتاءُ نہ ڪيو. باقي فوج خلاف شاگردن کي ان ڇاپي جي سلسلي ۾ ڪا بہ شڪايت نہ ھئي ۽ فوج جو اخلاقي ڊسپلين نہ فقط معياري ھو پر شاگردن جي توقع کان وڌيڪ سٺو برادرانہ ھيو. آرمي پنھنجو تلاشيءَ وارو ڪم مڪمل ڪيو ۽ پوءِ f. c چانڊڪا جي دروازن تي مقرر ٿيڻ بعد نيڪالي ڏنل پنجابي شاگرد واپس آيا. اھو ڇاپو حقيقت ۾ ھڪ طاقت جو نماءُ ھو مگر ان ۾ طاقت رتيءَ ڀر جي بہ استعمال نہ ڪئي وئي.
ڪاليج ۾ ڪجهہ شاگردن کي ريسٽيڪيٽ بہ ڪيو ويو. جنھن ۾ برڪت شاھ، شريف پنھور غالباً اديب ۽ ٻيا دوست جن جا نالا ياد نہ آھن. ان جي رد عمل ۾ چانڊڪا ۾ روز احتجاج، مظاھرا ۽ ميڙاڪا ٿيندا ھئا. اسان کان اڳ واري سيڪنڊ ايئر امتحانن جو بائڪاٽ ڪيو ۽ ان سڄي بئج کي اخباري سرخين ۾ ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو يا انھن جو سال وڃايو پر پوءِ انتظاميہ ۽ شاگردن وچ ۾ ڪامياب ڳالھيون ٿيون. ھي اھو دور ھو جنھن ۾ شاگردن وٽ شاگردن جي ٽارچرن جون ڪھاڻيون ھونديون ھيون. ھڪ تہ ملڪ اندر فوجي نظام ھو ۽ ٻي جنگ عظيم کان وٺي ويٽنام وار ۽ موساد ۽ ساواڪ جي ظلمن جون ڪھاڻيون شاگرد وٽ خود نئين ھيرو ازم جو نئون تخيل هيون ۽ مون بہ ھڪ ٽارچر سيل جي انھن ڪھاڻين تي نظم لکيو ھو.

ٽارچر سيل جون اذيتون

ھو طرحين طرحين طعام ڏين ٿا.
۽ جيئرا جيئرا جام ڏين ٿا.
ڪنواري ڪلالڻ جي ڪڇ تي،
مي جي مٽڪي تار ڏين ٿا.
دل ۾ھلڪي گار ڏين ٿا.
مئخاني مان ماڻھو اٿاري،
ارھن اگهاڙي سامھون بيھاري،
رنگين اڪيلي شام ڏين ٿا.
۽ ان جي بدلي مون کان ڌرتيءَ جو پيار گهرن ٿا.
پر منھنجو ڪنڌ انڪاري ٿئي ٿو.
ھنن جو رويو بدلجي وڃي ٿو.
پوءِ سنگينن سان سوچ چٿن ٿا.
ڀاري بوٽن سان ڪُچلن ٿا.
منھنجي ٻاھر ڄڀ ڇڪي ھو،
سگريٽن جا ڏنڀ ڏين ٿا، ابتو ڇت ۾ لٽڪائي،
ڪوسي پاڻيءَ ۾ ٽھڪائي،
منھنجي اکڙيل کل تي،
ڪوڙن جا انبار ھڻن ٿا.
رت ٽمندڙ زخمن تي،
تيزابن جي ڌار وجهن ٿا.
جنبورن سان ننھن ڇڪن ٿا.
ھڏن تي ڊرل ڪن ٿا.
پوءِ مونکي ڌرتيءَ سان پيار جي بدلي،
ان ھلڪي ھلڪي مارجي بدلي،
گهري مٺڙي ننڊ اچي ٿي.
وري جڏھن اک کلي ٿي.
ھو ڳوري ڳوري گار ڏين ٿا.
مون کان ڌرتيءَ جو پيار گهرن ٿا.
پر منھنجو ڪنڌ انڪاري ٿئي ٿو.
ھڪ وقت ان ٽارچر سيل ۾،
ھڏن ڀڳل منھنجو ڍانچو،
بک، اڃ ۾ تڙپي مايوس ٿئي ٿو.
۽ مون کي ديس دروھي ٿيڻ جو خيال اچي ٿو.
پوءِ ان ٽارچر سيل جي ڀتين تي،
شھيدن جي رت جون لڪيرون،
۽ اگهاڙن مارن جون تقديرون،
منھنجو ٽٽل حوصلو جوڙي وٺن ٿيون.
دشمن جو ڪنڌ مروڙي وٺن ٿيون.
منھنجي اذيت سان پر وجود ۾ سگهہ اچي ٿي.
سئمسن وانگر وار ٻڌي بند دروازو ٽوڙيان ٿو.
ٻاھر پھريدار کان بندوق ڦريان ٿو.
پوءِ ٿو منھنجو ذھن بغاوت جي نئين خيال تي سوچي،
پنھنجي روشن حال تي سوچي،
حقيقت ۾ ٽارچر سيل جون اذيتون،
مون کي نئون حوصلو ڏين ٿيون!


چانڊڪا ۾ شاگرد سياسي طور تي نہ فقط سجاڳ ھئا مگر اھي ڪافي عملي طورتي سرگرم ھئا ۽ ملڪ گير تحريڪن ۾ ھو ڀرپور حصو وٺندا ھئا چانڊڪا مان شاگردن جون گرفتاريون گهٽ ٿيون ۽ شاگردن تي تشدد يا ٽارچر، ڪو ھروڀرو استعمال نہ ڪيو ويو. انھن ڏينھن ۾ ئي ڪوارٽر نمبر 24 ۾ ھڪ ديسي قسم جي بم جو ڌماڪو ٿيو جنھن ۾ منٺار سولنگيءَ نالي ھمراھ سخت زخمي ٿيو. ان جو تعلق چانڊڪا سان نہ ھو مگر ھو قوم پرست ڌرين جو حامي ھو.
جيئن تہ اھو ڪوارٽر ”ن“ نالي شاگرد جو ھو ان کي ۽ جيئي سنڌ جي ھڪ ٻئي ڪارڪن ”ھ“ کي گرفتار ڪيو ويو. ھڪڙو مھاجر ڇوڪرو جيڪو روھڙيءَ جي سيمنٽ فيڪٽريءَ جو ھو ۽ ”ن“ جو روم پارٽنر ھو ان کي بہ گرفتار ڪيو ويو. ان دور ۾ apmso ”آل پاڪستان مھاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن“ ٽيوب ۾ ھئي ۽ ھن جون خفيہ سرگرميون ڪراچيءَ ۾ ھيون. اوائلي ستر واري ڏھاڪي جي سنڌي مھاجر فساد جون يادگيريون ڇوڪرن وٽ نہ ھجڻ برابر ھيون. ان دور ۾ مھاجرن پنجابين ۽ پٺاڻن سان ڪراچيءَ ۾ مھاڏو اٽڪايو ھو. سنڌي قومپرستن جون ھمدرديون مھاجرن سان ھيون ۽ اھي انھن جي لڪ شپ ۾ مدد بہ ڪندا ھئا ڇو جو ايڏي عرصي گذرڻ کانپوءِ سنڌين قومپرستن مھاجرن کي مقامي وارو ھڪڙو عبوري حق ڏنو ۽ پنجابين ۽ پٺاڻن کي ڌارين ۾ شمار ڪيو ۽ مھاجرن ۽ پنجابين، پٺاڻن جي جهيڙي ۾ مھاجرن جو ساٿ ڏنو. ان دور ۾ سنڌ ۾ ڌارين جي ايڏي يلغار نہ ھئي ۽ افغان مھاجر، برمي، بنگالي، بھاري سنڌ ۾ گهٽ ھئا. مھاجرن پنھنجي اندر بہ ھڪ قسم جو احساس ڪمتري ۽ ناانصافيءَ جو پٽڻو پٽڻ شروع ڪيو مگر حقيقت ۾ ائين ھو نہ، سنڌ جي ھندن جون خالي ڪيل ملڪيتون، ديوانن جون زمينون ۽ سنڌ جي سول بيوروڪريسي پاڪستان ٺھڻ وقت مھاجرن کي مفت ۾ ملي. مگر جڏھن ڀٽي صاحب ڪوٽا سسٽم رائج ڪيو ۽ تعليمي سڌارا آندا تہ ھڪ سنڌي ٽيلنٽ اڀري آيو ۽ سنڌ ۾ ڪلاس جي تبديلي اچڻ لڳي جيڪا مھاجرن کي ڪنھن بہ حال ۾ قبول نہ ھئي ۽ پاڪستان ٺاھڻ ۾ پنھنجو اباڻو حق جتائڻ لڳا. حقيقت ۾ پاڪستان تحريڪ ۾ سنڌي ماڻھن جو مھاجرن کان وڏو ڪردار آھي. اھي خود پنھنجي لساني، تمدني، تھذيبي ۽ مڪانيءَ آبادي سان ٽڪراءُ ۾ آيا ۽ ھندن جي گهڻي آبادي ھتان لڏي وئي. مقامي طور تي ماڻھن ۾ مذھبي فرق کان وڌيڪ معاشي عنصر شامل ھو. ھڪ تہ ھندن وٽ وياج جو نظام ھو ۽ ٻيو تہ مقامي ماڻھن جون زمينون ھندن وٽ گروي ھيون. خود ھندو ڏاھن ان ڳالھ کي نہ سمجهيو ۽ مقامي طور اھا سوچ اڀري آئي تہ ھندن جي وڃڻ کان پوءِ اھي انھن ٻنھي ڳالھين ھڪ تہ وياج واري قرض کان آزاد ٿيندا ۽ ٻيو تہ کين زمينون جيڪي گروي آھن اھي ملنديون. مگر لياقت علي خان ائين نہ ڪيو ۽ اھي ملڪيتون مھاجرن کي ڏئي ڇڏيون.
سنڌين ان کي اسلامي تاريخ جي واقعي ھجرت جي تاثر ۾ وساري ڇڏيو مگر لياقت علي خان ايتري قدر پابندي ھنئي جو مقامي ماڻھو ھندن کان بہ اھي ملڪيتون خريد ڪري نہ ٿي سگهيا. اھو وڏو بحث آھي تہ سنڌي ماڻھن کي ننڍڙي نانگ بجاءِ وڏو ازدھا ڳچيءَ ۾ وڌو ويو. مگر چانڊڪا جا شاگرد ان دور ۾ بہ سنڌي مھاجر اتحاد کي ڪڏھن بہ پائدار نہ سمجهندا ھئا ۽ چوندا ھئا تہ مھاجرن جو پٺاڻن ۽ پنجابين سان ٽيلر آھي اصل دنگل اھي سنڌين سان ڪندا ۽ پھرين آڪٽوبر واري واقعي چانڊڪا جي شاگردن جي اھا پيشنگوئي سچي ثابت ڪئي.
”ن“ ”ھہ“ مھاجر شاگرد ٽائون ٿاڻي تي رکيا ويا منٺار سولنگي اسپتال ۾ زير علاج رھيو انھن شاگردن کي ٽائون ٿاڻي تي ڪنھن بہ تشدد جو نشانو نہ بنايو ويو ۽ ھو آزاديءَ سان پنھنجي دوستن ۽ مائٽن سان ملندا ھئا. انھن سڀني تي مارشلا ڪورٽ ۾ ڪيس ھلايو ويو ۽ مھاجر شاگرد کي بري ڪيو ويو. ”ن“ ”ھہ“ ۽ منٺار سولنگيءَ کي ھڪ ھڪ سال قيد ۽ ڪجهہ ڪوڙن جي سزا ٻڌائي وئي. انھن شاگردن کي پھريائين سکر ۽ پوءِ لاڙڪاڻي جيل رکيو ويو. ان وقت ۾ سنڌ جا جيل سياسي قيدين سان ڀريل ھئا ۽ ھي ڇوڪرا بہ سياسي قيدي ٿيا. مگر چانڊڪا جي شاگردن انھن شاگردن جي آزاديءَ لئہ جدوجھد جاري رکي ۽ ان وقت جي پرنسپل نيڪ محمد شيخ بہ پنھنجي طور ”ڊي . ايم. ايل. اي“ ڊويزنل مارشل ائڊمنسٽريٽر تي دٻاءُ وڌو ۽ اھي شاگرد ٿوري عرصي ۾ ئي جيل کان آزاد ٿيا. انھن گرفتارين ۾ خ. م بچي ويو جو ھو پنھنجو سامان ڪوارٽر ۾ سليقي سان رکندو ھو. ڌماڪي ٿيڻ وقت ھن پنھنجي شناخت جون سڀ شيون ڪوارٽر 24 مان گم ڪري ڇڏيون. انھن شاگردن جي ڇڏائڻ ۾ انھن جي پوڙھن والدين جو بہ وڏو حصو ھو جن واقعي ئي وڏي جدوجھد ڪئي تہ ھنن جا پٽ آزاد ٿين.
سو ضيا جي دور ۾سياسي ھلچلون ھلنديون ھيون ۽ چانڊڪا جا شاگرد لاڙڪاڻي جي ھلندڙ ھر تحريڪ ۾ حصو وٺندا ھئا. اھي احتجاج مزدورن جا ھجن يا سياستدانن جا استادن جا ھجن يا مقامي ماڻھن جا چانڊڪا جا شاگرد لاڙڪاڻي ڇا سنڌ ۽ پاڪستان جي ھر تحريڪ جو حصو رھيا.
بک ھڙتالن کان وٺي جيل ڀريو تحريڪن تائين چانڊڪا جا شاگرد ڪنھن بہ طرح پوئتي نہ رھندا ھئا. ايم. آر. ڊي جي تحريڪ ۾ بہ ھنن ڀرپور حصو ورتو ۽ سپاف جا شاگرد ڀڃ ڊاھ جي ڪارروائين ۾ اڳڀرا رھيا. باقي ڪٿي بہ ڪو واقعو ٿيندو ھو تہ چانڊڪا ۾ احتجاجي ميڙاڪا ۽ جلوس نڪرندا ھئا. اھو چانڊڪا جو ڪو مسئلو ھجي يا ديوانن جا ٽڪاڻا ساڙڻ جو مسئلو ھجي، ڪنھن شاگرد کي سزا اچڻ جو سوال ھجي يا سياسي پارٽين جو سڏ، انھن سڀني تحريڪن ۾ چانڊڪا جي شاگردن نہ فقط حصو ورتو بلڪ عملي طور پنھنجو ڪردار بہ نڀايو.
چانڊڪا ۾ گهڻو ڪري ٻين ادارن ۾ ٿيل واقعن تي وڏا احتجاج ٿيندا ھئا انھن ڏينھن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ھاسٽلن ۾ھڪ شاگرد سرڪاري ڌرين جي فائرنگ ۾ احسان ميمڻ مارجي ويو. چانڊڪا جي فنڪشن ۾ ايندڙ شاگردن جي بسين تي ڪيل فائرنگ ۾ بہ ”ٺوڙھي جا شھيد“ شھيد ٿيا. انھن ٻنھي واقعن تي چانڊڪا ۾ ڀرپور احتجاج ٿيا. انتظاميہ شاگردن جي انھن احتجاجن کي ڪمزور ڪرڻ لئہ ڪاليج بند ڪري ڇڏيندي ھئي، ھاسٽلون خالي ڪرڻ جو فرمان جاري ڪيو ويندو ھو ۽ چانڊڪا جا شاگرد مھينن تائين اھا ڪاليج بند ٿيڻ جي اذيت ڀوڳيندا رھيا ۽ انھن جا ڪيترائي قيمتي سال ان تعليمي سفر ۾ ضايع ٿيا. چانڊڪا ۾ ڪاليج بند ٿيڻ خلاف بہ وڏو احتجاج ٿيندو ھو ۽ انھن احتجاجن ۾ مائوزي تنگ جو اھو مڪالمو ورجايو ويندو ھو تہ ”ڪنھن بہ قوم کي تباھ ڪرڻو آھي تہ انھن جون يونيورسٽيون بند ڪريو“. انھن ئي مسئلن جي احتجاجن ۾ ھڪ دفعو چانڊڪا جي شاگردن ڪاليج جو سمورو انتظام پنھنجي حوالي ڪري ورتو ۽ حافظ گلاب چانڊڪا جو غير آئيني ۽ غير سرڪاري پرنسپال بہ رھيو. ھن پنھنجي آفيس ھلائي ۽ آرڊر جاري ڪيا ۽ تدريس جو عمل بہ جاري رکيو. اھو انوکو احتجاج بہ ڏسڻ وٽان ھو. ايم آرڊي تحريڪ ۾ شاگردن گرفتاريون ڏنيون ۽ ڪجهہ ڪاروايون بہ ڪيون هي ان سلسلي جا نظم آهن:

چانڊڪا جا باغي ڇوڪرا

هي سلوڻا، سٻاجهڙا
چانڊڪا جا ڇوڪرا
باهين مان ڇا ڄاڻن
تيلا، ڪانا تن هٿن ۾
ڪيئن ڀلا هي گاڏيون ساڙن
آمر ساڻ، احتجاج ڪارڻ
روڊن تي آيا، ٽائر ساڙي
ويٺا سوچن، ويٺا لوچن
ڪنھن تن کي، تئو نہ اچي شل
پوءِ کڙڪي سان،
بيدن وسڪارن ۾ هي ڪٽجي ڪٽجي
ڦٽجي ڦٽجي
لاڪپ ۾ ٿا مرڪي مرڪي لارون لاڙن
هي نازڪ، نازڪ
سھڻا سھڻا
پل کن پھڻ بڻي
جي ٿا آمر
واٺن نھارن
سرٻاٽن جي سس پس ۾
ويٺا آمر واٺا سوچن
ڪو نہ مڃيندا آزي هاڻي
ڀل بڻون اسان نازي هاڻي


دادو واسي

هي دور درين مان
دادو واسي
ڪرفيو ۾بند اباڻا
ڀڀڪي ڀڙڪي، اوچن
آوازن سان
آمر کي للڪارن ٿا
هر ساھہ ۾ ڀٽو سارن ٿا
هو موت کي مرڪي ڳولي
پنھنجو اندر ٺارن ٿا
هو ٿُڪن ڀونڊن سان
حاڪم وقت کيڪارن ٿا
آمر وقت اياڻو بڻجي
پنھنجي بزدل ساٿين
کان ٿو، راز ۾
ڄاڻي
هي ڇا ٿا چاهن.
ڇرڪي ڇرڪي
ڏڪندي ڏڪندي
حاڪم وقت جو
بزدل ساٿي،
هيڻائي ۾ ورجائي ٿو
هي تہ ڀٽي جا ماڻھو آهن
توتي ٿا لعنت برسائن.


دادو ۽ بيروت

دادو ۽ بيروت ڄڻ ڀائر
هن ۾ ديس آزاديءَ هيرا
هن ۾رهن، ڀٽي وارث
هي آمر سان بہ اٽڪڻ ڄاڻن
هي سينو تاڻي
ڇلجي گولين سان
ڦتڪڻ ڄاڻن
ارڏا اوچا ڪنڌ هنن جا
راھہ جمھوريت پنڌ هنن جا
هي ڦرڻا گهرڻا ماڻھو ناهن
وعدا پنھنجا پاڙڻ ڄاڻن



هر ماڻھو ڀٽو ٿيڻو آ

هت ظلم نہ رهندو، نہ ئي ظالم رهڻو آ.
تون بہ ٻڌي ڇڏ ڪن کولي هر ماڻھو ڀٽو ٿيڻو آ.
تون جيڏي رستي روڪ ڪندين، ٽيڏو تن کي تاءُ ايندو.
تون جيڏيون ڦاهيون ٺاهيندين، ايڏا مرڪي مرڪي ڪنڌ ايندا
ڪيڏا مروڙي ٽوڙيندي، سرڪي سھڻا سھڻا سنڌ ايندا.
جيڏو تون جوش ڪندين، ارڏا ماري ماري بيھوش ڪندين،
هو مرڪي مرڪي اٿندا ۽ تنھن جي منھن تي ٿوڪيندا!
تنھنجا جلاد بہ ٿڪجي ٿڪجي روئيندا.
هو ڦاهي گهاٽ ڏي ڪاهيندا.
ڀل تون ميڙ لڳائي ماڻھن جا،
ڪوڙن جا اعلان ڪندين.
انگ اگهاڙن مارن تي ڪوڙن جي وسڪار ڪندين،
هو نعري نعري ٻوليندا.
۽ ڀٽي کي ڳوليندا. . . !

چانڊڪا جي شاگردن جا سير سپاٽا

ھو ابن بطوطه ڪولمبس ۽ ڪئپٽن ڪڪ جيان جاکوڙي نہ ھئا پر چانڊڪا جا شاگرد سير سفر جا شوقين ھئا. ھو فطرت جي رنگن، رنگينين، حسن ۽ حسناڪين ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ گم ٿي ويندا ھئا. مھا ساگر جي واريءَ تي پرينءَ سان گڏ پسايل پيرن ۽ سنھڙين سرگوشين ۾ ڳالھايل ڳالھيون زندگيءَ جو سرمايو سمجهندا ھئا. اترين علائقن جي آبشارن، زيارت جي چشمن، سنڌوءَ جي ڪنارن، ڍنڍن جي نظارن، ڪنھن کوھ مان ڀريل لوٽيءَ جي پاڻيءَ جي پئٽڻ جي آواز، ڪنھن ڪسيءَ واھ ۾ تڙڳڻ، ھنبوشيون ھڻڻ، ٽيوبيلن ۽ بيڪو تي وھنجڻ ۽ اتي پنھنجي آواز ۾ سريلي يا بي سري انداز ۾ ڳايل گانن جي يادن کي ساري سنڀالي ڊائريءَ جي ورقن ۾ لکندا ھئا.
چون ٿا تہ پروفيسر احسان ڪريم جي دور ۾ شل نہ ڪا ڪڪري چانڊڪا تي ڪاھي اچي، پوءِ چانڊڪا جون بسيون ٽمٽار ٿي وڃن ماھوٽن ۾ زيتونن جي باغن ۾ بيھنديون ھيون ۽ پڪنڪ جو لڏو لاٿو ويندو ھو. زيتون جي چھچ ساون وڻن ھيٺان ڪنھن بوند جي وسڻ جي انتظار ۾ ڪي ئي بئنسريون، باجا، ڪي چنگ، دڦ ۽ دھل ڪڍي وٺندا ھئا تہ ڪي ھار مونيم ۽ پيانو پاڻ سان کڻي ويندا ھئا ۽ سارنگ ڳائيندي ڳائيندي ديپڪ راڳ جو سر آلاپي وٺندا ھئا ۽ عاشقن جي دلين ۾ باھيون لڳي وينديون ھيون. انھن فنڪار دوستن جي ٽولين ۾ عام شاگرد بہ ھمنوا بڻجي ويندا ھئا ۽ اھي عشق جون قواليون وڃي ڀڄنن تي دنگ ڪنديون ھيون. موسم آھر ڦل فروٽ، پلاسٽڪ جي ٿيلھين ۾ بند بريانيون، پڪوڙا، سمبوسا ۽ نمڪ پارا پنھنجي خوشبوءِ سان علائقي واسين جي وات ۾ پاڻي آڻيندا ھئا ۽ ھي ڀوڄن جو سارو سامان لٽائي، اوڳرايون ڏئي واپس اچي اينو فروٽ سالٽ جو گلاس پي ڇڏيندا ھئا. موھن جي دڙي جو سفر تہ ھنن لئہ ڄڻ گهر ياترا ھو، ھو آرڪيالاجيءَ جا شوقين ھئا. ھڪ دفعي اسان جي دوست فاروق ميمڻ جو ماروٽ آمريڪا مان سنڌ گهمڻ آيو کيس موهن جي دڙي تي وٺي وياسين. ڊيوڊ يا دائود جو ننڍڙو نالو ”بيبي“ ھو. بيبي کل مکڻو جوان ھو جڏھن ڪار وڃي موھن جي دڙي تي بيٺي تہ ھن وائڙن وانگر ھيڏي ھوڏي ڏسڻ شروع ڪيو. چيائين يار ڪاٿي وٺي آيا آھيو. ھنن دڙن ۾ ڇا آھي، پوءِ اسان جا سڀ يار ان انگريز تي پنھنجي سنڌي گاڏڙ انگريزيءَ ۾ وسي پيا، ھڪ چيس جڏھن تنھنجا ناناڻا جهنگ جي خيال سان ٻوڙن ۾ ويندا ھئا تہ سنڌي ماڻھن وٽ باٿ روم ھئا ۽ ليٽرين ھيون. جڏھن تو وارا ناناڻا مائٽ مھينن جا مھينا نہ وھنجندا ھئا تہ اسان جي وڏن وٽ، تلاءُ، تڙ ڪرڻ جون جايون ۽ حوض ھوندا ھئا ۽ جڏھن تو وارا ريڊ انڊين يا لاڏائو مھذب انگريز پنھنجي excreta کي اڱڻ ۾ ئي پوريندا ھئا تہ موھن جي دڙي جي ماڻھن وٽ گهرن ۾ پاڻيءَ جي نيڪال جو سرشتو ھوندو ھو. ھي گهرن جا روشندان، ھوا جا گذر روشنيءَ جا گنبذ اسان جي اعليٰ تھذيب جي اوائلي ڪھاڻي آھن ۽ پوءِ ھڪ دوست ھن جي دماغ ۾ اھا ڳالھہ وڌي تہ اھو عرصو پنج ھزار سال اڳ جو آھي يعني حضرت عيسيٰ عليہ السلام کان ٽي ھزار سال اڳ پوءِ ھنن ڪئيمرا ڪڍي ۽ موھن جي دڙي جي سِرَسِرَ جي ڦوٽو ڪڍڻ جو ڪوشش ڪئي. ھن جي دل بہ ڀرجي آئي ھو ڀڻڪيو تہ منھنجي ماءُ ڪرسچن آھي. پيءُ سنڌي ماءُ گرجا ويندي آھي ۽ پيءُ مسجد ويندو آھي. مان ڪاڏي وڃان؟ ھڪڙي دوست ان کي سمجهائيندي چيو تہ تون صوفي ٿي وڃ صوفين وٽ مندر، مسجد، گرجا، ڪليسا، گرد وارو، پگوڊا، سينيگاگ، بت خانو يا آتشڪدو ھڪ آھن. ھيءُ صوفين جي سرزمين آھي پوءِ بيبيءَ وڏي آواز ۾ نعرو ھنيو مان پنھنجي گرل فرينڊ کي ٻڌائيندس تہ منھنجا ڏاڏاڻا تھذيب جا سرواڻ آھن. . تو وارن ڏاڏاڻن وانگر يورپ جا تڙيل ڪيٿولڪ، پروسٽنٽ يا ڪاري پاڻي موڪليل انگريز نہ آھن. ھن کي جڏھن ميوزيم گهمايو ويو تہ ھو ٺڪر جي ٿانون استعمال جي شين ۽ زيورن کي ڏسي حيران ٿي ويو ۽ چيائين تہ ھنن ھنرمندن جا نالا دريافتن جي ڪتابن ۾ ڇو نہ آھن. مون کيس چيو تہ اھي تہ اسان کي بہ ڪو نہ اچن ٿا. ھن جڏھن موھن جي دڙي جي ناچڻيءَ جي مجسمي کي ڏٺو تہ ھو ان جي انداز ۽ لباس ۾ محو ٿي ويو. ھن ڳالھائڻ شروع ڪيو تہ آرٽ ۽ تھذيب تہ توھان وٽ آھن اسان تہ اڃان بہ لاس اينجلس جي ڊسڪو ۾ آفريڪي جهنگلين جھڙي ڊانس ڪيون ٿا. واپسيءَ تي گاڏي جڏھن ڏوڪريءَ کان مڙي تہ ڪنھن کيس بکي ديري جي روڊ ڏي اشارو ڪري چيس تہ اتي ڪنگ لوٿر کان بہ وڏو رھنما پيدا ٿيو ھو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جنھن ھارين جي آزادي لئہ کين انصاف لئہ اڪسايو. اوھان جي قوم ڪنگ لوٿر سان ساٿ نڀايو ۽ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جيڪو نياپو ڏنو، ان ڪري جاگيرداري نظام سان اڄ سوڌو هاري اجتماعي نہ پر انفرادي طور ٽڪراءُ ۾ آھن.
چانڊڪا جي شاگردن لاءِ سڀ کان وڌيڪ تفريحي سفر ھائجن ٽوئر ھوندو ھو. چوٿين سال ۾ ايندي ئي ھائجن ٽوئر جون تياريون شروع ٿي وينديون ھيون. لاڙڪاڻي اسٽيشن تي اھي بوگيون اچي وينديون ھيون ۽ ريل ۾ اھي اڪانامي ڪلاس جا گاڏا شاگردن جا سيلون ھوندا ھئا. گرميءَ کان بي نياز بس ان ڳالھ جو خيال ڪندا ھئا تہ ھنن جي دوستن جون سيٽون گڏ ھجن ۽ پوءِ ريل جڏھن ”ڪڪو، ددشڪ ڪري“ شنٽ انجڻ واري اھي گاڏا ڇڪي روھڙيءَ پھچائيندي ھئي ۽ اتان اھي گاڏا ڪنھن ميل ٽرين سان اٽيچ ٿيندا ھئا.
ريل جڏھن اسٽيشن ڇڏيندي ھئي تہ الوداع چوندڙ ھنن جا يار دوست ڀيلو منھن ڪري موٽندا ھئا تہ ھو ھنن جا ھم سفر ڇو نہ آھن. ريل جو اھو سفر عموماً شام ۽ رات جو شروع ٿيندو ھو. مگر ڇوڪرن جي تاڙڻ جو ڪم روھڙيءَ اسٽيشن تي ئي شروع ٿي ويندو ھو. ھو ٽولين جي صورت ۾ ھر دٻي جو جائزو وٺندا ھئا ۽ دريءَ واري پاسي ويٺل ماين تي پنھنجي عشق جا تير وسائيندا ھئا ۽ پوءِ پنھنجي ليکي ئي ورھاست ٿي ويندي ھئي. اڙي يار اھا ڳاڙھي رئي واري منھنجي ٿي، ان کان تہ پاسو ڪجانءِ نہ بابا اھا تہ منھنجي آھي. ڇڏ يار ڏائڻ بہ ھڪ گهر ٽاريندي آ. تون ڪنھن ٻيءَ جي ڪڍ پئہ. يار ھن بوگي نمبر9 ۾ واھ جو معشوق اٿئي، پر ٿوري موٽي آ ان سان تنھنجو جوڙ واھ جو ٺھندو، يار ان جو وات وڏو آ مان ڇا ڪندس ۽ پوءِ ائين روھڙي اسٽيشن تي محبوب چونڊجي ويندا ھئا ۽ جيئن جيئن ريل سفر شروع ڪندي ھئي ھنن جي عشق جو سفر بہ شروع ٿيندو ھو. يڪدم تاس ، لڊو نڪري نروار ٿيندا ھئا. پوءِ تاس جون بازيون ڳوٽ مارڻ لئہ ڪڻيءَ جون دعائون، تاس تہ چار ڄڻا کيڏندا ھئا پر پورو دٻو تماشائي ھوندو ھو. مٿان برٿ تي ويٺل يار جي رڙ ھوندي ھئي يار تنھنجا تہ ڏھ ڪاڏي ئي نہ ويا آھن. اھي لفظ ٻڌڻ سان ان رانديگر جو پارٽنر شروع ۾ ئي يارهان ڪري وٺندو هو تہ ساٿيءَ وٽ پتا سٺا آھن. مزو تہ تڏھن ٿيندو ھو جڏھن يار جا پتا کلندا ھئا رنگ تہ ھوندو ئي ڪو نہ ھو. باقي بہ نولا ڏھلا گولا ھوند اھئا ۽ جڏھن ”ھٿ“ ٽٽندا ھئا تہ مٿي ويٺل تماشائي تي گار جو زيپٽ پوندو ھو. جڏھن ريل اسٽيشن تي بيھندي ھئي تہ تاڙو عاشق بُل ڏئي لھي پوندا ھئا ۽ ديدار جو سفر شروع ٿيندو ھو ۽ جڏھن دريءَ واري سيٽ تان ڇوڪري اٿي ويندي ھئي ۽ ان تي ڪا جهور ڪراڙي نظر ايندي ھئي تہ ڀائوءَ وارن جا منھن ڀيلا ٿي پوندا ھئا ۽ پوڙھي ڏسڻ کان پوءِ وائڙن وانگر شيشن مان ليئا پائيندا ھئا ۽ گونگن جي زبان وانگر ھلندڙ چپن جي حرڪت مان سمجهي ويندا ھئا تہ اھا ادبي زبان جي بي ادبي ٻولي ھنن لاءِ ئي استعمال ٿئي ٿي.
ٽرين جو سفر ۽ عشق جو سفر ٽرين جي رفتار سان ھلندو ھو. جيئن ريل جي اسپيڊ وڌندي ھئي تہ ھنن جي عشق جي اسپيڊ بہ وڌندي ھئي ۽ جي پرين ڪنھن اسٽيشن تي لھي ويندو ھو تہ پوءِ نئون پرين تاڙيندا ھئا. بھاولپور اسٽيشن کان اڳ ايندڙ مٽيءَ جو طوفان ھنن جي چھرن تي اداسيءَ جا ڪڪر مٽيءَ جي تھن سان ڇڏي ويندو ھو ۽ ھو عشق کان اڳئي لٽيل عاشقن وانگر مٿي ۾ مٽيءَ جا مڻ وجهي ڇڏيندا ھئا. پوءِ دريءَ ۾ ويٺل ھنن جون محبوبائون تہ ڇا پر ھي ھڪٻئي کي بہ نہ سڃاڻيندا ھئا. ان سفر ۾ ھنن جا ٽيٽي يا ٽڪٽ ڪليڪٽر سان ٽيلر، بوتلون کپائيندڙ ھورڙن سان جهيڙا عام ھئا. اڙي ھي بوتل تہ نقلي آھي ھن ۾ تہ سيڪرين آ، چار روپيه ڇا جا ڏيان ۽ اھا انفارميشن ھنن کي شڪارپوري ڇوڪرا ڏيندا ھئا ڇو جو ھنن جو نڪ نقلي بوتلون سڃاڻڻ يا سنگهڻ ۾ اڳڀرو ھوندو ھو.
ڪي ڪڌا اسٽيشن جون چاٽيون، ڇولا، ڪباب، سمبوسا کائي اڊيھڙ وارين عورتن وانگر ڏاڪيندا نظر ايندا ھئا. باقين وٽ گهران کنيل روٽ ۽ چُوريءَ جا لڏون کائڻ لاءِ جام ھوندا ھئا. ھنن جو پھريون پڙاءُ ملتان ھوندو ھو جتي نشتر ميڊيڪل ڪاليج يا بھاوالدين ذڪريا يونيورسٽيءَ ۾ ھنن جو قافلو ويندو ھو. ڪي يونيورسٽي ۽ ڪاليج گهمڻ ويندا ھئا تہ ڪي غوث بھاول الحق جي درگاھ تي سمہ هڻندا ھئا. ڪي وري نشتر چوڪ وٽ چڪن ٻوٽي يا سيخ ڪباب کائڻ وقت سوچيندا ھئا تہ شمس تبريز جي سج جي روشنيءَ مان پڪايل ٻوٽيءَ ۾ سواد ئي عجيب ھوندو. ڪي بھاوالدين ذڪريا جي مزار تي مٿو ٽيڪي دعا گهرندا ھئا تہ ڀڪ ۾ ٺھيل باغ ۾ ڪا سيوني ملي جنھن سان سير ڪن، ڪي ملتان ۾ موجود شھر خموشان جي مٽيءَ ۾ مدفون انھن سنڌي سپاھين جون قبرون ڳولھين جيڪي ڪنھن دور ۾ ملتان جي حفاظت تي مامور ھئا. ڪي گل گشت جي گهٽين ۾ گشت ڪندا ھئا تہ ڪي ڪينٽ جي بازارين ۾ ھروڀرو پرفومن جا اگهہ پڇي دڪاندارن کي بيزار ڪندا ھئا. ڪن کي پراڻي شھر جي سوڙھين گهٽين ۾ ماين سان گڏ گسي ھلڻ ۾ مزو ايندو ھو تہ ڪي وري سوھن حلوي جو دڪان ڳوليندا ھئا. ڪي ملتان کان پوئتي موٽي بھاولپور ميڊيڪل ڪاليج سان ملحق وڪٽوريا اسپتال ۾ ھليا ويندا ھئا ۽ ڪنھن روزي، ريٽا، ميري، آگنس سان وارڊ ۾ ڪچھري ڪري ايڊريسون ڏئي وٺي ايندا ھئا. ملتان کانپوءِ ھنن جي منزل لاھور ھوندي ھئي. لاھور يونيورسٽيءَ يا ڪنھن ميڊيڪل ڪاليج ۾ سامان لاھڻ کانپوءِ پھريون تہ سنڌ جي روايتي عاشقن وانگر باليءَ جو علائقو پڇندا ھئا. پر ان وقت جون باليون بہ سياڻيون ھونديون ھيون اھي سمجهنديون ھيون تہ ھنن ۾ مير ۽ امير شاگرد گهٽ آھن، بس آھن تہ فقير عاشق سو باليون بہ ھنن کي لفٽ گهٽ ڪرائينديون ھيون. سو ھي رات جو ٻارھين وڳي فجي جي پاون سان ناشتو ڪندا ھئا ۽ ڪنھن ھوٽل جي ڀڳل ڪرسيءَ تي ويھي مجري جي ڇيرين ۽ گائڪا جو آواز پڙاڏي جي صورت ۾ ٻڌندا ھئا. ڇيرين جي ڇم ڇم سان ھنن جي دل ۾ بہ ڇم ڇم ٿيندي ھئي تہ باقي ٻہ ٽي سال آھن پوءِ ھنن وٽ بہ مال جام ھوندو ۽ ھو بہ ڪنھن ڪلاڪار مٿان نوٽ گهورڻ جي پوزيشن ۾ ھوندا. واپسي تي اچي ھي پنھنجي مايوسي ۽ احساس ڪمتري ختم ڪرڻ لاءِ ساحر لدھيانوي جي نظم چڪلي کي زور سان ڳائيندا ھئا ۽ انھن مجرن جي زينن ۽ اپسرائن جي سينن کي خيالن ۾ ئي محسوس ڪندا ھئا. لاھور ۾ ھنن جا ٻہ شوق عروج تي ھئا، پراڻا تاريخي فلسفي جا ڪتاب ۽ سفرنامہ ۽ پراڻيون جڳھيون ڏسڻ، پر اھي راجا انور جو ڪتاب ”جهوٽي روپ ڪي درشن“ ضرور وٺندا ھئا. ان ۾ ھن جي عشق جي خطن ۽ محبوبا سان گڏ گهاريل گهڙين جو ذڪر آ، لاھور يونيورسٽيءَ جو اھو سرخو جنھن مارڪسي معاشيات ۾ تعليم ورتي ان جي محبوبہ خود ماديت جي شڪار ٿي ۽ ھن وڃي c. s. s پاس سان شادي ڪئي ۽ چانڊڪا جا شاگرد اھڙي حادثي جو شڪار ٿيا ھئا ۽ ان دور جي ھڪ بھادر ڇوڪري جيڪا چانڊڪا جي شروعاتي ڏينھن ۾ ئي جين جي پينٽ پائي پستول پرس ۾ کڻي گهمندي ھئي ان وڃي c. s. s آفيسر سان شادي ڪئي ۽ ڊاڪٽري ڇڏي گهر وسايو.
سو ڳالھہ پئي ڪئي سون راجا انور جي ڪتاب ”جهوٽي روپ ڪي درشن“ جي اھو ڪتاب ڇوڪرن کي زندگي جون، معاشي ۽ مادي تلخيون سمجهائيندو ھو ۽ ھو ڪن شين ۾ تخيل کي پوئتي ڇڏي ماديت کي بہ اھميت ڏيندا ھئا. راجہ انور تہ پاڪستان ڇڏي جرمني ۽ ڪابل ھليو ويو، ھن جو الذوالفقار ٺاھڻ ۾ ھٿ ھيو. ھن جا شھيد مرتضيٰ ڀٽو ۽ سلام ﷲ عرف ٽيپو سان بہ اختلاف ٿيا ۽ اڄڪلھہ پنھنجون سياسي ڪھاڻيون (جيو ٽي وي) تي ٻڌائيندي نظر ايندو آھي. ٻيو شوق ھنن جو تاريخي عمارتن ڏسڻ جو ھوندو ھو. شالا مار باغ کان شاھي قلعي تائين، مغلن جي مقبرن کان بادشاھي مسجد تائين ھي سر سر گهمندا ۽ جاچيندا ھئا ۽ شام جو ٿڪجي ٽٽي مال روڊ جي ڪنھن ڪنڊ تي بيھي، قيمتي ڪارن ۾ گهمندڙ مھانگين ماڊلن کي چتائي ڏسندا ھئا. اتي بہ ھنن وٽ ماديت جا فلسفا جنم وٺندا ھئا ۽ ھنن ۾ ڏوڪڙ ڪمائي پھرئين ڪار وٺي ان ۾ محبوب کي گهمائڻ جو چاھ جنم وٺندو ھو. لاھور ۾ ھي خريداري گهٽ ڪندا ھئا ڪي شروع ۾ ئي رنگيلي، مصطفيٰ قريشي، انجمن، راڻي، بابرا شريف ۽ سنگيتا سان ملڻ جو پروگرام ٺاھي ايندا ھئا. ان لاءِ جٿن جي صورت ۾ النوريا ايورنيو اسٽوڊيو ۾ ڊائريڪٽرن کي منٿ ميڙ ڪري فلمن جي شوٽنگ سامھون ڏسندا ھئا ۽ اتي جا ٻڌل ڊائلاگ سڄو سفر ورجائيندا ھئا مثلا ”ڪتھي رھ گيا سوڻيا””مين تينون نھين چھڊان گا“ لوڪ ورثہ، عجائب گهر، چڙيا گهر، قذافي اسٽيڊيم، مطلب تہ ڪا سئنيما ڪولسيءَ جو دڪان ھنن جي نظر کان نہ بچندو ھو. لاھوري کاڌا، ڪڙھايون، تڪا، ڪباب، قورمه، سوسون ڪري کائيندا ھئا جڏھن وات سڙندو ھُيَن تہ چوندا ھئا اباڙي ھنن ۾ تہ مرچ گهڻا آھن ڪي مذھبي مسلڪ جا ھندو، مسلمان ننڪانہ صاحب جي بسين ۾ چڙھي گرونانڪ جي حاضري ڀري ايندا ھئا.
ھنن ۾ مذھبي جايون ڏسڻ جو شوق جنون جي حد تائين ھوندو ھو ۽ ھي لاھور ۾ پگوڊا، سيني گاگ ۽ گرد وارا پڇائيندا ئي رھندا ھئا. باقي گرجائن جي بئنچن تي ھو پنھنجي شھرن ۾ ئي ويھندا ھئا، ڪن کي تہ لاھور جون رنگينيون ۽ روشنيون اداس ڪري وجهنديون ھيون ۽ ھو ڪنھن سنڌي صوفي سائينءَ جي قبر يا مادھولال حسين جي مزار تي وڃي ڪنھن لٽيل عاشق کان فيض جي شاعري ٻڌندا ھئا. ڪي تہ وارث شاھ وٽ ھير ٻڌڻ لئہ درد جي ماريل ماڻھن جي اڌ رات جو آلاپيل ھير اصلي روپ، آواز، سوز ۽ ماحول ۾ ٻڌندا ھئا. ڪي تہ جهنگ ھليا ويندا ھئا ۽ اتي سلطان باھوءَ جي مزار جي چوگان ويھي ”نفس امارہ ۽ ڪاري گلر“ قطعن کان وٺي.
”چڙھ چنان تي ڪر روشنائي
ذڪر ڪريندي تاري”
وارو منظر آڪاش ۾ ڏسندا ھئا ۽ جڏھن ڪتيون ڪر موڙيندي ٽئي ٽيڙو اڀارينديون ھيون تہ ھي سمجهي ويندا ھئا تہ ھاڻي کين ھلڻ گهرجي ۽ جڏھن:
”شل نہ مسافر ھوئي ڪوئي
ڪک بھي جنان تي بھاري”

وارو آلاپ ٻڌندا ھئا تہ ھي بس اسٽاپ تي بيھي جهونگاريندا ھئا.
”تاڙي مارڪي اڏار نہ باھو
اسين آپي اڏڻ ھاري”
ان دور ۾ اتان جون شاگرد تنظيمون ۽ ادارا شاگردن کي وڏو مان ڏيندا ھئا ۽ ھروڀرو بہ تعصب پسندي يا نسل پرستي نظر نہ ايندي ھئي. لاھور جي ويگنن ۾ لاھورين وانگر لڙڪندڙ ھي لاڙڪاڻي جا ڇوڪرا جتي چڱي مائي ڏسندا ھئا اتي لھي پوندا ھئا. پر جڏھن گنگارام ياميو اسپتال، شيخ زيد يا لاھور جنرل اسپتال ۾ ويندا ھئا تہ اتي ھو پنھنجي تاڙڻ واري عادت کي پوئتي ڇڏي ايندا ھئا ۽ پنھنجي اداري جي ساک برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا شل نہ ڪنھن وارڊ جي سيمينار روم ۾ ڪو شاگردن کي پڙھائيندي نظر اچي. استاد کي ايلاز منٿون ڪري سيمينار ائين وٺندا ھئا ڄڻ تہ رجسٽرار آھن ئي اتان جا، گلبرگ جي گهٽين ۽ نھرتي گهمڻ ۾ مزو تہ ھنن کي ايندو ھو. مگر راجا رنجيت سنگهه جي دور جا ڪجهہ ٺيٺ قسم جا ڪاٺ جا ٺھيل گهر ھنن کي پاڻ ڏي ڇڪي وٺندا ھئا. ھو انھن ۾ ان دور جو فن ۽ ڏاھپ، ڪاريگري ۽ ڪمال، آرٽ ضرور جاچيندا ھئا ۽ جڏھن ديودار ۽ ديال جي درن مان ھنن کي ساڳ ۽ صندل جي خوشبو نہ ايندي ھئي تہ پوءِ ھو شڪارپور ۽ روھڙي، سکر سيوھڻ، ڪراچي ۽حيدرآباد ۾ ٺھيل ھندن جي حويلين کي ساري فخر سان چوندا ھئا تہ ڪاريگري ۽ ڪمال تہ اسان وٽ آھي ھنن وٽ بس گهر ئي آھن.
ھو بہ چاھيندا ھئا تہ ھنن جو ھائيجن ٽوئر بسنت کان شروع ٿئي ۽ ھو ڳاڙھا پيلا روا ڳچين ۾ وجهي ڪنھن جڳھہ جي ڇت تي چڙھي، عارف لوھار جي جگنيءَ جي ڌن تي چمٽي جيان ڄنگهون ھڻن ۽ ڀنگڙو ڳائن پر ھنن جي آرزو ڪڏھن بہ پوري نہ ٿي تہ ھو لغڙ ڪاٽا ڪرائي عشق جا پيچ مضبوط ڪن، ڇو جو ھائيجن ٽوئر ھميشہ بھار کانپوءِ ئي شروع ٿيندو ھو ۽ لاھور جي رستن تي لڳل بيلن جا بي خوشبو گل ھنن جي اچڻ کان اڳ ئي پنھنجي مستي وڃائي ويھندا ھئا. واگها بارڊر تي وڃڻ بلڪل نہ وساريندا ھئا ۽ اتي بارڊر جي لڪير کي دلين جي لڪير سمجهندا ھئا. ھنن جي حتي الامڪان ڪوشش ھوندي ھئي تہ امرتسر جي گولڊن ٽئمپل ۾ وزٽ ويزا تي وڃي گرنٿ پڙھن ۽ پوءِ ڪنھن سک ڳوٺاڻي جي زمين تي وڃي ڪنھن ڊگهن وارن واري ڪڙي پنجاپڻ ھٿان ٺوٺ جيترو لسيءَ جو گلاس پي موٽي اچن. پر ان وقت ويزا جون پابنديون ڏاڍيون سخت ھيون، ڪي ھندو شاگرد پنھنجي مائٽن وٽ دھلي، بمبئي، انڊور ۽ الھاس نگر، بئنگلور ۽ جئہ پور ڏسي ايندا ھئا ۽ ھو جڏھن گوا جي سيڪسي ڪلچر جون ڳالھيون ڪندا ھئا تہ ڪن شاگردن ۾ تہ گوا وڃي اتي سيٽ ٿيڻ جو شوق جاڳندو ھو.
واگها بارڊر تي جڏھن ڪلف لڳل ترن وارا سپاھي، پنھنجي چست لباس، وڏي رڙ ۽ ڌماڪي سان پيرن کي زمين تي ھڻندا ھئا تہ ھنن کي انگريزي دور جي رھجي ويل ڪنٽومنٽ ڪلچر جي ھڪ جهلڪ نظر ايندي ھئي ۽ ھو سپاھين جي سختيءَ مان سمجهي ويندا ھئا تہ برصغير جا سورما ڪيئن جرئت سان وڙھيا ھوندا. ھنن کي ڀڳت سنگهہ، ھيمون ڪالاڻي، سڀاش چندر بوس، روپلو ڪولھي، مسلمان سپاھي، سانگهڙ جا حر ۽ انھن انقلابين جو اڳواڻ شھيد پيرپاڳارو ياد ايندو ھو. ان وقت ئي انھن جي ذھنن تي جنگ پلاسيءَ کان غدر تائين، جڙيانواله باغ کان جنرل ڊار تائين سڀ تري ايندا ھئا. ورھاڱي جي ڪوس ۾ لڏپلاڻ جون ڪھاڻيون برصغير جي سڄي ڪلچر ۾ موجود آھن. ھي جڏھن مينار پاڪستان ڏسندا ھئا تہ ان وقت جي پڙھيل لکيل ليڊرن کي ضرور ساريندا ھئا. اتي جي ماڻھن سان بحث ۾ ھو پاڻ کي وڏو پاڪستاني ظاھر ڪندا ھئا ۽ چوندا ھئا تہ جناح صاحب جهرڪ جو ھجي يا ڪراچي جو ھو تہ سنڌي ۽ آخر ۾ داتا جي درٻار تان دعا گهري پنڊيءَ طرف روانو ٿيندا ھئا.
لاھور کان پنڊيءَ طرف ريل سست رفتاريءَ سان ھلي ٿي ان لاءِ برٿن تي وڃي آرامي ٿيندا ھئا. ان سفر ۾ آرام ئي ڪرڻو ھوندو ھئن ھو نہ گجرات نہ گجرانواله نہ جھلم نہ لالا موسيٰ نہ وزيرآباد نہ وري ڪو ٻيو شھر پسند ڪندا ھئا. پر ھنن کي ڪلر ڪھار جي فطرتي زندگي ڏسڻ جو شوق ھوندو ھو. ان وقت موٽروي نہ ٺھيو هو ان لاءِ ڪلر ڪھار واري علائقي ڏي وڃڻ گهٽ ٿيندو ھو. البتہ چڪوال جون ريوڙيون اسٽيشن تي وٺي ئي کائيندا ھئا. جيڪو شاگرد دري واري سيٽ تي ويٺو ان جي نظر نارنگين جي باغن مان نڪرندي ئي نہ ھئي. پنڊيءَ ۾ لھڻ کانپوءِ ڪنھن ميڊيڪل ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ پڙاءُ ڪندا ھئا. ھتان ھنن جو پاڪستان جي ٿڌن علائقن ڏي وڃڻ جو شوق زور وٺندو ھو. ھو اسلام آباد ۽ پنڊيءَ جي سير تفريح ۾ ڪو ڌيان نہ ڏيندا ھئا. البتہ ايوب پارڪ، شڪر پڙيان، فيصل مسجد ۽ اسلام آباد جا فائيو اسٽارهوٽل ھنن جي وزٽ ۾ شامل ھوندا ھئا. ھتي بوبڪ جي شاگردن کي ڀنگ بہ بي تحاشه ڏسڻ ۾ ايندي ھئي. پر اڪثر شاگرد چنبيليءَ واري باغ ۾ کلندا ڪڏندا نظر ايندا ھئا. اسلام آباد جي رات واقعي ئي خوشبو واري رات آ، رات جي راڻين، چنبيلي ۽ موسمي گلن جي خوشبو اسلام آباد ۾ عجيب ھڳاءُ پيدا ڪري ٿي. سو ھي شور کان پاڪ اسلام آباد جي ويران رستن تي نڪري پوندا ھئا ۽ بنگلن جي اندر ڪھاڻين تي بحث ڪندا ھئا. انھن ڏينھن ۾ خفيہ طور بنگلن اندر ڪاڪ ٽيل پارٽيون ٿينديون ھيون ۽ سائونڊ پروف ڪمرن ۾ ڪنھن خفيہ مجري جو بہ انتظام ھوندو ھو. انھن ڏينھن ۾ اسلام آباد جا ايوان ويران ھئا. بس مجلس شوريٰ جي بادشاھي قسم جي اسيمبلي ھوندي ھئي. جيڪا پنھنجي آقا ئي احڪامن جو فرمان ڪنھن قرارداد جي صورت ۾ منظور ڪندي ھئي. سياسي سرگرميون نہ ھيون ان لاءِ ھنن جي بحثن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اسلام آباد جا سياسي بحث شامل نہ هوندا ها. اسلام آباد جي ماڻھن جو پنھنجو مزاج آ، سمجهہ ۾ نہ ايندو تہ ڪير ڪير آھي. 20 گريڊ جو آفيسر بہ گادي واري شھر ۾ بغير رشوت جي شھرن جي مختيارڪار کان گهٽ رعبدار لڳندو ھو.
بس رات جو گهمندڙ ڇوڪرن کي ڀولڙن جو ڀوءُ ٿيندو ھو جيڪي ھي شڪر پريان ۽ حضرت امام بري ءَ جي مزار تي ڏسي آيا ھئا. ھي بري بادشاھ جي درگاھ تي نورجھان وانگر دعا گهرندا ھئا تہ ”ميري کھوڻي قسمت ڪردي کھري“ بري سرڪار تي نياز جي کوٽ ناھي جيڪڏھن بغير ناشتي بہ وڃبو تہ رات تائين مانيءَ جي ضرورت نہ پوندي. جيسمين باغ ۾ گهمندي مون کي ٻہ ماءُ ڌيئر سنڌيءَ جھڙي ٻولي ڳالھائيندي نظر آيون. مون پڪ سان سمجهيو تہ ھي سکر يا شڪارپور جون مايون ھونديون جيڪي ھتي پنھنجي فيمليءَ سان گڏ رھنديون ھونديون ۽ ھنن جا مرد ڪنھن اداري ۾ نوڪري ڪندا ھوندا. سو مون بہ پڇا ڪئي سنڌي آھيو؟ مائيءَ واڇ کي زور ڏيندي چيو کيا؟ دل ۾ چيم تہ ھي نٽائن ٿيون تہ متان مان کين سڃاڻي نہ وٺان ڇو جو اسان سان شل نہ ڪو ملي. ضرور، بضرور ان جومائٽ يا ڪو دوست اسان جو واقف ضرور ھوندو نہ تہ بہ چونداسون تہ اوھان جو نانو ۽ منھنجو نانو ريلوي ۾ گڏ ملازم ھئا. جي ريلوي جو ڌڪو نہ لڳندو تہ چونداسين تہ اوھان جو ڏاڏو ۽ منھنجو ڏاڏو ايريگيشن يا روينيو کاتي ۾ گڏ نوڪري ڪندا ھئا. اھا ڳل پوڻ واري عادت اسان ۾ پراڻي آھي. سو مان بہ ماين کي ڳل پوڻ شروع ڪيو. اردوءَ ۾ چيو مان ابھي آپ سندھي بول رھي تھين. انھن ٻڌايو تہ ھو ھندڪو ڳالھائين پيون ۽ اھا سنڌيءَ سان ڪافي ملندي آھي. پوٽوھار جي انھن ماين مون سان مختصر ڪچھري ڪئي. بروڪ شيلڊ جھڙي عظمه ايئر فورس ڪاليج ۾ پڙھندي آھي ۽ ان جي مڱڻي انگلينڊ ۾ ٿي آھي. سال کن ۾ ھلي ويندي. ان جي ماءُ چيو تہ پوءِ مان ۽ ھن جو فوجي والد بہ انگلينڊ سيٽ ٿينداسين. مون انھن ماين کان ائڊريس وٺڻ ۽ ڊيگهہ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪيو. ڇو جو اتي فلم جي ڪھاڻي end تي پھتل ھئي.
پنڊيءَ ۽ اسلام آباد جي ڀرسان لڳل جمعہ بازارين مان ھي سينيئرن جي چوڻ تي عمل ڪندي ضرورت مطابق گرم ڪپڙا جين ۽ جوگر وٺندا ھئا. ڇو جو ھنن ۾ سرديءَ جي سٽ سھڻ جي قوت گهٽ ھئي ۽ پوءِ ھي چيٽرجي ۽ گائٽن ڪڍي مٿانھن جڳھن تي آڪسيجن جي ڪميءَ جا اثر پڙھڻ شروع ڪندا ھئا ۽ ان ڳالھہ جو پورو خيال ڪندا ھئا تہ شروعاتي ڏينھن مري، ڀورڀن نٿيا ڳلي ۾ گذارن سو پھريان ڏينھن تہ ھي مري اسلام آباد مان آئوٽ بيڪ ڪندا ھئا ۽ گرميءَ جا وٿڊرال اثر ھت ئي ختم ڪري مانسھره ۽ سوات نڪرڻ جون تياريون ڪندا ھئا. مريءَ ۾ انھن ڏينھن ۾ رش ھوندي ھئي ڇو جو تقريبن پوري ملڪ جا سياح مري ايندا ھئا. مري ويجهو ۽ سستو بہ ھوندو ھو. . پر اڳتي سواري ۽ ريسٽ ھائوس ايترا سستا نہ ھئا مريءَ ۾ بس ھل اسٽيشن جي فارملٽي پوري ڪندا ھئا. ڪڏھن پنڊي پوائنٽ ۽ ڪشمير پوائنٽ تي اڪيلا ويھي انھن وادين جي حسن ۽ فطرت جي رنگ کي جاچي ڏسندا ھئا ۽ پوءِ ڪي ڪي کاھوڙي قسم جا ڇوڪرا وادين ۾ لھي ويند اھئا، ھنن کي ڳوٺاڻي زندگيءَ جا ڏک ۽ سور ساڳي انداز ۾ ملندا ھئا ڪنھن ننڍڙي پھاڙي قسم جي جهوپڙيءَ ۾ ڪجهہندڙ پوڙھو، ڪنھن اڌيڙ عمر جي پٺ تي ڪاٺين جي ڀري، ڪنھن دوشيزه جي چلھہ ٻارڻ لاءِ مسلسل ڦوڪون ۽ سڄيل اکيون اڱڻ ۾ گهمندڙ اڌ اگهاڙا ٻارڙا، ۽ انھن جي ھٿن ۾ سڪل ڍوڍا ۽ ڪنھن ننڍڙي پھاڙي ميدان ۾ ليلڙن ۽ گهيٽڙن سان ٻارن جون رانديون، زندگيءَ جو ھي عجيب دکدائڪ روٽين ۽ مک تي اطمينان، انھن وٽ ڪنھن حسين اجائي مستقبل جي اميد تہ ھوندي ئي ڪا نہ ھئي. پر ھو شايد فطرت جي ارتقا جي سست رويءَ جي عمل ۾ ecological balance جو حصو ھئا. ڇو جو زندگيءَ جي تڪڙي ترقي تباھيءَ جي طرف وڌڻ آ. ھو زندگيءَ جي ان چرخيءَ ۾ بس پاڻ ئي ڦرندا نظر ايندا ھئا ۽ جڏھن بارش ڪنھن طوفان جيان اچي ڪڙڪندي ھئي تہ ھي بي تياريءَ جوان ھڪ ڇٽيءَ ھيٺان ڇھہ ڇھہ لڪندا ھئا ۽ پوءِ انھن جهوپڙين مان ڪو جهور پوڙھو اچي پناھ ڏيندو ھو ۽ جڏھن ھنن جا سيءَ ۾ ڏڪندڙ ڏند واڄٽ بند نہ ڪندا ھئا تہ پوءِ ڪا چنچل ڇوڪري ھنن تي ڪھل کائي سليماني چانھہ ۽ ڳڙ جون ڳنڍڙيون ھنن اڳيان رکندي ھئي تہ ھنن جاٿڪ لھي پوندا ھئا. بارش جڏھن دنگ ڪندي ھئي تہ ھي ھلڻ جي ڪندا ھئا. ان دوشيزہ سان ملايل نظرون ۽ اشارن جون خاموش ڪھاڻيون ھنن جي حيات جون سندر ساروڻيون ئي رھجي وينديون ھيون. ديودار جي گهاٽن وڻن ھيٺان گهمندي ھنن کي انھن وادين ۾ ذرو بہ خوف نہ ھوندو ھو. ڇو جو ھو بنيادي طور بھادر ھئا ۽ ھونڇان ڏيندا نڪ ڳاڙيندا، کون کون ڪندا اچي پنھنجي ماڳ ورندا ھئا. ڀورڀن جي پرل ڪانٽيننٽل ۾ رھڻ جيترا پئسا تہ ھنن وٽ ڪو نہ ھوندا ھئا. سو آمريڪي سسٽم تحت چندو ڪري p. c ۾ چانہ پيئندا ھئا ۽ پوءِ ڳوٺ اچي ان p. c جي ڊائننگ ھال ۽ رومن ۾ رھيل راتين جون ھٿ ٺوڪيون ڪھاڻيون پنھنجي علائقي جي يارن کي ٻڌائيندا ھئا.
مريءَ جون مستيون ھنن کي الائي ڇو نہ ڀانءِ ھيون. بس ھو اڳتي وڌڻ لئہ بي تاب ھوندا ھئا. ھنن کي ڪافرستان ۽ ڪيلاش جي پرين جون ڪھاڻيون پريشان ڪنديون ھيون ھو حتي الامڪان ڪوشش ڪندا ھئا ھتان جلد کان جلد نڪرن، ڪاغان، ناران، سوات ۽ جهيل سيف الملوڪ ھنن جا اڳيان ٺڪاڻا ھئا. ھو آبشارن ۽ چشمن ڏسڻ لئہ بي تاب رھندا ھئا. ھو مانسھرا تائين بسين ۾ وڃي ڪنھن پھاڙي چشمي يا پرشور وھندڙ نديءَ جي ڪناري ٺھيل ڪنھن قھوہ خاني يا ٺيٺ قبائلي قسم جي ھوٽل ۾ ويھي چانھہ پي ھوٽل ۾ ويھي چنچل قسم جون شرارتون ھنن جا ارمان ھئا. ان لاءِ ايبٽ آباد جي ايوب ميڊيڪل ڪاليج گهمڻ ۾ ڪا خاص دلچسپي ڪا نہ ھوندي ھئن ھو اڪثر گروپن ۽ ٽولن جي صورت ۾ جيپون ڪرائي اڳتي نڪري ويندا ھئا. انھن پربتن جي ڏکين پيچرن تي جڏھن جيپون، بس اونھي کاھيءَ مان ڪرندي ڪرندي بچنديون ھيون تہ پوءِ ھنن کي شاھ پنجو ۽ پير سرڪٽيو ياد ايندا ھئا ۽ دل ئي دل ۾ باسون باسي خير سان موٽڻ جون دعائون گهرندا ھئا. ڪي تہ اکيون بند ڪري ﷲ صمد جو ورد پڙھندا ھئا انھن ۾ ڪميونسٽن جو بہ خاصو تعداد ھوندو ھو. انھن ڏورانھن علائقن ۾ گروپن ۾ ويندڙ جٿن کان علاوہ شھرن جون پوش فيمليون بہ لٿل ھونديون ھيون. ھي ڪنھن رونق واري پڪنڪ پوائنٽ تي لڏو لاھيندا ھئا. تنور جي ڊگهي ماني ۽ گوشت جو شورمو ھنن جو پسنديدہ کاڌو ھو. اتي ھنن مان موسم جي سردي گم ٿي ويندي ھئي ۽ عشق جي گرمي چڙھندي ھئن ۽ ھي نديءَ جي ننڍڙي پاڻيءَ ۾ ٺھيل بئنچن تي ويھي يخ ٿڌي پاڻيءَ ۾ پير پسائي ھنبوشيون ھڻندا ھئا. ھنن جي خاص نظر ھني مون ملھائڻ لئہ آيل جوڙن جي اٿڻي ويھڻي تي ھوندي ھئي. مھنديءَ ۾ رتل ڪنوار نئين گهوٽ جي اڳيان جڏھن شرمائي چانھہ جي سرڪي وٺندي ھئي تہ ھي ٿڌا ساھ ڀريندا ھئا ۽ جڏھن اھا ڪنوار ننڍڙي پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ جي ايڪٽنگ ڪندي ڪنھن پٿر تان ھرڀرو ترڪندي گهوٽ جي گود ۾ ڪرندي ھئي تہ ھنن کي پنھنجون مڱينديون ياد اينديون ھيون تہ ڪڏھن ھنن ھوٽلن تي اچي ھو زندگي جو مزو وٺندا. جنھن جون مڱينديون موچاريون ھونديون ھيون انھن وٽ سگريٽن جي ڊگهن ڪشن ۾ مائٽن سان بغاوت جو خيال اچي ويندو ھو.
”ش“ ھوندو تہ سانورو ۽ پرڪشش ھو مگر شاديءَ شده ھو ۽ ھن کي روايتي سنڌي ڀاءُ وانگر ٻي شادي ڪرڻ جو شوق ھو. ھن کي پڪ ھوندي ھئي تہ ھن کي ماءُ جي دعا ضرور لڳندي ۽ پنھل وانگر ڪا بر ۾ ڪنوار ملندس، سو ان آسري تي ھن مٺو شيديءَ کان پکين جون ٻوليون ۽ وات سان ساز وڄائڻ سکيا تہ متان ڪا منھن جي فن تي موھجي پوي. ۽ ائين ئي ھن جي نظر سوات جي ھڪڙي ھوٽل تي ڊمپل واري پريٽي زنٽا جھڙي ڇوڪريءَ تي پئي. سنڌ جي ٻھراڙين ۾ رھندي ھنن ۾ اوڙي پاڙي جي خبر چار وٺڻ واري عادت ھوندي آ سو جنھن فيمليءَ تي پنھنجي تاڙ جو سيٽلائيٽ فٽ ڪندا ھئا انھن جي نوڪرن چاڪرن يا ڊرائيورن کان انھن جي اڳئين منزل پڄندا ھئا. جيئن پنھنجو پروگرام بہ انھن وانگر ڪرڻ ۽ ٻہ ٽي دفعا جي اتفاقي اکين ملڻ جو اھتمام ڪيو وڃي تہ پوءِ ڪا ڳالھ ٺھڻ جي اميد ھوندي ھئي. انھن ننڍڙن ننڍڙن ھوٽلن جي مالڪن بہ ڪراچيءَ جي فائيو اسٽار جي فيشن وانگر اتان جا لوڪل فنڪار ويھاريا ھئا جيڪي بانسري، دنبورو، سرندو يا چنگ وڄائندا ۽ اھي ٻھراڙيءَ جا عوامي فنڪار انھن شاھوڪارن جي اڳيان پنھنجو غم سازن جي پيٽ ۾ نپوڙي لاھي ان مان ڪا مڌر ڌن ڪڍن. سو ”ش“ کي خبر پئي تہ اھا ڊمپل واري ڇوڪريءَ جي فيملي اڄ شام ئي وڃڻ واري آھي سو”ش“ پنھنجي فن کي استعمال ڪيو ۽ ھن بانسري وڄائيندڙ ان راڳي کي سڀني سامھون چيو تہ مان وڄائيندس. پوءِ ھن بانسريءَ کي پنھنجي درد جي سحر ۾ لاٿو ۽ بانسري مست ٿي وڄڻ لڳي. واديءَ ۾ سڀ سانت ٿي ويا فقط نديءَ جو شور، اھا ڌن عجيب ھئي جنھن ۾ واديءَ جي ڪنھن ڏاڙھون جي گلن واري رنگ جھڙي ڇوڪريءَ جي چوٽيءَ جي لوڏڻ ۽ پيرن سان مست ٿي نچڻ جو خيال نہ ھو. نہ ئي ان ڌن ۾ ڪا برف جي طوفان ۾ ڦاٿل ان رڍن جي ڌڻ جي ھئي جنھن جي ڌنار پنھنجي جان بچائڻ کان وڌ رڍن کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ ھئي ان ڌن ۾ پھاڙن جيان غم رکندڙ مائرون پنھنجن ٻچڙن جا غم سيني مان ڪڍي انھن پرشور ندين ۾ وھائڻ لئہ تيار ھيون.
اھا پراسرار ڌن ان ڊمپل جھڙي ڇوڪريءَ کي ڏاڍي وڻي ۽ وڌي اچي پڇينس تہ تون ڇا پئي ڳايو. ھو ڀڻڪيو تہ مان پيو چوان تہ ”پيرين پوندي سانءِ، چوندي سانءِ رھي وڃ رات ڀنڀور ۾”
۽ پوءِ اھا فيملي ان جٿي سان رات رھڻ لئہ تيار ٿي ۽ ھن علاو الدين وانگر سڀني کي حيران ڪيو. علاوالدين چانڊڪا جو ڇوڪرو ھو ھو تاج پور واري نانگن جي بادشاھ نواب لغاريءَ جو شاگرد ھو. اڪثر ھڪ اڌ نانگ ان جي کيسي ۾ ھوندو ھو ۽ جڏھن ھو ڏاڪڻ تان ڇوڪرن سان گسي لنگهندو ھو تہ اھو ڪونئرو نانگ جڏھن ڇوڪرن کي لڳندو ھو تہ ٽپو کائي الاڙي نانگ آ چئي ڀڄي ويندا ھئا ۽ علاوالدين کيسي مان نانگ ڪڍي ڳچيءَ ۾ وجهي ائين گهمندو ھو ڄڻ ڪنھن ڳچيءَ ۾ لاڪيٽ پاتو آ.
ھن ”ش“ وٽ تہ نانگ ڪو نہ ھئا پر جڏھن ھن بغير ساز جي وات مان الغوزہ، چنگ ۽ بانسري وڄائي تہ اھا ڊمپل واري ڇوڪري حيران رھجي وئي. پوءِ جيستائين ھي جٿو وادين ۾ ھو اھا فيملي ھنن سان ساڻ ھئي ۽ ان سفر جون يادون ساري ”ش“ ھميشہ لاءِ ماءُ جي دعا جي اثر ھيٺ بغير ڪنوار جي ئي گهوٽ رھيو.
انھن سرد سفرن جون گرم ڪھاڻيون ھائجن ٽوئر جون خاص ڳالھيون ھيون. ڪي ڇوڪرا تہ مقامي دوستن سان اڳي ھليا ويندا ھئا. قبائلي علائقن اتر وزيرستان، فاٽا ان دور ۾ شاھراھ قراقرم ايڏو فعال نہ ھو ڪي شاگرد ھوائي سفر ذريعي، گلگت، اسڪردو، چترال بہ ھليا ويندا ھئا ۽ ڪي تہ ڏورانھن علائقن ۾ ڀشڪن سان ملي. مھاتما گوتم ٻڌ کي پڙھندا ھئا. انھن اترئين علائقن ۾ اسماعيلي فرقي جو گهڻو اثر آھي. سو ڇوڪرا اتي مذھبي معاملن ۾ گهٽ حصو وٺندا ھئا تہ متان ايمان ڪچو نہ ٿي پوين. ڪافي ڇوڪرا ڪشمير طرف بہ ھليا ويندا هئا. مظفر آباد کان اڳتي سري نگر جي بارڊر تي نڪري ويندا ھئا ۽ خاص طور تي سرينگر جون سلڪ واريون شالون وٺندا ھئا. ڪشمير جون واديون ڏسي ھنن کي ھندستاني فلمن ۾ شملي ۾ ڀريل سين ياد ايندا ھئا مگر ھي وادين ۾ زيبا بختيار جھڙي ”حنا“ جھڙي ڇوڪري رڍن جي ڌڻن سان گڏ ڳوليندا ھئا. صفا عاشق قسم جا ڇوڪرا ڍنڍ سيف الملوڪ تائين ھليا ويندا ھئا ۽ وادين جي پڙاڏن ۾ پنھنجي ٻوليءَ ۾ محبوبا جو نالو زور سان پڪاريندا ھئا جيڪو روايتاً ٽي دفعا تہ ھنن کي پڙاڏي جي صورت ۾ ملندو ھو پر ھنن جو اميدون اڌوريون ئي رھجي ويون.
ھنن جي وڏي ۾ وڏي آرزو تڏھن پوري ٿيندي ھئي جڏھن ھو وادي ڪافرستان ۾ ڪيلاش ماڻھن جي ڪنھن شادي ۾ اچانڪ پھچي ويندا ھئا ۽ جمالي جي طرز جو اھو پھاڙي رقص ھنن لاءِ بہ ڪشش رکندو ھو تہ اتي مايون بہ اوتريون ھونديون ھيون جيترا مرد.
پاره چنار جي عالمن جي درس کان وٺي ھي مٿي خچرن تي چڙھي بہ ويندا ھئا. در خنجراب کان ڪي تہ اڳتي افغانستان بہ نڪري ويندا ھئا ان دور ۾ پاڪ افغان بارڊر کليل ھو ڇو جو مجاھدين روسي فوجن سان مھاڏو اٽڪايو ھو. ان سفر جي آخري منزل پشاور ھئي جتي سڀ گڏ ٿي باڙا مارڪيٽ مان، ڊنر سيٽ، واٽر سيٽ جوسر، ڪپڙا، استريون ائير ڪنڊيشنيون بہ وٺندا ھئا. ڪي قصه خواني بازار مان ڪڙھائي کائي اسلاميه ڪاليج جي سير کي ترجيح ڏيندا باقي ڪجهہ ڇوڪرا ننڍا، وڏا ھٿيار، پستول، ريوالور بہ وٺندا ھئا. ڪجهہ تہ بندوقون بہ بسترن ۾ لڪائي ايندا ھئا ۽ ائين پشاور مان ريل جو سفر شروع ڪري، موھن جي دڙي ايڪسپريس ۾ اچي لاڙڪاڻي کان سيوھڻ، حيدرآباد کان ڪراچيءَ تائين پنھنجن پنھنجن ماڳن تي لھي پوندا ھئا.
ڪڏھن ڪڏھن اھو ھائجن ٽوئر بلوچستان واري علائقي کان بہ شروع ٿيندو ھو. بولان لڪ جي نالي بولان ميل چانڊڪا جي پسنديدہ ٽرين ھئي ۽ جڏھن سيوھڻ ۽ سيتا کان چڙھندڙ چانڊڪا جي ڇوڪرن لئہ پٺاڻ در نہ کوليندا ھئا تہ انھيءَ ميل ۾ ڪي دنگا فساد بہ ٿيا. سو بولان ميل جڏھن لاڙڪاڻي اسٽيشن تي آخري وسل ڏيندي ھئي تہ پوءِ چانڊڪا جي ڇوڪرن جي ڄڻ مشڪريءَ جي راند شروع ٿيندي. اڙي خيال ڪجانءِ تون ٿورو سھڻو آھين پٺاڻ ڀائين کان خيال ڪجانءِ. اڙي تون تہ مڻ کڻ نسوار وٺي ميھڙ ۾ مائي جي دڪان تي مائي ۾ ملائي ماڻھن کي کارائجانءِ گراھڪي ڪاڏي نہ وئي ٿي. اڙي تون تہ پٺاڻ جي گيتلي وانگر منھن ڪيون ويٺو آن سو بولان جي سفر ۾ مثال ۽ لطيفا پٺاڻن تي ھوندا ھئا جيڪي نہ ٿا لکي سگهجن ۽ جڏھن ريل رڪ اسٽيشن تان گذرندي ھئي تہ سنڌو ديس جي ڌرتيءَ تي سيس نوائڻ وارا ڀڳت ڪنورام جي شھادت واري جاءِ پنھنجو سرُ نوائي ھلندا ھئا. صوفين جي شھادت ھڪ ئي درجي ۾ ھئي اھا حضرت عنايت شھيد جي ھئي يا منصور جي، مخدوم بلاول جي ھئي يا سرمد جي سفر جو اھو سوگوار عرصو ھنن کي ڪافي پري وٺي ويندو ھو ۽ ڪنھن خاموش سيٽ تان آلاپ اٿندو ھو.
ڪيئن ريجهايان توکي ڪيئن پرچايان
۽ صوفي ڀڳت ڪنور جو روح ھنن کي رڪ اسٽيشن جي ڀرسان بيٺل نم جي گهاٽن وڻن جي ويڪرن ٿڙن جي ڀرسان الوداع چوندو ھو ۽ پوءِ ھو رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال جي ڇولين ۾ موهيل ماڻھن جا ڏيئا ڏسندا ھئا جيڪي جگنوءَ جي جوت وانگر ٻري نہ وسامندا ھئا پر ٻرندا ئي نظر ايندا ھئا ۽ اسٽيشن جي سناٽي ۾ ھنن کي ڇير تي ڀڳتي انداز ۾ ڪو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو ھو تہ
نالي الک جي ٻيڙو تار منھنجو
۽ ھي اسٽيشن جي ان لوھ جي ريل کي اھو بجرو سمجهندا ھئا جنھن جي خيريت جي دعا ھنن جي تحت الشعور ۾ ڀڳت رام جي آواز م ٻڌڻ ۾ ايندي ھئي. ھي شڪارپور جي مائي ۽ مٺائي ۽ قلفيءَ کان وڌيڪ سانولي بڙديءَ تي بحث ڪندا ھئا جنھن کي انگريزن ڦورو ڄاڻائي ڦاھي ڏني ھئي. ھي آر. بي. يو. ٽي اسپتال جي افتتاح ڪندڙ ايڇ. ٽي. سورلي تي نہ ڳالھائيندا پر راءِ بھادر اوڌراس تاراچند جي ان ڳالھہ تي ڳالھائيندا ھئا تہ ان وقت 1935ع ۾ ھڪ لک چندو ڏنو. جڏھن نہ ھيروئن کپندي ھئي نہ وري ٺيڪن تي ايڏي ڪميشن ھئي پر اھا ديوان جي دل ھئي. ۽ آخر ۾ بہ ھو بمبئيءَ ۾ ان اسپتال لئہ فنڊ جمع ڪندي ديھانت ڪري ويو. گهڻن جي تہ اھا دل ۾ خواھش ھئي تہ انھن جو نالو بہ ڊاڪٽر غلام محمد اعواڻ يا ڊاڪٽر حيدر پٺاڻ وانگر ان اسپتال جي بورڊ تي لکجي.
شڪارپور اسٽيشن تي ڇوڪرا پنھنجي مائٽن کي چوندا ھئا تہ اسٽيشن تي ڪجهہ نہ ڪجهہ ضرور ڏئي وڃجو. ھونئن بہ اسان آرڊر ڏيڻ ۾بدنام آھيون جي چانہ دير ڪندي آ تہ چوندا آھن تہ اڙي شڪارپوري چانھہ نہ چئي اٿئي.
گاڏي جڏھن جان جيڪب آباد جو شھر ڇڏيندي ھئي تہ ھو بلوچستان جي گهڻي زمين ۽ گهٽ آباديءَ واري خيال ۾ کوئجي ويندا ھئا ۽ گهڻا مرين ۽ کوسن بلوچن ۽ ڄاموٽن جون انگريزن خلاف مزاحمت جون ڪھاڻيون ٻڌائيندا ھئا. ڪي ليڊر تہ مچ ۾ اک بند ڪري ويھندا ھئا تہ متان مستقبل ۾ مچ جيل جي ياترا نہ نصيب ٿئي پر ھڪ ڳالھہ چانڊڪا جي ڇوڪرن ۾ ضرور ھئي تہ ھو ڏاڍا ڊسپلينڊ ھئا ۽ انھن ۾ برڪن ھيڊ ڊرل کان بہ وڌيڪ ڊسيپلين هو، برڪن هيڊ جهاز ۾ تہ جوان سپاھي ڪنھن ڪمانڊر جي حڪم تحت آرڊر ۾ آيا پر ھي تہ بغير ڪمانڊ جي بہ ٽرين ۾ پوڙھن ۽ ٻارڙن کي اڳ موقع ڏيندا ھئا ۽ پاڻ قطار ڪري بيھندا ھئا ۽ ڪول پور اسٽيشن تي ھڪ ڇوڪري ڪمال ڪري ڏيکاريو. ٽرين مان ٿاٻڙجندڙ ھڪ پوڙھي کي پنھنجي پوري طاقت سان جان تي کيڏي ھڪ ھٿ سان پنھنجي دٻي ۾ ڇڪي ورتو.
ڪوئيٽا جي ٿڌ تہ ھنن کي ايڏو ڪونہ چيڙائيندي ھئي مگر ڪن کي 1935ع ۾ زلزلي ۾ فوت ٿيل پنھنجا مائٽ ياد ايندا ھئا ڇو جو ان وقت ۾ تمام گهڻا سنڌي ماڻھو ڪوئيٽا ۾ ڪاروبار ڪندا ھئا ۽ اھو افغانستان تائين شامل ھو خاص طور تي اناج، ڪپڙو، آچار وغيرہ.
بولان ميڊيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ڪنھن ھڪ جاءِ تي لڏو لاھڻ کان پوءِ ڪي حنا، ڪي اڙڪ ھليا ويندا ھئا تہ ڪي وري گلستان ۽ چمن جي بسين ۾ چڙھي افغانستان بارڊر تان سستي خريداري ڪري ايندا ھئا.
انھن ڏينھن ۾ چانڊڪا جا ڪئي ڇوڪرا تفتان بارڊر تان ايران مان مقدس ياترائون ڪري زوار بہ ٿيا تہ ڪي سيوھڻ مان فقيرن جي ٽولن سان گڏجي لاھوت لامڪان بہ ويا ۽ لاھوتي سڏيا ويا. ڪن تہ باقاعدہ حج بہ ڪيا، ڪي سرنديءَ وارا يورپ ۽ آمريڪا بہ گهمي آيا.
پر گهڻو تڻو شاگرد وزٽ ويزا تي ٿائيلنڊ ۽ ھانگ ڪانگ جو سير ڪري ڪينٽينن تي پتيا جي سيڪس فري بيچن جون ڪھاڻيون ٻڌائي ٻين جي وات ۾ مکيون وجهندا ھئا.
اوھان بہ سوچيندا ھوندئو تہ وات ۾ مکيون ڪيئن ٿيون پون سو انھن جو سنڌي داستان گوئن وارو اھڙو انداز ھو تہ ڇوڪرا ٿائيلينڊ جي چڪلن جون ڪھاڻيون وات پٽي ٻڌندا ھئا ۽ انھن کليل واتن ۾ مکيون هليون وڃڻ تہ فطرتي آھي.
حبيب ڀٽو تہ آدرشي ھو پر ھن کي ڇو سسئي ياد ايندي ھئي. سو سيوھڻ کان ھڪ دفعو لاھوتين جي لڏي سان ويو ۽ پوءِ الائي ڇو فقيراڻي لڏي کان متاثر ٿيو. پليجي صاحب جو پوئلڳ ڏاڍو سمارٽ ڇوڪرو ھوندو هو. ان جو مطالعو سٺو ۽ ڳالھ کي پيش ڪرڻ جي مھارت رکندو هو. مگر پوءِ scarification يا قربانيءَ جي ھڪ پيچيدہ مسئلي ۾ ڦاسي پيو. ھن جو سوال ھوندو ھو تہ آخر ڇا ڳالھ آھي جو ماڻھو پنھنجي ضرورتن کان بي نياز، پنھنجي سماج جي adaption جي فطرتي عمل کان پري ٿو ھليو وڃي، ڇا ھن جي ذھن ۾ ڪو قربانيءَ جو فيڪٽر آھي ڪو انسان جي اندر ان قربانيءَ جو جين آھي. ھن اشوڪا کان اڄ تائين يوناني ڏند ڪٿائن کان آفريڪا جي قبيلن تائين ماڻھوءَ جي سرنمائي جلاد کان سسي لھرائڻ جي پويان ڪھڙي ڪرامت ۽ ڪھڙو منطق آھي ھو ڄاڻندو ھو تہ حق ۽ باطل جي جنگ ۾ حضرت عيسيٰ ؑ کان وٺي حضرت امام حسين ؑ تائين تہ ڳالھ سمجهہ ۾ اچي ٿي پر عام ماڻھوءَ جو دنيا کي ترڪ ڪرڻ جو ڪھڙو منطق آھي. ڪنھن جو ديويءَ کي خوش ڪرڻ لئہ پنھنجو رت ڏيڻ جو ڪھڙو منطق آھي پوءِ ھو ساڳي ڳالھہ سماج جي جوڙ جڪ ۾ ڳولڻ لڳو تہ مفاد کي ڇڏڻ ۽ حاصل ڪرڻ ۾ ڀلا انسان جي ڪھڙي فطرتي جبلت يا لاڙو آھي.
سو ايتري قدر جو چانھہ پياريندڙ ۽ مفت جي چانھہ پيئندڙ شاگرد جي رويي تي ڳالھائيندو هو ۽ پوءِ ان منطق ۾ منجهي پيو ھن ان سوال جي جواب ڳولڻ لئہ ڏاھن کان دانشورن تائين، صوفين کان سياڻن تائين، موالين کان مولوين تائين ۽ پوڙھن کان جوانن تائين پتو ڪيو.
پوءِ ھو ڊاڪٽر ٿيڻ کان پوءِ ڪراچيءَ کان ٿيندو، سامونڊي ڪنارن جا شھر حب، پسني، گوادر، پنجگور لتاڙيندو ايران جي بارڊر واري شھر مندبلو تائين پھتو ۽ ھن مڪرانين کان وٺي بلوچن تائين، پنجابين کانوٺي فارسين تائين ، عيسائين کان پارسين تائين سڀني سان فڪري نشستون ڪيون ۽ پنھنجي ڪلنڪ بہ ھلائيندو رھيو. پر پوءِ ھن مٿان آفتون ڪرنديون ويون ۽ چانڊڪا جو ڏاھو سماج جي سمجهہ ۾ نہ ايندڙ روايتن جي ورچڙھي ويو. سکر ۾ حبيب ھوٽل جي اھا ڪنڊ اڃان بہ سڃي لڳندي آ جتي چانڊڪا جو اھو سيلاني پنھنجي سفر جا داستان ٻڌائيندو ھو دعا ڪيوس تہ ھن جون مصيبتون معاف ٿين. ﷲ تعاليٰ کيس جنت ۾ جاءِ ڏي. آمين.
ھائيجن ٽوئر کان پوءِ ٻيو وڏو ٽوئر چانڊڪا جو سنڌ ٽوئر ھوندو ھو جيڪو گهڻو ڪري چانڊڪا جي بسن ۾ ئي ٿيندو هو. انھن بسن مان ھڪ بس مڪمل ايئر ڪنڊيشنر ھوندي هئي ان ۾ ويھڻ سان جهاز جھڙو ماحول ھوندو هو اھا بس چانڊڪا لئہ حڪومت ايران تحفي ۾ ڏني ھئي جنھن کي ايراني بس چوندا هئا. ٻي ھوندي ھئي مشھور بدر ڊرائيور جي، بدر جي بس ۾ خاص ڳالھہ اها ھوندي هئي تہ بدر وٽ ڪامريڊن کان وٺي مولوين تائين ڪيسٽون ھيون ۽ بدر جي بس جي ٽيپ بہ سٺي ھوندي ھئي جنھن لاءِ شاگرد بدر جي بس ۾ ويھڻ پسند ڪندا ھئا. ان ٽوئر جا ٻہ روٽ ھئا ھڪ سکر کان ڪراچي ۽ ٻيو سيوھڻ واري رستي کان وايا ڄامشورو ڪراچي انھن ٽوئرن ۾ ڪن ۾ ڇوڪريون ساڻ ھونديون ھيون تہ ڪن ۾ نہ. بس جڏھن لاڙڪاڻو ڇڏيندي ھئي تہ نئين ديري واري ڪارپيٽ روڊ تي ڄڻ زيتونن جي باغن مان ترڪندي پئي وڃي. ڇوڪرا انھن زيتون جي وڻن سان ڏاڍو پيار ڪندا ھئا. ھو چوندا ھئا تہ زيتون امن ۽ فخر جي نشاني آھي ان لاءِ اولمپڪ جي کٽيندڙن کي زيتون جون ٽاريون ۽ امن جي ڪبوترن کي زيتون جي ٽارين تي ويھاريو ويندو آھي ۽ خليل جبران بہ زيتون جي سحر کان نہ نڪري سگهيو ان لاءِ ھو فخر سان ڏسيندا ھئا تہ اسان وٽ تہ زيتون جا ٻيلا آھن اسان جي ڌرتي ئي اسان جي امن پسندي ۽ وقار جي شاھد آھي. مگر ڪي ڪي ڇوڪرا زيتون کائڻ کان ڪيٻائيندا ھئا ڇو جو اڃان تائين ڪراڙيون زيتون کائيندڙ ٻارن کي رھڙ ڏئي چونديون آھن ڇورا زيتون کائي پاڻي نہ پيئجان متان وائي يا قول (ھڪ قسم جو gastro entritis) نہ ٿي ان لاءِ ڇوڪرا زيتون کائڻ کان اڳ پنھنجو سمورو پاڻي ھاري ڇڏيندا هئا جيئن پاڻي ھوندو ئي نہ تہ پيئندا ڪيئن.
۽ جڏھن بس لکيءَ واري موڙ کان سکر واري روڊ تي چڙهندي ھئي تہ ھي موسم آهر ڪڻڪ يا سارين جي چھچ ساين پوکين جي نظارن ۾ کوئجي ويندا. دٻن ۾ بيٺل ڪنول جا اڇا ۽ گلابي گل پرينءَ جي پرنور اکين جو تاثر ڏيندا ھئا ۽ ھي انھن ٽٻڻين ۽ سَرَ جي تيلي تي ويٺل انھن مينائن کي انھن جي اندر جي سمجهہ ۾ نہ ايندڙ ڪھاڻين تي سوچيندا ھئا ۽ جھان خان جي اسٽاپ تائين معصوم شاھ جو منارو صاف نظر ايندو ھو تہ ڪو شرارتي ڇوڪرو اٿي ڪري رڙ ڪندو ھو تہ اڙي اسماعيل تون سکر جو آھين بي شرم ھن مناري جي شڪل تهpelvis جي ميل آرگن وانگر آھي. اڙي مان بہ چوان تون surface anatomey ايڏي ٿو ڄاڻين ۽ پوءِ مان ورائي ڪري چوندو مانس ابا وڻئي ٿو تہ پٽي وڃي گهر ھڻينس ۽ پوءِ ٽھڪڙا ھوندا ھئا.
بسيون يا تہ انٽر پاڪ جي اڳيان واري پلاٽ ۾ بيھنديون ھيون يا وري مناري جي در ٻاھران چوڙي بازار جي دروازي وٽ ۽ پوءِ ڪن کي جن کي چوڙيون نہ بہ وٺڻيون ھيون تہ زوري وڃي وٺندا ھئا ھڪڙي ڇوڪري کي تہ شوق ٿيو تہ ھو بہ ماين کي چوڙيون پارائي دڪاندار بہ زندھ دل ھو ھن کي چوڙيون پارائڻ سيکاريانس ۽ چيائينس تہ باقي ٻيا ھلو نہ تہ گراھڪ ٽھندا ۽ پوءِ اھو ڇوڪرو ڊوڙندو سھڪندو ٽولي ۾ پھتو. ابا چوڙيون پارائي آئين يار ڳالھہ ئي نہ پڇيو جڏھن ھڪڙي مائيءَ کي ھٿ وٺي چوڙيون پئي پارايون تہ مون کي الائي ڇا پئي ٿيو. سو يار ڳالھ ئي نہ پڇو. مان ڀلا ڪو چوڙين وارو آھيان ڇا ۽ ان ئي سمي ڪي مٿي ورائي ڏسندا ھئا تہ مناري جو جهنگلو ھنن جي ساٿين سان ڪبوتر جي پڃري وانگر سٿيل نظر ايندو ھو، ايندڙ کان پيرائتو احوال ورتو ايندو ھو. يار چڙھڻ ڏاڍو ڏکيو آھي، چوراسي ڏاڪا اٿس پوءِ مذاق ۾ چوندس تہ ھا يار مناري تي بہ ڪو دل وارو چڙھي واقعي ئي مناري تي چڙھڻ ڏکيو آ ۽ ٽھڪڙو.
يار ماڻھو پتڪڙا پئي نظر آيا. ڪي شرارتي وڃي لوڪس پارڪ ۾ چوبازين سان چانھہ جي ڪيٽلي تي شرط رکي چانھہ پيئندا ھئا تہ ڪي پراڻي سکر جي گهٽين ۾ ھيمو ڪالاڻي جو گهر ڳوليندي موسوين ۽ معصومين جي قبرستان ۾ قبرن اندر ان وقت جي عالمن جي اھڃاڻن تائين پھچي ويندا ھئا ۽ جيئي شاھ بادشاھ جي درگاھ تان نقل ريوڙيون کائي الم جو تيل مکي دعا گهري واپس ايندا ھئا. ۽ ائين ڪي گهمندي گهمندي لئنسڊائون پل تي پھچي ويندا ھئا ۽ تختن واري پل تان ﷲ کي ياد ڪري ٻيٽ جي پھاڙيءَ تي ان ڦٽل قلعي جي لڳل ڪتبن کي پڙھندا ھئا جيڪي آرڪيالاجيءَ کاتي وارن ھنيا آھن. ان قلعي جي قدامت جي ڪا پوري خبر نہ آھي پر چون ٿا تہ اورنگزيب جي دور ۾ دارا شڪوه ۽ شايد جھانگير ان قلعي ۾ ڪو عرصو گذاري ويا آھن پر ھنن کي سنڌوءَ جي ڇولين ۾ انھن سنڌي مھاڻن جا سر نظر ايندا ھئا جن وطن پرستيءَ جو جذبو ڏيکاري ڪئي لشڪرن کي ٻيڙين جون پليون ٺاھي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ھو ۽ پتنگن جيان پنھنجي ڳچين جا ڳچ وڃايا ھئا. ان ٻيٽ جي دامن ۾ ئي صدرالدين شاھ بادشاھ جي درٻار آھي جنھن لئہ اسان کي ٻڌايو ويو تہ ھندوستان جي پائلٽ جڏھن انھن فوجي نوعيت جي اھم پلين کي نشانو بڻايو تہ انھن چيو تہ ھيٺان ھڪڙو جبي وارو بادشاھ ھو جيڪو بم جهپي کيسي ۾ پيو وجهي اڄ بہ جمعرات جو اتي عقيدتمندن جو سمونڊ ۽ رابيل ۽ گلاب جي خوشبوئن جو طوفان ايندو آھي ڪي تہ انھن پلين جي انھن زنگ آلودھ پليٽن کي ڏسندا ھئا جنھن لئہ امرجليل پنھنجي ”دل جي دنيا“ جي ھڪ ڪھاڻيءَ ۾ لکيو آھي تہ ھڪ انگريزياڻي انھن پليٽن کي ڏسندي ھڪ سنڌي وڏيري سان گفتگو ڪري ويٺي ۽ وڏيري ان کي پنھنجي اوطاق تي وٺي ڀنگ پياري ۽ پوءِ ان انگريزياڻيءَ جي رنگ ۾ ڀنگ پئجي وئي انھن ان انگريزياڻيءَ کي ڳوليو تہ اھا ملي تہ ھي ان کي سنڌوءَ جي ٿڌڙي واريءَ تي ويھاري فقير عبدالغفور جو ڪلام ٻڌائين تہ سنڌڙيءَ تي سرُ ڪير نہ ڏيندو سھندو ڪير ميار ۽ پوءِ پنھنجن ڪلھن تان اجرڪ لاھي ان کي مٿي تي پارائي پنھنجي دل جي عزتن جي حرم ۾ ان کي ويھارن ۽ جڏھن ھوءَ ھندستان کان گهمندي تاج محل تي ڪنھن کان راکي ٻڌرائي تہ پوءِ ان انگريزياڻيءَ کان ھنن جو چھرو نہ وسري ۽ ڪي تہ روھڙيءَ طرف ان لاھيءَ کان لھندڙ ڪنيالال ڪاٽيج جي روح ۾ ھليا ويندا ھئا تہ اڄ بہ انھن پرديسين جي من ۾ ڪنيالال ڪاٽيج جي بالڪونين مان ڏٺل سنڌوءَ جي ڇولين جا نظارا نہ وسريا ھوندا، ۽ گهمندا گهمندا ڪي وار مبارڪ جي زيارت تائين ويندا ھئا تہ ڪي وري حاجنا شاھ جي چوگان ۾ فقيرن کان ڳالھيون ٻڌندا ھئا تہ سائين مڇي مانيءَ وارو پير آھي ھتي ايندڙن کي مالي پريشانيون نہ اينديون ۽ پوءِ اھي ٻڌائيندا ھئا تہ ڪنھن وقت سنڌوءَ ۾ مڇي ۽ پاڻي ايڏو ھو جو درگاھ جي ديوارن سان جڏھن سنڌو عقيدت سان ٽڪرائيندو ھو تہ پوءِ ڏھہ سيري ڏنڀرا بہ مزار جي چوگان ۾ حاضري ڀرڻ ايندا ھئا ۽ فقير انھن کي پڪڙي وري پاڻيءَ ۾ موٽائي ڇڏيندا ھئا.
ھي ستين جي آستان تي بہ حاضري ڀريندا ھئا تہ تھذيبن جي امڙ سنڌ جون ھي سورميون روايتن ئي ڊوڙندي ڊوڙندي عزت بچائي لشڪرن کان لٽجڻ کان اڳ ئي دعائن ذريعي سنڌوءَ جي پناھ ۾ ھلي ويون. ڪي تہ ڪربلا مولا تي نائين محرم جو اچڻ جو وچن ڪري ورندا ھئا. ان ستين جي آستان تي اسان کان پوءِ چانڊڪا جي ڇوڪرن جون ھڪ جٿو گهمڻ ويو ۽ ان ۾ منھنجي استاد جو پٽ پرڪاش ٻڏي فوت ٿيو جنھن جي موت تي لکيل تاثر سارس جي پرچي ۾ ڇپيو ھو.
ھوڏانھن سنڌوءَ جي ڪناري پھتل لب مھراڻ جي ڇٻرن تي ويٺل جوڙن کي ھي نہ ڇيڙيندا ھئا چوندا ھئا تہ عاشقن جي آھ عرش تي ويندي آھي پوءِ ھي انھن عھد وچنن جي روح تائين پھچي ويندا ھئا جيڪي جوڙا اشارن ۾ ڪندا ھئا ۽ ڪنھن لال پٽي آئسڪريم واري کي سڏي ان کان پاڻيءَ وارو دٻو ڦري ان تي ڪا اداس ڌن ڳائيندا. ڪورس جي انداز ۾ ڳايل انھن جا اڌورا گانا بس ھي پاڻ ئي ڳائيندا ھئا ۽ پاڻ ئي سمجهندا ھئا ۽ جڏھن ھي واھن واري گهير وٽ پھچندا ھئا تہ ڪا ھٺيلي، مضبوط، جسم جي مائي ھنن کي مرداڻي آواز ۾ ھڪل ڪري چوندي ھئي ٻيڙيءَ جو سير پوءِ ھي پاڻ ئي ان جي ٻيڙيءَ ۾ وڃي ويھندا ھئا ۽ مائي جڏھن ونجه ھلائيندي ھئي تہ ان جي سيني ۾ ڌڙڪندڙ دل جو آواز ھي پنھنجي ڪنن سان ٻڌندا ھئا ۽ ان من ۾ ونجهہ جي لٺ وانگر اندر جون اندريون محسوس ڪندا ھئا ۽ پوءِ ڪو شاھ جو عاشق بي ساختہ جهونگاري ويھندو ھو تہ:
اندر اندريون جيئن سي وانجهي لٺ ۾
مون تن تيريون تہ ڪيئن ملبو سڄڻو.
ڪڏھن ڪڏھن ناديه ڪمونچيءَ وانگر سڄي جسم کي حرڪت ڏئي ٻيڙي ھلائيندڙ اھا ناکئي بہ ڦسي پوندي ھئي ۽ آلاپي ويندي ھئي.
ساوڪ رت ۾ سانورا
ھيل نہ آئين تون.
۽ جيئن جيئن ٻيڙي گهري پاڻيءَ ۾ ويندي ھئي ائين مائيءَ جي منھن تان وھندڙ پگهر ھن کي پنھنجي ڪسب جي قدرت ۾ وٺي ويندو ھو ۽ ھوءَ مست ٿي ٻلھڻين واري پاسي ٻيڙي ڪاھي ويندي هئي. بس ھت ٻيڙي هلڪو پلٽو کائيندي ۽ پوءِ ھو ٻيڙي ھلائڻ جي ڪمال تائين پھچي ويندي ڪڏھن ڪڏھن ھوءَ ٻلھڻ متعلق ڳالھائي ويندي ھئي. گهڻين ٻلھڻن اسان جا ٻار ٻڏڻ کان بچايا آھن. اھي چيٽن تي چري اينديون ھيون، بلا جي سنگهڻ ۽ ڇھڻ جي قوت آ ھنن ۾ . گڊوءَ کان سکر تائين مٺي پاڻيءَ جون اھي انڌيون ٻلھڙيون ھاڻي نسل جي ناپيديءَ واري دور ڏي وڃن پيون ۽ ڪڏھن ڪڏھن سدا واھ جي سڪايل پيٽ ۾ بيٺل ڪنھن مئل ٻلھڻ سان جهنگلي جيوت واري اداري جو جوان انھن ٻلھڻ جون ريسڪيو جون اخباري ڪھاڻيون جاري ڪري پنھنجي اداري جي ساک بچائيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مائي هنن کي گهلي وڏي پاڻيءَ ۾ بہ وٺي ويندي هئي ۽ پوءِ مڪڙي کي بہ مستيءَ ۾ اچي ويندي هئي ۽ وري هي ٺينگ ٽپا ڏئي لب مھراڻ واري بند سان هلندا. درياه بادشاھہ ۾ بيٺل دنگين اندر درد جي ڪھاڻي پڙهندا ويندا هئا. ڳٽي تي هٿ رکي ڪنھن گهري سوچ ۾ گم جهور پوڙهي، مانيءَ جي اڌ تي وڙهندڙ اڌ اگهاڙا چار ٻارڙا ۽ پنھنجي انگ ڍڪڻ کان بي نياز ڦاٽل ڪپڙن ۾گهر مالڪياڻي ۽ بابو ٻيڙي پيئي وڏي کنگهہ ڪندڙ اڌيڙ عمر جو همراھہ، هي سوچي سوچي چريا ٿي پوندا هئا اهي اولڊ مين ۽ اينڊ سي ناول جي ان پوڙهي جو جديد روپ اهي ڏسندا هئا جيڪو همٿ نہ هاريندڙ هو ۽ پوءِ هي ٽپ ڏئي ڀت تي، ڦٽ پاٿ تي هلندي هلندي لانچ موڙ تان گذري، مسڻ جي اونھين ڀتين ۾، چتائن مان پرواز ڪيل روح محسوس ڪندا هئا ۽ تڪڙو تڪڙو هي مياڻي روڊ کان ڦرندا وچ بازارين ۾ ڪاهي پوندا هئا ۽ هي دڪاندارن کان اجايا اگهہ پڇائي، ڊون ريسٽورنٽ جا سموسا کائي، پهلوان جي نھاريءَ جي پليٽ چٽي وري اڳئين سفر تي اسھي پوندا هئا. سکر بئراج تان گذرندڙ بسين مان هي منھن ڪڍي چوٽيھون در ضرور ڏسندا هئا جتي نسيم کرل جي ڪھاڻي جو لاش ڦاٿو هو ۽ ايريگيشن جو اهو داروغو سکر ۽ روهڙي تائين ڀڄي ڀڄي ساڻو ٿي حد جي قانوني مسئلي ۾ ڦاٿل پوليس کان بيزار ٿي اهو لاش لوڙهي ڇڏيندو هو.
ڪڏهن بسيون خود ساختہ اروڙ طرف وڌي وينديون هيون ۽ ڊگهن کجين جي ٻيلن مان گذرندڙ اهي بسيون انھن روايتن کي ڳوليندڙ انھن ڇوڪرن کي منجهائي وجهنديون هيون تہ سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۽ عرب فوج جي ڦٽي ڪيل کوکڙين مان اهي باغ پيدا ٿيا آهن.
انھن ئي ٻيلن مان اروڙ جو مست ڀڳو هو ۽ ان اروڙ جي پھاڙي ۾ پناھہ ورتي هئي پر هي نہ تہ جيئسِين جي پيءُ ڏاهر جي تخت گاھہ ڏي ورندا هئا جيڪو ڪيترن سالن کان قومپرستن جو قومي هيرو هو. اروڙ جي فتح کان ڦٽڻ تائين هي تاريخ ڄاڻندا هئا ۽ پھاڙين جي دامن ۾ انھن پنڊپھڻ جسمن کي ڳوليندا هئا جن کي انگريزيءَ ۾ fossils چئجي ٿو. قدرتي معدنيات سان مالا مال ٽڪريون وڃي ڪوٽڏجيءَ مان نڪرنديون هيون ۽ هي ماٿرين جي وادين جي ٻئي پاسي ٿر جي وارياسي سرزمين ڏسي ان عجيب ٽرينگل ۾ ڦاسي پوندا هئا. جتي زندگي هڪ ئي وقت سخت ڪٺن، خوشحال اڃايل ۽ ويران هئي. ڪالڪا جي مندر جي قدامت اتان جي تھذيب جي رهجي ويل ڌرمي عروج جي شاهد هئي، پر انھن پھاڙن سان ڪڏهن ڪڏهن هي ازخود ڳالھائي ويھندا تہ پھاڙ هتان جي عظيم ماضيءَ تي روئي پوندا. غير موسمي ابرجون بوندون پھاڙين جي گرم هوا کي پنھنجي تھذيب جي ٿڌاڻ ۽ حڪمت واري انداز ۾ بدلائي ڇڏينديون ۽ هي ڊگها ساھہ ڀري پنھنجا ٿڪ لاهيندا هئا. پنھنجي ماضيءَ جي حسن ۾ کوئيل هي ڇوڪرا تڏهن جاڳي پوندا هئا تہ جڏهن بس ڊرائيور رڙ ڪري چوندو هو سائين هلڻ جي ڪيو اڃان شادي شھيد ۽ ادهم سلطان تي بہ هلڻو آهي پوءِ هي پھاڙين سان پنھنجي ذهني مضبوطيءَ جو سنگراسي وچن ڪري ايندا هئا پر انھن پھاڙن جي دامن مان نڪرندڙ ۽ ڦريندڙ قيمتي معدنيات جي آمدنيءَ مان علائقي جي صحت تي ڪو بہ اثر نہ پيو هو. ميرانجهڙا چھرا، گوڏن تي ڌوتي، ڦاٽل چولو، ڇڳل ڇٻا هتي جي مقامي مزدورن جي چھرن تي اهي ئي ڪرب جون لڪيرون هنن جي گهرن ۽ علائقي جون حالتون پاڻھي ڏسي وٺنديون هيون. هي ڪوٽڊيجيءَ واري علائقي کان يا خيرپور واري علائقي کان انھن پھاڙي بزرگن تي پنھنجي عقيدت جا گل نڇاور ڪري ايندا هئا جن سوين سال اڳ هتان جي ماڻھن ۾ علم جي روشني پکيڙڻ چاهي هئي پر اڄ انھن ڪٺن منزلن وارن مرشدن تي فقط اندر جي عقيدت رکندڙ پانڌيئڙا ئي پھچي سگهندا هئا.
بسيون جڏهن دروازن واري بئراج ڇڏي ابل واھہ کان موڙ کائينديون هيون تہ هنن کي سکر جيل جي برج تي هيمون ڪالاني ڀليڪار ڪندي نظر ايندو هو ڇو جو هنن مان بہ گهڻا تہ آزاديءَ جي راھہ جا راهي هئا. انھن جيل جي ديوارن اندر هنن جا سياسي قيدي ڀائر قيد هئا ۽ تڙ تڪڙ ۾ هي برج جي سپاهين کي هٿ لوڏي هنن کي علامتي سلام موڪلائي ڇڏيندا هئا. سکر کان خيرپور واري نخلستان جي حسن ۾ هنن کي بس مير علي نواز ئي گهمندو نظر ايندو هو ڇو جو عشق جواهو شهزادو ان رياست جو والي هو جيڪا پنھنجي قيمتي حسن ۽ آمدنيءَ ڪري مشھور هو پر گهنگهرو جي هڪڙي ڇم ڇم هن جي اندر کي جهنجهوڙي ڇڏيو هو.

چانڊڪا جي سياست

اسان جي ابتدائي ڏينھن ۾ چانڊڪا سياست جو ڳڙھہ هئي، شاگردن جون سياسي جماعتون جواني کي پھچڻ واريون هيون ۽ سياسي ميدان ۾ وڏي گرما گرمي هئي چون ٿا تہ چانڊڪا جي پھرئين اليڪشن جماعت اسلاميءَ وارن کٽي هئي ٻي اليڪشن ۾ سپاف ۽ جساف جا گڏيل اميدوار کٽيا هئا. صدر سپاف جو اسد ابڙو جيڪو u. n. o جي اداري ۾ ڪم ڪندي هڪ آفريڪي ملڪ ۾ دل جو دورو پوڻ ڪري ڪجهہ عرصو اڳ گذاري ويو آ. ٻيو جنرل سيڪريٽري احمد علي شاھہ صاحب جيڪو هن وقت ڪنھن اسپتال جو m. s آهي ۽ جوائنٽ سيڪريٽري خالد محمود سومرو صاحب هو جيڪو هن وقت مولانا فضل الرحمان گروپ جو هڪ اهم سياسي اڳواڻ آهي. مولانا خالد محمود سومرو حق سچ چوڻ وارو قومي لاڙو رکندڙ عالم آهي جنھن جڏهن سنڌ ۾ ٽڪاڻا جلايا ويا هئا تہ ان تي چانڊڪا جي آڊيٽوريم ۾ جيڪا خالد محمود صاحب تقرير ڪئي هئي. اها تقرير سيڪيولر هندستان جو ڪو بہ عالم نہ ٿي ڪري سگهيو. ان دور ۾ خالد محمود صاحب هڪ سٺو ديني مقرر هو. مولانا صاحب جي روح ۾ مولانا عبيدﷲ سنڌيءَ جي تحريرن جو اثر هو ۽ هو مولانا کڏي واري ۽ مولانا مراد هاليجويءَ جو هم فڪر آهي. اڄ بہ هن جا بيان قومي مسئلن تي قومپرستيءَ وارو تاثر ڏيندا آهن. پر مولانا صاحب جي رڙ ۽ وڏي آواز ۾ تقرير ڪرڻ جو انداز ٿوري مقررانہ تبديلي گهري ٿو. جماعت اسلاميءَ جي ذيلي شاگرد جماعت ان وقت ڪا ظاهري سرگرم نہ هئي پر ان وقت بہ اها پنھنجي مخصوص طريقي سان پنھنجي ڪم ڪار ۾ محو هئي. ان ۾ اڪثر ڪراچيءَ جي اردو اسپيڪنگ ڇوڪرن جي هوندي هئي. جيڪي مخصوص سيٽن تي هتي ايندا هئا. اهي اڪثر ڪري راندين ۾ نمايان هوندا هئا ڪرڪيٽ وغيرہ ۽ انھن جو پنھنجو هڪڙو انداز هو. هو بہ ان دور ۾ ڪنھن نسلي فرق ۾ ورهايل نہ هئا ۽ سڀني سان رهائي هلندا هئا. پڙهڻ ۾ بہ انھن جو پنھنجو انداز هو. باقي ان دور ۾ ٻہ ئي طاقتور شاگرد جماعتون هيون هڪ جساف ۽ ٻي سپاف. جساف جو ان دور ۾ هڪ منفرد انداز هو ۽ ان ۾ ڪا لڙائي جهڳڙي جي بوءِ ڪا نہ هوندي هئي هر ڪو پيو هلندو هو هي اهو دور هو جنھن ۾ ڪينٽين تي گهڻا نظرياتي بحث هلندا هئا ۽ شاگرد وڌ ۾ وڌ ڪتاب پڙهي انھن جا حوالا ڏيندا هئا. شاگردن تنظمين جو اهو انداز هو تہ هو پنھنجي ڪردار سان پنھنجا ڪارڪن بنائين تازو تازو ڀٽي صاحب کي ڦاسي آئي هئي. سپاف پنھنجي همدردن ميمبرن ۾ عددي تعداد ۾ گهڻي هئي پر ان دور ۾ بہ هنن وٽ نظرياتي ماڻھو گهٽ هئا. چانڊڪا جو اهو دور تعليمي گهٽ پر سياسي وڌيڪ هو. ڪجهہ ملڪي حالتون ۽ ڪجهہ ون يونٽ ٽٽڻ ۽ ڀٽي صاحب جي حڪومت ۾ اچڻ ۽ ان جي شھيد ٿيڻ ڪري معاشرو ان وقت سماجي تبديلين ڏي وڌي رهيو هو ۽ هڪڙو مڊل ڪلاس پيدا ٿي رهيو هو. سنڌ جي ٻھراڙين ۾ تعليم جو ٻيڙو ايڏو ٻڏل ڪو نہ هو ۽ سنڌ ۾ ڀٽي صاحب جي ڪري جيڪي نوان تعليمي ادارا کليا هئا انھن ۾ ٻھراڙيءَ جي ڇوڪرن جو تعداد وڌيڪ هوندو هو ان دور ۾ انٽر ليول تي بورڊ وڪاڻا نہ هئا ۽ شاگردن جو هڪ قسم جنھن ۾ ٽيلنٽ ۽ genius هو اهي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ آيا. ان دور ۾ بہ جيڪي چانڊڪا جا سياسي ليڊر هئا سواءِ چند جي باقي تعليمي ۽ سماجي سوچ ويچار ۽ عقل کان آجا ڪين هئا. جيئي سنڌ ۾ هڪ تہ سائين جي ايم سيد جي فڪر جا سچا پوئلڳ هئا ٻيا پنھنجي حفاظت ۽ تحفظ جي چڪر ۾ پارٽيءَ ۾ ايندا هئا. بدقسمتيءَ سان مان ڪنھن بہ سياسي پارٽيءَ جو ميمبر نہ ٿي سگهيس ان جو اهو سبب نہ هو تہ ڪو مان سياسي سوچ نہ رکندڙ هئس مگر طبيعت جي آوارگي، تنھائي پسندي، ٿورڙي آزاد پسندي، انھن مون کي هميشہ سياسي جماعتن کان پري رکيو. چانڊڪا ۾ ان دور ۾ بہ ڪميونسٽ ڇوڪرن جو چڱو خاصو تعداد هوندو هو ڇو جو حڪومت طرفان ڪميونسٽن تي چڱي خاصي سختي هئي. ان ڪري هو ڳجهي نموني ڪم ڪندا هئا ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش تہ هميشہ ڀڳوڙو ئي هوندو هو، سليم ۽ بخشل ٻيا ڪم کي ريڙهيندا هئا ۽ پنھنجو ڪردار نڀائيندا هئا.
جيئي سنڌ جي ٽٽندڙ ڌڙن ۾ ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ جي پروگيسو جيئي سنڌ کي چانڊڪا ۾ مرتضيٰ کھڙي متعارف ڪرايو. عجب جھڙي ڳالھہ آهي تہ ان ۾ عددي تعداد ٿورو هو ڪافي وائيس چيئرمين هئا انھن ۾ هڪ جاني ڪلوڙ بہ هو جيڪو مرتضيٰ جو روم پارٽنر بہ هو. جانيءَ ۾ هڪ خاصيت هئي تہ هو هميشہ مسڪرائيندو هو. ڪرڪيٽ جو بہ ناسوري هو پھرئين پروفيشنل جي ايڪشن ڪاميٽي جو چيئرمين ٿيو. ٻئي ميجر سبجيڪٽ ڪڍي ويو. Anatomy ۽ physiology باقي bio رهجي ويس. سو اسان لئہ رونشو جاني ٻڌاءِ تہ naso lacrimal duct ڪٿي آهي؟ چوندو هو تہ گوڏي ۾ پوءِ تہ کل جاني اڄڪلھہ جاني نہ رهيو آهي هن تازو ئي kidney transplant ڪرائي آهي وڌيڪ ان جو دک درد اوهان سمجهي سگهو ٿا اوهان بہ ڊاڪٽر آهيو. جاني هاڻي مرحوم جاني آهي.
هڪ ڳالھہ ٻي ڪئي سون چانڊڪا جي سياسي جماعتن جي ان دور ۾ پليجي صاحب جي سنڌي شاگرد تحريڪ بہ پنھنجي ٻالڪپڻي ۾ هئي ۽ جواني طرف قدم وڌائي پئي. جنھن ۾ بہ قمبر جي شيخن جو تعداد سٺو هو. هن تنظيم جا شاگرد ڊگهن نظرياتي حوالن سان بحثن جا ڪوڏيا هئا. انھن جا شيٽن تي لکيل اکر سڀني کي وڻندا هئا. پنھنجي ڪمزور عسڪري طاقت ڪري اهي چانڊڪا جي انھن ڏينھن ۾ ايترو اڳتي نہ نڪتا پر اهي آهستہ آهستہ اڳتي نڪرندا آيا ۽ پنھنجو چڱو خاصو اثر پيدا ڪري ويا.
انھن ڏينھن ۾ ئي ڪراچيءَ جي مخصوص سيٽ تي احمر مستي چانڊڪا ۾ آيو. ان لاءِ ڪي چون ٿا تہ اهو هت موڪليو ويو هو جيئن قومپرست ورهائجي وڃن ڇو جو قوم پرستن ۾ چڱو خاصو تعداد بلوچن جو هو. احمر اچڻ شرط bso ٺاهي بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ۽ ان جو هڪ ٺيٺ بلوچي انداز اپنايو. وڏيون ڏاڙهيون، هٿيار بلڪل بلوچي ڏيک هئا. ان نماءُ جي ڪري ڪيترائي پڙهيل لکيل شاگرد bso جا ميمبر ٿيا گوهر بروهيءَ کان وٺي اصغر گولي تائين ۽ اصغر گولي کان عثمان مينگل تائين ۽ قمر چانڊئي تائين سڀ bso جا ميمبر ٿيا. اهو ان وقت بلڪل نئون ۽ عجيب هو ۽ ان سان خطري جي گهنٽي چانڊڪا ۾ وڄي چڪي هئي، پوءِ هٿيارن جو نماءُ شروع ٿيو. هڪ رات آءٌ دير سان چانڊڪا چوسول ”جيڪو رستو فارماڪالاجي ڏي ايندو آهي اتي رونق هوندي هئي. جوس وارو اتي هوندو هو. ڪينٽين اتي هوندي هئي ۽ هڪ برگر وارو بيھندو هو. آءٌ برگر کائي رهيو هوس تہ اتي آريسر صاحب بہ برگر کائي پيو. ان سان گڏ چانڊڪا جا ٻہ شاگرد هئا باڊي گارڊ جن وٽ ڪلاشن ڪوفون هيون اهو نئون هٿيار هو جيڪو پرو چانڊئي کان وٺي طاهر نقاش تائين سڀني ڌاڙيلن وٽ هوندو هو ۽ اهو سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ پھچي چڪو هو. ان ڏينھن ئي اسان بارود جي بوءِ چانڊڪا ۾ سِنگهي هئي. ڪينٽين تي رات جو ٻي بجي تائين رش هوندي هئي. برگر واري وٽ دنيا جو بحث پيو هلي ۽ آريسر صاحب کي چوٿين يا پنجين دنيا جو مفڪر قرار ڏيڻ لئہ بحث هلي رهيو هو.
هڪڙي دليل ڏنا:
پھرئين دنيا سرمائيدارن جي آهي
ٻي دنيا پرولتارين جي آهي
ٽئين دنيا ترقي پذيرن جي آهي
چوٿين دنيا قوم پرستن جي آهي
مون رڙ ڪري چيو، ها ڀائو ها پنجين دنيا بہ آهي (ڪ- ج-جي)، هاڻي اوهان سائين کي چوٿين دنيا جو مفڪر چئو، پنجين دنيا جو، هڪ باڊي گارڊ جي بندوق مون طرف ٿي پوءِ کلي چيائين ماڪا تون آهين ڇا؟ آريسر صاحب وراڻيو ڇورا تون تہ محمد مسخري جو مامو ٿو لڳين ۽ پوءِ کلندي کلندي هرڪو پنھنجي ڪمري ڏي هليو ويو.
بي ايس او ٺھڻ کان پوءِ چانڊڪا جي شاگردن جي سوچ ۾ اچانڪ تبديلي اچي وئي ۽ پوءِ ڏاڍ مڙسيءَ وارو تصور اڀريو. انھن ڏينھن ۾ ئي انٽرويو ٿيا هئا ۽ انٽرويو تي بي ايس او جي شاگردن ۽ جساف جي شاگردن ۾ جهڙپون ٿيون. ۽ پوءِ انھن جهڙپن هڪ اهڙي tension کي جنم ڏنو جيڪو هندستان ۽ پاڪستان بہ ڪڏهن پاڻ ۾ محسوس نہ ڪيو هو. بي ايس او وارن ٻاهريان ماڻھو گهرايا. هٿيار ڪٺا ڪيا ويا ۽ پوءِ اچانڪ انھن ڪانڍيل ماڻھن bso وارن سان ڪينٽين تي ويٺل اديب انقلابي ۽ ميراشتياق ٽالپر کي گوليون وهائي ڪڍيون. اهو چانڊڪا جو بدنصيب ڏينھن هو جڏهن چانڊڪا ۾ بندوقون نہ فقط ڪاهي آيون هيون پر برسي بہ پيون هيون. مير ۽ اديب کي اسپتال پھچايو ويو. ڪانڍيل ماڻھو هليا ويا. پويان جيئي سنڌ جي ڪارڪن همٿ کان ڪم وٺي bso جي شاگردن کي گهيراءُ ۾ آندو. ان جهيڙي ۾ نجيب بگٽي زخمي ٿيو ۽ bso جا ڪجهہ ميمبر جساف جي شاگردن هٿان پڪڙيا ويا جن کي باعزت طريقي سان ڇڏيو ويو. ان ڇڏائڻ ۾ مرحوم فيض پنھور جو وڏو هٿ هو. مرحوم فيض پنھور قتل ڪيو ويو آهي ڪوڏي ڪوڏي جو بھترين رانديگر ۽ سٺو شخص هو کيس ڪجهہ سال اڳ پنھنجي دشمنن قتل ڪيو.
مير کي اسپتال پھچايو ويو. مير کي ڪنھن ڄنگهہ جي شريان ۾ گولي لڳي هئي ان کي ڪيتريون ئي رت جون بوتلون لڳيون پر نيڪ محمد صاحب مير جي ٽنگ ڪٽڻ جو risk نہ کنيو ۽ مير ڪيترن ڪلاڪن کان وڌيڪ عرصو زندہ رهڻ باوجود شھيد ٿي ويو. مير اشتياق جو قتل چانڊڪا لئہ عظيم سانحو هو. ان ۾ چانڊڪا جي سرجنن جي غلطي هئي مير کي بچائي سگهجي پيو پر ائين نہ ڪيو ويو. ڪنھن بہ ذميواري نہ قبولي. (مان خود anaesthesist آهيان ۽ critical emergency ۾ ڪم ڪيان ٿو مان يقين سان چوان ٿو تہ شھيد مير اشتياق کي بچائي سگهجي پيو پر ائين نہ ڪيو ويو).
۽ اسان جڏهن مير جي لاش پوئتان ان جي عذر تي خيرپور ويا هئاسين تہ مير علي نواز ٽالپر ۽ بالي جي شھر ۾ فيض واھہ جي ڪڙ تي ويٺل هڪ شھيد جي ماستر پيءُ اسان سڀني کان وچن ورتو تہ منھنجي جهول خالي ٿي آ پر ٻي جي نہ ڪجو ڪنھن جو بہ ٻچڙو نہ مارجو. اهو سائينءَ جو روئڻ جو انداز ۽ درد مان اڃان بہ نہ وساري سگهيو آهيان. سنڌ جي ماڻھن جو اهو صوفيانہ ۽ امن پسند انداز اڃان بہ مون کي اشتعال کان روڪيندو ايندو آهي. هتان جا شاگرد جيڪي بدلي جي جذبي سان ويا هئا اهي امن جي نئين سوچ کڻي واپس وريا هئا. گهر ۾ ڪربلا هوندي بہ هڪ پيءُ يزيديت کان روڪڻ لئہ ٻاڪاري پيو. پوءِ بسيون وڃي ان وقت جي ڪمشنر آغا رفيق جي گهر ٻاهران بيٺيون هيون. ان سڄي قافلي جي اڳواڻي ڪرتار ڏاواڻي پيو ڪري.
مير اشتياق ٽالپر سنھڙو سيپڪڙو جوان هو. بابا سائين يا بابل سائين سندس تڪيہ ڪلام هو. پنھنجي هٿ جوڙي ڪري پوري ڪاليج ۾ مشھور هو. چانڊڪا جي ان وقت جي اليڪشن ۾ سپاف جتي sweep victory ڪئي هئي، مير اشتياق ۽ ڪلثوم چنہ ٻہ اميدوار هئا جيڪي سپاف جا نہ هئا ۽ اليڪشن ۾ کٽيا هئا. اڄڪلھہ هاسٽل 6 جو نالو شھيد مير اشتياق ٽالپر رکيو ويو آهي.
ان کان بعد جيئي سنڌ وارا نئين انداز ۾ منظم ٿيا ۽ چانڊڪا bso جي شاگردن لئہ نوگوايريا بڻي. ڪيترائي ئي شاگرد سائين جي ايم سيد کان سفارشي خط وٺي ۽ چانڊڪا جي بورڊن تي معافي نامہ چنبڙائي وري چانڊڪا ۾ ٻيھر داخل ٿيا ۽ ائين چانڊڪا مان bso جو دور ختم ٿيو. ذوالفقار بجاراڻي آمريڪا هليو ويو. ممتاز لاشاري روپوش ٿي ويو. نجيب بگٽي ڪراچي هليو ويو ۽ احمر مستي ڪراچيءَ ويو. Bso جي ٺھڻ ۽ ڊهڻ چانڊڪا ۾ نئون ڪلچر متعارف ڪرايو ۽ ڏاڍ مڙسي جو دور شروع ٿيو مگر جيئن تہ ڪا بہ شاگرد تنظيم پنھنجي ڏاڍ مڙسيءَ جي ڪري شاگردن ۾ تاثر وڃائي ويھڻ واري اثر هيٺ هئي. ان لاءِ ڪنھن بہ شاگرد سان ڪا بہ زيادتي ڪرڻ جو ڪوئي سوچي بہ نہ سگهندو هو.
انھن ئي ڏينھن ۾ چانڊڪا ۾ ڊبيٽس ٿيون انھن جو احوال مان چانڊڪا جي ”تقريرون“ جي عنوان ۾ ڪندس. پر انھن ڊبيٽس جي پرائيز ڊسٽريبيوشن دوران هنگامو ٿيو جنھن ۾ ٻن شاگرد تنظيمن سپاف ۽ جساف کي اعلان جنگ کان عملي جنگ ۾ الجهائي رکيو ان دور ۾ مان تہ وري وري لکندس تہ مڪمل شاگردن جو دور هو ۽ قومپرستي نئين جذبي سان اڀرندي رهي ڪو بہ حڪومتي عملدار چانڊڪا جي حدن ۾ اچڻ جو تصور ائين هو ڄڻ کدڙي کي ٻار ٿيڻ پوليس وارو تہ ورديءَ ۾ چانڊڪا اندر ايندو ئي نہ هو باقي گهڻن ماڻھن لئہ اهو تاثر ورتو ويندو تہ هي جاسوس آهن، مخبر آهن يا وري ايجنسين جا ماڻھو آهن. ان ڪري ڪيترائي مھمان ويچارا بہ under observation اچي ويندا هئا. باقي چانڊڪا شاگردن جي مرڪزي اڳواڻن جو مھمان خانوهوندي هئي. (گل محمد جکراڻي ان وقت جيئي سنڌ جو مرڪزي صدر هيو) کان وٺي غازي صلاح الدين تائين ۽ عبدالواحد آريسر کان وٺي اياز سومري تائين سڀ چانڊڪا ياترا تي ايندا هئا. چانڊڪا ۾ ان وقت ڏوهاري ماڻھو پڻ مھمانن ۾ شامل هوندا هئا نصير فقير کان وٺي صادق گڏاڻي تائين شخصن کي چانڊڪا ۾ ڏٺو ويو هو مگر نہ فقط چانڊڪا ۾ ڪي ڏوهاري سرگرميون هيون نہ وري چانڊڪا مان ڪي ڏوهاري سرگرمين جا پلان جوڙيا ويندا هئا. ان وقت شاگردن ۾ پڻ اهڙين ڳالھين کي سٺو نہ سمجهيو ويندو هو. حتيٰ ڪہ سياسي پارٽين وارا ڪڏهن بہ ڪنھن اهڙي قسم جي ماڻھوءَ کي پنھنجو نہ ڪندا هوندا جنھن لئہ ڪو رايو ڏاڍ مڙسيءَ وارو هجي. بخت کھاوڙ کي بہ پنھنجو نہ ڪندا هئا جيڪو بہ قوم پرستي لاڙو رکندڙ هو.
ها ڳالھہ پئي ڪئي سين ڊبيٽس جي پرائيز ڊسٽريبوٽس جي. اتي سکر ڊويزن جي ڪمشنر کي خاص مھمان ڪري گهرايو ويو. پھريائين تہ في البديع تقريرون ٿيون (انھن جو ذڪر تقرير واري سيڪشن ۾ ڪيو ويندو). پوءِ ڪمشنر جي اچڻ تي هڪ تنظيم سخت نعري بازي ڪئي ان وقت آزاد سنڌوديش جو تصور ئي اڪيلو هوندو هو. حڪومتي ماڻھن يا ادارن سان مفاهمت بلڪل بہ قبول نہ هوندي هئي ۽ ائين ئي شاگرد دنيا جي انقلابن وانگر هتي بہ انقلاب جا حامي هئا ۽ اهي پنھنجي عظيم رهبر جي فڪر ۽ نظريئي تي بلڪل اٽل هئا جيئن چين يا ٻين ملڪن جا شاگرد، شاگردن وٽ وطن جي آزاديءَ جو جيڪو آدرش هيو اهو گهڻيون زميني حقيقتون گهري پيو، چليءَ کان ڪيوبا تائين وينزويلا کان بوليويا تائين. ڊاڪٽر چي گويرا کان وٺي چوئن لائي تائين ۽ مارڪس کان مائوزي تنگ، سڀاش چندر بوش کان ڀڳت سنگهہ تائين. هيمون ڪالاڻي کان وٺي دودي سومري تائين ۽ هوش محمد شيدي کان وٺي شھيد عبدالرزاق تائين انھن شاگردن جا هيرا هئا.
فلسطين جي اقليت ۾ ٿيڻ ۽ ڌرتي بدر ٿيڻ ۽ ريڊانڊين تائين مثال ۽ حوالا سياسي ڪچھرين جو موضوع هوندا هئا. ان وقت تائين نڪسل تحريڪ ۽ نيپالي مائو باغي اڃان ايڏا منظم نہ ٿيا هئا هندوستان ۾ خالصاً جي تحريڪ ۽ نڪسل موضوعن جو بحث هوندا هئا ان سياسي ڪلچر ۽ وايو منڊل ۾ هڪ اهڙي هيرو ازم بہ جنم ورتو جھڙو اڄڪلھہ خودڪش حملن ۾ نظر اچي ٿو. تہ جيئي سنڌ جي چند ئي ڪارڪن ان فنڪشن ۾ سپاف جي گهڻي اڪثريت ۾ هوندي بہ اهو فنڪشن حڪومتي ڪوٺي ڦٽايو ويو هو ۽ اتان ٻن سگهارن پارٽين جي شاگردن جي وچ ۾ عسڪري جنگ جي شروعات ٿي ۽ چانڊڪا ۾ هڪ نئين ڪلچر جنم ورتو تہ جيڪڏهن ڪنھن پارٽيءَ جو ڪو ليڊر نہ ٿو ملي تہ ان جي ميمبر کي بہ رڌڻي ڏجي. مارڪٽ جي ان اوائلي اثر هيٺ ج پ مرحوم ۽ ”و“ جيڪو هندو ڇوڪرو هو اچي ويا. سپاف جي ”م شاھہ“ ماڻھو گهرائي هاسٽلن تي قبضو ڪيو ۽ ٻاهران وري جيئي سنڌ وارا منظم ٿيڻ لڳا. ۽ ڪاليج ۾ هڪ عجيب خوف هو ۽ وڏي خونريزي ٿيڻ واري هئي تہ ٻاهران جيئي سنڌ وارا حملو ڪندا پر ڪن پرين امن جو جهنڊو ڦڙڪائي اها رتوڇاڻ روڪي وتي ٿورو ذڪر مرحوم جميل جو ”جميل طبيعت جو سچو، سادو ۽ سڌو انسان هو سائين جي ايم جي فڪر لئہ چوندو هو تہ جيستائين سنڌ آزاد نہ ٿيندي مان گهر ۾ ڌرتيءَ تي ئي سمھندو رهندس پر خماريل اکڙين ۽ ڪڙڪ آواز وارو اهو جميل بہ ڊاڪٽر ٿيڻ کان پوءِ چانڊڪا جي حدن ۾ ئي ڪنھن قاتل پستول جي نڪتل گوليءَ سان سدائين مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ هليو ويو. چون ٿا تہ هن جو قتل سياسي قتل نہ هو، ڊبيٽس جي پرائيز ڊسٽري بيوشن واري تقريب جو اهو هل هنگامو چانڊڪا تي ڪافي اگرا اثر ڇڏي ويو ۽ پوءِ تہ واري واري هاسٽلن ۾ دو بدو مقابلا ۽ قبضا شروع ٿي ويندا هئا. انھن ۾ ڪيترائي ڇوڪرا زخمي بہ ٿيا جنھن ۾ هڪ اڪبر ڀٽو بہ هو. اڪبر کي بس ڪٿان هلندي ڦرندي گوليون لڳيون باقي، فلسطين جي گهٽين ۾ وڙهندڙ ويڙھہ وانگر اسان گولين جي ويڙھہ چانڊڪا ۾ live ڏٺي ۽ ائين ڇوڪرا زخمين کي ڪلھن تي کڻي ڊوڙندا هئا ڄڻ ميدان جنگ ۾ سپاهي پنھنجن زخمي ساٿين کي کڻي ڊوڙندا هئا. جساف جي ساٿ ۾ اڳڀرا ڊگري ڪاليج جا ڇوڪرا هوندا هئا ۽ سپاف ۾ ڪجهہ ٻاهريان ماڻھو، انھن ئي جهيڙن ۾ روپ چند مارجي ويو ۽ پرين زخمي ٿي پيو. پرينءَ جي نالي جي مون کي خبر نہ آهي پر اهو دادو ضلعي جو ڇوڪرو هو جيڪو مون کي ان ڪري ياد آهي تہ ڇوڪرا ان کي ”پرين“ چوندا هئا. ۽ پرين لفظ مون کي وڻندو هو، پرين جونيئر ڇوڪرو هو مون کي ان لاءِ ڪا بہ ڄاڻ نہ آهي پر پرينءَ جو ڏک اڃان بہ منھنجي اندر ۾ ائين آهي ڄڻ اهو منھنجو پرين هو، ڪنھن ان جي پير تي گولي هنئي ان کي معذور ڪيو. آخر خبر اها آهي تہ زخمي پرين پنھنجي اڻپورين وکن سان ۽ پنھنجن کان مليل ڪرب سان ڊاڪٽر ٿيڻ کان پوءِ پنجاب جي ڪنھن شھر ۾ پرائيويٽ نوڪري ڪندو آهي.
اهي جهيڙا اسان کي بنھہ بہ پسند نہ هئا مگر ان وقت جون معروضي حالتون واقعي ئي اهڙيون هيون جو شاگردن هٿيار کنيا هئا مگر انھن جي بندوقن جو رخ پنھنجن جي طرف ئي هيو ۽ ائين اسان چند دوستن هڪ گوليءَ کي رائفل مان نڪرڻ نہ ڏنو. ”اديب“ جي گوليءَ جي نشاني تي فدا ميراڻي هو ۽ اسان اديب کي ڳالھين ۾ الجهائي ڪوارٽر ۾ وٺي وياسين ۽ فدا نشاني تان گم ٿي ويو. اها خبر نہ اديب کي آهي نہ فدا ميراڻيءَ کي.
چانڊڪا ۾ انھن ٻن وڏين سياسي پارٽين کان علاوہ بہ وڏين، ننڍين پارٽين جا يا ڇوڪرن جا ڪي ننڍا وڏا جهيڙا ٿيند اهئا مگر اهي لکڻ سان ڊيگهہ ٿيندي.
چانڊڪا جي ان ڀرپور سياسي ڪلچر جو سياسي پارٽين خوب فائدو ورتو ۽ سياسي پارٽين جي شاگرد تنظيمن جا مرڪزي ڪنوينشن بہ چانڊڪا ۾ ٿيا.
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ڏھہ سالہ جشن بہ چانڊڪا ۾ ٿيو هو جنھن جي مھمان خاص اڄڪلھہ جي وزير تعليم ڊاڪٽر حميدہ کھڙو هئي، ان جشن ۾ گل محمد جکراڻي کان وٺي جيئي سنڌ جا شاگرد اڳواڻ شريڪ ٿيا. اسٽيج سيڪريٽري، ھہ آ، هيو. جنھن مختلف تاريخن جا حوالا ڏنا هئا. محمود درويش کان وٺي اگستينو نيتو جي شاعري ان ۾ پڙهي وئي هئي. پبلونرودا کان قاضي نذرالاسلام جي شاعريءَ جا ترجما اتي پڙهيا ويا.
خاص طور تي محمود درويش جو شعر:
جڏهن ڳالھہ عشق جي ايندي تہ مان اتي جان ڏئي ڇڏيندس
پر جڏهن ڳالھہ ڌرتي جي ايندي تہ مان ان تي عشق بہ قربان ڪري ڇڏيندس.
جيئي سنڌ جي ان فنڪشن ۾ ڪيترن ئي ٻين پارٽين جا ڇوڪرا پنھنجون پارٽيون ڇڏي جيئي سنڌ ۾ شامل ٿيا. انھن وقت ليڊرن جي لوٽو ٿيڻ جو ڪو چڪر هوندو ئي نہ هو ۽ لوٽي لئہ ٻہ مناسب لفظ شنگورو ۽ شڪرو استعمال ٿيندا هئا. پارٽين ۾ مير جعفر ۽ مير صادق تہ نہ هوندا هئا پر ننڍڙا نظرياتي اختلاف، ذاتي پسند ناپسند، ڪڏهن ڪڏهن پارٽي ليڊرن ۽ ورڪرن جو رويو شاگردن کي شنگورو ۽ شڪرو ڪرڻ تي مجبور ڪندو هو. ٻيو تہ محفلون بہ ماڻھن تي اثر انداز ٿين ٿيون. محفل جي جذباتي ڪيفيت ڪڏهن ڪڏهن ماڻھوءَ جي توازن کي ڍرو ڪري وجهندي آهي. سياري جي سرد رات ۾ قومپرستي جي نعرن جي گرم آبشارن ڪيترن ئي منجمند دلين ۾ نئين حرڪت آندي هئي. حقيقت ۾ اهو ڏھہ سالہ جشن جيئي سنڌ جو هڪ ڪامياب ۽ اثرائتو جشن هو جنھن جي قومي گيتن جا پڙاڏا ڪافي ڏينھن تائين چانڊڪا جي ڀتين مان ايندا هئا ۽ شاگرد لتا ۽ رفيع ڪشور ۽ مهدي حسن، نورجھان ۽ غلام علي جي گانن بجاءِ قومي گيت ڳائيندا هئا ۽ جهونگاريندا هئا ان فنڪشن ۾ هڪ نرالو پن اهو نظر آيو تہ اهو ڪو جذباتي نہ پر ان فنڪشن ۾ انتھائي مفڪرانہ ۽ مدلل قسم جون تقريرون ڪيون ويون. اهو ئي فنڪشن هيو جيڪو جيئي سنڌ وارن جي علمي ۽ عملي جدوجھد جو هڪ تصور ۽ تاثر اڀاريندو هو ان جھڙو گهٽ ۾ گهٽ جيئي سنڌ جو ٻيو فنڪشن مون کي نہ وڻيو هو.
ان وقت داغستان جو شاعر حمزہ رسول توف ايترو مشھور ڪو نہ ٿيو هو نہ تہ هن جو هي شعر قومپرستن جو پسنديدہ شعر هجي ها:
جيڪڏهن توسان هڪ لک ماڻھو پيار ڪن تہ ان ۾ مان هوندس
جيڪڏهن توسان 10 هزار ماڻھو پيار ڪن تہ ان ۾ مان هوندس
جيڪڏهن توسان هڪ هزار ماڻھو پيار ڪن تہ ان ۾ مان هوندس
جيڪڏهن توسان هڪ سئو ماڻھو پيار ڪن تہ ان ۾ مان هوندس
جيڪڏهن تو سان 10 ماڻھو پيار ڪن تہ ان ۾ مان هوندس
جيڪڏهن توسان هڪ ماڻھو پيار ڪري تہ ان ۾ مان هوندس
جيڪڏهن توسان ڪو بہ ماڻھو پيار نہ ڪري تہ سمجهہ مان مري چڪو آهيان
پوءِ ڪڏهن اهي انگريزي نالا وري مذاق ۾ بہ هڪ ٻئي لئہ استعمال ٿيندا هئا ۽ گارين لئہ پڻ. مثلاً: اگسٽينيونيتو ماءُ جو . . . . . . . . . . . . پبلونرودا . . . . . . . . . tests نروار وغيرہ وغيرہ هستين جو احترام هوندو هو پورو پورو، مگر مذاقي ماڻھن کي ڪير ٿو روڪي سگهي.
ٿيو تہ چانڊڪا ۾ سپاف جو مرڪزي ڪنوينشن بہ هيو جنھن ۾ پڻ سڄي ملڪ کان سپاف جا شاگرد آيا هئا ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ جو پڻ مرڪزي قسم جو فنڪشن چانڊڪا ۾ ٿيو هو جنھن ۾ ڊاڪٽر منير ڀرڳڙي کان علاوہ ڊاڪٽر آڪاش انصاري بہ آيو جنھن پنھنجو نظم:
امان او امان،
رات جي رهزنن جي هٿان،
مان جي ماريو وڃان
تون نہ روئجانءِ منھنجي پياري امان
۽ ائين جماعت اسلامي ۽ اصغريه اسٽوڊنٽس جا مرڪزي ڪنونشن بہ چانڊڪا ۾ ٿيا، چانڊڪا ۾ مذهبي ڏينھن ملھائڻ تي بہ ڪا پابندي نہ هوندي هئي. علامہ نصير ترابي جي پائي جا عالم بہ چانڊڪا ۾ ايندا رهيا. ٽوڙهي ڪيس جي واقعي جون ڪڙيون بہ چانڊڪا سان ملن ٿيون جو ٽوڙهي جا شھيد چانڊڪا ۾ فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ اچن پيا ۽ انھن سان اهو تاريخي الميو پيش آيو. شاگردن جون ڪربلائون بہ پنھنجون آهن. جوانيءَ ۾ شھادت ماڻيندڙ بہ ڪو گهٽ درجو نہ ٿا ماڻين. مون هڪ انگريز سپاهيءَ جو واقعو پڙهيو هو تہ هو هڪ فرانسيسي جيل مان ڀڳو ۽ هڪ ڪاٺي جي ڪمزور ٻيڙي ذريعي انگلش چينل پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. فرانسيسين ان کي پڪڙيو ۽ بادشاھہ سامھون پيش ڪيائون.
جرنل انگريز سپاهيءَ سان طنزيہ ڳالھايو:
توکي ڀڄڻ جي ڪھڙي ضرورت هئي، تون چوين ها تہ ان ڪمزور ٻيڙيءَ سان توکي انگلش چئنل ۾ پاڻ ئي پھچائي اچون ها. اهو تہ طئه هو تہ اها ٻيڙي ڪڏهن بہ سلامت انگلش چئنل پار نہ ڪري سگهي ها.
۽ ڇا تون هاڻي بہ ائين ڪندين؟
سپاهيءَ وراڻيو جي
جرنل پڇيو ڇو؟
ڇو جو منھنجي ضعيف ماءُ کي منھنجي ضرورت آهي ۽ اسان وٽ تہ ويدن جي دور کان وٺي ڌرتي ماءُ ئي رهي آهي ۽ ڌرتي ماءُ ئي رهندي ان لاءِ ئي اياز جھڙي شاعر هي سٽون تخليق ڪيون:
سنڌڙيءَ تي سر ڪير نہ ڏيندو
سھندو ڪير ميار او يار
سھندو ڪير ميار او يار

چانڊڪا جون ڇوڪريون

اهو تہ قدرت جو قانون آهي تہ جڏهن جواني اوهان جي من ۾ دستڪ ڏئي تہ جيون جون سڀ امنگون، تمنائون، هارمونن جي اثر هيٺ اچي، ڀيٽور جي مرگهن جيان اڃايل هوندي بہ ڇالون هڻن ٿيون ۽ اهو نماڻو پن اهڙو هڳاءُ پکيڙي ٿو جو مذڪر ساٿيئڙا مست ٿي ٺينگ ٽپا ڏئي ڪنھن اڻ ڏسندڙ خوشيءَ جو اظھار ڪرن ٿا. چانڊڪا ۾ جڏهن بہ بھار ايندي هئي تہ اها فقط يوڪلپٽس، سرنھہ جي گهاٽن وڻن، ڪجهہ گلابن ۽ رابيل جي اڻ ٽڙندڙ خوشبوئن جو واس ڏيندي هئي اتي نارين جي انڊلٺي رنگن ۽ رنگ برنگي ويسن جو ڪو بہ نماءُ نہ هوندو هو. هتي ڪا بہ اهڙي ڳالھہ ڪو نہ هوندي هئي جو جھڙا گل گلاب جا هجن تھڙا مٿن ويس هجن، نہ ڪاڪ جون راڻيون هيون نہ ڪاڪ جا ڪڪوريل راڻا. چانڊڪا جي بھار بہ سادگيءَ سان گذري ويندي هئي ڪڏهن ڪڏهن پرويز ٽاڪ منجهند جو روم مان اٿاري وڃي چوسول تي جوس واري وٽ وڃي ويھاريندو هو ان جو پنھنجو شڪارپوري انداز هو. پوءِ جڏهن سج پنھنجي گرمي وڃائي ٿڌو ٿيندو هو تہ پرويز جي گرلز هاسٽل جي ٽيرس تي کتل بي نور اکين ۾ روشني اچي ويندي هئي. ڪا ڪڻڪ رنگي اپسرا اچي پنھنجا وار اگهندي هئي تہ پرويز اهو منظر ڏسي مانھہ جي اٽي وانگر ڦوڪجي ويندو هو ۽ مون کي شاھہ جو هي بيت ياد ايندو هو:
جنھن تڙ ڌوڙون ڌئن چوٽا چندن چڪ ڪيو
اچن ڀنور ڀنڀوليا پاڻي تنھن پون
راول رتو رئن ڪہ وه لڳو واسيئن

۽ اپسرا جي غائب ٿيڻ سان ئي پرويز جي اکين ۾ ساروڻين سان گڏ نيڻن جا ڪڪر برسڻ شروع ٿي ويندا هئا ۽ پوءِ اهو هٿ وٺي هڪ ڊگهو چڪر هڻندو هو.
اسان جي دور ۾ چانڊڪا ۾ ڇوڪرين جو ڪال هوندو هو ٽي سئو کان وڌيڪ ڇوڪرا 10 يا ٻارنھن ڇوڪريون. ان دور ۾ ڇوڪريون انتھائي همت واريون هونديون. سنڌي سماج جي پابندين ۾ جڪڙيل ڇوڪريون، جن لاءِ پيار ڪرڻ تہ ڏوھہ پر پيار جو اظھار ڪرڻ بہ ڏوھہ. ڇوڪريون تہ گهٽ تعداد ۾ هوندي انتھائي دٻاءَ جو شڪار هونديون هيون ڇو تہ انھن لاءِ مائٽن جون بي جا پابنديون، پاڙي جي ڇوڪرن جون جاسوسيون چانڊڪا جي ڇوڪرن جون عجيب نگاهون. اجايون طنزون اهي سڀ سبب هئا هتان جي ڇوڪرين کي خاموش رکڻ لئہ پر پوءِ بہ ان دور جون ڇوڪريون سماجي، ثقافتي، ادبي، ۽ سياسي ميدان ۾ اڳڀريون هونديون هيون پڙهائي ۾ اهي ڇوڪرن کان ڪنھن بہ نموني اڳي نہ هونديون هيون. چانڊڪا ۾ ڇوڪرين جي گهٽتائي ڇوڪرن کي اندروني مايوسيءَ جو شڪار بڻايو هو پر ڪو بہ ان ڳالھہ جو کلي اظھار نہ ڪندو هو. اسان کان هڪ سينيئر ڇوڪرو منصور هوندو هو. منصور منظرنگاريءَ جو ماهر هو هو ڪنھن کي ڪنڊو لڳي تہ ائين پيش ڪندو هو ڄڻ ڪو وڏو الميو ٿيو هجي ۽ مان منصور کي چوندو هيس تہ منصور تون تہ مجلسون پڙھہ. ڏاڍا ماڻھو رئاريندين. هن ڊاڪٽريءَ مان توکي ڇا ملندو اهو ڏٻرو سنھڙو منصور جنھن هڪ پرائمري استاد جي زندگيءَ تي نجات ڪھاڻي لکي هئي سو اندر ئي اندر سنڌ جو عاشق هو هن جون تحريرون خوبصورت هيون هو پيڙا ڀوڳيندڙ شخص هو.
منصور شاعريءَ بہ ڪندو هو ۽ ان جو هي ٽيڙو:
ڪي ڪي ماڻھو مور الا،
نازڪ نازڪ مٺڙا مٺڙا،
پاءُ گلن جي تور الا.

مان کيس ڏاڍو کوليندو هيس تہ پاءُ گلن جي تور وارو ماڻھو ڪير آهي پر منصور پيار جو اظھار نہ ڪيو. ان دور ۾ حقيقي محبوب جو تصور، ڏاڍو، مھانگو، لڄائتو ۽ جان ليوا هوندو هو. ان لئہ سڀني وٽ تخيل جا محبوب هوندا هئا. چانڊڪا مان نہ ملندڙ پيار سبب منصور وڃي پشاور جي ڊاڪٽرياڻيءَ کي جيون ساٿي بڻايو. جنھن پيار جي منصور کي چانڊڪا ۾ طلب هئي اها هن کي ڪو نہ ملي چانڊڪا جي شاگردن جو وڏو الميو ئي اهو هوندو هو تہ هتي ڇوڪريون ڪافي گهٽ هيون ان لاءِ ڪيترائي منصور پيار جي اڏيءَ تي پراون هٿان ڪسجي ويا. مان سوچيندو هوس تہ اسان کان پٺتي پيل يورپ ڇو ترقي ڪئي ٻين سببن کان علاوہ اهو بہ سبب مليو تہ اتي عورت ۽ مرد گڏجي ڪم ڪيو. نون پيارن جنم ورتو. پرينءَ کي متاثر ڪرڻ جي احساس ۾ مردن ۽ عورتن مقابلي ۾ محنت ڪئي جنھن جي نتيجي ۾ ڪئي. عظيم نظريا، تجربا ۽ ايجادون وجود ۾ آيون. ٻڌڻ ۾ آيو آهي تہ آئن اسٽائن جي جڳ مشھور ٿيوري نظريه اضافت special theory of relativity بہ پيار جي خطن مان جنم ورتو آهي. آئن اسٽائن جي محبوبا ميلويا ميرڪ آئن اسٽائن سان گڏ phd ڪندي هئي ٻنھي جو پاڻ ۾ پيار ٿي ويو. ٻنھي هڪ ٻئي کي پيار جا خط لکيا ۽ انھن ۾ subject ۽ theory بہ discuss ڪئي وئي ۽ پيار جي انھن خطن مان عظيم نظريئي جنم ورتو. سو چانڊڪا ۾ بہ جيڪڏهن ڇوڪريون ڇوڪرن جيتريون هجن ها تہ هتي بہ گهڻو ڪجهہ ٿئي ها، علم ۽ عقل جي ميدان ۾.
اسان ڪلاس ۾ ويٺا هئاسون تہ هڪ شڪارپور جي ڇوڪري ڪنھن ڇوڪريءَ کي چاڪ هنيو. مان سمجهيس تہ بس ڄاڻ لڙائي ٿي. مارا ڪٽي ٿي، پٽڪا لٿا ۽ ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ اهي ٻئي بجليءَ جا ٿنڀا ٿي ويا يعني ڪلاڪن جا ڪلاڪ گرلس هاسٽل جي وڻن جي هيٺان بيٺا هوندا هئا. بي حس و حرڪت ان لاءِ مان انھن کي بجليءَ جا ٿنڀا ڪوٺيو آهي. پوءِ اهي ڇوڪري ۽ ڇوڪرو ڪينٽين تي نظر آيا آخر وڃي شادي ڪيائون هاڻي انھن جون ”س“ فلڪ ۾ گجگوڙ ڪندي آواز کان تيز رفتار عقاب اڏائيندو آ، اسان وٽ ڊاڪٽرن جي شادي شده جوڙن جي ڇڙو ناڪامي جو ئي ذڪر ايندو آهي انھيءَ جو سبب اهي پروفيشنل مجبوريون آهن جيڪي هڪ قسم جي تعلقاتن جي تشنگيءَ جو سبب بنجن ٿيون مگر مون ڏٺو آهي تہ ڊاڪٽر جوڙا بھترين والدين آهن ۽ انھن جا ٻار الاهي نمايان رهن ٿا.
ها ڳالھہ پئي ڪئي سون چاڪ سان عشق ۾ ڪامياب ٿيڻ جي مون کي پنھنجي ماءُ طرفان ٻڌايل ڏوهٽي نانيءَ جي ڪھاڻي ياد اچي وئي. ڏوهٽي نانيءَ کان پڇيو تہ ناني عشق ڪيئن ڪبو آ. نانيءَ وراڻيو تہ ابا ڪنھن کي ڀتر هڻبو آهي، ڪنھن کي لڪرڙو هڻبو آ، نانيءَ ڏوهٽي سان نظر هڻڻ جي ڳالھہ نہ ڪئي ان ڪري ئي مان بہ نانيءَ جي صلاح تي ڀتر کڻي عشق ڪرڻ نڪتس ۽ عثمان کي چيم تہ مان بہ عشق ڪرڻ ٿو وڃان. ٻاهر باگڙين جي ڪتي الر ڪئي مجبورن ڀتر ان کي هڻڻو پيو. واپسيءَ تي عثمان پڇيو ڇا ٿيو چيومانس تہ في الحال تہ ڀتر ڪتي کي هنيو آ ڇا ٿو جواب ڏئي. عثمان کلي چيو تہ چڱو ٿيو جو ڀتر ڪتي کي هنئي جو بچي وئين نہ تہ جيل وڃين ها مان بہ سينو تاڻي چيومانس عاشقن جو مقدر ريل يا جيل.
نانيءَ جي ڪھاڻيءَ تي ڪيترن ئي شاگردن عمل ڪيو جيڪي ڪٽڪي کان اڳتي نڪري ويا اهي مور ٿيا. اوهان بہ سوچيندا هوندئو تہ اهي مور ڪيئن ٿيا.
مثال طور:
اسان جي ڪلاس جي هڪ انتھائي صحت مند ڇوڪريءَ کي ڪنھن ڇوڪري لفظن جو ڀتر هنيو سامھون ڀنگياڻي ٻھاري پئي ڏي. ڇوڪريءَ ڇوڪري کي چيو ماءُ ڀيڻ ڪونھي ڇا؟
ڇوڪرو بہ حاضر جواب هو چيائين تہ ماءُ ڀيڻ تہ گهر ۾ آهن باقي I love you. .
ڇوڪريءَ پيار ڀري انداز ۾ پنھنجي ٽرڙو عاشق کي چيو تہ ڀنگياڻيءَ کان اهو تيلن وارو ٻھارو کسي anus ۾ لنگهائي مور ٺاهي ڇڏينديسائين۽ چانڊڪا ۾ ڇوڪرين هٿان ڪيترن ئي شاگردن اهي عزت ڀريون بيعزتيون ڪرايون. چانڊڪا جي انھيءَ دور ۾ اهو ڇوڪرين جو confidence هيو. جنھن انھن کي هڪ عزت ڀريو جيئندان ڏنو.
اسان جڏهن وياهئاسون تہ اسان سان فولنگ ڪو نہ ٿي منھنجي فرسٽ ائير وارن ڏينھن ۾ هڪ تقريري مباحثو ٿيو هو ان دور ۾ مان پتڪڙو ۽ ڦڙتيلو هوندو هوس.
اسٽيج تي تہ آءٌ اهو گهڻو ڪجهہ چئي آيس تاڙيون بہ گهڻيون وڳيون.
صبح جو مون سان وڏي ٽريجڊي ٿي پراڻي آڊيٽوريم سامھون پاڻيءَ جو ٿڌو ڪولر هو، اتي مان پاڻي پيو پيان بس پوءِ تہ ڄڻ ٻڪري شينھن کي هٿ اچي وئي. مان بہ ڇوڪرين کي اڪيلو هٿ اچي ويو هوس. هڪڙي ڇوڪريءَ چيو تہ هي گابڙو ڪٿان ڇڙي آيو آهي. ٻيءَ چيو تہ چهوڙو بچا هي رو پڙي گا. جملن جي ڀرمار سان منھنجو رنگ پيلو ٿيڻ شروع ٿيو اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. ذري گهٽ روئي پيو هئس پوءِ ڪنھن ڇوڪري منھنجي اها حالت ڏسي پيار سان ڀاڪر ۾ وجهي مٿي تي هٿ رکي چيو تہ ادڙا ڏک نہ ڪجانءِ هي چريون آهن مان ڪڇان تہ ڇا ڪڇان چپ چاپ پٽڪو لھرائي روم ۾ آيس دل ۾ سوچيو تہ بدلو وٺندس ڪا هڪ ملي تہ گاريون ڏيندو مانس انھيءَ عمر ۾ اهڙي قسم جا خيال اچڻ عام جام ڳالھہ آهي. پر بيعزتيءَ جي ڀوءَ کان عثمان کي بہ نہ ٻڌايم.
چانڊڪا جي ڇوڪرين جي گهٽ تعداد سبب هتي گهٽ رومانس ٿيا جي ٿيا تہ بہ ڳجهہ ڳوھہ ۾ اسان کان سينيئر وارن بئنچن ۾ ڪجهہ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جا جوڙا بہ نظر ايندا هئا ڪن شاديون بہ ڪيون تہ ڪي ائين رهجي ويا. باقي جيئن تہ مان لکندس تہ اهو تعليمي، پر سياسي دور وڌيڪ هيو. ڇوڪريون يا تہ سياسي يا ثقافتي پارٽين جون ميمبر هونديون هيون يا همدرد ان لئہ اڪثر سياسي ليڊر ڪو نہ ڪو سياسي بھانو بنائي مڙئي گرلس هاسٽل جو چڪر هڻندا هئا. ڇوڪرين سان% 50عشق جي ڪامياب ٿيڻ جي آسري تي چانڊڪا مان اڪثر ڇوڪرا ڪنوارا ئي رهجي ويا انھن ۾ ي virgin بہ هوندو هو. سکر جي ڀرپاسي جي علائقي جو اهو پوءِ وڃي اڌ درويش ٿيو ۽ عشق جي چوٽ ۾ شايد اڄڪلھہ پرچون جو دڪان هلائي ٿو. جيڪي ڇوڪرا ڇوڪرين سان هڪ طرفو عشق ڪندا هئا تہ انھن جو راز فقط انھن جا روم پارٽنر ڄاڻندا هئا ۽ انھن کي ان ڇوڪريءَ جي نالي جي پھرئين اکر سان سڏيندا هئا.
جيڪڏهن ڇوڪريءَ جو نالو سلميٰ هوندو هو تہ ان جو پارٽنر ان کي پنھنجي مخصوص طنز سان سڏيندو هو. سرائي ڇا حال آ، ۽ ٻئي جي طرفان عاشق جي محبوب جو نالو جيڪڏهن فھميده هوندو هو تہ ان کي ڇوڪرا چوندا هئا ”ف“ ڦيٿو. ڦيٿا ڇا حال آهي. چانڊڪا جي ڇوڪرن جي هتي massive قسم جي عشق ۾ ناڪاميءَ جي صورت ۾ اڪثر وڃي پنھنجي علائقن ۾ ڪنھن ڇوڪريءَ سان سُر ملائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
چانڊڪا جي بٺيءَ مان پڪل انھن جگنين ڪيترن ئي پروانن کي جلائي ڇڏيو ۽ اهي ٽاڪ منجهند جو پيرين اگهاڙا ٿي وڃي در کڙڪائيندا هئا تہ منھنجي جگني تہ هتي نہ آئي. مجال آهي ڪنھن ڇوڪري کي جو ڇوڪريءَ سان بدتميزيءَ ڪري پوءِ تہ ان ڇوڪريءَ جون همدرد پارٽِيون اٿي پونديون هيون ۽ ڇوڪرو رسڪ نہ کڻي سگهندو هو. جيڪڏهن ڪو استاد بہ ڪنھن ڇوڪريءَ سان گٿو ڳالھائي وٺندو هو تہ نہ فقط ان جي بدنامي ٿيندي هئي پر بيعزتي بہ ٿيندي هئي اهڙي قسم جا واقعا very Rare تمام گهٽ هئا. چانڊڪا جي ڇوڪرين جي مخصوص سڃاڻپ هوندي هئي جيڪا اوهان کي هن شعر مان ملندي.
رنگت ۾ پيلي هجي، ڏسڻ ۾ شرميلي هجي
ڪڏهن ڪو نہ مرڪندي هجي، ڇڙو ڇوڪرن کان ڇرڪندي هجي
ڳل ڪيڏو پئس ڪجهہ نہ ڪڇي ڄڻ تہ گونگي هجي
سدائين ايپران پھريل هجيس مٿان نقاب وريل هجيس
ڪٿي بہ پيارا اوهان کي اهڙي عورت ملي
بلا ڌڙڪ سمجهي وڃو. ڇوڪري چانڊڪا جي اٿوَ.

انھن ڏينھن ۾ جنھن ڏينھن ڊبيٽس فنڪشن ٿيو اتي هڪڙي ڇوڪري نئون لباس ۽ نئون فيشن ۽ هيئر اسٽائيل ۾ آئي. تازو تازو ئي لنڊن ۾ شھزادي ڊائنا جي شادي پوري دنيا ۾ live telecast ٿي هئي ان ڪري ان ڇوڪريءَ جو اسٽائيل ليڊي ڊائنا جھڙو هو. ان ڪري ان کي ليڊي ڊائنا چوندا هئا. ليڊي ڊائنا ان وقت چانڊڪا جو هاٽ ٽاپڪ هو پر ٻن ٽن ڏينھن ۾ ڪافي ڇوڪرن جا رنگ jaundice جھڙا ٿي ويا جو خبر پئي تہ ليڊي ڊائنا جو مڱيندو چانڊڪا ۾ پڙهندو آهي ۽ ان جو cousin آهي. Cousin لفظ سنڌيءَ ۾ گهٽ ئي استعمال ٿيندو آهي ۽ پوءِ چانڊڪا ۾ بہ استعمال ٿيڻ لڳو. ڪجهہ ڏينھن ۾ ان ليڊي ڊائنا جھڙي ڇوڪريءَ جو ڪنھن ٻي ڇوڪريءَ سان جهيڙو ٿيو. ان ڇوڪريءَ جي مڱيندي جيڪو طاقتور هو ان ڊائنا جھڙي ڇوڪريءَ کي ڇنڊ پٽي پوءِ تہ ٻئي ڏينھن چانڊڪا سراپا احتجاج ٿي وئي. ڪلاسن جو بائڪاٽ ٿيو. جلوس نڪتو جلوس جي اڳواڻي ليڊي ڊائنا جو مڱيندو پيو ڪري ۽ ان جو هڪڙو نعرو هيو.
”سنڌي نياڻين کي تحفظ ڏيو“
جڏهن جلوس ختم ٿيو تہ سڀني ڇوڪرن ان ڊيانا جي مڱيندي کي ورايو تہ اڙي تنھنجي تہ مڱيندي آهي تنھنجي نياڻي ڪيئن ٿي. پوءِ تہ اهو ڇوڪرو ڏاڍو لڄي ٿيندو هو. چانڊڪا جي اداس هوائن ۾ پيار جون بوندون ورلي ئي وسنديون هيون. ان وقت چانڊڪا جا ڇوڪرا ساگر جي سپن جيان وات پٽي هلندا هئا تہ ڪٿان ڪا محبتن جي سانوڻي شروع ٿي ڪو پيار جو وڏ ڦڙو وسي پئي مگر جي وٺو پئي تہ پيار جو ڳڙو جنھن هڻي ڇورن جا مٿا ڦاڙي وڌا، پيار جي واس کان وانجهيل هي ڇوڪرا اڪثر انقلابن جون ڳالھيون ڪندا هئا. پر پوءِ بہ چانڊڪا ۾ ڇوڪرين جي سڀائتي ۽ سلڇڻي ورتا سبب اخلاق جا گل وسندا هئا. باقي شل ڪنھن ڇوڪري کي ڪا تڪليف ٿي تہ ڇوڪريون عيادت کان وٺي چندي ڏيڻ تائين ڇوڪرن کان اڳي هيون. انھن ئي ڏينھن ۾ هڪڙو ٺاهوڪو سھڻو ڇوڪرو ابوبڪر ڪلوڙ hepatitis b سبب بيھوش ٿيو. ان جي مائٽن جي اچڻ کان اڳ ان جي ڪلاس جي ڇوڪرين پنھنجا زيور لاهي وڪڻي بہ ان لاءِ پئسا گڏ ڪيا هئا پر ابوبڪر ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. چانڊڪا جي ڇوڪرين جو اهو ورتاءُ مون کان ڪڏهن بہ نہ وسرندو تہ ڇوڪرن سان ان جي ڏک ۾ ڪلھو ڪلھي سان ملائي بيھنديون هيون. ائين بہ ٿيو تہ جي ڇوڪريون ڪنھن ڪوئز ڪامپيٽيشن يا ڊبيٽس ۾ ڪنھن ڇوڪري کان کٽي بہ ويون تہ ان جي اداسيءَ تي انھن کي ايڏو تہ صدمو رسندو هو تہ کٽيل انعام بہ هاريل ڇوڪرن کي اچي ڏينديون هيون. ڇوڪريون ڇوڪرن جو ايڏو خيال ڪنديون هيون جو پڙهنديون بہ گهٽ هيون تہ متان ڇوڪرن کان مارڪون مٿي اچن ۽ ڇوڪرا مايوس ٿين.
ها ڳالھہ پئي ڪئي سون ڊيانا جھڙي ڇوڪريءَ جي مڱيندي سان ٿيل جٺ جي پوءِ انھن جي شادي ٿي انھن جي شاديءَ جو انجام بہ اهڙو ٿيو جھڙو چارلس ۽ ڊيانا جو يعني هنن جي بہ عليحدگي ٿي وئي. اسان وٽ آخر يورپ جيان چاهتون ڇو ٿيون بدلجن هُتي هنن چاهتن پويان ايڏيون ذلتون ۽ اذيتون بہ نہ آهن اسان وٽ آخر ائين ڇو ٿو ٿئي تہ جان ڏيندڙ جوڙن ۾ عليحدگيون ٿيون ٿين. اسان جي سوچ جو پنھنجو انداز آهي اسان ٻئي اسپيشلي زال مڙس هڪ ٻئي جي احساسن، امنگن، جذبن، خواهشن تي ايڏو ڌيان نٿا ڏيون اسان وٽ pre ocupation آهي يعني تہ مان صحيح آهيان ڀائي ٻيو بہ تہ صحيح ٿي سگهي ٿو. اسان هڪ ٻئي جا مسئلا ۽ مجبوريون ڄاڻندي بہ اڻڄاڻ ٿيڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ان کان علاوہ اسان جي نجي زندگيءَ تي معاشرتي، سماجي، خانداني، قبيلائي اثر پڻ پون ٿا. اسپيشلي اسان وٽ ڪم ڪندڙ عورتن لئہ ڪافي ناموافق حالتون آهن.
سو مون کي انھن پيار جي پکيئڙن جي وڇڙجڻ جو ايڏو ئي غم آهي جيترو ڪو ڀاءُ پنھنجي ڀيڻ لاءِ رکي ٿو. يا ڀاءُ پنھنجي ڀاءُ لئہ رکي ٿو. اميد آهي تہ هي ٻئي مسيحا پنھنجي مسيحت سان الڳ الڳ نالو ڪمائيندا.
سو چانڊڪا جي ڊيانا چانڊڪا جي شاگردن جي ذهنن تي گهڻو عڪس ڇڏي وئي هئي سونھن، سوڀيا، مڃتا گهرندي آ، پر سونھن جو بہ اثر آ. نہ وسندڙ بلاشڪ مجاز کان ڪو ڪجهہ بہ چئي پر چھرن جا عڪس ڪڏهن ڪڏهن دل جي ڪينواس تي پنھنجو ڇاپو ڇڏي ويندا آهن.
چانڊڪا جي ڊيانا ڪھڙو درد ڀوڳيو ان جي تہ خبر نہ آهي مگر رشتن جي اذيت، ويجهو هوندي بہ هڪ اڻ ڪٿي دوريءَ تي هوندي آهي. قربت جي بک يا چاهت، جذبا، چاهتون، خوشيون، اميدون بہ ورهائي ڇڏيندو آهي ۽ ماڻھو خود کي ازدواج جي قيد ۾ محسوس ڪندو آهي. جسمن جو ويجهو اچڻ بلاشڪ فطرت جي قانون مطابق، انسان جي تخليق جي عمل ۾ شامل ٿيڻ آهي مگر روح جي دوري ڪڏهن نہ ڪڏهن ازدواج جو قيد ٽوڙي ڇڏيندي آهي ۽ ماڻھو بارگيننگ ۽ ڪمپرومائيز جي خول کي پاڻھي ئي ٽوڙي آزاد ٿيڻ چاهيندو آهي ۽ اها آزادي ذلتن جي تنھائيءَ ۾ نئون قيد ڏيندي آهي. مگر ماڻھو پوءِ آزاد رهڻ چاهيندو آهي priorties جي تبديل ٿيڻ جو عمل پنھنجي رفتار سان وڌندو رهي ٿو.
مگر لاشعور ۽ شعور جي وهڪرن جو هڪ ئي ترياق آهي پيار اهو پيار ان نوراني سفيديءَ جو اهو سفر آهي جيڪو هميشہ ئي شفاف ڪھڪشائن ڏي وڌندو آهي فضا جي تھن جي دز جي ان ۾ ڪا ميراڻ ملائي ڇڏي تہ پيار پيار ئي نہ رهندو آهي سو اصل ازدواج جي قيد ۾ انھن خواهشن جي ميراڻ کان بچڻو پوندو آهي يا استاد جي هن سٽ وانگر سوچڻو پوندو آهي تہ
”پيار جي بدلي پيار گهرين ٿو حيف هجئي استاد”
اها رشتن جي سلامتي ۽ ماڻھوءَ جي ماڻھپي جي جدول آهي سو چانڊڪا جي ڊيانا جو درد تہ مون کان محسوس نہ ٿي سگهيو مگر جڏهن ليڊي ڊيانا حادثي ۾ فوت ٿي تہ ايليٽن جان ”هوائن ۾ موم بتي“ نالي نظم ڳايو هو ۽ چانڊڪا جي ڊيانا جي بجاءِ مان ڊيانا جي درد کي لکيو هو پر سينٽرل آئيڊيا يا اثر چانڊڪا جي ڊيانا جو ئي هو.


اوشھزادي
مان تنھنجي قبر تي
شمع ٻارڻ نہ ٿو اچان
۽ ڏيئو ٻاري
تنھنجو انتظار ڪندو ٿو رهان
تون شايد منھنجي سادگيءَ تي
منھنجي ديوانگيءَ تي
کلندينءَ
مگر مان تنھنجي قبر کي
قبر نٿو سمجهان
۽ توکي زندہ ٿو سمجهان
ٻڌ جڏهن کان جوڊي وليمس کي
امن جو نوبل پرائز مليو آ
تہ اپاهج ٻارن جون
نہ کٽندڙ قطارون
پنھنجي پيرن تي بيھي رهيون آهن
هو ڏس فوٽ بال کيڏن ٿا
هو ڏس رگبي کيڏن ٿا
هو ميراٿن ڊوڙن ٿا
انھن جي سرواڻ تون آهين
۽ تون مئي ناهين
ايليٽن جان سر ٿيو آ
لکين CD ۽ LD کپيون آهن
مان اجنبي ٻوليءَ جو مسافر
جان جي ڏک کي سمجهي نہ ٿو سگهان.
مگر منھنجي سامھون
هنن جي ڳلن تي نمڪين ڳوڙها
ڪرن ٿا
هو جو فٽ پاٿن تي سمھن ٿا
هو جي گند جي ڪچرن تان
ماني ڳولي کائن ٿا
هو جو جڳهين ۾
اذيت سان ساھہ کڻن ٿا
هو جو بيوس آهن، نادار آهن
لاچار آهن
اهي ڀلا شھزاديءَ لئہ ڇو روئن ٿا
ڇو جو شھزادين ئي تہ انھن جون
خوشيون کسيون آهن
مگر هو روئن ٿا بيڪنگهم پيلس
جي شھزاديءَ لئہ
حتيٰ ڪہ انھن سفيد آقائن جي
راڻين جي زيورن ۾
پرفيومن ۾
لباس ۾
انھن جي ماني قيد آ
هو سانت ۾ روئڻ بجاءِ
ڍاڍيون ڪري روئن ٿا
هو سرٻاٽن ۽ سڏڪن ۾
چون ٿا
هوءَ تہ محلن جي ديوارن کان نفرت ڪندي هئي
هوءَ تہ محلن جي روشنين کان نفرت ڪندي هئي
هوءَ تہ محلن جي رونقن کان نفرت ڪندي هئي
هوءَ تہ محلن جي محفلن کان نفرت ڪندي هئي
هوءَ تہ جهوپڙين جي شھزادي آ
ها مان حيران آهيان
تہ جيڪا منھنجي خوابن جي دنيا آ
ها جا منھنجي ماڻھن جي خوابن جي دنيا آ
ان کي تو ڪيئن خير آباد چيو
۽
تون تاج محل تي اڪيلي هلي آئين
من جي شانتي لئہ
تو ڇا ڇا نہ وڃايو
پنھنجا اعزاز
پنھنجي جواني
پنھنجو گهر
پنھنجا ٻار
پنھنجي ننڊ
پنھنجا خواب
پنھنهجي آزادي پنھنجون خواهشون
پر توکي تہ ٻين جي ڏکن کي
سمجهہڻو هو
توکي انھن ڏکن کي سمجهہڻو هو
جيڪي محلن ۾ ميسر نہ هئا
شاهي آدابن ۾ ميسر نہ هئا
۽ اهي اميرن جي منافقانہ مسڪراهٽن ۾ ميسر نہ هئا
محل ۾ تنھنجي حسن جي طلسم
تنھنجي روح کي قيد ڪيو
۽ شايد تون ان قيد مان فرار ٿيڻ پئي چاهيو
ڇو جو تون جڳهين جي ملڪه هئينءَ
۽ اها خوشي جيڪا ماڻھو
ماديت ۾ ڳولين ٿا
توکي راس نہ آئي
هن سنسار جي سڀني آوارہ هوائن تو سان پيار ڪيو
ڇوجو تون روشنيءَ جي راڻي هئينءَ
۽ تو
تاريڪ راهن جي مسافرن جي مک تي
اميدن جي لھر اڇلي
۽ اهي شام جي لھندڙ سج
کان بہ وڌ لال ٿيا
انھن جن خدا کان زندگيءَ جي
شڪايت ڪئي
تہ عذاب ڀريو جيون
هن سنسار ۾ قيد مشقت کان
گهٽ ناهي
جيڪي ماڻھپي جي روپ ۾
آزاد نموني هن دنيا ۾ آيا
اهي متاثر ٿيا، فردن جي نظرين
کان، اصولن کان،
سماج جي ورڇ کان
طاقت جي توازن کان
تن سچ تہ زندگي ۽ خوشي
مانيءَ جي سڻڀن گرهن ۾
دوشيزہ جي ڪڇ ۾
ڪنھن اوچي حويليءَ جي ڇت تي
ڪنھن سمنڊ جي واريءَ تي
ڪنھن ڊسڪو جي روشنين ۾
تلاش ڪئي
۽ تون سڀني جي راھہ بدلي وئينءَ
ها تو سنديس ڏنو
تہ شانت ۽ اشانت
من اندر ۾ ڳوليو
خوشيءَ کي خريديو نه
پر محسوس ڪيو،
ها محسوس ڪيو
پنھنجي اندر جي روشنيءَ ۾
پنھنجي ذات جي چڱائيءَ ۾
ٻين جي ڀلائيءَ ۾
ان لاءِ تو بيڪنگهم پئليس جون
سڀ عياشيون ڇڏي ڏنيون
۽ تون امن جي علامت بنجي وئينءَ
ها مان ان گهڙيءَ لاءِ سوچيندو آهيان
جڏهن آوارہ هوائن جي گردش
ڪيٿڊرل جا گهنڊ وڄائي
ماڻھن کي جاڳايو
ها اسپنسر جي گهر ۾
نئين ڄاول ٻار جو آواز
ڪيڏو نہ ڪڙڪيدار هو
هو پاڻ سان گڏ بغاوت کڻي آيو هو
ها روشنين سان بغاوت
ها نقلي مسڪراهٽن سان بغاوت
۽ اها بغاوت، بوٽ جا ننڍڙا
ننڍڙا قدم کڻي
ٿيلھو لٽڪائي
اسڪولن ۾ پڙهڻ وئي
ماٺ جي مشاهدي ۾
حق کي ڳولڻ وئي
۽ پوءِ اها بغاوت
جوان ٿي
۽ شاهي بگيءَ ۾ سوار ٿي
لانئون لھي ڪنوار ٿي
ها ڳاڙهي ڪنوار
جيڪا ماڻھن کي سفيد نظر آئي
بلڪل روشنيءَ جي فرشتي وانگر
خير ان کي نيٺ تہ ڳاڙهو ٿيڻو پيو
۽ کلندي کلندي ڳاڙهي ٿي وئي
ها تون اسان جي قدرن کان واقف ناهين،
اسان وٽ تہ سھڻي بہ ڪاري آ
سبزان پري بہ ڪاري آ
کير جھڙي اڇي بہ ڪاري آ
گل بانو بہ ڪاري آ
پر تون ڍوڍي سان
هوندي بہ ڳاڙهي آهين
ڳاڙهي آهين
ڇو جو تون
رت ۾ ريٽجي
لھوءَ ۾ ليپجي
ذهنن جي ڪاراڻ کي
پنھنجي لھوءَ جي لالاڻ سان
ليپو ڏنو
ان لاءِ تہ وڏن وڏن
ديون جا ڪنڌ،
وڏن وڏن شھنشاهن جا مٿا
وڏن وڏن ملڪن جا جهنڊا سرنگون رهيا
ها درد جي احساس کي
تو سيج تي ئي سمجهيو هو
ها تو رشتن جي اذيت کي
۽ قربت جي نظر نہ ايندڙ دوريءَ کي
شاديءَ رات محسوس ڪيو
ها تون صوفين جي سلوڪ ۾ سوئجي
جسمن جي ويجهائپ کي اڃان پري پري سمجهو
۽ تو ذهنن جي تار کي
ڪنھن يڪتاري جي تند ۾
اڪيلو ڇيڙيو
ها هم اوست جي منطق کي
تو محبتن جي ميٺاج سان
ويجهو ڪرڻ چاهيو
پر هو دور هليو ويو
خبر ناهي
ڪمتريءَ جي احساس کان
پاليگيمي جي جبلت کان
يا پنھنجي ذهنيت کان
۽ ائين توکي
اربين ڪروڙين دلين جي مصلحتن جو
عذاب نظر آيو
۽ تون ڀڻڪين پئين تہ
قربتون جسمن ۾ناهن
محبتون ذهنن ۾ آهن
ها ويدن ۽ صوفين جو نظريو
توکي شاهي محلن کان دور وٺي ويو
۽ تو سمجهيو
تہ هي عيسيٰ جا دشمن
ڪليسا جا ويري
هي ڌرتيءَ جا پوڄاري
سج جا ڏوهاري
ڪوپر نيڪس جا قاتل
ماڻھن کي انجيل ڏيکاري
هنن کان ڌرتيون
ڦريون ويٺا آهن
۽ تو حق جو
آواز بلند ڪيو
تہ هو جاڳي پيا
تو کين ٻڌايو ته
گرجا جي گهنڊن کي
لوڏڻ سان ماڻھن کي
انصاف نہ ٿو ملي
رڳو ڪنفيس ڪرڻ سان
ماڻھو چڱو نہ ٿو ٿئي
صليب کي ڇھڻ سان
عيسيٰ آزاد نہ ٿو ٿئي
پر انصاف ۽ سچ جي
راھہ ئي ماڻھپي جي
راھہ آ
ها جي فرشتن
توکي جڏهن
شاديءَ رات
سفيد جوڙي ۾ ڏٺو
تہ هنن توکي بہ پنھنجي
مخلوق سمجهيو
پر جڏهن
انھن تو ۾
محبت جي روشني ڏٺي
پيار جي روشني ڏٺي
خدمت جي روشني ڏٺي ته
هو انڌا ٿي پيا
۽ توکي ڳولي نہ سگهيا
۽ اهي آخر رٽز
ڊنر ۾ تنھنجي
شوفر کي برغلائڻ ۾
ڪامياب ٿيا ۽ توکي پاڻ سان
گڏ وٺي ويا
ان لاءِ تہ هنن توکي بہ
حق جي صليب تي
لٽڪيل ڏٺو هو
ان لاءِ ئي مان
تنھنجي قبر تي
دعا گهرڻ نہ ٿو
اچان
ڇو جو تون مئي ناهين
۽ ٽئين آسمان تي رهين ٿي
پر او راڻي اهي پاپارازي
تنھنجا دشمن نہ ها
اهي تہ هئا جن توکي
هوائي ۽ الاسڪا جي ٿڌين هوائن جي
مسافرن کان وٺي
ٿر جي گرم واريءَ جي وينجهارن
جي دلين ۽ ذهنن تائين
پھچايو
اهي تہ هئا جن سيڪيورٽيءَ جا
۽ تنھنجا دڙڪا کائي
پنھنجي ننڊ کي
الوداع چئي
موت جي گهوڙي تي
برق رفتاريءَ سان ويھي
تنھنجي جهلڪ جهلڪ لمحي لمحي کي محفوظ ڪيو
پوءِ اهي تنھنجا قاتل نہ آهن
پر سازشي تہ ٻيا آهن
تون سمجهين ٿي ۽ مان
بہ سمجهان ٿو
پر شايد مصلحتن
يا مجبوراً
ٻئي خاموش آهيون
پر پوءِ بہ پاپارازين کي معاف ڪر
ڇو جو هو اڃان بہ نہ ڪيل گناھہ تي
شرمندہ آهن. . . !!

چانڊڪا جي ڇوڪرن جا آئوٽ ڊور عشق

پيار جي تلاش ۾ چانڊڪا جا شاگرد ايترا تہ ورتل هوندا هئا جيترو فرهاد علي تيمور نروان جي تلاش ۾ بہ نہ هيو. اسان کان پي ايم سي بہ چڱي پنڌ تي هئي ان لاءِ اتي وڃي ڇوڪريون تاڙڻ بہ چڱو خاصو ڏکيو ڪم هوندو هو. ان لاءِ اڪثر practical قسم جي عاشقن جي لوڌ وڃي گرلس ڪاليج جي ڇوڪرين جي پويان وڃي پوندي هئي يا گرلس پرائمري يا سيڪنڊري اسڪول جي ماسترياڻين مان پنھنجا جيون جوڙا ڳوليندا هئا. ان وقت اهو تعليم ۽ مسيحائيءَ جو سنگم ٿيڻ ڪو ڏکيو بہ ڪو نہ هوندو هو. اسان جي ڪاليج جو هڪ ڇوڪرو ڪنھن ماسترياڻيءَ جي عشق جي چڪر ۾ آيو. لکڻ ۾ جڏو هو ان وقت ٽيليفون بہ ايڏو عام جام ڪو نہ هوندو هو ۽ موبائل فون جو zygote بہ نہ ٺھيو هو ان ڪري عشق جو گهڻو تڻو ڪم خطن مان ورتو ويندو هو. لاڙڪاڻي جي گرمي تہ اوهان ٻڌي آهي پر ڏٺي بہ هوندوَ ان گرميءَ ۾ ائير ڪنڊيشن ننڊ ايندي آهي. اوهان پڇندئو ان گرميءَ ۾ ايئرڪنڊيشن ننڊ ڪيئن ايندي ان لاءِ اوهان هڪ پاسي تي سمھو ڪنھن بہ lateral position ۾ اتي انشاءَ ﷲ اوهانکي ڪجهہ منٽن ۾ پگهر اچي ويندو. پوءِ اوهان پاسو بدلايو پگهر وارو پاسو مٿي ڪريو ۽ ان کي هوا لڳڻ ڏيو ۽ ائين وقفي وقفي سان پنھنجو پاسو بدلائي ايئر ڪنڊيشن ننڊ ڪندا رهو. هي نسخو پنھنجو ذاتي آزمايل آهي ان سان اوهان کي چانڊڪا جي گرمي ڪا بہ تڪليف نہ ڏيندي، سو اسان جڏهن چانڊڪا ۾ اها ايئرڪنڊيشن ننڊ ڪندا هئاسون تہ اهو يار وڃي پنھنجي پريميڪا جي اسڪول جي چوڌاري طواف ڪندو هو. هڪ ڏينھن اسان کي ڪارتوس فوٽواسٽيٽ ڪرائڻا هئا سو اسان بہ منجهند جو نڪري پياسون. ان دور ۾ فوٽو اسٽيٽ تي ڪارتوس فوٽو اسٽيٽ ڪرائڻ بہ وڏو مسئلو هوندو هو. ڏسون تہ اسان وارو يار گردش ۾ لڳو پيو آهي. مون کي الڪو ٿيو تہ ڪٿي sun stroke نہ ٿئيس پر اياز جو هي شعر ياد اچي ويو:
”جت لڪ لڳي ۽ اڪ تپن سو ديس مسافر منھنجو ڙي
جت سج ڦلا ٿي نڪري ٿو
۽ آڳ الا ٿي اڀري ٿو
سو اهو سوچي مان بہ خاموش ٿيس تہ يار جي عشق جي رڪاٽ ۾ ڪٿي گهاري نہ پئي ۽ his masters voice وارو ڪتو ٻڪري وانگر نہ ٻيڪي.
همراھہ جي عشق ۾ ايڏي سنجيدگي ڏسي. مون کيس هڪ ننڍڙو آزاد نظم لکي ڏنو:

جون وري آ موٽي آيو
ياد تنھنجي آ ڏاڍو ستايو
ڌرتتيءَ جو سج ڪنيءَ تي آيو آهي
جهولا ماڻھو ساڙن ٿا پيا
گرميءَ جي خوف کان ماڻھو
پنھنجا وار بچائن ٿا پيا
پنھنجا ٻار لڪائن ٿا پيا
پر مان شل پسيني ۾ ٻڏل
ٻوسٽ جي احساس کان آجو
تپيل روڊ ڪڇان ٿو
هو ماڻھو تعجب کائن ٿا پيا
سرٻاٽن ۾ ڳالھائن ٿا پيا
هي شايد دوزخ کان آ ماڻھو آيو
هيڏيءَ گرميءَ هوندي مجنون
چوراهي تي چرين وانگر ڊوڙي ٿو پيو
پنھنجو پاڻ نپوڙي ٿو پيو
پر پياري تنھنجي ڏيھہ جا ماڻھو
ڏاڍا سادا آهن
هي پيار جي ٿڌڙي هير ڇا ڄاڻن
هي جون جي ڪھڙي گرمي آهي
هت ڀل ڪو ائٽم سارا ساڙي
ڌرتي ۽ آڪاش کي ٻاري
پر پيار جي هير ويندي سڀ ٺاري

همراھہ ڏاڍو خوش ٿيو، پر ٻئي ڏينھن جيئن ئي اهو ننڍڙو نظم کڻي اسڪول پھتو تہ مائي سڳوري بدلي ٿي چڪي هئي همراھہ ڀيلو منھن ڪري آيو ۽ وري اسان ويھي هڪ ٻيو آزاد نظم لکيو:

بي ترتيب سوچن سان
ڏامر جي پختہ روڊ تي
پختہ سرن جي عمارت ڏانھن وڌندو پيو وڃان
دل ئي دل ۾ ايءُ چوندو پيو وڃان
تہ ڪو شھنشاھہ پنھنجي حڪم سان
پتڪڙن ٻارن جي مڌرتا شور کي
ماٺ ۾ بدلائيندو هوندو
مون لاءِ واجهائيندو هوندو
مون لاءِ نھاريندو هوندو
اوچتو ئي اوچتو اسڪول جي پٽيوالي
ڪاڪڙي تي ٽنگ ڏئي
منھنجي دکندڙ رڳ تي
هٿ رکي
طنزيہ چوي پئي هن جي بدلي ٿي وئي
هوءَ هتان هلي وئي
ان وقت ڄڻ ڪنھن منھنجي
جسم کي ڊائناميٽ سان اڏائي ڇڏيو
منھنجي روح کي تڙپائي ڇڏيو
مان چرين وانگر کلندو ئي رهيس
زندگي تہ متحرڪ آ مان ڀلا مايوس ڇو
اڄ نہ سڀان وقت پنھنجي راھہ
بدلائيندو وري
هن ئي اسڪول ۾ ساڳيو شھنشاھہ
پتڪڙن ٻارن جي مڌرتا شور کي
ماٺ ۾ بدلائيندو وري
مون لاءِ واجهائيندو وري


ان دور ۾ چانڊڪا جي شاگردن ۾ optimitism هوندو هو. نفسياتي طور هو مايوس نہ ٿيندا هئا ۽ هر ڳالھہ لئہ ارتقائي اصول يا مثبت پھلوءَ تي سوچيندا هئا. چانڊڪا جي اڪثر شاگردن جي سوچ جو انداز عشقيانہ گهٽ پر صوفيانہ وڌيڪ هو مگر atypical قسم جا ڇوڪرا بہ هوندا هئا. مثال طور: بس جي چوٿين نمبر سيٽ تي ويھندا هئا، ڇو تہ اڳيون ٽي سيٽون ڇوڪرين لاءِ مخصوص هونديون هيون ۽ عشق جي آسري تي ﷲ توهار ڪري پنھنجو زور آزمائيندا هئا ۽ ڪيترن جي ڏاڙهي پٽ بہ شروع ٿي. ان وٽ منطق ۽ دليل پنھنجا هئا.
اڪثر: شاھہ جو هي شعر پڙهندا هئا:
تڙ تڪڙ تاڙ گهرڻ ايءُ ڪاڻيارن ڪم
ڏھہ ڏھہ ڀيرا ڏينھن ۾ڏي ڏوراپا ڏم
عقل مت شرم، ٽيھي نينھن نھوڙيا

ٻيا تہ خليفي گل محمد جي فلسفي سان سھمت هئا تہ:
نير رنگ واڌو ائين وڌي مٿان جهٻ جهٻ
عشق واڌو ائين وڌي مٿان لوس لٻ

يعني: جيئن ڪپڙي کي وڌيڪ جهٻڻ سان گليءَ جو رنگ نڪري ٿو، ائين عشق بہ ڦٽ لعنت سان اڳتي وڌي ٿو.
يعني عشق کي بہ لوسڻ سمجهندا هئا
يعني لڻيو تہ وڌي پوءِ مڙئي ٻيا qualitative قسم جي عشق جي ڪوشش ڪندا هئا.
ڪي تہ نماڻا، ويڳاڻا ايپران پائي رحمت پور کان لاهوري محلي تائين پنڌ ويندا هئا تہ متان ڪا بر ۾ بادشاه زادي ٽڪرجي.
ڪي ڪي تہ وڃي ريشم ڳليءَ ۾ ڀرپاسي وارين ماين کي ٺونٺون پاسو وهائي ڪڍندا هئا. باقي ڪجهہ تہ ڪلا ۽ ڪلاڪارن کي ڏسڻ لئہ. ڇيرن جي ڇم ڇم تي ڪو هارمونيم جي آواز تي، نيم سنڌي پنجابي قسم جو گانو بہ ٻڌڻ ايندا پر اڪثر شاگرد رات جو وقت سستي ۽ سولي ڇاڻي بازي لاءِ بولان ميل جي اچڻ وقت اسٽيشن تي چڪر هڻندا هئا.
ريل گاڏين ۾ بہ گريس ائناٽاميءَ جو ڪو ڪتاب کڻي چڙهندا هئا ۽ ويچارا اداس نظرن سان طويل سفر جي مسافر پکيئڙن کي ڏسي وري موٽي ايندا هئا.
مون کي ڇوڪرن جي اوڙي پاڙي ۾ ڪيل عشق جي ڪا ڄاڻ نہ آهي نہ تہ اها بہ اوهان جي معلومات لئہ حاضر لکجي ها. جيئن تہ مان لکيو تہ چانڊڪا جا اڪثر شاگرد برگر نہ هئا ان لاءِ فقط رات جو برگر کائي پاڻ کي برگر سمجهندا هئا. شھرن جي ڇوڪرن جي عشقن جو داستان ۽ انداز ڪجهہ ٻيو آهي انھن وٽ وسيلن ۽ سھولتن جو advantage هيو ۽ ان جي ڀيٽ هن شعر ۾ ڪجي ٿي:


۽ اسان کي رڳو ڪنھن ورائي ڏٺو
سور، سوز، درد، پيڙا ۽ ڪرب
پاڻھي مات ٿيو
روح ٻيھر حيات ٿيو
نہ فڪر پڙهڻ جو رهيو
نہ فيل ٿيڻ جو رهيو
بس رهيو غم تہ ڪنھنجي
رسڻ جو رهيو
ڏينھن گذرندا ويا
سال لنگهندا رهيا
بس لڙڪ جذباتي
ساڳيا رهيا.
ڪو جو سھيلو اڪيلو ٿيو
ڪنھن ڀت جي ڇانوَ ۾ بيٺو رهيو
ڪنھن کيس دڙڪو ڏنو
ڪنھن کيس چريو چيو
من پنھنجي ان پرين لاءِ
رئندو رهيو
پيار ڪيڏو نہ ڀوڳي اٿو
پيار جي بہ سڪرات آ
پيار ڄڻ ڪا تاريڪ رات آ
پر ماديت جا
رنگيلا مسافر
بند شيشن وارين گاڏين ۾
پيار پنھنجو ٿا لڪائي هلن
۽ اسان تي بيٺا اجايو کلن


سو شھرن جي شاگردن کي مڙئي عشق ڪرڻ جي سولائي هوندي هئي. اتي ڪم ڪندڙ عورتن جو تعداد وڌيڪ هوندو هو. پر اڃان بہ cultural Modernisation نہ آئي هئي ڇوڪريون بہ پنھنجي روايتن، مجبورين ۽ منزلن کي سوچي رکنديون هيون ۽ ائين ئي ”م“ هڪ ورڪنگ وومين سان پيار ڪندو هو. هو تہ پيٽارو جو پڙهيل هو مگر پوءِ ان ۾ ڪا اهڙي نشاني ظاهر نہ ٿي هئي. جيئن تہ پيٽاري جا پڙهيل ڇوڪرا اڪثر مالي طور مستحڪم گهرن جا هوندا هئا ۽ پنھنجي inter جي پڙهائيءَ تائين ڏاڍا disipilined هوندا هئا مگر جيئن ئي انھن کي professional ڪاليجن ۾ آزادي ملندي هئي تہ اهي ٿورو گهڻو ئي آزاد ٿيندا هئا، ۽ انھن جي زندگيءَ مان ترتيب ٿورو ترڇي ٿي ويندي هئي. ائين ناهي تہ اهي ڪي پڙهندا نہ هئا. مگر جھڙي نموني هنن جي پڙهائي ۽ تربيت ٿيل هوندي اهڙا نتيجا نہ ڏيندا هئا ۽ ڪجهہ سوڀارا بہ ٿيندا هئا. اهي پنھنجي گروپس جي صورت ۾ ميس، ڪينٽين ڪاليج، اسپتال ۾ هلندا وتندا هئا مگر ”م“ هو حساس ۽ اُهو پنھنجي ڪم ڪندڙ محبوبا جو دک درد ائين سمجهندو هو جيئن اها بہ نہ سمجهندي هئي ۽ سمجهندو هو تہ ڪم ڪندڙ عورت ڪھڙو عذاب ڀوڳي ٿي.


هي فوٽ پاٿن جا عاشق
رولو ڪتن جيان
سارو رستو پويان اچن ٿا
چال بہ چادر بہ توازن ۾
رکڻي پوي ٿي
خيال، انداز، ڪاوڙ
بہ سانت ۾ سلجهائڻا ٿا پون
دل تہ چاهي ٿي
پيرن جا سينڊل لاهي
يا مرمتي روڊ جا سمورا
پٿر اڇلائي
ڪتن کي ڊوڙائي ڇڏيون
هو هليا تہ ويندا
مگر هنن جي ڀونڪڻ جي عادت
ڪنھن حادثي جو ٿيڻ يا نہ ٿيڻ
گهر وارن جو امڪاني خوف
آئنده جا رشتا
سڀ مسئلا
اسان ڇوڪريون جي
راھہ ۾ ٿورو ڇلڪي پئون
ڪا نظر، فطرت ڏي
ورائي وجهون
خطن جا انبار
ٽيليفونن جو گهنٽيون
رستن تي پيڇي جا سلسلا
۽ روايتي فلمي جملا
زندگيءَ جي زهر ۾
اڃان ڪوڙاڻ گهوٽي ٿا ڇڏين
سپنا ڪنھن ساجن جي ملڻ لئہ
ڪڏهن ڪڏهن ننڊ ٽوڙي ٿا ڇڏن
هت سچائي، صفائي
جذبن جي ميري
هر ڪنھن وٽ آ لفظن جي هيرا ڦيري
اسان جي راھہ ۾ ڪنڊا ڪيڏا
جڏهن برقعو لاهي
آفيس ۾ اچون ٿا
تہ ڀنگيءَ کان
باس تائين چتائي ڏسن ٿا
ڪلارڪ کان اڪائونٽنٽ تائين
بھانا بنائي ٽيبل تي واري واري اچن ٿا.
هر ڪنھن جو پر معنيٰ نظرون
سڄو ڏينھن ڪيئن اسان ڏي ڏسن ٿيون
چين ڪيڏو نہ ٽوڙي وٺن ٿيون
پوءِ بہ اسان جي چپن تي درد جي
مسڪراهٽ نہ ڪو ڄاڻي سگهي ٿو
اسان جي سورن کي نہ ڪو سلھاڙي سگهي ٿو
اسان جي چرڻ ۽ ڦرڻ کي ڏسڻ لاءِ
هي ٻلن جا تارا
پنھنجي ذهنن ۾ حوس جي تڪميل
جو تماشو ڏسن ٿا
ڪڏهن نہ پر اڪثر
باس جو فائيلن تي ڇڙٻون
پوءِ اسان جي حسن جون تعريفون
چانھہ جون دعوتون
زندگيءَ جي مسئلن تي
خوامخواھہ جو بحث
ڪيڏو نہ بي قرار ڪري ٿو
پر صدين کان
ٽوڙيل اسان جي روايت
نوڪريءَ جي آسري ۾
ويٺل ڇوڪري
سماجي تبديليءَ جي
لئہ سوچي ٿي
تہ هي سيڪس ابيوز
ماڻھن جو رريو.
اسان جي زندگيءَ جو ڇو حصو آ!!؟؟


اهو منھنجو يار سگريٽ جا ڪش هڻندي ڪنھن رومانوي داستان جي هيرو وانگر وڏا وڏا ساھہ کڻندو هو تہ ان ۾ مون کي ڪا بہ مصنوعيت نظر نہ ايندي هئي. چانڊڪا احساسن جي ورتل انھن انسانن جي دنيا هئي. جيڪي ٻئي جي ڏک کي پنھنجو ڏک سمجهندا هئا، هن جي حط الامڪان ڪوشش هوندي هئي تہ هوءَ ڇوڪري اڳتي پڙهي، پر اها ڇوڪري بہ اسان جي ٻين ڇوڪرين وانگر تعليم پوري نہ ڪري سگهي.


ڪتابن ۾ گم ٿي
جڏهن زندگيءَ جون
روشنيون ڳوليون
ڪي ننڍڙيون ننڍڙيون
خوشيون ڳوليون
گهنگهور گهٽائن ۾
بادلن جون ڦڙيون
منھنجي اکين مان وسي پيون
ڪي ارمان سپنا
ابي جي مرڻ کان پوءِ
مجبورين جو ڪڙيون پائي
اندر ۾ ئي قيد ٿي پيا
۽ منھنجا ڪاليج ڏي
وڌندڙ قدم رڪجي ويا
هي ڊيوٽيءَ جو روٽين
هي شور غل
هي باس جون ڇڙٻون
نوڪريءَ جو فڪر
پگهار جي ڳڻتي
ميساري ويا سڀ
عقل ڪويتائون
۽ منھنجون ڊگريون
اڌ ۾ رلي پيون
۽ سڀ خواهشون
پاڻھي ٽٽي پيون


پوءِ يار بہ ڍرو ٿي ويو ۽ مون سان پنھنجي محبوب جو ذڪر گهٽ ڪندو هو.
کائي تہ سڄا سارا جيئرا جاڳندا ڪڪڙ م_ج جي محبوبا بہ وئي هئي جن جو اڄ بہ مون کي ارمان آهي تہ جي اهي پٺا هجن ها تہ ڇيلي جيترا ضرور ٿين ها. مگر وقت ايترو گذريو آهي جو اهي مرغ هاڻي شتر مرغ ٿي چڪا هجن ها ۽ اهي بلڪل هن دور ۾ سواريءَ جو ڪم ڏين ها. اوهان فڪر نہ ڪريو پئٽرول جنھن اسپيڊ سان وڌي ٿو تہ شھرن ۾ اوهان کي شتر مرغن تي سواري ڪرڻي پوندي ۽ ريگستانن ۾ وري اُٺن تي، اوهان حيران نہ ٿيو تہ آخر منھنجا اهي ڪڪڙ ڪاڏي ويا. هڪ ڏينھن ڳوٺ هيس تہ ڪنھن تپيل شام جو م_ج سائين سان گڏ اچي ڳوٺ پھتو، هڪ ڪڪڙ تہ آڌر ڀاءُ ۾ ئي بلي چڙهي ويو. حال احوال کان پوءِ معلوم ٿيو تہ سائين ڪنھن ڇوڪريءَ جي پيپرن کي ڳولڻ سکر آيو آ جنھن تازو تازو انٽر جو امتحان ڏنو آ ۽ هن کي ڊاڪٽريءَ ۾ ضرور کڻائڻو آهي پوءِ اسان بہ سکر ۾ پيپرن جي ڳولا شروع ڪئي سائين رشيد ناريجي کان وٺي بشير راميجي تائين، سائين غني صديقيءَ کان فيروز شاھہ سائين ۽ سائين فاضل شيخ کانوٺي انور علي شاھہ تائين رلياسين. ايلاز منٿون، گهگهراٽيون سڀ ڪياسون ۽ ان ڪم جو آسرو بہ مليو ۽ ائين 6 ست ڏينھن لڳي ويا ۽ هڪ روز جي حساب سان بہ منھنجا گوڙو، ڪٻرا، اڇا، ديسي، اصيل سڀ ڪڪڙ مھمان نوازيءَ جي موت ماريا ويا جيئن تہ اهي ڪڪڙ م_ج جي محبوبا جي ڪري موت جي گهاٽ اتاريا ويا هئا ان ڪري مون انھن کي م_ج جي محبوبا جي کاتي ۾ هڻي ڇڏيو آهي. خبر ناهي تہ اها ڇوڪري هاڻي صاحب جي ٻچڙن جي امڙ آهي يا ڪا ٻي هئي جي اها صاحب جي ٻارڙن جي امڙ آهي تہ اسان اهي ڪڪڙ قربان ڪري ڇڏيا نہ تہ پوءِ حساب ڪتاب آخر ۾ ٿيندو نہ تہ بہ ڪڪڙن جي اها رائج وقت قيمت جي حساب کي اسان کي ادا ڪرڻو آهي.
شاگردن جي مشغولي ۾ اها بہ ڳالھہ هوندي هئي تہ اهي ڊان ۽ جنگ اخبار ۾ موڪل ڏينھن ضرورت رشتہ جا اشتھار بہ پڙهندا هئا تہ ڪنھن اڌيڙ عمر جي ڪروڙپتي بيوه عورت لئہ ڪو پڙهيل لکيل شريف ماڻھو گهرجي جيڪو انھيءَ جو ڪاروبار سنڀالي سگهي پوءِ ڪجهہ ڇوڪرا ان پي او بوڪس يا مئريج بيورو سان خط ڪتابت بہ ڪندا هئا. هڪ ڏينھن پارٽنر بہ ڪنھن ميريج بيورو سان خط ڪتابت ڪئي. اسان جي ڪوارٽر جي پٽيوالي اچي منجهند جو دروازو کڙڪايو ڏاڍو خوش خوش هجي، چيائين فلاڻو صاحب ڪٿي آهي. صاحب جو ڪراچيءَ کان خط آيو آهي. خط جي پوئين پاسي کان موڪليندڙ جو نالو هو مس ڪرن ڪراچي. حالي تہ منھنجا بہ تاڪ لڳي ويا تہ يار تہ خوشنصيب ٿي ويو آ. متان ريل ۾ سٽيل ائڊريس واري پرچي ڪنھن ضرورتمند مائيءَ کي هٿ آئي آهي جنھن کي گهوٽ ڳولڻ ۾ ڪا دقت پيش آئي هوندي. جيئن پارٽنر آيو تجسس سان خط کوليوسين اندران ميرج بيورو جو فارم هيو ۽ ان سان گڏ 500 روپين جي في لئہ ڊرافٽ بہ موڪلڻو هو. يار جا تہ ٺپ ئي ٺري پيا. چيائين، اسماعيل هي بہ فراڊي آهن. 83 جي ايم آر ڊي جي مومينٽ کان پوءِ ڪافي يورپي سياح سنڌ گهمڻ آيا. اسان مان ڪن جو خيال هيو تہ هي جاسوسي ڪرڻ آيا آهن. سکر ۾ بي ايڊ ڪاليج ۾ بسيون بيٺيون اسان بہ چند ڄڻا ڦٽل انگريزيءَ ۾ انھن سان تعارف ڪرايو. خبر پئي تہ اهي تاريخ جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون آهن. ۽ اسڪنڊينيوين ملڪن، جھڙوڪ سويڊن، ناروي ۽ ڊنمارڪ سان تعلق رکن پيا. اسان سان ”ھہ“ بہ گڏ هو، هن بہ هني برڊرڇ واري ڪار ڪئي تہ هني برڊرڇ کي ٺونگو هڻي ۽ پرواز ڪندو آهي ۽ رڇ يا ڀالو ان جو پيڇو ڪري ماکيءَ تائين پھچندو آهي. ۽ ماکي کائي ڪجهہ بچائي ويندو آهي سو ”ھہ“ وڃي انھن ڇوڪرين جي ٽيوٽر سان دوستي رکي ان کي مڱ ڦريون کارايون چانھہ پياري. ٽيوٽر تہ چانھہ پي وڃي بس ۾ ويٺو ۽ ”ھہ“ بس جي ٻاهران ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيٺو رهيو اتفاق سان بس مان هڪ ڇوڪري اينابرٿلسن جيڪا سويڊن جي هئي لٿي. ڇوڪري کان پڇيائين، ڇو بيٺو آهين؟ هن چيو ٽيوٽر لاءِ بيٺو آهيان، هوءَ وئي ۽ ٽيوٽر کي چيائين اوهان لئہ ڪو انتظار پيو ڪري، ٽيوٽر نہ آيو. هن ان کان پڇيو ڇو بيٺو آهين ان سان چانھہ پيئندس. هن چيو تہ مان توسان چانھہ ٿي پيئان، پوءِ ”ھہ“ اينا تي عاشق ٿي پيو هڪ ڏينھن اينا پنھنجي بواءِ فرينڊ سان جنھن جو نالو ”گولو“ هيو ھہ سان گڏ چانڊڪا آئي ۽ ڪامريڊن سان سياسي ڪچھريون ڪري واپس وئي. هن اينا تان قربان ٿيڻ چاهيو پر اينا گولي جي ئي گولي رهي.
چانڊڪا جي ڇوڪرن جي جيڪا عشق لئہ easy, availability هئي، اهي هيون اسپتال جون نرسون جنھن لاءِ پڻ ڇوڪرن کي پاپڙ ويلڻا پوندا هئا. نرسيون خود پروفيسرن، اسسٽنٽ رجسٽرار ۽ هائوس آفيسرن جي حفاظت هيٺ هونديون هيون. ڪجهہ پئرا ميڊيڪلي ليڊر ۽ ڪجهہ لاڙڪاڻي جا ٻيا ماڻھو بہ نرسين جي حفاظت جا ضامن ها ان لاءِ نرسين تائين پھچڻ ۽ عملي جي ايڏي ساري immunity کي دوکو ڏيڻ ڪو معمولي ڪم ڪو نہ هو. فيل ٿيڻ کان مار کائڻ تائين سڀ رسڪ ان مشن ۾ شامل هئا. پر پوءِ بہ ڪيترا ڇوڪرا سوڀارا ٿيا نہ تہ بہ پنھنجن شھرن جي اسپتالن جي نرسن سان ڪڏهن ڪڏهن زير تعليم ڊاڪٽر جو ڪو پئچ لڙي پوندو هو ۽ ائين ع بہ سکر جي ڪيوئر سينٽر جي نرس سان پيچ لڙائي آيو چوندو هو تہ ڀاڻيجو بيمار ٿيو هن ۽ ان جي تيمارداريءَ دوران اهو تحفو مليو. ان دور ۾ ميڊيڪل جا شاگرد مائٽن جون اهڙيون تيمارداريون ڪرڻ ۾ اڳتي هوندا هئا. سو هڪ ڏينھن aunty جي جهلڪ ڏيندڙ اها اڌيڙ عمر جي نرس ع کي خط لکيو ان جي خط جو انتظار ائين هو جيئن ڪنھن غريب پٽيوالي کي پگهار جو. انھن ڏينھن ۾ ئي ع جا چاچا اچي مھمان ٿيا ۽ ع جي محبوبا جو موڪليل خط چاچن کي هٿ اچي ويو خط ۾ هڪڙو ع جو نالو هو جيڪو محترمہ چپن کي الاهي سرخي هڻي انھن جو عڪس خط تي لاهي ۽ انھن جي وچ پيدا ٿيل خال ۽ ع جونالو لکيو هو.
سرخي لڳل چپن جي عڪس جي خال ۾ لکيل اهو نالو ع کي ڏاڍو مھانگو پيو. اهو خط چاچن ع جي پيءَ کي ڏنو ع جي هفتي اندر شادي ڪرائي ان جي هيڻي جسم تي زال جو بار وڌو ويو جيئن فوجين کي پِٺو ڪرائيندا آهن.
نرسين جي عشق جي ڪھاڻين ۾ ٻہ وچولي درجي جا ليڊر بہ ڪامياب ٿيا جيڪي ”د“ جا هيا. اهي ٻئي اپوزٽ پارٽين جا ليڊر هئا مگر انھن ۾ نرسن واري معاملي تي هڪجھڙائي هئي. هڪڙي ڏينھن مان بہ ڪمنٽري باڪس مان ٻنھي سان جٺ ڪئي مان چوڻ شروع ڪيو تہ هو سامھون جيڪي ٻہ ڪانو آهن اهي سڄو ڏينھن ڪلاسن بجاءِ نرسنگ هاسٽل جي ڇت تي نظر ايندا آهن اتفاق سان هڪ دوست جي منھن تي ماتا جا نشان هئا. سو مون چيو تہ انھن مان هڪ ال ڪانو آهي جنھن ماٺيڻي ڪانو جي منھن جو ماس ٺونگن سان پٽي وڌوآهي مگر هاڻ ٻئي ڄڻا ٺھي ويا آهن ۽ L. P جو سمورو سامان سني ميڊيڪل اسٽور تان وٺي نرسنگ هاسٽل تي پھچائي ڇڏيو آهي.
انھن ڏينھن ۾ L. P يا Local purchase وڏو اشو هوندو هو يعني اسپتال انتظاميا کان دوائون لکرائجن ۽ دوائون وٺجن يا پئسا. هونئن اها l. p شاگردن ۽ مريضن جي ضرورتن پوري ڪرڻ بجاءِ انتظاميہ لئہ نظر رکندڙ ادارن ۽ سگهارن ماڻھن جي منھن بند ڪرڻ لئہ رشوت جي آسان صورت هئي. گهڻي سوچ ۽ ويچار کان پوءِ اسپتال انتظاميہ اها l. p هائوس آفيسرن لئہ 50 يا 100 روپيه مقرر ڪئي پوءِ اهي ڇا بہ ڪن ان مان دوا وٺن يا محبوبائن جي ميڪ اپ جو سامان، سو L. P جي پرچي شاگرد هميشہ پنھنجي مئٽرڪ جي سرٽيفڪيٽ يا ڊوميسائيل کان بہ وڌ سنڀالي رکندا ۽ chandka cdo جي ميٽنگن ۾ l. p کي وڏي اهميت ملندي هئي. آئوٽ ڊور عشقن ۾ o. p. d ۾ انجيڪشنون هڻڻ ۽ اتان ڪو پکي ڦاسائڻ وارو ارمان هميشہ pre clinic جي شاگردن کي هوندو هو.
پنھنجي عشق جي عجيب ڳالھہ تہ سيتاروڊ جي ڪچي جي علائقي ۾ رهندڙ اهو شاگرد بہ ٻڌائيندو هو. جيڪو جيءَ کي جوکي آڻي، پنھنجي محبوبا سان ملڻ ڪچي ۾ ڪنھن ڌنار جي لانڍيءَ ۾ ملندو هو ۽ اها مائي سڳوريءَ بہ سھڻيءَ جي جديد جنم وانگر ڪاري رات ٻيلي ۾ ڪاهي پوندي هئي ان دوست جي قصي تي مون هڪ ڊائريءَ جو ورق لکيو هو جيڪو پيش ڪجي ٿو:
بس ساريون بہ تہ هاڻ لٿيون آهن، اڃان چِٽ ڀڳي ئي ڪانھي. پکي ڪانھن تي ويٺو ئي نہ آهي، جوئر جي موسم جو بہ ڪو اهڃاڻ ڪونھي، ٿڌڙي ايندي وقت سان تون اٻھرو ڇو ٿو ٿئين. هي سم جي پاڻيءَ ۾ لئي جا وڻ بہ ڇڊا ٿي پيا آهن، پاڻ ملون بہ تہ ڪاٿي، جي ڪنھن ڏسي ورتو تہ ”پاڊان“ پئاري ويندي. هت زندگي ڏاڍي سستي اگهہ وڪامي ٿي. پاڻ وارين اسپتالن ۾ سھولتون بہ اڻلڀ آهن. اک جي ماڻڪي ويڪري ٿي وئي تہ زندگي بيھي رهندي، ڌاتوري سان اک جي پتليءَ کي پتڪڙو بنائڻ وارا بہ ٿورا آهن.
هي پنھنجي علائقي جون بنجر زمينون سايون ٿينديون بہ يا نہ. پاڻيءَ جي مسئلي تي ٻہ ٽي لک مڙس ڍير ٿين تہ بہ ڪا ڳالھہ نہ آهي. هاڻ تہ پاڻ وٽ جبل جا ماڻھو ڪاتيون تکيون ڪرڻ بہ نہ ٿا اچن . هي جي پتڪڙيون بندوقون آهن، گولين جو وڏڦڙو وسائي ويھن ٿيون، اسان جو نسلن، گروهن، ذاتين ۽ پاڙن ۾ ورهائجي ويا آهيون. ڪاهليءَ جيڪا روين جي تبديلي ڪاوڙ، تشدد ۽ وڳوڙ ڏنا آهن، تن سان تہ ماڻھو خود بہ ورهائجي ويندو. سمجهين ٿو اڌ ٿي ويندو. پوءِ جيڪو اڌ غالب اچيو، وحشت جو يا محبت جو پنھنجن علائقن جون حالتون اڃان بہ خراب ٿينديون. ڳڀي ڳڀي لئہ جهيڙو ٿيندو.
ترس سيءُ ايندو ۽ هر ڪو پنھنجن گهرن ۾ ڪنڍو لڳائي سوگهو ٿيندو. ويران اوطاقن ۾ نہ ڪو باھہ جو مچ ٻرندو. نہ بنڊ سڙندو. ڏور، هنر، ڳجهارتون، ماڻھن کان وسري ويا آهن. بانسريءَ جي ڌن، بيت تي ڪو آلاپ، چنگ جو آواز، سڀ سانت ٿي ويا آهن. ڪنھن ڪنھن مھل گهرن ۾ ٽي وي اسڪرين تي ڪا ناچڻي نظر ايندي. باقي ماڻھو صبح جي ويلي نوڪريءَ جي سلامتي، اغوا ۽ پوليس کان بچڻ جون دعائون گهرندا نظر ايندا.
ڪجهہ ترس هاڻ چنڊ جون ”اونداهيون“ راتيون اينديون، ان ڏينھن ئي آءُ ڪو مرداڻو ويس ڪري، بابي جي بندوق ڳچيءَ ۾ وجهي نڪري پونديس، نڪا چور چور ٿيندي نہ ڪا هڪل ايندي، ڇو جو اڄڪلھہ چور مارڻ بہ ڳچيءَ پوي ٿو. پوءِ پاڻ ڪنھن ڌنار جي ويران لانڍيءَ ۾ ٻہ ٽي قرب جون ڪچھريون ڪري وٺنداسون.
رات ۾ ڪيڏي وحشت آ، سناٽي ۾ ائين لڳي ٿو تہ ڪيئي روح، بدروح پاڻ سان گڏ آهن پر پاڻ تہ اڪيلا آهيون چنڊ تہ اڄ ڄڻ اڀريو ئي ناهي. يا تہ مھيني جون پھريون تاريخون آهن يا پويون. ستارا، ڪتيون، ٽيڙو، ڪھڪشائون ڪيڏي نہ قدرت رکن ٿيون. جي پاڻ انھن تي ڳالھايون تہ رات کٽي ويندي ۽ پنھنجون ڪي اڪيلائيءَ جون ڳالھيون اڪيليون ئي رهجي وينديون. ڪيڏو نہ عجيب اتفاق آ پاڻ چورن جيان لڪون ٿا ۽ ملون ٿا. ڌنار جي هيءَ ويران لانڍي. صبح جون ڪيئي ڪھاڻيون پاڻ ۾ سانڍي ويٺي آ. پرڪڇي نہ ٿي.
ڌنار ڏاڍا عجيب انسان ۽ نرالا مڙس آهن، حيوانن سان رهندي حيوانن جھڙيون ٻوليون چاليون ۽ ڪجهہ عادتون بہ پرائن ٿا. جانورن جي قربت جو نظارو ڏسي، هو پنھنجون وندرون ڪڏهن ڪڏهن پاڻ جيڏن سان ورهائي ويھن ٿا. هو يورپ جي ماڻھن وانگر هم جنس پرست نہ آهن. پر هنن وٽ چارو ئي ڇا آهي، ڪنھن ڇيليءَ کي ڪلھي تي کڻڻ، ڪنھن گابيءَ کي هٿڙا لڳائڻ، ڪنھن ڪونھٽ کي گار، ڪتي ڪتيءَ کي ڌار ڪرڻ لاءِ لٺيون هڻڻ، هو جنس جي وحشيت جو مزو وٺن ٿا، هنن جا فطرتي جوڙا پور وڇوٽ تي رهن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن هو پنھنجي تسڪين هڪ جيڏن ۾ ڏسن ٿا ۽ تمام گهٽ هو فطرت سان مذاق ڪندي ڪنھن سان بہ عورت جھڙو پيار ونڊي ويھن ٿا.
هو بہ جوانيءَ جي جنسي پورائي لئہ سزا ڀوڳن ٿا ۽ وحشت جي عمل مان گذرن ٿا ڇو تہ اسان وٽ جنس پردي سان گڏ بي جا پابنديءَ جو شڪار آهي، ۽ پاڪيزگيءَ فقط هڪ طرفي آهي مونث لئہ تہ سزائون ڏوهن ۾ ملن ٿيون. پر هتي تہ الزام بہ سر لھرائي ڇڏن ٿا. دڙي تي ٺھيل هي لانڍي ڪنھن قلعي جي برج کان گهٽ ناهي. جيئن برج جو چوڪيدار پري کان ئي دشمن کي ڏسي فوجين کي خبردار ڪندو آهي.
تئين ڌنارن جون لانڍيون وچ ميدانن ۾ ٺھيل هونديون آهن. جتان هو پنھنجي حرڪت يا بي جا حرڪت جو سمورو سڳ مٽائي، اک جي نظر ۾ اچڻ کان اڳ اشرافن جھڙو ٿيو وڃن. پر اها ڳالھہ فقط منھنجي ذهن جي هڪ سوچ جي پيداوار بہ ٿي سگهي ٿي پر هن اونداھہ ۾ تہ پاڻ اک جي نظر کان ڪافي پرڀرو آهيون. سانت ۾ بس پنھنجا ساھہ ئي ٻڌجن ٿا، پاڻ وٽ بہ رات جي چورن جيان چند گهڙيون آهن، ڇو جو اسر ٿيڻ کان گهڻو اڳ مان پنھنجي ماڳ تي موجود رهنديس. مان اچڻ وقت ائين پيو محسوس ڪيو ڄڻ بحر مجمند مان لنگهان ٿي پر تنھنجي ٻانھن ۾ تہ ڪوسو ڪمر بند آهي.
بيھہ مان پنھنجي مٿي تان هي پٽڪو لاهيان ۽ توکي وارن ۾ ڍڪي وٺان. هي لئيءَ جون ڪاٺيون ڪيتريون سڪل آهن بس تيلي ڏيڻ جي دير آ، پوءِ پنھنجي ٿڙڪندڙ جسمن چوڌاري باھہ جو مناسب مقدار هوندو. پر پاڻ بہ جنگ جي لڳل باھہ کانپوءِ بليڪ آئوٽ ۾ آهيون. روشنيون نٿا ڪري سگهون نہ تہ ستارن مان بہ گولين جون بارشون شروع ٿي وينديون پاڻ يخ ٿي وينداسون.
هي تون ڇا ٿو ڪرين مھرباني ڪري منھنجي بريزر مان آڱر ڪڍ. ذهن کي ڪجهہ گهڙين جي لذت تہ وٺڻ ڏي، چپن کي الائي ڇو جلدي آهي تون آخر مون کي ڇو ٿو جنس جي سرڪڻ ڦاهي ڏين. مان تہ ڪارڙي تتر وانگر پيٽي تي ڦاسي پئي آهيان. وجودن جي پور وڇوٽي پوري ٿيڻي آ. جسم ڳنڍ جي ويندا ۽ پوءِ پاڻ ڍرا ٿي وينداسون. ان وقت ئي پنھنجي پنھنجي وجودن جي سڃاڻپ ڪر کڻندي ۽ هڪ ٻئي کان جدا ٿي وينداسون. فطرت تہ جنس جي تضاد ۾ ئي جادوئي اثر رکيو آ. جتي ٻئي ڪردار ڀولڙي جيان نچن ٿا ۽ پوءِ چپ ڪري ويھن ٿا. ذهن کي هڪ تار ۾ هلڻ کي اوليت ڏيڻ ضروري آ. ٿورو هلڪو زور ڏي. مان اڃان exited نہ ٿي آهيان، تون ٿورو ڳورو ٿو لڳين. ٿوري دير ۾ تون خلا جي مدار ۾ موجود ماڻھوءَ وانگر پنھنجي ڪشش ثقل وڃائي ويھندين ۽ ڪپھہ جي ٽڙيل گوگڙي وانگر هلڪو ٿي پوندين. لذت جي خبر نہ آهي تہ حرڪت ۾ آهي يا حرڪت کان پوءِ واري سانت ۾ آهي. پر اهميت تہ ٻنھي جي آهي. توکي خبر آهي تہ پنھنجي ڪھاڻيءَ ۾ هميشہ هڪ ڪردار ڳالھائيندو آهي. ڪڏهن تون ڪڏهن مان پاڻ وٽ دليل وقت تي ڏيڻا پون ٿا. اڄ منھنجو وارو آهي مان بلڪل آزاد ڳالھايان ٿي.
مان اڄ ڌنارن تي ڳالھايان ٿي ڇو جو پاڻ انھن جي لانڍيءَ ۾ پناھہ ورتي آهي. مان انھن جي ڪجهہ منفي ڳالھين تي ڳالھايان ٿي پر محبت تي نہ پر سچ تہ اهو آهي تہ هو فطرت سان، حياتيات سان ۽ ماحول سان وڏو پيار ڪن ٿا. هنن جا ڌڻ، نباتاتي ۽ حيواني جيون جون انيڪ ارتقائون طئہ ڪرڻ جا اهڃاڻ آهن. ڇڏ ان ڳالھہ کي پر جي هنن جو ڪو ڪونھٽ ئي بيمار ٿي مري ٿو تہ هو زائفن وانگر روئندا آهن. عيداالضحيٰ تي پنھنجي وهٽ کي ڪسجندو بہ ڏسي نہ سگهندا آهن. هو جانورن جي پالنا سان گڏ انھن سان محبتون بہ پالن ٿا. انھن جا ناز نخرا، ڌڪا، مونا، ٽڪر پيار سان سھن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاسي واري سٺي فصل ۾ ڄاڻي واڻي ڀيل ڪرائن ٿا، لٺ بانٺو، گارگند، ڪڏهن تہ ڍڪ، ٿاڻي يا پوليس تائين بہ پھچن ٿا. مگر انھن آزاد محبت جون آوارہ ڪھاڻيون ورلي ڪنھن انساني محبت ۾ ڌوپجنديون آهن.
ڪسين، پيچن، واهن ۾ تڙڳندا تڙڳندا وهٽ ورائي ايندا آهن، هو بہ ڌڻن جي سونھن، انھن جي آواز ۽ هڪل سان فطرت جي تصوير ۾ نئون رنگ ڀريندا آهن. پيرن ۾ ڪنڊن جو ڄار، ڦاٽل ڌوتي، ميرو انگوڇو ۽ پراڻو چولو، هلڪي لٺ ڪلھي تي، هو تہ فطرت جي وساريل ڪردارن جي live ويسٽرن موويز ڀريندا نظر ايندا.
هو درد کي اڪيلائي ۾ سانڍي فطرت ۾ سمائجي هلن ٿا، ڪنھن لمحي انھن جو درد ڪنھن بيت، بانسري، چنگ ۽ سيٽيءَ جو روپ وٺي سيني جي تھہ تائين ويندو آهي پر ان هوندي بہ هو ماڻھپي جي پئماني تي نہ ٿا ماپجن. هنن جي اکين ۾ نظر نہ ايندڙ جستجو ۽ ڪاوڙ کي نہ ٿو ڏٺو وڃي، ڇا هو هن دنيا ۾ ان ڪري آيا آهن تہ ننڍپڻ ۾ جهار هڪلن، ٿورا وڏا ٿين تہ ڌڻ چارين ۽ پنھنجي ڦوھہ جواني ڪنھن سندريءَ جي خوابن بجاءِ گرم جهولي ۾ پاڻ ساڙين، ڦرڙن کي ريجهائڻ وارن کي آخر ڦرهيون (پٽيون) ڇو نہ ٿيون ڏنيون وڃن ۽ هو بہ زندگي جي ڪنھن موڙ تي ماسٽر جو لڪڻ کائي سيءَ ۾ سيسراٽ ڀرين. هنن ننڍڙين ننڍڙين لانڍڙين ۾ ننڍڙا ننڍڙا اسڪول هجن ۽ انھن ۾ پتڪڙا پڙهڻ اچن.
مان بہ وقت جي حاڪم وانگر مسئلن جي حل کي ٻڌائي سگهان ٿي، سمجهائي سگهان ٿي، پر پوءِ اٽڪي پوان ٿي تہ مون وٽ بہ پنھنجا انيڪ مسئلا آهن، دليل آهن، ڏکايون آهن، مون وٽ حل بہ آهن پر ان ڳالھہ تي مان بلڪل نہ ٿي سوچيان.
هڪ عاشق ۽ ان جي سنڌ يونيورسٽيءَ جي محبوبا ۾ اڪثر جهيڙا بہ ٿيندا هئا ۽ هو انھن جهيڙن جو ذڪر بہ مون سان ڪندو هو. ڇوڪري بہ هن سان گهڻو پيار ڪندي هئي.
هڪ دفعي هي مجنون جڏهن پئسنجر ريل جا ڌڪا کائي شام جو ڄامشوري اسٽيشن تي لٿو هو تہ هن کي جهولي ساڙي وڌو هو ۽ هن ڇوڪريءَ جا امتحان هئا. مارويءَ هاسٽل جي در تان ئي هن کي ڇڙٻ ڏيندي ڀڄايو هو ۽ هن انٽرنيشنل هاسٽل جي روم ۾ ويٺو سوچيو هو:


ڪنھن ڪنھن شام تہ
سنڀري، سنوري
رابيل لڳائي، گهگهري پائي
لالي لائي، وار سنواري
مشڪ لڳائي
پيرن ۾ پازيب ٻڌي
منھنجي ديري ايندي ڪر
پوءِ واٽهڙن کان اک بچائي
ڳل ۾ ٻانھن جو زنجير لڳائي
سنڌوءَ ڪناري هلندي هلندي
ٿڌڙي ڇٻر تي ٿڪجي ٿڪجي
ڪي تہ چپن جون امرت
سرڪيون ڏيندي ڪر
منھنجي جيون جي ماٺ ساگر ۾
ڪالھر اڀاري ويندي ڪر
پر جي تون چڙيل چڙيل ايندين آ
۽ ننڊ ڦٽائي ويندين آ
پوءِ توکي سپنن سان گڏ
ساري رات تارن ۾ ڳوليندو آهيان
۽ ويٺو بي ڏوهي پيڙا ڀوڳيندو هان
پوءِ منھنجي ڳل جا ٿڌڙا ڳوڙها
تنھنجي ياد ڏياري ويندا آهن
۽ وڏڙو وڏڙو، جهجهڙو جهجهڙو پيار اڀاري ويندا آهن
تون پريت نگر جي واسي آن
جو منھنجي ننڍڙين ننڍڙين
ڪوتاهين ۾ پيار الاهي ڳوليندين آن
۽ پنھنجي ڀلجڻ جي ڊپ کان
مون سان جهيڙو جهيڙيندين آن
۽ مون کي اجايو ڇيڙيندين آن
مان سمجهان ٿو
تنھنجي ڪاوڙ ۾ بہ پيار الاهي شامل آ
ڇو جو تون دور فضائن ۾
مون کي ڳولي وٺندين آن
۽ منھنجي من ۾ نچندين آن
مان سمجهان ٿو تون
مون سان پيار جو جهيڙو جهيڙيندين آن
۽ مون کي اجايو ڇيڙيندين آن


ان عاشق جي عشق جي رڪارڊ ۾ ان وقت گهاري پئي جڏهن هي وعدي موجب ان وٽ سنڌ يونيورسٽيءَ نہ ويو ۽ هن جي عشق جو رڪارڊ ائين وڄڻ لڳو ڄڻ his master واري ڪتي واري ڪمپنيءَ جو آڳاٽو رڪارڊ ڪنھن پراڻي پن سان وڄڻ وقت رونگٽ ۽ ڪيهٽ ڪندو آ ۽ هن معافي نامو موڪليو:

اپولو جائيز

زندگي ڇو ڀلا
پئسي جي محتاج ٿي پئي آ
رات ڀيڻ گڏي
ڏاڍي، نفرت
ڪاوڙ ۽ احتجاج
سان طنز جا اهڙا تير ڇوڙيا
جو دل سمورن پردن ۾
سلامت هوندي بہ زخمي ٿي پئي
هن جا ٻار بکيا سمھيا هن
هن جي ٽين ۾ چانور ناهن
هن وٽ، اٽو، چانھہ، پتي، دال به
ناهي.


هن جي آلين اکين ۾ ڳوڙها
ائين ٿا وسن
ڄڻ آڪاش ٿر تي مھربان ٿيو هجي
ها منھنجي من جي صحرا ۾
ڳوڙهن جي بارش
بس جذبن
يا سندن لفظن ۾ غيرت
کي سيراب ڪري ڇڏيو
ان لاءِ مان صبح جو 8 بجي
توسان انجام هوندي بہ نہ آيس
ها مان ڪوشش ڪئي تہ جيئن توکي ملڻ کان روڪي سگهان
پر تون جا محبت جي پري آهين
ڪو ه ڪاف کان اڏامي ايندين آهين
منھنجا هيڻا خيال ڀلا توکي ڪيئن پئي روڪي سگهيا
ها مون کي پڪ آ
تون پنھنجن سمورن چاهتن سان
جذبن سان پيار جا نوان آدرش
۽ نمونا کڻي آئي هوندينءَ
۽ واقعي مارڪيٽ ۾ گوشالي جي
وائڙي ڳئون وانگر
ڊوڙي هوندينءَ
پڪوڙن واري کان وٺي
سبزي واري تائين
سڀني توکي پُر معنيٰ نظرن سان تاڙيو هوندو
۽ ڪنھن اوباش نوجوان
وقت جي بدلاءُ سان
توکي، سيٽي، پاسو
۽ ڪلھو بہ هنيو هوندو
نہ تہ بہ رڪشي واري
پڪ سان توکي
سائين ڇا حال آ
سان کيڪاريو هوندو
ها مان تنھنجي انتظار
ڪرب، پيڙا ۽ ڪاوڙ کي سمجهي سگهان ٿو
پر گڏي
ها ڀيڻ گڏي
۽ ان جا بکايل ٻار
مون کان تنھنجا ڪجهہ لمحا اڌارا وٺي ويا
گهر جي خاموش ديوارن ۾
سنگمرمر جي هر سر ۾ مون توکي ڏٺو پئي
ها تون ڏاڍي ڪاوڙ ۾هئينءَ
واقعي ذميواريون
۽ ضرورتون
ڪڏهن ڪڏهن پيار جي سندر جذبن جي قرباني وٺندا آهن
ها گاڏي ڀريل سودي سان
منھنجي ڀيڻ جون سموريون
نفرتون موٽائي وئي
پر تنھنجي ڪاوڙ ۽ نفرتون
منھنجي نڙيءَ ۾ خوشبوءَ
وارو پلاءُ بہ لاهي نہ سگهيا
ها منھنجا آقا
علاوالدين جي چراغ جا مالڪ
هي جن توسان apologise
ڪري ٿو
يعني معافي گهري ٿو
ڇو جو مون پنھنجو اڌارو
جيون، تو وٽ محبتن جي
عيوض گروي رکيو آ
پر ڀيڻ جذبن جو قدر
ڪندي بک هوندي
بہ نفرت نہ ٿي
ڪري.
پر حيات کي تہ پيٽ ڀرجڻ کپي
ان لاءِ ئي هوءَ
نفرت هوندي بہ نفرت نہ ٿي ڪري.
ان ٻڌايو







ان معافي نامي کان پوءِ ڇوڪري، ڪافي ٿڌي ٿي، حقيقت ۾ ٻن دوستن جي وچ ۾ اعتراف ئي اصل مضبوطي آهي. انا کي پوئتي ڌڪڻ ئي فتح آهي.
انھن جهيڙن کي ٽارڻ لئہ هي آزاد نظم بہ لکيس:

هي جهٽ جهٽ ۾ جي جهيڙيون ٿا
۽ راڳ نوان جي ڇيڙيون ٿا
تنھنجون منھنجون پيار ڪھاڻيون لوڪ سڄو جي ڄاڻي ويو
۽ چوسولن جا چوٻول ٻڌي
جي تنھنجو بابا
منھنجو بابا
پيار ڌرم جو ويري ٿئي
۽ پنھنجو ڍينگو ڍيري ٿي
بھتر ٿيندو پنھنجا سارا
طعنا مھڻا
ڪاوڙ، شوخيون
ڪنھن تيز هوا جي جهوٽي تي
او دور اڏاريون دور اڏاريون

اهو عاشق پنھنجي عشق کي المنظر جھڙي پَلي جھڙو لذيذ چوندو هو مگر ڪڏهن ڪڏهن مونکي لڳندو هو تہ هو پاڻ بہ جھڙو پيار ۾ پچي چڪو هو ۽ مون کي هميشہ انومان رهندو هو تہ ڪٿ هن جا پيچ ڍرا نہ ٿي وڃن ۽ حسين آباد جي گدو اسپتال ۾ نہ هن جي پوسٽنگ ٿئي ۽ چرين کي پڙهائڻ شروع ڪري: پيارا ساٿيو:
اوهان منھنجي ڪنفيوزن جو فائدو نہ وٺو ۽ زور سان روئو اوهان سڀني جو پاڳل پن ان جسٽس جو نتيجو آهي. معاملو بلڪل simple آهي ورهاست اڻپوري آهي هڪڙن جو جنجال گهڻائي آهي ٻين جو گهٽتائي، هڪڙا غذا جي گهڻائيءَ ڪري مرن ٿا ٻيا گهٽتائيءَ ڪري. Balance ۽ equilibrium جي ضرورت آهي. ورهاست جو انصاف، ڏاهپ جو موت آهي.
اوهان جو هت اچڻ خود اوهان جو زندگيءَ سان پيار ڪرڻ آهي، نہ تہ اوهان بہ جيت مار دوا کائي، ڪنھن فليٽ جي بالڪونيءَ تان ٽپو ڏئي پرينءَ سان اڳئين جنم ۾ ملڻ جي ڪوشش ڪيو ها. اسان جي سماج ۾ جيڪو family setup آهي ۽ اسٽيٽس gap آهي. اهو ڇوڪري ۽ ڇوڪري لئہ ڀرڻ مشڪل نہ پر ناممڪن آهي. پر زندگيءَ کي حقيقت پسندي ۽ سنجيدگيءَ جي تارازيءَ ۾ بہ تورڻ کپي. مسئلو اهو ناهي تہ اوهان normality جي اصولن تي هلندي abnormality ڪيو پر حقيقت ۾ abnormality ڪري بہ اوهان normality ڪيو. والدين کي چوندس تہ ٻارن جون ڳالھيون ٻڌو. ٻارن کي چوندس تہ جائز ڳالھيون ڪيو والدين جون ڳالھيون ٻڌو. اندر جو انسان جيڪا شيءِ نہ ٿو قبولي ان تي پنھنجو موقف ٻڌايو پنھنجي اندر کي کوليو دوستن کي چوندس تہ دوستن جي مدد ڪيو مذاق نہ ڪيو. دانشورن کي چوندس تہ مسئلا نہ ٻڌايو پر حل بہ ٻڌايو. انصاف جي ڳالھہ ڪيو تہ عرض ڪندس تہ انصاف بہ ڪريو. بس جيڪو جيئڻ چاهي ٿو تہ ان کي خوشيءَ سان جيئڻ ڏيو. ان سان تعاون ڪيو. ذهن جي ڪينواس تي اها ئي تصوير ٺاهيو جيڪا پوريءَ طرح ۽ خوبصورت هجي بس زماني کي ضرورت آهي هڪ ٻئي جي سھاري جي هڪ ٻئي جي پيار جي هڪ ٻئي جي تعاون جي هڪ ٻئي جي احترام جي.
مگر منھنجو انومان غلط نڪتو ۽ اهو پنھنجي روح کي ڄامشوري جي پل تان امر ڪرڻ کان بچائي ويو ۽ اڄ ڪلھہ سٺو ۽ ڪامياب ڊاڪٽر آهي.

چانڊڪا ۾ چوريون ۽ چلولايون

هونئن تہ چوري انساني تاريخ جي پراڻي ڪرت آ، جيئن ڀولو ڪو ڪيلو چورائي ويندو آهي. ڪانو ٻار کان شيءِ کسي ويندو آ، سو چوري ، ڦر ڌاڙو چانڊڪا جي ڪلچرل جو ڪڏهن بہ حصو نہ رهيا، ڇوڪرن جا روم کليل رهندا هئا، ڪٻٽن کي تالا لڳل مگر کليل، روڊن رستن تي رات جو دير تائين گهمڻ، معمول هو، دوست جي پيسٽ، شيونگ ڪريم، پائوڊر، پرفيوم، استعمال ڪرڻ ۾ ڪو عيب نہ هو، بک ۾ دال سڱر، بادام، پستو، بسڪوٽ بہ روم پارٽنر جا کائڻ جائز هو. بوٽ، چپل، ڪڏهن ڪڏهن پينٽ شرٽ بغير ٻڌائي بہ پائي گهمبي، پر پئسا يا ٻيون شيون کڻڻ عيب سمجهيو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن شاگرد کان رحمت پور واري پاسي کان ڪو سڃيو شاگرد پنجاھہ سو بہ ڦري ويو هوندو، باقي موٽرسائيڪل تہ بغير تالي بہ بيٺي هوندي هئي، گرلس هاسٽل ٻاهران بيٺل هڪ شاگرد کان ڪار بہ ڦري وئي مگر، ڀنگ ڀري اُها بہ موٽائي وئي، چانڊڪا جا ٻہ شاگرد مدئجي ۽ نئين ديري جي وچ تي ويگن مان اغوا بہ ٿيا هئا. اُهي سکر جا هئا ۽ انھن مان هڪ شايد D. I. G بہ آهي.
سو چانڊڪا ۾ ڪو بہ ڏوهاري ڪلچر ڪو نہ هو. هڪ دفعي عجيب واقعو ٿيو، هڪ ڪامريڊ سرخو هيو پڙهيل لکيل، سياسي ماڻھو، سڀ کي ڪم اچڻ وارو هو، ان جي دروازي تي ڪو همراھہ وهي وهانوي (جنسي ناول لکندڙ) جي شعر جو اردو وارو پنو ۽ عرف ڪامريڊ، ڪامريڊ جي ڪوارٽر جي دروازي تي چنبڙايو، ڪامريڊ کي چور ککي ويو، اتفاق سان آءُ بہ ڪوارٽر ٻاهر بيٺو هوس، ڪامريڊ ۽ اينٽي ڪامريڊ هڪ ٻئي کي سنڌ جي ٻھراڙيءَ جي عورتن وانگر ڄنڊن ۾ هٿ وڌا، اهڙي ڄنڊا پٽ ڪڏهن ڪڏهن ڇوڪريون بہ هڪ ٻئي سان ڪنديون هيون، آءُ وڃي ٻنھي ڄڻن کي ڇڏايو ان کان پوءِ اچانڪ اينٽي ڪامريڊ ڌر وارا هٿيارن جي زور تي ڪامريڊ جي ڪوارٽر تي ڪڙڪيا، ۽ ڪامريڊ جي جين جي پينٽ سميت ڪامريڊ جو ريڊيو بہ کڻي ويا. جين جي پينٽ پائي هڪ جوان ڪامريڊ جي ريڊئي تي ڪينٽين تي خبرون ٻڌڻ لڳو، هڪ همراھہ ڪامريڊ جا پيارا ڪتاب داس ڪيپيٽال ۽ پروستريڪا ٻاهر اڇلايا، ۽ ٻئي همراھہ ڪامريڊ کي نجي نقصان پھچائڻ لئہ ان جي ڪوارٽر جي Wash Basin ڀڳي جيئن ڪامريڊ صبح جو هٿ منھن ڌوئي نہ سگهي ۽ واڱڻ جھڙو منھن ڪري گهمي، ڪامريڊ کي ٻئي ڪنھن ڳالھہ جو افسوس نہ هئو هن کي فقط ڏک اِهو هو تہ ڪامريڊ ريڊيو ماسڪو نہ ٻڌي سگهندو، ان لاءِ هن سڌو فوجي مداخلت لئہ گورباچوف کي خط لکيو ۽ جڏهن ريگن ۽ گورباچوف مليا تہ گوربا چوف ريگن کي چيو تہ ڳالھيون پوءِ ٿينديون اڳ ۾ ڪامريڊ جو ريڊيو موٽايو، اهي لطيفا، ٽوٽڪا چورين متعلق بہ ٿيندا هئا. سو چانڊڪا جي وائيٽ هائوس ۽ ماسڪو تائين جيڪا تصوراتي پرواز هئي اوهان ان ڳالھہ مان اندازو لڳائي سگهو ٿا، ائين چانڊڪا ۾ ٽراءِ سرڪل جي تالن جو چاٻيون تہ شاگردن کان گم ٿينديون هونديون ۽ ٽوٽن ۽ هٿوڙن سان رومن ۽ ڪوارٽر جا تالا ڀڄندا هئا. پر ڪجهہ ڪوارٽرن جا تالا بہ ڀڳا ويا ۽ انھن مان هنڌ بسترا، ٽائيم پيس، ٽوال، ڪاپراڻي ٽيپ ۽ ڪجهہ ڪپڙن جا وڳا بہ چوري ٿيا. مگر چوريءَ کي چانڊڪا ۾ عيب سمجهيو ويندو هو. سو چور انفرادي يا گروھہ جي شڪل ۾ گهٽ هئا. چانڊڪا ۾ مھمان نوازي ۽ ڇوڪرن ۾ شخصي بلندي عروج تي هئي. مھمان اصل ۾ روم پارٽنر تي چٽي هوندا هئا. ميزبان خرچ کان آجو، ڪي تہ اهڙا بہ حضور شرم شاگرد هوندا هئا ٽوٿ پيسٽ ختم ٿيڻ تي ڏندڻ ڪندا، پر روم پارٽنر جي ٽوٿ پيسٽ بہ نہ کڻندا هئا. سو چورين جي هڪ اڌ واردات کان علاوہ چانڊڪا ۾ ان معاملي ۾ سعودي عرب وارو نظام هو. روم پارٽنر جيڪو ڪٻٽ کي تالو هڻندو هو، ان کي ڪند ذهن سڏيو ويندو هو. ڪنھن جي شيءِ کڻڻ کي وڏو عيب سمجهيو ويندو هو. چانڊڪا ۾ چور تہ هئا مگر محبتون چورائڻ جا چور هئا. ڪتابن ۾ سبق چورائڻ جا چور هئا ڪنھن جا ڏک چورائڻ جا چور هئا. اهڙا چور هئا جن آڏو ساڌ بہ شرمائيندا هئا. چورين ۽ ڦرن جي ان وارداتن ۾ اسان جو ڪلاس فيلو شفيق مارجي ويو. ان جي موت جو ڪارڻ نہ مليو، شفيق اردو اسپيڪنگ ڇوڪرو هو، هو هوشيار شاگرد هو پوءِ اڪيلو ٿيندو ويو. اردو فلاسفرن وانگر هن جا وار وکريل هئا. مگر هو هميشہ ڳوڙهي سوچ ۾، نہ سمجهہ ايندڙ سوچن ۾ گم هوندو هو. پوءِ هو ڪلاس جو الڳ ٿلڳ ڇوڪرو ٿي ويو. سواءِ نديم عليم ۽ اعجاز ڪشميري جي هن جو ڪو ويجهو دوست نہ هو. هڪ رات شفيق جي روم جو ڪنھن دروازو کڙڪايو ۽ ڪجهہ گهريو، هن دروازو کوليو سامھون هڪ پسٽل هئس ۽ هن کان ڦورو پئسن جي گهر ڪئي، شفيق ان صورتحال کي نہ سنڀالي سگهيو هن رڙيون ڪيون انھن ڏينھن ۾ هاسٽلون خالي هيون، پوءِ ڪنھن ظالم ٽريگر دٻايو فضا ڌماڪي سان گونجي اٿي، انٽر لاڪ سبب در بند ڪيو ويو. ڦورو ڀڄي ويو نديم عليم ۽ اعجاز ڪشميري هن جي روم جو دروازو ڀڳو ۽ شفيق پنھنجي اداسيءَ واري چھري سان هوائن ۾ اڏامي ويو. ان جي مرتئي تي اسان جي ڪلاس جون ڇوڪريون ٻوڪٽَ ڪري رنيون هيون. فقيرالنفس شخص کي ڪنھن اوپري يا چانڊڪا جي قذاق جي گولي کائي وئي. ان المست جو روح اڄ بہ هاسٽل ٽئين ۾ ڪنھن تاريڪ رات ۾ ڇوڪرن کي گهمندو ڦرندو محسوس ٿيندوآ. شفيق جو صوفي روح اڄ بہ MQM وارن کي پاراتا ڏيندو آ تہ هنن هن جو لاش خواھہ خواھہ عزيزآباد جي گهٽين ۾ گهمايو، هن جو روح تہ چوندو رهي ٿو تہ هن کي سنڌين نہ پر ڪنھن بکايل باغيءَ ماريو. هن جو روح چوندو رهي ٿو تہ هن جو انتقام ڪير بہ نہ وٺي. مان وقت جي حاڪم کان پاڻ وٺندس جنھن ان گمنام قاتل جي هٿ ۾ پستول ڏنو.

چلولايون

چانڊڪا ۾ اسان جي ستين بئچ هئي، ان وقت چانڊڪا ۾ لڳ ڀڳ 1500،2000 شاگرد پڙهندا هئا. عمر 18 کان 30 سالن تائين، ايترن نوجوانن جو گڏ رهڻ، ٻولي، علائقو، رنگ، نسل، خانداني، معاشي، نفسياتي ڪيفيت، ان کان علاوہ بلوغت ۾ اچڻ واريون تبديليون، جنس ڏي فطري ڇڪ، سو اهڙي صورتحال ۾ فردن جو باهمي تعلق بنيادي حيثيت رکندو هو. شاگرد مزاج ۾ هڪ نئين رومانس ۾ هئا. هڪ ڊاڪٽريءَ ۾ پڙهڻ، سياست، قومپرستي ۽ ائين شخصيت کي اجاگر ڪرڻ، سو جنس ڏي لاڙو تہ هئو مگر ظاهري طور تي ماحول ۽ حالتن جو اثر وڌيڪ هو. شاگردن ۾ ڪا جنسي بي راھہ روي، آوارگي، ڪونہ هئي. ڪي پرڻيل هئا تہ ڪي مڱيل هئا. ڪاليج ۾ گهٽ ڇوڪرين سبب ڪي شاگرد ڪاليجي عشق ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا، اُهو جنسي حصول فطرت جي اصول پٽاندڙ، شخصي کوجنا ۽ ڪوشش تي مشتمل هو ۽ هر ڪو پنھنجي پر ۾ سوچن ۾ ان عمل مان گذرندو هو، ڪامياب ۽ ناڪام ٿيندو هو. مگر ڪاليج جو ظاهري رومانس سياست، قومپرستي، پڙهائي ۽ مستقبل جي اميد هئي. ائين نہ ٿو چئي سگهجي تہ شاگردن ۾ نارمل يا ايبنارمل جنسي لاڙا نہ هئا. ايبنارمل جنسي لاڙو Taboo وانگر هئا. جنھن ۾ چند شاگرد ئي ملوث هوندا ۽ ائين هم جنس پرستيءَ جي انتھائي قليل امڪان کي رد نہ ٿو ڪري سگهجي. ائين ڪجهہ مئس جي ننڍڙن بيرن سان ننڍڙيون حرڪتون، ڪڏهن ڪڏهن مھراڻ هوٽل جي ڀر وارن مسافر خاني جي ڇوڪرن جو چانڊڪا ۾ آوارہ گشت، ۽ شڪار جي تلاش ائين هاسٽلن ۾ عورتن جو نظر اچڻ نہ هجڻ برابر هو. پر ڪڏهن ڪڏهن ڪوارٽرن ۾ ڪجهہ عورتن جو اچڻ نظر اچي ويندو هو. اِها وڏي بھادري ۽ رسڪ جھڙي ڳالھہ هوندي هئي جو ڪا عورت هاسٽل ۾ اچي، مائٽ عورتن جو هاسٽل ۾ اچڻ تہ تقريبا ناممڪن هئو، ائين ڪجهہ هائوس آفيسرن جون دوست نرسيون ڪنھن سان ڪوارٽر ۾ ٽڪي پونديون هيون. لاڙڪاڻي جا نگار خانہ انھن ڏينھن ۾ ضيائي مارشلا جي قھر هيٺ هئا، جتان جون ڍولڪون ٽٽي پيون هيون هارمونيم بيمار ٿي پيون هيون ۽ ڇيرين جا گهنگهرو ٽٽي وکري ويا هئا. موسيقي ڦاهيءَ چڙهي چڪي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪا گائڪا پنھنجي اداسيءَ ۾ ڪو، سيان، ماهيا اوپرين وارو گيت آلاپي وٺندي هئي ۽ ڪجهہ ڇوڪرا ناسوري انھن نگار خانن ۾ ديدار ڪري موٽي ايندا هئا جنسي اڏا بہ بند هئا پر رحمت پور واري علائقي ۾ ڦاٽڪ جي ڀت جي ڀرسان ويٺل ش کنڊ جي ٻوريءَ جي احوال سان دام لڳائي ڪن شاگردن کي جنسي تفريح ڪرائي وٺندو هو. باقي هائوس آفيسرن واري ڪالونيءَ ۾ عورتن کي ڪوارٽرن ۾ ايندي ويندي ڏٺو ويندو هو. ڪنھن دوست سان هڪ واقعو پيش آيو ڪالوني واري روڊ تان ٻہ مايون برقعي ۾ ڪوارٽر ۾ ويون جڏهن انھن منھن کوليو تہ خواجه سرا هئا ۽ همراھہ جو رڙيون نڪري ويون هٿ ٻڌي پنجاھہ روپيہ ڏئي جان ڇڏايائين.

چانڊڪا جي ڇوڪرن جون ڪچھريون

چانڊڪا جا ڇوڪرا ڪچھرين جا ڪوڏيا هئا، ڪچھريون، سياسي، سماجي، ادبي، ذاتي، معلوماتي کان وٺي تجسس تائين ڪيون وينديون هيون. اِهي ڪچھريون اڪثر ڪري رومن، ڪينٽين تي ڪيون وينديون هيون. ان وقت چانڊڪا ۾ جهجهيون ڪينٽينيون هونديون هيون. مثلا سينٽرل ڪينٽين، چوسول واري ڪينٽين، فارماڪولا جي لان واري ڪينٽين، ڪڪڙ جي ڪينٽين، مني جي ڪينٽين، صوبيدرا جي ڪينٽين، حاجيءَ جي ڪينٽين،خميني جي ڪينٽين ۽ ائين هر هاسٽل جي ٻاهران چانھہ جي ڪينٽين هوندي هئي، هاسٽل 2 ۽ 3 جي سامھون فروٽ جا ريڙها بہ هوندا هئا، انھن ڪينٽينن تي ڪئي ڪچھريون ٿينديون هيون، ڪي ڪچھريون رومن، هاسٽل جي ڇت، ڪوارٽر لان وغيرہ تي ٿينديون هيون ڪو لطيفو ڪا ڳالھہ، بس پوءِ تاڙا ملي ويندا هئا ۽ شاندار ڪورسي ٽھڪ، اوهان يقين ڪيو هڪ وقت 10،10 ويھہ ويھہ ڇوڪرا ائين اچانڪ ازخود هڪ آواز ٿي ٽھڪ ڏيندا هئا ڄڻ ٽھڪ بہ Synchronised هجن ۽ انھن ٽھڪن جي گونج بہ عجيب هوندي هئي ڪي تہ ٽھڪ ائين ڏيندا هئا ڄڻ روئن ٿا يا ڏاڏي مري وئي هجين، ائين هاسٽل 2 جي پوئتان چانڊئي جي ڪينٽين جي چانھہ مشھور هئي. چانڊئي جو آواز منفرد هو ۽ اُهو هاسٽل 2 ۽ 3 ۾ چانھہ ڏيندو هو، اڪثر ڪري ڇوڪرا چانڊئي کي چوندا هئا تہ چانڊيا چانھہ ۾ چرس ٿو ملائين جو تنھنجي چانھہ جا موالي ٿي ويا آهيون. ٻٻر جي وڻ هيٺان ويٺل اِهو چانڊيو چانھہ وارو جيڪو گوڏن تائين گوڏ، کليل بٽڻن واري قميص ۽ سنڌي ٽوپيءَ وارو اهو اڌيڙ کلي چوندو هو سائين چانھہ ۾ خلوص ٿو ملايان، ڀلا اوهان ان خلوص جو جلوس ڇو ٿا ڪڍو. اِهو چانڊئي جو تڪيہ ڪلام هو.
هاڻي اچون ٿا چند ڪچھرين طرف: مان معذرت سان نالا نہ ٿو لکان. هڪ ڏينھن بحث شروع ٿيو ڪنھن چيو ڇڏ يار تون تہ Abnormal آهين. وراڻي مليس ڀلا ڀائو نارمل جي وصف تہ ٻڌاءِ.
بلڪل (ڇوڪرا دليل ڏيڻ جا ڪوڏيا هوندا هئا)
نارمل ماڻھونءَ جون بنيادي وصفون Characterstics چار آهن
1. هو پنھنجي ڪم ڪار ۾ ٻئي کي متاثر نہ ڪري.
2. هو جتي ڪم ڪري اتي رلي ملي هلي.
3. هو سماج ۾ بہ رلي ملي هلي
4. هو تفريحن، راندين، موسيقي، فن، جنس ۾ بہ دلچسپي رکي.
اهي وصفون تہ مون ۾آهن
تو ۾ تہ پھرئين وصف ئي ڪونھي
مثلاً: مٺا تون شادي شدہ آهين تنھنجي زال ناشتي ۾ دير ڪندي اٿئي تہ ٻہ ٽي پادر وهائي وٺندو آهينس. يعني تو پنھنجي ڪم جي پورائيءَ لئہ ٻئي کي تڪليف ڏني. تو واري جوءِ جو سڄو ڏينھن پيڙا ڀوڳي، اُها ڀلا ڪھڙي کاتي ۾ وئي. نہ ائين تہ تون بہ Abnormal آهين. مان پڙهندو آهيان پر تون ريڊيو ٻڌندو آهين، اهو آواز مون کي ڊسٽرب ڪندو آهي نہ تون ڙي جڏهن مان ستو پيو هوندو آهيان تہ باٿ روم ۾ وڃڻ لئہ بتي ٻاريندو آهين، اڙي منھنجي ننڊ ڦٽندي آ، ڇو ڀلا رات جو ٿاٻڙجان ڇا، ڀلا شب خوري اٿئي ڇا، اڙي وڃ وڃي Vitamin A کاءُ، ٻيو وچ ۾ ٽپ ڏيندو. اڙي هاسٽل ۾ روم ۾ رهون ٿا توکي ٻي وصف مطابق Adjust ڪرڻ کپي، ماحول ۾ رلي ملڻ هلڻ کپي پر ڊسٽرب ڪرڻ نہ کپي. ڪو وڏو لفظ استعمال ڪري ويھندو هو تہ تون Sadist آهين. ان تي ڪو موافقيت ۾ دليل هوندو تہ ڪو مخالفت ۾، ڪو چوندو هو تہ ماڻھوءَ جي ماڻھپي وارين حدن ۾ ماڻھو اذيت پرست نہ ٿو ٿئي. اڙي فرائيڊ چيو آ نہ Psychodynamic theory ۾. انساني ڪردارن جو بنياد لذت ۽ ذات تي آهي ۽ انسان توانائيءَ جو نظام برقرار رکي ٿو. ان لئہ نفسياتي توانائي نيڪال ڪرڻ ضروري آهي.
اڙي تون نفسياتي توانائي يا Libedo جي ڳالھہ ٿو ڪرين، جنھن ۾ لذت بنيادي اصول آهي جنس ۾ جارحيت Aggression ڀلا اِهي ئي اصول آهن ڇا لذت جي پورائي لئہ، جنھن لئہ زمان ۽ مڪان ڪابہ معنيٰ نہ ٿو رکي. اڙي فرائڊ تہ ائين بہ چيو آهي تہ شعور سان گڏ انسان تي لاشعور بہ غالب آهي. لالا: فرائڊ جي انا حقيقت جي اصولن طور ڪم ڪري ٿي. پر ضمير Super ego جو هجڻ بہ ضروري آهي جيڪو ٻنھي کي Ego ۽ Id کي قابو ۾ رکي ٿو. ڇورا تنھنجو وات ڇو پٽجي ويو آهي. هي Sex جي ڳالھہ نہ آهي، هي نفسيات جي ڳالھہ آهي. پر تو واري مرشد فرائڊ کي تہ ٻيا نفسياتدان ايڊلر، چارل جنگ ۽ ڪيرن هينري، ٻئي نموني سمجهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. مثلا: سماجي تعلق، سماجي ماحول حالتون وغيرہ انساني ذهن تي اثراندازٿين ٿيون.
اڙي هينري چوي ٿي، انسان نيڪي ۽ بدي ٻنھي قسمن جا اوصاف رکندو آهي ۽ اسان ڏسندا آهيون تہ انفراديت جي احترام لئہ سازگار حالات ملڻ وقت اهو سٺو انسان ٿيندو آ. اتان ڪو ڀر واري سيٽ تان ڪميونسٽ قسم جو ڇوڪرو اٿي ايندو هو ۽ اُهو وري مزلو جو نظريو پيش ڪندو هو تہ نفسيات جون محرڪ ضرورتون آهن. جيڪڏهن تنھنجون بنيادي ضرورتون Physiological needs پوريون نہ ٿينديون اُهي آهن خوراڪ، پاڻي ۽ جنس تہ تو وٽ ٻيون ضرورتون ان لاءِ ڪا معنيٰ نہ رکنديون.
اڙي بکايل ماڻھو احترام ۽ محبت جي پرواھہ نہ ڪندو آهي، اِهي ضرورتون هن جو پيٽ تہ نہ ڀري سگهنديون آهن. اڙي يار ماڻھو بنيادي ضرورتن لئہ اهڙا هنر سکندو جنھن مان پيٽ پالي ۽ انھن ضرورتن جي پورائي لئہ انھن جي حفاظت بہ ڪري. ان لاءِ ڪميونزم ڀلو آهي، ماڻھوءَ جون بنيادي ضرورتون پوريون ٿينديون تہ ماڻھو ٻين ڳالھين طرف سوچيندا ماڻھو علم هنر ۾ نالو ڪڍندا، عزت احترام لئہ سوچيندا محبت ڪندا ۽ پيار ماڻيندا، آفتن لئہ بچاءُ بہ ڪندا. اڙي ابا تون ڪھڙي سوسائٽيءَ جون ڳالھيون ٿو ڪرين اسان وٽ تہ بحث هلي ٿو نارمل ۽ ايبنارمل جو توکي مڙئي ڪميونزم جو پتو فٽ ڪرڻوآهي ۽ ائين ڪو پاڙهو قسم جو شاگرد سرٻاٽ ڪري ڳالھائيندو اڙي، توهان کي خبر آهي تہ نارمل ۽ ايبنارمل کي ڇڏيو، نفسياتي بيمارين واري چريائپ کي ڇڏيو اچو ڏسون تہ سماج ۾ ماڻھن ۾ ذهانت ڪيئن آهي ۽ چريائپ ڪيئن. هوڏانھن هڪڙو همراھہ شروع ٿيندو، بيھہ يار لطيفو ٻڌ بحث هلندو.
هڪ ڏينھن صدرايوب کي گدو بندر گهمڻ جو شوق ٿيو، سو گدو بندر انتظاميہ ڇا ڪيو جو چرين ۾ جيڪي ٿورا چريا هئا اهي اڳ ۾ بيھاريون ۽ جڏهن صدر ايوب گدو بندر ۾ داخل ٿيو تہ سڀ پويان هئا ۽ صدر صاحب کي اڳ ۾ هڪڙي نيم چرئي سلام ڪري چيس سائين تعارف تہ ڪرايو، صدر ايوب چرئي کي چيو تہ آءُ صدر ايوب آهيان ۽ پاڪستان جو صدر آهيان. چرئي ايوب کي وراڻيو بيھہ ٿورن ئي ڏينھن ۾ پاڻ ئي خبر پئجي ويندئي، مان جڏهن گدوبندر ۾ پھريون ڏينھن آيو هوس تہ مان بہ چرئي کي تو وارو تعارف ڪرايو هو تہ مان بہ صدرايوب خان آهيان. ٻيو شروع ٿيندو، يار هڪ ڏينھن گدو بندر سامھون هڪڙن همراهن جي گاڏيءَ جو ٽائر پنڪچر ٿيو، نٽ کوليون تہ چرئي ڇا ڪيو 4 بلٽ کڻي ڀڄي ويو همراهن ٽائر تہ وڌو تہ هاڻي بلٽ ڪاڏئون اچن. هڪڙي ٻئي چري چين اوهان وٽ بولٽ آهن 12، ٽائر اٿوَ چار، هڪ ۾ ٽي ٽي وجهو ۽ گاڏي دڪان تائين ڪاهي هلو، اتان 4 بولٽ وٺجو، گاڏيءَ جي مالڪ چرئي کي چيو تہ بابا تون تہ سياڻو آهين، نہ سائين مان چريو ضرور آهيان پر تو وانگر چوتيو نہ آهيان. ٻيو شروع ٿيندو بابا انقلاب ۾ چريائي وڙهندا آهن، ڳالھہ چريائپ جي نہ آهي ڳالھہ ذهانت جي آهي، اچو يار چريائپ تي ئي ٿا ڳالھايون. پر چريائپ کان اڳ ۾ ذهانت تي ڳالھايو تہ ٺيڪ آ ذهانت تي ڳالھايون. اڙي ليوس ٽرنر چيو آهي تہ ماڻھو ذهانت سان خيالن ۽ فڪر جي اعليٰ حيثيت کي ڇھي زندگي گهاري ٿو.
تنھنجو IQ ڇا آهي، منھنجو IQ مائنس ۾ آهي مان بيوقوف (Stupid) آهيان تہ تون ڀوڪIdiot آهين نہ يار مان الفرڊ بينيءَ کي نہ پڙهيو آه جو IQ ڄاڻان، مگر بينيءَ چيو آهي تہ سماج ۾ ماڻھن جو فقط %20 آهي جيڪي بيوقوف، ڀوڪ ۽ هيڻا آهن باقي موڳا %16آهن. اڙي % 64 تہ ماڻھو ذهين آهن تہ پوءِ تنھنجي ڊيموڪريٽڪ نظريئي مطابق بيوقوف ماڻھو راڄ ڇوٿا ڪن، اڙي جينس کڻي % 1 آهن. مگر تمام گهڻا ذهين % 10 آهن پوءِ اڪثريت تي اقليت غالب ڇوآ، سوسائٽي اڃان تائين ڏاهن جي هٿن ۾ ڇو ناهي، يار ڇڏ بينيءَ کي تون پنھنجي ڳالھہ ڪر ها مان ڳالھہ ڪئي تہ ماڻھو 65 سيڪڙو تہ فطري طور ذهين آهن پوءِ سماج ۾ ايترو بگاڙ ڇو هاڻي تون اِهو بہ چوندين تہ اِهي استعمال ٿا ٿين، يا نظريه ضرورت تحت خاموش آهن يا بزدل آهن نہ مان ائين بلڪل نہ چوندس تہ ماڻھو اِئين آهن پر ماڻھن وٽ حقيقت پسندي ڪانھي، ماڻھن وٽ حال لئہ سوچ ناهي. تہ پوءِ سوچڻو پوندو، ڪنھن کي سوچڻو پوندو، توکي سوچڻو پوندو مون کي سوچڻو پوندو، هل سوچيوسين ٿئي پيو، سماج سڌري پوندو ۽ ڪو نيم ڏاهو عينڪ نڪ کان اک ڏي سوري چوندو هو، ان جو مون وٽ تہ هڪڙوئي حل آهي. ماڻھن کي پنھنجون فطري جبلتون يا Instinct ڇڏڻا پوندا ۽ هو انگريزيءَ ۾ شروع ٿيندو هو، You have to leave your instincts instinct of acquisition, self preservation, Race presser vation repulsion, Elation and pugnacity اوهان کي پنھنجو ميڙڻ، پاڻ بچائڻ، نسل قائم ڪرڻ، نفرت، وڏائي ۽ اڳرائيءَ واريون جبلتون ڇڏڻيون پونديون.
تون تہ صفا ڪو چريو آن، اڙي ماڻھو جين کي ڪاڏي ڪندو، بڻ بنياد کي ڪاڏي ڪندو، اڙي ماڻھو پاڻ ۾ تبديلي آڻيندو تہ اڳئين نسلن ۾ چڱائيءَ جا گڻ پيدا ٿيندا. يار اِهو پيچده بحث آهي، مون وٽ Simple حل آهي. جي سر، جيئن جسم جو بنيادي ايڪو جيوگهرڙو يا Cell آهي تيئن سماج جو بنيادي ايڪو فرد يا ماڻھوآهي. اهو تون بہ آهين ۽ مان بہ آهيان، هو بہ آهي هوءَ بہ آهي، اسان کي تبديلي اجتمائي نہ پر انفرادي تہ آڻڻ کپي، اڙي مطلب آ تہ سٺو انسان ٿيڻ کپي. ان لاءِ ڇا ڪرڻ کپي. اچوتہ اسان پنھنجي Self Analysisڪيون تہ اسان Randomاينالائس ڪيون، هوڏانھن سڀ ڳالھيون ٻڌندڙ ڪو ماٺيڻو ڇوڪرو بہ ڀڻڪي پوندو هو. يار اسان ۾ ڪجهہ ڳالھيون ڏاڍيون خراب آهن، مثلا اسان Pre-occupied آهيون اڳ ۾ ئي ماڻھن لئہ راءِ قائم ڪيون ٿا تہ هو خراب آهي، هو سٺو آهي. اسان ڪابہ تبديلي نہ ٿا مڃون، اسان اجايو فضول ڳالھين مسئلن تي ڳالھايون ٿا، سوچيون ٿا. يار فضول ڳالھين تي نہ ڳالھايون، سوچيون ڀلا ڪنھن تي! اسان وٽ سائنس ٽيڪنالاجي يا تحقيق جا شعبا آهن ئي ڪونہ، سو ذهين ماڻھو کپن تہ ڪاٿي کپن، هتي چالاڪ ماڻھو ئي کپن ٿا. اڙي ميان اسان وٽ وندر ڇا آهي، اِهو قلوپطرہ سينما يا ريشم ڳليءَ جو چڪر، ڳالھائڻ جي ٻاڙ ۾ دٻيل ڪو ترقي پسند ڇوڪرو ڀڻڪي پوندو هو.
يار هتان هڪڙو ڇوڪرو رومانيه پڙهڻ ويو، وڏا مايون ڏسي وات پٽجي ويس. اُهي مايون آهن تہ گوريون پر ائين تہ ناهي جو هو ڪنھن کي ٻانھن کان وٺي گڏجي هلنس، سو همراھہ جي مٿي تي Sex چڙهي ويو ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو، جيڪي انگريزي ڄاڻندا هئا سو مسئلو پڇيونس يار چيو تہ مون سان Sex جو مسئلوآهي، ابا سڀ حيرت ۾ پئجي ويا تہ هي نوجوان بالغ آهي سو هن سان اهڙو مسئلو ڇوآهي، سو هن کي هڪ سماجي تنظيم جي دفتر وٺي ويا ۽ اتي هڪ ڇوڪري رضاڪارانہ هن جي دوست ٿي. توکي مڙئي Sex جو مسئلوآهي اِهي تو وارا اوائلي اشتراڪي، ارسطو ۽ افلاطون بہ منجهي پيا ۽ چيائون تہ زالون بہ قومي ملڪيت آهن. تو جديد مارڪسنرم نہ پڙهيو آ، ذاتي استعمال جون شيون قومي ملڪيت نہ آهن. معنيٰ تہ زال بہ ذاتي استعمال جي شيءِ. مان ائين نہ چوان ها پر اخلاقيات ۽ ضروريات وچ ۾ هڪ قسم جو ضابطہ اصول آهي. يار مطلب تہ اسان وٽ انسان جي وندر يا تفريح جا موقعا گهٽ آهن، سو ماڻھو ڪاڏي وڃي. پوءِ هو ذهني طور سڪڙجندو ويندو ۽ انھن شين جي حصول لاءِ ڪو غلط طريقو ڳوليندو، اومسٽر هتي ڳالھہ سماج کي سڌارڻ جي هلي ٿي، شخصيتن جي هلي ٿي تون بحث ڪاڏي ٿو گِھلين. مون کي ڳالھائڻ تہ ڏيو، مان ڳالھہ پئي ڪئي ماڻھن جي اڳواٽ راءِ قائم ڪرڻ جي اوهان جي ماڻھن کي ۽ شين کي سمجهہڻ جي صلاحيت جي، اوهان اڳ ۾ ماڻھوءَ جي ڳالھہ کي سمجهو ۽ ٻڌو پوءِ نتيجو قائم ڪيو.
سو پري Occupasion Pre ڪنھن ماڻھو جو مسئلي لئہ اڳواٽ ئي رايو قائم ڪرڻ آهي، اسان جي دور ۾ جيڪڏهن ڪوئي ڪاٿي بہ ڳالھہ صلاح، حتيٰ ڪہ طنز، نصيحت ڪندو هو تہ ان تي بہ سوچيندا هئاسين ۽ راءِ سوچي سمجهي پوءِ قائم ڪندا هئاسين. پر اهو سوچڻ بہ ضروري آهي، تہ ڪو ائين ڪري ٿو تہ ڇو ٿو ڪري، مطلب ڳالھہ جي منطقي حقيقت پسندانہ انداز تي سوچڻ ضروري آ. اوهان چوندا تہ هو صحيح، تہ هوصحيح، هو يقيناً صحيح آهي. مگر ڪڏهن اوهان کي مزاج، موسم، جسماني يا ذهني ڪيفيت جي برخلاف ئي ڪم ڪرڻو پوي ٿو تہ ڪريو، ڇو تہ اوهان وٽ زندگيءَ ۾ اهڙا هزارين موقعا ايندا، جنھن لاءِ اوهان وٽ مضبوط دليل هوندا، ڪڏهن ڪڏهن حالتن ۽ شين کي ۽ ماڻھن کي سمجهہڻ لئہ ائين ڪرڻو پوندو. ٺيڪ آ فيصلو پنھنجو ڪيو مگر ٻئي جي ڳالھہ غور سان ٻڌو، تہ ان اندر اوهان جون ڪھڙيون چڱايون آهن، ڪير اوهان کي استعمال تہ نہ ٿو ڪري، مگر Pre-occupation يعني ڳالھہ کي پنھنجي طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪيو بغير سوچڻ سمجهہڻ جي، سو اوهان کي گذارش آهي تہ ماٺيڻي جي تقرير جاري هوندي هئي، مان تبديليءَ کي مڃڻ جي ڳالھہ ڪندس مثلاً راڻا ڪيئن، اوهان جي عمر جي تبديليءَ جو مثال وٺون بابا 50 سال جي عمر تہ 50 آهي، اُهو بہ چوندو تہ 20 سالن واري ڇوڪريءَ سان شادي ڪيان، اڙي بابا تبديليءَ کي مڃڻ کپي. ٻيو جيڪڏهن ڪنھن جي مٿان والد جي وفات کان پوءِ ذميواريون اچن ٿيون تہ ان کي اُهي ذميواريون قبولڻ ڪرڻ کپن پاڻ کي گهر جو وڏو سمجهي شين کي هلائي، ائين نہ تہ اڃان بہ سوچي تہ اٽو بابو وٺي ايندو. ڀيئان ڳالھائين ڇاٿو. ڇا وري ڇاٿو ڳالھائين، مختصر ايترو چئو تہ ماڻھوءَ کي هرشيءِ جي حقيقت کي قبول ڪرڻ کپي ۽ ان مطابق هلڻ کپي. ها فلاسفر مان ائين ئي چوان پيو.
ٻيو فرمائيندو هو تہ:
اڙي چريا چريائپ تي ڳالھاءِ نہ،
ڪھڙي چريائپ
نارمل چريائپ يا ايبنارمل چريائپ
اڙي چريائپ وري نارمل ۽ ايبنارمل ڪيئن آ چريائپ تہ چريائپ آهي.
نہ چريائپ نارمل ۽ ايبنارمل ٿيندي آهي.
ٻُڌ هڪڙا تہ مجذوب آهن، انھن وٽ اُهو رنگ ڪيئن ٿو اچي ترڪ دنيا نارمل جي اصولن تي ناهي، بابا روحانيت جي رنگن کي نہ ڇيڙبو، بس بُلي شاھہ واري ڳالھہ
اري لوگو تمھارا ڪيا مين جانون ميرا خدا جاني.
دوريش ڄاڻن ۽ انھن جو ڪم.
بابا پاڻ ڳالھہ روحانيت جي رنگ کان علحدہ انھن نانگن ۽ مستانن، ذهني مريضن ۽ يار محتاجن جي ڳالھہ بہ ڪنداسون، اڙي دماغ جو رطوبتون ڪنٽرول ڪرڻ جا طريقا آهن.
Anxiety
Depression
Schizophrenia
Mania
Psychosis
جا علاج تہ آهن، پر Social Factor بہ تہ آهن، ها انگريز تون تہ Psychiatry جو پروفيسر ٿجانءِ، هاڻ ٻڌاءِ تہ نارمل چريائپ ڇا آهي.
”بابا ماڻھوءَ جا اربين کربين نظام موت لئہ وڙهن ٿا، پوءِ ڇو ماڻھو وطن لئہ سرفروش ٿئي ٿو، اڙي ڪھڙو جين آ ڪھڙو Factor آ، جهاد کان، ڪنھن بہ مسئلي تي جانثاري تائين ماڻھو ڇو ٿو اهڙي ڪيفيت ۾ وڃي، ڪو قوم پرست ڀڻڪي پوندو هو، مون کي پڪ آ تون ڀاڙيو آهين، وطن لئہ نہ وڙهندين، اڙي مان نارمل چرين جي ڳالھہ ٿو ڪريان، انھن عظيم انسانن جي جن عقل جي ڪسوٽي تي پرکڻ کان علاوہ بہ حق کي پرکڻ لئہ پنھنجو پاڻ ارپيو. ڪڏهن ڪڏهن ماڻھو حساب ڪتاب ۾ بہ کٽي پوندو آ، ڪڏهن ڪڏهن ماڻھوءَ کي انفرادي طور ڪنھن کي اذيت ڏيڻ سان يا پاڻ کي اذيت ڏيڻ سان گهڻن کي راحت نصيب ٿئي ٿي. پر اها راحت ڀلائيءَ واري اصول تحت هجي. اسان وٽ ڪڏهن قانون، سماج، مطلب تہ اوهان کي Abnormality ڪري بہ Normality کي آڻڻو آهي. نہ Normality ڪري بہ اسان Abnormality پيدا ڪريون، سو وطن لئہ تو اسان جھڙا ڀاڙيا نہ وڙهندا، يار ڳالھيون هلنديون پيون، اڙي پرين ڪو اڌ ڪوپ چانھہ تہ پيئار. ائين چانھہ جي دور سان ننڍا ننڍا وقفا اوٻاسيون، آرس کنگهون، نڇون، ڇڪون، ورتا ويندا هئا. وچ ۾ ڪو لطيفو وهائي ڪڍندو هو. اڙي تو وٽ تہ ڳالھہ کٽائڻ جي ئي ناهي، ڇتي ڪوريءَ جي ڊيگهہ اٿئي، هڪڙي ڏينھن وتائي کان ڪنھن پڇيو تہ ڇا ٿيو، سو وتائي وراڻيو تہ ڇٽي پيو سمھڻيءَ جي نماز کان، سو ڪو ديني ڇوڪرو سرٻاٽ ڪندو هو، ان لاءِ حضور جن جو ارشاد آهي تہ نماز ۾ طويل سورتون نہ پڙهجن، ڊيگهہ تہ ملان ختمي جي دعا کان اڳ ڪندو آ اصلي زردا پلاءُ ڏسي وات پاڻي پاڻي ٿيندو آ ۽ ملان جي دعا ڊگهي ٿيندي آ، وڏو ٽھڪڙو ۽ وچ ۾ انيڪ ڳاليھون مسئلا ايندا رهندا هئا. آخر ۾ ڪو ڪيرن هينري جو قول ورجائي محفل برخاست ڪندو هو. ماڻھو نيڪي ۽ بَديءَ جا ٻئي گڻ رکندو آهي، ماڻھو احترام سان ۽ سٺي سازگار حالتن ملڻ وقت انسان سٺو ٿيندو آ.

هائوس جاب

اسان جي ڪلاس جو فائنل ايئر جو رزلٽ سٺو آيو ۽ جهجها ڇوڪرا پاس ٿيا. انھن ڏينھن ۾ سٺن شعبن ۾ سرجريءَ ۽ ميڊيسن ۾ هائوس جاب جي ڊمانڊ هئي. ڇو جو اڪثر شاگردن کي پنھنجن علائقن ۾ ڪلينڪون کولڻ جو شوق هو، باقي ٻين شعبن کي لفٽ ڪو نہ هوندي هئي ان دور ۾ ڪافي ڊاڪٽر پاس ٿي چڪا هئا، ضيائي مارشلا ۾ بيروزگاري عروج تي هئي ۽ هزارين ڊاڪٽر بيروزگار هئا، منھنجي دوست جي امڙ سکر ۾ گائناڪولوجسٽ هئي جنھن مون کي صلاح ڏني تہ تون Anaesthesia ۾ هائوس جاب ڪجانءِ توکي مڙئي پرائيويٽ اسپتال ۾ نوڪري ملندي ۽ اسان جي گهرن وارن جا آپريشن بہ ٿيا سو نشي واري ڊاڪٽر جو انتظار، ان جي لئي ڏسي مان بہ اڳواٽ Anaesthesia جي سحر ۾ اچي ويو هوس. سو ان دور ۾ ڪو بہ Anaesthesia ۾ هائوس جاب نہ ڪندو هو. پوءِ خبر پئي تہ اهو شعبو ڪافي سٺو آهي پر ٻئي جي سڏ Call تي انحصار ڪرڻ سبب ان ۾ گهٽ پئسو، محنت ۽ انتظار وڌيڪ آهي سو جيڪو نصيب، جيئن ئي مان اڪبر حيدر صاحب وٽ هائوس آفيسر لئہ انٽرويو ڏيڻ ويس، پڇيونءَ تہ ڪھڙي سبجيڪٽ ۾ هائوس جاب ڪندين، مان طوطي وانگر پڙهيل هئس سو يڪدم چيم Anaesthesia يڪدم تاڙيون وڄي ويون. اُهي پھريون تاڙيون هيون جيڪي شايد منھنجي بيوقوفيءَ تي وڄايون ويون ۽ مان سمجهي نہ سگهيس، هونئن آءُ پاڙهو ڇوڪرو هئس ڪنھن ٻئي شعبي ۾ بہ ڪامياب ٿي سگهان پيو. سياڻو ڪانو ٻہ ٽنگو ڦاٿو، خبر ئي ڪو نہ پئي سو سائين اسان سول ۾ هائوس جاب شروع ڪيو. سرجريءَ ۾ ان وقت سائين نوراحمد بلوچ سرجن سڪندر شيخ گهڻو ڪم ڪندا هئا. رجسٽرارن ۾ محبوب شاھہ، نجيب شيخ، شھيد اسرار، افسر ڀٽو ۽ سڪندر مغل هوندا هئا ليڪن ڏاڍا محنتي، هوشيار مريضن سان پيار ڪندڙ ان وقت رحيم اي وهره بہ چانڊڪا ۾ Ghost پروفيسر هئو جيڪو مھيني ماسي لاڙڪاڻي جو چڪر لڳائيندو هو. سھولتن جي اڻاٽ هوندي هئي. هائوس آفيسر، رجسٽرار بس هڻ هڻان لڳئي پئي هوندي هئي. ناٿي، برڪت، سلامت ٽيڪنيشن جون ذميواريون نڀائيندا هئا. روزانہ درزن آپريشن ٿيندا هئا نشي جي ڊاڪٽرن جي کوٽ هئي. مانيٽرن جو، نالو ئي ڪونہ هو Anaesthesia مشينيون پراڻيون Draggerواريون، انھن ڏينھن ۾ Halothane آئي هئي ۽ Ether کي نيڪالي ملي هئي نہ تہ ٻارن کي پڪڙي شمل بش ماسڪ رکي مٿئون ايٿر هاربو هو، ٻار ڪارا نيرا ٿي ويندا هئا انھن ڏينھن ۾Intubation واري Anaesthesia ۽ مشڪون ڍرو ڪندڙ Muscle Relaxants دوايون آيون هيون. جنھن ۾ Flexidil ۽ Pavulon استعمال ڪبيون هيون ڪئي مريض جن جا گڙدا خراب هوندا هئا نشي جي ننڍ مان واپس ئي نہ ايندا هئا ۽ ﷲ کي پيارا ٿي ويندا هئا. نہ ICU نہ Ventilator نہ وري Dialysis جون سھولتون بس ﷲ جي آسري پيو ڪم هلندو هو اسان 10 شاگردن Anaesthesia ۾ هائوس جاب ورتو جنھن ۾ عملي طور تي مستقيم، جئي رام ۽ آءُ ان شعبي ۾ رهجي وياسين، انھن مان بہ شايد مون اڪيلي Post Graduation ڪئي باقي ويزا وارا Anaesthesia ۾ ايندا هئا جيڪي ڊيوٽي تي ڪڏهن بہ نہ ڏٺا ويا. ڪجهہ ڏينھن جڳديش ۽ غياث بہ ڪم ڪيو پر پوءِ اُهي بہ غائب ٿي ويا. اسان يڪدم Anaesthesia جو ڪم سکيو ۽ اسان اڪيلي سِرِ ايمرجنسي ۾ مريضن کي نشو ڏيڻ سکي وياسون پوءِ تہ اسان جا ٽپ هوندا هئا. ڪجهہ ٽيڪر ڪجهہ خوف ۽ جڏهن ايمبولينس اسان جي ڪوارٽر تي ڪال کڻي ايندي هئي تہ بس جهومي پوندا هئاسون ان وقت بہ اسان وٽ احساس ڪنھن سپاهيءَ وانگر هوندا هئا جيڪو جنگي سائرن ڪري تڪڙو سنبري نڪري پوندو هو ۽ اڌ رات جو جڏهن ايمبولينس ڳاڙهي بتي ٻاريندي هئي تہ ويران رستن تان گذرندڙ اڌراتي ماڻھن جا هٿ اچانڪ دعا لئہ کڄي ويندا هئا تہ ﷲ خير ڪري، هڪ دفعي اکين جي شعبي جو ماهر سائين فيض هاليپوٽو ۽ ان جو رجسٽرار مقيم سومرو ڪنھن ٻار کي اک جي آپريشن لاءِ نشي لئہ جنرل سرجريءَ جي ٿيٽر کڻي آيا هئا، تہ ٿيٽر ۾ وڃڻ لئہ سائين فيض صاحب کي جتي ملي وئي پر ڊاڪٽر مقيم سومرو پيرين اگهاڙي ويٺو هو. مان احترامًا پنھنجي جتي لاهي مقيم سومري کي ڏني، ان وقت بہ ٿيٽر ۾ چمپلن جي کوٽ هوندي هئي هاڻي آهي الائي نہ، ۽ پوءِ سائين فيض صاحب چيو اسماعيل O. T لائيٽ سيٽ ڪر، جيئن مون لائيٽ ۾ هٿ وڌو ڪرنٽ ۾ پھريون ٽنگجي پيس پوءِ ڌڙام سان هيٺ ڪريس، بس ڊاڪٽر، ٽيڪنيشن ۽ نرسون اچي لڳيون ڪن نرسن تہ هٿ پير بہ مھٽڻ شروع ڪيا Canula لڳي ويو، ڊرپ لڳي وئي، ڪنھن شاگرد نرس جوس پياريو، اهو لمحو ايڏو حسين هو جو دل چوندي هئي تہ روز جهٽڪا لڳن، پوءِ بجلي بہ سمجهي وئي، سومون کي جهٽڪو لڳائڻ کان لنوائيندي هئي. ٿيٽر ۾ اسان واري دور ۾ ڪو آپريشن تي پئسا ڪونہ هلندا هئا ۽ نہ ڊاڪٽرن جا ايجنٽ هئا جيڪي مريض ڀڄائن نہ وري ڪا مريضن جي دوا چوري ٿيندي هئي. ڪو ٽيڪينشن هلڪي ڦلڪي دوا لمائيندو بہ هوندو باقي سڀ خير هو. ٽيڪنيشن کي ڪو آپريشن ختم ٿيڻ کان پوءِ 10-20 خرچي ڏيندا هئا جيڪي بلڪل معمولي هئا. اڳتي هلي ڊاڪٽر رفريشمينٽ پاڻ گهرائيندا هئا. مٺائي جام ملندي هئي سو ٿيٽر ۾ مٺائيءَ جي کوٽ ڪو نہ هوندي هئي. آپريشن ڪامياب ٿيندا هئا. زخم خراب ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿئي. شرح اموات بہ ڪافي گهٽ هئي، حقيقت ۾ سول اسپتال واري هائوس جاب پھريان ڇھہ مھينا تہ کل ڀوڳ ۾ گذري ويا. پويان ڇھہ ميھنا اسان جو هائوس جاب زبردست رهيو، شيخ زيد وومن هاسپٽل ۾ اسان جو هائوس جاب ٿيو، اتي رونق لڳي پئي هوندي هئي. اسان جي ڪلاس جون ڇوڪريون، ليڊي ڊاڪٽرس، اسسٽنٽ پروفيسر وغيرہ وغيرہ.
اسان جي هائوس جاب جي شروعات ۾ اسان جي ڪلاس جي دوستن هڪ ماهوار چئن صفحن جي ماهوار اخبار علاج شروع ڪئي. جنھن جو ايڊيٽر ڊاڪٽر سنڌو هڪڙو (ڊاڪٽرامتياز هڪڙو) ۽ ٻانھن ٻيلي ڊاڪٽر بدر پنھور، ڊاڪٽرجعفر سومرو ۽ آءُ ڊاڪٽر اسماعيل ماڪو هوس، ڊاڪٽر امتياز جيئي سنڌ جو سرگرم ڪارڪن هو. هو ملنسار ۽ عدم تشدد جو حامي انسان هو. صفا يار ويس ماڻھو، شڪارپور ۾ ڊاڪٽر رهيو ۽ ڦڦڙن جي ڪينسر وگهي فوت ٿيو، ائين ڊاڪٽر بدر پنھور خيرپور جي هڪ مشھور استاد جو فرزند هو ۽ جگر جي عارضي سبب فوت ٿيو آهي جعفر سومرو ۽ آءُ بس نيوٽرل قسم جا فرد هئاسين، اخبار ۾ مان ”فري لارنس رپورٽر“ جي نالي سان ڪالم لکندو هوس ۽ ائين هڪ پرچي ۾ منھنجو ڪالم L. P جي آتم ڪھاڻي ۽ ٻئي ڪنھن دوست جو آرٽيڪل عزرائيل جو انٽرويو چپيو هو. اخبار جو هڪ پرچو جيڪو منھنجي هٿ ۾ آهي ان ۾ علاج اخبار جي ضرورت ڇو، جي ايڊيٽوريل ۾ لکيل آهي علاج اخبار شايع ڪرڻ جو مقصد فقط ئي فقط اهو آهي تہ ان ڳالھہ جو حقيقت پسندانہ جائزو ورتو وڃي تہ چانڊڪا اسپتال جا حقيقي مسئلا ڪھڙا آهن هتي رهندڙ مريضن کي ڪھڙا ڏک ڏولاوا آهن، هن اسپتال ۾ داخل ٿيندڙ مريضن کي ڪھڙين ڪھڙين مشڪلاتن سان منھن ڏيڻو پوي ٿو. هتي جون دوائون ڪيئن ٿيون استعمال ٿين، انھيءَ لاءِ اسان هي ننڍڙي اخبار ڪڍي ڪري ڪنھن جا سڀئي دک درد سمائي تہ ڪين ٿا سگهون. پر اسان جي قلم جي نوڪ مان نڪتل لفظن ڪري فقط هڪ سيڪڙو بہ سڌارو اچي ٿو تہ اِها اسان جي فتح هوندي. ان وقت ۾ ڊاڪٽرن جي بيروزگاري عروج تي هئي ان جو ٻيو آرٽيڪل سنڌ جي ڊاڪٽرن جو مستقبل ۽ ڊاڪٽرن جي جدوجھد، ان آرٽيڪل ۾ بہ چڱو خاصو لکيو ويو. ائين ٻيون خبرون، ڊاڪٽرن جو وفد سن ويندو، بلڊ بئنڪ شروع ٿي وئي، چانڊڪا ۾ شھيد مير اشتياق ٽالپر جي نالي سان قائم ٿيل رت جي بئنڪ شروع ٿي وئي آهي جيڪا Exchange جي بنيادن تي هتان جي ماڻھن جون گهرجون پوريون ڪري رهي آهي ٻي خبر (نئين اسپتال ۾ ميڊيڪل اسٽور ڪونھي) نئين اسپتال ۾ مريضن جي سھولت لاءِ ميڊيڪل اسٽور ڪونھي، جنھن ڪري مريضن کي هڪ روپيہ جي دوا لاءِ 8 روپيہ ڪرايو ڀرڻو پوي ٿو، ان وقت اسان کي هائوس جاب دوران پھريون معاوضو 900 روپيہ ۽ پوءِ 1500 روپيہ ملڻ لڳو.
ان اخبار ۾ منھنجو آرٽيڪل سينئر پروفيسر جي نالي سان ڇپيو هو، جيڪو انتھائي معذرت سان لکجي ٿو استادن کان هٿ ادب جا ٻڌي معافي، هي آرٽيڪل طنز مزاح ۾ آهي پر هن آرٽيڪل ۾ ان وقت جي ڊاڪٽرن جي سوچ شڪايتن جو بيان آهي ضروري ناهي تہ اهو بلڪل سچ هجي پر اوهان ان وقت جي حالتن، عمل، ردعمل باغيانہ سوچ متعلق اندازو لڳائي سگهو ٿا.

سينئر پروفيسر

هي جيتامڙا، دل، دماغ کان پاڪ بلڪل بي حس ٿيندا آهن، انھيءَ ڪري هنن وٽ قياس، احساس ۽ ترس نالي ڪا بہ شيءِ موجود نہ هوندي آهي. هي غريب مريضن تي شدت سان حملو ڪري سندن سمورو رت چوسي وٺندا آهن. البتہ اميرن تي ڪو بہ اثر ڪونہ ڪندا آهن ڇو تہ ساون ڳاڙهن نوٽن کان Sensitive آهن، OPD،وارڊ، ۽ سرڪاري اسپتال ۾ اڻ لڀ هوندا آهن البتہ سڄو ڏينھن پنھنجي پرائيويٽ اسپتال ۾ رهندا آهن، وارڊ ۾ اچڻ گوارا ڪونہ ڪندا آهن. جنھن ڪري سرڪاري اسپتال ۾ هنن جي مريضن سان ملاقات ڪڏهن ڪڏهن ٿيندي آهي، جيڪڏهن ڪو مريض کين پنھنجي تڪليف ٻڌائي، تہ ان سان روايتي اخلاق سان پيش ايندا آهن. اڙي بڪواس ڇو ٿو ڪرين، ٻڌم توکي ڪھڙي تڪليف آهي، هائوس آفيسرن جي شڪل هنن کي ڪونہ وڻندي آهي ان ڪري هنن کي نيراني، دٻ، دڙڪو، ڇڙٻ ڏيندا آهن، هنن جو هاضمو انتھائي تيز هوندو آهي، دوائون هجن يا وارڊ جي بجيٽ، مريضن جا پئسا هجن يا شاگردن جا حق بنا ڳيت ڏئي ڳهي ويندا، هنن ۾ بدهاضميءَ جي بيماري اصل ڪونہ ٿئي، انڪم ٽئڪس، اينٽي ڪرپشن ۽ اخباري نمائندن جو مڪسچر رشوت ۾ ملائي پي ويندا آهن، چوندا آهن تہ هنن ۾ ويساري جي بيماري ڏاڍي آهي پر في وٺڻ ڪڏهن بہ ڪونہ وسارين پوءِ ڊاڪٽر هجي يا سندن پيءُ، هنن جو هڪڙو قسم ڪراچيءَ کان درآمد ڪيو ويوآهي. جيڪو هفتي ۾ هڪ ڏينھن مريضن کي منھن ڏيکاري، پسند جي نرس سان ڪچھري ڪري V. C جي آپريشن جا ڏھہ هزار وٺي نوٽن سان گودو ڀري ٻئي ڏينھن فلائيٽ ۾ واپس ويندوآهي. O. T ۾ پرائيويٽ مريضن جي Abscess بہ پاڻ Drainڪندا آهن. سنگاپور، هانگ ڪانگ لنڊن يا آمريڪا سير يا سمگلنگ جي سانگي سان ويندا آهن، واپسيءَ تي اٺ ڏھہ ڊگريون پويان لکرائي ڪنسلٽنٽ بنجي ويندا آهن، هي شاگردن کي پرائيويٽ اسپتالن ۾ اصل ڪونہ ڏسن رهندو دٻ دڙڪو ڏئي چوندا آهن OPD ۾ ايندا ڪيو ڇو تہ کنگهہ، کڙڪو اٿو تہ ڀڳا ٿا اچو ۽ شاگرد جي مرڻ کان پوءِ چوندا واھہ جو ڇوڪرو هو هي امتحان جي موسم ۾ انتھائي غضب ناڪ ٿي ويندا آهن. البتہ سٺي سوکڙي ۽ سفارش سان هنن جا پيچ ڍرا ڪري سگهجن ٿا. هي ڪلاس ۾ وقت تي اصل ڪونہ اچن، پر محنتي هوشيار ۽ غريب شاگرد پاس اصل نہ ڪن، هي ڪلاس ۾ انگريزي اهڙي ڳالھائيندا جو نہ پاڻ سمجهندا نہ ڇوڪرا هنن جي جسماني جوڙجڪ انتھائي نرالي هئي. مريضن جي مال سان ڀريل وڏا پيٽ، بي تاثر چھرا، جلاد جذبا، عينڪ پويان اکيون جن کي فقط نيرا نوٽ نظر ايندا هئا ۽ ائين ئي هن اخبار جي ڪالم ۾ اسان جي اسپتال (شيخ زيد اسپتال) متعلق ٿورو لکيل آهي تہ اترئين سنڌ ۽ بلوچستان صوبي جي گهڻي آباديءَ کي طبي سھولتون مھيا ڪري ٿي، 100 بسترن جي اسپتال سڄي ايئرڪنڊيشن آهي. پر مريض سان ملبو تہ اُهي ٻڌائن ٿا تہ ٻن ٻن مھينن کان انھن جو آپريشن نہ ٿو ٿئي. هتي Xray ۽ ليبارٽري بہ آهي پر مريض سال جا 9 مھينا خانگي ليبارٽرين جا ڳاٽي ڀڳا خرچ ڪري چڪاسون ڪرائيندا آهن، دوائن جي رجسٽرارن کي بہ خبر ناهي تہ ڪاڏي وينديون آهن. هيڏي اسپتال ۾ ضرورت وقت فقط هڪڙو آڪسيجن سلينڊر موجود هوندو آهي. سڀني ڳالھين جي ذميواري سرڪار کان وڌيڪ هيڊ آف ڊپارٽمنٽ جي هن اسپتال ۾ دلچسپي نہ هجڻ آهي. هيٺين خاصيتن جي خبر تہ M. S ۽ ٻين پروفيسرن کي بہ آهي.
(1) وارڊ جو رائونڊ نہ ڪندي آهي پر پرائيويٽ وارڊن جو رائونڊ روز ڪندي آهي.
(2) O. T مئڊم صاحبہ جي اچڻ کان اڳ شروع ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿئي، سندس O. T ۾ اچڻ جو ٽائيم هڪ بجي واپسي 3 بجي آهي.
(3) ڪنھن بہ سينئر رجسٽرار کي حق نہ آهي تہ خود مختيار ٿي آپريشن ڪري ڇو تہ هي تجربيڪار اسٽاف کان سخت نفرت ڪندي آهي.
(4) اڪثر ڪري مريضن جي آپريشن روزانو ملتوي ڪندي آهي. ڪڏهن کيس ٽائيم نہ ملندو آهي تہ ڪڏهن موڊ نہ هوندو آهي.
(5) سول اسپتال مان ٻين پروفيسرن طرفان گذارش ڪرڻ جي باوجود بہ پنھنجي ماهرانہ راءِ ڏيڻ لاءِ يا تہ کيس ٽائيم نہ هوندو آهي، يا اچڻ پنھنجو عيب سمجهندي آهي.
(6) M. S پاران جواب طلبي جو نوٽيس جو جواب تہ نہ ڏيندي آهي پر الٽو پاڻ ڪاليج ڪائونسل جو بائيڪاٽ ڪندي آهي.
(7) جونيئر شاگرد ۽ ميڊيڪل شاگرد تہ پري پر انھن جي مائٽ مريضن کان بہ سخت نفرت ڪندي آهي ۽ سندن ڪو بہ خيال نہ ڪندي آهي. انھيءَ جو تازو مثال 1986-12-31 تي هڪ نوجوان عورت جيڪا هڪ ڊاڪٽر جي ڀاڻيجي هئي ان جو موت سندس لاپرواهي ڪري ئي ٿيو.
(8) ڊاڪٽرن جي رشتيدارن ۽ سندس فئملي ميمبرن کان چڪاس في ياد ڪري وٺندي آهي ڇاڪاڻ تہ گهڻي عمر ڪري ڊاڪٽر Ethics وسري وئي اٿس. ساڳي اسپتال ۾ گذريل سان Pentothal جون 300 انجيڪشنون بيڪار ڏيکاري اڇلايون ويون جيڪي ميڊيڪل اسٽور وارن کان مفت وٺي ريڪارڊ تي ڏيکاريون ويون، باقي تازيون ملندڙ دوائون ڪيڏانھن ويون هرڪو ڄاڻي پيو.
ڇا انھن خاصيتن جو ضرور ڪو ڪارڻ تہ هوندو ها آهي ڊاڪٽر صاحبہ جي خانگي اسپتال جيڪا غير قانوني طور تي هن پنھنجي بنگلي ۾ قائم ڪئي آهي، جنھن کي ڪامياب ڪرڻ لئہ هن ناجائز طريقن کي جائز سمجهي رائج ڪيوآهي.
هي سڀ ڪجهہ لکڻ جي ضرورت نہ آهي مگر ماضيءَ ۾ سماجي سوچ جي حوالي سان جيڪا بيچيني هئي اها شخصيتن جي سِحر کان اڳتي نڪتل هئي، هڪ نوجوان، ڊاڪٽر ميڊيڪل اسٽوڊنٽ ڪيئن پيو سوچي، هن جي ضرورت پٽاٽندڙ ماحول ڪيئن هو جيئن اوهان ان وقت کان آگاھہ ٿيو. آءُ ميڊم جي ڪاميابين، ٿورن ۽ احساسن تي لکندس تہ ان مسيحي عورت ڪيئن هتان جي عورتن جي اڻ ٿڪ خدمت ڪيئن ڪئي ائين مسلمان، هندو ڊاڪٽرياڻين تي لکڻ لئہ مستقبل جا کوجي تاريخ دان ضرور لکندا پر مان هڪ انگريز ڊاڪٽرياڻي جو ذڪر ڪندو هلان جيڪا ڪرسچن اسپتال سکر سان گڏ ڪرسچن اسپتال لاڙڪاڻي ۾ بہ ڪم ڪندي هئي جنھن جو ذڪر ڪتاب Pauline brown ۾ Jar of clay لکيو آهي جنھن ۾ هڪ عام رواجي عيسائي، غير عام رواجي مشن تي نڪتل آهن، ان ۾ ان جو ذڪر ڪري ٿي تہ هوءَ سرجن هئي سکر ۾ هڪ آپريشن لاءِ ڪيئي ڪلاڪ ريل جو سفر ڪري سکر پھتي هئي. هوءَ نوجوان ڊاڪٽر پنھنجي گرميءَ جي موڪلن ۾ بہ انگلينڊ نہ وئي ۽ چيائين تہ مان موڪلون نہ ڪندس هت مريضن کي ضرورت آهي، پوءِ هو ڏينھن رات ڪم ڪندي هئي ۽ سکر ۾ هن کي مليريا ٿي ۽ ايستائين ڪم ڪندي رهي جيستائين ڪم ڪرڻ جي لائق نہ رهي ان کي علاج لاءِ ڪراچي موڪليو ويو ۽ هو دماغي مليريا ڪري ڪراچي ۾ مري وئي ۽ شايد گورا قبرستان ۾ دفن آهي.
سو سون سورمين مان ميڊيم بہ هڪ آهي جنھن پنھنجي عمر لاڙڪاڻي جي عورتن جي علاج ۾ صَرف ڪري ڇڏي هوءَ 1972 ۾ غالباً لاڙڪاڻي ۾ آئي ۽ شيخ زيد کي پنھنجي اڳيان ٺھندو ڏٺو. هن جي خدمتن، شخصيت، انتظامي مجبورين ۽ مصروفتين سبب سڀڪو پنھنجي طريقي سان سوچي پيو ۽ ڪي جائز ناجائز شڪايتون بہ فردن کي ٿي سگهن ٿيون. پر ميڊم لاڙڪاڻي کي پنھنجو جيون ڏنو، اسان تہ ان جو هڪ ٿورو بہ لاهي نہ ٿا سگهون ميڊم جو پڙهائڻ جو انداز پنھنجو هو، پھرئين ليڪچر ۾ ئي اسان کي آسمان تي پھچائي ڇڏيو تہ اوهان Pioneer آهيو ۽ Pioneer پنھنجون منزلون پاڻ تلاش ڪندا آهن. سو شيخ زيد ۾ هائوس جاب لئہ گهڙياسين، مون کان اڳ مستقيم ۽ جئہ رام اُتي هائوس جاب ڪندا هئا. جي رام وٽ تہ دوائون، ٽيوب، ٿيلھو سڀ هوندو هو. مستقيم بہ پنھنجي مفاهمتي طبيعت ڪري سڀن کي وڻندو هو. باقي مان ويس تہ پاڻ سان ڪجهہ پراڻيون ناراضگيون کڻي ويس ميڊم سمجهندي هئي تہ ان اخبار ۾ مان سڀ ڪجهہ لکان ٿو. پر ائين نہ هو اسان بس لکي وٺندا هئاسون. پنھنجي اڻپوري علم سمجهہ، جذبات آهر. سو شيخ زيد مون لاءِ ڪا بھتر جاءِ نہ هئي.

شيخ زيد جون چار بيعزتون

بيعزتي نمبر 1: جيئن تہ مان پھرين ڏينھن ٿيٽر ۾ ويس تہ هڪ رجسٽرار جيڪا خود سکر جي هئي ۽ ميڊم جي ويجهو هئي. اچي دڙڪن سان چڙهي وئي، ڄٽ ڪيرآهين، ٿيٽر ۾ ڇو آيو آهين non sense stupid Get out مان هڪو ٻڪو ٿي ويس تہ ٿيٽر ۾ آيو آهيان يا جيل ۾. ٻڌو هئم تہ جيل جي ماڙيءَ ۾ ويندڙ نئين قيدي تي پوليس وارن ۽ پڪن قيدن جي موچڙن جو وسڪارو هوندو آهي تہ جيئن جيل ۾ دٻجي رهن، مان ڪو جذباتي ڪونہ هئس جو اُتي جهيڙو شروع ڪيان جائزو وٺڻ شروع ڪيو تہ معاملو ڇاهي، مائي سڳوري ڪير آهي منھنجي هڪ ڪلاس فيلو ڊاڪٽرياڻي رڙ ڪيس ميڊم نئون هائوس آفيسر Anaesthesia ۾ آيو آهي نالو ڇا اٿس اسماعيل ها جيڪو اخبارن ۾ ڪالم لکندو آ نہ ميڊم سوري، اوهان سان تعارف نہ ڪرايو پر مان ڄاڻان پيو تہ هو مون کي چڱي طرح سڃاڻي ٿي، شاگرديءَ دوران پوسٽنگ ڪري شيخ زيد ۾ مئا پيا هوندا هئاسين ۽ اها ميڊم ڊاڪٽرياڻي ڪلاس بہ وٺندي هئي، سو ادا بيعزتي ڪرائي پٽڪو لھرائي روم ۾ آياسين پھريون ڏينھن نہ اير نہ ڀير ڄڻ ڪانڌاري ککڙ ڏنگي منھن سجائي ڇڏيو، ٻئي ڏينھن اسان بہ تياريءَ سان وياسون، هڪ مريض جي D&C لئہ ڊاڪٽرياڻي تياري ورتي، مريضا کي چيم تہ صفا خاموش رهجان سور ٻور نہ ٿيندو، پينيٽوٿال جو بس زرڙو ڏنومانس جيئن ميڊمD&C شروع ڪئي سور ڪري مريض اهڙي لتھنينس، سائين ڦھڪو ڪري ڪِري، دل خوش ٿي اڄ شرمندگي ٿئي ٿي پوءِ هڪ ڏينھن وري ميڊم ڊاڪٽرياڻي U. V Prolapse تي واش ٿي Assist پئي ڪرائي ان پوزيشن ۾ اسٽنٽ سخت تڪليف ۾ هوندو آهي. مان بہ ڊاڪٽرياڻي جو گهيراءُ ڪري ائين بيٺس جو چري پري نہ سگهي جيئن Retracter ڍلو ڪري تيئن ميڊم جو دڙڪو آخر ميڊم کي چيائين ميڊم طبعيت ٺيڪ ناهي، روم تي ويندس سو ان ڏينھن بہ ويچاريءَ کي پريشان ڪري خواھہ خواھہ ۾ خوش ٿيس هوءَ بہ سمجهي وئي ڇورو ڏنگو آهي پھرئين ڏينھن جي بيعزتيءَ جو پلئہ ٿو وٺي، آخر مستقيم کي چيائين اُهو هن جي بنگلي تي جيڪو شيخ زيد اسپتال اندر هو، وٺي ويو. لالا واھہ جو ماني کارايائين بس قورمو، تڪا، سبزيون اسان تہ بس مانيءَ تي مري پوندا آهيون پوءِ ان ڀيڻ جو ڀاءُ وانگر خيال ڪيو.
شيخ زيد ۾ ان وقت درگاهي صاحب بيھوشيءَ جو انچارج هو ان جو دٻدٻو رعب هلندو هو، ميڊم بلقيس کان پوءِ ٽيون نمبر سگهارو شخص درگاهي صاحب هو، هن سنڌيءَ ۾ Anaesthesia بابت ڪتاب لکيو ۽ هونئن بہ ميڊيڪل مضمونن جو سنڌي ترجمو ڪندو رهندو هو کيس آفيس مليل هئي سائين جي وڏي لئہ هئي، ۽ ائين هڪ Death ٿي وئي جيڪا اسان جي ڪلاس فيلو جي ڀاڻيجي هئي، سشيل ڏهرڪي واري جي ان جو پھريون C- Section هو، هن کي شايد پٽ بہ ڄائو هو، پر اُها ادڙي نشي ڏيڻ کان پوءِ روم ۾ يا آپريشن ٿيٽر ٻاهران شفٽ ڪرڻ دوران ديھانت ڪري وئي، غلطي ڪنھن جي هئي، نشي جي ڊاڪٽر جي يا سرجن جي، پر انڪوائريءَ ۾ ڊاڪٽر درگاهي کي سول هاسپيٽل موڪليو ويو ۽ شيخ زيد ۾ سائين سڪندر خاصخيلي کي موڪليو ويو. ان موت شيخ زيد ۾ ماٺار ڪري ڇڏي، شيخ زيد ۾ مون کي ان ڪري ڏکيائي گهٽ اچي پئي جو سڀ هائوس جاب ڪندڙ منھنجون ڪلاس فيلو هيون. سواءِ ٻن جي جيڪي PMC جون هيون ۽ ائين مستقيم ۽ جي رام بہ ڪلاس فيلو هئا، سائين سڪندر صاحب بہ دوستن وانگر هوندو هو پوءِ ڊاڪٽر جهامنداس منجاني بہ شيخ زيد ايندو هو، هو چانڊڪا ۾ Anaesthesia ڊپارٽمنٽ جو هيڊ هو. پاڻ FF.A۽ MRCP ميڊيسن هو ۽ Anaesthesia ۾ مھارت هوندي هئس. سائين اڪثر ڪري گهٽ ايندو هو، ڪراچيءَ ۾ رهندو هو اسان سان ڪا گهڻي ڊيگهہ نہ ڪندو هو پر مون کي ڏاڍو ڀائيندو هو، هميشہ چوندو هو يار ڪجهہ ڪر F. F. A ئي ڪر تون هوشيار آهين Active آهين ڪري ويندين سائين جو صلاحون سون هيون، پر اسان کي ڪٿي ٿيون سمجهہ ۾ اچن، ان وقت شيخ زيد ۾ پڙهڻ پڙهائڻ وارو ماحول هوندو هو، بس تعليمي بحث هوندا هئا. ڪا ڇوڪري C-Section اسسٽنٽ ڪرائيندي هئي تہ خوشيءَ ۾ نہ ماپندي هئي، پوءِ اچي ان جي شامت ايندي هئي ڪجهہ کاراءِ Treat ڏئي. C-Section ۾ ڇا آهي ڪھڙي عربي فارسي اسان کي C-Section سمجهاءِ ۽ ڇوڪرين جو مشاهدو مطالعو غضب جو هوندو هو اسان Anaesthesia جلدي سکي وياسون، ڇوڪريون هائوس جاب ۾ بہ C-Section ڪرڻ لائق هيون اهي سخت سيءَ جا ڏينھن بس رات دير تائين اسان بہ شيخ زيد ۾ ويٺا هوندا هئاسين، ماني ٽڪي کائڻ پيئڻ جي کوٽ نہ هوندي هئي پرائيويٽ رومن ۾ ڊاڪٽرياڻيون هائوس آفيسر رهنديون هيون انھن وٽ رڌ پچاءُ، چانھہ ۽ ريفريشمنٽ جو سامان هوندو هو اسان بہ انھن جي سھيلين وانگر رومن ۾ ايندا ويندا هئاسين انتھائي عزت ڀريو ماحول هوندو هو جنھن ۾ اخلاقي حدون، سماجي فاصلا، معتبر گفتگو شامل هيون. مجال آ ڪنھن وٽ بہ ڪو ايري غيري نٿو خيري جھڙو خيال اچي، اخلاقيات جو ايترو خيال ڪيو ويندو هو جو هر ڪو لفظ بہ سنڀالي ڳالھائيندو، ان دور جي ماڊرنائيزيشن اها هئي تہ جنسي متڀيد کان سواءِ هر ڪو سمجهو ڀينر ڀائرن وانگر رهندو هو. مون تي نيزن جي ذميواري هوندي هئي ڇو جو ڇوڪريون ٻاهر پٺاڻ کان ڊراءِ فروٽ نہ وٺڻ وينديون هيون ۽ ان وقت نيزا بہ سستا هئا سو منھنجي جيڪٽ ۽ ڪوٽ جا کيسا نيزن سان ڀريا پيا هوندا هئا ۽ اُها چڳ چڳ انتھائي اهم علمي، فني ڪچھرين جو سبب هوندي هئي ۽ ڪا ڇوڪري چئي وٺندي هئي اڄ ”ماڪا“ C-Section تہ سمجهاءِ مان مھا سرجن وانگي پنھنجي علمي لياقت جي شوبازي شروع ڪري ڏيندو هوس.
اڙي C-Section ڇا آهي؟
ٽي عمل آهن.
1. صفائي 2. وڍڻ 3. سبڻ
پھريون مريض جو پيٽ صاف ڪيو، اوهان کي Spinit, Swab هولڊر، Towel clip, Swab کپندا، بس پھريون ڏاڪو پورو، پوءِ وڍڻ شروع ڪيو کل وڍبي Knif Holder ۽ Surgical Blade کپندو، چمڙي وڍيو، رت نڪرندي ان کي Artery Forceps سان پڪڙيو ۽ ڪئنچي کڻو Rectus وڍيو، اڙي Allies بہ Tissueپڪڙڻ لئہ کپندا، رت کي Swab سان صاف ڪيو Cautry استعمال ڪيو پوءِ اچو Perit tonium ڪٽڻ تي ذرا مٿي جهليو متان آنڊو گونڊو نہ وڍيو، هاڻي Uterus ڏسو هيڏو هنداڻي جيڏو اڙي ٻار جو مٿو محسوس ڪيو، اڙي هاڻي چير ڏيو Uterus کي هيٺين پاسي Lower Segment ۾ اتي ٻنھي پاسن کان Uterine arteries کي آڱر سان محسوس ڪيو ڪٽ اهڙو لڳايو جو Uterine يا ڪنھن بہ Arteries کان پر ڀرو هجي. Suction سان پاڻي Suck ڪيو. ٻار جي مٿي هيٺان هٿ ڏيو، ٻار ڪڍو، ناڙو وڍيو، ٻار، ٻارن جي ڊاڪٽر يا نرس کي ڏيو اُور ڪڍو. ٻچيداني کي صاف ڪيو، پوءِ اچي ٿو سبڻ جو عمل Uterus ٽن ليئرس ۾ سو ٻہ ليئر Catgut2 سان مٿيون پريٽونم هڪ سان Uterus اندر وجهو PeritoniunCatgut Oسان سبو Rectus Vicryll سان ۽ کل جا ٽاڪا Silk يا Prolene سان هڻو ها ڌاڳن جا رنگ ناسي يا ڀورا Gatgut, واڱڻائي Vicryl، سلڪ ڪاروSilk، نيروProlenc ۽ پوءِ مون تي ڪا برسي پوندي هئي، تو Retractor جي ڳالھہ نہ ڪئي Koches جي ڳالھہ نہ ڪئي ها بابا Retractor صحيح ڏسڻ لاءِ ۽ ڪاڪر ٻچيداني سبڻ وقت پڪڙڻ لئہ، تو Needle Holder جي ڳالھہ نہ ڪئي، نابين ڪجهہ پاڻ بہ ڪم ڪر سڀ تہ مان نہ پڙهائيندو مانءِ، وڏو ٽھڪڙو لڳي ويندو هو. پوءِ تنقيد نگار بہ اٿي پوندا هئا، تو Equipement جي تياري جي ڳالھہ نہ ڪئي ها بابا Cautery Suction Machine O. T light چيڪ ڪبيون تہ ڪم ڪن ٿيون يا نہ ڪا چوندي هئي تہ Syntocnon and Ergo meterine جي ڳالھہ نہ ڪئي ڪا چوندي هئي تہ تو مريض جي Prepration جي ڳالھہ نہ ڪئي ½Canula رت جو بندوبست وغيرہ ائين مون واري ڊاڪٽري منٽن ۾ مليا ميٽ ٿي ويندي هئي. سکڻ جي حوالي سان سڀڪو اڳتي هوندو هو، مون کي اهو ڀوت هوندو هو جلدي Anaesthesia سکان ۽ سکر ڀڄان. شيخ زيد جي بلڊنگ نئين هئي، ايئرڪنڊيشن هلندا هئا، وارڊن ۾ هيٽرن جو بندوبست بہ هوندو هو، گل گلزار لڳي پئي هوندي هئي، مٿي ٿيٽر ۽ Labour ۾ زندگي برق رفتار هئي ٿيٽر وڏو ۽ عاليشان هو، ان ۾ ٽي آپريشنون هڪ ئي وقت ڪري سگهبيون هيون، Ventilators هلندا هئا. ميڊم جي انتظامي سختي ڪجهہ ڊاڪٽرياڻيون ميڊم کان راضي ڪجهہ ناراض Anaesthesia جو ڪم مان، مستقيم، جي رام ئي سنڀاليندا هئاسين، ڊاڪٽر سڪندرخاصخيلي، جان محمد صاحب، جهامن داس منجاني صاحب، بس ائين ٻار ڄمندا هئا، ويم، آپريشن ٿيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن Hyste rectomy ۽ ڪڏهن U. V Prelapse ۽ ائين ڊاڪٽر جلباڻي ان جا وارڪٽيل هوندا هئا ۽ ڇوڪرو لڳندي هئي، خادم، اڪبر سڀ ويچارا ڀڄ ڀڄان ۾ هوندا هئا. ٽي ٽي رجسٽرار ڊيوٽي تي هونديون هيون هڪ گروپ ۾ ڊاڪٽر ميمونا، ٻئي ۾ وري ڊاڪٽر شمع، ثريا، نسرين، ائين ڊاڪٽر رشيدہ ٻيراڻي ۽ ذڪيہ ميرونا بہ پنھنجي ڪم ۾ مگن هونديون هيون. بھرحال شيخ زيد جو ماحول انتھائي Ideal هو، سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالھہ مريض هوندا هئا جنھن لاءِ سڀ جان ڏيڻ لاءِ تيار هئا.
بيعزتي نمبر2: شيخ زيد جو اندروني ماحول انتھائي تيز رفتار چست ۽ Active هوندو هو ڪنھن کي فرصت ئي ڪانہ ملندي هئي، باقي ٻاهر لان تي ڪي پريمي جوڙا بہ ڪھي اچي ڪچھري ڪندا هئا ۽ تاڙو ڀائر بہ پيا لامارا هڻندا هئا. هڪ ڏينھن تہ هڪ عاشق ڪمال ڪري ڇڏيو، ايپران پائي، اسٽيٿواسڪوپ لڳائي اچي مريض پيو ڏسي اسان کي شڪ پيو وڃي ميڊيڪل جو انٽرويو ورتو سين، پوءِ هو بجلي وانگر گم ٿي ويو. ائين اتي منھنجي هڪ دوسٽ اسحاق جو هڪ دوست مليو هو بہ ”تاڙو“ هيو چانھہ جي صلاح ڪئي مانس چيائين اچ تہ ٻاهر ٿا پيئون، هِت ٿا پئيون، هُت ٿا پيئون، ڀائو ڪو مائي جي پيچهي ۾ هئو ۽ مون کي سنگت ۾ گھليو پيو وڃي، مان ٿورو محسوس ڪيو مائي جا هٿ پير اڇا هئا پر هئي برقعي ۾ آخر ادا ان مائي جو گهر اچي ويو، برقعو مٿي ڪري چيائين ”ڊاڪٽر صاحب يه بيغيرت تو روز ميرا پيچها ڪرتا هي آج ديکھہ ميرا چھرا“. اُها مائي شيخ زيد جي ماسي هئي مٿي جو برقعو کنيائين تہ ”جهور پوڙهي“ يار جو مٿو ڦري ويو. ائين ئي ڪڏهن وارڊ ۾ بحث شروع ٿي ويندا هئا، علمي اڄ هڪڙو ننڍڙو ٻار ٿيٽر ۾ ڄمڻ کان پوءِ مري ويو پوءِ تہ ان جي موت جا Causes ڪاز، بدڪون سڀ بحث هيٺ اچي ويون. Neo- natal Resuscitationجو بحث هليو، مان بہ ڪتاب کڻي پڙهيم پوءِ عقل سليم سان مختصر ليڪچر ڏنم، اڙي ٻارن کي ڄمڻ کان پوءِ سنڀالڻ سولو آهي جنھن ۾ ڪنھن مشين دوا جي ضرورت ناهي هوندي پر عقل سليم استعمال ڪرڻو پوندو آ.
بابا ٻار چئن قسمن جا پيدا ٿين ٿا.
1. هڪڙا نارمل، انھن کي ابتو جهليو
ٻيو انھن جو وات صاف ڪيو.
ٽيون ان جي پٺي تي يا پيرن تي چنبڙو هڻو.
2. ٻيا ٻار اهي ٿا پيدا ٿين جيڪي ساھہ صحيح نہ ٿا کڻي سگهن انھن لاءِ:
هڪ انھن کي ابتو جهليو
ٻيو انھن جو وات صاف ڪيو
ٽيون چنبڙو هڻو پٺي يا پيرڙن تي
چوٿون آڪسيجن ڏيو نہ تہ ٻہ ٽي ڦوڪون ڏيوس وات ۾
3. ٽيون اهي ٻار جيڪي ساھہ نہ کڻي سگهندا هجن:
هڪ، تن کي بہ اونڌو ڪيو
ٻيو، وات صاف ڪيو.
ٽيون، چنبڙو هڻو
آڪسيجن ڏيو ۽ مصنوعي ساھہ ڏيو ڦوڪ سان، Ambu سان يا انھن ۾ ٽيوب وجهو
4. چوٿون اهي ٻار جيڪي ڪارا نيرا هجن ۽ دل بہ نہ هلندي هجي
انھن کي بہ ابتو جهليو
منھن صاف ڪيو
دل کي ٿورو مھٽيو
هٿرادو ساھہ ڏيو.
يا دوائون Atropine Adrenaline ڏيو پوءِ دوائن جي ڊوزن، مصنوعي ساھہ، دل کي دٻائڻ جي طريقن تي وٺ وٺان بحث هوندا هئا علم جو ديڳيون پڪبيون هيون.
بيعزتي نمبر 3 : انھن ئي ڇوڪرين جي گروپ ۾ ڇوڪري (R) هئي جيڪا PMC مان آئي هئي، اسان سوچيو سون تہ اڄ ان کي ٿا ڏيون ٻرو، پوءِ Treat لاءِ پرچيون لکيوسون، اسان چالاڪي ڪري سڀ نالا R جا لکيا، پرچي بہ ان کا کڻائي سون، ان جو نالو نڪتو چيائين مان روم تان چانھہ ٺاهي ٿي اچان، ڪافي دير تائين ويٺاسين، آخر ان جي امڙ جيڪا انتھائي صاف سٿري Gentle Lady هئي، چانھہ پڪوڙا ۽ بسڪوٽ کڻي آئي، چيائين هن کي چانھہ ٺاهڻ نہ ايندي آهي مان ٺاهي آئي آهيان اسان سڀني کي امڙ کي تڪليف ڏيڻ تي نھايت شرمندگي ٿي، سو چيم ڇا ٿئي ها مان ئي Treat ڏيان ها 100 ٻہ سو خرچ ٿين ٿا ۽ ائين اڪابري بحثن جو انت ئي نہ هوندو هو، ڪا چوندي هئي تہ Leaking ميمبرين واريون زچگيون، ڏکيون هونديون آهن، انھن جو C-Section ٿيندو آ، مٿو صحيح، Engang نہ هوندو آ تہ پاڻي Leak ٿيندو ۽ اسان پارو اڪابر چوندو هو تہ جيڪي ٻار ڄمڻ وقت پائخانو ڪن ٿا Meconium پاس ڪن ٿا انھن ۾ آڪسيجن جي ڪمي هوندي آهي يعني All the babies Pass Muconium are always hypoxic اِهي ڪچھريون پيون هلنديون هيون هڪ ڏينھن ٿيٽر ۾ هڪ مريضه سيريس ٿي وئي، آپريشن دوران اسان جي ڪلاس فيلو جيڪا خود ڏٻري هئي ادي ياسمين ڪيھر ان رت ڏنو، بدقسمتيءَ سان نرس گلوڪوز واري ڊرپ بند ڪرڻ کان سواءِ هيٺ فرش تي رکي ۽ مريض جو الاهي رت Drip ۾ واپس اچي ويو، ڇا اها رت گڏيل ٿيلھي مريض کي ڏجي يا نہ باقاعدہ Pathologyجي Professor سائين غلام رسول قريشي سان رابطو ڪيو ويو جنھن منع ڪئي. انھن ڏينھن ۾ ئي سيڪريٽري هيلٿ Salik Nazirچانڊڪا ۽ شيخ زيد وومن ۽ شيخ زيد Children هاسپيٽل جو دورو ڪيو، شيخ زيد چلڊرين هاسپيٽل ۾ ان وقت ٻارن جي سرجري ڪونہ ٿيندي هئي، ماهر سرجن ڪو نہ هئا. پر اتي Theater ٺھيل هو جنھن جي ڪنھن کي خبر ڪا نہ هئي سالڪ نذير بيو ڪريٽ هو هن کي شيخ زيد چلڊرين اسپتال جي نقشي جي خبر هئي، سو سڌو وڃي ٿيٽر جي دروازي تي بيٺو اندر چوڪيدار جي سائيڪل بيٺل هئي پوءِ تہ اخباري سرخيون ٿيٽر ۾ چوڪيدار جي سائيڪل ظلم قھر.
شيخ زيد جي چوٿين بيعزتي: ڪم آپريشنيون، کائڻ پيئڻ، آپريشن ٿيٽر ڀرسان واري آفيس ۾ ڪچھريون، آدابن سان جاري هونديون هيون هڪ ڏينھن سائين سڪندر خاصخيليءَ انتھائي سنجيدگيءَ سان چيو اسماعيل اِها ڊاڪٽرياڻي جيڪا نقاب ۾ ايندي آهي چڱي با پردہ ۽ نيڪ آهي، آهي بہ غيرشادي شدہ پر ان جو منھن تہ ڏسان ان جا هٿ پير تہ اڇا هئا، امڪان هو تہ ان جا نقش نگار بہ سٺا هوندا، سو منھنجو رشتو گهرون ٿا، مان بہ چيو سائين اِها ڪھڙي وڏي ڳالھہ آهي هاڻي ٿا ڏسون، پئسا مون وٽ هوندا هئا جهٽ وڃي رڪشا ۾ چڙهي بيڪريءَ جو سامان، ڪيڪ، نمڪو، فروٽ، گل، ڊسپوزل پليٽون وٺي يڪدم O. T آفيس ۾ اعلان ڪيو تہ سائين سڪندر جي سالگرھہ آهي، جهٽ ڪيڪ ڪٽجي ويو پليٽ ۾ پيٽيز ڪيڪ وجهي ان نقاب واري ڊاڪٽر جي اڳيان جهلي بيٺس، اِهو ايترو اچانڪ هئو تہ ان ويچاريءَ سوچيو ئي ڪو نہ ۽ نقاب لاهي کائڻ شروع ٿي، سندس ڏند ٿورا وڏا هئا، سائين سڪندر بيھوش ٿيندي بچيو، خير اِها شادي آڇ تہ اِتي ئي ختم ٿي وئي، ان سڄي ڊرامي جي خبر ڊاڪٽرياڻيءَ کي بہ پئجي وئي، هڪ ڏينھن ان بہ امان وارو لفظ چيو”اسماعيل تون بہ ائين“ مان تہ اصل مري ويس امان جڏهن بہ مون کان ناراض ٿيندي هئي تہ چوندي هئي ”اسماعيل پٽ تون بہ ائين!“ مون تي امان جي بابا جو نالو آهي جڏهن بہ هوءَ چوندي هئي تہ ان جو گهرو مقصد هوندو هو تہ مان تومان اِها اميد نہ ٿي ڪري سگهان، رات ننڊ نہ آئي ڪراچي دوست کي فون ڪيو ٿيلھو کڻي صبح جو بلولائين ۾ چڙهي ڪراچي وڃي JPMC ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ سان مليس ۽ ڪجهہ وقت هائوس جاب JPMC ۾ بہ ڪيو، آنرري ائين پنھنجي، چانڊڪا، شيخ زيد ۽ لاڙڪاڻي کان موڪلاڻي ٿي.

باب ٻيو: واٽس ايپ نياپا

---

واٽس ايپ نياپا

هي نياپا گهڻي ڀاڱي موبائل تي ٽائيپ ڪري بئچ 7 جي گروپ تي سڌا سنوان موڪليا ويا، جيڪو ڊاڪٽر رياض هيسباڻي ۽ ڊاڪٽر نور احمد شيخ چانڊڪا جي ستين بئچ لاءِ گروپ ٺاهيو آهي، هي نياپا الخير جنرل اسپتال سکر ۾ ڪم دوران لکيا ويا. ڪم جي هٿ ونڊائي ۾ عبدالغفار رند صاحب جو گهڻو تعاون رهيو. ان جا بہ قرب، شخصيتن جي لکڻ دوران ڪجهہ جملا سٽون ٻيھر چانڊڪا جي يادن واري حصي مان لکيون ويون آهن.

چار اپريل جي رات ۾

اڄ سانجهيءَ جو سج
لھڻ کان لنوائي پيو
هو ڄاڻي پيو ته
شمسي نظامن جي
تابع ڌرتي
اڄ آڌيءَ رات جو
پنھنجو سج
اُڀاري پئي.
سو فلڪ ۾ صوفين جي،
روحن جا ستارا
سويرو ئي اُڀري پيا،
ننڍڙين روشنين ۾،
تن ڪيو شورهو،
جو سورج شرمائجي
ساگر ۾ لڪي هو ويو.
ها لکپت جي جيل ۾،
ڪو تارا مسيح،
جلاد جي روپ ۾،
پنھنجي آقائن جي احڪامن تحت،
دار کي نہ سڻڀو ڪيو،
تہ مر اذيتن جي خوشي،
خدابخش ڳڙهيءَ جي،
شھزادي شھنشاھہ کي،
زياده ملي.
هو سمجهي پيو،
هي سرمد، منصور، بلاول،
برونو، عنايت جو،
البيلو پرين
ظلمتن جي قھرن کي
ڏيڻ اچي مات ٿو.
هو دار جي تختي کي،
چمڻ لئہ تيار،
اڄ رات ٿيو.
ها هن وهنجي سھنجي،
پنھنجا وار اڻڀا، سڻڀا ڪيا.
مالڪ جي آڏو سجدا ڪيا.
نفل شڪراني جا پڙهيا.
تہ هو پنھنجي الفاظن،
واعدن، سچن ۽ رشتن،
کي شھادت جي تحفي سان،
ٿو پورو ڪري.
هو آڇون نراليون،
پري ٿو ڪري،
سدائين جيئڻ لئہ،
ٿو مرڪي مري.
هو ڄاڻي پيو تہ ،
منزل ماڻي پيو.
هو بيگناهيءَ جي،
ورد سان دار جي تختي تي،
چڙهي ٿو پوي،
۽ ڏونگر ڏاڍ جو،
پاڻھي ڏري ٿو پوي.
ڪيئن ٿا چئو تہ،
مان چار اپريل جي،
تاريڪ رات آن.
مون وٽ تہ انوکي ڏات آ.
مان انڌيرن لمحن لئہ،
ڌرتيءَ جي التجا تي،
صدين کان پوءِ،
پره مھل،
نئون سج اُڀاري ڇڏيو.
مان اڄ انڌيرن کي،
اُجالن ۾ اُجاري ڇڏيو.


ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪا

محترمہ بينظير ڀٽو کي خراج تحسين

A Tribute to Shaheed Muhtarama Benazir Bhutto
By: Dr. Muhammad Ismail Mako
Oh! Queen you ever live in our hearts.
(1)
This is not story of candle in the wind,
we are gathered to remember queen of sind
she martyred in dark December
my son weep remember her and remember
هي ڪھاڻي هوا ۾ موم بتي جي ناهي،
هي ڪھاڻي تہ سنڌ راڻي جي آهي،
هن کي سياه ڊسمبر ۾ شھيد ڪيو ويو،
منھنجو پٽ هن لاءِ لڙڪ لاڙي ٿو،
مون کي ياد ان جي ڏياري ٿو.
(2)
She rinse her soul with mystic thought
Pains of poors she bought
The precious charge of poors she took
Dancing girl of moen jo daro redance
And king priest lined up for her look.
توهان تہ صوفين جي سلوڪن سان پنھنجو روح ڌوئي ڇڏيو،
۽ غريبن جي غمن کي خريد ڪيو،
ها توهان غريبن جي غمن جو بار کنيو،
هو ڏسو موئن جي دڙي جي ناچڻيءَ توهان جي چوگان تي ٻيھر نچڻ شروع ڪيو آ،
۽ موهن جي دڙي جو بادشاه توهان جي ديدار لاءِ توهان جي مقبري جي ٻاهران قطار ۾ بيٺو آهي.

(3)
One dark night baba salute from the torture cell
The june breeze and cathedral bell
He remembered pinky’s first cry
The strongest soft voice with courage smell
The courageous girl gone with little steps and school bag
She touched her puberty and studied in Oxford lab.
Then she became precious bride
She wed in layari with peoples pride
Folk saw her in dress dark red
She was looking like white angel’s shed.
هڪ سياھہ رات جو ٽارچر سيل مان تنھنجي محبوب بابا جون جي هوا ۽ گرجا جي گهنڊن کي
سلامي ڏني،
ها هن کي ياد پيو هو پنڪيءَ جو پھريون روئڻ،
اهو مڌر ۽ مضبوط آواز پاڻ سان همت کڻي آيو،
هو پوءِ اها همت ٿيلھو لٽڪائي پتڪڙن قدمن سان پڙهڻ وئي،
پوءِ اها همت جوان ٿي آڪسفورڊ ۾ پڙهي،
پوءِ اها همت قيمتي ڪنوار ٿي لياري جي ڪارن ماڻھن جي احترامي نعرن ۾،
لوڪ تہ ان کي ڳاڙهي وڳي ۾ ڏٺو،
پر ڪن کي تہ اها فرشتن جيان سفيد لباس ۾ نظر آئي.
(4)
You felt tremors of pain
When locked baba gave you fare well smile
He looked in your brighten eyes for a while
He whisper not weep، you must his
Mission complete
Though it may be early or late
You promised him behind bars
You must start ethical wars.
درد جي احساس کي توهان تڏهن محسوس ڪيو،
جڏهن زندان جي جهروڪي مان توهان جي محبوب بابا توهان کي الوداعي مسڪراهٽ ڏني،
هو ڀڻڪيو ، نہ رنو ، هن توهان جي چمڪندڙ اکين ۾ ڏسي ورتو،
تہ دير سان يا جلد توهان هن جي مشن کي پورو ڪندا،
ها توهان هن سان زندان جي پويان وچن هو ڪيو،
ها مان ڇيڙينديس هٿيارن جون نہ پر اخلاق جون جنگيون.
(5)
In black dress and bare feet you never crave
Lay down pink princes in grave
You look last coffin and
Promise brothers brave
I fought i fought still
The darkness turn bright
I fought to lost drop of my blood
Still every body gets right.

ها مان توهان کي ڏٺو هو پيرين اگهاڙي سياھہ لباس ۾ بغير التجا جي،
جڏهن توهان پنھنجا گلابي ڀائر مٽي کي موٽائي ڏنا،
توهان ساڻن هو واعدو ڪيو ها مان وڙهندس مان وڙهندس،
تيستائين جيسين اوندھہ روشني ۾بدلجي نہ وڃي،
هامان وڙهندس مان وڙهندس ايستائين جو منھنجي بدن جي،
لھوءَ جو آخري قطرو کٽي نہ وڃي،
۽ ايستائين جو هر ڪنھن کي پنھنجو حق ملي وڃي.
(6)
You said touching the cross jesus not freed
Doing the confession man never left greed
But you achieve honor respect pride when
Bonded being freed.
توهان چيو صليب کي ڇھڻ سان عيسيٰ آزاد ڪو نہ ٿو ٿئي،
اعتراف ڪرڻ سان ماڻھو چڱو نہ ٿو ٿئي،
پرجڏهن اوهان غلامن جا زنجير ٽوڙيو ٿا،
تہ اوهان کي مٿانھين منزل ملي ٿي.
(7)
You shared justice, compassion and love,
The reason for free fly of dove
You said democracy is the best revenge
One day all slaves broke their cage.
توهان انصاف، رحم ۽ پيار ورهايو،
اوهان ڳيري جي آزاد اڏام جو سبب ٻڌايو،
اوهان چيو جمھوريت بھترين انتقام آهي،
هڪ ڏينھن سمورا غلام پنھنجو پڃرو ٽوڙي ڇڏيندا.
(8)
You taught the lords
Come and start ethical crusades
No arms, no harms, no bombs, no bullets
But the world love needs
No nets, no pets, no noble dress,
No phones, no drones, no global village
But the hungry peoples need
Sufficient food, moral good and
Poors privilege.
توهان يورپ جي آقائن کي پڙهايو،
اچو اخلاق جون صليبي جنگيون وڙهون،
دنيا کي هٿيار نہ ٿا کپن، زخم نٿا کپن، نہ گولا ٿا کپن، نہ گوليون ٿيون کپن، کپي ٿو تہ پيار
ها دنيا کي نہ نيٽ ٿي کپي، نہ پالتو ڪتا ٿا کپن، نہ شاهي لباس ٿا کپن،
نہ فون ٿا کپن، نہ حملا آور جهاز ٿا کپن، نہ ئي دنيا کي عالمي ڳوٺ ٿو کپي،
ها کپي ٿو تہ بکين ماڻھن کي مناسب خوراڪ، بھتر اخلاق ۽ پنھنجي غريبيءَ جو حق.
(9)
Now your followers leading the folk
All amendments of dictator
Gone it is not a joke
One day all will happy you find complete dream
There will be no begging and no scream.
هاڻي اوهان جا پوئلڳ عوام جي اڳواڻي ڪن ٿا،
مذاق ناهي پر ظالم جا سڀ قانون ختم ٿيا آهن،
هڪ ڏينھن اوهان جو خواب ساڀيان ماڻيندو،
نہ ڪو پنندو نہ ڪو دانھيندو.
(10)
Oh queen of democracy,
Look deserted faces are reirrigated
Flowers are reborn
Fragrance of democracy
Feel in the morn
How happy tearing mothers
With brow showers
Joy erupted in lap smiling flowers.
او جمھوريت جي شھزادي،
ڏسو تہ بيابان چھرا خوشين سان ٻيھر سيراب ٿيا آهن،
۽ اميدن جا نوان گل ڦٽا آهن،
صبح جو جمھوريت جي خوشبو محسوس ٿئي ٿي،
هو اکين جي جهروڪن ۾ ڳوڙها پاليندڙ مائرون بہ خوش آهن،
هنن جي گود ۾ ورتل ننڍڙن پتڪڙن جي مک تي بہ خوشي ٻهڪي آئي آ.
(11)
Though who live in hunger and disease
They found smile and ease
They Discovered comfort and joy
Now are schooling girl and boy.
اهي جيڪي بيمارين ۽ بک ۾ رهندا هئا،
انھن وٽ مسڪراهٽ ۽ آسودگي اچي وئي آ،
انھن خوشي ۽ آسودگي ڳولي ورتي آ،
هاڻي تہ انھن جا ڌيءَ ۽ پٽ بہ اسڪول وڃن ٿا.
(12)
Oh queen your hurt is not mighty hurt
Your hurt is not that everybody is hurt
Your hurt is that whole universe is hurt
Oh queen you ever live in our hearts
Oh queen you ever live in our hearts
اوهان جو زخم وڏو زخم ناهي، اوهان جو زخم هر ماڻھو جو زخم ناهي،
اوهان جو درد تہ پوري ڪائنات جو درد آهي،
او راڻي تون اسان جي دلين ۾ رهين ٿي وسين ٿي،
او راڻي تون اسان جي دلين ۾ هميشہ رهندينءَ وسندينءَ.

هي نظم مون GMMC ۾ نوڪريءَ دوران لکيو هو جڏهن راندين جي اختتام تي مھرين ڀٽو تقريب ۾ آئي ۽ مون انائونسمينٽ پئي ڪئي. هي نظم مون کي محترم سيف ﷲ ڄامڙو چانڊڪا ۾ ”ٻوڏ جي اثرن“ واري ڪانفرنس دوران چانڊڪا ۾ پڙهڻ لاءِ چيو پر وقت جي ڪمي سبب پڙهي نہ سگهيم ۽ بيچ ستين جي يونين ۾ اياز تنيو صاحب جي فرمائش تي پڙهيم. هن نظم ۾ ڪجهہ سٽون منھنجي لکيل نظم ڊيانا مان مون ڄاڻي واڻي شامل ڪيون آهن تہ محترما بي نظير ڀٽو صاحبہ جو درد ڪائنات جي هر فرد جو درد آهي ۽ ڊيانا کي ڪنھن بہ طرح هن سان ڀيٽي نہ ٿو سگهجي. محترما عظيم ترين آهي.

ستين بيچ جي دوستن لاءِ شاعري

اڄ يارو، ڪلاسڻين جي ڪٿا، ڪڍان منجهہ ڪمان
ڳائي ڳيچ ڳڀرن جا ڪيو حميرا حيران.
سر سرالا سندا، گيتن ۾ ٿئي لتا جو گمان
حضوراً حال ڀلا ٿيا، ڪيو ادا ايوب ساڻ وهانءُ
حسن روحينہ شاھہ جو ڪيان ڪيئن بيان
شوخيءَ شنتا ڪماريءَ جو ڇا نہ هيو شان،
روح رضيہ شيخ جو ڄڻ اعلي ڪو انسان،
ادائن عذرا تي عبيد ڏنو عشق امتحان
هوندي هاسٽل مارئي هئي سنيتا بن سنسان.
وئي ولايت وجنتي، ڪاڏي مليس قدردان.
رهاڻيون راج ڪماريءَ جون چانڊڪا جا سارن گل ۽ گلستان.
هلي هوائي زرينہ وئي، ٿيو شھر وڳڻ جو ويران
نينھن نسرين چانڊڪا سان ملھايو مھان.
سلمي زيب سٺي هئي، ڪيس پر وزن پريشان.
ڪھيو ڪلاسين کي ڇوڪرين جي ماريو مسڪان.
ڏنو جو قرب مان ياسمين، ٿيو ان جو رت رائگان.
رلي راهوجو ويو ۽ جانيءَ جھڙو جوان.
ماڪا بند ڪر بيان، نہ تہ 7 بئنچ اڄ رڙي رات مرندي.

ائين ع ع کي ڪلاس ۾ هنيو چاهت منجهان چاڪ
ڏيکارينس ڏاڙهي چئنس وڙهندي سانءِ وڏي واڪ
ڀانيو مون ڀاءُ هيءَ وڏي آ ويڙهاڪ
لڳندي جنگ سڀان پادرن خاصي خطرناڪ
ٺھي ان سان ٺپ وئي جڏهن نينھن ڪيس ناچاڪ
هيو تہ حسن هيراڪ، پر ڪيرايس ڪڻڪ رنگيءَ.
. . . . . . . . . . . .
ڏٺو سين ڏينھن ۾، ٿي هوءَ چاهت منجهہ چري،
مليس نہ ماني ميس ۾، اچي ڪٽئنس روم دري
پني پاڙي وارن کان، ڀاؤ ڀري آيو ماني ڀري
ڪوسيون ڏسي ڪڙهايون ساهيڙيون ويس سڙي
جڏهن ماني کاڌائون مفت جي پوءِ وين بک مري.
کلي هو کيريون ٿيون، پين هانءُ ٺري
مارئي سندي ملڪ ۾ ڏٺم هي کٻڙ پاسي کڙي
سھي سٽ وئي عشق، نہ ڪاهن ڪل ٿڙي.
ميان ڪا نہ مڙي ناتو نڀاهيانءِ نينھن جو.
. . . . . .

اچي هڪ ڏينھن مون وٽ ٿيو م ج مھمان
ساڻس سفر ۾ هئو حاڪم شاھہ حيران.
پرينءَ ڏنا هئس پرچا هو پيپرن لئہ پريشان
مان هن جي مھمانيءَ لاءِ اڇا ڪارا ڀورا بگڙا ڪڪڙ ڪيا سڀ قربان
هاڻ هجن ها مرغ مون وٽ تہ ٿئي آ گڏ هن جو گمان
ڪيان ها سواري تن تي نہ ٿيان ها پئٽرول لئہ پريشان
پر ٿيس جو وهان، کلي دل خوش ٿي.
. . . . . . . . . . .
هڪ ڏينھن ڪامريڊ جي در تي ڪو چنبڙائي ويو پوسٽر
آگ بگولو انسان ٿيو، ڏسي ڪوارٽر در
ٿوري دير ۾ ئي ٿي ويو ڌمچر
ڪاوڙ کنيو ڪر تہ ڌوڙيا ٿيا ڌڪن جا.
. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .
ڌوڙيا ٿيا ڌڪن جا، تن ڪيرايا ڪتاب
ريزو کڻي خاني مان کاڌا تن ڪباب
پاتئون پينٽ پرينءَ جي رهيا ڪين حجاب
رڳو ڦر ريڊئي جا ٿيا ات حساب
سائين نور بلوچ کي مليا سڀ ثواب جنھن جهيڙو ٽاريوجوءِ مان.
. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .
ڪامريڊ سان ان ڪروڌ ۾ ڀڳئونس ڪوارٽر شينڪ
غصو آيو گورباچوف کي چئين ڪامريڊ موڪليانءِ ٿو ٽينڪ
پر پيو وچ ۾ سائين شيخ نيڪ، پوءِ پرين پرچا پاڻ ۾.
. . . . . . . . . . . . . . . . . . .
س صحتمند سرس هئي، هئي ز بہ زور
آڊيٽوريم اڳيان بيبيءَ جو ڇورن ڪيو شور
شينھڻ وانگر شھزاديءَ ڪيو غصي ۾ گجگوڙ
ٻوهارو ڦري جماندارڻيءَ کان اٽڪائي اينس ۾ ٺاهيندي سانءِ مور
ٻڌي ٻول مٺڙا، ڏنو سڀني پيرن تي زور
ڪنھن نہ ڏٺو ڪير ، لڪي لَيُن ۾ ويو.
. . . . . . . . . . . . . . . . . .

ادا انور ڀلو هئو ڀٽي
توائي کائي تاس جي اشرف ڪلوڙ ڪئي سڀن ڪٽي
امان اوڳاهي آيو اوچتو، ڪئي تنھن سيد مرتضيٰ ساڻ سچي
انور، عطا صديقي، ڪيو فيصلو، اهڙي پئي عزير چانڊيو کي چٽي.
اياز تنيو تڪيندو رهيو، منٿن ۾ گسي وئي عاشق جوکيو جي جتي
جهڳ جهڳ يار اِها تاس نہ سڄي رات کُٽي
اصل اِها راند تاس جي ابرار عزيز شيخ هئي کٽي.
. . . . . . . . . . . . . .
جدا جانئيڙا ٿيا، نواز، سنمک، آنند، جاويد قمراقبال
ماٺيڻي محب مٺڙي جو ٿيو انور ڀٽي انتقال.
ڪيڏانھن ويا، پرين پرڪاش، راڻو رميش دلبر درشن لال
ٿيندو هو سدائين سياست ۾ امتياز، عاشق عطا جو اعليٰ استقبال.
جاني ڇا جوانيءَ ۾ هو بالر با ڪمال
نچندو هو ناز سان هميشہ حفظ لازوال
نرالا نماڻا ها شھيد شفيق ۽ شاهنواز سيال
اعجاز، اشفاق، عنايت جي اخلاق جو اعليٰ آ احوال
ڏئي فراق فيض ويو، بدر پنھور بہ بي مثال
رهندو هميشہ روح ۾، مست، حسن، رفيق،منظور جو خيال
مرتضيٰ من محبوب هو، جميل جو ڇا تہ هو جانب جلال
هئي حُجت حاجي خان کان، هو هرڪنھن پڇندو هو حال
آسائينءَ کي سوال، مغفرت ڪجانءِ مون محبوبن جي.
. . . . . . . . . . . .
”جاني ڪلوڙ جي موت تي”
هو جو مسڪراهٽن سان ڄائو هو.
هو آ اڄ مختصر ستو
هن جي کلڻ جا پڙاڏا
پيار جي خوشبو
سوچن جي سرهاڻ تہ اَڄ
اسان وٽ آ.
ڇا ڀلا هو اسان کان وڇڙندو
جتي بہ ملنداسون هو ضرور ملندو.
هو جو پنھنجي ڌرتي ممتا ڏي موٽي ويو
ڏسان ٿو چمي ٿو هر مٽي واري ڏيھہ جي
او يار ڳوڙها، آهون سسڪيون اوڇنگاريون ڇو
هو اسان وٽ اسان جي دلين ۾ رهندو
ڪير ڀلا هن کي چوندو خدا حافظ.

(انگريزيءَ مان ترجمو)

اوچتويار جاويد لوهر بہ گذاري ويو:

هيءَ چئن ڏهاڪن کان بہ وڌ پراڻي ڳالھہ آ، جڏهن اسان چانڊڪا پھريون دفعو انٽرويو ڏيڻ وياسين، ان دور ۾ لاڙڪاڻي واريون بسون سکر کان شڪارپور وايہ ڳڙهي ياسين، ڊکڻ، رتوديرو لاڙڪاڻو وينديون هيون. انٽرويو جي انتظاري، بيقراري رات جو ننڊ ڪوهين پري صبح جو چانھہ ناشتو ڪري لاڙڪاڻي جي بس ۾ چڙهياسون، ان وقت لاڙڪاڻي جو ڀاڙو 5 روپيہ هوندو هو ۽ شاگرد کي هڪ روپيہ رعايت هوندي هئي، بس ۾ سکر کان شڪارپور تائين سارين جي پوکن سان چھچ سايون زمينون نظر آيون هيون، سنڌ واھہ کان پوءِ اسڪائوٽ جو هيڊ ڪوارٽر نظر آيو جتي غالباً انگريزن سنڌ جي باغي ڪردار سانولي بڙديءَ کي ڳچيءَ ۾ رسو وجهي ماريو هو ۽ ائين ئي چيلا سنگهہ سيتل داس ڪاليج جي شاندار بلڊنگ بہ نظر آئي هئي جيڪا قيام پاڪستان کان اڳ ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد کان پوءِ وڏي ڪاليج هئي جتي بورڊنگ بہ هئي ۽ ائين بس رستم موڙ کان هينري هالينڊ ۾ اکين جي اسپتال کان گذرندي، راءِ بھادراوڌو داس تاراچند اسپتال وٽ وڃي بيٺي، ديوان راءِ بھادراوڌوداس تاراچند ان وقت بہ هڪ لک چندو ڏنو هو، ايچ ٽي سورلي ان اسپتال جو افتتاح ڪيو، ان تي پوءِ لکبو. پر هاڻوڪي بيدل لائبرري شڪارپور جنھن جو پراڻو نالو جگن ناٿ، لائبرري شڪارپور هو، جيڪا 1883ع ۾ ٺھي اِتي ئي ان وقت جي ريڊڪراس آفيس، گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر هڪ بہ R. B. U. T اسپتال جي سامھون آهي، ان لائبرري کي هاڻي جھاز چوڪ چون ٿا جتي هڪ پراڻي ايئرفورس جي جھاز جو ڍانچو پيل آهي، اتان ئي هڪ ڇوڪرو فائيل هٿ ۾ کڻي بس ۾ چڙهيو، جاڙون ڀروون ٿورا گهنڊيدار وار قميض پر چولي وانگر، جنھن جي ڳچي پٽ جي ڌاڳي سان بند ٿيل هئي، وڏيون اکيون، تيزنقش، اچي ڀر واري سيٽ تي ويٺوهو، گاڏي جماڻي هال کان گذري، اتي ئي رام ڄيٺ ملاڻي (هندوستان جو مشھور وڪيل ۽ سياستدان) جو گهر نظر آيو پوءِ بہ ورهين تائين سنگ مرمر جي اڇي سِرَ تي ڪارن اکرن ۾ ڄيٺملاڻي جو نالو لکيل هو. بس وڃي لکي در تي بيٺي جتي آچار جي خوشبو ۽ سامھون ديوان ٺاڪرداس جو قلفيءَ جو دڪان نظر آيو، ڪي گڻيش باغ ۾ گهمڻ واري موٽ تي، ڦارون جي پنن ۾ دوني واري دال جو مزو وٺن پيا، صبح جو پھر، بس ناشتي جا هوڪارا، مزدور، ملازم، هوڙي وارا، ريڙهي وارا سڀ پنھنجا ڪرت ڏئي پئي ويا. بس هلي، قاضي حبيب ﷲ هاءِ اسڪول جا شاگرد ٿيلھا پٺيءَ ۾ لٽڪائي اسڪول وڃن پيا ۽ شاهي باغ جا شوقين صبح جو سير ڪري واپس ورن پيا، ان دور ۾ شڪارپور ۾ انبن جي ٻور، گلابن، رابيلن، موتئي ۽ موسمي گلن جي خوشبو پنھنجي ڀرپور واس سان موجود هوندي هئي بس ڪرن در واري موڙ کان ڳڙهي ياسين واري موڙ کان ڦري تہ ان سندر ماٺيڻي مزاج جي ڇوڪري گفتگو ڪئي اوهان بہ انٽرويو ڏيڻ ٿا وڃو، ها، اسان جي ننڍپڻ ۾ شڪارپوري چنچل ڇوڪرا، شڪارپوري شودا ۽ شڪارپوري چانھہ وارا پھاڪا ۽ چوڻيون عام هيون، بس ۾ ئي ڪو وائيٽ روز جي بوتل کولڻ جو شوڪٽ ٿيو، سو مون وٽ شڪارپور پنھنجي ماضيءَ جي عڪس وانگر موجود هئي، شڪارپور جا در دريون، بلڊنگون، کاڌا، باغ تاريخ، مھرن، دائودپوٽن، ڪلھوڙن، جتوئين پٺاڻن انگريزن واپارين جي قصن ڪھاڻين سان گڏ شاھہ شجاع ۽ جمع خان بہ ياد آيو. تھذيبون پنھنجي ارتقائي سفر تي هلن پيون، واپاري ڪوٺيون، هنر، عام لڏپلاڻ، جهور پراڻين بلڊنگن جي بالڪونين ۾ بيٺل سندرين جا تصوراتي عڪس ۽ انھن ۾ ساڳ جا سلامت در دريون، شهتير. بس خيال ترڪندا ويا، ادا تون بہ انٽرويو ڏيڻ ٿو وڃين، ها، نالو جاويد لوهر، لوهر سان گڏ مون وٽ وري شعور جو خودساختہ وهڪرو وهي ويو، سنڌي ڪرت جي ذات لوهر، بلوچ لوهر ائين مون کي جمال ابڙي جي ڪھاڻي پٺاڻي بہ دل تي تري آئي ۽ سانڌاڻين تي لوھہ کي ڌڪ هڻندڙ هٿ باھہ کي مسلسل ملندڙ هوا، اِهي خيال تہ اتي ختم ٿيا. جاويد لوهر جو لباس ۽ خوشبو ان جي مزاج جي عڪس هئي، پوءِ بس، انٽر جون مارڪون، هيڏانھن جو خبرون، هڪ ئي قطار ۾ انٽرويو ڏنوسين ان وقت شڪارپور بہ سکر ضلعي ۾ هئي، پوءِ جاويد سان اُها بس واري ياري پڪي پختي ٿي ۽ اڪثر ڪينٽين تي چانھہ پي وٺندا هئاسون ان وٽ اسان جي ڪلاس ۾ شڪارپورين جي ٽولي، ڊاڪٽرعبيد، شبيرشيخ، امتيازميمڻ، رؤف ميمڻ، رفيق شيخ، رام چند، ڪنعيو، ڪرم ﷲ جبارصديقي، غفار، ذاڪرعباسي پوءِ شھزادو دايو بہ شامل ٿيو. اِها شرارتي راڳي ٽولي مشھور هئي، پر جاويد لوهر جو مزاج ماٺيڻو هو. هو پاڙهو ڇوڪرن مان هو. هنجي عادتن خوبين تي هن جا دوست ئي لکي سگهن ٿا، پر نجم سومري جي ڊانس ٻڌائيندي هئي تہ سڀ شاگرد پاڙهو فنون لطيفا سان پيار ڪن ٿا. جاويد جي خبر ناهي ڪھڙي روٽين سان زندگي گذاريندو هو، پر هو ملڻ جي معاملي ۾ انتھائي سخي هو. هن جو آڌر ڀاءُ پرجوش هوندو، هن جي ميزبانيءَ ۾ ولولو هوندو هو. ڊاڪٽر ٿيڻ کان پوءِ هن جي پوسٽنگ مدئجي اسپتال ۾ ٿي، شڪارپور کان مدئجي اسپتال جو گاڏين ويگنن ۾ سفر، ان وقت امن امان جي صورتحال پر هن پنھنجو ڀرپور وقت سٻاجهڙن سنڌين جي خدمت ڪندي گذاريو، هن جي اخلاق، عورتن جي عزت احترام جون ڪھاڻيون، تہ مرحوم سعيد صديقي صاحب بہ ڪندو هو، جنھن جي هڪ نياڻي ۽ هڪ مھاجر ڊاڪٽر مدئجي اسپتال ۾ گڏ ڪم ڪنديون هيون، هن وٽ روايتي سنڌي ماڻھوءَ وارا اخلاقي قدر هئا، پوءِ مون سان هن جي هڪ ملاقات آر،بي،يو،ٽي اسپتال جي ٿيٽر ۾ ٿي، چيائين تہ ڪراچي بدلي ٿي آ، وڃان پيو ۽ پوءِ هن موڪلاڻيءَ جو اهڙو ڀاڪر پاتو جو هن منھنجي وجود ۾ ڄڻ پنھنجو وجود اوتي ڇڏيو، ماڪا ڪراچي اچين تہ ضرور اچجانءِ، پوءِ هو بہ ٻين دوستن وانگر هجوم ۾ گم ٿي ويو.
جڏهن مان D. H. O جيڪب آباد ٿيس اِها 2019 جي ڳالھہ آ تہ اڪثر ڪراچي وڃڻ ٿيندو هو ۽ منھنجو ڀاڻيجو نصرﷲ ماڪوC. M هائوس ۾ سيڪشن آفيسر هو هيئنر ڊپٽي سيڪريٽري آ ان وٽ وڃڻ ٿيندو هو هڪ ڏينھن چيائين ماما اوهان جو ڪلاس فيلو ڊاڪٽر جاويد لوهر هتي C. M هائوس ۾ آ، ماڪي جو ٻڌندي چيائين ڊاڪٽراسماعيل ڇا ٿئي چيومانس مامو آ، پوءِ تہ هن جو محبتون وڌي ويون، نصرﷲ گهڻي ڪوشش ڪئي پر جاويد سان ملاقات نہ ٿي سگهي، پوءِ نصرﷲ هن جي اخلاق، محنت، جفاڪشي، رهائش رٽائرمينٽ تائين سڀ قصا ڪندو هو. هاڻي ٻڌائين تہ ملير ۾ گهر پيو ٺهرائي، اڄ ڪنھن دوست هن جي گهر ۽ فليٽن جو عڪس موڪليو، اتي منھنجا ڪافي عزيز رهن ٿا، ڏاڍي چڙ لڳي تہ ڳولي ملانس ها. يادون ڌنڌلن عڪس ۾ ورن ٿيون، هن جو حسن، اخلاق، محبتون هڪ شاگرد جي زندگي، معاش جي ڳولا پريوار ان جي سنڀال، ٻار زندگيءَ جو سمورو روٽين هڪ مشيني انداز ۾ هليو وڃي ٿو. بس زندگي پنھنجي رفتار سان ڊوڙي ٿي، اڄ هن جي تدفين ٿي آهي هن جي بيمار ٿيڻ کان هن ابدي سفر جون سموريون دقتون، ذهن ۾ ولوڙجن ٿيون.
کنگهہ کڙڪو هلڪو زڪام، ڪا بخار جي گوري، هلڪي اينٽبائيٽڪ، گهر ۾ کنگهڻ سبب سڀ ڀاتي پريشان، بابا ايڪسري ڪراءِ، ڪرونا ڪراءِ پوءِ زندگيءَ جي ساھہ کڻڻ ۾ دشواري ايڪسريز جا سڀ انڌيرا عڪس روشن، زندگي ڏٻري هيڻي، آڪسيجن ماسڪ، سيٽوريشن جو گهٽ ٿيڻ، ساھہ جي دشواري گهروارن جو اسپتال تي زور، پوءِ زندگي نئين شيڊول ۾ D-Dimers ڪئلشم، رت جي چڪاس، بڪين جو رپورٽون، جيري جون رپورٽون، جڏهن ساھہ گهرڙن تي دشمن اچي ويٺو، پوءِ آڪسيجن ڪيئن سيراب ڪندي عضون کي، جيئن وڻ جو پاڻي بند ڪجي تہ وڻ سڪي ويندو، علاج جو جديد مشينن تي آڻڻ، مانيٽر Bipap, Cpap پيشاب نالي، کاڌي نالي، C. V. P ائين Canula ڊرپون، دوائون، اينيبايوٽڪ، بس نمڪيات، زندگي موت سان وڙهڻ لڳي،وينٽيليٽر جون سيٽنگ، بلڊ گئسز، گهر ڀاتين جي دعائن، اميدن ٺيڪ ٿيڻ جي تسلي سان I. C. U جي ٻاهريان انتظار جو ڪرب، اسپتال ۾ مائٽن جو باغ تي ٿڪجي ليٽي پوڻ، ونيءَ جو وَر لئہ انتظار، ٻارن جو بابا ضرور ايندو، گهر هيئن ٺھندو، هي فرنيچر وٺبو، هي گاڏي وٺبي، هنجي شادي هت ٿيندي بس بابا ضرور ايندو I. C. U ۾ مشينن جا ڪوڪٽ سائرن ڊاڪٽرن جون ڊوڙون ملڪ الموت هن کي پنھنجي اصلي گهر وٺڻ آيو، adrenaline, Cardiac, massge, Defeb جي، Pulse اچي وئي، قاتل موت سان لڙائي لڙندي لڙندي هو هارجي ويو Sad news (ڊاڪٽرعثمان چواڻي اسان هارائي وياسون، منھنجوڀاءُ ڪرونا ۾ گذاري ويو هو) مائٽن کي فونون، تدفين لئہ بحث، روڄ راڙو، ڳوڙهن جون لارون، خشڪ اکيون، سڏڪا خاموشيون، ننڍڙيون ننڍڙيون هڏڪيون، ڪفن جي تياري، قبر جي ڳولا، غسل، خوشبو، ڪورونا پروٽوڪول، تابوت ۾ مڙھہ، شيشي مان ديدار، دفنائڻ جي جلدي، مائٽن جي پڄڻ جو انتظار، جنازي نماز جي تياري، ايمبولينس ۾ مڙھہ، جنازي واري گاڏي، مائٽن جو هجوم، خوف اسان نہ بيمار ٿيون، خبر ناهي تجر، يا قبر مٽيءَ وارو تابوت يا تختو يار کي پنھنجي جاءِ تي مٽي وجهي اگر بتيون ٻاري گل وجهي دعا پڙهي، الوداع چئي آيا، گهر ۾ روڄ راڙو، ڪانڌپي جا چانور هن جون ڳالھيون ائين ڀانيان ٿو تہ مان بہ جاويد لوهر جي تڏي تي ويٺو آهيان.

ڦلجي اسٽيشن کان ڊاڪٽر قربان جهتيال

جن بہ هن کي جوانيءَ ۾ ڏٺو هو تہ هو ان وقت موهن جي دڙي جي بادشاھہ جي گيٽ اپ ۾ نظر ايندو هو ڪلھن تي اجرڪ ڀريل بت، ٻٽون ڪٽ وار ننڍڙي ڏاڙهي شام جھڙو سرمئي رنگ ۽ هنجي موت جي خبر واري فوٽو ۾ بہ کيس اجرڪ پھريل آهي ها هيءُ ڊاڪٽر قربان جهتيال هو جنھن چانڊڪا ۾ پنھنجو ڀرپور ادبي ۽ ثقافتي ڪردار نڀايو. هو نہ سارتر جي فلسفي سان سلھاڙيل هو نہ وري ڪامريڊ، نہ هو آرٿر شو پنھيار ۽ فيڊرڪ نٽشي جي نفيءَ جو حامي هو نہ وري هو سوشلزم جا ساز ڇيڙيندو هو نہ هو دهرين جي دڳ هلندو هو نہ تہ ڪو جذباتي قوم پرست نہ هونام نھاد صوفي هو پر هن جي رڳ رڳ ۾ لطيفي فڪر سمايل هو. هو موهن جي دڙي جي مٽيءَ جو ماڻھو هو هن جي سوچ ويچار سڀ سنڌ ۽ سنڌين جي ثقافت سان سرشار هئا.
80 جي شروعاتي ڏهاڪي واري چانڊڪا ڀٽي صاحب جي شھادت کان پوءِ شاگرد سياسي سرگرمين جو ڳڙھہ هئي، سپاف ۽ جساف عروج تي هيون سويت يونين بہ ان دور ۾ افغانستان ۾ فوجون لاٿيون، انڊرگرائونڊ ڪامريڊي سرگرميون بہ هلنديون هيون. ساڄي ڌر جي شاگردن جون مذهبي جماعتون، ننڍيون وڏيون پروگريسو پارٽيون پنھنجي سياسي قدبت جي جوڙجڪ ۾ مصروف هيون ان سياسي وايومنڊل ۾ ڪينٽين تي سياسي بحث مباحثا عروج تي هوندا هئا. ان لاءِ شاگرد سياسي ادب گهڻو پڙهندا هئا ان دور ۾ سماجي تنظمين بہ جنم ورتو، فيئر بوڪ شاپ بہ کُليا، فنڪشن بہ ٿيندا رهندا هئا ۽ مئگزينون بہ نڪتيون. فيشن ۽ عشق لئہ ڪرڪيٽ جو بخار بہ ڇوڪرن تي چڙهيل هو، ڇا لاءِ تہ ڇوڪرين جا پسنديدہ رانديگر جاويد ميانداد ۽ عمران خان هئا، ان لاءِ ڪرڪيٽ جي ڄاڻ شاگردن لاءِ ضروري هئي هر هاسٽل ٻاهران ڪرسي تي ڪرڪيٽ کيڏي ويندي هئي (ڪرسيءَ کي وڪيٽ بڻائي ٽينس جي بال سان ڪرڪيٽ کيڏي ويندي هئي) ان جا باقاعدہ ٽورنامينٽ بہ ٿيندا هئا ۽ ڪمنٽريون بہ ڪيون وينديون هيون. انھن مئچن ۾ اختر سومري، اعجاز سھاڳ، جاني ڪلوڙ کان وٺي علم الدين بلو(سيڪريٽري تعليم) سائين رکيو ميراڻي (ڊي آءِ جي) فضل پيچوهو(سابق سيڪريٽري فنانس) تائين ڇڪا چونڪا هڻندي ۽ بالنگ ڪندي نظر ايندا هئا. انھن مئچن دوران بہ قربان جهتيال ڀت تي ويھي ڪو نہ ڪو سنڌي ڪتاب پڙهندي نظر ايندو هو ۽ جڏهن ڪمنٽري باڪس مان ۽ مرحوم اعظم ٻگهيو هن تي ڪا طنز، ٽوڪ، لطيفو، ٽونڪ ڌنڪ، ڪو جملو ڊائلاگ، ڍينگ، ڍيڪ يا ڍونگل وهائي ڪڍندا هئاسون تہ چنڊي ٻار کي آچر ڏينھن پڙهڻ جو شوق ۽ جڏهن ٻئي ڏينھن ملندو هو تہ سمبارا جھڙي مرڪ چپن تي ميڙي ڀاڪر پائي چوندو هو تہ (سدوري ٻار کي سومر ڏينھن پڙهڻ جو شوق) انھن ڏينھن ۾ ئي هو چانڊڪا ۾ ادبي ميدان ۾ عملي طور لھي پيو، هن ”لطيف ادبي سنگت“ ٺاهي ۽ نج ادبي محفلون ڪرايون ادبي ڪچھرين جا اجلاس هن جي ڪمري ۾ باقاعدگيءَ سان ٿيندا رهندا هئا، انھن ڪچھرين ۾ شاهڪار ادبي ليک ۽ شعر پڙهيا ويا انھن ڪچھرين چانڊڪا ۾ ادبي ذوق پيدا ڪيو جيڪي شاگرد سياسي سرگرمين کان پر ڀرو هئا، اُهي ادبي ميدان ۾ اڳتي آيا سياسي شاگرد بہ انھن محفلن ۾ باقاعدگيءَ سان ايندا هئا ۽ پنھنجون نڪور ڪويتائون، لکڻيون پڙهندا هئا ۽ ائين قربان جهتيال سنڌي ادبي دنيا ۾پنھنجو املھہ ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو، انھن ئي ادبي محفلن ۾ جڏهن منصور مغل ”ماستر“ تي ڪھاڻي پڙهي تہ ائين لڳو ڄڻ ڪو اوپيرا اکين اڳيان ٿيندو هجي. مظھر ميمڻ، (شھيد مرتضيٰ ڀٽي واري واقعي ۾ زخمي ٿيل) پنھنجو نظم
مان سوچيان ٿو
مان ڇا آهيان
واري وڍ تي
نٽهڻ اُس ۾
ها، اڪيلو تہ ناهيان
يا ڪنھن پينوءَ جي هٿ ۾
تار ڀڳل يڪتارو تہ ناهيان.
ان وقت ائين لڳو تہ مظھر جي من ۾ بي چين روح پنھنجي منزل ۽ وجود جي شناخت جو پيچرو پيو ڳولي ۽ ائين هن جي بيتن مان بغاوت جي خوشبو ايندي هئي. اڄ بہ مون کي ياد آهي تہ ان وقت چانڊڪا جي شاگردن ۾ ناليوارو اديب ”رسول ميمڻ، شمس سومرو،“ اديب انقلابي تہ هئا ئي هئا پر قربان جي سرگرمين ڪري چانڊڪا ۾ تمام گهڻا ادب دوست پيدا ٿيا جيڪي اڄ مڃيل اديب آهن، علي احمد، مشتاق ڦل ۽ خادم منگي اڄ سوڌو لکن پيا.
جڏهن راڳ جي راڻي عابدہ پروين چانڊڪا جي اسٽيج تي ”سنڌو ديش مھان آ سائين“ ۽ جيجي زرينہ ”سامراجي ڪتا ڀونڪندا ڀل رهن پاڻ کي هاڻ آزاد گهرجي وطن“ آلاپيندي هئي جڏهن سڄڻ سنڌي جيئي سنڌ جو سائين، جيئي سن جو سائين“ ۽ رمضان سنڌي ”سنڌو ديش جي ڌرتي او توتي پنھنجو سيس نوايان مان، مٽي ماٿي لايان مان“ ڳائيندا هئا. اهڙي نج قوم پرستي واري ماحول ۾ بہ قربان جهتيال سنڌ جي ادبي ۽ ٽقافتي رنگ ۾ رنڱيل هو ۽ هن سھرن جي محفل وارو پروگرام ڪرايوهو ان دور ۾ اهڙن پروگرامن جي شاگرد ڪلچر ۾ گهٽ اهميت هوندي هئي پر جڏهن جيجي زرينہ ڇلڙو ۽ ساوڪ رت ۾ سانورا هيل نہ آئين تون، ۽ زيب النسا جھڙي اڇي منڊم، تھڙي پاولي جھڙو گورو صاحب تھڙي پاولي ۽ منھنجو ساهڙ، شل نہ رسي سارو لوڪ رسي تان رسي وڃي. جا آلاپ آلاپيا هئا تہ ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪرين بہ جهمريون پاتيون هيون. ان کان پوءِ ئي چانڊڪا جي ڪلاس جي الوداعي پارٽين کان وٺي فنڪشن تائين لوڪ گيت وڏي چاھہ سان ڳايا ۽ ٻڌا ويندا هئا ۽ اسان جي ڪلاس فيلو سرلا ڪماري ”هاڻ انڊيا ۾ رهي ٿي“ ڇلڙو ۽ اسان ماڻھو لاڙجا درياھہ جي پڇاڙ جا ڳائيندي ڳائيندي لڙڪ لاڙي ويھندي هئي.
ڪڏهن ڪڏهن اسان رستن تي ڇوڪرين کي ڇيڙي وجهندا هئاسون، ”جهڙي اڇي منڊم تھڙي پاولي“ ۽ جڏهن ڇوڪريون ورائي چونديون هيون تہ ”جھڙو گورو صاحب تھڙي پاولي“ ان وقت اسان جھڙا سانورا احساس ڪمتريءَ کان بچڻ لئہ ڪنڌ جهڪائي جلدي جلدي پري هليا ويندا هئا، قربان جهتيال چانڊڪا ۾ ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ پنھنجو ڪردار نڀايو. آءُ ڪڏهن ڪڏهن ريڊيو کوليندو هئس تہ مون کي اهي لفظ آٿت ڏيندا هئا تہ ”ڦلجي اسٽيشن کان قربان جهتيال“ ۽ مان سمجهندو هوس تہ هو ماٺ نہ ٿيوآ، هن جي ڊاڪٽر ٿيڻ کان پوءِ جي مون کي خبر ڪانھي پر ٻڌو هو تہ هو شخصي آزاديءَ جو ايترو قائل هو جو هن سرڪاري نوڪري نہ ڪئي خبر ناهي تہ هن گورک هل تي فيضل فيضو الکاڻي سان ڪچھريون ڪري ڪي ڪويتائون لکيون هيون، يا رني ڪوٽ ۾ رات رهي ڪو شعر لکيو هو، هن دادؤ جي ادبي سنگت ۾ڪھڙو ڪردار ادا ڪيو، پتو ناهي هن ڊائليسس جو درد ڪيئن ڀوڳيو، بيماري ۾ امداد جي اپيل ڪو نہ ڪئي پر هو تہ ڪئي سال اڳ ۾ هڪ شعر چئي چڪو هو،
تہ توکي دل نہ دردن واري
ڪھڙو توکي قدر اسان جو اي پٿر جا پوڄاري.
مون کي اڄ سمجهہ ۾ اچي ٿو تہ هو موهن جي دڙي جي بادشاھہ جو گيٽ اپ ڪري ڇو گهمندو هو، هو هن مٽيءَ جو خوددار ۽ وفادار ماڻھو هو، هو ڌرتيءَ ۽ ماڻھن جو ماڻھو هو، هو هن مٽيءَ سان ڪميٽيڊ ماڻھو هو. مان ڄاڻان ٿو تہ هو ورڻو ناهي. نہ ئي هاڻ ريڊيو چوندو تہ ”ڦلجي اسٽيشن کان قربان جهتيال“ پر هو مرڻو بہ ناهي، هو اسان جي دلين ۾ سدائين وسندو رهندو هن کي چانڊڪا جا اُهي پراڻا دوست ساريندا رهندا، جن هن کي صبر، همت ۽ امن سان بغير تڪرارن جي ڏٺو هو.

ڊاڪٽر نذيرشيخ جي لاڏاڻي تي تاثر

هوت آتشفشاني پربت جي لاوي جي رنگت جھڙو ڇوڪرو هو، جڏهن چانڊڪا ۾ پھريون دفعو آيو تہ اهو قمبري گروپ سنڌي شاگرد تحريڪ جو چانڊڪا ۾ نئون جنم هو، ان دور ۾ عسڪري برتري فقط جيئي سنڌ، سپاف، وٽ هئي ٿوري وقت لاءِ کڙتالي گروپ ٺھيو پر اهو بہ کڙتال ساز وانگر وڄي چپ ٿي ويو. پوءِ احمر مستي BSO جو بنياد وڌو پر اها تنظيم مير اشتياق ٽالپر جي شھادت کان پوءِ ختم ٿي وئي احمر مستي اڄ ڪلھہ آمريڪا ۾ بلوچ علحدگي پسندن جو ترجماني ٿو ڪري، چانڊڪا ۾ جميعت جماعت اسلامي گروپ ۽ جميعت مولانا فضل الرحمٰن گروپ بہ متحرڪ هو ائين ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ گروپ، پروگريسو جيئي سنڌ ۽ ڪميونسٽ گروپ جي شاگرد تنظيمون بہ ڪافي متحرڪ هيون ۽ ٻيون بہ ادبي سماجي ۽ ڪجهہ علاقائي تنظيمون بہ وجود رکن پيون. مارشلا جي سختي شاگرد تنظيمن جا اختلاف،بس شاگرد سياست ڏکيو جھان هيو، چانڊڪا جي سياست ۾ جيڪي ڪجهہ نالا احترام سان ورتا وڃن ٿا انھن ۾ نذير شيخ جو نالو نمايان آهي هن جو من صوفي هو منھنجي هن سان ڪا ياري دوستي بہ نہ هئي مزاج جي انداز مان ائين لڳندو هو تہ هي شخص سياست جو حقيقي شعور رکي ٿو، ڪنھن سان ناانصافي ٿئي، احتجاج ٿئي، ڪا سياسي جدوجھد ٿئي، هي اڳيان. هو ڪو فن خطابت ۾ مھارت ڪونہ رکندو هو پر نج سنڌي سادي سودي سٻاجهي سنڌي انداز ۾ بيباڪي سان سچ چوندو هو. مون نہ ٻڌو تہ هن ڪنھن سان اگرو ڳالھايو، نماڻو نہ جهڙڪ، نہ دٻدٻو، نہ دهمان، هو انتھائي سياسي مطالعو رکندو هو، ڊگها سياسي دليل نہ ڊگها سياسي بحث، هن چانڊڪا ۾ شاگردياڻين ۾ سياسي شعور ۽ سياسي جدوجھد ۾ ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار نڀايو ۽ شاگردياڻين بہ پنھنجي سياسي وابستگي ۽ نظرئي مطابق ڀرپور سياسي ڪردار نڀايو. چانڊڪا جي شاگرد تنظيمن ايم آر ڊي جي مومينٽ ۾ جيڪو احتجاج ۽ مزاحمت ڪئي ان ۾ نذير شيخ جو ڪردار نمايان هو، اسان وٽ اهڙا البيلا سياسي ڪردار مشڪل سان ملن ٿا، ملنساري کان مھمانوازي تائين، هن ۾ سڀ شيون منفرد هيون، مون نہ هن جي تڪرار جي خبر ٻڌي، نہ ڪردار جي هن جا ڪنھن جي ڏک تي نيڻ سانوڻي مينھن جيان برسي پوندا هئا. ڳاڙهو روسي ماڻھن جيان نظر ايندڙ اهو ڇوڪرو ڪنھن سرخ انقلاب جو اهو سپاهي نظر ايندو هو جنھن جو منھن مقدس موئن جي دڙي ڏانھن هوندو ۽ جڏهن هو پنھنجي پارٽي جي جلوسن جي اڳواڻي ڪري چانڊڪا جي روڊن تي گهمندو هو ۽ ڇوڪريون سنڌ هاري جي، سنڌ مظلوم جي، جا نعرا هڻندي، اسان ماڻھو لاڙ جا دريا جي پار جا اترڙو ٿو لڳي ڳائينديون هيون تہ ائين لڳندو هو تہ اهي نعرا سنڌ جي ماڻھن جي وجود ۾ اتر جي سيءَ وانگر سمائجي ويندا هئا ۽ ڏند هڙڪين ۽ ڏڪڻين کان پوءِ سنڌي ماڻھن جو وجود گرمائجي ويندو هو ڄڻ هاڻ هو سڌو انقلاب جي جنگ ۾ هليا ويندا، منھنجون هن سان بس ڪي ٻہ ٽي ڪچھريون ٿيون هونديون، هو گهڻو پڙهيل لکيل شخص هو، هو جدلياتي ماديت داس ڪيپيٽال پليجي صاحب جا ڪتاب طبقاتي جنگ معاشي اڻبرابري کان وٺي مذهب سائنس تي تمام سٺي ڄاڻ رکندو هو، هو حقيقي انقلابي هو جنھن کي حقيقي طور غريب ماڻھن جو الڪو هو ۽ هو معاشي اڻبرابري ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشان هو هن پنھنجي ڊاڪٽري تي ڪو ايترو ڌيان نہ ڏنو، ڇو جو هو فردي علاج بدران معاشرتي براين کي ٺيڪ ڪرڻ پيو چاهي، چانڊڪا کي ڇڏي ڪافي عرصو ٿيو آهي وري ڪونہ مليو، اڄ جڏهن هن جو وڇوڙو پڙهيو اکيون ڀرجي آيون تہ ماڻھو پنھنجي جدوجھد سان ڪيڏا نہ سچا آهن مرندي مري وڃن ٿا هو عام ماڻھو نہ ٿا ٿين، ۽ خاص ئي رهن ٿا، هن جي خوبين تي ايوب شيخ وڌيڪ لکي سگهي ٿو بس مان تہ هن کي ايترو ئي ڄاڻان ٿو.

۽ امان ﷲ پيرزادو بہ گذاري ويو

مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو تہ اسلام جي راوين محدثن ۾ سنڌي ماڻھن جا وڏا نالا آهن ابو معشر نجيح بن عبدالرحمٰن السندي مدني، امام اوزاعي، حافظ ابومحمد عالم سنڌي، ابوعلي سنڌي، ابواسحاق ابراهيم سنڌي وغيرہ. مڃيل اسلامي سنڌي عالم هئا. ائين اپشند ويد مھاڀارت ڀڳونت گيتا بہ مھان سنڌ جي سرزمين تي لکيا ويا. بابلي مصري اوائلي لکڻيون بہ سنڌو سڀيتا جي لکڻين مان لکيون ويون ۽ فلاطينوس ۽ فرفرس جا اوائلي تصوفي تصور بہ سنڌو تھذيب مان سکيل آهن. مصر جي ممين جو ململ ۾ لپيٽي ملڻ ۽ پئرامڊ جي اندر اڪريل اکر 3800 سو سال جي تاريخ رکن ٿا. پر سنڌي لکڻي موهن جي دڙي جي ٻولي 5000 پنج هزارسال جي تاريخ رکي ٿي هو بہ موهن جي دڙي جي دڙن تي گهمندي ميوزم ۾ ٻولي پڙهڻ جي ڪوشش ۾ وڃي ڪتابن سنڀالڻ جي ڪرت ۾ لڳي ويوهو. ڄاڻندو هو تہ ٺٽي کي پرچوگيزن نہ ساڙيو پر هتان جي ماڻھن جي فھم کي مٽائڻ چاهيو ۽ ائين مڪتب ڪتب خانا سنڌ جا سڙندا رهيا ٺٽو، بکر، سيوهڻ ڪتابن جي سڙڻ جي تڪليف ۾ هو، صدين کان پوءِ بہ پنھنجي سيني کي سڙندو محسوس ڪندو هو. پوءِ هو لائبرري سائنس ۾ پڙهيو ۽ خبر ناهي ڪيئن چانڊڪا ۾ لائبرين ٿيو. هو تھذيبن جي بقائن ۽ فردن جي ڏاهپ جوڙڻ ۾ ڪتابن جو قدر قيمت ڄاڻندو هو، منھنجي ڄاڻ سڃاڻ بہ ڪتابن وٺڻ ڪري هن سان ٿي ان وقت گهڻو ڪري شاگرد ڪتاب بوڪ بئنڪ ۽ لائبرري مان وٺندا هئا. تڏهن لائبرري ۽ بوڪ بئنڪ مٿي هونديون هيون ڪتابن سان سٿيل سيفيون ۽ صوفن واري بوڪ بئنڪ ۽ ڪبوتري کوکن وانگر وچ ۾ ڪاٺ جي ٽيبل تي ڪاٺ جي پردي واريون ٽيبلون ٻہ الڳ جايون هيون. هڪ ۾ بس چپ ماٺ وارو ماحول هوندو هو، پڙهڻ واري لائبرري ۾ گهڻو تڻو گلگتي ڇوڪرا ايندا ها. سنڌين جو ڪافي تعداد بہ لائبرري ۾ ايندو هو ڪي ڇوڪريون بہ لائبرري اينديون هيون، هو ماٺيڻو ۽ مزاج جو ڪڏهن بہ نہ انڪار وارو ساٿي هو، ڪوشش ڪندو هو تہ هر شاگرد کي ڪتاب ڏي شاگرد ائين نہ موٽي، هو ڪر ڪر ڪرڻ وار شخص هو ئي ڪونہ، ڪن کي لائبرري ڪارڊ نہ هوندو هو، پوءِ بہ ڪتاب ڏيندو هو ڪن کي ڪوٽا کان وڌيڪ ڪتاب بہ ڏئي ڇڏيندو ۽ چوندو هو تہ ڪو پڙهڻ چاهي ٿو تہ مان ڪير ٿيندو آهيان جو ان جي علم ۾ رنڊڪ وجهان. ڪئي شاگرد هن جا ڪتاب اٿاري ويا، ڪن کان گم ٿيا، ڪن هن کي موٽائڻ نہ چاهيا، هن نوڊيوز ڏيڻ ۾ ڪڏهن بہ ڪنجوسي نہ ڪئي ۽ ڪيئي ڪتابن جون چٽيون ڀريون، مان اسٽيج تي لائبرري ۽ بوڪ بئنڪ تي پيو پيروڊيون پيش ڪندو هوس. منھنجا ان دور جا ڪاميڊي ميم وڏو هٽ هوندا هئا، لائبرري وڃي ٻوسٽ جھڙي خاموشي ۾ ڪير ويھي اسان جي روم تي تاس سياسي ڪچھريون عام ڪچھريون، جام هيون، مڙئي پڙهڻ ڏي رجحان گهٽ هو، هڪ ڏينھن سينٽرل ڪينٽين جي در تي مليو چيائين ڪاڪڙا منھنجي چانھہ پي يا مونکي پيار سڃاتو تہ مانس پر هو مونکي ڪينٽين بدران لائبرري ۾ وٺي آيو، چانھہ بہ پياريائين ۽ چيائين ڪجهہ ڪلاڪ لائبرري ۾ بہ پڙهڻ ايندو ڪر سٺو ڊاڪٽر ٿيندين، پوءِ مونکي بہ لائبرري ۾ پڙهڻ جي چوس پئي، مان عصر کان پوءِ عشاءَ تائين روز لائبرري ايندو هوس، هو هميشہ آفيس ۾ ويھاري پڙهڻ لاءِ چوندو هو. جتي جو ماحول لائبرري جي بنسبت گهٽ خشڪ هو ۽ ان عادت ڪري مان امتحان دوستن بنسبت آساني سان نمايان طور پاس ڪيا. پوسٽ گريجوئيشن ڪميشن امتحانن ۽ پريڪٽس ۾ مون کي ڪا بہ دقت پيش ڪو نہ آئي هو لائبرري وقت تي کوليندو هو ۽ جيستائين ڪو شاگرد پڙهندو هو تہ ان کي هر گز نہ چوندو هو تہ اٿو مان لائبرري بند ٿو ڪيان، ائين ڪو پٽيوالو نہ ايندو هو تہ پاڻي جو جڳ کڻي هر شاگرد وٽ ويندو هو، هو سڀني شاگردن کي چڱي ريت سڃاڻيندو هو ۽ ڪو شاگرد گهڻو محو هوندو ۽ مصروف هوندو تہ وڃي پڇندو تہ دلبر چانھہ جي ضرورت تہ ناهي گهرائي وٺان ۽ هڙان وڙان خرچ ڪندو هو، دل گهڻو چاهيو تہ ڪڏهن وڃي امان ﷲ سان ملي اچجي ڪا هن کي چانھہ پيئارجي پر وقت جي ائٽ ۾ وهندي خبر ئي نہ ٿي پئي ڪڏهن ڪتيون اڀريون ڪڏهن ٽيڙو ويا ۽ ڪيئن وئي وهامي راتڙي اسان امان ﷲ جي محبتن جا مقروض آهيون. بس ڪوشش ڪيون تہ لائبرريون وسايون هڪ ڏينھن مان ڪنھن چوپڙي مان امتحان جو رٽو هنيو پئي، چوپڙي ڦري ويو مون کي ٽئڪسٽ بوڪ پڙهڻ جي عادت هن وڌي. الوداع اي دوست تون هوندين تنھنجون يادون هونديون ۽ چانڊڪا جي لائبرري ۾ ڪي دوست تنھنجي يادگار تصوير هڻندا ديوارن جي پڙاڏن ۾ ڪو ماٺيڻو مٺڙو آواز شاگردن کي وري وري چوندو چوپڙين پڙهڻ ۾ ڇاهي ٽيڪسٽ بوڪ پڙهو.

ڊاڪٽرنثار هڪڙو

هن جو سڀاءُ پرھہ جي هير جھڙو هوندو هو مزاج جو ميٺاج ڪوهن کان سکي مھيسرو واھہ جي ڪپ تي چھچ ساون وڻن وارو هن جو ڳوٺ هميشہ ٽالھي نم، سرنھن، انبن، کجين جي ٻور ۽ گلن جي خوشبو سان سرشار هوندو هو ۽ ائين من جي معطري ۽ محبتن جو سڳنڌ فطرت هن کي ورثي ۾ ڏنو هو. هو تہ هونئن نائين بيچ جو هو ۽ ان جو تعلق نائين بيچ سان هو پر ان جو گهڻو اٿڻ ويھڻ ستين بيچ وارن سان هو. جو گهوٽڪي گروپ جيڪو اسان جي بيچ جي شاهنواز سيال، اشرف ڪلوڙ، اعجاز شاھہ ۽ ديوانن تي مشتمل هو ۽ اسان بہ انھن سان رليا مليا وتندا هئاسين پوءِ اهو هاسٽل پنجين جو 34 نمبر ڪمرو جنھن ۾ مرتضيٰ کھڙو بہ رهندو هو، چانڊڪا جي انھن سياسي ڪمرن مان هڪ هو جتي گهڻا سياسي ادبي بحث هلندا هئا ۽ تاس جي چوباز ۽ چانھيون ڪچھريون ۽ وڏا وڏا ٽھڪ ان ڪمري جي نشاني هئا، ان گروپ ۾ ڪشموري گروپ ۾ رزاق لاڙڪ، جاني ڪلوڙ ۽ منظور ڪلوڙ، مشتاق سومرو ۽ عزيز سومرو بہ شامل هئا ۽ ان چوٽيھين ڪمري جي الڳ سڃاڻپ هئي جو ان ۾ پروگريسو جيئي سنڌ جو چيئرمين ۽ چار وائيس چيئرمين رهندا هئا. اها هاسٽل پنج ڇھين ۽ ستين بيچ وارن جي رهائش گاھہ هئي ۽ هاسٽل جي اڱڻ ۾ ڪرڪيٽ تي تحسين ۽ مشتاق نوناري جا هوڪارا ۽ رڙيون هونديون هيون. جاني تہ جاني هو اهو اسان جي بيچ جو دادلو دوست تہ گذاري ويو آ پر صوفي روح وارو رزاق لاڙڪ وڃي بابا فريد جو مٺڻ ڪوٽ وسايو هو. اسان ستين بيچ جي دوستن کي ايناٽامي پڙهائيندو هو ۽ ذهين شاگرد هو سائين ﷲ بچائي ۽ عبدالقادر شيخ جو اهو پيارو شاگرد خبر ناهي ڪيئن پٺاڻي خان جي ڪافين تي ڇڪجي بابا فريد جي ديس هليو ويو هو. مون سان 91-90 ڌاري نشتر هاسپيٽل ملتان ۾ مليو هو. مٺڻ ڪوٽ جو ماهر ڊاڪٽر ۽ ڪاروباري شخصيت آ، سو نثار سڀني سياسي دوستن جي سنگم ۾ غير سياسي سينڊوچ هو هن جو پھريون ڪردار تڏهن ظاهر ٿيو جڏهن هن جو ڪلاس فيلو چانڊڪا جو ڇوڪرو ابوبڪر ڪلوڙ Hepatic coma ۾ هليو ويو ۽ جڏهن ان کي ڪراچي رفر ڪيو ويو تہ هن ان جي علاج لاءِ اهڙي تہ مھم هلائي جو هن کي هڪ ڇوڪري روئي هٿن جون سونيون چوڙيون لاهي آڇ ڪئي تہ هن ان کي وراڻيو ادي اڃان ايترا بہ سڃا ناهيون جو توکان چوڙيون وٺون. ابوبڪر ڪلوڙ تہ نہ بچي سگهيو مگر نثار سرخروٿيو. نثار جي ڪواٽر ۾ ڪثرت جو سامان هوندو هو Body Builder۽ Weightlifter هو هن جا Biceps and Triceps فاسٽ ۽ فيورس جي هيري جھڙا هيا ۽ هو حقيقي رانديگر هو جڏهن چانڊڪا جي هڪ ڪوارٽر ۾ بم ڦاٽو هو تہ هن ڊوڙي وڃي زخمي ڪڍيا هئا. ائين چانڊڪا جي سپاف ۽ جساف جي جهيڙي ۾ هاسٽل ٻئي جي ڄارين ٻاهران فدا ميراڻي ڪنھن سان ڳالھائي پيو ۽ هڪ ڪامريڊ جي رائفل جي نشاني تي اچڻ وارو هو تہ هن ڪامريڊ کي الجهائي ڪواٽر ۾ وٺي پاڻي پيارو ۽ ڳالھين ۾ مصروف رکيو، اها ڳالھہ تہ فدا ميراڻي بہ نہ ٿو ڄاڻي تہ نثار ڪيئن هن جي مدد ڪئي ۽ جڏهن نثار ايم بي بي ايس ڪئي تہ هو بہ پنھنجي حسن جھڙا حسين خواب کڻي ڪراچي هليوويو. اتي هو LRBTٽرسٽ سان وابستا رهيو ۽ اترين علائقن ۾ بہ خدمتون انجام ڏنيون ۽ اکين جو ماهر بڻيو ۽ هڪ ڏينھن جڏهن ڳوٺ آيو تہ هن کي خبر پئي تہ ڪو حڪيم ٺڳ اکين جي علاج ۽ آپريشن بھاني اکين کي بليڊ هڻي زخمي ڪري پٽي ٻڌي فرار ٿيو هن انھن سڀني جو علاج ڪرايو، ان ڳالھہ هن کي ايڏو بيچين ڪيو جو هن ڪراچي جون رنگينيون ڇڏي مھيسرو اسٽاپ تي رحيم فقير جي آستاني ڏي ويندڙ رستي تي ڪلينڪ کولي. ياد رهي تہ رحيم فقير جي آستاني تي چرين کي ٻڌي سخت تشدد ڪري سياڻي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي ۽ ان ڪوشش ۾ هڪ کوسو مريض وڌيڪ چريو ٿي ويو ۽ ڪھاڙي کڻي ڪئي ماڻھو ڪھي ڇڏيا، نثارهڪڙي پنھنجي ڪلينڪ ۾ اُن ننڍڙي شھر ۾ اکين جي آپريشن جو ٿيٽر ٺاهيو ۽ ٿورن پئسن ۾ علائقي واسين جا آپريشن ڪيا ۽ ٻيو علاج بہ ڪرڻ لڳو ۽ ائين رحيم فقير وارا مريض بہ هن ڏي اچڻ لڳا ۽ رحيم فقير جو آستانو آهستہ آهستہ ويران ٿي ويو. نثار هڪڙي سان ڪجهہ طبي مسئلا بہ ٿيا ڪجهہ ڏينھن اڳ هن منھنجي ڀاءٌ حاجي محمديونس جي وفات تي افسوس لئہ فون ڪيو، هو بہ ڪرونا ۾ فوت ٿيو. سمجهان ٿو تہ ٻيو ڀاءُ بہ ڪرونا کسي وئي، نثار هڪڙي جھڙا شخص ورلي پيدا ٿيندا آهن، اهو تہ مھيسرو ئي ڄاڻيندو تہ هن ڪھڙو پرين پيارو وڃايو آهي.

گهريلو احتياط

مان گهر ۾ ڏوئي، منڌيڻو، سوٽي، اکري مھري، لٺ باٺو، ويلڻ، کُرپي، هٿوڙو ڇيڻي، واهولو، رنبي، ڪو ڀڻڇي ڀالو، سرسروٽو، ڪو پٿر، ڪوڏر، ڪھاڙي، بيلچو، چنجور، ڪاتي ڇري، چاقو ڪات، پيچڪش، انبور، گرمٽ، بندوق، پستول، تمنچو، رائفل، راڪيٽ لانچر، گهن مشين، رکان ئي ڪونہ، گهر ۾ پٽاٽا، گجر، موري، گوگڙون، ڪچالو، صوف، مالٽا، ناسپاتي، پپيتو، سردو، گرمو، گدرو، هنداڻو انڊو آڻيان ئي ڪونہ، ان لاءِ ڌڪن کان بچيو پيوآهيان، باقي پاڻ ڊبل روٽي سلاد سان کائون، گهر پلاسٽڪ جو، سمھون پلال تي، پياري منيرپتافي لاءِ حفاظتي گهريلو نسخو.

سنڌي ٻولي

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ”آفتاب ادب يا ساهت جو سج“ ۾ لکي ٿو تہ شاهوڪار ٻولي اها آهي جيڪا ٻين ٻولين جا لفظ بہ سمائي ۽ پنھنجا لفظ بہ ڏئي، سنڌيءَ ۾ اڳ انگريزيءَ جا چند لفظ شامل هئا، جھڙوڪ گلاس، اسٽيشن وغيرہ وغيرہ، ائين سنڌي ۾ عربي. پارسي، يوناني پشتو بلوچي، هندي، سرائڪي ۽ ڳولبو تہ ٻين ٻولين جا لفظ بہ شامل ملندا، جنھن ۾ پاڙيسرين ۽ ڏورانھين ٻولين جا لفظ پڻ شامل آهن. جيئن پورچو گيز اسپينش وغيرہ وغيرہ، سنڌو، جمنا،نيل، بابلي تھذيبن مان جنم وٺندڙ ٻولين کان وٺي چند ڪٽنبن تائين ڳالھائيندڙ ٻوليون ساھہ نليءَ مان نڪرندڙ، هوا، ڄڀ، تارون، وات، نڪ مان نڪرندڙ لفظ، ادائگي، لھجي ۽ ادا ٿيندڙ لفظ جو اچار، هر ٻوليءَ جو الڳ بہ ٿيو وڃي، وڏين ٻولين کان ننڍين ٻولين جي فردن جو تعداد، ٻوليءَ جو ارتقائي اسرجڻ، سرجڻ کان وٺي ناپيديءَ تائين سفر هلندو رهيوآ ۽ هلندو رهندو، قومن تي ڪاهون، لڏپلاڻ، وڻج واپار تھذيبن جو گڏجڻ ائين آهي. جيئن ڪنھن ڪٽنب جو شجرو آهي ۽ هر فرد جي پنھنجي شناخت آهي. ائين ٻولين جي پڻ، ٻولي رابطي جي ذريعي، تحريري يا زباني، ان کانسواءِ شعبن جي مخصوص نالن، سماجي رابطن، ادب آرٽ سڀ ۾ ان جو مختلف روپ آهي، اسان انگريزيءَ کي ڏسون تہ اُها بہ پنھنجي قديمي اصلوڪي صورت وڃائي ويٺي آهي. قديم يوناني، لاطيني، اسڪاٽ لينڊي اثرن تحت اردو وانگر لشڪري ٻولي ٿي وئي آهي. ساڳيو قصو عربي، ابراني جو آهي. ائين اسپيني ٻولي قديم آمريڪي ٻولين تي حملو ڪيوآهي. دنيا جون وڏيون ٻوليون پڻ دٻاءُ جو شڪار آهن. نسلن جي سماجي رابطن، گفتگو، فيشن سڀني ٻولين ۾ بگاڙ آندو آهي، خوش آئنده ڳالھہ اِها آهي تہ ٻوليءَ پنھنجو جياپو پاڻ ڳوليوآهي. ۽ اها فرد جي DNA جي اسڪرپٽ ۾ لکيل آهي، ايستائين ڪنھن بہ ٻوليءَ کي ڪو بہ خطرو ڪونھي جيستائين ان جو ڳالھائيندڙ جيئرو آهي. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ قومون ۽ ٻوليون ڪيترو طاقتور رهن ٿيون.
14 آگسٽ

ڪي خواب نيڻ جهروڪن ۾
منھنجي وڏڙن پاليا ها.
هو ننڊ نگر مان نڪتا ها
جنھن وقت دهلي جي قلعي تي
ڪي فرنگين، توبون داغيون هيون
مغلن جو دور اڏاڻو
قيدي بھادر بڻيو هو
تذليلين جي نذرانن سان
راڻيون روئي ساڻيون ٿيون.
سر ڪٽيا شھزادن جا
ڪڙيون شھزادن پاتيون هيون.
ڪاري پاڻي قيدي
هڪ هڪ ٿي مرندا ويا
پوءِ ڪي باغي پيدا ٿيا.
روپ وٺي، آزادي پروانن جو
ڪنھن ٿي شعر لکيا بغاوت جا
ڪن ساوا جهنڊا ٺاهيا ها.
ڪن ترانا پاڪ وطن جا
اڳ اڳ ٿي ڳايا ها.
ڪي زندانن ڪوٺين ڪڙين،
جن ديس، دروهي ماريا ها.
ڪن مکيءَ ۾ روپوش
بڻجي جھاز ڪيرايا ها.
ڪن ايوانن ۾ گرج ڪري
نغما آزاديءَ جا ڳايا ها.
ڪن ريل جو رستو
روڪيو هو.
ڪي باغي باغي ٽولين ۾،
چوڌاري گولين ۾.
ريٽا رت ۾ وهتا ها.
هڪ سورهيه بنجي
دار چميو
هو آزاديءَ جي نعرن سان.
پوءِ ڪانئر گيدي گوءِ ڀڳا.
لالن جي للڪارن سان
ڪو ڏينھن سڀاڳو آيوهو
ڌرتي هي آزاد بڻي
پرين 14 آگسٽ اهڙو ٿي
خواب پنھنجا آزاد ٿيا
خيال پنھنجا آزاد ٿيا.
ديس پنھنجو آزاد بڻيو
پر سوچ آوارہ ڳولي ٿي.
ڌرتيءَ جا انمول سپاهي
هو جو وڙهيا ها ويرين سان.

ٿڌڙي

ٿڌڙي اصل ۾ سنڌي هندن جو ڏڻ آهي. اِهو هندستان جي ٻين علائقن ۾ پڻ ملھايو ويندو آهي. راکيءَ کان هڪ هفتو پوءِ، قديمي چوڻي موجب ماتا ۽ ٻين چيچڪي بيمارين جي ديوي کي راضي رکڻ لاءِ، اڳي جڏهن ماتا جي بيماري ٿيندي هئي تہ مريض کي اڪيلائي ۾ رکيو ويندو هو. جيستائين بيماري ختم نہ ٿئي. ان کي چلو چيو ويندو آ. ۽ جڏهن 14 پندرهين ڏينھن مريض ٺيڪ ٿيندو هو تہ ان کي تڙ وغيرہ ڪرايو ويندو هو ۽ روٽ يا مٺيون مانيون پچائيندا هئا ۽ ڀڄن ڳايو ويندو هو. ”ٺار ماتا ٺار“ منھنجي ٻچڙن کي ٺار، پر هاڻي اُهي رسمون ٿڌڙي جي ڏڻ لاءِ پڻ آهن. ٿڌڙيءَ جو ڏينھن بہ مقرر ٿيل آ، ان ڏينھن مٺيون روٽيون، لولا، بيسڻ، دال ۽ سبزيون ڀينڊيون ڪريلا پچايا ويندا آهن ۽ کاڌو ٻئي ڏينھن کاڌو ويندو آهي. کاڌو ٿڌو کاڌو ويندو آهي. ان تي هندو دوست وڌيڪ لکي سگهن ٿا.

افتخار ميراڻي

افتخار ڀاءُ توهان جي بھترين فوٽو ۽ معلومات شيئر ڪرڻ لاءِ مان جڏهن دوستن جي بھترين طرز زندگيءَ جو ٻڌندو آهيان تہ نئون بنو ٿي ويندو آهيان هي گروپ اهڙي معلومات ڏئي ٿو، هن گروپ ۾ تاريخ ۽ ٻيون ڳالھيون بہ پڙهڻ ۾ اينديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن کٽيون مٺيون ڳالھيون بہ ٿي وينديون آهن. مان افتخار ميراڻي سان 2010 ۾ مليو هوس جڏهن ٻوڏ متاثرين لاءِ ڪم پئي ڪيم ۽ اوهان بہ WHO سان سلھاڙيل هيو ۽ امدادي ڪم ۾ مصروف هيو. هن گروپ ۾ اسان جا ٻاهر رهندڙ دوست اوهان، رزاق ڀٽو، اسدسومرو، رميش لال، اصغرشيخ، نثار، پرويزجبارصديقي ۽ ڪلاس جو ابن بطوطه منيرپتافي متعلق بہ ڄاڻ ملندي آ، اسان جا هندوستان ويل دوست گهٽ متحرڪ آهن خاص طور تي سرلاڪماري، ٻيا دوست بہ ٻاهر هوندا مگر مان نہ ٿو ڄاڻان، ۽ ها اسان جي ڪلاس جو ايڌي احمد سلطان لغاري پڻ فلاحي سرگرمين ۾ مصروف نظر اچي ٿو، مان پنھنجو Catharsis ڪندو آهيان، هن گروپ ۾ لکي.

مارئي

جڏهن اڍيجو پيءُ پنھنجي ڌي سنڌراڻي کي ميرن جي درٻار ۾ وٺي ويو تہ مير صاحب فرمان جاري ڪيو تہ اها ڇوڪري مير جي نڪاح ۾ ڏني وڃي. جيئن تہ اها ڇوڪري ننڍڙي هئي ۽ شاديءَ لاءِ انتظار ڪرڻ جو چيوويو، ميرصاحب عمر رسيده ۽ بيمار هو ۽ شاديءَ کان اڳ مري ويو، جيئن تہ اها ڇوڪري ميرصاحب جي مڱ هئي ۽ ان جي شادي مير سان ٿيڻي هئي، درٻارلڳي ۽ چيو ويو تہ جيڪو مير ان سان شادي ڪندو تہ ملڪيت تان هٿ کڻندو، حسن هٿان مير باگو ڪسجي ويو، ان سنڌراڻيءَ سان نڪاح ڪيو ۽ زمينون آباد ڪرائي ٽنڊي باگي جو شھر جوڙايو. ان دوران شاديءَ ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ، سنڌراڻيءَ جي پيءُ ۽ ڀاءُ کي عذر سان مارايو ويو. سوال اِهو آهي تہ اسان جي خوبصورت ٻارن کي ڪھڙا سماجي خطرا آهن ۽ انھن کي ڪيئن خبردار ۽ ٽرينڊ ڪجي، ڇو جو انھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪھڙيون چالون هلن ٿا، پريم، عشق، ان ڇوڪريءَ جي ذهن تي جو ڪو ماڻھو سوار ٿئي ٿو تہ پريمي جوڙا، ڪورٽ مئريجون، پيءَ کان خطرو تحفظ جون درخواستون، قتل، خودڪشيون، ڪالھہ مان ڊاڪٽر ماها شاھہ جو موت ٻڌي خوفزدہ ٿي ويس. سو مارئي بہ حسن ڪري اغوا ٿي. ان تي سڀ لوازماتون، تڪليفون آزمايون ويون پر هو پنھنجي ماڳن، گسن، ساهيڙين، ماحول سان ايتري تہ جڙيل رهي، جو ان عمر کي چيو تہ مون کي ماروئڙن سڃ ڳڻائي سيج ۾، سوان جي خوشحالي، غربت سان جڙيل مضبوط رشتي ۾ هئي. اچو تہ پنھنجي ٻارن جي تربيت ڪيون، انھن سان مضبوط رشتو جوڙيون ۽ انھن کي پاڻ سان جوڙي رکون.

عيد جي مبارڪ

سڀني دوستن، دشمنن، سڄڻن، ساڙيلن، سھڻن، ڪارڙن ڪوجهن، ڪٻرن، ليلن، ٻڪرن، ڳئن گابن گابين، رڍن، گهٽين، هرڻن، سانن، وڇين، ڪونھن، وهڙن، ڏاندن ۽ نفس جي غصي کي هن عيد تي قربان ڪرڻ تي عيد مبارڪ.
اسان اوسارن پرين سنڀاريون
سڳنڌ سڳنڌ ساھہ تنھنجا
هوا ٿي مھڪي اسان ٿا تنھنجا ساھہ سڃاڻون.

ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجي جي شعر جي تجريدي تشريح:

ورھہ ٿيا هن وري ڄڻ خزان جيان دل ڇڻي، پيار يادون سڪل پنن جيان پيو ٿو ميڙيان، پريم اڱڻ تان، نہ ڪنڱڻ وڳا هن نہ چوڙين چرچو، ڳچي هار ٻانھن جيان اڄ اڃان ڀي سالم، مگر ٽٽي ٿو سپنو، خاردار تارون دل سرحدن تي ڇڙو اڏاڻا سنديس پنھنجا، ڇنڊيا هن وار جهٽڪي ڪريا ها ڳوڙها بوند بنجي، هوا اڏاڻا نير پنھنجا، بادلن جي پرن تي ويھي، ڏينھن جي 60 هزار خيالن ۾ متان ڪا ياد منھنجي پيار احترام ويس ۾، خاموش نظرون اداس چھرو نہ چيل لفظ، خيال ۾ ئي کڻي سوچي وٺين، هو چاهيندو هو گهڻو پر احترام جي پابندين ۾، چئي نہ سگهيو. مان
توسان ڪيان پيار ٿو.

ڊاڪٽر حفظ الرحمان شڪارپور وارو

ڇا تہ خوشين کي مرڪن جي معراج تي پنھنجي ادائن، ڀوڳن، ٽوٽڪن جي چانڊاڻ سان ڪي ڪسرتي ڪرتب ڪري، ٽھڪن پڙاڏن جي مڌر آواز سان، فضا چانڊڪا ۾ هو ورهائيندو هو، موت هن تان ٽارو نہ ڪيو، ڪنھن سندر مور جيان آڪاش ڏانھن هو اڏاڻو کڻي، رنگ هن جي هر روپ جيان ڪيئن وساريان کڻي.
ائين خاڪسار وراثت سان چانڊڪا ۾ پر نور نور (نور محمد شجراع) سان، وڏا ٽھڪ نور شجراع جا، اڃان ياد هن پنھنجي وڏي موٽر مثل خيال ويچار هن جا بہ وڏڙا ها، هو جيئي ڀل جواني جيان ساگر جي مڌر شور جيان، سڏ پرين کي ڪري، ۽ وراڪن ۾ محبتون وٺي، جتي بہ هجي نور شجراع سدا خوش هجي!! ائي جڳديش بہ سوچ ويچار سان ڪنھن مڌ ڌار سان، پر جوش گڏ پيارن هجي.
هو سھيلو اويلو سنگت ساڻ ڪي مزا سيخ سويري وٺي، ائين اڳ اڌ رات اڱڻ پنھنجي اچي، ساجهر سمھي، رات شڪارپور جي دوستن جي ذڪر ۾ حفظ الرحمان سومري، ڊاڪٽر نور محمد شجراع ۽ جاني جڳديش ڪمار جو ذڪر رهجي ويو هو جتي نور ۽ جڳديش آهن سدا خوش رهن رياض هيسباڻي جا ياد ڪرائڻ جا ٿورا.

ڊاڪٽر ناصر جمال پٺاڻ

تنھنجا خيال بہ سھڻا
سوچ بہ سھڻي
ڦڙ ڦڙ جيڪا مينھن ڪڻي آ
تنھن سان جيڪا ڀون ڀني آ
خوشبو جيڪا کيتن ۾ آ
جيڪي مور ٽهوڪا موٽيا آهن
ڇوڪر جيڪي ڇيلڙا ڇيڪارن ٿا
۽ ٻڪر ٻيڪي جيڪا ٻاجهہ گهرن ٿا
پلر جا پالوٽ ٿي آ
چنچل چيلھين گهاگهر جيڪا ڇلڪي آهي
جيڪي گهگهرا پسجي ويا هن
وار وڪوڙي جيڪي ويڙهي
آڍي آڍي آب نچوڙي
تن اُت تون ٽھڪ ٻڌين ٿو
جيڪي واريءَ گس تي گاھہ ڦٽا هن
ڍورن ڍور ڍون ٿا جيڪي، تن جا
ات تون ٽپ ڏسين ٿو.
ٺوٺ چپن تي مرڪي
جيڪا مرڪ موٽي آ
ات جيڪا ٻاٻيھن ٻاڪار ٻڌين ٿو
کنوڻين جا کجڪار ڏسين ٿو
ڀاءُ جمال پٺاڻ مان ويٺو
ايئن ٿو ڀانيان
جيڪو جيءُ تنھنجي ۾
ٿر جو جيڪو روح وسي ٿو
ٽورنٽو جا منظر سارا، ڪي
مڌ ۾ مست رقص نرالا
توکان ڪين هو سنڌ کسيندا
جا دل تنھنجي ٿي ڌرتي ڌڙڪي
تنھن کان ڪيئن مان توکي ڌار او ڀانيان
جمال او جاني
جيڪو ڌرتيءَ سان پيار ڪرين ٿو
تنھن آڏو تعظيم ۾
منھنجا سارا لفظ جهڪن ٿا. . !!

پوسٽ مارٽم جي سلسلي ۾ درپيش مسئلا

جڏهن زارا منگي جو صحيح پوسٽ مارٽم نہ ڪيو ويو تہ ڊاڪٽرياڻين مٿان ڪيس ٿيو، اسان وٽ پوسٽ مارٽم جي متعلق عام خيال اهو آهي تہ جيڪا لاش جي وڍ چير ٿئي ٿي ۽ لاش جو جيڪو پوسٽ مارٽم ڪري جيڪي عضوا دل، ڦڦڙ، جيرو، دماغ، بڪي، تري، معدو، آنڊي جو ڪجهہ ٽڪر چڪاس لاءِ موڪلجي ٿو ان لاءِ عام ماڻھن جو خيال آهي تہ ان سان لاش کي کوکلو ڪجي ٿو ۽ لاش جي بيحرمتي ٿئي ٿي. ان لاءِ اهو عمل مائٽن لاءِ تڪليف جو باعث بڻجي ٿو ۽ ماڻھو پنھنجن عزيزن جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ نہ چاهيندا آهن اڪثر حادثن ۾ سمجهيو ويندو آهي تہ موت جو ڪارڻ واضع آهي ۽ ان ۾ بہ پوسٽ مارٽم خانا پوري لاءِ ڪيو ويندو آهي. جڏهن ڪو حساس نوعيت جو معاملو هوندو آهي تہ ان وقت امن امان معاملي سبب لاش وارثن کي جلدي دفنائڻ ڪري پوسٽ ماٽم بس خانا پوري هوندو آهي. اڪثر ڪري ڊاڪٽر ڪورٽ حاضرين کان لنوائيندا آهن ۽ پوسٽ مارٽم جونيئر ڊاڪٽرن کان ڪرائيندا آهن ۽ چوندا آهن فڪر نہ ڪريو، آءٌ اوهان کي لکرايان ٿو ان معاملي ۾ ليڊي ڊاڪٽرن کي وڌيڪ مسئلو ٿيندو آهي ۽ گهڻيون شاهديون ۽ اهم ڳالھيون رهجي وينديون آهن ۽ جڏهن لاش جي قبر ڪشائي ڪري لاش جو ٻيھر پوسٽ مارٽم ٿيندو آهي تہ اڳ پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر وڏي مصيبت ۾ اچي ويندو آهي. ڪن حالتن ۾ ڊاڪٽر گهر يا جاءِ واردات تي وڃي ڪنھن بہ سبب ڪري بنا پوسٽ مارٽم ڪرڻ جي پوسٽ مارٽم سرٽيفڪيٽ جاري ڪندا آهن پوسٽ مارٽم ڪندڙ گهڻا ڊاڪٽر گهٽ ڄاڻ رکندا آهن ۽ صحيح پوسٽ مارٽم نہ ڪري سگهندا آهن، هو جزن جو گهٽ مقدار وٺندا آهن انھن کي گهربل پاڻياٺ ۾ نہ رکندا آهن صحيح طرح پيٿالاجي Pathology يا ڪيميڪل ليبارٽري ڏي نہ موڪليندا آهن اهي ليبل ڪرڻ سيل ڪرڻ جي معاملي ۾ بہ غلطيون ڪندا آهن. اهي رت، پيشاب، معدي، آنڊي جو رطوبتون ڪن حالتن ۾ نہ وٺندا آهن. زنا کي ثابت ڪرڻ لاءِ swab ۽ DNA سيمپل بہ صحيح نہ وٺندا آهن هو طالب علمي واري دور ۾ Medical jurisprudence سبجيڪٽ کي گهٽ اهميت ڏيندا آهن ۽ ڊاڪٽري پڙهڻ کانپوءِ بہ انھن جي جوڳي تربيت نہ ٿيندي آهي هي ڪجهہ سببن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي پر اڪثر ڊاڪٽر پوسٽ مارٽم ايمانداري ۽ ذميواري سان ڪندا آهن جيئن ڪورٽ جي آڏي پڇا کان بچي سگهن ضرورت ان ڳالھہ جي آهي تہ حساس معاملن ۾ پوسٽ مارٽم سينئر ڊاڪٽر يا بورڊ کان ڪرايو وڃي.

زارا منگي جي موت جو الميو

ڀلا جهرڪي ڪيئن بازن جهٽي هوندي
اهائي سوچ ماري ٿي
وحشتن جا ڪري وار
هن جا ڪيئن پر پٽيا هوندا
اها ئي سوچ ماري ٿي
ڪري قابو هنن ماس نوچيو هوندو
ڪئي هن ڪوڪ ڪيئن نہ هوندي
رکي هن وات هٿ، چيخ کي ماريو
وحشتن جا ڪري پورا وحشي سڀ پئمانا
نڙي ڏئي گهٽو،
ٻڌي ڳل ۾ سرڪڻ ڦاهي
مترڪي ساڻ ماريو هوندو
ڪيئن هٿ ڀڳو هوندو
ڪري قابو چڪن سان
ڪتن جيان ڪيئن پٽيو هوندو
سماجي بگهڙن جي اذيتن سان
هن جي روح ۾ جا رهڙ آئي
سمورا گل سفيدي جا وئي چيري
مرڻ جي لمحن ۾ بہ هن گڏي
بيجان، لاءِ بہ هو هن امن اولو
نہ آهي همت ڪائي
ان جي موت جو الميو
لکان ڪيئن مان
قلم شرمسار ٿئي ٿو
چون ٿا نہ موت لڪندو آ
هر قاتل ٿيندو آ وائکو
هن امڙ دانھن پويان
ان نئين ديري قضئي ڪربلا جي
سوڳوارن جي اوڇنگارن سان
بند لاش کلڻ ٻاچڪي کان پوءِ ڳالھايو
وحشتن جي دهشتن کي ڏسي
مسيحائون ويون دهلجي ڪيڏيون
هن سنديون خاموش ڳالھيون
نادانستہ اڻ ٻڌيون اڻ ڏٺيون ٿي ويون
قبر مان نڪري پاڻ هن پنھنجا زخم ڏيکاريا
ڪيو واضع وحشين جي وحشتن کي وائکو
ٿيا مون درد ساماڻا،
اذيتن جي درد کي ڪيو محسوس ڪيڏو هو
نئين ديري جي روڊن تي
ڪري چيڪاٽ منھنجي ڪار
رني هئي زور سان ڏاڍو
ڇڻي پيون زيتون سڀ ٽاريون
ڪيون دانھون ڪبوترن
ڳيرا اڏاڻا ها
سڀئي جهرڪيون بہ هيسيل هيون
پر کڻي بستا ننڍڙا ننڍڙا، پتڪڙن قدمن
سمورين تو ساهيڙيون ويون
سڀ مڪتب ڏي
ان حوصلي سان تہ
تون سمورن وحشين کي وٺي ڳل کان
ڦاهي چاڙهيندينءَ
ٿيندا آزاد هي رستا
ڪتن جي ڀونڪڻ ڏاڙهڻ کان
امڙ بہ کير لاءِ ڪنھن زارا کي
اڪيلو ڪو نہ موڪليندي
سموري شھر جا مور پکيڙي پر
پنھنجا رنگ وکيريندا
اهو ماتمي رقص تن جو
وڏي واڪي پڪاري پڪاري
ڳوٺ ۾ چوندو
نہ ڪيو ڀروسو ڪنھن تي
هميشہ نظر پنھنجي سان ڪيو
نظرداري پنھنجي ٻارن جي
بچن جيئن هو وحشي ڪتن کان. . . !!


This poem is dedicated to dig irfan baloch sahibs efforts

ڊاڪٽر نور احمد شيخ لاءِ

نور تون بيچ جو نور آن
پرين سڀ ڪلاسي تو ويجها ڪيا
محبتن جو مخمور آن
سدا تون جئين خوش رهين
لڳي ڪو نہ ڪوسو واءُ ڪوئي
ڀلي تون نہ راکي سڳڙا ٻڌين
ڀيڻن جو ڀرجهلو ڀاءُ تون
گلابن ۾ رابيل تو لاءِ رکيا
جنم ڏينھن تنھنجي من ۾، مون ڪيڪ تولاءِ ڪٽيا
ٿيو دور آهين، تو درازي عمر لاءِ سجدا ڪيا. .

جنريشن

اسان جنريشن xyz جي جڏهن ڳالھہ ڪيون ٿا اسان حقيقت پسندي کان هٽندي جائزي مفروضي تجزئي ڇيد، وصف قائم ڪرڻ، ظاهري مشاهدي مطالعي پنھنجي سوچ جي ريپراس ڪرڻ کان پوءِ وهي جي ذاتي تشريح تي لھي اچون ٿا ۽ وهي جي رويي عمل منزل سوچ اڀياس کي پيش ڪيون ٿا ۽ وڪالت ۾ اسان ڀلجي وڃون ٿا تہ انساني جينياتي جوڙ جڪ ۽ instinct scripts هن وٽ سوچ جي تبديلي ضرور ڪندا، هن وٽ ماديت، روحانيت، وجوديت، بقا، فنا ڇو، ڇالئہ جا سوال جواب ضرور پيدا ٿيندا پر ڪروڙن سالن کان ارتقا ورتل هنن جو انساني جين ٽيڪنالاجي جي نظر ٿيندو، معاشرن جا انساني قدر ائين ختم ٿيندا، اڄ جيڪا ٻہ ارب انساني غربت آهي، وڌي چئن اربن تائين وڌي ويندي ۽ انساني وسيلن جي ڦورن کي وقت سان هلندڙ تبديلي پسند ذهين شخص چئي جائز چئبو، کين خبر نہ آهي تہ مالٿس جي نظرئي تحت ٽسيلا جي خواب واري برقي مقناطيسي لھرن ۾ ورتل ڌرتي ڪٿي پاڻ ڏي ڪنھن شھاب ثاقب کي نہ گهلي وٺي ۽ ڌرتي وري سنڍ نہ ٿي پئي هر وهي کي ڌرتي چنڊ سج وانگر محور گردشين ڦيرن کي ساڪنيت ۾ رهڻ کپي بس ڪنھن آڏو اچڻ سان وقتي گرهڻ انڌيرو ڪري وري روشني موٽائي ڏي ٿي.

پوليو جو نظم

امان مان چاهيان پيو
ڀاءُ منھنجو ننڍو
نہ هٿ ڦيري گهمي
ڄنگهہ موڙي گهمي
نہ هن جو ڪو
عضوو سندو
ڪو بيساهو هجي
نہ ڪو ان کي لُولو
منڊو ڪو سڏي
امان اڳ مون ويل
تو جو ڪوتاهي ڪئي
پوليو سندا ٻہ ڦڙا
جي نہ پياري سگهينءَ
ان خوف وهم کان تہ متان
مونکي اگهو هي ڪن
پوليو ورڪرن کان
تو جو لڪايو کڻي
ڪوڙ ڳالھايو کڻي
پيتل هن پوليو ڦڙا
منھنجي لال کي
ننديان ٿو امان تو ان خيال کي
صحت ساٿي سندا،
جي ٿا گهر گهر اچن
پياريو پوليو ڦڙا
هر هر چون
ڳالھہ تو ٻڌي جو اڻ ٻڌي جو ڪئي
معذوري مون کي عمر ڀر آ ملي
هي جي ڀيڻون ڀائر
جهڙ، مينھن، جهولي
اُس، گهُٽ، گرمي
گهر گهر اچن ۽ در در چون
امان ڀيڻ منھنجي ۽ سھيلي سندي
ٻار پنھنجي ٻہ ڦڙا پوليو پيارو کڻي
ٻار پنھنجو عمر ڀر معذوري کان بچايو کڻي
امان او امان ادا کي پوليو ٻہ ڦڙا پيارج ضرور
عمر ڀر ان کي معذوري کان بچائج ضرور
نہ ڪي هو مون جيان اتساھہ سان
راند ميدان ۾ ٿڌي ساھہ سان
بيساکين اچي ٻار کيڏندو ڏسي روئندو وتي
امان او امان
ڀاءُ دلدار کي
پنھنجي ننڍڙي پيار کي
پوليو ٻہ ڦڙا
پيارج ضرور
معذوري کان ان کي
بچائج ضرور. . . . !!

رحمان پيرزادي لاءِ

ڇا تو ۾ ۽ مون ۾ پرين
وقت ويرون بہ هن
لھر ساگر سندي مختصر ئي سھي
پر فاصلو ٿي رکي
پوءِ بہ سمنڊ ڇولي ڇولي
ڪو اڪيلو چوي
سلسلو وقت جو فاصلن سندو
ڇا ڌارائن کي ڪري ڌار ٿو
پيار پنھنجا پرين سمنڊ ڇولي جيان اڳي پوئتي
جنبيل ۽ جڙيل ٿا رهن
ڪيئن وساريان کڻي جي ڏنا ٽھڪ گڏ ها
هو وڏا بحث پرولتارين سندا
هو بورجوازين جون ڳالھيون پرين
هو ٻلهڙيجي جي گهٽين جون
ڳالھيون تو ڪيون
سرخ پرچم تو ڳچيءَ ۾ وڌو
هو ڪلاسن جي بئنچن تي گڏ ليڪچر ٻڌا
اها چانھہ چانڊيئي سندي پيتي گڏ هئي
اهي ميس مانيون ڪاريون چانھيون
اهي انڊي جا برگر
ڪي مينگو جوس پيتا گڏ ها
ڪاغذ نتيجا پاڻ کي ڪندا ڌار ڪيئنءَ
منزل بہ ساڳي اهي گس ساڳيا
ڀلا ڪا جا لمحي وتي تو جي ساهي
ڀلا دلين کان جدا ٿي پياسين
هاڻي گڏ آهيون اڳي گڏ هياسين
اڙي يار رحمان پيارا
ڇا يارن سان بہ ليکا ڪبا هن. . . . . !!

رحمان پيرزادو Batch seven جو انتھائي حساس ۽ ذهين شاگرد آ. هن کان سواءِ batch 7 اڌوري آ. هن جو نظم (تو ئي تہ چيو هو هيمنگوي ماياڪووسڪي وانگر، آءِ آءِ قاضي، ماٺيڻي اوٺي وانگر) ۽ اهو نظم انھن دهمڪي باز جذباتي عاشقن جي پيرن ۾ زنجير وجهندو تہ مان رائيس ڪئنال ۾ ٻڏڻ ٿو وڃان ۽ اهي لاهوري محلي مان پڪوڙا کائي موٽي ايندا ۽ واپسي تي چوندا ها جي اڄ رحمان پيرزادو نہ ملي ها تہ پوءِ منھنجو لاش ڊسيڪشن هال ۾ پيو هجي ها سو رحمان پيرزادو تہ اسان batch 7 وارن جي روح ۾ رهي ٿو.

ڊاڪٽر دولت بجاج لاءِ

ڇو موت اويلو آئين هئين.
ڪو ساھہ ڇني وئين سيني کان،
۽ بيچ ستين نگيني کان،
هو ورهين کان بيچين هيو.
ساٿي ميڙي سفرن کان،
ڪو هيرن هنڌ گڏ ڪري
هر ڪنھن نالي سڏ ڪري
هو چاهي پيو
ڪا ادي عذرا ايندي لاڏ ڪري
۽ سرلا پنھنجا سانگ ڪري
ڪي گيت ويڳاڻا
حميرا جا ايندا جو آلاپ ڪري
ڪو برٿ بہ نچندو دڦليءَ سان
ڪو شبير ماسي تاڙيندو
ڪي گيت سريلا جهرڻن جھڙا جهونگاريندو
نچندو جلباڻي جوش ڪري
۽ هوريان هوريان هوش ڪري
ماضي پنھنجي موٽ ڪري
هرڪو هستي ميٽيندو
چانڊئي چانھہ هوٽل وارا
ٽھڪ پراڻا وڏڙا ننڍڙا ننڍڙا
نيڻن نير وهائي
نڪ سڳورو سنگهہ سندو
سڻڪي سڻڪي واءُ وکيرندو
مرڪون منھن تي ٽيڙي ٽيڙي
سرتن سيني لائي پنھنجو
وڏڙا ڀاڪر پائيندو
ننڍڙي ڪنھن ٻار مثل
پل ۾ روئندو پل ۾ کلندو
۽ محفل پنھنجي وجد ۾ اچي

رقص نوان ڪي ڇيڙيندي
محبت موتي ميڙيندي
هو وڇڙيل ساٿي گڏ ڪري
ڪا رهيل اندر جي ڳالھہ ڪندو
هن جا جيڪي سپنا ها
ڪنھن شھزادي جي خواب مثل
هو هڪ جيڏن سان هُج ڪري
هٿ ۾ ڪافي مڳ ڏئي
ننڊ ڦٽائي نيڻن جي
رهيل ڪي احوال ڪري
هو ڄاڻي پيو
هن من پکيئڙو ڦڙ ڦڙ ڦتڪي پيو
ڪنھن ڏورانھين پرواز لئي
ها هن جي هڪڙي خواهش هئي
پنھنجا پراڻا ساٿي ساڻ ڪري
هو وڇوڙي ويل بہ پنھنجا
سارا يار ملائي ويو
بنجر بنجر نيڻ منھنجا
ورهين کان ها جي ڳوڙهن آجا
سي ٽم ٽم نيڻ ٽمائي ويو
هي سڏڪا سڏڪا هڏڪيون منھنجون
هن کي هڪڙي ٿا ڀيٽا ڏين
دولت تنھنجو سور نرالو
ايئن اسان وٽ رهجي ويندو
جيئن تون جيون جڻ ۾
بيچ ستينءَ سان جڙيل هئين
ڪنھن جيو گهرڙي DNA جين مثل. . . . !!!

منھنجي چانڊڪا

(1) منھنجي چانڊڪا
نغما ڳائي جت هوا
سو ديس مسيحا مولا شاد رک
پيار سان استاد جت پاڙهين ٿا
حسن وارا جت هانءُ ٺارين ٿا
تن حسينن سندي هي دنيا مولا شاد رک
(2) جت يوڪلپٽسن تي پکي لاتيون لنون
گل رابيل چنبيلي گلاب
معطر رستا ڪن
کل خوشبو سندي هئي جت مرينا
سو ديس مسيحا مولا شاد رک
(3) هو جوان جي وطن جا منصور هن
جن وٽ سندا نہ پر سنڌ سور هن
تن ڳڀرن کي ڏنا هن حوصلا
سو ديس مسيحا مولا شاد رک
(4) جت رساما پاڻ رئندا هيا
پاڻ پلپل پرچڻ لاءِ آتا رهيا
هيا پرين سڀ چلولا
پر رهيا سڀ با وفا
سو ديس مسيحا مولا شاد رک
(5) جت مورڻين جيان پير پدمڻين کنيا
بڻي بت سڀ تن کي ڏسندا رهيا
چال ۾ جا ڇال هئي
ڄڻ هرڻين پير ڌيري کنيا
سو ديس مسيحا مولا شاد رک
(6) ڪَلي جا برن ۾ اڀري هئي
شوق جوش سان جا ٽڙي جو پئي
لوڪ حيرت ۾ ڏسندو رهيو
هانوَ دشمنن جا سڙندا رهيا. . . . !!!
سو ديس مسيحا مولا شاد رک. . !!

Few lines from a long poem muhnjy chandka ja page of past
ڊاڪٽر شفقت شيخ، ڊاڪٽر ولايت گوپانگ، ڊاڪٽر اسحاق ملڪ شھيدن جي نانءُ. . جي ڪرونا ۾ ڊيوٽي ڪندي شھيد ٿيا.

ڪيا قاتل ڪرونا قھر ڪيڏا
ويا ڪونڌر وڇوڙن جي ويرانن ڏي
اڃان ڪنھن رات تارن واري ۾
شفقت، ولايت، اسحاق اڱڻ
وني ڪنھن آس ويٺي آ
ابر بادل سارا وسن ٿا نيڻ گجگوڙن ۾
اهي نير ٻوڏون ويون ٻوڙي سڀ خوشيون
اڃا ڪي ٻار انتظاري هن
اسان بابا وڳا ڪي عيد آڻيندو
اهي ديدون ٿڪيون
وريا ڪين وڻجارا
وڇوڙن سنديون راتيون اڃا اونداھہ ۾ آهن
اها ٽم ٽم سندي تارن اکين کي جوت ڇا ڏيندي
ٻڌو آ تمغن شجاعتن لاءِ
انھن جوڌن سندو نالو
ويو آ يار ايوانن ۾
ملي ڪا موٽ او اهڙي
اوجاڳا بہ سجايا ٿين
شھيدن کي ملي رتبو شھيدن جو
اسان جو يار پوءِ عيدون
لمحي لمحي اسان جو روح ٿو تڙپي
اها ٻڪرن، دنبن، اٺن، گابن،
سانن، ڳئن، مينھن، رڍن، ٻڪرين، هرڻن
سندي ڪئي آ لوڪ قرباني
ڪئي پوري سنت ابراهيمي
اسان مسيحن ذوق ابراهيمي،
ڏني ماڻھپي خاطر،
سندي جان قرباني
اسان جي عيد پوءِ ٿيندي
جڏهن جوڌن قرباني، مڃيندي قوم قرباني
اسان فرض مسيحائي
ذوق ابراهيمي ڪرڻ آتو
درد فنا خاطر جان قرباني. . . . !!!

جيئن ملڪ جلباڻي سڃاڻان مان. . . . !!!

دراوڙي سانوري لوڪ جي روپ جو اصلي ڏيک ڏيندڙ ملڪ جلباڻي اڄ رٽائر ٿيو آ، موهن جي دڙي جي ڀرپاسي بکو ديرو ۾ پيدا ٿيندڙ هن ششو جي سرير ۾ ڪنھن مھاپرڀو جي خمير جھڙي مٽي ڳوهيل آهي وجود جي سمورن سون ورنن عنصرن جو اثر بہ سون ورنو اٿس هن ٻالڪپڻي جي پيرڙي پنڌڙي ۾ ئي مھاتمائي درجو رکندڙ باباءِ سنڌ جا قصا ڪھاڻيون سڏ سنيھا سڻيا هوندا جڏهن بابا سنڌ حيدر بخش جتوئي لوڪ مان لڏيو تہ هي پرائمري پاس ڪري ويو پر ان سمي ئي هي وجودي، فڪري طور ان سان ڳنڍجي ويو ۽ شايد ان وقت ئي هن ششو جا جينياتي جزا ان ڪٽنب سان ڳنڍجي ويا. ملڪ جو بابا ضرور بہ ضرور باباءِ سنڌ جو ساٿي سھيلو يار دوست يا سياسي پوئلڳ پرستار هوندو علم تہ هن جي گهر جي اڱڻ تي روز ورهائجي ونڊجي ايندو هو هن جو استاد بابا هن کي صوفي سلوڪ جا سڀ سبق ننڍپڻ ۾ پاڙهي ڇڏيا جو هن مٽي، ملڪ، ماڻھو نہ مٽيا ۽ انھن سان واڳجي رهيو. مَلڪ سان منھنجي ملاقات فرسٽ ايئر ۾ هن جي پراسرار نالي شخصيت ۽ ماٺيڻي پڻي ڪري ٿي اهو ڪينٽيني بحث اسان کي جوڙي ويو منھنجي ڪاليجي اڪيلائي مزاج ۾، هن جو ڪردار مون سان ڪو ويلنٽ بانڊ جھڙو رهيو جو اڄ تائين دوستي جي ان ڌاڳي سڳي ۾ سبيل آهيون پوءِ جڏهن فائينل ايئر پاس ڪيو تہ شاھہ جي بيت وانگر قرار وارا ڪڻا فراق جي ڳاھہ ۾ ڳاهجي ڌارائون ڌار ٿيا ۽ ٻيھر نہ ملڻ جي امڪان کي ملڪ پورو ٿيڻ نہ ڏنو هو رابطي ۾ رهيو هن سان ايڪڙ ٻيڪڙ ملاقاتيون ٿينديون ئي رهيون خبر ناهي هن urology کي ڇو چونڊيو هن سان هڪ ملاقات شيخ زيد لاهور ۾ بہ ٿي جتي fcps part 2 جي ٽريننگ ڪري رهيو هو، اهو سوال مان هن کان اتي بہ پڇيو ۽ جناح اسپتال ڪراچي جي PG هاسٽل ۾ بہ پڇيو هن جو هڪڙو ئي جواب هوندو هو، پٿري جو شديد سور ٿيندو آ جيستائين پٿري نہ نڪري يا گردو نہ خراب ٿئي، ان درد جي احساس کي هن مريض وانگر ئي محسوس ڪيو ۽ درد جي پيڙا ۾ پاڻ پيڙجيو. اتر سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي پٽي جي غريب هارين ڌنارن يا رهاڪن ۾ واهن ڪسين ڍنڍن ڍورن تلائن دريائن جو گندو پاڻي واپرائڻ ڪري پٿريون ٺھيو وڃن بڪين جا ڇاڻا ڳرا عنصر ڇاڻي نہ سگهن، هاڻي تہ جر جا نلڪا بہ معدنيات ۽ زهريات جي معمولي ماترائن مان جهجهي ماترائن ۾ بدليا آهن. پٿري ۽ سور ائين آهي جيئن سسئي ۽ سور، سسئي تہ ٻاهرين پٿرن جبلن لڪن سان وڙهي هن مرض ۾ تہ پٿر وجود جي اندر آهن، سو سور عارضي، امڪاني ناهي پر دائمي آهي. ڪڏهن ڪپي، ڪڏهن ڪوري، ڪڏهن چڀي، ڪڏهن ڪتري، ڪڏن مدهم تہ ڪڏهن شديد سور، سو ملڪ جو ان شعبي ۾ وڃڻ اتفاقي يا حادثاتي ڪونھي پر هو پاڻ پيڙهجي ان شعبي ۾ هليو ويو. اسان وٽ مريض پٿر بہ محبوب وانگر پالن ٿا ننڍو پٿر وڌي وڏو ٿئي، مجال آ جو ڪڍرائن. منھنجو هڪ آمريڪي ڊاڪٽر دوست ڊاڪٽر جيف ولميس جيڪو چپ تارون ڪپيل مرضن جا ڪئمپن ۾ مفت آپريشن ڪرڻ ايندو هو چوندو هو اوهان وٽ ماڻھو تڪليف سور ۽ جسماني نقصن سان ڇو ٿا رهن ان جو بروقت علاج ڇو نہ ٿا ڪرائن. دنيا تہ ان وقت بہ اچرج ۾ اچي وئي جڏهن ملڪ جلباڻي وزير محمد جو 620 گرام جو گردي مان پٿر ڪڍيو ۽ ملڪ جو نالو گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ اچي ويو. هن جو سور کي اسور بنائڻ جو مشغلو ٿي ويو ۽ ائين ئي چانھہ پڪوڙن سان هن آفيس ۾ ٻڌايو تہ هو سرڪاري وارڊ کي وڌائي ۽ جديد پيو بنائي پاڻ بہ پئسا پيو ڏئي ۽ دوست بہ مدد ڪن ٿا. مان بہ روايتي دوست وانگر صلاحن جي ڀرمار ڪري ڏني. دڪو داخل ئي ڪو نہ ٿيندئي مورڳو مشڪلاتون وڌندئي يار ڪو ٻاهر اديب رضوي وانگر انسٽيٽيوٽ ٺاهي نالو پيدا ڪر. مان هن کي لاڙڪاڻو خيرپور روڊ تي پلاٽ وٺڻ ۽ اسپتال ٺاهڻ تائين سڀ ڪم سولا ٻڌايا پر هن جو هڪڙو ئي جواب هو پرائيوٽ ۾ مريض پرائيويٽ احساس سان اچي ٿو خيراتي اسپتالن ۾ ماڻھو غربت جي احساس سان اچن ٿا پر جڏهن هو سرڪاري اسپتالن ۾ اچن ٿا تہ امير يا غريب ان سوچ سان اچن ٿا تہ اسان سرڪار ۽ عوام جا نوڪر آهيون بھتر آهي تہ مريض مالڪ جي احساس سان اچن ائين ئي هن اعليٰ تعليم جي احساس ۽ اهميت کي سمجهيو ۽ سنڌي شاگردن جي اخلاقي مالي مدد بہ ڪئي خاص طور تي اتر سنڌ ۾ پوسٽ گريجوئيشن لاءِ هن جي ڪوششن کي وساري نہ ٿو سگهجي. اهليت جي اهميت کي هن نرالي انداز ۾ ڄاتو. منھنجي هڪ دوست جي پٽ جوfcps part 2 جو امتحان هو دوست سان گڏ مليومانس سفارش ڪيم ڏاڍو رکو جواب ڏنائين اسماعيل پاس ٿيندو تہ ناپاس نہ ڪندو مانس. هن جون لاڙڪاڻي ۾ مريضن لاءِ سالن تائين ڪيل ڪوششون ڪارناما وسارڻ جھڙا نہ آهن. هن کي انتظامي عھدن سان ڪو لڳاءُ ڪو نہ هو، هو هر حال موسم ۾ پنھنجي ڪسب جي ڪرت ۾ محو هو. اڄ جڏهن هو سرڪاري ذميوارين کان آجو ٿي سمھندو تہ هو سپنن جي دنيا ۾ ٻالڪپڻي کان اڌ اڇي اڌ ڪاري مٿي جي سفر تائين سوچيندو هن جي جيڏن سرتين جي کانڀاڻين جا ٺڪاوَ ڪڻڪ مان آڀو پٽي کائڻ، ڪو ڏڌڻي، ڏوڪا، کارڪان، انب، انبڙيون،ٻير، زيتون پٽي کائڻ، ڦر ڦرسوٽو، لڪلڪوٽي راند اسڪول ۾ترنم سان سبق پڙهڻ، مٺڙي امڙ جي هنج ۾ سمھڻ، جواني ڪاليج شادي جا لاڏا، سھرا، پوءِ پيشيوراڻي زندگي جو روٽين مريض انھن جا سور، ڪم ڪرڻ خبر ناهي هو ڏاهپ جي سپنن ۾سوچيندو هوندو ڪو جين ڳولي وٺان. Dolphin جي بڪين جي ڄاڻن جيان انھن ۾ پٿر ٺھن ئي نہ، انھن وڏي عمر جي سنڌ جي ماڻھن جو وهيل مڇي جي دل جي خود مرمتي جيو گهرڙن جيان عمردرازي جو راز ڳولي وٺان وڃي جو ماهوٽن، ڏوڪري جي زرعي ماهرن کي چوان تہ ڪپھہ جي سفيد گلن وانگرڪي ساوا، ڳاڙها، نيلا، پيلا، واڱڻائي، گلابي، گوگڙا پيدا ڪيون جيئن لباسن جي رڱجڻ جو عمل ئي نہ ٿئي ۽ نہ ڪا ڪيميائي گدلاڻ ٿئي، اهو مان ان ڪري ٿو لکان تہ اسان اڃان سنڌي ڏاهپ کي سڃاتو ڪونھي اسان اڃان سنڌي سماج سڌارڪن کي ڄاتو ئي ناهي اسان وٽ ايڌي ۽ اديب رضوي مھان آهن پر ڊاڪٽر سرلا اوڌو داس چيلا سنگهہ ميٺارام ۽ سوڀراج اسان ڪو نہ سڃاڻون ٿا، اسان سنڌي ماڻھن جي ٽيلنٽ کي نہ ٿا ظاهر ڪيون ۽ نہ ئي انھن کي برداشت ڪيون ٿا. مون کي ياد آهي 2010 جي ٻوڏ کان پوءِ چانڊڪا ۾ سيمينار ٿيو هو جنھن ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي تي القابن ايوارڊن ۽ اعزازن جي بارش ٿي هئي. منھنجي ڀر ۾ ويٺل چانڊڪا جي هڪ ڊاڪٽر رڙ ڪئي هئي تہ ٻڌايو تہ سائين ڪيو ڇا آهي چانڊڪا جي انھن ڊاڪٽرن جن ڏينھن جا ڏينھن بک، اڃ، گرمي،ٻوسٽ جي هوندي بندن تي ٻوڏ متاثرن ڪئمپن ۾ ڪم ڪيو ڪن کي نانگ کاڌو، ڪن کي وڇن، ڪي لانگوٽا ٻڌي تري مڏن تي مريضن کي دوائون ڏئي آيا انھن جا اعزاز ڪٿي آهن؟ مان نہ ٿو چوان تہ اديب رضوي جون خدمتون معمولي آهن پر وقت موافق حالتون، سرڪاري سرپرستي، بجيٽون، چندا، مرلي، بخش علي، منظورملاح جون پوڙهائپ تائين اوجاڳا ڊيوٽيون خدمتون پر سرخرو تہ اڳواڻ ئي ٿيندو ۽ انھن جي مرتئي تي ڪو وارڊ جو نالو بہ نہ رکبو. ﷲ کين وڏي حياتي ڏي، ڊاڪٽر ملڪ جون مسڪين مارن لاءِ ڪيل خدمتون ڪي بيان ڪرڻ جھڙيون ناهن هن جي شخصيت جو معتبرپڻو اهو ئي آهي تہ هو ڌرتي جي ماڻھن جي خدمت جي رومانس ۾ ورتل آهي هن لاڙڪاڻي ۾ سوئيڪارنوڪمال اتاترڪ جا يادگار ڏسي جواني ۾ ئي سوچي ڇڏيو تہ هن وٽ قومپرستي اعتدال پسندي قيادت ۽ ذهانت انساني معراج تي آهي هو مذهبي رنگ نسل متڀيد جي سوچ کان آزاد آهي. هو پنھنجي عقيدي سياسي وابستگي سان بس انساني اصولن تحت ڳنڍيل آهي. هو سوڀي جو ساٿي پليجي سان پيار ڪندڙ آهي پرهن جا محبوب سنڌ جا ميرانجهڙا ماڻھو آهن جن جي بڪين، پيشاب نالين، مثانن، آلت نالين مان پٿر ڳولي ڳولي ڪڍي ٿو. هو پيشاب جي رنڊڪي غدودن کي ڪپي ڪوري ڪڍي ٿو. هن شير شاھہ وانگر فسٽيولا ڪھاڻي لکي سنڌي ماڻھن جي پٽڪن تي پيشاب پئٽڻ جي ڪوشش ڪو نہ ڪئي آ يا نام نھاد نالي ماتر ڪئمپون ڪو نہ هنيون آهن پر هن زچگي جي ڏتڙيل انھن مستورات جي اذيت جي انھن سوراخن کي جي بدبودار خارجي مادن سان ڀريل رسندا رهن ٿا، اذيت جي رطوبتن جي انھن مڪانن کي سيبا ڏئي، سبي ميساري ڇڏيو آ، ڪو شايد سمجهي تہ هو منھنجو دوست آهي ۽ مان هن لاءِ جذباتي ٿي لکان ٿو پر اهو سچ آهي تہ مان هن لاءِ الاهي ٿورو ٿو لکان پر ملڪ گهڻو وڏو آهي هو بہ ڊاڪٽر انيل نھال وانگر آمريڪا، برطانيا يا آسٽريليا وڃي پئسا ڪمائي پرسڪون زندگي گذاري پئي سگهيو مگر هو اوائلي سنڌي لوڪن جي رڙين، ڪوڪن، سڏن کي نظر انداز نہ ڪري سگهيو ۽ هتي لاڙڪاڻي ۾ ئي رهجي ويو ۽ اميد آهي تہ هو پنھنجي سمورين مسيحي انساني آدرشي صفتن سان وڌيڪ متحرڪ نظر ايندو.

محمد خان شيخ سي، آر، جي رٽائرمينٽ جي موقعي تي لکيل

هو موهن جي دڙي جي ڪنگ پريسٽ جھڙو ڪردار آهي. سانورو،سٻر جوان، چاپئين ڏاڙهي ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪنگ پريسٽ جو جانشين آهي. اسان ڪنگ پريسٽ لاءِ گهڻو ڪو نہ ڄاڻون ٿا پر جينياتي بنيادن تي دعوا ڪيون ٿا تہ موهن جو دڙو امن جي سرزمين هو، خوشحال خطي جو مھاپرڀو مھان هو. محمد خان شيخ بہ ان ڪنگ پريسٽ جي ارتقائي جديد ايڊٽ ٿيل ڪو انيڪ روپ آهي. محمد خان بہ اجرڪ اوڍي اسٽيج تي خاموشي سان ويھندو هو تہ هي بہ سرواڻي جون سندر سڪون لاهيندو هو. 4 اپريل جي واقعي کان پوءِ اسان غالبن اپريل ۾ چانڊڪا ويا هئاسون، ڳڙهي خدابخش ويندڙ بس ۾ هي خاموش جوان سڀ کان منفرد هو سڀ سان ائين مليو ڄڻ سالن کان واقف هجي، ڀٽي صاحب جي قبر تي رکيل بوڪ ۾ تہ هن پنھنجي محبوب ليڊر لاءِ الائي ڇا لکيو پر هن جي مک جي تاثرن مان ائين پيو معلوم ٿئي ڄڻ هن پنھنجي گهر جو ڀاتي وڃايو آهي. ڀٽي صاحب جي بٺي جي مٽي جي ڀيني خوشبو ائين هئي ڄڻ آسمان رنو هجي ۽ ڌرتي مرحوم جي مھڪار ورهائي هجي. شايد محمد خان شيخ بہ ان واس سان واسجي موٽيو هو ۽ ان خوشبو جي مھڪ هن زندگي ڀر ڪو نہ وڃائي. نئين ديري جي زيتونن جي باغن جي لامن تي لڏندي هن ڳيرن ۽ ڪبوترن کي غور سان ڏٺو ۽ خيالن جي خلائن ۾ اندر جي سمورين ڪائناتن ۾امن کي اوتي ڇڏيو ۽ ڀٽائي جي ڪردارن جوڳين، گرنارين، گورکناٿين، لاهوتين، کاهوڙين، سامين، سناسين جھڙو ڪردار ٿي ويو. جستجو محنت، صبر، محبت ۽ مان هن جي ذات جا جز ٿي پيا، کٿوري جھڙي کل، مشڪ جھڙي مرڪ، هن جي ساهن جي اڏارن سان ورهائبي هئي، هن نہ ڪنھن کي جهڻڪيو، ڪنھن سان نہ جهيڙيو، نہ ڪوسوٿيو، نہ ڪڻڪيو، نہ غصو، نہ گٿو ڳالھايو، پر هر غم ۾ غمگذار ٿيو. مائي ۽ مٺائي جي شھر جو هو ڇوڪر نہ چلولو ٿيو نہ ڇيڏرو. مانجهند، لاکاٽ ۽ ناٿن شاھہ تي قھر نازل ٿيو ۽ ان ڪيسن تي بہ منڊيلائي ماتم ڪيو هو. سوگواري صبر ۾ هن جي اکين جي جهروڪن جا بادل خوب برسيا هئا هن جو هاسٽل 5 وارڊن واروڪمرو سڀني جو آٿت آشرم هو ۽ هڪ در واري ننڍڙي فرج ڪا اڌراتي بکايلن لاءِ لنگر خانو هئي. هن سدا حياتي ستين بيچ جي CR سان سڀ ڪلاسي هجائتا هيا ڄڻ هن جا عزيز اقارب هجن. ٽوڪ، ڌنڪ، مذاق،مشڪري کي تہ کنگهندو بہ ڪو نہ هو، ڪلاس جا مرد هجن يا مستورات، بيرا هجن يا بورچي ڊرائيور هجن يا پٽيوالا هن وٽ ذات ڌرم عھدو حيثيت عارضي هئا. هن جو صوفي سلڇڻو روح سڀ کي ساڳيو مان ڏيندو هو. ڪلاسين کي ساھہ جي مالھا ۾ ائين پوئيو ۽ پچاريو جو هرڪو پنھنجو ڏک، تڪليف، اهنج، ايذاءُ معاملو، مسئلو هن وٽ ڇڏي ايندو هو ۽ هو سمورا سور پرين جا پور جهولي پائي جهلي وٺندو هو. رانديون يا راڳ ٽرانسپورٽ جو مسئلو هجي ميس هاسٽل في پوسٽنگ امتحان جو شيڊول، هر ڪم ۾ اڳواڻ ۽ سرواڻ هو. چڙ، ڪاوڙ، ملال، طعنا تڪرار هن محبتن جي مٽي ۾ دفن ڪري ڇڏيا هئا. هرڪو پنھنجي پريشاني هن وٽ ڇڏي ايندو هو. هو عزتن، جذبات جي اظھار جي معاملي ۾ سخي آهي ان لاءِ پنھنجي وني سان چاليھن جو ٿو لڳي.

رسمن جا سماجي ڪارڻ

1. ڪانڌپي جا چانور اصل ۾ اڇن چانورن ۾ چڻن جي دال هوندي هئي ۽ اها سادي خوراڪ هئي.
2. ڪٿي ميت ٿيندي هئي تہ سڀ وٺ پڪڙ ۾ لڳي ويندا هئا. ڪفن وٺڻ وارا، قبر کوٽڻ وارا، سرون وٺڻ وارا، عزيز اقارب غم ۾ ورتل، سڄي ڳوٺ ۾سوڳ. ورلي ڪنھن گهر ۾ ماني پچندي هئي. ڪي مائٽ تڙ تڪڙ ۾ ٻين ڳوٺن مان ايندا هئا ٿڪل ٽٽل بک تي پوءِ مڙدي کي پورڻ تائين مشقت، بک ۽ ائين مڙدي کي دفنائي ماني کارائي ويندي هئي. اڪثر بک تي، ماني تي ٻار ٻچا زائفون، پوڙها مريض سڀ ٽٽي پوندا هئا. سڀ جي بک مري ويندي هئي. ڍائي پيٽ اوجاڳن جا ماريل مٺڙي ننڊ ۾ هليا ويندا هئا. ذهن ۽ سوچ جي ٻي ڌارا ۾ آهستہ آهستہ زندگي نارمل رستي ايندي هئي ۽ غم بہ گهڻو گهٽجڻ شروع ٿيندو هو. مڙدو بہ وسرڻ شروع ٿيندو هو. لٽو يا ڪپڙو ڏيڻ سان گڏ پئسا بہ ڏبا هئا جيئن ميتي گهر ڪو پئسن جو مسئلو نہ ٿئي. وقت ويرم کاڌي، هرڪو سکيو ستابو ڪو پلاءُ، ڪو قورمو، ڪو برياني، زردو ٿو پچائي. قبر کوٽڻ وارا اجرتي هر ڪنھن وٽ لاريون موٽر سڀڪو مصروف بيمار شگري، مڙدو دفنيو، حوال، مانيون، سيلفيون بس رسمن بہ ترقي ڪئي آ Social media وانگر.

محمود راهوجو، منھنجو پرين

”هن ڇوڪري کي چانڊڪا ۾ پير ۾ گولي هڻي زخمي ڪيوويو هو!”
سچ پڇو تہ آئون پرين کي گهڻو نہ سڃاڻان نہ ان لاءِ ڪا گهڻي خبر آهي. ڪرڪيٽ جي ڪامنٽري دوران شايد سنتوش ڪمار ميھڙ وارو شاگرد منھنجو سڃاڻو هو ان هن جو تعارف پرين طورڪرايو. جيئن تہ اسان ماڪا لطيف جا مريد آهيون ۽ گهرن ۾ شاھہ جو رسالو هوندو هو مان جڏهن ڇھين درجي ۾ پھتس تہ مون کي پنھنجي پيءَ نواب خان 1900 جو هنسراج هريسنگ جو سکر مان ڇپيل رسالو پڙهائڻ شروع ڪيو تہ آءٌ لفظ پرين ۽ سپرين سان آشنا ٿيس. جڏهن ان ڇوڪري جو نالو پرين ٻڌايو تہ آءٌ ڏاڍو حيران ٿيس تہ هي بہ ڪنھن جو پرين آهي. اهو تہ هاڻي محمود ئي ٻڌائي سگهي ٿو تہ هن تي پرين نالو ڪيئن پيو پوءِ هن جي حادثي جي خبر پئي مون ۾ همت ئي نہ ٿي تہ ان کان پڇان ان سان ملان پر جڏهن بہ ڪنھن پرين پياري سان مليس تہ پرين ۽ ان جو درد پيڙا ڀوڳيندو رهيس. سچ پڇو تہ اڄ جڏهن ٻڌو آهي تہ هو سيٽ آهي، خوش آهي تہ منھنجو من خوش ٿي ويو آهي، شابس آ رياض ۽ ذوالفقار کيجن پرين جو احوال ٻڌائي نئين سر جيئاري ڇڏيو. شاھہ جي هن بيت وانگر:

مونکي جيئاريوپرين جي ڳالھہ ڪري،
ڊٺو اڄ آڏيو هينئڙو ڪوٽ برج جيئن.

سنڌو ڀونءِ

ڀلاري ڀونءِ منھنجي
سرنھن گل ڦلاريا کيتن:
ڏهلن، ڏيلھون، ڳاڙها کيتن
انبين نمين ٻور خوشبو
اڪن وليون ڪري
اڇا پيلا گل
واري واٽ تي بيٺيون
انگورين ولين گڇا چھچ ساوا ٿي
نچن گلاب کيتن ۾
رابيلن واس واسي ٿو
ڪنول گل وڌن پاڻي
پٻڻ بہ پاڻ واري ٿي
ڪنھن ڪسي ڪنڌي تي
سر ڪسر نسريا
کيتن سندي خوشبو
گڏي جو گاھہ گلن
ٽڙي ٽاريون پکي پيارا سنڀارن ٿيون
ٻٻر ٻيلي، ٽالھين پنڙا
ڄڻ جهومڪ، پرين ڪن ۾
ڪومل سرنھن گلڙا، ڄڻ
ريشم پرين ڳلڙا
اڃان زيتون باغن ۾
ڪن چرچا اهي طوطا
گهوگهن ڳيرا، اڃان ٿر ۾
ڪري گهونگهٽ چلوليون
ڪري چرچا، اچي کوهن ڀرن گهرڙا
اڃان گورک سڏي فيضو
ننڍي ڪنھن باھہ مچ تي اچي سيڪيو هٿڙا
وجهي ڪا چيچ ڏندن ۾
ڪسڻ کان اڳ ڪا ڳاڙهي ڪاري
حياتي لاءِ توکي ڪري سڏڙا
قلم مس تنھنجي سڪيو ڇو آ
سڄي سنڌ سڳنڌ ٿو لکڻ چاهيان، پر
ڪري سڏ قلم منھنجو، وڃي
پٽ ڪو، سر ڪچڙو
نريڙي ڍنڍ پيٽ مان پيارا،
ڏئي ڪا ڦوڪ اتساهن جي
وڄاءِ ناد ڪا اهڙي
فقيري سنگ جي سڱري
الاپ ساھہ ڦوڪن، واسينگي
زهر ڪا نڪري، ٿين ساڻا
رڪن تن ساھہ مشڪون،
اهي جي پيار قاتل ٿئي،
سڄي سنڌ ڪاڪ تڙ ٿئي،
پسي سڀڪو پيار پنھنجا ٿو
وري تو وٽ ولايت سرجي،
ذهن پردن ۾ ڪجهہ مان بہ ٻڌڻ چاهيان
پئي جا ماڪ مٽي تي
وسيا ولھار وڏڦڙن
ڀلاري ڀونءِ منھنجي اها خاڪ خوشبو
سنگهڻ سدا ٿو چاهيان. . . . . !!!

لاڙڪاڻو عورت حراسان ڪيس

ان ۾ ڪو بہ شڪ نہ آهي تہ سنڌ ۾ هزارين ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف انتھائي ايمانداري سان ڪم ڪري رهيا آهن ۽ انتھائي ڏکين حالتن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. خاص طور تي فيميل ميڊيڪل اسٽاف جي گهٽتائي ڪجهہ عنصرن طرفان عورتي طبي عملي کي حراسان ڪرڻ سبب عورتون طبي عملو گهٽ ٿي ويو آهي. مخصوص سماجي جوڙجڪ رکڻ سبب سنڌي ڇوڪريون نرسنگ ۾ گهٽ اچن ٿيون ٻيو تہ مردن جا male nursing school کلڻ ۽ سفارش عيوض ڊگريون ملڻ سبب مرد نرسز شاگرد گهٽ تعليم وٺن ٿا ۽ انھن کي نرسنگ اخلاقيات گهٽ پڙهائي وڃي ٿي، ساڳيو حال آپريشن ٿيٽر، عملي، ڪمپائونڊرن، ليباريٽري، ايڪسري، اي سي جي ٽيڪنيشنن ۽ ٻئي مددگار عملي وارڊ بواءِ پٽيوالن، چوڪيدارن کي بہ مريض جي حقن ۽ اخلاقيات جي گهٽ ڄاڻ آهي. ان لاءِ قانون بنايو وڃي تہ اسپتالن ۾ اڌ عملو عورتن جو هجي جيڪي عورتن کي ڀروسي جو احساس ڏين. اسپتال جو عملو ڪنھن عورت اسٽاف کانسواءِ عورت مريض کي نہ ڏسي. هن ڪيس ۾ ڇا ٿي سگهي ٿو.
1. ڪا بہ عورت مريض سان گڏ ناهي ان لاءِ ميڊيڪل اصول جي ڀڃڪڙي ٿي آهي.
2. ان جا امڪان گهٽ آهن تہ گهڻن جي موجودگي ۾ حراسان ڪرڻ مشڪل آهي جو ڪو نہ ڪو چڱو ماڻھو هوندو آهي پر ڪٿي ٽولو چنڊن جو بہ ٿي سگهي ٿو.
3. ڪن حالتن ۾ عملو پاڻ ئي جڳاڙي ڪم ڪندو آهي. مثلاً نشو پاڻ ڏيندو آهي ۽ پلستر بہ ڪندو آهي. خاص طور تي ketamine سئي کان پوءِ مريض ابتو سبتو محسوس ڪندو آهي ۽ ڳالھائيندوبہ آهي.
4. ڄنگهہ ڀڳل مريض ۾ catheter ۽ plaster لاءِ مريض جي سلوار وغيرہ لٿل هوندي آهي امڪاني صورت ۾ عورت نسواني پوشيده عضون جي ڍڪڻ جو خيال نہ ڪيو ويندو آهي ڪٿي مريض انھن ڳالھين کي غلط محسوس ڪندو آهي.
5. ڪن حالتن ۾ مريض بہ عملي کي اڪسائيندو يا اهڙا سگنل ڏيکاريندو آهي عملو غلط محسوس ڪري اڳتي وڌندو آهي ۽ مريض ردعمل ڏيکاريندو آهي دادو ڪورٽ ڪيس کي بہ ڏسجي.
6. ڪن حالتن ۾ مريض ڊرامو بہ ڪندو آهي اسپتالن کي گهرجي تہ عورت مريضن جي حقن پردي نفسيات جو خيال رکن ۽ ڪنھن بہ مريض عورت کي عورت عملي جي موجودگي ۾ چڪاسن، ٽيسٽون ۽ آپريشن ڪن. لاڙڪاڻي واقعي جي پسمنظر ۾ ڊاڪٽر شعيب لاءِ عوامي رد عمل طور هن کي ان واقعي ۾ بري ڪيو ويو آهي. سنڌ جا ڊاڪٽر عظيم مسيحائي اخلاقيات رکن ٿا. جديد دور جي نوجوانن تي پوندڙ اثرن ۽ عملن ۽ ردعملن ڪري نوجوان طبي عملي جي تربيت ضروري آهي. عورت مريضن چڪاسڻ وقت ڪا ڪوتاهي نہ ڪجي ۽ سخت اصولن تي عورت طبي عملي جي موجودگي ۾ تپاس ۽ علاج ڪجي معافي کان پوءِ. . . !

ڊاڪٽر سعيد آخوند جو والد صاحب آخوند گل محمد:

آخوند سنڌي ۾ لقب، آخوند روحاني طور تعليمي رهنما آهن. اهي قدرتي ڏاهپ سان نوازيل هوندا آهن تہ اهي تعليمي، باهمي تعليمي تعاون ۽ ايڪي سان انساني رستن جي اونده کي پري ڪن ٿا ۽ انسانن کي سمجهہ جي روشني ڏين ٿا تہ جيئن انسان انسانيت جي ارتقائي رستي تي هلندي انساني معيارن ۽ انسان جي برتري برقرار رکن، اهي انتھائي صاف، صوفي روح آهن، ۽ اهي يوگي آهن جيڪي انساني جسم ۽ روح (ذهن) کي هڪ اعليٰ تار ۾ اڻن ٿا. انسانن جي برابريءَ واري روحاني سفر جا رهنما آهن. حقيقت ۾ اهي استاد هم اوست جي قالب ۾ جسماني وجودي حيثيت کي روحاني ڪيفيت ۾ آڻي ڇڏين ٿا ۽ انسان ڄڻ بي وزني ءَ جي ڪيفيت ۾ خلائي مدارن ۾ گهمندي پنھنجي سموري آڪڙ وڃائي بس هڪ نقطي تي سمائجي مون ۾ آهين تون جو سبق پڙهن ٿا ۽ ائين خالق ۽ مخلوق ۽ مخلوق جي وچ ۾ سمورا رستا مخلوق کي خالق جي ويجهو ڪن ٿا. سو ساٿيو انساني جين تمام اهم جين آهي. جنھن ۾ انسانيت ئي انسانيت ڀريل آ، سو سکر جا آخوند. آخوند محمدپنجل، آخوند فقير محمد، آخوند فيض محمد، عبدالغفور، نيازعلي، عبدالغفار ولي محمد، ابوبڪر، نڀايو. اهي تعليم، سياست، عدل، ۽ پوليس ۾ بہ رهيا آهن انھن جي وڏي عزت ۽ احترام رهيو آ. پر جنھن زندگيءَ جي قيمت ڄاتي ۽ ڪوشش ڪئي تہ انسانن جا زخم ۽ اهنج ختم ڪجن، اهو آخوند گل محمد هو، اهو تہ سون جھڙو ماڻھو هو ۽ ان مان سون جھڙي روشني ئي نڪتي. جنھن انھن جا زخم ختم ڪيا، گل سون جو دڪان سکر جو مشھور سون جو دڪان هو. سکر جي شاهي بازار ۾ سکر جا سڀ معتبر گهراڻا ان دڪان تان سون وٺندا هئا. ۽ اتان ئي جوڙن جي ابتدائي رسمن جون منڊيون ۽ ازدواجي رشتي ۾ ٻڌجڻ جي ڏينھن جا زيور ورتا ويندا هئا ۽ ماڻھن کي ڄڻ اعتماد هو تہ اتان جون ورتل منڊيون پائيدار ازدواجي ٻنڌڻ جي گارنٽي هيون. جڏهن آءٌ ننڍڙو هوس تہ پنھنجي گهر وارن ۽ بابا سان ان دوڪان تي ويندو هوس. جتي منھنجي خاندان جا ماڻھو زيور وٺندا هئا. هڪ مدهم معتبر پيار ڀريو آواز آڌرڀاءُ ڪندو هو پيار ۽ مھمان نوازيءَ ۾ هن جو ڪو بہ مٽ نہ هو. شاهي بازار سکر ۾ مشھور سنڌي شاعر ولي دائود پوٽي جو دڪان هو ۽ ڊاڪٽر شڪيل عباسيءَ وارن جو پڻ سون جو دڪان هو. سکر جي طبي تاريخ طويل آهي. پر هن ماڻھوءَ خوابن ۾ هڪ اهڙو خواب ڏٺو هو جتي انساني صحت لئہ ڪو آشرم کپي پيو. هڪ ڏينھن چاچو گل محمد سکر ۾ مليو منھنجي بابا لئہ پڇيائين ۽ چيائين ڇا پيو ڪرين چيومانس ڊاڪٽر آهيان ڇڪي ڀاڪر پاتائين منھنجو پٽ ڊاڪٽر سعيد آخوند، هڪ اهڙي اسپتال ٺاهي پيو جيئن مريضن کي علاج لاءِ ٻين شھرن ۾ ريفر نہ ڪجي ۽ مريضن جون دوران سفر موتن کي گهٽائي سگهجي. مونکي يقين نہ آيو تہ سکر ۾ ماهر ڊاڪٽر گهٽ آهن ماڻھو ايڏا امير بہ نہ آهن ۽ ڪئي انيڪ مسئلا آهن پر مان جڏهن ان جي پر عزم چمڪندڙ اکين ۾ ڏٺو تہ مان سمجهي ويس تہ انھن اکين جا خواب ضرور ساڀيان ماڻيندا.
هڪ دفعي ڊاڪٽر سعيد آخوند وٽ ويس جيڪو ٽن ڪمرن واري اسپتال ۾ tonsillectomy پيو ڪري هن پڻ پنھنجي بابا واري ڳالھہ ڪئي مون کي وري بہ مشڪل لڳو پر جنھن شخص ماڻھن جي خوشين ۾ اضافي آڻڻ جي خواهش ڪئي هئي تہ انھن کي صحت جون بھترين سھولتون ڏجن. انھن جي کل کي ٿورو وڌائجي ۽ اکيون خوشيءَ جي ڳوڙهن سان ٽمٽار ٿين سو ان شخص جا خواب ڇو نہ ساڀيان ماڻن. هڪ ڏينھن منھنجي ڀائٽي ڊاڪٽر عثمان جي ڀيڻ myasthenia grievous طور diagnose ٿي ان جي طبيعت انتھائي خراب هئي ان کي ويم جا سور شروع ٿي چڪا هئا. فزيشن چيو تہ ڪراچي کڻائي وڃو. سو ڪراچي 8 ڪلاڪ سفر مشڪل هو. عورتن جي ماهر ڊاڪٽر شبانہ سولنگي چيو اسپتال وارا راضي ٿين تہ مان هت ويم ڪرائيندس. ڇو تہ هتي ICU ۾ ventilator آهي ڪجهہ ڪلاڪن کان پوءِ ڊاڪٽر هٿ ۾ ڪافيءَ جو مگ پڪڙي اچي مبارڪ ڏني. مان گل محمد آخوند جو تصوراتي عڪس ڏٺو جيڪو مريضن لاءِ دعائون گهرندي نظر آيو.
مان ٻڌائيندو هلان تہ اسان جي اها ڀائٽي جيئن ئي پيدا ٿي تہ ويم وقت ئي ان جي امڙ (ڊاڪٽر عثمان جي والده) لاڏاڻو ڪري وئي مان رسيپشن تي آخوند گل محمد جي وڏي شاندار تصوير ڏسان ٿو ۽ حرا اسپتال سکر ۾ زندگيءَ جي هلچل ۽ مون کي ائين محسوس ٿيو جيئن اهو گل محمد آخوند جو فوٽو، ماڻھن جون خوشيون، ٽھڪ ٻڌي ٿو ۽ ڪن مريضن جي مائٽن جو دانھون بہ ٻڌان ٿو جيڪي ابدي سفر تي وڃڻ وارا آهن سو آخوند گل محمد جي خواب تعبير ماڻي آهي. حرا اسپتال ۾ ICU ٻارن جو وارڊ، ميڊيڪل، سرجيڪل، عورتن جي بيمارين جو وارڊ، سرجري، نيورو، ميڊيسن، چيسٽ، فزيوٿراپي، دل جي Angiography پيٿالاجي ڊپارٽمينٽ، C. T، MRI ۽ گهڻيون ئي طبي سھولتون موجود آهن. سو سکر ۾ معياري طبي سھولتن جو بانيڪار گل محمد آخوند آهي. اسپتال پرائيويٽ آهي ڪجهہ مريض بلن جي شڪايت بہ ڪن ٿا. سو جيڪڏهن اوهان ڪار رکو ٿا تہ ان جا خرچ بہ برداشت ڪرڻا پون ٿا ڊاڪٽر سعيد آخوند حرا اسپتال سٺي طريقي سان هلائي ﷲ کيس وڏي ڄمار ڏي.

مڙدہ گهمن پيا. . !

جيڪب آباد ۾ ٿيليسميا سينٽر کي جڏهن بند ڪيو ويو تہ سيشن جج صاحب حڪم فرمايو هو تہ جيڪڏهن هڪ بہ ٻار مئو تہ F. I. R توتي داخل ڪرائيندس هو انتھائي حساس ۽ شفيق انسان هو هن کان ٻارن جي تڪليف ڏٺي نہ پئي وئي ڊي سي جيڪب آباد غضنفر قادري صاحب بہ سچو کرو حساس دل رکندڙ ماڻھو هو ۽ جيڪب آباد جو عوام بہ ان لاءِ جاکوڙي پيو. جيستائين آءٌ D. H. O جيڪب آباد هئس اهو ٿيليسميا سينٽر هلندو رهيو ان سلسلي ۾ D. C هائوس جيڪب آباد ۾ هڪ ميٽنگ ٿي. جنھن ۾ ضلعي انتظاميہ، صحت کاتو، جمس، R. B. C سکر جي ڊاڪٽر عائشہ ۽ حسيني بلڊ بئنڪ جي عھديدارن ڊاڪٽر اسد شرڪت ڪئي ميٽنگ حسب معمول بي معنيٰ نڪتي ۽ مون علامتي هڪ ڊرامو لکيو جنھن جو عنوان هو مڙدہ گهمن پيا.
پارٽ 1: ماءُ ڪڪڙ وڪڻي ڪرايو ڪري شھر پھتي آهي. هڪ پيلي، ڏکيو ساھہ کڻندڙ ۽ انتھائي ٿڪل ٻار جي علاج لاءِ ڊاڪٽر پاران ٻار لئہ تجويز ڪيل دوائن لئہ ڪنن جون واليون وڪڻي دوا وٺي ٿي.
پارٽ 2: ٻار سست، نٻل لڳو پيو آهي هن جي دل ايترا ٽپا ڏئي ٿي ڄڻ هن جي سيني مان ٻاهر نڪري ايندي ٻار مسلسل کنگهي رهيو آهي ۽ ائين سپني ۾ ڪو سفيد فرشتو اچي ماءُ کي ٻڌائي ٿو تہ هن کي رت جي ڪمي آهي. ماءُ سوچي ٿي تہ اهو غربت ۽ بک ڪري آهي. ڏاهو ماڻھو ماءُ جو هٿ وٺي ليبارٽريءَ اچي ٿو. ڊاڪٽر ماءُ کي ٻڌائي ٿو تہ هن ۾ پيدائشي هيموگلوبين جي CHAIN جو نقص آهي ۽ هن کي مھيني ۾ ٻہ دفعا رت کپندي.
پارٽ ٽيون: ماءُ سوچي ٿي تہ اُهو هوءَ ڪيئن ڪري سگهندي محرم ماھہ آهي هوءَ ٻار جي زندگيءَ جي دعا گهري ٿي ۽ ائين ڪو رضاڪار ماءُ جو هٿ پڪڙي ٿيليسميا سينٽر وٺي اچي ٿو. اڃايل ماءُ ٿڌو شوڪارو ڀري پاڻي گلاس پيئي ٿي، رضاڪار هن کي اهڙي ڪمري وٺي وڃي ٿو جتي ڊزن کان وڌيڪ ٻار جن جي ٻانھن ۾ سيون ٽنبيل هيون ۽ رت جون ٿيلھيون لڳل آهن.
پارٽ چوٿون: ٻار عمر سان وڌن ٿا ۽ پاڻ ۾ رانديون ڪن ٿا مذاق ڪن ٿا. بلڊ بئنڪ سنڀاليندڙ پريشان آهي تہ هنن ٻارڙن جو مستقبل آخر ڇا ٿيندو.
پارٽ پنجون: ٻارڙا باغيچي ۾ راند ڪن ٿا، تيز هوا گهلي ٿي ۽ گلابن جون پتيون اڏامڻ شروع ٿين ٿيون ۽ ائين ڪئي گل هوا ۾ وکرجي وڃن ٿا ۽ انھن جي خوشبو رهجي وڃي ٿي ۽ ڪو ڏاهو ماءُ جي ڪن ۾ سس پس ڪري ٿو. گلاب جي پتين وانگر ڪڏهن هي مھمان ٻارڙا اڏامي وڃن، ڪو بہ نہ ٿو ڄاڻي، تہ هي ڪڏ هن وڃي ستارن سان گڏ چمڪندا، امڙ جي اکين جي محلاتن ۾ ڳوڙهن جو سيلاب اچي ٿو ۽ سڀ اميدون ٽٽي پون ٿيون.
پارٽ ڇھون: پاليسين جو طوفان اچي ٿو ۽ سمورن ڪاٺ جي گهرن جا لوڙها اڏامي وڃن ٿا جتي ٻار مڌر ننڊ ستا پيا آهن. هوءَ اٿن ٿا ۽ مدد لئہ پڪارن ٿا مدد ڪندڙ ڊوڙي ڀڄي وڃن ٿا.
پارٽ ستون: هي قديمي محل ۾ پراڻين يوناني اسيمبيلين وانگر ڏاهن جو اجلاس هلي ٿو ۽ اشرافيه بحث ڪري ٿي. دليل، سبب، مباحثو، ٻارڙا ڪرشن چندر جو ناول ”انسانن جو چڙيا گهر“ پڙهن ٿا. سقراط پاڻ کي ٽيبل هيٺان لڪايون ويٺو آ. قلوپطرہ ڀڄڻ لئہ پلان ٺاهي ٿي. آءٌ انھن کي مدد جي گذاش ڪندو رهان ٿو تہ ٻارن جي زندگي عذاب آ. مدد ڪئي وڃي. ڪورٽ کي ملتوي ڪيو وڃي ٿو. ٽن هفتن لاءِ“ آءٌ جان جيڪب جي گهوڙي جي قبر تي وڃي سوچان ٿو تہ فرنگي گهوڙن سان بہ پيار ڪندا هئا ۽ اسان ٻارڙن جي موت جي پرواني تي صحي ڪرڻ لئہ دليل ڏيون ٿا. اشرافيه جان جيڪب جو گهڙيال ڏسڻ وڃي ٿي. وقت پوئتي موٽ کائي ٿو. جتي سڀ خواب خيال پنھنجي مفاد لئہ سوچن ٿا. پاڻي گرميءَ سان اٻري ٿو ۽ بي رحمي ۽ ٻاجهہ مخالف لھرون گهڙيال جو پينڊيولم هلائن ٿيون، گهڙيال جي آواز جو پڙاڏو ڄڻ ٻارڙن جي موت جو وقت ڳڻڻ شروع ڪري ٿو.

(انگريزيءَ مان ترجمو)

چانڊڪا جو گلابي ڇوڪرو

شھاب اوستو لئہ هي بہ بيچ ستين ۾ پڙهندو هو. 
هو گلابي رنگت سان، گلابي پتين جھڙو ڪومل ۽ نرم هو. مان ان کي Preclinics ۾ ڏٺو هو عام رواجي پڙهندڙ هو. هن کي ميڊيڪل پڙهڻ ۾ ڪا بہ دلچسپي ڪا نہ هئي ۽ فرسٽ پروفيشن ۾ ٽنھي سبجيڪٽن ۾ ناپاس ٿيو هي ان شھر سان واسطو رکندو هو جيڪو خوبصورت محلاتن، سماج سيوڪن، شاعرن، تاجرن، خوبصورت باغن، سوادي کاڌن ۽ چنچل ڇوڪرن ڪري مشھور هو. شھر تي شاھہ شجاع پٺاڻ بہ قبضو ڪيو هو. مھر بہ هت لڏپلاڻ ڪري آيا راجستان کان جڏهن سنڌو درياه پنھنجو وهڪرو اروڙ کان سکر طرف ڪري ڇڏيو. مھر سنڌو ندي جي ساڄي طرف آباد ٿيا ۽ بلوچ لڏپلاڻ ڪري بروهي، مري، کوسا، جتوئي ٻيا قبيلا بہ هت آباد ٿيا. باگڙ خان جتوئيءَ باگڙجي جو شھر اڏيو ۽ اڄ کان اٽڪل 800 سال اڳ، شاھہ عثمان قريشي سھروردي جي والد جو باگڙجي ۾ استقبال ڪيو. شاھہ عثمان بھاول الدينرح ذڪريا ملتانيرح جو خليفو ٿيو. ان جي مزار فراش ڳوٺ سکر ۾ آهي. جڏهن 1000 سال اڳ سنڌ ۾ زلزلو آيو تہ ڀنڀور ۽ منصورہ مٽجي ويا. طور کان سومرا بہ لڏي آيا ۽ شڪارپور، جيڪب آباد طرف آباد ٿيا. شھر تجارتي ۽ معاشي ترقي ڪئي. اوهان تصور ڪيو 1900 جي ٽيھن واري ڏهاڪي ۾ راءِ بھادر اوڌو داس تارا چند اسپتال لاءِ هڪ لک روپيہ چندو ڏنو ۽ ائين سيتل داس ۽ چيلا سنگهہ C&S ڪاليج ٺهرائي ساميءَ سلوڪ بہ هت چيا. اياز بہ پنھنجي اوائلي شاعري هت ڪئي. ڊاڪٽر سارہ صديقي، ڊاڪٽر اعواڻ ۽ ڪئي ڏاهن هت جنم ورتو. سو مان چانڊڪا جي گلابي ڇوڪري متعلق ڳالھايان پيو. هن چانڊڪا کي الوداع چيو ۽ پوءِ ٻڌوسين تہ هن OMG گروپ ۾ CSS ڪئي آهي. ۽ پوءِ انڪم ٽئڪس گروپ ۾ هليو ويو پر گلابي ڇوڪري جو روح هميشہ بيچين رهيو ۽ هن پنھنجي خوشبو ڦھلائي، مان هن کي 2010 ۾ ڏٺو جتي هو وڏين گهراڻين جي فردن سان ۽ رضاڪارن سان منڇر ڪنارن تي ٻيڙي ۾ کاڌ خوراڪ ورهائيندو نظر آيو ۽ مان هن کي واٽر ڪميشن جي ميمبرن سان سنڌ جا دورا ڪندي ڏٺو جڏهن هن پاڻي لاءِ گندي پاڻي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن فائيل ڪئي هئي ۽ شايد اڃان سوڌو اها جنگ وڙهي پيو. هن جي حق ۾ سنڌ پوليس مان رٽائر ٿيل آفيسر فداءَﷲ قريشي سکر جي رڪشائن تي بينر لڳرايا ۽ هاءِ ڪورٽ ڀرسان روڊ تي سبيل پڻ ٺاهي آهي جتي سائل ۽ مسافر پاڻي پي سگهن ٿا. تصور ڪيو اهو سنڌ جو هيرو شھاب اوستو آهي جنھن انڪم ٽئڪس گروپ مان رٽائرمينٽ ورتي آهي ۽ قانون جي پريڪٽس ڪري ٿو. تازو مرتضيٰ کھڙو بہ INCOM TAX مان رٽائر ٿيو آهي اميد ڪيان ٿو تہ هو خدمت وارو شھاب اوستي وارو دڳ وٺندو. انگريزيءَ مان ترجمو. 

ساميءَ جي شھر جي ڇوڪري

سامي، اياز، نماڻو فقير، ڊاڪٽر سارہ صديقي جي شھر جي ڇوڪري ڊاڪٽرانيلا عطاءَ الرحمان شھيد محترمہ بي نظير ڀٽو يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي چارج سنڀالي آهي، هو روايتي بلوچ خاندان سان تعلق رکي ٿي هن جو والد صاحب محمد صديق کوسو، هڪ ايماندار ۽ قابل ڀروسي واري شخص هو. جنھن نياڻين جي تعليم ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن جاگيردارن، وڏيرن ۽ قبائلي ماڻھن جي پابندين جي ڪا بہ پرواھہ نہ ڪئي ۽ پنھنجون ٻئي نياڻيون، ڊاڪٽر ڪيون، ڊاڪٽر انيلا وائيس چانسلر شھيد بي نظير ڀٽو يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۽ ڊاڪٽر نائلا کوسو جيڪا DHO آفيس شڪارپور ۾ هيلٿ آفيسر آهي. مان ڊاڪٽر انيلا جي حق ۾ ڪجهہ نہ ٿو چوڻ چاهيان پر اهي ماڻھو جيڪي نياڻين جي تعليم، انھن جي شراڪت وارو، سماج ۾ انھن جو ڪردار ڏسڻ چاهين ٿا ۽ سنڌي ڇوڪرين جي اڳتي اچڻ جي ڳالھہ ڪن ٿا اُهي فيس بڪ، ٽوئيٽر جي پيغامن مان اڳواٽ راءِ قائم نہ ڪن پر اُهي جيڪي لفظي رٿابنديءَ جا ماهر آهن انھن کي هڪ غير جانبدرانہ حقيقي پسنديءَ جو تجزيو ڪرڻو پوندو ۽ تنقيدي جائزي پيش ڪرڻ وقت سنڌ جي صحت جي ادارن جي زميني حقيقتن کي بہ ڏسڻو پوندو ۽ تعليمي ۽ صحت جي ادارن کي تباھہ ڪندڙ مافيائن کي بہ ڏسڻو پوندو. اُهي ڪڏهن بہ ادارن جي عزت ۽ ادارن جو اڳتي وڌڻ نہ ٿا چاهين ۽ اُهي هڙتالن، ڪورٽن جي اسٽي آرڊرن ۽ سوشل ميڊيا ذريعي دٻاءُ وجهن ٿا. مان ڊاڪٽر انيلا جي حمايت ۽ اُن کي هيروئڻ ڪري پيش نہ ٿو ڪيان ۽ اهو بہ ٿو چوان تہ ڇا صحيح آهي يا ڇا غلط ملازمن جا مطالبا صحيح آهن يا غلط. پر هر هنڌ هر سسٽم اندر هڪڙو بيڪار سسٽم آهي جنھن ۾ ماڻھو پنھنجي ذاتي مفادن کي اوليت ڏين ٿا ۽ اُهي مشڪلاتون صحت ۽ تعليم جي ادارن ۾ آهن. ڊاڪٽر انيلا ٻاهر پڙهي ۽ رهي آهي هن ڄامشورو ۾ لياقت يونيورسٽي ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ چڱي ريت ڄاڻي ٿي تہ شاگردن، ملازمن ۽ استادن جون ڇا مشڪلاتون آهن هن جو گهر وارو بہ مھراڻ يونيورسٽي ۾ ملازم رهيو آهي هو روزانو سنڌ، مھراڻ ۽ لياقت يونيورسٽي جي روڊن تان گذري آهي، هوءَ هڪ ايماندار اڳواڻ آهي ۽ مون کي يقين آهي تہ هوءَ شھيد محترم بي نظير يونيورسٽيءَ جو معيار وڌائيندي. هوءَ آهني عورت آهي هن تي دٻاءُ وجهي الٽو ڪار ۾ يونيورسٽي اچڻ تي مجبور نہ ٿو ڪري سگهجي هن کي آفيسرن جي ۽ انتظامي ڪلچر جي پوري ڄاڻ آهي. هوءَ چڱيءَ طريقي سان ميڊيا، ۽ سياسي دٻاءُ کي منھن ڏئي سگهي ٿي. هوءَ ڪڏهن بہ نہ چاهيندي تہ هن جي اداري سان ڪا ناانصافي ٿئي. هوءَ هڪ صوفي روح آهي ۽ هميشہ انصاف ۽ ميرٽ جي قائل آهي. هوءَ روايتي سنڌي عورت آهي. جنھن وٽ همت حوصلو، رحم ۽ محبت آهي جيڪا هوءَ پنھنجي ڌرتي ۽ ماڻھن سان ڪري ٿي هوءَ بھادر عورت آهي. ”هي منھنجو ذاتي رايو آهي ۽ ٻيا اختلاف رکي سگهن ٿا“.

(انگريزيءَ مان ترجمو)

ڊاڪٽر مسز شفيعت محمد ميمڻ

هيءَ ڊاڪٽر فاروق ميمڻ جي امڙ هئي جيڪو اسان کان ٻہ سال جونيئر هيو. فاروق يارن جو يار، وڏو قدبت وارو ڇوڪرو هو، پڙهڻ ۾ هوشيار، کل ڀوڳ چرچا، مھمان نوازي بي مثل هئا. هن وٽ ان دور ۾ بہ مرسڊيز ڪار هوندي هئي جيڪا left hand drive هئي اها لگزري ڪار بہ درزن کن شاگرد کڻي لاڙڪاڻي ۾ ڊوڙندي هئي. فاروق چوندو هو تہ اها ڪار سندس ناني محترم مير محمد جماڻي جي آهي (جيڪو انگريز دور ۾ سکر بئراج جو انجنيئر هو) ڊيزل تي هلندڙ ان ڪار جو پنھنجو رعب هو. اڪثر مھراڻ هوٽل تان درزن کن ڇوڪرا چڙهي انڊو آمليٽ کائيندا هئاسون. واه جو مھراڻ هوٽل جو اهو آمليٽ هو ايڏو مھانگو بہ ڪو نہ هو. مھراڻ هوٽل ان وقت لاڙڪاڻي ۾ سٺو هوٽل هو. پوءِ فاروق ميمڻ s. m. c هليو ويو ۽ اتان گريجوئيشن ڪئي.
”هوءَ ورهاڱي کان اڳ پيدا ٿي ۽ پنھنجي يورپي ساهيڙين سان بئراج ڪالوني جي بنگلن ۽ باغن ۾ کيڏي، هن جو والد صاحب پھريون سنڌي سول انجنيئر هو جيڪو برطانيہ مان پڙهي آيو ۽ گهڻي ڀاڱي سکر بئراج تي انجنيئر رهيو.
مسٽر ميرمحمد جماڻي، ان جي نياڻي ڊاڪٽر شفيعت ميمڻ لاهور مان ڊاڪٽري پڙهي ۽ انگلستان مان زچہ بچہ ۾ ماهراڻا امتحان پاس ڪيا. ان سکر سول اسپتال ۾ نوڪري ڪئي ۽ هتي هن شروعاتي c-section جا آپريشن ڪيا. ان ڀٽا روڊ سکر تي ڪلينڪ کولي، پوءِ ان کي نيم جي چاڙهي تي منتقل ڪيو. ان وقت سکر ۾ سوداگران اسپتال ۾ ويم جون آپريشنون ڪيون. پوءِ هن ڪيور سينٽر، شاه فيصل اسپتال ۽ آخر ۾ پنھنجي اسپتال الفيصل ميڊيڪل سينٽر ملٽري روڊ سکر تي کولي. هن پاڪستان جي چئني صوبن جي مريضن جي خدمت ڪئي ۽ هن وٽ رحيم يار خان، ديرہ اسماعيل خان، سبي ۽ ڍاڍر جا مريض بہ ايندا هئا. هن ڏکين حالتن ۾ ڪم ڪيو ۽ ”اوپن ايٿر سان نشي ۾ c-section جا آپريشن گهٽ تربيت يافتہ اسٽاف سان گڏ ڪيا، ۽ شھر جي ڏينھن رات خدمت ڪئي. پوءِ ان کي بيضيداني جو ڪينسر ٿي پيو. هن جو آمريڪا ۾ آپريشن ٿيو. بيماريءَ دوران هن سکر ۾ موٽي اچي مريضن کي واپس خدمتون ڏنيون. هوءَ chemotherapy تي هئي ۽ taxol نالي دوا پئي ورتي جيڪا خود مشاهداتي ۽ تجرباتي مرحلن ۾ هئي. هن جو گهر اسپتال جي پھرئين منزل تي هو. انھن ڏينھن ۾ هڪ مريض کي ويم کان اڳ رت لٿو. ان جي نرس ان کي ٻڌايو تہ مريض کي انتھائي گهڻو رت لٿو آهي ۽ سيريس آهي. هن نرس کي چيو تہ ان کي ٻي اسپتال ۾ ريفر ڪيو. نرس وراڻيو تہ هو ٻي اسپتال تائين نہ پھچندي ۽ رستي ۾ مري ويندي. ان نرس کي چيو تہ مريض کي آپريشن ٿيٽر ۾ شفٽ ڪيو ۽ اچي مريض جو معائنو ڪري چيو تہ جلدي آپريشن جي تياري ڪريو ۽ آءٌ بيھوشي ڏيان پيو. جيئن مريض جو ٻار آيو، ڊاڪٽر صاحبہ ٻچيداني سبڻ شروع ڪئي هن جڏهن ٻچي داني سبي تہ مون ڏٺو ڊاڪٽر صاحبہ نيري ٿيندي پئي وڃي. آءٌ يڪدم هن کي ٿيٽر جي فرش تي ليٽايو ۽ هن جي دل تي اسٽيٿو اسڪوپ رکيو ايستائين هن جي دل جي ڌڙڪن بند ٿي چڪي هئي مان نرس کي رڙ ڪئي ۽ هن کي cardiac massage لاءِ چيو ۽ مريض جي آڪسيجن ٿورڙي ٽائيم لئہ بند ڪري هن کي ڏني ۽ cardiac massageپڻ ڪئي. هن جي هٿ ۾ ڪينولا تہ اڳ ۾ لڳل هو. ان مان دوائون ڊرپ جي ذريعي ڏنيون سين. چند منٽن ۾ هن جي دل هلڻ شروع ڪيو (ان جي ٿيٽر جو اسٽاف گواهي ڏيندو جيڪي اڃان تائين حال حيات آهن) ٿورڙن منٽن جي آرام کان پوءِ هوءَ اُٿي بيٺي ۽ اهو نہ پڇيو تہ هن سان ڇا ٿيو آهي ۽ پنھنجو اڻ مڪمل آپريشن پورو ڪيو. مان نہ ٿو سمجهان تہ ڪڏهن آپريشن ڪندڙ سرجن دل بيھي وڃڻ جو شڪار ٿيو هجي ۽ طبي امداد وٺڻ کان پوءِ هن ٻيھر آپريشن مڪمل ڪيو هجي.
الفيصل ميڊيڪل سينٽر اڃان سوڌو ملٽري روڊ سکر تي موجود آهي. ڊاڪٽر فاروق عاطف ميمڻ آمريڪا ۾ رهي ٿو ۽ ڪوشش ڪري ٿو تہ هن جو سينٽر مريضن کي سھولتون فراهم ڪندو رهي. (نوٽ: ڊاڪٽر شفيعت ميمڻ جڏهن چانڊڪا اسپتال نہ هئي تہ لاڙڪاڻي سول اسپتال ۾ ڊاڪٽر هئي ۽ ڊاڪٽر فاروق بہ لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو هو. )

سکر جا لغاري ڀائر

سکر ۽ راندين جو روح ۽ جسم وارو رشتو آهي. ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ سکر مقامي ۽ بين الاقوامي رانديگر پيدا ڪيا آهن. آغا سميع ﷲ جو ڀاءُ آغا رضا ﷲ قومي ۽ بين الاقوامي سطح جو ڪرڪيٽ رانديگر هو ۽ ائين غلام قادر ڀٽو بہ مشھور فاسٽ بالر هو. سو هاڪي ايٿليڪٽ والي بال ۾ سکر نامي گرامي رانديگر پيدا ڪيا آهن ۽ ائين سکر جي لغاري ڀائرن جو پڻ منفرد ڪردار آهي جيڪي اسان جي ڪلاس فيلو ممتاز لغاري جا ڀائر آهن ۽ انھن ڀائرن سکر جي هر مڪتب فڪر جي ماڻھن ۾ راندين جو روح ڦوڪيو آهي. محمد حسن لغاري سکر بورڊ جو اسپورٽس ڊائريڪٽر هو. نور حسن لغاري اسلاميہ ڪاليج سکر جو ڊائريڪٽر فزيڪل ايجيوڪيشن هو. سو ان لغاري ڪٽنب جو سکر جي راندين ۾ اهم ڪردار آهي. محمد حسن ايترو تہ تيز ڊوڙندو هو جو ان کي سکر جي مشھور تيز رفتار گهوڙي ”ملنگي“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. ائين مون سان سکر جي ڇوڪرين جي هاڪي ٽيم جي گول ڪيپر نينا مون کي ٻڌايو تہ ڇوڪرين کي راندين ۾ اڳتي آڻڻ ۽ همت افزائي ڪرڻ ۾ لغاري ڀائرن جو مک ڪردار آهي ۽ ائين اسان جو ڪلاس فيلو ممتاز لغاري، قدوس سومري وري راندين جي مقابلن ۽ شھيد مير اشتياق ٽالپر راندين جي هفتي ۾ سڀني راندين ۾ حصو ورتو. انگريزيءَ مان ترجمو.
23 مئي 2021 تي شيخ زيد زناني اسپتال جي ھڪ وڊيو وائرل ٿي ھئي جنھن ۾ آپريشن ٿيٽر ۾ ھڪ ڊاڪٽرياڻي بيھوش ٿي ھئي ان تي لکيل نوٽ.
اوھان ھڪ منٽ 17 قيمتي سيڪنڊس ضايع ڪيا آھن اھو مناسب وقت ھو جو اوھان مريض کي v/1canula ھڻي بلڊ پريشر ۽ ٻيو شيون نبض ساھ وغيرہ چيڪ ڪري سگهو پيا، ڇا تہ شاندار علاج جو طريقو آھي تريون، مھٽيون پيون وڃن، جيئن مريضن جي رت جي سرشتي کي معمول تي آڻي سگهجي، ڏسو مريض جو مٿو ھيٺ آھي، ڪنڌ بہ ھيٺ تي پيل اٿس، ڇا اھا ساھ کڻڻ لاّء موزون پوزيشن آھي، اھو سڀ ڪجهہ ان ڪري آھي تہ افرا تفري پيدا ڪئي وئي آھي (افراتفري تڏھن پيدا ٿيندي آھي جڏھن ڪنھن بہ ايمرجنسي حالت ۾ اڳواڻ نہ ھوندو آھي جڏھن بہ ڪو افراتفري وارو ماحول ٿئي تہ ڪو ھڪدم اڳواڻ ٿئي ۽ سڀني کي حڪم ڏئي تہ ڇا ڪرڻو آھي) مان سمجهان ٿو تہ اھي سڀئي تربيت يافتہ ھنر مند آھن، اھا سٺي ڳالھہ آھي تہ اوھان مسئلي جي نشاندھي ڪريو، پر جڏھن بہ اوھان ڪا وڊيو يا فلم (upload) ڪيو تہ ان ۾ اوھان پنھنجي ڪردار ۽ عمل کي ڏسو تہ اوھان ان صورتحال ۾ ڇا صحيح ڪري پيا سگهو، مان اھو سڀ ان ڪري لکان ٿو تہ اوھان professional ٿيو۽ سائنسي اصولن مطابق ڪم ڪيو، سڀ لکڻ لاء اڳواٽ معافي. انگريزيءَ مان ترجمو
ھن صورتحال ۾ بجلي بند ٿي وئي آھي شايد A. C بہ نٿو ھلي، شايد جنريٽر بہ ڪم نہ پيا ڪن، يا ڪو تيل کٽڻ جو مسئلو بہ آھي، اوھان کي ڪم ڪندڙ حالتن مطابق پاڻي وغيرہ مناسب پيئڻو آھي، ماني وغيرہ کاڌل ھجي. ھي سڀ لکڻ جو مقصد اھو آھي تہ اوھان جڏھن ڪم ڪيو تہ جسماني ۽ ذھني طور فٽ ھجو، اوھان ڪو مناسب مشروب ، کاڌو وغيرہ کائو، ٿڪل نہ ھجو اوھان جو لباس اوھان کي تڪليف ڏيندڙ نہ ھجي ۽ مناسب آرامدہ ڪم جون حالتون ھجن.

ماسي شاھل دايو

ماسي شاھل دايو///
ھي پوسٽ محمد خان شيخ ٻارن جي ماھر لئہ آهي: 
ھوءَ قديمي،بڻ بنيادي، فصيح معياري، روايتي سنڌي نسل جي انساني ارتقائي شڪل جو روپ آھي ،سنڌ جي اوائلي ۽ سماجي لقبن ۾ دايو ڪٽنب جون عورتون جن لاء دائي لفظ استعمال ٿيندو آھي ، اصل ۾ اھي قديمي زچہ و بچہ ماھر عورتون آھن جن انساني نسل کي حفاظتي انتظامن تحت ، احترامي طور دنيا ۾ آندو آھي، نون ڄايل ٻالڪن جون اھي روحاني امڙيون آھن. 
نئين ڳوٺ سکر جي ماسي شاھل دايو کي مون ھن جي عمر جي آخري سٺ جي ڏھاڪي ۾ ڏٺو (مان ان جي ھٿان پيدا ٿيو ھوس) پٺي تي اڳتي نوڙي ھٿ رکي ھلندڙ اھا مسيحا عورت جيڪا ڄڻ ھميشہ  اڌ سجدي جي حالت ۾ ھلندي ھئي، اھا منھن مھانڊي ۾ مدرٽريسا جي ڪلون ڪاپي ھئي، حقيقت ۾ اھا سکر جي مدرٽريسا ھئي، ھن کي جڏھن ڪو بہ وٺڻ ايندو هو تہ ھوءَ وڃي گهر ۾ ويم ڪرائي موٽندي هئي، ھن ڪڏھن بہ انڪار نہ ڪيو ۽ ڪڏھن بہ پئسن جو مطالبو نہ ڪيوغريب عورتن کي تہ ھو ھڙان وڙان پئسا ڏيندي ھئي، ھوءَ ويم ڪرائڻ جي عمل کي بہ عبادت طور ڏسندي ھئي. ھن کي مڪمل ڄاڻ ھئي تہ ويم ڪيئن شروع ٿئي ٿو، ھن جا ڪھڙا مرحلا آھن ۽ ڪڏھن ٿيندو، ھن کي hypnotic ماھر وانگر مڪمل اعتماد ھوندو ھو تہ ڪيئن ويم ڪندڙ عورت کي پرسڪون ۽ شانت رکجي، ھن کي ڪمال ھو تہ ھوء ڳالھين، عملن، اتساھ ۽ ھمت ذريعي ڪيئن oxytocin, prostaglandin ۽ SPA جو گهربل ماترائون عورت جي اندر ۾ پاڻ ئي جاري ڪري، ھوءَ ويم جي سور دوران ٻچيداني جي سڪڙجڻ ۽ ڍرو ٿيڻ جي وچ واري عرصي کي مڪمل سمجهندي ھئي ھوءَ تسلي ۽ روحاني طاقت ذريعي ويم ڪندڙ عورت جي زچگي جي سورن کي محسوس ڪرڻ ئي نہ ڏيندي ھئي ۽ ويم ڪندڙ عورت کي مڪمل طور ذھني ۽ جسماني طور ويم جي عمل ۾ شامل ڪري ڇڏيندي ھئي، مان تہ چوندس ھن وٽ معجزاتي قوتون ھيون، جنھن ذريعي ھو بي اختيار ويم جي عمل کي سنڀاليندي ھئي، ھو ويم ڪندڙ عورت جي ذھن ۽ روح ۾ گهري ويندي ھئي، ڄڻ ھم اوست وانگر ٻہ وجود ھڪ ئي پيڙا، درد، سرور جي عمل مان گذرن ٿا. ھو ويم ڪيل عورت کي مڪمل يارنھن ڏينھن ڊهوئيندي ، زور ڏيندي، انھن جي صفائي ۽ خوراڪ جو ماء وانگر خيال رکندي ھئي، امان ٻڌائيندي آھي تہ مان ڪارو نيرو ڄائو ھوس ۽ ڪافي دير کان پوء رنو ھوس ، ھن مون کي يڪدم ھٿن ۾ ورتو، ململ جي ڪپڙي سان منھنجو منھن صاف ڪيو، پاسي تي سمھاريو ۽ ھلڪڙا ھلڪڙا ڌڪ ھنيا ۽ مان زور سان رڙ ڪئي ھئي، آءٌ امان سان کلندو ھوس تہ مان نيرو ڪارو ٻار جو ڄائو ھوس مون ۾ آڪسيجن جي گهٽتائي ٿي ھوندي، ان ڪري ئي مان گهڻو ڳالھائڻو آھيان، امان کلي ھئي نہ پٽ تنھنجي ڊاڪٽرياڻي ماسي شاھل قابل ھئي جنھن توکي سنڀالي ورتو، ھو کير پئاريندڙ مائرن کي سمجهائيندي ھئي تہ ٻار جي پرورش ڪيئن ڪجي انھن کي ڪيئن جهلجي، سنڀالجي، ۽ ڪھڙي ريت کير پيارجي، مان سوچيندو آھيان تہ اھا اڻ پڙهيل ھئي. ان ڪھڙي نموني مونکي ڄمڻ کان پوء مصيبت مان ڪڍيو، ۽ مونکي ترت املھ طبي امداد پھچائي منھنجي امڙ مونکي سادي انداز ۾ ٻڌايو تہ پيشيوراڻي ھئي، تجربيڪار، ماٺيڻي، مھربان ۽ ايماندار ھئي، ھن وٽ ڏاھپ ھئي تہ ڪيئن ماءُ ۽ نئين ڄاول ٻار کي سنڀالجي، ۽ عورت جو ويم ڪھڙي نموني سان، سٺي طريقي سان ڪرائجي، منھنجي امڙ پنھنجي ٻولي ۾ سمجهايو تہ ٻار ٺيڪ ٺاڪ گهٽ ساھ کڻندڙ، بلڪل ساھ نہ کڻندڙ ۽ دل بند وارا ڄمن ٿا، پر ماسي شاھل وٽ اھا ڏاھپ ھئي تہ اھڙي قسم جي ٻارن کي ڪيئن سنڀالجي . 
ٻارن کي صفا ڪرڻ لاء ھنن جو وات ۽ ساھ جو مٿيون نظام صاف ڪجي، ان کي ٿورڙو ابتو جهلجي،ان کي ڪا ساھ جي ڦوڪڙي ڏجي جيڪي ساھ نہ ٿا کڻن ، ۽ ٿورو سيني کي دٻائجي، اوھان وٽ پنھنجو ساھ کڻڻ آھي ان کي ٻارن لاء ھٿرادو ساھ کڻڻ جي شين طور استعمال ڪجي، مان ويم گهر ۾ افراتفري، پريشاني، جذباتيت، مشينيون، دوايون، رڙيون ٻڌان ٿو، اسان ۾  پيشيوراڻي سنجيدگي اچي ۽ ماسي شاھل واري ڏاھپ اچي ماسي شاھل نئين ڳوٺ جي قبرستان ۾ آرامي آھي ان جو پٽ استاد غلام رباني دايو ڏاڍو نازڪ نفيس عالم قسم جو استاد ۽ تعليمدان ھو، ماسي شاھل جو ڪجهہ خاندان نئين ڳوٺ ۽ ڪجهہ سنڌي سوسائٽي ۾ رھي ٿو. 

ڊاڪٽر لالو

اوھان کي مبارڪ ھجي مان ٿاڻي بولا خان جا چار ھندو دوست ۽ سيف الملوڪ ميمڻ کي ياد ڪيان ٿو جيڪي انتھائي شائستہ ۽ سھپ وارا دوست ھئا ڌيمي لھجي سان ڪوھستاني ٻولي ڳالھائيندڙ دوستن کي ھميشہ سڀني گڏ ئي ڏٺو، ڇا تہ انھن جي کلڻ جو انداز ھوندو ھو، جڏھن بہ ڪو ڇوڪرو ھنن جو گرمي ۾ ٻاھران مئن سئچ بند ڪري ويندو ھو گرمي جي ڪنھن ٽاڪ منجهند جو اوھان جو ڪمرو، باٿ روم ڀرسان ھو ۽ ھر ڪو ان کي ايندي ويندي کڙڪائيندو ويندو ھو، زيرو پلازا ٽيڪنيڪل اسڪول ھو ۽ ان کي چانڊڪا جي ھاسٽل ٺاھيو ويو ھو، ان وقت شھداد ڪوٽ ويندڙ ريل اتان گذرندي ھئي اتان ئي قلوپطرہ سينيما ڏي رستو ويندو ھو،

ڊاڪٽر نجم شيخ کي سلام

ھشاش بشاش، ڪلف ٿيل ڪاٽن وڳي وارو دوست پنھنجي مخصوص شانائتي مانائتي آواز ۽ کل سبب مشھور ھو ، ھاڻي تازو ريلوي مان ريٽائر ٿيو آھي.

بيچ 7 گروپ

منير پتافي گروپ جو روح آھي، ھميشہ کل ۾ مصروف رھي ٿو، رياض ھيسباڻي گروپ جو مرڪز nucleus آھي. منير ATP آھي جيڪو گروپ کي توانائي ڏي ٿو، مرتضٰي کھڙو، رحمان پيرزادو، ملڪ جلباڻي، نور شيخ، ڊاڪٽر راھوجو، عطا صديقي، افسر شاھ، عثمان ماڪوسڀ ڪلاسي اھم آھن. اسان ائين ڳنڍيل آھيون جيئن aminoacids جي binding آھي ۽ ائين جيئن گل ۽ ميوو وڻ ۾ ھوندو آھي، گلن جي نرالي خوشبو ھوندي آھي ۽ ميوي جو نرالو سواد ، ائين اسان جي بيچ 7 ھڪ وڻ وانگر آھي جيڪو مڪمل سائو ۽ پيوند ٿيل آھي، دوست پنھنجون يادگيريون ڦوٽو،خيال، ليک، تقريبون ۽ videos گروپ تي موڪليندا آھن تہ خوشي جا لمحا اچي ويندا آھن جڏھن دوست مٺڙي تنقيد ڪن ٿا، افسوس ڪن ٿا، کلن ٿا، رسن ٿا تہ مونکي بي انتھا سرور اچي ٿو، اصل ۾ دوستن جا رساما ٿوري ڪاوڙ ، پاڻ ئي پرچي وڃڻ ۽ ھڪ ٻئي لاءِ گهڻو پيار اسان جي ڪلاس جي ڇوڪرن جو ھن گروپ ۾ پڻ اھو ڪردار آھي. اسان جا دوست مختلف شعبن ۾ پڻ آھن، مرتضٰي کھڙو CSS، رفيق ٻانڀڻ MPA، اياز تنيو (سابقه خاص معاون) ٻاھر رھندڙ دوست ناصر جمال، پرويز، رزاق ڀٽو، نثار وساڻ، رميش لال، سلطان لغاري، سرلاڪماري، اصغر گولو، ۽ ھندو دوست، خاص طور تي پرمانند، ٿاڻي بولاخاني، گلگتي، ڪشميري ۽ پنجابي دوست ، اسلم انصاري، مقيم، آفتاب خالد، تحسين، (اردو ڳالھائيندڙ دوست) ڪڏھن ڪڏھن ذڪر ۾ ايندڙ نديم عليم آفريدي، قمر چانڊيو، نجيب بگٽي، مذھبي عالم دوست حسن ابڙو، مستقيم، قربان شيخ، مزاحيہ افسر شاھ، مامو نذير اعواڻ، نذير تنيو، تاش جو بادشاھ اشرف ڪلوڙ، ادبي سياسي دوست شريف پنھور، اسان جو راڳي دوست مير نذير، شھزادو دايو، ناگن ڊانس مشھور سابق DHO شڪارپور ، شبير شيخ، مرشد اعجاز شاھ، امجد شاھ، عظيم شاھ، رجب ديناري، قربان لغاري، قربان ترين آغايشاء ﷲ، ڊاڪٽر چاندي رام، صادق لاشاري، انڙ، پروفيسر ابرار، نجيب، مشتاق سولنگي، زاھد ڏواچ DHO, ڪلاسي ستارن جي گهڻي لسٽ آ، يار رياض ھيسباڻي ھر دوست جو current status تهshare ڪر.

ننڍو ماڪو، وڏو ماڪو

ڊاڪٽر عثمان ماڪو جي ريٽائرمينٽ واري فوٽو تي تبصرو.
ھي فوٽو جنھن ۾ ٻہ ماڪا آھن، ساڄي کان ڊاڪٽر عثمان ماڪو ۽ کاٻي طرف ڊاڪٽر اسماعيل ماڪو. ھي فوٽو آھي جنھن ۾ اسان ٻئي ڄڻا ماسڪ سان گڏ رٽائرمينٽ کان پوء آھيون، اسان جا يا تہ اڪيلا فوٽو آھن يا دوستن سان گڏ گروپ فوٽو. اسان ٻئي چاچا، ڀائيٽيا آھيون اسان جي عمر ۾ فقط مھيني جو فرق آھي اسان پھرين کان وٺي ايم بي بي پاس ڪرڻ تائين گڏ رھيا ۽ پڙھيا آھيون، آءٌ سنھڙو ۽ ڊگهو ھوندو ھيس، ڊاڪٽر عثمان قد جو ننڍو ۽ بت ۾ ڀريل ھو، آءٌ پڙھڻ ۾ ھن کان ٿورو بھتر ھيس، عثمان ھڪ سياسي شاگرد جماعت جو ميمبر ھو ۽ مان ھڪ ادبي سماجي تنظيم (لطيف ميديڪوز جو ميمبر ھيس) پوءِ اھا بہ ڇڏي ڏني، آء ڪرڪٽ جو فاسٽ بالر ۽ عثمان وڪٽ ڪيپر ھوندو ھو، مان گهڻو ڪري ادبي سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو ھوس، تقريري مقابلا، شاعري، مزاح، اسٽيج تي انائوسمينٽ، راندين جي ڪامنٽري ۽ ٻين ادبي سماجي پروگرامن ۾ حصو وٺندو ھوس، ايم بي بي ايس کان پوء علم بيھوشي ( Anaes thesia ۾ Post Graduation ڪئي، ۽ سکر ۾ ئي practice ڪئي ، عثمان ڪلينڪ کولي، مان وري لطيفيات، ڪالم، رانديون، ٽاڪ شو ، ٽي وي پروگرامن ۾ حصو وٺندو رھيس، عثمان خاموش رھيو، عثمان جو والد غلام محمد ماڪو سکر ۾ سياسي ماڻھو ھيو، ۽ يو سي 20 جو چيئرمين رھيو، ھن سان گڏ عثمان سياسي ويڙھاڪ رھنما ٿي اڀريو.

عثمان جا ڪارناما

ھن غلام محمد ميڊيڪل ڪاليج کي بند ٿيڻ کان بچايو، جڏھن ڊاڪٽر اسدﷲ مھر پرنسپال ھو تہ ڊاڪٽر عثمان ايڊمنسٽريٽو آفيسر ھيو، جڏھن سياسي مسئلن سبب غلام محمد ميڊيڪل ڪالج بند ٿيڻ جون ڳالھيون ٿيون تہ ڊاڪٽر عثمان پنھنجا ذاتي تعلقات استعمال ڪندي (ھن جا مھر سردارن سان سٺا تعلقات ھئا) ھن سردار علي گوھر مھر کي دبئي ۾ فون ڪيو ۽ ڪاليج بند ٿيڻ جي ڳالھہ ٻڌائي)، جيئن تہ ھي ڪاليج سردار غلام محمد مھر جي نالي ھئي ۽ مھر سردارن کي ھن ڪاليج ھلڻ ۾ خاص دلچسپي ھئي ، ان وقت مھر سردار پيپلز پارٽي ۾ ھئا انھن ان وقت جي صدر آصف زرداري سان ڳالھايو۽ ڪاليج تان بند ٿيڻ وارو مرحلو ٽري ويو.

قدير گهانگهري لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ

جڏھن قدير گهانگهرو جيڪو ميڊيڪل جو شاگرد ھئو ۽ ان جي طبعيت خراب ٿي ۽ کيس ٻاھران transplant ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي تہ ان جي علاج لاء کوڙ سارا پئسا کپندا ھئا، ڊاڪٽر عثمان ڪالج جي شاگردن، شاگردياڻين، استادن، صحافين ۽ سول سوسائٽيءَ سان گڏ چندي مھم ھلائي ۽ ھڪ ڪروڙ گڏ ڪيا، بدقسمتي سان قدير گهانگهرو اچانڪ گذاري ويو ۽ ان جو علاج نہ ٿي سگهيو، قدير فائونڊيشن ٺاھي وئي، ڪجهہ پئسا قدير جي والد صاحب کي ڏنا ويا. قدير جي نالي سان سول اسپتال ۾ وارڊ بہ ٺاھيو ويو،۽ ڪجهہ پئسا sweet home کي بہ ڏنا ويا.
3. جڏھن ڊاڪٽر عثمان ماڪو خانڳڙھ جي شيخ ھمدان ھاسپيٽل جو ايم ايس ھيو تہ ھن اتي ٿيندڙ بدعنوانين ۽ ڪرپشن خلاف جنگ ڪئي ۽ ثبوتن سان ملزمن خلاف ڪيس ڪيا، ۽ اھي سپريم ڪورٽ، نيب، ائنٽي ڪرپشن تائين ويا ۽ اڃا شايد ھلن پيا.
4. عثمان پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سنڌ جو صوبائي عھديدار ٿيو، تہ ھن ڊاڪٽرن جي حقن لاء جدوجھد ھلائي ، مرڻ گهرڻ تائين بک ھڙتال ڪئي، ۽ ان ڏھ سال جدوجھد ۾ ڊاڪٽرن جا 17 کان 18، 18 کان 19 ۽ 19 کان 20 گريڊ ۾ پروموشن ٿيا، عثمان کي شگر ٿي پئي ۽ ھن جي دل بہ مسئلا ڪيا، ۽ ھن جي دل ۾ pace maker آھي ڊاڪٽر عثمان جي جدوجھد سان ھزارين ايڊھاڪ ڊاڪٽر مستقل ٿيا ۽ ھزارين ڊاڪٽرن کي نوڪريون مليون، ان جدوجھد ۾ شامل ٻين ڊاڪٽرن کي بہ جس آھي، عثمان اڃان ان جدوجھد ۾ شامل آھي،
مون ادب، شاعري لطيفيات ۽ سماجي ڀلائين جي سرگرمين ۾ ڪم ڪيو ۽ 2010 ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪئي ۽ ڪئمپين لاء ڪتاب لکيو، ٻوڏ متاثر مسئلا ، حل ۽ تجويزون)، آء DHO جيڪب آباد chemical Examiner روھڙي BPS-20 تان رٽائر ٿيس، اڄ ڊاڪٽر عثمان پرنسپل پئرا ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ سکر مان رٽائر ٿيو آھي.
عثمان علائقي ۾ ھڪ اسپتال ”ڪريما غلام محمد ماڪو“ ۽ گورنمينٽ گرلز ھائر سيڪنڊري اسڪول ڪريما غلام محمد ماڪو قائم ڪرائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو آھي ان ۾ ڪجهہ ڪوششون منھنجون بہ آھن پر عثمان جا ڪارناما گهڻا آھن عمر ۾ وڏو ھوندي بہ مان کيس وڏو ماڪو ۽ پاڻ کي ننڍو ماڪو چوان ٿو.

ڊاڪٽر بشير سومرو

اسان جو چانڊڪا ۾ ڪواٽر نمبر چار ھو ۽ ڊاڪٽر بشير سومري جو ڪواٽر نمبر 5، فرسٽ پروفيشنل ۾ ڊاڪٽر بشير سومري کي ھميشہ گرينرايناٽامي گڏ ھوندي ھئي، مان کيس ڊاڪٽر بشير gray ڪوٺيندو ھومانس. ھو gray وانگر ھو، مان ٻڌو آھي تہ ھو نوابشاھ ۾ ٻارن جو سرجن آھي ان شعبي ۾ ٿورا ڊاڪٽر آھن، مان اميد ڪيان ٿوتہ ڊاڪٽر بشير سومرو 15 ڏينھن خيرپور ۾ اچي ٻارن جا مفت آپريشن ڪندو.
7 بينچ جا ست DHO (ھي پوليو ميٽنگ ڪراچي ۾ گڏ ھيا:
1. ڊي ايچ او دادو ڊاڪٽر زاھد ڏاوچ.
2. ڊي ايڇ او ڄامشورو ڊاڪٽر مشتاق سولنگي.
3. ڊي ايچ او جيڪب آباد ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو.
4. ڊي ايچ او گهوٽڪي ڊاڪٽر اشرف ڪلوڙ.
5. ڊي ايچ او لاڙڪاڻو ڊاڪٽر امجد شاھ.
6. ڊي ايچ او شڪارپور ڊاڪٽر شبير شيخ.
7. ڊي ايچ او ڪشمور ڊاڪٽر نذير احمد اعواڻ.

جان جيڪب جي گهوڙي جي قبر

ڪالھہ شھيد محترمہ بينظير ڀٽو MCH سينٽر جيڪب آباد وزٽ تي وڃڻ ٿيو، ڊاڪٽر اسلم عباسي جان جيڪب جي مردہ گهوڙي جي پڪي قبر ڏيکاري، مون کي سانولو بڙدي ياد آيو، جنھن کي انگريزن ڦاھي ڏئي ماريو ھو، مون کي خانگڙھ جا مزاحمتي ڪردار مري، کوسا، رند، جکراڻي. بليدي، بلوچ، ڄاموٽ باغي ڪردار ياد آيا جن انگريز سان ڌرتي لاء مزاحمت ڪئي، ۽ جنگ وڙھي. ۽ ان گهوڙي تي چڙھي جان جيڪب انھن کي ڳولھي ڳولھي ماريو ھو، مون گهوڙي لاء مغفرت جي دعا گهري، ٻاھر اڌ اگهاڙو ٻار پنندي نظر آيو، ڏاڍي شرمساري ٿي، تہ انگريز پنھنجي مڙدہ گهوڙي جو خيال رکندا ھئا، ۽ اسان پنھنجي زندہ انسانن جو خيال نہ ٿا ڪريون.

شھيد عزيز ﷲ چانڊيو

ھي نصرﷲ بلوچ جو ڀاء ھو. ڊاڪٽر نصرﷲ بلوچ چانڊڪا مان ڊاڪٽري پاس ڪئي، پوء سياست ڪئي ، سکر جو ايم پي اي ٿيو، سٺو ڪرڪٽر ھو.
پراڻي سکر سان نہ فقط سيد، ھندو، دل، ڌاريجا، شيخ، قريشي، پٺاڻ، سومرا، سما، ماڪا، مھر، ميمڻ، لانگاھ، ڪوري، سامٽيا، پيار ڪن ٿا، پر پراڻي سکر جا چانڊيا بہ شھر سان نرالو پيار ڪن ٿا، شھيد عزيزﷲ چانڊيو شھر تان قربان ٿيو، ان جو سياسي حصو ڊاڪٽر نصرﷲ بلوچ کي مليو، نصرﷲ بلوچ عمر جي آخري پنجاھين ۾ آھي، ان خاندان جا ڊاڪٽر، انجنيئر ، آفيسر آھن ۽ گهڻا شھر کان ٻاھر رھن ٿا. پر اڄ بہ پراڻي سکر جي تاريڪ گهٽين ۾ ھيموڪالاڻي جيان جنھن کي آزادي لاء انگريزن کيس ڪچڙي جواني ۾ ڦاھي چاڙھي ڇڏيو. ائين عزيز بلوچ جي مضبوط آواز جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ ايندو آھي، ۽ اھو آواز شھر جي دشمنن کي پري رکڻ تي مجبور ڪري ٿو ۽ ان جي رت جي خوشبو شھر جي گهٽين چوراھن ، بازارن ۽ روڊن تي محسوس ٿيندي آھي، خنجر سان دشمن جيڪو شھر کي زخمي ڪرڻ آيو ھو، ان جو زخم عزيزﷲ چانڊيو کاڌو ۽ شھر کي بچائي ورتو، ھي پاڻ ڳاڙھو ٿي شھر جي سفيدي کي بچائي ويو، اڄ جيڪا شھر ۾ سياسي فتح جنھن پارٽي کي آھي اھا ان قرباني سبب ئي آھي ، ان متعلق وڌيڪ نہ ٿو ڄاڻيان پر جڏھن بہ وڪٽوريا مارڪيٽ مان گهنٽا گهر تان سبزي ، گوشت، مڇي، فروٽ وٺي ايندو آھيان تہ ھو مونکي اتي معصوم شاھ جي مناري کان وڏو خيالن ۾ نظر ايندو آ، جيڪو شھر جي حفاظت تي روحاني طور مامور آھي، ھن جي نالي تي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ بہ ٿيندي آھي ، مان ھن جي قرباني عيوض چاھيان ٿو تہ ڪا يونيورسٽي ، ڪاليج ، اسپتال روڊ قائم ڪيو وڃي. انگريزيءَ مان ترجمو ٿيل.

ڊاڪٽر ياسين ابڙو جي لاڏاڻي تي خواب اڏاڻا !!!!!!!!!

چانڊڪا ۾ پره ويلي جڏھن سرنھن جي وڻن تي ستل پکي جاڳي پوندا ھئا تہ اڏرڻ کان اڳ ھنن جون پاڻ ۾ رھاڻيون ھونديون ھيون. اُھي پکين جي ٻولين جا مڌر سر ڪو ڪو شاگرد جاڳائي وجهندا ھئا. نمازي شاگردن جون ٽوليون مسجد کان موٽنديون ھيون. اھا اسر جي ويل ئي چانڊڪا نگر ۾ سک ۽ سانت جو پھر ھوندو ھو جڏھن بگٽي ڇوڪرو ڪوارٽرن واري ڪينٽين تي بئنچون سوري چانھہ جا ٿانوَ کڙڪائيندو ھو، تہ اسان جي ڪواٽرن واري لائين مان ھڪ سانورو سيبتو سريلو ڇوڪرو گريز سوڌو ڪينٽين تي چانھہ بہ پيئندو ھو ۽ پڙھندو بہ ھئو. خبر پئي تہ استاد گل بورچي جو پٽ آهي. استاد گل بادشاھ قسم جو بورچي ھئو. ھن وٽ گڻ اڪيچار ھئا پچائڻ جو سليقو ھن وٽ ھوندو ئي ھئو سٻر جسم ھوندي بہ نرتڪين وانگر نچندو ترڪندو شاگردن جي ماني جو خيال رکندو هو. ھن جي مئس ۾ ميمبر شپ ملڻ مشڪل ھوندي هئي جو ھو رس ۾ اٽو ملائي ان کي گهاٽو نہ ڪندو ھو. استادگل جي برياني، ٻوڙ، دال، اڇا چانور، انڊي قيمي،آمليٽ، ھاف فرائي، واڱڻن جي ڦار، آلو سبزي، ڀينڊي، پالڪ، قيمو، شامي، پٽاٽن جي ٽڪي جو تہ ڪو مَٽ ئي ڪونہ ھو.
ھڪ دفعي ھن مونکي پنھنجون پچايل پکي آڙيون بہ کارايون جو اڄ تائين ياد آھن. چون ٿا تہ اڳ ۾ استاد گل ڊگري ڪاليج سکر ۾ ميس ھلائيندو ھو، اتي ھڪ بيري جي قتل کان پوء ھن چانڊڪا وسائي. استاد گل ھر شاگرد سان پٽن جھڙو ورتاءُ ڪندو ھو. ھن جو خيال رکڻ، مزاح، ڪم، ايمانداري پنھنجو مَٽ پاڻ ھئا. ھڪ ڏينھن ھن جي مک تي بيتحاشاخوشي ڏٺم. ”ماڪا ڀائو مون وارو پٽ بہ چانڊڪا ۾ داخل ٿيوآهي“. ھن ھزارن شاگردن جي خدمت ڪئي ھئي، اڄ ھن جي سپنن ساڀيان ماڻي ھئي. ھن جو پٽ جڏھن چانڊڪا ۾ آيو تہ ھو پنھنجي بابا جي ڪرت تي فخر ڪندي ھميشھ ڪلاس ۾ سٺن نمبرن ۾ پاس ٿيندو ھو. ھن سان سڀ استاد انتھائي پيار ڪندا ھئا خاص طور تي حاجي نورمحمد ميمڻ ياسين ھر سوچ کان آزاد پڙھائي ۾ مگن ھر ڪنھن جو دوست ھو. ھن وٽ بہ خواب ھئا جيڪي ھن جي باباجي اکين جي پنبڻين ۾ پليا ھئا. اسان جڏھن چانڊڪا ڇڏي تہ ھو شاگرد ھو. ھن پنھنجي ڪاميابين جو سفرڪيئن طئي ڪيو اھا خبر ناھي ھن ڪيئن fcps ڪئي ھوندي، پر پڪ اٿم تہ ھن ديس ۽ ديسواسين جي بيلوث خدمت ڪئي ھوندي. ھن جو ايسوسئيٽ پروفيسر تائين سفر ڪو سولو ڪو نہ ھوندو. ھو بيماري سان ڪيئن وڙھيو، ھن سان لبلبي ڪيئن دغا ڪئي پر ھن ڪڏھن بہ سنڌ سان دغا نہ ڪئي ھن جو مڙھ وڃي مارئي جي مڙھ وانگر سنڌ جي سڳنڌ مٽي ۾ مليو آ. ھڪ دفعو وري ڀانيان ٿو تہ استادگل جا خواب ان پره جي پکين جيان اڏامي ويا جي چانڊڪا مان سرنھن جي وڻن تان سوير اڏامي ويندا هئا. اميد ڪيان ٿوتہ ياسين کي اولاد ھوندو، جيڪو بابا جو سفر جاري رکندا. ذوالفقار راھوجي جا ٿورا جنھن ھن تحرير جو گس ڏسيو.

ڊاڪٽر اياز چنہ بہ وڇڙي ويو

ھن سان منھنجي ملاقات ھاسپيٽل ۾ ئي ٿي ھئي. ھو پنھنجي والد سان گڏ مليو ھو. . ابراھيم سارنگ سان پراڻي واقفيت ھئي، جڏھن سارنگ خوبصورت نوجوان خالد ڀٽي ۽ مالڪ کوسي سان گڏ مون کي ”ڳاڙھو لالٽين ۽ ھوچي منھہ“ جي آتم ڪھاڻي ڏنا ھئا. لب مھراڻ جي ان ڪچھريءَ کان پوءِ اسان ميڊيڪل ڪاليج ھليا وياسين. وري سارنگ سان جڏھن منظور بيدار ۽ مان ملياسين تہ ھو روھڙي ڪاليج ۾ پرنسپال ھو. سارنگ بہ ڀٽائي جي سُر سارنگ وانگر جذبن، محبتن ۾ ڪافي خوشحال ھو . ڊاڪٽر اياز بہ پيءَ وانگر خوبصورت، خوش اخلاق، خوش لباس ۽ خوشگفتار ھو، سندس جي ھڪ ڪلاس فيلو ھن جي ڪاليج واري دور جي شرارتن ۽ محترڪ ڪردار لاءِ ٻڌايو. ھو بہ مون وانگر بيھوشي جي شعبي سان وابستہ ھو، ڪافي وقت ھن پنجاب ۾ ڪم ڪيو. ڪجهہ سال اڳ ئي ھو سکر موٽيو ھيو. ھن سان اڪثر فون تي ڳالھہ ٻولھہ ٿيندي ھئي. ھن جڏھن نئين ديري ۾ پي پي ايچ آءِ جوائن پئي ڪئي تہ مون کيس چيو، ان کان وڌ پئسا تہ تون سکر ۾ ڪمائي وٺندين، رستي جا خطرا، سفر جون مشڪلاتون، مطلب مون کيس منع ڪئي ھئي، پر ھن جي جواب مون کي سُن ڪري ڇڏيو هو . سائين اسان کي ٻھراڙين ۾ بہ ڪم ڪرڻ کپي، سنڌي ماڻھن کي معياري صحت جون سھولتون ملڻ کپن. مون پنھنجي من کي مطمئن ڪيو تہ آءٌ پنھنجو حصو مڪمل ڪيو آهي پر ھن جي اندر ھڪ سنڌ دوست جو جين ھو جيڪو جهونگاريندو ھو، سنڌ ھاري جي، سنڌ مزدور جي، ۽ ھو بہ اھو نوجوان ھو جنھن جو گيت ھو، ”ڇو پير پساري ويٺو آن، اُٿ ڏونگر ڏاري وينداسين“. مون کي ھميشہ الڪو ھن جي اغوا ٿيڻ جو ھوندو ھو ڇو جو مدئجي کان لکي تائين علائقو اغوائن جي معاملي ۾ بدنام آھي. مون کي خبر ئي نہ هئي تہ ھن کي ڪو ملائڪ اغوا ڪري ويندا. . ھو شھيدن جي ڏيھہ ۾ ڊيوٽي پيو ڪري، جنھن اسپتال ۾ زارا منگي جو پوسٽ مارٽم ٿيو ھو. ھن ماڻھن جي خاص طور تي مريضن جي درد کي پنھنجو درد محسوس ڪيو جو اتي وڃي آپريشن ٿيٽر ھلرايو. زيتون جي وڻن جي ٻيلن جي خوشبو ھن کي پاڻ ڏانھن گِھلي آئي جتي ھن ڳيرن کي زيتون جي ٽارين تي رقص ڪندي ڏٺو. ھو حساس ھو. مدئجي کان اورتي بہ مڇي لوڙھ جام آھن ۽ ھو بہ ساموئين جي بيتن جي پيشنگوئي وانگر سمي ڏي سوکڙي ٿي ويو. ھن جي وڃڻ جي وھي ئي ڪانہ ھئي. ڪافي ڏينھن کان پوءِ ھن کي پٽ ڄايو ھو، ڄڻ سارنگ ھن وٽ موٽي آيو، ھن وٽ خوشين جون بارشون ٿيون. ھن جا اسٽيٽس اھو ٻڌائيندا ھئا، پر اھو مون نہ ڄاتو تہ اھا سانوڻ جي رت ڪا ھن جي پريوار تي ڳوڙھن جي برسات ٿي وسندي. ھن جي اکين ۾ سڀ خواب ڪا بھشتي ساڀيان ماڻيندا ۽ ھو اڪيلو موڪلائي ويندو. ھن جو درد تہ سانت ٿيندو ۽ دوستن کي ابدي وڇوڙي جو درد ڏيندو. ھو اياز جي نالي وانگر اياز جي شاعريءَ جو ڪردار ھو جيڪو ماڻھن جي درد سان اجوڳ جاٽ ۾ وڙھندو رھيو. رڙھي رڙھي وڙھيو . . . وڙھي وڙھي رھڙيو. خبر ئي نہ پئي تہ ھن جون ماڻڪيون اچانڪ ئي اڇوترون، اٻاڻڪيون ٿي وينديون. خبر ئي نہ ٿي پئي تہ ڇا ٿو لکندو وڃان، ڄڻ ڪو منھنجو پنھنجو روح مون کان جدا ٿيو آهي. بس ھن جي عزيزن کي صبر اچي. مان ڊرائيونگ نہ ڪندو آھيان ڇو تہ ڊاڪٽر سٺا ڊرائيور نہ ٿيندا آھن. ھنن جا خيال الجهيل ۽ مصروف ھوندا آھن. مون ڪيئي دوست ڊاڪٽر ايڪسيڊنٽس ۾ وڃايا آھن. ڊاڪٽر اسماعيل ميمڻ، ڊاڪٽر رياض، ڊاڪٽر سجاد سومرو ۽ ان جي مسز ڊاڪٽر، ڊاڪٽر اختر ملڪ ۽ ان جي مسز ڊاڪٽر، ڊاڪٽر مرتضٰي ۽ ڪيئي ٻيا ڊاڪٽر دوست . ڊاڪٽر دوستن کي چوندس تہ پاڻ سان گڏ ڊرائيور کڻو جيئن اُھي گاڏي ھلائن. ڊاڪٽر ذوالفقار راھوجي مطابق تہ ان جا زخم ايترا شديد نہ ھئا. ان جو موت ڪيئن ٿيو. ان لاءِ ڪاميٽي ويھي، ٽراما سينٽر جي سروسز تي اڄڪلھہ سوال اُڀرن ٿا.
اياز چني جي قبر جي فوٽو تي لکيل آزاد نظم:

ھي بر ۾ بٺي تر ۾ تازي آھي
ڪير اندر آ سُتو
جيءُ جهوري ويو، ھانءُ ڪوري ويو
ڪير ڄاڻي اھو ڪلھہ، اھو پرين ڪير ھو
جنھن جي سپنن ۾ سنڌ سائي ھئي
امن واري ھئي
ڪير جي ڪرڪيو، ڪنجهيوکڻي
ھي ڊوڙي ويو، درد تنھنجو روڙي ويو
دل ھن جي ڪومل ھئي
ڄڻن گلاب جي تازي پتي
سا خوشبو سان پُر ھئي
ماڪ شبنم جيان نَم ھئي
ھي شفق تي اُفق جي لالي جيان ڳاڙھو پرين
خواب ساڀيان ھو
ڪنھن سارنگ جي سپني جيان
ھي محبتن سان ھر بَر مَن تي وسيو
جيئن ڀِٽون پسي مينھن سايون ٿين
ھي ھليو ٿي، ٽليو ٿي
جيئن مرگهہ مشڪ ٿر ۾ ھاري گهمن
ھو جنھن سان مليو،
درد ان جو ھن توري وتو
۽ ھر فرد کي موھي وتو
ڀلا ڇو وڃي سُڃ ۾ ستو
بٺي ان تي گل روئن پيا
ھن ڳلي مان ڇني
ڪنھن قبر تي اچي
ڪنھن آ سھرو ٻڌو
گهوٽ اڻموٽ ھي
ڄڻ ٿو بيٺو چئي
دوستو سارجو ، نہ وسارجو
ڪي ھٿ دعا جا کڻي
ڀلي نہ کڻو
پر جي منھنجا مارو اٿو
درد انھن کان اڌارا وٺي
مون کي ڏيندا وڃو
مان مدفون ڀل
پر بٺي بَر ۾ بيٺي چوي
جي منھنجا ساٿي سنگتي اٿو
خواب منھنجا کڻي، ھلندا ھلي
مان بٺي مان بہ ھوائن ۾ تحليل ٿي
ساھ سانگين ۾ سڳنڌ اوتيندس اچي
ماڳ منھنجي اچي
بٺي سان منھنجي حال اوريو اچي
وائي ۾ تنھنجي مان وراڻي ٿيندس
ڪنھن سڏ جي پڙاڏي مثل. . !!

اَٺيئڙو

عطا صديقي جا ٿورا جنھن منھنجا ڦوٽو ورتا ۽ گروپ ۾ موڪليا. اڄ ادي حضورن شيخ، ادا ايوب شيخ، ميڊم بلقيس تي تعزيتي پروگرام ڪرايو جنھن ۾ دوست ڊاڪٽر ملڪ جلباڻي، ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو، ڊاڪٽر عطا صديقي، ڊاڪٽر رجب ديناري، ڊاڪٽر منظور ڪانڌڙو، وي سي صاحبا، چانڊڪا جو پرنسپال، سابق وي سي سائين ڊاڪٽر سرجن سڪندر صاحب، سائين اسدﷲ مھر، ڊاڪٽر سڪندر شيخ، ڊاڪٽر امتياز شاھ، ڊاڪٽر محبوب شاه، ميڊم رشيدہ پيراڻي، ڊاڪٽر خليل ميمڻ آمريڪا، ڊاڪٽر شاھدہ، ميڊم نجما ميمڻ، ڊاڪٽر ديالي گل، پروفيسرن، شاگردن، شا گردياڻين، صحافين ۽ زندگي جي ھر شعبي جي فردن گهڻي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ ميڊم کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو. انتھائي شاندار پروگرام ھو.
ان پروگرام ۾ مون ميڊم تي اٺيئڙو پڙھيو. اٺيئڙو، لفظ ڪيئن لکيم؟ اٺيئڙو لفظ اٺن مھينن جي ٻار لاءِ آھي جيڪو ماءُ جي پيٽ ۾ ھوندو آھي، ۽ بلڪل پاڪ ھوندو آھي. اسان وٽ چوندا آھن تہ ستن مھينن جو ٻار بچندو اٺن جو نہ . سو مون شاعريءَ ۾ ﷲ وارن ولين يا ﷲ جي زندہ ولين، جن انسانن جي خدمت ڪئي، انھن جي شان ۾ جيڪا شاعري ڪئي ان کي اٺيئڙو چيو. اٺيئڙو اٺن اٺن سٽن جا اٺ ھم قافيا اٺ بند ھوندا آھن ۽ آخر ۾ ٻن سٽن جي وراڻي ھوندي آھي، سو ميڊم تي لکيل اٺيئڙو جو وقفي وقفي سان ھڪ ھڪ بند پوسٽ ڪندس. اڄ جيڪو فائنل ايئر ليڪچر ھال ۾ پڙھيو اهو ئي سالن کان بعد چانڊڪا جي ھال ۾ پڙھيو. شاگردي واري دور کان پوءِ ان لاءِ خاص طور تي ادي ڊاڪٽرحضورا شيخ، ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ ڊاڪٽر ملڪ جلباڻي جا ٿورا.

بند نمبر پھريون
نہ ھيلن ڪيلر، نہ رٿ فائو ن مدر ٽريسا ھئي،
مگر امڙ ميڊم بلقيس املھہ امر سنڌ مسيحا ھئي.
طبع ھن طمع هرگز ڪانہ ھئي،
ادابن اخلاقن طرز ۾ اورچا ھئي.
ھو ھتي جي امڙين جي اوشا جي آشا ھئي،
ھو ڪيڏي نہ شيرين سخن نتاشا ھئي.
آئي ڊوڙي امڙين درد وندين وٽ توڙي محل نماشا ھئي،
محبت مسڪين مارن لاءِ وٽس بي تحاشا ھئي.
توکي ڪيئن وساريون سدا ويٺا ساريون،
ڀلا ڪيئن ڀلايون، امڙ او اسان جي ميڊم بلقيس پنھنجي.

بند ٻيو
جنم ڀومي ڪراچي لاڙڪاڻي جي راڻي ھئي.
اسان جي امڙ نيڻن ڪيڏي نماڻي ھئي،
سيرت سدا ساھ سيباڻي ھئي.
ڪرت مسيحا ۾ ڪيڏي نہ سياڻي ھئي،
ان عيوض ھن منزل نرالي ماڻي ھئي.
امڙين سائي ھنج لاءِ ھردم ويڳاڻي ھئي،
جڏھن دوستو اسپتال لاڙڪاڻو پراڻي ھئي.
آنجهي مانجهي ھلي ھوءِ آئي ڪڏھن ڪين ڪوماڻي ھئي،
توکي ڪيئن وساريون سدا ويٺا ساريون،
ڀلا ڪيئن ڀلايون، امڙ او اسان جي ميڊم بلقيس پنھنجي.

بند ٽيون
جڏھن ھوءَ بيگم اشرف عباسي ڏٺي،
ڄڻ جوڳڻ لاھوتڻ سگهڙ سنياسي ڏٺي.
اچي ھن ھت جي امڙين اداسي ڏٺي،
اھا رات ڪاري اماوسي ڏٺي.
اندر پنھنجي سھائي سھاسي ڏٺي،
ڪا سفيد ساڙهي ۾ ناري سرڳواسي ڏٺي.
رئندي، امان ڪا وڳڻ، لاڙڪاڻي واسي ڏٺي،
اسان تنھن ويلي، امڙين لاءِ ھو دان داسي ڏٺي.
توکي ڪيئن وساريون سدا ويٺا ساريون،
ڀلا ڪيئن ڀلايون، امڙ او اسان جي ميڊم بلقيس پنھنجي.

بند چوٿون
جڏھن شعبو زنانو لاڙڪاڻو ويران ھو،
جڏھن ھت نہ ماھر زنانا جو نشان ھو.
ھر ويلي پريشان ھت انسان ھو،
ان وقت پختو ھن جو ايمان ھو.
خبر کيس ھئي تہ درد نسوان جو وٽس درمان ھو،
اچي ھن در جو ھڻڪيو ڪيڪان ھو.
کليو در سڀن لاءِ نہ آت ڪو دربان ھو،
اسان جي ڏکن جو امڙ کي ھردم ارمان ھو.
توکي ڪيئن وساريون سدا ويٺا ساريون،
ڀلا ڪيئن ڀلايون، امڙ او اسان جي ميڊم بلقيس پنھنجي.

بند پنجون
نہ انڪار شھيد قائد سان ڪري ھوءَ سگهي،
ڌرم دين خدمت سڄو ڌيان مريضن ڌري هوءَ سگهي،
درد امڙين جا ڏري ھوءَ سگهي.
مالڪ مھر سان خالي جهوليون ڀري ھوءَ سگهي،
نہ مارو ميرا گدلا ڪري، پري ھوءَ سگهي.
مائرن مانُ، ٻيھر وري ھوءَ سگهي،
سانگين سوا ساعت نہ ڪا، سري ھوءَ سگهي.
مارن لاءِ سڀ وس پنھنجا ڪري ھوءَ سگهي،
توکي ڪيئن وساريون سدا ويٺا ساريون،
ڀلا ڪيئن ڀلايون، امڙ او اسان جي ميڊم بلقيس پنھنجي.

بند ڇھون
ڦڻي، پيسٽ برش کيسي، اکڙيون سدا تنھنجون ننڊاکڙيون ھيون،
ھا جڏھن لاڙڪاڻي جون سياھ سرد راتيون ھيون.
صبح جو شيخ زيد ۾ انوکيون باتيون ھيون،
ڀلا آھي ڪھڙي فرشتيا پکين جون بہ لاتيون ھيون.
جيون کي تو جيون ڏنو، ڀل مائرن ملامتون ھيون،
سڀن کي لاتو ھو سيني عجب تو عادتون ھيون.
رني جيڪا درد زچگي، ڳل ڳراٽڙيون تو تنھن پاتيون هيون.
نماز مصلو، ھو تنھنجو ٿيٽر،
واھ عجب تنھنجون عبادتون ھيون.
توکي ڪيئن وساريون سدا ويٺا ساريون،
ڀلا ڪيئن ڀلايون، امڙ او اسان جي ميڊم بلقيس پنھنجي.

بند ستون
امڙ تون ھزارن لکن مسيحن جي آھين،
ھنن نادار بيمار مارن مسڪينن جي تون آھين.
امڙ تون ننڍڙن ٻارن جي مرڪن، حسينن جي تون آھين،
امڙ تون سڄي سنڌ جي مڪينن جي تون آھين.
امڙ تون ڌڙڪندڙ جوڌن جي سينن جي تون آھين،
رھنما قافلا نرالن، نفيسن نينھن جي تون آھين.
امڙ تون اکين جي خوشين جي مينھن جي تون آھين،
مئي کان پوءِ تون وارث سنڌ جي شينھن جي تون آھين.
توکي ڪيئن وساريون سدا ويٺا ساريون،
ڀلا ڪيئن ڀلايون امڙ او اسان جي سو ميڊم بلقيس پنھنجي.

بند اٺون آخري
اڄ شيخ زيد تنھنجي، پنھنجي اوج وڻن سان وسي ٿي،
ڏسيل ڏس تنھنجي خدمت، سندا سڀ کي ڏسي ٿي.
سڀئي سور سختيون سرتين کسي ٿي،
ڀري جهول جهولي ٻانجهہ، بہ مرڪون پسي ٿي.
نہ ڪا نينگري امان بابا رسي ٿي،
اندر اوٻر اڏاري، خوشي ۾ ڦسي ٿي.
خوشيءَ لڙڪ لاڙي ڳلن تائين پسي ٿي،
هِت خوشين گيت گانا، جڏھن ماءُ ٻالڪ پنھنجو ڏسي ٿي.
توکي ڪيئن وساريون سدا ويٺا ساريون،
ڀلا ڪيئن ڀلايون امڙ او اسان جي سو ميڊم بلقيس پنھنجي.


ميڊم جي ڪوششن سان شيخ زيد زنانا اسپتال قائم ٿي. اتي ويم وارين عورتن لاءِ زچگي جي سلسلي ۾ بھتري آئي. مائرن ۽ نون ڄاول ٻارن جي موتن جي شرح ۾ تمام گهڻي گهٽتائي ٿي وئي. جنھن لاءِ شيخ زيد ۾ خوشين جو ماحول ھوندو آھي. جسُ ھاڻي جي عملي کي بہ آھي.
نتاشا؛ مٺي زبان
ڪيڪان؛ گهوڙي کي چون، ان وقت لاڙڪاڻي ۾ ايتريون موٽرون ڪارون نہ هيون.

باب ٽيون: طبي اصول ۽ اُن جون وصفون

---

ميڊيڪل ڄاڻ

مون جڏهن فرسٽ پروفيشنل جو امتحان ڏنو تہ رزلٽ جي انتظار ۾ پڙهائي شروع ڪري ڇڏي. ٽئين سال جي اهو چانڊڪا ۾ عام هو. ان دوران اسپتال ۾ مريضن جو معائني ڪرڻ جو ڪتاب ”Hutchinson Clinical Methods“ پڙهيو تہ ڏاڍو دلچسپ لڳو. سوچيم ٽرانسليٽ (ترجمو) ٿو ڪريان ۽ ڪري ويس. ان وقت منھنجي عمر 20 سال ڪجهہ مھينا هئي. اوهان سوچيو منھنجي علمي قابليت ڪيتري هوندي، سوچيم ٻيا ڪتاب بہ ترجمو ڪندس. جڏهن سائين الھہ بچائي ميمڻ صاحب کي ڏيکاريو چيائين ڇا تہ شاندار ڪتاب لکيو اٿئي پر اهو نہ ڇپاءِ، اڳي ئي اسان جا شاگرد انگريزي ڪتاب ڪو نہ ٿا پڙهن، بين الاقوامي طور سنڌين کي اڳتي اچڻو آهي ۽ مون بہ اهو ڪتاب گهر ۾ سٽي ڇڏيو. ڪجهہ پنا گم ٿيا، ڪجهہ چلھہ جي نظر ٿيا. خير هاڻ جڏهن سھيڙيا تہ اِهي پنج باب مليا آهن. انھن ۾ بہ ڪي عنوان اڻ پورا اڌورا آهن، غلطيون بہ جام هونديون. ڪو دوست پڙهي تہ ڪجهہ نہ ڪجهہ ڄاڻي وٺندو، پر ذهن ۾ اهو رکجو تہ 20 سالن جي عمر ۾ لکيل آهي.
هن ڪتاب ۾ اهو مواد ڏيڻ جو سبب اهو آهي تہ اهو بہ چانڊڪا جي ئي امانت هو. ان لاءِ شايع ڪرايان ٿو تہ جيئن شاگرد ڄاڻن تہ اسان ڪوشش ڪئي تہ ميڊيڪل بہ اسپيني، روسي، فرينچ وانگر سنڌي ۾ هجي. خير جو بہ آهي اوهان آڏو آهي، معيار تي کلندا نہ دوستو.

حال احوال:
طب جي اصولن ۽ متن تي ڳالھائڻ تہ سولو آهي پر انھن جي ڪا مختصر وصف بيان ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. اوهان کي جيڪا شيءِ حقيقت ۽ سچ جي بلڪل ويجهو آڻي ٿي اها آهي مرض جي تشخيص: (Diagnosis) تشخيص علاج جي رهنمائي ڪندي آهي ۽ ان جي سھاري ئي اسان مرض کي شڪست ڏيندا آهيون. جيڪڏهن اوهان تشخيص نہ ڪري سگهيا آهيو تہ پڪ سمجهو تہ اوهان ڪنھن اهڙي قدم کي کڻڻ وساريو آهي جيڪو تشخيص لئہ ضروري آهي. مرض جي تشخيص لئہ ٻہ مکيه قدم آهن.
پھريون اوهان جو مشاهدو آهي، جيڪو اوهان مريض جي حال احوال (history) وٺڻ مان حاصل ڪيو ٿا، ان جي طبعي امتحان (physical Examination) مان حاصل ڪيو ٿا يا ڪارائتن جانچن (investigations) مان حاصل ڪيو ٿا. ٻيو اندازو اوهان جسم جي عام رواجي ڪم جي متاثر ٿيڻ، ۽ جسم جي بيمار عضوي جي جوڙ جڪ جي متاثر ٿيڻ مان لڳايو ٿا جنھن کي علم المرض (pathology) چئبو آهي.
طبي دنيا ۾ هڪ شيءِ جو ٻئي شيءِ يا هڪ نتيجي جو ٻئي نتيجي سان انتھائي گهرو تعلق آهي. پھرئين ڳالھہ يا مشاهدي جي صحيح مطلب سمجهڻ کان پوءِ ئي ٻي ڳالھہ سمجهہ ۾ ايندي.
عام حالتن ۾ ڊاڪٽر وٽ جيڪي مريض ايندا آهن اهي مرض جي تشخيص کڻي ڪو نہ ايندا آهن تہ کين ڪھڙو مرض آهي پر ڪنھن بہ ڊاڪٽر وٽ مريض تڏهن ئي ايندو جڏهن هُن کي ڪا تڪليف هوندي آهي يا ڪو مسئلو هوندو آهي.
ڪو بہ ڊاڪٽر پاڻ کي تشخيص جو ماهر نہ سمجهي، پر اهو سوچي تہ هو انسانيت جو خدمتگار آهي، جيڪو انساني مسئلن کي کولي سمجهائي ٿو.

حال احوال The History

حال احوال وٺڻ وقت ذهن ۾ اهو مقصد رکو تہ جنھن مريض کان اوهان حال احوال وٺي رهيا آهيو ان جي شڪايتن جي پوري تفصيل معلوم ڪيو ۽ انجي پس منظر ۾ مريض جي سموري زندگيءَ کي ڏسو يا پرکڻ جي ڪوشش ڪيو.
حال احوال کي هيٺين عنوانن تحت ورهايو ۽ پوءِ هر هڪ عنوان جي تفصيل ۽ مريض مان مليل معلومات، ان عنوان ۾ لکو، اهي عنوان هيٺان آهن.


1. حاضر شڪايت Present complaint
2. هاڻوڪي بيماري جو حال احوال history of present illness
3. پراڻين بيمارين جو حال احوال، جيڪڏهن عورت آهي تہ ماهواريءَ جو حال احوال previous History of illness Menstrual history
4. علاج جو حال احوال Treatment History
5. خاندان جو حال احوالFamily History
6. ڌنڌي ۽ سماجي زندگيءَ جو حال احوال Social and Occupationual
ڪيترائي ڊاڪٽر ان ڳالھہ کي اهميت ڏيندا آهن ۽ هو مريض جي سماجي زندگي، ڌنڌي واري زندگي، پراڻي زندگي ۽ خانداني زندگيءَ جي معلومات اڳ ۾ حاصل ڪندا آهن ۽ مريض جي حاضر شڪايت بعد ۾ لکندا آهن.
انھن جو خيال هوندو آهي تہ انھن ڳالھين کي اڳ ۾ پڇڻ سان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ مريض اڳ ۾ ڪھڙين مشڪلاتن مان دوچار ٿيو آهي ۽ مريض جي حاضر شڪايت جو پراڻين ڳالھين سان ڪيترو گهرو تعلق يا واسطو آهي. اها پڻ سٺي ڳالھہ آهي تہ مريض جي شخصي زندگيءَ جو حاضر شڪايت معلوم ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪجهہ نہ ڪجهہ حال احوال وٺجي جيئن حاضر شڪايت جو ڪو نہ ڪو تدارڪ ڪري سگهجي.
مريض کان حال احوال وٺڻ وقت نہ اهو ممڪن آهي، ۽ نہ وري ان جي ڪا خواهش رکو تہ اوهان مريض کي قابو ۾ رکي ان کان هر ڳالھہ جو سلسلو ملرائي سگهو ٿا.
مريض کي ان ڳالھہ جي اجازت ڏيو تہ هو پنھنجون شڪايتون ۽ پنھنجي ڪھاڻي پنھنجي ئي انداز ۾ ٻڌائي. جيئن مريض ڪمري ۾ داخل ٿئي ائين کڻي سمجهو تہ اوهان مريض جو معائنو اتان کان ئي شروع ڪيو آهي. ڏسو تہ مريض ڪمري ۾ ڪھڙي ريت گهمي آيو. مريض جو ظاهري ڏيکاءُ ڪيئن آهي ۽ اهو اوهان جي سوالن جا جواب ڪھڙي ريت ڏئي رهيو آهي اهو پڻ ڏسو تہ مريض ڪھڙي نموني ڳالھائي رهيو آهي. مريض سان حال احوال ايستائين جاري رکو جيستائين اوهان جو مشورو پورو ٿئي.
ڪڏهن ڪڏهن اتفاق سان نھايت اهم ڳالھين جي خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن مريض ڊاڪٽر کان موڪلائڻ وارو هوندو آهي. هونئن تہ اها مٿي ڏنل عنوانن جي فھرست وڏي ۽ خطرناڪ هوندي آهي پر جڏهن اوهان تجربيڪار ٿي ويندو تہ اوهان کي خبر پئجي ويندي تہ ڪھڙي عنوان تي مريض سان وڌيڪ ڳالھائجي ۽ مريض جو ڪھڙو حال احوال زياده توجھہ سان وٺڻ گهرجي.
مثال طور: جيڪڏهن ڪو ماڻھو غير ضروري طور وڌيڪ رت وهڻ جي شڪايت ڪري ٿو يعني چوي ٿو تہ هن کي ٿورو ڌڪ لڳي ٿو تہ رت اصل بند ئي ڪو نہ ٿئي ٿي ۽ اجايو گهڻو رت وهي ٿي. اهڙن مريضن ۾ احتياط سان ورتل خانداني حال احوال يا معلومات اصلي مرض جي تشخيص ٻڌائي ٿي.
جيڪڏهن ڪو مريض ڇاتيءَ جي تڪليفن جو ذڪر ڪري ٿوان صورت ۾ اهو ٿي سگهي ٿو تہ مريض ڪڏهن ڪپڙي جي صنعت يا ڪپڙي جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪيو هجي ۽ اتان اهي بيماريون ورتيون هجن، اهڙن مريضن ۾ ڌنڌي يا ڪم جو حال احوال مرض جي تشخيص ۾ مدد ڏيندو آهي.
جيڪڏهن مريض کي رت جي گهٽتائي تشويشناڪ حد تائين آهي يا هو رت جي تشويشناڪ حد تائين گهٽتائي (sever anaemia) واريون شڪايتون بيان ڪري ٿو تہ ٿي سگهي ٿو تہ ڪجهہ وقت اڳ ۾ هن متان chloramphenical نالي دوا واپرائي هجي. اهڙي صورتحال ۾ علاج جو حال احوال نھايت ئي اهم راز فاش ڪندو آهي. جيڪڏهن مريض بخار جو حال ڏئي ٿو. اتي ائين بہ ممڪن آهي تہ مريض ڪنھن ڏورانھين ملڪ مان (ڏکڻ آفريڪا) وغيرہ مان سفر ڪري آيو هجي. اتي سماجي حال احوال social history وڃي دنگ ڪندو آهي.
ھھڙي قسم جا مثال گهٽ ملندا آهن. عام طور تي مريض جن مسئلن مان دو چار ٿيندو آهي اهي سماجي يا ازدواجي زندگيءَ متعلق هوندا آهن. مثلا زال مڙس جي اڻبڻت، مريض جي نوڪريءَ جو مسئلو مالڪ ۽ مزدور جو جهيڙو.
شاگردن لئہ ضروري آهي تہ هو هر عنوان جي فھرست heading متعلق ڪجهہ نہ ڪجهہ معلومات ضرور حاصل ڪن. مثلا: هو مريض کان حاضر شڪايت متعلق بہ پڇن، ماضيءَ جي بيمارين متعلق بہ حال احوال وٺن، علاج جو حال بہ لکن، مريض جي خانداني زندگيءَ جو ذڪر بہ ڪن، ڌنڌي ۽ سماجي زندگيءَ جو ذڪر بہ ڪن.
جڏهن توهان جو تجربو ٿي ويندو تہ توهان کي پاڻ ئي خبر پئجي ويندي تہ ڪھڙو حال احوال ڊيگهہ ۾ وٺڻ ضروري آهي. پر سياڻا ڊاڪٽر بہ سمجهہ ۾ نہ ايندڙ مرض جي صورت ۾ هر قسم جو حال احوال تفصيل سان وٺندا آهن جڏهن ڊاڪٽر سمجهي تہ مرض بلڪل آسان آهي ان ۾ عام رواجي سڌا سنوان سوال ئي ڪافي معلومات پھچائيندا آهن پر جڏهن ڪيس ڏکيو هوندو آهي تہ اهڙي صورتحال ۾ مريض جون ڳالھيون توجھہ سان ٻڌو، هو ڪيترو بہ ڳالھائي ڀلي اوهان جون گهڻو وقت ڇو نہ لڳي وڃي. مريض کي ٻڌڻ ائين آهي ڄڻ مريض اوهان کي مرض جي تشخيص خود ٻڌائي رهيو آهي.
هڪ عورت چمڙيءَ تي داڻن ۽ خارش متعلق ڪھاڻي وڃي اتي ختم ڪندي آهي تہ هن جو مڙس هن کي خواھہ مخواھہ چڙائيندو آهي يا جذباتي ڪندو آهي.
مريض کان مرض جي متعلق معلومات وٺڻ بہ فن آهي ۽ اهو ٻٽو واپار آهي ان ۾ مريض جو فائدو بہ ٿئي ٿو ۽ ڊاڪٽر جو پڻ اها ذهانت جي ڳالھہ آهي تہ مريض ڊاڪٽر يا شاگرد جيڪي جملا يا لفظ نہ ٿا سمجهن انھن جي وضاحت ڪن. جيئن هڪ ٻئي مان غلط فھميءَ جو امڪان رد ٿي وڃي. يا جن لفظن جي معنيٰ جي کين خبر نہ آهي اهي هڪ ٻئي کان واضح ڪري پڇن.
ان ۾ ڪو بہ شڪ نہ آهي تہ ڪي ڊاڪٽر مريض کي اعتماد ۾ وٺي سگهندا آهن تہ ڪي نہ، اهو ئي ڊاڪٽر سمجهہدار سڏبو آهي جنھن ۽ مريض جي وچ ۾ سٺو رابطو هوندو آهي ۽ ڊاڪٽر ۽ مريض هڪ ٻئي جي ڳالھہ آسانيءَ سان سمجهي ويندا آهن.
مريض جي دل شگفتہ لفظن ۽ شائستہ اخلاق سان کٽبي آهي دوستانہ ماحول ئي مرض جا راز ڳولي ايندو آهي. ڊاڪٽر ۽ مريض جي وچ ۾ ڪو بہ تڪلف نہ هجڻ کپي سواءِ هڪ ٻئي جي عزت جي. ڊاڪٽر کي لفظن کان علاوہ مريض سان رابطي ۽ دوستانہ ماحول لئہ ڪن ٻين سھارن جو بہ سھارو وٺڻو پوندو آهي. اکيون بہ لفظن کان وڌيڪ رهنمائي ڪنديون آهن ۽ معلومات ڏينديون. اوهان جون اکيون مريض جي ڀيڪوڙيل مٺين کي ڏسي ٻڌائينديون آهن تہ مريض ڪھڙي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي. ڇھڻ جي بہ وڏي اهميت آهي.
اسان جي معاشري ۾ ٻين ماڻھن کي ڇھڻ جي ممانعت بہ آهي ۽ ڇھڻ کي عار بہ محسوس ڪندا آهن پر افسوس ممانعت ۽ عار گهوڙن ۽ ڪتن کي ڇھڻ کان ناهي.
جيڪڏهن اوهان ڪنھن کي ڇھڻ ۾ عار ٿا محسوس ڪيو تہ اوهان سان اهڙو واقعو پيش اچي سگهي ٿو تہ جڏهن اوهان ڪڏهن پوڙهيءَ ڊنل عورت کي اسپتال ۾ ڏسي رهيا آهيو هوءَ اوهان جو هٿ پڪڙي بيھي ٿي رهي جڏهن اوهان ڇڏائڻ چاهيو ٿا تہ هوءَ مشڪل سان ٿي ڇڏي، هٿ ڇڏائڻ کان بعد جڏهن اوهان ٻيھر ان عورت جو معائنو ڪرڻ لئہ ويندئو تہ ان جو هٿ اوهان لئہ آتو هوندو. اوهان ان عورت کي تسلي ۽ همدردي ۽ پيار جا ڪيترا ئي خوبصورت جملا ڇو نہ ٻڌايو پر ان عورت کي سرور اوهان جي هٿ پڪڙڻ مان ئي ايندو.
اوهان اهو محسوس ڪيو تہ اوهان جڏهن پنھنجو هٿ مريض جي ڇھڻي جانچ palpation لئہ استعمال ڪيو ٿا تہ اهو ضرور محسوس ڪيو تہ مريض ان ڇھڻ کي حملو سمجهي ٿو، خفي ٿئي ٿو يا ان مان مريض کي آرام اچي ٿو. مريض کي ڇھڻ وقت اهو باور ڪرايو تہ اوهان جي ڇھڻ ۾ پيار آ مسيحائي آ.
ڪيترا مريض ڇھڻ سان وڌيڪ پرسڪون ٿي ويندا آهن جڏهن ڊاڪٽر لاڏ ڪوڏ سان هنن جو معائنو ڪندو آهي. مثلا: ڊاڪٽر مريض جي نبض pulse يا رت جو دٻاءُ blood Pressure ڏسندو آهي تہ مريض ائين محسوس ڪندو آهي تہ ڊاڪٽر هاڻ مون کي تپاسي علاج ڪندو.
لفظن کان علاوہ مٿي بيان ڪيل طريقا يعني اکيون، هٿ، ڪن پڻ انتھائي اهم راز بيان ڪندا آهن.
اوهان جڏهن مريض جانچيو تہ اوهان مسڪرائي مسڪرائي معائنو ڪيو نہ پريشان ٿيو، نہ منھن ۾ گهنج وجهو، جيڪڏهن اوهان پريشان نہ ٿيندئو تہ مريض سمجهندو تہ هن کي ڪا ڊگهي تڪليف نہ آهي اوهان ان ڳالھہ جي اهميت کي پنھنجي اندر واضح ڪري ڇڏيو تہ مريض جيڪي گوٿناٽ ڪندو آهي اهي دانستہ بہ ٿي سگهن ٿا ۽ غير دانستہ بہ.
ذهني طور ٿورا پسماندہ يا گهٽ هوشيار ماڻھو اهڙا گوٿناٽ ڪندا آهن. اڪثريتي مريض جيڪي گوٿناٽ ڪندا آهن انھن جو سبب نفسياتي دٻاءُ يا ڀوءُ هوندو آهي.
مريض جو ڊاڪٽر وٽ اچڻ يا ڊاڪٽر جو مريض وٽ وڃڻ، مريض لئہ انتھائي سخت مرحلو هوندو آهي. ائين کڻي سمجهو جيترو اوهان زباني امتحان viva voce ۾ پريشان ٿيندا آهيو جھڙي نموني خبرداريءَ سان اوهان جا استاد زباني امتحان وٺندا آهن اهڙي خبرداريءَ سان ۽ هوشمنديءَ سان مريض جو معائنو ڪرڻ کپي.
توهان مريض سان پنھنجائپ وارو ماحول پيدا ڪيو جيڪڏهن مريض اوهان کي ڪو نہ ٿو سڃاڻي تہ ان کي ٻڌايو تہ اوهان ڪير آهيو ۽ مريض سان ڇا لاءِ ملو ٿا.
اسان وٽ اڪثر مريض شاگردن مان خفا ٿيندا آهن ۽ اهي پنھنجو حال احوال بہ صحيح نہ ٻڌائيندا آهن هڪ تہ مريض مرض کان اڳ ۾ ئي چڙيل هوندا آهن ٻيو اوهان جي سوالن جوابن کي اجائي لٻاڙ سمجهندا آهن.
اوهان جڏهن مريض وٽ وڃو تہ ان سان نفسياتي جنگ ڪيو پھريون تہ ان کي (مريض کي) سندس نالي سان پڪاريو اهو نالو اوهان مريض جي چارٽ مان پڙهو. ان جي مائٽن کان پڇو يا خود مريضن کان پڇو جڏهن اوهان مريض کي ان جي نالي سان مخاطب ٿيندا رهندئو تہ ان ۾ هو پنھنجائپ محسوس ڪندو ۽ اوهان کي ڪو غير ضروري يا غير ماڻھو نہ سمجهندو ۽ کليل لفظن ۾ حال احوال اوريندو. مريض کي ٻڌايو تہ اسان کي وڏي ڊاڪٽر موڪليو آهي تہ جيئن اوهان جو حال احوال کيس تفصيل سان معلوم ٿئي ۽ اوهان جو علاج بہ اڃان بہ سٺو علاج ٿئي. هو پاڻ تہ انتھائي گهڻو مصروف آهي ان لاءِ اسان کي موڪليو اٿئين. مريض جڏهن پنھنجي فائدي جي ڳالھہ ٻڌندو تہ پوءِ پنھنجو حال احوال اوهان کي کولي کولي ٻڌائيندو.
مريض کي اعتماد ۾ وٺڻ کان پوءِ اهو ٻڌايو تہ هن ۽ منھنجون يعني ڊاڪٽر ۽ مريض جون عادتون ساڳيون آهن مثلا: مريض چئي تہ مان فٽبال جو شوقين آهيان تہ اوهان بہ ها ڪيو، کيس ڳوٺائي بہ سڏيو، ڳوٺائي سڏڻ سان بہ هو اوهان سان ويجهو اچڻ ۾ ڪو عار محسوس نہ ڪندو.
مريض کي اهو بہ محسوس ڪرايو تہ اوهان جو سمورو توجھہ مريض ڏي آهي. توهان جو مريض جي مٿان نوڙي بيھڻ ۽ چھري جا تاثرات مريض کي پڪ ڏيارن تہ اوهان مريض جي ڪنھن بہ ڳالھہ يا ڪنھن بہ لفظ جو ڏک نہ ڪندئو ۽ نہ ئي وري ڪاوڙجندئو توڙي مريض ڪھڙي بہ قسم جي ڳالھہ ڪري.
اوهان جيڪڏهن مريض کان لاپرواهي ڪندئو يا لڳاتار اقتباس لکندو تہ اهي ڳالھيون اوهان کي مريض جي ڪھاڻيءَ کان گهڻو پري کڻي وينديون.
ڪڏهن ڪڏهن اوهان ائين محسوس ڪندئو تہ مريض هروڀرو گوٿناٿ ٿو ڪري ۽ اهي ظاهر ظھور نظر ايندا آهن. ڪن ڪن مريضن ۾ نفسياتي علامتون هونديون آهن ۽ انھن کي مختصر طور بيان ڪرڻ مريض لئہ مسئلو هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مريض پاڻ کي جسماني طور بيمار ٻڌائيندو آهي ۽ ڊاڪٽر ذهني يا نفسياتي مسئلن کي نظر انداز ڪري مريض جي جسماني عيب ڳولڻ ۾ لڳي ويندو آ پر حقيقت ۾ مريض سان جسماني نہ پر نفسياتي مسئلو هوندو آهي ۽ ان ڳالھہ جي خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن مريض آخر ۾ زندگي ۽ هر شيءِ کي بي معنيٰ ٻڌائيندو آهي ۽ زندگيءَ مان نااميدي ڏيکاريندو آهي.
شڪ، خوف يا depression بيماريءَ وارا مريض پنھنجي بيماريءَ جو حال احوال جسماني تڪليفن سان بيان ڪندا آهن جيڪي حقيقت ۾ هنن کي هونديون ڪونہ آهيون پر ان کي محسوس ڪندا آهن.
هڪ پريشان مريض جسم جي ڪنھن بہ عضوي ۾ خلل محسوس ڪندو آهي. ان کان پوءِ آخر اها ڳالھہ ٻڌائيندو آهي تہ هو ائين ٿو محسوس ڪري تہ مون سان ڪو خوفناڪ واقعو ٿيڻ وارو آهي، حقيقت ۾ اهو ان ڪري محسوس ڪندو آهي جو هڪ پاڻ کي حقيقي بيمار سمجهندو آهي ۽ حقيقت جي هن کي خبر هوندي ئي ڪونھي.
جڏهن مريض سان ڪو جنسي مسئلو هوندو آهي تہ اهي مريض گهڻو نٽائڻ کان ڪم وٺندا آهن. ان لئہ ڊاڪٽر لئہ ضروري آهي تہ هو مريض کي اعتماد ۾ وٺي، کيس ٻڌائي تہ جيڪو بہ مسئلو اٿس کولي ٻڌائي. مان ڪڏهن بہ ڪو نہ ڪاوڙبس يا ناراض ٿيندس يا وري ان جو ڪنھن سان ذڪر ڪندس.
ڊاڪٽر مريض جي نفسياتي مسئلن جي ختم ڪرڻ لئہ اڳ ۾ مريض جو حال احوال نھايت ئي احتياط سان ٻڌي، ڪڏهن ڪڏهن مريض اهڙيون ڳالھيون بہ ڪندا آهن جن تي ڊاڪٽر کي ڪاوڙ بہ ايندي آهي.
جڏهن مريض ڪاوڙ ڏياريندڙ ڳالھيون ڪري، ان جو توجهہ بدلائي اهو چئو تہ مان تنھنجي ڳالھہ جو مقصد ڪو نہ ٿو سمجهان ۽ ان ڪوشش ۾ مصروف آهيان تہ اهو معلوم ڪيان تہ تون ڇاپيو چوڻ چاهين. اها ڳالھہ هوريان هوريان ٻيھر ٻڌاءِ تہ مھرباني ٿيندي. ڪنھن بہ صورتحال ۾مريض کي دٻائجي نہ، ڪيتريون ئي ڳالھيون اهڙيون هونديون آهن جن جو مريض غير ضروري ذڪر ڪندا آهن. حال احوال وٺڻ بہ حقيقت ۾ هڪ فن آهي. ڇھڻي جانچ ۽ طبعي جانچ پڻ فن کان خالي نہ آهن جديد اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر اهو نہ وسارين تہ هر اسپتال ۾ اهڙيون سھوليتون آهن ۽ مريضن جو علاج اهڙي نموني ٿيو هوندو دنيا جي اڪثر ماڻھن لئہ محدود ۽ ناڪافي طبي سھولتون آهن.
ڪڏهن ڪٿي تمام سٺيون سھولتون هونديون آهن پر مريض ان مان ڪو خاص فائدو نہ وٺندا آهن. هڪ تہ اهي مھانگيون هونديون آهن ڪن لئہ وري مريض کي سخت مرحلي ۽ جسماني عذاب مان گذرڻو پوندو آهي.
مريض جي حيثيت مطابق ان لئہ اهڙيون تپاسون (Investigotions) لکو جيڪو مريض برداشت بہ ڪري سگهي ۽ مريض لئہ نھايت فائديمند بہ هجن. ان تپاس جي قيمت ۽ مريض کي ان مان خطرو ٻئي ڳالھيون ڊاڪٽر ذهن ۾ رکي.
ڪيس کڻڻ، لکڻ ۽ طبعي امتحان استادن کان سٺي نموني ۽ ڌيان سان سکڻ کپي، ۽ اهو طبعي تعليم جو حصو آهي. هن باب ۾ اسان حال احوال ۽ طبعي امتحان لئہ لکون پيا. ٻين بابن ۾ اسان هر هڪ نظام ۽ سرشتي جو وضاحت سان ذڪر ڪنداسون.
حال احوال وٺڻ جو پنھنجو طريقہ ڪار آهي ۽ اهو حالتن تي مدار رکي ٿو. ڊاڪٽر اسپتال ۾، آپريشن هال ۾، ۽ گهر ۾. مختلف طريقي سان ئي مريض جو حال احوال وٺندو آهي. مريض کي هڪدم فيصله ڪن مشورو نہ ڏيو. پر مريض کي ٻڌايو تہ مان تنھنجي لاءِ ڇا ڪندس.
اوهان جڏهن مريض کي ٻڌائيندو تہ اوهان هن لاءِ ڇا ڪندئو ان وقت مريض اوهان کي پنھنجو رايو بہ ٻڌائيندو ۽ اوهان جو قيمتي وقت بہ بچي ويندو.
هن باب ۾ اسان اهڙن طريقن کي لکيو آهي تہ ڪيئن اوهان مريض جو حال احوال لکو. اسان تہ ان ڳالھہ جي ڪوشش ڪئي آهي تہ هر عنوان کي سلسلي ۾ لکون ۽ بيان ڪيون. اوهان ڪڏهن بہ اها ڪوشش نہ ڪيو تہ اوهان جھڙي ريت سلسلي وار عنوان پڙهيا اهڙي طريقي مريض بہ اوهان سان سلسلي وار هلي سگهي ٿو.
مريض کي ڇڏي ڏيو تہ پنھنجي آکاڻي پنھنجن لفظن ۾ بيان ڪري، جڏهن مريض پنھنجي ڳالھہ ختم ڪري تہ پوءِ ان ڳالھہ جي کائنس تشريح پڇو جنھن جي اوهان ضرورت محسوس ڪيو ٿا.
اوهان مريض کان جڏهن شخصي حال احوال Personal history پڇو اوهان ڪڏهن بہ رٽيل سوال نہ پڇو، سوال نامو ڪڏهن ڪڏهن ڪم ڏيندو آهي نہ تہ شخصي حال احوال تجربي جي بنيادن تي ورتو ويندو آهي.

حاضر شڪايت The Presenting Complaint

ڪوشش ڪري ان ڳالھہ جي وضاحت ڪيو تہ مريض کي ڪھڙي مکيه تڪليف آ ۽ ان کي ڪيترو عرصو ٿيو آهي. حاضر شڪايت ان تڪليف جو نالو آهي جنھن ڪري مريض ڊاڪٽر وٽ اچڻ تي مجبور ٿيندو آهي. اوهان اهو محسوس ڪيو تہ مريض تي ان تڪليف جا ڪھڙا آثار نمايان آهن ڇا مريض هروڀرو ڦند تہ نہ ٿو ڪري.
ڪيترن ئي مريضن کي، جن کي جسماني بيماريون هونديون ڪا ايڏي وڏي تڪليف نہ هوندي آ، يا تہ انھن کي پيٽ ۾ سور هوندو يا هنن کي مٿي ۾ سور هوندو يا ننڍا ساھہ يا ساھہ کڻڻ ۾ تڪليف جي شڪايت ڪندو آهي.
جڏهن اوهان مريض جي حاضر شڪايت لکو تہ ان لالچ ۾ نہ پئو تہ اتي اوهان مختصر حال احوال بہ لکي وٺو. ڪيترن ئي مريضن ۾ فقط هڪ ئي وڏي تڪليف هوندي آهي جنھن ڪري مريض ڊاڪٽر وٽ ايندو آهي. اها تڪليف ئي تشريح گهرندي آهي ۽ نمايان لکڻي پوندي آهي.
ڪيترن ئي مريضن ۾ هڪ کان وڌيڪ تڪليفون هونديون آهن جن مان اها ڳالھہ مشڪل ٿيندي آهي تہ مريض جي اصل وڏي تڪليف ڪھڙي آهي؟
جڏهن اوهان مريض کان پڇندئو تہ ان تڪليف کي ڪيترو عرصو ٿيو آهي، تہ گهٽ مريض ئي صحيح ٻڌائيندا تہ کين تڪليف کي ڪيترو وقت ٿيو آهي، خاص طور تي پوڙها تہ اها ڳالھہ ڪو نہ ياد ڪندا آهن تہ کين ڪيتري عرصي کان تڪليف آهي.
ڪيترائي مريض پنھنجي پراڻي تندرستي بابت گهٽ ئي ٻڌائيندا آهن جيڪي ماڻھو پنھنجي پراڻي بيماريءَ جي يادگيريءَ متعلق گهٽ ڄاڻندا آهن يا شڪ ڪندا آهن اهي اڪثريتي وهمي ٿيندا آهن.
ڪيترن مريضن کي جن ۾ ڪافي عرصي کان بيماريءَ جو علامتون محسوس ڪرڻ جي عادت هوندي آهي اهي تاريخ ياد ڪو نہ ڪندا آهن. حتيٰ ڪہ سال بہ نہ ٻڌائيندا آهن تہ کين ڪھڙي سال ۾ بيماري جون نشانيون ظاهر ٿيون، اهي مريض عجيب غريب ڳالھہ ڪندا آهن مثلا چوندا تہ اسان کي اها شڪايت عام چونڊن جي موقعي تي ٿي يا ڪا عورت ٻڌائيندي تہ اها شڪايت کيس مڙس جي مرڻ کان پوءِ ٿي آهي.
جيڪڏهن اوهان مريض تي پورو پورو توجھہ ڏيو تہ اهي پنھنجي شڪايت جو مدو ٻڌائي سگهن ٿا يا اوهان ان جو صحيح اندازو لڳائي سگهو ٿا.
جيڪڏهن اوهان ذهانت جو مظاهرو ڪندي مريض کان پڇندئو تہ ڇا توکي هن تڪليف کان اڳ ۾ ڪا شڪايت هئي، يا اوهان مريض کان اهو پڇو تہ اڳ ۾ تون ڪڏهن بلڪل ٺيڪ ٺاڪ هئين.
اهڙن سوالن پڇڻ سان مريض جن شين يا تڪليفن کي غير اهم سمجهندو آهي اهي ٻڌائي ڇڏيندو. اهڙي طريقي مريض جي نظر ۾ غير اهم پر طبي دنيا جون انتھائي ڪارآمد ڳالھيون ظاهر ٿي پونديون آهن. مريض عموما اهو چوندا آهن تہ هنن کي خطرناڪ بيماري آهي بجاءِ ان چوڻ جي تہ هن کي ڪيتري عرصي کان تڪليف آهي. حاضر شڪايتون توهان مدي يا وقت آڌار نمبر وار لکو.
مثلا: مريض کي هڪ سال کان پيٽ ۾ سور آهي، 5 مھينن کان الٽي آهي، 4 مھينن کان دست آهن ۽ هڪ مھيني کان بخار آهي تہ اهي ڳالھيون هيٺين طريقي سان لکيون وينديون آهن.
پيٽ ۾ سور هڪ سال کان
الٽي5 مھينن کان
دست4 مھينن کان
بخار1 مھيني کان
جيڪا شڪايت تمام گهڻي عرصي کان آهي اها پھرئين لکڻي پوندي آهي ۽ جيڪا آخر ۾ ٿيندي اٿس اها آخر ۾ لکڻي پوندي آهي.

حاضر شڪايت جو حال احوال The History of Presulillness

اوهان مريض کي چئو تہ هو شروع کان وٺي پنھنجي بيماريءَ جي ڪھاڻي اوهان کي ٻڌائي. اوهان جيڪڏهن سمجهو تہ مريض صحيح بياني ڪري رهيو آهي تہ ان جي وچ ۾ ڳالھائڻ سٺو نہ لڳندو بلاشڪ مريض پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائيندو رهي پر ان ڳالھہ جو خيال ضرور رکو تہ مريض موضوع کان تہ نہ ٿو هٽي.
توهان سخت مزاج يا ڪراڙي نفسياتي مريض جي سٺي انداز ۾ همٿ افزائي ڪري سڄو حال احوال سٺي طريقي سان وٺي سگهو ٿا. گهڻ ڳالھائو مريض مقصد تي مڙئي گهٽ ايندا آهن.
ڪيترائي مريض ڊاڪٽرن تي پنھنجي عقل جو رعب وجهڻ لاءِ ڊاڪٽريءَ جا لفظ يا medical words ڳالھائيندا آهن، حقيقت ۾ گهٽ مريضن کي لفظن جي معنيٰ جي خبر هوندي آهي مثال طور چوندا تہ کين دست آهن پر هڪ حقيقت ۾ هنن کي ساھہ ۾ تڪليف، يعني کين Dysponea هوندي تہ diarhoea ٻڌائيندا.
جيڪڏهن ڪو مريض ڊاڪٽري جا لفظ استعمال ڪري تہ ان جي همت افزائي بلڪل نہ ڪيو کيس چئو تہ جيڪا تڪليف اٿس اها سادن سودن لفظن ۾ بيان ڪري. مريض جي حال احوال وقت مريض کان اڳئين ڊاڪٽر لئہ نہ پڇو تہ هن کي ان ڇا چيو پر کيس مرض جي نوعيت تي ڳالھائڻ لاءِ چئوس جيڪڏهن مريض پنھنجي ڪھاڻي پنھنجو پاڻ ٻڌائي وڃي تہ اهڙي صورتحال ۾ اوهان جنھن تقطي جي وضاحت چاهيو ان متعلق ئي کانئس سوال جواب ڪريو ۽ جيڪو اهم بہ هجي مريض جي سڀ کان وڌيڪ تڪليف کيس ڪيئن ٿي، ڪڏهن ٿيس، ان لاءِ جيڪڏهن مريض کي ڪو شڪ آهي تہ ان لئہ بہ وضاحت ڪرايوس.
ڪيترن مريضن ۾ ڪجهہ بيمارين جون نشانيون ٿوري عرصي لاءِ ظاهر ٿينديون آهن ۽ وري ختم ٿي وينديون آهن ۽ وري ظاهر ٿينديون آهن. ان اهم ڳالھہ جي کوج لڳايو تہ اها بيماري ڪڏهن موٽي ايندي اٿس ۽ ڪڏهن وري ختم ٿيندي اٿس. ڪھڙي شيءِ سان اها تڪليف هلڪي ٿي ويندي اٿس. وقت، موسم ۽ مريض جي زندگيءَ ۾ ايندڙ خوشيون، غم ان تڪليف تي ڪيترو اثر انداز ٿين ٿا.
جڏهن اوهان محسوس ڪيو تہ مريض جي ڪھاڻي اوهان جي سامھون واضح آهي ان کان پوءِ مريض جي هر تڪيلف جو تفصيل سان مشاهدو ڪيو.
پھرئين اها ڳالھہ واضح ٿيڻ کپي تہ مريض ۽ توهان هڪ ئي شيءِ تي ڳالھائي رهيا آهيو يا هر ڪنھن جي راھہ پنھنجي آهي. اوهان پيٽ جي هوا يا فوس متعلق ڳالھائي رهيا آهيو. اسان جي سماج ۾ اها ڳالھہ محفل جي آدابن جي خلاف آهي تہ ڪو محفل ۾ ٽٽ يا فوس ڏجي. مريض کان اهو معلوم ڪيو تہ ”ڇا توهان ٽٽ يافوس ڏيڻ پسند نہ ڪندا آهيو ۽ اها هوا مٿي چاڙهي ڇڏيندا آهيو، زوريءَ ڏيندا آهيو يا ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو پر ڏئي نہ سگهندا آهيو، يا اها هوا پائخاني دوران خارج ڪندا آهيو. اوهان جو سوال نامو مريض لئہ سڌو سنئون هجي هن کان پڇيو تہ:
“اوهان پيٽ جي هوا مٿي چاڙهي ڇڏيندا آهيو. ان کي خارج ڪري ڇڏيندا آهيو. يا ان کي خارج ڪرڻ چاهيندا آهيو پر خارج ڪري نہ سگهندا آهيو.
اها ڳالھہ پڻ غير ضروري آهي تہ مريض کان سوال تي سوال يا اهڙا سوال پڇجن جن جو موضوع سان ڪو بہ تعلق نہ هجي. ڪڏهن ڪڏهن مريض کي جواب تجويز ڪري بہ ڏبا آهن مثال طور هو رت کي بند ڪرڻ لئہ ڪھڙا غير موزون طريقا اپنائيندو آهي. شايد اها انتھائي عام شڪايت آهي جنھن ڪري مريض ڊاڪٽر وٽ ايندو آهي اهو شڪايت سور جي هوندي آهي. اهو سور مختلف نوعيتن ۽ قسمن جو ٿيندو آهي سڀ کان پھريون مريض کان ان جي سور جي نوعيت مطابق پڇو ۽ ان کان بعد ٻي جانچ ڪيو.
سور لئہ هيٺيون ڳالھيون پڇو:
1. جاءِ site
مريض کان پڇو تہ سور ڪٿي اٿس، اهو ڏسو تہ مريض سور لئہ هڪ جاءِ تي هٿ رکي ٿو يا ڪنھن وڏي حد تي سڄو هٿ رکي ٿو.
2. منتقل ٿيڻ Radiation
اهو سور هڪ هنڌ بيٺو هوندو اٿس يا اهو سور هڪ جاءِ تان ختم ٿي ٻي جاءِ تي پھتو اٿس، يا سور آهستہ آهستہ پکڙبو ٿو وڃيس.
3. نوعيت severity
مريض کان معلوم ڪيو تہ اهو سور هن جي عام رواجي ڪم ڪار تي اثرانداز ٿئي ٿو يا نہ، ڇا اهو سور رات جو ننڊ مان جاڳائي تہ نہ ٿو ڇڏيس.
جيڪڏهن اهو سور مريض جي عام رواجي ڪم ڪار ۽ زندگيءَ کي متاثر نہ ٿو ڪري ۽ مريض سور جي ڪري رات جو جاڳي بہ نہ ٿو پوي تہ مريض يقينا بدمزگي discomfort متعلق ڳالھائي ٿو. ڪيترائي مريض خوامخواه ڪوڙ ڳالھائي ڳالھہ وڌائي ڪندا آهن تہ هنن کي انتھائي گهڻي تڪليف آهي. هنن جو خيال هوندو آهي تہ ائين ڪرڻ سان ڊاڪٽر ۽ هن جا مائٽ مريض سان گهڻي همدردي ڪندا.
اهڙن مسئلن جي موقعن تي اصل ڳالھہ جي پروڙ ڪرڻ کپي ۽ اهنج ۽ ايذاءُ جي اصل صورتحال معلوم ڪجي اهڙن مريضن جا مسئلا سماجي ۽ نفسياتي نوعيت جا هوندا آهن.
4. وقت Timing
اهو سور ڪڏهن شروع ٿيو هو؟ ڪھڙي وقت شروع ٿيندو اٿس ۽ ڪھڙي وقت ختم ٿيندو اٿس؟ يعني صبح جوشروع ٿيندو اٿس يا رات جو ختم ٿيندو اٿس.

خاصيت يا قسم character

مريض جو اهو سور ڪھڙي قسم جو آهي يا ڪنھن وانگر اٿس، عام طور تي سور هيٺين قسمن جو هوندو آهي ۽ اهو بہ ڪو خاص قسم جو مددگار نہ ٿيندو آهي.
1. وڍيندڙ يا وڍ وجهندڙ Stabbing
2. سڙندڙ يا ساڙيندڙ burning
3. چڀندڙ Pricking
4. ڪتريندڙ gnawing
ڪنھن بہ سور جي قسم جي خبر تڏهن ئي پوندي آهي جڏهن اوهان پاڻ اهڙي قسم جي تجربي مان گذرندو تہ اوهان کي صحيح خبر پوندي، ڪي مريض ڪتريندڙ سور جي بياني بہ صحيح نموني نہ ڪري سگهندا آهن ۽ ائين چوندا آهن تہ کين سور ائين آهي جيئن ڪوريئڙو ڪتريندو هجيس. ٻئي طرف، سخت ، نرم سور ۾ پڻ فرق ڳولڻ کپي جنھن ڪري مريض تقريبن وڪڙ کائي ويندو آهي.
هڪ ٽڪو سور جيڪو پيٽ جي جهلي جي سوزش Peritonitis ڪري هوندو آهي مريض کي هر حرڪت ڪرڻ کان روڪي وجهندو آهي. هيٺيان نقطا ان ڳالھہ سمجهڻ ۾ مددگار ٿيندا تہ ڪھڙي ڳالھہ ڪري ماڻھوءَ جا عام رواجي ڪم ڪاريون متاثر ٿين ٿا.

سور شروع ٿيڻ يا سور جو وڌي وڃڻ Occurance or aggretion

سور ڪھڙي شيءِ ڪري شروع ٿئيس ٿو ۽ ڪھڙي شيءِ مريض کي ان سور مان نجات ڏياري ٿي، يا ڪنھن شيءِ سان ان سور ۾ شدت ٿئي ٿي.
ڇاتيءَ جي وچ ۾ سور گهڻو ڪري گهڻي ڪم ڪرڻ سان وڌندو آهي، خاص طور تي جڏهن دل کي رسد گهٽ ملندي هجي، ڪڏهن ڪڏهن ڇاتيءَ جي وچ ۾ سور کاڌي جي اڳئين نالي oesophagous جي ڪري بہ هوندو آهي پر اهو سورماني کائڻ کان پوءِ ئي شروع ٿيندو آهي.

نجات Relief

ان ۾ اهو پڇو تہ سور ڪھڙي شيءِ سان ڇڏي وڃيس ٿو يا سور ۾ ڪنھن شيءِ ڪري جهڪائي اچي ٿي. سور ڪڏهن عام رواجي يا سادن سودن طريقن سان بہ ختم ٿي ويندو آهي. هڏ مشڪائون سور Musalo skeletal pain فقط جڳھہ بدلائڻ سان بہ ختم ٿي ويندو آهي.
کاڌي جي نظام جي نليءَ جي هيٺين حصي وارو سور Lower gastro intestinal tract عموما پائخانو ڪرڻ کان پوءِ ختم ٿي ويندو آهي. دل ۾ پوندڙ هلڪا سور عموما گهڻي ڪم ڪرڻ سان پوندا آهن ۽ آرام ڪرڻ سان ختم ٿي ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن سور جو خاتمو ننڍڙي شيءِ سان بہ ٿي ويندو آهي اها ننڍڙي شيءِ نظام ۾ اصل نقص جي نشاندهي ڪندي آهي.
دوائن جا اثر پڻ تشخيصي اهميت جا حامل آهن. دل کي رت جي گهٽتائي ڪري پوندڙ سورعموماً Nitrits سان ختم ٿيندا آهن.
هڏ مشڪاوان Musculo skeletal سور عموما عام سور ختم ڪندڙ دوائن جھڙوڪ Aspirin سان ختم ٿيندا آهن. جڏهن مريض نفسياتي ڪشمڪش ۾ مبتلا هوندو تہ ان جو سور ڪڏهن بہ اسپرين سان ختم نہ ٿيندو. جيڪڏهن مريض ۾ پٺيءَ وارو سور اسپرين سان ختم نہ ٿئي پر اڃان وڌي تہ اوهان جي ذهن ۾ معدي جو زخم Pepticulcer اچي وڃي جيڪو پيٽ جي پوئين ڀت Posterior abdominal wall سان ملحق هوندو آهي. سور فقط علامت آهي. اوهان کي سور کان علاوہ ٻين نشانين جي پڻ جانچ ڪرڻ کپي، مثلا: ٻي عام رواجي تڪليف اڃ آهي.
اڃ کي جدا ڪجي هيٺين ڳالھين کان تہ وات خشڪ تہ نہ ٿو ٿئيس، وات ۾ پڪ تہ گهٽ نہ ٿي ٺھيس يا وري وات ۾ ڪا بيماري تہ نہ اٿس، ڪافي نفسياتي مريض ۽ گهڻو پاڻي پيئندڙ مريض پڻ ان ڳالھہ جي شڪايت ڪندا آهن تہ انھن کي اڃ گهڻي ٿي لڳي.
اڃ تڏهن ئي گهڻي لڳندي آهي جڏهن جسم مان پاڻي خارج ٿيندو آهي. (اهو پاڻي جسم مان لوڻ ٻاهر ڪڍندو آهي تہ ڪڏهن بغير لوڻن ڪڍڻ جي).
پاڻيءَ جي جسم ۾ گهٽ ٿيڻ جا هيٺان سبب آهن:
1. گهٽ پاڻي پيئڻ
2. الٽي
3. دست
4. گهڻو پگهر اچڻ
5. گهڻو پيشاب اچڻ
6. يا رت جو گهڻو وهي وڃڻ
تجربو ۽ سادا سودا سوال جواب جسم جي ڪم جي متاثر ٿيڻ يا ان سبب کي ظاهر ڪندا آهن جنھن ڪري تڪليف ٿيندي آهي. پر پوءِ آخر ۾ جانچون ۽ سوال جواب علم المرض (Pathalogy Term) طريقن ۾ ڪجن.
مثال طور: اڃ جو سبب جسم مان پاڻيءَ جو گهڻو خارج ٿيڻ آهي. جسم جو گهڻو پاڻي گهڻن پيشابن جي صورت ۾ زيان ٿيندو آهي، مثلا: جيڪڏهن پيشاب جو وزن خاص (Specific Gravity) وڌيل آهي ۽ گهڻا پيشاب اچن ٿا تہ ان صورت ۾ کنڊ پڻ جسم مان خارج ٿيندي آهي ۽ اهو ان ڪري ٿيندو آهي جو مريض کي مٺن پيشابن جي بيماري (Diabetty mellitis) هوندي آهي. پر جيڪڏهن پيشاب جو وزن خاص گهٽ آهي ۽ مريض کي پيشاب پڻ گهڻا اچن ٿا تہ ان جو سبب مريض کي diabetess inspidis ٿي سگهي ٿو. پر جيڪڏهن پيشاب جو وزن خاص 10.10 آهي ۽ مريض کي اڃ بہ لڳي ٿي تہ ان صورتحال ۾ مريض جي بُڪئي ڊهيل (renal failure) هوندي آهي، ۽ اڃ پڻ ان ڪري لڳندي اٿس.

Normal specific gravity of urine

جيڪڏهن رت ۾ ڪئلشم جو مقدار وڌي ويندو آهي تہ ان ڪري ADH نالي رطوبت گهٽ پيدا ٿيندي آهي ۽ ان جو ڪم پڻ متاثر ٿيندو آهي ۽ جسم مان گهڻو پاڻي زيان ٿيندو آهي ان کان علاوہ پڻ گهڻا پيشاب شيون مثلا، چانھہ، ڪافي وڌيڪ واپرائجن تہ پڻ گهڻا پيشاب ايندا آهن ۽ اڃ بہ گهڻي لڳندي آهي جسم مان لوڻ بہ خارج ٿي سگهي ٿو. سور ۽ اڃ اهي ٻہ نشانيون آهن جنھن جي معرفت اوهان ٻين علامتن جا رستا ڳولھي سگهو ٿا.
جيڪڏهن اوهان ڪو نقطو ڳولي ورتو تہ تڪليف هن سبب جي ڪري ٿي آهي تہ اهو ممڪن آهي تہ اوهان نظام ۾ جيڪي تبديليون آيون آهن انھن کي سمجهي سگهو ٿا، جڏهن توهان مريض جي تڪليفن جي تفصيل ۾ وڃو تہ اتي ان ڳالھہ تان نظر بلڪل نہ هٽايو تہ مريض کي اها تڪليف ڪھڙي نموني شروع ٿي. ان ۾ اهو ڏسڻو پوندو آهي تہ ڪا شيءِ مريض کي ڳجهي طريقي سان ڏاڍو بيمار تہ نہ ٿي ڪري يا ڪا تڪليف مريض تي وقفي وقفي سان اثرانداز تہ نہ ٿي ٿئي يا مريض کي جيڪا تڪليف شدت سان ٿي هئي ان ۾ آهستہ آهستہ فائدو ايندو وڃي ٿو پر صفا ختم ڪونہ ٿي ٿئي اوهان کي ڪڏهن ڪڏهن تڪليف ڪھڙي ريت شروع ٿي وارو سوال وڏي معلومات ڏيندو آهي بنسبت تہ ڪھڙي تڪليف اٿس.
ڪيترن مريضن ۾ عموما جيڪي نفسياتي مريض هوندا آهن ۽ تمام گهڻي عرصي کان تڪليف جو ذڪر ڪندا آهن. اهڙن مريضن کان اهو پڇو تہ هن وقت ڪھڙي خاص ڳالھہ آهي جنھن ڪري تون ڊاڪٽر وٽ آيو آهين.
ڪڏهن ڪڏهن مريض ان جو روشن ۽ وڻندڙ جواب ٻڌائيندو آهي تہ ڪڏهن ائين چوندو آهي: ”تہ مان توڏانھن اچڻ جو ڪو خواب تہ نہ لڌو آهي پر منھنجي زال مون کي هتي وٺي اچڻ تي مجبور ڪيو آهي“.
ڪڏهن ڪڏهن اهو بہ چوندو آهي تہ :
”منھنجو هڪ مائٽ ستت مري ويو آهي جنھن کي پڻ ھھڙي بيماري هئي، مان ان ڀئو کان اوهان کي ڏيکارڻ آيو آهيان. اڳتي هلي اسان اهڙن سوالن جي هڪڙي تفصيل لکنداسون جيڪي مريض کان حال احوال وقت پڇبا آهن پر انھن جي محدود اهميت آهي. جڏهن مريض پنھنجي آکاڻي ٻڌائي ختم ڪري ۽ ان تڪليف جي معائني جو وقت اچي وڃي تہ ڊاڪٽر پھرئين ڳالھہ مريض کان هي پڇي تہ:
1. ڇا تون ۽ مان هڪ ئي ڳالھہ متعلق ڳالھائي رهيا آهيون؟
2. اها ڪھڙي تڪليف آهي ۽ ان ڪري تنھنجي جسم جو ڪھڙو ڪم متاثر ٿيو آهي؟
توهان مريض لئہ پنھنجو سوالنامو ٺاهيو، سوالن کي دهرائڻ جي اهميت تي تڏهن ئي زور ڏيو جڏهن مريض اوهان کي قائل نہ ڪري سگهي.
جڏهن اوهان مريض جي حاضر شڪايت جو حال احوال لکو تہ ان وقت ٻين عضون تي بہ ٿورو توجھہ ڏيو. جي ائين نہ ڪندئو تہ انھن نظامن جون خرابيون اوهان کي ڦاسائي ڇڏينديون جيڪي اڃان ظاهر ئي نہ ٿيون هونديون.

پراڻي بيماريءَ جو حال احوال Previous History of illuess

پراڻي بيماريءَ جو حال احوال ننڍپڻ کان پوءِ شروع ڪجي ۽ انھن سڀني بيمارين جو حال احوال وٺڻ گهرجي جيڪي کيس ننڍپڻ کان پوءِ ٿيون هجن اهي ڳالھيون توهان جي اڳئين ڪيل تشخيص جي صحيح هجڻ ۾ مدد ڏينديون آهن. جيئن مٿي ذڪر ڪيل آهي. مثلا: نزلو، هڏن جو سور، Arthritis هڏن جي سور وارو بخار، يا انھن کان پراڻي تشخيص ڪيل بيماريءَ لئہ پڻ ٿورو پڇجي يا توهان مريض کان اهڙي قسم جا سوال پڇي يقين ڪيو تہ واقعي مريض کي اهڙي بيماري ٿي هئي جنھن لئہ ڳالھائي رهيو آهي. عام رواجي بيمارين متعلق سوال جواب وڏي حرفت سان پڇبا آهن جيئن جنسي بيمارين جو حال احوال ۽ انھن جو علاج جو ڪرايل طريقي ڪار.
ڪيترن ئي مريضن ۾ اهو ضروري ٿي ويندو آهي تہ انھن ڊاڪٽرن يا اسپتال سان رابطو قائم ڪجي جتان مريض علاج ڪرايو هجي ان کان علاوہ مريض کان ان ڊاڪٽر جو نالو ۽ اتو پتو ۽ اسپتال جي ائڊريس وٺڻ گهرجي ۽ ان وقت مريض جيڪو نالو ۽ ائڊريس ٻڌايو هجي اهو پڻ لکڻ گهرجي جيئن صحيح تشخيص تي پھچي سگهجي.
جيڪڏهن عورت جي شادي ٿيل آهي تہ ان جو نالو اڳ ۾ پڇجي جيڪو شاديءَ کان اڳ ۾ کائنس هو ۽ اها ائڊريس پڻ جنھن تي هوءَ رهندي هئي.

ماهواريءَ جو حال احوال The Menstrual History

عورتن کان ماهواري متعلق سوال پڇيا ويندا آهن گهڻين عورتن ۾ ماهواري 28 ڏينھن کان بعد ايندي آهي پر ماهواريءَ جو اهو مدو مريض جي عادت مطابق گهٽ، وڌ بہ ٿي سگهي ٿو.
مريض کان اهو پڇو تہ هن کي ماهواري ڪھڙي عمر کان شروع ٿي هئي، جيڪڏهن ماهواري اچڻ بند ٿي وئي اٿس تہ اهو پڇجيس تہ ماهواريءَ کي بند ٿئي ڪيترو عرصو ٿيو آهي؟ عام حالتن ۾ عورتن ۾ 45 سالن جي عمر کان پوءِ ماهواري اچڻ بند ٿي ويندي آهي.
مريض کان معلوم ڪيو تہ هن جو عام رواجي جيترو خون ماهواريءَ دوران زيان ٿيندو آهي اوترو زيان ٿيندو اٿس، اهو گهٽ يا وڌ تہ خارج نہ ٿو ٿئي مريضه کان اهو معلوم ڪيو تہ ماهواري ڪيترا ڏينھن هلندي اٿس؟.
جيڪڏهن ماهواري ٻن ڏينھن کان گهٽ ۽ اٺن ڏينھن کان وڌيڪ هليس ٿي تہ اها غير صحتمندي جي علامت آهي ماهواريءَ اچڻ کان اڳ مريضه ذهني طور ڪيئن محسوس ڪندي آهي؟ ماهواري دوران سور ٿيندو اٿس يا نه؟ ان کان علاوہ مريض کان اهو پڇجي تہ ڇا هن ڄم روڪ دوائون وات ذريعي تہ نہ واپرايون آهن؟.

علاج جو بيان The treatment history:

علاج جو احوال ان ڳالھہ سان تعلق رکي ٿو تہ سڀني دوائن متعلق تفصيلي احوال وٺجي. جيڪي هن واپرايون هجن. نشا آور، ذهني سڪون واريون. ڪونفسياتي علاج، ڪو شعاعن سان علاج، يا ڪا آپريشن وغيرہ تہ نہ ڪرائي آهي. ان کان علاوہ تہ هن تي ڪھڙي دوا الٽو اثر رکي ٿي. مثلاً Pencillin مريض ۾ اها بہ ڏکيائي هوندي آهي تہ هو دوا يا علاج کي صحيح طريقي سان ياد نہ ڪري سگهندو آهي. ان کان علاوہ ڪيترن بيمارين جون دوائون هو خود وڃي اسٽور تان وٺندا آهن. اهڙي صورتحال ۾ مريض کان پڇڻ گهرجي تہ ڪھڙي تڪليف ۾ هن ڪھڙيون دوائون اسٽور تان ورتيون يا ائين پڇيو تہ تون ڇا ورتو جڏهن توکي مٿي ۾ سور پيو يا پاخاني لاءِ تو ڪھڙو جلاب وغيرہ ورتو يا دستن لاءِ تو ڪھڙي دوا ورتي.
مريض جي ياداشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ کانئس پڇيو تہ هن کي گهر ۾ ڪھڙيون دوائون آهن. ۽ اهي ڪھڙن ڪھڙن مرضن لاءِ وٺندو آهي. ڪڏهن ائين ثيندو آَهي تہ گهڻو وقت گذري وڃڻ ڪري مريض جا مائٽ گهڻو ياد ڪندا آهن. جڏهن مريض پوڙهو يا ٻار هجي يا ذهني طور ڪمزور هجي.
ان کان بعد هن کان پڇجي تہ هن ڪنھن کان دوا ورتي ۽ اها ڪھڙي وقت ۾ کاڌي. جيڪڏهن ڊاڪٽر دوا ڏنس تہ اها ڇو نہ ورتائين ان جو سبب ڪھڙو آهي.
گهڻو ڪري مريض ان دوا جا احتياط نہ مڃيندا آهن.
لفظ جي لغت تي زور نہ ڏيو پر اهو پڇيو تہ ڪھڙيون دوائون کين ڊاڪٽر ڏنيون ۽ غير ممنوعا نشہ آور دوائون هن واپرايون، ان کان پوءِ پڇيو تہ ڪھڙو علاج هن ڪھڙي تڪليف ۾ ڪرايو ۽ پوءِ ان کان باغي ٿي ويو۔ ان کان پوءِ ئي توهان ٽيڪنيڪي اصطلاح استعمال ڪيو. دوائن جي نالن موجب کانئس پڇيو، ٻاهرين ملڪن مان کاڌل داوئون انھن جي ڪا پرچي ٻرچي اٿس تہ اها ڏسو. ڊاڪٽر سرڪاري نالا استعمال ڪن، بنسبت دوائن جي خانگي نالن جي.

The family history

مريض جي خاندان ۾ ڪھڙي عزت و احترام آهي. جيڪڏهن شادي شدہ آهي تہ پوءِ ان کي ڪيترا ٻار آهن. انھن جون عمريون ڪيتريون آهن. ۽ انھن جي صحت ڪيئن آهي. جيڪڏهن خاندان ۾ ڪي موروثي بيماريون اٿن تہ انھن متعلق پڻ پڇجي. ۽ ان کان پوءِ پڇجي تہ اهي هن جا ڪيترا ويجها آهن. جن تي خانداني بيماريون اثر انداز ٿيون آهن. انھن جو تعداد ڪيترو آهي. ۽ ڪيترا انھن بيمارين کان بچيل آهن.
سماجي ۽ ڌنڌن جو احوال The social and occupational history:
مريض کان هن جي جسماني ۽ جذباتي حالتن متعلق پڇيو. هن جي ڪم ۽ گهرجي چوڌاري جيڪي شيون آهن انھن متعلق معلومات حاصل ڪريو. هن جون پنھنجون عادتون ڪيئن آهن۽ هن جو ڪم متعلق ذاتي رايو ڪيئن آهي، ان کان پوءِ هن جي زندگي جو تصوراتي خاڪو تيار ڪريو. ڏاڪي بہ ڏاڪي هن جا جذبات، هن کان خاندان، کاڌي ڪم ۽ عادتن متعلق معلوم ڪريو. ۽ پوءِ هن جي زندگي جي اهم واقعي يا ڏينھن متعلق معلوم ڪريو.

ڌنڌي جي اصل نوعيت جو حال احوال The exact nature of occupation:

هن جي ذاتي ڪم متعلق معلوم ڪريو. جيڪڏهن هي ڪنھن فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو آهي تہ کانئس معلوم ڪريو تہ هن کي ڪھڙو ڪم ڪرڻو پوندو آهي. ان کان پوءِ هن جو پنھنجي ڪم، ساٿين متعلق هن جو ڪھڙو رايو آ. ان کان پوءِ هن جي ڌنڌي جي معاشي حالت پڇيو تہ ڪٿي هن کي پئسن جو نقصان تہ نہ رسيو آ.

گهر وارن ۽ ٻين شين متعلق رايو

هي گهر جي ٻين ڀاتين متعلق ڪھڙو رايو رکي ٿو. هي ڪھڙين شين ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن جون خواهشات ڇا آهن. هن جون محسوسات ڇا آهن. هن جون وندرون ڪھڙيون آهن. هي پنھنجون موڪلون ڪيئن گذاريندو آهي. ۽ انھن مان لطف اندوز ڪيئن ٿيندو آهي. هي ڪھڙي قسم جون جسماني مشقون ڪندو آهي. ۽ ڪھڙيون رانديون کيڏندو آهي. هي پنھنجي زندگي ڪھڙي ريت گذاريندو آهي. ۽ هي پاڻ بذات خود ڪھڙي قسم جو ماڻھو آهي.

گهر جي چوڌاري حالتون

هن جي گهر ۽ پاڙي ۾ صفائي جو ڪيترو انتظام آهي. هي ڳتيل آبادي ۾ تہ نہ ٿو رهي. يا اڪيلائي ۾ رهي ٿو. هن جي گهر ۾ ڪھڙا پالتو جانور رهن ٿا. اهي هن ڪٿان آندا آهن. يا ٻئي ڪنھن ڌاري ملڪ مان گهرايا آهن.

هن جي کاڌي، شراب، تماڪو نوشي متعلق:
ان کان پوءِ هن جي پراڻين عادتن متعلق معلوم ڪريو. ڪو بہ ماڻھو چوي تہ هن ڪڏهن بہ نہ پيتو آهي يا پيئندڙ آهي اُهو ماڻھو ماضيَ جو وڏو شرابي رهي سگهي ٿو. ان کان پوءِ هن کان پڇيو تہ سگريٽ پيئندو آهي. حقو ڇڪيندو آهي سگار پيئندو آهي سگريٽ ڏينھن ۾ ڪيترا ڪھڙي برانڊ جا پيئندو آهي.

ٻئي ڌاري ملڪ تہ نہ رهيو آهي:
هن کان پڇيو تہ ٻاهرين ملڪ تہ نہ رهيو آهي. يا اتي بيمار تہ نہ ٿيو آهي. ان کان علاوہ هن جو ويجهو سفر معلوم ڪريو. مثال. برطانيہ ۾ هڪ ماڻھو مليريا جو مريض ٿي سگهي ٿو جڏهن هو ڪنھن اهڙي ملڪ مان سفر ڪري آيو هجي جتي مليريا جام ٿيندي آهي.

نفسياتي بيان The psychiatric history:

مريض جيڪو ڊاڪٽر وٽ اچي تہ ضروري آهي تہ اهو نفسياتي مريض بہ ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ اها ڳالھہ بہ ضروري آهي تہ اوهان ڳالھہ ٻولھہ جو اهو طريقو اپنايو جنھن سان هو اوهان مان بہ مطمئن ٿئي. گهڻا مريض ان ڳالھہ کي بي سبب نہ سمجهندا آهن. جڏهن ڊاڪٽر کين چوندو آهي تہ هن کي مٿي ۾ سور آهي، مٿي ڦيري اٿس يا ساھہ رڪجي ٿو. هو چوندا آهن ها. ۽ ڊاڪٽر پڇندو آهي تہ اُهي پريشاني يا ناڪاميءَ سان وڌن تہ نہ ٿا. جيڪڏهن ها چون تہ پوءِ ان پريشانيءَ سان لاڳاپيل سوال پڇجن جي نہ ڪري تہ پوءِ چالاڪيءَ سان انھن کان لفظن کي ڦيري سوال جواب پڇجن تہ هن جو سماجي ۽ جنسي ورتاءُ ڪيئن آهي. ۽ هن جو ڪم ڪيئن هلي ٿو.
ان کان علاوہ ٻيا سوال سڌو سنئون پريشانيءَ يا ڪنھن شيءِ جي جنون حاصل ڪرڻ لاءِ پڇيا ويندا آهن.

دٻاءُ ۾ رهڻ، گهڻا ڪم يا موٽا يا خراب خيال

جيڪڏهن مريض نفسياتي طور گهڻو متاثر ٿيل هجي تہ کانئسن پڇجي تہ هن کي ڪو غير يقيني يا عام رواجي زندگيءَ کان پرڀرو ڪو تجربو نہ ٿيو آهي. جيڪو مريض جي غلط سوچن ۽ وهمن کي کولي ٻڌرائيندو. ان کان بعد اهُو پڇڻ کپي تہ هن کي ڪھڙا خيال ستائين ٿا يا پريشان ڪن ٿا. گهڻو ڪري نفسياتي احوال، طبي احوال، شڪايت، اڳئين بيماري، خانداني احوال، پر نفسياتي مسئلن ۾ مريض جي ذات جو ڇيد ڪجي. ان کان ان جي اسڪول، نوڪريءَ، يارن شادي ۽ وڌيڪ تعليم متعلق تفصيل سان پڇجي. مريض ٻار يا پوڙهو هجي تہ ان جي مائٽن يا پاڙي وارن کان حال احوال معلوم ڪجي. هتي ٻن ڳالھين جو خاص خيال رکڻ گهرجي.
1. ڪڏهن ائين ٿيندوآهي تہ پھرين هڪ نشاني واضح نہ هوندي آهي. پر پوءِ واضح ٿيندي آهي.
هر سرشتي جي جانچ کان پوءِ ڪيتريون ئي نشانيون گم ٿيل نظر اينديون آهن. ساه رڪجڻ ۽ کنگهہ، ساھہ جي نظام رڪجڻ ڪري يا ساه جو رڪجڻ جيڪو گهڻي ڪم ۽ دل جي سور سبب ٿيندوآهي. اڌ رنگو، مٿي جو سور، غشي، تنتي سرشتي جي جانچ وقت.
2. مريض جو حال احوال هڪ ئي نشست ۾ پورو نہ ڪريو. يا مريض هڪ دفعو ڏسڻ سان حتمي رايو قائم نہ ڪري ڇڏيو. لڳاتار جانچ پڙتال ڪيو تہ ڪھڙيون نشانيون گم ٿين ٿيون. ۽ ڪھڙيون نيون نمايان ٿين ٿيون. يا مريض جي مشاهدي دوران ڪو نئون نقص نڪري اچي. (مون کي افسوس آهي تہ ڪافي چيپٽر ۽ پنا گم ٿي ويا آهن، پر نفسياتي بيمارين لاءِ سوال نامو هڻو. ائين مريض لفظ ڪيئن اچاري ٿو. هن سامھون عڪس ڪيئن اچن ٿا ۽ هو ڪيترو مشتعل آهي. هنيئر جيڪي عنوان ملندا لکبا. پر ضروري ناهي تہ اُهي مڪمل هجن. جيڪو چاهي پڙهي جيڪو چاهي نہ پڙهي).

Physical Examination

سڪون دار گرم ۽ روشن ڪمري ۾ مريض جو معائنو ڪجي. رات جي روشني يا بجلي جي روشني کان بھتر آهي تہ ڏينھن جي روشني هجي. ڪنھن بہ ڏڪندڙ مريض جو تفصيلي چيڪ اپ ڪرڻ جي ڪوشش ناڪاره چئبي آهي. ڏينھن جي روشني ان ڪري بہ ضروري آهي جو ان ۾ ڪڏهن سائي (jaundice) جي هلڪي قسم جي خبر بہ پئجي ويندي آهي. تفصيلي چڪاس لاءِ مريض کي اعتماد ۾ وٺي ان کان ڪپڙا بہ لھرائڻا پوندا آهن. (اوگهڙ جو خيال ڪجي) طبي سائنس ۾ اهو ان ڪري بہ ضروري آهي جو غفلت سبب ڪيترين ئي بيمارين جي خبر نہ پئجي سگهندي آهي. اسپتالن ۾ اڪثر ڪري مريض ڪپڙن لاهڻ کان ڪيٻائيندا آهن. ۽ مريض جا ڪپڙا لھرائي ان کي ڪمبل يا جبي (Gown) سان ڍڪڻ گهرجي. سٿرن ۽ ڀڏر کي چڱي نموني جاچي نہ ڏسڻ سان ڪيتريون ئي بيماريون لڪي وينديون آهن ۽ ڊاڪٽر کي خبر نہ پوندي آهي. عورت ذات لئہ اهو مسئلو انتھائي نازڪ آهي. مرد ڊاڪٽر تہ ٺھيو پنھنجي جنس ۾ئي هو ڪپڙن لاهڻ کان ڪيٻائينديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن اتفاقي طور جيڪڏهن ڪا عورت مرد ڊاڪٽر وٽ ايندي آهي تہ ان جي رحم ۽ مقعد جي معائني وقت ان جي ڪنھن مددگار يا ساهيڙيءَ جو هجڻ لازمي آهي. هڪ طرف عورت بي خطر هوندي ٻئي طرف ڊاڪٽر بہ ڪوڙي الزام کان آجي ٿي ويندو. ڪنھن بہ مريض تي ٻاهرين نظر وجهڻ کان پوءَ ڊاڪٽر اهو سوچي تہ مريض ڪيترو بيمار نظر اچي ٿو. ڏاڍو بيمار آ، ٿورو بيمار آ يا ڏسڻ ۾ چڱو ڀلو نظر اچي ٿو. ائين ضروري ڪونھي تہ ڏاڍو بيمار شخص بہ تڪليف جون رڙيون ڪري. ڪڏهن ٿوري تڪليف وارا مريض بہ وڏيون رڙيون ڪندا آهن. انسان جو عضلاتي نظام جو معائنو ان جي عضون بابت معلومات ڏيندو آهي. ليڪن ڊاڪٽر جي ڳالھہ ٻولھہ ان ماڻھو جي زندگيءَ جي ڪيترن بابن کي کولي وجهندي آهي. جنھن سان ان جي بيماريءَ جي تعين ڪرڻ ۾ وڏي مدد ملي سگهندي آ. مريض جيئن ئي ڊاڪٽر وٽ اچي تہ ان جو معائنو شروع ڪجي ۽ ايتري تائين جاري رکجي جيتري تائين ڊاڪٽر ڪو حتمي رايو قائم ڪري ۽ ان جو مشورو مريضن کي ڏي. مريض جي گفتگو کان پوءِ ان جي قابليت، ذهني، جذباتي لڳاءَ متعلق ڊاڪٽر ڪو نہ ڪو رايو ضرور قائم ڪري. هڪ بيقرار ماڻھو بي چين هوندو آهي. ان جي اکين جي پنبڻين ۾ وڏا وڏا گهنج پئجي ويندا آهن. ۽ هن ماڻھوءَ جي هٿن جي ترين ۾ پگهر اچي ويندو آهي. اتي ان ڳالھہ جو بہ خيال رکڻو پوندو آهي تہ هن جي چوڌاري جو ماحول هن جي ڪاوڙ يا بيقراري تي ڪھڙو اثر وجهي ٿو. ۽ ڪھڙي ڳالھہ تي ماڻھو وڌيڪ جذباتي ٿئي ٿو. هسٽيريا جي ڪيس جي صورت ۾ مريض وڏي نالائقي، ڪوتاهي ڏيکاريندو آهي پر ان ۾ بيقراري جو عنصر گهٽ هوندو آهي. محفل مان گمنامي، فيصلي ۾ ڪوتاهي، توجھہ ۾ گهٽتائي، ذهني پسماندگي، بيحسي، يا موٽاپي جي پريشاني، هڪ افسوس زده مريض جون نشانيون آهن. (Depression) پر بيماريءَ جي افسوس زدگي ۾ اِهي ڳالھيون گهٽ نظر اينديون آهن.

رخ، برتاءُ، ورتاءُ Attitude:

مريض جو ورتاءُ ان جي بيماريءَ جي تعين ۾ مدد ڏئي ٿو. بي آرام مريض ڪڏهن بہ صحيح طريقي سان جواب ڏئي نہ سگهندا آهن. حتيٰ ڪ پنھنجي جاءِ بہ بدلائي نہ سگهندا آهن. اهڙي صورت ۾ ان جي گهڻي بيمار هجڻ جو ٿورو جواز ملندو آهي. دل جا مريض سڌي سمھڻ ۾ ساه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ڪندا آهن. پيٽ جا مريض پيٽ جي جهليءَ ۾ سوڄ وارا چپ ڪري ليٽندا يا سمھندا آهن. پر آنڊي ۾ وڪڙ(Colic) وارا مريض وڏا بيقرار هوندا آهن. پيٽ ۾ مونا وجهي گول ٿي ويندا آهن. جيئن کين آرام اچي سگهي. اهي مريض جن کي هڏن جي سور سان گڏ بيماريون هونديون آهن اهي اڪثر ڪري ڪنھن جي مدد جا محتاج هوندا آهن. ان کان علاوہ تنتي سرشتي جون ڪيتريون بيماريون مريض جي ورتاءَ تي اثر وجهنديون آهن. گردن ٽوڙ بخار (Meningitis) جي تمام خطرناڪ مريضن ۾ ڳچي پوئتي وري ويندي آهي. سو مٿو ائين نظر ايندو آهي ڄڻ وهاڻي ۾ پيھي ويو هجي. ان کان علاوہ گهمڻ جو طريقو (Gait) پڻ انھن مريضن ۾ ڏسڻ گهرجي جيڪي گهمڻ ڦرڻ جي لائق هوندا آهن، اهو چيپٽر 11، 9 ۾ ڏنل آهي. پوءِ گهمڻ وقت پير ۾ کوکڙو Corn)) ۽ تنگ بوٽ بہ جاچجي (Jaundice) پيلاڻ، سائي، ڪامڻ ۽ زرداڻ جنھن کي (lcterus) بہ چوندا آهن. اصل ۾ (lcterus) هڪ پکي آهي. جيڪو آمريڪا جي بالٽي مور ۾ گهڻو لڀي ٿو. ان جو رنگ انتھائي زرد ٿيندو آهي. ۽ ان تي اهو نالو هڪ خاندان ڪري پيو. مريض جي جسم، چمڙيءَ جو رنگ جڏهن ٿورو پيلو ليمي جھڙو يا ڪنول جي گل جھڙو هجي تہ پوءِ ان ۾ (Pernicius anaemia) رت جي گهٽتائي ۽ (ach oluric Jaundice) ٿي سگهي ٿي. ٻيو رڪاوٽ واري سائي (obstruchlive jaundice) چمڙيءَ جو رنگ پيلو زيتوني يا نارنگي نظر ايندو آهي. سائي اصل ۾ جسم جي رت ۾ بلوربن نالي شيءِ جي وڌڻ ڪري ٿئي ٿي. جيڪڏهن بلوربن (2mg%) کان مٿي رت ۾ هجي تہ سائي نظر ايندي آهي. سائيءَ کي رت جي اندر ڪيروٽين نالي هڪ رنگدار مادي جي گهڻي جمع ٿيڻ کان طبي طور ڌار ڪري سگهجي ٿو ڪيروٽين ڪڏهن بہ اک جي مٿئين حصي (Scelra) کي زرد نہ ڪندي آهي. جڏهن تہ سائيءَ ۾ اهو زرد نظر ايندو آهي. سائيءَ جو هلڪو قسم هٿراڌو روشنيءَ ۾ نظر نہ ايندو آهي. ان لاءِ ضروري آهي تہ مريض جو معائنو سج جي روشنيءَ ۾ ڪجي.
طريقو: اوهان پنھنجون آڱريون مريض جي تارونءَ تي رکو ان کي چئو تہ هو پنھنجون مٿيون پنبڻيون مٿي ڦيرائي ۽ اوهان ان کي پڪڙي بيھو مريض کي چئو تہ هو پنھنجي ڪنڌ کي حرڪت ڏيڻ کان بغير پيرن ڏي ڏسي. اک اندر جيڪو اڇو (Scelra) نظر ايندو آهي اُهو سائيءَ جي صورت ۾ پيلو نظر ايندو آهي. زبان جي هيٺيان حصا پڻ زرد نظر ايندا. عام چمڙيءَ ۾ڀوري رنگ جي رنگدار مادي جو چڱو خاصو مقدار موجود هوندو آهي. ڄائي ڄم کان چمڙيءَ ۾ رنگ دارمادي جي نہ هجڻ کي (Albinism) چوندا آهن. جڏهن تہ ڪنھن مخصوص حصي ۾ چمڙيءَ جي عام رنگ دار مادي جي غير موجودگي کي (Piebalism) چئبو آهي. چمڙيءَ تي اڇا چٽا ۽ ڪارا داغ عموما اڇي ڪوڙھہ ۾ نظر ايندا آهن. زرد چمڙي جنھن ۾ چمڙيءَ جو رنگ دار مادو گهٽ هجي اهو پڻ پٽو ٽري غدود جي گهٽتائيءَ جي هڪ نشاني آهي. يا وري مائيوگونياڊيز. چمڙيءَ جي مادي جي رنگ دار مادي جي گهڻائي، نسل، سج جي گرمي يا وري ڪن مخصوص بيمارين سان تعلق رکي ٿي.
Addison disease ۾ ڀورو يا گهاٽو ڀورو رنگ جسم جي ظاهر (اگهاڙن) حصن کي متاثر ڪندو آهي. ان کان علاوہ ڪڇ ۽ هٿ جي ترين جتي عموما رنگ دار مادو گهٽ هوندو آهي کي پڻ متاثر ڪندو آهي. چپ ۽ وات پڻ تپاسيو تہ اتي ڪو رنگ دار مادو تہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي. جيڪڏهن گهاٽا نيرا نشان نظر اچن تہ ڏسو تہ پين وات ۾ وجهڻ سان تہ نہ ٿيا آهن. ان کان علاوہ ڪارن ۾ چمڙيءَ جو رنگ نظر ايندو آهي. ٿوري يا گهڻي ڪنھن مخصوص هنڌ تي رنگ دار مادو نظر ايندو آهي. مثال ـ رت جي رنگدار مادي جو چمڙيءَ ۾ جمع ٿيڻ (Haemo chromatosis) جنھن ۾ ڪجهہ حصا (Bronze) جي رنگ جھڙا نظر ايندا آهن ۽ چمڪ دمڪ سان نظر ايندا آهن. سنکئي جي گهڻي زهريلي اثرن جي صورت ۾ چمڙيءَ تي رنگ برنگي ڌٻا ٺھي پوندا آهن. پر اُهي جسم جي اگهاڙن حصن تي نمايان ٿيندا آهن.
(Orgyria) چانديءَ جي کارن جي گهڻي واپرائڻ جي ڪري جيڪي داغ ٺھندا آهن. (Staty grey) سليٽي خاڪي ٺھندا آهن.

پيٽ ۾ ٻار ٿيڻ وقت يا حمل دوران

مائيءَ جي پيٽ جي ڪجهہ حصن انھن جي ارهن جي ببڙين ۽ منھن تي ڪجهہ ڇائون پئجي وينديون آهن. اُهي انھن ۾ بہ ڏسبيون آهن. جيڪي ڄم روڪ دوائون واپرائينديون آهن. ۽ اهڙا چمڙيءَ جا ڪارا داغ، ايشيائي ۽ آفريڪي مردن ۾ بہ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ڪنھن هڪ حصي ۾ رنگ دار مادي جي جمع ٿيڻ ٿائيرائيڊ (Hyperthyroidism) ،(pellagra) ۽ (Rheumatie arthrilis) ۾ بہ ٿيندي آهي ۽ ڪيترن ٻين بيمارين ۾ ٿيندو آهي. جنھن ۾ جسم متاثر ٿيندو آهي. جسم جي ڪجهہ مخصوص حصن تي رنگ دار مادا يا چٽا (X-ray) واري علاج ۾ نظر ايندا آهن. ۽ ڄنگهہ ۾ ڦھليل ٽنگ جي زخم (Varicose ulcer of leg) هاڻي گهٽ نظر اچي ٿو. Vaga bond diseaseجيڪو جونئن (Lice) جي تڪليف ۾ ٿيندو هو. ان ۾ پڻ چمڙي ڪنھن مخصوص جاين تي رنگدار ٿي ويندي آهي.
(Erythemabigne) جيڪي گرميءَ سبب جسم تي رنگدار نشان نظر ايندا آهن. اها ان عورتن ۾ نمايان ٿيندي آهي. خاص طور تي انھن جي ڄنگهہ تي جيڪي عورتون باھہ جي ويجهو ويھنديون آهن.

Colours and pigmentation :

سڀ کان پھريون چمڙيءَ جو رنگ معلوم ڪجي ۽ عمومن چمڙيءَ جو رنگ مختلف ماڻھن ۾ مختلف هوندو آهي. ڪن ماڻھن ۾ چمڙيءَ جو رنگ ۽ چھرو تازو توانو لڳندو آهي. ڪجهہ ڪنھن حد تائين صحتمند لڳندا آهن. ڪجهہ زرد، ڦڪا يا پيلا نظر ايندا آهن. پيلو زرد ڪيترن بيمارين ۾ نظر ايندو آهي. اهو پيلو رنگ عارضي طور، رت وهي وڃڻ ڪري ٿيندو آهي يا مريض بيھوشي واري حالت ۾ هليو ويندو آهي يا وري گهڻو جذباتي ٿيڻ وقت بہ چھرو زرد ٿي ويندو آهي. رت جي گهٽتائي وارا مريض عموما پيلا هوندا آهن. پر اهو ضروري ناهي تہ پيلن ماڻھن ۾ رت جي گهٽتائي هجي. رت جي گهٽتائي واري مريضن ۾ اک جي پنبڻين جون هيٺيون جايون ۽ وات جي چمڙي پڻ زرد هوندي آهي. چمڙيءَ جي غير ضروري ڳاڙهو هجڻ جا سبب هي آهن.
تمام گهڻي گرمي، انتھائي طور ٿڪيل، سج جي تپش، ڪجهہ بخار يا عموما چمڙيءَ تي پت ۽ داڻا نڪرڻ، يا وري چمڙيءَ جي بيماريءَ ۾ چمڙي ڳاڙهي هوندي آهي.
جسم اندر رت جي گهٽتائي. . . جسم اندر رت جي ڳاڙهن جزن جو تعداد گهٽجي وڃي، يا هيموگلوبين جو سيڪڙو گهٽجي وڃي يا انھن ٻنھين ۾ گهٽتائي اچي.
طبي طور رت جي گهٽتائي، ننھن، اک جي پردي، زبان جي هيٺين حصن، ڳٽن جي چمڙيءَ تان معلوم ڪري سگهجي ٿي.

ننھن Nails

مريض جا ننھن ڏسو ۽ پنھنجي ننھن سان ڀيٽايو. رت جي گهٽتائيءَ وارن جا ننھن زرد هوندا آهن. پر رت ۾ پروٽين جي گهٽتائيءَ سبب ننھن تي اڇا نشان هوندا آهن.
اک جي هيٺين پنبڻيءَ مان مريض کي چئو مٿي ڏسي ۽ هن جي اک جي هيٺين پنبڻيءَ کي هيٺ ڇڪيو اک جي پنبڻيءَ جي اندر ڏسو. عموما اها گلابي هوندي آهي. پر رت جي گهٽتائيءَ (Anaemia) زرد يا پيلي نظر ايندي آهي.
وات: مريض کي چئو تہ وات کولي ۽ زبان جي هيٺين حصن کي ڏسو ڳٽن جا پويان حصا زرد نظر ايندا ان کان علاوہ مريض جي هٿن جون تريون زرد نظر اينديون.

نيرو ٿيڻcyanosis:

جڏهن هيموگلوبن جو مقدار جسم اندر گهٽجي وڃي ۽ اهو %5 تائين پھچي ٿو تہ جسم ۾ نيراڻ نمايان نظر ايندي ان جو سبب جسم اندر آڪسيجينيشن جو عمل متاثر ٿيڻ ڪري ٿئي ٿو. اها نيراڻ جسم جي گهڻن حصن ۾ نمايان ٿئي ٿي يا ڪنھن هڪ عضوي مثلا؛. ڪنھن ٻانھن يا ڄنگهہ ۾ ٿئي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ميٿاهيموگلوبينميا (Methaemoglobininia) پڻ هلڪو نيرو رنگ ٿيندو آهي. اها ميٿاهيموگلوبينميا، هيٺين دوائن جي زهريلي اثر ڪري ٿيندي آهي.
Nitra/benze/Alanine ايلانائين
Phenacetin فيناسيٽن
Dapsone/sulphanilamide سلفانالامائيڊ

ٻاهرين نيراڻ Peripheral cyanosis

اها جسم جي ڪنھن رت جي ناليءَ جي سڪڙجي وڃڻ ڪري ٿيندي آهي. ۽ رت جو دورو بند ٿي ويندو آهي.
ان جا سبب هيٺيان آهن:
1. سرديءَ جو لڳڻ
2. نس جو بند ٿيڻ. نس ڪنھن سان ٻڌڻ
3. Raynauds disease

اندرئين نيراڻ

اها تڏهن ٿيندي آهي. جڏهن جسم اندر صاف خون ۽ خراب خون ملي ويندا آهن. يا ڦڦڙن مان آڪسيجن صحيح مقدار م جذب نہ ٿيندي آهي. (fallouts tetralogy)

دل جي وينٽريڪلس جي پردن جو نقص

ڄائي ڄم جي بيماري جنھن ۾ (bulber septurn) هيٺ تمام گهڻو وڪڙ کائي ۽ شہ رڳ (Aorta) کي ساڄي کان پري ڌڪي Dextroposition of Aorta.
1. ساڄي وينٽريڪل جو وڏو ٿيڻ
2. ساھہ جي نظام جو سوڙهو ٿيڻ.
Elsemenger’s Complete (a)
1. عمر جي آخري حد ۾ جڏهن دل متاثر ٿيندي آهي
2. ٻنھي Autriam جي وچئين پردي جو نقص
3. دل جي ٻن جوڙ وارن والن جو سڪڙجڻ
4. وينٽريڪلس جي وچ واري پري جو نقص Patent Ductus Arteriocas
5. نمونيا.
6. ڦڦڙن جو ڄمڻ وقت پورو نہ کلڻ
7. ڦڦڙن جو ڊهي پوڻ
8. ڦڦڙن جو سخت ٿيڻ
دل ۾ ڦڦڙن جي مشترڪه بيماري، ٻيا سبب.
(a) مٿانھين جڳهن تي (b) ساھہ جي نالي جو بند ٿيڻ (c) بيھوشي، دل جي کاٻي حصي جو ڊهي پوڻ.

فرق ظاهري  
 
Peripherat cynosis

Central Cynosin

ٿڌ سبب متاثر ٿيل حصا ٿڌا هوندا آهن

گرمي ڏيڻ سان ختم ٿي ويندو

هٿ ٿڌا هوندا آهن.

دل ۽ ڦڦڙن جي بيمارين سبب گرم هوندا آهن

ختم نہ ٿيندو آهي گرمي ڏيڻ سان

هٿ گرم هوندا آهن

ٻار جو اسپتالي جائزو

ٻار جو اسپتالي جائزو پڻ هنر آهي. جنھن لاءِ تجربي مان ئي پرائي سگهجي ٿو. ڪڏهن ٻار اسپتال ۾ معائني کي سخت ناپسند ڪندا آهن ڇا لاءِ تہ هو ڊنل هوندا آهن.
ٻار جو معائنو صبر ۽ تحمل سان ڪبو آهي. ٻار ۽ ان جي ماءُ دوستانہ (عزت ڀرئي) رويي جو خير مقدم ڪندا آهن ۽ ٻار پڻ رانديڪن جي پسند ٻڌائيندو آهي.
ان کان بعد ۾ ٻار جي ماءُ کان حال احوال ڪجي، ٻار جي ماءُ سان ڳالھائڻ وقت جاچيندڙ ڪجهہ ڳالھين جو خيال ڪري هو ٻار ڏي ڏسي، هو چڱو ڀلو لڳي ٿو يا بيمار هو سرد مزاج (بي درد) يا چست آهي يا وري ڍرو آهي. ڇا هن جي منھن ۾ ڪا غير ضروري شيءِ تہ ڪانھي ڇا ڪو جسماني عيب عيان آهي يا نہ، ٻار کاڌل پيتل آهي يا ڏٻرو، ڇا ٻار کي ساھہ کڻڻ ۾ تڪليف تہ نہ ٿي ٿئي.
عام رواجي جانچ ۾ ساھہ ۽ نبض جي رفتار ڏسجي. نئون ڄاول ٻار هڪ منٽ ۾ 40 دفعا ساھہ کڻندو آهي. ٻئي سال ۾ 25 دفعا ۽ پنجين سال ۾ 20 دفعا ساھہ کڻندو آهي. آرام جي حالت ۾ ٻار جي ساھہ کڻڻ جي رفتار، ان ۾ دل يا ڦڦڙن جي ڪنھن بيماريءَ جي نشاندهي ڪنديون آهن.
ساھہ ۽ نبض جو تناسب 1 : 3 هوندو آهي.
نون ڄاول ٻارن ۾ نبض جي رفتار ڇھي ڪري يا چڪاسڻي سان ٻڌي ڪري معلوم ڪبي آهي ڇاتيءَ تي.

رت جو دٻاءُ Blood Pressure

رت جي دوري جون بي قاعدگيون ٻارن ۾ عام جام آهن. رت جو دٻاءُ ڪيترن ٻارن ۾ ماپڻ وقت تڪليف ده هوندو آهي. اهو ڪيترن ٻارن جي عام رواجي جانچ دوران نہ ڪيو ويندو آهي. پر اهو انھن ٻارن ۾ ضرور ڪرڻ کپي جن لئہ اهو گمان ڪري سگهجي تہ انھن کي دل جي سرشتي ۽ بڪين جون ڪي بيماريون آهن رت جو دٻاءُ ٻارن ۾ تڏهن ڏٺو ويندو آهي. جڏهن وڏو جائزو پورو ڪيو ويندو آهي. ۽ ٻار پاڻ کي ٿورو تڪليف زدو محسوس ڪندو آهي. ٻار کي ٿورو B. P apparatus يا اسٽيٿواسڪوپ سان کيڏڻ ڏنو وڃڻ کپي ۽ ان کي ٿورو ٻڌائجي تہ هاڻي اوهان ڇا ڪندو، cuff جي ماپ پڻ ان ڏس ۾ وڏي اهميت جي حامل آهي. ان لاءِ مختلف ماپ جو cuffs بازار ۾ ملنديون آهن. ڦوڪجڻ واري ٿيلھي پڻ ايتري هجي جيئن اها ٻانھن تي پوري اچي سگهي ۽ اها مٿين ٻانھن جي اڌ جيتري هجي. تمام ننڍڙن يا کير پياڪ ٻارن ۾ ڪنن سان ٻڌڻ ذريعي رت جو دٻاءُ معلوم ڪري نہ سگهبو آهي. ان لاءِ نبض کي ڇھي ڪري ڀيڪوڙجڻ وارو دٻاءُ معلوم ڪبو آهي. ٻارن ۾ (فلش) يا جوش وارو طريقو اپنائبو آهي. ٻانھن کي مٿي جهلي مضبوطيءَ سان ان کي ڪنھن پٽيءَ سان ٻڌي ڇڏبو آهي. جيئن رت cuff ڏي نہ اچي سگهي. ان کان پوءِ cuff وارو دٻاءُ آهستہ آهستہ گهٽائجي ان کان پوءِ اهو نقطو ڏسو جيڪو چمڙيءَ کي ساڳي ريت آڻي. اهو ڀيڪوڙجڻ وارو دٻاءُ هوندو آهي. ٻانھن جو رنگ اڳ ۾ اڇو ٿي ويندو آهي.
ٻارن جو ڄنگهہ ۾ رت جو دٻاءُ تڏهن معلوم ڪبو آهي جڏهن شھہ رڳ جي سوڙاهپ Aortic Coartication ننڍن ٻارن ۾ سراسري (ٻانھہ ۾) رت جو دٻاءُ.
نئون ڄاول ٻار 50/80
چار سال 60/90
اٺ سال 65/95
10 سال 70/100
۽ 13 سال 75/110
اڻ پورو ليک

وات ۽ ڳلي جو جائزو

ڳلي ۽ وات جو جائزو وٺڻ وقت مريض بيڊ يا بستري تي ويٺل هجي ان جو ڪنڌ يا مٿو آرام سان جهليل هجي ۽ پٺيءَ جي پوئتان وهاڻا ڏنل هجن يا وري مريض ڪرسيءَ تي ويٺل هجي. ان لاءِ هڪ ٽارچ يا اليٽري، هڪ زبان دٻائڻو Tongue depressor اوهان کي آڱرين جا جورابا گلوز پاتل هجن.
چپ، ڏند، مھاران، زبان، تارون، حلق ۽ orophyrnx سرشتي طور تصور ۾ آڻيو ۽ ان کان پوءِ ڇھي ڪري palpation واري طريقي سان زبان جي ڪنارن، وات جي فرش ۽ ڪلين وارين حصن جو معائنو ڪرڻ کپي.
چپ: ان کان پوءِ (فلٽرم) اهو کڏو يا خال جيڪو نڪ کان شروع ٿي مٿئين چپ ڏي اچي تمام ويجهو اچي ڏسو ۽ اتي اهو ڏسو تہ ڪو پڇاڙي وارو نشان cleftlip جو تہ رهيل ناهي. جيڪو مرمت ٿي چڪو هجي ۽ جيڪڏهن اهو هجي تہ ان جو نڪ جي ڳالھائڻ سان ڪھڙو تعلق آهي. ۽ ان کان پوءِ تارون ڏسو تہ ان ۾ تہ ڪو چير (cleft) تہ نہ آهي. ان کان پوءِ وات جي ڪنڊن کي ڏسو تہ اتي ڪو چير يا ڏار تہ ڪونھي (angular stomatitis) ڏار ڳاڙها ناسي آلا مٿاڇرا هوندا آهن، زخم وات واري ڪنڊ کان شروع ٿيندا آهن. ٻارن ۾ اهي مرض واري جاءِ infection وٽ هوندا آهن.
تمام گهڻو مريض جو مختصر جائزو وٺجي. ذهني طور متاثر مريض جي دماغ ۽ تنتي سرشتي جو پورو پورو جائزو وٺڻ کپي.

مريض جومنھن

مريض جي منھن جا تاثرات ۽ اکيون اهڙي محسوسات کي نمايان واضح ڪنديون آهن جيڪي لفظن ۾ نہ چئي سگهبا آهن.

ساھہ کڻڻ جو نظام چڪاسڻ Examination of Respiratory system

نظري جانچ يا اک سان ڏسي جانچ ڪرڻ Inspection:
ڇاتي جو نمونو يا شڪل From Oi Chest:
ڇاتي مختلف قد بت جي ماڻھن ۾ مختلف بناوت جي ھوندي آھي، عام حالتن ۾ ٿلھي ماڻھو جي ڇاتي ننڍي ويڪري ۽ ماس واري ھوندي آھي ، پر ڊگهي ماڻھو ۾ ڇاتي ڊگهي تراکڙي ۽ سوڙھي نظر ايندي آھي.
ڇاتي ۾ صحتمند ماڻھن جي مشڪن ۽ ڪلھن جي لاھن چاڙھن جو فرق بہ واضح نظر ايندو آھي. ڇاتي عام طور تي ٻنھي پاسن کان ڊولائتي يا بازيب (Bilaterally symmetrical) ھوندي آھي پر جيڪڏھن اسان ڇاتي جو ڪراس سيڪشن ڪري ڏيندا سين، تہ اھا ڇاتي اسان کي بيضوي نظر ايندي . (Elliptical).
ڇاتي جي شڪل متاثر ڪرڻ ۾ جيتريون ڦڦڙن جون بيماريون حصيدار آھن اوتريون ٻيون بيماريون پڻ، مثال طور؛ ماضي ۾ ھڏڙن جي بيماري (Rickets) ڇاتي کي بيڊولو بنائڻ جو عام سبب هئي.
يا وري ٻنھي ۾ گڏ ( يعني ڦڦڙن جي بيماري جو سبب ۽ ٻيو سبب هڏين جو نرم ٿيڻ ۽ ساھ ۾ رڪاوٽ ( مثال طور غدود )adenoids) ) ۽ پراڻي يا ٻيھر ٿيل ساھ جي نظام جي بيماري،
ڪرنگهي (vertebral Colum) جون بيماريون پڻ ڪٻ ( ماڻھو جو ڪٻو ٿيڻ يا ڪرنگهي جو اڳتي جهڪي اچڻ ) پيدا ڪيون آھن جنھن کي kyphosis چئبو آھي ، ڪرنگهي جي بيمارين ڪري ماڻھو ڪڏھن ڪڏھن پاسي تي لڙي يا جهڪي پوندو آھي جنھن کي ڪرنگهي جي پاسي تي جهڪڻ (lateral bending) يا scoliosis چئبو آھي.
ڪڏھن اھي ٻئي حالتون گڏ بہ ٿينديون آھن انھن ڳالھن جي ڪري ڇاتي جي شڪل گهڻي بيڊولي بہ ٿيندي ويندي آھي ان سان گڏ ڇاتي جي پڃري جي ماپ بہ گهٽجي ويندي آھي ۽ ساھ کڻڻ واريون حرڪتون بہ رڪجنديون آھن.
پاسي تي لڙي پوڻ (scoliosis) ڪري اسان معائني دوران يا X-ray ۾ ساھ جي نلي (trachea) ۽ دل جي چوٽي واري ڌنوڻي (apex beat) پنھنجي جا۽ تان ھٽيل محسوس ڪنداسون.
ڪڏھن ڪڏھن ڪن حالتن ۾ ڪرنگهو (پٺي وارو ھڏو ) ۽ ڇاتي وارو پڃرو بلڪل چري پري نہ سگهندا آھن، مثال طور Ankylosing spondylitis يعني rheumatoid جيڪي مھري (vertebrae) جي سوزش (rheumatoid inflammation of vertebra) ان ڪري ڪڏھن ڪڏھن مستقل ڪُٻائپ ٿي پوندي آھي، ڦڦڙن جون بيماريون ڇاتي ۾ ڪئي عيب ڪري وجهنديون آھن ، مثال طور: سلھ T. B ۾، ھڪ پاسي واري چوٽي ۾ ، ڌاڳائون عمل (fibrosis) ھڪ پاسي واري ڇاتي جي چوٽي کي چگو خاصو تراکڙو ڪري ڇڏيندو آھي، يا وري تمام خطرناڪ حد تائين ھڪ پاسي وارو ڌاڳائون عمل يا ڦڦڙن جو ڊھي پوڻ (ٻاراڻي عمر ۾ ٿيل ) ھڪ پاسي لاڙي ڇڏيندو آھي . (Scoliosis).
ھوا جي رستن کي بند ڪندڙ خطرناڪ بيماريون ڇاتي جي شڪل بندوق جي نالي وانگر ڪري ڇڏيون آھن،
جڏھن ساھ ٻاھر ڪڍڻ وقت ساھ مُنجهندو آھي تہ ڦڦڙ ھوا سان ڀريل ئي ھوندا آھن، ۽ ڇاتي ھڪ ھنڌ بيھجي ويندي آھي جيئن ساھ اندر کڻڻ وقت عام حالتن ۾ ھوندي آھي، جيستائين ڦڦڙن جو وڌيڪ ڦولجڻ وارو عمل رڪجي ويندو آھي، ڇاتي جو پڃرو ھڪ ٽڪر وانگر ساھ جي مددي مشڪن (accessory muscle) جي مدد يا عمل سان مٿي کڄندو آھي.
جيڪو عمل عام حالتن کان وڌيڪ واضح نظر ايندو آھي.
پاسيريون عام پاسرين کان گهٽ ٽيڏيون نظر اينديون آھن ۽ ڇاتي جو anteroposteries ڊايا ميٽر وڌي ويندو آھي، پٺيءَ جو هڏو اڳئين طرف وڌيڪ convex نظر ايندو آھي، ۽ ڇاتي جي ھڏي جي شڪل (sternum) گهڻي ڪري ڪمان وانگر ٿي ويندي آھي، ۽ ان ۾ لوئس واري ڪنڊ (angel of louse) وڌيڪ نمايان نظر ايندي آھي.
ڪبوتري ڇاتي جا سبب:ڇاتي جو ھڏو بيجا طور تي وڌيڪ نظر ايندو آھي ۽ انسان جي ڇاتي ڪبوتر جي ڇاتي وانگر نظر ايندي آھي.
1. نوجواني ۾ ساھ کڻڻ جي بيمارين جا وري وري حملا.
2. ٻارڙن ۾ ھڏڙي جي بيماري.
ھڏڙي جي بيماري واري ڇاتي وري ٻن شڪلين جي ٿيندي آھي.
1. مالھا وانگر: ھن ۾ ڇاتي جي ھڏي ۽ پاسيرين جا جوڙ وڌيڪ نمايان نظر ايندا آھن.
2. Harrison’s sulcus. ھن ۾ ڇاتي جي ويڪرائي سوڙھي ٿي ويندي آھي ، ان جي شروعات xiphisternum کان ٿيندي آھي ۽ اڳتي ويندي آھي ۽ ورلي وڃي وچين Axillary ليڪ تائين پھچندي آھي، ۽ ھڪ کڏو ٺھي پوندو آھي ۽ اھو کڏو پيٽ ۽ ڇاتي جي ورھاستي پردي (diaphragm) جي ليڪ سان ٺھندو آھي.
بندوق جي نالي وانگر ڇاتي:ھن جو سبب emphysema آھي ۽ ان ڇاتي جي اڳ ۾ ئي وضاحت ڪئي وئي آھي.

ڪيف وانگر ڇاتي Funnel Shaped:
قسم جي ڇاتين ۾ جسم کي پورن حصن ۾ ورھائيندڙ ليڪMedian plane وٽ ڇاتي جي ھڏي جي ھيٺين حصي ۾ ھڪ چگهه ھوندو آھي. ھھڙي ڇاتي عموماً موچين يا جوتا ٺاھيندڙن ۾ ھوندي آھي ڇو تہ اھي جوتا ٺاھڻ وقت ڪنڌ ۽ ڇاتي ٻئي ھيٺ ڪندا آھن،
اھڙي قسم جي ڇاتي ڪن ڪن ماڻھن ۾ ڄائي ڄم کان ئي ٿيندي آھي.

ڇاتي جون حرڪتون Movements Of Chest:


ساھ کڻڻ جو انگ Rate Of Respiration:
ھڪ عام نوجوان صحتمند ماڻھو ھڪ منٽ ۾ 14 کان 18 دفعا ساھ کڻندو آھي، پر جڏھن ڊاڪٽر مريض جو معائنو ڪندو آھي تہ مريض ٿورو نفسياتي دٻاءَ جو شڪار ٿي ويندو آھي ۽ اھو ساھ کڻڻ جو مدو 22 بہ ٿي ويندو.
سلھہ جي ھڪ منٽ ۾ 22 کان وڌيڪ ٿي وڃڻ ڦڦڙن جي بيمارين جي علامت ھوندو آھي اھا ڳالھہ مشاھدي جي فقدان ۽ صحيح نہ ڳڻڻ جي صورت ۾ اھو اھم ڪم ڀلجي ويندو آھي.
ساھ جي کڻڻ جو انگ، گهڻي ڪم، جذبات، بخار ۽ آڪسيجن جي گهٽتائي ۾ بہ وڌي سگهي ٿو.
آڪسيجن جي گهٽتائي جو سبب دل جون بيماريون ، ڦڦڙن جون بيماريون، ڳلي جون بيماريون، برانڪاءِ جون بيماريون،رت جي آڪسيجن کڻڻ جي عمل ۾ گهٽتائي اچڻ.

ساھ جو تنتي نظام سان واسطي وارو خلل.
ساھ کڻڻ جي انگ ۾ واڌ جو ٻيو سبب ڦڦڙن جي جهلي (Pleura) ۽ پيٽ جي جهلي (PERITONUM) جون بيماريون بہ ھونديون آھن.
مثال طور: ڦڦڙن جي جهلي جي سوزش. Pleurisy
پيٽ جي جهلي سوزش. Peritonitis
ان ۾ ساھ کڻڻ سان سور ٿيندو آھي، اتي ساھ ھلڪو بہ کنيو ويندو آھي ڇاتي بہ ھلڪي ڦونڊجندي آھي. ساھ کڻڻ جي انگ ۽ نبض جي نسبت 4:1 آھي.

تسلسل (تال) Rhythm
ساھ کڻڻ جو تسلل ڪڏھن ڪڏھن صحتمند ماڻھو ۾ صحيح نہ ھوندو آھي جيتوڻيڪ ماڻھو ھوش ۾ ھوندو آ، جڏھن مريض بلڪل پرسڪون ٿئي ساھ کڻي تڏھن ئي ساھ کڻڻ جو تسلسل جانچجي ان ۾ اھو ڏسڻو پوندو آھي تہ مريض جو اندر ساھ کڻڻ يا ٻاھر ساھ ڪڍڻ نا مناسب طور وڌيڪ نہ آھي.
ساھ اندر کڻڻ جو نامناسب وڌي وڃڻ جو سبب ھوا جي نالي يا ڳلي جون بيماريون ھونديون آھن جڏھن ساھ ٻاھر کڻڻ جو نامناسب طور وڌي وڃڻ جو سبب ڦڦڙن جون بيماريون يا Bronchial بيماريون ھونديون آھن، ساھ کڻڻ جي عمل جو ھڪ خاص قسم بہ آھي جنھن ۾ ساھ کڻڻ جو عمل ھڪ ٻئي پٺيان اونھو ٿيندو ويندو آھي ۽ ايستائين ڪي عروج تي پھچي وڃي ۽ پوءِ اھو عمل خاموش ٿي ويندو آھي جيسيتائين صفا ھوا نہ کڻجي aponea)) ۽ ان کان بعد وري ھڪ ٻئي لھر شروع ٿيندي آھي جنھن ۾ ساڳو عمل وري دھرائبو آھي ۽ وري ساھ کڻڻ جو عمل گهٽجي ويندو آھي ان کي (Cheyenne-stokes breathing. سڏبو آھي.
اھو وقفو اڌ منٽ جو بہ ٿي سگهي ٿو پر عموماً اھو گهٽ ھوندو آھي اھو چڪر عموماً ٻن منٽن کان اڳ ختم ٿيندو آھي.
اھڙي قسم جي ساھ کڻڻ جي عمل ۾ مريض ستل ھوندو آھي يا بيھوش ھوندو آھي، پر جيڪڏھن مريض جاڳيل ھجي تڏھن بہ ڏسي سگهجي ٿو خاص طور تي جڏھن مريض ڳالھائيندو ھجي،
اھڙي قسم جي ساھ کڻڻ جا ھيٺان سبب.
1. دل جو ڊھي پوڻ. Cardiac failure
2. بڪي جو ڊھي پوڻ. Renal failure
3. نمونيا.
4. نشا آور دوائن جو زھريلو اّثر . Narcotic drug poisoning
5. کوپڙي جو اندر وارو دٻا۽ وڌي وڃڻ. Increased intracranial pressure
مٿيون عمل جو بنياد ڪھڙو آھي.
جڏھن مريض تڪڙو ۽ اونھو ساھ کڻندو آھي تہ ان سان ڦڦڙن جي رت واري PCO2 گهٽجي ويندي آھي ۽ ڪجهہ وقت کان پوءِ اھا ڦڦڙن واري رت دماغ ۾ پھچندي آھي ۽ ساھ کڻڻ جو عمل رڪجي ويندو آھي جڏھن ساھ کڻڻ جو عمل بيهجي ويندو آھي تہ ڦڦڙي گهرڙن واري رت alveolar pulmonary blood وارو دٻا۽ آھستہ آھستہ وڌندو آھي ۽ ٿورڙي وقفي کان پوءِ وري جڏھن رت CO2 کڻي دماغ ڏي ويندي آھي تہ ساھ کڻڻ واريون حدون وري جاڳي پونديون آھن.
PCO2 ڪاربنڊائي آڪسائيڊ جو جزوي دٻاءُ. Partial pressure.

تيزابي ساھ کڻڻ Acidotic breathing. :
ساھ کڻڻ جي ان عمل ۾ ڊگها ۽ تڪڙا ساھ کڻبا آھن ان جو سبب جسم ۾ تيزابيت آھي .

Expansion Of Chest Or Movement:
سڀ کان پھريون مريض جي پيرن کان بيھو ۽ ان جي ساھ کڻڻ کي ڏسو تہ ان سان گڏ سندس ڇاتي ڪيترو ڦونڊجي ٿي.
اھو ڦونڊجڻ وارو عمل ڇاتي جي ٻنھي پاسن ۾ ھڪ جھڙو آ يا وري ان ۾ ڪو فرق آھي ۽ اھا ٻنھي طرفن جي ڪھڙي حصي ۾ گهٽ آھي .
Emphysema ۾ ڇاتي گهٽ ڦونڊجندي آھي ، ڇاتي جي ڦونڊجڻ جو طريقو اھو آھي تہ مريض جي ببڙين(Nipples) جي ھيٺان ٽيپ چوڌاري ڇاتي جي ويڙھجي ، عموماً اھا 5 کان 8 cm ھوندي آھي پر امفائسيما ۾ اھا ھڪ سينٽي ميٽر يا ان کان بہ گهٽ ٿي ويندي آھي.

ڇاتي جي گهٽ ڦونڊجڻ جا سبب:
1. پاڻي جو ھجڻ
2. ڇاتي جي نمونيا
3. ڦڦڙن جو ڊھي پوڻ.
4. ڳوڙھا
5. ڌاڳاوان عمل.
ڇاتي جي گهٽ ڦونڊجڻ جو عمل T. B يا لوبر نمونيا پڻ آھي.
T. B ۾ ڇاتي مٿي يا ڳراٽ ھڏڙين وٽ گهٽ ڦونڊجندي آھي جڏھن تہ لوبر نمونيا ۾ بيماري جي جا۽ وقوع تي مدار رکي ٿي جيڪڏھن بيماري ڦڦڙن جي تري ۾ ھوندي تہ ڇاتي ھيٺيان گهٽ ڦونڊجندي، جي بيماري مٿين حصي ۾ آھي تہ پوءِ ڇاتي مٿي حصي ۾ گهٽ ڦونڊجندي.

ڇاتي ڦونڊجڻ جا قسم:
پيٽ ڇاتائون ساھ کڻڻ: جڏھن ماڻھو ساھ اندر کڻندو تہ پيٽ جو اّڳتون حصو اڳتي نڪري ، مرد عموماً ھھڙي نموني جو ساھ کڻڻ جو عمل ڪندا آھن.

ڇاتائون پيٽائون ساھ کڻڻ: Thoraco-Abdominal
ھن عمل دوران جڏھن ڪو فرد ساھ اندر کڻندو تہ ان جو پيٽ بہ اندر تي ھليو ويندو. عورتون عموماً ھھڙي عمل سان ساھ کڻنديون آھن.

ڇھڻي جانچ Palpation:
ھٿ سان ڇھي ڪري معائنو ڪرڻ.
نظري جانچ Inspection کان بعد ۾ سرشتي جو سمورو معائنو ڪرڻ کان اڳ مريض جي ڇاتي کي ھٿ سان ڇھي ڪري ڪن علامتن کي ڳولبو آھي.
اوهان پنھنجو ھٿ مريض جي ڇاتيءَ جي ان حصي تي رکو جتي ڪا سوڄ وغيرہ آھي يا جنھن جاءِ تي مريض سور جون شڪايتون ڪري ٿو.
توھان جو ھٿ مريض جي ڇاتي تي ھجي پر اوھان جون نظرون مريِض جي منھن تي ھجن، ڇو تہ ھو ھٿ جي دٻاءُ سان سور جا تاثر چھري تي ظاھر ڪندو ان مان ھڪ تہ اھا خبر پوندي تہ مريض کي ڪيترو سور آھي ٻيو تہ اوھان جي ھٿ جي دٻاءُ سان پيدا ٿيندڙ غير ضروري سور بہ ڪنٽرول ڪري وٺبو.

سور ٿيڻ جا سبب:
سور جو سبب ڇاتي جي ڀت Chest Wall. کي تازو لڳل ڌڪ بہ ٿي سگهي ٿو يا وري سوزش Inflammation واريون حالتون بہ سور پيدا ڪنديون آھن .
يا وري پاسرين جي وچ وارين مشڪن Intercostal Muscles جو سور، جيئن تہ قانون آھي تہ سور وارا ھنڌ ھٿ سان دٻاءُ ڏئي ئي لھي سگهبا آھن.
ڦڦڙن جي جهلي جي سوڄPleurisy وارو سور دٻاءُ سان وڌندو ويندو آھي سور جا سبب دل جون بيماريون بہ ٿي سگهن ٿيون، مثال طور دل جي پردي جي سوزش Pericardiatis يا وري دل جي شريانن ۾ رت جا دڳا ڄمي وڃڻ،Coronary thrombosis سوڄ جي نوعيت پڻ معلوم ڪجي، سوڄ ۾ گهٽ وڌائي fluctuation تڏھن ٿيندي آھي جڏھن ڇاتي جي ڀت ۾ ڳوڙھي abscess ھوندي آھي. ان کان بعد ۾ دل جي زور cardiac impulse ۽ ھوا جي نالي جي جاءِ معلوم ڪبي آھي.
اھو محسوس ڪجي تہ ھوا جي نالي trachea ڇاتي جي مٿان واري کڏ suprasternal ۾ ڪٿي آھي ۽ اھو ڏسڻ کپي تہ ھوا جي نالي ان کڏ ۾ ڪٿي آھي اھا وچ ۾ آھي يا ڪنھن پاسي ڏي ٿيل آھي، ان دوران اھو بہ ڏسڻ کپي تہ ھوا جي نالي جي ڇاتي واري ھڏي جي کڏ ۽ sternomastoids مشڪن سان ڪيترو واسطو آھي.


Method of trachea palpation

ھوا جي نالي کي ڇھي جاچڻ جو طريقو:
ان لاءِ مريض بستري تي ليٽيل ھجي ۽ ان جو مٿو کاٻي ھٿ سان ھڪ جا۽ تي جهلجي.
ھوا جي نالي جانچڻ جا ٻہ طريقا آھن:
1. ھڪ آڱر وارو طريقو. One finger method
2. ٽن آڱرن وارو طريقو. Three fingers method

ھڪ آڱر وارو طريقو:
اوھان پنھنجي آڱوٺي جي ڀڪ واري آڱر Index finger ان کي شھادت واري آڱر بہ چئبو آھي، ان کي ڇاتي جي ھڏي جي وچ تي رکو ۽ اھا ڇاتي جي ھڏي جي وچين ليڪ تي ضرور ھجي، ان آڱر کي ھاڻي آھستہ آھستہ مٿي کڻندا اچو ۽ ڇاتي جي ھڏي جي مٿاھين کڏ تائين کڻي اچو ۽ ان کان بعد ۾ ان آڱر کي ان کڏ (suprasternal notch) ۾ اندر لاھيو ۽ اتي ھوا جي نالي محسوس ڪيو تہ ڪيئن آھي اھا وچ۾ آھي يا ڪنھن طرف وريل آھي، ڪڏھن ڪڏھن ھوا جي نالي ٿورو ساڄي پاسي تي لڙيل ھوندي آھي ۽ ائين عام صحتمند ماڻھن ۾ بہ ٿيندي آھي،

ٽن آڱرن وارو طريقو:
اوھان پنھنجون ٽئي آَڱريون آڱوٺي جي ڀر واري آڱر وچين آڱر ۽ منڊي واري آڱر ڇاتي تي اھڙي طريقي سان رکو جيئن آڱوٺي جي ڀر واري آڱر ۽ منڊي واري آڱر کان ٻي ۽ ساڄي پاسي وارن ڳراٺ ھڏي ۽ ڇاتي جي ھڏي جي جوڙ sternoclavicular joint تي ھجن ۽ وچين آڱر سان ٻنھي طرفن جي sternomastoid مشڪن جي وچ وارو خال ڏسو ۽ ھوا جي نالي ڏسو،
اھو خال جيڪڏھن گڏ ھجي تہ پوءِ ھوا جي نالي ان طرف وريل ھوندي.

ھوا جي نالي اندر تي ھجڻ جا سبب pull of trachea:
I. ڦڦڙن جو ڊھي پوڻ collapse off lungs
II. ڦڦڙن ۾ ڌاڳائون عمل ٿي پوڻ. Fibrosis off lung ٽي بي کان پوءِ .

ھوا جي نالي جو اڳتي ڇڪجڻ Push off trachea:
I. نمونيا واري ڇاتي pneumothorax
II. ڦڦڙن جي پردي ۾ پاڻي جمع ٿيڻ pleural effusion

ڪجهہ ڳوڙھا:
دل جو زور cardiac impulse جيڪڏھن اڪيلو جاءِ بدلائي تہ ان جو سبب ڪرنگهي جو پاسي تي ورڻ ٿيندو آھي
عام رواجي شڪل ۾ جڏھن اھو اپيٽو (گنبذي) طور convexity ساڄي طرف وريل ھوندو آھي تہ پوءِ دل جو زور کاٻي طرف جاءِ بدلائيندو، ۽ ان جي ابتڙ ڇاتي جي ھڏي ۾ ڪيف وانگر خال يا ساڄي وينٽريڪل جي واڌ، خاص طور تي رت جي دٻاءُ وڌي وڃڻ. Hypertension ۽ شھ رڳ جي اوني ٿيڻ aortic regurgitation، انھن حالتن جي غيرموجودگي ۾ دل جي زور cardiac impulse ۽ ھوا جي نالي يا وري ٻنھي جي ضروري جاءِ بدلائڻ سان اھو گمان ٿيندو آھي تہ ڦڦڙن جي وچ وارو پردو mediastinum کي ڦڦڙن جي بيماري يا ڦڦڙن جي جهلي جي بيماري متاثر ڪيو آ.
نوٽ: ڌاڳائين عمل fibrosis يا وري ڦڦڙ جي مٿين حصي upper lobe جي ڊھي پوڻ ڪري، فقط ھوا جي نالي ٻئي ھنڌ ٿي ويندي.

ساھ جي حرڪتن جي نوعيت معلوم ڪرڻ:
Nature of respiratory movements
ساھ جون حرڪتون پڻ ضرور مشاھدي ۾ شامل ڪجن، اھو ڏسجي تہ ڇاتي جا ٻئي پاسا ھڪ جيترا مٿي اچن ٿا يا نہ. (ڪيترو ڦونڊجن ۽ سسن ٿا).
جانچڻ جو طريقو: ٻنھي ھٿن جي آڱرين جا ڇيڙا مريض جي پاسن تي رکو ۽ ٻنھي ھٿن جا انگوٺا ڇاتي جي اڳئين پاسي وچي ليڪ وٽ اچي ملن، ھاڻي اوھان مريض کي ڊگهو ساھ کڻڻ لاءِ چئو ، ھاڻي وچين ليڪ کان آنڱوٺا جيترو پري وڃن انھن کي ھڪ ٻئي سان ڀيٽيو (يعني اھو مفاصلو ڀيٽيو تہ ڪھڙو آڱوٺو پنھنجي پاسي گهڻو ھليو ويو ۽ ڪھڙو گهٽ).
انھيءَ جا گهٽ ٿيڻ جا سبب اڳ ۾ ئي ڏنا ويا آھن.
ڇاتي جي اندر پيدا ٿيندڙ آوازي لھرون جانچڻ طريقو؛ Vocal fremitus
اوھان پنھنجو ھٿ مريض جي ڇاتي تي سڌو رکو، ان کان پوءِ مريض کي چئو تہ ھو ھڪ، ھڪ، ھڪ، ٻہ ٽي دفعه دھرائي يا وري نوانوي صاف آواز ۾ چئي.
جڏھن مريض اھي انگ چئي ويندو تہ آواز جون لھرون اوھان جي ھٿ سان ٽڪرائينديون ۽ اوھان انھن کي آساني سان محسوس ڪندئو. انھن لھرن جي تيزي ڇاتي جي ٻنھي پاسن ۾ ڀيٽجي تہ ڪھڙي پاسي گهٽ آھي يا وري ڪھڙي پاسي وڌيڪ آھي مگر ايترو ضرور ياد رکو تہ جڏھن دل کاٻي ڦڦڙ تي مداخلت ڪندي آھي تہ اھي آواز اڃا وڌيڪ گهٽبا آھن.

وڌڻ جا سبب Vocal fermitus:
1. ڦڦڙن جو ڄمي پوڻ consolidated
2. يا وري ڇاتي جي ويجهو ڦڦڙ ۾ وڏو خال. Cavity
3. گهٽ ٿيڻ جا سبب:vocal fermites diminish
جڏھن ڀر وارا برانڪاءِ بند ٿي ويندا آھن يا گم ٿي ويندا آھن ۽ ڦڦڙ ڇاتي جي ڀت کان پنھنجي پردي جي ريزش (pleural effusion) ڪري جدا ٿي ويندو آھي. ان صورت ۾ ڊھي پيل ڦڦڙ آواز جي لھرن کي پاڻياٽ تائين ڪونہ پھچائي سگهندو آھي، پاڻياٺ آواز جي لھرن جو سٺو پسرائيندڙ ھوندو آھي ( يعني پاڻياٽ مان آواز جون لھرون آساني سان گذري وينديون آھن.
نوجوان ماڻھن ۽ عورتن ۾ آواز جو پڙاڏو vocal resonance رفتار ۽ چال چلت ۾ بالغ مردن کان مختلف ھوندو آھي.

ٺوڪڻي جانچ percussion:
ڪنھن عضوي يا حصي کي وڄائي يا ٺوڪي ڪري جانچ ڪرڻ.
ان عمل لاءِ ڪجهہ ڳالھيون ذھن ۾ رکڻ گهرجن.
1. ٺوڪڻي جانچ جانچڻ ان حصي کان شروع ڪجي جنھن جي گونج سٺي ھجي يعني resonant ھجي ۽ پوءِ جهڪي حدن ۾ وڃجي (dull area) .
2. جنھن آڱر کي وڄائي ڪري معائنو ڪبو آھي اھا ان عضوي ( يعني جنھن جو معائنو ڪجي) جي پورو ڇوٽي تي ھجي. (parallel)
3. آڱر جسم جي حصي تي پوري رکيل ھجي، ائين نہ ھجي تہ فقط آڱر جو ڇيڙو عضوي تي ھجي ۽ بقايا اڌ آڱر مٿي ھجي.
4. جنھن آڱر سان ڌڪ ھڻجي اھا گوني ڪنڊ تي ھجي(90) يعني جسم تي پيل آڱر کي جنھن سان ڌڪ ھڻجي اھا آڱر بلڪل عمودي اچي.
5. ڌڪ ھڻڻ واريون حرڪتون ٺوٺ جي جوڙ سان نہ ھجن، پر اھي ويڻي جي زور سان ھجن.
6. جسم جي حصي تي پيل آڱر کي ٻہ ڌڪ ھڻجن (ھڪ ڌڪ ھڻڻ کان پوءِ ان آڱر تي ڌڪ ھڻندڙ آڱر رکيل نہ هجي پر ھڪ ڌڪ کان پوءِ وري ٻيو ڌڪ جلدي ئي ھڻڻ کپي.
7. ٺوڪڻي جانچ عمودي (perpendicular) ليڪ ۾ ھجي يعني آڱر کي سڌي طرف کڻي اچجي.
مثلن: ھتان ٺونڪڻي شروع ڪجي ٿي.
I. سائي ليڪ جسم جو حصو ظاھر ڪري ٿي.
II. نيري ليڪ ظاھر ڪري آڱر کڻي وڃڻ جو رخ.
قسم (ٺوڪڻي جانچ دوران ٻڌندڙ آوازن جا قسم)
1. Tympanic: جيئن دھل وڄڻ جو آواز ٿيندو آھي اھڙي قسم جو اسان کي ٺوڪڻو آواز، اھڙن عضون ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو جن ۾ ھوا ھوندي آھي، مثلن؛ ڦڦڙ،
2. پر خالي مادي ۾ اھڙو آواز ڪونہ ٻڌڻ ۾ ايندو.
Impaired note

مليل جليل آواز:
ھي آواز اتي ٻڌڻ ۾ ايندو جي ڦڦڙ ۽ ڪو نھري solid عضوي جون حدون ملنديون آھن.
مثال طور دل جي ڪناري border of heart جيري جي مٿئين ڪناري.
Dull note

جهڪو آواز.
ھي آواز انھن عضون ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو آھي جيڪي نھرا ھوندا آھن مثلا = جيرو . تري . دل . وغيرھ
Stony dull note
پٿرن جھڙو جهڪو آواز ( ھي آواز تڏھن ٻڌڻ ۾ ايندو آھي جڌھن عضوي ۾ پاڻي ڀريل ھوندو آھي ) اھو آواز ائين ٻڌڻ ۾ ايندو آھي جيئن پٿر تي ڌڪ لڳوهجي .
مثال 1. پيٽ ۾ پاڻي جو جمع ٿي وڃڻ ascites
2. ڦڦڙي پردي ۾ پاڻياٺ جمع ٿيڻ pleural effusion

ٺوڪڻي جانچ جو طريقو :
کاٻي ھٿ جي وچين آڱر کي ان حصي تي رکو جنھن جي اوھان کي ٺوڪڻي جانچ ڪرڻي آھي . آڱر ڍلي نہ رکيل ھجي پر سختيءَ سان رکيل ھجي . ان آڱر جا ٽي حصا ٿيندا آھن.
پھريون حصو ننھن وارو . ٻيو حصو وچون ۽ ٽيون حصو آخري . جسم جي حصي تي رکيل آڱر جي وچين حصي کي ساڄي ھٿ جي وچين آڱر جي چوٽيءَ سان ٻہ ڌڪ ھڻو .
ڌڪ ٺوٺ جي زور سان نہ ھڻو پر آڱر ۽ ويڻئي وارن جوڙن جي زور سان ھڻو.
ڌڪ ھڻڻ واري آڱر 90 جي ڪنڊ تان اچي ۽ اھا ڌڪ لڳڻ واري آڱر جي عمودي ھجي .
ڌڪ ھڻڻ کان پوءِ آڱر جلدي کڻو ۽ ٻيو ڌڪ بہ ھڻو، آڱر ائين کڻجي جيئن ”پيانو “ ساز جا ھٿوڙا پوئتي ڪرندا آھن تارن سان ٽڪرائڻ کان پوءِ.
ڌڪ ڏاڍي زور سان بہ نہ ھجي جيئن پڙاڏو گهڻو نہ پيدا ٿيئي، ٺوٺ وارو جوڙ آرام سان حرڪت ڪري ان کي پختو نہ ڪجي. تمام گهڻا ڌڪ نہ ھڻجن ڇو جو ڪيترا مريض ان کان چڙکائيندا آھن .

پيداٿيل آواز جي نوعيت:
جيئن تہ ھوا ڪنھن عضون ۾ ھوندي تہ ان کي کڙڪائڻ سان آواز ايئن پيدا ٿيندو آھي جيئن ڪو دھل پيو وڄائي. ان جو مثال معدو بہ آھي پر جنھن عضوي جي خال ۾ ڪيترائي ورھاستي حصا (numerous septa) ھوندا آھن اھي گهٽ يا وڌ تاڻيل (tense) ھجن تہ ان مان اھڙو آواز (tympanic) ڱھڻي عرصي لئي نہ ٻڌي سگهبو.
جڏھن تہ ڦڦڙن مان پيدا ٿيندڙ آواز صاف ھوندو آھي پر گهڻو تکو نہ ٻڌبو آھي يعني(low pitch) ھوندو آھي.
ڦڦڙي گونج ھلڪي ۽ صاف ٻڌڻ ۾ ايندي آھي، پر مشاھدي سان اھي ڳالھيون وڌيڪ سمجهہ ۾ اينديون.
ٺوڪڻي جانچ: ڇاتي جي اڳئين حصي ۾ . پٺئين حصي ۾ ۽ پاسي واري حصي ۾ ڪبي.

اڳئين حصي ۾ جانچ Anteriorly :
اڳئين حصي ۾ ڦڦڙن جون چوٽيون Apices. ڳراٽ ھڏيون clavicles . ڳراٽ ھڏايان ھيٺان خال Intra clavicular fossa ۽ آخر ۾ ڇاتيءَ جو اڳيون حصو جانچبو آھي.
ھتي ھڪ ڳالھہ ذھن ۾ رکڻ کپي تہ اوھان جيڪا ھڪ پاسي ٺوڪڻي جانچ ڪيو اھا ٻئي پاسي جي ٺوڪڻي جانچ سان ڀيٽيوتہ اھا پھرئين کان ڪيترو مختلف آھي ٻي ڳالھہ اھا ذھن ۾ رکڻ کپي تہ ھڪ پاسي واري ڦڦڙي چوٽي جي ٺوڪڻي جانچ آواز مان ٻئي ڦڦڙ جي چوٽي واري جانچ کان ڪيترو مختلف آھي. ان کان بعد ڦڦڙن جي ترن ۽ دل جي جهڪي آواز جي نوعيت پڻ ذھن ۾ رکڻ گهرجي.

چوٽين جو جائزوFor Apical percussion:
سڀ کان پھريون مريض جو مٿو ھڪ پاسي موڙيو ۽ ان جي مخالف طرف ڪريو ۽ توھان ڌڪڻي آڱر (pleximeter) ڳراٽ جي ھڏي جي اندرين ھڪ ڀاڱي ٽئين حصي (medial one third) جي مٿان رکو ۽ پوءِ توھان ٺوڪڻي جانچ ڪريو.

ڳراٽ ھڏي واري جانچ Clavicle:
ڳراٽ ھڏي جي ٺوڪڻي جانچ وقت توھان ھڪ آڱر ڳراٽ ھڏي جي مٿان رکو ۽ ھڪ ھيٺان (يعني) ڳراٽ ھڏي اوھان جي ٻنھي آڱرن جي وچ ۾ هجي، ۽ انھي آڱرن سان ڳراٽ ھڏي جي کل کي ڇڪيو ۽ پوءِ ڳراٽ ھڏي جي سڀ کان وڌيڪ واضع ھنڌ تي ٺونڪڻي جانچ ڪيو اتي ھڪ ڳالھہ ذھن ۾ رکڻ کپي تہ ڌڪڻي آڱر pleximeter استعمال ڪونہ ڪبي آ پر ڳراٽ ھڏي کي سڌو سنئون ٺوڪڻي آڱر سان ڌڪبو آھي.
جڏھن اوهان ڇاتي جي اڳئين حصي جي ٺوڪڻي جانچ ڪري رھيا ھجو تہ ان ڳالھ کي ڪڏھن نہ وساريو تہ کاٻي پاسي دل جي موجودگي کي ساڄي پاسي ۾ پيدا ٿيندڙ ساڳي ھنڌ وارن ۾ ٿوري جهجهڪ پيدا ڪندي آھي.
ٺوڪڻي جانچ دوران مريض بلڪل آرام سان ھجي ۽ پر سڪون ھجي، ان کان بعد ھن جون ٻانھون ۽ ڪلھا پڻ ڊولائتي انداز ۾ ترتيب ڏنل ھجن حتيٰ ڪہ ھي ويٺو ھجي يا سمھيو پيو ھجي.
جيڪڏھن مريض ڏاڍو بيمار ھجي تہ پوءِ ان کي پٺي تي ڪري سرسري جائزو وٺجي تہ ٻنھي پاسن ۾ ڪھڙو ظاھر ظھور فرق آھي.
جيڪڏھن ممڪن ھجي تہ مريض پھريون سڌو ليٽائي ۽ بعد ۾ ان کي ھڪ پاسي تي سمھاري ٺوڪڻي جانچ مٿان کان ھيٺان ڪجي (جيئن عام قائدو آھي). ٿي سگهي ٿو تہ مريض جي ڇاتي ڪڏھن پاسي کان بيڊولي ھجي. (Asymmetrical)ان جو سبب ڪرنگهي جو پاسي تي ٿورو لڙڻ(scoliosis) بہ ٿي سگهي ٿو يا وري ڪو ٻيو سبب بہ ٿي سگهي ٿو. ڇاتي جي پاسي جي گونج (resonance) ٻئي پاسي کان مختلف بہ ٿي سگهي ٿي پر واضع فرق نمايان ھوندو جيڪڏھن ڪرنگهو لڙيل آھي.

پڙاڏي جي حد :Degree of resonance
مختلف ماڻھن ۾ آواز جي گونج مختلف ٿي سگهي ٿي ۽ مختلف عضون يا جسم جي مختلف حصن ۾ بہ اھا گونج مختلف ٿي سگهي ٿي. ساڳي ماڻھو جي ڇاتي جي مختلف حصن ۾ اھا گونج مختلف ھوندي آھي.
مثال:ڳراٽ ھڏي (clavicle) ۽ ڦڻي(scapula) جي ھيٺان جتي مشڪون (mussels) سنھيون ٿينديون آھن، چڱو خاصو آواز ايندو آھي، ۽ ان واضع جي گونج ۾ تڏھن گهٽتائي ايندي جڏھن ڦڻي (scapula) جي مٿان ٺوڪڻي جانچ ڪبي ڇو جو ڦڻي جي مٿان مشڪون ٿلھيون ھونديون آھن. ڦڦڙ جي ھيٺان ئي حد (lower limits) جي گونج لھڻ لئہ مٿان کان ھيٺان ٺوڪڻي جانچ ڪجي.
ساڄي ڦڦڙ جو ھيٺيون ڪنارو (lower border) جيري جي مٿان ھوندو آھي، ۽ سنھو ٿيندو آھي ان لاءِ ھلڪي انداز ۾ ٺونڪڻي جانچ (light percussion) ڪري اھو معلوم ڪبو آھي.
پوئين پاسي کان جيئن تہ پُٺيءَ جون مشڪون ۽ چرٻي ھوندي آھي، ان ڪري اھو حصو پشم وانگر نرم ھوندو ۽ ٺونڪڻي جانچ آرام سان ڪبي آھي يا مريض کي سڪون ايندو آھي،
پوري پٺي ساھ کڻڻ وقت ڦڦڙ جو ھيٺيون ڪنارو (ٿڻائين ليڪ) (mammary) ۾چھين ليڪ ۾ ھوندو آھي
وچين ڪڇاوين ليڪ (midaxillary line) ۾ اٺين پاسري وٽ ھوندو آھي ۽ ڦڻائين ليڪ (scapular line) ۽ ڏھين پاسري وٽ ھوندو آھي جيڪڏھن ڳري ٺوڪڻي جانچ (heavy percussion) ڪبي تہ آواز جي ڪجهہ گونج گهٽ ٻڌڻ ۾ ايندي ڇو تہ ھيٺان جيرو ۽ ڇاتي ۽ پيٽ جي وچ وارو پردو (diaphragm) ھوندو آھي ۽ اھو آواز مٿي بہ ٻڌي سگهبو ۽ ٿڻاوين ليڪ ۾ اھو چوٿين وچ پاسرائين خال کان ھيٺ ٻڌبو.
جيئن تہ کاٻي ڦڦڙ جو ھيٺيون ڪنارو معدي جي مٿان ھوندو آھي تنھنڪري اسان کي ٺونڪڻي گونج جي ساڳي طرف مٿان کان ھيٺ جهڪي انداز (dull) ۾ ٻڌڻ ۾ پئي اچي ھتي ائين نہ ھوندو. ڦڦڙي گونج کان بعد ۾ اسان کي دھل وانگر (tympanic) گونج ٻڌڻ ۾ ايندي ڇوجو ھيٺان معدو ھوندو آھي.
پر جيڪڏھن اسان پوئين پاسي کان ٺونڪڻي جانچ ڪنداسون تہ اسان کي جهڪو آواز (dull) ٻڌڻ ۾ ايندو ڇوجو پوئين پاسي کان ھيٺان تري ۽ ٻيا ڪيترائي نھرا عضوا ھوندا آھن، ۽ ڪرنگهي جي ويجهو وچ ۾ بہ ٻڌبا آھن تنھنڪري پوئين پاسي واري ٺونڪڻي جانچ ۾ ساڳي ۽ کاٻي طرف ڪوفرق نمايان تہ ھوندو آھي پر آواز (Dull) ھوندو آھي.
پوئين پاسي واري ٺوڪڻي جانچ ڪيئن ڪجي:
مريضن کي بستري تي ويھاريو ۽ ان جا ٻئي ھٿ اڳين طرف کان ڪلھن تي رکرايو ۽ مريض کي اڳين طرف ٿورو ڪٻو ڪجي ۽ عام رواجي طريقي سان ٺونڪڻي جانچ ڪجي.

ڦڦڙي گونج ڪھڙي حالتن ۾ وڌندي آھي Resonance increase:
اھا گونج تڏھن وڌندي آھي جڏھن ڦڦڙن جي جهلي واري خال (pleural cavity) ۾ ھوا ڀرجي ويندي آھي ۽ ڦڦڙ ٿورو ڪي گهڻو ھائلم طرف ڊھي (collapsed) پوندو آھي.
اھو آواز دھلي (tympanic) ھوندو آھي ڇوجو ڦڦڙن جي جهلي ۾ ھوا ڀريل ھوندي آھي، ڪڏھن ڪڏھن دھلي آواز ايترو تہ وڌي ويندو آھي جو جيئن گهنٽي جو آواز ھجي يا سڪن جو آواز ھجي، (اھڙو آواز نمونوي ڇاتي (pneumothorax ۾ ڇاتي جي اڳيان ٻڌڻ ۾ ايندو آھي پر ٺوڪڻي آڱر (Plexor) ۽ ڌڪڻي آڱر (pleximeter)جي جاء تي ٺونڪڻي جانچ لاء ٻہ سڪا استعمال ڪبا آھن.
جيستائين مشاھدي ڪندڙ چڪاسڻي(stethoscope) سان مريض جي پٺي وٽ ٻڌي. انھن آوازن جو نہ ٻڌڻ مان اھا مراد نہ آھي تہ ڪو نمونوي ڇاتي pneumothorax نہ آھي. Pneumothorax يا نمونوي ڇاتي ۾ دھلي آواز يا وڏي گونج وارو آواز باقائدہ ٻڌڻ ۾ ايندو آھي پر اهو ٻين ڦڦڙي بيمارين ۾ ڪو نہ لڌو ويندو آھي. اھو ڪن وڏن خالن وٽ بہ ٻڌڻ ۾ ايندو آھي. Emphysema ۾ اھو آواز (Resonance) وڌي ويندو آھي. Emphysema ڦڦڙي گهرڙن ۾ ھوا جي موجودگيEffusion of oir in lungs tissue.
Emphysema جي تشخيص وقت اھو ذھن ۾ رکڻ کپي تہ آواز جي گونج دل ۽ جيري واري جهڪي آواز(dull ness) وٽ بہ واضع ۽ صاف ٻڌبي آھي ائين کڻي سمجهي تہ (emphysema) ۾ دل ۽ جيري (dull ness) ختم ٿي ويندي آھي ۽ اتي اھڙو آواز ٿيندو آھي جھڙو ڦڦڙن جي گونج يعني تہ سڄي ڇاتي ۾ گونج ٻڌڻ ۾ايندي آھي

گونج جو گهٽ ٿيڻ Resonance is diminish:
اھا ڦڦڙي گونج تڏھن گهٽ ٿي ويندي آھي جڏھن ڦڦڙي پردو (pleura) ٿلھو يا سخت ٿي ويندو آھي ان جو ٻيو سبب ڦڦڙ جو ڪنھن بہ سبب ڪري نھرو (solid) ٿيڻ آھي. يا وري ڦڦڙن جي جهلي واري خال (pleural cavity) ۾ پاڻيٺ ڀرجي وڃي . ڪڏھن ڪڏھن ڦڦڙ جي چوٽي وٽ ڱونج متاثر ٿيل ھوندي آھي ان جو سبب سلھہ يا t. b آھي. ڇو جو ان جاءِ تي ڌاڳاون عمل يا وري infiltration آھي. ڪڏھن ڪڏھن اھو پڙاڏو ان سڄي حد ۾ گهٽ ٿيندو جنھن جاءِ تي ڦڦڙ ڊھي پيو ھجي يا وري ڦڦڙ ۾ ڌاڳاون عمل ٿيو ھجي. جڏھن ڦڦڙ نھرو مضبوط يا پڪو ٿي وڃي (consolialated) تہ پوءِ اتي ٺوڪڻي آواز موڳوھوندو
ڪن حالتن ۾ ٺوڪڻي آڱر کي ائين ڌڪ لڳندو آھي ڄڻ ڪنھن پٿر جھڙي سخت شيءِ سان ٽڪري ھجي، ۽ اتي پٿر جھڙو ٺوڪڻو آواز (stony dullness) ٻڌڻ ۾ايندو آھي ان جو سبب ڦڦڙي جهلي جي ريزش (pulmonary effusion) ھوندي آھي جڏھن دل ڊھي پوي (heart failure) تہ اھو موڳو آواز ٻنھي ڦڦڙن جي ترن وٽ ٻڌڻ ۾ايندو آھي ڇو جو ڦڦڙن جي ٻنھي ترن (bases) وٽ سوڄ ٿيندي آھي يا وري ٻٽي ريزش (effusion) ھوندي آھي.

مشڪي چڙ Myotatic irritability:
ڪن حالتن ۾ ڇاتيءَ جي اڳيان يا مٿان واريون مشڪون غير ضروري طور چيڙاڪ ٿي وينديون آھن. جيڪڏھن ڇاتيءَ جي ھڏي (sternum) تي ٿورو ئي زور ڏبو تہ اھي مشڪون پڪٽوريل مشڪن کان ٿورو پري سڪڙجڻ شروع ڪنديون. اھو عمل ڪنھن بہ ڳاريندڙ بيماري wasting disease ۾ ٿيندوآھي جنھن کي مشڪائين چڙ Myotatic irritability ياMyoidema چئبو آھي.

چڪاسڻي جانچ Auscultation:
چڪاسڻي يا stethoscope ذريعي جيڪا جانچ ڪبي آھي ان کي چڪاسڻي جانچ چئبو آھي. چڪاسڻي ٿلھي ليکي ٽن حصن تي مشتمل ھوندي آھي . پھريون آوازي آلو، رٻڙي نلي ۽ ٽيون ڪنٽريون.
آوازي آلو: آوازي آلو ھڪ گول وڏي سڪي جھڙو ٿيندو آھي جنھن جو اڳيون حصو لسو ٿيندو آھي ۽ اتي ڪو پلاسٽڪ جو مٿان ڍڪ ڏنل ھوندو اٿن پويون حصو نسبتًاسوڙھو ٿيندو آھي جيڪو اڳئين حصي جي تقريباً حصي جيترو پوئتي اڀريل ھوندو آھي. ان پوئين حصي ۾ ھڪڙو آواز کي کوليندڙ ۽ بند ڪندڙ نظام ھوندو آھي، جنھن کي آڱرين يا ھٿ جي زور سان کولي ۽ بند ڪري سگهجي ٿو ۽ ان ۾ ھڪ سوراخ ھوندو آھي جنھن مان خبرپوندي آھي تہ آواز بند ٿيل آھي؛ يا کليل آھي.

ساھ کڻڻ جي نظام جي چڪاسڻي جانچ auscultation:
جنھن بہ جاءِ تي توھان چڪاسڻي جانچ auscultation ڪيو اتي ٽي ڳالھيون مشاھدي ۾ رکو.
1 ساھ کڻڻ جي آوازن جي چال چلت character of Breath sounds
2 آوازن جي گونج character of vocal resonance
3 ڌاريا آواز آھن يا نہ آھن ـ other sounds
سٺي چڪاسڻي جانچ ضروري آھي تہ مريض پٺيءَ ڀرويھاڻي تي ٽيڪ ڏنل ھجي يا پٺيءَ ڀر سمھيل ھجي سڀ کان اھم ڳالھہ اھا آھي تہ مريض ڍرو يا relaxes ھجي پٺي جانچڻ وقت مريض ويٺل ھجي تہ بھتر آھي، جيڪڏھن مريض اٿي ويھي نٿو سگهي تہ پوءِ ان کي ھڪ پاسي تي ليٽائي ان پاسي جي چڪاسڻي جانچ ڪيو ۽ وري ٻي پاسي تي ليٽائي ان حصي جي جانچ ڪيوـ
جيڪڏھن مريض انتھائي بيمار آھي تہ پوءِ جانچ مختصرئي ڪبي آھي ڪي شاگرد ائين ڪندا آھن جو چڪاسڻي stethoscope جو ڇاتائي حصو chest pieceڇاتيءَ تي ڍرو رکي ڇڏيندا آھن جيڪي مريض جي ڇاتيءَ جي چمڙيءَ تي چمڙيءَ جي وارن تي کسڪندو رھندو آھي ان سان ٻيا رڳڙ وارا آواز اجايو ٻڌڻ ۾ ايندا آھن ان لاءِ ڇاتائي حصو ايترو ڍرو نہ رکيل ھجي جو چمڙي تي کسڪندو ھجي ڇاتائي حصي تي خام خواه گهڻو زور بہ نہ ڏيو جو مريض حق بنا حق ڪا تڪليف محسوس ڪري. مريض کي چئو تہ ھو وات کولي باقاعدا ڊگها ڊگها ساھ کڻي، مريض کي ان وقت اھا بہ ھدايت ڪيو تہ ھو نڪ مان ساھ نہ کڻي.
ساھ کڻڻ جي آوازن جا ٻہ قسم آھن جيڪي ڇاتيءَ جي مختلف حصن ۾ صحتمنديءَ health جي صورت ۾ ٻڌڻ ۾ ايندا آھن پھريون آواز ڦوڪڻائي vesicular breathing ۽ ٻيو آواز bronchial ھواجي ناليءَ وارو، vesicular sounds ڦڦڙي گهرڙن lung tissue ۾ جڏھن ھوا ايندي ۽ ٻاهر ويندي آهي اهي آواز پيا ٿيندا آهن. جيڪڏھن ڦڦڙي گهرڙا يا ماڻھو چاڪ چڱو ڀلو آھي يا صحيح حالتون آھن تہ سڄي ڇاتيءَ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندا آھن پر(bronchial breath) وارا آواز تڏھن پيدا ٿيندا آھن؛ جڏھن ھوا، ھوا جي نالي trachea يا وري وڏي bronchia واري رستي مان گذرندي آھي.
اھي آواز عمومًا گهرڙن ۾ ٻڌڻ ۾ نہ ايندا آھن ( سواءِ انھن حالتن جي جڏھن اھي آواز وڌي وڃن ۽ ھوا جي نالي trachea ۽ وڏي برانڪاءِ جي ڀروارن ڦڦڙي گهرڙن ۾ ٻڌڻ ۾ اچن. بيماري واري حالت ۾ اھي آواز برانڪاءِکان ڇاتي جي ڀت (chest wall) ڏي ھليا ويندا آھن.
مثلاً: جڏھن نمونيا ٿيندي آھي ۽ ڦڦڙ نھرو ٿي،نمونيا جي ڪري، ان حالت ۾ ڦڦڙي گهرڙي (alveoli) ۾ ڪا بہ ھوا نہ اندر ويندي آھي نہ وري ٻاھر نڪرندي آھي ۽ vesicular آواز ٻڌڻ ۾ نہ ايندا آھن.
جڏھن برانڪاءِ ظاھر ٿيندا آھن ۽ Bronchi وارا آواز اڳتي ويندا آھن ۽ ڦڦڙ جو جيڪو حصو نھرو ٿي ويندو آھي اتان اھي ڇاتي جي ڀت تائين ھليا ايندا آھن ۽ برانڪاءِ وارا آواز ڇاتي جي متاثر ٿيل حصي ۾ ٻڌڻ ۾ ايندا آھن.

سرسرائي آواز vesicular breathing:
سراسرائي آواز صحتمند ماڻھو ۾ ڪڇ وارين حدن axillary regions ۽ ڦڻي جي ھڏي جي ھيٺين حصي وٽ خاص انداز ۾ ٻڌڻ ۾ ايندا آھن. ساھہ جي اندر کڻڻ وارو آواز واجبي تکو ۽ سڄي عمل دوران ٻڌڻ ۾ ايندو آهي.
ان آواز جي رال(pitch) آھستہ ھوندي آھي ۽ انھن جو انداز مخصوص ھوندو آھي، اھو آواز ائين ٻڌڻ ۾ ايندو آھي جيئن ڪڏھن سڪل پنن جي مٿان ھوا گذري ۽ اھي کڙڪن (resting) ساھ جي ٻاھر ڪڍڻ ۽ ساھ جي اندر کڻڻ جي آواز ۾ واضع وقفو ٿيندو آھي پر ساھ ٻاھر ڪڍڻ وارا آواز ساھ اندر کڻڻ وارن اوازن کان پوء ٿيندا آھن . ساھ ٻاھر ڪڍڻ وارا آواز فقط ساھ ٻاھر ڪڍڻ جي شروعات ۾ ٻڌڻ ۾ ايندا آھن ، ساھ اندر کڻڻ وارا آواز (inspiratory) ساھ ٻاھر کڻڻ جي آواز کان ٻيڻا ٻڌڻ ۾ ايندا آھن.

هي هي آواز Bronchial breathing:
Bronchialآواز ڪيئن ٿيندا آھن يا انھن کي ڪيئن سڃاڻجي ان لاءِ شاگرد کي گهرجي تہ ھو ھوا جي نالي(Trachea) جي مٿان اھي آواز ٻڌن اوھان جڏھن انھن آوازن کي ٻڌندو تہ اُھي ائين ٻڌڻ ۾ ايندا جيئن ”ھہ“ اچار بي آھي يعني ”ھي ھي“ پر جڏھن ڦڦڙ بيمار ٿي پوندو آھي ۽ ان ۾ آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آھن تہ اھي ايترو چٽو نہ ٻڌڻ ۾ ايندا جيئن اوھان ھوا جي نالي جي مٿان انھن کي ٻڌو ھو.
ھنن آواز ۾ وري ساھ اندر کڻڻ وارو آواز ٿورو گهٽ تکو ٿيندو آھي اھي ساھ ٻاھر ڪڍڻ وارو آواز کان ٿورو اڳ ۾ ئي ٻڌڻ ۾ نہ ايندو اھو آواز گهرو ۽ ”ھي“ اچارڻ جھڙو ٿيندو ، پر ساھ ٻاھر ڪڍڻ وارو آواز ساھ اندر کڻڻ واري آواز کان وڌيڪ تکو ٻڌڻ ۾ ايندو آھي ۽ گهڻي وقت تائين ٻڌڻ ۾ ايندو ، اھو آواز ساھ اندر کڻڻ واري آواز جي وقت جيترو يا ان کان بہ وڌيڪ وقت جيترو ٻڌڻ ۾ ايندو آھي . ان جي رال (pitch) گهڻي ھوندي آھي. ان جو نمونو پڻ ھ اچارڻ جھڙو ٿيندو آھي .
Bronchial breathing آساني سان سڃاڻي ويندي آھي ڇوجو ساھ اندر کڻڻ ۽ ٻاھر ڪڍڻ واري آوازن ۾ وقفو ھوندو آھي.
دم (asthma) ۽ ڦڦڙن ۾ ھوا جي موجودگي،(emphysema) ۾ ساھ ٻاھر ڪڍڻ وارو آواز ٿورو وڌي ويندو آھي، پر اھو برانڪاء ساھ کڻڻ واري عمل کان سڃاڻو ويندو آھي ڇو تہ مٿين بيمارين ۾ ساھ ٻاھر ڪڍڻ جو عمل آھستہ آھستہ ٿيندو آھي، صحت جي ڀيٽ ۾.
جڏھن ساھ کڻڻ وارا آواز مٿئين برانڪس (superficial branches) ۾ ھوندا آھن اھي عام صحتمند ۾ ٻڌي سگهجن ٿا، ان ۾ جيڪو آواز ٺھندو اھو ”ھي“ سرسراهٽي آواز (vesicular breathing) ھوندو آھي، ڇوتہ اھو آواز سرسراهٽي ۽ ھي واري آواز جو مرڪب ھوندو آھي، اھو آواز عموماً ساھ ٻاھر ڪڍڻ وقت ئي ٻڌي سگهبو آھي ان ۾ ”ھي”(bronchial) وارو اواز سرسراٽي آواز کان وڌيڪ واضع ھوندو آھي، اھو صحتمندي ۾ پوئين پاسي کان ڦڦڙن جي پاڙن وٽ ٻڌڻ ۾ ايندو آھي.
وچين ليڪ (Mid line) جي ويجهو اڳئين پاسي کان ۽ خاص ڪري ساڄي چوٽي (Right Apex) وٽ اڳئين پاسي کان ڳراٽ ھڏي کان ڪجهہ سينٽي ميٽر ھيٺ، ۽ ڦڻي واري ھڏي (scapula) جي اڀار (spine) جي مٿان وچين ليڪ ۾(Mid line) وٽ پوئتان.
ھتي جانچ ڪرڻ وقت ڪجهہ ڳالھيون اھڙيون ھونديون آھن جيڪي ساڄي چوٽي (right apex) وٽ مرض جي تشخيص ۾ غلطي ڪرائينديون آھن ڇو تہ ساڄي طرف ھوا جي نالي ڦڦڙ جي چوٽي (apex) جي بلڪل ويجهو ھوندي آھي.
جڏھن تہ کاٻي طرف ڦڦڙ جي چوٽي کان ھوا جي نالي کي شھہ رڳ (Aorta) اندرين ڪيروٽيڊ شريان Internal carotid artery ۽ کاڌي ناليOesophagus جدا ڪنديون آھن.
تپاسڻي ذريعي جڏھن ساھ جا آواز ٻڌجن تہ اھي عموماً اھڙين جاين تي ٻڌو جتي اوھان اڳ۾ ٺوڪڻي جانچ (percussion) ڪئي آھي ۽ ھڪ پاسي جي آواز کي ساڳي ھنڌ واري ٻئي پاسي جي آواز جي چال چلت سان ڀيٽيو.
جيڪڏھن شاگرد اھو سمجهي وڃي ٿو تہ ھي آواز (Bronchi breathing) ۽ سرسراٽي آواز ڪيئن پيدا ٿين ٿا، تہ پوءِ ھو مرض جي نشانين کي بيان ڪرڻ ۾ ڪابہ دشواري نہ سمجهندو.
جيڪڏھن سرسراٽي آواز گهٽ يا آھستہ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو تہ ائين سمجهہجي تہ ڦڦڙي گهرڙن ۾ ھوا گهٽ داخل ٿئي ٿي، ۽ خاص طور ان حصي ۾ جنھن ۾ سرسراٽي آواز ھوريان ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.
مثال طور: برانڪو نمونياجو مثال وٺو جتي ڪجهہ ڦڦڙي گهرڙا متاثر ٿيندا آھن تہ ڪجهہ نہ.
جيڪڏھن ساھ کڻڻ وارن آوازن جو ڪو بہ قسم گهٽجي وڃي يا ٻڌڻ ۾ نہ اچي ، جڏھن ڦڦڙي جهلي (Pleura) سخت ٿي وڃي. ان جهلي ۾ پاڻيٽ اچي وڃي (pleural effusion) يا نموني ڇاتيpneumothorax ٿي وڃي.
اھڙين حالتن ۾ آواز جڏھن ڇاتي جي ڀت ۾ ايندو آھي تہ ان ۾ ڪا مداخلت ٿيندي آھي يا وري آواز ڇاتي جي ڀت تائين پھچي ئي نہ سگهندو آھي. ڪڏھن ڪڏھن انھن آوازن مان ڪو بہ آواز موجود نہ ھوندو آھي، ان جو سبب ڦڦڙ جو ڊھي پوڻ يا ان ۾ ڌاڳائون عمل (Fibrosis) آھي. ڇوتہ اھڙين حالتن ۾ ڦڦڙي گهرڙن ۾ ھوا نہ اندر داخل ٿيندي آھي ۽ نہ وري ٻاھر ئي ويندي آھي پر ساڳي ئي وقت اھي حالتون جيڪي هن آواز کي ڇاتي ڏي موڪلينديون آھن، پوريون ڀريل نہ ھجن.
آخر ۾ ”ھي آواز“ ٻڌڻ ۾ ايندا آھن جڏھن ظاھري برانڪاء ڪنھن آواز جي پسرائيندڙ ذريعي ڇاتي جي ڀت سان ڳنڍيل ھجي، ھي تڏھن ٿيندو آھي جڏھن ڦڦڙ نھرو ٿي وڃي، ڪڏھن ڪڏھن جڏھن ڦڦڙ ۾ وڏو خال ٿي ويندو آھي يا تمام گهٽ پليورل افيوئن Plueral effusion ۾ .

آواز جي گونج معلوم ڪرڻ Vocal resonance:
تپاسڻي جانچ ۾ ٻيون سلسلو آواز جي پڙاڏي جي گونج معلوم ڪبي آھي ان ۾ ڏسبو آھي تہ پڙاڏي جي گونج جي تيزي ڪيتري آھي ۽ ان جي چال چلت ڪيئن آھي،ان گونج ۾ واڌارو صحت ۾ بہ ايندو آھي جڏھن تپاسڻي وڏي برانڪاءِ ويجهو رکبي آھي ۽ پڙاڏو چڱو خاصو تکو ٻڌبو آھي.
جڏھن مريض ھڪ ھڪ ھڪ دھرائيندو آھي تہ ڪن کي صحيح اچار معلوم نہ ٿيندا آھن، پر آواز جي گونج معلوم ٿيندي آھي، آواز جي گونج جي تکائي جو دارومدار مريض جي تکي ۽ گهري ڳالھائڻ تي بہ ھوندو آھي ان کان علاوا ڦڦڙن جي آواز کي پار ڪرڻ واري اھليت بہ اثر انداز ٿيندي آھي جنھن ھڪ پاسي تي اھا گونج معلوم ڪيو تہ اھا ٻئي پاسي جي ساڳي ھنڌ واري گونج سان ڀيٽيو تہ ٻنھي ۾ ڪيترو فرق آھي .
عام رواجي گونج جي واجبي تکائي مان اھو معلوم ٿيندو آھي تہ چڪاسڻي جي ھيٺين ڇاتي واري حصي جي ھيٺيان ڪھڙو تاثر اڀريو آھي، جيڪڏھن ائين محسوس ڪجي تہ اھا گونج ڪن جي ھيٺان ٻڌڻ ۾ آئي آھي تہ پوءِ آواز جي گونج وڌيل ھوندي آھي. جيڪڏھن اھو محسوس ڪجي تہ اھو آواز بلڪل ڪنٽڙين (Ear-pieces) جي ويجهو ٻڌڻ ۾ آيو آھي تہ پوءِ ان کي ڪنٽڙائي آواز (Broncho phony) چئبو آھي .
جيڪڏھن جانچيندڙ ائين محسوس ڪري تہ اھو لفظ چڱي طرح سان ٻڌي رھيو آھي ۽ ائين ٿو لڳي تہ ڄڻ ڪو ھن سان ڪن ۾ سس پس ڪندو ھجي، تہ ان حالت کي ڇاتائين سس پس Whispering pectoriloquy چئبو آھي.
آواز جي گونج تڏھن وڌندي آھي جڏھن ڦڦڙي حصا آواز جي لھرن کي صحيح نموني پسرائيندا آھن جيئن اھي آواز برانڪاء واري آواز کان مختلف ھوندا آھن. ان جو عام رواجي سبب ڦڦڙن جو سخت ٿيڻ آھي.
ڪنٽڙي آواز ۽ ڇاتائي سس پس تڏھن ٿيندي آھي جڏھن وڏو برانڪا ڦڦڙي جي نھرن تھن سان وڪوڙجي ويندو آھي ۽ ڇاتي جي ڀت وٽ پھچندو آھي مثال طور: لوبر نمونيا ۾.
ڇاتائي سس پس ان ڳالھہ جي واضح نشاني ھوندي آھي تہ برانڪس جي ڀڪ ۾ ڪو خال ٿي پيو آھي ۽ اھو ڦڦڙي پردي جي ريزش کان مٿي ٻڌبو آھي.
ڪڏھن ڪڏھن اھا سس پس صحت ۾ ٻڌڻ ۾ ايندي آھي ھوا جي نالي ۽ وڏي برانڪا جي بلڪل ويجهو ۽ خاص طور تي ساڄي چوٽي وٽ .
آواز جي گونج گهٽ ٿيڻ:
ڪڏھن آواز جي گونج يا تہ گهٽجي ويندي آھي يا وري بلڪل ختم ٿئي ويندي آھي. جڏھن ڦڦڙن کي ڪو پاڻياٺ جو حصو ڇاتائي کان جدا ڪندو آھي سواءِ ان جي جڏھن ”ھي“ آواز موجود ھجن، مٿي ڏسو ۽ نمونوي ڇاتي ۾ اھا گونج تڏھن بہ گهٽ ٿي ويندي آھي جڏھن ڦڦڙي پردو سخت ٿي ويندو آھي ڪڏھن ڪڏھن ڦڦڙي ريزش کان مٿي يا ڦڦڙ جي نھري ٿيڻ واري حد کان مٿي نڪ مان نڪرندڙ آواز جھڙو يا مين. مين يا ٻين ٻين ڪرڻ جھڙو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آھي جنھن کي مڻائپ (agophony) چبئو آھي يامڻو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آھي

واڌارا آواز Added Sounds:
واڌارا آواز ڦڦڙ يا ڦڦڙن جي جهلي مان نڪرندا آھن ڦڦڙ جي جهلي جي گاٺ جھڙا آواز تپاسڻي جي مريض جي چمڙي مٿان حرڪتن سبب بہ ٿي سگهن ٿا تہ جانچيندڙ جي ھٿ ڦيرائڻ سبب بہ، ۽ انھن ڪپڙن سبب بہ جيڪي مريض کي پھريل ھوندا آھن ۽ اسٽيٿو اسڪوپ سان لڳندا آھن.
مريض جي مشڪن (ڇاتيءَ وارن) مان جيڪي آواز پيدا ٿيندا آھن اھي پڻ واڌارن آوازن جھڙا ھوندا آھن ۽ خاص طور تي ڪنھن ٿڌ سبب ڏڪندڙ مريض جي چڪاسڻي جانچ ڪرڻ بي معنٰي آھي.
جڏھن چڪاسڻي وارن سان ڀريل ڇاتيءَ تي رکبي آھي تہ اتي بہ اھڙا آواز پيدا ٿيندا آھن جيڪي ٽڙڪڻ آوازن کان مشڪل سان ئي جدا ڪري سگهبا آھن يا سڃاڻبا آھن.

وڏا ٽڙڪڻا آواز Coarse Crepitation’s:
اھي آواز جيڪي وڏا ٽڙڪڻا آوازن جھڙا ٿيندا آھن اھي پڻ ڀڳل پاسري جي مٿان ٻڌڻ ۾ ايندا آھن. ڦڦڙن مان پيدا ٿيندڙ آوازن جي نالن جو مسئلو شروع ۾ رھيو پر ليني انھن جو مسئلو حل ڪري ڇڏيو.
ھن ھڪ فرانسيسي لفظ rale ريلي ھر واڌاري آواز لاءِ استعمال ڪيو ۽ ساڳي وقت لاطيني لفظ ساڳي معنٰي ۾ استعمال ڪيوـ
جيئن تہ انھن جي ترجمي جو مسئلو مونجهارو ڪري پيو ان لاءِ اڄڪلھہ ڦڦڙن جي واڌارن آوازن لاءِ جدا جدا نالا استعمال ڪبا آھن گهٽ منجهائيندڙ جيڪا گروپ بندي آھي ساھي آھي:
1 لڳاتار سھڪڻ وارا آواز (سھڪڻاآواز) rhonchi
2 ٽڙ ڪندڙ يا بڙبڙائيندڙ آواز (ٽڙڪڻا آواز) crepitation’s

سھڪڻا آواز Rhonchi:
ھي ڊگها ۽ بغير وقفي جي آواز ھوندا آھن جيڪي برانڪاءِ مان پيدا ٿيندا آھن. ان جو سبب نالي جو جزوي سوڙھو ٿيڻ ميوڪوسا جي سوڄ ڪري يا وري ڪنھن پاڻياٺ جو خارج ٿيڻ ياوري برانڪاءِ جي سڌين مشڪن جو سڪڙجڻ ھوندو آھي ھي سھڪڻا آواز وڏي رال Pitch ۽ ننڍي رال وارا ٿيندا آھن. جيڪي وڏن يا ننڍن برانڪل ٽيو بن مان نڪرندا آھن. وڏي رال وارا سھڪڻا آواز چيچائين آواز(sibilant) سڏبا آھن. ۽ ائين ھوندا آھن جيئن ڪو چين چين يا ڪين ڪين ڪري.
ننڍي رال وارا سھڪڻا آواز گوگهرائي آوازسڏبا آھي اھي ائين ھوندا آھن جئين ڪو ماڻھو گوگهرا هڻي ٿو. اھي آواز ڇھڻي جانچ وسيلي بہ معلوم ڪبا آھن. اھي سھڪڻا آواز يا (rhonchi) علامت ھوندا آھن دم يا ھوا جي نالين جي سوڄ(bronchitis) جي اھي دم ۾ وڏي رال (pitch) وارا ۽ ساھ ٻاھر ڪڍڻ وارا ھوندا آھن. جيڪڏھن اھي ڇاتي جي ڪنھن ھڪ ھنڌ تي ٻڌڻ ۾ اچن تہ پوءِ برانڪل نلي جي ان حصي جي بندش تصور ۾ ايندي.
مثال طور: برانڪل ڪينسر آھي. برانڪل اسپازم لفظ لاءِ نٽائبو آھي.
(Crepitation)
اھي بڙا بڙا يا ٽڙڪڻ جھڙا آواز ڦڦڙي گهرڙن ۾ برانڪاءِ ۾ پيدا ٿيندا آھن ڪڏھن ڪڏھن اھي خالن (cavities) ۾ پڻ پيدا ٿيندا آھن. ڪيترن مختلف عملن ڪري انھن ٽڙڪندڙ آوازن کي جدا جدا ورھايو ويندو آھي. اھي ساھ جي ڦيري (respiratory cycle) دوران ڪنھن بہ وقت ٻڌي سگهبا آھن. پر عموماً ساھ اندرکڻڻ جي شروعاتي وقت ٻڌڻ ۾ ايندا آھن. (Fine crepitation’s) باريڪ يا سنھڙا بڙا بڙا آواز، اھي ڦڦڙي گهرڙن جي اندر ڪنھن پاڻياٺ جي نشاندھي ڪندا آھن. جيئن دل جو ڊھي پوڻ (heart failure) ۽ نمونيا جي شروعات ۾(exudate) ڦڦڙي گهرڙن ۾ھوندو آھي.

کھراٽڙڪڻا آواز:
اھي ٻن مختلف عملن ڪري پيدا ٿيندا آھن اھي بڙ بڙ يا ٽڪ ٽڪ جھڙا پيدا ٿيندا آھن. جڏھن برانڪاءِ ۾ رطوبتون پيدا ٿينديون آھن. مثلاً برانڪائٽس ۽ براناڪائيٽس جڏھن ڦڦڙي گهرڙي ۾ ڌاڳائون سوزشي عمل(fibro sing alveolitis) جو شروعاتي وقت ھوندو آھي ۽ ساھ اندر کڻڻ جي شروعات ۾ ٻڌڻ ۾ ايندا آھن.
اھو سوچيو ويو آھي تہ اھي سخت ڦڦڙي گهرڙن جي اوچتو کلڻ جي ڪري ھوندا آھن جن ۾ فائبروسس ھوندو آھي اھي ٽڙڪڻا آوازعموعا ڦڦڙ جي ترن ۾ ٻڌڻ ۾ ايندا آھن ڪجهہ ٽڙڪڻا آواز صحتمندي ۾ پڻ ٻڌڻ ۾ ايندا آھن خاص طور تي ڦڦڙ جي ھيٺين ڪنارن تي. اھي ختم ٿيندا آھن جڏھن مريض کي چئبو آھي تہ کنگهي اتي انھن جي ڪابہ اھميت نہ ھوندي آھي. ٻين ڪيترن ئي ڪيسن ۾ وري وري اھي ٽڙڪڻا آواز کنگهڻ کان پوءِ ٿيندا آھن جن کي (Post tussive crepitation’s) چئبو آھي. اھي t. b جي (infiltration) جي نشاني ھوندا آھن اھي ٻين خالن(cavaties) تي بہ ٻڌڻ ۾ ايندا آھن اھي گاٺ وارا آواز يا وري ڦڦڙي جهلئي جي رڳڙ.
ڦڦڙن جي جهلي جي سوزش جي عام علامت آھي، جڏھن( رس) ايتري نہ ٺھيل ھوندي آھي جو سوزشي يا کرد ڻا حصا جدا ڪري. اهارڳڙي يا رينگٽ يا چيچاٽ ڪرڻ واري علامت ھوندي آھي عمومن خاموش وصف ھوندي پر ڪڏھن ڪڏھن وڌيڪ ھوندي ۽ اھو فرق معلوم ڪجي ٽڙڪائي آواز کان، اھي گاٺ وارا آواز باريڪ يا گھرا ٿيندا آھن ڪيترن موقعن تي اھي ڇھڻ سان ئي ٻڌڻ ۾ ايندا آھن. پر ان سان گڏ ٿلھا ٽڙڪڻا آواز پڻ ھٿ سان ڇھڻ سان ايندا آھن.

مريض جو کانگهارو:
کانگهارو ليس دار، گند سان ڀريل يا جهڳ وارو هوندو آهي ڪڏهن ڪڏهن کانگهاري ۾ مريض کي رت بہ ايندي آهي.

لڳلڳو يا چنبڙندڙ Mucoid:
ان جو سبب chronic Bronchitis هوندو آهي. جڏهن ٻيو مرض يا secondary infection نہ هوندو آهي تہ اهو صاف، سخت، چبندڙ ۽ ٿورو هوندو آهي. بلڪل چنبڻندڙ کانگهارو دم جي مريضن کي بہ ايندو آهي. اهو Bronchi جي بند ٿيڻ ڪري ٿيندو آهي ۽ محسوس ٿيندو آهي تہ Bronchi ۾ ٻوچ لڳي ويو آهي يا وري کنگهہ ۾ bronchi جي ذرڙن جي پلٽ يا اڇل هوندي آهي. دم جي دوري پوڻ کان اڳ ۾ يا وري پوءِ چنبڙندڙ مادو صابو داڻي وانگر هوندو آهي ۽ دوري کان پوءِ ٻاهر نڪرندو آهي.
Mucopurulant sputum

چنبڻندڙ گند سان ڀريل:
اهو پڻ Bronchitis ۾ نظر ايندو آهي (يا وري ساھہ جي نظام جي مٿين حصن جو بيمار ٿيڻ هوندو آهي) يا وري جراثيمن جي ٻيھر بيمار ڪرڻ ڪري Bronchiti ۾ پڻ کانگهارو صاف گند وارو هوندو آهي.

گند وارو Prulunt:
سخت، هيڊو يا سائو کانگهارو جيڪو چبندڙ نہ هوندو آهي. ڪنھن بہ حالت ۾ ٿي سگهي ٿو جڏهن مرض يا infection هوندو آهي پر اهو عموماً هيٺين بيماريءَ جي وصف هوندو آهي، ڦڦڙن ۽ برانڪاءِ جي نمونيا ۾ ٿيندو آهي. نمونيا کانسواءِ کانگهارو گهڻو ايندو آهي ۽ کانگهاري جو ڪڍڻ جسم جي حالت بدلائڻ سان لاڳاپيل هوندو آهي.
ڦڦڙن جو ڳڙھہ lungabscess
برانڪاءِ جو ڦھلجڻ Bronchiectasis

جهڳ وارو:
اها جهڳ عموما اڇي، گلابي يا عام طور گهڻي هوندي آهي. اها عموماً ڦڦڙن جي سوڄ Pulmonary oedema ۾ ٿيندي آهي. کنگهڻ سان اڪيلي رت بہ ايندي آهي. يا وري رت جا ڪجهہ ذرڙا يا رت جو ٿورو مقدار کانگهاري ۾ پڻ ايندو آهي. ان ڪري ان کي نڪ هير ۽ معدي مان رت اچڻ (رات جو وات ۾ اچي وڃڻ کان جدا ڪبو آهي).
ان جو چمڪندڙ رنگ ۽ جهڳ وارو ڏيکاءُ عموما ان جي نڪرڻ واري جاءِ پڌري ڪندو آهي. جنھن ماڻھوءَ کي ڦڦڙن مان رت ايندي تہ رت جو کانگهارو هڪ يا ٻہ ڏينھن ايندس پر جيڪڏهن رت مادي نالي، معدي يا Intestinal tract مان ايندي آهي. رت ڪاري رنگ جي الٽي يا دستن سان واضح ٿيندي آهي.
ڦڦڙن مان رت اچڻ، ڦڦڙن جو سبب ٿي سگهي ٿو. ڦڦڙن جي تپ دق Lung, T. B، برانڪاءِ جو گهڻي عرصي کان ويڪرو ٿيڻ، ڪينسر ۽ ڦڦڙن ۾ Embolus (رت جا ڄميل ذرات جيڪي رت جي دوري کي روڪين).
دل جا سبب: ٻن سوراخن وارن والن جو سڪڙجڻ Mitral stenosis ۽ ڪڏهن ڪڏهن شھہ رڳ جو ويڪرو ٿيڻ. Aneurysm of Aorta پڻ هوندو آهي.
ڪيتريون ئي جدا جدا بيماريون کانگهاري جي رنگ جون جدا جدا رنگتون ظاهر ڪنديون آهن. لوڀر نمونيا ۾ اهو ايترو لڳلڳو هوندو آهي جو ٿوڪدان ۾ بہ هيٺ نہ ڪرندو آهي.
اهو جڏهن تمام گهڻو پيلو يا سائو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن جيري جو ڳڙھہ، ڦڦڙن ۾ ڦاٽي پوندو آهي. جڏهن ايموبيا جو ڦڦڙي ڳڙھہ، amoebic liver abscess ڦڦڙن ۾ وهڻ لڳندو آهي ۽ پوءِ کانگهاري جو رنگ چٽڻي وانگر هوندو آهي.
کانگهاري جو 24 ڪلاڪن ۾ مقدار پڇڻ پڻ وڏي اهميت رکي ٿو عموماً تڏهن جڏهن جاءِ (پاسو) بدلائڻ سان وڌيڪ ايندو آهي، کانگهاري جي ڌپ گهٽ اهميت رکي ٿي، اها تڏهن سڙيل هوندي جڏهن ڦڦڙن ڳڙھہ Lung a bscess هوندو آهي.
Chronic dilatation of Braonchi
Bronchiectasis

کانگهاري جو خوردبيني جائزو:
کانگهاري جو خوردبيني جائزي ڪرڻ جو مقصد جيوڙا يا Bacteria سڃاڻڻ ۽ ان جي اندر ڪينسريائي جيو گهرڙن جو ڳولڻ هوندو آهي. Eosinoplils تڏهن لڌا ويندا آهن جڏهن ڪا بہ خارشي حالت allergic condition هوندي آهي.
مثال طور؛ دم، نمونيا (پيراسائيٽن ڪري) ۽ Aspergillosis جي ڪري. ڪنسريائي گهرڙا تڏهن کانگهاري ۾ ايندا آهن. جڏهن Squamous cell carcinomaهوندي آهي. خاص ڪري Bronchi، جي انھن سيلن يا جيوگهرڙن کي جدا ڪرڻ لئہ ڪمال جي مھارت کپندي آهي تہ ڪھڙا سيل اپيٿيليم (چمڙاڻان) آهن يا وري ٻين جيوگهرڙن وارا، ڪڏهن ڪڏهن اهي ڏسڻ ۾ واضح ايندا آهن ڪڏهن ڪڏهن کانگهاري ۾ fungi ۽ پيلا سنھري ايسبيٽوز نظر ايندا آهن.
X-ray Exaination:
ڇاتيءَ جو ايڪسري يا جنھن کي عرف عام ۾ ڦوٽو ڪڍائڻ چيو ويندو آهي. ضروري آهي ڇو جو هڪ هنڌاوان يا وڌيڪ پکڙيل Filtration بيماريون ڦوٽو ۾ نظر اينديون آهن ۽ ڪي بہ بي قاعده طبعي نشانيون نہ هونديون آهن، Sarcoidosis اهو مکيو آهي، T. B ۽ ڪينسر جي شروعاتي جو ڏسڻ لاءِ سلسلي وار ڦوٽو پڻ ڇاتيءَ جي بيماريءَ سڌرڻ جي نشاندهي ڪن ٿيون انھن جو ٿورو طريقہ ڪار هت ڏجي ٿو.
Radiograph:

پويون اڳيون نظارو Posterior Anterior View
عام رواجي ڇاتيءَ جو ڦوٽو پويون اڳئين نظاري وارو ڪڍرائبو آهي ائين کڻي چئجي تہ فلم ڇاتيءَ جي اڳيان ۽ x-ray ٽيوب مريض جي 2 ميٽر پوئتان ۽ اُهي نظاري پيٽي (x-ray illuminator) تي سرشتي وار ڏسجي ۽ هيٺيون پلان ڏجي.
1. هڏائون پڃرو: The Bony Skeleton
ڇا، ڇاتي ٻنھي پاسي ڊولائتي آهي يا ڪرنگهي وارو هڏو پاسي تي وريل تہ نظر نہ ٿو اچي، پاسريون غير ضروري سوڙهيون ۽ ڳتيل تہ نہ آهن. يا انھن جي وچ ۾ يا انھن ۾ ڪو وڏو فاصلو تہ ڪونھي يا ائين چئجي تہ ڪنھن جاءِ تي والاريل تہ ڪونھي ڇا پاسريون کاڌل يا ڀريل تہ نہ آهن. يا انھن تي ڪا ڪينسريائي واڌ تہ ڪونھي.
2. مريض جي بيهڪ Posistion of Patient
مريض سڌو سنئون بيٺل هو يا وري وريل هو. جيڪڏهن سڌو بيٺل هوندو تہ ڳراٽ هڏي (clavical) جون اندريون ڪنڊون ڪرنگهي سان بازيب بيٺل هونديون.

دل ۽ ڦڦڙن جي وچ واري جهلي جو ٻاهريون ڏيک:
ڇا اها پنھنجي شڪل ۽ قدبت ۾ پنھنجي جاءِ تي پوري آهي.

پيٽ ڇاتائون پردو:
ڇا پيٽ ڇاتائين پردي جو ظاهري ڏيک ٻنھي پاسن تي ڏيکارجي ٿو يا نہ. اُهو پنھنجي عام رواجي جاءِ تي آهي يا نہ، يا دل ڇاتائين پردي واري ڪنڊ عام رواجي آهي يا نہ، يا وري پاسرائين پيٽ ڇاتائين ڪنڊ رواجي آهي يا نہ.
ڦڦڙي حدون: يا ڦڦڙي ايراضيءَ کي ٽن پٽن (حصن) ۾ ورهايو.
1. مٿيون پٽو:
ڦڦڙجي جي چوٽيءَ کان وٺي هڪ ليڪ ڇڪيو. ٻئي پاسرائين ڪڇي هڏي جي هيٺين ڪناري جي اڳئين طرفان:
2. ان ليڪ کان 4 ڪاسٽل ڪارٽيج تائين ان ۾ ڦڦڙن جا هيلا هوندا آهن.
3. ٽين حد اتان کان ڦڦڙن جي ترن تائين.
هر هڪ پٽي جي زيب کي ڏسو ۽ جيڪڏهن ڪنھن پٽي ۾ ڪا گڙٻڙ ڏسو تہ اها ٻئي پاسي سان ڀيٽيو. ڪڏهن ڪڏهن ننڍو ڌاڳو مٿئين ۽ سڄي ڦڦڙ جي مٿين ۽ وچين حصي کي جدا ڪندو آهي. اُهو ويڪرو ڊوڙندو نظر ايندو آهي.

ٽئين ۽ چوٿين وچ پاسرائين خال وٽ:
پر وڏن حصن (lobes) کي جدا ڪرڻ وارو ڌاڳو، اڳئين پوئين تصوير ۾ نظر نہ ايندو آهي.

پاسيرا نظارا lateral view:
ڦڦڙن جي فوٽن جا پاسيرا نظارا، ضروري هوندا آهن. جڏهن ڦڦڙن جا مقامي (local) زخم اڳئين پوئين نظاري واري فوٽو ۾ نہ ايندا آهن تہ جيئن زخم ڪھڙي پاسي ۾ آهن. ڇاتيءَ جي اڳئين يا پوئين حصي ۾، يا وري وچين پٽي ۾، يا وري ڦڦڙ جي مٿي لوب ۾ يا هيٺين لوب ۾. ان لاءِ هيٺيون امتحاني لائحه عمل سوچيو ويو آهي.
1. هڏائون پڃرو
2. هوا جي نالي جي بيهڪ
3. پيٽ ڇاتائون پردو:
جيڪڏهن پيٽ ڇاتائون پردو ٻنھي پاسي مختلف آهي تہ الٽو ڏيکاءُ نظر ايندو. اُها جاءِ يا پاسو وڌيڪ واضح نظر ايندو جيڪو x-ray تصوير جي ويجهو هوندو.
4. ڦڦڙي حدون: ڦڦڙي حدون اونداهيون هونديون، ٻن ويجهو شفاف حدن سان هڪ مٿان ۽ ٻي پوئتان، ڪنڌ جي سنڌ جي ڪري، ۽ هڪ اڳيان ۽ پويان دل جي ڪري. جيڪا آرام ڪندي آهي. پيٽ ڇاتائين پردي جي اڳيان.
اتي وري ٻہ ٻيون واضح حدون هڪ مٿان ۽ اڳيان ڇاتيءَ جي هڏي جي مٿين حصي جي پويان. ۽ ٻي هيٺيان پويان spine ۽ پيٽ ڇاتائين پردي جي ڪنڊ سميت. پاسرائن وارن نظارن ۾، ٻن لوبن جي وچ وارو fissure وڌيڪ واضح ڏسڻ ۾ ايندا آهن. انھن جون صحيح جايون اڳ ۾ ئي بيان ڪيون ويون آهن انھن جي سڃاڻپ ٻنھي ۾ ضروري آهي هڪ ۾ نہ. مقامي local زخم واضح ٿيندا آهن ۽ اُها ڦڦڙن جو گهنجي وڃڻ جي سڃاڻپ ۾ جڏهن ڦڦڙ ڊهي پوندا آهن. Collapse يا انھن ۾ ڌاڳا وان عمل (fibroies) ٿيندا آهن.

پردائين جانچ Screening
پردائين جانچ اڄڪلھہ دل جي بي قاعدگين ۽ پيٽ ڇاتائين پردي جي اڌرنگي کي ڳولڻ ۾ ڪم ايندي آهي. مريض کي مختلف جاين تي بيھاري دل جي وڌيل خانن کي ڏسي سگهجي ٿو ۽ ائين وڏين نالين ۽ paradoxical pulse ڌنوڻيون کاٻي atrium ۾ ڏٺيون وينديون آهن، کاٻي آٽرم جو وڌڻ لڌو ويندو آ. جڏهن بيريم سان oesophagus کي ڀريو ويندو آهي، جڏهن پيٽ ڇاتائون پردو اڌ رنگ جو شڪار ٿيندو آهي تہ ويچار جي خلاف ڌنوڻيون ڏسي سگهبيون آهن جڏهن مريض کنگهندو آهي يا وري سڻڪندو آهي (sniff)، جڏهن ان کي اڳتي ڇڪبو تہ پوءِ اهو ان جي ابتڙ ويندو.

برانڪائي گراف Bronchography:
مقامي نشو ڏئي local anaesthesia ريڊيائي نيم شفاف آيو ڊائيرڊ نيل هوا جي ناليءَ ۾ داخل ڪيو ويندو آهي ۽ ان کي ڇڏيو ويندو آهي تہ برانڪاءِ ۾ داخل ٿي ۽ x-ray تصويرون ورتيون وينديون آهن ۽ ٻنھي برانڪاءِ جي ظاهري ڏيکاءَ کي ڏسي سگهبو آهي.

ڦڦڙن جي ڪم ڪرڻ جا تجربا Lung Function Tests:
ويجهڙائي وارن سالن ۾ ڦڦڙن جون ٽيسٽيون ڪجهہ وڌيڪ مونجهارا پيدا ڪري رهيون آهن. پر ڪجهہ ساديون سوديون ٽيسٽيون اڄڪلھہ عام پريڪٽس ۾ ڪيون وڃن ٿيون.
هتي ان ڳالھہ جو تاڪيد ڪيو وڃي ٿو تہ ڦڦڙن جي ڪم واريون ٽيسٽيون ان لائق آهن جنھن سان ڦڦڙن جي عام رواجي قدرتي حالت physiology جي خبر پئي ٿي ۽ مريض جي مرضي حالت جي پڻ.
اتي هڪ مثال ڏجي ٿو تہ اُهي، اهو ٻڌائي سگهن ٿيون تہ هوا جي نالي سوڙهي ٿي پئي آهي پر اهي ان ڳالھہ جي وضاحت ڪو نہ ڪري سگهنديون آهن تہ ڪو مريض کي Bronchial carcinoma يا ڦڦڙن جو ڪينسر آهي ۽ اهي وڌيڪ واضح ٿينديون آهن جڏهن ڦڦڙي ڦھلاءُ گهٽ وڌ ٿيندو آهي ۽ اهو ڪنھن مخصوص جاءِ واري زخم lesion وارو ٿيندو آهي.
1. ان ڳالھہ کي ڪٿي سگهجي تہ مريض ۾ ناچاڪي ڪيتري آهي.
2. اهو ڏسجي سگهجي ٿو تہ مريض ٺيڪ ٺاڪ ٿيئي ٿو يا ان تي دوا جو ڪھڙو اثر آهي.
3. ان کان علاوہ ان ڳالھہ کي ڏسجي ٿو تہ مريض ۾ ساھہ کڻڻ جي تڪليف جو سبب ڪھڙو آهي
4. مريض جي ساھہ جي نظام جي ڊهي پوڻ جي صورت ۾ ان جي تدارڪ ۾ ڪم اينديون آهن.
5. اهو پڻ ڪٿبو آهي تہ مريض تي نشي يا جراحيءَ جو ڪھڙو اثر ٿيندو.
Vital capacity and spirometry

قدرتي لياقت يا حيثيت Vital Eapacity and spiremetry:
تمام سولو ۽ اهم آهي تہ مريض جي قدرتي لياقت vital capacity کي ڪٿجي يا معلوم ڪجي ۽ Expiratory spirogram يا هوا جو ٻاهر سٽڻ جو گرافي رڪارڊ پڻ لھجي.
اُهي ڪيترن ئي قسمن جي اسپائرو ميٽيرز سان لڌا ويندا آهن انھن کي گرافڪ ذريعي لکبو آهي. مريض ايتري هوا اندر کڻي جيتري کڻي سگهندو آهي ۽ پوءِ ان هوا کي تمام تيزيءَ سان ٻاهر ڪڍي جيترو ڪري سگهي. ان کانپوءِ ئي ان کي ماپيو ويندو آهي تہ هن مريض هوا جو ٻاهر ڪيترو مقدار ٻاهر ڪڍيو ۽ ڪيتري رفتار سان ان ائين ڪيو هوا جو وڌ ۾ وڌ ٻاهر ڪڍڻ جو جيڪو سوچي سگهبو آهي اهو ئي اصل ۾ قدرتي لياقت Vital capacity هوندو آهي.
عام صحتمند ماڻھن ۾ ٽي چوٿايون، هوا جون، پھرئين سيڪنڊ ۾ ٻاهر نڪري وينديون. باقي بچيل هوا تقريبا ٽن سيڪنڊن ۾ ٻاهر نڪري ويندي آهي.
عام رواجي ونگ (curve) عموما ڏاڪي جھڙي ٿيندي آهي. بيمارين جھڙوڪ دم Asthma، برانڪائٽس Emphysema سببن ۾ هوا جي موجودگي ۾ هوا جو ڦڦڙن کان نيڪال ۾ رڪاوٽ پيدا ٿيندي آهي. جنھن سبب ڦڦڙ ڊهي پوندا آهن يا هوا جي رستي جو سوڙهو ٿيڻ يا وري Intra luminal obstruction نالي جي اندرئين بندش ٿيندي آهي.
ان ڪري ميوڪس يا سوڄ ٿيندي آهي ۽ ونگ سڌو نظر ايندو آهي (6. 4 b)
(ونگ جي جانچ وقت هي سڌو نماءُ ظاهر ٿيندو آهي، پر حسابي اهميت واضح ڪندي آهي ان ونگ جي سڌائي جي درجي کي هوا جي ٻاهر نڪتل مقدار کي پھرئين سيڪنڊ ۾ نيڪال ڪرڻ سان). اهو مقدار هوا جي ٻاهرئين مقدار جي قوت سيڪنڊ واري يا Fev,

قدرتي لياقت Vital Capacity:
اهو تناسب هيئن لکبو آهي vc (Fevi) ۽ سڏبو آهي FEV,% ۽ سٺ سالن کان گهٽ عمر وارن صحتمندن ۾ اهو %70 کان وڌيڪ هوندو آهي.
جيڪڏهن اهو سيڪڙو مٿئين سيڪڙي کان گهٽ آهي تہ پوءِ مريض لاءِ ڏيکاربو آهي تہ اهو هوا جي رستي جي روڪ جو شڪار آهي. ان کان پوءِ اهو عمل برانڪاءِ کوليندڙ Bronchodilator Aerosol ڏجي ۽ پوءِ FEV, ڏسجي جيڪڏهن ان ۾ ڪو واڌارو آيو آهي تہ پوءِ هو اجي رستي جي روڪ لاءِ چئبو تہ بدلائي سگهجي ٿي.
ڪيترن مريضن ۾ دوا جيڪا وات ذريعي ڏبي مثلاً Steroids ۽ Bronchodilator تہ انھن لاءِ چئبو تہ انھن مريضن ۾ بدليل رد عمل آهي.
دم ۽ برانڪائٽس جي صورت ۾ Bronchodilator ڏيڻ سان ٿوري گهڻي بدليل تبديلي ايندي پر Emphysema جي صورت ۾ واضح نہ ٿيندي.
انھن ۾ بہ ايتري تبديلي نہ ٿي اچي جيتري توقع ڪجي ٿي. ان کان علاوہ هوا جي ٻاهر نڪرڻ جي ڪل رفتار پڻ جاچجي ان لاءِ هڪ Peak Flow meter استعمال ڪبو آهي. اهو چرندڙ آلو هوا جي ٻاهر نڪرڻ جي رفتار کي سڌو سنئون ماپي وٺندو آهي جيڪو هوا جي نالي جي روڪ جي صورت ۾ گهٽ ٿيو هجي. ان کان علاوہ هڪ ٻي بي قاعدگي جيڪا Expiratory spirogram ذريعي سڃاتي ويندي آهي اها ڦڦڙي رفتار روڪ آهي Pulmonary Restriction، اها ڇاتيءَ جي ڀت جي اثر کان ٿئي ٿي مثال طور Kyphosoliosis ڊونڊو ٿيڻ يا وري اهڙن مرضن ڪري جن ڪري ڦڦڙي رفتار ۾ گهٽتائي اچي ٿي. Pulmonary Fibrosis ان صورتحال ۾ قدرتي لياقت گهٽجي ويندي آهي. ان ۾ FEV/VC تناسب صحيح هوندو آهي ۽ چوٽيءَ واري ٻاهرئين نيڪال جي رفتار جيڪا Peak flow meter سان جاچجي اها پڻ عام رواجي هوندي.

ورهاست، ڦھلاءُ، وستار Diffusion and distribution:
جڏهن هوا ڦڦڙن ۾ داخل ٿيندي آهي تہ اها ڦڦڙن ۾ تمام سولائيءَ سان ورهائجي ويندي آهي. رت ڦڦڙن ۾ داخل ٿيندي آهي اها بہ ورهائجي ويندي آهي. اها پاڻياٺي (Perfusion) گذر، ۽ هوائي گذر (Ventilation) عموما ڦڦڙ جي ترن ۾ چوٽين جي ڀيٽ وڌيڪ ٿيندو آهي. جديد ريڊيائي آئسوٽوپوارا طريقيڪار ان هوا ئي ۽ پاڻياٺي گذر جي طريقہ ڪار کي ڏسڻ کي استعمال ڪيا ويندا آهن. ڪي مرڪز هوائي گذر ۽ پاڻياٺي گذر جو خودبخود استعمال ڪندا آهن.
ڪيترين بيمارين ۾ هوائي پاڻياٺي گذر عام رواجي نہ هوندو آهي ۽ اهي جنم ڏيندا آهن بي قاعده گئسن جي تبديليءَ کي، آڪسيجن ۽ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ڦڦڙي وار نلين ۽ ڦڦڙي گهرڙن مان آسانيءَ سان گذري سگهنديون آهن انھن گئسن جو رستو تمام گهڻي ڦھلاءُ سان پيدا ٿيندو آهي.
ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جو ڦھلاءُ يا وستار تمام جلدي سان ٿيندو آهي ۽ ڪو بہ مسئلو پيدا نہ ٿيندو آهي پر ڪيترين بيمارين جھڙوڪ Interstitial Fibrosis ٻن حصن جي وچ وارو ڌاڳائون عمل ۽ ڪيتريون شيون ڦڦڙن ۾ داخل ٿين جيئن گوشتائون Sarcoidosis ان ۾ آڪسيجن ڦھلاءُ گهٽ يا محدود ٿي ويندو آهي. غير مساوي ورهاست جڏهن اندر کنيل هوا جي ٿيندي آهي تہ وار نليون جيڪي رت کي جذب ڪنديون انھن ۾ هڪ بي قاعده آڪسينيجيشن وارو عمل ٿيندو آهي.
ورهاستي لياقت يا وري بدلائڻو عنصر (Diffusim) ڦڦڙ جي ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ گئس کي ماپيو ويندو آهي.

مارڪر سڃاڻپي:
هن ۾ گئس مٿي کڻڻ (uptake) ماپيو ويندو آهي ساھہ کڻڻ جي هڪ وقت دوران يا وري پڪي حالت طريقو اپنائبو آهي. ڦھلائي ورهاست جو گهٽجي وڃڻ. اهڙن بيمارين ۾ لڌو ويو آهي جيڪي شريانين جي آڪسيجني عمل کي گهٽ ڪندا آهن.


The Blood Gases:
رت اندر گئسون، ڦڦڙن جو ڪم هوندو آهي تہ اهو آڪسيجن کي پنھنجي اندر مان گهرڙن ڏي گذرڻ ڏي. جيئن آڪسيجن ساھہ کڻڻ وارو عمل سولو ٿئي. موٽابوليزم جا پويان ڦوڳ، ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ڦڦڙن مان ٻاهر نڪرندي آهي ۽ اهو هوائي گذر پڻ کار تيزابي وهڪ (Acid Base Regulation) ۾ پڻ وڏو ڪردار ادا ڪندو آهي. گئسن جي تبديليءَ جي اثر کي پڻ لڌو ويندو آهي.
آڪسيجن جي پاسخاطري ڪندڙ دٻاءُ Po2 ۽ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي پاسخاطري ڪندڙ دٻاءُ مان شرياني رت ۾ کار تيزابي حالت لڌي ويندي آهي شرياني رت جي PH معلوم ڪرڻ سان، اهو سمورو عمل اليڪٽروڊس ۽ اسپتالن ۾ موجود اوزارن سان ماپيا ويندا آهن. ساڻ ساڻ شرياني ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جو پاسخاطري ڪندڙ دٻاءُ، پڻ لڌو ويندو آهي غير سڌي طريقي سان ٻيھر ساھہ کڻائڻ واري عمل ذريعي.
ڦڦڙن جو هوائي گذر هڪ اهم نقطو آهي جيڪو ظاهر ڪندو آهي شرياني Pco2 کي، ڦڦڙي گهرڙن جي هوائي گذر ۾ گهٽتائي، پوئين ڦڦڙ جو ڊهي پوڻ جو سبب دوائون هونديون آهن يا بيماريون پڻ، جيڪي ڦڦڙي گهرڙن جي هوائي گذر تي اثر انداز ٿينديون آهن. ۽ ٻيا ڪيترائي طبعي عمل ڦڦڙن جي ڪم کي لھڻ لاءِ موجود آهن، ڦڦڙي رضامندي يا مڃتا سميت هوائي رستي رڪاوٽ ۽ گئس جو ڦڦڙن ۾ ملڻ، مشقي عمل ڪيا ويندا آهن ڪن ڪيسن ۾ اتي ڦڦڙن جي ڪم جي هر پھلوءَ کي پرکي سگهجي ٿو.
عام طور تي شرياني Pco هوندو آهي. 4. 7 to 6kpa (35-45m Hg) جيڪڏهن ان ۾ گهٽتائي اچي تہ پوءِ ڦڦڙي گهرڙن جي هوائي گذر جي وڌائي آهي.
عام رواجي طور شرياني Po211. 3 to 14. 0 Kpa (80-100mhg) ان ۾ گهٽتائيءَ جو سبب ڪيتريون ئي ڦڦڙي بيماريون آهن ۽ گڏوگڏ دل جون حالتون بہ آهن، نسي رت کي شرياني رت جي دوري ۾ داخل ڪنديون آهن. شرياني رت جي PH آهي 7. 2 کان 7. 38 پر اها بدلي سگهبي آهي. ٻين ميٽابولڪ بيمارين ۾ جيئن مٺا پيشاب آهن، رت گئس ۽ PH لھڻ جو طريقو طبي دنيا ۾ عام رواجي آهي. ان ۾ ڦڦڙي ڊهڻ کي بچايو ويندو آهي. بغير مٺن پيشابن واري بيھوشي ۽ رت جي کنڊ معلوم ڪرڻ بنا.

اميونولاجي خودبچائي:
ڪيتريون ئي چمڙيءَ جون ترڪيبون آهن جيڪي ڇاتيءَ جي بيمارين کي ڳولڻ ۾ مدد ڪنديون آهن. الرجيءَ وارو دم ث الف قسم جي نازڪ طبيعتي ۽ هڪ دم ردعمل، نہ وڻندڙ لئہ مثلا گاھہ جي گل جي تخم جو، يا گهر جي مٽي يا دز، دير نازڪ طبيعتي (ث ا نو 4) ڏيکاريو ويندو آهي. مونٽاڪس عمل ذريعي: جنھن ۾ T. B جو حملو اڳ ۾ يا وري موجود آهي لئہ لڌو ويندو آهي. ڪيم عمل پڻ سارڪئواڊس لئہ ڏنو ويندو آهي. هتي چمڙي جي اندر Antign داخل ڪئي ويندي آهي ان کان پوءِ ان هنڌ جي Biopsy ڪئي ويندي آهي ڇھن هفتن کان پوءِ. Antibody جو رت جي ڦيڻ plasma ۾ مقدار لڌو ويندو آهي ۽ اهو ڪيترن ئي مريضن جي تشخيص لئہ اهو عمل ڪيو ويندو آهي.
ڄمندڙ اينٽي باڊيز اهڙي مريض ۾ هوندا آهن جنھن ۾ کنڀيون (Funga) بيماريون هونديون آهن ۽ مخصوص (Reaginie antibodies) 1Ge پڻ ماپيا ويندا آهن، IgE ليول عموما دم ۾ وڌيل هوندو آهي ان جو سبب الرجي آهي.

نئين ڄاول ٻار جي چڪاس: Examination of new born

نئين ڄاول ٻار جو جائزو ان جي صحتمندي ڏسڻ ۽ ان جي عيبن کي ڳولڻ لئہ هوندو آهي. ان لاءِ ٻار جو جائزو يا تپاس ڪرڻ جو ٽائيم تڏهن کان آهي جڏهن ٻار ڄمي يا وري ان جو ستين ڏينھن جائزو ڪجي (هي ٻيو جائزو سڏبو آهي).

ٻار جو وزن ۽ ان جي ڊيگهہ
ان جي مٿي جو پويون حصو ۽ اڳيون حصو اڳ ۾ جاچڻ کپن
ان کانپوءِ ڏسو تہ ان پھريون پيشاب ڪھڙي وقت ڪيو آهي. ان جي پھرئين پائخاني جو وقت پڻ نوٽ ڪيو. ٻار جو پھريون پائخانو گهرو سائو ۽ لڳلڳو هوندو آهي.
ان کانپوءِ ڏسو تہ هو سٺو آهي. مطلب صحتمند آهي يا عيب، ٻيب تہ نہ اٿس. ان کانپوءِ هن جي منھن ۾ ڏسو تہ ڪو عيب تہ نہ اٿس، . ڊائون سنڊروم تہ نہ اٿس (جنھن ۾ مٿي جو اڳيون حصو ننڍو ٿيندو آهي نڪ بينڙو ٿيندو اٿس. آڱريون ننڍيون ۽ انھن جا فاصلا وڏا ٿيندا آهن).
ان کانپوءِ ڏسو چپ تہ ڦاٽل نہ اٿس، يا وري تنتي ڏوري جو ڪو عيب نہ اٿس، ان کانپوءِ ڏسو تہ هن جي ڪرنگهي جي ڊيگهہ ڪيتري آهي.
اهو ڏسو تہ ٻار ۾ ڪي جنسي عضون جا عيب تہ نہ آهن ان جي پيشاب جي نالي آلت (PENIS) جي هيٺان تہ نہ آهي. Hypospadias يا وري خصين جي ٿيليھي ۾ تہ پاڻي جمع ڪو نہ ٿي ويو اٿس.
اهي ڳالھيون نرن جي جائزو وٺڻ سان معلوم ٿينديون ان کانپوءِ ڏسو تہ وات جي هيٺين حصي ۾ دراڙ (يا ڏار) تہ نہ اٿس، يا وري مقعد تہ سبيل ڪو نہ اٿس Imperforated Anus ان کان پوءِ ٻار جي اکين جو جائزو وٺو، ان جاڇپر مٿي ڪري ان ۾ Conjuctivitis ڏسو، cornea لئہ ڏسو تہ ان جو رنگ جهڙدار تہ نہ آهي. جيڪو ان ڳالھہ جي ترغيب ڏيندو آهي تہ ٻار ۾ موتيو پاڻي آهي يا نہ، ٻار جي اک جا تارا ڏسو تہ اهي ٽيڏا ۽ ڦريل تہ نہ ناهن.

ٻار جي چمڙيءَ جو رنگ ڏسو:
چمڙيءَ جي نيراڻ، نئين ڄاول ٻار ۾ عموماً هوندي، پر ڪڏهن اها يڪو هجي تہ اها اندروني نوعيت جي هجي ٿي ان ۾ ڪا دل ۽ ڦڦڙن جي بيماري ٿي سگهي ٿي.
ڪيترن وقت کان اڳ يا پورن ڏينھن جي ڄايل ٻارن ۾، 48 ڪلاڪن کان پوءِ سائي jaundice جا اهڃاڻ ملندا آهن پر پھرئين يا ٻئي ڏينھن تي سائي جو نروار ٿيڻ ان ڳالھہ جي نشاندهي ڪندو آهي تہ هن ۾ رت جي ڳاڙهن جزن جي ڀڄڻ يا ٽٽڻ جي ڪا بيماري آهي.
ان کانپوءِ ڏسو تہ ٻار جي جسم ۾ ڪا ڄائڻ واري نشاني يا وري ڪنھن رنگدار مادي جو چمڙيءَ ۾ جمع ٿيل تہ نظر نہ ٿو اچي جيئن Haemingoma چمڙي ڳاڙهي رنگ جي هوندي آهي. ڇو تہ اتي غير ضروري پيدا ٿيل (mal formed) هوندي آهي. ڪيترن ئي ٻارن جي اک جي مٿئين ڇيڙي، ڳچي جي پوئين پاسي کان وار نليون ويڪريون (capillaries dilated) هونديون آهن پر عموما اهي ٿورن هفتن کان پوءِ ڪومائجي وينديون، ڪيترن ٻارن جي ڪنڌ تي ڪجهہ داڻا هوندا آهن جيڪي ٿوري عرصي ۾ گم ٿي ويندا آهن. جن کي، mangolian black spots اهو نالو ڏنو ويو آهي. انھن گهاٽن نيرن ڌٻن کي جيڪي نسلي رنگدار مادا هوندا آهن جيڪي ڄنگهہ ۽ ڀڏر تي هوندا آهن، آفريڪي ۽ ايشيائي ٻارن جا ببا وڌيل هوندا آهن. عموماً ڪيترن ئي ٻارن جي ببين مان کير وهندوآهي. ان جو سبب ماءُ جي رطوبتون harmones جو اثر ٻار تي هوندو آهي ۽ پوءِ اهو کير وهڻ پاڻھي گم ٿي ويندو آهي. ان کان پوءِ مٿي جي جانچ ڪجي ۽ ان کي هٿن سان ڇھي بہ ڏسجي ۽ ڏسڻ کپي تہ ان ۾ ڪا بي قاعدگي تہ نہ آهي، ان جي ماپ يا ڏيکاءُ ۾، ۽ ان جي تارونءَ ۾ تہ گهٽ وڌائي تہ نہ آهي ۽ انھن جي sutures (ٻنھي هڏن جي وچ ۾ ملڻ انھن جي ڪنارن سان). کوپڙيءَ جي سخت ڳوڙهي ان ڳالھہ جي نشاندهي ڪري ٿي تہ کوپڙيءَ جي هڏي جي گهرڙن جو، خوني ڳوڙهو آهي جيڪو ظاهر ٿيندو آهي ڄمڻ کان ڪجهہ ڏينھن بعد، هڪ وڏي غلافي ڳوڙهي نمايان ٿيندي آهي ڪنھن مٿي جي هڏي جي حصي ۾ جنھن ۾ yault هوندو آهي ڪڏهن ڪڏهن ٻار جي ڄم دوران زور پوڻ ڪري پڻ ڪا سوڄ يا ڳوڙهي مٿي تي ٿي ويندي آهي ان سوڄ تي جيڪڏهن دٻاءُ وجهبو تہ اها کڏ ٿي ويندي. ۽ غير مستقل هوندي آهي.
ٻار جي پڏر pelvis جو پڻ معائنو ڪجي ۽ ان ڳالھہ کي ڳولجي تہ ٻار ۾ ڪي نمايان يا ڳجها جوڙ نڪتل تہ نہ آهن.
ٻار کي سمھاريو ان جا گوڏا بند ڪريو، جائزو وٺندڙ سٿرون جهلي، وچئين آڱر سان سٿر واري هڏي يا femur جي Greater, trochanter ۽ آڱوٺو lesser trochanter وٽ جهلي، آڱرين جو زور پري ڪري ڇڏيندو سٿر هڏي، هڏي جو منھن جيڪڏهن جوڙ صحيح نہ هوندو تہ ۽ آڱوٺن وارو زور ناپائيدار زور کي پري ڪري ڇڏيندو. ٻئي باقاعدہ حرڪتون ٻڌل هونديون آهن، تہ پڪي ۽ جاندار ڇھي ڪري ٽڪ ٽڪ معلوم ڪجي.
هلڪو دل جي ڀيڪوڙجڻ وارو سرسراهڻو:
ڪيترن ئي نون ڄاول ٻارن ۾ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. انھن جي ڪا اهميت ڪو نہ هوندي آهي ۽ ٿورن هفتن ۾ اهي گم ٿي ويندا آهن پر جي گم نہ ٿين تہ ڪا ڄائي ڄم واري دل جي بيماري هوندي آهي.
هٿ:
ٻار جا هٿ ڏسجن تہ ان ۾ وڌيڪ آڱريون تہ نہ آهن. آڱرين جي وچ وارا حصا وڌيڪ تہ نہ آهن جيئن down syndrome ۾ ٿيندا آهن. ان کان پوءِ پيرن جي عيبن لاءِ پڻ ڏسو تہ ان جو پير اندر تي مڙيل تہ نہ آهي. (جيئن talipes equino varus) .

پيٽ جو پڻ جائزو وٺو:
اهو ڏسڻ کپي تہ پيٽ ۾ ڪي غير ضروري ماس تہ نظر ڪو نہ ٿا اچن. ڍڪڻي يا مثانو تہ وڌيل نہ آهي.

ناڙو:
عموما ڄمڻ کان ٿورو پوءِ سڪندو ويندو آهي. عموما ستين ڏينھن اهو فقط هڪ آلو ٽڪڙ نظر ايندو آهي. پر غير ضروري ڳاڙهاڻ ۽ ان جي سوڄ ڏيکاريندي آهي تہ infection آهي.

تنتي سرشتي:
Nervous system جي جائزي ۾ مشڪن جو ڪم ۽ ٻار جي اٿڻ بيھڻ وارو طريقو ۽ هٿن پيرن جون حرڪتون ڏسڻيون پونديون آهن. عموما هٿ پير ٿورا ڀيڪوڙيل هوندا آهن ان کان علاوہ ڏسو تہ ٻنھي ۾ ڪا گهٽ وڌائي تہ نہ آهي.
ان کانپوءِ ڪمزوري ڏسو ۽ اهو ڏسو تہ منھن ۽ ٻانھن واريون تنتون ڪٿان ٽٽل تہ نہ آهن، Flaccid تنتي سن ٻنھي ڄنگهن ۾ ٿيندو آهي. جڏهن ڪو ڪرنگهي ۾ پيدائشي نقص هوندو آهي.
Myelomeningocele
Diviation of primitive reflex

ابتدائي جهلڪون (پرڇائين غير ضروري)
ابتدائي جهلڪون نئين ڄاول ٻار ۾ هونديون آهن ۽ اهي ٽئين ۽ ڇھين مھيني گم ٿي وينديون آهن. ڪجهہ حرڪتون يا لرزشون ڏيڻ تي ٿورو گهڻو ردعمل هوندو آهي اهو ٻار جي جاڳڻ تي دارومدار رکي ٿو.
هڪ يا هڪ کان وڌيڪ خود ساختہ يا لاشعوري جهلڪون ٻار ۾ غير موجود هجڻ دماغ ۾ ڪو نقص ٻڌائيندو آهي. يا وري ان ڳالھہ جون نشاندهي ڪنديون آهن تہ ڪو هڪ هنڌ ٻار جو ڪو Limb وغيرہ تہ متاثر ٿيل نہ آهي يا وري تنتي مشڪي Neuromuscular رسي ۾ ڪو نقص آهي.
سڀ کان اهميت جو حامل mororeflex آهي اها جهلڪ عموما سڏبي آهي اسٽارٽل جهلڪ اهو تمام گهڻي احتياط ۽ پختو جهلڻ سان ڪبو آهي. ٻار جو جسم هڪ هٿ سان جهليو ۽ ان جو هٿ ۽ مٿو ٻئي هٿ سان جهليو. اهو هٿ ڪجهہ سينٽيميٽر هيٺ ڪجي جنھن ۾ مٿو هجي ۽ هن جي مٿي کي پوئتي ڪجي. واڌو ردعمل ۾ ٻار هٿن کي پري ڪندو ۽ کوليندو ۽ آخر ۾ پنھنجون ٻانھون بند ڪري ڇڏيندو ان رد عمل جو گهٽ ٿيڻ يا نہ ٿيڻ ٻار جو cerebral بي قاعدگي ٻڌائيندو. هڪ پاسي رد عمل، ان ڳالھہ کي ظاهر ڪندو تہ بي قاعدگي ڪنھن ٻانھن جي تنتي سرشتي brachial plexus جي زخم ڪري آهي ۽ اها ٻانھن ردعمل نہ ٿي ڏيکاري.

بنيادي جهلڪ Rooting:
هن ۾ جيڪڏهن ٻار کي منھن وٽ ڇهبو آهي يا لرزش ڏبي آهي تہ ٻار ڳوليندو آهي ارهن کي ڌائڻ لاءِ، palmar greasp reflex سوگهو هٿ جهلڻ (تري) واري جهلڪ جيڪڏهن ٻار جي تريءَ ۾ ڪا آڱر رکبي تہ ٻار ان کي پڪڙڻ شروع ڪندو.

ڏاڪائي جهلڪ Stepping Reflexes:
ٻار کي ڪنھن پختي جاءِ تي مٿي جهلي بيهبو آهي ۽ هن جا پير ڪنھن پختي جاءِ تي لڳندا هجن. هڪڙو پير هيٺ دٻائجي ۽ ٻي ڄنگهہ کي گوڏي ۽ پڏر وٽان بند ڪجي ۽ قدم واري صورت اختيار ڪجي، هڪ ردعمل جڏهن دهرائبو تہ بدلبو هڪ ڄنگهہ کان ٻي ڄنگهہ ۽ ٻار گهمڻ واري حرڪت ڪندو آهي.

واڌ وارو امتحان
Developmental Screening Examination:
واڌ هڪ عام عمل آهي جسم جي ڪمن جو پختو ٿيڻ جيڪا ٻار جي شروعاتي زندگي ۾ ٿيندي آهي. اها واڌ گهٽبي يا دير لڳائيندي آهي بيمارين يا ٻار جي ماحول ڪري. اها دير، واڌ واري جانچ جي پس منظر ۾ ڳولي سگهجي ٿي.
هڪ سادي جانچ پڙتال واڌ موجب ڪئي وئي آهي ۽ اها ڪنھن باقاعدہ وقفن سان عام صحتمند نون ڄاول ٻارن ۾ ڪئي ويندي آهي۽ اها انھن ٻارن ۾ بہ ڪئي ويندي آهي جنھن ۾ ڪي نشانيون نمايان هونديون آهن. اها واڌ عام رواجي طور هيٺين عنوان سان ڪئي ويندي آهي.
1. حرڪتون ۽ اٿڻ ويھڻ بيھڻ وغيرہ
2. ڏسڻ ۽ جوڙ توڙ يا سليقہ مندي
3. ٻڌڻ ۽ ڳالھائڻ
4. سماجي ردعمل
ٻار ۾ انھن چار حرڪتن يا هنر ڪاريگري ۾ ڪا گهٽتائي ٿي تہ پوءِ اهي عام صحتمند ٻار سان ڀيٽجي جيڪي ساڳي عمر جا هجن، جيڪڏهن انھن هنرن جو دير سان نمايان ٿيڻ آهي. تہ پوءِ اهڙن ٻارن کي ڪنھن ماهر ڏانھن موڪلجي ۽ وڌيڪ تفصيل معلوم ڪجن.

حرڪتون ۽ اٿڻ ويھڻ:
مٿو جهلڻ: چئن مھينن جو ٻار پنھنجو مٿو مٿي ڪنڌ يا ڌڙ واري ليڪ ۾ جهلي بيھندو آهي. جڏهن ٻار کي سمھيل مان ويھاربو آهي ۽ جڏهن ٻار کي هٿ سان ويھاربو آهي، تڏهن بہ هو پنھنجو مٿو مٿي جهلي بيھندو آهي. چئن مھينن کان اڳ ۾ ٻار جو مٿو ڪنڌ يا ڌڙ کان پوئتي وريل هوندو آهي.
ويھڻ: ستن مھينن جو ٻار سھاري کان بغير ويھي رهندو آهي. نون مھينن جي ٻار کي سھاري سان بيھاري سگهبو آهي ۽ 10 مھينن جي ٻار کي سھاري سا ٻہ ٽي قدم کڻائي سگهبا آهن ۽ هٿن ۽ پيرن سان بانبڙا پائيندو آهي.
13 مھينن جي عمر ۾ هو سھاري کان بغير گهمي سگهندو آهي.
ڏسڻ: اٺن مھينن جو ٻار سڌو سنئون سمھيل پوزيشن ۾ پنھنجون نظرون ان شيءِ تي کپائي ڇڏيندو آهي جيڪي هن کان تقريبا 20 ميٽر پري هونديون آهن ۽ ڪنڌ کي پڻ ٿوري حرڪت ڏيندو آهي. جيئن انھن کي ڏسي سگهي. ڇھن مھينن جو ٻار هڪ گهمندڙ بال کي ٽن ميٽرن تائين نظر ۾ رکي سگهندو آهي.

سليقہ مندي Manipulation:
ٻار جڏهن ڇھن مھينن جو ٿيندو آهي تہ هو ان شيءِ کي پڪڙي بيھندو آهي جنھن کي هٿ ۾ کڻي بيھندو آهي ۽ ان کي هڪ هٿ مان ٻئي هٿ ۾ بدلائي سگهندو آهي. 10 مھينن ۾ هو ننڍڙي مٺائي ٽافي کي شھادت آڱر ۽ آڱوٺي سان جهلي سگهندو آهي.
ٻڌڻ کي پھريون ڀيرو ڇھن مھينن ۾ تپاسڻ گهرجي ٻار کي ماءُ جي هنج ۾ ويھارجي ۽ هن جو منھن اڳتي ڪرڻ کپي، جانچيندڙ کي ماءُ ۽ ٻار جي پويان بيھڻ کپي جيئن ٻار ان کي ڏسي نہ سگهي ۽ اهو ڪجهہ آواز هڪ پاسي يا ٻئي پاسي پيدا ڪري. اهي آواز جنهجهڻ وڄائي، ڪپ ۾ چمچو وڄائي، گهنٽي وڄائي يا وري ڪاغذن جي سرسراهٽن سان پيدا ڪجن. ڇھن مھينن ۾ ٻار پنھنجو ڪنڌ ان پاسي ڦيرائيندو آهي جيڏانھن آواز ايندو هجي. اهو مفاصلو هن جي ڪن کان 45 سينٽي ميٽر پري هجي 9 مھينن ۾ اهو مفاصلو بلاشڪ 90 cm پري هجي.

ڳالھائڻ:
9 مھينن ۾ ٻار بڪواس babiling ڪندو آهي. ۽ اهو، اهو آواز ڪڍندو آهي جيڪو هڪ ئي لفظ سان پيدا ٿئي. 12 مھينن ۾ هو اهڙا لفظ استعمال ڪندو آ جنھن جي معنيٰ هوندي آهي.
ٻن سالن جي عمر ۾ ٽن يا چئن لفظ جو جملو ڳالھائيندو آهي. ڳالھائڻ جي حد، صحتمند ٻارڙن ۾ پڻ نرالي آهي.

سماجي ردعمل Social Behaviors:
سماجي ردعمل يا هنر جي ابتدا ٻار جي مسڪرائڻ سان ٿيندي آهي. جڏهن ٻار کي ڇھين هفتي ۾ ڪا سٺي لرزش ڏبي آهي. نائين مھيني ۾ هي بسڪوٽ جهليندو آهي ۽ ان کي چٻاڙيندو آهي. 18 مھيني ۾ هي ڪوپ مان پاڻ پي سگهندو آهي. وات ۾ شين کي گهڻي وقت تائين نہ رکندو آهي ۽ هي ننڍڙو منارو ٺاهيندو آهي. ٽن خانن وارو، ٽئين سال ۾ هي چمچي سان پاڻ کائيندو آهي. يا ڪانٽي سان ۽ ڪپڙا بہ پاڻ پائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
مٿيون ذڪر ڪيل ڳالھيون عام صحتمند ٻارن جي سراسري عمر ۾ ڏٺيون ويون آهن. ڪنھن هڪ ڳالھہ ۾ دير کان، سڀني ڳالھين ۾ دير وڏي اهميت جي حامل آهي ۽ گهڻي دير ٿوري دير کان وڌيڪ اهميت جي حامل آهي. ڪمزور ٻارن جي ڄائڻ جي صورت ۾ پڻ انھن جو جائزو وٺڻ ضروري آهي.
فھرست
1. ٽي هفتا: مسڪرائڻ يا مشڪڻ
2. ٽي مھينا مٿو جهليندو آهي
3. 4 مھينا مٿو آواز ڏي ڦيرائيندو آهي
4. 5 مھينا شين تائين پڄندو آهي ۽ شيون هٿ ۾ پڪڙيندو آهي.
5. 7 مھينا سھاري کانسواءِ ويھندو آهي.
6. 7 مھينا هڪ هٿ کان ٻئي هٿ ۾ شيءِ کي بدلائيندو آهي.
7. 9 مھينا سھاري سان بيھي سگهندو آهي.
8. 11 مھينا بانبڙا پائيندو آهي
9. 12 مھينا ٻہ ٽي لفظ معنيٰ سان ڳالھائيندو آهي
10. 13 مھينا سھاري کانسواءِ گهمندو آهي.
11. 15 مھينا ڪوپ جهليندو آهي ۽ پي سگهندو آهي.
12. 18 مھينا ٽن ڪيوبن وارو منارو ٺاهي سگهندو آهي
13. 2 سال ٻہ ٽي جملا چئي سگهندو آهي
14. 3 سال ڪپڙا پاڻ پائيندو آهي.

مخصوص جانچ Special Examination:
ان لاءِ هيٺيون ڳالھيون، ذهن ۾ رکڻ کپن.
ماپ، اوچائي ۽ وزن جي تمام اهم جانچ آهي ٻارن جي اوچائي اهڙن ٻارن ۾ ماپي وڃي جيڪي ٻن سالن کان مٿي هجن، ان عمر کان گهٽ عمر وارن ٻارن ۾ فقط (spina) يا ڪرنگهي جي هڏي جي اوچائي ماپي وڃي، ان جي ماپڻ لاءِ tap سان ماپڻ جو طريقو اپنائي يا وري ماپ جا تختا هجن اهي، سڀ ڳالھيون هيٺين حالتن جي پيش نظر جانچيون وڃن، ٻار جي وزن ڪرڻ وقت ان جي جسم تي ڪپڙا نہ هجن. انھن ڳالھين جو جائزو وٺجي جيڪي ٻار جي زندگي جي صحتمند واڌن کي روڪيندي هجي. اوچائي ۽ وزن ساڳي عمر جي ٻين صحتمند ٻارن سان ڀيٽجي ۽ ان جي بناوت پڻ ڀيٽجي ان لاءِ چارٽ ڏسو.

بيھوش ماڻھو Unconscious Patient:

غشي يا بيھوشي عام طبي مسئلو آهي. مرض جي سڃاڻپ لئہ ٻئي ڳالھيون مريض جي معلومات ۽ ان جي تپاس ڪارائتيون آهن.

هوش Consciousness:
هوش مغزي قوت جي باقاعدگي آهي. جنھن ۾ مريض پاڻ کان ۽ پنھنجي ڀروارين شين کان باخبر رهندو آهي هي ان ڳالھہ جو اهل هوندو آهي تہ جيڪي تبديليون هن جي اندر ٿين ان جو ردعمل ڏيکاريندو آهي. مثلا هن کي بک لڳندي آهي تہ ماني گهرندو آهي. يا ٻاهرين شين تي پڻ ردعمل ڏيکاريندو آهي، سردي يا گرمي لڳندي اٿس تہ ان جو بچاءُ ڳوليندو آهي.
ننڊ بہ هوش جي بدليل حالت آهي ۽ باقاعدہ هوش جي بدليل حالت پڌري هوندي آهي. ننڊ واري ماڻھوءَ کي اٿاري سگهجي ٿو، هن کي ڪنھن شيءِ سان حرڪت ڏئي جاڳائي سگهجي ٿو يا هو پاڻ اٿي سگهي ٿو.
هوش جي بدليل حالت جيڪا بيمارين سبب ٿيندي آهي ان ۾ منجهيل حالت رهندي آهي. مريض خبردار تہ ٿيندو آهي پر اهو گوڙ ڪندو آهي تڪرار ڪندو آهي، ڊنل هوندو آهي ۽ اهو ماڻھو ڊڄندو آهي، وقت، ماڻھن ۽ ٻين شين کان، اهڙا ماڻھو پنھنجي اردگرد جي غلط بياني ڪندا آهن، اهي ماڻھو سودائي وهمي هوندا آهن ۽ گمراهيءَ واريون ڳالھيون ڪندا آهن يا اهڙين شين جو تذڪرو ڪندا آهن يا انھن کان ڊڄندا آهن جن جو وجود ئي نہ هجي.
مونجهاري واري حالت کي تمام هوشياريءَ سان ڳالھائڻ جي قوت متاثر ٿيڻ واري مرض کان جدا ڪبو آهي. Asphasia پر Asphasia جي واضح سڃاڻپ اها هوندي آهي تہ ٻولي پڻ متاثر ٿيل هوندي آهي.
يا مرگهيءَ کي پڻ ذهن ۾ رکبو آهي. مرگهيءَ ۾ پڻ رويي ۽ برتاءُ ۾ پڻ وڏو تفاوت اچي ويندو آهي. جيڪڏهن مرگهيءَ وارو فوڪس کاٻي پاسي وارو آهي تہ اهڙي حالت ۾ بہ رويي سان گڏ لفظن ۽ ٻوليءَ جو اچارڻ يا ڳالھائڻ ۾ دقت ايندي آهي.
ان کان علاوہ منھن جي مشڪن يا منھن جي چوڌاري مشڪن جي بگاڙ جي صورت ۾ پڻ مريض مونجهاري جو شڪار هوندو آهي ۽ مشڪن کي حرڪتون ڏيڻ کان گهٻرائيندو آهي جيڪو ماڻھو بيھوش ماڻھوءَ کي تپاسي اهو ڪجهہ سيڪنڊ بيھي ۽ مريض کي ڏسي ان کي ڪنھن بہ قسم جو پريشان يا ڊسٽرب نہ ڪري.
مريض ۾ بي قاعده غشي جي حالت ۾ ڏٺو ويو آهي تہ اِهي مريض گهڻو ڪري spaceoccupying lesion وارا هوندا آهن يا ان ۾ تحول (غذا جو جزو بدن ٿيڻ) metabolism جي ڪنھن ڏڦير جي شڪايت هوندي آهي، انھن ۾ موڳائي يا بيھوشي ٿيندي آهي.
انھن حالتن ۾ مريض عام ننڊ ۾ هليو تہ ويندو آهي پر ان کي آسانيءَ سان جاڳائي نہ ٿو سگهجي جيڪڏهن هڪ دفعو جاڳي ويو تہ ان کي سمھارڻ مسئلو ٿي ويندو. اهو هميشہ ڳالھائيندو رهندو يا ضد ڪندو رهندو تہ هن سان ڳالھايو يا هن کي تپاسيندا رهو.
موڳائي (stuper) واري غشي جي حالت ۾ فقط طاقتور stimuls سان مريض کي اٿاري سگهجي ٿو. اهو جاڳائڻ اڻپورو ۽ ٿوري مدي لاءِ هوندو آهي.
پر بيھوشي (coma) جي حالت ۾ مريض کي جاڳائي نہ سگهبو آهي ۽ ٻاهريون سڀئي تحرڪ ڏيندڙ ترڪيبون ناڪاره ٿي وينديون آهن. ٻاهريون ڪنھن وسيلي سان اٿارڻ يا جاڳائڻ ۾ مريض جيترو رد عمل ڏيکاريندو ان مان هلڪي يا گهري بيھوشي جي خبر پوندي آهي. اها نھايت ئي ڏکي ڳالھہ آهي تہ ان جي تشريح ڪجي تہ ڪھڙي بيھوشي مريض جي وڌندي پئي وڃي.
بيھوش مريض کي تپاسڻ فقط ان جي بيماريءَ جي تشخيص ۽ ان جي علاج لاءِ پروگرام ٺاهڻ لئہ ڪبو آهي. بيھوشي مريض ۾ فقط جوڙ جيڪي structural يا ان جي اندر ڪيميائي عملن (metabolic) بيمارين جي ڪري ٿيندي آهي. پر تمام ٿورا مريض نفسياتي مسئلن تي پڻ بيھوش ٿي ويندا آهن.

بيھوشي
1 دوائن جو وڌيڪ واپرائڻ گردن ٽوڙ بخار
2 گهڻو شراب پيئڻ مرگهي
3 رت ۾ کنڊ جو مقدار گهٽجي وڃڻ مٿي جو ڌڪ
4 مٺن پيشابن جي بيماري پٽيوٽري جو سڪتي ۾ اچي وڃڻ
5 بڪين جو ڪم کان جواب ڏيڻ دماغ جي جهلي جي سوچ
6 جسم جي گرميءَ جو درجو گهٽجي وڃڻ دماغ جي وچين حصي ۾ رت جو وهي وڃڻ
7 ٿائيراڊ گلينڊ جي رطوبتن جو گهٽ پيدا ٿيڻ دماغي بيماريون
8 دل ۽ ڦڦڙن جو ڪم کان جواب ڏيڻ سيريبرل ۾ رت جو وهي وڃڻ، سيريبرل ۾ سوڄ ٿيڻ ۽ ان جي ڪجهہ حصي جو موت واقع ٿيڻ سيريبرل اندر ڳوڙها پيدا ٿيڻ ۽ ان جي اندر رت واريون ڳوڙهيون پيدا ٿيڻ.

دماغ جو پويون حصو (pons):
مريض متعلق بيان وڏو اهم آهي، مريض جي خاندان جو ڪو ماڻھو يا ان سان گڏ آيل ڪو ماڻھو جيڪو ان صورتحال کي واضح ڪري سگهي تہ مريض ڪيئن بيھوش ٿيو ان کان پڇڻ گهرجي.
بيھوشي عموما دماغ جي اندرين حصن (cerebular) ۽ cerebeller ۾ رت جي وهڻ ڪري ٿيندي آهي. هڪ هسٽري جيڪا ڌڪ ۽ صدمي يا ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ ڪمي پيشي سان ٿي هجي ان متعلق ٿورو ذهن ۾ تہ sub dural herniation ان تصور کي هلڪو نہ ڀائنجي نہ ئي وري ذهن مان ڪڍي سگهجي.
يا وري مٿي جي سور جي مريض شڪايت ڪئي هجي ۽ يڪدم بيھوش ٿي وڃي جو اهڙي صورتحال هيٺ intra cranial space oceupying بيمارين کي نظرانداز نہ ٿو ڪري سگهجي ان جو ڪو بہ سبب ٿي سگهي ٿو. بيھوشيءَ ۾ اوچتو گرفتار ٿيڻ سيريبرل بيمارين جي نشاندهي ڪن ٿا. جيڪي ڳوڙهي، دماغ جي جهلي جي سوڄ، دماغ اندر ڌڪ يا ڦرڙي. دوائون واپرائيندڙ مريضن متعلق ان جا مائٽ، پاڙي وارا ان جا شخصي ڊاڪٽر ڪجهہ ڄاڻندا آهن يا ايمبولينس ڊرائيور ڄاڻندو آهي، جنھن هن کان شراب ۽ ٻيون دوايون هٿ ڪيون هجن.
مريض جي متعلق پڇائجي تہ ڀوءَ کان تہ نہ بيھوش ٿي ويو آهي، ان کان علاوہ مريض جي ڪپڙن، ان جي کيسي ۾ پيل دوائن جي پرچين، سببن يا ٻين ڳالھين ڏي پڻ توجھہ ڏيڻ کپي، ۽ مريض کي ڳولجي. مٺن پيشابن وارا يا مرگهيءَ جا مريض پنهجو پاڻ ۾ ڪجهہ نشانيون رکندا آهن. جيئن بيھوش ٿيڻ جي صورت ۾ ڊاڪٽر کي خبر پئجي سگهي. انھن جي هٿن ۾ ڪجهہ ٻڌل هوندو آهي، انھن جي ڳچيءَ جي هار ۾ ڪجهہ هوندو آهي. يا ان جي ڪپڙن مان ڪا نشاني ملندي آهي جيڪڏهن اوهان کي شڪ پوي تہ مريض رت ۾ کنڊ جي گهٽتائيءَ hypoglycemia سبب بيھوش ٿيو آهي تہ ان صورت ۾ ان جي رت جو هڪ نمونو sample ڪڍي ان کي رت ۾ کنڊ جي مقدار لئہ تپاسيو، جيڪڏهن کنڊ گهٽ هجي تہ اهڙي صورتحال ۾ %50، ويھہ ملي لٽر 20ml،glucose 50% مريض جي رڳ ۾ سئيءَ سان هڻو، ڪنھن ٻي ٽيسٽ کان اڳ ۾، رت اندر کنڊ جي گهٽتائيءَ ڪري موڳائي، نيم بيھوشي يا بيھوشي ٿي سگهي ٿي. اهڙين حالتن مان مريض کي بيدار ڪري سگهجي ٿو. پر مريض ڪافي چڙچڙو ۽ تشدد پسند لڳندو، انتھاپسند لڳندو ۽ ٿورو ٿورو جاڳيل هوندو. مريض جو رنگ زرد ٿي ويندو پگهر لھندس، نبض بہ ائين هلندس جيئن ڪنھن شيءِ سان ٻڌل اٿس. ان ڳالھہ کي چٽي طريقي سان سمجهڻ کپي تہ مريض يڪدم بيھوش ٿي ويو آهي يا آهستہ آهستہ ڍرڪندو ويو ۽ بيھوش ٿي ويو. جيڪڏهن يڪدم بيھوش ٿي ويو هجي تہ پوءِ ان ڳالھہ کي ذهن ۾ رکجي vascular diseases رت جي نالين جي بيمارين ڪري بيھوش ٿي ويو هوندو.
مريض جي تپاس کان اڳ ۾ ڊاڪٽر اهو ضروري ڏسي تہ مريض ساھہ سولائيءَ سان کڻي ٿو، يا هن جي ساھہ ۾ ڪا گڙٻڙ تہ نہ ٿي لڳي. ان کان پوءِ هن جي نبض ۽ رت جي دٻاءَ کي ڏسڻ گهرجي تہ اهي ٺيڪ آهن، اهو پڻ تپاسڻ گهرجي تہ مريض مان رت تہ نہ ٿو وهي. جيڪڏهن ساھہ کڻڻ ۾ دقت محسوس ڪري ٿو تہ ان کي آڪسيجن ڏني وڃي، جيڪڏهن مريض ۾ مرگهيءَ جون نشانيون واضح آهن تہ اهڙي حالت ۾ مريض جي تپاسڻ کان اڳ ان جو مرگهيءَ وارو علاج ڪجي.


General Examination
ان کان علاوہ ڪيتريون ئي ظاهري ڳالھيون طبي دنيا ۾ وڏي اهميت رکن ٿيون، اهو ڏسجي تہ مريض صاف سٿرو نظر اچي ٿو، کاڌل پيتل نظر اچي ٿو. ان کان علاوہ اهو ڏسجي تہ هن پاڻ متعلق احتياط ڪيو آهي يا نہ. پاڻ کي صاف سٿرو رکيو آ يا نہ. يا هن جي وارن جي ترتيب پڻ بگڙيل آهي، وار کنڊڙيل اٿس يا پاڻ گدلو آهي. ڪمزور آهي يا گهڻي تڪليف ۾ آهي.
ان کان علاوہ هڪ تڪڙي جانچ شروع ڪيو تہ هن جا هڏا تہ ڪٿان ڀڳل نہ آهن، خاص طور تي اهو ڏسو تہ هن جي مٿي تي ڪو ڌڪ تہ نہ آهي. رهڙون مٿي تي ڳولڻ ٿوريون مشڪل هونديون آهن پر مٿي تي سوڄ يا رت جي ڳوڙهي ڇھي ڪري (palpable هونديون) محسوس ڪري سگهبيون آهن. ان کان علاوہ pinna جي پويان رهڙون عموما ميدان جنگ جي نشاني سڏبيون آهن ۽ اهي عموما مٿي جي Temporal يا basal هڏي جو ڀڄي پوڻ يا ڪريڪ ٿيڻ واضح ڪنديون آهن. ساڳي طرح ڪن جي اندران رت جو وهي اچڻ کوپڙي اندر ڌڪ جي نشاندهي آهي ۽ عموما Basal هڏي جو ڀڄڻ واضح ڪنديون آهن.
زرد ٿيڻ، دل جي سرشتي جو متاثر ٿيڻ ۽ ٻيون بيھوشيءَ واريون علامتون پڻ ڳولجن، ان کان علاوہ ان ڳالھہ جي تصديق ڪجي تہ رت جسم جي ٻاهرين حصن مان وهي ويو آ يا اندر وهي ويو آ. يا ڪٿي وهي وڃي جمع ٿيو آ.
دوائون واپرائيندڙ ۾ بيھوشي وقت اها ڳالھہ ممڪن ٿئي ٿي تہ هنن رڳن اندر بيجا دوائن واريون سيون هڻايون آهن. اهي پوري طرح صاف نہ هيون انھن جي ٻانھن يا ٺوٺ جي اندر رڳن ۾ ڪو دڳو ڄمايو هجي (clot) يا ڪو اهڙو مواد ٺاهيو هجي (thrombus) جنھن رت جي شريان کي بند ڪيو هجي.
ان کان علاوہ شراب، رت اندر پيشابي مادا (Uremia) جو وڌي وڃڻ، مٺن پيشابن واري تيزابيت dilabetic ketoacidosis جيري واري بيھوشي، helpatic coma ان جي ڌپ، بدبو يا خوشبو ڪڏهن ڪڏهن محسوس ڪري وٺبي آهي. کونگهرا هڻڻ ۽ تکو ساھہ کڻڻ (تيزابي ساھہ کڻڻ acidic breathing) عموما مٺن پيشابن واري بيھوشي جي ڪري ٿيندي آهي.

سائيءَ جو هجڻ Liverpalm:
هن ۾ هٿ جي تري ڳاڙهي ٿي ويندي آ عموما تري جي هيٺين حصي ۾ spidernavei purlple رت جون ننڍڙيون ناليون هڪ ڳڇي جي شڪل ۾ چمڙيءَ جي ويجهو هونديون، يا اهي مڪڙيءَ جي ڄاري وانگر ڳاڙهيون رت جو ناليون هونديون آهن. ان ۾ بلاشڪ جيرو وڌيل نہ هجي تہ اهو ذهن ۾ رکي سگهجي ٿو تہ مريض جي بيھوشي جيري واري آهي.
گردن ٽوڙ بخار Meningitis واري بيھوشيءَ ۾ مريض غشيءَ جي حالت ۾ هوندو آهي موڳائي ۽ سستي سان گردن ٽوڙ بخار بہ هوندو اٿس. ان کان علاوہ گردن ٽوڙ بخار واريون نشانيون پڻ مريض ۾ هونديون آهن.
نبض غير ضروري طور گهٽ هلندي آهي پر ساھہ کڻڻ ۾ تکائي هوندي آهي. ان کان علاوہ ڳچيءَ جو سخت ٿيڻ ۽ مٿي جي سور جي شڪايت بہ هوندي آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن الٽي جي شڪايت بہ هوندي آهي ان کان علاوہ چمڙي تي داڻا نڪتل، ان کان علاوہ ڪن جو سور پڻ واضح هوندو آهي.
ان کان علاوہ اک جو معائنو ڪرڻو هوندو آهي تہ ڪٿي pupil oedema آهي يا اک جي اندرئين پردي retina ۾ رت تہ نہ وهي ويو آهي. يا ڪو گند وغيرہ ٺھيو آهي ۽ ان کان علاوہ ڪا ڌارئي شيءِ تہ اک اندر نہ هلي وئي آهي. اهو چمڪندو آهي. Highly refrealile يا ڪو اهڙو مادو تہ نہ آهي جنھن اک جي ناليءَ کي بند ڪري ڇڏيو آهي.

هوش Consciousness:
بيھوش ماڻھوءَ جي جائزي وٺڻ وقت اڳ ۾ هوش جي حالت جي خبر پوڻ ضروري آهي. جيئن مٿي ٻڌايل آهي ۽ اهو ڏسجي تہ مشاهدي وقت ان جي هوش جي حالت وڌي ٿي. ان جو بگڙجڻ گهٽجي ٿو يا وڌي ٿو.
هوشمندي ۾ فرق اچڻ ان ڳالھہ جي علامت هوندو آهي ڪم جي ڪھڙي تبديلي ڪجي (Treatment) ان لاءِ ضروري آهي تہ صحيح طور تي stimuli جي خلاف رد عمل معلوم ڪجي.
متعلق ڳالھہ ٻولھہ: مريض جو نالو وٺڻ ۽ هڪدم وڏي آواز ۾ ڳالھائڻ، روشنيءَ جو هڻڻ، ڇھڻ وارا يا عذاب يا سور وارا stimuli ڏجن.
عام رواجي طور تي حرڪتون ڄنگهہ ٻانھن limbs جو ڏسڻ گهرجن، يا وري tendon Achilles کي ٿورو زور ڏجي، يا وري ڇاتيءَ جي هڏي sterum تي سخت شيءِ سان دٻاءُ وجهجي يا supra orbital pressure جانچيندڙ جي آڱوٺي جي زور سان ڏجي ۽ اک جي پتلي ۽ اک جي حرڪت تي خاص ڌيان ڏجي.
ان ۾ ڏسجي ساھہ کڻڻ جي طريقي ۾ ڪيترو حڪميه رد عمل motor response ٿئي ۽ يا وري ڪي خود ساختہ reflexes پيدا ٿين ٿا.

اک جو تارو يا پتلي Pupil:
اک جي پتلي جي ماپ ڏسڻ گهرجي ۽ انھن جو روشني سان پڻ ردعمل ڏسجي. ٻنھي تارن ۾ گهٽ وڌائي ۽ هڪجھڙائي ڏسجي، جي نہ آهي تہ پوءِ ڏسو تہ ڪھڙو abnormal آهي ۽ ڪھڙو نارمل، پتلين جو وڏو هجڻ ٽئين تنت جي اڌ رنگ کي ظاهر ڪندو آهي. Occulomoter Nerve paralysis يا وري ظاهر ڪندو آهي تہ ٽئين تنت جي جاءِ بدلي آهي يا ان جي دٻاءَ ڪري نقصان ٿيو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن ننڍو تارو Horner’s Syndrome ڪري هوندو آهي.
تاري جو وڏو هجڻ: mesen cephlan ۾ ڪو نقص پڻ ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن وڏو تارو (ماڻڪي) (dilated pupil) روشنيءَ سان ڪو ردعمل نہ ٿو ڏيکاري تہ ان پاسي واري ٽئين تنت جو ٿورو فالج يا اڌ رنگ ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن تارو ننڍڙو آهي ۽ روشنيءَ کي ڪو بہ ردعمل نہ ٿو ڏيکاري تہ اهڙي صورتحال ۾ اهو سوچڻ کپي تہ sympathetic ۽ parasympathelic نقص آهي. ۽ ميڄالي واري ڏانڊي کي سخت نقصان رسيو آهي. ڳچيءَ جي ڍري ٿيڻ جي ڪري اک جي تاري جو ويڪرو ٿيڻ، يا ڳچيءَ جي چمڙي کي جهپڻ ڪو قابل اعتماد طريقو ناهي.
جيڪڏهن دوا واپرائيندڙ بيھوشي هوندي تہ ان ۾ اک جي تاري جو روشني سان ردعمل عام رواجي هوندو آهي. يا وري ميٽابولڪ بيھوشي ۾ ائين ٿيندو آهي مثلا: مٺن پيشابن واري بيھوشي. جيڪڏهن گلوٿامئڊ دوا جو زهر اثر هوندو آهي تارو ويڪرو ٿي ويندو. ان کان علاوہ تمام گهڻي ميٽابولڪ بيھوشي پڻ مٿين قانون کان آجي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اک جو تارو روشنيءَ سان ڪو بہ ردعمل نہ ڏيکاريندو آهي.
Pons ۾ رت جو وهڻ ۽ thalamic ۾ رت جو وهڻ ڪري اک جي پتلي تمام سنھي پن جي منھن جيتري ٿي ويندي آهي pin point pupil ۽ روشنيءَ سان ڪو بہ ردعمل نہ ڏيکاريندي آهي.

اک جون حرڪتون:
ocular moveunts بيھوش ماڻھوءَ جون اکيون ٿوري آرام ڪرڻ واري ماڻھوءَ کان مختلف ڏسبيون آهن جيڪڏهن ڄائي ڄم جون اکيون ٽيڙيون آهن congenital squint اک جي ڇيڙڻ جو فرق پڻ واضح هوندو آهي آرام وقت ۽ حرڪتي اک جي حرڪت ڪرڻ وقت، جيڪڏهن مريض تمام گهڻو غشي جي حالت ۾ آهي يا موڳائيءَ جي حالت ۾ آهي تہ پوءِ voluntary حرڪتون ڏسڻ گهرجن.

پيٽ جو معائنو

پيٽ کي معائنو ڪرڻ لئہ ڪجهہ حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي ٻہ ڊگهيون لڪيرون Femoral شريان کان 9 پاسيريءَ تائين ڇڪيو ۽ ويڪريون پڻ هيٺئين طريقي سان. . .

پيٽ جو نقشو

1. کاٻو هائپو ڪونڊرم 2. اپيگسٽرم
3. ساڄو هائپو ڪونڊرم 4. کاٻولمبر
5. دن 6. ساڄو لمبر
7. کاٻو اليڪ 8. هائپو گيسٽرم
9. ساڄو اليڪ
مريض پٺيءَ ڀر سنئون نئون ڪري سمھارجي، هن جون ٻانھون هن جي پاسن سان هجن. مريض لاءِ بھتر رهندو تہ هن کي ڪنھن ڪوچ يا گدي تي سمھارجي (اڄڪلھہ معائنہ ٽيبليون دستياب آهن)، ان جي مٿي ۽ ڪنڌ کان جيڪڏهن ڪجهہ ناهي تہ ٺيڪ آهي. جي مريض تڪليف محسوس ڪري تہ ٻہ ننڍڙا وهاڻا رکجن، جنھن گدي يا ڪوچ تي مريض کي سمھارجي اهو لڏي يا جهلي نہ تہ palpation يا ڇھڻي جانچ ڏکي ٿيندي. ڪمرو ڪجهہ گرم هجي ۽ اتي روشنيءَ جو پڻ مناسب انتظام ٿيل هجي. ڊاڪٽر کي مريض جي ساڄي پاسي کان بيھڻ کپي ۽ ان جا هٿ پڻ گرم هجن. جيڪڏهن مريض کي ڏڪڻي هجي تہ ان کي ڍرو يا relax نہ ٿو ڪري سگهجي ۽ ڪيتريون اهم نشانيون ڀلجي وڃن ٿيون. پيٽ تي جيڪي بہ ڪپڙا پيل هجن. انھن کي مٿي ڇاتيءَ تائين ڇڪي وڃجي (xiphisternum) تائين ۽ بدن تي پڻ ٻين ڪپڙن کي ايترو پري ڪجي جو مريض جون سٿرون اگهاڙيون نظر اچن. مريض جي جنسي عضون تان پڻ ڪپڙو وغيرہ پري ڪري ڏسڻ کپي نہ تہ آنڊي جي بند ٿيڻ جنھن جو هڪ سبب ڇن (Hernia) پڻ آهي. اصل سبب نظر کان گم ٿيو وڃي. ڪيترا مريض پاڻ کي شرميلو ظاهر ڪندا آهن. انھن کي قائل ڪجي جيئن انھن جي جنسي عضون جو معائنو ڪري سگهجي جيئن ئي اوهان معائنو پورو ڪيو، ڪپڙي کي يڪدم ڇڪي مريض جي مٿان رکو جيئن ان جا جنسي عضوا ڍڪجي وڃن. ائين ڪرڻ سان مريض جي پريشاني ختم ٿي ويندي.

نظري جانچ Inspection:
سرسري يا نظري جانچ نھايت اهم آهي، ليڪن اها عموما غفلت ۽ لاپرواهيءَ ڪري نہ ڪئي ويندي آهي. ان لاءِ ضروري آهي تہ گهٽ ۾ گهٽ ٽيھہ سيڪنڊ مختلف جڳهن تي بيھي مريض جي پيٽ جو سرسري جائزو وٺڻ گهرجي ۽ هيٺيون ڳالھيون ڏسجن.

ٻاهريون خاڪو:
عام طور تي پيٽ ڀريل ۽ ڦھليل نظر ايندو آهي ان جو سبب آهي تہ ان ۾ چرٻي پاڻيٺ، هوا، ٻچو، يا قبض جي صورت ۾ پائخانو جمع ٿيل هوندو آهي. جيڪڏهن پيٽ جا ڪئي عضوا پنھنجي عام حالتن کان وڌي وڃن تڏهن بہ پيٽ ڀريل نظر ايندو آهي.
اهو ڏسو تہ پيٽ ڪنھن مخصوص جڳھہ تي تہ نہ وڌيل آهي. جيڪڏهن دن جي چوڌاري هڪ جھڙي سوڄ هجي تہ اها ننڍي آنڊي جي بند ٿيڻ جي سوڄ آهي. پر ان سوڄ ۾ جي هڪجھڙائي نہ آهي ۽ سوڄ گهڻي آهي تہ پوءِ اهو گمان ڪري سگهجي ٿو تہ اها تري، جيري يا ٻچيداني وڌڻ ڪري ٿي آهي. اوهان سوڄ يا پيٽ جي وڌيل حصي متعلق هڪ ذهني خاڪو تيار ڪيو تہ اهو Anatomy يا تشريح البدن مطابق ڪھڙي حصي ۾ سوڄ آهي ۽ اتي ڪھڙا عضوا موجود هوندا آهن. ان تي ساھہ کڻڻ ڪري ڪا چرپر يا عمل تہ نہ ٿو ٿئي اها سوڄ حرڪت ڪري ٿي يا نہ، تمام اندر تي پيٽ يا دٻيل پيٽ غذائي قلت جي آخري حدن ۽ ٻين ڪينسر جي حالتن ۾ ٿيندو آهي. عموما معدي جي ڪئنسر ڪري.

دُن Umblicus:
دن عموما پٺتي ۽ اندر تي وريل هوندو آهي. غير ارادي طور معائني واري جون نظرون ان تي پونديون، ڇو جو پيٽ جي وچ ۾ هوندو آهي. جيڪڏهن دن مٿي هجي تہ پوءِ دن ڇن Umblical Hernia ٿي سگهي ٿي ۽ ڇن واري ڳوڙهي ۾ omentum آنڊو Bowel يا پاڻيٺ هوندي آهي. يا ڪڏهن ٿلھي پوڙهي عورت ۾ هجي تہ ان ڳوڙهي متعلق پڻ اهو سوچي سگهجي ٿو تہ اهو Epithelium چمڙيءَ جي گهرڙن جي جمع ٿيڻ ڪري آهي يا وري Umblical Harnia ٿي سگهي ٿي.


Movements of abdorninal wall
عموماً پيٽ ساھہ کڻڻ سان حرڪت ڪندو آهي. ساھہ کڻڻ وقت پيٽ مٿي ڦوڪجي ايندو آهي ۽ ٻاهر ڪڍڻ وقت وري اندر هليو ويندو آهي. اها حرڪت آزاد ۽ ٻنھي حصن ۾ هڪ جيتري هوندي آهي پيٽ جي جهليءَ جي سوڄ (Peritonitis) جي صورت ۾ اها حرڪت يا تہ ختم ٿي ويندي آهي يا گهٽ ٿي ويندي آهي. اهو ان ڪري ٿيندو آهي تہ هڪ تہ پيٽ اندر عذاب گهٽ ٿئي ۽ بيماريءَ جي پيٽ جي ٻين حصن کي متاثر ڪرڻ جي قوت پڻ گهٽ ٿئي.


نظري ڌنوڻيون Visible Pulsations:
پيٽ واري شھہ رڳ Epigastrium حد ۾، سنھن، ذهني طور پريشان ماڻھن ۾ نظر ايندي آهي. ان کي پيٽ جي شھہ رڳ جي ڦھلجڻ A bdorninal Aorta Anerysm کان جدا ڪبو آهي. پيٽ جي شھہ رڳ جي ڦھلجڻ جي صورت ۾ ڌنوڻي وڏي هوندي ۽ اوهان ڇھڻي جانچ وسيلي ويڪري شھہ رڳ (Abdominal Aorta) محسوس ڪري سگهو ٿا.

ظاهري حرڪتون Visible Peristalsis:
اوهان معدي ۽ ننڍي آنڊي جي ٽن حالتن ۾ ڏسي سگهو ٿا.

پائلورس بندش obstruction of pyloris
معدي جي هيٺين حصي واري ڇيد ڪنڊ کي پائلورس چئبو آهي جڏهن اهو بند ٿي ويندو آهي تہ تڏهن ڌاڳائون عمل fibrosis ٿيندو آهي يا وري ڊيوينم.
زخم duodenal ulcer ۽ تمام گهٽ موقعن تي سرطان يا ڪينسر ٿيندي آهي معدي جي پائلورس واري حصي ۾ اها حرڪت ائين لڳندي آهي. جيئن ڪا هلڪي لھر پيٽ جي مٿئين حصي جي ساڄي ۽ کاٻي هاپو ڪونڊرم ۾ ويندي محسوس ٿيندي.
جيڪڏهن معدو تمام گهڻو ڦھليل آهي تہ اها Suprapubic حد ۽ ساڄي Epigastrium ۾ ويندي.
جيڪڏهن پائلورس Pylorus جي بندش آهي تہ اوهان کي ٿوري ڦھليل سوڄ پيٽ جي کاٻي طرف مٿئين حصي ۾ نظر ايندي، جيڪڏهن معدي جي ڦھلجڻ جو انداز تمام پراڻو آهي تہ پوءِ اها سوڄ، کاٻو وچون ۽ هيٺيون Quadrats والاريندو. معدو 2 لٽر پاڻيٺ کڻندو آهي ۽ جڏهن لوڏبو تہ پيٽ ۾ ٿاڦوڙا ۽ ڇنڊا هڻڻ وارو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. Succussion splash اهو ٿاڦوڙي آواز اوهان صحتمند ماڻھوءَ ۾ بہ ٻڌي سگهو ٿا. ماني کائڻ کانپوءِ ٽن ڪلاڪن تائين.
جيڪڏهن پائلورس جو سوڙهو ٿيڻ ڄائي ڄم کان آهي تہ پوءِ نظري حرڪتون نظر اينديون، ان سان گڏوگڏ Antrum جا گول مشڪ پڻ وڏا لڳندا ۽ ائين محسوس ٿيندو ڄڻ ڪو ڳوڙهو آهي. ساڄي ليڪ اپيگسٽرم حد ۾. اهي ڳالھيون ٻار ۾ جلدي ڳولي وڃبيون آهن جڏهن ان کي ڪجهہ کارايو پياريو وڃي.


ننڍي آنڊي جي آخري ڇيڙي جي بندش
Obstruction in the distal small bowel
نظري حرڪت تڏهن بہ نظر ايندي جڏهن ننڍي آنڊي جي آخري ڇيڙي جي بندش ٿي هجي ۽ ننڍي ۽ وڏي آنڊي گڏ ڪري Colonic obstruction ڪئي هجي. جڏهن اليوسيڪل والو Ileocaecalvalve ۾ گهٽتائي ايندي تہ اهو گئس ۽ پاڻيٺ کي Ileum ڏي لاهيندو آهي. ان وقت نہ فقط پيٽ وڌي ويندو آهي ۽ دهلي Tympamic آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. ۽ ننڍي آنڊي جا وڌيل وڪڙ پڻ سنھن ماڻھن ۾ پيٽ جي وچ ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن.

باقاعدہ ڏيکاءُ Normal Findings:
تمام سنھن ۽ پوڙهن مريضن ۾ جنھن جا مشڪ ڍرا هوندا آهن يا وري ڪنھن آپريشن جو نشان پڻ پيٽ جي نشانن ۾ نظر ايندو آهي.

چمڙي ۽ پيٽ جو مٿاڇڙو Skin and surface of abdomen:
پيٽ جي چمڙي اچي ۽ لسي (shiny) نظر ايندي آهي پيٽ وڌيل صورت ۾ stria atroplica يا gravidurm اڇيون يا گلابي ليڪون پيٽ جي چمڙيءَ تي نظر اينديون آهن. اهي چمڙيءَ تي وڏا ٽاڪا هڻڻ کان پوءِ پيدا ٿينديون يا وري لچڪيدار ڌاڳن جي ٽٽڻ کان پوءِ، اهي ظاهر ڪنديون آهن. پيٽ جي ماپ ۾ جلدي ٿيل تبديلي کي، جيئن ٻار ٿيڻ، پيٽ ۾ پاڻي هجڻ، تمام گهڻي بک ڪاٽڻ جسم جو وڃائڻ. واڱڻائي رنگ جي ليڪ ظاهر ڪندي آهي ڪشنگ سنڊروم کي . . . . . . . . . . ۽ تمام گهڻو ايسٽرائيڊ جي علاج کي.
جيڪڏهن ڪو بہ ڦٽ جو نشان يا چٽو هجي تہ ان جي جاءِ کي لکجي ڇا اهي نشان پراڻا آهن اڇا، يا وري نوان آهن (گلابي يا ڳاڙها) رنگ وارا.
اهي ليڪون ڪيئن آهن هن شڪل ۾ ڏسو

1. مٿيون وچيون
2. ساڄو هيٺ پاسيرائون
3. ساڄو وچين جي ويجهو
4. هيٺون وچين ليڪ وارو
5. اپينڊڪس وارو Gridiron
6. کاٻو انگوائنل
7. سپراپيوبڪ

ڏسو ظاهري واضح پيٽ واريون نسون جيڪي ٽن حالتن ۾ هونديون آهن ڏسو تصوير 4. 4

ننڍڙيون نسون جيڪي پاسرين جي هيٺان هونديون Sub costal اهي عموماً هونديون آهن انھن جي ڪا بہ اهميت ڪانھي. ويڪريون نسون جيڪڏهن دن جي چوڌاري هونديون آهن عام راوجي طور غير حاضر هونديون آهن. (Caput madus) جيڪڏهن اهي هجن تہ پوءِ پورٽل (جيري واري) نس جي رت جي دٻاءُ وڌڻ جي نشاندهي ڪنديون آهن. انھن جون ٻيون نشانيون تريءَ جو وڌي وڃڻ (Spleenomegaly) ۽ Ascites پيٽ ۾ پاڻياٺ جو هجڻ هوندو آهي.
رت جي سرشتي جون نسون موڪن ۽ ايسوفيگل ۾ بہ نظر اينديون آهي. اهي مريض جن ۾ هيٺين Inferior venacava بند ٿي وڃي تہ انھن جي هٿن پيرن، سٿرن ۽ چتڙن تي بہ سوڄ هوندي آهي. ان صورتحال ۾ پيٽ ۽ ڇاتيءَ تي ڀت وٽ اهي ڦھليل نسون نظرا ينديون آهن. اهي مريض جن ۾ هيٺين Inferior venacava بند ٿي وڃي تہ انھن جي هٿن، پيرن، سٿرن ۽ چتڙن تي بہ سوڄ هوندي آهي. ان صورتحال ۾ پيٽ ۽ ڇاتيءَ تي ڀت وٽ اهي ڦھليل نسون نظر اينديون آهن ۽ ظاهر ڪنديون آهن نسن جو ڄار مٿي Epigastric ۽ هيٺ Circum flexiliac veins جو پاسري ڇاتائين، نس مٿي ۽ وڏي سيفنيس نس جو رخ ڪڇائين نس ڏي. اهڙي صورتحال ۾ رت جو رخ مٿي هوندو آهي. جيڪڏهن نسون ظاهر آهن تہ اوهان ان ڳالھہ کي ڏسو تہ وهڪ جو رخ ڪھڙي طرف آهي. ڪڏهن ڪڏهن پيٽ تي رنگ دارو مادو وچين ليڪ Midline وٽ دن جي هيٺان هوندو آهي. Linea nigra ٺاهيندو آهي جيڪو پيٽ ۾ ٻار جي نشاني هوندو آهي.
آخر ۾ ٻئي نرا ڏسو، ان کان پوءِ مرد ۾ مردانو عضوو ۽ آنورن جي ڳوٿري ڏسو، تہ اتي ڪا سوڄ تہ نہ آهي ۽ ٻئي آنورا پنھنجي اصلي حالت ۾ آهن، ان کان پوءِ اوهان چادر کي مٿي آڻيو.

ڇھڻي جانچ Ralpation:
ڇھڻي جانچ پيٽ جي جانچ جو مکيه حصو هوندو آهي. مريض کي چئو تہ اهو پاڻ کي ڍرو ڇڏي جيترو ٿي سگهيس ۽ تڪڙا ساھہ کڻي ۽ اوهان پڻ ايترا تڪڙا ٿيو جيترو ٿي سگهو ٿا. مريض کان پڇو تہ ان کي سور ڪٿي آهي ۽ ان تي آخر ۾ اچو، گرم هٿ ۽ غير تڪڙي ڇھڻي جانچ مريض کي ڪافي اعتماد ڏينديون آهن. ۽ اوهان ان لائق ٿي ويندئو جو اوهان کي وڌ ۾ وڌ معلومات ملي سگهندي. ان لاءِ ضروري آهي تہ توهان مڃيل رستو اختيار ڪيو ۽ اهڙو طريقو اختيار ڪيو جو ڪا بہ اهم ڳالھہ اوهان کان رهجي نہ وڃي ان لاءِ هيٺين ترتيب اپنايو.
1. شروع ڪيو کاٻي Iliac حد ۾ تمام هلڪي طريقي سان ڇھڻي جانچ ۽ توهان گهڙيءَ جي ابتڙ رخ ۾ هلندا رهو ۽ ختم ڪيو پيو بڪ حد ۾، ۽ ان کان پوءِ ڇھڻ کي اونھو رکو ۽ ٻئي هٿ استعمال ڪيو جيڪڏهن ضروري سمجهو تہ.
2. ان کان پوءِ کاٻي بڪي محسوس ڪيو
3. پوءِ تري محسوس ڪيو.
4. پوءِ ساڄي بڪي معلوم ڪيو.
5. پوءِ جيرو معلوم ڪيو.
6. پوءِ مثانو معلوم ڪيو.
7. محسوس ڪيو شھہ رڳ ۽ شھہ رڳاوان غدود، فيمورل رت جون ناليون.
8. جيڪڏهن ڇھڻ وقت ڪا سوڄ وغيرہ نظر اچي تہ ڪجهہ وقت ان تي صرف ڪيو ۽ ان جا خدوخال (Features) معلوم ڪيو.
9. خصين جون ٿيلھيون
10. جانچيو مٿيان جنسي عضوا

ڪنھن نس ۾ رت جي وهڪ جو رخ معلوم ڪرڻ
الف: ٻہ آڱريون نس جي مٿان هڪ ٻئي جي ويجهو رکو.
ب: هيٺين آڱر کي اتان هيٺ گهلي اچو ۽ نس کي خالي ڪيو.
ث: هيٺين آڱر پري ڪيو ان صورتحال ۾ نس خالي نظر اچي.
ج: هيٺين آڱر وري ساڳي جاءِ تي رکو ۽ مٿين آڱر کڻو اوهان کي رت مٿان کان هيٺ وهندي نظر ايندي.
ساڄو هٿ مريض جي پيٽ جي کاٻي Iliac Fossa وٽ تراکڙو يا سڌو رکو. ويڻي ۽ ٺوٺ تائين ٻانھن انھيءَ هٿ جي سڌ ۾ ئي رکو جتي ضروري هجي، ان لاءِ بيشڪ جاچيندڙ کي اڳتي جهڪڻو ڇو نہ پوي، يا وري مريض جي ڀڪ سان گوڏا کوڙڻا پون. پيٽ تي پيل ساڄو هٿ، سختيءَ سان نہ جهلجي هٿ جي حرڪت حليم هجي، پر اتي ٿورو سخت دٻاءُ وجهو آڱرين سان، اهي آڱريون ائين جهليل هجن جو آڱريون تريءَ واري جوڙ وٽ ٿورو بند ٿيل هجن هر قيمت تي آڱرين جي چوٽين سان ٽنبڻ بند ڪجي.
تصور ڪيو اتي جتي اوهان هٿ رکيو آهي، ان جي هيٺان عام رواجي طور علم تشريح البدن Anatomy تحت ڪھڙي عضوي جو نظام آهي. پوءِ پيٽ جو هر حصو Quadrant احتياط سان ڇھيو ۽ اهو معلوم ڪيو تہ ڪنھن حصي ۾ ڪو Tendernessيا سختي تہ نہ آهي.
ان کان پوءِ ڇھڻ جي عمل کي آهستہ ڪيو ۽ اونھو پڻ ڪيو جيڪڏهن ضروري هجي تہ جيڪڏهن مريض ڪو تازو توانو ماس وارو آهي يا چرٻيءَ وارو آهي تہ پوءِ سڄي هٿ مٿان کٻو هٿ رکو جيڪو ان دٻاءُ کي وڌائيندو. ان ۾ ڪو بہ شڪ نہ آهي مريضن جو ڪجهہ تعداد اهڙو هوندو آهي. جيڪو پيٽ جي مشڪن کي مشاهدي دوران ڍرو نہ جهلي سگهندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ مريض کي چئو تہ اهو اونھا ساھہ کڻي، پنھنجا گوڏا بند ڪري ۽ پنھنجي خيال کي ٻئي طرف بدلائي.
ڪو بہ مسئلو نہ آهي، تجربيڪار جاچيندڙ لاءِ، اهو ڍرو نہ ڇڏيل مريض جي ڇھيل معائني دوران بہ ڪجهہ نہ ڪجهہ سمجهي ويندو آهي. شاگرد سوچيندا هوندا تہ گرم هٿ ڪيئن ڪجن بس مريض جي معائني کان اڳ پنھنجا ٻئي هٿ گسايو اهي پاڻھي گرم ٿي ويندا.
مريض جي پيٽ تي ٿورو هٿ گهمائي ان کي پڻ گرم ڪجي مريض جي ڇھڻي جانچ دوران هن کي چئو تہ هو پاڻ کي ڍرو ڇڏي پنھنجا گوڏا بند ڪري ۽ منھن ٻئي پاسي ڪري جيئن اوهان ان جي بيماريءَ کان بچي سگهو.


سور

(نوٽ: هن چيپٽر بابت شروعاتي پنا نہ مليا آهن جتان مليا آهن اتان لکجن ٿا)

جڏهن پيٽ جي جهلي peritonium جزوي طور تي چيڙاڪ ٿي ويندي آهي تہ پيٽ ۾ سور ان جاءِ تي محسوس ٿيندو آهي جتي عضوو متاثر ٿيل هوندو آهي ۽ پوءِ پيٽ جي جهلي وارو سور وارو وڌي ٻئي جاءِ تي بہ ويندو آهي.
مثال طور: appendicitis پھريون سور اوهان کي دن جي ويجهو محسوس ٿيندو ۽ پوءِ اهو سور اپينڊڪس ڏي ويندو عموماً ساڄي Iliac اڀار ڏانھن.

سور جي شدت:
ان ڳالھہ کي ڪٿيو تہ سور جي شدت ڪيتري آهي مريض کان پڇو تہ اهو سور ايترو آهي جو مريض ننڊ مان جاڳي پوي ٿو. جي عورت آهي تہ ان کان پڇيو جي ان ٻار پيدا ڪيا آهن تہ اهو سور ويم جي سور کان ڪيترو مختلف آهي. يا مريض کان پڇو تہ اهو ڀڳل هڏي جي سور کان ڪيترو مختلف آهي.

سور جي وهڪ Radiation:
جيڪڏهن سور ساڄي پاسي (پاسرائين حد) Subcostal Region کان هيٺ، ڪلھي يا ڦڻيءَ جي هڏي ( Scapula) جي هيٺين حد تائين وڃي ٿو تہ، ان صورتحال ۾ پتي جي سور Cholecystitis لئہ سوچبو آهي. جيڪڏهن سور چيلھہ کان شروع ٿي ۽ Lumber حد ۾ محسوس ٿئي تہ بڪيءَ جي پٿري يا بڪيءَ جو مرض ذهن ۾ آڻيو. جيڪڏهن سور چيلھہ کان شروع ٿئي ۽ نرن ڏي اچي تہ پوءِ پيشاب جي نالي Ureter جي پٿر لئہ سوچيو ۽ دن کان شروع ٿيندڙ سور جيڪو وڃي ساڄي Iliac اڀار fossa طرف وڃي تہ اهو appendix وارو سور هوندو آهي. پيٽ جي مٿئين حصي جو سور جيڪو پٺيءَ ڏي وڃي تہ اهو لبلبي Pancrease جي سوزش ڪري ٿيندو آهي.

سور جي پائيداري ۽ چال چلت Character and constancy:
جيڪڏهن سور لڳاتار ڪن ڪلاڪن تائين هلي تہ اهو مرض (Infection) وارو هوندو آهي.
مثال طور: Pyelonephrits ۽ Diverticulitis اهي سور ساڳي طريقي سان پوندا آهن ۽ ائين آنڊي جو وڪڙ وارو سور مثال طور: سور ڪجهہ وقت پوي وري ڇڏي وڃي ۽ وري جڏهن وڪڙ پوي تہ سور وڌي. اهو ننڍي آنڊي جي بندش وارو سور هوندو آهي.
جيڪڏهن اهو سور ڪئي ڪلاڪ شدت سان پئي ۽ يڪدم ڇڏي وڃي تہ پوءِ viscus جي perforation (سوراخ) ذهن ۾ رکو. وڏي آنڊي جي بندش وارو سور، ننڍي آنڊي جي بندش واري سور کان وڌيڪ وقت هلندو آهي. آنڊي جو وڪڙ عموما ظاهر هوندو آهي.

سور پوڻ جو طريقہ ڪار Mode of on set:
جيڪڏهن پيشاب جي نالي جي پٿري يا پتي جي نالي جي پٿري يا وري انھن جي بندش هوندي آ يا آنڊي جي بندش، آنڊي جي زخم يا آنڊي جي هڪ حصي جو ٻئي حصي ۾ اچڻ وارو سور. ان ماڻھوءَ جي ڪم ڪرڻ جي نوعيت سان آهي. ڪجهہ ڪلاڪ اڳ مريض ٺيڪ هوندو، Infection ۽ سوزش وارو سور آهستہ آهستہ پوندو آهي. ان جو ڪو بہ وقت نہ هوندو آهي ڪجهہ ڪلاڪ پوندو يا ڪيترا ڏينھن هلندو آهي. تمام ڳورو کاڌو کائڻ سان بہ مريض جي سور جي شدت پيدا ٿيندي آهي. گهڻو شراب پيئڻ يا وري اسپرين جون گهڻيون گوريون کائڻ يا سٽيرائيڊ علاج سان معدي ۾ سوراخ يا زخم ٿي پوندو آهي ۽ رت جون الٽيون بہ ٿي پونديون آهن.

سور مان نجات:
جيڪڏهن سور آرام ڪرڻ سان ڇڏي تہ پوءِ ان جو سبب (infection) يا وري سوزشي بداعماليون هونديون آهن. جيڪڏهن مريض اڃان ٺيڪ نہ ٿئي درد کان وڪوڙجي وڃي تہ پيشاني نالي يا پتي جي نالي جو ڪو مرض هوندو آهي.

الٽيون Vomiting:
الٽيءَ جو اڪيلو حال احوال ايڏو مددگار نہ ٿيندو آهي ڇو جو الٽي ڪنھن بہ سور کي ردعمل ڏيڻ لاءِ ايندي آهي. جيڪڏهن الٽي بغير ڪوشش جي تير وانگر نڪري تہ ان ۾ Pyloris جو سوڙهو ٿيڻ stenosis يا ننڍي آنڊي جي تمام گهڻي بندش هوندي آهي. پيٽ جي جهليءَ جو سوزش جي صورت ۾ الٽي تمام گهٽ ايندي آهي. پر شدت سان ايندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن الٽيءَ ۾ پائخاني وانگر ڌپ هوندي آهي جڏهن ننڍي آنڊي ۾ تمام هيٺ تائين بندش ٿي ويندي آهي. شدتي الٽي جنھن سان گڏ دست بہ ايندا آهن اها عموما ظاهر ڪندي آهي Gastro-enteritis (معدي ۽ آنڊي جي سوزش کي).

Bowel:
پيٽ جي ڪيترين بيمارين ۾ قبضي راڄ ڪندي آهي. جڏهن سوزشي يا بندشي نوعيت هوندي آهي. گهڻي قبضي تڏهن ٿيندي آهي جڏهن آنڊي جي بندش ٿيندي آهي. سڀ کان پھريائين مريض جو پائخانو بند ٿي ويندو آهي. ان کان بعد هن جي پيٽ واري هوا اچڻ بہ بند ٿي ويندي آهي ۽ پيٽ وڌڻ شروع ٿيندو آهي. دست پڻ پيٽ جي سور ۾ جلد ايندا آهن ۽ اهڙو سبب سرجري هوندي آهي. ڪڏهن دست ۽ ڪڏهن الٽي اهڙن مريضن ۾ ٿيندي آهي جن ۾ Diverticullm جي سوزش يا وري ننڍي آنڊي جي ٿوري بندش ٿيندي آهي.
ڪڏهن ڪڏهن مريض کي آنڊن جا آواز ٻڌڻ ۾ وڏا ٿي ويندا آهن ۽ جلدي جلدي اڀرندا آهن تہ اهو شاهدي ڏيندو آهي تہ اڌ مڪمل subacute آنڊي بندش عموماً وڏي آنڊي ۾، پائخاني جو جائزو باب نمبر 5 ۾ وضاحت سان ڪيو ويندو.

پيشاب Urine:
پيشاب جي جهجهائي، پيشابي رستي جي مرضن ۽ ڀڏر جي سوزش ۾ نمايان ٿيندي آهي. يا اهڙن مريضن ۾ پيشاب جهجهو ايندو آهي جن ۾ بڪيءَ جا مرض ۽ پيشاب جي ناليءَ ۾ پٿر هوندا آهن. جنھن کانپوءِ پيشاب ۾ عموما رَتُ ايندو آهي.

بک ۽ وزن:
اهي مريض جن کي پيٽ ۾ ڪينسر يا سرطان هوندو آهي (اندريون) انھن ۾ مانيءَ کان بي رخي ۽ وزن جو گهٽ ٿيڻ نمايان ٿيندو آهي. وزن جي گهٽ ٿيڻ جا ٻيا بہ ڪئي سبب آهن. بک جو گهڻو لڳڻ جو هڪ سبب پيٽ جي مرض جو يڪدم نموندار ٿيڻ آهي.

ٻيون نشانيون Other Features:
اها ڳالھہ اهميت جھڙي آهي تہ مريض کان پڇڻ گهرجي تہ هن کان اڳ هن کي پيٽ جي سور جي ڪا ماجرا ٿي هئي اها سخت تڪليف بہ هئي يا نہ. مريض جي نشانين ۾ گهٽتائي يا وڌائي (عذاب ۾ اچڻ) اها پڻ مريض جي تندرستي لاءِ يا علاج لاءِ ڪم ايندي آهي.

بندوبست:
جيڪڏهن مريض سوڄ لاءِ چئي تہ اها ڇن واري جاءِ تي آهي. تہ اهو گمان ڪري سگهجي ٿو تہ مريض کي بندشي ڇن Obstructive hernia آهي. يا اتي مريض کي تکو يا هلڪو ڌڪ تہ نہ لڳو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مريض خبردار ٿيندو آهي تہ هن جو پيٽ وڌي رهيو آهي اهو عمل ظاهر ڪندو آهي آنڊي جي بندش، اليس جي اڌ رنگ (paralytic illus) کي، جنھن جو سبب سوزش يا ڪو مرض هوندو آهي آنڊي جي اندر جو.
کاڌي جي زهريلي اثر لاءِ ماڻھو تڏهن سوچيندو، جڏهن هن ڪا غير ضروري شيءِ کاڌي هجي. مثال طور، کوپي دار مڇي (سپي) يا ناموزون هنڌ تي ماني کاڌي هجي.
ماهواريءَ جي حال احوال کي نہ وساريو ڇو جو اهو ٻار جو ٻچيدانيءَ کان ٻاهر هجڻ Ectopic pregnancy لئہ ٻڌائيندو آهي. ان لاءِ پڻ حال احوال وٺڻ گهرجي تہ ڇا عورت کي روڳ (گند) سان ڪا شيءِ انجي ٻچيدانيءَ مان تہ خارج تہ نہ ٿي ٿئي.
اهو ظاهر ڪندو آهي (fallopintube) جي سوزش کي، مک جھڙو گند يا رت جيڪڏهن مقعد (anus) مان خارج ٿئي ٿو تہ پوءِ ulcerative colitis ٿي سگهي ٿو.
هن ڪتاب ۾ پيٽ جي سور جي تڪڙي پوڻ جي نشانين جا تفصيل ڏنل نہ آهن ان لاءِ شاگرد جراحيءَ جي ڪتاب مان مدد وٺن هتي تمام مختصر نموني ۾ پيٽ جي جهليءَ ۾ ٿيندڙ سور جي سوزشي حالتن جو مختصر بيان ٿيل آهي. طبي نشانيون ڏسو نظري جانچ ۾ ۽ چڪاسڻي جانچ ۾ اڳ ۾ بيان ڪيل آهي.

حفاظت Guarding:
حفاظت اهو خود ڪار فطرتي عمل آهي جنھن ۾پيٽ جون مشقون سڪڙجي وينديون آهن پيٽ جي ڀت جون جيڪي سوزشي جهلي يا سوزشي عضوي مٿان هونديون آهن، اهو ظاهر ڪندو آهي تہ مقامي پيٽ جي جهلي جي سوزش کي. جانچ ڪندڙ کي مشڪي ڇڪ محسوس ٿيندي جيڪا ڇھڻي جانچ کان عضوي کي بچائيندي، حفاظتي عمل تڏهن هڪ مخصوص طريقي ۾ ٿيندو آهي جڏهن غير پيچيدہ appendicitis تڪڙو ٿيندو آهي. اهو ضروري آهي تہ ان سڪڙجڻ کي اوهان شعوري ڀيڪوڙجڻ سان ڀيٽيو.

سختي Rigidity
اڻ پورو
اوهان ڇا ڪندئو جڏهن ڪو ڳوڙهو (ماس) ڇھڻي جانچ دوران معلوم ٿئي. .
سڀ کان پھريائين جيڪا سوڄ ڇھڻي جانچ دوران معلوم ٿئي ان کي ڏسو ۽ ڀيٽيو تہ اها عام بناوت تہ نہ آهي. ان کانپوءِ اهو ذهن ۾ رکو تہ اهو جيري، تري، کاٻي يا ساڄي بڪي، پتي، مثاني، شھہ رڳ ۽ اڳين شھہ رڳ Aorta جي رڳي ڳنڍين سان تہ تعلق نہ اٿن. ان کان پوءِ ان سوڄ کي وري Palpate ڪيو، جانچ جو مقصد اهو آهي تہ اها ڇو ٿي آهي ۽ مرض جي حالت ڪھڙي آهي تہ ڪھڙي عضوي مان نڪري ٿي. ان کي سمجهڻ لاءِ هيٺان نقطا مددگار آهن

هنڌ site:
پھريائين ان ڳالھہ جي تصديق ڪريو تہ سوڄ پتي Gall bladder جي خال يا پيٽ جي اڳئين ڀت Ant-Abdominal wall ۾ آهي. مريض کي چئو تہ وهاڻي تان پنھنجو مٿو ۽ ڪلھا مٿي کڻي ۽ پوءِ پنھنجي مٿي Forehead جي خلاف زور سان دٻايو. ان کان پوءِ سوڄ کي وري جانچيو. جيڪڏهن گم ٿي وڃي يا گهٽ واضح نظر اچي تہ پوءِ اها پيٽ جهلي خال ۾ هوندي. جيڪڏهن ان جي ماپ ۾ ڪو فرق نظر نہ اچي تہ پوءِ ان جو تعلق پيٽ جي اڳئين ڀت جي تھن ۾ هوندو آهي. ان کان پوءِ اها حد area ڏسو جنھن ۾ سوڄ موجود آهي. انھن عضون لاءِ سوچيو جيڪو عام رواجي طور انھن حدن يا انھن حدن جي ويجهو هوندا آهن ۽ فرض ڪيو تہ ڇا سوڄ انھن مان ڪنھن هڪ عضوي مان تہ نہ نڪتي آهي.
مثال طور: پيٽ جي مٿئين ساڄي (Quadrant) حصي ۾ سوڄ عموما، جيري، ساڄي بُڪي، وڏي آنڊي، جيرن جي Flexors يا پتي مان نڪتي آهي. جيڪڏهن سوڄ پيٽ جي مٿئين حصي ۾ آهي ڪوشش ڪيو ۽ جانچيو. ڇا اهو ممڪن آهي تہ ان کي مٿي ڪري سگهجي ٿو (getabove) ساڳي ريت، جيڪڏهن پيٽ جي هيٺين حصي ۾ آهي تہ ان کي هيٺ ڪري سگهجي ٿو. (Get below) ان طريقي جيڪڏهن ڪو ماڻھو محسوس نہ ٿو ڪري تہ مٿيان ۽ هيٺان ڪنارا سوڄ جا گم ٿين ٿا پاسرائين کان مٿي يا ڀڏرائين حد ۾.
جيڪڏهن مريض اها سوڄ مٿي نہ ٿو ڪري سگهي تہ اها پيٽ جي مٿئين حصي واري سوڄ، جيرائين، بڪائين، يا معدائين هوندي آهي. جيڪڏهن اها سوڄ هيٺ نہ ٿو محسوس ڪري تہ اها هيٺ پيٽائين سوڄ، مثاني، ٻچيداني يا وري مٿئين مقعد anus واري حصي جي هوندي آهي.

ماپ ۽ شڪل:
جيئن تہ عام رواجي قاعدو آهي تہ ، جيري، تري، مثاني، ٻچيداني، بيضيداني جو وڌي وڃڻ تشخيص ۾ ڪا بہ دشواري ناهي ڪندو، ٻئي هٿ تي جيڪا سوڄ، معدي، ننڍي آنڊي مان نڪرندي آهي. پيٽ جي جهليءَ جي پويان وارن عضون retroperitoned يا وري پيٽ جي جهلي (چرپر ڏسو) تشخيص ۾ دشواري پيدا ڪندي. جيڪڏهن انھن عضون مان جيڪڏهن سوڄ ڪنھن بہ حصي مان نڪرندي آهي تہ اها عضوي جي ظاهري ڏيک کي مروڙي ڇڏيندي آهي.
مثال طور: بڪيءَ جھڙو ماس اڳ ۾ نمايان ٿيندو آهي، پر پوءِ جڏهن بڪيءَ ۾ وڌيڪ ماس ٿيندو آهي تہ بڪيءَ جي شڪل جي وضاحت ڪرڻ ۾ مشڪل ايندي آهي.
مٿاڇرو، ڪنارو، موافقيت يا گهاٽائي، ان ماس جي مرضي حالت ڪيترن ئي نشانين سان ظاهر ڪبي آهي.
اهو ڳوڙهو جيڪو سخت، بي ترتيب ۽ ڳنڍ وانگر هوندو آهي اهو ڪينسريائي ڳوڙهو سڏبو آهي. ان جي ابتڙ ترتيب وار، گول، لسو ڇڪيل ڳوڙهو شروعاتي (Cystic) هوندو آهي. پر ياد رکو بگاڙ، تنزلي (Degeneration) ۽ نرم، جنھن تھہ ۾ cyst ٺھيل هجي، اڪثر ڪري ڪينسريائي ڳوڙهي نہ هوندي آهي. هڪ سخت ۽ غير واضح ڪندڙ ماس، سوزشي مرض ظاهر ڪندو آهي. جيئن اليوسيڪل حد ۾ (مرض crohns)

لاڳاپو ۽ حرڪت Mobility and attachment:
ٿوري گهڻي معلومات ان ماس جي چرپر ۽ هڪ هنڌ بيھڻ متعلق معلوم ڪريو. سوڄ جيڪا، جيري، تري، بڪين، پتي ۽ معدي جي هيٺين حصي مان نڪرندي آهي. اها ساھہ اندر کڻڻ وقت هيٺين حرڪت ڏيکاريندي آهي ڇو جو پيٽ ڇاتائين پردي Diaphargm جو ڀيڪوڙجڻ ٿيندو آهي. ڪو بہ ماڻھو (جاچيندڙ) پنھنجي هٿن سان انھن کي حرڪت نہ ڏي، جيڪي سوڄون ميزنٽري Mesentry يا وري تريءَ سان ڳنڍيل هونديون آهن اهي ساھہ جي اندر کڻڻ سان متاثر نہ ٿينديون آهن. پر اهي ڇھڻي جانچ سان انھن کي آسانيءَ سان حرڪت ڏئي سگهجي ٿي. مثال طور: ننڍي آنڊي، وڏي آنڊي جي وچين حصي وارا ڳوڙها ميزنٽري واريون سوڄون، اومينٽم واريون سوڄون جيڪي مڪمل قابوهجن ٽي ڳالھيون بيان ڪنديون آهن.
1. پيٽ جي جهلي جي پوئين حصي واري
2. وڌيل ڳوڙهي جو حصو جيڪو وڌيل هجي، پيٽ جي اڳئين ڀت، پوئين ڀت ۽ پيٽ جي عضون ڏي.
ڪڏهن ڪڏهن پوئين حصي ۾ موجود پتو، يا وري جيري جي ساڄيLobe وارو پويون هيٺائين حصي وارو ماس پڻ ٻن هٿن ۾ ڇھندڙ محسوس ٿيندو آهي.
اهو ڏسڻو پوندو تہ ڇا سوڄ ڌنوڻي اثر Pulsation ڏئي ٿي، اهو تمام ڏکيو هوندو آهي جڏهن سوڄ پيٽ جي مٿئين حصي ۾ هوندي آهي. جيڪا شھہ رڳ طرفان موڪليل ڌنوڻي هوندي آهي. ۽ شھہ رڳ جيڪا هوندي آهي ۽ ها سڄي ڦھليل محسوس ڪبي آهي. ان لاءِ سٺو طريقو اهو ٿيندو تہ سوڄ تي ٻہ آڱريون رکو ۽ محسوس ڪيو تہ دل جي سڪڙجڻ وقت اتي ڇا ٿو ٿئي.
جيڪڏهن آڱريون پور وڇوٽيءَ تي رکيل هجن تہ پوءِ اها ڌنوڻي موڪليل آهي ۽ جي جدا ٿين تہ پوءِ سوڄ aneurysm جي ڪري هوندي آهي ۽ اتي حقيقي expasile pulsatin هوندي.
3. سوڄ پراڻي خطرناڪ سوزشي اثرڪري جيڪو ٻين عضون کي متاثر ڪري ٿو. مثال طور: ڊاءِ ورٽيڪولائٽس (سگمائيڊ آنڊي جي) ياوري ڪولوويريڪل يا وري نواسير fistula .
هيٺين پيٽ ۾: هڪ طرف کان ٻئي طرف چرپرFibroid يا وري ٻچيداني ۾ ٻار جي ڪري ٿيندي آهي ۽ جلدي ظاهر ڪندي آهي تہ اها سوڄ اصل ۾ ٻچيداني مان نڪري ٿي يا مثاني يا بيضي داني مان تہ نہ ٿي نڪري. ٻہ هٿائين (Bimanually) ڇھڻي يا وري نبضي آواز Pulsational ٻنھي هٿن کي ڇھڻي سوڄ جيڪا لمبر حد ۾ هجي اها بڪين واري هوندي آهي.

ٺوڪڻي جانچ:
ٺوڪڻي جانچ صحيح ڪرڻ لاءِ تفصيل ڏنل آهي. پيٽ لئہ هلڪي ٺوڪڻي جانچ ضروري هوندي آهي. پيٽ ۾ دهلي (Tympanic) آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. سواءِ ان جاءِ جي جتي جيرو هوندو آهي. اتي اوهان کي موڳو آواز (Dull) ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. ان طريقي جي ٿوري اهميت آهي ۽ اهو ڪا وڏي خبر چار نہ ڏيندو آهي.

پيٽ جي عضون جون حدون:

جيرو:
جيري جي مٿئين ۽ هيٺين ڪناري جو آسانيءَ سان نقشو تيار ڪري سگهجي ٿو ٺوڪڻي جانچ سان شروع ڪيو چوٿئين وچ پاسرائين خال کان جتي پڙاڏي آواز هوندو آهي ۽ هيٺ سڌا لھندا اچو، صحتمند جيري ۾ مٿيون ڪنارو تقريبا پنجين وچ پاسرائين خال ۾ ملندو آهي جتي آواز موڳو هوندو ۽ اها موڳائي هيٺ لھندي ايندي جيستائين هيٺيون ڪنارو هوندو. بس ساڄي subcostal کان ٿورو هيٺ. جيري جي مٿئين ڪناري جو اهو آواز emphysema ۾ گهٽبو آهي يا وري ساڄي پاسي ڇاتيءَ جي نمونيا ۾ اهو آواز بدليل هوندو.

ٻياماس:
پيٽ جي اندر ڪنھن مقامي سوڄ جون حدون پيٽائين خال يا وري پيٽائين ڀت ۾، ڪڏهن ڪڏهن ٺوڪڻي جانچ کان ڇھڻي جانچ جي بنسبت واضح هوندي آهي.
موڳائي (Dull) آواز نھري يا cystic ماس جو فرق ٻڌائيندو آهي. دهلي Tympamic آواز جو جيڪو آنڊن ۾ موجود هوندو آهي.

اوهان ڇا ڪندئو، جيڪڏهن مريض چوي تہ هن جي نرن ۾ ڳوڙهي آهي:
مريض کي چئو تہ اهو اوهان جي سامھون اٿي بيھي ۽ ان جاءِ جي نشاندهي ڪري جتي سوڄ اٿس. ۽ اها ڳالھہ نوٽ ڪيو تہ اها خصين جي ٿيلھيءَ ڏي تہ نہ ٿي وڌي ان کان پوءِ هن کي چئو تہ منھن پري ڪري زور سان کنگهي، ڏسو (Expansileimpulse) ۽ ڏسو تہ اهو inguinal ligament کان مٿي آهي يا هيٺ آهي.
جيڪڏهن expansile impulse نظري جانچ ۾ نظر اچي تہ اهو ڇن جو ٿي سگهي ٿو. سو مريض جي ان طرف رخ ڪيو جنھن نري ۾ ڳوڙهو اٿس. مريض جي ٿورو ڀرسان ٿورو پوئتان بيھو، جيڪڏهن ساڄو نرو جانچيو وڃي ٿو تہ کاٻو هٿ مريض جي چتڙن تي رکو ۽ ان سان هن کي مدد ڏيو. ۽ اوهان ساڄي هٿ جون آڱريون مريض جي inguinal canal جي مٿان ٽيڙيون oblique رکو. ۽ هاڻي مريض کي چئو تہ وري کنگهي جيڪڏهن expansile impulse محسوس ٿئي تہ اهو ڳوڙهو ڇن جو هوندو هاڻي اهو فيصلو ڪيو تہ اهو ڇن inguinal يا femoral آهي. ان لاءِ ضروري آهي تہ ڳوڙهي جي ڳوٿري جو pubic tubercle سان تعلق ڏسو.
سيبو suture: اهو سيبو ڏسڻ لاءِ مٿي ڌڪيو. خصين جي ٿيلھي جي هيٺان شھادت آڱر سان خصين جي ٿيلھي کي اندرئين طرف نہ پلٽيو انسان عذاب محسوس ڪندو. اهو ٽيوبر ڪل اوهان کي هڪ هڏائين نقطي وانگر محسوس ٿيندو، pubic crest کان سنھڙن ماڻھن ۾ اهو آسانيءَ سان محسوس ٿيندو آهي پر ٿلھن ۾ نہ، جيڪڏهن ان ۾ تڪليف ٿئي تہ پوءِ adductor longus مشڪ جي ٻنڌڻي (tendon) ڏسو جيڪو بلڪل ان ٽيوبرڪل هيٺان هوندي آهي. ۽ جيڪڏهن ڇني ڳوٿري اندرئين طرف مٿي وڃي ٿي آڱر جيڪا pubic tubercle تي رکيل آهي تہ پوءِ اهو انگوائل ڇن هوندو ۽ جيڪڏهن ٻاهرئين طرف ۽ هيٺ هجي تہ اهو فيمورل طرف هوندو. ڇن کي فيصلو ڪرڻ لاءِ inguinal آھي تہ هيٺيان نقطا ڏسڻا پوندا.

ٿيلھيءَ ۾ ڇا آهي:
پائخانو گڙ گڙ ڪري وهندو نرم هوندو ۽ دٻائي سگهجي ٿو. جڏهن تہ omentum سخت محسوس ٿيندو ۽ اهو ڦيڦو سخت لڳندو.
ڇا ڇن پورو گهٽ وڌ ٿيندڙ آهي يا نه:
ان لاءِ ضروري آهي تہ مريض کي هيٺ سمھاريو ۽ ان جو فيصلو ڪريو مريض کي چئو تہ اهو ڇن گهٽ وڌ ٿيندڙ آهي. يا نہ جي آهي تہ گهٽ ڪري ڏيکاري، جانچ دوران اهو سور ڏيندڙ آهي يا نہ.
ڇن سڌو سنئون آهي يا نه؟
ان لاءِ بہ ضروري آهي تہ مريض کي هيٺ سمھاريو. نظري جانچ ۽ Impulse جو رخ عموما تشخيص ڏياريندڙ آهي عموما سنھڙن مريضن ۾، سڌي سنئين ڇن ۾، هڪ ڳوڙهو سڌو نموندار ٿيندو آهي. Inguinal canal جي پوئين ڀت ۾، جڏهن تہ جيڪو ڇن سڌو نہ هوندو آهي. اهو جوش impulse ٽيڙو سفر ڪندي نظر ايندو آهي. اينگوئنل ڪئنال ۾ ٻيو مددگار طريقو اهو آهي تہ آڱر رکو، ٿورو مٿي وچئين inguinal نقطي کان اونھي inguinal دائري مٿان جيڪڏهن ڇن ان آڱر سان سنڀالي سگهجي تہ اهو ڇن غير سڌو سنئون هوندو آهي.
انگوائنل ڇن جو فيمورل ڇن کان جدا، ٻين شين کان عليحدگي:
ان ۾ خصين جي ٿيلھيءَ ۾ پاڻي (Tunicavaginis) ۽ وڏي پاڻياٺي ڳوڙهي (epidymis) مٿي ڏسندو ۽ ٻنھي جو مٿيون ڇيڙو خصين جي ٿيلھي ۾ محسوس ڪندو.
هڪ خصيو: خصين جي ٿيلھيءَ کان ٻاهر يا ننڍڙو خصيو (متاثر خصيي جي ٿيلھي خالي هوندي).
ڪارڊ (cord) جو چرٻيلو ڳوڙهو lipoma ۽ ڪارڊ ۾ پاڻي اچي وڃڻ مرد ۾، ۽ (ڪئنال آف نڪ) پاڻي ڀرجڻ عورتن ۾ فيمورل ڇن جي D/D
ان لاءِ اهو ضروري سوچجي تہ فيمورل ڇن سان گڏ چرٻيءَ جي ڳوڙهي پڻ فيمورل ڇن ۾ ٿي سگهي ٿي.
فيمورل شريان جو ويڪرو ٿيڻ ان حالت ۾ Expansile impulse وڌيل ڌنوڻي موجود هوندي.
سفونس نس جو ڦھلجڻ (جيڪو سمھڻ سان گم ٿي ويندو آهي) اهو هلڪو نيرو چٽو نظر ايندو، ان کان علاوہ ڦھليل نسون هونديون.

انگوائنل لمفوائي ڳنڍ جو وڌڻ:
ان کان علاوہ پير، ڄنگهون، سٿرون، مقعدي پٽو perineum ، آلتي ۽ ويجهو مقعد حد ۽ خصين جي ڳوٿري کي جاچڻ کپي تہ اتي ڪو ڳوڙهو تہ نہ آهي يا وري ڪو مرض جو وسيلو تہ نہ آهي، ان کان پوءِ ٻي نري جي بہ ساڳي نموني جانچ ڪيو.
اوهان ڇا ڪندو:
جيڪڏهن مريض چوي تہ کيس خصين (Tests) جي ڳوٿريءَ جي سوزش آهي ان لاءِ اوهان مريض کي سمھاري ۽ پوءِ بيھاري ان جو معائنو ڪيو نظري جانچ ۽ transilliumروشنائي جانچ اهي ٽئي ڪنجيون آهن صحيح تشخيص جون. خصين جي ٿيلھي ڏسڻ کانپوءِ مريضن جا نرا جاچيو ۽ هيٺين سوالن جا جواب ڏيو.
خصين جي ٿيلھيءَ جي ڳچيءَ کي ڇھيو Palpate ڪيو آڱرين ۽ آڱوٺي جي وچ ۾ جيڪڏهن آڱوٺو ۽ اچي نہ ملن، تہ پوءِ فقط مني جي نالي spermatic cord ڇھڻو هوندو آهي.
خصين جي نالي ۾ ڪا سوڄ آهي ۽ نري جي هيٺ سوڄ آهي تہ پوءِ inguinal scrotal ڇن لاءِ سوچي سگهجي ٿو. ڪنھن کي بہ ان کان مٿي نتيجا نہ ملندا. (تمام گهٽ موقعن تي جڏهن ٻار جي خصين جي ٿيلھي ۾ پاڻي جمع ٿي ويندو آهي جيڪي پڻ اهڙين حالتن کي جنم ڏيندا آهن ۽ خصيا بہ palpable نہ هوندا آهن.
جيڪڏهن آڱر آڱوٺي کي بہ خصيا نہ ملن تہ پوءِ ائين چئبو تہ سوڄ مٿي آهي ۽ سوڄ نڪري ٿي، مني جي نالي ۽ مٿين خصيي Epididmis ، ڇا سوڄ (غلافي ڳوٿرائين) آهي يا سخت، ڇا آنورا پالپيبل آهن ۽ اهي سوڄ کان جدا ڪري سگهجن ٿا.
ڇھيو سوڄ کي اهڙي جھڙي نموني خصين ۽ خصين سان متعلق scrotal واريون شيون ڇھيون اٿو. جيڪا توهان کي ٻڌائيندي تہ سوڄ سخت آهي يا غلافي هاڻي سوڄ جي مٿان روشني وجهو. ڇڪيو خصين واري کل کي ۽ جلدي سوڄ مٿان ۽ پوءِ سوڄ پويان روشني وجهو جيڪڏهن روشني ان مان گذري وڃي تہ پوءِ اها هوندي آهي cyst of epididymis يا وري hydrocele of tunica vaginilis اڳئين مٿين ۽ خصين جي ٿورو پويان هوندي ۽ خصيا palpable هوندا آهن ۽ انھن کي سوڄ کان جدا ڪري سگهبو آهي. پوين ۾ خصيا palpable نہ هوندا آهن ۽ اهي سوڄ کان جدا ڪري نہ سگهبا آهن.
مثال طور: اهي بند هوندا آهن (tunica vaginilis ) سان ۽ انھن جي چوڌاري پاڻي هوندو آهي.
جيڪڏهن سوڄ غير شفاف هجي تہ پوءِ نھري هوندي آهي ڇھيو خصيي ۽ epididymis کي ٻيھر، epididymis جو وڌڻ عموماً ان جي سوزشي حالت epididymitis ۾ هوندو آهي. جيڪڏهن اهو نرم، جلدي ۽ سور کان بغير هوندو آهي جيڪو پراڻي T. B، خصين جو وڏو ٿيڻ عموما خصين ۾ ٿيندو آهي ۽ جڏهن نرم هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ان جو سبب ڪينسر بہ هوندو آهي ان کان پوءِ مريض کي اٿاري بيھاريو جيڪا سوڄ سمھڻ وقت نموندار نہ ٿيل هجي ۽ فقط بيھڻ تي نموندار ٿئي ۽ اها ائين لڳي جيئن ڪا ڪينئن جي ٿيلھي هجي تہ ان جو سبب Varicocel، خصين جي ٿيلھيءَ جو ٿلھو ٿئي ڳنڍ ٿيڻ Varicosity Of The Veins Of The Panlinitor شاخ وانگر، يا وري Cremaster plex .

کاٻي بُڪي Left Kidney:
انساني جسم ۾ 31 مھرا يا ڪرنگهي واريون هڏيون ٿينديون آهن. 7 ڳچيءَ واريون (cervical) 12 ڇاتيءَ واريون Thoracie 5 چيلھہ واريون lumber 5 ڀڏرواريون sacral ۽ هڪ coccegeal هوندي آهي.
سڄو هٿ رکو اڳئين لمبر حصي ۾ جيستائين اچي سگهي ٿو جڏهن تہ کٻو هٿ رکو ڪمر يا چيلھہ جي پوئين حصي تي. مريض کي چئو تہ وڏو ساھہ کڻي. کٻي هٿ کي اڳتي زور ڏيو ۽ سڄي هٿ کي پوئتي. مٿي ۽ اندر تي، عموما کٻي بڪي Palpable نہ هوندي آهي، جيستائين اها پنھنجي جاءِ کان هيٺ نہ هجي يا وڌيل نہ هجي.
جڏهن کٻي بڪيءَ جو هٿ جي وچ ۾ هيٺيون ڇيڙو palpable هوندو آهي تہ اهو هٿن جي وچ ۾ ماس جو يا سوڄ جو گول ڳوڙهو لڳندو ۽ اهو هڪ هٿ کان ٻئي هٿ ڏي ڌڪي سگهجي ٿو.
اضافي؛ مريض پٺيءَ تي سمھي، وهاڻو هجي ۽ گوڏن کي بند ڪري. هڪ هٿ آخري پاسريءَ جي پوئتان رکڻ کپي. جڏهن تہ ٻيو هٿ اڳئين پاسي کان costal margin کان هيٺيون رکڻ کپي.

ساڄي بڪي Right Kidney:
اها بہ ساڳي طريقي سان محسوس ڪبي آهي. جيئن کاٻي بڪي، ساڄو هٿ ساڄي لمبر ايريا ۾ ۽ کاٻو هٿ چيلھہ جي پويان. ساڄي بڪيءَ جو هيٺيون ڇيڙو محسوس ٿيندو آهي، اهو عموما سنھڙن ماڻھن ۾ محسوس ٿيندو آهي اهو ساھہ کڻڻ واري تي دارومدار رکي ٿو.

تري Spleen:
کاٻي بڪيءَ وانگر تري بہ Palpable نہ هوندي آهي. اها جيستائين پنھنجي عام رواجي ماپ کان ٻيڻي يا ٽيڻي نہ وڌي وڃي ۽ پوءِ اها کاٻي هيٺ پاسرئين حد جي هيٺان محسوس ٿيندي آهي. اهو صحيح نہ سڃاڻي سگهجي ٿو تہ ان جو وڌڻ مٿئين يا هيٺين طرف آهي. ان جي subcostally ڇھہ، کان اڳ ۾، جيڪڏهن ان حالت ۾ اها ظاهر ٿي تہ پوءِ وڌڻ جو رخ هيٺ تي ۽ ساڄي اليڪ فوسا جي طرف هوندو اٿس. اوهان پنھنجو هٿ پاسرين جي پڃري جي هيٺان پويون پاسيرو posterior lateraly رکو.

متفرقہ:
مختلف ڊاڪٽر جائزو ۽ حال احوال مختلف طريقن سان لکندا آهن مقصد اهو هجي تہ مريض جي بيماريءَ جو پورو جائزو هجي. بلاشڪ اهو مختصر ڇو نہ هجي. ان لاءِ ضروري آهي تہ اوهان ڳالھيون لکندا رهو. ڪم وارين کي، طبعي جائزو مٿان کان هيٺ ڪجي. اهو سرشتن متعلق لکڻ گهرجي. هڪ مختصر بيان لکجي جنھن ۾ جيڪي نشانيون نہ ملن اهي بہ لکجن جيڪي آهن اهي بہ لکجن.
دل جي سرشتي جو مختصر بيان هيئين هجي
نبض 76 دفعا عام رواجي
ڳچيءَ جون نسيون نہ وڌيل
رت جو دٻاءُ 80/130
دل جي چوٽيءَ جي ڌڙڪ جاءِ تان مڙيل ناهي.
دل جو پھريون ۽ ٻيو آواز هرجاءِ تي ٻڌڻ ۾ اچن.
Murmurs يا سرسراهٽون نہ آهن.
ساديون ۽ اهم ڳالھيون گهڻي لکڻ کان وڌيڪ معلومات فراهم ڪنديون آهن. شاگرد لئہ ضروري آهي تہ اهي بيماري جي تشخيص لئہ مختصر فيصلو ڪن ۽ جانچن جي فھرست لکن جنھن جي ضرورت هجي هڪ ڪيس کي پيش ڪن.
ان وقت انھيءَ لکڻ جي اهميت گهٽ ٿي ويندي آهي جڏهن هڪ ماڻھو ان کي مختصر نہ ٿو لکي سگهي، جيئن ٻيو شاگرد يا ڊاڪٽر لکي ٿو، يا هي ان تان نقل ڪري ٿو. ان لاءِ ضروري آهي تہ شاگرد مختصر بيان لکڻ جي مشق ڪن. جيڪي نشانيون ڳولن ۽ حاضر ۽ غير حاضر شڪايتون شد مد سان بيان ڪجن. اهو مختصر بيان عموماً نالو، عمر ۽ جنس سان لکبو آهي.