ڪھاڻيون

اُڀر چنڊ پَس پِرين

نسيم ٿيٻو، ڪھاڻيءَ جي صنف ۾ هڪ نرالو نانءُ آهي. هيءُ نانءُ 70 واري ڏهاڪي ۾ پيدا ٿيڻ شروع ٿيو ۽ 90 واري ڏهاڪي تائين پنھنجو عروج ماڻيو. نسيم ٿيٻو جنھن وقت نوجوان ڇوڪري هئي ۽ ڪاليج ۾ پڙهندي هئي، تن ڏينھن ۾ سندس ڪھاڻين کي جيڪا وڌيڪ مڃتا ملندي هئي، ان جا ٻہ ڪارڻ هئا: هڪ تہ هوءَ اظھار تمام سادگيءَ واري انداز ۾ ڪندي هئي ۽ ٻيو تہ سندس مڪالما جارحاڻا ۽ بي ڊپا هوندا هئا. انھن ٻنھي ڳالھين نسيم ٿيٻو جي ڪھاڻين کي هڪ الڳ سڃاڻپ بخشي ۽ گڏوگڏ انھن ڪھاڻين جي پڙهندڙن جو هڪ حلقو بہ پيدا ٿيڻ لڳو. نسيم جون ڪھاڻيون زندگيءَ کي ويجهيون آهن. هن جا ڪردار ڏک سھن ٿا، پيڙا ڀوڳين ٿا پر جيون جي واٽ تي اڳتي وڌندا رهن ٿا.

  • 4.5/5.0
  • 34
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book اُڀر چنڊ پَس پِرين

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪا نسيم ٿيٻو جي ڪھاڻين جو مجموعو ”اُڀر چنڊ پَس پِرين“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جي سھيڙ دين محمد ڪلھوڙي ڪئي آھي.
نسيم ٿيٻو، ڪھاڻيءَ جي صنف ۾ هڪ نرالو نانءُ آهي. هيءُ نانءُ 70 واري ڏهاڪي ۾ پيدا ٿيڻ شروع ٿيو ۽ 90 واري ڏهاڪي تائين پنھنجو عروج ماڻيو. نسيم ٿيٻو جنھن وقت نوجوان ڇوڪري هئي ۽ ڪاليج ۾ پڙهندي هئي، تن ڏينھن ۾ سندس ڪھاڻين کي جيڪا وڌيڪ مڃتا ملندي هئي، ان جا ٻہ ڪارڻ هئا: هڪ تہ هوءَ اظھار تمام سادگيءَ واري انداز ۾ ڪندي هئي ۽ ٻيو تہ سندس مڪالما جارحاڻا ۽ بي ڊپا هوندا هئا. انھن ٻنھي ڳالھين نسيم ٿيٻو جي ڪھاڻين کي هڪ الڳ سڃاڻپ بخشي ۽ گڏوگڏ انھن ڪھاڻين جي پڙهندڙن جو هڪ حلقو بہ پيدا ٿيڻ لڳو. نسيم جون ڪھاڻيون زندگيءَ کي ويجهيون آهن. هن جا ڪردار ڏک سھن ٿا، پيڙا ڀوڳين ٿا پر جيون جي واٽ تي اڳتي وڌندا رهن ٿا.
ھي ڪتاب 2013ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان  اوهان اڳيان شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڇپائيندڙ پاران

ادب ۾ ڪھاڻيءَ جي صنف کي خاصي اهميت حاصل آهي. ڪھاڻي، ادب جي لازوال ۽ پائيدار صنف آهي، هيءَ صنف، ادب ۾ هڪدم تسليم ڪيل صنف آهي، ادب، فن جي ميلاپ سان مڃتا حاصل ڪري ٿو، حالانڪہ ادب بہ هڪ فن آهي، پر هنن ٻنھي ۾ فرق ان ڳالھہ جو آهي تہ ادب زندگيءَ جو هڪ منعڪس رويو آهي، ۽ ان رويي کي ڪيئن پيش ڪجي ٿو، اهو فن آهي.
نسيم ٿيٻو، ڪھاڻيءَ جي صنف ۾ هڪ نرالو نانءُ آهي. هيءُ نانءُ 70 واري ڏهاڪي ۾ پيدا ٿيڻ شروع ٿيو ۽ 90 واري ڏهاڪي تائين پنھنجو عروج ماڻيو، هن مجموعي ۾ جيڪي ڪھاڻيون موجود آهن، اهي انھيءَ زماني ۾ لکيون ويون آهن، جن کي ٽماهي ”مھراڻ“ جي اڳوڻي ايڊيٽر ۽ نوجوان اديب مسٽر دين محمد ڪلھوڙي نھايت محنت ۽ تندهيءَ سان سھيڙي ترتيب ڏنو آهي. هيءَ رٿا 2008ع ۾ منظور ٿي چڪي هئي، پر ڪن سببن جي ڪري ڪجهہ وقت لاءِ دٻيل رهي، قبلہ سائين مخدوم جميل الزمان صاحب جن جيئن ئي بورڊ جي چيئرمين شپ جو اعليٰ منصب ماڻيو، تڏهن پاڻ رُڪيل رٿائن جو جائزو ورتائون، جڏهن ٻين رٿائن سميت جڏهن ميڊم نسيم ٿيٻو جي هنن ڪھاڻين کي ڏٺائون تہ ڏسڻ شرط هن رٿا کي پايہء تڪميل تي رسائڻ جا احڪام جاري ڪيائون ۽ اهڙيءَ ريت هن مجموعي جي ڇپائيءَ جا اسباب پيدا ٿي پيا.
سنڌي ادبي بورڊ 1951ع کان وٺي سنڌي ادب، ٻولي ۽ تاريخ جي مختلف موضوعن تي پنھنجي روءِ سوءِ ڪم ڪندو رهيو آهي. جنوري 1957ع ۾ بورڊ پاران لوڪ ادب ۽ لغت اسڪيم جھڙين تاريخي رٿائن تي ڪم شروع ٿيڻ کان پوءِ، بورڊ جي ناموس ۽ وقارُ علمي حلقن ۾ وڌڻ لڳو ۽ ويتر 1968ع ۾ قبلہ جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن پاران لوڪ ادب رٿا کي پايہء تڪميل تي رسائڻ لاءِ اُپاءَ وٺڻ کان پوءِ، هن اداري جي ساک هيڪاري نشانبر ٿي، پوءِ تہ لوڪ ادب کان علاوہ ادب جي ٻين صنفن تي پڻ ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ويو۽ سٺا شھپرا ڇپجي منظرِعام تي آندا ويا. انھيءَ سلسلي کي اڳتي وڌائيندي ڪھاڻيءَ جي فيلڊ ۾ محترمہ نسيم ٿيٻو جي لکيل هنن ناياب ڪھاڻين کي ڪتابي صورت ۾ پڌرو ڪري هيءُ ادارو دلي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي. اميد آهي تہ هيءُ مجموعو ادب پڙهندڙ حلقي ۾ خاصي مقبوليت ماڻيندو.

(الھڏتو وگهيو)
سيڪريٽري
ڄام شورو، سنڌ
18 ربيع الثاني 1434ھہ
01- مارچ 2013ع

پيش لفظ

انساني جذبات ۽ احساسات جي اظھار جو اهم ذريعو ادب آهي ۽ ادب جو اظھار وري ٻوليءَ سان آهي. ٻولي، انساني سماج ۾ پاڻمرادو منظور ڪيل هڪ اهڙي تنظيم ۽ تحريڪ آهي، جنھن سان هر ننڍو توڻي وڏو، امير توڻي غريب، شاھہ توڻي گدا ڳنڍيل آهي. اهي سڀئي انھيءَ تنظيم جا رُڪن آهن.ادب، انساني حياتيءَ جو آئينو بہ آهي، تہ سندس زندگيءَ جو شرح ۽ تفسير بہ. ادب جي بيان ڪرڻ جا وري اسلوب جدا جدا آهن، جن کي صنفون ۽ جنسون چئجي ٿو. هونئن تہ ادب ٻن شاخن يعني نثر ۽ نظم ۾ ورهايل آهي، پر ادب کي جيڪي صنفون زندھہ ۽ جاويد رکن ٿيون، اهي فڪشن جون صنفون آهن، فڪشن ۾ بہ وري ٻين نثري صنفن ۾ ڪھاڻيءَ جو مقام ۽ درجو بلند آهي. ڪھاڻي، نثر جي باقي صنفن کان وڌيڪ توجھہ ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ صنف آهي. ڪھاڻي هر دور جي انساني سماج جي اٿاويٺي، رسم و رواج ۽ وڻج واپار سميت پوري ڪلچر ۽ تاريخ جو آئينو هوندي آهي، تنھنڪري ادب ۾ هن صنف کي هر دور ۾ خاصي اهميت ۽ پذيرائي ملندي رهندي آئي آهي، اُن جو خاص ۽ دلچسپ ڪارڻ هيءُ بہ آهي تہ هن ۾ انساني جبلت ۽ جذبات جو اظھار وجداني ڪيفيت يعني پنھنجي اصل حالت ۾ ڪيو ويندو آهي. ماڻھو، عام زندگيءَ ۾ جيڪي احساس ٻين سان ونڊي نہ سگهندو آهي، هڪ اديب انھن احساسن ۽ ڪيفيتن جو برملا اظھار ڪھاڻيءَ جي فن ۾ پيش ڪندو آهي ۽ عام ماڻھوءَ جو وسيلو بڻجندو آهي. ڪھاڻي، هڪ فن جو نالو آهي ۽ فن انساني جرئت ۽ پيش قدمي جھڙن اوصافن مان پروان چڙهندو آهي.سنڌي ادب ۾ جديد ڪھاڻيءَ جي تاريخ ايتري پراڻي نہ آهي. 70 ۽ 80 وارن ڏهاڪن ۾ جديد ڪھاڻيءَ کي خاصي هٿي ملي. انھيءَ دور ۾ شيخ اياز، جمال ابڙو، امر جليل، شيخ راز، نسيم کرل، طارق اشرف، سراج ميمڻ، آغا سليم، بشير مورياڻي، غلام رباني آگرو، حفيظ شيخ، حميد سنڌي، نورالھديٰ شاھہ، نجم عباسي، اياز قادري ۽ انيس انصاري وغيرہ جھڙا معتبر نالا مشھور ٿيا. هنن نالن جديد ڪھاڻيءَ کي مڪمل نئون روپ ڏنو بلڪہ ان کي انساني سماج جي بنھہ ساھہ واري رڳ جي ويجهو ڪري بيھاريو. خاص طور تي جمال ابڙي جي ڪھاڻين ماڻھن کي ڇرڪائي وڌو. انھن ڏينھن ۾ نسيم ٿيٻو جون ڪھاڻيون بہ ڇپجڻ لڳيون، نسيم ٿيٻو ان وقت نوجوان ڇوڪري هئي ۽ ڪاليج ۾ پڙهندي هئي، تن ڏينھن ۾ سندس ڪھاڻين کي جيڪا مڃتا ملندي هئي، ان جا ٻہ ڪارڻ هئا: هڪ تہ هوءَ اظھار تمام سادگيءَ واري انداز ۾ ڪندي هئي ۽ ٻيو تہ سندس مڪالما جارحاڻا ۽ بي ڊپا هوندا هئا. انھن ٻنھي ڳالھين نسيم ٿيٻو جي ڪھاڻين کي هڪ الڳ سڃاڻپ بخشي ۽ گڏوگڏ انھن ڪھاڻين جي پڙهندڙن جو هڪ حلقو بہ پيدا ٿيڻ لڳو. نسيم ٿيٻو جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري اختيار ڪئي، تہ بہ هن ساڳئي انداز سان لکيو پئي، بلڪہ سندس لکڻين ۾ اڃا وڌيڪ نکار آيو. هن کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو نئون ماحول مليو، نون ماڻھن کي ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ ويجهي ٿيڻ جو کيس موقعو مليو. انھيءَ دور ۾ نسيم تمام عاليشان ۽ ڇرڪائيندڙ ڪھاڻيون لکيون، اهو سلسلو 90 واري ڏهاڪي تائين هليو، پوءِ هن ڪھاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنيون.نسيم جي نالي آڏو ميڊم يا سائڻ لڳائڻ، مون کي ڏکيو ۽ عجيب لڳندو آهي، ڇو تہ ڪنھن بہ نالي جي اڳيان محترم، سائين، سائڻ لڳائڻ سان ماڻھوءَ ۾ اوپرائپ/ احترام جو احساس پيدا ٿيندو آهي، جنھن ڪري هو پنھنجي اندر جي سموري ڪيفيت کي پنھنجي اصل حالت ۾ بيان ڪرڻ کان قاصر ٿي ويندو آهي. نسيم جي نالي کان آءٌ تڏهن کان واقف آهيان جڏهن مان ڪاليج ۾ پڙهندو هئس. تن ڏينھن ۾ نسيم جي ڪھاڻي- ”ڀڳل ڪبوتر“ ڇپي هئي، اها ڪھاڻي نسيم هڪ سٽنگ ۾ نہ لکي هئي، پر ڀريا ٻہ سال کن ان ڪھاڻيءَ تي صَرف ڪيا هئا. ان ڪھاڻيءَ مون کي بيحد متاثر ڪيو هو ۽ مون کي بہ ڪھاڻين لکڻ تي اتساهيو هو. نسيم جي انھيءَ ڪھاڻيءَ کان متاثر ٿي، مون هڪ ڪھاڻي- ”اڳتي نہ ستائيندس“ لکي، جنھن تي مون کي انعام بہ مليو، اها ڪھاڻي پوءِ اپريل 1998ع ۾ روزاني ”جاڳو“ اخبار جي هفتيوار ادبي صفحي ۾ بہ ڇپي. ڪھاڻيءَ جو اهو عنوان بہ نسيم جي انھيءَ ڪھاڻي جي هڪ ڊائلاگ- ”اڳتي ڪونہ ڦٽائيندس“ تان آڌاريو هوم.”ڀڳل ڪبوتر“ ۾ نسيم، ڪھاڻيءَ جي فني ۽ فڪري گهرجن سميت مروج سماجي قدرن کان کُلم کُلا بغاوت ڪئي آهي. ان ڪھاڻيءَ کان پوءِ نسيم ڪھاڻيون لکڻ ذري گهٽ بند ڪري ڇڏيون.مجموعي طرح نسيم جي ڪھاڻين جا ڪردار ۽ ڊائلاگ، پڙهندڙ جي روح ۾ لھي، اندر ۾ هڪ هلچل مچائي ٿا ڇڏين ۽ پڙهندڙ، نسيم جي ڪھاڻين ۾ موجود انھن ڪردارن کي پنھنجي پاڻ ۾ يا آسپاس ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو، اها بھترين ڪھاڻيڪار جي سڃاڻپ آهي.نسيم جو گهراڻو پڙهيل لکيل ۽ ادب ۾ باذوق رهيو آهي. نسيم جي والدہ سڳوري، ”بادام ناتوان“ جي نالي سان، ادبي دنيا ۾ مقبول رهي. سندس لکيل مشھور ڪتاب- ”خوش خصلت خاتون“ ادب ۾ چڱي خاصي مڃتا ماڻي. ”بادام ناتوان“ طبعيت ۾ سٻاجهي ۽ شفيق عورت هئي. نسيم کي بہ اهائي سٻاجهائپ، اهائي شفقت ۽ ڏات ورثي ۾ ملي. شايد اهائي سٻاجهائپ ۽ نھٺائي هئي جو نسيم کي ٻين شھرت پسند اديبن وانگر پاڻ وڻائڻ ۽ تڪڙي مڃتا حاصل ڪرڻ جي هٻڇ کان بچايو ۽ هوءَ مشھوريءَ کان ايتري تہ ڊنل رهي جو پنھنجو ڪو ڪتاب بہ نہ ڇپرائي سگهي.منھنجي خواهش هئي، تہ آءٌ نسيم جون سموريون تحريرون گڏ ڪريان ۽ اهي ڪنھن اشاعتي اداري کي ڇپڻ لاءِ ڏيان. اهو پھہ ڪري مون نسيم جون ڪھاڻيون مختلف اخبارن، رسالن ۽ مخزنن مان ڳولھڻ شروع ڪيو. ڪجهہ ڪھاڻيون منھنجي شاگرديءَ واري زماني ۾ مون وٽ رکيل هيون، باقي ڪھاڻيون هٿ ڪرڻيون هيون. سو ڪم جي شروعات ڪري ڏنم، قادر جي قدرت ڏسو جو سال 2006ع ۾ نسيم جو نياڻو مسٽر اعجاز احمد منگي، بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ٿي آيو ۽ مان بورڊ ۾ نوڪري ڪري رهيو هئس، پوءِ تہ منگي صاحب جي توسط سان نسيم جي مواد جو هڪ ڀريل بريف ڪيس مليو. بريف ڪيس ۾ مختلف ميگزين، رسالا ۽ ٻيو قلمي مواد موجود هو. ڀلائي ٿي وئي، گهر ويٺي مواد ملي ويو. انڌو گهري هڪ اک، ٻئي ملي ويون، پوءِ مواد جو جائزو ورتو ويو. ڪجهہ رسالا ۽ مخزن ڦاٽل هئا ۽ مواد اڌورو هو. ان صورت ۾ سنڌالاجي وڃي کٽل مواد جو پورائو ڪيو ويو ۽ اهڙي ريت هيءَ رٿا، مانواري پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي آڏو رکي وئي، پبليڪيشن ڪميٽيءَ طرفان اڳ۾ ئي اهڙو فيصلو ٿيل هو، تہ پنھنجن سينئر اديبن جون ناياب لکڻيون ڳولي هٿ ڪري ترجيحي بنيادن تي ڇپايون وڃن. جنھن ڪري منھنجي انھيءَ تجويز کي منظور ڪيو ويو. ڪميٽيءَ جي هدايتن تي عمل ڪندي ڪھاڻين جي ڪمپوزنگ ڪرائي وئي، پروف مون پاڻ پڙهيا ۽ نظرثاني امداد حسينيءَ کان ڪرائي وئي ۽ مُھاڳ امداد حسيني صاحب کان پڻ لکرايو ويو. اهڙيءَ ريت نسيم جي ڪھاڻين جي مجموعي- ”اُڀر چنڊ پس پرين“ ڇپجڻ جا اسباب ميسر ٿِي پيا.جيڪڏهن اهڙي نموني ڪوششون وٺبيون رهجن، تہ سٺا اديب جيڪي ڪتابي صورت ۾ ڇپجي نہ سگهيا آهن، ضرور ڇپجي پوندا. هونءَ بہ اسان جي ادبي ۽ اشاعتي ادارن جو اهو ئي مقصد آهي، تہ پنھنجن ڏات ڌڻين جون لکڻيون ڳولي ڦولي هٿ ڪري انھن کي ڇپائي محفوظ ڪرڻ.مان سمجهان ٿو، تہ هيءُ مجموعو نہ فقط ادب جي شائقن لاءِ دلچسپيءَ جو ڪارڻ بڻجندو، پر ادب جي شاگردن ۽ استادن لاءِ بہ هڪ سٺو وٿ ثابت ٿيندو. مان ٿورائتو آهيان بورڊ جي هردلعزيز چيئرمن جناب مخدوم جميل الزمان صاحب ۽ سيڪريٽري الھڏتو وگهيو صاحب جو، جن مھربانن هن ڪتاب جي جلد ڇپائيءَ ۾ خاصي دلچسپي ورتي. مانواري پبليڪيشن ڪميٽيءَ جو تہ آءٌ قدري احسان مند آهيان، جنھن منھنجي هن پورهئي کي مانُ بخشيو ۽ هن اسم کي منظور ڪرڻ فرمايو، گڏوگڏ مسٽر اعجاز احمد منگي ۽ نسيم ٿيٻو جي نياڻيءَ ادي تانيا جو بہ ٿورائتو آهيان جن مواد ڏيڻ ۾ هڙان وڙان مدد ڪئي.آءٌ هيءُ سھيڙيل ڪتاب، شاھہ جي هن بيت سان، نسيم کي ارپيان ٿو:
اُڀر چَنڊَ پَسُ پِرين، تو اوڏا، مُون ڏُور،
پيرين آءٌ نہ پُڄڻي، ٻاٻَلُ ڏئي نہ ٻُور،
سڄڻ ستا ولھہ ۾، چوٽا ڀري ڪَپُور،
جنھن تي چڙهي اَسُور، سنجهي سڄڻ سيٽيان.


دين محمد ڪلھوڙو
ايم.سي.پي واپڊا ڪالوني، ڄام شورو
7- سيپٽمبر 2012ع

مُھاڳ

”ڪھاڻي هروڀرو ايڏي علمي دنيا سان
ٺھڪي نہ بہ اچي جو ان جي سونھن ئي
ختم ٿي وڃي.“ (آيل ڍولئي ساڻ، اچي تہ جهيڙيان)

نسيم جي هڪ ڪھاڻي جو اهو ٽڪرو آهي، جيڪو هڪ ڪردار کي چئي ٿو: پر ان جملي مان ڪھاڻيڪار جو ڪھاڻيءَ بابت نظريو/ راءِ بہ اسان تائين پھچي ٿي. ڪھاڻيءَ کي ڪيترو علمي هئڻ کپي؟ هئڻ بہ کپي يا نہ؟ پر ان جملي ۾ ڪھاڻيءَ جي ”سونھن“ جي بہ ڳالھہ ڪيل آهي. ڪھاڻيءَ جي سونھن جو مفھوم ڇا آهي؟ تہ ان ۾ grip هجي، ان جي پھرين سٽ کان، توهين ان کي پڙهڻ تي مجبور ٿي وڃو، آخري سٽ تائين. نسيم جي ڪھاڻيءَ جو محرڪ ڏک آهي. انڪري نسيم جون ڪھاڻيون زندگيءَ کي ويجهيون آهن. هن جا ڪردار ڏک سھن ٿا، پيڙا ڀوڳين ٿا پر جيون جي واٽ تي اڳتي وڌندا رهن ٿا:
”جيون جي راهن تي هلندي هلندي، مان ٻلوان ٿي پئي آهيان، ڏک منھنجي ساهن ۾ رچجي ويا آهن. ڏک سڀ سيمائون اُڪري دل ۾ پھچي ويا آهن. ڪنڊن سان سڄو رستو ڀريل آهي. پيرن سان گڏوگڏ دل بہ رتوڇاڻ آهي.“ (وکريل سوچون)
نسيم جي ڪھاڻين جا ڪردار (عورتون) مار، موچڙي جي منھن ۾ آهن. ڪن کي خارجي/ جسماني مار آهي. جيئن ”اجرو من“ ۽ ڪن کي داخلي/روحاني مارَ! خارجي/جسماني مار تي، تہ اُهي ڪردار رت ڳاڙيندا رهن ٿا، روئندا رڙندا ٿا رهن:
”او رمون- شل خدا ٻہ اڌ ڪرئي. ڪين بچين شال! مون کي مار نہ.“ (گهايل ٿي گهاريان)
پر ڪي ڪردار وقت، حالتن ۽ ورتاءَ- جي مارَ اندر ئي اندر سھن ٿا. ڀوڳين ٿا، جيئن ”اجرو من“ ۽ ”احساس جا چڪ“ جا ڪردار. ”ڪاري رات“ جو ڪردار ”ازان“ بہ اهڙي ئي دوزخ ۾ آهي. مڙس جا موچڙا وڏيري جا دهمان. ۽ هن جا مائٽ؟ ماٽيلي ماءُ- ماٽيلا ڀائر! نسيم جي ڪھاڻين جا ڪردار- سس، ننھن، پھاڄ، ٻيون عورتون- ۽ مڙسن جا موچڙا. نرڙ مان ٽمندڙ رت!
”آءُ ڪانگا ڪر ڳالھہ“ نسيم جي اهڙي ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ ڳالھہ تہ رڳو هڪ هفتي جي ڪيل آهي، پر ان ۾ صدين تائين پکيڙ آهي. اهوئي سنڌي سماج! صدين کان اڻبرابري، ڏاڍ، ڏهڪاءُ وارو سماج. نسيم ان کي ”ٺٺول ڀريو ناٽڪ“ ٿي سڏي، جيڪو هلي رهيو آهي ايامن کان ۽ اسين اُن جا تماشبين آهيون ايامن کان! سوئر ۽ ڪتن جو ميل؛ ڪڪڙن جو ميل. رڇ ۽ ڪتي جو ميل..... ۽ آخر ۾ وڏيري جي اوطاق تي ڪڃريءَ جو ناچ! ۽ ڳوٺاڻا:
”ڳوٺاڻا ڀت جي پاٽڙن تي ائين اچي ٽٽندا، آهن، جيئن بکايل شينھن ڪنھن جانور تي.“
ان ڪھاڻيءَ ۾ انيڪ ڪردار، ڏيک، واقعا آهن، جيڪي ڪھاڻيءَ جو حصو آهن. ايڏي وسيع موضوع کي ڪھاڻيءَ ۾ تبديل ڪرڻ ۽ ڪٿي بہ نہ ٿڙڻ، غير ضروري لفاظيءَ ۾ نہ ڦاسڻ. ان ٺٺول ڀرئي ناٽڪ ۾ هڪ پدما بہ آهي. ٻارڙي. رڇ کي زخمي ڏسي جتي وڏ وڏيرا، ننڍ ننڍيرا، عام ماڻھو هوڪرا هڻن ٿا، تڏهن پدما جي دل ڪچي ٿي پئي. ڪڃريءَ جو ناچ ڏسي، هوءَ عورت جي تذليل تي بُڇان ٿي کائي ۽ انتقام وٺڻ جي ڳالھہ ڪري ٿي. اتان هٽي گهٽيءَ ۾ اچي ٿي، تہ هوءَ هڪ عورت جون رڙيون ٿي ٻڌي. هڪ عورت ساريو آهي. هوءَ اوڏانھن ٿي وڃي. اُها رمونءَ جي زال آهي. جنھن کي هو مار موچڙا ڪري رنڊيءَ جو ناچ ڏسڻ ويو آهي. عورت پدما کي رمونءَ کي وٺي اچڻ لاءِ ٿي چوي. هوءَ رمونءَ کي وڃي ٿي ٻڌائي. رمون نٿو اچي. پر پدما اتي بس نٿي ڪري- هوءَ دائيءَ کي وٺي ٿي اچي. ڪھاڻيڪار جيڪا پيڙا ڀوڳي، اُها پني تي پلٽڻ ۾ بہ سڦل رهي آهي. اها سڦلتا ڪنھن بہ مڪمل ڪھاڻيءَ لاءِ لازمي آهي.
”متو آهين مَڇ“ هڪ عام سنڌي ڇوڪريءَ جي ڪھاڻي آهي. جيڪا پيءُ جي رٽائرمينٽ کان پوءِ بئنڪ ۾ ٽائپسٽ طور نوڪري ٿي ڪري. اتي هڪ ’باس‘ بہ آهي جيڪو پڻ سنڌي آهي، ۽ ان ڇوڪريءَ کي پنھنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ ٿو گهري. ڪھاڻي هن ڊائلاگ تي ختم ٿِي وڃي ٿي:
”اها تہ ڄاڻ هوندي تہ هتي نوڪريون ڪيئن ملنديون آهن؟ هڪڙي سفارش.... ٻيو رشوت..... ٽيون.“ ٽيون لفظ ڪڍندي صاحب جي چپن تي مڪروھہ مرڪ تري آئي. ٽيون ”عورت پاڻ پنھنجي سفارش آهي. ان کي ڪنھن سفارش جي ضرورت ڪانھي. آئي ڳالھہ سمجهہ ۾...؟“
ان کان پوءِ ڇا ٿيو؟ انھيءَ resist ڪندڙ ڇوڪريءَ جو ردعمل ڇا هو؟ اهڙي ئي هڪ موقعي تي ڇوڪريءَ پيپر ويٽ صاحب کي هڻڻ جو سوچيو هو. مان ائين نٿو چوان تہ ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي هن واڌو جملي تي ٿيڻ کپي ها:
”مينا جو هٿ پيپر ويٽ ڏانھن وڌيو.“
پر اهو، هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾، منھنجو وڌايل ڊائلاگ آهي. اهڙا ڪيترا متوقع ڊائلاگ ٿِي سگهن ٿا، جھڙوڪ:
* مينا کي پروموشن ملي ويو.
* صاحب ڪرپشن ۾ ٻڌجي ويو.
* صاحب بدلي ٿي ويو.
* مينا نوڪريءَ کي ٿُڪَ هڻي هلي آئي.
سو ڪھاڻيءَ کي ڪنھن بہ اهڙي موڙ تي ڇڏڻ سڀاويڪ بہ آهي تہ- اڻ سڀاويڪ بہ. اهو ڪھاڻيڪار تي ڇڏيل آهي تہ هو ڪھاڻيءَ سان ڪھڙو ٿو ورتاءُ ڪري. ڪردارن کي ڪيئن ٿو پيش ڪري. وڻيس تہ ڪھاڻيءَ کي پڄاڻيءَ کان کڻي، وڻيس تہ شيام جئسنگهاڻيءَ جي ڪھاڻيءَ ”21- صدي“ وانگر پنو خالي ڇڏي ڏي. مان سمجهان ٿو تہ ڪھاڻيءَ جي عنوان ”متو آهين مڇ“ سان ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي چٽي ٿي وڃي ٿِي، مان لطيف جو پورو بيت ڏيان ٿو:
متو آهين مَڇَ، ٿلھو ٿيو ٿو نا هڻين،
توجا ڀانئي اَڇَ، تنھن پاڻيءَ پنا ڏينھڙا.
مينا تي صاحب جو پھريون تاثر تہ اهوئي آهي تہ ”صاحب ڪيترو نہ سٻاجهرو ۽ گنڀير سڀاءُ جو آهي.“ پر پوءِ جڏهن هن جو اصل ڪروپ پڌرو ٿو ٿئي، تڏهن مينا جي من ۾ مانڌاڻ مچيو وڃي:
”هون! ڪُتي جو پُٽ سمجهي ڇا ٿو پاڻ کي.“
”وکريل سوچون،“ ”اُجرو من“ ۽ ”احساس جا چڪ“، ”رسندو ڀرجندو گهاءُ“ ڄڻ هڪڙو ناولٽ هجي يا طويل مختصر ڪھاڻي. ”اُجرو من“ ڪھاڻيءَ جو ڪردار ڄڻ پنھنجي ئي ڪٿا پاڻ کي ٻڌائي ٿو:
”اڄ آسمان ڪڪرن سان ڀرجي آيو آهي. اهي ڪڪر تنھنجي گهر مٿان بہ تہ هوندا ۽ تو انھن کي جَيءُ ڀري ڏٺو هوندو .“
”مان بيمار ٿي پيس تون پڇڻ بہ ڪونہ آئين! موت ۽ حيات جي جنگ ۾ ڦاٿل هئس ۽ اڄ بہ آهيان. تون پوءِ بہ ٻہ پير ڀري مون وٽ نہ آئين.“
نسيم جي هنن ڪھاڻين مان ڪجهہ مختلف رسالن، جھڙوڪ: ”روح رهاڻ“، ”مھراڻ“، ”نئون نياپو“، ”سنڌ رنگ“، ”مظلوم“، ”ناري پبليڪيشن“، ”عبرت مئگزين“ ۽ ”برسات“ ۾ ڇپجي چڪيون آهن. نسيم جون ڪھاڻيون ترقي پسند سوچ جون عڪاس بہ آهن، جيئن: ”ڳوڙهن جي ريکا“، ”ڪنھن کي خاموش ڪندين؟“.... تہ انھن ۾ نئين ڪھاڻيءَ جي جهلڪ بہ ملي ٿي، جيئن: ”وکريل سوچون“، ”اُجرو من“، ”آءُ ڪانگا ڪر ڳالھہ.....“
اهو مون اڳ ۾ بہ ڪٿي لکيو آهي تہ ڪھاڻي، ڪھاڻيڪار کي ٿي ڇڏي؟ يا ڪھاڻيڪار ڪھاڻيءَ کي! سو نسيم ڪھاڻيءَ کي ڇڏيو آهي يا ڪھاڻيءَ نسيم کي! ان جا ڪارڻ ڪھڙا آهن؟ سنڌي ڪھاڻيءَ جي حوالي سان ان سوال جو جواب ضرور لھڻ گهرجي. ڪھاڻيءَ جي صنف، جيڪا سنڌي ادب ۾ نثر جي هڪ مقبول صنف آهي، اُها بہ زوال پذير ٿِي رهي آهي. جيئن شاعريءَ ۾ ، مختلف شاعرن جي تخليقن جي ڪري هڪ رنگا رنگي هوندي آهي، بلڪل ائين ڪھاڻيءَ ۾ بہ، مختلف ڪھاڻيڪارن جي تخليق جي ڪري هڪ رنگارنگي هوندي آهي ۽ ان ۾ نسيم جي ڪھاڻيءَ جو بہ هڪ رنگ شامل آهي. اهي مختلف رسالن مان هٿ ڪري ڇاپڻ جو انتظام ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب مسٽر دين محمد ڪلھوڙي جي جاکوڙ ۽ محنتن جو ثمر آهي.


امداد حسيني
ڄام شورو، سنڌ
16-فيبروري 2008ع

ڪھاڻيون

---

اُڀر چنڊ پس پرين

گهڻا سال اڳ هوءَ منھنجي حياتيءَ ۾ آئي. اسان ٻئي هڪٻئي سان فقط هڪ ڀيرو ملياسين، سو بہ رات جي پھر ۾. مان اسٽيج تي سٺو ڳالھائي سگهندو هوس ۽ هو بہ سٺو ڳائي سگهندي هئي. وڻندڙ صورت ۽ پروقار، دل جي بيحد سٻاجهي. مان پنھنجي لاءِ ڇا چوان؟ هن کي ڏاڍو وڻندو هوس، ان مان ظاهر آهي تہ بيحد پيارو هوس. خوبصورت تہ مان پاڻ کي نٿو چوان پر مردن ۾ جيڪا سونھن دلربائي هوندي آهي، اهو سڀڪجهہ مون منجهہ هو. تڏهن ئي تہ هوءَ مون کي ڏاڍو ڀائيندي هئي ۽ هزارن ميلن جي فاصلي هجڻ جي باوجود مون تائين سندس ٻہ چار خط هفتي کن ۾ پھچي ويندا هئا، مان مھيني ماسي کيس هيترن خطن پڄاڻا خط لکندو هوس پر سو بہ ڏاڍو احتياط ساڻ. مان مرد هئس، ان ڪري پنھنجي محبت ۾ ٿورو ٿورو سمجهو بہ هئس. ڪڏهن ڪڏهن ڇھہ ڇھہ مھينا بہ گذري ويندا هئا، جو هن وٽان ڪو بہ خط نہ ايندو هو. مان سمجهندو هوس شايد هن مون کي وساري ڇڏيو آهي پر ائين نہ هوندو هو. هن جا مٺڙا مٺڙا خط پيار جي مھڪ ساڻ کڻي ايندا هئا. تڏهن دل کي آٿت ايندي هئم، تہ نہ هن مون کي وساريو ناهي.هوءَ وساري مون کي سگهي بہ نٿي. گهٽ ۾ گهٽ منھنجو اندازو هن لاءِ اهو هو. مان بہ پرڻيل هوس ۽ هوءَ بہ. هن کي ٻہ نياڻيون هيون ۽ مون کي ڪوبہ ٻار نہ. مان ٻروچ هئس. هوءَ بيوھہ هئي. ان وقت هن جون نياڻيون ٻئي تمام ننڍڙيون هيون. هڪ سانوري گهرين اکين واري ۽ ٻي رنگ جي چٽي اڇي. هوءَ هنن جي ٻالڪپڻي جون ڳالھيون ڪندي هئي ۽ مان اهي شوق سان ٻڌندو هوس. لڳندو هوم ڄڻ اهي ٻئي منھنجون پنھنجون آهن. سال ۾ هڪ ٻہ ڀيرا اسان پاڻ ۾ ملندا بہ هئاسين. پھريون ڀيرو جڏهن مان هن وٽ ويس تڏهن هوءَ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هئي، مان جڏهن هن سان ملڻ ويس تڏهن هن مون کي سڃاتو ڪو اسان هڪٻئي کي خط تہ سالن کان لکندا ايندا هئاسين پر ڏٺو رڳو هڪ ڀيرو هو. ٿِي سگهي ٿو مان کانئس وسري ويو هجان يا ٿي سگهي ٿو، تہ هن کي پنھنجين اکين تي اعتبار ئي نہ آيو هجي، تہ ڪو مان بہ ساڻس ملڻ اچي سگهان ٿو. هن جو نالو تہ ڪجهہ ٻيو هو پر مان کيس نيلي سڏيندو هوس. جڏهن مون هن کي ورجائي ورجائي چيو تہ:
”نيلي- مان آهيان اقبال ڇا تون مون کي بلڪل نٿي سڃاڻين؟“
”ها- پر اوهان ٻڌايو، تہ مون ۾ ڪھڙو ڪم اٿوَ؟“
”نيلي- مان اسلام آباد کان اقبال آيو آهيان. ڇا تون اڃا بہ ڪانہ ٿي سڃاڻين؟“
”اوھہ- اوهان آهيو!؟“ هن جو چھرو سڄو ٻھڪي اٿيو.
اکين ۾ جوت جرڪي پيس، گلابي ڀريل چپن تي مرڪ مڙي آيس. ڀريل ڀريل ڳلن ۾ چگهہ پوڻ لڳس. جن کيس وڌيڪ حسين بڻائي ڇڏيو.
”هاڻي تہ سڃاتئي نہ؟ تو تہ مون کي ڊيڄاري ڇڏيو هو.“
”اوهان کي ڀلا ڪيئن نہ سڃاڻندس. منھنجي حياتيءَ جا مالڪ“ پويان لفظ هن چيا ڪونہ هئا پر بعد ۾ خط ۾ لکي ڇڏيا هئا.
”نيلي مان هوٽل ۾ رهيل آهيان، مون سان گڏ هلين تہ ڀلي هل، جي نہ تہ پوءِ اچجانءِ.“
مان وڃي بس اسٽاپ تي بيٺس. مان ڄاڻي واڻي هڪڙي بس ۾ نہ چڙهيس، ٻيءَ ۾ بہ نہ چڙهيس ۽ ٽين بہ هلي وئي، پر هوءَ ڪانہ آئي. مان پوءِ ٿڪل ٿڪل قدمن سان هوٽل تي اچي پھتس. هن چيو تہ ائين هو:
”توهان هلو مان اچان ٿي.“ پر آئي ڪافي دير کان پوءِ، هوٽل جون چار پنج ڏاڪڻيون چڙهي جڏهن هن در کي هلڪي انداز ۾ کڙڪايو، مان ان وقت ئي اٿي در کوليو. منجهند جا ٻہ وڳا هئا، ڪمري ۾ پلنگ هڪ ڪٻٽ ۽ ٻہ ڪرسيون، ٽيبل تي وسڪي پئي هئي، هڪ جڳ ۽ ٻہ گلاس باقي ڪمري ۾ هر شيءِ وکريل.
”ٿڪجي پئي آهين؟“
”ها- پر تنھنجي ڏٺئي سڀ ٿڪ لھي ويا.“ اهو پويون جملو هن چيو ڪونہ هو، پر مون هن جي اکين منجهان لياڪا پائيندڙ اڪير منجهان سمجهي ورتو.
”ڇا کائيندينءَ؟ ڇا پيئندينءَ؟ سڌو يونيورسٽيءَ کان پئي اچين نہ؟ تو ڪجهہ کاڌو بہ تہ نہ هوندو نہ؟ ۽ اس ڪيڏي تيز آهي، اڃ بہ تہ توکي لڳي هوندي نہ؟“ مون گهنٽي وڄائڻ لاءِ بٽڻ دٻايو، بيري کي ماني آڻڻ لاءِ چيو. مانيءَ سان گڏ ٿڌو پاڻي هو پاڻ ٽيبل تي رکي ويو. ان وچ ۾ مان اندر وهنجڻ ويس ۽ جڏهن غسلخاني کان ٻاهر آيس تہ ڪمري جي هر وکريل شيءِ سليقي سان پنھنجي پنھنجي جاءِ تي پئي هئي.
”اڙي هي ڪمري کي ڪنھن سون ورنو ڪري ڇڏيو آهي...؟“
”تنھنجو ذهن ايترو وکريل آهي اقبال“.
”تو ڪيئن ڄاتو؟“
”تنھنجي ڪمري ۾ هر وکريل شيءِ ان جي گواهي ٿي ڏني.“
”ها- نيلي منھنجي جيون ۾ ڪنھن رنگ ناهن ڀريا.“
”مان جو ويٺي آهيان. تنھنجي جيون جي هر وکريل شيءِ کي ميڙي سيڙي ساھہ ۾ سانڍڻ لاءِ.“ پر اهي لفظ بہ هن چيا ڪونہ ها، بعد ۾ خط ۾ لکي ڇڏيا هئائين ۽ ان وقت مون سندس روپ ريکائن منجهان محسوس ڪري ورتو هو.
”نيلي- تون هن ديس جي اصلوڪي سنڌي عورت لڳندي آهين، تنھنجي شڪل دراوڙي آهي نہ. موهن جي دڙي جي ڪائي مورتي لڳندي آهين.“
”ايڏا چاڙھہ تہ نہ ڏي.“
هوءَ مون کي ڪيڏو ڀائيندي هئي پر هوءَ منھنجي حياتيءَ ۾ اچي نٿي سگهي. ڇاڪاڻ تہ مان پرڻيل هوس. هوءَ ڪيڏي نہ بدنصيب عورت هئي. هن جو پريمي ڪنھن ٻي عورت جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل هو ۽ ان جي هن کي خبر نہ هئي. هوءَ مستيءَ ۾ جهومندي هئي جڏهن مون کي ڏسندي هئي.
”نيلي- توکي خبر آهي مان پرڻيل آهيان؟ نيلي تون ٻڌين ٿي نہ- مان پرڻيل آهيانءِ.“
هوءَ ڳچ وقت چپ رهي. هن جي ٻانھن کان پڪڙي ٿورو پلنگ کان هيٺ جُهڪائي ڌونڌاڙيندي چيومانس.
”مٺي تون ائين چپ ڇو ٿي وئي آهين.“ هن جي اکين منجهان ٻہ ڳوڙها ڳڙيا ۽ ڳلن تي وهي هليا. هن وڌيڪ ڪجهہ بہ نہ ڳالھايو. ”نيلي اها شادي منھنجي مرضيءَ جي ٿيل ڪانھي، منھنجي سؤٽ آهي ۽ ننڍي لاءِ مڱ بہ. مائٽن مجبور ڪيو ۽ شادي ڪري ڇڏيم، بس عيد تي ڳوٺ ويندو آهيان ۽ چانھہ جو ڪوپ پِي ايندو آهيان. امان ڪاوڙبي آهي تہ توکي گهر جو ذرو بہ خيال ڪونھي؟“
”ڪڏهن شادي ڪيئي....؟“
”سال ڏيڍ کن گذريو آهي.“ هوءَ وري ٽٻيءَ ۾ پئجي وئي.
”ڇا پئي سوچين؟“
”ڪجهہ نہ.“
”پوءِ ائين چپ ڇو ٿي وئي آهين؟“
”سالن کان خط، پيار سان ٽمٽار خط تہ هيءُ شخص مون کي لکندو رهيو آهي ۽ شادي سؤٽ سان ڪري ڇڏيائين واھہ ڙي ٻروچ تنھنجو پيار؟“ مون ۾ ڪھڙي گهٽتائي هئي، سونھن جي، يا پيار جي، يا سوچن جي يا مان تنھنجي اها سار سنڀال نہ ڪيان ها.“ هن وڌيڪ بہ نہ ڳالھايو. ”مون کي هن منجهان اولاد بہ ڪونھي.“
”سوبہ ٿي ويندو ئي- ڳڻتي ڇو ٿو ڪرين،“ ڳوڙها هن جي اکين منجهان وري ڳڙيا ۽ ڳلن تي وهي هليا.
”ڏيڍ ٻہ سال گذريا آهن، اڃا تہ ڪونہ ٿو ٿئي ٻار- مون ليڊي ڊاڪٽر کان چيڪ بہ ڪرايو اٿمانس. انھيءَ جو چوڻ آهي تہ هينئر هن ۾ ٻار ڄڻڻ جي ڪابہ Capacity ڪانھي ۽ نہ ڪا اڳتي ئي ڪا اميد آهي.“
گهڙي پل رکي مون وري ڳالھايو:
”امان چوندي آهي- پٽ ٻي شادي ڪر- نہ تہ تنھنجو نالو نشان مٽجي ويندو.“ ۽ مان امان کي چوندو آهيان:
”امان ڪھڙو ٿو فرق پوي مان اڳ ڪڏهن آباد آهيان جو هينئر پنھنجي برباديءَ جو ڏک ٿيندم ۽ ان ۾ ڀلا هن غريب جو ڪھڙو ڏوھہ؟“
”چوين تہ سچ ٿو“.
”نيلي- هينئر مان ٻہ- واٽي تي بيٺل آهيان. هڪ زال آهي، سا بہ پياري اٿم ۽ تون آهين. منھنجي اندر ۾ جنگ هلي رهي آهي، توکي بہ ڇڏي نٿو سگهان ۽ پنھنجو بہ نٿو ڪري سگهان ۽ هڪ ٽين عورت بہ آهي، اها منھنجي سيڪريٽري آهي. هوءَ منھنجو بہ ڏاڍو خيال رکندي آهي ۽ جڏهن تنھنجا خط اچڻ بند ٿي ويندا آهن، تڏهن ڏوراپي ڀري ٽوڪ ڪندي آهي، چوندي آهي:
”کیوں- کیا بات ہے بڑی مدت سے اب وہ نیلے گلابی رنگ کے لفافے آنا بند ہوگئے ہیں؟ کیوں کسی نے بھلا دیا کیا؟“
”پوءِ- تون ڪھڙو جواب ڏيندو آهين؟“
”مان- ڀلا ڪھڙو جواب ڏيانس، کلي ماٺ ٿي ويندو آهيان. مون کي ڪھڙي خبر تہ تون اچانڪ خط لکڻ بند ڪري ڇو ڇڏيندي آهين؟“
”ڪڏهن ڪڏهن احساس ٿيندو اٿم تہ ڄڻ مان تنھنجي زبردستي گلي پيو، اهو احساس مون کي روڪيندو آهي خط لکڻ کان. نہ تہ منھنجي دل چوندي آهي توکي روز هڪ خط لکان. هڪ تہ ڇا پر الائي ڪيترا خط ڏينھن ۾ لکانءِ.“
”توکي- اهو احساس ڇو ٿيندو آهي....؟“
”ان ڪري جو تون ٻين عورتن جون ڳالھيون ڏاڍي چاھہ منجهان ڪندو آهين.“
”نہ- نيلي ائين ڪونھي. مان مرد آهيان ۽ تون مون کان هزارين ميل پري، بس وقت ڪٽيءَ جي ڳالھہ آهي. ڪڏهن ڪڏهن چانھہ جو ڪوپ پِي ويندو آهيان، زال بہ تہ ڳوٺ ٿي رهي نہ.“
”پوءِ ان کي پاڻ سان گڏ ڇو ڪونہ ٿو رهائين؟“
”ان کي گڏ رهائڻ تي دل نٿي چئي. ڪھڙيون ڳالھيون ڪندس ان سان؟ رڳو ميلاپ ئي تہ سڀ ڪجهہ ناهي نہ.“
”هوءَ توسان پيار بہ تہ ڪندي آهي؟“
”اقبال- ڀائيندي آهيان ڄڻ تنھنجو منھنجو جنم جنم جو ناتو آهي، جيڪو ڪڏهن ٽٽڻو ناهي. تون بہ ڀلي جڳ رُلي ڏس ۽ مان بہ. پر وري وري اسان هڪٻئي کي پٺتي مڙي نھارينداسين. مون کي لڳندو آهي، تہ تون راڻي جو ٻيو جنم آهين ۽ مان.....“
”تون- نيلي مومل جو ٻيو جنم آهين.“
”پريت ڪجي تہ پنھنجن سان، نيلي ڌارين سان ڪھڙو سڱ سياڪو....؟ هونءَ تہ هوءَ سٺي آهي پر ڌاري آهي. ڀلا هن سان ڪھڙا ڏک سک ونڊي سگهبا. نہ هوءَ لطيف کي سمجهي سگهي، نہ پنھنجي قوم جي پيڙائن ۽ ڀوڳنائن کي ۽ مان شعور رکندڙ، انسانن جي Misriesکي محسوس ڪندڙ ۽ انھن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي پوري پوري سگهہ ۽ چاهنا رکندڙ تو منجهہ اهو سڀ ڪجهہ آهي جيڪو مون کي گهرجي مٺي، پر توکي بہ پنھنجو ڪرڻ جو سوچان ٿو تہ ڏڪيو وڃان، مان هن کي ايڏو ڏک ڪيئن ڏئي سگهندس؟“
”پوءِ نہ ڏينس نہ ڏک ڇو ٿو ڏينس؟“
”نہ مٺي- مان هن سان ڪھڙيون ڳالھيون ڪندس؟“
“هوءَ- تو سان پيار بہ تہ ڪندي آهي نہ.“
”ها- ڪندي آهي، پر پوءِ بہ الائي ڇو اڃايل اڃايل رڻ ۾ پيو ڀٽڪان.“
”نيلي- توکي ڏک ناهي ٿيندو جڏهن ٻين عورتن سان ماڻيل پيار جون تو سان ڳالھيون ڪندو آهيان....؟“
”ٿيندو آهي-“
”پوءِ، تون مو ن کي ڇڏي ڇو ڪونہ ٿي ڏين؟“
”نہ- سڄڻ پيار ۾ شرط ناهن ٿيندا ۽ هونءَ بہ دل هوندي آهي تہ تون حياتيءَ جي هر پل ۾ امرت ماڻين پر پوءِ بہ مون کي سارين. هر عورت ۾ مون کي ڳولھين ۽ سدائين اڃايل رهين. اها اڃ تنھنجي تڏهن مٽبي جڏهن مون سان سنجوڳ ڪرين. پيار ونڊين ۽ مو ن سان نہ ٽٽندڙ ڳالھيون ڪندو رهين. تنھنجي اها اڃ تڏهن مٽبي جڏهن مون سان حياتي جا پل گهارين- منھنجو پيار توکي ڌرتيءَ جي ڪشش جيان مون سان هر پل ۽ هر هنڌ جڪڙيندو رهي.“
”مان ڀلا هاڻي هلان ٿي ڳوٺ، وقت گذري ويو آهي. پويان هو مون کي ڏاڍو ياد ڪنديون هونديون.“
”توکي ڇڏڻ تي دل تہ نٿي چئي پر تون ڇا ائين ئي هلي ويندين؟“ جڏهن هوءَ اٿي بيٺي تہ مان هن جي سامھون بيھندي هن جي چيلھہ ۾ هٿ وجهندي هن کي پاڻ ڏي سوريم. ”بس مٺي ائين ئي هلي ويندينءَ؟ بنا ڪجهہ ڏيڻ وٺڻ جي. بنا پريت ونڊڻ جي.....؟“
”ڏس اقبال، تنگ ڇو ٿو ڪرين؟“ هن منھنجي ڪلھن تي پنھنجا ٻئي هٿ رکندي چيو.
”نہ مٺي- مان توکي ائين نہ وڃڻ ڏيندس.“ مون هن کي وڌيڪ پاڻ سان لائيندي چيو.
”ڏس نہ- تون هاڻي مون کي تنگ ٿو ڪرين.“ هن ٻانھن جو ڪراس ٺاهيندي پنھنجي ۽ منھنجي وچ ۾ ويڇو وڇائيندي چيو.
”مان ٿو توکي تنگ ڪريان يا تون مون کي تنگ ڪرين؟“
”مان- مان ڀلا توکي ڪيئن ٿي تنگ ڪريان.....؟“
هن ڪجهہ ڪجهہ وائڙي ٿيندي چيو.
”ائين ڪنھن کي سڪايل ڇڏي وڃڻ. تنگ ڪرڻ ئي تہ آهي. هيڏي روپ هوندي، هيڏي امرت ڀريل چپن هوندي. هنن نيڻ ڪٽورن هوندي اڃايل رهجي وڃان ۽ پوءِ بہ ٿي چوين تہ مان ٿو توکي تنگ ڪريان؟“ مون مرڪندي هن جي چپن جي امرت پيئندي چيو.
”ڏس اقبال تون اڃا بہ وڌيڪ تنگ ڪرڻ لڳو آهين. مون کي هاڻي وڃڻ ڏي، نہ تہ تنھنجون تقاضائون اڃا بہ وڌنديون وينديون.“
”چڱو مٺي هن ڀيري تہ وڃڻ ٿو ڏيان....“ تنھن کان پوءِ مون هن جي چيلھہ ۾ وڌل هٿ ڍلا ڪري ڇڏيا.
”توکي ائين ڇڏڻ تي دل تہ نٿي چئي پر تنھنجن ٻارڙين جي ڪري توکي ڇڏيان ٿو.“ ۽ پوءِ مان هن سان گڏجي هيٺ آيس. چوڻ لڳي: ”مون کي اڪيلي گهر ويندي ڊپ ٿو لڳي، تون بہ هل نہ مون سان گڏجي.“
”چڱو هل تہ ڀلا گڏجي هلون.“
”مون رڪشا واري کي هٿ ڏنو ۽ اسين ٻئي شھر کان ڏھہ ٻارنھن ميل پري سندس گهر تائين آياسين، رستي ۾ درياء پئي وهيو. وڻ ٽڻ پکڙيل هئا.
”گڏجي سفر ڪرڻ ۾ ڪيترو نہ سک ملي ٿو. ڪاش ائين جيون جي راهن تي بہ جيڪر گڏ هلي سگهون ها؟“
”ها- مٺي پر جي اڄ ايڪسيڊنٽ ٿي پيو تہ ڏاڍو وڏو اسڪينڊل ٺھندو.“ اهو ٻڌي هن جو منھن لھي ويو. سندس چپن تان مرڪ غائب ٿي وئي. جيڪو مان ان وقت محسوس ڪري نہ سگهيس. ڀانيان ٿو انھيءَ جملي هن کي ڏاڍو ڏک ڏنو هوندو.
”اسين ٻئي سڄي قوم منجهہ ڄاتل سڃاتل آهيون، تہ ماڻھو الائي تہ ڪيتريون ڳالھيون ڪندا؟“
”تو کي ڪھڙي سڌ چريا، تہ تنھنجي ان جملي منھنجن ڪومل ڪومل ڀاونائن کي ڪيئن ڳڙڪائي ورتو هو. ان کان تہ گمنام هجون ها، گهٽ ۾ گهٽ کليءَ دل سان پريت تہ ڪري سگهون ها.“
Let me live unknown and unseen, let me die….. Let me die. So sweet death will never come again.
مان هن کي گهر اچڻ لاءِ بہ ڪانہ چئي سگهي هيس، ان لاءِ تہ مان پاڻ پرائي گهر ۾ رهيل هيس. موٽي اچي مون ڪمري ۾ ڪيترو رنو هو. ان جي ڪھڙي سڌ.....؟ ۽ تنھنجي واپس ويندڙ رڪشا کي ڏسندي رهيس، جيسين اها اکين منجهان غائب نہ ٿي ۽ بعد ۾ اڏامندڙ لٽ ۾ نھاريندي رهيس ۽ بعد ۾ آءٌ رنس، ڏاڍي رنس.
مان لکندو بہ هيس ۽ هڪڙي رسالي جو ايڊيٽر پڻ هيس. مون کي هند توڙي سنڌ جي سمورن سٺن ليکڪن جو سهڪار حاصل هو ۽ دنيا جي ٻين ٻولين منجهان سٺيون سٺيون ڪويتائون ۽ رچنائون مان ترجمو ڪري پنھنجي رسالي کي سونھن بخشي هئي. دوست چوندا هئا:
اڙي يار تون سچو انسان آهين نہ، ان ڪري جنھن بہ شيءِ کي ڇھندو آهين، تہ اها سون ٿي پوندي آهي.
گهنگهور گهٽائون آسمان تي پکڙجي ويون هيون. ورشا ٿيڻ واري هئي. اڄ ڪو ڏاڍو ياد اچي رهيو هو پر منھنجو پرين هزارين ميل پري مون کان بي خبر ڪيئن گهاريندو هوندو؟“ مان کيس ياد بہ هوندس يا نہ؟ وڇڙئي تہ هن کي سال گذري چڪا آهن. ان عرصي ۾ هو مون کي ڪٿي وساري تہ نہ ويٺو هوندو. آڪاش منڊل مٿان جڏهن سوين رنگ وکرندا آهن. گهنگهور گهٽائون وسڻ لڳنديون هيون، تڏهن هر شيءِ ڌوپي اڇي اجري ٿي پوندي هئي، ائين هن جي ياد منھنجي من ۾ نکري ايندي هئي ۽ وڄ جيان وراڪا ڏئي ور ور ڪري مون مٿان ڪرندي هئي. پل ڀر لاءِ روشني ڏئي گهرين اونداهين ۾ گم ڪري ويندي هئي. آھہ! هو مون کي ڪيڏو ياد ايندو آهي. آڪاش ۾ جڏهن ڪروڙين ديپ ٻري اٿندا هئا، تہ تون اچي من ۾ سمائجي ويندين هئين. تو مون کي هميشہ پاڻ کان پري رکيو، توکي ڪجهہ ياد آهي. مون توکي چيو هو تہ مان توسان گڏ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي. چاهي پاڻ وٽ نوڪرياڻي ڪري تہ بيھارين ۽ ڪجهہ ياد اٿئي تو ڪھڙو جواب ڏنو هو. مان ٿي توکي ياد ڏياريان، تو چيو هو تہ:
”تون هتي ڪٿي نوڪري ڪجانءِ. مان توکي ڪھڙي نوڪري ڏيندس....؟“ تون جي چاهين ها، تہ مان توکان ايڏو پري هلي نہ وڃان ها مون کي پاڻ کان ڪيترو پري ڪري ڇڏيو اٿئي.....؟؟
گهنگهور گهٽائون وري آسمان ۾ مڙي آيون هيون. گهٽائون هيون يا ڪنھن جي يادن جا پاڇولا جيڪي مون مٿان انڌڪار ۽ ڇانورو ڪري بيٺا هئا. منھنجون اکيون انھن کي اڳ وسڻ لڳيون هيون.
نيلي، جيڪا رولاڪ هئي، تنھن توکي سالن جا سال هينئين ۾ ساهن جيان سنڀاليو هو. تون ڇا ڄاڻين چري پيار منجهان.
هو هزارن ميلن تان ڪھي ايندو هو. منھنجي پريت هن کي ڇڪي وٺي ايندي هئي يا هو ايترو پيار ڪرڻ جي پاڻ منجهہ سگهہ رکندو هو. مون کي ڌرتي سڏيندو هو ۽ ٻروچ تہ ڌرتيءَ تي ساھہ ڇڏيندا آهن. هو چوندو هو:
”نيلي- تون سڀني جي پيار منجهان ويساھہ وڃائي ويٺي آهين؟ مردن جو پيار ايڏو ڪچو ناهي ٿيندو جيترو تون ان کي سمجهي ويٺي آهين، ۽ ها نيلي اهو ٻڌ تہ پيار ۾ شرط ناهن ٿيندا. نيلي ۽ گنگا.... گنگا ۽ نيلي، ٻنھي ۾ ورڇيل منھنجو ساھہ آهي. ڪيڏانھن وڃن هي ساهن جون هلڪيون تندون جيڪي ڪنھن کي سالن کان ساريندي پوءِ بہ نہ ٽٽيون هيون، نہ ڏکڻ هاري نيلي، ذري ذري تي رسي پوڻ واري نيلي، مون کان ڪڏهن بہ ڪانہ رُٺي هئي. چوندي هئي تہ:
”اقبال تون منھنجو مسيحا آهين. تنھنجو پيار مرهم آهي، جيڪا زخمن کي ٺاريندي آهي. گهايل من کي ٿڌاڻ بخشيندي آهي.“ مان بہ کيس کلي چوندو هوس تہ:
”مٺي ايڏا تہ چاڙھہ نہ ڏي.“
مان هر سال هن وٽ ويندو هوس ۽ هن کي پنھنجي آفيس منجهان وٺي اسين ٻئي گڏجي هوٽل ۾ ايندا هئاسين. گڏجي ماني کائيندا هئاسين، ڳالھيون ڪندا هئاسين ۽ گڏجي سمھندا هئاسين. مان هن کي پيار ڪندو هوس. ڏاڍو پيار ڪندو هوس ۽ پيار ماڻيندي ماڻيندي هوءَ چوندي هئي بس هاڻي ٿڪجي پئي آهيان دل ٿي ڪچي ٿئي، اهڙو پيار نہ ڪندو ڪر.“
”بس ايتري ۾ ٿڪجي پئي آهين؟ مان تہ اڃا ڪونہ ٿڪو آهين؟ ڀلا زور ڏيانءِ؟“ مان هن جي ساڻين ٽنگن کي زور ڏيڻ لڳس. ”نيلي، مون تہ ائين ڪڏهن پنھنجي زال کي بہ زور ناهن ڏنا.“
”پوءِ نہ ڏي، مان ٿي توکي زور ڏيان.“
”نہ مان ناهيان ٿَڪو.“ مان هن کي ڀر ۾ ليٽائي وري پيار ڪرڻ لڳس. سڄو هن مٿان ڇانئجي ويس، هن کي پاڻ سان جڪڙي الائي ڪيترو پيار ڪيومانس ۽ پوءِ اسين ٻئي اٿي ويٺاسين. هڪٻئي جي ڀر ۾ . ٻنھي جو ٽنگون پلنگ کان هيٺ لڙڪيل ۽ نگاهون سامھون.
”هي چوڙيون تہ ميڙي وٺ، هينئر منھنجو دوست اچڻ وارو آهي؟“
”لڪي لڪي پيار ڪرڻ ٿو چاهين، ڪڏهن اسڪينڊل کان ٿو ڊڄين، ڪڏهن زال کان ۽ ڪڏهن دوستن کان. ڪھڙي قسم جو ماڻھو آهين؟ ۽ ڪھڙي قسم جي آهي تنھنجي پريت؟ جيڪا وک وک تي ڊڄي ۽ ڊيڄاري ٿي.“ هن اهو سڀ ڪجهہ چيو ڪونہ پر سندس ڏوراپن ڀريل اکين منجهان مون اهو سڀ ڪجهہ سمجهي ورتو.
”مون توکي چيو هو نہ، تہ اڄ توکي وڃڻ ٿو ڏيانءِ. ڇڏڻ تي دل نہ ٿي چئي پر پوءِ ٻئي ڀيري.....“
”تہ چئبو اڄ اهي تو ڪسرون ڪڍيون.“
”توکي خبر آهي جڏهن مون کي ٿورڙو بہ غصو هوندو آهي نہ، تہ مان گهر جا الاهي سارا ٿانوَ ٺڪر ڀڃي ڀور ڪندو آهيان.“
”منھنجي گهر بہ اچي ڪڏهن ٿانوَ ڀڃ تہ ميڙي ميڙي ٿڪجي پوان، پوءِ بہ ڀڃندو وڃ. مون تي بہ تہ ڪڏهن ڪاوڙ ڪر نہ....“ ۽ وري مرڪي چوڻ لڳي: ”ايڏو ڪروڌي آهين. ڪٿي راڻي جو جوڻ مٽائي تہ ڪونہ آيو آهين...؟“
”مون کي ڪھڙي خبر تہ اها ڪاوڙ سچ پچ راڻي جيان عمر ڀرجي هوندي. مينڌري جيان وري بہ موٽ کائيندي ۽ مون کي بہ آخرڪار هڪ چتا سجائڻي پوندي. مومل تہ پل ڀر ۾ جلي رک ٿي وئي ۽ مون واري چتا جڳن جا جڳ هلندي جيستائين ساهن جو تندون سرير ۾ آهن. خير توکي ڪھڙو ڏوراپو ڏيان، قسمت ئي اهڙي ڪي ڪي ماڻھو ڪوجهي صورت کڻي پيدا ٿيندا آهن. مور جي عادتن مثل، ڪوئل جيان نپٽ نڀاڳا.“
هاڻي هيءُ هن کي ڪھڙو روڳ ڏئي هليو ويو، جيڪو وڃي ٿو ناسور بڻجندو، هيءُ ڪھڙو محشر برپا ٿيو، جنھن منھنجيءَ هن دل کي رتو رت ڪري ڇڏيو ۽ اسين پنجن سالن کان وٺي هڪٻئي کي ڏسي بہ ڪونہ سگهياسين.
”نيلي، مان جو توکي بليڪ ميل ڪريان، تہ پوءِ؟“ مان هن سان چرچي ڪرڻ جي موڊ ۾ هيس.
”هونءَ تہ ڪنھن جي ڪمزورين کي بليڪ ميل ڪرڻ انتھائي ڪريل ۽ ذليل حرڪت آهي پر جي تون مون کي بليڪ ميل بہ کڻي ڪيو، تہ بہ مان دل ۾ ڪانہ ڪنديس. تون پيارو آهي نہ، تنھن ڪري توتان منھنجو خون بہ معاف آهي.“
”سچ“
”مان توکي پنھنجي ڪويتا ٻڌايان؟“
”ٻڌاءِ“
”دل سان ٻڌندينءَ.“
”ڇو ڪونہ؟“ اسين ان وقت ڀت سان رکيل ڪرسين تي ويٺل هئاسين.
”چڱو پريان هوءَ ڊائري مان کڻي اچان....؟“
”ڪويتا توکي ٻڌائڻي آهي ۽ ڊائري مان کڻي اچان...؟“
”چڱو کڻي وٺ مشڪري ڇڏ.“
”کڻي ٿي اچان وڙهين ڇو ٿو؟“
مان هن کي ڪويتا ٻڌائي بس ڪئي تہ چوڻ لڳي:
”تمام پياري، ڏاڍي سٺي ڪويتا رچي اٿئي.“
”بس ائين ئي دل رکڻ لاءِ ٿِي تعريف ڪرين نيلي؟“
”نہ تنھنجو قسم، سچ پچ بہ دل کي ڏاڍي وڻي آهي.“
”ڪوڙي. مان تنھنجو دوست آهيان نہ.“
”آهين، پر اهڙا لفظ ڇو چوندو آهين....“
”مٺي اهو لفظ تہ ٺيٺ سنڌي لفظ آهي ۽ ڏاڍو پيارو لفظ ۽ منشا سان ڀرپور....“
”ها آهي تہ سھي....“
اسان کي وڇڙئي پنج سال گذري چڪا هئا. مان سوچيو هو تہ هن سان شادي ڪندس ۽ پھرين رات ڏاڍي مار ڏيندومانس. سَنڌُ سَنڌُ ڪُٽي ساڻو ڪري رتو رت ڪري اڌ مئل ڪري ڇڏيندومانس، هن مون کي ڏاڍو ستايو هو. ڀؤنري جھڙي طبعيت هئي هن جي.
تہ، هي سوچيو هوم تہ شاديءَ جي پھرين رات تہ مان کانئس وسڪي گهرندس وسڪي ايتري تہ پيئندس جو پيئندي پيئندي ساھہ ڏيان. سڄي رات وسڪي پيئندي پيئندي ساھہ ڏيندس.
مون بہ هن کي جيڏو پيار ڪيو هو، اوڏو ستايو بہ تہ هومانس نہ. جيتوڻيڪ ان ۾ گهڻي ڀاڱي ڏوھہ نيلي جو هو. پر پوءِ مون کي بہ سوچڻ کپندو هو، تہ يارن سان ڪي ليکا ڪبا آهن ڇا؟ معاف ڪري ڇڏيانس ها. هر ڏوھہ کي معاف ڪري ڇڏيانس ها، پيار ۾ شرط نہ ٿيندا آهن، ان معيار تي تہ پورو لھان ها. عورتون تہ هزارين ملي وينديون. جڳن کان پوءِ مان هڪ مرد جي ان قول تي تہ پورو لھان ها. جڏهن تہ مان عورت جي آزادي جو وڏو حامي هوس. ڇڏيو مون هن کي هو- هن تہ ڪونہ ڇڏيو هو. مان ڇو روايتي غيرتمند مرد وارو ناٽڪ رچايو. سڀ ڏوھہ گناھہ معاف ڪري وڃي کيس سيني سان لايان ها. مان مرد هئس. منھنجي زنجير وڌيڪ ويڪري دائري ۾ مون کي چرڻ پرڻ جي آزادي ڏني هئي. هن مون کي وساريو تہ نہ هوندو! اها تہ مون کي پڪ آهي. ۽ وقت ڪٽي وارن کي ڪھڙي اهميت آهي؟ مان تہ هن جو مڙس هوس، ور هوس، مون کي هن جي ننڍين ننڍين غلطين کي معاف ڪري ڇڏڻ کپندو هو، نہ ڪي عام روايتي مردن جيان وير وٺڻ کپندو هو. هوءَ ڊنل ڊنل هئي هراسيل هئي تہ هن کي پنھنجي ٻانھن ۾ جڪڙي کيس هر خوف کان آزاد ڪرڻ کپندو هوم.
مان ڪھڙي قسم جو ماڻھو هوس. مان ڪھڙي قسم جو يار هوس ۽ ڪھڙي قسم جو مڙس، بس رڳو روايتي مرد هوس، ٺيڪ آهي هوءَ رولاڪ هئي تہ زنجيرن ۾ جڪڙي گهر ۾ اڇلايانس ها پوءِ سموريون ڪسرون ڪڍانس ها. مون هن کي ڌرتي سڏيو هو ۽ ڌرتي تہ ماءُ سمان هوندي آهي. پوءِ بہ مان هن کي ايڏو ذليل ڪيو. کيس ڪجهہ ڏئي نٿي سگهيس تہ ڏکويانس تہ نہ ها. هن جي دل تہ ڏسو جو پوءِ بہ مون کي وساري ڪانہ سگهي هئي. هوءَ مون کي ڪٿي ڳولھي ها؟ هوءَ عورت هئي مان ئي ٻہ پير ڀري وٽس وڃان ها. هوءَ تہ انڌيرن ۾ گم ٿيل هئي. مان ئي سندس هٿ پڪڙي شيتل چندرما جي ڪرڻن هيٺان آڻيانس ها. پيار ۾ ليکا ناهن ٿيندا، ان کي هڪ وار تہ سچ ثابت ڪريان ها، هڪ وار وڃي تہ ڏسان ها هن وٽ.
هن کي سھاري جي ضرورت هئي جيئن ڪنھن زخميل انسان زخمن کان چُور ٿيل انسان کي سھاري جي ضرورت هوندي آهي، ائين هن کي بہ منھنجي پيار ۽ آڌار جي ضرورت هئي ۽ موٽ ۾ مون هن کي وڌيڪ چھڪ ڏنا ۽ ڏياريا. مان ڪھڙي قسم جو دوست هئس هن جو؟ هن جڏهن مون سان ناتو جوڙيو هو تڏهن مان فقط ٽي سؤ رپيا پگهار کڻندو هوس. پوءِ مون هن کي سائي شڪار جو طعنو ڇو ڏياريو هو. جي قوم منجهہ مان سڃاتل هئس تہ هوءَ بہ سڃاتل هئي. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ عورت هجڻ ناتي هن جي سڃاڻپ کي ڪا بہ اهميت نہ هئي ۽ مرد هجڻ جي ناتي منھنجي سڃاڻپ کي بي پناھہ قوت. سھاري جي ضرورت تہ هر انسان کي هوندي آهي خاص ڪري ڀٽڪيل انسان ۽ معاشري ۾ ڌڪاريل انسان کي تہ وڌيڪ هوندي آهي. پوءِ اهي طعنا مون هن کي ڇو ڏياريا، ايڏو ڪوڙو هوس مان؟ پنھنجي پيار سان تہ مان ڪوڙو نہ هوس، پر مون کي هن تي ڏاڍيون ڪاوڙيون هيون، اصل اڦٽ ماري ڇڏڻ جھڙيون. پوءِ کڻي ماري ڇڏيانس ها ۽ جيل هليو وڃان ها. آخر تہ مان مرد هئس. جيل کان ڊنس ڇو ٿي؟ پنھنجي پيار کي ڌرتي سڏي پوءِ ائين ڪروڙين انسانن هٿان ذليل ڪرڻ جو مون کي ڪھڙو ٿي حق رسيو. هوءَ بہ تہ آخر حياتي گهارڻ جو حق رکي سگهي ٿي. اهو حق هن کي ڇو ڦرڻ چاهيو ۽ ڦريو بہ اهڙي طريقي سان جو هو وڃي اونداهي غار ۾ ڪري ۽ انڌيرا هن جو مقدر بڻجي هن کي چئني طرفن کان وڪوڙي ويا. هن کي ائين اڇلڻ جو حق مون کي ڪنھن ڏنو....؟ ڪنھن ڏنو.....؟؟ دل گواهي ڏني، هن جي پيار.... ها نيليءَ جي پيار، جنھن ايڏو پيار ڏنو هو جو نٿو وساري سگهان. هن سان ماڻيل سنجوڳ جون گهڙيون ۽ ڏنل پيار، پيار سان مھڪندڙ خط بہ. رُسي ويل نيلي ڪڏهن تہ موٽ کاءُ، توکي ڏاڍو ساھہ ساري ٿو. اندر منجهان آواز آيو، نيلي توکان رٺل ڪانھي. هوءَ اڄ بہ توکي ايڏو پيار ڪري ٿي جيترو ڏھہ سال اڳ ڪندي هئي.
”ها تہ ڪوڙو نہ ٿي! پيار ۾ شرط نہ ٿيندا آهن. مون کي بہ تہ اهو ئي ڏسڻو آهي تہ پيار ۾ سچ بہ شرط ڪونہ ٿيندا آهن. ڀلا جي مان ڪڏهن تنھنجي سامھون درياء ۾ ڪِري پوان تہ مون کي بچائڻ لاءِ ايندين لھرن جي لوڏن ۾.“
”نہ مٺي، تو سان ڪھڙو ڪوڙ ڳالھايان مون کي زندگي مٺي آهي.“
”مون کي بہ وڌيڪ.“
”ها، پاڻ سان پيار اٿم تڏهن ئي تہ توسان بہ اٿم پوءِ حياتيءَ جو ڏيئو تولاءِ ڪونہ اجهائيندس.“
”سچ ٿو چوين.“
”ها مٺي توسان ننڍا ننڍا ڪوڙ تہ ڳالھائي ٿو سگهان پر ايڏو وڏو ڪوڙ ڪيئن ڳالھايان...؟“
”تو پاڻ کي بہ پورو ڪونھي سمجهيو پوءِ ڀلا مون کي ڪيئن سمجهي سگهندين؟ مان ٿي توکي ٻڌايان تہ جيڪڏهن ائين ٿئي تہ تون پنھنجي حياتيءَ جي پرواھہ ڪونہ ڪندين، اها مون کي پڪ آهي.“
”ايڏو ڀروسو اٿئي پنھنجي پيار تي، ايڏو گهمنڊ اٿئي منھنجي پيار تي.“
”اٿم- تڏهن ئي تہ اها هام هڻان ٿي.“
”اجايا دل کي ويٺي ڪوڙا آٿت ڏين.“
”چڱو اهو تہ وقت ٻڌائيندو تہ ڪنھن جي ڳالھہ وڌيڪ سچي آهي.“
”پر جي توکي منھنجي رت جي ضرورت پئي تہ آڪاش منڊل مٿان ڪاري گهٽا بڻجي سڄي ڌرتيءَ مٿان رت جي ورکا ڪندس. جو هي سڄو جڳ رت ۾ ڳاڙهو ٿي ويندو.“ اهي لفظ هن مون کي چيا ڪونہ پر مون هن جي سانت منجهان سمجهي ورتا.
”۽ پوءِ بہ چوين ٿو تہ تنھنجو مون سان پيار آهي. جنھن سان پريت ٿي ويندي آهي نہ، تہ پوءِ پريت ڪندڙ جو وڃي رڳو سرير بچندو آهي باقي پراڻ پکيئڙي جيان پرڙا ڪري اڏامي ويندا آهن ۽ ڪنھن جي سرير ۾ گهڙي، ان جي رت ۾ سمائجي ويندا آهن. جتي اهو ماڻھو اتي اهي پراڻ هوندا آهن. آتما ڀٽڪندي رهندي آهي هوائن منجهہ، گهٽائن منجهہ.
”چانڊوڪيءَ جي ڪرڻن ۾ ڪارين ڪارين اماس راتين جي انڌڪار منجهہ، سمنڊ جي هر ڦڙي ۾ هر لھر منجهہ سورج جي ڪرڻن منجهہ سڄي ڪائنات رولڙي ۾ اچي ويندي آهي. جڏهن ڪنھن جو روح راتين ۾ ڪنھن سان گڏ ڀٽڪندو آهي، اڙي چريا توکي ڪھڙي خبر تہ پريت ڇا کي چئبو آهي، توهان مردن وٽ تہ رڳو تارازي هوندي آهي، عورت جي سونھن، وفا، نيڪي ۽ بدي هڪ پڙ منجهہ ۽ ٻئي پڙ ۾ هوندا آهن- پرک جا وٽ. ڪاٿي هوندا آهن اوهان وٽ عورت سان پيار؟ اوهان کي پيار هوندو آهي، هن جي پاڪدامنيءَ سان. ٻين لفظن ۾ عورت جي منافقيءَ سان.“
”تون جو رولاڪ آهين- عياش آهين تڏهن ٿي هر عورت لاءِ اها راءِ ڏين.“
”رڳو مان ئي ڇو، پر پيارا جي ٿورو گهرو سوچيندين تہ توکي هر انسان اندر منجهہ ننگو لڳندو. مان بہ آخر هن ڌرتيءَ تي ڄائي آهيان. هن ڌرتيءَ جا ماڻھو مون کان لڪل تہ ڪونھن نہ. پنھنجي اوگهڙ کي لڪائڻ لاءِ منھنجو هڪڙو وڳو تو روڙي لاٿو تہ آهي پر اهو هڪڙو وڳو ڀلا ڪروڙين انسانن جي اندر ۾ ويٺل ننگي انسان جي اگهاڙپ لاءِ پورو تہ ڪونہ ايندو نہ؟“
ڏور کان ويٺي منھنجي سنگسار ٿيڻ جو تماشو ڏٺئي پر
ٻہ پير ڀري مون تائين رسي نہ سگهئين. آخر بہ تہ مرد آهين؟ تون جي منھنجي جاءِ تي بيٺل هجين ها تہ مان هن سنسار جا سڀ ٻنڌڻ ٽوڙي تو سان گڏ بيھي پٿر کاوان ها. ڪارين گهٽائن جيڪا رت جي ورشا پئي ڪئي، ان ۾ مان بہ تو سان گڏ بيھي رهان ها. اها تہ ڌرتي ماتا آهي جيڪا ڪروڙن انسانن جي پيرن هيٺان هوندي بہ ان اپائيندي آهي ۽ انسانن جي بک اڃ کي مٽائيندي آهي ۽ تن ڍڪيندي آهي پر خود اگهاڙي هوندي آهي.
اڄ منھنجي اکين ڪيترو نہ رنو هو. ڄڻ سانوڻ جون ڪاريون گهٽائون منھنجي روپ رکائن کي جڏهن جل ٿل ڪري ڇڏئيون تڏهن منھنجي آتما پرڙا ڪري اڏامي وئي. رڳو سرير بچيو. جنھن کي ڪٿي بہ سک نٿي مليو.
هيڪلاين منھنجي سرير کي آهستي آهستي ڳڙڪايو پئي. روح ۾ راڙو مچائيندڙ يادن جي جڪڙ وڃي ٿي مضبوط ٿيندي.
ماڻھن جي ڄڀي جڏهن باھہ جون ڄرون بڻجي منھنجي سرير کي ڀسم ٿي ڪيو تڏهن تون بہ پريان بيھي گلن اڇلڻ ۾ مگن هئين. ماڻھن جي ڄڀن جي ڄرن ايترو نہ ايذايو جيترو تنھنجي اڇلايل گلن گهاءَ ڏنا. ٻاروچل اڃا بہ مون کي ٿو ڏوراپا ڏين؟“
تون جڏهن ٻين عورتن ۽ زال جون ڳالھيون ڏاڍي اڪير منجهان ڪندو هئين تڏهن مان ان ڪڙاڻ کي بہ امرت سمجهي اندر ۾ اوتي ويندي هئس ۽ ٿڌو مٺڙو مٺڙو شيتل گنگا جو جل سرڪ سرڪ ڪري اندر ۾ لاهيندي ويس.... ۽ تو.... جڏهن تنھنجي پرک جو وارو آيو تہ مون کي اڪيلو ڪري ماريو ۽ مارايو.
نيليءَ جي پيار گناهن ۾ پناھہ وٺڻ ڏي تون ڀلي وڃي شرافت جي نقلي ٺيڪيدارن کي خوش ڪر..... نيليءَ کان نيليءَ جا گناھہ تہ نہ کس.... جيڪي نيليءَ جي هستيءَ جو حصو بڻجي چڪا آهن. تون وڃي راڄن کان پنھنجي بي رحميءَ جو داد وٺ. نيلي انڌي ٿي پئي آهي، تہ هن کي پنھنجي انڌي هجڻ تي ناز آهي. اکين وارن ۾ اها ساڃھہ ڪاٿي رهي آهي جو پنھنجن کي سڃاڻي سگهن.
اسان ڪرسين تي ڀر ۾ ويھي ڏاڍيون ڳالھيون ڪندا هئاسين. ڳالھيون ڪري ٿڪبا هئاسين، تہ وڃي پلنگ تي ليٽي پيار ڪندا هئاسين ۽ جڏهن پيار منجهان وقتي طور ڍاپجي ويندا هئاسين تہ پوءِ ڀر ۾ ليٽي سرٻاٽن ۾ ڳالھيون ڪرڻ لڳندا هئاسين.
شام جا جڏهن چار وڳا، تہ هوءَ منھنجي ڀر منجهان اٿي ۽ آئيني ۾ ڏسڻ لڳي. مان سندس پويان وڃي ڪلھن تي ٻانھون رکي بيٺس جو اسان ٻنھي جو عڪس آئيني ۾ گڏ گڏ ڏسڻ ۾ ٿي آيو. هوءَ مون منجهہ نھاري شرارت منجهان مرڪڻ لڳي.
”پاڻ کي ڇو ٿو ڏسين؟“
”پاڻ کي پنھنجي اکين سان نہ تنھنجن اکين ۽ ذهن سان ٿي ڏسان...؟“
”منھنجي ذهن سان؟ اهو وري ڪيئن ۽ ڇو؟“
”ڏسان ٿِي مان کي ڪيترو وڻندو هوندين؟“ هن ڦڻي ڏيندي لڳاتار اکين منجهہ شرارت ڀريندي ترڇن نظرن سان ڏسندي چيو. پوءِ هن لپسٽڪ لڳائي ۽ اکين ۾ ڪجل ڀريو. مان کيس سورنھن سينگار ڪندي ڏسندو رهيس.
”هاڻي تہ من لڳي وئينءَ“
”ڏاڍي ٺيٺ ڳوٺاڻي سنڌي ڳالھائيندو آهين.“
”پوءِ سنڌي بہ آهيان ۽ ڳوٺاڻو به- تون بہ هنن ڪپڙن ۾ ٺيٺ سنڌي ڳوٺاڻي عورت ٿي لڳين.“
”پوءِ مان بہ تہ تو وانگر سنڌي ڳوٺاڻي عورت آهيان نہ.“ هوءَ وري نظرن ۾ شرارت ڀريندي مرڪڻ لڳي.
”مون کي هرکائين ٿي نظرن سان، تہ پوءِ ڪونہ ڇڏيندوسانءِ. ڀلي پويان تنھنجون ڌيئون رُئن، ڪڏهن وٺي تہ اچ انھن کي ڏسان تہ سھي تنھنجي Creation.“ مان هن کي پيار ڪندي چيو.
”جڏهن مان پنھنجو گهر ٺاهيو تڏهن اچي ڏسجان.“
”هتي ڪونہ وٺي ايندينءَ؟“
”هتي مان ئي الائي ڪيئن ساھہ سڪائي پوءِ پھچندي آهيان.“
”ڪنھن جو ڊپ لڳندو اٿئي.“
”پنھنجن ڏوراپن ڀريل اکين کان، ڪنھن تو جھڙي ماڻھوءَ کان.“
”ڪير آهي اهو...؟“
”آهي ڪوئي- ان کي ڏسندي آهيان تہ تون ياد اچي ويندو آهين.“
مان هميشہ جيان هن کي هيٺ ڇڏڻ هليس. هوءَ جڏهن رڪشا ۾ ويھي وڃڻ لڳي، تہ پوءِ ڳچ وقت تائين هوءَ مُڙي نھاريندي رهي. ان سانجهيءَ جو وقت هو مان پنھنجي دوست وٽ هليو ويس. هن جي يادن کي ساھہ ۾ سانڍي پٺتي موٽي وڃان ها تہ وڌيڪ ياد اچي ها.
”توکان تہ چند گهڙين لاءِ آيل عورتون بہ ناهن وسرنديون تہ پوءِ اسان تہ حياتيءَ جو ڳچ وقت گڏجي گهاريو هو، پوءِ رڳو اڌ ڪلاڪ جو دان بہ ڪونہ ڏئي سگهيس هيڏي ساري جيون مان....؟“
هڪ ڀيري هوءَ جڏهن مون وٽ آئي تہ مان کيس چيو تہ ”ٻين سان تہ ڪونہ گهمندي آهين نہ.“
”نہ- اتي ئي آهين جتي اوهان ڇڏيون، اکيون عبداللطيف چئي ماڳ نہ مٽائين.“
”الاءِ متان هندستاني گيت وانگر.“
اس دل کے ٹکڑے ہزار ہوئے کوئی یہاں گرا کوئی وہاں گرا!
پوءِ بہ دل جي هر ٽڪر منجهان تنھنجي خون جي مھڪ ايندي تہ اڄ نيليءَ ڪنھن کي قتل ڪيو آهي ۽ منھنجي ئي دل جا ٽڪرا منھنجا ويري بڻجي مون تي ئي ور ور ڪري وار ڪندا.... ۽ ٿيو بہ ائين ئي رولاڪ نيلي نہ رڳو پاڻ کي مٽايو پر منھنجي هستيءَ کي بہ مٽائيندي وئي ۽ پنھنجي پويان پنڌ پيچرا بہ لٽيون وئي. ڪٿي ڳولھيان ها هن رولاڪ نيليءَ کي.
هڪ ڏينھن جڏهن مان هن جي شھر آيس، تہ هوءَ مون سان ملڻ آئي، مان هوٽل ۾ ڪونہ هيس، تہ هوءَ منھنجي پويان دوست وٽ آئي، اتي مان ۽ ڪجهہ ٻيا يار ويٺا هئاسين، اسان ڪجهہ وقت ويھي، پوءِ وري واپس هوٽل آياسين. ڳالھين ڪندي، هوءَ چوڻ لڳي: ”هڪ ڏينھن مان رڌڻي ۾ بيٺي ماني پچائي، تہ ريڊئي تان آواز آيو، جيڪو ڪجهہ ڪجهہ سڃاتل پئي لڳم.“
”پوءِ- تو آواز ڪونہ سڃاتو؟“
”ڀانيان ٿي تنھنجو آواز هو. ريڊئي تان خبرون پئي پڙهيئي. نالو اڳ ۾ ئي News Reader ٻڌائي چڪو هو، ان وقت ڪجهہ گوڙ هو ۽ ننڍڙي سنڌيا رني پئي. تَنھنڪري نالو تہ ٻڌي نہ سگهيس، باقي خبرون سڀ ٻڌم. خبرن کان وڌيڪ تنھنجي آواز ٻڌڻ ۾ مگن هيس. ڀانيان ٿي تہ تنھنجو آواز هو.“
”مان ئي تہ هيس.“ مان هن تي ڪاوڙ ڪندي چيو. ”مان توکي ياد بہ هجان تہ آواز سڃاڻي سگهين ها.“
”سڃاتم تڏهن تہ توکي چوان ٿي، تہ تون ئي هئين نہ؟“
”ها- مان هيس.“
”ڪاوڙجي ويو آهين نہ؟“ هوءَ منھنجي اڳيان ٿورو جُهڪي بيٺي. ”پري ٿيءُ ۽ ايئن ڇو بيٺي آهين؟ سڌي ٿي بيھہ.“ اها منھنجي پھرين ڪاوڙ هئي هن مٿان.
ٻي ڪاوڙ مون کي هن تي تڏهن آئي جڏهن ڪافي عرصي کان پوءِ هن خط لکيو ۽ سو بہ مختصر. بس ٽي چار سٽون ئي هيون ۽ مخاطب ٿيڻ جو انداز اهڙو ڄڻ ڪنھن ڌارئي کي خط لکيو هجائين، مان بہ موٽ ۾ ايترو مختصر ۽ رُکو جواب ڏنومانس. جڏهن اسان وري هڪ ڀيرو ملياسين تہ ڀاڪر پائيندي چوڻ لڳي: ”اهڙو رُکو ۽ مختصر خط تو ڇو لکيو هو...؟“
”تو بہ ڏاڍو مٺڙو مٺڙو خط لکيو هو نہ؟ هيترن مھينن پڄاڻا خط لکيئي سو بہ اوپرن جيان. تڏهن مون کي توتي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي.“
”مون تہ ڊپ وچان توکي ائين خط لکيو هو، ڇاڪاڻ تہ سمجهيم پئي تہ تون مون کي وساري چڪو هوندين.“
”توکي مون کان ڊپ ڇو لڳندو آهي. مان ڪو توکي ڪھي ڇڏيندس ڇا؟“
”موت کان ڪير ٿو ڊڄي؟ مرڻو تہ هر ماڻھو کي آهي نہ؟ ۽ جي تون مارين تہ ڏاڍو چڱو- دل خوش ڪري ڇڏيندين.“
”پوءِ باقي ڪھڙو ڊپ اٿئي؟“
”تون متان مون کي وساري نہ ڇڏين، اهو ڊپ لڳندو اٿم.“
”اڙِي- چري توکي ڪٿي وساري سگهندس. مون کان تہ اهي عورتون بہ ناهن وسرنديون جيڪي وقت ڪٽڻ لاءِ گهرائيندو آهيان. تون تہ منھنجي پنھنجي آهين نہ....“ جهٽ رکي چيائين.
”تنھنجين ڪھاڻين ۾ ايتري ڪڙاڻ ڇو هوندي آهي؟“
”ڪھاڻي ٽن جذبن منجهان جڙندي آهي، هڪ تجربو ٻيو مشاهدو ۽ ٽيون Imagination، پوءِ جيڪي ڪجهہ مون هن ڌرتيءَ تي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي؟ اهو ئي منھنجن ڪھاڻين ۾ بہ هوندو آهي ۽ ڪي ڪي جملا بس ائين ڪھاڻيءَ کي سونھن بخشڻ لاءِ لکندي آهيان، جيئن پڙهندڙ بور نہ ٿين.“
پوءِ اسين ڌار ٿي وياسين هن سان ملئي ڏينھن گذري ويا پر سندس ياد ائين تازي آهي ڄڻ ڪي ٿورڙا پل گذريا آهن.

ڳوڙهن جي ريکا

ادا ويٺي کٽ تي ماني کاڌي. سندس نيرن ۾ چانورن جي پليٽ هئي، ٻہ گرم گرم اڦراٽا ۽ تريل ڀينڊيون، ٻہ انب، جي وٽي ۾ ڀِڳل هئا. زرد زرد انبن مٿان برف جا ٽڪر پيل هئا ۽ هڪ پليٽ ۾ تريل مڇي بہ پئي هئي. ادا ٿرماس مان پاڻي اوتڻ لڳو. ڏهن ٻارهن سالن جي ننڍڙي انور ويٺي ادا مٿان جهلي هلائي. جهلي هلائيندي انور سڄو ئي پئي لڏيو، ڇو تہ جهلي سندس وت کان گهڻي ڳوري هئي. گهر ۾ چپ لڳي پئي هئي. رکي رکي نم منجهان ڪانوَ جي ڪان.... ڪان ٿي آئي ۽ گهڻو پري کان سونٽيءَ جي سٽڪي جو آواز ٿي آيو.
ڀرسان واري ٽيبل تي ادا جا ڪتاب رکيا هئا، جيڪي تقريباً سڀئي فلسفي جا هئا ۽ دنيا جي وڏن وڏن مفڪرن جا لکيل هئا. مٿان ئي مٿان خليل جبران جو ڪتاب ”خدا ۽ ديوتا“ رکيل هو.
مون ويٺي نم هيٺان ”مشين ۽ مزدور“ پڙهيو. نم جي ٽارين ۽ پنن سان ٽڪرائجي ٿوري ٿوري اُس بہ ٿي آئي ۽ هوا جي لڳڻ ڪري ٽاريون لڏن پيون. تہ ان سان گڏ اُس جا پاڇولا بہ هيڏي هوڏي ڦري رهيا هئا.
”زبيدہ، ڇا ويٺي پڙهين؟“ ادا جهرڪين جي نئين آيل ولر کي ڏسندي چيو.
”مشين ۽ مزدور“. مون فخر منجهان ادا کي ڏسندي چيو. فخر سان انھيءَ ڪري جو اهو ڏاڍو خشڪ هو ۽ خشڪ ڪتاب ڇوڪريون گهٽ ئي پڙهنديون آهن.
”اهو ڇا جي لاءِ ٿي پڙهين؟ انھيءَ ۾ تہ ٺلھي بيوقوفي لکيل آهي.“
”توهان جو ڪتاب پڙهيل آهي ڇا؟“ مون کي تعجب لڳو، ڇو، ڇو تہ ڪتاب ۾ تہ ڪائي بيوقوفيءَ جي ڳالھہ ڪانہ لکيل هئي. ڪتاب ۾ صنعتي انقلاب بابت لکيل هو تہ پھريون ڪيئن نہ مشين کي ۽ انھن جي اوزارن کي شيطاني ڪم سمجهيو ويندو هو. ڀلا هن تاريخي ڪتاب ۾ ڪھڙي بيوقوفي ٿِي ٿِي سگهي؟
”نہ، نہ، مان ٿو اهڙا چريائپ جا ڪتاب پڙهان، جن ۾ ڪائي ناليج ڪانھي. رڳو پيٽ جي پوڄا هوندي آهي، ڪميونسٽن کي. هيڏي وڏي حسين ڪائنات ۾ رڳو ماني ئي ٿي نظر اچين ڪميونسٽن کي.“
”بکئي جي لاءِ ماني تہ سڀ ڪجهہ ٿيندي آهي. ڪنھن بک جي ماريل انسان کي فلاسافيءَ جا ڪتاب ڇا ڏيندا. قدرت جا حسين نظارا ڇا وندرائيندا، جن جو سڄو وقت ماني حاصل ڪرڻ ۾ ٿو گذري، سا بہ اڻ پوري ۽ سادي، ڪڏهن تہ اها بہ نہ.“
”پر تون اهي ڇاجي لاءِ ٿي پڙهين، تون جبران کي پڙھہ، شيڪسپيئر ۽ نٽشي کي پڙھہ، جن ۾ ڪلا آهي، بيوٽي آهي ۽ اهو پڇ ڇا نہ آهي انھن ڪتابن ۾.“ ادا ٽيبل تي رکيل ڪتابن کي داد ڀرين نظرن سان ڏسندي چيو.
مون در مان سائڻ کي ايندو ڏٺو ۽ منھنجو سڄو ڌيان اوڏانھن هليو ويو. سندس هنج ۾ نٻل ۽ ميرو ٻار هو، جنھن جي ميرن ڳلن تي مکيون جهڻ جهڻ ڪنديون ٿي آيون. سائڻ جي پٺيان ئي سندس ننڍڙي ڌيءُ ڊوڙندي آئي، جنھن کي پراڻو چولو پيل هو ۽ ٽنگون اگهاڙيون هيس. ماءُ جي چوڌاري ٽنگن کي پڪڙي ڦرڻ لڳي.
سائڻ ڌيءُ کي ڌڪ هڻي چيو، ”ائي ڇڏ تہ سھين، مئي.“
“وڏيرا پگهار ڏي، ٻن مھينن کان ڪانہ ملي آهي، ٻچڙا بک ٿا مرن، راتوڪر لنگهڻ تي آهن.“
”هينئر تہ وڃ، پوءِ ملندئي، اڃا چيئرمن جي آفيس مان ڪانہ آئي آهي.“
”وڏيرا ائين نہ ڪر، پنج رپيا ئي ڏي، ٻچڙا بک ٿا مرن.“
”ٻڌئي نہ! هينئر ڪونہ آهن، وڃ هلي.“ ادا ڪاوڙ ۾ لال ٿيندي چيو.
”اَئي رن ٻڌئي نہ، وڏيرو ڀانئين تہ ڪوڙ ٿو ڳالھائي. رنون اوهان تہ جڏهن تڏهن بکيون آهيو، اوهان جو تہ پيٽ ئي نٿو ڀرجي، مانيءَ مٿان ڇو بيٺي آهين، نظر هڻنديئن ڇا؟ پوءِ اچي ڳالھائجانس.“ پڦيءَ ٿانوَ مليندي رڙ ڪئي.
”جيجي توکي ڇا هي، بک تہ اسان ٿا مرون.“ سائڻ چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي اچي منھنجي ڀرسان بيٺي. سندس اکيون جهڪيل هيون ۽ پنھنجي پير جي آڱوٺي سان مٽيءَ کي کوٽڻ لڳي، سندس اکين مان ٻہ ڳوڙها ڳڙي ڌرتيءَ تي اچي پيا.
”سائڻ روئين ٿي! ويھہ بيٺي ڇو آهين؟“
”نہ ادي، ڪٿي ٿي روئان.“ سائڻ منھن ڦيري رئي جي پَلوَ سان ڳوڙها اگهڻ لڳي ۽ وري چپن تي زوري مرڪ آڻي چوڻ لڳي: ”ادي اوهين خوش تہ آهيو نہ.“
سائڻ پنھنجي ڳالھہ کي ڇڏي وري چيو: ”ادي، ڪو پاروٿو ساروٿو مانيءَ ڀور پيل آهي. هجي تہ هن کي ڏيان.“ پنھنجي ڌيءُ ڏانھن اشارو ڪندي چيائين، جيڪا ادا کي کائيندي ڏسي ماني گُهري رهي هئي.
مون اٿي وڃي ڪٻٽ ۾ ڏٺو، ٻيو تہ ڪجهہ ڪونہ هو، ميري دٻڪيءَ ۾ چانورن جي مانيءَ جو سڪل ٽڪر پيو هو، جيڪو بہ سڄو ڪِوِلِن سان ڪارو لڳو پيو هو. مون جيئن دٻڪي کنئي، سڀ ڪِوِلِيون مانيءَ کي ڇڏي منھنجي ٻانھن تي چڙهي آيون. ماني ڀت سان ڇَنڊي وڃي سائڻ کي ڏنم ۽ ڪِوِلِين کي هٿ سان ڇنڊڻ لڳس، جيڪي ان وچ ۾ منھنجو ماس ئي پٽي ويون هيون. سائڻ جي هٿ ۾ ماني ڏسندي ئي ڌيڻس سٽ ڏئي ڦري ورتي ۽ ڊوڙي وڃي پري کائڻ لڳي. گهڙي هڪ پير تي ٿي بيٺي تہ گهڙي ٻئي تي. مانيءَ کي پنھنجي هٿن ۾ ڏسي خوشيءَ ۾ نہ پئي ماپي.
”ڇوري، مانيءَ ڀور ڀاءُ کي بہ ڏي.“ سائڻ ڌيءُ کي چيو. پر هوءَ ڪٿي ٿي ٻڌي. هن کي تہ ماني ملي هئي، ڄڻ خدا مليو هو. سائڻ پٽ کي ويھاري ڌيءُ ڏانھن وئي، پر تيسين هوءَ ڊوڙي وڃي صندل تي بيٺي. ماڻس هڪ طرف کان اچي تہ هوءَ صندل جي ٻئي طرف ڀڄي وڃي بيٺي ۽ ماءُ کي شرير ترڇين نظرن سان ڏسي وٺي ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳي. کلڻ سان سندس ڪارڙن معصوم ڳلن تي ننڍڙو چُگهہ ٿِي پيو ٿي.
اَئِي ڇوري ڪِرندينءَ، ڏائڻ، ڀاءُ کي بہ ڏي نہ مانيءَ ڀور، ڏس هو ليٿڙي پيو.“
هل، هل، سو ڏيانس؟ مان کانوان ڪي هن کي ڏيان، ٽُڪل تہ آهي.“
ڏس، ڏاهي ٿيءُ، ڀلا مون کي ڏي، امڙ آهيانءِ..... مون کي بہ ڪونہ ڏيندينءَ.“ سائڻ پنھنجي چيلھہ تي هٿ رکندي چيو.
نہ، نہ سو ڏيان، تون ولي (وري) هن کي ڏين“. ننڍڙي ڇوڪريءَ ٻئي هٿ پٺتي ڪندي چيو: ”وئي، ڪانءَ کني ويو.“
ڏس ادي، ڪيڏي سياڻي آهي، لڪائي چوي ٿي تہ ڪانءُ کڻي ويو.“
ڌيڻس، پاڻ مانيءَ کي آزاد ڏسي، وري جُهمر هڻڻ لڳي. مانيءَ جو ٽڪر هڪ هٿ ۾ جهلي ۽ ٻيو وات ۾ وجهي، هٿن ۽ پيرن کي ناچ جي انداز سان ٺاهي آ.....آ..... هو ڪري ڳائڻ ۽ نچڻ لڳي.
ادا بہ ماني کائي بس ڪئي هئي، سو بہ اچي نم هيٺان سائڻ جي ڌيءُ کي ڏسڻ لڳو: ”ڏس زبيدہ، اٿس ڪا پرواھہ بک جي، ڪيتري نہ خوش پئي لڳي. آهي اسان کي ايتري سچي خوشي حاصل!“ ادا سيٽي وڄائيندي چيو ۽ چپن ۾ گاني جي ڌن گنگنائڻ لڳو. هيڪر آيم تہ چوانس تہ انھن بکايل پورهيتن کي نٽشي ۽ جبران جو فسلفو ڇا خوشي ڏيندو، پر پوءِ ماٺ کڻي ڪيم.
سائڻ جي ڌيءُ اسان سڀني کي پاڻ ڏانھن ڏسندو ڏسي نچڻ ڇڏي بيھي رهي ۽ پنھنجا ٻئي هٿ منھن تي رکي، وٿين مان ماءُ کي ڏسڻ لڳي ۽ اوچتو ٽپ ڏئي صندل تان هيٺ لھي آئي ۽ اچي ڀاءُ جي ڀرسان بيٺي، جيڪو اڃا تائين مٽيءَ تي ستل هو ۽ سڏڪا پئي ڀريائين. ”ها..... وٺ ماني.....؟ وٺ نہ ماني..... ائي سورا وٺ نہ......؟ ائي الا وٺ نہ...... سورا وٺين نٿو.“ هن ڀاءُ کي ٻانھن کان اُٿاريندي چيو ۽ ماني کڻي ڀاءُ جي جهوليءَ ۾ وڌائين، هو تيئن زور زور سان روئڻ لڳو. ننڍڙي ڇوڪريءَ ڀاءُ جو مٿو پنھنجي گوڏن تي رکي، ٿڦڪي ڏيڻ لڳي، جنھن تي ڳلن تي هاڻي ڳوڙهن جي سڪل لڪير باقي وڃي رهي هئي.

(”روح رهاڻ“ جولاءِ 1968ع ۾ ڇپيل)

احساس جا چَڪَ

سوچ ڪيڏي نہ عذاب ڏيندڙ شيءِ آهي- هر روز سج اڀري ايندو آهي، وڻي نہ وڻي ڏينھن پر سورج ديوتا پنھنجا ڪرڻا هر شيءِ مٿان ڦھلائيندو آهي- سندس ڪرڻن جي ڇهاوَ تي ڪيتريون مکڙيون ٽڙي گل بہ ٿينديون آهن- سورج جا ڪرڻا جڏهن ڀنل ڀنل پنن ۽ پنکڙين تي پوندا آهن ۽ ڌرتيءَ تي ڪرندا آهن، تہ انھن جي نمي پاڻ ۾ جذب ڪري وٺندا آهن- ائين جيئن نو ورني ڪنوار سندر سپنن کي جڏهن اهي ئي ڪرڻا سمنڊ جي مٿان ڪرندا آهن، تہ ڄڻ سوين ڪروڙين تارا آسمان ۾ ٽمڪندا آهن، جهل مل ڪندڙ ديپ لھرن جي مٿان وکري ويندا آهن ڄڻ سمنڊ، سمنڊ نہ هجي. وشال گگن هجي، ڄڻ رڻ پٽ جي رڃ هجي- سمنڊ جي گهرائي ۾ ڇا هي سورج ديوتا جو ان سان ڇا؟
پاتال ۾ ڪھڙا منڊ منڊيل آهن تن سان ڪرڻن جو ڇا؟ هو تہ سوجهرو ڦھلائيندا آهن- من ۾ ڀلي ڪڪر ڪارونڀار هجن- سورج اڀرندو ۽ ڏينھن ڪندو، اندر ۾ ڀلي ڪاري اماس جي رات واري انڌڪار هجي، تنھن سان سورج جو ڇا؟ منھنجي من ۾ جڏهن ڪاري ٻاٽ اوندھہ هجي نہ تہ تون نہ اڀرندو ڪر سج- سچ ٿو چوان اصل ڪونہ وڻندو آهين، ڪرڻن کي ڪنھن ٻي هنڌ وکيريندو ڪر- تُنھنجي اڀرڻ سان مون کي هروڀرو ماني کائڻي پوندي آهي. اجايو گڏهن جيان وهندو آهيان- تن کي سينگارڻو پوندو آهي، پوءِ ڀلي دل نہ مڃي- پر سج جا ڪرڻا پاڻ سان گڏ حڪم نامو کڻي ايندا آهن تہ زندگيءَ جي نار ۾ اٿي وهو اکين تي کوپا چاڙهي ان گول دائري اندر صبح کان شام تائين چڪر ڪاٽيو- مون کي نہ وڻندو آهين. سج ڪڏهن تہ پاڻ سان گڏ اوندھہ بہ کڻي ايندو ڪر جيئن هن دنيا ۾ ٿيندڙ پاپ کي اکيون نہ پسن- ظالم جا ڏهڪاءَ ۽ ڏيا جهڪا جهڪا نظر اچن.
ڏس پرين مون کي تنھنجو هڪ ڪرو هميشہ ساڳيو روپ نہ وڻندو آهي. منافق لڳندو آهين. ڇا هن ديس جون ڳالھيون توکان ڳجهيون آهن- يا انسانيت جي منھن تي مليل ڪارنھن توکان لڪل آهي.....؟
پوءِ ڇو روز اڀري ايندو آهين؟
توکان تہ چنڊ سٺو آهي ڪڏهن پاڻ سان ڪاريون اونداهيون اماس جون راتيون کڻي ايندو آهي تہ ڪڏهن چوڏهين جي چانڊاڻ تہ ڪڏهن ڪارين راتين ۾ تارن جي جهرمٽ ۾ ڪنڌ نمائي جهڪو جهڪو بيٺو هوندو آهي. ان بيوھہ عورت جيان جنھن جي حياتيءَ مٿان سدائين ڪڪرن جو ڪارونڀار هوندو آهي. ڏس نہ هو پاڻ سان گڏ اوڻٽيھہ جي اونداهي بہ آڻيندو آهي تہ چوڏهين جي چانڊاڻ بہ. چنڊ مون کي يتيم ٻار لڳندو آهي. بيوھہ عورت لڳندو آهي ڪڏهن ڀريءَ ۾ تہ ڪڏهن ڀاڪر ۾- اهو تہ سمنڊ آهي جو جڏهن انسانن جا ڪاراٺيل بدن منجهس ڌوپي اجرا ٿيندا آهن تہ اِها ڪارنھن ڪڪرن جي صورت ۾ تو مٿان اڇليندو آهي. تڏهن ڪڪرن سان گڏ تون بہ روئي ڏيندو آهين- انسان ڪيڏو دک من سانڍي ٿا هلن، هونءَ جيڪر ان جي خبر نہ پوي تون صدين کان ساڳيو آهين- توکان ڪابہ ڳالھہ ڳجهي ڪانھي- ڌرتيءَ تي ٿيندڙ رتوڇاڻ انسانن جي اندر ۾ پلجندڙ پاپ، انسانيت جي منھن تي مليل ڪارنھن، تون پنھنجن ڪرڻن ۾ جذب ڪري وٺندو آهي، جڏهن ڪرڻن جي ڌرتيءَ مٿان ورکا ڪندو آهين تہ جيئن تتل واري تي برسات جون بوندون جذب ٿينديون آهن، تيئن تنھنجي ڪرڻن ۾ ڌرتيءَ جا پاپ، پوءِ بہ تون ڪيترو نہ روشن آهين- تو منجهہ ڪيڏي شڪتي آهي.
ماڻڪ اتان روز لنگهندو هو. ان رستي تي هڪ فقيرياڻي ويٺل هئي- اڳيان ٻار پيل، ڀرسان وهندڙ گندي نالي جو پاڻي- ڀرسان ئي گند جو ڍير- ان جي ڀر ۾ ويٺل مائي، مائيءَ جي اڳيان ويٺل ٻار، ٻار جون ٻئي ٽنگون سڪل، ٻئي ٻانھون ڪاني جھڙيون- هڏن جو ڍانچو ٿيل ٻار.... ميرو گدلوٻار- ٻار جون ٻئي ٽنگون سڪل- ٻئي ٻانھون مڙيل- ان ٻار پنھنجي سڪل ڪانين جھڙي ٻانھن وارو هٿ ذري گهٽ سڄو ئي وات ۾ وڌل- ماڻڪ جي دل ڪچي ٿيڻ لڳي- هڪ پل لاءِ هن جي اکين اڳيان اوندھہ انڌوڪار ڇانئجي وئي. هو هڪ پل لاءِ اتي ئي بيھي رهيو. اڌ وهيءَ جي ماءُ اجرڪ ۾ ويڙهيل ڪپڙا ليڙون ٿيل، ماڻڪ کي لڳو- هوءَ ماءُ ناهي، ماءُ جي مقدس رشتي تي پليت ٽڪو.
ڇا هيءَ عورت هن ٻار جي ماءُ آهي؟ نہ نہ- ائين هجي ها تہ هيءَ عورت پنھنجي ٻار کي ناليءَ جو ڪيڙو ٿيڻ نہ ڏئي ها- سندس اکين اڳيان گند جي ڍير ۾ ستل آهي- گند جي ڌپ ۾ تتل ڌرتيءَ تي هن جي مامتا کي اٻڙڪا نٿا اچن؟ هيءُ مامتا جو ڪھڙو روپ آهي........؟
سوچون هيون جي ماڻڪ کي ڄئرن جيان اچي چُهٽيون- ماڻڪ کيسي ۾ هٿ وڌو ڪجهہ پيسن ڪڍڻ لاءِ- پر ڪجهہ سوچي هن خالي هٿ ٻاهر ڪڍيو.
مائي ڇا هن معصوم کي تو ڪمائي جو ذريعو سمجهيو آهي......؟ جو ان کي ائين چيچلائي مارڻ سان بہ توکي سيسراٽ نٿو اڀري- ائين عذاب ڏئي مارڻ کان تہ چڱو اٿئي هڪ وار وڃي سنڌوءَ جي لڙاٽيل پاڻيءَ ۾ اڇلينس.“
اڙي- نہ ڙي ابا اَمڙ ائين ڪبو آهي- جيترا ڏينھن اٿس گذاري ويندو- مان پنھنجن هٿن سان ڪيئن ماريانس.“
هو وري سڌو ٿي بيٺو:
الائي هن غريب جا عذاب جا ڏينھن ڪڏهن کٽندا؟“ سورن هاڻي حياتي اڻ کٽ هوندي آهي يا ان جا پل بہ صدين جي برابر هوندا آهن. هن جيتامڙي جي اوسر ان تتل واريءَ ۾ ٿيڻي آهي- گند جو ڍير ۽ ڀرسان وهندڙ ناليءَ جو پاڻي هن جا ٽول آهن ۽ مکيون خوراڪ.“
آھہ، ماڻڪ جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. هن جي دل ۾ آيو تہ وڌي مائي جون اکيون ڪڍي، جن جي اکين سان هوءَ اِهو ڪراهت جھڙو منظر ڏسي سگهي ٿي- پنھنجي لال کي ائين ڪيڙي جيان چُرندو ڏسي گهي ٿي- ڇا مذهب جي آفيم اسان کي ايڏي اگهور ننڊ ڏني آهي- عورت تہ رحم ۽ نيڪيءَ جو Symbol آهي- سندس ڪک مان سونھن جنم ورتو آهي تہ سونھري سنگن جيان مکڙيون ۽ گل ٽڙندا آهن.
سونھن... ..... سندرتا جي ديوي ڇا ايڏي بہ ڪٺور ٿي سگهي ٿي، اِهو تہ هن سوچيو بہ نہ هو.
مڃان ٿو معاشرو انسان جي ڪردار کي ٺاهڻ ۽ بگاڙڻ ۾ اهم رول ادا ڪندو آهي. ڪمزور ۽ نٻل ماءُ جي ڪک مان اِهڙا ڪيڙا ئي جنم وٺندا آهن.
هون- امر ائين ڪيو آهي- تون آهين هن جي عذاب جو ڪارڻ، تون تون هن جي ارمانن جي قاتل- سکن جي خوني آهين- چنگيز ۽ هلاڪوءَ تي اڃا تائين پئي ڦٽڪار وسي- پر تون ان کان وڌيڪ ڪٺور ۽ بيرحم آهين. هٽلر پنھنجي طبقي ۽ قوم سان تہ سچو هو پر تون تہ پنھنجي رت سان بہ سچي ناهين- پر تون رڳو پاڻ سان سچي آهين. دنيا جو ڪو قانون ٺھيل ڪونھي جو تنھنجي ڳچيءَ ۾ سرڪڻ ڦاهي اٽڪائي- تون ماءُ آهين- توکي رستن تي انساني نسلن کي ائين چيچلائي مارڻ جو حق آهي. ان پاپ لاءِ ڪو قانون ڪونھي ڇو تہ تون ماءُ آهين- پيغمبرن... اوليائن......... صوفين سنتن ۽ سنياسين کي جنم ڏيڻ واري- ليڊرن ۽ فيلسوفن کي جنم ڏيڻ واري- رهزنن ۽ قاتلن کي جنم ڏيڻ واري ۽ نٻل ٻارن کي جنم ڏيڻ واري بہ تون ئي آهين- انھن سوچن ماڻڪ کي درد ڏنو هو ۽ ان درد ماڻڪ جي اکين کي لڙڪ ڏنا هئا- پر اِهي ڳوڙها هن ڪڏهن پٽ تي ڪرڻ نہ ڏنا هئا- هن کي خبر هئي تہ دنيا ۾ هر هنڌ انڌير لاءِ سزا آهي ۽ دنيا ۾ هر مسئلي جو ڪو نہ ڪو حل آهي- مسئلا جيڪي هن معاشري کي ڦٽن جيان چهٽيل هجن جن جو ڪو انت ڪونھي جن جو سلسلو اڻ کٽ آهي.
هي جيل...... هي ڪال ڪوٺڙيون، ڦاسي گهاٽ انھن ڦاسي گهاٽن ۾ بي گناهن جا لٽڪيل لاش- هي انڌن، ٻوڙن، گونگن جو جهان- جتي انڌير کي چرچو ۽ ظلم کي مردانگي ٿو سمجهيو وڃي- جت ڏکن جي حياتيءَ کي قدرت طرفان مليل ورثو ٿو سمجهيو وڃي، سماج جي ٺيڪيدارن ۽ انياءُ سان اٽڪڻ جو ڪنھن ۾ حوصلو ڪونھي. ماڻڪ وٽ سوچون هيون جن جو ڪو ڪاٿو ئي نہ هو. سوچون هيون جو آنڌيءَ جيان سندس دماغ جي تھہ خانن ۾ ستل انسان کي کوٽي ڇڏيو هو- هو آفيمي حياتي گهارڻ جو عادي بڻجڻ نہ پئي چاهيو- ماڻڪ وٽ فولاد جيان مضبوط سوچون هيون- سوچڻ جي آنڌي جڏهن هن جي بند دريچن کي سٽاڪ ڪري کوليندي هئي، تڏهن هو ان منجهان ٻاهريون ڏيک ڏسندو هو. رت هاڻيون ڪھاڙيون ۽ بندوقون ڏسندو هو- مٿا ڦاٽل لاشن جا ڍير ۽ چرندڙ لاشن جا ڍير هو ڦاسي گهاٽن ۾ بي گناهن جا لٽڪيل ڏسندو هو. وک وک تي موت ۽ انياءُ سان اٽڪڻ وارا گڏبا هئا فولادي ۽ رڪ جيان مضبوط انسان.
شاگردن ۾ جيئن چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ وير چڙهندي آهي، ٺيڪ ان طرح سان جڏهن بہ ڌرتيءَ تي ريڙهيون پائيندڙ انسانن کي ڏٺو- تڏهن هن جي من ۾ انقلاب لاءِ اڌما جاڳندا هئا- سوچن جو اڻ کٽ سلسلو ذهن ۾ آنڌيءَ جيان گهڙي ايندو هو.
ماڻڪ جي هيٺان تتل ڌرتي هئي ۽ مٿان اونھاري جو ساڙيندڙ سج هو- سج جيان اُلا ڇڏيندڙ ذهن ۾ باھہ جا ڀنڀٽ هئا. ماڻڪ جو جسم سڄو پگهر ۾ ٻڏل هو. ان مھل هن جي ڪنن تي نعرن جو پڙلاءُ پيو......
جنگ اسان جي جاري آهي جاري رهندي.“
جيئن پوءِ تيئن آواز چٽا ۽ ويجها ٿيندا ٿي ويا- ماڻڪ بہ پنھنجي احساس کي چٻ ڏئي اڳتي وڌيو ۽ تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو ان ميڙ ۾ ملي ويو. ائين ئي جيئن گهري سمنڊ جي بي انت پاڻيءَ ۾ ڪا ندي اچي گڏجي ملي تہ هڪ ٿي وڃي.

ڀِڳل ڪبوتر

سياري جي سرد هوائن وري گهُلڻ شروع ڪيو هو. اِهي سرد هوائون جن پاڻ سان گڏ پرينءَ جون يادون تہ آنديون ٿي، پر کيس ڪڏهن بہ ساڻ نہ آندائون. ڇو اينديون آهيو. سرد هوائون. جڏهن منھنجو پريمي ساڻ نہ هوندو اٿوَ....؟ آه! اِهي سرد هوائون هينئين کي ڳاريندڙ هوائون. دل جيزخمن تان کرنڊون لاهي زخم تازا ڪنديون وينديون آهن.
سياري جون سرد هوائون _
هينئين کي ڳاريندڙ هوائون _
هردي ۾ گهڙي ويندڙ هوائون _
لونءَ لونءَ کي ڪانڊاريندڙ هوائون، هر پل گهلي يادن کي مون وٽ سٽي ڪاڏي گم ٿي وينديون آهيو....
هوءَ منھنجي جيون ۾ هوا جي جهوٽي جيئن آئي، منھنجي لڱن کي پنھنجي مھڪ ڏئي، ساهن کي سوداءُ ڏئي هلي بہ وئي. پوءِ مون هن کي چرين جيان هر هنڌ ڳوليو، پر هوءَ مون کي ڪٿي بہ نہ ملي، نردئي ساهن کي سوداءُ ڏيئي پنھنجا سمورا پنڌ ۽ پيچرا پنھنجي پويان لٽيون وئي هئي. رهجي وئي هئي من ۾ ياد، هوءَ منھنجي ئي، جنم جنم ۾ مون سان گڏ رلندي رهي آهي – مان کيس وساري نہ ٿي سگهيس – مان هن جي باري ۾ ايڏو Possessive ڇو هيس....؟ شايد هن سان ايڏو ئي گھرو سٻنڌ هيم، نہ تہ هيترن سالن کان پوءِ بہ هوءَ مون کان وسري ڇو ڪونہ ٿين؟ آھہ ڪٿي ائين گس ويندي نظر بہ اچي ويندي هئي تہ ڄڻ ڪنھن من ۾ تکي ڪٽيندڙ ڌار لاهي ڇڏي هجي – نيڻ ڀِڄي پوندا هئا. هوءَ مون کان رٺل جو هئي – مون کان نفرت جو هيس. مان ڀانيان تہ کيس هوائون بہ نہ ڇھن ۽ هوءَ ائين رلندي وتندي هئي ڄڻ نڌڻڪي هجي – ڄڻ ڪو سندس پنھنجو نہ هجي – هوءَ ائين ڇو هئي....؟
هوءَ ۽ مان ٻئي هڪ ئي اداري ۾ ڪم ڪندا هئاسين، ڪم جي نوعيت ساڳي هئي، ڪڏهن ڪڏهن ائين رستي ويندي هوءَ مون کي ڏسڻ ۾ ايندي هئي – هوءَ هن آفيس ۾ نئين هئي ۽ مان يارنھن سالن کان اتي ڪم ڪري رهيو هوس. هواڪثر پنڌ ويندي هئي، لڳندو هو تہ هوءَ وڻن سان، هوائن سان ۽ آڪاش سان ڳالھيون ڪندي ويندي هجي. مان هن کي سڃاڻندو هوس پر هوءَ نہ. هوءَ نئين جو هئي.

هڪ ڏينھن هوءَ اڪيلي وئي پئي، مان هن جي ڀر ۾ گاڏي بيھاري ۽ گاڏيءَ کان ٻاهر نڪري آيس، گاڏيءَ کي ٽيڪ ڏئي بيھندي چيومانس:
”هلو تہ مان ٿو اوهان کي ڇڏي اچان....“
”نہ.... اوهان جي مھرباني، هو پريان منھنجو گهر اجهو ٿوري ئي پنڌ تي آهي. مان پاڻ ئي هلي وينديس....“
مون هن سان ضد ڪيو:
”نہ.... اوهان هتي ترسو پويان جاءِ ڪانھي، سامان رکيل آهي، سامان گهر ڇڏي اچان تہ پوءِ اوهان کي وري ٿو اچي کڻان، ڏسو نہ اُس تمام تيز آهي اوهان پنڌ نہ وڃجو....“
”اُس تہ هميشہ تيز هوندي آهي، رڳو اڄ تہ ڪانھي...؟“
هن سان گڏ هن جي دوست هئي، هوءَ اتي بيھي رهي. ان وقت اُس ڪافي تيز هئي. هن جو گهر تمام ويجهو هو. مان سامان رکي جلدي موٽي آيس.
”مون کي ڊپ هو تہ اوهان هليا ويندا.“
”اوهان اجايو تڪليف ڪئي ۽ هونءَ بہ اسين جيتري دير تيز اُس ۾ بيٺا هئاسين ايتري وقت ۾ گهر بہ پھچي وڃون ها. اجهو هو پريان ٿوري پنڌ تي تہ آهي.“
وري بہ هوءَ مون کي رستي ۾ ملي. مان کيس گهر وٺي آيس. هوءَ چپ چپ ويٺي رهي. نيڻن ۾ گھرا گھرا گهاءَ لڪائي، هوءَ مون ۾ نھاريندي رهي، سندس سمنڊ جيان گھريون اکيون – هردي ۾ پيھي ويندڙ اکيون – نيڻن جا ڪٽورا ڀنل ڀنل – وياڪل وياڪل نيڻن سان هوءَ مون منجهہ نھاريندي رهي.
”مِٺي ائين نہ نھار....“
”تنھنجو مون سان پيار آهي....؟“
”آهي تہ سھي....“
”نہ مِٺي... پيار ٻيار ڪجهہ ڪونھي....
“You need me and I need you.”
”چڱو ..... مان هلان ٿي...“
”ايترو جلد.... اڃا هاڻي تہ آئي آهين ۽ هينئر وري وڃين پئي.“
”تو ڳالھہ ئي اهڙي ڪئي آهي.“
”مان سچ ٿو چوان...“
”چوندو هوندين – تو پنھنجي دل جو هوڪو ڏنو آهي ۽ رهيو سوال ضرورت پوري ڪرڻ جو سو تہ ڪو بہ ڪري سگهي ٿو.“
”تون چري آهين ڇا....؟“
”شايد هجان بہ....“
”گهٽو ڏيانءِ....“
”ڏئي ڇڏ....“
”تنھنجو ساھہ ڪڍان....؟“
”ڪڍي ڇڏ....“
”پوءِ مري جي وڃين....؟“
هوءَ مرڪي ماٺ ٿي وئي.
”جواب ڏي...“
”پوءِ تون منھنجي قبر تي تہ ايندينءَ نہ...؟“
”ها اينديس تہ سھي.... پر جي نہ اچان تہ پوءِ....؟“
”پوءِ ..... پوءِ منهجا ڀاڳ کٽن.“
”توکي مان سچ پچ ٿو ايڏو وڻان....؟“
”پيار توسان آهي تہ سھي....“
”تون ڪير آهين....؟“
”مان؟ انسان....“
”سو تہ ڏسڻ ۾ بہ اچين پئي.“
”توکي مان ڏاڍو ٿو وڻان....؟ هان نسيم؟؟“
”مان توسان شادي ڪونہ ڪندس.“
”نہ ڪر....“
”پوءِ توکي ڏک ڪونہ ٿيندو....؟“
”نہ....“
”ڇو تنھنجو مون سان پيار ڪونھي....؟“
”آهي.....“
”پوءِ توکي ڏک ڪونہ ٿيو....؟“
”آهي تڏهن ئي تہ ڪونہ ٿيو، زور جي ميندي گهڻو وقت جٽاءُ ڪانہ ڪندي. هي دلين جون ڳالھيون آهن، جنھن کي تون نہ سمجهي سگهندين.“
”ٻڌو اٿم تون ڄمن ۽ انبن جا ڳاڙها پن کائيندي آهين....“
”کائيندي آهيان......؟“
”ٻڪري آهين ڇا....؟“
”شايد هجان....“
”توکي خبر آهي، ماڻھو پرپٺ توکي ڏاڍيون گاريون ڏيندا آهن.“
”ماڻھو مون کي منھن تي بہ گاريون ڏيندا آهن.“
”تون Corrupt آهين....“
”ڪيئن.... ؟“ گهڙي رکي هن وري ڳالھايو.
”تون مون کان وڌيڪ Corrupt آهين، مون گهٽ ۾ گهٽ مڙس کي گهر ۾ رهائي توسان پريت جو ناٽڪ ناهي رچايو، چئن ڏينھن ۾ ڪنھن جي پيار سان Betryڪرڻ Corruption ناهي تڏهن ڇاهي...؟“
”مان توسان مٺي ناٽڪ ٿو رچايان....؟“
”اهو تہ تون پاڻ کان پڇ.“
”مان توسان مذاق ٿو ڪيان، تون ڇا ڪڏهن چرچوبہ نہ سمجهي سگهندينءَ....؟“
”نہ .... مون حياتيءَ جي پھرين پلن کان وٺي اڄ تائين رڳو اندر ۾ ڪڙاڻ اوتي آهي، شايد ان ڪري ئي چرچو سمجهي نہ سگهندي آهيان....“
”توکي مون سان پيار ڪونھي....؟“
”اِهو تون هر هر ڇو ٿو پڇين....؟“
”ٻڌاءِ توکي مون سان پيار ڪونھي.“
”ڪونھي تہ ڀلا ڪونھي....؟“
”اڄ منھنجي زال ايندي ڀڳل چوڙيون ڏسندي، مون سان جهيڙو ڪندي، تون منھنجو گهر ٿي ڦٽائين....“
”اڳتي ڪونہ ڦِٽائينديس.“
هوءَ ائين چئي اٿي بيٺي ۽ وڃڻ لڳي. مون ڏٺو هن جي اکڙين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هو. هن سان گڏ مان بہ اٿي بيٺس. هن جي رستي ۾ بيھندي هن جي ٻانھن ۾ جهليندي چيم: ”مان توکي ائين وڃڻ نہ ڏيندس.“
”تون ڪير ٿيندو آهين مون کي روڪڻ وارو... پري ٿي مون کي وڃڻ ڏي.“
”نہ مٺي، مان توکي ائين وڃڻ نہ ڏيندس.“
”مون کي وڃڻ ڏي، ڏس نہ تنھنجي زال ايندي ڀڳل چوڙيون ڏسندي، توسان جهيڙو ڪندي، هروڀرو پنھنجو گهر ڇو ٿو ڦِٽائين...؟“
”مٺي ڏس ماريندو مانءِ“
”اها حجت پنھنجي زال تي هلائجانءِ، مان ڏس نہ ڀلا تنھنجي ڪير لڳان...؟ ڪجهہ بہ تہ نہ.“
”نہ مٺي مان توکي چيڙايان پيو، تون جي چوين تنھنجي تصوير ٽيبل تي لڳايان.“
هوءَ ٿڌو ساھہ ڀري ويھي رهي.
”ڪِنا...! هنن ڪپڙن ۾ تون بروهي ٿو لڳين.“
”نہ مٺي مون کي بروهي نہ سڏيندي ڪر.“
”ڇو بروهي تہ ڏاڍي سٺي قوم آهي. وڻندڙ ۽ خلوص ڀريا – ڏاڍي خوبصورت قوم آهي - ۽ مون تہ توکي ائين پيار وچان چيو هو.“
”تون ائين ڇو آهين...؟“
”ڪيئن آهيان....؟“
”تون چري آهين ڇا....؟“
”الائي، توکي لڳان ٿي تہ هونديس.“
”توکي جنم جنم جي ڦيري ۾ ويساھہ آهي....؟“
”نہ مٺي، منھنجي Scientific سوچ آهي. مان ڏاڍو Practical ماڻھو آهيان.“
”ڀلي هج.... مون ڪھڙي unrealistic ڳالھہ ڪئي.“
”توکي جنم جنم جي ڦيري ۾ يقين آهي...؟“
”مان توکي هڪ ڳالھہ ٿي ٻڌايان. گهڻا سال اڳ مان جڏهن مشڪل سان اٺن نون سالن جي هيس تہ هڪ ڏينھن پنھنجي ڏاڏاڻي گهر ۾ چئين بجي ڌاري اڱڻ ۾ ويٺي هيس، ڏاڏيءَ کي مُئي شايد سال ٻہ مٿي گذريو هو، هوءَ ذات جي مري ٻروچ هئي، ۽ ڏاڍي خوبصورت ۽ ڏيا ڀري عورت هئي. مون سان هن جو پيار بہ گهڻو هوندو هو، مرڻ وقت رڳو گهر ۾ مان ۽ پڦي هئاسين، ۽ بس ٻيو سڄو گهر خالي هو. مرڻ گهڙي خبر اٿئي تہ هن ڇا چيو هو؟“
”ڇا چيو هو....؟“
”چيائين تہ مون کي ڪوئي هندستاني پراڻو گيت ٻڌارايو. ٺھيو ان ڳالھہ کي ڇڏ، مان اڱڻ ۾ چئين بجي ڌاري ويٺي هيس. پڦي اندر هئي اڱڻ ڪافي وڏو هو، مان اڪيلي ئي هيس. ان وقت اها مئل ڏاڏي اڱڻ منجهہ آئي ۽ مون منجهہ نھاريندي نھاريندي هوريان هوريان پنھنجي ڪمري ڏي وڃڻ لڳي. مان ننڍي هيس ان ڪري حيرت سان گڏوگڏ ڊنس بہ ڏاڍي. هراسيل هراسيل ويٺي رهيس، جڏهن پڦي ڪمري منجهان موٽي آئي، تڏهن مون کيس چنبڙندي چيو.
”پڦي....پڦي، مون هينئر ڏاڏي ڏٺي آهي، اجها هن ڪمري ۾ وئي آهي.“
”چري توکي وهم ٿيو هوندو، هن کي مُئي تہ سال کن گذري چڪو آهي، اِها ڀلا هت ڪيئن ٿِي ٿي سگهي...؟“
پر پوءِ ڪجهہ سوچيندي هن هٿ بتي ٻاري ۽ مون سان گڏ ان ڪمري ۾ هلي. پر پوءِ ڏاڏي کي اسان ڏاڍو ڳولھيو پر هوءَ ڪانہ لڌي، پڦيءَ کي پڪ هئي تہ ان قسم جو ڪوڙ، آءٌ ڪونہ ڳالھائيندي آهيان.“
”چري... نفسيات ۾ ان کي نظر جو دوکو (Illusion) سڏبو آهي. جيئن وارياسن برپٽن ۽ روڊن تي سج جي ڪرڻن جي ڪري پاڻيءَ يا سمنڊ جو گمان ٿيندو آهي.“
”اِهو تہ مان بہ سمجهان ٿي، B.A تائين نفسيات منھنجو بہ Subject رهيو آهي، اهڙين ڳالھين ۾ مون کي بہ يقين ڪونھي، پر مان اهو پنھنجي ننڍڙي عمر جي ايڏي وڏي سچ کي اڄ ڏينھن تائين ريٽي ناهيان سگهي ۽ وري بہ شام جا چار لڳا هئا. اونھاري جي موسم هئي ۽ مان بہ ساڳي جڳھہ تي ويٺي هيس ۽ پڦي بہ اڳئين ڀيري وانگر ڪمري ۾ اندر ويل هئي، ڏاڏي وري بہ آئي ۽ مون کي هن ڀيري چوڻ لڳي:
’نسيم پٽ! مان تہ تو وٽ ايندي هيس نہ، تون ڊڄين بہ ٿي ۽ ماڻھن کي بہ ٿي ٻڌائين، ان ڪري اڄ کان پوءِ مان وري تو وٽ ڪانہ اينديس،‘ ۽ وري هوءَ ان ساڳي ڪمري ۾ هلي وئي – پڦي جڏهن ڪمري منجهان موٽي تہ مان ڊوڙي وڃي پڦيءَ کي چنبڙيس، هراسيل هراسيل ساھہ سان چيومانس تہ: پڦي، اڄ وري مون ڏاڏيءَ کي ڏٺو آهي، اڄ تہ هن مون سان ڳالھايو بہ آهي.“
پڦيءَ کي پڪ هئي تہ مان اهڙو ڪوڙ ڪونہ ڳالھائيندي آهيان، انڪري هن وري بتي ٻاري ۽ ان ڪمري ۾ ڏاڏيءَ کي اسان ٻئي گڏجي ڳولھڻ لڳيونسين، پر هوءَ ڪانہ لڌي .
”چري، اِهي سڀ تنھنجا وهم آهن، ٻيو ڪجهہ بہ نہ.“
”مٺي.... تون وڃين ڪاڏي ٿي....؟ تو تہ چيو هو تہ توکي ڪوئي گهر ڪونھي.“
”گهر تہ برابر ڪونھي پر ان چوواٽي، تي جنھن کي دنيا هاسٽل سڏيندي آهي.“
”پوءِ مٺي نہ وڃ، اتي رهي پئي نہ.“
”مان هت ڪيئن رهان، هي گهر تہ ڪن ٻين انسانن جي امانت آهي ۽ سڀاڻي ان جي وارثياڻي بہ اچي پئي.“
”مٺي.... مان ڏاڍو خراب آهيان نہ....“
”ها....“
”پوءِ تون مون کي ڇڏي ڇو ڪونہ ٿي ڏين....؟“
”منھنجي پسند ئي اهڙي آهي...“
”پوءِ تنھنجي پسند اهڙي ڇو آهي....“
”الائي مون کي ڪھڙي خبر....؟“
”هي ڊگريون ڇو پاتيون اٿئي....؟ توکي هندستاني گيت وڻندا آهن. تون ايتري کويل کويل ڇو هوندي آهين....؟“
”مان ڀائيندي آهيان تہ مان اڳئين جُڳ جي آهيان ۽ ڪنھن جي ڳولھا ۾ ٻيو جنم ورتو اٿم، مون کان منھنجو پريمي وڃائجي ويو آهي ۽ مان ٻيو جنم ان کي ڳولھيندي وڃائينديس.“
”حياتي ائين بيڪار وڃائڻ لاءِ تہ ناهي ملي...؟“
”مون کي ملي آهي ۽ مان ان کي ڪيئن بيڪار چوان، جڏهن تہ ڪنھن کي ڳولھڻو اٿم.“
”ڪير آهي اِهو....؟“
”آهي ڪوئي مھانگو ماڻھو. هون.... مھانگو ئي تہ ٿيو نہ جو مون وٽ نٿو اچي.“
”تو هن کي ستايو هوندو.“
”نہ.... هن مون کي ستايو آهي.“
”پوءِ تون هن کي ڇڏي ڇو ڪونہ ٿي ڏين...؟“
”مون وٽ تارازي ڪونھي، جنھن جي پُڙ ۾ وٽ وجهندي وڃان.“
”تون مون سان Romance ڪرڻ ٿي چاهين.“
”نہ...“
”مون سان شادي ڪري گهر وسائڻ ٿي چاهين...؟“
”نہ...“
”تہ پوءِ باقي ڇا ٿي چاهين...؟“
”الائي، مان پنھنجن جذبن کي ڪو نانءُ ڏيڻ نٿي چاهيان.“
”مان تنھنجي هيتري بي عزتي ڪندو آهيان، توکي ڏک ڪونھي ٿيندو؟“
”ٿيندو آهي.... ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي.“ هن جي اکڙين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.
”تون روئين ٿي مٺي....“
منھنجي انھن لفظن تي هوءَ وڌيڪ اوڇنگارون ڏئي روئي پئي.
”تون رسڻي گُڏي آهين ڇا، جو ذري ذري تي روئي ٿي پوين؟
ڇاجي لاءِ ٿي منھنجو ايڏو رعب سھين...؟“
”بس سھان ٿي.... سھڻو ٿو پوي، ڇا ڪيان مجبوري آهي.“
”ڪھڙي مجبوري اٿئي؟“
”تون وڻين جو ٿو.“
مون پنھنجي البم ۾ لڳل تصويرون ڏيکاريون، هن هڪ هڪ ڪري سڀ تصويرون ڏٺيون. گهرين ۽ مٺين نظرن سان هوءَ هڪ هڪ تصوير ڏسندي وئي. جڏهن هن هڪ تصوير کنئي مون هن کي روڪيو ۽ تصوير کڻي لڪائي.
”اها تصوير لڪائين ڇو ٿو؟“
”نہ مٺي اِها تصوير نہ ڏس، تون مون کي خراب سمجهندينءَ...“
”نہ... مان خراب تہ ڪنھن کي بہ ڪونہ سمجهندي آهيان پر توکي تہ سمجهي ئي نٿي سگهان.“
”ڇو...؟ مون سان اها رعايت ڇو....؟“
”بس دل چئي ٿي توسان رڳو رعايت ئي رعايت ڪيان، تون سدائين ڪسر ۾ هجين.“
گهڙي رکي هوءَ تصوير ۾ نھارڻ لڳيِ.
”وڏو حرامي آهين“
”مان وڃان ٿو...“
”مون کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي هل ني.“
”ڪاڏي وٺي هلان چري توکي.“
”جاڏي تون وڃين ٿو.“
”مان جي جھنم ۾ وڃان تہ پوءِ....؟“
”مان بہ اتي هلنديس توسان گڏ.“
”اتي هلندينءَ...“
”ها.... هلنديس، پر جي وٺي هلين تہ....“
”تون چري تہ ڪانہ ٿي آهين نہ...“
”شايد هجان بہ....“
“She should my reflection”
”مان بہ ٿينديس....“
هن جا اهي لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا ۽ گھرين گهٽائن جيان اکيون وسڻ لڳيون.
”ڇا ٿيو مٺي...؟“
”ڪجهہ بہ نہ...؟“
”پوءِ تون روئين ٿي....؟“
”بس ائين ئي، تون ڪنھن ٻي عورت جو ذڪر نہ ڪندو ڪر.“
She should my reflection” ان تي رني آهين....؟ ايڏي ڏکڻي دل اٿئي.“
”مان بہ ٿينديس....“
”ڇا.....؟“
”جيڪو تون آهين، جيئن تون آهين.“
”تون منھنجو پاڇو آهين ڇا....؟ سڀاڻي منھنجي زال ايندي.“
”اڳھڻو ٻڌايو هيئِہ.“ هوءَ ائين چئي وري اٿڻ لڳي.
”تون گهڙي گهڙي اٿي ڇو ٿي بيھين، يا ويھہ يا وڃ. اهي نخرا ڇو ٿي ڪرين!“
”تون ستائين جو ٿو....؟“
”مان توسان شادي تہ ڪونہ ڪندس.“
”نہ ڪر....“
”پوءِ توکي ڏک ڪونہ ٿيندو؟“
”نہ....“
”ڇو، تنھنجو مون سان پيار ڪونھي....؟“
”آهي تڏهن تہ....“
”پوءِ توکي ڏک ڪونہ ٿيو....؟“
”اهو تو ڪيئن ڄاتو تہ مون کي ڏک ڪونہ ٿيو؟ مان جڏهن سورنھن سالن جي ٿيس تڏهن من چاهيو هو تہ ڪوئي مون سان پيار ڪري. منھنجون روپ ريکائون منھنجا وار، منھنجون ڊگهيون گھريون اکيون، سڀ ڪنھن جي اوسيئڙي ۾ رهنديون هيون. ان وقت منھنجي ذهن ۾ ٻن انسانن جو روپ سمايل هو. هڪ هو يسوع مسيح. ابن مريم، جنھن سچ چيو ۽ ٽياس تي ٽنگجي ويو ۽ ٻيو انسان هو گوتم ٻڌ، جنھن جي مک تي تيج هو، ڄڻ هو پٿر جو مجسمو هو. ڄڻ ڪنھن سنگتراش پٿر منجهان ڪائي مورتي گهڙي هئي. هو ڌرتيءَ جا سک ۽ سھنج مليل ڇڏي بن واسي ٿيو، انسانن جي من ۾ کوٽ ڀريل هئي. جيڪا منافقي هئي، سا کيس راس نہ آئي. ڪاش مان انھيءَ جڳ ۾ پيدا ٿيان ها، ڪاش مان انھن ڏينھن ۾ جنم وٺان ها، ها هيءُ دور مون کي راس نٿو اچي.“
”مٺي.... امان چوندي آهي تہ منھنجي سيني ۾ دل ڪانھي پٿر آهي...“
”۽ منھنجي وري سڄي جسم ۾ پٿر ڀريل آهي.“
”سچ مٺي...“
”ها....“
”توکي.... ڪاوڙ ڇو نہ ٿي اچي مون تي...؟“
”ڇو اچي....؟“
”مان توکي ستايان ٿو....“
”تون ڏاڍو ڪٺور آهين...“
”سو تہ آهيان.“
”مان ڀانيان تہ توکي هوائون بہ نہ ڇھن ۽ تون آهين جو وتين رنن جي پويان ڊوڙندو.“
”اڙي چري مان ڪو ويل آهيان ڇا...؟ مان تنجيل مکيل عورتن کي ٿڪ بہ نہ هڻان....“
”ڪوڙ ڇو ٿو ڳالھائين؟“
”نہ مٺي مون کي هينئر رڳو ڪنھن جو پريم کپي، تون ڏئي سگهندينءَ.... اهو سڀڪجهہ؟“
”ڇو ڪونہ.... تون گهري تہ ڏس.“
”ڪوڙ ڇو ٿو ڳالھائين... ٻڌاءِ نہ؟؟“ هن منھنجي ٻانھن کي مضبوط جهليندي چيو.
”تون ئي چئہ مٺي هينئر مون وٽ ڪير آهي؟“
”مان آهيان ۽ ... زال اٿئي، اڃا گهڻيون عورتون هجن تو وٽ.“
”زال تنھنجي ئي ڪري رسي ڳوٺ هلي وئي ۽ تون پنھنجي گهر، تون ئي چئہ تہ مان تہ اڪيلوئي آهيان نہ....
“I am very strong man.”
”سو تہ ڏسڻ ۾ بہ اچين پيو.“
”مٺي منھنجي حياتيءَ ۾ پيار تہ ڪونھي، پوءِ ڇا هوءَ مون کي....؟“
”ڪاروباري ماڻھو ٿو ڏسجين، توکي پياري بہ ڪانھي پوءِ بہ هوءَ توسان گڏ آهي، ڪيتريون شامون مون اوهان کي گڏجي گهمندي ڏٺو آهي. گڏ رهو ٿا. هنن جي هٿن جي ٺاهيل ماني کائين، هوءَ تنھنجي سار سنڀال لھي ٿي، هوءَ تنھنجي زال سڏجي ٿي، گڏ هڪ روم ۾ رهو ٿا، ٻيو پيار ڪنھن کي چئبو آهي...؟“
”هوءَ سڀڪجهہ پاڻ ئي ڪندي آهي، مٺي مان هن کي....“ هن ڳالھہ اڌ ۾ ڇڏي ڏني.
”ڏس نہ سڄڻ ائين نہ چئہ، تنھنجي خاموشي هن کي Encourage ٿي ڪري، هوءَ تنھنجي زال آهي ۽ اهو حق هن کي سماج کان مليل آهي، اهو حق تون هن کان ڦرڻ نٿو چاهين، جو هن توسان ڪئين سال ڏک سک جا گهاريا آهن.“
”مٺي وقت ۽ حالتن منھنجي زال کي مون مٿان مڙهيو ضرور آهي، پر ان ۾ بہ هن جو ڏوھہ آهي ۽ نہ منھنجو، پر گڏ رهڻ جي سزا اسان ٻئي پيا ڀوڳيون. مان نٿو چاهيان تہ هن کي ڇڏڻ جو الزام پاڻ مٿان کڻان.“
هوءَ اها ڳالھہ ٻڌي ڳچ وقت ماٺ ۾ رهي. مان هن منجهہ نھاريندو رهيس.
”مٺي اهڙين نگاهن سان نہ نھار – تون چپ ڇو ٿي وئينءَ....؟“
”ڪجهہ نہ....“ سوچان ٿي ڪھڙو جڳ آهي جتي سچ جو ڪو بہ قدر ڪونھي. هي ماڻھو پنھنجي زال کي ڇڏڻ تہ چاهي ٿو پر ڇڏڻ جو الزام پاڻ تي کڻڻ نٿو چاهي، انھيءَ عورت کي ڇڏڻ جو الزام پاڻ تي کڻڻ نٿو چاهي، جنھن عورت هن سان گڏجي گهاريو آهي. يارنھن سال ڏک ۾ هن جو ساٿ ڏنو آهي. ان عورت کي هي ماڻھو ڇڏڻ تہ چاهي ٿو، پر ڇڏڻ جو الزام پاڻ تي کڻڻ نٿو چاهي. هن لاءِ گهر ۾ اهڙيون حالتون پيدا ڪندو جو هوءَ مجبور ٿي پاڻ گهر ڇڏي هلي وڃي.
”تون ڳالھائين ڇو ڪونہ ٿي مٺي.“
”بس ائين ئي....“
”نہ، تون ڪجهہ سوچين ضرور ٿي – ٻڌاءِ ڇا ٿي سوچين....؟“
”اهي منھنجون پنھنجون سوچون آهن. تون ٻڌي ڇا ڪندين....؟“
”اهي ئي تہ ٻڌڻ چاهيان ٿو....؟“
”رهڻ ڏي سڄڻ، ٻڌندين تہ ڏک ٿي پوندئي.“
”ڪجهہ تہ ڳالھاءِ.... ائين ماٺ ۾ ڇو آهين...؟ مٺي... مون ۾ ڇاهي...؟“
”تو ۾ اهو سڀڪجهہ آهي، جنھن لاءِ ڪا بہ عورت هن جڳ جو تياڳ ڪري جوڳياڻي بڻجي نگر نگر وستي وستي ڀٽڪي سگهي ٿي – ديوداس جيان رولاڪ بڻجي پاڻ مٽائي سگهي ٿي. هستيءَ کي ڀلائي سنياسي بڻجي سگهي ٿي تون ايڏو خوبصورت آهين.“
”ائين تہ مون ڪونہ چيو.“
”اهو توکي مان ٿي ٻڌايان. سونھن جي ڪشش وقتي هوندي آهي ۽ پريم هڪ دائمي شڪتي آهي، جنھن کان پاڻ آجو ڪرائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“
”منھنجو پُٽ بيمار آهي.“
”پوءِ .... مان ڇا ڪريان....؟ هن جي پرگهور لھڻ واري تہ اڳ ۾ ئي موجود آهي.“
”هوءَ مون کان رٺل آهي نہ... انڪري پٽ کي بہ نہ ڏسندي آهي.“
”پوءِ مون وٽ ڇڏي وڃينس.“
”هو... توکان ڏاڍي نفرت ڪندو آهي. تو هن کان هن جي پيءُ جو پيار کسيو آهي نہ....“
”هن کان پيءُ جو پيار مان نہ، اوهان جي گڏيل حالتن کسيو ۽ ٻي ڳالھہ تہ هن مون کان منھنجو پريمي ڦريو آهي. ڪجهہ بہ سھي انھن سڀني مسئلن جو حل مان ڪيئن ڳولھيان؟ چؤطرف اونداهين ۾ گهيريل آهيان، ڪڏهن انھن انڌيرن جي لاءِ بہ سوچيو اٿئي جن ۾ مان وڪوڙيل آهيان، تون پاڻ کي ڪنھن جي ٻنڌڻن ۾ مضبوط جڪڙيل ٿو ڀانئين. تنھنجي لاءِ بھتر اهو آهي تہ تون مون کي هميشہ لاءِ وساري ڇڏ. تون هينئر جنگ جي ميدان ۾ بيٺل آهين. گذريل گهڙيون گهاريل هڪ عورت سان ۽ ان منجهان پٽ پيدا ڪيل. اهي ٻئي ايڏا مضبوط رشتا آهن، جن کي وسارڻ تنھنجي وس ۾ ڪونھي، ضمير جي ڇڪتاڻ کان بچڻ جو بہ تو وٽ هڪ ئي طريقو آهي تہ تون مون کي هميشہ لاءِ وساري ڇڏ. مان تنھنجي حياتيءَ مان نڪري وينديس. نہ هن جڳ جو ڪجهہ بگڙندو ۽ نہ توکي ئي ڪجهہ ڀوڳڻو پوندو. باقي تون هن عورت کي پنھنجي حياتيءَ مان ڪڍندين تہ ٽٽي پوندين. ڀڄي ڀور ٿي ويندين. تو وٽ سڀڪجهہ هوندي بہ تون اڃايل اڃايل رهندين. رڃ ۾ ڀٽڪندو رهندين. ۽ مان نٿي چاهيان تہ ڪو تنھنجو روح رولڙي ۾ هجي.“
”توکي جو ڇڏي ڏيان تہ توکي ڏک ڪونہ ٿيندو....؟“
منھنجي ڳڻتي ڇو ٿو ڪرين پيارا... مان تنھنجي ڪير لڳان...؟ ۽ ٻي ڳالھہ....؟ ٻي ڳالھہ تہ منھنجي دل سمنڊ جيان گهري ۽ آڪاش جي وسعتن جيان وشال. هردي ۾ تولاءِ گهڻو ڪجهہ آهي.... حياتيءَ جي ڪنھن موڙ تي تون مون وٽ آئين تہ مان توکي سيني سان لڳائي ساھہ جيان سنڀالينديس. موٽ ۾ مون کي توکان ڪجهہ بہ ناهي وٺڻو. تون ئي چئہ مون کي توکان ڇاهي وٺڻو....؟“
”مٺي... ائين ڇو ٿي چئين... تون شادي ڪانہ ڪندينءَ...؟“
”نہ...“
”ڇو.....؟“
”اهو توکي ڇو ٻڌايان. نٿو سمجهين تہ رهڻ ڏي سڄڻ.“
”پوءِ بہ مٺي ڪجهہ تہ ٻڌاءِ اهو ڪير....؟“
”آهي ڪوئي مھانگو ماڻھو.“
”ڪير آهي اهو...“
”چيم نہ جنھن سان ڪرڻي اٿم اهو تہ ليکي ئي نٿو. باقي اجائي جک مارڻ مون کان نٿو پڄيProtection جي عيوض ڪسب ڪرڻ تي دل نٿي مڃي.“
”ڪير آهي اهو مٺي...“
”چيم نہ تہ آهي ڪوئي بيحد مھانگو ماڻھو.“
”مان شادي تہ ضرور ڪندس.“
”پوءِ ڪري وٺجانءِ ڪنھن سھڻي ڇوڪريءَ سان. سلڇڻي ڇوڪريءَ سان. مان تہ ڏاڍي پاپڻ آهيان. ان عورت تي تہ تنھنجي زال ٽمجهڻ ڪانہ وجهندي نہ...؟“
”نہ....مان شادي تہ ضرور ڪندس، پر سورنھن سالن کان پوءِ....“
”اهو تنھنجو مسئلو آهي سڄڻ. اڄ ڪرين يا سورنھن سال رکي. ان عورت تي، تہ تنھنجي زال ٽمجهڻ ڪانہ مچائيندي نہ....؟“
”نہ....“
”منھنجي سيني ۾ دل ڪانھي....“
”اها بہ عادت تہ ڪا چڱي ڪانھي....“
”تون هر ماڻھوءَ تي اعتبار جو ڪري ويھندي آهين...؟“
”الائي.... مان سوچيندي آهيان تہ ڀلا مون سان ڪنھن جو وير هوندو؟ مون سان ڀلا ڪوئي ناٽڪ ڇو رچائيندو....؟ ان عادت جي ڪري مون ڏاڍو ڀوڳيو آهي.“
”تون ڪھاڻيون نہ لکندي ڪر....“
” ڪھاڻيون لکنديس تہ سھي پوءِ کڻي ڇپائينديس ڪانہ... بس نہ.“
”تون مون وٽ وري آئينءَ ڪانہ....؟“
”مان اچان ها پر....“
”اها پر تنھنجي جملي مان ڪيئن نڪرندي ۽ ڪڏهن....؟“
”مان بہ اچان ها پر.... پر.... پر.... پر....“
”پر چئہ مٺي.... ڇا پئي چوڻ چاهيئي....؟“
”ڪجهہ بہ نہ....“
”ڪجهہ بہ نہ .... نہ تو چوڻ ضرور پئي چاهيو.“
”چوڻ تہ چاهيم پئي پر نٿو سمجهين تہ رهڻ ڏي – آخر ٻار تہ ناهين نہ....؟“
”مان تو وٽ ڀلا As a lecturer ٿي اچان...؟“
”ڇو....؟ As beloved نٿو اچي سگهين ڇا....؟“
”نہ. ماڻھو ڇا چوندا....؟“
”ماڻھن کان ڏاڍو ڊنل آهين...؟“
”ها مٺي.... آخر تہ جڳ ۾ هلڻو آهي نہ....؟“
”جڳ ۾ تہ هر ڪنھن کي هلڻو هوندو آهي... رڳو توکي نه؛ چڱو جھڙي بہ حيثيت سان اچين پر اچ تہ سھي نہ....“
”تون شاديءَ جون سڌون ڇو ٿو ڪرين....؟“ جڏهن تہ تون پنھنجي زال کان ڏاڍو ڊنل آهين ۽ توکي پٽ بہ ڏاڍو پيارو آهي.“
”انھيءَ ڪري جو اِها شادي دوکي سان ڪرايل آهي. ان ۾ منھنجي مرضي شامل ڪانھي. مٺي تون مون کي بہ ڏس ۽ هن کي بہ... مان هن کان وڌيڪ خوبصورت آهيان. پڙهيل آهيان. مون جھڙي ماڻھوءَ جو هن کي Protection مليل آهي، ڇا اهو هن لاءِ گهٽ آهي. ۽ مون منجهان هوءَ پٽ ڄڻي سگهي آهي. اهو ڇا هن لاءِ خوش نصيبيءَ جو باعث ڪونھي.“
”منھنجي Department وارا چوندا آهن تہ تنھنجي نسيم نالي تي ساعٿ آهي.“
”گهڻا سال اڳ هڪ ڇوڪري منھنجي حياتيءَ ۾ آئي هئي. هن جو بہ نالو نسيم هو.
I was half made behind her. I was about to marry her.”
”پر .... پوءِ“
”پر پوءِ.... منھنجي هڪ ويجهي دوست مون کي ڏاڍو سمجهايو. هو مون کي ڏاڍو پيارو آهي، يارنھن سالن جي پراڻي دوستي آهي نہ، ان مون کي ڏاڍو سمجهايو.“
”ان توکي ڇو جهليو، هوءَ ڏاڍي سٺي بہ هئي، پڙهيل بہ هئي ۽ توسان پيار بہ هئس.“
”هوءَ.... ڌاري قوم منجهان هئي نہ.“
”پوءِ ڇا ٿي پيو....؟ هوءَ انسان تہ هئي ۽ توسان Sincere بہ. مان سمجهان ٿي اهو گهڻو ڪجهہ آهي ڪنھن بہ عورت ۽ مرد کي ويجهي آڻڻ لاءِ.“
گهڙي رکي هن وري ڳالھايو:
”پر نہ... تنھنجي دوست صحيح ڪيو هو. اسان جي قوم اڳ ۾ ئي پٺتي پيل آهي. جيڪڏهن اسان جا پڙهيل، دانشور ۽ ذهين ماڻھو ڌارين قومن منجهان شاديون ڪرڻ لڳا تہ پوءِ – هيءَ قوم فنا ٿي ويندي.“
”ائين ڇو ڪونہ ٿي چوين تہ پوءِ توکي ملي نہ سگهان ها....“
”ماڻھن جون دليون آهن يا ڪال ڪوٺڙيون، جتي رڳو مجرم ئي ڦٽا ڪيا ويندا آهن.“
”ڪھڙا ماڻھو....؟“
”تون ..... ٻيو ڪير....؟ هن ڌرتيءَ جو سنڌي قوم تي احسان آهي، جنھن تو جھڙي پياري انسان کي جنم ڏنو آهي، تون هن ڌرتيءَ جي امانت آهين، تنھنجي دوست صحيح سوچيو هو.“
”مٺي ايڏا تہ چاڙھہ نہ ڏي....“
”مان توکي غلط ڇو چونديس، مون کي توکان ڇاهي وٺڻو...؟“
”مٺي ائين ڇو ٿي چوين....؟“
”تون وري ڪڏهن ايندين؟“
”مٺي ڳالھائڻ تہ سک....“
”تہ پوءِ مون کي ڪيئن ڳالھائڻ کپي...؟“
”تون چئہ تہ پاڻ ٻئي ڪڏهن ملنداسين.“
”ايڏو مٺو ڳالھائڻ مون کي نٿو اچي، حياتيءَ ۾ ايڏي ڪڙاڻ ملي آهي جو مٺا ٻول ٻولڻ وسري ويا آهن.“
”مان ڀانيان تہ رڳو تون ئي تون هجين ۽ تون آهين جو سڄي جڳ کي ڪٺو ڪيو اٿئي. ڪٿي بہ تون ڪونہ آهين. تون ٻڌين بہ ٿو يا نہ....؟“
”ٻڌان پيو مٺي.... مان توکي پرکيان پيو.... تنھنجي ۽ منھنجي پرک جو رڳو انداز مختلف آهي.“
”نہ.... تون ڀليل آهين، مون توکي ڪڏهن بہ پرکڻ نہ چاهيو هو. مان ڀروسي جي آڌار تي هلان ٿي.“
”اها عادت چڱي تہ ڪانھي...“
”نہ هجي... پر ڇا ڪجي عادت جو ٿي.“
هن جو چوڻ هو تہ جڏهن ڪير ڪنھن کي پرکي ٿو تہ پيار Conditional ٿي ٿو وڃي.
هوءَ ڀروسي جي آڌار تي هلندي هئي ۽ ڇاڪاڻ تہ عورت هئي ۽ مان مرد هئس. هن کان وڌيڪ ذهين. هوءَ دنيا ۾ ڀروسي جي آڌار تي هلندي هئي ۽ وک وک تي ٺوڪر کائيندي هئي ۽ مان عقل جي آڌار تي. هن کي مون کان هميشہ شڪايت هوندي هئي تہ: ”تنھنجو مون سان پيار ڪونھي پر تنھنجي ذهن ۾ رکيل پرک سان آهي.“
هڪ ڏينھن هوءَ ۽ مان ٻئي ڪمري ۾ موجود هئاسين، اسين ٻئي هڪ ٻئي جي ڀر ۾ ويٺا هئاسين. هوءَ حسب معمول ماٺ هئي.
”ماني کائيندينءَ...؟“
”نہ...“
”پوءِ توکي بک ڪانھي لڳي....؟ ڀلا مون سان تہ گڏجي ماني کاءُ مٺي....“
”چڱو گهراءِ...“
مون نوڪر کي سڏ ڪري چيو: ”ماني کڻي اچ.“
”سائين ماني ڊائيننگ ٽيبل تي لڳايان يا هتي ڪمري ۾ کڻي اچان...؟“
”ڪٿي ماني کائون مٺي....؟“
”جتي تنھنجي دل چئي....؟“
”هتي کڻي اچ....“ مون نوڪر کي مرڪي چيو. هو مرڪ جي موٽ ۾ مرڪ ڏئي هليو ويو. مون اٿي در ٻيڪڙيو. هو ماني کڻي وري آيو ۽ هڪ جڳ ۽ ٻہ گلاس بہ ٽيبل تي رکي هليو ويو. مون اٿي ٻيھر در ٻيڪڙيو ۽ واپس اچي ماني کائڻ لڳاسين.
مون ڏٺو پئي، تہ هن رکي رکي ڪو گراھہ پئي کنيو، سو بہ
بي دليو. لڳو ٿي منھنجي دل رکڻ لاءِ کائيندي هجي.
”ماني چڱيءَ طرح کاءُ نہ.... ماني ڇو ڪونہ ٿي کائين...“
”تون کاءُ منھنجي دل نٿي چئي....“
”تنھنجي جسم مان تہ ظاهر ٿو ٿئي تہ تون ماني گهڻي کائيندي هوندينءَ.“
”نہ... مان ماني ڪانہ کائيندي آهيان.“
”پوءِ بہ ايتري ٿلھي آهين.“
”ماڻھو مون کي چٻاڙيندا آهن ۽ مان مانيءَ کي. بس ان عمل ۽ ردعمل ۾ وڃان ٿي ٿلھي ٿيندي.“
”۽ اڄ...؟“
”اڄ تنھنجي وجود جو امرت پيان پئي. تون کائين ٿو ۽ مان تنھنجو اهو مرت اکين رستي اندر ۾ اوتيان ٿي، انڪري دل ڀري پئي آهي.“
مان ڀانيان تہ هوءَ بہ مون سان گڏجي کائي پر هن کاڌو گهٽ پئي ۽ مون منجهہ وڌيڪ پئي نھاريو. هوءَ ڪرسيءَ تان اٿي منھنجي ڀر ۾ ويٺي، هٿ تي ڳل رکي هوءَ لڳاتار مون منجهہ نھارڻ لڳي.
”مان هتان توکان پري پئي ٿيس ڇا....؟“
”ها... منھنجو وس پڄي تہ توکي اندر ۾ اوتي ڇڏيان.“
هن هڪڙو گلاس پاڻيءَ جو اوتيو ۽ پيئڻ لڳي.
”مٺي ماني تہ نٿي کائين، ڀلا هيءُ سلاد ئي کاءُ.“
”ها کاوان ٿي.“ هن هڪڙو گلاس پاڻيءَ جو اوتيو ۽ اهو پيئڻ لڳي.
”مٺي تو ٻڌو ڪونہ ڇا. ماني تہ ڪانہ ٿي کائين ٿورو ڀلا سلاد کاءُ نہ...“
هن هڪڙو ٽڪر کڻي کاڌو. ڪجهہ وقت رکي مون هن کي چيو: ”ٻيو بہ کڻ.“
هن ٽيبل تي هٿ سڌو ڪندي چيو:
”ها!...“
اسان جڏهن ماني کائي بس ڪئي تہ مان ڊرائينگ روم ۾ وڃڻ لڳس، هوءَ منھنجي پويان آئي.
”ڇو ايتري بہ جدائي سھي ڪانہ سگهينءَ ڇا....؟“
”نہ....“ اسين ٻئي فرج تائين آياسين. مون برف جي Tray ڪڍي ۽ شربت جو شيشو ڪڍيو. هن ٻئي شيون مون کان وٺي چيو:
”گهڻو ڪم ڪيئہ هاڻي اڳيان ٿي هل.“
”پر مشھور چوڻي آهي تہ Ladies First، تنھنڪري تون اڳيان ٿي هل.“
”اهو يورپ ۾، هينئر تون يورپ ڇڏي آيو آهين، سنڌ ۾ پيو رهين.“
هڪ ڏينھن اسين آفيس منجهان گڏجي موٽياسين، حسبِ عادت هوءَ اڪيلي ۽ پنڌ هئي ۽ مان گاڏيءَ ۾. مون وري هن لاءِ گاڏي بيھاري، هن کي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيو. هوءَ مون سان گڏجي گهر آئي.
آسمان تي گھرا گهرا ڪارا سرمئي رنگ جا ڪڪر وکريل هئا ۽ هلڪي هلڪي ٿڌي هير پئي لڳي.
”مٺي.... اڄ توکي هيءَ ڪائنات، بدليل بدليل ٿي لڳي نہ...؟ توکي بہ ٿي لڳي يا رڳو مون کي ٿي لڳي؟“
”مون کي بہ ٿي لڳي، گگن منڊل تي جي رنگ وکريل آهن تن هردي جي هر جذبي کي ڄڻ پنھنجي رڱ ۾ رڱي ڇڏيو آهي.“
”مٺي ائين ڇو آهي....؟“
”اڳ اسان رڳو جيئڻ جي سزا پئي ڀوڳي، هينئر اسان کي ان منجهان نرماڻ مليو آهي. اسان هينئر حياتي ماڻڻ چاهيون ٿا. جڳن جا جڳ جيئڻ چاهيون ٿا، مان ڀانيان ٿي تہ عورت ۽ مرد جو بس هڪ ئي تہ رشتو آهي جيڪو اَمر آهي، باقي رشتا سڀ ڪوڙ آهن، اجايا آهن. هونءَ بہ جيڪڏهن ڏسجي تہ باقي رشتن ناتن جنم ئي ان مان ورتو آهي ۽ عورت ۽ مرد جي امر پيار جا محتاج آهن. ٻڌاءِ آهن نہ...؟ يا مان ڪوڙ ٿي چوان.“
”نہ مٺي... تون ڪوڙ ڪونہ ٿي چوين.“
اڄ آڪاش مٿان هلڪا سرمئي رنگ جا گھرا ڪڪر ڇانيل هئا ۽ اسان مٿان هلڪي هلڪي ڇانوَ بہ هئي.
”مٺي.... مان هت ڪڏهن بہ موٽي نہ اچان ها پر پٽ جي ڪري اچڻو پيو. مون کي پنھنجو پٽ ڏاڍو پيارو اٿئي....“
”ڪيئن نہ هوندو، آخر هو تنھنجو پٽ آهي، اولاد تہ پکي پکڻ جيت جناور ۽ جانورن کي بہ مٺو هوندو آهي، پوءِ تون تہ وري بہ انسان آهين. تنھنجو پٽ سان پيار هجڻ تنھنجي نيڪ طبعيت ۽ رحمدليءَ کي ٿو ظاهر ڪري. اها تہ پاڻ چڱي ڳالھہ آهي پر هڪڙي ڳالھہ چوانءِ. دل چوندي آهي تنھنجو حال ماضي ۽ مستقبل سڀ منھنجا هجن. ڪير بہ ان ۾ ڀاڱي ڀائيوار نہ هجي. پوءِ چاهي اهو تنھنجو پٽ ڇو نہ هجي...!
تون ڪنھن کي بہ جيڪر پيار نہ ڪرين، تُنھنجي ڀاڱي جو ۽ مان پنھنجي حصي جو، هن کي ايڏو تہ پيار ڪنديس جو هو ڪڏهن بہ پيار جو سِڪايل نہ رهندو. تون متان ائين سمجهين تہ ڪو مون کي تنھنجي پٽ سان پيار ڪونھي. تنھنجي ان ماضيءَ جي سيڙپ تي، پنھنجا پراڻ بہ ڏئي سگهان ٿي. مان هام نٿي هڻان، مون کي هر اها شيءِ پياري آهي، جنھن سان تُنھنجو ٿورو بہ لڳ لاڳاپو آهي.
”حياتي اسان کي ڪروڌ ۾ وڃائڻ لاءِ ناهي ملي. حياتيءَ جي ڪڙاڻ اسان کي هر هنڌ ملي ٿي. پنھنجن کان پراون کان، پوءِ اسين تہ گهٽ ۾ گهٽ پنھنجي حياتيءَ جي چند گهڙين جو چورايل امرت ماڻيون. ٻہ گهڙيون جيڪي ملن ٿيون سي تہ ڪروڌ ۾ ضايع نہ ڪريون ۽ تو وٽ رڳو ڪروڌ ئي ڪروڌ آهي. ائين ڇو آهي...؟“
”ڪيئن...؟“
”مرد شاديءَ کان پوءِ چاھہ گهر ۾ گهڻو ۽ عورت ۾ گهٽ وٺڻ شروع ڪندو آهي، پوءِ هنن جي حياتيءَ ۾ اهو Charm نہ رهندو آهي. اها Romantic Life ڪيڏانھن گم ٿي ويندي آهي...؟“
”عورت مرد جي جنسي ميلاپ کان پوءِ ڇو مرد عورت لاءِ پيار گهٽائي ڇڏيندو آهي....؟ جڏهن تہ اصل Romance شروع ئي شاديءَ کان پوءِ ٿو ٿئي جڏهن هو ڏک سک ۾ هڪ ٻئي جا ڀاڱي ڀائيوار ٿا ٿين. عورت گهر جي اندر بہ مرد کي گهڻو ڪجهہ ڏئي ٿي سگهي ۽ گهر جي اندر بہ اها سموري سونھن پيدا ڪري سگهي ٿي، جنھن جو ڳولھائو مرد هوندو آهي.“
”مٺي.... پيار ۾ شرط نہ ٿيندا آهن.“
”مون وري ڪٿي چيو تہ پيار ۾ شرط ٿيندا آهن. توسان گڏ گهاريل هڪڙو هفتو توکي سمجهڻ لاءِ ڪافي هو. جيئن ڪڻي منجهان خرار جي پرک ٿيندي آهي، تہ توسان گهاريل چند ڏينھن توکي سمجهڻ لاءِ ڪافي هئا، مون توکي سمجهيو آهي، پر تو مون کي اصل ناهي سمجهيو. حالانڪ مون کي سمجهڻ لاءِ پرکڻ لاءِ تو جر ٿر هڪ ڪيو آهي.“ گهڙي رکي هن وري ڳالھايو:
”حالانڪ تون ڏاڍو Complicated ماڻھو آهن، مون کي تون Immature ٿو چوين. مون تنھنجي ڪھڙي ڳالھہ کي ناهي سمجهيو...؟ تنھنجي هر لفظ کي سوين معنائون هر هڪ عمل کي هزارين روپ. ماڻھو توکي پسيل ڪڪڙ سڏيندا آهن.“
”ڇو.....؟“
”ساڙ کان... تون ڏاڍو خوبصورت آهين نہ، انڪري. خاص ڪري عورتون ساڙ وچان چونديون اٿئي.“
”۽ تون وري ڀِڳل ڪڪڙ....“
”۽ مان توکي وري خبر اٿئي ڇا چوندي آهيان-ڀِڳل ڪبوتر، ڪبوتر سھڻو پکي هوندو آهي نہ.“
”۽ تون وري ڀِڳل ڪبوتري آهين. تُنھنجي منھنجي قسمت هڪجھڙي آهي، ٻئي ڀڳل ٽٽل ۽ حالتن جا شڪار ٿيل. ٻئي پوءِ بہ حالتن کان مات نہ کائڻ وارا رُڪ جيان مضبوط. ٻئي هڪڙي ئي سال برباد ڪيا ويا آهيون. اسان جون طبعيتون بہ ڪيتريون نہ ملندڙ جلندڙ آهن. ها نہ مٺي؟“
”تون چپ ڇو هوندي آهين. ڪجهہ تہ ڳالھاءِ پوءِ گاريون ئي کڻي ڏي. ائين ڇو آهي مٺي...؟ ٻڌاءِ نہ ائين ڇو آهي؟؟“
”اسين جنم جنم ۾ گڏ ڀٽڪنداسين رلنداسين.“
”مٺي اهي تصوراتي ۽ Un realistic ڳالھيون آهن.“
”نہ سڄڻ، پريت هن ڌرتيءَ جو وڏي ۾ وڏو سچ آهي. ان کان سواءِ هيءَ ڪائنات اڌوري آهي، باقي سڀ ڪوڙ آهي. توکي Telepathy ۾ يقين آهي.“
”نہ... مون توکي ٻڌايو تہ مان ڏاڍو Practical ماڻھو آهيان.“
”تہ پوءِ مان بہ تہ Practical ڳالھہ ٿي ڪريان نہ، مون ڪڏهن تصوراتي ڳالھہ ڪئي. ڪنھن بہ پياري ۽ ويجهي انسان کي Imagination ذريعي پوءِ هو ڪٿي بہ هجي هن کي Communicateڪري سگهجي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ منھنجو ذهن ايترو Powerful ضرور آهي، جو مان، جنھن انسان سان منھنجو گهرو لڳاءُ هجي، ناتو هجي، ان تائين پنھنجا جذبا اماڻي سگهان ٿي بشرطيڪ مون وٽ ان لاءِ سچائي هجي.“
”هون... توکي ڏاڍي مار ڪڍڻ تي دل ٿي چوي.“
”تو... منھنجو ڪڏهن بہ قدر ناهي ڪيو...“
”نہ مٺي... I am doing much for you within my capacity.“
”پر... مون تہ توکان ڪڏهن بہ ناهي گهريو. تو مون کي وساري ڇڏيو ۽ وري مون وٽ ڪڏهن بہ ڪونہ آئين. مون کي جيڪي ڪجهہ گهربو هو سو تہ تو ڪنھن ٻيءَ کي ڏنو. تنھنجي سچائي گهربي هئي، پيار گهربو هو، سو تہ تو ڏنو ڪونہ، باقي مادي شين کي مان ڪيڏانھن ڪنديس...؟ ۽ جيڪڏهن مون جدوجهد ڪئي تہ اهي مان ڪنھن حد تائين پاڻ بہ حاصل ڪري سگهان ٿي.“
”مٺي... مان اچان ها پر...“
”مان هاسٽل ۾ رهيل هئس ۽ تون مھانگو ماڻھو ات ڪيئن اچين ها....؟“
”ها مٺي ٻاهر گهر وٺي رهيل هجين ها تہ مان تو وٽ ضرور اچان ها.“
”مان کڻي ٻٻر جي وڻ هيٺان ويٺل هجان ها، تون جي پيار جي هام هڻين ٿو، تہ توکي اتي بہ اچڻ کپي يا تہ ائين مڃ، تہ توکي رڳو تنھنجي مطلب جي عورت سان شادي ڪرڻي آهي، پوءِ اهو پيار جو ناٽڪ ڇو ٿو رچائين. مان اڪيلي آهيان نہ، ٻاهر رهڻ جيRisk ڪيئن کڻان – چئن ڏينھن ۾توتي اعتبار تہ ڪيم پر ان جو نتيجو بہ ڏٺم – خدا ڄاڻي اڳتي تنھنجو رويو ڪھڙو رهي ها؟“
اسين ٻڌا واپاري آهيون. اسين ٻڌو سودو ڪندا آهيون، لکين عورتن ۾ پنھنجي مطلب جي عورت کي باز جيان جهٽي وٺندا آهيون – سٻاجهي ۽ پاڻ مٽائيندڙ – اسان کي اهڙي عورت گهرجي جيڪا هڪ ئي وقت نوڪرياڻي، آيا، درزياڻي ۽ سيڪريٽري هجي، جيڪا اسان جي آفيس جو رهيل ڪم بہ ڪري ڏي، سھڻي هجي جو خوبصورت ٻار ڄڻي ڏي. Social life ۾ اسان جي ڪوڙي آن ۽ شان شوڪت واري جذبي کي تسڪين ڏئي سگهي. اهڙي پڙهيل عورت گهرجي، جنھن کي اسين ذهني پيڙا ڏئي سگهون. هوءَ اهڙي عورت هئي پر پوءِ بہ مون هن کي ڇڏي ڏنو. ان لاءِ تہ مون منجهہ Male Schovinism تمام گهڻو هو، مون هن کي مِٽائڻ چاهيو. هن جي وجود، هن جي هستيءَ کي فنا ڪرڻ چاهيو ۽ هن مون مٿان سچ پچ تہ پاڻ مِٽايو هو- پر پوءِ بہ مون هن کي وساري ڇڏيو، انڪري جو مون هر سنڌي مرد جيان عورت جي صلاحيتن کي مڃڻ ناهي سکيو. اسان سنڌي مردن، ادبي ۽ سياسي قلابازيون کائي، هن کي پورو پورو ذليل ثابت ڪيو – هوءَ هر ذلت، ماٺ ميٺ ۾ زهر جو پيالو سمجهي پي وئي، ۽ ڪڏهن بہ مون سان شڪايت نہ ڪئي. مان انھن مردن منجهان هيم، جيڪي عورت کي ڇيڇاڙڻ منجهان موج ماڻيندا آهن. هن جو چوڻ هو تہ دل گهرئي انسان کان ڪجهہ بہ نہ لڪائجي، چاهي ڪيتري بہ ڪڙي ڳالھہ هجي، ڪيتري بہ مبھم ڳالھہ ڇو نہ هجي. هن مون کان ڪجهہ لڪائڻ چاهيو بہ نہ هو. هن وٽ هر سوال جو جواب موجود هوندو هو پر پوءِ بہ مان هن کي شڪ جي نظرن سان ڏسندو هوس. هوءَ چوندي هئي تہ کيس سڀ ڪجهہ ٻڌائڻ سان سندس من جي پرک پاڻ مرادو ٿي ويندي. جي ڇڏي ڏنائين تہ سچ پچ سندس نينھن ساھہ ۾ سانڍڻ جي قابل آهي. مان ڪھڙو ماڻھو هوس جو هن جو قدر ڪري نہ سگهيس.
”مان تو منجهان هڪ پٽ ڄڻڻ چاهيان ٿي.“
”ان لاءِ جو توکي رڳو ٻہ ڌيئون آهن....؟“
”نہ.... مون ائين ڪڏهن چيو تہ اي ڪاش مون کي هڪ پٽ بہ هجي ها. تو منجهان پٽ ڄڻڻ ۽ پٽ جي خواهش هجڻ ۾ تمام گهڻو فرق آهي. مان تنھنجو ننڍپڻ ڏسڻ چاهيان ٿي. هو بہ هوبھو تو جھڙو ارڏو ۽ هٺيلو هجي. توکي ماءُ جھڙو پيار ڏيڻ چاهيان ٿي.“
”مون کي ڏيڻ لاءِ گهڻو ڪجهہ آهي.“
مون فريم ۾ لڳل هڪ تصوير ڏيکاري. اها منھنجي پٽ جي هئي. هن اها تصوير ڏسي پنھنجي پويان دريءَ منجهہ رکي، مون اها تصوير جهٽ ڏيئي کنئي ۽ صاف ڪري ٽيبل تي لڳايم. مون هٿ وڌائي ريڊئي کي آن ڪيو. آل انڊيا تان گيت هلي رهيو هو:
رُت آئے رُت جائے سکھی رے
من کا میت نہ آئے رے رت آئے
پے درشن کو جیارا ترسے
اکین سے مسکاون برسے
رُت آئے رُت جائے سکھی رے۔
”ڇا ٿي ڏسين مٺي، منھنجي زال جا ڪپڙا.“
”اهي اتي ڪونھن.“
”مٺي تون جي چوين تہ مان تنھنجي تصوير ٽيبل تي لڳايان.“
”تو تہ چيو منھنجو توسان پيار ڪونھي.“
”نہ چري ..... “It is exhibited from your lovely eyes
“It was my interpretation”
“Your interpretation is always wrong about me”
”تون چري تہ ڪانہ ٿي آهين ....؟“
”گهٽو ڏيان....؟“
”ائين ڇو ٿي چوين مٺي....؟“
”تو مون کي وساري ڇو ڇڏيو....؟“
”مون توکي ڪٿي وساريو آهي....؟“
”پوءِ توسان هوءَ گڏ ڇو رهي پئي آهي؟“
”هوءَ سڀڪجهہ پاڻ ئي ڪندي آهي.“
”روئيندي تہ هوءَ بہ آهي.“
”مان ڏاڍو خراب ماڻھو آهيان.“ ۽ هوءَ مون منجهہ نھاريندي هئي، گھرين گھرين اکين سان ۽ هميشہ سانت ۾ رهندي هئي.
That’s good
It’s too bad
”منھنجون اکيون جھڙيون آهن نہ.... ڀورين اکين وارا ماڻھو ڏاڍا بي وفا هوندا اٿئي. مان سچ ٿو چوانءِ، مان ڏاڍو خراب ماڻھو آهيان، مون سان بي وفائي ڪيئي تہ تنھنجون اکيون ڪڍي ڇڏيندس. توکي ڪھي ڇڏيندس، مان سچ ٿو چوانءِ I am very difficult man مان ڏاڍوPractical ماڻھو آهيانءِ، مون تي جادو ۽ ٽوڻا بہ اثر ڪونہ ڪندا آهن.“
”تون ڪو وهمي ٿو ڏسجين، هن Scientific دور ۾ تعويذ ۽ جادو ڀلا ڪيئن اثر ڪندا، ۽ اهي تہ اڳئين جڳ جون ڳالھيون آهن.“
”ڏسجانءِ مٺي تون مون کي ڇڏي ڏيندينءَ.“
”نہ مان توکي ڪڏهن بہ نہ ڇڏينديس. پر تون جي ڇڏي ڏين تہ پوءِ مان ڪنھن جون اکيون ڪڍان ۽ ڪنھن کي ڪھان....؟“
”جيستائين تو پيار ڪيو تيستائين مان بہ ڪندس ۽ پوءِ نہ....“
”۽ پوءِ بہ چوين ٿو تہ مٺي پيار ۾ شرط ناهن ٿيندا.... مون رڳو اهي لفظ ٻڌا آهن ۽ ان کي اصلي حياتيءَ ۾ ڏسڻ بہ چاهيان ٿي، مرد پنھنجي ٻولن ۽ قولن سان ڪيترو سچو آهي...؟“
“I was in search of love”
”پوءِ اهو توکي مليو....؟“
”نہ مٺي Sweaty, Honey مان توکي زوريءَ کڻي وڃان ها، تہ پوءِ تون رڙيون تہ نہ ڪرين ها نہ...؟ يا ڪرين ها....؟“
”نہ ....“
”مان بہ سوچيان پيو تہ آخر تہ پڙهيل عورت آهي.“
”پر.... تنھنجي ان رويي سان منھن ڏيڻ جا ٻيا بہ طريقا آهن.“
”ڪھڙا....؟“
”توکي ڇو ٻڌايان....“
”تو رنو پئي مون ڏاڍو مشڪل سان گاڏيءَ تي ڪنٽرول پئي ڪيو. مٺي چپ ٿي وڃ نہ تهAccident ٿي پوندو.“
I am expecting you, you are twenty-four hours late
”مان سوچيندو هوس تہ هن جي اکين منجهان پيار تہ ڏسجي پيو، پوءِ هيءَ چوي ڇو ڪونہ ٿي...؟“
”ڀلي سرينڊر هيءَ ڪري مان نہ ڪندس.“
”سڄو ورتو پيو آهي.“
”ڪير...؟“
”ناٽڪ جي ڳالھہ ٿو ڪريان...“
”پوءِ پيا سچي ڪن....“
”مان سگريٽ پيئندو آهيان نہ، انڪري منھنجي سيني ۾ سخت سور ٿيندو آهي.“
”پوءِ ڇڏي ڏي نہ.... نہ پيئندو ڪر ني.“
”ڇڏي نٿو سگهان... ڪير روڪڻ وارو جو ڪونھي. سيني ۾ جي زخم آهن، انھن کي سگريٽ جي دونھن ۾ ڌنڌلو ٿو ڪرڻ چاهيان.“
”۽ سگريٽ جو دونھون ان کي وڌيڪ گهرو ڪري ٿو.“
”مٺي... مان سگريٽ ڇڏڻ ٿو چاهيان.“ هن اٿي مون کان سگريٽ ڦري ڦٽو ڪيو.
”ان مان ڇا ٿيندو....؟ گهر جو دٻا ڀريا پيا آهن.“
”اتي توکي روڪڻ واري ويٺي جو آهي.“
”توکي اڳ ۾ چيم نہ تہ مان هت رڳو پنھنجي پٽ جي ڪري واپس آيو آهيان. ان مان تون اندازو لڳائي سگهين ٿي تہ مون کي پنھنجي زال سان ڪيتري محبت آهي؟ مون کي هن لاءِ عزت آهي، همدردي آهي پر ان کي پيار نٿو چئي سگهجي.“
”تنھنجو ڏک مون کان سَٺو نٿو ٿئي، ۽ مان تنھنجي ڪائي مدد نٿي ڪري سگهان. اها ڳالھہ مون کي وڌيڪ پيڙا ٿي ڏئي. ڏس نہ تون ئي چئہ مان تو وٽ هن جي هوندي ڪيئن اچان...؟“
”ڏاڍي ڏکي ڳالھہ آهي ديوي.“
هوءَ مون کي پيار وچان ديوداس سڏيندي هئي پر مان هن کي پارو ڪونہ سڏيندو هوس.
”تو پاڻ ئي تہ چيو هو تہ تون منھنجو گهر ٿي ڦٽائين. نہ مان ڪانہ اينديس.“
”نہ اچ.....“
هوءَ ان ڏينھن جڏهن وڃڻ لڳي تہ مون کي ور ور ڪري ڀاڪر پائڻ لڳي. ائين جيئن سمنڊ جون لھرون ڪناري کي. ”ٻڌاءِ، پوءِ مان تو وٽ ڪيئن اچان ها؟ توکي ياد آهي تو ائين بہ چيو هو تہ: جي هاڻي ايندي تہ مان گاريون ڏيندي مانس. ۽ هونءَ بہ تو مون کي الائي ڪيترا ڀيرا در تان ئي موٽائي ڇڏيو آهي. زال کي خوش ڪرڻ جا ٻيا بہ گهڻا طريقا آهن، هروڀرو مون کي ذليل ڪري توکي ڇا ٿو ملي...؟ تو ائين بہ چيو هو، پر الائي ڪيترا ڀيرا چئي چڪو آهين تہ: You should not come here.
”ڏس ديوي ايڏي بي رحمي بہ چڱي ڪانھي.“ هن جي نيڻن جا ڪٽورا وري ڀرجي آيا ۽ ڳوڙها ڳلن تي وهي هليس.
”منھنجو نڪ توکان ڊگهو آهي.“
”نہ، منھنجو ڊگهو آهي.“
”ڏسان ڀلا“ مان هن کي کلائڻ لاءِ ٻيون ڳالھيون ڪرڻ لڳس.
“Take it easy my darling take it easy”
هوءَ اهي لفظ ٻڌي وري اچي سڏڪن ۾ ڇٽڪي.
”مٺي.... تون تہ ڪا ڏاڍي ستايل ٿي ڏسجين. مٺي هيڏي تہ اچ.... هيڏي تہ اچ.“ مون کيس چيو. ”هاڻي ڏاڍي دير ٿي وئي اٿئي، هل تہ توکي ڇڏي اچان....“
هڪ ڏينھن هوءَ مون وٽ ويٺي هئي, مان حسب عادت کيس ستائڻ لڳس. اصل ۾ هوءَ منھنجي چرچي کي ڪڏهن بہ سمجهي نہ سگهندي هئي.
“Love is unlocked and it is very sacred.”
هن جي اکين ۾ وري ڳوڙها ڀرجي آيا, ۽ ڳلن تي وهي هليا.
”تون تہ ڪا ڏاڍي جذباتي ٿي ڏسجين.“
مون هن کي پنھنجي تصوير ڏني، هن ان کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو. مان اٿي بيٺس ۽ وڃڻ لڳس، هوءَ منھنجي اڳيان ٿي بيٺي ۽ پيرن کي جهليندي چوڻ لڳي: ”سڄڻ مون کي معاف ڪر.“
”هاڻي اهو ناٽڪ نہ ڪر، رهڻ ڏي.“
“Makes no difference”
هوءَ وري اٿي بيٺي ۽ ڪلھن کان جهليندي هن منھنجي سيني تي پنھنجو منھن رکيو.
“Don’t do that, there is nothing left behind us”
مان وري ويھي رهيس ۽ سگريٽ ڪڍي ڇڪڻ لڳس.
هن پنھنجي پرس مان Gold leaf جو پاڪيٽ ڪڍيو.
”تو بہ سگريٽ ڇڪڻ شروع ڪيا آهن ڇا...؟“
”ها....“
”ڪڏهن کان...؟“
”چار پنج سال گذري ويا آهن. گذريل چئن پنجن سالن کان ڇڪيندي ٿي اچان. گهڻو ڪري رات جو ڇڪيندي آهيان ۽ مون کي بہ سيني ۾ سخت سور پوندو آهي. پھريان تون چوندو هئين، مون کي يقين نہ هو.“
”هاڻي تہ اچي ويو اٿئي نہ...؟“
”ها... آه، ائين ڀائيندي آهيان ڄڻ ڪنھن سيني ۾ ڪٽار هڻي ڪڍي.“
”مان توکي در تان موٽائي ڇڏيان، تون پوءِ بہ ايندينءَ؟“
”ها... پوءِ بہ اينديس.“
”مٺي مان تنھنجي ڪري پٽ ڇڏيندس، زال ڇڏيندس ۽ تون ڪجهہ بہ نٿي وڃائين...؟“
”تنھنجو مطلب آهي موٽ ۾ مون کي بہ ڪجهہ نہ ڪجهہ وڃائڻ کپي ۽ پوءِ بہ چوين ٿو تہ مٺي پيار ۾ شرط ناهن ٿيندا.“
”آخر هي منھنجا ٻار ناهن نہ...“
”هنن جو مون کان سواءِ دنيا ۾ ڪير بہ ڪونھي ۽ نياڻيون نہ هجن ها تہ شايد ڇڏي بہ ڏيان ها، پر اسان جو معاشرو هنن کي نہ جيئڻ ڏيندو ۽ نہ مرڻ. رلي وينديون، مون کان سواءِ.“
”مٺي، منھنجو آواز ڏاڍو سٺو هو، سگريٽ ڇڪڻ ڪري خراب ٿي ويو آهي. مان وري ڳائڻ ٿو چاهيان.“
“My dearest Nasim”
”بڪواس ڇو ڪندا آهيو...؟“
”ماڻھو چوندا آهن، تو وٽ ڪار آهي، پيسو آهي ۽ وڏي ڳالھہ تہ ڏاڍو خوبصورت بہ آهين، ڇوڪريون ڇو نٿو رکين.“
”بڪواس ڇو ڪندا آهيو. It is not my problem پوءِ مون کي بہ انھن عورتن منجهان سمجهندو هوندين.“
“Believe me Nasim, it was not my intention.”
”مان ڪو اهڙو ويل آهيان ڇا...؟ Did I say, I did not say.”
“You mean I should speak on my behalf.”
”پيار ڪرڻ سک مٺي....“
”تون پيار ڪرڻ سک... مون کي اچي ٿو. پنھنجي پيار ۾ سڄو راڄ کڻي ڪٺو ڪيو اٿئي. جڏهن تہ:
It is entirely personal matter
He does not exist for me
It is part of my life
You need me and I need you.”
”اڄ مان ڪيترو نہ خوبصورت پيو لڳان. سڄي جڳ ڏٺو. تو نہ ڏٺو ڄڻ ڪنھن بہ نہ ڏٺو.“
“I am very plane to you, I am very sincere to you”
”مٺي ڳالھائڻ تہ سک... مان توکي Response نہ ڏيان تہ تون مون وٽ ڪيئن اچين...؟“
”توکي ياد آهي تہ مون توکي پھرين ڏينھن چيو هو تہ تون جي مون کي هينئر ڇڏيندين تہ ايترو ڏک نہ ٿيندو، پر پوءِ ڇڏيندين تہ ڏاڍو ڏک ٿيندو ۽ تو سچ پچ ڇڏيو. تڏهن جڏهن مان توسان ڏاڍيintimate ٿي هيس، ۽ مون توکي هٿ ٻڌا هئا تہ ڇڏڻو اٿئي تہ هينئر هليو وڃ.“
”تون تہ هليو وئين پر پوءِ مون ڪيترو رنو هو. تو تہ مون کي ڇڏي ڏنو ۽ وري ڀلي ڀلائي ياد بہ نہ ڪيو هيئي. پوءِ ڀٽڪڻ، منھنجا ڳھڻا ۽ رولڙا منھنجي سونھن بنجي ويا – ڀلا ڪنھن جي لاءِ پاڻ کي بچايان ها، ڪنھن جي لاءِ پاڻ کي سونھن ڀريو بڻايان ها...؟ پوءِ مون سوچيو هو تہ هاڻي مان ڪڏهن بہ ڪنھن جي نہ ٿينديس. دل ڀڄي ڀور ٿي پئي هئي – اندر تائين رسيل زخم ناسور بڻجي منھنجي هستيءَ کي روڳي بڻائي ڇڏيو- منھنجي هستي آهستي آهستي مٽجڻ شروع ڪيو- منھنجي ڪا بہ سڃاڻپ نہ رهي. عورتن جو زيورن ۾ ڪيترو موھہ هوندو آهي.... نٿو ڄاڻين ان کي، پر پوءِ مون اهي بہ پائڻ ڇڏي ڏنا. ڄڻ پنھنجو پاڻ وسري ويو هيم. منھنجي اندر مان آواز ايندا هئا، مان پاڻ کي ڪنھن جي لاءِ سنواريان ها ڪنھن جي لاءِ....؟“
”مٺي.... پنھنجي لاءِ...“
”پنھنجي لاءِ.... پاڻ کي تہ مان هر حال ۾ وڻيس ٿي جھڙي بہ هيس، جيئن بہ هيس.“
“I was also in search of love
Did you get it?
”نہ توکان پوءِ تہ بس رلڻو هيم جيئن مرد شراب ۽ عورت ۾ ڏک مِٽائڻ چاهيندا آهن تيئن مون بہ شروع ڪيو- اهو سڀ ڏک هو، توکان مليل گھرا زخم جيڪي مِٽجي نٿا مٽجن.“
“I do not believe in conditional love, but I got only conditional love that’s why. I repeat it”

”هڪ ڳالھہ پڇانءِ...؟“
”پڇ....“
”تو مون کي خريد تہ ناهي ڪيو نہ...؟“
”نہ....“
”تہ پوءِ اها ڳالھہ نہ وسارجانءِ تون هر وقت اهو ئي سوچي رهيو آهين نہ، تہ تو وٽ ڪار آهي، بنگلو آهي، شايد ڪجهہ ڏوڪڙ بئنڪ ۾ رکيل هجن، ۽ ٿي سگهي ٿو زمين بہ هجئي – تڏهن ٿو ايترو ڳالھائين - ۽ جي مون جيان هجين ها تہ اهو سڀ ڪجهہ مون کي ٻڌڻو نہ پوي ها. پر .... هونءَ بہ تنھنجي منھنجي Status ۾ ڪو خاص فرق ڪونھي- توکي تنھنجي وڏ ماڻھپ تي گهمنڊ آهي ۽ مون کي منھنجي سچائيءَ تي، جنھن کي تون محسوس نٿو ڪري سگهين. تون سوچي رهيو هوندين تہ جيڪي ڪجهہ تو وٽ آهي، ان لاءِ هر عورت واجهائيندي آهي- ائين نہ...؟“
”ها....“
”خدا نہ ڪري.... تہ پوءِ ڀلا ڪنگال ٿي ڏس ۽ پوءِ مون وٽ اچجانءِ، جيڪي ڪجهہ تو وٽ آهي اهو سڀ ڪجهہ تون پنھنجن کي ڏئي اچ، مان تہ آهيان پرائي- مون کي انھن شين جو کپ ڪونھي. منھنجا مائٽ بہ تہ ڪي پنن ڪونہ ٿا نہ...“
”تون مون سان سدائين وڙهندو ڇو آهين...؟“
”توکي پنھنجو سمجهي.“
”پنھنجن کي تہ پاڻ گهڻو پيار ڏجي، مانُ ڏجي.“
هڪ ڏينھن هوءَ مون وٽ آئي. آئي ڪافي سالن کان پوءِ هئي. سندس اکڙين ۾ ڳوڙها هئا ۽ جيڪي ڳلن تي ٽمندا ٿي ويا. چوڻ لڳي:
”مون سمجهيو هو تہ تون مون کي پنھنجي آفيس مان ڌڪا ڏئي ڪڍندين.... ڏاڍو ڊپ پيو لڳيم- تون جي نہ روڪين تہ جيڪر مان تو وٽ روز اچان...“
” تون مون وٽ نہ ايندي ڪر- مون کي Disturb ٿي ڪرين.“
”توکي سڄو جڳ ڏسي ٿو، پنھنجا ڏسن ٿا، پراوا ڏسن ٿا، دشمن ڏسن ٿا تڏهن تہ تون Distrubڪونہ ٿو ٿين. توکي سڄو جڳ ڏسي باقي مون ڏوھہ ڪيو....؟“
”تون ايترو روئندي ڇو آهين...؟“
”اهو تون ٿو پڇين...؟“

”تون چپ ڇو ٿي وئي آهين...؟“
”جڏهن ڪجهہ ڳالھائڻ جي اجازت نہ هجي تڏهن سانت ئي بھتر آهي.“
”ڇا ٿي سوچين...؟“
”ڳالھائڻ لاءِ تہ گهڻو ڪجهہ اٿم.“
”نہ ڪجهہ تہ ضرور سوچين پئي....؟“
”ٻڌي ڇا ڪندين...؟“
”نہ تون ڪجهہ تہ ڳالھاءِ. ڳالھاءِ مٺي.“
”ڳالھائينديس تہ ڏک ٿي پوندئي.“
”وري ڪو نئون ڏک مليو اٿئي ڇا...؟“
”ڏک منھنجي رت ۾ ائين سمائجي ويا آهن جيئن.... جيئن...؟“
”جيئن جيئن.... ڇا پئي چوڻ چاهين؟“
”ڪجهہ بہ نہ....“
”تون ڳالھہ شروع ڪري چپ ڇو ٿي ويندي آهين. مون کان ڊڄندي آهين ڇا...؟“
”ها....“
”ڇو....؟ مان ڪو توکي ڪھي ڇڏيندس ڇا...؟“
”ڪھي ڇڏيندين تہ ڪونہ پر ڪاوڙ تہ ڪندين نہ ۽ تنھنجو ڏک تنھنجي ڪاوڙ مون کان سٺي نہ ويندي آهي ديوتا.“
”ديوتا...“
”هون.... اسان جيون جي ڪھڙي موڙ تي مليا آهيون. جڏهن ٻنھي جي نس نس ۾ بي رحمي سمائجي وئي آهي. ديوتا هيءُ تنھنجو ڪھڙو پيار هو، جيڪو چار ڏينھن بہ نہ هليو؟ اسان جڏهن بہ ٻن گهڙين کي گهارڻ چاهيو تہ وڙهي پياسين. ائين تہ شايد دشمن بہ نہ ڪندا هجن. ڪٿي اڳلي جنم ۾ متان هجون بہ کڻي- ديوتا تون حياتيءَ ۾ وري مون وٽ ڪڏهن بہ ڪونہ ايندين...؟“ ۽ ائين هن ڪيترا ڀيرا خط لکيو هو. اڄ هن وري بہ پنھنجي ديوتا کي خط لکڻ چاهيو هو- پر ڳوڙهن جي رم جهم اکرن کي ڊاهيندي وئي- ۽ هوءَ چپ چاپ ڳوڙهن جي ورکا ڪندي رهي- ديوتا ڀلا ايترو تہ ٻڌاءِ جيترو مان توکي ٿي ساريان ايترو ڪڏهن تو ساريو هوندو؟ نہ نہ ديوتا ڀلا مون وٽ ڇاهي...؟“
نيڻن ۾ رهندڙ ديوتا ڪڏهن تہ انھن ڳوڙهن کي اگهڻ بہ سک جن کي ڏاج ۾ ڏئي رمندو رهيو آهين. قسمت ائين ٻار جيان مون سان کيٽو ڪندي. جڏهن مون ڪنھن کي بہ دائمي طرح پنھنجو بنائڻ چاهيو – روئڻ اچي ويو. اسان جو ليک تہ تقدير واري ڪري بہ ڇڏيو. ڪھڙو ٿو فرق پوي جو اسين ٻئي جسماني طرح گڏ ناهيون. سڄو جڳ ٿرٿلي ۾ اچي ويندو جي مان تنھنجي نہ ٿي سگهيس.
ديوتا مان ڄاڻان ٿي تہ تون ڇو رٺل آهين..؟
ڪوئي ڪيئن ڄاڻندو تہ ديوتا مون کان هميشہ لاءِ ڇو رسي ويو. ڪير هئا منھنجي اڻ کٽ پيار جا ويري؟ هن ڌرتيءَ تي شايد ڪڏهن ايڏو وڏو ناٽڪ رچيو ويو هجي. جنھن کي تون نہ سمجهي سگهئين؟ تون ڏاڍو ڪروڌي آهين ديوتا- پوءِ بہ ڪيڏو نہ پيارو – تون پنھنجي مٿان ڪيترا بہ کڻي بي رحميءَ جا خول چاڙهين، پر مون کان اهو مٺڙو مٺڙو نرمل نرمل- چندرما جي ڪرڻن جيان ڪومل ڪومل انسان کي لڪائي ناهين سگهيو ديوتا- مان ڄاڻان ٿي تون بيحد ڪروڌي ۽ هوڏي انسان آهين، تون مون وٽ ڪڏهن بہ ڪونہ ايندين- پر پوءِ بہ هڪ آس آهي انڌيرن ۾ گم ٿيل منھنجي هستيءَ مٿان چندرما جي ڪرڻن جي ورکا هميشہ ڪندو رهندين- تنھنجي يادن جي ورکا ۾ هميشہ مان ڀڄندي رهنديس.
مون کان وڌيڪ خوشنصيب هوائون آهن، جيڪي توکي روز ڇھن ٿيون- مون کان وڌيڪ خوشنصيب تہ اهي ڌارين جون نھارون آهن، جيڪي توکي روز ڏسي سگهن ٿيون. ڪاش اها چئن ڏينھن جي پنھنجائپ مون کي ملي نہ ها. مان انھن ڌارين منجهان هجان ها- هاڻي تہ خوش آهين نہ ديوتا..؟ تو مون کي وسارڻ پئي چاهيو نہ.... تنھنجو قسم تہ مان ان معاملي ۾ تنھنجي ڏاڍي مدد ڪئي، ٻڌين ٿو نہ ديوتا تون؟ مون کان نفرت ڪري سگهين ان لاءِ مون پاڻ توکي سوين بھانا ڳولھي ڏنا.
مون کي پنھنجي جيون مان تڙي.... هاڻي تہ تون خوش آهين نہ....؟؟
ديوتا تون ٻڌي ٿو نہ... توکي مون سان گهاريل هڪ بہ گهڙي ياد نٿي اچي نہ... تڏهن ئي تہ تو ايترو پاڻ کان پري ڪري ڇڏيو پر ديوتا پوءِ بہ مون کان تہ ڪجهہ بہ ناهي وسريو. تو وٽان مليل ڏک.... پيار.... نفرتون... رنجشون.... ذلتون سڀ هينئين ۾ سمائجي ويون آهن- ها سچ ديوتا جيون جو حصو بڻجي چڪيون آهن.
هن ڪڙي حياتيءَ لاءِ اهي يادون امرت بڻجي مون کي ٻلوان بڻائي ڇڏينديون آهن. تو ماڻھن جو سھارو ورتو ۽ مون دل جو. تون جتي هئين، مان تنھنجي پاڇي سمان پويان پويان هيس- اصل ۾ ديوتا تون پنھنجي پويان پنڌ ۽ پيچرا لٽي ويو آهين- جنھن بہ واٽ تان هلي تو تائين رسڻ چاهيان ٿي، پل کن ۾ اها راھہ ڪنڊن سان ڀرجي ٿي وڃي. اڳيان انڌڪار ئي انڌڪار آهي ۽ ٿڙندي ٿاٻڙندي مان پنھنجو پاڻ کي ئي اڄ تائين رتوڇاڻ ڪندي رهي آهيان. گھرا گهاءَ مون کي رسيا آهن- تو تہ ڪجهہ بہ ناهي وڃايو- هر پل ۽ هر وک تي ڪارين گهٽائن رت جي ورشا مون تي ٿي ڪئي- جڳن جا جڳ گذري ويا آهن، پر اڄ ڏينھن تائين پريت ڪندڙن کي رڳو ڏک ڏولاوا مليا آهن-
سڄڻ هڪ وار تون مون وٽ اچي تہ ڏس منھنجون اکيون روئي تنھنجي آجيان ڪنديون- چپ مرڪي آجيان ڪندا- منھنجي هستيءَ جو ذرو ذرو توکي پنھنجي رت ۾ سمائڻ لاءِ تڙپي اٿندو- خوشي ۽ ڏک جا مليل سليل جذبا ڪٿي منھنجي موت جو سبب نہ بڻجي پون- ٻڌاءِ پوءِ بہ تون مون وٽ نہ ايندين...؟ ڪٿي ملي سگهندو توکي ايڏو پيار! مان ڀي سچ ٿي چوان تہ ڪڏهن نہ ڪڏهن منھنجي خون ۾ پاڻ کي رڱيل ڏسي تون بہ جڳن جا جڳ روئيندين، سچ تہ ڪڏهن بہ سک سان رهي نہ سگهندين.
گيتن جو سنسار، چندرما جي ڪرڻن جي ورکا، سرمئي رنگ جي ڪڪرن جي ورشا هجي يا ڪارين اماس راتين ۾ تارن جي جهرمر- هر شيءِ ديوتا! ڪائنات جو ذرو ذرو تنھنجي ياد ڏياريندو آهي- پر تون نہ هوندين بس رڳو تنھنجون ياد هونديون آهن. ڪڏهن رئارينديون آهن ڪڏهن کلائينديون آهن ۽ ڪڏهن راتين جون راتيون اوجاڳا ڪرائينديون آهن. مان مان نہ رهي آهيان. وکريل سوچون- ڪڏهن بہ سک ناهي ڏٺو. هونءَ تہ جيئڻ جا گهڻا بھانا آهن مون وٽ. گيتن جو سنسار آهي پورو- ٻڌڻ ۽ ڳائڻ منھنجي اجهاڻل حياتيءَ کي جيئارڻ لاءِ گهڻو ڪجهہ ڏئي سگهن ٿا ديوتا- پر اهي بہ مون کان ڦريا ويا آهن- گيت ئي تہ منھنجي ڪڙي جيون لاءِ امرت آهن.

آءُ ڪانگا ڪر ڳالھہ....!

اڄ ڳوٺ ۾ زندگيءَ جا اهڃاڻ ڪجهہ وڌيڪ ٿي نظر آيا. خاص ڪري مردن ۽ ٻارن ۾. عورتن جي معمول ۾ ڪو خاص فرق نہ آيو هو. ساڳيون ئي ميريون، پگهريل ۽ ڪم ۾ رڌل، رڙين ۽ واڪن ۾ پوريون. باقي مردن کي نوان ويس وڳا پھريل هئا. اڇيون پڳون ڪلف لڳل. ٻار بہ اڇا اجرا هئا. صبح کان ڪنھن ڄاتل خوشيءَ جو انتظار ٿي رهيو هو. اها ڪھڙي خوشي هئي، جنھن هارين نارين جي چھرن کي ٻھڪايو هو ۽ وڏيرن کي وڌيڪ ڦونڊ ۾ وڌو هو؟ عيد بہ ڪانہ هئي، نہ ڪا شادي هئي، پوءِ ڪھڙي خوشيءَ ۾ سڄو ڳوٺ جهوميو پئي. ضرورت کان زياده گهُٽ ۽ ٻُوسٽ هئي. بافتي جي نون ڪپڙن وڌيڪ گرمي ڏئي ڳوٺاڻن کي پگهر ۾ ٻوڙي ڇڏيو هو. وَڻ ٽڻ خاموش هئا، اڳين کان وڌيڪ جهڪيل ۽ ماٺ ۾. آڪاش ۾ سرڻين جا لامارا وڌيڪ تيز، ڪتن بہ وڌيڪ پئي ڀؤنڪيو ۽ ڪانون جي ڪان ڪان بہ زور تي هئي، اهي اهڃاڻ ڇا جا آهن؟ تنھن جي سڌ پدما کي چڱيءَ طرح هئي. اڄ ”مروان موت ملوڪان شڪار“ جي هفتي جو پھريون ڏينھن هو.
اڄ رڇ ۽ ڪتن جو ميل هو،
سڀاڻي سوئر ۽ ڪتن جو ميل،
پرينھن ڏاندن جي گوءِ،
ارينھن ڪڪڙن جو.
۽ هي سڄو هفتو:
”مروان موت ملوڪان شڪار“ وارن جو هو ۽ آخر ۾ وڏيري جي اوطاق تي ڪڃري نچڻي هئي، اهو تہ هر سال ٿيندو آهي. ڳوٺ جي روايت آهي ۽ سنڌي قوم جو ٺٺول ڀريو ناٽڪ هر ڳوٺ ۽ واهڻ ۾ رچندو آهي، خاص ڪري جت وڏيرن جو تعداد سرس هجي، اتي بزدلن. چاپلوسن ۽ ڪُٽڻن جو تعداد ڳچ هوندو آهي. صدين جي غلامي ۽ وڏيرن جي ڏاڍ جون باهيون اسان گگدام جانورن مان، زالن مان ۽ ٻارن مان ڪڍندا آهيون. ڏاڍن جي ڏاڍ، ظلم ۽ پيڙجڻ کي لنوائڻ لاءِ ۽ وک وک تي پنھنجي بي عزت وجود جي تصور ۽ ان جي ذلت ڀريئي ڏک کي مٽائڻ لاءِ سنڌي ماڻھو هر واهڻ هر ڳوٺ ۾ اهو ٺٺول ڀريو ناٽڪ رچائيندا آهن! جنھن کي:
”مروان موت ملوڪان شڪار“ چئبو آهي، اڄ اهو ئي هفتو ملھائجي رهيو هو، تنھنڪري غريب هارين کان سندن غربت وسري وئي هئي، بک وچان ٻارڙن جو روئڻ بند ٿي ويو هو. اکين ۾ حسرتن جا انبوھہ کڻي هلندڙ مائرن کان ڪجهہ ڏينھن لاءِ رڙيون ۽ واڪا ڪرڻ وسري ويا هئا. ٻارن منجهان ٻاڪر ڪٽو ڪجهہ جهڪو ٿيو هو، ڇو تہ عورتن مٿان موچڙن جا زيپٽ ڪجهہ جهڪا ٿيا هئا ۽ لٺيون ۽ گهوٻاٽا ائين ئي پٽ تي پيا هئا، وسريل هئا مردن کان، اڄ ڪلھہ هو ڊگهن شھپرن کي تيل هڻي تاءُ ڏئي هلڻ ۾ مگن هئا. ڇو تہ اڄ:
مروان موت ملوڪان شڪار“ جو هفتو ملھائجي رهيو هو. ڀلا اهڙي هفتي ۾ ڪنھن کي ٿا ٻچا ياد پون. هي سڄو هفتو وڏيري جي اوطاق تي ڀت جون ديڳيون جو رڌجڻيون هيون، ڪانگڙي چانورن جون ۽ پاڏي جي گوشت جون – رڇن، ڪتن، ڪڪڙن ۽ ڏاندن جي ميل کان پوءِ پيٽ جو ميل هو، جنھن ۾ ڳوٺاڻا ڀت جي پاٽڙن تي ائين ٽٽندا هئا، جيئن بکايل شينھن ڪنھن جانور تي.
هر سال ڀولائي فقير ايندا آهن، جيڪي ذات جا ڪھيري آهن. ڪھيري فقيرن جون عورتون گهڻو ڪري شريف ۽ خودار. جوان عورتون پاڻ نہ پننديون آهن، پر هنن جا مرد رڇ نچائن ڀولڙا نچائن يا ڪي اڌڙوٽ عمر جا مرد ۽ عورتون پنن، مرد بہ گهڻو ڪري شريف ۽ خودار. حسين ۽ قداور، ڳالھائڻ جا مٺا، ننڍڙا ٻار بہ سونھن ۽ معصوميت ۾ پنھنجو مٽ پاڻ، حياتيءَ سان ڀرپور جيئڻ جا ارمان منجهن گهڻا، سونھن بہ منجهن سرس تہ ڏيا بہ منجهن گهڻي. هو هميشہ ڳوٺ ۾ سياري جو ايندا هئا، سرڪاري باغ ۾ اچي تنبو کوڙيندا هئا، وڻن جي جهرمٽ ۾ تنبن جو جهرمٽ، هر ٻئي وڻ سان رڇ يا ڀولڙا ٻڌل هين، ڀولڙا ڄڻڪ ماڻھو جيان شرارتي هڪ ٻئي جون جُوئون ڪڍڻ ۾ رڌل پر اچانڪ لوھہ پائي اچي ٻارن جي ميڙ منجهان هڪ کي رانڀوٽا هڻندا ۽ ٻار ڇرڪي رڙيون ڪري ڀڄي ويندا. ڀولڙا وري وڃي جُوئون ڪڍڻ لڳندا.
ٻار وري ويجهو اچڻ لڳن ۽ ڀولڙن ڏي لائي ۽ ڀڳـڙا اڇلڻ لڳن، ڀولڙا بظاهر جُوئون ڪڍڻ ۾ مشغول پر ڀڳڙا ۽ لائيءَ کي ڌرتيءَ تي ڪِرڻ کان اڳ ئي جهٽي وٺندا.
ٻئي وڻ جي ٿڙ سان رڇ ليٽيل هو، بي خبر ۽ مٺي ننڊ ۾. هيءُ ٽيون وڻ هو، جنھن سان رڇ زنجيرن سان ٻڌل هو. رڇ جي زنجير جي دائري اندر اچ وڃ لڳي پئي هئي، لڳو ٿي ڪا اندر ۾ اڻ تڻ هئس، رکي رکي ڀڀڪي ٿي ڏنائين ۽ وات منجهان گج پئي وهيس. رڇ ڏاڍو صحتمند ۽ جوان هو، اڃا جوڀن جون ٻہ ٽي بھارون مس گذاريون هئائين. ٿلھو متارو ۽ خار باز. اکين ۾ ڪاوڙ ۽ اَنا، ڄڻ ڪابہ ڳالھہ نہ وڻندي هجيس، ۽ هيءُ چوٿون وڻ هو، ان وڻ سان بہ رڇ ٻڌل هو! سندس حالت ڏسي پدما کي چڪر اچڻ لڳا، مٿو ڦرڻ لڳو ۽ دل ڪچي ٿيڻ لڳي. هو ٿڪ ۽ زخمن کان چور ٿيل ساڻو ٿيو، وڻ کي ٽيڪ ڏئي ليٽيل هو، سندس اکين منجهان ڳوڙها ٿي ٽميا.
اڃا ڪالھہ ٽپھريءَ جي تہ ڳالھہ آهي جو ميدان جي وچ ۾ ڪل ۾ رسو ٻڌي پوري رسي جو ٻيو پاسو رڇ سان ٻڌو ويو هو، چؤطرف ماڻھن جا ميڙاڪا هئا، جڏهن وڏيري جا ڪتا رڇ تي ڇڏيا ويا هئا. مکڻ، گوشت ۽ کير تي پليل شڪاري ڪتا ۽ ٻئي طرف هو رڇ ڪھيري فقيرن جو. هو بہ پني سني هن لاءِ سٺي خوراڪ مھيا ڪندا هئا، پاڻ بک مري بہ رڇ کي ڏيندا هئا، ڪڏهن عورتن کان رڇ جي پرگهور وسري ويندي هئي، تڏهن مڙسن جي مار کائڻي پوندي هئن، ڇو تہ هر سال رڇ ڪتن جو ميل ٿيندو هو ۽ ميل کٽڻ جي صورت ۾ هو ٽي چار هزار رپيا ڪمائي وٺندا هئا.
ها تہ مون ڳالھہ ٿي ڪئي تہ رڇ ٻڌل هو ۽ شڪاري ڪتن جون رسيون کليل هيون، رڇ کي چوڌاري وڪوڙي ويا، سندن واڇن مان رت پئي ٽميو.
ماڻھن خوشيءَ مان رڙيون پئي ڪيون ۽ رڇ بي وسيءَ جو شڪار هو، ڇو تہ هو زنجيرن ۾ قابو هو ۽ وات مان گجي پئي وهيس، هن جي چوطرف پکڙيل ڪتن منجهان جيڪو سندس اَري ۾ ٿي آيو، ان کي ڀاڪر ۾ ڀري اهڙو زور سان ٿي ڀيڪوڙيو جو ڪتي کي ستن پيڙهين کان کاڌل مکڻ، کير ۽ گوشت ياد ٿي ڏياري ڇڏيو ۽ پوءِ زور سان اڇل ڏيئي ڦيري پائي پويان ايندڙ ڪتن جي حملي کي ٿي روڪيو، اهو چيلھہ ڀڳل ڪتو ڳپل وقت تائين ڪؤنڪاٽ ڪندو ٿي رهيو جيسين اچي مالڪ کيس کڻي نہ ٿي ويو. آسمان ۾ سرڻين لامارا پئي ڏنا ۽ هيٺ ڌرتيءَ تي ماڻھن منجهہ هوڪرا هئا. پدما کي هميشہ اها سوچ هوندي هئي تہ حياتيءَ جي هر ڪڙي لمحي کي، فحش گهڙين کي هو هڪ وار پاڻ ضرور ڏسي. پدما ستن اٺن سالن جي مس هئي، پر هن سوچيو هو تہ هوءَ وڏي ٿي پڙهندي ۽ هوءَ شڪل جي بہ موچاري هئي، ننڍڙي ننڍڙي ڪومل ڪومل. هوءَ پھرن جا پھر آئينو کڻي پنھنجي سھڻي سٻاجهي صورت ۾ نھاريندي رهندي هئي، اکيون وڏيون ۽ گهريون هئس، ڳل ڀريل ۽ وار ڊگها گهاٽا. هوءَ ڳوٺاڻي ڇوڪري هئي. تنھنڪري وار مينديءَ سان ڳتيل هوندا هئس، ڪن ننڍڙا، ڀريل چپ، جتان بہ لنگهندي هئي تہ ماڻھو کيس سڏي پيار ڪندا هئا، هوءَ هئي بہ ڏاڍي سٻاجهي ۽ چئيوان. ”پدما“ ڳوٺ وارا کيس پيار منجهان سڏيندا هئا، هونءَ سندس نالو ٻيو هو. رڇ ۽ ڪتن جو ناٽڪ لڙيئي سج پورو ٿيڻو هو. پر هوءَ وڌيڪ اتي بيھي نہ سگهي، هن جي دل ۾ اٻٿون پئي اٿيون ۽ مٿي ۾ ڦيري پئي آيس. هوءَ پيءُ واري ڪرسيءَ جي پويان بيٺي هئي، پڻس ڳوٺ جو زميندار هو، پر هو رڇ ۽ ڪتن جي ميل کي ڏسڻ جو شوقين نہ هو. بلڪ ان کان وئون ويندو هو، وحشت ٿيندي هئس، پڻس ڏاڍو رحمدل هو. ڪڏهن ڪنھن تي هٿ نہ کڻندو هو، اڄوڪي ميل ۾ کيس زوريءَ وٺي آيا، بزدليءَ جا طعنا ڏئي، هو ويٺو تہ هو پر سندس من ۾ ڏاڍو ڪروڌ ڀريل هو. لڳس ٿي رڇ ئي پاڻ هو، ۽ سندس ٻوٽ ڪتن پئي پٽيا. هن جي من ۾ بہ اٻڙڪا پئي ٿيا، هو اٿڻ تي ۽ ٽي چار ماڻھو کيس زوريءَ ويھاري ڇڏڻ تي، لاچار اهو بيھودو ناٽڪ کيس پورو ئي ڏسڻو پيو. پاسي ۾ ڪوٽ اندر سوئر هو، ان جا مالڪ ڀولائي پاڻ نہ هئا، ڪو ٻاهريون ماڻھو هو، اڄ منجهند جو سوئر جو ميل هو. حياتيءَ ۾ هڪ وار انھن سڀني شين کي ڏسڻ کپي، چاهي اهي ڪيڏيون بہ ڪڙيون ڇونہ هجن ۽ ڪيڏيون بہ فحش ڇونہ هجن. منجهند جو هوءَ اهڙي وڻ تي چڙهي ويٺي جو پاڻ وڻ جي ٽارين ۽ لامن ۾ لڪل هئي، ٻيا سڀ ڳوٺاڻا هيٺ ڪوٽ جي چوڌاري ٿي بيٺا هئا. گوڙ، گهمسان ۽ هنبوڇيون هيون. سوئر کي ميدان ۾ آندو ويو، سوئر جو ڪنڌ سڌو هوندو آهي، انڪري ڪات کيس نہ لڳندا آهن، انڪري سڌو سڌو هلندو آهي، پر انساني معاشري ۾ ريتون رسمون ماڻھن لاءِ ڪاتن سمان جيڏانھن بہ نھاري تہ رسمن جي ڪاتي ٺڪاءُ ڪنڌ ۾ لڳندس. سندس ئي جوڙيل ريتون ۽ سندس ئي ڳچي، ٻئي ڪنھن تي ميار بہ ناهي.
ٻئي ڏينھن تي ڏاندن جي گوءِ صبح ساڻ ئي هئي. ڏاندن کي چڱيءَ طرح سينگاريو ويو هو، جهلون پيل هُئنِ ۽ ميندي لڳائي وئي هُئنِ ۽ مالڪ هر هر کين پٺيءَ تي هٿ هڻي ٿي داد ڏنو تہ لوهي ٻليون (ڪپيون) سندس ماس ۾ جڏهن هڻبيون تہ هو ڪيترو تيز ڊوڙندا. ٿلھا متارا صحتمند ڏاند جڏهن ڀڄندي ڀڄندي ساڻا ٿيندا ۽ سندن رانن کي ڪپين سان چچري رتو رت ڪيو ويندو، تڏهن ماڻھن جا ڪيترا هوڪرا لڳندا ..... ان کان ٽئين ڏينھن تي ڪڪڙن جي ويڙھہ هئي. موڙن سان ڪربلائي ڪڪڙ ۽ پشوري ڪڪڙن جي ويڙھہ رکيل هئي، تکين نوڪدار کڙهين سان ڪڪڙ، جن کي چاقونءَ سان کرڙي وڌيڪ تکو ۽ نوڪدار ڪيو ويو هو.
سندن ڏاڍي چاڪري ڪئي وئي هئي، جيئن هو وڌيڪ وقت وڙهي سگهن ۽ هڪ ٻئي کي رتو رت ڪري سگهن. ميل جي دوران مالڪ کين پاڻيءَ جا ڦوهارا ڏئي وري تازو توانو ٿي ڪيو، منھن رتو رت ٿيل هئن، چنبا رت سان ڀريل اکيون سوڄ کاڌل ۽ موڙن جا ٽڪر ٽڪر پٽيل ۽ اڄ ... ۽ اڄ.... ”مروان موت ملوڪان شڪار“ هفتو ملھائڻ جو آخري ڏينھن هو. تنھنڪري وڏيري جي اوطاق تي ڪڃري نچڻي هئي.
مايون سنجهي ئي ڪم ڪار لاهي، مسيون ۽ مساڳ هڻي، سرما ۽ تيل ڦليل ڪري، مينديءَ جا وٽا وارن ۾ وجهي ڳھہ ڳٺا پائي ڇريل وڳا پھري، وڏيري جي گهر اچي پھتيون هيون. شام سان ئي ڪوٺن تان عورتن جون سينگاريل منڍيون ڏسڻ ۾ پئي آيو، ڳوٺ جا جوان بہ شھپرن کي تيل مکي ڏاڍو ڊگر منجهان ڪلف لڳل ڪپڙا پھري گهٽين ۾ شڪارين وانگر پئي نوسيا، اک ٽيٽ جو دور هو.
وڏيري جي اوطاق تي ماڻھن جا انبوھہ هئا، چوطرف ڊگهن شھپرن سان ماڻھو، طرا ٻڌل پٽڪن سان ماڻھو، وڏن پاچن سان سنڌي نوجوان، گوڏين سان ماڻھو، ڦاٽل ڪپڙن سان ماڻھو، لٽا ليڙون ٿيل ماڻھو، ڪي بينچن تي ويٺل تہ ڪي پٽ تي، ڪي موڙن تي، تہ ڪي ڪاٺ جي ڪرسين تي، ۽ ڪي نيٽ سان واڻيل آرام ڪرسين تي. وچ تي ٽيبل رکي هئي ۽ ان مٿان هرمچ سان ڀريل سھڻو ٽيبل ڪور، کٽ تي ٽُڪ جي وڇايل رلھي ۽ ان مٿان سھڻي ريشمي چادر ۽ ان مٿان ٿلھو گول وهاڻو، ستارن ۽ موتين سان جڙيل وڃڻو، وڏيري وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي مڇن کي پئي مروٽيو ۽ رکي رکي شھوتي نگاهن سان بيٺل ڪوٺي تي عورتن منجهہ ٽيڏيءَ اک سان نھاريو پئي ۽ وري ڦونڊ ۾ اچي پٽ تي ويٺل رنڊيءَ ۾ نھاريو پئي. رنڊيءَ جي منھن تي گھرا گهرا ماتا جا داغ هئا ۽ اکيون مڙئي چڱيون، ڪاري ڪوجهي پر مردن کانئس پائي پائي اڳاڙڻ لاءِ منجهس رهيل کھيل عورتپڻو بہ سالن کان وٺي ڳڙڪائي چڪا هئا، تنھن ڪري سندس منھن تي چن جيان مکيل پائوڊر ۽ چپن تي ڦھليل لالي ۽ گھري ڳاڙهي رنگ جي سرخي، جنھن کيس زال منجهان کدڙو بنائي ڇڏيو هو.
پوءِ بہ الائي ڇو ڳوٺاڻن جون واڇون گودو هڻي ويون هيون ۽ منجهائن گگ ڄڻ اجها ٿي ٽمي!
رنڊيءَ جو نالو وسائي هو ۽ سندس پيرن ۾ ڇير پيل هئي، آواز اهڙو خاص تہ نہ هئس، پوءِ بہ الائي ڇو ڏور تائين مشھور هئي، آواز جي ڪري، ڪن تي هٿ رکي ڳائيندي هئي تہ ڌرتي ۽ عرش ٻئي ڌڏي پوندا هئا. پري پري تائين تماشي وچان آواز جو جادو يا آلاپ سمجهي ويھندا هئا ۽ چوطرف سندس آواز جي هاڪ هئي. اڄوڪي رات:
”مروان موت ملوڪان شڪار“ هفتي جي آخري رات هئي، چانديءَ جي رپين جا ڇڻڪاٽ هئا، پريان پريان جي ڳوٺ جا ماڻھو دعوت ۾ آيل هئا. ڪڃريءَ جو ناچ ۽ گانو شروع ٿي ويو ۽ چانديءَ جي رپين جي کڙڪاٽ ۽ نون ڪاڳرن جي نوٽن جو آواز رنڊيءَ جي ڇير جي آواز ۽ گانن جي رڙين ۾ ٻڏي ويو.
ماڻھن کيس سؤ جا نوٽ ڏيکاري، ڏھہ ڏھہ جا نوٽ ڏيکاري هرکايو پئي ۽ هن پنھنجي جسم جي نمائش ڪري شھوتي انداز وارن ماڻھن کي بہ هرکايو پئي. ٻنھي جو هرکائڻ پنھنجي جوڀن تي هو، جو اڄوڪي رات:
”مروان موت ملوڪان شڪار“ واري هفتي جي آخري رات هئي، آڌيءَ رات تائين اِها ڌماچوڪڙي هلندي رهي، ڪن بي شرم، بي حيا انسانن رنڊيءَ جي ڳٽي تي رپيو ٿي رکيو ۽ سندس ساٿيءَ اهو نوٽ اتان اچي ٿي کنيو ۽ ڪن بنھہ رنڊي سان فحش حرڪتون ٿي ڪيون. رنڊي پنھنجي مخصوص ماڻن سان عورتپڻي جو ڪوس ڪندي اچي ٿي انھن کان سؤ جو، ڏهين جو ۽ پنجين جو نوٽ کنيو ۽ پويان ماڻھن جا هوڪرا هئا. اِها بي حيائيءَ واري رات:
”مروان موت ملوڪان شڪار“ زنجير جي آخري ڪڙي هئي ۽ ماڻھن ان ۾ دل کولي حصو پئي ورتو. چنڊ تارا سڀ ساڳيا هئا، آسمان بہ ساڳيو هو ۽ ڌرتي بہ ساڳي هئي، پوءِ باقي هيءَ هنبوڇي ڇاجي هئي.....؟ ڌرتيءَ جا ڏک بہ ساڳيا هئا ۽ سور بہ ساڳيا هئا. باقي هي بي حيائيءَ جو منڊل ڇو منڊيو ويو هو؟
ڏس ڪو ڏانوَ مان توکي ڪيئن پرچايان،
ڪيئن پرچايان توکي، ڪيئن سرچايان،
ڇيريون پايان، ڪن جهمريون پايان،
تلڪ لڳايان، ڪن جڻيو پايان،
ڏس ڪو ڏانوَ، مان توکي ڪيئن پرچايان،
لنگها لائج رات، نچڻ جي اها ئي ٿي.
پدما جي ڪنن ۾، ڇير جو آواز ۽ رنڊيءَ جا واڪا ڪنن ۾ شيھي جيئن پگهرڻ لڳا، هوءَ ان وقت ڪوٺي تي ٻين ماين جي وچ ۾ بيٺل هئي، ڇت جي ديوار کي ڳلکڙا ٿيل هئا، پدما اهو سڀ ڪجهہ ڏٺو ۽ ٻڌو بہ. مٿي آسمان ۾ چنڊ هو تارا هئا، انھن جي روشني جهڪي جهڪي هئي، هوءَ ننڍي ديوار تان ڪري پئي ڪنھن بہ هن ڏي ڌيان نہ ڏنو. هوءَ بي هوش پئي هئي، ڪجهہ وقت کان پوءِ هن کي سرت اچڻ لڳي، هن آسمان منجهہ نھاريو. جهڪي جهڪي تارن جي روشنيءَ ۾ هوءَ ٿيڙ کائيندي لٿي. هوءَ جڏهن گهٽيءَ ۾ پھتي تہ ماڻھن جي اچ وڃ لڳي پئي هئي، ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ وٽ گولا هئا، انڪري ايتري اوندھہ نہ هئي. هوءَ اڃا گهٽيءَ ۾ هئي تہ سندس ڪنن تي ڪنھن عورت جي رڙين جو آواز پيو، هوءَ ڊوڙندي ان گهر ڏانھن وئي، در کليل هو، ڇني هيٺان مڇرن جي ڀون ڀون هئي. مڇر ٻانھن ۽ منھن تي مکين وانگر ٿي ڪريا، ڇني هيٺان دونھين دکايل، ڪوٺيءَ منجهان ڪنھن عورت جون تکيون هينئين کي ڪٽيندڙ رڙيون ٿي آيون، هوءَ ڊوڙي ان کٽ ويجهو پھتي، جتي عورت رلھيءَ تي ستل هئي، ڏيئو جاري ۾ رکيل هو، ڏيئي جي جهڪي روشنيءَ ۾ هن عورت ڏي نھاريو، سندس مٿي منجهان رت پئي ٽميو سندس منھن ۽ ٻانھن تي نيرا نيرا ڏنا هئا، پدما ڀر ۾ وڃي بيٺي، ”ماسي توکي ڇا ٿيو آهي – تون رڙيون ڇو ٿي ڪرين.....“
”امان تون مئي رمون کي سڏي آ – مار پويس مون کي ماري پاڻ وڃي اوطاق ڀيڙو ٿيو آهي، رنڊي ڀڳي ٿي وئي الائي پاڻ -؟ مٺي مون کي سور آهن....“ ۽ هوءَ وڌيڪ ڳالھائي نہ سگهي ۽ وري هينئين ڪٽيندڙ تکيون رڙيون شروع ٿي ويون. هوءَ وري ڊوڙندي اوطاق تي پھتي. ٿورو اوٽائتي بيھي، هن ڌرتيءَ تي ويٺل ماڻھن ۾ نھاريو تہ انھن منجهان رمون ڪير آهي؟ رنڊيءَ ۽ ماڻھن جي فحش اشارن کي ڏسي هن جي دل ڪچي ٿيڻ لڳي، هن دل ئي دل ۾ سوچيو تہ مان هنن مڙني عورتن جو مردن کان بدلو ضرور وٺنديس. ڪافي دير کان پوءِ هن کي رمون ڏسڻ ۾ آيو ۽ هوءَ لڪندي لڪندي ان تائين پھتي. ماڻھو تماشي ڏسڻ ۾ محو هئا، نہ تہ ماري ماري اڌ مئو ڪنس ها. رمونءَ کي هن چيو:
”ماما تنھنجي زال کي سور آهن.“
”سور اٿس تہ ڇا ڪريانس؟ رن کي اڄ ئي ڦر ڄڻڻو هو.“ ائين چئي هو اٿيو ڪونہ، اتي ئي ڄميو رهيو. پدما جي دل ۾ آيو تہ منھن ۾ چنبو هڻي ڪڍيس، پر وس نہ هليس. پوءِ هوءَ ڀر ۾ داين جو گهر هو، اوڏانھن وئي، دائي اکيون مھٽي اٿي ۽ پدما سڄي ڳالھہ ٻڌايس:
”ٻچا توکي شابس هجي“ ۽ پدما سان گڏجي ان گهر ڏي وڃڻ لڳي.
ٻئي ڏينھن هن گول آئينو کڻي پنھنجي منھن ۾ نھاريو خوبصورت ڳل، سھڻيون ۽ چيرويون اکيون، سھڻا ڀرون ۽ سھڻا گلابي چپ – هوءَ ڳپل وقت کان وٺي پاڻ منجهہ نھاريندي رهي. ”مان ڪيڏي نہ ڪشش واري آهيان،“ پھريان هن پنھنجي اکين منجهہ نھاريو ۽ پوءِ هن جي چپن تي ڪساري مرڪ مڙي آئي ’هون....! مان هن سرير کي سينگارينديس، اکين ۾ ڪجل ڀرينديس، پيشانيءَ تي تلڪ لڳائينديس، ڀريل گهاٽن ڊگهن وارن جي چوٽي ڪنديس، مان اڳتي هلي جڏهن وڏي ٿيندس، تڏهن راڳ جي سکيا وٺنديس ۽ ناچ جي بہ، پوءِ مان نچڻي ٿينديس، مان پنھنجي سرير کي سينگارينديس.‘ .... رات ڀري محفل ۾ عورت جي ائين توهين ڪئي وئي آهي پر ڪنھن کان بہ اهو نہ پڳو جو کڻي چوي تہ:
بند ڪيو اِهو ناٽڪ......
بند ڪيو اِهو ناٽڪ.........
بند ڪيو اهو ناٽڪ خدارا! ڪراهت ٿي اچي – پر نہ .....! ڪنھن ۾ بہ اها جرئت نہ هئي. سڀ ”مروان موت ملوڪان شڪار“ وارن منجهان هئا، جن کي ٻين جي ذلتن منجهان خوشي حاصل ٿيندي آهي. ڪنھن جون پڳون لھن ان منجهان هو موج ماڻيندا آهن. آھہ! هي ماڻھو سڀ کلي ڪيئن ٿا سگهن. آھہ! هي سڀ ماڻھو نہ آهن مرون آهن. هنن کي واري سان وڻ سان ٻڌجي ۽ پوءِ ڪتن جي بڇ ڪجي، سندن ٻوٽ بہ ڪتن جي وات ۾ هجن ۽ پاڻ بہ ڇتا ٿين.‘
پوءِ هوءَ ريڊيو سيلان لڳائي هندستاني گيت، ناچن جا گيت ۽ هندستاني ڪورس ٻڌندي هئي – کيس اهي ڏاڍا وڻندا هئا، هوءَ ريڊيو کولي ناچ ڪندي هئي، ۽ پھرن جا پھر هندستاني گيت جهونگاريندي هئي، کيس الاهي سارا گيت ۽ ڀڄن ياد ٿي ويا هئا.
’ٺيڪ آهي مان وڏي ٿي تنھنجي بي عزتيءَ جو بدلو ضرور وٺنديس ۽ انھن مڙني مردن کي سکيا ڏينديس، تہ نچڻيون بہ عورتون آهن، ائين ئي:
جيئن اوهان جون ڀيڻون،
ائين ئي جيئن اوهان جون ڌيئرون،
ائين ئي جيئن اوهان جون زالون،
ائين ئي جيئن اوهان جون مائرون.
پوءِ رستن تي، چوواٽن تي ائين بي حيائيءَ جو ناٽڪ رچائي محفلون گرم ڪرڻ نٿو سونھي.
آھہ! هي ماڻھو سڀ کلي ڪيئن ٿا سگهن؟ مون کي تہ ڪڏهن بہ کلڻ ڪونھي آيو ۽ جي مان کلندي آهيان تہ بي انتھا پوءِ اجايو سجايو ٽھڪ ڏيندي آهيان، ۽ تنھن بعد ڏينھن جا ڏينھن سانت ڇانيل هوندي آهي، پھرن جا پھر ماٺ ڪنھن رولڙي ۾ آيل روح جيان پيئي ڀٽڪندي آهيان، پھرن جا پھر اونداهين ۾ تارن کي تڪيندي ڏسندي گذري ويندا آهن.
ننڍڙي پدما من ئي من ۾ سوچيو ۽ پوءِ ڏاڏاڻي گهر هلي وئي – اتي سندس ڏاڏي ۽ ڪنواري پڦي رهنديون هيون.
گهر الاهي وڏو هو، هڪ ڪوٺي تنھن اڳيان ٻي ڪوٺي ۽ پوءِ ورانڊو ۽ هڪ هال، ڇت تي بہ هڪڙو ڪمرو، اهو ڏاڍو هوادار ۽ چوطرف ان ۾ دريون هيون ۽ سامھون هال واري ڇت ۽ پوءِ ڪاٺ واري ڏاڪڻ اتي ٿي کٽي، جتي ورانڊي جي ڇت هئي ۽ تنھن بعد ور وڪڙ کاڌل سرن جي ڏاڪڻ، ان ڏاڪڻ هيٺان هڪ ڪوٺي هئي، جنھن ۾ پڦھنس ڪبوتر پاليا هئا.
سندس ڏاڏي ٻليون پاليندي هئي، انھن جي لاءِ هڪڙو پاٽڙو هو، جنھن ۾ کير وجهندي هئي ۽ رات جو اهو پاليل ڄاهو، ڏاڏي ان کي پيار منجهان: ”ڪوڏڙو“ سڏيندي هئي: ”ڪوڏڙو..... ڪوڏڙو“ تہ ”ڪوڏڙو“ ڀڄندو ايندو هو. ڏاڏيءَ جي نظر ويھي وئي هئي انڪري هوءَ گهڻو ڪري لٺ تي هلندي هئي. پدما جا ٻيا ڀائر ڏاڏيءَ کي چيڙائڻ خاطر سندس لٺ کڻي لڪائي ڇڏيندا هئا ۽ سندس ٻلين کي ماريندا هئا ۽ ڏاڏيءَ جي رڙين تي ٽھڪڙا ڏئي کلندا هئا.
”اڙي ..... اڙي ..... ابا ڇوٿا ٻلڙين کي ماريو......؟ ساسي جيوَ آهن..... ابا ڇوٿا ستايو.....؟ امان پدما لٺ تہ کڻي ڏينم.“
پدما جي وڏي ڀاءُ جا بہ ڪڪڙ پاليل هئا، موڙن وارا ڪڪڙ، چٽ ڪمرا ڪڪڙ، سھڻا سھڻا ڪڪڙ ۽ ڪڪڙيون، انھن جا ٻچا چون چون ڪندا وتندا هئا ۽ سياري جو ماءُ جي پرن ۾ لڪا ويٺا هوندا هئا، بس رڳو چھنب ۽ اکڙيون ظاهر هونديون هئن، پدما کان ٿورو وڏو ڀاءُ هڪڙي پوڙهي ڪڪڙ کي ڊوک ڪڪڙ سڏيندو هو. اها ڪڪڙ بدڪ جيان دنبي هئي هلندي بہ بدڪ جيان هئي. ميري ۽ کنڀڙاٽيون ڪجهہ ڪجهہ ڀڳل.
ان کي هڪ ڀاءُ پڪڙي نم تي اڇليندو هو ۽ هوءَ ڪافي مٿان ٿي پٽ تي ڪرندي هئي، پوءِ سڀئي ڀائر تاڙيون وڄائي کلي پوندا هئا، ٽھڪڙا ڏيندا هئا. پدما کي انھن جو اهو چرچو نہ وڻندو هو، پوڙهي ڪڪڙ جي پيرن ۾ دڙيون پئجي وينديون هيون، ۽ جڏهن ڏاڏي رڙيون ڪري ڪري ٿڪجي پوندي هئي، تڏهن پڦيءَ کي خار ايندا هئا لٺ کڻي منھنجن سڀني ڀائرن کي ڊوڙائي ڇڏيندي هئي، ڏاڏي ويچاري الاهي پيرسن هئي، پر هئي ڏاڍي ٻلوان ۽ سگهاري مائي، هوءَ پدما کي ۽ ادا وڏي کي الاهي ڀائيندي هئي.
هن کي انڪري جو هوءَ سندس ٻلڙين کي نہ ستائيندي هئي ۽ ڪوڏڙوءَ لاءِ پاٽڙيءَ ۾ روزانو کير وجهندي هئي ۽ کيس چلم ڀري ڏيندي هئس، هوءَ اها پيئندي هئي ۽ مان سندس ڀر ۾ ويھي ساڻس ڳالھيون ڪندي هئس ۽ زور بہ ڏيندي هئي. ۽ ادا وڏي کي انڪري جو هو سندس اڪيلي پٽ جو پيريٺي پٽ هو ۽ سندس نالو ڏاڏي وارو ئي رکيل هو. انڪري بہ شايد کيس ڏاڍو وڻندو هو ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪنھن ڪاليج ۾ پڙهندو هو ۽ هاسٽل ۾ رهندو هو. سال ۾ ٻہ دفعا اونھاري ۽ سياري وارين موڪلن ۾ ايندو هو، ڏاڏيءَ جي پيڪاڻي زمين ان جي نالي ٿيل هئي ۽ سندس زيور ۽ پڦيءَ جا زيور سندس اڻ ڏٺي زال لاءِ رکيل هئا، جيڪي پدما جي ماءُ کان شاديءَ جي پھرين رات تي ڦري ورتا هئائون.
هڪ شام جو جڏهن پدما هميشہ جيان ڏاڏيءَ وٽ وئي، ان وقت پاڇا لڙي ويا هئا، سج وڻن جي پويان لھي ويو هو ۽ آسمان تي لالاڻ هئي. پکيئڙن جي چون چون بہ جهڪي ٿيندي پئي وئي. تنھن شام جو ڏاڏي کٽ تي ستل هئي ۽ پڦيءَ جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. هوءَ بہ کٽ جي ٻانھينءَ تي اچي ويٺي ۽ ڏاڏيءَ کي زور پئي ڏنائين. کٽ جي ڀر ۾ پيل ٽيبل تي ڪجهہ دوائن جون شيشيون پيون هيون ۽ گلاس بہ پيو هو.
”امان پدما – منھنجن لڱن منجهان ساھہ ڇڏائيندا پيا وڃن“، هن ٻانھن مٿي کنئي پر وري هيٺ ڪري پيس ڄڻ ٻانھن هڏن ۽ گوشت جي ٺھيل نہ هئي پر ڪا اڳڙي هئي، هن جي سڄي جسم تي گهنج هئا ۽ ٻانھن تي بہ ڊگها ڊگها گهنج هئس.
”ارباب – امان اندران هندستاني پراڻا رڪاٽ تہ کڻي اچ“. ڏاڏيءَ تمام جهيڻي آواز ۾ چيو، لڳو ٿي پساھہ سندس هينئين تي اچي بيٺا هئا ۽ پرڙا ڪري اڏامڻ وارا هئا. ڌيڻس اهو ڄاتو ٿي، انڪري هن جي دل نٿي چاهيو تہ پوين گهڙين ۾ هوءَ اندر وڃي ۽ امڙ پويان مري وڃي.
”امان – منھنجا ائين ساھہ ڏکيا نڪرندا، تون وڃين نٿي.....؟ منھنجو ائين ساھہ نہ نڪرندو.“ ڌيڻس پوءِ بہ اتان نہ هٽي. ”ڏس هاڻي تہ منھنجي هن ٻانھن مان بہ ساھہ نڪري ويو آهي ۽ ساھہ هينئر...... هينئر تون ڇا منھنجو پوين گهڙين ۾ بہ چيو نہ ڪندينءَ-؟ ڏس مان توکان گهڻو تہ ڪونہ ٿي گهران....“ ڏاڏيءَ ڪافي وقفي کان پوءِ ٽٽل ٽٽل لفظن ۾ چيو، ڌيڻس جي اکين ۾ اٽڪيل ڳوڙها وهي ڳلن تي ڪريا ۽ هوءَ اندر هلي وئي، اندر اوندھہ انڌڪار هئي، ڪمري پويان ڪمرو ۽ ان آخري ڪمري منجهہ ڪوبہ روشندان يا دري نہ هئا، بس رڳو ٻہ در هيس، هڪ در ڪمري ۾ پئي کليو ۽ ٻيو هال ۾ - هال وارو در هميشہ بند رهندو هو، ان ڪمري منجهہ هڪ پينگهو هو. پينگهو ڏاڍو خوبصورت هو، مضبوط ۽ جنڊيءَ جو ڪم ٿيل، ان جو هندورو ڪوچ وانگر ٺھيل هو، ڀت سان وڏيون وڏيون لوھہ جون پيتيون رکيل هيون.
در جي ڀرسان ڪنڊ ۾ هڪ هالن جي کٽ رکيل هئي، جنھن مٿان هنڌ وڇايل هو. هن پھريان ٽپائي آڻي ٻاهر رکي، پوءِ وري اندر وئي ۽ گرام فونو ٻاهر کڻي اچي ان ٽپائيءَ تي رکيو، گرام فون ۾ چاٻي ڀري ۽ مٿان رڪاٽ چاڙهيو ۽ مائيڪ جو منھن ڦيري سئي رڪاٽ مٿان لڳائي: جڳ موهن جو مٺڙو مٺڙو آواز اڀريو:
مت ڪر هار سنگار سندري........
مت ڪر هار سنگار........
پدما کي بہ اهي گيت ڏاڍا مٺا لڳندا هئا، هوءَ بظاهر راند ۾ رڌل هوندي هئي پر سندس سڄو ذهن ان طرف هوندو هو. هن ڏاڏيءَ منجهہ نھاريو، ڏاڏي ڪيتري نہ مھان هئي! ماڻھن کي مرڻ گهڙيءَ تائين دولت جو حرص ۽ هوس نہ ڇڏيندو آهي، پر ڏاڏيءَ جا ساھہ نٿي نڪتا، رڳو هڪ گيت جي صدا ٻڌڻ لاءِ هوءَ جيئري هئي. رڳو هڪ گيت جي تمنا – گيت جا ٽي چار ٻول ڏاڏيءَ جي ڪنن تائين پھتا ۽ ان بعد سندس ساھہ پرڙا ڪري اڏامي ويو ۽ ڏاڏيءَ جو ڪنڌ هڪ پاسي لڙي ويو. پڦي سندس مٿان رڙ ڪري ڪِري پئي ۽ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي: ”امان – منھنجي جيجل ماءُ – منھنجي آيل.“ تنھن بعد سندس اوڇنگارون گيت جي آواز ۾ رلجي ملجي ويون.

اڌ رات

اڌ رات جو وقت هو، اڱڻ ۾ نم هئي، ان کان ٿورو پرڀرو ٻہ کٽون وڇايل هيون. هڪ تي نمو ستل هئي ۽ ٻئي تي سندس پُڦي، گهر تمام وڏو هو. ٻہ ڪمرا ۽ هڪ وڏو هال. هڪ ڪمرو ڇت مٿان بہ هو، اهو ڪمرو ڏاڍو هوادار هو. چوطرف دريون هئس. جڏهن بہ هوا گهلندي هئي تہ ان ڪمري ۾ گهوگهٽ ڪري ايندي هئي پر جي ٻٽ هوندي هئي تڏهن بہ ان ڪمري ۾ وائک هوندي هئي. ان جي سامھون ڪشادي ڇت ڦھليل هئي. جنھن جي هيٺان هال هو ۽ انھن ڪمرن اڳيان ورانڊو هو. هال ۾ بس هڪ ئي در هو منجهس ڪا بہ دري يا روشندان نہ هو. انڪري اِهو هال هميشہ اونداهو رهندو هو. منجهس هڪ هندورو پيل هو. ۽ ڪجهہ شيشي جون الماريون جن ۾ چينيءَ جا ٿانوَ سجايل هوندا هئا. ڏينھن ڏٺي جو نمو ان هال ۾ ويندي ڊڄندي هئي. ائين ڄڻ ان ۾ ڀوت ۽ پريون رهنديون هجن. پڦھنس ڪڏهن اندر ويندي هئي تہ نمو بہ ان جي چولي جي پلاند کان پڪڙي ڊڄندي ڊڄندي اندر ويندي هئي پر ويندي ضرور هئي. هڪ الماريءَ ۾ الاهي سارا موتي رکيل هوندا هئا ۽ موتين سان ڀريل وڃڻو ۽ دٻڪيون بہ رکيل هونديون هيون ۽ ڪجهہ ننڍڙا ٿانوڙا، جن تي جنڊيءَ جو ٿيل ڪم هو. ان هال ۾ گهڙڻ سان گونج پيدا ٿيندي هئي. هلڪن قدمن جو بہ آواز چٽيءَ طرح ٻڌڻ ۾ ايندو هو ۽ جڏهن نمو ۽ پڦھنس پاڻ ۾ ڳالھائينديون هيون، تہ ان جو اِيڪو پيدا ٿيندو هو. ڄڻ ٻہ روح پاڻ ۾ ڳالھائيندا هجن. عجيب قسم جي سنسانيت ۽ ماٺائي هوندي هئي. روح منجهہ گهڙي ويندڙ. نموءَ جي ڏاڏيءَ کي مُئي ٽي چار سال ٿيا هئا. پر نمو ائين سمجهندي هئي تہ سندس ڏاڏي پنھنجي مخصوص لوڏ سان هلندي وتندي هئي. پڦھنس پيٽيءَ مان ڪپڙا لٽا ڪڍندي هئي. نمو ان جي ڀر ۾ بيھي ڏسندي هئي، لوھہ جي وڏي ڳري پيٽيءَ ۾ الاهي سارا اوائلي قسم جا ڀرت ڀريل لٽا رکيل هوندا هئا، ۽ هڪ ڪاٺ جو گول دٻلو هوندو هو، ان ۾ قسمين قسمين سونا زيور رکيل هئا. ست لڙي دهريون، پازيب، ڪنگڻ، ڇٽ، نٿ ۽ الائي ڇا ڇا هوندو هو. نمو انھن کي حسرت ڀريل نظرن سان ڏسندي هئي تہ جيڪر پڦي اِهي سڀ زيور مون کي ڏي تہ مان پايان.
”پڦي ٿورا زيور مون کي بہ ڏي. مان پائي ڪيئن لڳندس.“
”ڏاڍي سھڻي منھنجي مٺي مومل.“
”پڦي پوءِ مون کي پارائين ڇو نہ ٿي؟“
”نظر لڳي ويندي منھنجي پٽول راڻيءَ کي.“
”نہ پڦي ٿوري دير جي لاءِ ڀلا پارائي....“ نموءَ کيٽو ڪندي چيو.
پڦھنس زيورن جو دٻلو ٻاهر ڪڍيو. هڪ هڪ ڪري زيور پارائڻ لڳس. دهري سندس سڄي ڇاتيءَ کي ڀري بيٺي. ڪنن ۾ جهومڪ، ڪنگڻ، پازيب سڀ هڪ هڪ ڪري پاتائين، نرڙ تي پڦھنس سندور جو ٽڪو ٺاهيس ۽ ٿورو سونھري ٻورو سينڌ کي مکيس. نمو سڄي سونھري ڪڻڪ جي سنگ جيان چمڪڻ لڳي. هوءَ اڄ پنھنجن ڪپڙن ۾ نہ پئي ماپي. ڇم ڇم ڪندي ٽيبل ڏانھن وڌي، جتي وڏو آئينو ڀت سان ٽيڪ ڏنل رکيل هو. ٽيبل تي بتي پيل هئي، نمو جو عڪس جڏهن آئيني ۾ پيو تہ هن جي چپن تي لڄاري مرڪ پکڙجي وئي، اکين ۾ ڄڻ جوت جاڳي پيس. سھڻو سھڻو گول منھن، چيرويون بادامي اکيون. سندس اکين ۾ ڄڻ سدا جي مرڪ پکڙيل هئي. گلاب جي گل جيان ٽڙيل چھرو. نمو سڄي ساري ٻھڪي پئي. مرڪ سندس گھري ٿيندي وئي، جنھن سندس ڳلن ۾ چگهہ وجهي ڇڏيا هئا. نمو هلڪي هلڪي بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ڪنھن ٻئي ديس جي پري پئي لڳي. ننڍڙي ننڍڙي ڪومل ڪومل. ڀرت ڀريل چولو پيل هئس گربيءَ جي شلوار، جنھن جي پانچن تي پڻ موتي ۽ ستارا جڙيل هئا. جيڪي کيس پڦيءَ ڀري ڏنا هئا.
پڦھنس سندس پويان بيھي نموءَ جو عڪس آئيني ۾ ڏٺو، نمو بہ پنھنجي پڦيءَ جو عڪس آئيني ۾ ڏٺو هڪ دفعو هوءَ وري مرڪي پئي ۽ پوءِ پڦھنس ٿورو هيٺ جهڪي نمو کي هنج ۾ کنيو. نمو جو ڳل پنھنجي ڳل سان لڳائي وري آئيني ۾ ڏسڻ لڳي، ”ڏس نمو تون منھنجي ڀائٽي لڳين پئي نہ.“
”ها، ڇو ڪونہ - مان هوبھو تو جھڙي آهيان نہ پڦي.“ نمو خوش ٿيندي چيو.
”اڙي نہ چري تون جوان ٿيندينءَ تہ تون ملوڪ ٿيندينءَ. ڏاڍي سھڻي، پوءِ تہ مون کي ڀر ۾ بيھڻ بہ نہ ڏيندينءَ.“ ۽ چوندينءَ وڃ وڃ مائي ڀيلياڻي ڇو آئي آهين اسان وٽ.
پڦھنس ٻاراڻي لھجي ۾ ڳالھائيندي چيو. هن جي لھجي ۾ ڏاڍو پيار اوتيل هو.
”منھنجي مِٺي مومل ڏسجانءِ تون پوءِ مون کي وساري ويھندينءَ.“ ائين چوندي پڦھنس جي اکين ۾ لُڙڪ ڀرجي آيا، جيڪي ڳلن تان ڪِرندا نموءَ جي منھن تي وڃي ڪريا.
”اڙي پڦي تون روئين ڇو ٿي--- ! ڏسجانءِ مان توکي اصل نہ وسارينديس. پڦي ﷲ جو قسم.“ نمو، پڦيءَ کي ڀاڪر پائيندي چيو.
”نہ منھنجي ماءُ مان انڪري نٿي روئان. اڄ امان ياد آئي اٿم، ڏس نہ هن هيڏي ساري وڏي گهر ۾ مان اڪيلي ٿي رهان. ڏسي اديءَ کي ڪو خيال آهي تہ جواڻ ڪنواري ڀيڻ هيڏي ساري وڏي گهر ۾ اڪيلي ڪيئن حياتي گهاريندي هوندي. امڙ هئي، سا بہ اڪيلو ڪري وئي.“
”پڦي تون نہ روءُ ۽ ڏس مان جو آهيان تو وٽ.“
”نہ منھنجي ماءُ مان ڪونہ ٿي روئان.“ پڦھنس ڳوڙها اُگهي ڇڏيا.
”پڦي تون اسان سان گڏ ڇونہ ٿي رهين؟“
”اتي هلي ڪيئن رهان، اباڻو گهر ڇڏيندي دل نٿي چوي. مان هت ڄائي نپني آهيان. امڙ مون کي هن پينگهي ۾ لوڏيو هوندو. مان هي گهر ڪيئن ويران ڪري هلي وڃان. امان جي خيرات جي ماني ڏيندي آهيان. ادي کي تہ اصل خيال ڪونھي.“
”پڦي هن گهر ۾ پڙاڏو ٿو پيدا ٿئي نہ--؟ ڪو..... ڪو .... ڪو.....“ نمو زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳي. ”ڏس پڦي هتي ديو رهندا آهن نہ ......!“
”هل نخريلي منھنجو ڌيان هٽائڻ لاءِ تال ٿي ڪرين.“
نموءَ کي ڪتڪتائي ڪڍندي چيائين.
نمو سڄي ٻيڻي ٿي وئي ۽ ڪمري ۾ ننڍڙا مٺڙا ٽھڪڙا گونجڻ لڳا.
صبح جو جهونجهڪڙي مھل جڏهن نموءَ جي اک کلي تہ نم ۾ جهرڪڙين جو چرٻٽو لڳو پيو هو. هلڪو هلڪو سوجهرو ڇانيل هو. نموءَ ڀر ۾ پيل کٽ ڏي نھاريو، اِها خالي هئي. هن کٽ جي پيرانديءَ ڏي نھاريو، اتي چمپل ڪونہ هو، نمو پيرين اگهاڙي کٽ تان هيٺ لٿي ’چمپل ڪالھہ پنھنجي گهر وساري آيس.‘ هوءَ غسلخاني ۾ وئي. وٽي ۾ پاڻي اوتي منھن ڌوئڻ لڳي. ٿڌي پاڻيءَ جا اکين کي ڇنڊا هڻي ٻاهر آئي. اڱڻ جي پرئين پاسي ڏاڪڻ جي ڀر ۾ هڪڙي ڪوٺڙي هئي. جنھن ۾ اندر کڏڻو ٺھيل هو. ڪمري جي وچ ۾ پڇٽي ٺھيل هئي، ان ڪوٺيءَ ۾ پڦيءَ ڪبوتر پاليا هئا. جن جي گُهو گُهو پئي ٻڌڻ ۾ ايندي هئي. ڪجهہ ڪبوتر نم هيٺان داڻو پئي چڳيا، نموءَ جڏهن انھن جي ڀر مان اچي لنگهي تہ ڪجهہ ڪبوتر اڏري وڃي وڻ تي ويٺا ۽ ڪجهہ پير پير ۾ هلندي ٿورو پرڀرو ٿي ويٺا. نموءَ پنھنجي پڦيءَ جي ڀر ۾ اچي بيٺي، جنھن تئي تي ماني پئي ٿڦي. هلڪو هلڪو دونھون اڏاڻو پئي. ٻيءَ چلھہ تي ديڳڙي چڙهيل هئي. نمو پنھنجي پڦيءَ جي ڀر ۾ ويھي رهي. هڪڙي ماني دٻڪيءَ تي پئي هئي. ان مان ٽڪر ڀڃندي. چونريءَ مان مھي ڪڍي، کائڻ لڳي.
پڦھنس لوڪ گيت پئي ڳاتو.
”ڌؤنرو کاءُ مائي ڌنورو کاءُ، پر خان چوي ٿو مکڻ کاءُ.“
”پڦي منھنجي سليٽ قلم“
”امان هتي ٽپائيءَ تي رکيا اٿئي. اڄ تنھنجي پيرن ۾ جُتي بہ ڪانھي.“
”اها گهر پئي آهي.“
”اسڪول پيرين اگهاڙي ويندينءَ؟“
”ها تڏهن ڇا ڪيان؟“
موٽندي تہ تنھنجا تتل واريءَ تي پير سڙندا.
”پوءِ ڇاڪيان اسڪول نہ وينديس تہ بابا ماريندو.“ سليٽ قلم کڻي هوءَ اسڪول هلي وئي.
ان وقت سج ڪني ڪڍي هئي، هوءَ پھريان مسجد ۾ وئي، جتي روز قرآن جو دور ڪندا هئا ٻار. هوءِ اندر اڱڻ ۾ ڀت سان ٽيڪ ڏئي ٻين ٻارن سان گڏ قرآن پڙهڻ لڳي ۽ اچانڪ نموءَ جي مٿان لڪڻن جو وسڪارو ٿيو. نمو ان اچانڪ حملي تي بد حواس ٿي وئي. لڪڻ سندس چھري، پٺيءَ ۽ ٻانھن تي وسندا ويا. نموءَ پنھنجو منھن ٻانھن ۾ لڪايو. ڪجهہ وقت کان پوءِ جڏهن لڪڻ وسڻ بند ٿيا، تہ هن مٿي نھاريو. سندس ساھہ مٺ ۾ اچي ويو.
سامھون ” سائين وڏو“ غضبناڪ اکين سان گهوريندي چيو: ”ايڏي دير ڪري آئي آهين مسجد ۾. ٻڌايانءِ تہ پڻھين جي جاگير آهي.“ ائين چئي هو هليو ويو.
نمو جي چپن مان رت ٽمڻ لڳو، سندس منھن تي سڄيل نيرا داغ ٿي پيا. هوءَ سڄي ڏڪڻ لڳي هئي. قرآن ۾ منھن لڪائي سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
سج جڏهن ڪاني جيترو مٿي چڙهي آيو، تہ هن جي مٿي ۾ چڪر اچڻ لڳا ۽ نمو پگهر ۾ شم لڳي پئي هئي. ٻيا ٻار ڪڏهوڪو ڀر واري اسڪول ۾ وڃي چڪا هئا، هوءَ بہ ٿڪل قدمن سان ڏڪندي ڏڪندي اسڪول وئي. ان وقت ماستر وڏو شايد نيرن ڪرڻ ويو هو. تنھنڪري نمو وري مار کائڻ کان بچي وئي هئي. چُپڙي ڪري بينچ تي ويھي رهي.
منجهند ٽاڪ جو موڪل مھل جڏهن ٻين ٻارن سان گڏ واپس پئي آئي تہ ٻارن زور زور سان رڙيون ڪري پئي ٻڌايو تہ ٻوڏ جو پاڻي وڏي بند تائين اچي پھتو آهي.
”هاڻي تہ اسان جو ڳوٺ بہ ٻڏي ويندو، اباڙي ابا“ ٻار تاڙيون وڄائي خوشيءَ مان نچڻ لڳا.
”اڙي ٿُڪَ هجيوَ خوش ٿا ٿيو.مروان موت ملوڪان شڪار“ ڪريم بخش جيڪو پنجين ۾ پڙهندو هو، تنھن ٻن ٽن ڇوڪرن کي چنبا وهائي ڪڍيا.
”ڀيڻا خوش ٿا ٿيو ٽڪر ڀور لاءِ سڪندؤ“
”اڙي هاڻي تون بس ڪر، هونءَ ڪھڙا ٻوڙ پلاءُ ويٺا کائون. اهو چانورن جي مانيءَ جو ڍوڍو جتي ڪٿي پيو ملندو.“
نموءَ جا پير هاڻي ڏاڍا سڙڻ لڳا هئا، هوءَ پٻن تي هلندي ۽ ڀتين جي پاڇن ۾ هلندي وئي. تتل واريءَ جي تپش کان ۽ سج جي تکي ساڙيندڙ اس جڏهن سندس زخميل سوڄ کاڌل منھن تي پئي پئي، تڏهن هن جي اکين مان سور وچان ڳوڙها ٽمڻ لڳا. ٻار جڏهن سڀ ٽڙي پکڙي ويا تہ هوءَ تيز ڊوڙندي گهر وئي دروازي تي ڪلف لڳل هو. نمو در جي وٿين مان اندر ڏٺو. اڱڻ تي اُس ئي اُس هئي، هوءَ ٿڪل قدمن سان پٺتي موٽڻ لڳي، پوءِ وري ڊوڙندي پڦيءَ جي گهر هلي وئي، ”پڦي پڦي توکي هڪڙي ڳالھہ ٻڌايان“ هوءَ ورانڊي ۾ پھتي تہ ان وقت پڦھنس کي پير ۾ جهليءَ جي رسي هئي ۽ سندس منھن تي رئي جو پلاند پيو هو، پڦيءَ کي ننڊ اچي وئي هئي. هن اوچتو ڇرڪ ڀري مٿي نھاريو. پھريان تہ ڪجهہ سمجهي نہ سگهي، پر پوءِ نموءَ جي سوڄ کاڌل منھن ۾ نھاري چوڻ لڳي.
”امان مان صدقي وڃان، اڙي ڪھڙي ڪميڻي ماريو اٿئي؟“
”ڪنھن بہ نہ “
”پوءِ هي نيرا نيرا ٻَنا ڇا جا آهن.“
”مان ڪري پئي هيس، تڏهن ڌڪ لڳا آهن.“
”نہ تون ڪوڙ ٿي ڳالھائين.“
پڦھنس کيس ڀاڪر ۾ کڻي کٽ تي ويھاريو ۽ ٻاهران دلي مان پاڻي ڀري اچي نموءَ کي ڏنائين.
”هاڻي ڳالھہ ڪر مٺي سچي، توکي ڪنھن ماريو آهي؟“
”ماستر وڏي.“
”ڇو تو کي ماريائين؟ سبق ياد ڪري نہ وئي هئينءَ ڇا؟“
”نہ پڦي مون کي اهو تہ ياد هو. دير ٿي وئي هئي مسجد ۾ پھچڻ تي، انڪري.“
”اڙي ماستر وڏي جو تہ مٿو خراب آهي، ڪھڙو ﷲ ڀڳو ٿي ويو جو تو نياڻيءَ کي ڏنا ڪيا اٿس، هتان لنگهي تہ سھي اِهڙي جنڀ هڻندي مانس جو ستن پيڙهين کي ياد ڪندو.“
”نہ پڦي نہ ان کي ڪجهہ بہ نہ چئجانءِ. سائين وڏو مون کي ڪھي ڇڏيندو.“
”ڪھي ڇڏيندو جو انڌن جي خيرات آهي. پر مان ادي کي چوندي آهيان ٻارن کي شھر ۾ پڙهاءِ. هن ملا اسڪول مان نہ هوند نہ شڪر. رهندو بہ ٻارن کي ماري ماري اڌ مئو ڪن.“
”پڦي توکي خبر آهي اڄ وڏي ٻوڏ آئي آهي، ٻوڏ جو پاڻي وڏي بند وٽ پھتو آهي. اسان هاڻي شھر هلنداسين.“
”هان سچ چئہ.“
”ها پڦي ٻارن ڳالھہ پئي ڪئي تہ ٻوڏ آئي آهي ۽ سڀ ڳوٺ جا ماڻھو بند تان موٽي آيا آهن. هاڻي سڀ شام تائين لڏي ويندا. پر پڦي اسان ڪيئن هلنداسين بابا تہ آهي ئي ڪونہ گهر کي ڪلف ڏنو پيو آهي.“
”نمو پڻھين شام تائين موٽي ايندو. مان سمجهان ٿي تہ ٽيون ڏينھن شام جو توکي نوڪر مون وٽ ڇو ڇڏي ويو. پڻھين ماڻھين کي ماري ڪٽي پوءِ ڪلف ڏئي شھر هليو ويندو آهي، ۽ پوءِ ٽن ڏينھن کان پوءِ شراب جا دنگ چاڙهي موٽندو آهي، اِهو ڪڏهن ڪونہ سڌرندو. ڪچي ڪنا نہ لڳا سو هاڻي پڪي گهڙي ڇا لڳندا.“
هوءَ اندر وئي ۽ چادري کڻي ٻاهر آئي. ”مان ٿي هلان تو سان گڏجي. ماڻھين جو الائي ڪھڙو حال ٿيو هوندو، ڀاڄائي تہ نائين مھيني پيٽ سان بہ هئي. ادا تہ صفا قھاري آهي. ماڻھپوئي منجهس ڪونھي.“
ڪنجين جو ڇڳو کڻي نموءَ سان گڏجي ٻاهر نڪري آئي.
سج نسوري باھہ پئي ڇڏي، اصل ڪانوَ جي اک ٿي نڪتي، نمو پنھنجي پڦيءَ جي پاڇي ۾ لڪندي گهر آئي.
پڦھنس ٻہ چار ڪنجيون واري سان ڪلف ۾ هڻي ڏٺيون نيٺ هڪڙي ڪُنجي لڳي ۽ ڪلف کلي پيو.
گهر ۾ سانت لڳي پئي هئي. ورانڊي مان ٿيندي ڪامل صفي ۾ گهڙي.
صوفيا سور کان چِنگهيو پئي. سور کان ننڊ بہ ڪانہ آئي هيس. چولو جڏهن ٽڪر لٿل جسم سان لڳو پئي تہ صوفيا کان رڙ نڪري ٿي وئي.
”آه........ مري ويس.“
”تون! ڀاڄائي هي تو کي ڇا ٿيو آهي؟ سڄي رتو رت لڳي پئي آهين“، هن چولو آهستگيءَ سان مٿي ڪيو ۽ رڙ ڪري هڪدم هٿ ڇڏائجي ويس.
”مان تہ ڏسي بہ نٿي سگهان، هنن ڦٽن کي“ ۽ ڀاڪر پائي روئڻ لڳي. ”ڀاڄائي ادو تہ صفا قھاري آهي، ان کان تہ توکي هڪ دفعو ماري ڇڏي.“
پوءِ هوءَ رڌڻي ۾ هلي وئي، ڪجهہ دير کان پوءِ آئي تہ سندس هٿ ۾ وٽي هئي. جنھن ۾ ڪٽيل گرم ٿيل سُنڍ ۽ تيل ملايل هو. ۽ وري چولو مٿي ڪري ڪپھہ ٻوڙي ڦٽن کي هڻڻ لڳي.
نمو ورانڊي ۾ بيٺي هئي ۽ دريءَ منجهان جهاتي پائي هن سڀ ڪجهہ ڏٺو. ۽ ماٺ ميٺ ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي رهي.
ٽپھريءَ جو وقت هو. نوڪر اڱڻ ۾ ڇڻڪار ڪري نم هيٺان کٽ ڪڍي ۽ ڀر ۾ ٽيبل ۽ آرام ڪرسي رکي. ٽيبل مٿان ريڊيو ۽ ڪجهہ ڪتاب پيل هئا.
هڪڙي ۾ عمر خيام جون رباعيون ۽ ٻيو ڪتاب ڪاليداس جو جڳ مشھور ’شڪنتلا‘ رکيل هو. ان وقت نمو ماءُ جي مٿان جهلي پئي هلائي، ماڻس ۽ پڦھنس کي ننڊ اچي وئي هئي، رکي رکي نمون کي گهيرٽ ٿي آيا. پر ستت ئي سجاڳ ٿي وري جهلي هلائڻ لڳي. نمو نہ پئي چاهيو تہ ڪو ماڻس جو آرام ڦٽي، تنھنڪري هن پنھنجي سور کي نظر انداز ڪندي لڳاتار جهلي پئي هلائي.
”اڙي سڀ ڪاڏي مري کپي ويا آهيو.“
سارنگ سڌو ڌوڪيندي اندر آيو، اکيون شراب ۾ ڳاڙهيون لڳيون پيون هيس. وات ۾ ڌپ ۽ هٿن ۾ شراب جي بوتل.
”اڃا پئي ننڊون ڪرين ڪميڻي. منھنجي گهر کي تو پڻھين جي جاگير سمجهيو آهي.“ ۽ شراب جي بوتل صوفيا جي نرڙ تي وهائي ڪڍي. شيشو ٽڪر ٽڪر ٿي ويو. شراب صوفيا جي رت سان گڏجي هنڌ تي پکڙجي ويو.
صوفيا مٿي کي هٿ ڏئي ويھي رهي. ننڍڙي نمو هراس ۾ اتان اٿي وڃي ڪٻٽ پويان لڪي. گهر ۾ ڄڻ راڪاس گهڙيو هو.
”............ اٿي منھنجو بوٽ لاھہ نخرا ڇڏ. مون وٽ اِهي نخرا نہ هلندا.“
سارنگ چچريل آواز ۾ گارين جو ڌوڙيو لائي ڏنو.
صوفيا کٽ تان هيٺ لٿي، سارنگ جي پيرن وٽ جُهڪي بوٽ جون ڪھيون کولڻ لڳي. ان وقت کيس مٿي ۾ ڦيري پئي آئي، اکين اڳيان اوندھہ اچي ويس ۽ پيشانيءَ تان رت جا ڦڙا ڪجهہ صوفيا جي اکين ۾ پيا تہ ڪجهہ سارنگ جي بوٽ تي. صوفيا جي اکين اڳيان اوندھہ اچي وئي ۽ دل ڪچي ٿيڻ لڳس ۽ هوءَ سارنگ جي پيرن مٿان ڪري پئي.
سارنگ بوٽ جو ٿڏو سندس زخميل نرڙ تي هنيو.
”اڙي مري وئين ڇا......
آها...... ها..... ڏٺو مري وئي.“
۽ جهومندو ٻاهر اڱڻ ۾ نڪري آيو.
”هي وري ماءُ جو...... ڇالاءِ پيو آهي.“ هن ريڊئي کي لت هڻي ڪيرايو.
هن جهُڪي ٽيبل تان ڪتاب کنيو.
”اڙي ڪاليداس جي شڪنتلا........... ڪاليداس بہ وڏو ”...................“ ڪوي........ڪلا..........ڪار- هون!
”سڀ فراڊ آهي. منھنجي شڪنتلا ڏسو رت ۾ ٻڏل آهي،“ سارنگ ڪتاب کي پري ڦٽي ڪندي چيو، وري هن جُهڪي ٻيو ڪتاب کنيو. ”رباعيات عمر خيام“ خيام دلبر هو. دلبر مون وانگر عورت ۽ شراب جي شيدائي. ۽ پوءِ سارنگ پاڻ کي کٽ تي اڇلايو ۽ بوٽ سوڌو سڌو سنئون ٿي ٽنگ ٽنگ تي رکي ليٽي پيو عمر خيام جو ڪتاب سندس سيني تي پيو هو.
”مان ٽنگ، ٽنگ تي رکي آهي.... ماڻھو چوندا آهن تہ آيل ڀاڳ بہ موٽي ويندو آهي. ڀاڳ..... هاها............... ڀاڳ تہ منھنجي مٺ ۾ آهي......... تاريخ دان وڏا ڪوڙا آهن......... لکيو اٿن تہ:
تيمور هڪ دفعي جهنگ ۾ ستو پيو هو، ٽنگ ٽنگ تي چاڙهيو اگهور ننڊ ۾ ستل هو...... هو ته...... ها چوان ٿو هو پوءِ ڇا ٿيو.......... ڌوڙ وڃي پائي تيمور لنگ تاتاري بہ وڏا .......... هئا،چنگيز خان........... هلاڪو............... باهيون ڏيندا هئا، گهر ساڙيندا هئا...... مائن جي گود اجاڙيندا هئا. رتو ڇاڻ ڪندا هئا............... عورتن سان عياشي ڪندا هئا.......... عياشي ها............. ها عياشي عورتون هونديون ئي ان لاءِ آهن. مان بہ چنگيز خان آهيان. ڏس نمو منھنجي ڊپ کان ڪيئن وڃي ڪٻٽ پويان لڪي! ڊڄڻي گداڙي.... ان ڪميڻيءَ کي بہ مون وٽ ڄمڻو هو. هراسلي اکيون کڻي گهمندي وتندي آهي ڪنڌ جهڪائي......... اڙي تيمور لنگ تہ ستو پيو هو جهنگ ۾....... پوءِ مان ڇو کٽ تي ستل آهيان................ هن کي ڪنھن درويش زور سان ٽنگ تي لٺ وهائي ڪڍي هئي........... تڏهن منڊو ٿي پيو هو....... درويش مون کي ڇو نہ ٿو لٺ هڻي، تيمور منڊو ٿيو هو پوءِ بادشاھہ ٿيو هو. تيمور کي درويش لٺ هڻي سجاڳ نہ ڪري ها تہ تيمور جي ماءُ کي سلطنت ملي ها. تاتاري وڏا لچ، ڦورو.................. ٿُو..... آخ ٿُو............“ سارنگ هوا ۾ بجو ڏيندي ٿڪ اڇلائي............. ”درويش چيو هوس تہ تون ٽنگ ٽنگ تي رکي نہ سمھندو ڪر، آيل ڀاڳ بہ موٽي ويندو آهي. تنھنجي ڀاڳ ۾ بادشاهي لکيل آهي. تون وڏو شھنشاھہ ٿيندين......... پوءِ تاتارين دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو............. چؤطرف رت ۽ باھہ جا الا پکيڙيا هئا............ ها.......جڳ مڳ ديپ جلايا.............. دنيا تي دانگي ملي ڇڏي....... انساني تھذيب تي ڪارنھن ملي........ شيطان.... انھن تاتاري شيطانن جو دنيا وارن ڪھڙو آڱوٺوپٽي ڪڍيو.... جو منھنجو پٽي ڪڍندا..... مان تہ رڳو صوفيا کي ٿو ماريان- هوءَ منھنجي زال آهي، ڀلي ماريانس منھنجي مرضي آهي دنيا وارا منھنجو ڪھڙو آڱوٺو پٽي ڪڍندا.....
”مان شراب ٿو پيان، ڀلي پيان.... رنون ٿو گهُرايان، منھنجي مرضي، هي مُعاشرو مرد جو جوڙيل آهي، هتي مرد کان ڪو بہ پڇڻ وارو ڪونھي، سڀ مرد تاتاري آهن، پنھنجي اندر ۾ ابليس کڻي گهمندا آهن....... مان بہ وڏو شيطان آهيان، سڀاڻي مون کي ڪا ٻي ڇوڪري وڻي وئي تہ صوفيا کي چوٽيءَ کان گهلي لتون هڻي ڪڍي ڇڏيندس. ماڻھو مون کي ڪجهہ نہ چوندا.... ماڻھو منھنجو ساٿ ڏيندا صوفيا کي ڌڪاريندا.... ٿُو ٿُو ڪندا... کِلندا تہ پڪ ئي پڪ تہ يار سان ڏٺو هوندئين.“
”صوفيا......... صوفيا............“
سارنگ وڏي رڙ ڪئي.
”........ڪاڏي گم ٿي وئينءَ؟ مري وئي..... چڱو ٿيو مري وئي ........“ هو جهومندو اٿيو ۽ بڪندو ٿڙندو ٿاٻڙندو ٻاهر نڪري ويو.
اڌ رات جو در کڙڪيو صوفيا هونءَ پٽ تي پئي هئي، ڪمري ۾ گگهہ اوندھہ هئي ٻاهر اڱڻ ۾ چوڏهين جو چونڊ کڙيل هو. چنڊ جا شيتل ڪرڻا ڌرتيءَ مٿان ٿي ڪِريا ڄڻ چانڊوڪيءَ جو آبشار جبلن مٿان وهندو ڌرتيءَ تي پکڙجي ويو هجي. ورانڊي ۾ بتي پئي ٻري، صوفيا ورانڊي ۾ آئي تہ نمو کي کٽ تي ستل ڏٺائين، سندس ٽنگون کٽ کان هيٺ گوڏن تائين لڙڪيون پئي، چنڊ جي هلڪي هلڪي روشنيءَ ۾ بہ سندس چھري تي پيل نيرا ٻَنا چٽا نظر ٿي آيا. هوءَ نموءَ جي ڀر مان لنگهندي اڱڻ ۾ ٻاهر نڪري آئي، در تي اچي هن پڇيو: ”ڪير آهي.؟“
”مان آهيان صوفيا.“ صوفيا کي بہ پڪ هئي تہ اهو سارنگ ئي هوندو. ننڊ ۾ بہ سندس ڪن سارنگ جي در کڙڪائڻ جي انداز کي سڃاڻي وٺندا هئا. سارنگ آڱر کي ٻٽو ڪري پوءِ ڏوڏن سان در تي هلڪي انداز سان ٺڪ.... ٺڪ ڪندو هو. صوفيا سارنگ جي اوسيئڙي ۾ هوندي هئي، اڌ جاڳيل اڌ سُتل. در تي ٺڪ ٺڪ جو آواز صوفيا جي ڪنن لاءِ اوپرونہ هو. ڄاتل سڃاتل آواز هن جي شعور ۽ لاشعور ۾ لڪل هو. تڏهن ئي تہ گهري ننڊ م ستل هوندي هئي تہ هڪدم ڇرڪ ڀري اٿندي هئي. پوءِ در تي وڃي پڇندي هئي.
”ڪير آ....؟“ اِهو ڄاڻندي بہ تہ هو پڪ سارنگ ئي هوندو. بس دل کي تسلي ڏيڻ لاءِ تہ متان ڪو اوپرو ماڻھو نہ هجي. هوءَ ڏاڍو هراسيل هوندي هئي. هن در لاٿو ۽ سارنگ صوفيا ۾ نھارڻ بنا کٽ تي اچي ليٽيو.
صوفيا پيرانديءَ کان بيھندي ٿورو نوڙي سارنگ جي بوٽ جون ڪھيون کوليون ۽ بوٽ لاهي هيٺ ڌرتيءَ تي رکيو ۽ پوءِ جوراب لاهي ڇنڊي تار تي وڌا تہ ڪجهہ وائکا ٿين. پوءِ هوءَ وڃڻ لڳي.
”ڪاڏي ٿي وڃين؟ مون کي زور ڏي.“ هن صوفيا جو هٿ پڪڙي ڀر ۾ ويھاريندي چيو.
”اچان ٿي“، هوءَ کٽ تان اٿي وڃڻ لڳي. سارنگ هن جو وري هٿ جهلي ورتو ۽ سٽ ڏيئي ويھاريندي تيز لھجي ۾ چيو.
”مان توکي آهيان نہ....... چوانءِ ٿو زور ڏي. ٻڌين ڪانہ ٿي ڇا؟ گهُري ٿي موچڙا کائين. پوءِ وري وري مِسڪندي وتندي آهين. ٻليءَ وانگر ميڪ ميڪ ڪندي آهين.“
”مان اچان ٿي نمو ورانڊي ۾ کٽ تي سُتي پئي آهي. هيٺان هنڌ بہ ڪونہ اٿس. سڄي پگهرجي وئي آهي، ان کي بہ ٻاهر کڻي اچان.“
”چڱو هاڻي بڪ بند ڪر، مون کي شرافت سان ويھي زور ڏي. اڃا ڪالھوڪا بہ ڦٽ ڪونہ ڇٽا اٿئي، وري ٿي موچڙا موچڙا ڪندي وتين.“
سارنگ جاڳيو پئي. پر صوفيا کي زور ڏيندي ڏيندي ننڊ اچي وئي هئي ۽ سندس منھن سارنگ جي ٽنگن تي پيل هو.
سارنگ آهستگيءَ سان اٿيو ۽ صوفيا کي کٽ تي ليٽايو ۽ اندر ورانڊي ۾ ويو. بتي کڻي نمو جي منھن ۾ نھاريو.
نمو جي ڳلن تي نيرا نيرا ٻنا ڏٺا.
هن بتي ٿورو وڌيڪ ويجهو جهلي غور سان نموءَ جي منھن ۾ نھاريو. پوءِ هٿ کان جهلي ٻانھن ۾ نھاريو. اڙي هي نيرا ٻنا نموءَ جي جسم تي ڪٿان آيا، مون تہ رڳو صوفيا کي ماريو هو. پوءِ هي نيرا سوڄ کاڌل ڳل ۽ ٻانھون نموءَ جون ڪيئن ٿيون. ڪٿي اڃا تہ نشي ۾ ڪونہ آهيان، سارنگ ٿورو ڪنڌ کي جهٽڪو ڏنو. هلڪو هلڪو خمار برابر هيس پر سندس هوش حواس بلڪل ٺيڪ هئا.
”ڪنھن ذليل ....... هن کي ماريو آ............؟ ماڻس....... اون هون............... ماڻس تہ پاڻ بي هوش ٿي وئي هئي. هلڻ کان هلاک. سارنگ ورانڊي مان ٻي کٽ ڪڍي اڱڻ ۾ رکي. اندران ڪمري مان هنڌ کڻي کٽ تي وڇايو ۽ ٻہ وهاڻا بہ اندران کڻي آيو. پوءِ وڃي نموءَ کي اندران کڻي اچي کٽ تي سمھاريو ۽ پاڻ سگريٽ ڪڍي پيئڻ لڳو. دونھن جا هلڪا هلڪا ڪڪر چانڊوڪيءَ ۾ عجيب پراسرار نموني ڦھلجي ٿي ويا. هو ڳچ وقت چنڊ ۾ نھاريندو رهيو.
نموءَ جي ڀر ۾ ليٽيل هو ۽ پوئين پھر ۾ کيس ننڊ اچي وئي.

ڪاري رات

وڏيرو پيرل کٽ تي ويٺو هو ۽ شيوِ پئي ڪيائين. سياري جا ڏينھن هئا. پارو بہ پيو چوي تہ ”اڄ نہ پوان تہ ڪڏهن پوان،“ مينا اڱڻ ۾ ويٺي بلورن راند پئي ڪئي. حاڪمِ رڌڻي ۾ رکيل هڪ گُندڙي تي اچي ويٺي هئي. هوءَ وڏيري جي وڏي ڌيءُ ۽ ازان کان ٻہ چار سال ننڍي هئي. جڏهن بہ ازان صبح صبح جو ڪم تي ايندي هئي تہ حاڪم بہ اچي رڌڻي ۾ ويھندي هئي ۽ پوءِ دريءَ منجهان کوھہ تي بيٺل ماين کي ڏسندي رهندي هئي. کوھہ تي ڪي مايون پاڻي پيون ڀرينديون هيون ۽ ڪي مايون دلا ڀري دريءَ وٽان اچي لنگهنديون هيون. تن کي پئي ڏسندي هئي.
”مينا – پٽ هيءَ رڌڻي مان گرم پاڻيءَ جي وٽڙي تہ ڀري آءُ.“ مينا ڊوڙندي رڌڻي ۾ وئي چلھہ تي رکيل ٽِين ۾ گرم پاڻيءَ مان وَٽِي ڀري وڃي پيءُ اڳيان رکيائين.
ازان رڌڻي مان نڪري اڱڻ ۾ آئي ۽ اچي ڀت کي ٽيڪ ڏئي بيٺي. صبح صبح جو پھر هو. اُس اڃا اڱڻ ۾ گهٽ لٿي هئي. ازان جي بيھڻ کان پوءِ بہ سندس چيلھہ تائين مس اُس ٿي پھتي. هوءَ سيءَ ۾ سڄي ڏڪي پئي. ويتر جو ٿڌي پاڻيءَ سان ٿانوَ ڌوئي آئي هئي تہ برف جھڙي ٿڌي پاڻيءَ سندس هٿن مان رت ئي سڪائي ڇڏيو هو. اُس جا ڪِرڻا بہ ماڪ ڀِنل هئا، تنھنڪري سيءَ کي جهڪي ڪرڻ بجاءِ ان کي وڌايائون پئي.
”ازان ڪالھہ شام سسڻھين آئي هئي.“
”ڇو آئي هئي -؟“ ازان جي منھن ۾ ڪروڌ ڀرجي ويو، ان وقت سندس اکين ۾ رت لھي آيو هو.
”چيائين پئي تہ ٻانھن وٺرائي ڏيو. مائٽن روڪي ويھاري آهي.“
”پوءِ اوهان ڪھڙو جواب ڏنو؟“
”چيومانس تہ ها، مون کان ڪاڏي ويندي؟“
”پر سائين مان ساهري گهر اصل ڪانہ وينديس.“
”ڏسان ڪيئن نٿي وڃين؟“
”سائين مون کي کڻي ڪھي وجهو پر مان ساهري گهر ڪانہ وينديس.“
”ڇو مڙس ڪونہ ٿو وڻيئي ڇا؟ وڻندو بہ ڪيئن؟ يارن مان واندڪائي ملئي تہ گهر بہ ياد پوئي نہ .“
”سائين اوهان ڇا بہ چئو پر مان ساهري گهر ڪانہ وينديس. سائين مان ڇونہ وڃان پر ٻہ ڏينھن رهائي مون کي مارون ڏيو گهر کان گهلي ٻاهر ڪڍيو اُڇلينِ. وري ٻارنھن مھينا سار ئي نہ لھن تہ مئس يا بچيس.“
”مڙسن جو شان آهي زالن کي پادر هڻڻ، موچڙا تہ هڻندو، باقي تون سو مڙس ڇڏيو يار ڪندي وتين.“
”مڙسن جو موچڙا هڻڻ تہ ٿيو حق پر جي رڳو پاڻ مارين نہ، يا پنھنجن لڄن کي وڃي ٿاڻن تي اڇلين. مون کي پاڻ ڀلي ماري ٽڪر ڪري هِلين کي ڏئي يا کڏ کڻي پنھنجي اڱڻ ۾ پوري ڇڏي سؤ سورن جو هڪ سور. نہ هوندس نہ ڏک ئي ڏسندس. مڙسن جو اهو تہ شان ڪونھي تہ پنھنجن لڄن کي وڃي پوليس جي حوالي ڪن.“
”باقي تون سو مڙس ڇڏيو يار ڪندي وتين .“
وڏيري ڏاڍي چڀندڙ انداز ۾ هڪ هڪ لفظ کي ڇڪي ڳالھائيندي چيو.
ازان جي اندر ۾ اهي لفظ وڍ وجهندا ويا. هن جي دل جو سور اکين مان ڳوڙها ٿي سندس ڳلن تي وهي هليو. ازان کي سڌ هئي تہ وڏيرو سندس سس جو بدرُ ڇو ٿو کڻي. هن کي ازان جي سس يا مڙس سان ڪابہ دلچسپي ڪانہ هئي جو وڏيرو ازان جي انھن چاهيندڙن مان هو جن کي ازان اک کڻي نھارڻ بہ گوارا ڪانہ ڪندي هئي. هوءَ ڪيڏي نہ خوبصورت عورت هئي! ڪونج جيان من موهڻي، ڊيل جيان ٽلندي هئي. سندس هلڻ ۾ ڪيڏا نہ ماڻا هوندا هئا. جڏهن هوءَ دلا کڻي کوھہ تان پاڻي ڀرڻ ويندي هئي تہ واٽ ويندڙن کي ڪھندي ويندي هئي. ڳوٺ جا جوان ٿڌا ساھہ ڇڏي کيس نھاريندا هئا. صوفيا لارين جھڙي سندر صورت هئس. ازان کي تہ ڪنھن شاهاڻي گهر ۾ پيدا ٿيڻ کپندو هو. سندس چال ۾ راڻين جيان وقار هو. هوءَ پنھنجي سموري سونھن ۽ پيار ڀري جذبن جي باوجود پنھنجي گهوٽ جي دل هٿ ڪري ڪانہ سگهي هئي. هن جي ماڻن ڀري مرڪ، اکڙين جا ڏک ڏوراپا بہ سندس ور جي دل ۾ گهر ڪري نہ سگهيا هئا. ڳوٺ جا جوان هن کي ڏسي ٿڌا ساھہ ڀريندا هئا تہ ان سان ازان جو ڇا؟ هن تہ چاهيو ٿي تہ سندس ور هن کي پنھنجي لڄ سمجهي ۽ وڏيري جي در تي ڌڪا جهلڻ نہ ڏئي. هو جيڪڏهن حجت ڪري هن جي ٻانھن کان جهلي گهر وٺي وڃي ها تہ ڇا سندس گهٽتائي ٿي پوي ها. وڏيري کي دانھن ڏيڻ ۽ ٿاڻي تي اڇلي اچڻ کيس جڳائيندو هو. ننڍڙي مينا اندر ڇڏي اچي ازان جي ڀر ۾ بيٺي. مينا جي دل ۾ آيو تہ ازان کي ڀاڪر پائي ايڏو پيار ڪري جو سندس سڀ ڏک لھي وڃن. ازان جو ڪير بہ تہ ڪونہ هو. نہ ماءُ نہ ڀيڻ نہ ڀاءُ ۽ نہ پيءُ. جي ماءُ هيس تہ ماٽيلي، جيڪا کيس اُٿندي ويھندي طعنا ڏيندي هئي. ڀائر هيس تہ ماٽيلا جن جي ٻارن کي هوءَ پنھنجو اولاد ڪري ڀائيندي هئي. هن کي، سڄو ڏينھن رت ولوڙڻ کان پوءِ جيڪي ڪجهہ وڏيري جي گهران ماني ۽ پگهار ملندو هو، سو سڀ اچي ماٽيلي ڀائرن اڳيان رکندي هئي. پوءِ بہ تِر تان گسندا تہ هڻي کيس لوئي اڌ مئو ڪندا هئا. ۽ ساهرو گهر تہ پورو دوزخ هو. ڪير هو جيڪو سندس پنھنجو هو. ڀلا سموري سونھن، سوڀيا، وفا ۽ پيار جي باوجود بہ پنھنجي مڙس جي دل هٿ ڪري نہ سگهي هئي تہ ان ۾ ازان ويچاريءَ جو ڪھڙو ڏوھہ. هوءَ جيڏي حسين هئي اوڏي ئي سندس قسمت ڪوجهي هئي. سچ چيو اٿن تہ: ”سونھن سِڪي ۽ بخت کائي.“ اِهو مثال ازان سان بنھہ ٺھڪيو ٿي، مينا جي دل ۾ آيو تہ پنھنجي بي رحم پيءُ کي اُڦٽ ماري ڇڏي. هوءَ هئي تہ ٻالڪ پر کيس ڏاڍي سمجهہ هئي. ازان جي ڳوڙهن ڀريل اکين کيس گذريل پل ياد ڏياري ڇڏيا هئا. پَر سال جي ڳالھہ تہ هئي. ان ڏينھن هن ازان جي گهر ۾ نم هيٺان ويٺي گُڏين راند ڪئي. ٻن چئن ڏينھن کان گهٽيءَ ۾ ڪتي يڪو پئي اونايو. ڪتي جو اونائڻ ڳوٺ ۾ ڏاڍو نڀاڳو سمجهيو ويندو آهي، ننڍڙي مينا کي بہ اِها سڌ هئي ان ڪري هن جي دل کي ڊپ اچي ويو هو ۽ ٻاهر نڪري ڀتر کڻي ڪتي کي هڪلڻ وئي، تہ سامھون ڏاند گاڏي ايندي ڏٺائين. هوءَ اتي ئي بيھي رهي. ڏاند گاڏيءَ تي پلال پيل هو ۽ ان مٿان رلي وڇايل هئي. رليءَ تي جتي ڪٿي رت جا دٻا هئا. ازان جا لٽا ليڙون ٿيل هئا جن مان سندس نيرو ٿيل ۽ سڄل بدن لياڪا پئي پاتا. ازان جو ماٽيلو ڀاءُ هيٺ لھي بيٺو. مينا اندر ڊوڙ پائي ازان جي ماٽيلي ماءُ ۽ گهر جي ٻين ڀاتين کي سڏڻ وئي. در تي روڄ راڙو مچي ويو، اوڙي پاڙي جون عورتون اچي مِڙيون. ازان جي گهر جي سامھون واري گهر ۾ رهندڙ بصران دلا کڻي کوھہ تان ٿي موٽي. بصران جي ازان سان بنھہ ڪانہ پوندي هئي پر هن جو هيءُ حال ڏسي دلا پٽ تي ڦٽا ڪري اچي ازان جي ڀر ۾ بيٺي.
ماٽيلي ڀاڻس ازان کي کڻي اچي نم هيٺان پيل کٽ تي ليٽايو. سندس سڄي منھن تي چَڪَن ۽ رانبوٽن جا نشان هئا ۽ بدن سڄو نيرو لڳو پيو هئس. بدن تي نيٽ جي لڪڻ جي ڌڪن ڪري اڀريل اڀريل سوڄ کاڌل جسم ڪٿان ڪٿان ٽڪرا لٿل، پيلي زرد لاش جيان هوءَ پئي هئي.
”اَئي مُٺِيسَ هيءُ ڪھڙو قھر ڪيو اٿائون نڀاڳيءَ سان.“ بصران پنھنجي ڇاتيءَ تي ڌڪ هڻندي چيو تہ: ”اَئي گهوڙا ڙي، اديءَ سان قھر ٿي ويو.“ ازان جي ننڍي ڀيڻ کٽ جي ڀر ۾ پٽ تي ويھندي اوڇنگار ڏني:
”اَئي گهوڙا ڙي هيءَ تہ نائين مھيني پيٽ سان هئي.“ ماسي شمل ڏک وچان دانھن ڪئي.
”ها پورن ڏينھن تي هئي.“ ماڻس وراڻيو.
”اَڀاڳيو ٻار ڪري پيس ڇا؟“
”ماسي شمل هوش ڪر، ٻار ڪرندس نہ تہ بچندس. مٺيءَ کي يارنھن ڏينھن ڪُٽيو اٿائون سو ٻار وري ڪٿان بچندس. اَئي هنٽرن جا نشان ڪانہ ٿي ڏسين.“
”هن جو مڙس تہ ڪرو ڪھاڙي آهي. پاڻ تہ مٺيءَ کي ماري اڌ مئو ڪري، پر هاڻي وري مورڳو لاهي پاهي بيٺو آهي، لڄ بہ ڪانہ آيس ھہڙي سدا ملوڪ ونيءَ کي پيٽ سان پوليس جي حوالي ڪرڻ سان.“
”پر ادي شمل ھہڙا ناحق اسان نہ اڳ ٻڌا، نہ ڏٺا جو مڙس هٿن سان پنھنجن ننگن کي ٿاڻن تي اڇليو اچن.“ هڪ پوڙهي مائيءَ نڪ کي موڙو ڏيندي چيو.
”اَئي ڇا توکي سڌ ڪانھي تہ ساهري گهر جي ازان سان پوي ڪانہ، سسڻنس تہ بنھہ پھاڄ بڻي ٿس.“
”اَئي ادي، پر ڪھڙي ڏوهين ڪھڙي ثوابين، مُٺيءَ سان اچي وير پيا آهن.“
”اَئي مان ٿي توکي ٻڌايان تہ ڇو نُنھن کي تپائي کنيو اٿس، موسي ماءُ کي پٽ آهي هڪڙو، سندس ڀائٽي بہ ويٺي آهي ڪنواري. جواڻ جماڻ. پھريان تہ ڀاڄائيءَ سان پوندي ڪانہ هيس، پر هاڻي جڏهن ڀاڄائس مئي آهي تہ اچي لڳي اٿس تہ پٽ کي ڀائٽيءَ سان پرڻايان. سو نُنھن سان پويس ڪانہ، روز پيون ڪوڙ بدوڙ هنيو مڙس کان مارون کارائنس.“
”هچا پوندنِ جو هن يتيم نڀاڳيءَ سان تپائي کئي اٿئون.“
”پر ادي ڪو ڳوٺ ۾ نينگر کٽا آهن، سندس ڀائٽيءَ کي گهوٽ ملي پوندو.“
”ڪھڙيون ٿي ڳالھيون ڪرين، ڀاڻس کي بہ آهي هڪ ڌيءُ سو مرضي اٿس تہ ٻانھن گهر جو گهر ۾ هجي. سو ڀاڻس ٿو چوين تہ پھريان ازان کي طلاق ڏيو تہ پوءِ ڌيءُ ڏيندس، سو مئيءَ کي نہ پورو تن تي ڪپڙو ڏين، نہ پيٽ ڀري ماني، سڄو ڏينھن پيا گڏھہ وانگر وهائنس. رونبا لابارا، گاھہ پٺا، پاڻي ڀرڻ ۽ سڄي گهر جو ڪم وٺنس، مال متاع جي بہ ٽهل ٽڪور ڪري، پر پوءِ بہ بگڙنس تہ هڻي گُڏي رکنس.“
”مڙس تہ ليکيس ئي ڪونہ، سمھن ڪن ڌار، مڙس ڪوٺي تي، زال اڱڻ ۾، جي مڙس اڱڻ ۾، تہ زال ورانڊي ۾ پئي ڳوڙها ڳاڙيندي.“
”اَئي امڙ ائين بہ ٿيندو آهي ڇا؟“
”بس ويٺي ڏس لقاء زماني جا.“
”اَئي ادي شل نہ ڪنھن جي ڦِٽي، نہ تہ ڪھڙي ڪمي آهي ازان ۾، سدا ملوڪ لُڏڻ زال کي کڻي سور ڏئي ساڙيو اٿئون.“
”اَئي نڀاڳيءَ جو ڪو اوهي واهي ڪونھي جو کڻي پلاند ڪرين، در در جا پئي ڌڪا کائي، نہ تہ ڄايون هر ڪنھن کي مِٺيون آهن.“
مايون ازان جي چوڌار مکين جيان اچي مڙيون هيون ۽ مکين وانگر پئي ڀڻ ڀڻ ڪيائون. ڪوڙي ماءُ کان رهيو نہ ٿيو، تنھن سڀني کي پري ڪندي چيو تہ:
”رنون هڪ هوءَ اڳئي لاش ٿي پئي آهي، ٻيو مٿان اوهان ويٺيون هانءُ کائوس، ٽري ٽارو ڪيو، ڇو اچي ٽِيڪو مچايو اٿوَ.“
پيءُ جي آواز تي مينا جي سوچن جو سلسلو ٽُٽي پيو. ”موسي ماءُ پيرن تي پوتي وڌي آهي.“
”وڏيرا مون بہ اوهان وٽ ڄمار گذاري آهي پورهيو ڪندي“. ازان ڀريل گلي سان وراڻيو.
”سَسڻھين ٿي چوي تہ مون ٽڪا ڀريا آهن، ڪا مفت ۾ نالي ﷲ جي ڪانہ ڏني اٿئون.“
”ها تہ سائين ائين چئہ نہ تہ ٽڪن جو سور اٿس، ٻيو مون لاءِ ٺري ڪانہ ٿي. ٻانھن کپين ڪم ڪار لاءِ. سائين مون کان اهي جيئرا جاڳندا سور ڪونہ سٺا ويندا تہ مان ٻانھي ٿي پھاڄ اڳيان پئي وهان. هاڻي موسي شادي ڪئي آهي، باقي مون واري سس ٿي آ اجائي ڇتي“.
”گهڻي ٽر ٽر نہ ڪر پر سال واري جٺ ياد ڪانھئي ڇا“.
وڏيري جي اکين ۾ ڄڻ شيطان لھي آيو هو. وڏيري پيرل کي راتوڪي باھہ هئي جو ازان کي جڏهن ٻانھن کان اچي جهليو هئائين تہ ازان کتيون ٻڌايون هئس. ويتر جو گهٽيءَ ۾ ٻاهر حاجيءَ کي بيٺل ڏٺائين تہ سڄو پڄري ويو هو. ان وقت تہ دل جو سور دل ۾ پي ويو هو پر اڄ صبح سڀ ڪسرون پوريون ڪيون هئائين. حاجي وڏيري جي ٻنيءَ تي پوک ڪندو هو ۽ وٽس ڪمدار بہ هو. وڏيرو هونئن تہ حاجيءَ کي ڏاڍو ڀائيندو هو. سادي طبعيت جو ماٺيڻو، قد جو ڊگهو سھڻو جوان هو، طبعيت جو بيحد شريف ڪنھن عورت کي اک کڻي بہ نہ نھاريندو هو پر الائي ازان سان ڇو ٻٽيھہ دليون هيس. وس پڄيس ها تہ ازان جا سڀ سور پنھنجي اندر ۾ اوتي ها پر وڏيري اڳيان لاچار هو. جي ڪڇيو ٿي تہ بک ٿي مئو. ٻيو تہ ازان کي طلاق بہ ڪانہ مليل هئي. ان ڪري شادي بہ نٿي ڪري سگهيا. حاجي پاڻ بہ پرڻيل هو هڪ ڌيءُ بہ هئس. دل جا ليکا بہ عجيب هوندا آهن. جڳ جون ريتون رسمون، قيد ۽ ڪڙا مذهب ۽ اخلاق سڀ اورانگهي دل ۾ اچي پيار واسو ڪري تہ ماڻھن جو جهڳو ئي جَهڻ ٿي پوي پر پوءِ بہ سڄي ڏيھہ جو لعنتاڻو کنيو پيا گهلبا آهن. هنن ٻنھي بہ پئي ڄاتو تہ هو هڪٻئي جا جيئن تہ ڪونہ ٿي سگهندا. پر پوءِ بہ هڪٻئي کان منھن مٽي نٿي سگهيا، هڪٻئي جي انگن ۾ سمائجي وڃڻ ٿي گهريائون. اصل ائين جيئن سنڌوءَ جو لڙاٽيل مٺو پاڻي ٻنين ۾ جذب ٿي ويندو آهي. ازان جو جوڀن تہ ڪڻڪ جي سونھري سنگ جيان هو، ڪڻڪائون سونھري بدن نانگ جيان وراڪا کاڌل بدن اکين ۾ ازل جي ڏکن سورن سندس سونھن ۾ نماڻائي اوتي هئي. اندر جا گهاءَ منھن تي ائين ڇانورو ڪري بيٺل هوندا هئس، جيئن ٽالھي جي وڻ جي ڇانوَ سنڌوءَ جي پاڻيءَ مٿان.
اصل نماشام جيان اُجڙيل ۽ ويران. ڀلا اهڙي مٺي مومل کي ڀلا حاجي ڪيئن نہ جيءَ ۾ جايون ڏئي! هن جو وس نٿي پڳو، نہ تہ جيئن پنھنجو پاڻ کي چيري اندر ۾ لڪائي ڇڏيس ها. اصل ڪچو کائي ڇڏيس ها. پر هو بيوس ۽ لاچار هو. چؤطرف مجبورين ۽ لاچارين ۾ گهيريل هو ۽ ازان کان اها حاجيءَ جي بي وسي ڏٺي نہ ويندي هئي، مرد کي هوءَ هميشہ جهرڻي جيان تکو ۽ تيز ٽوڙ ڦوڙ ڪندڙ ڀائيندي هئي. شينھن جيان گجگوڙ ڪندڙ، حاجيءَ جي بي وسي ازان جي اندر ۾ وڍ وجهندي هئي. ازان جو مک چوڏهين جي چنڊ جيان هو پر سندس مک مان چانڊوڪيءَ بدران ويراني پکڙبي هئي. اُداس ڳوڙهن ڀريل ڪرِڻا پکڙبا هئا. پر پوءِ بہ سور هن جي سونھن مٽائي نہ سگهيا هئا. ازان جو هيڏي ساري جڳ ۾ ڪير بہ تہ پنھنجو ڪونہ هو. هڪ حاجي ئي تہ هو جنھن کي هوءَ ڏاڍو ڀائيندي هئي.
”ازان مون کان بڇڙو ٻيو ڪير نہ ٿيندءِ. ڄُنڊن کان گهلي مڙسھين وٽ اُماڻيندو مانءِ. توکي پنھنجي مڙس وٽ وڃڻو پوندو.“
”سائين خدا کان ڊڄو اوهين بہ پنھنجن ڄاين وارا آهيو.“
”ڪري ڇا ٿي ڪميڻي رن. بار بار ذليل رن مون کي پٽين ٿي“.
وڏيري جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون، هو پٽ تي ٿڪ ڦٽي ڪري ڪلھا لوڏيندو اوطاق تي هليو ويو ۽ ازان .... ازان جهريل من کي کڻي نستو ۽ نٻل سرير کڻي رڌڻي ڏي وڌي وئي، هن جي سڄي جسم مان ڄڻ ساھہ ڇڏائي ويا هئا. سندس اڳيان اٽي سان ڀريل ٿالھہ رکيو هو، ان کي ڳوهڻ لڳي ڳوڙها ٽم ٽم ڪندا اَٽي ۾ جذب ٿيندا ويا. ان پل هن جا هٿ ڍرا ٿيا ۽ ڪنڌ ڀت تي لڙي پيس، ڍليون ڍليون ٻانھون، وساميل نيڻ ازان اهو بہ نہ ڏسي سگهي تہ در ۾ حاجي بيٺو آهي. هو تڪڙو اڳتي وڌيو ۽ ازان کي ڌونڌاڙي چوڻ لڳو.
”ازان ...... ازان توکي ڇا ٿيو آهي. مٺي مٿي تہ نھار“. حاجيءَ پنھنجي هٿن سان ازان جي ڳلن تان ڳوڙها اگهندي چيو پر ازان جا پساھہ پورا ٿي چڪا هئا. تڏهن هو سڄو اجهامي ويو هو. پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀري اچي کٽ تي ليٽايائين. اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. ننڍڙي مينا وائڙي ٿي حاجيءَ کي ڏٺو. مرد بہ روئيندا آهن، هن تہ ڪڏهن بہ ڪنھن مرد کي روئيندي نہ ڏٺو هو، پوءِ اڄ حاجيءَ جھڙو جوڌو هيئن سڏڪا ڀري ڇو ٿو روئي. شايد ان ڪري جو موت اڄ ڪاري اُماس جي رات جي پڄاڻي آندي هئي ۽ حاجيءَ جا ڳوڙها ان اوندھہ انڌوڪار ۾ تارن جيان پئي جرڪيا.

(ٽِہ-ماهي ’مھراڻ‘ 2-1/1972ع ۾ ڇپيل)

لاڙئون آيم سرتيون

ڪامل اَن ڇڙيندي جهونگاريو پئي:
”لاڙئون آيم سرتيون اڄ ڪي اباڻا....“
سندس ڪاريون ڪڪوريل اکڙيون لڙڪن سان ڀريل هيون.
”ڪامل، او مُئي! اڃا ويٺي اَن ڇڙين، رن جنھن ڪم کي ٿي وٺين تہ ورهيہ لڳيو وڃئي، پڄئي نہ ٿو ڪم، سنڌن سڪي، سج مٿي چڙهي آيو آهي، منجهند جي مانيءَ کي اوير ٿي ٿئي. اجهو ٿو مڙسھين ٻنيءَ تان موٽي، تون ويٺي پار ڪڍين. نڀاڳي ڪھڙا اباڻا ياد پيا اٿئي؟“
”نہ چاچي، بس اٿان ٿي –“ ڪامل سس جا پاراتا ٻڌي ڳوڙها رئي جي پلاند سان اگهي ڇڏيا ۽ اکريءَ جو سمورو اَن ڇڄ ۾ وجهي ڇنڊڻ لڳي.
ننڍڙي صبحان اون آن ڪندي، بانبڙا پائيندي اچي ماءُ کي چنبڙي.
”نپٽي پري تہ ٿيءُ“ ڪامل ڌيءُ کي ٻوٿ وارو چنبو هڻي ڪڍيو.
صبحان وڃي مٽيءَ ۾ ڪري ۽ ڇڙيون هڻڻ لڳي، سندس ڪومل گلابي ڳل ڳوڙهن سان ڌوپجي ويا.
”مئي، گهڻو نہ روءُ، پيءُ جي دادلي ڪانہ آهين جو ايڏو ٽمجهڻ وڌو اٿئي،“
ڪامل ڌيءُ کي روئندو ڇڏي وڃي جنڊ تي ويٺي، صبحان کي روئي روئي اتي ئي ننڊ وٺي وئي هئي.
سومر هَرُ ڪلھي تي رکيو ڏاندن جون واڳون هٿن ۾ جهليو گهر ۾ گهڙيو. ڌيءُ تي اُڇاتري نظر وجهي وڃي ڏاندن کي ڪلي سان ٻڌائين. هَر کي ڀت سان پاسيرو رکي ورانڊي ۾ اچي ويٺو.
ڪامُل وٽي کي آگهاري دلي مان پاڻي اوتي اچي مڙس کي ڏنو.
”اڃا ماني ڪانہ پچائي اٿئي ڇا؟“
”نہ“
”ڇو، ننڊ پئي هئينءَ ڇا؟ سانجهي اچي ٿِي آهي، تو وٽ اڃا منجهند جي ماني بہ ڪانہ پڪي آهي.“
”ٽي ٽين ڪپڙن جا سٽيا اٿم. اَن ڇڙي پيٺم، سڄي گهر جي ٻهاري ڏني اٿم. پاڻيءَ جا کوھہ تان ڇھہ ور ڏئي آئي آهيان. ٻہ کارا ٿانون جا مانجيا اٿم. سڄو ڏينھن گهر ۾ گڏھہ وانگر ٿي وهان، پر پوءِ بہ مڃتا ڪانھي. هيکل آهيان ڪم ۾، تنھنڪري ٿوري اوير سوير ٿي پئي وڃي، ڀلا ٻيو ڇا ڪريان.“
”ڪميڻي وات ٿي ڪرين.“ سومر پاڃاريءَ مان ڪلو ڪڍي ڪامل جي نرڙ تي وهائي ڪڍيو. جيڏي ڪامل، تيڏو رت! رڙ ڪري وڃي پٽ تي پئي، سومر ٻہ چار ٻيون لتون مڪون بہ وهائي ڪڍيس.
”ٻڌايانءِ تہ پڻھين جاگير ڏاج ۾ ڏني هئي، جو ڪم نہ ڪندينءَ. هت ڏاڏهين جا نوڪر ويٺا آهن، جو کٽ تي چڙهي کائيندينءَ.“
رڙين واڪن تي صبحان بہ جاڳي پئي. ماءُ کي رت ۾ وهنتل ڏسي اُٻاٽ پئجي وئي. ڪامل ڌيءُ کڻي هنج ۾ ڪئي، ننڍڙي صبحان جي چپڙن ۾ ٿڃ سان گڏ ماءُ جو رت ۽ ڳوڙها بہ ٿي ٽميا.
”منھنجي جيجل ماءُ تون نہ روءُ، منھنجي مومل تون نہ روءُ“ ڪامل سڏڪندي چيو.
”اڙي وري ويھي رهينءَ ٻار کي ڪڇ ۾ ڪري، رن مٿو پنھنجو ڦاڙايوئي، پوءِ بہ نہ ٿي سمجهين. ڇڏ ڇوريءَ کي راند ڪري.“
اڌ ڍايل، اڌ بکايل صبحان کي پٽ تي ويھاري، ڪامل وڃي رڌپچاءُ ڪرڻ لڳي. سون سورن اچي وڪوڙيس. کيس شاديءَ جا پھريان ڏينھن ياد اچي ويا. جڏهن اڃا نئين ڪنوار ٿي هن گهر ۾ پير پاتو هئائين، تڏهن هوءَ ڪيتري نہ سھڻي هئي. سندس رنگ اڇو کير جھڙو، اکيون ڪٽاريون ڪجل بنا ڪاريون، ڊگها ڪارا وار، چپ سنھڙا گلابي جن ۾ گلن جو رس ڀريل هو، ڊگهي نڪ ۾ ڦلي پيل، سھڻين اڇن ٻانھن ۾ چوڙيون پئي جرڪيس، تڏهن سومر جي مٿس ڪيتري تہ دل هوندي هئي. هر وقت ڪامل، ڪامل پئي پوندي هيس. شاديءَ کي هي ٽيون سال هو، جو سندس مڙس تان سائٿ هلي وئي هئي. ڪامل هڪ ٻن سالن جي پٽ ۽ کير پياڪ صبحان جي ماءُ هئي، منجهس ڏکن ڏاکڙن جي ڪري اها سونھن نہ رهي هئي. اکيون دونھي ڪوسائي ڇڏيون هئس. چانڊوڪيءَ جھڙو ڪومل بدن باهين ۽ اسن تي لوساٽجي ويو هئس ۽ مڙس جي مارن کان پوءِ نقشن ۾ اها تکاڻ نہ رهي هئي. ڳلن جي لالائي کي سس جي طعنن تنڪن پِيلو ڪري ڇڏيو هو. سندس انگ انگ ۾ رچيل مستيءَ کي ڏکن ڏاکڙن ويراڳيءَ ۾ بدلي ڇڏيو هو. اڳ اڱڻ ۾ ائين هلندي هئي، ڄڻ ڪا ديوي پوڄا لاءِ موتين جا ڀريل ٿالھہ کڻي مندر ڏانھن ويندي هجي. ڪامل جي چپن تان مرڪ تہ ڄڻ موڪلائي وئي هئي. اکين ۾ شوخيءَ بدران ڳوڙها ڀريل هوندا هئس. سھڻي جوڀن ۾ ڪرڙوڍ ٿي لڳي.
سچ چيو اٿن ماڻھن لڳي ڪاٺ بہ ڀڄيو پون، سومر ڪامل سان ٻہ چار ڳالھيون مس ڪندو هو تہ ماڻس سڏ ڪندي هئس. الائي تہ ڪھڙا ويڻ ويھاريندي هئس، جو ساڳيو سومر، ڪامل جي اکين ڪڍڻ لاءِ بہ تيار ٿي ويندو هو. ڪامل کي شاديءَ ڪئي ٻيو ڏينھن هو جو ماڻس اچي سومر کي چيو هو:
”ابا اها زال ڪھڙي جيڪا ڪم کي اوڏو نہ پوي. ڪنوار اٿي ڪم ڪر، ڇڏ مڙس جي پچر. ابا زال ذات موچڙي جي آهي،“ وري چوندي هئس ”سھڻا ٽوھہ پٽن تي پيا آهن، هن کي اولاد ڪونہ ٿيندو. اڳي پوءِ توکي ٻي شادي ڪرڻي پوندي. پر جي پيڙهي ڪا هيءَ رن ڪانہ قائم ڪندي، جو هروڀرو ڪڪڙ وارو آرو ڪيو پيو آهين.“ تڏهن کان سومر ماءُ جا اهي لفظ ڄڻ دل تي اُڪيري ڇڏيا هئا. سومر دل تي اها ڳالھہ ويھاري ڇڏي هئي تہ کيس اولاد ڪونہ ٿيندو ۽ پوءِ پنھنجي زال کان منھن موڙيندو ويو، جڏهن سال کان پوءِ ڪامل کي پٽ ڄائو هو، تڏهن سومر ڏاڍو ٽڙيو پئي، ور ور ڏئي ٿي پٽ کي چميائين. تڏهن ماڻس کي اها ڳالھہ ڪانہ وڻي هئي. سوچيائين تہ متان پٽ ننھن کسي وٺي، تنھن کان اڳ چلھہ ۾ باھہ سوريندي هلي.
”ابا، ڌيءُ ۽ پٽ خدا جي پوک آهن، پٽ پٺيان ڌيءُ بہ اجها آئي، تو واري رن آهي واري تي، ايندڙ سال اجهو ڌيءُ ٺھي رکي آهي.“
پر سومر پٽ جي خوشيءَ ۾ ماءُ جي ڳالھہ تي ڪن ڪونہ ڏنو ۽ ٻئي سال ڪامل کي جو ڌيءُ ڄائي تڏهن تہ سسڻس کي بھانو هٿ آيو. ”ابا مون ڪونہ ٿي چيو تہ جوڻھين آهي واري تي، اجهو ٿي ڌيءُ ڪڍي، ڌيئن جو ڌڻ آڻيندي، ڌيءُ آهي پرائو ڌڻ، ڪاڏي ڪنداسين ايڏيون ڌيئون.“ تڏهن سومر اچي ڪامل جي وارن کان جهليو ۽ ٻہ چار لتون هڻي ڪڍيائينس. ٻنڌڻن ۾ ٻڌل صبحان کي بہ ٻہ چار گهوگها ڏئي ڪڍيائين. تڏهن بہ سس جو پيٽ نہ ڀريو. پٽ جا ڪن ڀري ڪامل تي پھاڄ آندائين. هاڻي ڪامل ڪم ڪري ۽ هوءَ بيبي کٽ چڙهي کائي، ڪامل جو گهر ويو تہ ور بہ ويو. بي سائٿڻ جو اولاد بہ بي سائٿي. ڪامل ئي نہ وڻي تہ ڪامل جو اولاد ڪيئن وڻندو. ٻئي ماءُ پٽ نئين ڪنوار تان گهور پيا ويندا هئا. جيڪي ڪري تيئن ڪنوار ڪري، ڪم ۾ تہ اصل هٿ وجهي ئي ڪانہ. چوندا آهن سونھن سڪي، بخت کائي.
ڪاري اونداهي رات هئي، ڪامل جي ڦٽل بخت تي آسمان بہ ڳوڙها ڳاڙي رهيو هو. مٿان ڪو‎ٺي تان ڪامل جي مڙس ۽ سندس نئين ڪنوار جا هلڪا هلڪا ٽھڪڙا ٿي آيا. ڪامل جي نيڻن مان وڏ ڦڙو پئي وسيو، ڀر ۾ ننڍڙي صبحان بہ ستل هئي. پنھنجي ماءُ جي ڦٽل ڀاڳ ۽ پنھنجي اڻ ڏٺي، اڻ ڄاتل اونداهي آئيندي کان بيخبر گهري اَگهور ننڊ ۾ ستل هئي.

وڍي جن وڌياس

رات اڌ کان وڌيڪ گذري چڪي هئي. چنڊ بہ ڪڏهوڪو اڀريو هو ۽ هاڻي سيتل چانڊوڪيءَ ۾ ڳوٺ جي ڪنھن ڪنواريءَ جي ڪومل جسم جيان وهنتل ٿي لڳو. چپ چاپ ۽ خاموشي بہ اهڙي جو ڪنھن جي ساھہ کڻڻ جو آواز بہ نہ ٿي آيو. بنسري جي هڪ ڏکوئيندڙ ۽ وڇوڙي واري سر تي ڄڻ ڪجهہ ياد آيس. هوءَ اُٿي کڙي ٿي ۽ ڪنھن ڄاتل سڃاتل ۽ اڳ سونھين جاءِ ڏانھن، تڪڙي تڪڙي هلي وئي. جيئن جيئن ان سونھين هنڌ کي ويجهو ٿيندي وئي، تيئن کيس جهونگار چٽي ٻڌڻ ۾ آئي:
اچ ٻاروچل اچ الا....
گهوريو وڇوڙو ٿو ماري.....
صالح اڳ ئي اوسيئڙي ۾ سندس راهن تي اکڙيون وڇائي ويٺو هو ۽ هيءَ هوريان هوريان هلندي اچي سندس ڀرسان ويٺي. ”اڙي هي ڇا.....“ ڪنڌ ورائي حاڪم کي جو پنھنجي ڀرسان ويٺل ڏٺائين تہ ڇرڪ نڪري ويس، ”ٻڌايئہ بہ ڪونہ تہ اچي وينءَ.“
”مون کي تنھنجي جهونگار ٿي وڻي. ايندي ئي ڏسي وٺين ها تہ پوءِ تنھنجي جهونگار ڪيئن ٻڌان ها.“
”چڱو هاڻي تون بہ تہ پنھنجي مٺڙي سُر ۾ ڪجهہ ٻڌاءِ نہ.“ صالح کيس ڀوڳن ۾ چيو.
”هت راڳ ڳائڻ آيا آهيون ڇا، تون بہ ڏاڍيان نہ ڳائيندو ڪر. ايڏو بي پرواھہ نہ ٿي، نہ تہ ...“
”اڄوڪي رات الائي ڇو وڻي پئي.“
”ها اڄ رات تہ مون کي بہ وڻي پئي.“
۽ پوءِ هو ائين ئي بيخبر، بي ڌيانا ٿيا ويٺا ڳالھائين، کلن ۽ خوش ٿين تان جو ذري گهٽ اچي ڀنڀرڪو ٿيو ۽ تڏهن ڇرڪ ڀري هڪٻئي کان ڌار ٿيا.
حاڪم وري پير پير ۾ پائيندي، ڊڄندي، ڏڪندي، پنھنجو پاڻ لڪائيندي، اچي نم هيٺان پنھنجي کٽ تي ستي. پر ايندي ئي سندس ماٽيلي ماءُ سڦوران کيس ڏسي ورتو. ٻي رات جو سڦوران پنھنجي مڙس جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا.
”سومر جا پيءُ، حاڪم کي هاڻي شينھن ڪلھي چاڙھہ. جوان وياءُ آهي، ٻيو تہ ڌيڻين جا پير پختا ڪونھن. خون ۽ خوشبوءِ ڪيترا ڏينھن لڪندا، اڄ نہ تہ سڀاڻ ڦاٽ ڦاٽندءِ. سڀاڻي ستن پيڙهين جي پڳ نہ لھرائي وجهئي، پوءِ ڪھڙي منھن سان راڄ ۾ رهنداسين.“
سوڍي هڪدم ڪن کنيا، ”ڇو خير تہ آهي نہ؟“
”خير وري ڪھڙو، ٻڏي مرڻ جھڙا ٿيا آهيون.“
”سو وري ڪيئن، کولي کڻي ڳالھہ ڪر رن.“
”ڊڄان ٿي ڪٿي ڇوريءَ کي ماري نہ وجهين، ڇوري وڃي کوھہ جي تري ۾ پوي، شينھن جھڙو مڙس ٽڪي جي ڇوڪريءَ جي ڪري نہ گهائجي وڃي.“
”هاڻي ڳالھہ کڻي ڪر، ڪين وجهان ڪھاڙيءَ ۾ هٿ.“
”حاڪم، صالح سان لڳل اٿئي. ڪالھہ رات ڇوري ساڻس ملي اصل ڀنڀرڪي مھل واپس آئي هئي.“
”چوين ڇا پئي؟“ سوڍي ڪاوڙ ۾ ڏڪندي چيو.
”ها، مان سچ ٿي چوان.“
سوڍي ڪھاڙيءَ ۾ هٿ وڌو.
”سومر جا پيءُ هوش ڪر. ڪسيرڪ ڇوريءَ جي ڪري تون ڇوٿو ڦاهيءَ چڙهين. ٻن ونين جا سھاڳ، جيئين سدائين، هت نہ مارينس، ڦاهي چڙهنداسين، شھر گهمائڻ جي بھاني وٺي وڃي ڪهجانس: هاڻي تہ ارڏائيءَ تان لھہ.“ سفوران دل ۾ چھڪندي همدردي ڪئي.
سوڍي ڳالھہ سمجهي کڻي چپ ڪئي.
مريم در جي چانئٺ مان بيٺي سڀ پئي ٻڌو. هن رئي جي پلاند سان ڳوڙها اگهيا ۽ ڌيءُ وٽ آئي. حاڪم گهري ننڊ ۾ اصل ٻنھي جهانن کان بيخبر ٿي ستي پئي هئي. ماڻس سندس نرڙ تي چمي ڏني.
’منھنجي مومل، مون توکي ان لاءِ بہ نہ ڄڻيو هو تہ سڦوران توکي ڪھائي.‘ مريم جي اکين مان ڳوڙها وهي حاڪم جي ڳلن تي ڪريا.
صبح جو جڏهن حاڪم کي ماڻس سفوران جي ڳالھہ ٻڌائي تہ حاڪم جي سڄي سرير ۾ زلزلو اچي ويو.
”امان، امان مون کي بچاءِ..... امان مون کي بچاءِ!“ حاڪم ماءُ کي ڀاڪر پائي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي.
۽ پوءِ اچي نم هيٺان پيل کٽ تي ستي. گذريل پل کيس آنڌيءَ وانگر وڪوڙي ويا، تہ ڪيئن صالح سان هٿ هٿ ۾ ڏئي گهمي هئي، ڪيئن مون صالح کي جهونگاريندي ٻڌو هو. سندس پريت ۾ گهاريل هر پل اکين مان ڳوڙها ٿي ٽمڻ لڳس. هونءَ هميشہ نم هيٺان ويھندي هئي تہ پکين سان بہ پئي ڳالھائيندي هئي. جڏهن سندس ڀاءُ ڀاڄائيءَ کي پيڪن مان وٺڻ ويو تہ ڪانوَ نم ۾ اچي ڪان ڪان ڪئي، تڏهن حاڪم ماني ويٺي پچائي. مانيءَ جو ٽڪر ڪانوَ ڏي اڇلي چوڻ لڳس:
آءُ ڪانگا لنؤ لات.....
ڏيان مٺي لولي ڪير ايندو.....
۽ پوءِ کيس صالح جا لفظ ياد آيا.......
”مٺي تون جي چوين تہ مان تولاءِ سڄي ڄمار ڳائيندو رهان....“ ۽ پوءِ کيس روئي روئي ننڊ وٺي وئي هئي. حاڪم اوچتو رڙ ڪري اٿي. ”امان، او منھنجي جيجل-، مون کي بچاءِ....“ سڦوران ۽ ڳوٺ جون ٻيون زالون رڙ تي ڊوڙنديون آيون. ڪنھن تريون اچي مھٽيس تہ ڪنھن مٿي تي زور ڏنس.
”امڙ حساب اٿس.“ سفوران چيو.
”ڇوريءَ تي جن جو پاڇو پيو آهي ادي.“ ٻيءَ لاڳ ڏني.
”جوان وياءُ آهي، اٿاري ڇڏينس.“
گوڙ تي حاڪم اکيون کوليون، سامھون ماڻس بيٺل هئي. حاڪم نماڻا نيڻ کڻي ماءُ ۾ نھاريو. ماڻس جي اکين مان ڳوڙها ٽمي مٽيءَ ۾ جذب ٿي ويا. شايد اڄ سڪل ٺوٺ ۽ اڃايل ڌرتيءَ کي سنڌ جي ڪنھن هيڻي ۽ مظلوم عورت جي ڳوڙهن مان اڃ اُجهائڻي هئي.
مايون سس پس ڪنديون پنھنجي گهرن ڏانھن هليون ويون. حاڪم کي سڄي رات ننڊ نہ آئي، پنھنجي سسيءَ مٿان ڪھاڙي لڙڪندي نظر آيس. حاڪم ڊپ وچان سڄي ڏڪي وئي. موت جي خوف کيس پِيلو پن ڪري ڇڏيو هو.
حاڪم کي اڄ گهر اوپرو اوپرو نظر پئي آيو، گهر جي هر شيءِ مان کيس نفرت ۽ موت جا پاڇا ٿي نظر آيا. حاڪم پريان پيءُ کي ڏٺو تہ مٿي تي اجرڪ ٺاهيندي اکيون جهڪائي ڇڏيون.
’هي ڪير آ، منھنجو پيءُ، نہ نہ، پيءُ سان منھنجي ڪا مائٽي ڪانھي. منھنجي امان جيجل. جيجل منھنجي ماءُ. امان اچ، مون تي پنھنجي قرب جو پلئه رک. پيءُ ائين نہ ٿيندا آهن. ماريءَ وٽ بابن جھڙي دل ڪٿي. هي تہ ماري آ. سوڍو ماري. منھنجو بابا.....‘ هن وڦليو.
”پٽ اڄ تيار ٿي وهجانءِ، شام جو شھر ڏي هلنداسين.“ اَئين چئي سوڍو مڇون وٽيندو اندر ڪمري ۾ هليو ويو.
۽ هوءَ جلندي رهي. مرندي رهي. مرندي رهي. ڪاريءَ جيان قتل ٿيڻ کان اڳ ئي، مرندي رهي. ۽ ڪارو، هن سوچيو. ”منھنجو صالح....“ کانئس ڀڻ ڀڻ نڪتي: ”مان تہ اون ئي مران پئي. تون شل جهجهي حياتي ماڻين صالح، توکي ڪو ڪوسو واءُ نہ لڳي. شل تنھنجا راڳ ۽ سر توسان سلامت هجن.“
۽ پوءِ هوءَ، سڀ آسرا لاهي ڪاري ٿيڻ جي ڏوھہ ۾، پنھنجي قتلام ٿيڻ لاءِ، ڪن لاٽار ڪري سمھي پئي.

اُجرو من

اڄ دل چاهيو هو تہ تو وٽ اچان، دل جا سڀ وهم وساري، سڀ جڳ جا ٻنڌڻ ٽوڙي تو وٽ هلي اچان! ۽ تو ۾ سمائجي وڃان: تو وٽ اچي نہ سگهان، تہ اتي بيھي رهان، جتان تون لنگهندو آهين. ائين بہ ڪري نہ سگهان تہ توکي ڪوئي سنيھو موڪليان پر ڊپ لڳم تہ تون ڪاوڙجي نہ پوين ۽ مون کان نفرت نہ ڪرڻ لڳين، ان ڪري دل جا سور دل ۾ سانڍي ماٺ ٿي ويس. ان سانت منھنجي اندر کي ڳاريو هو. مان ڏاڍي اداس ٿي وئي هيس. ڪوئي رستو بہ نہ هو تو تائين پھچڻ جو!
ڪڏهن قسمت پنھنجو دان ڏيندي هئي ۽ واٽ ويندي تون ڏسڻ ۾ ايندو هئين، تڏهن منھنجي من جو ديس اجڙي ويندو هو. منھنجي منھن تي اذيت جا پاڇولا تري ايندا هئا، ان ڏينھن بہ ائين ٿيو ڏهن سالن کان پوءِ مان توکي ايڏو ويجهو ڏسي سگهيس. هاءِ ڏک ۽ خوشيءَ جا احساس منھنجي سڄي وجود تي ڇانئجي ويا. تو مون سان ڳالھايو بہ ڪونہ! مون کان ايڏي نفرت! پوءِ بہ ڄڻ مون کي سرڳ ملي ويو هو!!
تون مون کي وساري پنھنجي دنيا ۾ خوش رهڻ لڳو هئين. تون منھنجي احساس کي ٿڏو هڻي رمندو رهين. تنھنجي هستي منھنجي اکين ۾ سمائجي وئي هئي. ڪيترا ڏينھن ڪيترا پلَ منھنجي ساهن ۾ رچي ويو هئين. اهو سڄو ڏينھن مان خوش هيس. تنھنجي هستيءَ جا پاڇولا منھنجي نيڻن جي ساگر ۾ جهولي رهيا هئا. جڏهن بہ ائين ٿيو آهي، تہ ڄڻ مون کي ڪل ڪائنات ملي وئي هجي. ان رات مان تارن جي جهرمٽ هيٺان اچي ستس، تنھنجي باري ۾ سوچيندي صبح ٿي ويو. صبح جا چار وڳا ۽ پوءِ پرھہ ڦٽي تارن جو جهرمٽ آهستي آهستي ڌنڌلو ٿيو ۽ پوءِ گم ٿيڻ لڳو. تارا آسمان ۾ ڪيئن اڀري ايندا آهن ۽ ڪيئن گم ٿيندا آهن، اهو نظارو مون ان رات ئي ڏٺو. ائين لڳو ڄڻ اڌ تارن جو جهرمٽ تنھنجي گهر ۾ گم ٿيو ۽ باقي اڌ تارا اتر قطب ۾ گم ٿي ويا.
ڪنھن مون کان پڇيو تہ ”ڪالھہ توهان جي منھن تي ايتري اذيت ڇو هئي؟ لڳو ٿي ڄڻ توهان جي دنيا اجڙي وئي هجي!“ مون ان کي جواب ڏنو هو .دل جي دنيا اجڙي تہ هئي، پل ڀر لاءِ من جي آڪاش تي ڪروڙين تارا چمڪيا هئا ۽ جيڪي سڀ جا سڀ ڪاري ٻاٽ اوندھہ ۾ گم ٿي ويا ۽ پويان مون لاءِ ڪاري رات ڇڏي ويا. من جي ڌرتيءَ تي سوين گل ٽڙيا هئا، جنھن جي لاءِ ڄاتم ٿي تہ پل ڀر ۾ ڪومائجي وڃڻا آهن. من جي آڪاش تي سوين تارا جرڪيا هئا، ڪير ڪيئن ڄاڻندو تہ دل تي ڇا گذريو هو!؟ ڄڻ پل ڀر لاءِ مون کي ڪائنات ملي وري ڦرجي وئي هئي!!
اڄ آسمان ڪڪرن سان ڀرجي آيو هو، اهي ڪڪر تنھنجي گهر مٿان بہ تہ هوندا ۽ تو بہ انھن کي جي ڀري ڏٺو هوندو! گهڙي رکي ڌرتيءَ تي رم جهم ٿيڻ لڳي هئي مون سوچيو هو تہ اها برسات جي رم جهم تنھنجي گهر ۾ بہ تہ ٿي هوندي ۽ ان ڪري تنھنجي منھنجي وچ ۾ مينھن جي ڦڙن ۽ ڪڪرن ناتو جوڙيو هو، تنھن ڪري مون برسات کي ڪي پھر ويٺي ڏٺو. منھنجي اکين ۾ مينھن سان گڏ تون بہ وسڻ لڳو هئين. برکا رت مون لاءِ سنديس آڻيندي آهي، پيار جو سنديس! مون پھرن جا پھر مينھن ۾ ويٺي نھاريو، اڄ منھنجو يار وسڻ جا وس ڪري آيو هو سو دل ورچي ئي نہ پئي! وڏ ڦڙن مان ائين ٿي لڳو تہ اهي ڪڪر آسمان تي نہ پر منھنجي دل جي وشال آڪاش تي مڙي آيا هئا. جيئن ڪارا ڪڪر وسڻ بند نہ پيا ڪن تيئن ڌرتيءَ سان گڏ مون کي بہ جل ٿل ڪندا پيا وڃن. تڏهن مون دل جا در تو لاءِ کولي ڇڏيا هئا. مون کي اها پوري ريت خبر هئي تہ تون اچڻو ناهين پوءِ بہ اکين ۾ اوسيئڙا سمائجي ويا آهن، من ۾ سوين گل ٽڙي پيا هئا. مينھن سڄي رات وسندو رهيو. برکا رت سڄي رات ڌرتيءَ کي بوندن جو آشيرواد ڏنو. منھنجي دل بہ تو لاءِ سڄي رات رئندي رهي هئي. تنھنجي هستي هر شيءِ مٿان وکريل هئي. تون مون وٽ نہ هئين تہ ڇا ٿي پيو؟ تنھنجي مھڪ هر شيءِ ۾ رچيل هئي. قدرت جي سونھن مون مٿان ڇانيل هئي ۽ تو مٿان بہ. انڪري تون مون کان پري هوندي بہ تمام گهڻو ويجهو هئين، ساهن جيترو ويجهو. چريا توکي ڪھڙي سڌ تہ توکي ڪيئن مون ساهن جيان سال سانڍيو آهي. منھنجي ياد منھنجي نگاهن تنھنجو هر هنڌ پيڇو ڪيو آهي.
تيز برسات ۽ تکين طوفاني هوائن مون کي پنھنجي لپيٽ ۾ ورتو هو. ان ڏينھن مون کي گهر ۾ سک نٿي آيو. دل ۾ سور جون سٽون پئي اڀريون، مان پنھنجو گهر ڇڏي تو وٽ هلي آيس. تنھنجي گهر وٽان اچي لنگهيس ۽ مون ٻہ ڏينھن لڳاتار ائين ڪيو. تنھنجا نہ سھي تنھنجي آشياني جا درشن ٿي وڃن، جنھن ۾ يادون دفن ٿيل آهن. منھنجي پيار رنگ لاتو. اتفاق سان تون ڪنھن ڪم سانگي پنھنجي گهر جي اڳيان ئي بيٺل هئين. توکي ڪجهہ ياد آهي تہ تو چيو هو تہ ”جڏهن تون ايندين آهين تہ مان هن دريءَ مان توکي ڏسندو آهيان، جيسين تون نگاهن ۾ رهندين آهين ۽ پوءِ وقت جو اندازو لڳائي مان هت در جي ڀر ۾ اچي بيھندو آهيان ڇٻر کي پاڻي ڏيڻ جي بھاني جيئن توکي اُس ۾ در تي گهڻي دير بيھڻو نہ پوي.“ ۽ تون جو اُس ۾ بيھي سڙندو رهندين اُن جو ڀلا مون کي ڏک نہ ٿيندو؟ مان تو وٽ اچي ويندس. ٿوري دير يا سوير.
ان رات آسمان جرڪي پيو هو. اجرو اجرو آسمان ڪيترو نہ حسين لڳي رهيو هو. منجهس چنڊ کڙي آيو هو. تارن جي جوت ڌنڌلي هئي تنھنجي ياد وانگر. ائين ڇو آهي؟ ڪڏهن ڪڏهن تنھنجي ياد سج وانگر تکي ٿي ويندي آهي ۽ سڄي سرير کي ساڙيندي آهي ۽ ڪڏهن مٺي مٺي شيتل هردي ۾ پيھي ويندڙ. ڪڏهن گلن جي سرهاڻ کڻي ايندي آهي، ڪڏهن ڪنڊن جي چڀن. اها ياد جي اک ٻوٽ ڏهن سالن کان لڳاتار هلي رهي آهي. ڪاش هڪ وار وسري وڃي ها تہ پنھنجي جيون کي سنواريان ها!! ڪوئي منھنجي جيون ۾ آيو بہ پر جڏهن بہ ان ۾ نھاريندي آهيان تہ نگاهن ۾ تون سمائجي ويندو آهين ۽ مان ان وقت ڏور ڪنھن ڏوراهين ڏيھہ ۾ پھچي ويندي آهيان جتي فقط تون ۽ مان هوندا آهيون، تڏهن ئي تہ جڏهن مان هن جي سيني تي منھن رکندي آهيان تہ مٺي مٺي مرڪ سان ۽ گهرين اداس نگاهن سان تون اچي سامھون بيھندو آهين. هاڻي من اندر اجڙيل پيار جا محل پل ڀر ۾ اچي پٽ تي ڪرندا آهن ۽ مان پاڻ کي ڪنھن ويراني ۾ واريءَ جي دڙي تي ويٺل نظر ايندي آهيان چئو طرف ويرانو پکڙجي ويندو آهي. رنڃ ئي رنڃ برپٽ ئي برپٽ. تنھنجي مٺي مٺي ياد پل ڀر ۾ من ۾ سمائجي وري هميشہ لاءِ گم ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ من کي ڇاٿي ويندو آهي سڄي ڪائنات جرڪي پوندي آهي تنھنجيياد ۾. تنھنجي ياد ۾ تہ الائي ڇا آهي جو پل ڀر ۾ سڀڪجهہ وسري ويندو اٿم. منھنجي هستي مٽجي ويندي آهي. چوندا آهن تہ سچيءَ دل سان ڪير ڪنھن کي ساري تہ اها ياد دٻيل قدمن سان ان وٽ هلي ويندي ۽ تڙپائيندي پر تو سان ائين بہ ڪونہ ٿو ٿئي!؟ ڇو تہ تنھنجي سيني ۾ دل ڪانھي پٿر آهي. پر اها ڳالھہ چڱي تہ ناهي جنھن تي تون فخر ٿو ڪرين!؟
برکا رت پيرن ۾ پايل پائي ڇم ڇم ڪندي آئي ۽ پيار جي گهاگهر ڇلڪائي وئي. ڪن جي پياس ٻجهي ۽ ڪن کي وڌيڪ پياسو بڻائي وئي. مينھن سڄي رات وسيو سڄو ڏينھن وسيو. مون ان ساڳئي هنڌ تي ويٺي برسات ڏٺي. ڀر ۾ ريڊيو پيو هو ۽ آل انڊيا تان گيت هلي رهيو هو:
خوشی کی آس ہی رہی اور خوشی نہ ہوئی
میں دیکھوں چاند چمکتا ہو رات ہی نہ ہوئی
اندھیری رات تھی تارے نہ چاند اور نہ چراغ
جلانے بیٹھے جو دل بھی تو روشنی نہ ہوئی
یہ دل کا زخم بھی ہوتا ہے کتنا گہرا زخم
جتن ہزار کیئے درد میں کمی نہ ہوئی
بہاریں اب بھی چمن میں مسکراتی تو ہوں گی
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بہار ہی نہ ہوئی۔
ان ڏينھن منھنجي دل سان ڪجهہ ائين وهيو واپريو هو. تو لاءِ مون ڪارن ڪڪرن کي سنھيو ڏنو هو، تارن سان تنھنجون ڳالھيون ڪيون هيون. گگن منڊل تي جي سوين رنگ وکريا هئا، مون انھن سان تنھنجون ڳالھيون ڪيون هيون. توکي تہ فقط ڳاڙهو ۽ گلابي رنگ وڻندو آهي نہ؟ مون تہ پنھنجي جيون جا سمورا رنگ نڇاور ڪيا آهن جن کي تون سميٽي نہ سگهيو آهين. هندستان جي پراڻن گيتن ۾ انسان ذات جي پوري تاريخ دفن ٿيل آهي. انھيءَ تاريخ کي مون پاڻ ۾ سمايو آهي. هندستان جي گيتن ۾ ڌرتيءَ جا راز دفن ٿيل آهن. انساني جذبن جا راز. سچ تہ اهو آهي تہ جي هندستاني گيت نہ هجن ها تہ اڄ مان نہ هجان ها!! ها تہ ان ڏينھن برکا رت پيرن ۾ پايل ٻڌي هئي. منھنجي ۽ تنھنجي اڱڻ تي ناچ ڪيو هو، ۽ مون بہ پوءِ پيرن ۾ پايل ٻڌي هئي. پايل جا موتيءَ جا داڻا ڳاڙهي رنگ جا هئا ۽ مون ڪو پھر ناچ ڪيو هو. تون چوندو هئين نہ تہ ”اسان ٻئي گڏجي ڳائينداسين.“ تون مون لاءِ دل جا دريچا بند ڪري سڀ ڪجهہ وساري ويٺو آهين پر مون کان ڪجهہ بہ نہ آهي وسريو. مان اڪيلي ڳائيندي آهيان پھرن جا پھر. تون چوندو هئين تہ ”مان ڪو ڪو گيت جيڪو دل کي ڏاڍو وڻي وڃي اهو سوين وار ٻڌندو آهيان.“
مان بہ ائين ڪندي آهيان. الائي ائين ڇو آهي جو تو ۾ ۽ مون ۾ گهڻي هڪ جھڙائي آهي. تنھنجي سيني ۾ دل ڪانھي پٿر آهي ۽ منھنجي سڄي جسم ۾ پٿر ڀريل آهن پر پوءِ بہ مان ڏاڍي نرمل ۽ ڪومل آهيان. مون ناول لکيو آهي. ناول جي ارپنا تو سان منسوب ٿيل آهي. ناول جي پھرين صفحي تي تنھنجي چيل هڪ سيٽ لکي ڇڏي اٿم.
“Don’t do that there is nothing left behind us.” پر مان توکي اهو “There is every thing behind us”. ٻڌائڻ آئي آهيان تہ تو ائين چئي پنھنجي ڪلھي تي رکيل هٿ هٽايو هو ۽ دل جا سمورا دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا. مون کي اڄ بہ سمجهہ ۾ ڪونہ آيو آهي تہ تو ائين ڇو ڪيو؟ آخر تہ مان توکي ڏاڍي پياري هيس!! توئي تہ چيو هو تہ: ”مٺي ائين ئي پيار نہ آهي مرندو.“ پر تو ان کي ماري ڏيکاريو، ڇو تہ زندگيءَ جو امرت توکي نہ وڻيو ڇو تہ تون موت جي ڪڙاڻ ۽ بدصورتي پيئڻ جو هيراڪ آهين. توکي حياتيءَ جي خوبصورتي نہ وڻي پر پوءِ بہ منھنجو من تو لاءِ ايڏو ڀٽڪيو. مون تہ تنھنجي پالتو ڪتن سان بہ پيار ڪيو!!! تون پاڻ بہ ڪتو آهين ۽ مون کي چٺ سمجهندو آهين! سچ تہ تو ۾ جيڪي ڪتي واريون عادتون آهن، اهي مون کي ڏاڍو وڻنديون آهن. تون جو رٺل روح لڳندو هئين ۽ سڄي جڳ کان رٺل پر هاڻي تون رولو ڪتي وانگر رلندو وتندو آهين. دل ۾ نہ ڪجان، اهو سڀڪجهہ مان ڏاڍي ڏک ۽ نراسائيءَ وچان پئي چوان. اٿاھہ پيار مان تو پاڻ کي ڪتو ۽ مون کي ڪتي بڻائي ڇڏيو آهي. سياري جي آمد هجي، اهو دور 1977ع جو هو، مون کي وساري توکي پورو سال گذري چڪو هو. تو مون کي ڇڏي ڏنو ۽ مان بيمار ٿي پيس تون پڇڻ بہ ڪونہ آئين! موت ۽ حياتيءَ جي جنگ ۾ ڦاٿل هئس ۽ اڄ بہ آهيان. تون پوءِ بہ ٻہ پير ڀري مون وٽ نہ آئين.
ٻارنھن سال اڳ مون ٻہ خواب ڏٺا هئا، پھريون خواب هيئن هو:
مان هڪ هنڌ بيٺل آهيان بلڪل اڪيلي. منھنجي ڀر ۾ هڪ خوبصورت تلاءُ آهي. ان تلاءُ ۾ ڏاڍو صاف ۽ شفاف ٿڌو پاڻي آهي. ان وقت تون رستي تان اچي لنگهيو آهين ۽ تون مون کي ڏسندو ٿو وڃين. تون پنھنجي گاڏيءَ ۾ ويٺل آهين کير جھڙي اڇي گاڏيءَ ۾ جنھن کي تون مخصوص ۽ ڌيمي انداز ۾ هلائي رهيو آهين. مان اتي ئي بيٺل آهيان تہ تون وري اچي لنگهيو آهين. رستو سنسان ۽ ويران لڳو پيو آهي ۽ پوءِ گاڏيءَ مان لھي تون منھنجي ڀر ۾ اچي بيٺين ۽ گهڙي رکي تو مون سان ڳالھايو ”تون هت اڪيلي بيٺي آهين ڇو؟“
”مان اڪيلي ڇو آهيان!“
”مون سان گڏ هلندينءَ!؟“
”ها!“ پوءِ منھنجو خواب ٽُٽي ويو ۽ مان پاڻ کي اڪيلو اُتي تلاءَ جي ڀر ۾ ڏٺو.
مون توکي وري سپني ۾ ڏٺو: ڏسان ٿي تہ مان گهر ۾ اڪيلي آهيان. گهر ۾ صفائي ٿي ڪيان. تون گهر کان ٻاهر گاڏيءَ تي بيٺو آهين، ٻاهر اُس ڏاڍي تتل آهي. تون مون کي سڏين ٿو پر مان توکي چوان ٿي تہ ٿورو ترس مان صفائي ڪري اچان ٿي. پر پوءِ تون گهڻي دير ترسي ڪونہ سگهئين ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي هليو وئين! اهي ٻئي خواب مون تڏهن ڏٺا هئا جڏهن مون اڳي توکي ڪڏهن بہ ڪونہ ڏٺو هو ۽ جڏهن ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ توکي ڏٺم تہ هوبھو سپني ۾ ڏٺل انسان جھڙو هئين. مان اڄ بہ حيرت ۾ آهيان تہ اهو سڀڪجهہ ڇا هو!؟ جڏهن تون مون سان مليو هئين تہ مون کي ڄاتل سڃاتل لڳو هئين. لڳيم پيو تہ تو سان ڪنھن جنم ۾ ڪو ناتو رهيو هوندو. اهي افسانوي ڳالھيون ناهن پر سورهن آنا سچ آهي. مون کي اڄ بہ سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ اهو ڪھڙو ناتو هو جو مان هڪ اڻ ڏٺل انسان کي سپني ۾ ڏٺو جيڪو پوءِ منھنجي حياتيءَ تي ڇانيل آهي. تو مون کي ڇڏي بہ ڏنو. جنھن جو مون کي اڳ ۾ ئي کُٽڪو هو ڇو تہ مون سپني ۾ ائين ئي ڏٺو هو.
اڄ ٻارهن سالن کان پوءِ مون وري هڪ سپنو ڏٺو تہ هڪ گول چبوترو آهي، جنھن جي چؤطرف پاڻي آهي. ڏاڍو صاف ۽ شفاف شيشي جھڙو. ان ۾ پکي ترن ٿا. اهي پکي گڏجي هڪ هندستاني گيت ٿا ڳائن. اهو گيت مون کي چڱيءَ طرح ياد ناهي ڪجهہ هن ريت هو تہ ”هم پنڇي ايڪ ڊال ڪي.......“
ان چبوتري جي اولھہ طرف هڪ بند دروازو آهي. دروازو ڏاڍو قديم دور جو هو. مان ڏاڍي وياڪل آهيان ۽ سوچيان ٿي تہ تو تائين ڪيئن پھچان؟ ڇاڪاڻ تہ بند دروازي ۽ منھنجي وچ ۾ چبوترو ۽ پاڻي آهي، پوءَ مان ڀٽڪي ٿي وڃان پر پيچ گهٽين ۽ غليظ گهٽين ۾، ۽ خواب ٽٽي ٿو پوي. پکين تي ياد آيو هت منھنجا Practical انسان تہ توکي اها تہ سڌ هوندي تہ ٻہ پکيئڙا چھنب ۾ چھنب ملائي پھرن جا پھر وڻ جي ٽاريءَ تي ويٺا هوندا آهن. تون پنھنجي لغت ۾ ان کي ڪھڙو نانءُ ڏيندين!؟ اهي پکي فطرت جي لالچ کان گهڻو ڏور پاڻ ۾ کويل هوندا آهن، ٻڌاءِ تون ڪھڙو نانءُ ڏيندين.........!؟
مان بہ پکيئڙو آهيان منھنجي ڳچيءَ تي طوطي وانگر ڪنٺيون يعني ريکائون ٺھيل آهن. چوندا آهن تہ جنھن جي ڳلي تي ريکائون هونديون آهن، انھيءَ جو آواز ڏاڍو مٺو هوندو آهي......... ها نہ-----!؟-------- ها نہ------ جي پويان هڪ ڳالھہ ٿي ياد اچي، شايد توکي ياد هجي، پر تون مون کي وساري ويٺو آهين سو منھنجون ڳالھيون توکي ڪٿي ياد هونديون!؟؟ مان ئي چري آهيان اجايو..... هانہ--!؟ چئہ ”ها--- مٺي!!“ ائين چئي اکين ۾ پيار جون ريکائون ڀري ڇڏيون. جيئن گهڻا سال اڳ منھنجي ڳالھہ ٻڌي ڪيو هيئي. ان وقت تو سوچيو هوندو تہ هيءَ تہ ڪا بنھہ چري ٿي ڏسجي! منھنجو جيون بس ڪجهہ هن گيت وانگر گذري رهيو آهي. مان اڄ بہ چرين وانگر تو لاءِ سوچيندي آهيان.
بے بن سو ری پت جهڑ جیون میرا
تم بن ہیں یوں جل بن ندیا
میں سونے یوں بنا سانوریا
اوروں کی تو رات اندھیری
پر میرا تو ہے دن بھی اندھیرا
آئی مدھر رت بسنت بہار ری
پھول پھول پر بھنورا گونجتا
سَکھی آئی نویسین بھنور ہمارا
سب لگ نین دوار سجائوں
دیپ جلائوں دیپ بجهائوں
سب لگ کروں سنگهار
آئی مدھر رت بسنت بہار۔
اڄ مان سوچيان ٿي تہ پل، جڳن ۾ ڪيئن سمائجي ويندا آهن ۽ جڳ ڪيئن پلن ۾ وکري ويندا آهن. سا بہ مون کي هاڻي ٿي خبر پوي تہ هيءَ ڪائنات ڏاڍي پراسرار آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ نہ سمجهہ ۾ ايندڙ دلين جو ناتو.
سياري ۾ مون هڪ ٻيو بہ سپنو ڏٺو، سڄو تہ ياد نہ اٿم بس هڪ ٽڪر ياد اٿم تہ تو مون کي پري کان چاٻين جو ڇُڳو اڇلائي هنيو آهي، جيڪو ٽي ٽڪر ٿي پيو آهي ۽ منھنجي مٿان وکري ويو آهي. پوءِ جيئن ئي منھنجي اک کلي تہ منھنجي چپن تي هڪ گيت تري آيو، گيت جا ٻول ڪجهہ هن ريت آهن. ” کوئی دیکھے سندیسا دل کا ہائے دل لوٹ گیا ھائے لوٹ گیا.“
مون کي پوريءَ طرح ياد ناهي تہ اهو گيت مون سپني ۾ ڳاتو يا جاڳندي! هڪ دفعي تو چيو هو تہ: ”مٺي تون تہ ڪا ڏاڍي ستايل ٿي ڏسجين. تون تہ ڪا ڏاڍي جذباتي آهين“ها اهو سچ آهي تہ مان ڏاڍي جذباتي آهيان ۽ اوڏائي مون کي جذبات کان وانجهيل ماڻھو مليا آهن. هر دفعي قسمت مون کي مات ڏئي ويندي آهي.
تنھنجي سيني ۾ دل ڪانھي پٿر آهي ۽ تون بي رحميءَ منجهان ٿڪجي پيو آهين- مون توسان ڪا بي وفائي ناهي ڪئي، اهو تنھنجو وهم آهي. مان پنھنجي دل جي سمورين سچائين سان توسان گڏ آهيان. مون انسان جي آتما تي تجربو ڪيو آهي، بس اهو ڏسڻ چاهيو آهي، تہ پيار مري نٿو ۽ پيار ۾ شرط نہ هوندا آهن. منھنجو انھيءَ سِٽ تي پورو وشواس آهي. اها سٽ منھنجي روح ۾ رچي وئي آهي ۽ منھنجي حال، مستقبل ۽ ماضيءَ تي ڇانيل آهي. پيار ۾ ڪيتري شڪتي آهي بس ديوتا اهو ڏسڻ پئي چاهيو، تون سچ تہ ان کي بي وفائي نہ سمجهہ.
قدرت جون بي رحم قوتون پيار جي شڪتيءَ اڳيان بيوس آهن، مون هن ڌرتيءَ کي پيار جي ڪومل ڪومل جذبن کان وانجهيل رهي نہ ڏٺو آهي. هن ڌرتيءَ کي سون ورنو ڏسڻ چاهيو آهي.
اڄ ڌرتيءَ تي ڳاڙها گلابي گل ٽڙيا آهن ۽ چؤطرف انھن جي سرهاڻ آهي، مھڪ آهي. ان ۾ تون آهين، ان ۾ مان آهيان. هن جڳ جا سمورا سچا انسان آهن.
هڪ دفعي تون مون وٽ ويٺو هئين ان پل منھنجون ننڍڙيون ڌيئرون ڪمري ۾ گهڙي آيون. تو چيو ”هنن کي ڪڍي ڇڏ!“ مون کان ڇرڪ نڪري ويو. مون جهٽ ڏئي هنن ٻنھين کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. ان وقت تون مون کي صفا ڪونہ وڻيو هئين. مون کي لڳو تون رڳو منھنجي سرير کي ٿو چاهين ۽ منھنجي آتما کي نہ، توکي منھنجي سرير جي بک آهي.
ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ مان تنھنجي ڀر ۾ ويٺل هيس تہ تنھنجو پٽ ڪمري ۾ آيو. سچ پڇين تہ مون کي هن تي ڏاڍو پيار آيو ڇو تہ هن ڪپڙي سان ٽيبل پئي صاف ڪئي. مون کي محنتي انسان وڻندا آهن، سو هي ننڍڙو انسان پنھنجي پتڪڙن هٿن سان ٽيبل صاف ڪري رهيو هو. تو گذريل ڳالھہ جو بدلو وٺڻ لاءِ پنھنجي پٽ کي چيو.
”ابا تون ڇو ٿو ٽيبل صاف ڪرين، آءُ هت اچي ويھہ.“ مون کي تڏهن توتي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي. تنھنجي اها پيار سان ٽماٽار سٽ وڻي بہ ڏاڍي هيم. بس پنھنجي قسمت تي ڪاوڙ آئي هيم. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ منھنجون ننڍڙيون ڌيئرون تنھنجي ڪمري ۾ ويٺيون هيون. انھن کي مون رسالو کڻي ڏنو، هو ڏسڻ لڳيون، تڏهن تون ڪمري ۾ داخل ٿئين. تو ڏاڍي پاٻوھہ مان منھنجين ڌيئرن کي ڏٺو ۽ مون کان پڇيو ”ها ڇا ٿيون ڪن؟“
”رسالو ٿيون ڏسن.“ هو تمام ننڍڙيون هيون، انڪري توکي ڏاڍي حيرت لڳي ۽ پيار بہ آيو. ان وقت تنھنجين اکين ۾ منھنجي ڌيئرن لاءِ پيار پئي ڇلڪيو. توکي انھن جي اها ڳالھہ ڏاڍي وڻي هئي. تڏهن بہ تون مون کان پنھنجو پيار لڪائي نہ سگهيو هئين. تون کڻي پاڻ تي ڪيترا بہ بي رحميءَ جا خول چاڙهين، مان تنھنجي اندر مان گهمي ويندي آهيان. پوءِ مون کان پنھنجي اندر ۾ ويٺل انسان کي لڪائي ناهين سگهيو شيطان! ان لاءِ تون ڪروڙين جنم وٺين تہ بہ مون کان ڳجهو رهي نہ سگهندين.
چڱو ٿورو ذهن تي زور ڏي، تو هڪ دفعي چيو هو ”مٺي تون لپسٽڪ نہ هڻندي ڪر.“ مون لپسٽڪ هڻڻ ڇڏي ڏني. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ تو وري فرمائش ڪئي تہ: ”مٺي تونNatural Colour لپسٽڪ هڻندي ڪر!“ مون توکي پرس مان Natural Colour Lipistick ڪڍي ڏيکايندي چيو: ”اجهو هيءَ ڏس، مون کي خبر هئي تہ هاڻ تنھنجي من ۾ ڇا ايندو! بس رڳو اهو الزام نہ هڻندو ڪر تہ مان توکي سمجهان نٿي.“
ها تہ Practical انسان توکي ڇا مليو مادي دنيا مان؟ تو چيو هو تہ تون سٺو بہ آهين ڏاڍو خراب بہ آهين. پيارا اهي خصلتون ڪنھن جون آهن؟ ٺھيو مان نٿي چوان توکي. پر مان تہ تو ۾ رڳو سٺو انسان ڳولي سگهي آهيان. تو وٽ جذبا آهن، ڏک آهن، سک آهن، تون بہ اسان جھڙو نرمل انسان آهين.
هن ڌرتيءَ تي جذبا، ڪلپنائون نہ هجن تہ ڪو ٻار وڌي جوان نہ ٿئي. ڌرتيءَ تي ايتري سونھن نہ هجي. سرير ۾ آتما نہ هجي. ان آتما ۾ جذبا نہ هجن تہ تون سڄو ڪروڌ سان ڀريل هجين، مزدور محنت نہ ڪري، هاري هَر نہ ڪاهي ۽ ڌرتيءَ تي رڳو اگني ئي اگني هجي. Practical ماڻھو ائينتہ ڪونھي، هت رڳو ڪروڌ تہ ڪونھي، گيت بہ آهن، سنگيت بہ آهي. سندر سندر گيت بنا ڪلپنا ۽ جذبن جي تہ ڪونہ سرجيا ويا آهن. پاڻ ٻنھي جا ٻار جوان ٿي ويا آهن. مان ائين ڀائيندي آهيان تہ مون کي ٽي ٻار آهن ۽ تون منھنجو سوامي آهين!
هڪ دفعو مان ٻوليءَ وارن فسادن ۾ بي گهر ٿيل سنڌين لاءِ توکان چندو وٺڻ آيس، تو مون کي ويھڻ لاءِ بہ نہ چيو، مان ائين ئي بيٺي رهيس تو چيو:
“What can I do for you”? منھنجي لاءِ تون ڇا ڪندين؟ توتي پڳ ڪانھي پئي. تون رڳو مون لاءِ ٻہ پل سوچين، پر تون ڪٺور آهين، ڪٺور بي حد بي رحم. انساني صفتن کان خالي. بس تو ويھہ رپيا ڪڍي ڏنا. اهي ويھہ رپيا مون وٽ ڪونہ هئا ڇا؟ مان تہ بس توکي ڏسڻ هلي آئي هيس. ايڏو من ۾ ڪروڌ اٿئي مون لاءِ؟ مان ايڏي ويل تہ ڪانہ آهيان، جنھن سان تون رڳو انسانن وارو ورتاءُ بہ نہ رکين!؟
جڏهن بہ مان تو لاءِ سوچيندي آهيان. منھنجي رت جي گردش وڌي ويندي آهي. ائين ڀائيندي آهيان تہ منھنجي جسم مان رت جهرڻي وانگر ڦٽي نڪرندو. تنھنجو سنجوڳ منھنجي سرير ۾ ڏڪڻي پيدا ڪندو آهي! ڪي ڏينھن اها سرديءَ جي لھر ڇانيل هوندي آهي. ائين ڇو آهي ٻڌاءِPractical ماڻھو ائين ڇو آهي!؟
منھنجو پاڻ تي ڪو وس نٿو هلي. ڪڏهن کلندي آهيان، ڪڏهن روئندي آهيان. تنھنجي سڃاڻپ مون کي قدرت جي نظارن مان بہ ملندي؟ مون کي تون ٻير جي وڻ جھڙو نظر ايندو آهين. هڪ دفعي مون وار پئي سيٽ ڪرايا. جڏهن ڪٽيل وار منھنجي جهوليءَ ۾ اچي پيا. وارن کي ڏسي اندر ۾ ڪنھن ڄڻ دانھن ڪئي. تنھنجا وار بہ اڇا ۽ ڪارا آهن. انھن وارن ۾ مون کي تون نظر آئين. تڏهن ئي تہ مان پنھنجي وارن کي ڪارو نہ ڪندي آهيان. ڪاتہ Resemblanceتوسان هجيم.
تو سرڻين وانگر لامارا ڏيڻ ڇڏي ڇونہ ڏنا آهن، تنھنجي انھن لامارن تي اڳي ڪاوڙ ايندي هئي، پر هاڻي تنھنجا اهي لامارا بہ ڏاڍا ياد ٿا اچن. هاڻي دل ٿي چئي تہ سرڻين وارا لامارا ڪڏهن بہ ختم نہ ٿين. تون منھنجي جڳن جي تلاش آهين. ائين مان توکي وڃائڻ نٿي چاهيان. توکي ياد آهي تو بہ تہ ڪڏهن ائين چيو هو تہ:
“I don’t want to lose you.” تو اڄ بہ مون کي لوز ناهي ڪيو، اڄ بہ جيئن جو تيئن منھنجي هردي ۾ سمايل آهين، شايد پکي پکڻ تنھنجي ياد ڏيارين. تو ۾ نيڪيءَ ۽ بديءَ جون وصفون سمايل آهن، تڏهن تہ ائين ٿيو. ”اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي.“ تون ڇا ڄاڻين ڪڻڪ جي مانيءَ مان ڄٽ!!
هون ٺيڪ ٿي چوان نہ-!؟
رات ٿيندي آهي تہ ڏينھن جو انتظار ڪندي آهيان تہ شايد سج جا ڪرڻا تنھنجو ڪوئي سنديس کڻي اچن. شايد صبح جي ٿڌڙي هير ڪوئي سنھيو آڻي ۽ ڏينھن ٿيندو آهي تہ رات جو انتظار ڪندي آهيان تہ شايد سپني ۾ تون اچي مون کي جاڳائين. شايد چنڊ ستارا تنھنجو سنديش آڻين! پر ائين ڪونہ ٿيندو آهي. مان پاڻ ئي پاڻ يادن جي ڪڙين کي ملائي ڪنھن نہ ڪنھن طريقي سان تو سان وڃي ملندي آهيان. تون وساري ويٺو آهين تہ ڇا ٿي پيو! مون کي تہ جيئنَ جو تيئن ياد آهين.
هڪ دفعي تو منھنجي ڀر مان لنگهي ٿورو پريان وڃي گاڏي بيھاري. مون تيز تيز وکون کڻي تو تائين رسڻ جو جتن ڪيو پر تو منھنجي پھچڻ جو انتظار نہ ڪيو ۽ هليو وئين! تون ٻہ پل جي رڪجين ها تہ مان تو وٽ پھچي وڃان ها. توکي هٿ ٻڌي چوان ها تہ مون کي ائين ڌڪار نہ، مان تنھنجي آهيان. دل تنھنجي آهي، هي جذبا تنھنجا آهن. ڪلپنائون تنھنجون آهن. پراڻ تنھنجا آهن، منھنجي رات تنھنجي آهي، ڏينھن تنھنجو آهي. منھنجي سموري ڪائنات تنھنجي آهي، تون مڃين يا نہ مڃين منھنجي آتما کي پنھنجي پيار ۾ ڪوئي ناهي جڪڙي سگهيو. روح بس رولڙي ۾ اچي ويو آهي، جنھن کي ڪٿي بہ سک نٿو ملي. ٻڌاءِ توکي پوءِ بہ شڪايت آهي تہ مان بي وفا آهيان!؟ مون پاڻ کي ڪڏهن انسان ناهي سمجهيو. مان ڌرتي آهيان. مان آڪاش آهيان، مان ڪاري گهٽا آهيان، مان لُڪ آهيان، مان ٿڌڙي هير آهيان، مان گهرو ساگر آهيان، مان گنگا آهيان، مان ئي سنڌو آهيان!! مان جهرڻو آهيان، مان تارن جو جهرمٽ آهيان، مان هر هنڌ وکريل آهيان. مون کي سميٽي پاڻ ۾ سمائي ڇڏ!! تہ جيئن منھنجي هستي مٽجي وڃي. مان نہ رهان بس رڳو تون ئي تون هجين! تون!--- جنھن کي مون هر هنڌ محسوس ڪيو آهي گيتن ۾، هوائن ۾، ڪارين گهٽائن ۾؛ سج چنڊ تارن ۾، هن سڄي ڪائنات ۾ تون وکريل آهين. اچ تہ مان توکي سميٽي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيان، جيئن تون تون نہ رهين رڳو مان وڃي بچان. اسان ٻئي وجود وڃائي وجهون، فنا ٿي وڃون!!!
تون صفا جلد باز آهين تو ۾ ڌيرج صفا ڪونھي. تو ملاقات جي پھرئين ڏينھن چيو هو تہ ”مان توسان شادي ڪونہ ڪندس، ٻڌاءِ ڏيندينءَ مون کي پيار!؟” ”ها— ڇو ڪونہ!!!“ پوءِ مون توکي پنھنجو پاڻ حوالي ڪري ڇڏيو! جنھن مان تو اندازو لڳايو تہ مان شايد Corrupt آهيان! ائين تہ ڪونہ هو. مون کي تو ۾ ڪا لالچ ڪانہ هئي پوءِ مان ڇو توکي پارسائيءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيان ها. مان ائين بہ ڪري سگهيس ٿي. پر مون کي تو سان پيار هو، انڪري مون پارسائين جون زنجيرون تو مٿان نہ اڇليون. مون کي بہ دل هٿ ڪرڻ ايندي آهي پر مون ائين تو سان نہ ڪيو. ڇو تہ پيار ۾ لالچ نہ هوندي آهي، توبہ تہ ائين چيو هو تہ ”مان جي چاهيان تہ تون گهر ٻار تياڳي جوڳڻ بنجي منھنجي گهر اڳيان ديرو ڄمائين پر مان Selfish ناهيان. مٺي مون کي توکي قيد ڪرڻ اچي ٿو.“ پيارا منھنجي بہ ساڳي دعويٰ تو لاءِ آهي. ڇا توکي مون ۾ پيار نظر نہ آيو؟ تو مون ۾ ڪجهہ بہ محسوس نہ ڪيو؟ جن ۾ تو لاءِ سنديس هوندو آهي. منھنجي ڪھاڻين جي هر اکر هر سٽ پويان تون هوندو آهين.
تو ڏھہ سال مون کي نھاريو بہ نہ، مون کي پاڻ کان پري ڪري ڇڏيو. پوءِ مان ڇا ڪريان ها. جک ماريان ها؟ مون کي پيار جون بوندون جتان بہ مليون، مان انھن کي وڌي سويڪار ڪيو. اهو ئي سبب آهي، جو مان دائمي طرح ڪنھن جي بہ نہ ٿي سگهي آهيان. توکي حاصل ڪرڻ لاءِ مان آسمان ۾ لٺيون تہ ڪانہ هڻدس نہ؟ تو چيو هو تہ ”لٺيون تہ ڪوبہ نہ هڻندو آهي.“
اڄ بہ تون منھنجي اندر جهاتي پائي ڏس، اتي توکان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونھي. تو ۾ تہ رڳو خوش اخلاقي بہ ڪانھي جو رستي ويندي دعا سلام بہ ڪونہ ڪندو آهين. مان توکي چنبڙي تہ ڪانہ پوندس نہ؟ يا تون ڪنھن سان ايڏو سچو آهين جو مون ڏي اک کڻي نھارڻ بہ پاپ سمجهندو آهين! جو ايڏو ڪتي جيان وفادار آهين. مون کي ڏس مون ڪنھن سان وفا ناهي ڪئي. تو کان پوءِ بس رڻ رلي آهيان، ان کي تون بي وفائي نٿو چئي سگهين سمجهئہ Practical انسان! منھنجي دل تنھنجي لاءِ سٽون کائيندي آهي پر مان تہ تنھنجي لاءِ exist ئي نٿي ڪيان. ورنہ واٽ ويندي ائين رکو رويو نہ رکين ها. سچ تہ رت رئاريندو آهي تنھنجو اهو رکو رويو. ايڏي بي رحمي چڱي ناهي ديوتا! مان ديوداس آهيان، مان ئي چندر مکي آهيان مان ئي پارو آهيان پر تون جي سمجهين.
منھنجو پنھنجي جيون تي ڪو وس نٿو هلي. ڪڏهن توکي ساري روئندي آهيان، ڪڏهن مرڪندي آهيان. ڪڏهن پھرن جا پھر اداس ويٺي هوندي آهيان، ڪڏهن پھرن جا پھر هڪ ئي گيت ٻڌندي رهندي آهيان، هندستاني سنگيت سان منھنجي آتما جو گھرو سٻنڌ آهي جو سُڌٻُڌِ وڃائي ويھندي آهيان.
سچ تہ اهو آهي تہ تون منھنجي يگن جي تلاش آهين. ڪروڙين جنم تولاءِ ڀٽڪي آهيان. مون توسان ناتو جوڙي اڄ بہ ناهي پڇتايو. مان تہ خوش آهيان جو تنھنجيون يادون مون وٽ آهن. منھنجي سرير ۾ آهن، منھنجي آتما ۾ آهن. مان توکي وساري نٿي سگهان ۽ توکي پنھنجي جيون جو حصو ٿي سمجهان. هلڪي سلڪي آتما سان تنھنجي اوسيئڙي ۾ آهيان. گهڻا سال اڳ تون مون وٽ آيو هئين يا ائين کڻي چئجي تہ منھنجي ڪري آيو هئين. تون ڀت کي ٽيڪ ڏيئي بيٺو هئين. توکي ڏسي منھنجي دل ۾ ڪروڌ ڀرجي آيو، منھنجي چپن تي هڪ تلخ ۽ ڪڙي سٽ مڙي آئي.
“Some thing very strange you are here” پر ڪجهہ سالن کان پوءِ جڏهن من جو ڪروڌ هٽي چڪو آهي، تڏهن دل روئندي آهي تہ مون وڌي تنھنجو هٿ ڇو نہ پڪڙيو؟ ۽ تنھنجي ڪلھي تي هٿ رکي ائين ڇو نہ چيو تہ:
”آيو آهين تہ اچ تہ مان توکي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيان، مون وٽ دل جي دولت تہ گهڻي آهي پر تون ڏاڍو مھانگو آهين.“
انارڪلي اڄ بہ اجري من سان انڌيرن ۾ ڀٽڪي پئي، جنھن کي تون سمجهي نٿو سگهين.

آيل ڍولئي ساڻ، اچي تہ جهيڙيان

سوچ ئي تہ سندس جيون جو اڻ کُٽ سرمايو هئي. . . . ’سانوڻ مون کي ڪڏهن لاڪر سڃاڻندو هو، اِها تہ سڌ ڪانھيم. پر هن جو چوڻ آهي تہ هو مون کي سُڃاڻي ۽ ڄاڻي. ڪيئن سڃاڻي ۽ مون بابت کيس ڪھڙي ڄاڻ آهي، سا تہ کيس ئي سڌ هوندي. . . . شايد منھنجي ڪا ڪھاڻي پڙهي هوندائين يا ڪٿي ڪو گيت آلاپيندي ٻڌو هوندائين، پر سندس چوڻ آهي تہ هو مون کي سالن کان سڃاڻي.‘
’ها! پھريون ڀيرو کيس ڪنھن ميڙ ۾ ڏٺو هوم. هزارين ٻڌندڙن جيان هو بہ آيو هو منھنجو گيت ٻڌڻ. کيس شايد ويھڻ جي جاءِ ملي نہ سگهي هئي، انڪري اسٽيج جي ڀر ۾ ئي ڀت کي ٽيڪ ڏيو ٽِڪ ٻڌيو پئي مون ۾ نھاريائين. الا! – ان نھار ۾ ڪيڏي نہ پيڙا هئي. هڪ اڻکٽ درد. . . . راڻي جيان ارڏو هٺيلو ۽ ڳنڀير سانوڻ مون کي ائين ٿي ڀاسيو ڄڻ هو راڻي جي جوڻ مٽائي ويھين صديءَ جي مومل پسڻ ڪاڻ آيو هجي.‘
اڄ وري آشا جي من تي يادن جا ساگر اٿلي پيا هئا، هوءَ يادن جي تيز وهڪرن ۾ وهڻ لڳي ’آءٌ جڏهن هال کان ٻاهر نڪتي هيس تہ سامھون سانوڻ کي بيٺل ڏٺو هئم- ساڳيون اُداس ۽ وياڪل اکڙيون، اهو ئي گنڀير چھرو- ۽ هو منھنجي من مندر ۾ پيھي ويو هو . . . . آءٌ پنھنجي نيڻن جا لڙڪ پيئندي اڳتي وڌي ويئي هيس. دل ۾ آيو هوم تہ سانوڻ سان ڪھڙو رشتو ناتو اٿم؟ منھنجي نيڻن ۾ ڀلا هي لڙڪ ڇو ڀرجي آيا آهن!؟‘
’ . . . ۽ پوءِ ڪيترن ڏينھن پڄاڻان مون کيس ادبي ڪچھريءَ ۾ ڏٺو. آءٌ پنھنجي ڪھاڻي پڙهي اچي ڪرسيءَ تي ويٺيس ۽ ٿورو پرڀرو هو ويٺو هو ۽ ورَ ورَ ڏيو پئي مون ڏانھن نھاريائين- ساڳيا گھرا نيڻ ۽ نيڻن ۾ اڻ ڪڇيل پريت جو سنيھو؛ ڪچھريءَ جي ڪاروائي ڪجهہ دير لاءِ روڪي ويئي ۽ ان وڇوٽيءَ دوران هو سڌو مون وٽ هليو آيو.‘
”اوهان جي ڪھاڻيءَ ۾ سندر سوچون ۽ ڪومل ڪومل پريت جا ڀاوَ تہ هئا پر ڪھاڻي علمي دنيا جي جيئندڙ ڪردارن کان گهڻو پري هئي. ڇا پريت جي دنيا ايتري ئي سھڻي ٿيندي آهي جيتري اوهان جي ڪھاڻي؟“
”پريت تہ سڄو جڳ ڪري ٿو پر ڇا سڀني جي ڪھاڻي مومل راڻي جيان امر ٿي ويندي آهي، مان تہ اِن خيال جي آهيان تہ ڪھاڻي هروڀرو ايڏي علمي دنيا سان ٺھڪي بہ نہ اچي جو ان جي سونھن ئي ختم ٿي وڃي.“ اهو ڪجهہ چوندي آشا اوچتوئي اوچتو چپ ٿي ويئي ۽ ڄڻ ڪنھن ڪاري ڪارونڀار ۾ پيھي ويئي، سندس چھري تي ويرانيءَ جا پاڇا وکري ويا ۽ سندس چھري جي روپ ريکائن مان ائين ٿي ڀاسيو، ڄڻ هوءَ جڳن جا جڳ رني هجي. آشا پنھنجي ساهن کي ڀڄندو ۽ ڀرندو محسوس ڪيو، هوءَ ڪچھريءَ ۾ وڌيڪ ترسي نہ سگهي ۽ جهٽ ڏيئي اُٿي هلي ويئي. . . . سانوڻ کيس ڏسندو ئي رهجي ويو.
- ” آشا . . . .! . . . آشا!“
- ڪو ڄاتل سڃاتل آواز آشا جي ڪن پيو، هُن ڪنڌ کڻي ڀڳل نيڻن سان اهو آواز اونايو . . . سامھون سانوڻ بيٺو هو. ڀرئي هڪ ورهيہ کان پوءِ هو وري آيو هو. سانوڻ کي پسندي ئي آشا جا نيڻ وري بہ لڙڪن هاڻا ٿي ويا. هن اکيون بند ڪري ڇڏيون. لڙڪن جون لارون سندس ڳلن تان واٽون ٺاهينديون هيٺ لھي ويون. ان هڪ پل جي نھار ۾ آشا الائي ڪيترا جڳ گذرندي محسوس ڪيا ۽ سوچيو ’سانوڻ ڌاريو هوندي بہ الائي ڇو مون کي پنھنجو لڳو هو. ها! پنھنجو ئي تہ هو تڏهن تہ سڄو ورهيہ سندس واٽ کي ڀنل نيڻن سان تڪيو هوم ۽ پڪ هيم تہ هو، منھنجي دل جو ڌڻي هڪ وار تہ ضرور نظر ايندو.‘
’نہ . . . . مان کيس اِهو ڪجهہ ڪڏهن بہ محسوس ٿيڻ نہ ڏينديس تہ هِن من مندر ۾ تنھنجي ياد ڪيڏا قھر ڪيا آهن، نہ . . . . ڪڏهن بہ نہ . . . . مان کانئس پريت جو دان نہ گهرنديس. مون کان ايڏو انتظار ڪاٽيو ڪو نہ ٿيندو.‘ – آشا شايد ڏھہ سال اڳ واري پنھنجي ڀيانڪ ماضيءَ تي سوچي ڏڪي رهي هئي، لِڱ لِڱ ڪانڊارجي ويو هوس.
”مون کي ويھڻ لاءِ ڪا نہ چوندينءَ. . . . وڃان هليو!؟ “ سانوڻ جي لھجي ۾ پيڙا سان گڏ پنھنجائپ بہ هئي.
”ها. . . .ها تون هليو وڃ، تون مون وٽ نہ ايندوڪر.“ آشا هيڪر وري ڳوڙهن هاڻيون اکيون پوري ڇڏيون ۽ من ئي من ۾ چوڻ لڳي ’نہ مان تو کي هاڻ هرگز وڃڻ نہ ڏينديس، توکي هرگز وڃڻ نہ ڏينديس . . . تون هر دور ۾ مون کي هيڪلو ڇڏي گم ٿي ويندو آهين‘ پر اِهو فيصلو آشا جي من ئي من ۾ مانڌاڻيءَ وانگر ڦرندو رهيو ۽ ڳوڙها ڳلن تان ڳڙندا رهيس.
”ڇا ائين بيٺي بيٺي ورهيہ گذاري ڇڏيان، ويھڻ لاءِ نہ چوندينءَ!؟ “
”ويھو، بيٺا ڇو آهيو. ڪيئن ڀلجي پيا آهيو ايترن ڏينھن پڄاڻان“ آشا لڙڪ اُگهندي چيو.
”دل سٽ ڏني هليو آيس. ڊنس پئي تہ سڃاڻندؤ بہ الائي نہ! اوهان جا اهي ڀنل ڀنل نيڻ خبر ناهي تہ ڇو مون کان وسرن ئي نہ ٿا.“
”تہ اوهان منھنجا ڀنل نيڻ ڏسڻ آيا آهيو؟“
”ها. . . . ۽ انھن نيڻن جي پويان لڪل پيڙا ۽ اُن پيڙا ۾ اوتيل امرت کي پسڻ آيو آهيان.“
”امرت . . . “ آشا جي چپن تي هڪ ڊگهي اداس مرڪ ڦھلجي ويئي ۽ ان مرڪ ۾ اوتيل هئا هي لفظ ”اهڙو امرت جيڪو منھنجي جيون جي هر آس ۽ امنگ کي چوسي ويو آهي، وڻ ويڙهيءَ جيان ۽ ڀري ويو آهي، منھنجي انگ انگ ۾ زهر جي پيڙا . . . ائين نہ؟“
”آءٌ تنھنجي انھن لڙڪن پويان لڪل مام کي پروڙڻ چاهيان ٿو.“
”هر انسان جا گذريل پل هن جي پنھنجي ميراث هوندا آهن، ان ۾ ڪنھن کي بہ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو حق نہ آهي.“
”مڃان ٿو تہ گذريل پل هر انسان جي پنھنجي موڙي هوندي آهي پر مون کان تنھنجا اِهي لڙندڙ لڙڪ ڏٺا نہ ٿا ٿين. ائين لڳندو اٿم تہ هر ان لڙڪ کي تنھنجي نيڻن کان ٻاهر اچڻ کان اڳ پنھنجي اندر ۾ اوتي سدائين لاءِ پنھنجو ڪري ڇڏيان. پر . . . .“
”پر آءٌ . . . “
”تون مون کي اوپرو ڀائيندي آهين نہ تنھنڪري. . . “
”انڪري نہ پر سمجهان ٿي تہ تون ايڏي همت ساري نہ سگهندين.“
”مطلب تہ تون مون کي ڪجهہ ٻڌائڻ لاءِ تيار نہ آهين.“
”ائين ناهي.“
”تہ پوءِ .“
”پوءِ ٻڌ تہ ٻڌايانءِ“ آشا هيڪر وري ماضيءَ جي اُن ڪوهيڙي ۾ گم ٿي ويئي، سندس نيڻن مان لڙڪ اوهيري جيان وسڻ لڳا. سانوڻ اِهو سڀڪجهہ خاموشيءَ سان ڏسندو رهيو. . . . “
ڪي پل گذريا آشا ڀڻڪي ”سانوڻ! اسان جي سھاڳ رات جي اچڻ ۾ صرف چند ڪلاڪن جي دير هئي. . . .“ آشا وري ماٺ ٿي ويئي. . . . گهڙي رکي وري ڪُڇيائين، ”ڪاڄ جون تياريون سڀ مڪمل ٿي چڪيون هيون، آڳنڌ تي دهلن جي دسن تي شرناين ۾ گيت گونججي رهيا هئا. مون کي اکيو ٻڌل هو ۽ ٻانھن ۾ ريٽا ڳانا، هٿن پيرن تي ملير جي ميندي.“ آشا جا چپ خشڪ ٿي ويا ۽ گلو ڀرجي آيو، هن ڳيت ڏيئي وڌيڪ ڪجهہ اوڳاڇڻ چاهيو پر ڪجهہ چئي نہ سگهي. سانوڻ ڪي گهڙيون تہ آسائتين اکين سان خالي ڏانهس واجهائيندو رهيو پر جهٽ رکي پاڻ نہ پلي کانئس پڇيائين، ”پوءِ ڇا ٿيو آشا.“
”هو ڪو نہ وريو.“
”هو؟“
”منھنجو گهوٽ گهر نہ آيو.“ آشا هڪ ڊگهي ڳيت ڏيئي پنھنجون اکيون پوري ڇڏيون، لڙڪ سندس ڳلن تان لڙندا هيٺ پاتال ۾ پيھندا ويا.
سانوڻ کيس ان ئي حالت ۾ ڇڏي بنا موڪلائڻ توڪلائڻ جي تڪڙو تڪڙو ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.
’الا! ڪيترا سج اُلھي ويا، ساوڻ ڪونہ وريو. . . هون چريو! تنھن ڏينھن بنان موڪلائڻ جي ائين ئي هليو ويو. مون تہ کانئس موٽ ۾ ڪجهہ بہ نہ گُهريو هو. پاڻ ئي تہ مجبور ڪيو هئائين مون کي اُن ڪٿا ٻڌائڻ لاءِ . . . پر جي هيڪر آيو بہ تہ ڇا؟ هن ساڻي ۽ نٻل سرير جو بيوس پکيئڙو وري مون وٽ ايندو؟ هنن اڃايل اکڙين جي رٺل ننڊ پرچي پوندي؟ نہ . . . . نہ سڀ سوچ اجائي . . . سڀ من کي پرڀائڻ جون ٺلھيون ڳالھيون. آءٌ هاڻي ڪجهہ بہ نہ سوچينديس – مون کي هاڻي ڪجهہ بہ سوچڻ نہ کپي.‘
آشا زور سان دري بند ڪري ڇڏي ٿي ۽ پٺيان هٽي پاڻ کي پلنگ تي ڦٽو ٿي ڪري . . . اوچتو در تي ٺڪ ٺڪ ٿئي ٿي، هوءَ اُٿي ٿِي، دروازو کولي ٿي، سامھون سانوڻ بيٺل آهي، اِهو ئي سانوڻ جنھن لاءِ هن هرپل ڀِنل نيڻن سان واٽون تڪيون هيون، جنھن جي نھار ۾ کيس هڪ اَڻ کُٽ پيڙا ۽ درد محسوس ٿيندو هو. جنھن لاءِ خيال هئس تہ هو کيس راڻي جيان ارڏو، هٺيلو ۽ ڳنڀير لڳندو آهي.
”سانوڻ ڏاڍا ڏينھن لاتئي؟ ڪيڏانھن ويو هئين؟“ آشا يڪ ساهي سانوڻ کان پڇيو.
”ڇا اندر اچڻ لاءِ نہ چوندينءَ؟ اتان ئي در تان تہ نہ موٽائي ڇڏيندينءَ؟“
”اي وڙ نہ ويڙهيچن. سانوڻ آءٌ هر چڱي روايت جو قدر ڪندي آهيان. جڏهن کان تو سان ساڃھہ ٿي اٿم تڏهن کان تو کي پنھنجي جيءَ جي جهرڻن ۾ تُڙڳايو اٿم. سانوڻ مون هر پل تنھنجي واٽ تڪي آهي ۽ تو لاءِ تارا ڳڻيا آهن.“
”آشا مون تہ ائين ئي . . . . “
”مون کي آزمائڻ چاهيو ٿي . . . . اندر اچ،بيٺو ڇو آهين.“ آشا در تان هٽي سانوڻ کي اندر اچڻ لاءِ رستو ڏيندي چيو.
”ڪيئن پيا ڪٽجن تنھنجا ڏينھن ۽ راتيون؟ سُکي تہ آهين نہ؟“ سانوڻ ڪرسيءَ تي ويھندي آشا کان پڇيو.
”سُکي!“ آشاجي چپن تي هڪ اُداس مُرڪ ڦھلجي ويئي. هن نماڻا نيڻ هيڪر جهڪائي ڇڏيا ۽ ٻئي پل اکين ئي اکين ۾ سانوڻ کي چيائين، ”ها آءٌ سُکي آهيان پر تنھنجا ڪھڙا حال آهن؟ تون ڪٿي پيو وسين!“ سانوڻ آشا جي اکين جي سنيھي کي سمجهي ورتو هو، ان ئي پل اُٿي بيٺو، ”آشا ڏاڍو تڪڙو آهيان. هتان لنگهيس سوچيم تہ توکي ڏسندو وڃان. هاڻي مون کي اجازت. آءٌ وڃان ٿو، منھنجي گهر واريءَ کي منھنجو ڏاڍو اوسيئڙو هوندو.“ سانوڻ تڪڙو تڪڙو ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو. . . . .

(ماهوار ”نئون نياپو“ حيدرآباد: جون 1976ع ۾ ڇپيل)

آيل اُن نہ وِسھان

جڳديش باغ مان گلاب جا گل پٽيا، زيتون جي وڻن منجهان لنگهي پريان موتئي جي ٻوٽي مان ڪجهہ موتئي جون مکڙيون پٽيون ۽ پوءِ هو واپس وينا وٽ ويو. وينا پنھنجي گهر جي لان ۾ ويٺي گورڪيءَ جو ناول ”ماءُ“ پڙهيو. ٽيبل تي ريڊيو رکيو هو، جنھن مان پنڪج مَلَڪَ جي آواز ۾ غزل هلي رهيو هو:
یے راتیں یے موسم یے ہنسنا ہنسانا
جڳديش گل ۽ مُکڙيون وينا جي اڳيان ٽيبل تي اچي رکيا.
”وينا هي گل مون تو لاءِ آندا آهن. منھنجي دل گهريو چيم پنھنجي وينا لاءِ ڪجهہ کڻندو وڃان.“
”پر – هي تہ ڪنھن باغ منجهان پٽيل ٿا ڏسجن.“
”تو ڪيئن سمجهيو؟“ جڳديش، وينا کي پيار منجهان گهوريندي چيو.
وينا اٿي جڳديش جي قميص تان ٻوٽن جو هلڪو ۽ نامعلوم ڄارو ۽ مٽي ڪپڙن تان ڇنڊيندي چيو.
”هي ڏس تنھنجا ڪپڙا تنھنجي چور هجڻ جي شاهدي پيا ڀرين. دلين جي چوري ڪندي ڪندي تون سچ پچ ڌاڙيل ٿي پيو آهين.“
”سچ – وينا؟ وينا – تون پنھنجي مڌر آواز ۾ ڪو گيت ٻڌاءِ نہ!“ جڳديش ريڊئي کي بند ڪندي چيو.
پِيا ملڻ لاءِ وڃڻ ڏيو پِيا
من جي موج ۽ جڳ جي لڄ نڀايان
اڄ وينا کي گذريل پل ۽ ساعتون ياد اچي تڙپائي رهيون هيون.
جڏهن جڳديش کي بلڪل اچانڪ ڏٺو هئائين. تڏهن بہ هن ويٺي گيت جهونگاريو– هلي آ مٺڙا اَنڌري ۾ منھنجو من ٿو تڙپي.
ان وقت در کڙڪيو هو. وينا جو ڪلپنا سان فلم ڏسڻ جو پروگرام هو. وينا سمجهو هو تہ ڪلپنا آئي آهي، سو بنان پڇڻ جي هن در کوليو تہ سامھون هڪ اجنبيءَ کي بيٺل ڏٺائين. فل سوٽ پھريل هوس. چپن تي مرڪ. تڏهين وينا کان رڙ نڪري ويئي هئي.
”او – الا . . . !“ پر پوءِ جلد ئي پاڻ سنڀالي ورتو هئائين.
”توهين – ڪير آهيو؟ “
”ڪرشن ڪمار جو گهر آهي؟“ اجنبيءَ وينا جي سوال کي نظرانداز ڪندي پاڻ بہ سوال ڪيو.
”نہ هتي اسين هاڻي نوان مسواڙي آيا آهيون.“
”معاف – ڪجو مون اوهان کي تڪليف ڏني.“
”اٽ از آل رائيٽ“.
۽ پوءِ هو پرديسي هليو ويو هو.
ڪيترن ڏينھن پڄاڻا جڳديش کي هن ٻيو ڀيرو ادبي رهاڻ ۾ ڏٺو هو. چپ ۽ اُداس اکين ۾ويرانيون سمايل. تڏهن وينا کي ڪلپنا ٻڌايو تہ:
”هي ڪھاڻيڪار جڳديش آهي.“ تڏهن الائجي ڇو وينا پنھنجي دل جي گهري سمنڊ ۾ جڳديش لاءِ پيار محسوس ڪيو هو.
هڪ ڏينھن ڪاليج کان واپس ايندي جڳديش جي ڀيڻ ملي هئس. گرمين جا ساڙيندڙ ڏينھن هئا. رستا ويران لڳا پيا هئا. اڳيان هڪ ٻي ڇوڪري پئي وئي، جيڪا پڻ اڪيلي هئي. وينا خيال ڪيو ڇو نہ ٻئي گڏجي رهاڻ ڪندا وڃون. تڏهن وينا تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي ڇوڪريءَ سان ملي.
”نمسڪار !“
”نمسڪار - !!“ هن بہ مرڪي جواب ڏنو شايد هوءَ بہ خوش ٿي هئي.
”مان وينا آهيان – ڪاليج ۾ بي. ايس. سي جو آخري سال اٿم.“
”مان بہ انھيءَ ڪاليج ۾ بي.اي جي آخري سال ۾ پڙهندي آهيان. ڪھاڻيڪار جڳديش جي ڀيڻ چمپا آهيان.“ گس هلندي جڳديش جي ڀيڻ وينا کان پڇيو.
”توهين ڪير آهيو ؟“
”انسان !“
”اهو تہ مان بہ ڏسان پئي پر اوهان جو ڌرم ڪھڙو آهي؟“
”انسانيت - !“
”تہ – پوءِ ائين سمجهان تہ اوهان ناستڪ آهيو، مون کي بي حد خوشي ٿي اوهان سان ملي، اوهان بہ اسان جا هم نظريہ آهيو.“
”ڪھڙو نظريوآهي، اوهان جو ؟“ وينا شرير مُرڪ مُرڪندي پڇيو.
”اهو ئي جيڪو اوهان جو آهي يعني سوشلسٽ“ ۽ پوءِ ٻئي پنھنجي گهر ڏانھن ويندڙ ڳلين ۾ هليون ويون هيون.
ڪاريون گهٽائون آڪاش مٿان وِکريل هيون. ٿڌي وڻندڙ هوا انگ انگ ۾ مستي ڀري ڇڏي هئي – ميگهہ ملھار جي ديوي پيرن ۾ پايل ٻڌي ڇم . . . . ڇم نچي رهي هئي. وينا دريءَ ۾ اچي ڪرسي وجهي ويٺي جهونگاريو –

آج سجن موہے انک لگالو جنم سفل ہوجائے
پریم سدھا اتنی برسادو، جگ جل تھل ہوجائے
مورے سانوریا

تڏهن جڳديش جي ڀيڻ آئي هئي.
”وينا – ڇا پئي ڪرين ؟“
”اوھہ – چمپا تون – اچ ويھہ!“ وينا ڇرڪ ڀريندي چيو.
”ڏاڍا ڪتاب پئي پڙهين – اسان کي بہ ڪجهہ ڏي“ چمپا، ٽيبل تان شاھہ جو رسالو کڻندي چيو.
”ٻڌاءِ ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟“
”ائين ئي – بس دل گهريو – تو کي ڏسڻ لاءِ هلي آيس – تو کي تہ ياد ڪا نہ پيس نہ بي رخي .“
”نہ ائين ڪونھي – هي هٿ ۾ ڇا کنيو اٿئي؟“
”ادا جو لکيل ڪتاب آهي تو لاءِ ڏنو اٿس .“
وينا ڪتاب وٺي نالو پڙهيو ”سياري سھہ رات جو؟“
اڄ الائي ڇو وينا تي گذريل ساعتن جي برکا ٿي هئي – تہ ڪيئن نہ جڳديش سان گڏجي، ڪينجهر ڍنڍ جي ڪناري تي ويھندي هئي – هو کيس پنھنجون لکيل ڪھاڻيون پڙهي ٻڌائيندو هو. شاھہ جا بيت ٻڌائيندو هو. ۽ وينا کيس مڌر آواز ۾ مٺڙا مٺڙا گيت ٻڌائيندي هئي.
اے بادِ صبا ذرا آہستہ چل
یہاں سوئے ہوئی ہے انارکلی. .... .
وينا جي آواز ۾ ڪيترو نہ رس ۽ سحر هوندو هو – ڪيئن نہ گڏجي ويھي برساتين ۾ ڳائيندا هئا.
متوالی جیا بھولے پیا ساتھ میرے چل
کرنا ہے تو کر پیار نہ ڈر۔ بیتی عمر نہ آئیگی
ارے پاگل ارے پاگل

دنیا ہے پڑی جان ہو بھری میری گلی ساتھ
مری چل۔۔۔۔ ارے پاگل ارے پاگل
پر اچانڪ وينا جي مرڪ مُرجهائجي ويئي هئي. ڪومل تن کي باھہ لڳي هئس. جڏهن وينا پنھنجي سھيلي ڪلپنا جي گهر ويئي هئي، تڏهن اتي ٽيبل تي هن جڳديش جو لکيل ڪتاب ڏٺو هو، وينا اڪير منجهان اهو ڪتاب کنيو، پھرين صفحي تي ڪلپنا لاءِ لکيل هو:
”منھنجي ڪلپنا!
تون منھنجي من مندر جي ديوي آهين. منھنجو ساھہ آهين پساھہ آهين. منھنجي اجڙيل دل جو گيت ۽ سنگيت آهين. پڄاري پنھنجي ديويءَ جي چرڻن لاءِ عقيدت جو گل ٿو پيش ڪري-جڳديش“
تڏهن وينا جي ڪارين اکين ڪڪرين مان لڙڪ لڙي پيا هئا – وينا کان سر ۽ سنگيت رسي ويا هئا ۽ پوءِ وينا ستت ئي پنھنجي پريت جو ماتم ڪرڻ لاءِ گهر هلي آئي هئي. سندس چپن کان مٺڙي سندر مرڪ موڪلائي ويئي هئي. تڏهن وينا جي چپن تي اڌورو ۽ ٽٽل گيت اچي ويو هو:

گیت کتنے گا چکی ہوں اد دکھی جگ کے لئے
آج رونے دو مجهے پل ایک اپنے لئے

وينا جي اڌوري ۽ زخميل جيون جا زخمي گيت ئي سندس سڀڪجهہ هئا.

(سنڌ رنگ پبليڪيشن حيدرآباد (سال ؟) ۾ ڇپيل)

گهايل ٿي گهاريان

سانوڻ جي شام هجي سارين جي نسري اچڻ ڪري ٻُٽ اچي ٿي هئي. مڇر بہ گهڻا هئا. ذري ذري ٿي ماس ۾ چڪ وڌائون. مان وهنجي ڌوتل ڪپڙا پائي بصران وارن جي گهر هلي ويس.
هونءَ تہ بصران سدائين ڪونہ ڪو ڪم پئي ڪندي هئي، ڪڏهن چانورن جي ماني ويٺي تئي تي پچائيندي هئي تہ ڪڏهن ٿانوَ ويٺي مليندي هئي، تہ ڪڏهن وري رلي ويٺي سبندي هئي، تہ ڪڏهن ننڍڙي پُٽ کي وهنجاريندي هئي تہ ڪڏهن جنڊ ويھي پيھندي هئي. پر اڄ ويٺي مار کاڌائين. رمونءَ دل تي پئي ڏنڊا هنيس. رمونءَ جي اکين مان رت پئي ٽميو، سندس زبان تان هڪ گار لٿي پئي تہ ٻي چڙهي پئي، ”رن وات بند ٿي ڪرين يا اڃا مَٿو ڀڃانءِ“ ۽ وري ائين چئي رمون پنھنجي مار ڏيڻ کي جاري ٿي رکيو. بصران جي نرڙ منجهان رت ٽمي رهيو هو. اکين مان سانوڻ جا ڪارا ڪڪر وسي رهيا هئا ۽ زبان تي بي وسيءَ جون دانھون ”او رمون – شل خدا ٻہ اڌ ڪرئي. ڪين بچين شل! مون کي مار نہ.“ بصران ڦٿڪندي دانھن ڪئي.
مون کان وڌيڪ ڏٺو ڪو نہ ٿيو ۽ مان اتان رمونءَ لاءِ اٿاھہ نفرت دل ۾ سانڍي هلي آيس. منھنجين اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا ۽ دل سڏڪي رهي هئي. مان پنھنجي گهر هلي آيس ۽ سڌو مٿي ڪوٺي تي چڙهي ويس. ٽانڪيءَ کان بيھي جبلن جي پٺيان ويندڙ سج ۾ نھارڻ لڳس، سج جا سونھري ڪرڻا ڄَمن جي وڻن تي پئجي رهيا هئا، وڻن جو پاڇو اوريان دڳ تي ٿي پيو. ويران ۽ دل کي ڏاريندڙ سانجهيءَ ۾ منھنجي دل تان بصران جون دانھون لھن ئي ڪونہ پيون. مان هٿن ۾ منھن لڪائي سڏڪا ڀري روئڻ لڳس. ڏاڍي رُنم – روئي روئي جڏهن ساڻي ٿي پيس، تڏهن ڳوڙها اُگهي هيٺ لھي ويس ۽ کوھہ تي هلي ويس. سوچڻ لڳس تہ من اتي دل وندرجي وڃي. اتي وڃي پاڻيءَ واري حوض جي ڀت تي بيٺس ۽ پاڻي ڀريندڙ عورتن ۾ نھارڻ لڳس. انھن مان ڪي جوان بہ هيون تہ ڪي ٽيھن ٻٽيھن ورهين جون بہ هيون. مرد بہ هئا تہ ٻار بہ هئا. نيسر منجهان ٿڌو ۽ شفاف پاڻي گڙ گڙ ڪري وهيو پئي. ڪن کوھہ مان بالٽيءَ سان پاڻي پئي ڪڍيو تہ ڪي عورتون دلا ڪڇ ۾ ۽ مٿن تي ڪيو گهر ڏانھن پئي ويون.
”اَئي حاڪمِ هيءَ ڦُلي گهڻي ورتئي؟“ زينب دلو کڻندي چيو.
”سترهين رپئي ادو وٺي آيو هو.“
”ادي بصران کي اڄ مڙس ڇاتئون پئي ماريو؟“ مون حاڪم کان پڇيو.
”الائجي ادي، مون کي ڪھڙي خبر. بصران جو ڪاڪڙو بہ آهي وڏو، سو وات هڻڻ کان رهي ڪا نہ ٿي، پوءِ مڙس کي اچيو وڃي خار، تہ پوءِ وجهي ڏنڊي ۾ هٿ ۽ ڦاڙي رن جو مٿو.“ حاڪم نڪ کي موڙو ڏيندي چيو.
”اِهو تہ تون ائين ٿي چوين، ضرور ڪو سبب هوندو؟“
”ادي صبوح لاڪون ٿي چاليھہ رپيا گهريئين تہ جيئن جوا ڪري، تنھن تي بصريءَ چيس تہ مُئا هڪ ڪمائين ڪونہ ٻيو وري ڦُرين. شڪر ڪيان جو ادو بيلدار آهي. امان وڏيرن وٽ ڪمائي ٿي، مان جنڊ پيھان، منھنجو پيرسن پيءُ پراوا رونبا، لابارا ڪري، تڏهن وڃي ڪو بک کئون ٿا بچون، نہ تہ جيڪر سڀ ماني ڳڀي لاءِ ٻاٿون کائي مرون. منھنجا مائٽ مون کي پالين پر تنھنجي ٻچن ۽ تنھنجو هنن ڪھڙو ٺيڪو کنيو! ابي امان تي ڪھڙو ننگ پيو آهي تنھنجن ٻچن جو. پالين نہ پالين تنھنجي مرضي، نڙيءَ تي کڻي لت ڏين تہ سورن کئون تہ ڇٽان.‘ بصران جو ايترو چوڻ رمونءَ جو پادر ۾ هٿ وجهڻ. مڙس کي غيرت وٺي ويئي سو ويچاريءَ کي رتوڇاڻ ڪري رکيائين. ٻي خبر منھنجي رب کي، پنھنجو ڪھڙو ڪم جو پراون جهڳڙن ۾ ڦاسون.“
”پوءِ بصران بہ هروڀرو ايترو ڇو ٿي وات ڪري، کڻي چويس ها تہ پيسا ڪونھن.“
”ادي تنھنجون ڳالھيون تہ هِن اجايون، سھي سھي بہ ماڻھو ڪيترو سھندو، ۽ رمون ڪو ائين مڙڻ وارو آ ڇا جو نہ ڪرڻ سان ماٺ ڪندو. مرد بہ ڏاڍا بيرحم آهن، اصل ڪھل ڪانہ پوندي اٿن تہ ڪو اولو سولو ڌڪ لڳي وڃي، متان زال وسن جھڙي مري پوي تہ پوءِ ٻچن جو پٺيان ڪير ٿيندو. ڌڪ رحماني ڌڪ شيطاني، عزرائيل ڪو ٻڌائي تہ ڪونہ ايندو آ.“
سانجهي ٿي ويئي هئي مان گهر هلي آيس. رات منھنجي ڏکي گذري، ڏاڍي اڻ تڻ لڳي پئي هيم تہ صبح ٿئي تہ بصران کان وڃي پڇان. پر وري ياد آيم تہ سڀاڻي تہ اسڪول کليل آهي، سو صبح جو تہ بصران جن جي گهر ڪا نہ وڃي سگهنديس. وري بہ جي وڃڻ ٿيو تہ سانجهيءَ جو وڃي سگهنديس، ڇو تہ منجهند ٽاڪ جو امان اسان کي گهر کان ٻاهر نڪرڻ ڪانہ ڏيندي هئي. اِنھيءَ خيال ايندي ئي منھنجي دل وسامي ويئي ۽ الائي رات جو ڪھڙي وقت سوچيندي سوچيندي ننڊ اچي ويئي.
جهونجهڪڙي جو اک کليم، ٿڌڙي اتر هير گهلي رهي هئي. هوا ۾ گلن، ساوڪ ۽ وڻڻ جي ٻور جو سڳنڌ ڀريل هو. چؤطرف ساوڪ ئي ساوڪ هجي ۽ وهندڙ واهن جي پاڻيءَ جي گڙ گڙ ۽ ٻيو وري پکين جي چُون چُون. سڄو ڳوٺ ستل هو صبح جي ماٺ ۾ کوھہ تي بالٽين ۽ دلن جي ٽڪرائڻ جو آواز ۽ ڪنھن ڪنھن. گهر منجهان جنڊ پيھڻ جو آواز هو، جنھن آواز ۾ عورتن جي نماڻائي، سورن ڀريا سڏڪا ۽ بيوسي هئي. گهٽ ۾ گهٽ مون کي تہ ائين ٿي لڳو. مان ڊوڙي هيٺ هلي آيس، هٿ منھن ڌوئي، نم جو ڏندڻ ڏئي پوءِ وڃي مَٽ مان ٿڌو پاڻي گلاس ڀري پيتم، امان مُصلي تي عبادت ڪري رهي هئي. منھنجي هٿ ۾ ڪتابن جو ٿيلھو هو. امان جي ڀرسان ڳچ وقت بيٺي رهيس. امان جي منھن تي ٿڌڙيءَ هير جھڙو سڪون هو، سندس اکين ۾ سمنڊ جھڙي گهرائي هئي. امان مون ڏانھن نھاريو، سندس چپڙن تي مُرڪ اُڀري آئي – الا . امان جي مرڪ ڪيتري نہ پياري ۽ مقدس هئي – اِها مرڪ مان اڄ ڏينھن تائين وري ڪا نہ ڏسي سگهيس. . امان مون کي ڀاڪر ۾ جهلي ويھاريو ۽ مون کيس ڳلن تي، پيشانيءَ تي، وارن تي، کوڙ چميو ۽ امان بہ. پوءِ مان اسڪول هلي ويس.
سانجهيءَ جو مان بصران جي گهر ويس.بصران مال جي اڳيان دونھي پئي دکائي، سندس اکين ۾ دونھين جي ڪري ڳوڙها ڀرجي آيا هئا، جيڪي ڳلن تائين وهي آيا هئا.
(ماهوار ”مظلوم“ مئگ، گنبٽ: جون، جولاءِ 1985ع ۾ ڇپيل)

وکريل سوچون

اسان جي شادي ٿيل هئي ۽ اها بہ پيار وچان، اسان کي هڪڙو ٻار بہ هو.ٻار ڏاڍو سندر هو. اهو ٻار، پيءُ کي بہ ڏاڍو پيارو هو ۽ مون کي بہ.
پر هيئن ٿيو جو ڪجهہ سالن کان پوءِ منھنجي گهر واري کي هڪ ٻي عورت وڻي ويئي ۽ هن گهر ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏني ۽ ڏاڍو چيڙاڪ ۽ ڪروڌي ٿي پيو ۽ مان ڌيرج کان ڪم وٺي هن جو سڀڪجهہ سھڻ لڳس. آخر هن جي جيون ۾ زلزلو آيو هو. جذبن جي اُٿل پٿل ٿي هئي. قيامت اچي ويئي هئي هن جي دل ۾.
مون کي ڇڏي نٿي سگهيو ۽ هن سان تہ نئون نئون نينھن جو ناتو جوڙيو هئائين.ڀلا اها دل تان ڪيئن ٿي لھي سگهي. انڪري مون کي ئي زهر جو ڍڪ ڀرڻو پيو. چاهيو تہ مون بہ ائين ئي هو تہ هن کي ڇڏي وڃان پر دل نہ مڃيو تہ ڪو هن کي ائين هيکل ڇڏي وڃان. منھنجي دل جي دنيا اجڙيل سھي، پر هو تہ منھنجو پنھنجو. هن منھنجي ئي گهر ۾ منھنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو.
مان هار سينگار ڪرڻ بہ ڇڏي ڏنو هو. ڪيان بہ ڪنھن جي لاءِ ها. هن کي تہ وڻيس ڪانہ ٿي. ڪڏهن نظر ڀري ڏٺو بہ ڪونہ هئائين. هڪ ئي گهر ۾ رهندي بہ مون کي ڏسڻ ئي ڇڏي ڏنو هئائين. ڄڻ مان هن لاءِ پرائي ٿي وئي هجان. اوپري اوپري گذاريندي جُڳ گذريا هجن. هو مون کي وساري جو ويٺو هو. مان هاڻي سپنن ۾ جيئڻ ٿي چاهيان.
مون کي ورهيہ ٿيا آهن پاڻ کي وساري، تو جو وساري ڇڏيو. پوءِ مان پاڻ کي ڪيئن ياد رکان ها. پوءِ بہ اڄ دل جي دنيا ٻھڪي پئي. ڪٿي ائين تہ ڪونھي،تو مون کي ڏاڍو ياد ڪيو هجي. يا هلڪي ئي سھي من ۾ ڪا ياد اچي ويئي هجي. اڄ دنيا نئين نئين پئي لڳي.هيءَ ڌرتي، هيءُ آڪاش ۽ هيءَ پوري ڪائنات. هر شيءِ نکري پئي آهي، تنھنجي ياد ۾.تو تہ منھنجي دل جي دنيا کي ويران ڪيو هو، پوءِ هيءَ ڪھڙي خوشي آهي جو تَن۽ مَن تي ڇانئجندي ٿي وڃي، ڪھڙو نکار اچي ويو آهي اجڙيل اجڙيل حياتيءَ ۾.
ڪنھن جي دل ڏکوئڻ مون سکيو ئي ڪونھي، منھنجي هٿن جون اجڙيل ريکائون ڪنھن سنوارڻ ٿي چاهيون، پر منھنجي دل نہ مڃيو، تو ڪروڌيءَ سان جيئڻ ۾ بہ مزو آهي، تنھنجي بي رخي، تنھنجي ڪاوڙ بہ پياري ٿي لڳي.
تنھنجي سرير تنھنجي آتما جا پاڇولا مون مٿان بہ وکري ويا آهن. تنھنجي ڏکن ۾ گهارڻ مون سکي ورتو آهي. انھيءَ جھڙي تهڙي جيون سان مون کي پيار ٿيڻ لڳو آهي. زندگيءَ جون ڪنھن کان سڀ راهون ڦرجي وڃن تہ اهو انسان ڇا ڪندو. ڀٽڪي ئي ويندو نہ؟ تون ئي چئہ تہ مان ٺيڪ ٿي چوان نہ. . . . ؟
مون کي جڏهن ڪنھن جو ٿيڻو ئي ڪونھي پوءِ پاڻ کي ڇو بچايان، تون منھنجو ئي آهين، اها مون کي پڪ آهي. تون مون کي وساري ڇڏيندين، اهو تنھنجي لاءِ ممڪن ڪونھي، مون وٽ شڪتي آهي. شڪتي، پيار جي شڪتي، وشواس جي شڪتي، سچائيءَ جي شڪتي، ان وشواس کان پلوَ آجا ڪرائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
تو کان سواءِ منھنجي دل جي دنيا اجڙي وئي آهي. تون مون کي وري پيار ڪرڻ لڳندين اهو تہ مان نٿي چوان پر تون مون کي وساري ويھندين، اهو تنھنجي لاءِ ممڪن ڪونھي.
اڄ منھنجي دل جي دنيا سدا جي لاءِ ٻھڪي پئي آهي.ورهين کان پوءِ تو مون کي نظر ڀري ڏٺو جو هو، ڀرپور پيار سان، سڪ سان ٽمٽار ٿيل نگاهن سان جو ڏٺو هو.
تون ڏاڍو ڳالھائڻو ٿي پيو آهين. ايڏو ڳالھائڻ ڪنھن کان سکيو آهين. ان انداز ۾ بہ وڻين پيو، جيڪو ڳالھائين پيو، اجايو سجايو ڳالھائيندو وتين. سچ تہ اهو بہ ڏاڍو وڻي پيو،دل پئي چوي تہ سڄي جڳ جي سامھون توکي ڀاڪر پايان، پر ائين ڪري نہ سگهيس، تون پنھنجي لال ڪنوار سان گڏ جو هئين. پوءِ مان تنھنجي ويجهو ڪيئن ٿي اچي سگهيس. پوءِ بہ ڄڻ من ۾ سوين گل ٽڙي پيا، آسمان ڏينھن ڏٺي جو ڄڻ تارن سان ڀرجي ويو، ڄڻ ڀنل نيڻن ۾ تارا ٽمڪي پيا هجن. ڄڻ ڪروڙين ديپ ٻري پيا هجن. هاڻي مان ڏکن کي پنھنجي ويجهو اچڻ نہ ڏيندس. تون ڪنھن ٻيءَ جو سھي پر دل جي ڪنھن ڪنڊ ۾ مان بہ رهڻ لڳي آهيان. پھريان مون کي پنھنجي پيار تي رڳو وشواس هو ۽ هاڻي تنھنجي پيار ۾ مان بہ جيئڻ لڳي آهيان. تو مون کي وساريو ناهي. اهو تو ان ڏينھن مون کي يقين ڏياريو هو، پريت ڀريل نيڻن سان. مون کي تون وسار نہ مان تُنھنجي آهيان. تنھنجي نھار ۾ ڇا تہ قيامت هئي. پياري پياري دل ۾ چڀندڙ نھار ساهن ۾ سمائجي ويئي هئي. ان ڏينھن تہ مان پنھنجي ڪپڙن ۾ نہ پئي ماپان. دل پئي چوي تہ سڄي جهان کي پاڻ سان کلايان. سڄو جڳ ٽڙي پيو هو. مون سان گڏ.
ان ڏينھن دل چيو هو تہ توکي ٻانھن کان جهلي پاڻ سان گڏ گهر وٺي وڃان ها. پر تو سان گڏ تنھنجي لال ڪنوار جا هئي. پنڌ هلون ها. جيئن رستو ڪڏهن نہ کٽي. ها جي هلين ها مون سان گڏ؟ نہ هلين ها نہ. تون مون کي پٺي ڏئي بيٺو هئين. تون سيتا ۽ رام وارو قصو تہ پڙهيو يا ٻڌوهوندو نہ؟ يا اهو مجسمو تہ ڏٺو هوندو؟ مان راوڻ تہ ڪا نہ هيس جو مون کي پٺي ڏيئي بيھين. ايڏي بري تہ ناهيان مان، نہ مان راوڻ آهيان ۽ نہ تون ئي سيتا آهين؟ پوءِ اهو ناٽڪ ڇو رچايو اٿئي؟ ڪروڌ ڪرڻ ڇا رڳو توکي ورثي ۾ مليو آهي.ڪاوڙ ڪنھن ٻئي کي نٿي اچي سگهي؟ تون مون کي ڀلي وساري ڇڏ. تو کي مان ياد ڪيان، تو کي مان ساريان، تو کي مان دل ئي دل ۾ پيار ڪيان، ڪنھن کي سڌ بہ نہ پوي، تہ ڪوئي تو کي ڪيڏو نہ دل جي گهراين سان پيار ڪرڻ لڳو آهي، تو کي بہ خبر نہ پوي، تون مون وٽ ڪڏهن لڙي نہ ايندين. اها مون آس لاٿي ناهي، لاهيان بہ ڪيئن، تون ايڏو پيارو جو آهين. تون نہ ايندين؟ مان ڪيئن پنھنجي پيار تان ويساھہ ختم ڪري ڇڏيان. اڄ وري دنيا نئين پئي لڳي. ڪٿي تو وري تہ نہ وساريو آهي. ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي. تون مون کي ياد ڪرين ۽ منھنجو من ٻھڪي نہ اٿي، دل جي دنيا امنگن سان آباد نہ ٿئي، نيڻن ۾ جوت نہ جاڳي، هيڪر جو ساريندي اچي وڃي تہ ڄڻ مون کي سرڳ ملي وڃي، ٻن گهڙين لاءِ ڇو نہ اچين، تون جو وساري ويٺين تہ ڄڻ سڄو جڳ وساري ويٺو. تون منھنجي ڪڏهن سار نہ لھڻ ايندين. اهو مان ڪيئن پنھنجي پيار تان ويساھہ وڃائي ويھان. تون هٺيلو آهين. بس انڪري مون وٽ نٿو اچين، توکي ڪوئي پيار جي ڪڙين سان جڪڙي ويٺو آهي، اهو ممڪن ڪونھي، تو کي مون جيڏو پيار ڪير ڪري ئي نٿو سگهي.
مون وٽ تنھنجي امنگن سان سڄوسنسار وسيل آهي. ان کان منھن مٽڻ ايڏو آسان ڪونھي. سيارو وري آيو آهي تنھنجون يادون کڻي. سياري جي موسم کي ور ور ڪري چمڻ تي دل ٿي چوي. پر ڇا ڪريان موسم کي محسوس تہ ڪري ٿو سگهجي. پاڻ ۾ سمائي سگهجي ٿو پر پيار جي ٻنڌڻن سان جڪڙي نٿو سگهجي. آسن ۽ اميدن کي اکڙين ۾ سموئي سگهجي ٿو پر ڪنھن جي ياد کي جڪڙي نٿو سگهجي. ڪنھن جي يادن سان دل جي دنيا آباد ڪري سگهجي ٿي پر ڪنھن جي سرير کي آتما کي پاڻ وٽ قيد نٿو ڪري سگهجي.
پر نہ تنھنجو سرير ڀلي ڪٿي بہ هجي، ڪنھن جو بہ هجي، پر آتما تي ڪنھن ٻيءَ جو وس نٿو هلي سگهي، تنھنجي آتما مون وٽ قيد آهي. تنھنجي آتما منھنجي يادن سان جڪڙيل آهي. تنھنجي من ۾ امنگن جي هيرا ڦيري آهي. جنھن کي تون پيار سمجهي ويٺو آهين.ٿورو دل کي سمجهي ڏس. تو کي مون تي ويساھہ اچڻ لڳندو تہ ڪنھن پاڻ کي مٽائي تو سان پيار ڪيو آهي. پاڻ کي برباد ڪري، تنھنجين يادن سان دل کي آباد ڪيو آهي. تون مڃين يا نہ مڃين، مون تو سان پيار ڪيو آهي. تو تان پاڻ گهوريو آهي. تون وساري ويٺو آهين. سڀڪجهہ. پر مون کان تہ ڪجهہ بہ ناهي وسريو. اڄ بہ ائين ٿو لڳي ڄڻ هينئر هينئر جدا ٿيا آهيون. سڀئي پراڻا گيت ماڻھن جي لاءِ تفريح هوندا آهن. پر منھنجي لاءِ عبادت آهن، مان اهي گيت ننڍپڻ کان ٻڌندي ٿي اچان ۽ روز صبح جو سوير جهونجهڪڙي مھل اٿي گيت ٻڌندي آهيان.
پيار ڪرڻ منھنجو ايمان آهي.پريت ڪرڻ منھنجو ڌرم آهي، ڪنھن کي مان ڪيئن ڀلايان. تون ايڏو ياد جو اچين ٿو. تو کي نہ ساريان تہ مان جيئندس ڪيئن!؟
سڀڪجهہ ٽڙي پکڙي ويو آهي. هڪٻئي جي ويجهو نٿا اچي سگهون پر تو کي مان ساري تہ سگهان ٿي نہ.
گهڻا سال اڳ مان انسانن سان ڪيڏو نہ ويجهو هيس. ڪيڏي نہ انسانيت هئي. سڀڪجهہ ٽڙي پکڙي ويو. مان ڪيتري نہ سٻاجهي ۽ مھربان هوندي هيس پر پوءِ سڀڪجهہ ختم ٿي ويو.اهو انسانن سان پيار، اهو انسانيت ۾ ايمان،سڀڪجهہ. ڄڻ مون تي ڪنھن اداس موسم جھڙي ڪيفيت طاري ٿيندي آهي.
سرنھن جا لُڏندڙ پِيلا پِيلا گل ياد ايندا آهن. ساين ٻنين ۾ بيٺل نيرا نيرا ننڍڙا ڪومل ڪومل گل ياد ايندا آهن. مون ۾ جڏهن تون اچي وسندو آهين. تڏهن بہ اهڙي سرهاڻ ڀري چپن تي مرڪ مڙي ايندي آهي. اهڙي ئي اُداس ڪيفيت روپ ريکائن تي وکري ويندي آهي. اهڙي ئي اُداسي آتما تي وکري ويندي آهي.
منھنجي پنھنجي هڪ دنيا آهي، جيڪا روح ۽ دل ۾ آباد ٿيل آهي. اها سوچن ۾ وکريل آهي. اها دل جي دنيا ايڏي سونھن ڀري آهي. اها دنيا گيتن ۾ پويل آهي، گلن جي سرهاڻ ۾ وکريل آهي. ٻارن جي مٺي مٺي مرڪ ۾ سمايل آهي. آڪاش ۽ ڌرتيءَ تي وکريل آهي، سمنڊ جي گهراين ۾ سمايل آهي. سرمئي ڪڪرن ۾ سمايل آهي. جهڙ جي ڇانوَ ۾ سمايل آهي. رم جهم برساتي راتين ۾ سمويل آهي. گلن جي ڪوملتا ۾ سمايل آهي. منھنجي دل جي دنيا سمنڊ جي لھرن جي سنگيت ۾ سمايل آهي. منھنجي دل جي دنيا دريائن جي ماٺ ۾، جهرڻن جي تيزي ۽ چنچلتا ۾ وکريل آهي، پھاڙن جي بلندين ۾ وسايل آهي. ٻڌاءِ منھنجي دل جي دنيا ڪٿي ڪٿي ناهي آباد! تون مون کي ناس نٿو ڪري سگهين، اهو تنھنجي وس ۾ ناهي.
ڪن ڪن انسانن ۾ سانجهيءَ جھڙي اُداسائي ۽ جهرجهري هوندي آهي ۽ جهونجهڪڙي جھڙي ماٺائي هوندي آهي. مان پنھنجي لاءِ ڇا چوان، منھنجي آتما بہ ڪجهہ اهڙي آهي.
تون ڪيڏو نہ بدنصيب آهين جو مون کي تون نہ پنھنجو ڪري سگهين؟ مان تنھنجي ڪيڏي نہ سيوا ڪريان ها، اهو تہ تو کي اندازو ئي ڪونھي. مان تو کي ڪيڏو نہ نينھن جي ناڪيلي ۾ جڪڙيان ها، اهو بہ تو کي اندازو ڪونھي، مان تو کي ڪيڏو نہ پيار ڪريان ها، اهو تو کي سڄڻ گهر ۾ ئي سرڳ ملي وڃي ها. تون منھنجي پيار جي ٻنڌڻن ۾ جڪڙجي تہ ڏسين ها.
ڌرتيءَ جي نہ اڃ ٻجهي ۽ نہ پياس مٽي، ڌرتي ماتا جا ٻارڙا جو اڃايل بکايل هئا، پوءِ هوءَ ڪيئن نہ ويڳاڻي ويڳاڻي نظر اچي.
اڄ هڪ گيت ٻڌڻ تي دل پئي چوي ۽ اهو مون بار بار ٻڌو. ان گيت ڌرتي آڪاش، وڻن ٽڻن ۽ پکيئڙن کي بہ مست ڪيو، ٻہ ڪانوَ چھنب ۾ گرھہ کڻي ڌرتيءَ تي اچي ويٺا ۽ پاڻيءَ ۾ گرھہ ٻوڙي کائڻ لڳا. اهو گيت منھنجي امڙ کي بہ ڏاڍو وڻندو هو. اهو گيت هيئن هو:
نیا تیری منجه دھار ہوشیار ہوشیار
ہو نیا تیرے منجه دھار
سوجهی آر نہ پار ہو نیا تیری منجه دھار
ڈر کیسا کھلا ہوا آسمان ہے
سنبھل کے ماجهی سنبھل کے ماجهی
تیری ناوَ میں طوفان ہے
گہری چنچل دھار
نیا تیری منجه دھار ہو نیا تیری منجه دھار
کانچ کا ٹکڑا بہہ جاتا ہے
لوہا ڈوب کے رہ جاتا ہے
گیانی سوچ ویچار
نیا تیری منجه دھار، ہو نیا تیری منجه دھار۔

ڌرتي ماتا اهو ناهي ڏسندي تہ ماني ڪوجهڙو ٻارڙو ٿو کائي يا اهو مانيءَ جو گرهڙو ڪنھن حسين ٻارجي وات ۾ ويو.
جيئن مور جا پير ڪوجها هوندا آهن، جن کي ڏسندي ڏسندي مور روئي پوندو آهي.پر پوءِ بہ پير ڪوجهائي سھي، هوندا تہ هن جي جسم جو حصو آهن. ساڳيءَ طرح ماءُ جي لاءِ ڪوجهائي سھي، ٻار تہ ٻار ئي آهين.
اجهاڻل آس جا ڏيئا وري ٽمڪڻ لڳا هئا.
مان اڪيلي جڳن کان جيئندي پئي اچان، صبح جو ساجهر پکيئڙا وڻن ۾ اچي چرٻٽو ڪندا آهن، رس ڀريون ٻوليون ٻوليندا آهن، مان انھن سان ڳالھيون ڪرڻ لڳندي آهيان. نہ تہ ماڻھن ۾ ايترو ميٺ ڪٿي جو ٻہ گهڙيون انھن سان گهاري سگهجي.
انب جي وڻ ۾ ڪوئل اچي ويٺي. هوءَ وات کولي پنھنجي نقلي ماءُ کي سڏڙا پئي ڪري. ڪانويلي ڪا هن جي اصلي ماءُ ڪانھي. ڪويل سڏڙا ڪندي رهي. هن کي اصلي ماءُ جو ڇڏي هلي ويئي هئي. ازل کان اها پيار جي ريت هلندي اچي. اڄ ڪڪرن وانگر اکيون ڀرجنديون ٿي ويون. دل بار بار رنو پئي. اڄ جيءَ کي جهنجهوڙيندڙ هڪ گيت صبح جو ساجهر ريڊيو سيلان تان هليو پئي:
جہاں کوئی نہ ہو وہاں چلیں گے ہم
بلم دنیا والے برے ہیں تیری قسم
جہاں کوئی نہ ہو۔
تمہین پریت کی ریت سے کیا لینا ہے
انہیں پیار بھری دلوں کو ٹوٹنا ہے
تیرے ساتھ ہے میرا دل بلم تیری قسم
مجهے کیا جو باغ مین پھول کلیں
کلیاں چٹکیں
کلیوں کو دیکھ کے روئے کویل
میرے دم کی ساتھ ہے میرا دم
بلم دنیا والے برے ہیں تیری قسم
جہاں کوئی نہ ہو وہاں چلیں گے ہم
دنیا والے برے ہیں تیری قسم
ديوداس وانگر پاڻ مٽائيندڙ عورتون اڄ بہ موجود آهن، انھن عورتن مان، مان بہ هڪ آهيان، جو مان پنھنجي جيءَ کي جهوري ڇڏيو، پنھنجي حياتيءَ کي تہ ڊانوان ڊول ڪري ڇڏيو.
اڄ منھنجي دل ڏاڍو رنو پئي، ائين ٿي لڳو ڄڻ اڄ سدا جي لاءِ وڇڙي ويا هجون، جدا ٿئي تہ ويھہ ورهيہ گذري چُڪا آهن. مون سان گڏ رات رني، وڻ ٽڻ رنا، پکي پکڻ رنا ڄڻ ساري ڪائنات رني هئي. گيت رنا، گلشن، سنگيت رنو ڄڻ سڄو چنڊ رنو پئي. وياڪل من کي ڪٿي بہ چين نہ پئي آيو.
قدرت، نيچر سڀني کي پنھنجي طريقي سان حياتي گذارڻ جو حق ڏنو هو پوءِ الائجي ڇو منھنجي زندگيءَ کي انھيءَ حق کان وانجهيل رکيو هو.
مون هڪڙو قول پڙهيو هو، جيڪو هيئن هو تہ:
”تارا هميشہ اونداهيءَ ۾ چمڪندا آهن.“
مان ڪالھہ کان هڪڙو گيت بار بار پئي ٻڌان، پر من آهي جو ورچجي ئي نٿو. شايد ڪوئي بيحد پيارو ماڻھو اچڻ وارو آهي، تنھنڪري ئي شايد منھنجي اڻ ۾ ڪانوَ اَچي ڪان ڪان ڪئي آهي. ان ڪري ور ور ڪيو اهو گيت چپن تي اچي ٿو وڃي!

مورےاٹریا پی کا گیا بولے
مورا جیا ڈولے کوئی آرہا ہے
مورے من میں اٹھی ہے امنگ رے
ہو مورا پھڑکے ہے بانیاں انگ رے
مورے من کی مرلیا پہ ہولے ہولے
سر گهولی گهولی کوئی گا رہا ہے
مورے اٹریا پی کا گا بولی
مورا جیا ڈولے کوئی آرہا ہے
آج بگیا میں آئی بہار ہے
ہو مورے جیون میں سولہ سنگهار رے
مورے کانوں میں گن گن بولی بولی
رس گهولی گهولی کوئی گا رہا ہے
مورے اٹریا پے کا گا بولی
مورا جیا ڈولے کوئی آرہا ہے
مورے ماتھے پہ کم کم کے بندیا
آج لونگی نا پل بھر میں ندیا
ٹھنڈی ٹھنڈی ہوائوں کے جهولے
گهونگٹ پٹ کولے
جیا لہرا رہا ہے
موریا اٹریا پے کا گا بولی
مورا جیا ڈولے کوئی آرہا ہے

جيون جي راهن تي اڪيلي هلندي هلندي، مان ٻلوان ٿي پئي آهيان، ڏک منھنجي ساهن ۾ رچجي ويا آهن. ڏک سڀ سيمائون اڪري دل ۾ پھچي ويا آهن. ڪنڊن سان سڄو رستو ڀريل آهي، پيرن سان گڏوگڏ دل بہ رتوڇاڻ ٿيندي ٿي وڃي.
(ڪاوش ڪتابي سلسلو ڪھاڻي، ڪاوش گروپ آف پبليڪيشن حيدرآباد، مئي 2000ع ۾ ڇپيل)

جاڳرتا. . . . . !

آسمان ۾ ڪڪر مڙي آيا هئا. اهي، سُرمئي ۽ سُرخي مائل هئا. هميشہ جيان ڪارا ۽ ڪڪوريل نہ هئا. ڄڻ ڪنھن هاريءَ پيار سان ڌرتيءَ تي هر کيڙيو هو، آسمان ۾ ڪڪر ڪجهہ گڏ ۽ ڪجهہ ڇڙوڇڙ ٿيل هئا. ائين جيئن ڌرتيءَ کي کيڙي مٽيءَ کي الڳ الڳ ڪري ڇڏبو آهي ۽ ڌرتي رسي پوندي آهي تہ منھنجي سيني کي چيري هي ڪھڙو من ۾ ڪروڌ ڀريو اٿوَ، پر ڌرتيءَ کي ڪھڙي خبر تہ انھيءَ اتياچار جي پويان ڪھڙا سُندر سَپنا دفن ٿيل آهن. بکايل ماڻھن جا سپنا، ماني ڳڀي لاءِ سڪايل ماڻھن جا سپنا، انگ اگهاڙن، پيٽ بکايل ماڻھن جا سپنا. ڌرتي ماءُ تہ دانھن ڪندي آهي تہ هي ظلم ڇو پر هن کي اها سڌ نہ هوندي آهي تہ کيس ساوڪ جو نئون نڪور ويس پارايو ويندو ۽ ان لاءِ کيس ننگو بہ ٿيڻو پوندو آهي ڇو تہ ڪروڙين انسانن جو انگ ڍڪيو ويندو آهي. ڌرتيءَ ماءُ کي سور سھڻا پوندا آهن، تہ سندس ٻچا ٽھڪڙا ڏين. پر پوءِ ٿورڙا ماڻھو انھن ڪروڙين انسانن کان اِهو مانيءَ ڳڀو کسي وٺندا آهن ۽ اُهي بکايل ٻار هٿن ۾ سڪل ٽڪر ۽ ڳلن تي ڳوڙها کڻي ننگا تتل ڌرتيءَ تي پيرين اگهاڙا ڀٽڪندا وتندا آهن. ويران ويران اکيون کڻي ڳڀي کي ڳوليندا آهن، جيڪي چانديءَ جو سڪو بڻجي وڏيرن جي ٽجوڙيءَ ۾ بند ٿي ويندا آهن.

(ناري پبليڪيشن حيدرآباد: مئي 1988ع ۾ ڇپيل)

مَتو آهين مَڇ

مينا کي بئنڪ ۾ ڪم ڪندي لڳ ڀڳ هفتو کن ٿيو هو. هوءَ بئنڪ ۾ ٽائيپسٽ هئي. هن جو پيءُ جيلر هو. هو ويجهڙائيءَ ۾ رٽائر ٿيو هو ۽ هاڻي مينا ئي اڪيلي سر گهر جو بار کنيو هو. زندگي هُيَن انڪري ڀوڳڻ لاءِ مجبور هئا.
ڏھہ کن ٿيا هئا مينا ويٺي ٽائيپ ڪئي. ان ساڳئي ئي ڪمري ۾ ٻيا بہ ٽائيپسٽ ويٺل هئا.
”ادي، اوهان کي صاحب سڏي ٿو.“
پٽيوالي جي آواز تي مينا مٿي نھاريو.
”اچان ٿي،“ چئي مينا اٿي کڙي ٿي.
صاحب فون تي ڪنھن سان ڳالھايو پئي. مينا کي هٿ جي اشاري سان ويھڻ لاءِ چيائين. هوءَ ڪرسيءَ تي ويھي رهي. ڪجهہ پلن کان پوءِ صاحب فون بند ڪندي مينا کي چيو:
”ڪم ڪيئن پيو هلي؟ - ڪا تڪليف تہ ڪانھي نہ؟“
”نہ سائين تڪليف ڪھڙي – ڪم ڪرڻو آهي سو ڪيان پئي.“
”مون ڀانيو تہ بئنڪ جو ڪم ڪجهہ سخت آهي،اوهان نيون هتي آيل آهيو. اوهان کي ڪنھن بہ قسم جو اهنج هجي تہ بنا ڪنھن هٻڪ جي مون کي ضرور ٻڌائجو.“
”نہ سائين اوهان جا لک لائق، ڪم ڏکيو يا سکيو ڪرڻو تہ آهي.“
”ڪڏهن بہ ڪم ڪار هجي تہ مان حاضر آهيان. مون سان حجاب نہ ڪجو. بئنڪن ۾ سنڌي ڇوڪريون نہ هجڻ جي برابر آهن، پر منھنجي آفيس ۾ تہ هڪ تون ئي آهين.“
هوءَ پنھنجي ڪمري ۾ هلي آئي. مينا سوچڻ لڳي تہ صاحب ڪيترو نہ سٻاجهو ۽ گنڀير سڀاءَ جو آهي.
بئنڪن ۾ گهڻو ڪري ڏهين بجي کان پوءِ رش ٿيندي آهي. ان ڏينھن صبح جو سوير صاحب سڏايو هوس. هوءَ سمجهي نہ سگهي هئي، تہ ايڏو سوير صاحب جو ڪھڙو ڪم آهي.
”مينا – معاف ڪجو مون اوهان کي تڪليف ڏني. اصل ۾ هفتي کان ڪجهہ اوهان کي چوڻ پئي چاهيم پر همت ڪا نہ ٿيندي هئي.پر لڳيم ٿو تہ ٻن ٽن ڏينھن جي ماٺ منھنجي جيءُ کي جهوري وجهندي . . . .“
هڪ ساعت لاءِ صاحب خاموش ٿي ويو ۽ مينا جي چھري تي آيل تاثرات ڏسڻ لڳو.
”معاف ڪجو، مان اوهان جي ڳالھہ سمجهي ڪانہ - ؟“ مينا سمجهندي بہ ڏاڍي تکي لھجي ۾ چيو.
مينا جي دل ۾ هڪ لحظي ۾ ئي صاحب لاءِ عقيدت جو جڙيل محل اچي پٽ پيو.
”مون ڪنھن ڌاريءَ ٻوليءَ ۾ تہ ڪو نہ پئي ڳالھايو جو اوهان سمجهي نہ سگهو. اصل ۾ مان توهان کي پنھنجو ٿو سمجهان. انڪري اوهان جي مدد ڪرڻ ٿو گهران.“
”جي؟“
’ملي اٿم اها ٻن اڍائي سون واري نوڪري! روزگار جي اها ضمانت بہ کسجي ويئي تہ پوءِ ڇا ٿيندو؟‘
هوءَ وسوسا پاڻ سان کڻي وڃي صاحب وٽ پھتي.
”مون ٻہ چار ڏينھن اڳ اوهان کي عرض ڪيو هو اوهان ان لاءِ ڇا سوچيو؟“
”جي – مون کي تہ ڪجهہ ياد ڪونھي. اوهان ڪھڙي ڪم لاءِ چيو هو.“ مينا جي نڙيءَ مان لفظ ڀڄندا ڀرندا پئي نڪتا.
”اوهان کي مان ياد ئي نہ آهيان تہ پوءِ منھنجي چيل ڳالھہ ڪيئن ياد پوندي؟“
”معاف ڪجو سائين هن اڏوهي کاڌل سماج توهان کي پنھنجي آفيس ۾ گهرائڻ جو حق تہ ضرور ڏنو آهي پر ذاتي ڳالھين ڪرڻ يا رهاڻ ڪرڻ جو ڪو بہ حق اوهان کي نٿو پھچي.“
مينا جي اکين ۾ رت ڀرجي آيو. دل ۾ آيس تہ پيپر ويٽ کڻي صاحب جي مٿي ۾ وهائي ڪڍي؛ پر هوءَ ائين نہ ڪري سگهي، دل جو سور دل ۾ پي ويئي. هوءَ جڏهن آفيس مان وڃڻ لڳي تہ صاحب جو ڳرو آواز ڪن تي پيس:
”ايڏو جذباتي ٿيڻ چڱو تہ ڪونھي.“
”معاف ڪجو- مان ڪا انڌي تہ ڪانہ آهيان جو توهان جي مدد جي ضرورت پويم. منھنجي خيال ۾ تہ اوهان جي همدرديءَ جا مستحق تہ فٽ پاٿ تي ويٺل ڪمزور ۽ نٻل اپاهج آهن. صدين کان پيا واجهائين تہ ﷲ جو ڪو نيڪ بندو سندن جهولي ڀري“. ائين چئي هوءَ صاحب جي ڪمري مان نڪري آئي.
’هون! ڪُتي جو پٽ سمجهي ڇا ٿو پاڻ کي؟ هليو آهي منھنجي مدد ڪرڻ. ڄڻ مان کيس روئي دانھن ڏني هئي تہ اسين بک ٿا مرون سو ﷲ ڪارڻ منھنجي مدد ٿو ڪري.آخر مون جھڙا ٻيا بہ تہ ٽائپيسٽ آهن، انھن کي بہ تہ گهر گهاٽ هلائڻو هوندو، پوءِ انھن کي ڇڏي مون تي رحم آيو اٿس.
’رحم . . . همدردي . . . هون ڪيڏا نہ دل کي ڪمزور ڪندڙ لفظ آهن. آفيم جيان نشو ڏيندڙ، فرضن کان غافل ڪندڙ آهن. هن سماج کان حق ڦري وٺڻ گهرجن. سک ۽ حق ﷲ مٿان جهول ۾ ڪو نہ اڇليندو. پر اهو سماجي شعور آهي، جيڪو فردن کي اجتماعي سوچ ڏئي ٿو ۽ ڏونگر ڏاري رستي ۾ ايندڙ پٿر کي ڀڃي ڀور ڪري هڪ نئين سماج جي اڏاوت ڪجي جتي ڪو بہ رحم جوڳو نہ هجي ۽ ڪو بہ ڪنھن تي رحم نہ کائي.‘
مينا جون سوچون نانگ جي زهر جيان سڄي جسم ۾ پکڙجڻ لڳيون. ڪيترن ڏينھن پڄاڻان صاحب کيس پاڻ وٽ وري سڏايو. مينا ڀانيو تہ صاحب کي پنھنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو هوندو. خدا پيو خير ڪري. مس مس تہ ايڏي جاکوڙ کان پوءِ نوڪري ملي آهي.‘
”اوهان سمجهو آهيو، اها تہ ڄاڻ هوندوَ تہ هتي نوڪريون ڪيئن ملنديون آهن؟ هڪڙي سفارش. . .. . .. ٻيو رشوت . . . .. ۽ ٽيون . . . “ ٽيون لفظ ڪڍندي صاحب جي چپن تي مڪروه مرڪ تري آئي ۽ ”ٽيون . . .. عورت پنھنجي سفارش پاڻ آهي. ان کي ڪنھن سفارش جي ضرورت ڪانھي. آئي ڳالھہ سمجهہ ۾ . -؟“

(پندرنھن روزہ عبرت مئگزين: 15 جنوري 1984ع ۾ ڇپيل)