سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر محمد ابراھيم پنھور جي شاھہ لطيف جي رسالي جي مختلف سُرن مان چونڊيل دعائيہ بيتن ۽ واين تي مشتمل ڪتاب ”ڦيرو ڪج فضل جو“ اوھان اڳيان پيش آهي.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي اتھاس جو سڀ کان وڏو ادبي، تخيلاتي، لسانياتي، فني، جمالياتي ۽ تخليقي حوالو آھي. ھن ڪتاب ۾ شاھہ لطيف جي رسالي جي مختلف سُرن مان دعائيہ بيت ۽ وايون شامل ڪري انھن جي معنيٰ پڻ ڏني وئي آھي ھنن بيتن ۽ واين ۾ خدا جي عظمت ۽ ڪبريائي جو بيان بہ آھي تہ حضور ﷺ سان محبت ۽ اطاعت جو درس بہ آھي. .
ھي ڪتاب 2019ع ۾ ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي