لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

گلقند- ڀاڱو ٻيو(اصطلاح يا ورجيسون )

”گلقند : اصطلاح يا ورجيسون “ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب آنجهاني ڀيرومل مھرچند آڏواڻي جو سهيڙيل آهي جيڪو ورهاڱي کان اڳ 1928ع ۾ ڇپيو.
هيءُ ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ 912 پهاڪا آهن. ٻئي ڀاڱي ۾ 1450 اصطلاح آهن جن مان ڪيترا ”گل“، ”سنڌي ٻوليءَ جي سونهن“، ”طلسم“، جوت اخبار، اخبار تعليم، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ۽ پنهنجن توڙي ٻين صاحبن جي ٺاهيل ڪتابن مان چوُنڊيا ويا آهن.
Title Cover of book گلقند- ڀاڱو ٻيو(اصطلاح يا ورجيسون )

منڍ

پهاڪن ۽ اصطلاحن ۾ اڪثر نج سنڌي آهي ۽ انهن جي ڪم آڻڻ ڪري مضمون نهايت سهڻو ۽ سلوُڻو ٿئي ٿو. مون ورهين کان ڪيتريون چوڻيون ڪٺيون پئي ڪيون آهن، جن مان حال اڍائي هزار کن هن ڪتاب ۾ آنديون اٿم.
هيءُ ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرين ڀاڱي ۾ ۹۱۲ پهاڪا آهن، جن مان ڪي “گلشڪر” ۽ ٻين پهاڪن جي ڪتابن مان چونڊي ڪڍيا اٿم ۽ ڪي اهڙا به پهاڪا ڏٺا اٿم، جي اڳي ڪنهن به ڪتاب ۾ ڇپجي پڌرا نه ٿيا آهن. ڪي چوڻيون ڪن قصن تي ٻڌل آهن تنهن ڪري اهي قصا به مختصر طرح ڏنا اٿم. ڪيترن سنڌي پهاڪن لاءِ انگريزي پهاڪا ڏنا اٿم جي فئلن صاحب، هينري بان ۽ ديوان روچيرام جي پهاڪن جي ڪتابن مان ورتل آهن. انهيءَ ڀاڱي کي ڌار جلد ٻڌائي ان جي قيمت فقط ڏهه آنا رکي ويئي آهي.
ٻئي ڀاڱي ۾ اصطلاح آهن جن مان ڪيترا “گل”، “سنڌي ٻوليءَ جي سونهن”، “طلسم”، جوت اخبار، اخبار تعليم، شمس العلماء مرزا قليچ ۽ پنهنجن توڙي ٻين صاحبن جي ٺاهيل ڪتابن مان چوُنڊيا ويا آهن. انهيءَ ڀاڱي جي قيمت فقط نؤ آنا آهي. اميد ته هي ٻئي ڀاڱا شاگردن توڙي سنڌي ٻوليءَ جي پيار وارن صاحبن کي گهڻو ڪارائتا ٿيندا.

ڪراچي ۸ مارچ ۱۹۲۸ع

ڀيرو مل مهر چند