سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر خالد نورانيءَ جو ڪتاب ”موت کان موٽيل ماڻھن جا مشاھدا“ اوھان اڳيان پيش آهي.
موت ڇا آھي؟ موت بعد ڇا ٿو ٿئي؟ ان قسم جا سوال انساني تاريخ جي ھر دور ۾ اھميت وارا رھيا آھن. ھن دلچسپ ۽ تجسس ڀريي موضوع تي خالد نوراني صاحب قلم کڻي سائنسي جائزو وٺندي نون اسرارن تان پردو ھٽايو آھي. ڪتاب ۾ 11 باب شامل آھن. ھن موضوع تي لکڻ لاءِ خالد نوراني صاحب اولھہ جي مختلف لکندڙن/تحقيق ڪندڙ عالمن ۽ ڊاڪٽرن جي ڪتابن مان پڻ مدد ورتي آھي.
ھي ڪتاب 2015ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي خالد نوراني صاحب جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي