سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ھند ۽ سنڌ جي نامياري شاعرہ، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ نقاد پوپٽي ھيراننداڻيءَ جي لکيل آتم ڪھاڻيءَ تي آڌاريل ڪتاب ”منھنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق“ اوھان اڳيان پيش آهي.
سنڌي ادب ۾ پوپٽي ھيراننداڻيءَ جو نالو ھڪ بھادر ۽ بيباڪ ليکڪا طور سامھون آيو آھي. ھي ڪتاب رڳو پوپٽيءَ جي آتم ڪٿا ناھي، پر ھن ڪتاب ۾ اسان جي سنڌي سماج خاص ڪري ورھاڱي کان اڳ جي ماحول جي ڀرپور نموني عڪاسي ڪئي آھي ۽ ھتان لڏي ويندڙ سنڌين جي تڪليفن جو چڱي نموني ذڪر ڪيو آھي. ڪتاب ڪل 17 بابن تي مشتمل آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو ڪونج پبليڪيشن بمبئيءَ پاران 1981ع ۾ چوٿون ڇاپو 1993ع ۾ سنڌي ساھت گهر پاران ڇپايو ويو جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي