شاعري

سرجيندڙ ساڻيھہ جا

ھي ڪتاب تاجل بيوس جي چونڊ 500 بيتن جو مجموعو آهي. تاجل بيوس جي شاعريء جو محور سنڌ. سنڌ جا کيت. سنڌ جا واهڻ ۽ وستيون، سنڌ جون موسمون، سنڌ جا جهر جهنگ رھيا آھن. ھن ڪتاب ۾ تاجل بيوس جا شاھہ لطيف جي رسالي جي نالن جي سُرن سميت ڪل 14 موضوعن تي بيت شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 28
  • 11
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سرجيندڙ ساڻيھہ جا

حق ۽ واسطا

تاجل بيوس اڪيڊمي جو ڪتاب

ڪتاب: سرجيندڙ ساڻيھہ جا
شاعري: تاجل بيوس
ترتيب: ڪرم الاهي چنا
ڪمپوزنگ ۽ پيج ميڪنگ: ڪرم الاهي چنا

ڪور ڊزائين: فتاح هاليپوٽو
پبلشر: تاجل بيوس اڪيڊمي، ڪراچي
ڇاپو پھريون: پاران سنگم پبليڪيشنس اپريل 1989ع
ڇاپو ٻيون (ڊجيٽل): پاران تاجل بيوس اڪيڊمي سيپٽمبر 2024ع
پرنٽر: واحد آرٽ پريس

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2024

SURJENDAR SANHEN JAA
(Collection of Peoms)
Poet: TAJAL BEWAS
Compiled by: Karam Ellahi Channa
Composing & Page Making: Sangam Publication, Sachal Goth, Karachi
Phone: 0345-2225458
Printer: Wahid Art Press
First Edition by: Sangam Publication: April 1989
Second Edition(Digital) by: Tajal Bewas Academy: Sep 2024

ارپنا

جيجل ماءُ، مٺڙي امر
“پناھہ خاتونءَ” جي نالي،
جنھن کير، ڀت کارائي، وڏو ڪرڻ سان گڏ، اسان ٻن ڀيڻ-ڀاءُ، مان ۽ بصر خاتونءَ کي ساڻ ڪري سنڌو-جل ۾ مڃتا طور ڪُٽيءَ جون مٺيون اُڇلائي، سنڌي هجڻ جو پھريون سبق ڏنو.

تاجل بيوس

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر تاجل بيوس جي شاعريءَ جو مجموعو ”سرجيندڙ ساڻيھہ جا“ اوهان اڳيان پيش آهي.
ھي ڪتاب تاجل بيوس جي چونڊ 500 بيتن جو مجموعو آهي. تاجل بيوس جي شاعريء جو محور سنڌ. سنڌ جا کيت. سنڌ جا واهڻ ۽ وستيون، سنڌ جون موسمون، سنڌ جا جهر جهنگ رھيا آھن. ھن ڪتاب ۾ تاجل بيوس جا شاھہ لطيف جي رسالي جي 12 سُرن سميت ڪل 14 موضوعن تي 500 بيت شامل آھن.
ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1989ع ۾ سنگم پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون تاجل بيوس جي فرزند ۽ تاجل بيوس اڪيڊميءَ جي سرواڻ سليم تاج جا، جنھن ھي ڪتاب سنگم پبليڪيشن جي سرواڻ ڪرم الاھي چنا جي مدد سان نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

ادارہ سنگم پبليڪيشنس جو 25 نمبر ڪتاب “سرجيندڙ ساڻيھہ جا” حاضر آهي. هيءُ ڪتاب سنڌ جي مشھور ۽ مقبول عوامي شاعر، سائين تاجل بيوس جي چونڊ 500 بيتن جو مجموعو آهي.
هنن بيتن ۾ تاجل، فطرت ۽ ساڻيھہ جي هر چرندڙ پرندڙ ڪردار سان سچ ۽ سياڻپ ڀريون ڪچھريون ڪيون آهن ۽ پڻ، جيون جي فلسفي ۽ جديد ادب بابت انقلابي قدرن جو ڀرپور نموني اظھار ڪيو آهي.
هن کان اڳ تاجل بيوس جا ٻہ ڪتاب “جڏهن ڀونء بڻي” (شاعري) ۽ “انبن جهليو ٻور” (شاعراڻو نثر) هن ئي اداري طرفان ڇپجي چڪا آهن جيڪي تمام گهڻو پسند ڪيا ويا ۽ “انبن جهليو ٻور” جو هڪ سال اندر ٻيو ايڊيشن ڇاپڻو پيو.
وڌيڪ ته، هن پروگرام تحت اسان کي تاجل بيوس جا في الحال 2000 بيت ڇاپڻا آهن. انھن مان 500 بيت هن ڪتاب ۾ ڏنل آهن، جڏهن تہ باقي 1500 ڏاهپ ڀريا بيت جلد ئي پيش ڪيا ويندا.

چڱو ساٿ سلامت
سڪ مان

ڪرم الاهي چنا
آڪٽوبر 1985ع

تاجل بيوس

سنڌوءَ سامائي- سرجيو بوتو سنڌ مان
ڀڳي ڪايا “ڪين” جي، آدم جي آئي
مارڳ موکائي، سڳر وتوسين سنڌ جو

*
سڀان ٿيندين سنرو، دادلا درياھہ!
سائي ٿيندي سنڌڙي، سرها ٿيندا ساھہ
ميان! ٻارهين ماھہ- پوندءِ ڪن ڪپار ۾.

*
دانھن ڪري درياھہ- ويو گذاري راتڙي
سڪو پاڻي سر جو، گذر جت گناھہ
ميهر پنھنجو ماھہ- آڇي آسارن کي

*
درياءَ ڪئي دانھن- پسي وڍ وڻن ۾
“ڪير منھنجو ڪنڌ آ، ٻيلو منھنجي ٻانھن”
ڪلھا جهنجا ڪانھن- آءُ تہ پسون ان کي

*
نہ دنگيون، نہ درياءُ- نہ سي ماڻهو ماڳ جا
ناهي ڪنھن نگر ۾، جوڀن کي جٽاءُ
ويو لٽي واءُ- پيرا پاڻيارين جا

*

ڌوڌا! ڌمڻ ڇوڙ- اڱر پاءِ مَ آڳ ۾
ڳهلا! انھيءَ ڳن جا، ٽوڙها مڙئي ٽوڙ
لوچڻ ڌاران لوھہ ۾، پاڻي ڪين ولوڙ
جوڙ اُها ئي جوڙ- جيئن لهس نہ اچي لوھہ کي

*
ڌوڌا! ڪر ڌيان- لوچ نہ لاؤن آسري
آڻي اڱر ڪانڊئان، دلبر! ڀر دڪان
تہ ان پر ٿئي آسان- لوچڻ تنھنجو لوھہ ۾

*
ڌوڌا دکاڻي! لوچ ۾ لاون آسري
وجھہ ڪي اڱر اڳ ۾، سچا سڃاڻي
ڪنن- ڪر ڪونار ۾، پرٽي وجھہ پاڻي
هٿوڙو هاڻي- ڪڍ وهائي ڪير تي

*

آکيرو ارواح جو: تاجل بيوس

ٽيگور چيو آهي تہ ادب تخليق ڪرڻ ذرا ڏکيرو ڪم آهي. هو چوي ٿو: “سچ ۽ حسن جي ڳولھا لاءِ سڀ کان اول “انائيت” (مان) جي خول مان ٻاهر نڪرو، مکڙيءَ جيان مرڪي گل بڻجڻ تائين واري منزل طئي ڪيو ۽ پوءِ ڏسو ته، ھوا، روشني ۽ پاڻي ڪيترا وڻندڙ، لطيف ۽ اُجرا ٿا لڳن.”
ٽيگور جي مٿين پرک سندس بالغ شاعريءَ تائين رسڻ کان پوءِ جو فيصلو آهي. اهڙو اظھار هڪ اُھو شاعر يا اديب ئي ڪري سگهي ٿو، جنھن زندگيءَ جي رازن ۽ رمزن کي ڀليءَ ڀت پرکي ورتو هجي، جنھن کي عظيم فن تخليق ڪرڻ جو گس ملي ويو هجي، جنھن جي ذهن ۽ شعور تي ماڻهوءَ جي حسن جو پورو پورو قبضو هجي، جنھن وٽ پختو يقين هجي تہ ساز ۽ آواز جي لئي تي ڪنھن ڏاتارجي سر وڍي اچڻ کان بهتر آهي، ان ساز ۽ آواز جي مشق تي ڪنھن جسم ۾ رت جا ٻه- چار ڦڙا پيدا ڪرڻ. جيڪڏهن ائين نہ هجي ها تہ پوءِ يونان جو فلسفي ارسطو، شاعر کي تاريخدان کان ڪڏهن بہ مٿاهين حيثيت جو مالڪ نہ سڏي ها، جنھن چيو آهي تہ شاعري آفاقي حقيقتن جي سچي اپٽار آهي ۽ تاريخ ڪن خاص ۽ گهڻي ڀاڱي غير جمھوري صداقتن سان واسطو رکي ٿي. تاريخ گذريل واقعن ۽ حالتن تان پردو هٽائي، انھن واقعن ۽ حالتن کي پيش ڪري ٿي. پر شاعر هڪ اهڙي دنيا کي تخليق ڪرڻ ۾ سرگردان رهي ٿو، جتي امن ۽ سچ جو واهپو هجي. جنھن جي سر فلپ سڊنيءَ بہ تصديق ڪئي آهي. ان چيو آهي تہ شاعر هڪ اهڙو تخليقار آهي جيڪو هڪ نئين فطرت کي ويھي جوڙي ٿو. جيڪڏهن ائين نہ هجي ها تہ پوءِ عيسوي سن جي شروعات کان اٺ سال اڳ لاڏاڻو ڪري ويندڙ روم جو رهاڪو، مھان ڪوي، هوريس “ادب برائي زندگي” جو ڪڏهن بہ هوڪو ڪين ڏئي ها، جنھن پڌرنامي جي تصديق ٻن هزارن سالن کان پوءِ عيسوي اُڻويھين صدي جي آخر ۾ ٽالسٽاءِ اچي ڪئي. شاعريءَ جي بلندين ۽ آفاديت کي پرکي، قديم يونانين، شاعريءَ کي مڙني علمن ۾ مٿاهون درجو ڏنو، ايتري قدر جو هنن شاعرن کي ديوتائن جو درجو ڏئي ڇڏيو. ورڊ سورٿ شاعريءَ کي سڀني علمن جو روح ڪوٺيو، تہ وري فلپ سڊنيءَ کيس علمن جو بادشاھہ ڪري سڏيو آهي، جنھن ۾ شاعر نہ فقط رستو ٿو ڏيکاري مگر رستي آسپاس وارو ماحول ۽ دلڪش منظر بہ ڏيکاريندو ٿو هلي، جيئن منزل تائين رسڻ لاءِ شوق، ڪشش ۽ دلبري پيدا ٿئي. جيڪڏهن منزل ڏانھن ويندي، اسان جو رستو ڪنھن انگورن جي باغ مان ٿو گذري، تہ سڀ کان پھريائين شاعر اسان کي انگورن جا ڇڳا ٿو آڇي، جيئن انگورن جو سواد وٺي اسان اڳتي وڌي سگهون. ماحول ۽ ڏاهپ جي ڳالھہ ڪري ميٿيو آرنلڊ ڄڻ تہ سڊنيءَ جي پٺڀرائي ڪئي آهي. مختلف وقتن ۾ شاعر کي، انسان ۽ انسان جي زندگيءَ جي جنھن بہ رخ متاثر ڪيو آهي تہ هن خالق (شاعر) ان رخ کي ڀرپور طريقي سان شاعريءَ ذريعي پئي عام ڪيو آهي. اٽليءَ جي رهاڪو ڪروچي کي جماليات وارو روپ وڻي ويو، جنھن کيس وڌ ۾ وڌ متاثر ڪيو. ورڊ سورٿ، ٽالسٽاءِ ڊانٽي ڳوٺاڻي ماحول ۽ ڳوٺاڻي زندگي کي ترجيح ڏني.
هتي اسان کي مٿئين بحث ۾ ٽنگ اٽڪائڻي ڪانھي. وقت ۽ ماحول جي تقاضائن مطابق شاعرن شاعريءَ جي گهڻ- پاسائين حقيقتن جي پئي وضاحت ڪئي آهي. شاعر حساس آهي، ان ڪري شاعريءَ ذريعي سندس احساس ۽ جذبن جي هر دؤر ۾ پئي ارتقا ٿي آهي. مگر موٽڻ پاڻ کي وري بہ ساڳئي مرڪزي نڪتي تي اچڻو پوندو تہ شاعر تخليق ذريعي زندگيءَ کي حسين بڻائڻ ۽ منجهس چرپر ۽ تازگي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪهڙو گس ورتو آهي. جنھن لاءِ ڪڏهن ورڊ سورٿ، ايملي، سارتر، ايليٽ، گورڪي، ڪيٽس، پشڪن جا نالا وٺڻا ٿا پون تہ ڪڏهن ٻہ اڍائي هزار سال ماضيءَ ۾ ٽٻي هڻي انساني جذبن جي اظھار جا سھڻا ۽ لاجواب مثال يونان ۽ روم جي ڄاين ارسطو، سقراط، افلاطون ۽ هوريس کان طلب ڪرڻا ٿا پون.
عظيم ۽ ڪارائتي ادب جو اهو ڪافي ثبوت آهي جو اسين اهڙي ادب ذريعي اڃا سوڌو ماضيءَ سان ڳنڍيل هجون ٿا. قديم يونانين جو شعور اڄوڪي شعور جي ڀيٽ ۾ ڪچڙو آهي، پر پوءِ بہ سندن تخليق ڪيل فن ۽ ادب ايڏو تہ حسين ۽ موهيندڙ آهي جو پڙهڻ سان ۽ ڏسڻ سان اسان کان ڇرڪ نڪريو وڃي، جنھن جو خاص سبب اهو وڃي ٿيندو تہ وقت جي تبديليءَ ڪري ادب ۽ شاعريءَ جا فقط قدر مٽيل آهن باقي مجموعي طور مرڪزي نڪتو ساڳيو ئي آهي.
شاعريءَ ۾ علامتن ۽ اشارن کي استعمال ڪرڻ ڪا نئين ڳالھہ ڪانھي. مون بہ هن ڪتاب ۾ آيل شاعريءَ ۾ ڪافي حد تائين علامتن ۽ اشارن کان ڪم ورتو آهي. انسان ۽ فطرت ٻہ اهي وٿون آهن جن کي هڪ ٻئي کان ڇني ڌار ڪرڻ ويساھہ گهاتي ۽ اخلاقي گناھہ ٿو سمجهان. فطرت مان منھنجي مراد وڻ، ٻوٽا، پکي، جانور، درياءَ، آبشار، سمنڊ، لھرون، بادل، چنڊ، ستارا، سج ۽ پھاڙ وغيرہ آهن، ڇو تہ انسان ۽ فطرت ۾ سواءِ شعور ۽ جبلت جي ٻيو ڪو خاص فرق مون کي نظر ئي ڪو نہ ايندو آهي. شاعريءَ ۾، خاص ڪري هن ڪتاب ۾ آيل شاعريءَ ۾ مون علامتن کان ڪم ورتو آهي، جنھن جا خاص سبب وقت ۽ ماحول جو احترام ۽ شاعراڻي اک جو مشاهدو ۽ ڪجھہ زندگيءَ جا تجربا ٿي سگهن ٿا.
ڪڏهن ڪڏهن حدبندين ۽ نڪتل لڪيرن جي مجبوريءَ کان سچ ۽ سونھن جو اظھار علامتن ذريعي بہ ڪيو آهي، جو مون بہ ڪيو آهي. پر هروڀرو ايڏي مجبوري بہ ڪانھي ڇو تہ فطرت جو مشاهدو ۽ مطالعو علامتي شاعريءَ جو هر جواز پيدا ڪري ڏيڻ لاءِ مون لاءِ هر دفعي اڳرو ۽ اڳواڻ رهيو آهي. مون جڏهن بہ ڪنھن وڻ ڏانھن گهوري ڏٺو آهي، ڪنڀر جو ڦرندڙ چڪ ڏٺو آهي يا اڪ جي ڪاٺيءَ کي ٻہ ٽڪرا ڪري جائزو ورتو آهي، تہ منھنجي ذهن ۽ شعور ۾ علامتن ۽ سندن انيڪ عڪسن پئي واسو ڪيو آهي. ڪنھن پپر مان ڇڻندڙ پِيلي پن تي ويھي سوچيو تہ زندگيءَ جي حوالي سان ڪيترائي نتيجا نڪري ايندا. سندس جهري پوڻ جو اسان هي نتيجو بہ ڪڍي سگهون ٿا تہ پنھنجي جياپي لاءِ خوراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ پنن کي ٽارين يا ٿڙن جو محتاج ٿيڻو ٿو پوي. سندس واسطو سڌو سنئون ڌرتيءَ سان هجي ها تہ پن کي هوند نہ پنھنجي برادريءَ کان ڇڄي ڌار ٿيڻو پوي ها ۽ نہ ڦيراٽين جو ئي شڪار ٿئي ها.
مون ڏيڏرن ۽ نانگن سان بہ ڳالھيون ڪيون آهن. چنڊولن ۽ چتن سان ڪچھريون ڪيون آهن. پر سوچيو تہ اهي ڪچھريون ۽ ڳالھيون تنھنجون ۽ منھنجون نڪري پونديون.
شاعر جو نقاد هجڻ بہ ايترو ئي لازمي آهي جيترو سندس شاعر هجڻ. مون ادب جا ٿورا گهڻا تنقيدي جائزا پڙهيا آهن ۽ نقاد کي جذبات ۽ ذاتيات جي وهڪري ۾ وهي وڃڻ کان وٺي کيس حقيقت پسندي ۽ ڏاهپ ڀرين تنقيدن تائين ڏٺو آهي. ڪڏهن تہ نقاد جي گھري مشاهدي ۽ تجربي کي پڙهي مون کي پنھنجن ذاتي اوڻاين، اڌوگابيري مشاهدي ۽ غير ادبي جائزي تي ڦڪو ٿيڻو پوندو آهي ۽ ان وقت لطيف سھڻي جي لفظن “آڇيندي لڄ مران” کي ياد ڪندي، ڪنڌ جهڪائي ڇڏيندو آهيان. پر ڪي تنقيدون اهڙيون بہ نظر مان گذريون آهن جن کي پڙهي پاڻمرادو کلي ڏيندو آهيان ۽ چوڻو پوندو تہ نقاد لاءِ انسان ۽ فطرت جو اونھو مشاهدو ۽ اڀياس بہ اوترو ئي ضروري آهي جيترو شاعر لاءِ- شاعر رڳو تخليق ڪار آهي. نقاد کي تخليق جو تخليق ڪار بڻجڻو آهي. جيڪڏهن ڪنھن شاعر صبوح جو پسار ڪندي ڪنھن ڍنڍ جو نظارو ڏٺو آهي. ڍنڍ جي پاسن کان هوا ۾ نيلوفر جي گلن کي رقص ڪندي ڏٺو آهي. اُجري ۽ نيري پاڻيءَ تي پکين کي لھندو ڏٺو آهي ۽ اتان هڪ شرميلي ڳوٺاڻيءَ کي پاچا مٿي ڪندي لنگهندي ڏٺو آهي ۽ اهو سڄو منظر پنھنجي نظم ۾ ويھي چٽيو اٿس. تہ پوءِ اُن نظم تي تنقيدي اصولن ۽ ادبي قدرن کان واقف هئڻ گهرجي پر اهڙي منظر جو کيس بہ مشاهدو هئڻ گهرجي. ٻيءَ صورت ۾ ان نقاد لاءِ تنقيد ڪرڻ ڪچائي ۽ ڦڪائي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. سندس اک بہ ايتري ئي تيز ۽ جاذب هئڻ گهرجي جيتري ان شاعر جي. ٻيءَ صورت ۾ تارازيءَ جا پڙ هيٺ مٿي ٿي پوندا. شاعر جي ادبي وکر جو قدر ۽ قيمت ناانصافيءَ جو شڪار ٿي ويندو. منھنجو اهو مقصد ڪڏهن بہ نہ آهي ڪو هرون ڀرون مشاهدو ئي شاعر کي عظمت جي بلندين تائين وٺي وڃڻ لاءِ ڪافي آهي. مشاهدن جي تلاءَ تي لازمي طور اسان کي مطالعي ۽ تجربن جا بہ وڻ پوکڻا پوندا.
مون ڪيترن شاعرن وٽ تخليق جي ڏات ۽ ڏانءَ جا وٽا، تہ ڪيترن وٽ مٽ ڀريل ڏٺا آهن، پر ڪنھن ڪنھن جو ذهن ۽ شعور هماليي جي آبشارن ۽ لڪيءَ جي چشمن وانگر بہ ڀاسيو آهي، جنھن جي تخليق واري ٿانءَ ۾ زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين بہ شعر ڇلڪيندو نظر آيو آهي. مون ڏٺو آهي تہ شاعر اهڙي موڙ تي بہ پھچي ٿو جڏهن شاعري ۽ ڏات جي ماءُ سنڍ ٿيو وڃي.
نہ رڳو ايترو پر مون اهو بہ پروڙيو آهي تہ سنڌ- ڌرتيءَ تي ڪي اهڙا شاعر بہ پيدا ٿيا آهن جيڪي جيئن پوڙها ۽ جهور ٿيڻ لڳا آهن تيئن سندن شاعري ۾ موکيءَ جي مٽن وارو خمر ۽ لالائي پئي پيدا ٿي آهي.
لطيف سھڻي جي بيتن بابت هڪ ٺوس راءِ قائم ٿيل آهي تہ سندس بيت ٻڌڻ وقت موسيقيت جي اثر ڪري گهڻو ڪري هر پڙهيل توڙي اڻ- پڙهيل کي ڪنڌ ڌوئيندي ڏٺو ويندو آهي. هارمونيم جي سبقتن تي آڱريون هلائيندي آءُ ان ڪنڌ ڌوئائيندڙ حقيقت کي ڳولھي لھڻ جي ڪوشش ۾ هن حقيقت تي پھتو آهيان تہ لطيف جي شاعريءَ جو تاڃي- پيٽو ۽ بنياد موسيقيءَ جي ستن سرن تي ئي ٻڌل آهي جنھن جي هر هڪ پد ۾ سرگم جا ست ئي سر ڪتب آيل آهن ۽ ڪٿي ڪٿي مٿين “سا” بہ اچيو ملي ۽ ستن مان اٺ سر بہ ٿيو پون ۽ ٻنھي پدن يعني هڪ سٽ ۾ سرگم جا چوڏهن يا سورنھن سر اچيو وڃن ۽ اهڙيءَ طرح آروهي ۽ امروهي واري سرگم جي هڪ چڪر ۾ موسيقي جا چوڏهن يا سورنھن ئي سر پورا ٿيو وڃن ۽ بيت ٻڌندي موسيقيءَ جي ليءَ تال کان ڪنڌ ۾ پاڻمرادو هلچل ۽ کاٻي ساڄي چرپر پيدا ٿيو پوي. ائين جيئن مھان موسيقار نوشاد جي نغمن ٻڌڻ وقت اسان جا ڪنڌ رقص ڪرڻ لڳندا آهن. اهو اسان لاءِ ڪافي جواز آهي تہ اسان لطيف کي هڪ عظيم شاعر کان سواءِ عظيم موسيقار بہ سڏي سگهون ٿا. دنيا جو ڪو بہ اهڙو شاعر ڪونھي جنھن سرگم جي سرن کي شاعريءَ ۾ سمايو هجي ان لاءِ هڪ ٻہ مثال هيٺ پيش ٿو ڪيان:
وطن ريءَ ويھي- جي مون گهاريا ڏينھڙا
و ط ن ري ءَ وي هي ست ماترائون
سا ري گ م پ ڌ ني ست ماترائون
جي مون گها ريا ڏين هنـ ڙا
ني ڌي پ م گ ري سا

گورا وڃن گام- ڏيرن سندي ڏيھہ تي
گو را و ڃ ن گ م
سا ري گ م پ ڌ ني
ڏي رن سن دي ڏي ھہ تي
ني ڌ پ م گ ري سا

نہ رڳو بيتن ۾ پر واين جي بہ ساڳي ئي جوڙجڪ آهي.

تڙ نھاريان تي.
ت ڙ ن ها ر يان تي
سا ري گ م پ ڌ ني

ڪنڌي ساريان ڪانہ.
ڪن ڌي سا ر يان ڪا نہ
سا ري گ م پ ڌ ني

مان ڪو راڳداريءَ جو ماهر ناهيان. مون کي لطيف جا بيت جهونگاريندي، بس اها ڏاھہ ۽ ڏس مليو آهي جيڪو لطيف جي پڙهندڙن تائين پھچايان ٿو تہ جيئن مٿس وڌ ۾ وڌ کوجنا ڪري، ڪن ٺوس نتيجن تي پھچجي. مان ڪنھن بہ طرح پنھنجي راءِ ٻئي تي مڙهڻ جو قائل ناهيان.
“سرجيندڙ ساڻيھہ جا” ۾ پنج سؤ بيت آيل آهن جنھن جي سنگم پبليڪيشنس جي جند جان ڪرم الاهي چنا اڳ ئي اعلان ڪري چڪو آهي. ان کان سواءِ مون وٽ شاعريءَ جي ٻن وڌيڪ ڪتابن جيترو مواد اڃا بہ تيار آهي جنھن کي سھيڙي ۽ سانڍي رکيو اٿم، جن ۾ بيت، وايون، گيت، غزل، ڪافيون، پابند ۽ آزاد نظمون شامل آهن. موڪلاڻي ڪانھي.

تاجل بيوس
B-4 قمر اپارٽمينٽس بلاڪ-3
گلشن اقبال، ڪراچي سنڌ.

سر سرجيندڙ ساڻيھہ جا

(1)
سنبر سريگر! ڪري ڪارب ڪڇ ۾
مٽي هن مھاڳ جي، جرڪائي آجر
سرجي من ڪاسر- جا پاهڻ کي پرزا ڪري

(2)
سريگر سنبريو- ڪري ڪارب ڪڇ ۾
پوڄارو پيٽ جو، چيڪيءَ ڪيو چريو
جڏهن کير کريو- ٿو واريءَ وڇاڻا ڪري

(3)
سريگر سرون- ايندي ئي اکيليون
ڀڄي پيس ڀرون- پسي سگهہ سرن جي

(4)
اچي اکيليون- سريگر صبوح جو
سرون سريگر جون، ڀري پيون ڀيليون
سرون سچيليون- سرجن تان سرهي ٿيان

(5)
چارن ائين چيو- آهي سگهہ سرن جي
ڪن ڏنو مان مٽيءَ کي، ڪو پاڻيءَ تي پڏيو
ايءُ هٿن ڪم ڪيو- تڏهن ويئي ڀت بڻياد تي



(6)
چاري ٿا چون- آهي سگهہ سرن جي
ڪن ڀانيو مھت مٽيءَ جو، ڪي پاڻيءَ تي پڏن
ايءُ ڪيو ڪم هٿن- تڏهن ويئي ڀت ڀڻياد تي

(7)
کٽي! ڪيئن کري- ڪايا تنھنجي ڪن جي؟
ٻيڻي باھہ ٻري- يا وکر پاتئي وترو؟

(8)
کري ڇو نہ کٽي! ڪايا تنھنجي ڪن جي
تنھنجي ساري تر ۾، هئي هڪ- هٽي
چڱو جو چٽي- پئي اٿئي پاڻ مان

(9)
چوءُ تو ڪيئن کٽي! کاري ڪايا ڪن جي
ڳنن ڀڳل داٻڙا، ڀورا آھہ بٺي
منھنجي ڏات ڏڪي، تنھنجو پسي تڪيو

(10)
ڪيئن کري پيو ڪن- کٽي تنھنجي کنڀ جو؟
پاسن کان پورو هيو، يا تر ۾ پيس تن
سچو رک سخن- تہ ڪڏهن ڪاڻيارو نہ ٿئين


(11)
ڌوٻي! اهڙا ڌوءِ- ميرا منھنجا ڪپڙا
کوليان لڳن کير جيان، اهڙا اُجرا هوءِ
ڏس تہ پرين پوءِ- ڪيئن پسن ٿا پاڻ ۾

(12)
کنڀي ڏي کٽي! ڪلف لڳائي ڪپڙا
ملان محبوبن سان، وڃي راند رچي
پون من پرچي- کٽي! تنھنجي کيڏ تي

(13)
کنڀيئي ڇو کٽي! ڪلف لڳائي ڪپڙا
جن جي پريت پڪي- تن کي ڪاڻ نہ ڪن جي

(14)
وڃ نہ، ويھہ ميان! اوٺي! ڇوڙ نہ اُٺ کي
ٽپيو هن ٽڪر کان، ناهي سج اڃان
ماني کاءُ متان- بکيو وڃين ڀائڙا!

(15)
وڃ نہ، ميان ويھہ- ڏوٿي! هن ڏهر ۾
ٽڙيون آهن ٽاريون، ڏس تہ منھنجو ڏيھہ
پانھنجن وانگي پيھہ- ڇنڊ نہ پير ڇپر ۾



(16)
وڃ نہ، ويھي رھہ- اوري آڻ اُٺن کي
ڏوٿي! هن ڏهر ۾، لاڏن سوڌو لھہ
ڪا تہ ميان! ڪھہ- اوٺي! ڳالھہ اندر جي

(17)
ويھہ نہ، ميان! وڌ- وائي ڇڏ ورڻ جي
پانڌي! تنھنجي پنڌ جو، اڃان آهي اڌ
ڪڇي قابو ٻڌ- سٻر سندرو چيلھہ سان

(18)
ويھہ تہ لکي ڏيانءِ- تازا بيت بھار جا
ڀري صراحيون سچ جون، عطر جيئن اوتيانءِ
واسي پيو واسيانءِ، رھہ اسان وٽ راتڙي

(19)
وايون، بيت لکان- سڄڻ ۽ ساڻيھہ تي
سڳنڌ ۽ سرهاڻ کي، ڳولھي گڏ ڪيان
کڙي ساري کيٽ تي، چمڪان چنڊ جيان
اُٿان يا ويھان- وٺان نانءُ وطن جو

(20)
وجهہ نہ رلھي کٽ تي، ڀاڳل منھنجي ڀيڻ!
سڀئي وهندا واڻ تي، ننڍا، وڏا سيڻ
نجهريل ڏس نہ نيڻ- ڏس اسان جي ڏيل ۾

(21)
اجهو ٿو اچان- ڇر مان ڪاهي ڇيلڙا
ويھہ هلي هن جاءِ ۾، موٽيو آن متان
آيو آن جتان- مون کي سڀ معلوم آ

(22)
ادا! ڪر خبر- خوش آهين، ٻيو خير آ؟
اسان کي احوال ڏي، لائي زير زبر
ڏٺئي ڪٿي ڏيھہ ۾، ڪينگر ڪنن ڪر؟
جي هئا سڀ سکر- تہ ڇو نہ وهين ٿو وچ ۾؟

(23)
ماني ٿي وجهان- ڏٺم اُٺ ڏهر ۾
تون وجهہ رلي کٽ تي، آءُ ڦريو ٿي ڏيان
عطر ٿي اوتيان- وڻجارن جي واٽ تي

(24)
وجهان ٿي ماني- ڏٺم اُٺ ڏهر ۾
تون چوءُ ان کي ڀائڙو، آءُ ٻائي ۽ ٻانھي
ڏاگهي کي ڏيھہ جي ڳچيءَ ۾ ڳاني
ميان! مزماني- ڪر تہ ڪاڻيارو نہ ٿئين

(25)
بکيو آهين ڀاءُ! لکيم تنھنجيءَ لوڏ مان
رکي سکي مانڙي، کڻي اچان، کاءُ
اُٺن سوڌو آءُ- ڏوٿي هن ڏهر ۾


(26)
بکايل آهين- لکيم تنھنجيءَ لوڏ مان
ڇو نہ ڪجاوا ڪا گهڙي، ٿو لاڏن تان لاهين
اسان مان آهين- وھہ تہ، وجهان مانڙي

(27)
نيرانا آهين- مکي ڏئين مانڙي
وڃڻو ڦيري وچ تي، پگهر سڪائين
ڪلئي آهن ڪامڙيا، ٿا پتن پڇائين
پراوا ناهين- ڏوٿي آهن ڏيھہ جا

(28)
وجهان ٿي ماني- آجو ٿيءُ اُٺن مان
آڻيم تنھنجي اُٺ جي، ڳچي جي ڳاني
لکي تنھنجي لوڏ کي “جيءُ چيم جاني”
مين مزماني- آءُ پڻ ڪندس ايتري

(29)
اڱڻ ٻھاري- ويٺي تڪيم واٽڙي
ڀلي آئين ڀائڙا! ڪرها قطاري
ويھہ کلي هن کٽ تي، بتيءَ کي ٻاري
ڪاٺين کي ڏاري- وجهي وٺان ٿي مانڙي


(30)
پچائي پلو- ويٺي تڪيم واٽڙي
نميس جيئن نار تي، ڪري پيو ڇلو
مون سان گڏ هلو- تہ ڇلو ڳولھيون ڇوريون!

(31)
پلو پچائي- ويٺي تڪيم واٽڙي
نئون ڇلو نيسر ۾، وڌم ڪيرائي
ڇڏيو واهيءَ شام جو، لاشڪ لڪائي
آهڏ الائي! ڪيو گم ڪو نار ۾

(32)
اگر ٻاريم آءُ- ويھہ تہ وجهان مانڙي
ناهي ڪنھن ننگر ۾، جوڀن کي جٽاءُ
وريو اتر واءُ- رھہ اسان وٽ راتڙي

(33)
وکر ٿا وٺن- وجهي ونگ اُٺن کي
سيڌي ۽ سرهاڻ جون، ڳنڍيون ٿا ٻڌن
اِجهو ٿا اُسھن- کڻي بار ڀنڀور مان

(34)
اوٺي ٿا اچن- لاهيون بار ڀنڀور ۾
ناهن مٽ پنھونءَ جا، ڏوٿي ٿا ڏسجن
ڪورا مٿان ڪلھن جي، انگوڇا اٿن
وري ٿا وڃن- سينگاريا ساڻيھہ ڏي

(35)
هاڻي لاٿو ٿن- اچي بار اُٺن تان
پوڄان ٿي سر- چوٽئين، آيل! کي اُٺن
تون پڻ اچي تن- اور اندر جي ڳالھڙي

(36)
اچن ٿا اوٺار- لاهيون بار ڀنڀور ۾
اٿن صفا اُجرا، پنھنجن وارا پار
ڪٿان ڪنھن پنھونءَ کي، کڻندا ڪين کٽيار
هل تہ پوئي هار- وجهون ڪنھن وڻجار کي

(37)
چاڪيءَ ڏني جا- تانگهہ ملائي تيل ۾
سچ تہ اُن سرهاڻ ۾ ڪس نہ آهي ڪا
لسان پر اُها- ڪيري ڇڏي ڪن ۾

(38)
چاڪيءَ توکي ڇو؟ طلب نہ آهي تيل جي
پيڙهي ڪنھن بہ پاٽ کي، تيل نہ ڪڍيو تو
سڻڀو ناهي سو- جنھن ڇڏي هاج هٿن جي

(39)
چاڪي! ڇو تو کي- طلب نہ آهي تيل جي؟
هاري ڪو هن جوءِ جو، پوک نہ ٿو پوکي
سگهو وٺ سوچي- تہ ڪيون سرهو ساٿ کي


(40)
چاڪي! چؤُ تون ڇو؟ لاڙيو ناهي لٺ کي
گهاڻي کي گهڻا لڳا، ڏهون ماھہ ڏٺو
تيلي! ڇا کئون تو! طلب ڦٽي ڪئي تيل جي؟

(41)
چاڪي! ڇاکئون تون! لاڙين نٿو لٺ کي؟
گهاڻي کي گهڻا لڳا، ڏٺو ماھہ ڏهون
ميان! اڄ بہ مون- سرهو ڪيو نہ سينڌ کي

(42)
چاڪي! وٺ چوڻ- تہ ڪيان سڻڀو سينڌ کي
هيءُ پڻ تيل حوس جو، کرو ناهي کڻ
ماکيءَ ساڻ مکڻ- گڏ تہ ٿيون گوشائتا

(43)
چوڻ وٺ چاڪي! مھابي محبوب جي
سرهو ڏيج سرنھن جو، عرق اوشاڪي!
اسان اوطاقي آهيون تنھنجي آسري

(44)
جهٽ ڪري جهرڪي! ڪر چوڻي کي چھنب ۾
اچڻو آ اِن جاءِ کان، باز ڏئي ڀڙڪي
کجي جي کڙڪي- پوءِ نہ پسندينءَ پوک کي


(45)
جهرڪيون! ڏيو نہ جهٽ- اَن چڳو آرام سان
ورجيس ۽ وڻج جا، کوليا اٿم هٽ
هي پڻ مٺا مٽ- پي اُجهايو اڃ کي

(46)
جهرڪيون! جهٽ ڪري- ڪڻا چڳو ڪيچ مان
سڀڪا لڏي سنگ تي، پنھنجو پيٽ ڀري
متان باز وري- پوءِ نہ پسو پوک کي

(47)
جهرڪيون! ڪري جهٽ- ڪڻا چڳو ڪيچ مان
ايندو باز اُتامرو، پريون ڏيئي پٽ
ڇپر ڀانيو ڇٽ- جالاريءَ هن جوءِ کي

(48)
جهل، نہ جهار هڪل- وجهہ کانڀاڻي کڏ ۾
ڪھڙي حرف حساب ۾، اُڏارين ٿو ال
ڪرين ڇو نہ ڪھل- پرديسن جي پريت تي

(49)
جهل، نہ هڪل جهار- کڻ نہ ڳوڙهو هٿ ۾
پڪي انھيءَ پوک تان، آسارا نہ اُڏار
کاءِ نہ ايڏي کار- پرديسين جي پريت تي

(50)
آيا اٿئي ال- ڪڻا چڳڻ ڪيچ مان
هي پڻ ٿئي هن جوءَ جا، هوريان ڏي هڪل
اِهي سنگ پڪل- آڇ تہ آگاهي ٿيئن

(51)
جوئر تي جهارا- هر ڪنھن ڳوڙهو هٿ ۾
ٻُوريءَ مٿان ٻَوڙيون، ڳچ ڏين ڳارا
جوڙي ويٺيون جوءِ ۾، ماکيون مانارا
وهين جا وارا- هل پسون، هن پوک تي

(52)
لاب پيا لاهين- هر ڪنھن ڏاٽو هٿ ۾
ول کڻي واندا ٿيا، ڳاھہ پيا ڳاهين
اڃان اِت آهين- تہ لڳن خوف خريف جو

(53)
کري توڙي کَسَ- پوءِ بہ آهن پوک ۾
آسارا اُٿي پيا، ٻڌي ڪڪڙن دس
منھن ڌوتائون مس- تہ لڳن خوف خريف جو

(54)
هارين جي هلچل- ماٺ وٺائي موت کي
اُتت انقلاب جي، آندائون- اول
ٻانھن واري ٻل- اُڪريا ڪُن اتاھہ جا

(55)
کاڄي پيو کيٽ- وڳر پس وڻڪار ۾
جھڙي بک بڊي ۾، تھڙو گذريو چيٽ
پسي پالھو پيٽ- منھنجو جيءُ جهري پيو

(56)
ٻاجهر تي ٻوهي- واھہ نظارو نار جو!
گِرؤون آنديون گل تي، مٽن ليءِ مون هي
کنئي ٿم کوهي- آءُ تہ ٻوڙيون ٻيلھڙا

(57)
آهي پوک پڪي- پر لکن لوساٽي گهڻو
ڪئي آهي ڪيتري، ڪلر پڻ ڪڪي
باقي جا بچي- بک وئي ٿي ڀيل جو

(58)
جوڳين ڪاٿي جاٽ- هر ڪنھن اُڻتڻ اَن جي
مرليءَ سندي موھہ تي، ڪو بہ نہ ٿيو ڪاٽ
وتائون سا واٽ- جنھن تي کوڙ کرن جا

(59)
هاڻي رکيو ٿم- سٻر چاڻو چڪ تي
سھڻي! تنھنجي سانگ جو، پرو جو پيم
اجھو ڄاڻ چٽيم- گهڙو اونچيءَ گهاڙ تي

(60)
ڪورو ڏي ڪنڀر! گهڙو اونچيءَ گهاڙ تي
سوين ٻوڙيون سھڻيون، جڏهن تڏهن جر
ٻڏي جيئن ٻيھر- ڪا، ڌيءُ نہ دريا شاھہ جي

(61)
ڪنڀر! ڏي ڪورو- گهڙو اونچيءَ گهاڙ تي
اٿئي ڏس انھيءَ ۾، ڀريئي جو ٻورو
پڪو، پر پورو- سو نہ گهر جي سير ۾.

(62)
آءُ تہ چٽي ڏيانءِ- گهڙو اونچيءَ گهاڙ تي
ميھر جي مھاڳ تي، پل ۾ پڄايانءِ
لھرون لنگهايانءِ- تکي هن طوفان مان

(63)
هر ڪا سھڻي هوءِ- هر ڪا سونھين سير ۾
ترن ۽ تڙڳن گهڻو، پوي نہ ڪائي پوءِ
واڪا ڪر نہ ووءِ! پڪو رکي پاڻ سان

(64)
الا! مون وٽ آءُ- تہ ڏيانءِ پڪو ڏيج ۾
سکاڻي سمھي پيا، وريو اُتر واءُ
منڌ مرندي ماءُ! نيزي چڙهندا ناکئا

(65)
وٺ نہ وسيلو- سگهاري ساڻيھہ ۾
پاڻي هن پتڻ جو، نار! اٿئي نيلو
هٽن جو حيلو- ڪر تہ اُڪرين ڪن مان

(66)
اسان وٽ نہ اچ- چرندو ڏسي چڪ کي
انا جي آويءَ ۾، پاڻان پئي پچ
سھڻي! ڪونھي سچ- دلي ۽ دڪان ۾

(67)
اسان وٽ نہ آءُ- ڪري سانگ سچي جو
ٻانھن واري ٻل تي، دکي لنگهہ درياءُ
سو ئي رک سڀاءُ- جيئن پسين منڌ! ميھار کي

(68)
دکي! ڀڃ دلو- ٻل سڃاڻي ٻانھن جو
اِنھيءَ ريت اٿاھہ جو، ڳولھين ڪيئن ڳلو؟
ڀوري! ڪربلو- تہ سھڻي! لنگهين سير مان

(69)
دلو ڀڃ دکي! ٻل سڃاڻي ٻانھن جو
ابتدائي ڪم اٿاھہ ۾، چکيئي جا چڪي
ڀوري، او بکي! ڪڍ نہ ڪاڻ ڪنڀار جي



(70)
سھڻي ٿي سنبري- منجهند جو ميھار ڏي
سيڻن جي سنگ کان، ڪري پاڻ پري
سا وينگس ڪيئين وري- جنھنجو من ميھار سان

(71)
گهڙي کان گهڻو- ٻل سوايو ٻانھن جو
هلو، هٿ هڻو- تہ سھڻيون! اُڪرو سير مان

(72)
گهڻو ناھہ گهڙو- ٻانھن واري ٻل کان
وڳو اسر ويل جو، چڙي تي چڙو
تون ڪيئن ڏئي ڪڙو- ستينءَ انھي سور ۾؟

(73)
وسيلو نہ وٺ- سگهاري ساڻيھہ ۾
هلائيج هٿن کي، هن ڀر ڇڏي هٺ
موڳي! گڏ م مٺ- ساڃھہ واري سون ۾

(74)
ڪنڀر سان ڪٽي- ڪري آيس ڪاڪيون!
وٺي گس گلال جو، گهمان ڪيئن گهٽي
منھنجي جا مٽي- گڏي پيو گمان ۾


(75)
ڪنڀر ڪالھہ کان- چوريو ناهي چڪ کي
پيس ڪل ڪچي جي، سرتيون سنجهي سان
اُتان پئي اچان- جت پڪا ٿي پرزا ٿيا

(76)
ڪنبي ٿو ڪنڀار- چاڻو رکندي چڪ تي
پيس سڌ سرير جي، جو گهڙي ڪيو گار
ساهڙ ۽ سھڻيءَ جو، ويٺو پڇي وار
سڀڪو سرجڻھار- پر ڪو ڪو هٿ ڪنڀار جو

(77)
ڪنڀر ڪالھہ جو- چاڻو رکيو چڪ تي
اصل اُن مٽيءَ ۾، من هو ميھر جو
چرين ٿي چيو- تہ سھڻي مئي سير ۾

(78)
وانجهين هيءُ ويساھہ- تہ سھڻي مئي سير ۾
اصل اُن مٽيءَ ۾، ميھر جو هو ماھہ
اڃان سھڻيءَ ساھہ- ثابت آهي سير ۾

(79)
ڪوري! اُهو ڪت- جو سچو ڦورو سٽ جو
سکر هن ساڻيھہ ۾، کري آ کپت
منھنجي اها ست- سڃ تہ موچارو ٿئين

(80)
ڪت اُهو ڪوري! جو سچو ڦورو سٽ جو
ڏکن جي ڏوري- چاڙھہ نہ مٿي چڪري

(81)
ڪت ائين ڪوري! جيئن پون سٽڪا ساھہ ۾
لڳي لالڻ يار جي، لونءَ لونءَ ۾ لوري
ڏکن جي ڏوري- اکيڙي ڇڏ اَئٽ تان

(82)
ڪھہ ميان، ڪوري! اور اندر جي ڳالھڙي
آڻي چاڙهيئي ائٽ تي، ڏکن جي ڏوري
پھي سچي پٽ جي، تو نہ ڪا توري
جيڻ جي جهوري- ڪر تہ ڇٽين “ڪين” کان

(83)
ڪوري! ڪري جهٽ- خاصو جوڙي کيس ڏي
سينگاريان سنجن سان، وچينءَ جو وهٽ
پاءِ تاڃيءَ ۾ پٽ- تہ ڪيون چڙهائي ڪاڪ تي

(84)
جهٽ ڪري ڪوري! خاصو جوڙي کيس ڏي
گڏ ڪا سرس سڳن ۾، فڪر جي ڦوري
اسان جو آ آجڪو، تو جيڪا توري
ڏکن جي ڏوري، گڏ تہ گوندر ماڻيون

(85)
ناکئا! ڪر نہ ننڊ- کوڙي ڪرس ڪنڌيءَ تي
جڏهن وڳا گهنڊ- پوءِ نہ پسندين پاڻ کي

(86)
مھاڻا! نہ موڙ- سانجهيءَ جو سکان کي
ٻانھن واري ٻل سان، ويرن کي ولوڙ
اُتان جايون جوڙ- جت اُڊيڙا آب جا

(87)
مھاڻا، ميان! ساڄو رک سکاڻ کي
سھڻي لنگهي سير مان، اجهو ٿي اتان
ميھر ڏئي متان- ميارون مھراڻ کي

(88)
متان مھاڻا! سنجهي ئي سمھي پوين
اِجهو ڏيا اُڀ جا، اِتان اُجهاڻا
ڇر، نڪي ڇاڻا- اَوليون هن اَٿاھہ جون

(89)
“ناکئا ننڊ نہ ڪن” مر پئي ٽمڪي باهڙي
سڏ، پڙا ڏا سير مان، اِجهو ٿا اچن
ميھر ملاحن- ايندي آگاهي ڪيو



(90)
ناکئا! ننڊ نہ ڪر- کوڙ نہ ڪرس ڪنڌيءَ تي
سھڻي اُڪري سير مان، جر مٽي جيتر
تون پڻ پيو تيتر- گهور اِنھيءَ گرداب کي

(91)
سمھہ نہ سامونڊي! ڍڪي پير ڊگها ڪري
وير نئين ميان وچ تان، آڌيءَ جو اُٿندي
ڇولين سان ڇندي- ستي ويل سکاڻ کي

(92)
موڙيئي ڪيئن مڪڙي- اوندھہ پسي آب تي
سھڻي اِنھيءَ سير تي، اجهو ڄاڻ چڙهي
متان مڇ مڙي- گهيرو ڪن گرداب جو

(93)
پاتڻي! نہ پڇ- خبر کيڙائن جي
ڪانو جو ڪوڙ جو، موريءَ وانگي مڇ
لھرين تي پيو لڇ- تہ لڀي انت اٿاھہ جو

(94)
پڇ نہ پاتڻي! خبر کيڙائن جي
ڏوري ڏاکڻي- آيا ڪنڊ اٿاھہ جي



(95)
متان مھاڻا! مٽين اِن مھاڳ کي
اِتان ايندي سھڻي، ڇر مٽي، ڇاڻا
اِجهو اُجهائا- ڏيا ساري ڏيھہ جا

(96)
گذر ڪر گندرا! ڊونڊي ڇوڙ نہ ڍنڍ تان
مار ان مھاڳ تان، ڏاهيون ۽ ڏنڀرا
آگها جي اڀرا- اُڇل تن کي آب ۾

(97)
گندرا! اُت گذار- جت وراڻي وير جي
چڙهي اِن چڪڻ تان، ڏيھن کي ڏيکار
مانگر ائين مار- تہ ٿيئن سوڀارو ساٿ ۾

(98)
ڏنو آ ڏاٽو- لوهر جوڙي لوھہ مان
لڻي آندم للر جو، گاھہ پسي گهاٽو
چمڪيو چوواٽو- ڪانھي ڪر “ڪرار” کي

(99)
لنڱ ٺپي لوهر! ساڙ نہ ڪنھن بہ ساھہ کي
ڌئين ان ڌمڻ کي، ڪڍ نہ ڄڀي، ڄر
ايڏا وجهہ اڱر- جيئن ڌرتي دانھياڻي نہ ٿئي


(100)
ڏاٽا ڪين ڏنا- لوهر ٺپي لوھہ مان
پوءِ بہ اسان پاپ جا، ڳاڙها گل ڇنا
ڪانئر جي ڪنا- اسان اُڇلائي ڇڏيا

(101)
ڪپ نہ ڪا ڪامي! ڏاري اِن ڏهر جي
ڪاٺير! هن ڪنڌيءَ تي، لوڏ نہ ڪالامي
آهن آرامي- سڀ پکي هن سر جا

(102)
ڪاٺير! ڪا بہ نہ ڪپ- ڏاري هن ڏهر جي
پيو ڪيئن پپر سان، چريا! آهين چپ
جوڀن ائين نہ جهپ- سائي ڪنھن سرير جو

(103)
ڪپ نہ ڪا ڪاٺير! ڏاري ڪنھن ڏهر جي
پاڻي ڏيئي پيار سان، ڀوري ڇڏ ڀتر
ڏس تہ پوءِ ڏهر- ڪيئن لڳن ٿا ڪور تي

(104)
ڪپ نہ ڪا ڪاٺي- ڪاٺير! هن ڪنڌيءَ جي
جا اُڏوهيءَ اڌ ڪئي، ڀڃ اُها باٺي
هر ڪا ڏس هاٺي- آهي سگهہ ساڻيھہ جي

(105)
ڪاٺير ڪھاڙو- ٺپي ٺاهوڪو ڪيو
وجهندو وڍ وڻن ۾، چون ٿا چاڙهو
تڏهن آ تاڙو- صبح کان ساڻيھہ ۾

(106)
ڪٿان ڪامڙيا! آيو اَن اڌ رات جو؟
ميان! تنھنجي منھن تي، ٽانگر هن ٽڙيا
آهن چنڊ کڙيا؟ يا آهي ڪنھنجو اولڙو

(107)
گهوڙو گهورڙيو- ٻڌي آيو ٻير سان
وري پنھنجي وهٽ تي، اِجهو ڄاڻ چڙهيو
سڄو ڏينھن سڙيو- پوءِ بہ اُلڪو “پوءِ” جو

(108)
گهوڙو گهورڙئي- ٻڌو اچي ٻير سان
ڪاڻيارو گهڻو ٿيو، پوڄا پيٽ ڪري
آيو سج لٿي- پوءِ بہ اُلڪو “پوءِ” جو

(109)
ڍرو اَن ڊکڻ! ڪھہ ڇو پنھنجيءَ ڪرت ۾؟
ڪو ٿڙ آندءِ ڪينڪي، وڍي منجهان وڻ
ڏوراپا ڏکڻ- مڪا آهن ماٺ جا


(110)
ڍر نہ ڪر ڊکڻ! وجهہ ڪو ڪرٽ ڪنڊيءَ ۾
رڌڻا آهن رٻ جا، مون کي ڪيئي مڻ
آهيون هن آسڻ- ڪاڻيارا ڪفگير جا

(111)
ايندي اوستي- ڏوئي ٺاهي ڏک جي
اسان اُها آڳ ۾، ساڙي ڇڏيسي
تڏهن ڊکڻ کي- پيئي ساڃھہ سچ جي

(112)
آسڻ اُجاري- ڪچ ملائي سچ ۾
ڀري مٺيون مٺ جون، ڳھن ۾ ڳاري
منڊيون، جانجهر، منگلون، واليون هن واري
اڄ بہ سوناري- وڪيون وچ بازار ۾

(113)
ساڙ نہ سونارا! ڪچ ملائي سچ ۾
پرھہ پڇندءِ خبرون، مارڳ موچارا
سونارڪيءَ سونھن کي ڏي سمجهي سيڪارا
نہ تہ ماڻھو وس وارا- ڌڪيندءِ دڪان تان

(114)
چيٺي ڏي چوڙا- جن ۾ مير نہ مٺ جي
ڪايا ۾ ڪوڙا- سي نہ گهرجن ساھہ کي

(115)
لٿا لابارا- ڀريون گنديون گاج جون
ڪنھن در ڪوٺ ڪلال جي، ڪنھن در ڪاڻارا
لائي ويٺا لوڪ ۾، ٺڪ ٺڪ ٺاٺارا
لاوا لاهيارا- ساوا ٿيا ساڻيھہ ۾

(116)
اڄ پڻ اوٻارا- ڏي اسان جي ڏات کي
تپڻ ۽ تپش جا، اسان آسارا
ٺار نہ ٺاٺارا! دوست، اندر جي ديڳ کي

(117)
ٺاٺار! نہ ٺار- هن دوساڻيءَ ديڳ کي
ڦوڪي ڌنوڻ فڪر جي، ڳچ قلعيءَ جو ڳار
اندر ائين اُجار- تہ اصل کي اوڏا ٿيون

(118)
ٺاٺارن ٺاريو- داڳ لڳائي ديڳ کي
موڙهن ڪڏهن مچ کي، ٻيھر نہ ٻاريو
کير جني کاريو- سي نہ اسان جي ساٿ مان

(119)
ڪٿان قلعگير! قلعي آندءِ قرب جي
هڻين هٿ وٽن کي، اُجرا ٿين اندر!
ٻار ڀڀڙ ٻيھر- تہ ساهن کي سيڪا ڏيون


(120)
سگها ماڻھو سنڌ جا، سگهي سندن ڏات
جن ۾ ڳڀ ڳنڍيرجو، تن ۾ ذات نہ پات
مان ڪيئن چوان مات- جن ۾ مھڪ ملير جي

(121)
سگها ماڻھو سنڌ جا، سگها سندن پير
مون نہ ڏٺا ڪنھن ماڳ ۾، ڀاڳين وارا ڀير
تو ڪيئن اچي تن سان، ويري وڌا وير
متا جي مٿير- ڌڙ گڏيندءِ ڌوڙ ۾

(122)
سھڻا ماڻھو سنڌ جا، سھڻو سندن ڏيھہ
جن ۾ ساڃھہ سچ جي، آءُ تني وٽ ويھہ
جن جي سڪ اُڪير جو، ڇرو ناهي ڇيھہ
پکي تنجي پيھہ- جي کنڊ ملائن کير ۾

(123)
اکيون جيئن پٺيان- ڏهر، ڏونگر وچ ۾
موڙيان مڃر تاريون، ڏاڙهونءَ گل ڏسان
مينديءَ رتي هٿ سان- پڪا سنگ پٽيان
ويٺو واس وٺان- دلبر پنھنجي ديس ۾


(124)
اکيون پٽيم جيئن- ڏهر، ڏونگر وچ ۾
ڦٽين چونڊڻ واريون، اچي بيٺيون هيئن
ڪنڌ ڦيرايان ڪيئن- پسي ڏنئرا ڏيھہ جا

(125)
ٻڌا ٻاڪارين- اُڃن آب نہ چکيو
چڪر چيڪڻ ڇڏيو، انگ نہ اَگهارين
اُڃارا آ گم کي، نڪريون نھارين
نہ ڇيلا ڇيڪارين- نڪي ڌوتن ڪپڙا

(126)
وجهي ڇنڊو منھن تي، اُٿيا اسر ويل
ڏاڍو پنھنجي ڏيھہ ۾، هر ڪاٿائون هيل
تڏهن ٿا طريل- آڻين اُٺ انن جا

(127)
اِجهو باک ڦٽي- اِجهو سورج اُڀريو
ايندي پٽڻ اَڏ تان، گجر گل جهڪي
تتر ڪو اُڏي- وڃي لڪندو ويڙھہ ۾

(128)
آءُ تہ چونڊيون ٻير- لوڏو ڏيئي لام کي
اچي رک اڱڻ ۾، پدم جھڙا پير
اِجهو ٿي اوير- پاڙي ڇڏ پريتڻو

(129)
هيٺان جر جهتون- مٿان پور پکين جا
لڏندي ڪنڊيءَ لام تي، چونگارين چتون
اسان پڻ وتون- سينگاريا ساڻيھہ ۾

(130)
ٿورو پاسي ٿيءَ- تہ سونھن ڏيکاريانءِ سنڌ جي
جنھن کي ڪنڍو ڪڇ تي، سا ڌرتيءَ جي آ ڌيءُ
جنھن جي چٻي چيلھہ آ، منھنجو آهي پيءُ
ادا! اٿئي ايءُ- سوڀيا هن ساڻيھہ جي

(131)
هتان بيھہ اچي- تہ سونھن ڏيکاريانءَ سنڌ جي
جهار پئي جهارا ڏئي، پئي آ پوک پچي
ڏس هو، ڏاند- چڪي- سوڀان هن ساڻيھہ جي

(132)
اَور ڀرو ڪجهہ اچ- تہ سونھن ڏيکاريانءِ سنڌ جي
هو ڏس، هن کجي جو، ٻار ڀڳو آ ٻچ
اِهو اٿئي سچ- سون ورنيءَ سنڌ جو

(133)
اچ تون اور ڀرو- تہ سونھن ڏيکاريانءَ سنڌ جي
پي هو نڪتو پرھہ جو، آ سڄي رات سرو
پيو ٿس پرو- سڄڻ ۽ ساڻيھہ جو

(134)
اچي بيھہ هتان- تہ سونھن ڏيکاريانءِ سنڌ جي
هو ڏس ڪنھن ڏهر ۾، وڌيون هن وکان
اِتان ڦٽندي باکڙي، جهڪي ٿو جتان
ڍورن جون ڍڪان- آهن سڏ ساڻيھہ جا

(135)
اور ڀرو ڪجهہ آءُ- تہ سونھن ڏيکاريانءِ سنڌ جي
ٻالڪ چڳڙيو ٻنڊ کي، مرڪي آهي ماءُ
ڀلي منھنجا ڀاءُ! تون پڻ پاڙ پريتڻو

(136)
ڏهر ۾ ڏيو- ٻريو آهي ٻاٽ ۾
يا ڪنھن پاتو پھر مان، لٿي سج ليو
آهي پڪ اهو- اکين جو ڪو اولڙو

(137)
سونھن تنھنجي سچ- سچ بہ تنھنجي سونھن ۾
ڄائي ڄام- نگر جي، اگر ٻاري اچ
ڪو نہ آهي ڪچ- ڪک برابر سچ ۾

(138)
ادا! اِهي وڻ- منھنجي آهن ماڳ جا
هو ڏس گور گسن تي، ڌنارن جا ڌڻ
پر جي ڏسين پرھہ جو، پپر جي پن- ڇڻ
جيڪر لاءِ جيئڻ- ماري بڻجين موت جو

(139)
اهي وڻ ميان! منھنجي آهن ماڳ جا
ڪانگن جي قطار ۾، “ڏيا” ٿو ڏسان
اِجهو ٿا اِتان- اچن سڏ ساڻيھہ جا

(140)
سانئڻ، سنڌ منھنجي! تو ۾ منھنجو تڪيو
آهين تون اندر ۾، ٻولي ناهي ٻي
جڏهن چيم “جي”- ڏٺم تو کي ڏات ۾

(141)
سانئڻ منھنجي سنڌ! ڀونءِ ڀٽائي گهوٽ جي
تو ۾ ڪيم تڪيو، هيڏي پسي هنڌ
جن ۾ تنھنجي جند- سي پڻ تنھنجي ساھہ ۾

(142)
او منھنجي ماءُ! سانئڻ، منھنجي سنڌڙي!
ڪھڙي حرف حساب ۾، ڀاءُ ڪھي ٿو ڀاءُ!
نيھي ويا نڪري، وريو ڪھڙو واءُ!؟
ويو سچ سڀاءُ- اڏامي انسان مان

(143)
ڪنڊين پڪيون سنڱريون، ٻيرين پڪا پير
ساري رنيون ساٿ کي، واهيري جي وير
ونين پوڄي پير- جوٽيا جنڊ فراق جا

(144)
جيجل! جيءُ چوان- سانئڻ! تنھنجي سڏ تي
سر آڇيندي سچ تي، ڪھڙو لڪ ڪيان
مران يا جيان- هئان تنھنجي هنج ۾

(145)
وطن ۽ وڻراھہ- ٻئي سوغاتون ساھہ جون
سونھن پسندي سنڌ جي، ڇرڪيو هيو “شاھہ”
اصل وٿ انسان جي، مٽي توڙي ماھہ
هيءُ سگهارو ساھہ- آهي سگهہ ساڻيھہ جي

(146)
سانجهيءَ سڏ ٿيو- ڏين ٻرندي ڏيھہ جو
اچو سڀ اروڙ مان، اوتي اُڃ پيو
جيسين ٿا جيو- ڪيو سيوا سنڌ جي

(147)
ڀونءِ نہ اُها ڀل- جنھن ڪڍيو تو کي ڪک مان
ٽڙيون ٽانگر ٽاريون، گهر گهر مٿان گهل
اٿئي ڏيھہ ابن کان، اِهو ئي املھہ

(148)
مون کي ڏيھہ نہ ڏي- ويڻ پرائي وياءَ جا
مون ڪيئن هن مانڊاڻ ۾، سيڻ چوان سڀکي
جيءَ ۾ رهن جي- اور انھن جي ڳالھڙي

(149)
هوا کرا، هي کيٽ- هو ڏهر ڏٿ جا
ٿاريلين جني ٿر سان، ڀلي ڪر نہ ڀيٽ
چئني پاسي چيٽ- ڪيو سائو سنڌ کي

(150)
آهيڙي آزاد- ڏٺم سارا ڏيھہ جا
جي ساڃھہ سچ جي، اُنھن جو اولاد
پرٽي وڌئون پاڻ ۾، فڪر جو فولاد
ٻئي آد، جڳاد- آيل! اورانگهي ويا

(151)
هي وليون، هي وڻ- هو ڏهر ڏيھہ جا
سرنھن- گل سرهو ڪيو، هرکايو هيرڻ
موتئي گل جا مڻ- مالھڻ مالھا ٻانھن ۾

(152)
وطن ڪين وسار- وطن تو نہ وساريو
سنڌوءَ جي سيوا ۾، گندرو ٿي گذار
دنگي هن درياءَ تي، طوفانن ۾ تار
انھي پر اُڪار- تہ ڪايا لھين ڪن جي

(153)
ڪھڙو ڪيان حال- ڏوٿين سندي ڏيھہ جو
آيا ماڻھو اوپرا، ڪاهي پيو ڪال
گهاري ڪير گنجيءَ ۾، وائل ڳنھي وال
اهو ٿئي احوال- سوريتي ساڻيھہ جو

(154)
وساري وطن- ڪير وهندو ڪوٽ ۾!
سون- ورنيءَ سنڌ جي، ڪايا جوڙي ڪن
منھنجي هڪ “موهن” عالم کي اُجرو ڪيو

(155)
ڪھڙو حال ڪيان- سوريتي ساڻيھہ جو
حال ونڊيندي هڪڙو، پورو ڪيئن پوان
لنگهيا چور لڪن مان، اچي جي اُتران
تن سان تر سنوان- ڪيان تان ڪاري ٿيان

(156)
مون کي ڄڻي ماءُ- پرھہ جو پڌرو ڪيو
مون ڪيئن وسري اُن جي، ڇاتيءَ جو ڇھاءَ!
وڏو سو وياءُ- کاريو جنھن نہ کير کي

(157)
ڪڍي ڪک منجهان- جنھن نپايو جيڏيون!
ڪيا سڏ سرير کي، آهن اُن امان
ٻوڙ تني کي ٻار ۾، آيا جي اُتران
مھاڻا! متان- ونجهہ رکي، ويھي رهين

(158)
ڄڻي جنھين ڄام- پرھہ جو پڌرو ڪيو
سا سانئڻ هوندي سنڌڙي، مون پروڙي مام
هيڏي وڏي هام- هڻ تہ هاڪارو ٿئين

(159)
منھنجي هيءَ زمين- منھنجي ان ۾ مامتا
سون- سريکي سنڌڙي، چيو پئي چين
ڪن ۾ هئي ڪين- جيڪا هاج هٿن ۾

(160)
منھنجو هئڻ هت- منھنجي هن ۾ مامتا
جنھن ۾ مٽي جوءِ جي، ڀري ڪيئن سان ڀت
چڙهيا سي ئي چت- سرجيا جيڪي سنڌ مان

(161)
منھنجو هئڻ هت- منھنجون هتي مارهيون
آهي وٿ وجود جي، ازلان اڳي اِت
پري ڪيئن سا ڀت- جنھنجو بار بڻياد تي

(162)
منھنجان ڪک ڪڍي- جنھن نياپو جيڏيون!
سا سانئڻ منھنجي سنڌڙي، اورڻ ماءُ اَٿي
هتان بيھہ اچي- تہ امڙ کي اوڏا ٿيون

سر ڏهر

(163)
ڇڪي گليلي- هڻ نہ ڪنھن بہ هنج کي
جتي ڪٿي جندڙي، ڪانھي اڪيلي
ٻيلھہ اٿئي ٻيلي- سڀ پکي هن سر جا

(164)
ڪري هٿ گليل- هڻ نہ انھيءَ هنج کي
پکيئڙا هن پار جا، ٻيلي اٿئي ٻيلھہ
ڀلي ناهي ڀيل- آهيڙي! ارواح جي

(165)
تيتر تير نہ تاڻ- جيتر پکي جوءِ ۾
ڪري تير ڪمان ۾ آهيڙي! نہ آڻ
هڪڙي پکيءَ ڪاڻ- جهوريءَ وجهہ نہ جندڙو

(166)
منجهند جو ماري! وڳر واهيرو ڪيو
واندي ناھہ وهين کان، ڪا ڏهر ۾ ڏاري
بدو بکاري! متان ساهين سينگ کي

(167)
ماري ٿو ماري- پکيئڙا هن پار جا
پائي گيڙو پاڻ تي، ٿو ناهي نھاري
الا! هن واري- ڪاتر ٿيندا ڪيترا

(168)
اڏي دام انياءَ جا، گس نوان گهاڙي
پائي گيڙو پاڻ تي، تتر ٿو تاڙي
لاڻا لتاڙي- لٿو آ هن لڪ تان

(169)
گٿو گليلو- ٻيو هڻي ٿو ٻيڙھہ ۾
پکين جي پڙلاءَ تي، ٻري ٿو ٻيلو
اٿس هيءَ ويلو- پرينءَ ٿيندو پڌرو

(170)
گهڙي گليلي- وڃي ٿو وڻڪار ۾
ڏٺي ماريءَ ڏهر ۾ ڪونجي اڪيلي
الا! اويلي ماٺ نہ چکي موت جي

(171)
وريا ڪين وهيا- لٿو سج لڪن ۾
پڪن جا پٽن تي، ڇڻن ٿا ڇڳا
جيڪي ماءُ! جٽا- ماريءَ ڪنھن منجهائيا

(172)
گٿو آن گليل- ٻي نہ هڻجان ٻيڙھہ ۾
پچر ڇڏ پکين جي، واهيري جي ويل
ماڻھن جھڙا ميل- سک تہ سوڀارو ٿئين

(173)
ماريءَ موت بڇي- وڌا دام دلين تي
دلين داو وساريا، جيسين موت مڃي
فڪر ساڻ ڦٽي- مات ڏنائون موت کي

(174)
ڇنن تي نہ ڇڻ- پيلا پن پپر جا!
ڏاڙهونءَ جھڙي ڏيل تي، هيڏا ڏنگ نہ هڻ
ولين وانگي وڻ- لڏي لامن وچ ۾

(175)
ڇڻ نہ پپر- پن! ڇٻر تي ڇمڪو ڪري
شام بہ تنھنجيءَ ڇڻ ڇڻ تي، جهريا ها جوڀن
ڇڻ مٿان ايئن ڇن، جيئن پوي سڌ نہ ساھہ کي

(176)
پپر! پن نہ ڇاڻ- ميان! ٽوڙ نہ ماٺ کي
پاڙن ۾ پاڻي گهڻو، ڇڻي ٿو ڇاڪاڻ؟
پري ڪر پيلاڻ- تہ ساون سرهائي ٿئي

(177)
ڇاڻ نہ پن پپر! ڏي نہ سيڪا ساھہ کي
ڏنگ هنيا ٿئي ڏيل ۾، اُٿي ساڻ اسر
سور نہ اُهي سر- ڏنڀيو جن ڏياچ کي

(178)
پپر! سڪا پن- ڇاڻ نہ منھنجي ڇن تي
ميان! منھن- اونداهڙي، کاءُ تہ منھنجا ڪن
جهرن ٿا جوڀن- پنن جي پڙلاو تي

(179)
پپر! پاراتو- ڏي نہ منھنجي ڏيھہ کي
وير توسان وڻ آ، پراون پاتو
تو نہ سڃاتو! ويري هن وڻڪار جو

(180)
پپر ڇاڻيا پن- ڏھہ ڏھہ ڀيرا ڏينھن ۾
رکيو روءِ زمين تي، سکيو پاڻ سرن
بکيو ڪين ڀڻن- جن جا منھن مٽيءَ ۾

(181)
پپر منجهان پن- ڇڻي پيا ڇن تي
ڏسي انھيءَ ڏيک کي، جهري پيا جوڀن
الا! ساڻ اِنھن- جهيڙو آھہ جڙن جو

(182)
ڇڱا ٿا ڇڻن- پيو ڪھت ڪنڊن ۾
دانا، ديوانا ڪيا، الا! ان- ڪڻن
کيما ٿا کڻن- پين سڌ پلر جي

(183)
ڇڻن ٿا ڇڳا- پيو ڪھت ڪنڊن ۾
سڪو پاڻي سر جو، جهرن ٿا جهڳا
وٽا ڀري وٽ جا، مارن ڪين مڪا
آيل! سر سڪا- ڏٺي من ميرو ٿيو

(184)
ڏهر! ڏس تہ ڪيئن- هن ڀيري هيڻو ٿئين
لڪن تو لوساٽيو، يا اُتت ڪئي، ايئن؟
مون نہ هتي هيئن، ڪو ڏٺو وڻ وڻڪار ۾

(185)
کوليم جيئن اکيون- ڏهر، ڏونگر وچ ۾
وڇڙي اِن وڻن ۾، ٻاجهر ساڻ ٻکيون
ڌونئرن جون دکيون- ساھہ پسي سرهو ٿيو

(186)
کيڙ! ڪر خبر- منھنجن ماروئڙن جي
ويا لٽجي واءُ ۾، ڍورا ۽ ڍنگهر
هي ڏانڊا، هي ڏهر- پسي منھن ميرو ٿيو

(187)
خبر ڪر کبڙ! منھنجن ماروئڙن جي
ڏٺئي هن ڏهر ۾، ڪنھن کي مٿي ڪڙ؟
وڻ وڍجي ڌار ٿيا، جيءَ ۾ رهي جڙ
اتيءَ جي رهڙ- ڦٽي فيراقي ڪيو

(188)
سڀن لامون ساڻيون، سڀن ساوا ڏار
ٻٻر، پپر، ٻيريون، لوا، نمون، ليار
سڪين ڪھڙي سور ۾، ڪھہ تون ڪنڊا يار!
توڙي آب اپار- تہ بہ ننگو آهين نير تي!

(189)
سڀن سايون ٽاريون، سڀن سھڻا گل
ننکو آهين نير تي، توڙ آب- اُٿل
ڪيئن تو ڪيسو ڦل- رکيو سوڪ سرير کي

(190)
ڇيلا ڇڪاري- نيسر ٽپي نينگري
اُڃن کي آهڏ مان، پاڻي ٿي پياري
مون کي ٿو ماري- نظارو ان نار جو

(191)
ڇيڪاري ڇيلا- نيسر ٽپي نينگري
پٽي وڌائين پاند ۾، ڏهر مان ڏيلا
روح ڏنا ريلا- پسي نظارو نار جو

(192)
ادا منھنجا اَڪ! ڪر اندر جي ڳالھڙي
ڀڄي ڀورا ٿي پئين، ڌڪيئي جڏهن ڌڪ
پختو ٿئين پڪ- تہ ڌڪن کي ڌاڻا ڪرين

(193)
اڪن ڪالھہ اچي- پھہ ڪيو هو پاڻ ۾
ڪنداسين ڪاٺير جي، ڌڪن کي ڌڪي
جن جي سگهہ سچي ڪاڻ نہ تنکي ڪرٽ جي

(194)
ڪھي ڪاتارو- اڪن ساڻيون ڪاٺيون
توڙي ڄمن جل تي، تہ بہ کير ڇڏين کاري
مون کي ٿو ماري- الا! عيب اڪن جو

(195)
سانوڻ، سياري- اڪن ساڻيون ڪاٺيون
توڙي ڄمن جل تي، تہ بہ کير ڇڏين کاري
مون ٿو ماري- الا! عيب اڪن جو

(196)
ڪاتارن ڪھيو- اڪن ساڻيون ڪاٺيون
پوءِ بہ تن پٽن تي، ڪيڏو ڦر ڪيو
کولي ڏس تہ کل کي، ڪيئن ٿن سٽ ڪتيو
ناهي وقت ويو- جي سبق پرائين سچ جو

(197)
ڪھيو ڪاتارن- اڪن ساڻيون ڪاٺيون
پوءِ بہ پنھنجي پر ۾، ڦٽي ٿا ڦر ڪن
آڻي تند آڪار جي، ڍڪيءَ پاڻ ڍڪين
تو نہ منجهان تن- ڪا سٽ پرائي سچ جي

(198)
ڪاتار! نہ ڪھہ- اڪن ساڻيون ڪاٺيون
کري پيو کڏيءَ تي، تنھنجو پڻ تھہ
ويٺين پنھنجي وڻج جو، وڃائي ويسھہ
لوچي ڀڙا لھہ- پوءِ ڪڍ عيب اڪن جو

(199)
سچ ٻڌاءِ سنڌو! ڪٿ گڏيئي ڪي گندرا؟
چتين لڳل چولڙن، بدن ۾ ٿن بو
هاڻي ڏس تہ هو- ڪھڙي هوندا ڪن تي؟

(200)
سچ ٻڌاءِ سنڌو! ڪير ٻڏا هن ڪن ۾؟
آهن پير پٽيءَ تي، پر نہ آهن هو
لڙهي ٿو لھو- صبح کان هن سر تي

(201)
ماٺ نہ ڪر منڇر! ويھہ نہ واهڙ آسري
وھہ وڻن جي وچ مان، وينگس! ڪنجي ور
ڏس تہ ڪھڙي ڏوھہ ۾، ڇيتيون آهي ڇر
ڪھہ ڇو ايڏي ڪر- آهي تنھنجي آب کي؟

(202)
اُٿلي پئي اروڙ- ڪنڌئين مڃر موڪ ٿيو
مون نہ ڏٺي ڪنھن ڏيھہ ۾، ايڏي ٻائڙ- ٻوڙ
جيڪا ڀونءِ ڀلوڙ- آ اوڳاڇيندي آب کي

(203)
اروڙ پئي اُٿلي- ڪنڌئين مڃر موڪ ٿيو
لڙهندي ڏٺي لھر تي، اسان اڪ- ڦلي
ارواحن اُلي- اوتي ڇڏي آب ۾

(204)
آرس ڀڃ اروڙ! ڇڏ سڪڻ جي سانگ کي
ڀر اڃاريءَ ڀونءَ کي، ڪري ٻائڙ- ٻوڙ
جيئن هيءَ ڀونءِ ڀلوڙ- ماضي موٽائي وجهي

(205)
پرھہ پٽياڻي- سائو ڪر ساڻيھہ کي
ڌوئي منھن درياءَ مان، جيئن ميرو مھاڻي
اچي رڙ رڃن مان، پاڻي ڙي، پاڻي!
سڀڪو سڃاڻي- جيئن کڻي پڳھہ پانھنجو

(206)
پرينءَ پٽياڻي- ور کڻي، وهندو گهڻو
پوندي رڙ پکن ۾، پاڻي ڙي، پاڻي!
سڀڪو سڃاڻي- پتڻ وٺندو پانھنجو

(207)
ڀلي ڀاڳياڻي- منھہ مرڪي پانھنجي
ڀري وهي پئي ڀونءِ تي، پريان پٽياڻي
آئي رڙ اسر جو، پاڻي ڙي، پاڻي!
هاڻي هارياڻي- ڏهر ڀريندي ڏيھہ جا

(206)
پرينءَ پٽياڻي- ور کڻي، وهندو گهڻو
پوندي رڙ پکن ۾، پاڻي ڙي، پاڻي!
سڀڪو سڃاڻي- پتڻ وٺندو پانھنجو

(207)
ڀلي ڀاڳياڻي- منھہ مرڪي پانھنجي
ڀري وهي پئي ڀونءِ تي، پريان پٽياڻي
آئي رڙ اسر جو، پاڻي ڙي، پاڻي!
هاڻي هارياڻي- ڏهر ڀريندي ڏيھہ جا

(208)
سانجهيءَ ٿيا سڏ- سنڌوءَ کي ساڻيھہ جا
ساگر آهين سنڌ جو، اوس ناهين اڏ
مھاڻن جا مڏ- ڀر تہ ڀاڳياڻي ٿئين

(209)
اَن- داتا اروڙ! سونھن منھنجي سنڌ جي
تون ئي سانگ سرير جو، مٿي ڀونءِ ڀلور
جيجان! تنھنجي جوڙ- ڪارڻ آهي قوت جو

(210)
او منڇر، او ماءُ! سونھن منھنجي سنڌ جي
آءٌ پڻ تنھنجي اڍ مان، تانگهو هڪ تلاءُ
وريو ڪھڙو واءُ! جنھن اُڃيو رکيو آب کي

(211)
ڪا جهٽ ڪينجهر ڀر- تنبو تماچيءَ کوڙيا
آهي ڇمڪو ڇير جو، گندرن جي گهر گهر
جيڏا! جلدي ڪر- تہ ڏک پسون ڏاتار جي

(212)
واهڙ! پيو وھہ- ور کڻي وڻڪار مان
جاڏي پن نہ پوک ۾، تاڏي گهڻو ڪھہ
رات نہ ڪٿي رھہ تہ- اُڃن کي اوڏو ٿئين

(213)
واهڙ! پيو وھہ- ٻہ- درياهيءَ وچ مان
ڪر نہ ڪنھن بہ ڪن ۾، گوهر بڻجي گهہ
تا ڏي پيو ڪھہ- جاڏي پن نہ پوک ۾

(214)
ڪوھہ نہ وهين واھہ! وچينءَ جو وڻڪار مان
جاڏي پن نہ پوک ۾، ڪر تيڏاهون ڪاھہ
وھہ، تہ واهوندن ۾، گسين ڦٽن گاھہ
ستا جي ارواح- پرينءَ ٿيندين پڌرو

(215)
دولھہ يار، درياھہ! پاءِ نہ ڪنھنجي پوک کي
جن ڏنو ڏس ڏڪار کي، ڪرتني تي ڪاھہ
اُڊيڙي نہ آھہ- آسارن جي اُڀ کي

(216)
ڪڏهن ڪانائي- ڀري وهندينءَ پونءِ تي؟
ڏين جيئن ڏيھہ کي، وڳر واڌائي
مياڻيون مائي! آهن تنھنجي آسري

(217)
واهڙ! پيو وهين- ڪر نہ اچئي ڪڏهين
هن سر کي سائو ڪري، ڪاڇي پڻ ڪھين
لاکيڻا! لھين- لائون وڃي لاڙ سان

(218)
واهڙ! وهين شال! ڪر نہ پوئي ڪڏهين
اچي روز اُڃن کي، جر پيارين جال
ڇلين، ڏيئي ڇال- جاڏي تاڏي جوءِ ۾

(219)
وھہ پيو واهڙ! ڪر نہ پوئي ڪڏهين
اُلر ٿئي آڪاس ڏي، جر ۾ تنھنجي جڙ
ويٺا ڪنگ وڻن تي، نسري پيا نڙ
ڪا بہ نہ پسان ڪڙ- سڪي هن ساڻيھہ جي

(220)
واهڙ! پيو وھہ- ڪر نہ اچئي ڪڏهين
لڏي لھرين وچ ۾، ڇاڻي پيو ڇھہ
ڪلھا ٺوڪي ڪھہ- جا ڏي پن نہ پوک ۾

(221)
واهڙ ٿو وهي- ٻہ درياهيءَ وچ مان
آڻي بيلون بيلچا، خوني ٿو کهي
ٿورو جي لھي- تہ ماڻھو ڪن نہ مامرو

(222)
واهڙ پيو وهندو- ڪر نہ ايندس ڪڏهين
چمڪي اڀريو ڇنڊ جي، تہ سج پيو لھندو
ڇلندو، ڇمڪندو- سدا پيو ساڻيھہ ۾

(223)
واهڙ! وھہ ائين- جهونجهارڪيءَ جوءِ مان
مھيسر ميدان ۾، جهيڙين پيا جيئن
اهڙي ڏک ڏئين- تہ وکا چاڙهيانءِ وچ تي

(224)
اڪريا اڻ- تارو، متاري مھراڻ مان
پسي دم درياءَ جو، ترسي پيا تارو
اڙي، آسارو! ويھہ نہ واهڙ آسري

(225)
اَڻ- تارو اڪرن- متاري مھراڻ مان
پسي دم درياءَ جو، تاروئڙا ترسن
ميان! تنھنجي من کي، ولھوڙيو وهمن
سي ڪيئن پار پون- جن کي سڌ نہ سير جي

سر پورب

(226)
چؤ تون ڪوھہ چتون! پيو آهين پٽ ۾
تو کي انھيءَ تانگهہ ۾، ڏٺو ڏينھن ڏهون
الا! پوءِ بہ تون- کولين ڪين کنڀن کي

(227)
چؤ تون ڪوھہ تتر! پيو آهين پٽ ۾
نہ تو تڙ تنواريو، نہ تو سويا پر!
ڇاڻيا پن پپر- ڪيئن توائي تون ٿئين!

(228)
چؤ تون تتر! ڇو؟ پيو آهين پٽ ۾
فجر کان ڦولار ۾، لنوين لات نٿو
بڻجي بيت نہ ڪو- ميان! انھيءَ ماٺ ۾

(229)
تتر ڪئي تنوار- اسان چڪيون چاڙهيون
کڻي ايندي کوھہ تي، مالھڻ پوئي هار
واسي ويندا وار- ارڙين سوڌو اَئٽ کي

(230)
تڙ جو تتر ڪو- جيئن اڏري اُمارو ڪري
اسان تيئن اُڏائيو، اوٻر عشق سندو
پيوند پرين جو- جيئن پري، تيئن پختو ٿئي

(231)
تڙ جو تتر جيئن- اُڏري اُمارو ڪري
تن مان منھنجي تيئن- آسن اوٻارو ڪڍيا

(232)
تڙ جو جيئن تتر- پوٺي تي پرزا ٿئي
اسان تيئن اندر- ڏکن ۾ ڏاري ڇڏيو

(233)
چار ئي پھر چنڊول- پيو آهي پٽ ۾
سڄو بت بخار ۾، ڳاڙهو ٿس ڳٽول
اَنا جي اصول- هيڪاري هيڻو ڪيو

(234)
ڪويل! ڪر سا ڪوڪ- جا وجهي ڏارون ڏيل ۾
ڪڍ ڪا اڄ ڪلين مان، فڪر واري ڦوڪ
مرن ٿا ملوڪ- ڪوڙن ڪانئرن وچ ۾

(235)
ڪويل ٿي ڪوڪي- وچينءَ جو وڻڪار ۾
سوريءَ چڙهڻو سچ آ، چري ٿي چوي
صبح سڀن کي- کريون ڏيندي خبرون

(236)
ڪوڪي ٿي ڪويل- وچينءَ جو وڻڪار ۾
لڳي ٿو ڪنھن لڪ ۾، هلي آ هلچل
ڄڀيون ڄرڪايل، ڪڍي ٿي هر ڪوڪ مان

(237)
ڪويل جي ڪوڪن- وڌا گهاوَ وڻن ۾
پپر جي پرڀات جو، ٿا ساوا پن ڇڻن
دکيءَ جي دانھن- ماڻھو منجهائي ڇڏيا

(238)
ڪوڪ نہ ڪويل! وجهہ نہ وڍ وڻن ۾
اسان پڻ اڳهين، تو وانگي تايل
هوريان ڏيج هڪل- هن سوريتي ساڻيھہ ۾

(239)
ڪويل جي ڪوڪيو- وجهندي وڍ وڻن ۾
پائي ٿي پنن مان، لٿي سج ليو
الا! ٿي اجهو- ڪري سڏ ساڻيھہ کي

(240)
چھنب پکيئڙا چور- ويھي لامن وچ ۾
کنياتا! اچي خبرون، اسان سان ڪي اور
ساھہ- سڳي کي سور- ڪٿ گڏيا تو گندرا؟

(241)
جر تي ماري جيئن- تڪي ڪو تور کي
ڏکن ڏهاري ڪيو، اچي مون سان ايئن
هنيون منھنجو هيئن- ڪڏهن ڪاڻيارو نہ ٿيو


(242)
هلو جي هتي- تہ هاڻي پسو هوت کي
ڪا نہ رسندي ڪيچ کي، سڄي ڏينھن ستي
اسان پڻ اُتي- ڪيو پڌرو پاڻ کي

(243)
ڇو نہ ڪيان مان ڇانو- جي تون جر! نہ جهيڙئين
لوڏيان جيڪر لام تي، ڪبوتر ۽ ڪانوَ
ٿڌا ڪري ٿانو- سونھان سيڻن وچ ۾

(244)
آءُ پڻ ڇانو ڪيان- جي تون جر! نہ جهيڙئين
وهين جي وڳر کي، لاڙي لام ڏيان
کلان، خوش ٿيان- سونھان سيڻن وچ ۾

(245)
ڪيڏي ڇانو ڪيان- جي تون جر! تہ جهيڙئين
ٻڪر هڻان ٻور جي، پاڻي جيئن پيان
جيسين پيو جيان- وهسان هڻ وڻڪار ۾

(246)
ڏانوڻ وجهہ ۾ ڏينھن کي، رات مٺين ۾ ماءِ
ائين نينھن نڀاءِ- تہ اصل کي اوڏو ٿئين

(247)
جيئن ڪا تيز لھر- ٿئي گم گرداب ۾
اثباتي اِن پر- ويجها ٿيا وجود کي

(248)
لھر لڇندي جيئن- ساحل کي سجدا ڪري
توسان آهي تيئن- آڳانڍو ارواح جو

(249)
ڪري جيئن ڪپر تان، سٽجي سرنھن- وڻ
مون پڻ تيئن مرڻ- ڪيري ڇڏيو ڪن ۾

(250)
موت! اچي مونسان- ڪر نہ ڳالھيون ڪن ۾
جي تو سانگو ساھہ جو، ٻک وڃي ٻئي سان
تيز نہ ٿي تن سان- جن کي ڪاڻ نہ “ڪال” جي

(251)
جھڙي تار تنبور جي، تھڙو ماڻھوءَ من
هڪ کي هاج هٿن جي، ٻئي ۾ واس- ورن
ڪانو توڙي پن- آهن سونھن سرير جي

(252)
مانجهاندي جو ماڳ- ڪير سڏي ساڻيھہ کي!
پسي جنھن جي جاڳ کي، رڳن ڳاتو راڳ
ورتو ٿم ويراڳ- جيئن اصل کي اوڏو ٿيان

(253)
ميان! مانجهاندو- مور نہ چؤ هن ماڳ کي
جوڙي جنھن جھان ۾، آدم کي آندو
ڀونءِ نہ آ ڀانڊو- جو ڀڃڻ سان ڀورا ٿئي

(254)
وڃائي وجود- ڪر نہ پوڄا ڪوڙ جي
ماڻھو ٿي، ماڻھوءَ کي، ماڻھو ڪر مسجود
حاصل ۽ هنود- اٿئي اکر هيڪڙو

(255)
ڪوڙا چوان ڪيئن- جن ۾ عرق اروڙ جو
نفي ڪيائون “ناٿ” جي جهونا ٿيا جيئن
اسان ڏٺا ايئن، ماڻھو ملڪ ملير جا

سر آديسي

(256)
“موهين” موٽائي ڇڏيا، “جهڪر” ڏئي نہ جاءِ
“بيوس” تن کي ڀونءِ تان، هاسيڪار هٽاءِ
کارو ائين کٽاءِ- جيئن مٺو موٽائي وجهون

(257)
آهي ڪچائي- اصل اِنھيءَ اَوڌ ۾
اُجرو پاڻي ائٽ جو، سوڪ ڪري سائي
سانگ تہ ساڳائي- پر آهي بار بڻياد تي

(258)
ڪلئي ڪسارا- ڪسي سندن ڳالھڙي
پيرون اِن پھر جا، کٽا ۽ کارا
وڳر ويچارا- ماريءَ موٽائي ڇڏيا

(259)
نہ ٿا چڙهو چت تي، ناهيو منھنجا مٽ
مون کي موٽائي ڏيو، چنيءَ وارا چٽ
مون کي موٽائي ڏيو، ٻاگهيءَ واري ٻٽ
نہ تہ هڪ هڪ منھنجي سٽ- بڻبي گولو گئسن جو

(260)
اڙي، اُٺ- ٿڪل! تو ڪيئن ساهيو سچ کي
ماڻھن سندي مام جي، تو کي ناهي ڪل
سنبريا اچن سامھان، هڻن ڏئي هڪل
جاڙا ٿئي جبل- ڏوٿي منھنجي ڏيھہ جا

(261)
ڏنڀي ڏکائي- کلي لاھہ نہ کل کي
ايڏي لاھہ لنڱن تان، جا سگهين موٽائي
موڳا قرض متيءَ جو، ويٺين وڌائي
مٿو ڪوڙائي- پرينءَ ٿيندين پڌرو

(262)
ڳؤرا ڳاٽ ڀڃين- سمجهہ نہ سوڀ سنگين جي
پاڻيءَ کي نہ پليت ڪر، سنڌوءَ کي سڃين
منھنجي ڳالھہ مڃين- موٽي وڃ هن ماڳ کان

(263)
ڇو نہ سڏائي شاھہ- هٿ رنڱائي رت ۾
ڪاهي ڪانئرن وچ ۾، ڳچين سندو ڳاھہ
اڃان ڀي ﷲ- چارڻ! آهي چپ ۾

(264)
مٿا ۽ مڻڪا- ڀڃ نہ منھنجي ڀونءِ تي
ماڻھو هن مٽيءَ جا، ناهن نڌڻڪا
پاسي ٿيءُ پھر کان، تڪن ٿا تڙڪا
کڙھہ تي کڙڪا- گولا! ڪر نہ گئس جا

(265)
ننڊ پيا هن نيڻ- گولا ڪير نہ گئس جا
آيا آهن سيڻ- ٿڪا ٽٽا ٿر مان

(266)
نيڻ پيا هن ننڊ- گولا ڪير نہ گئس جا
ڪو آڀم مانيءَ آسري، ڪنھن ٻالڪ منھن ۾ ٻنڊ
ٻڌين نہ ٿو گهنڊ! امن جي اعلان جا

(267)
تاتاري تونگر- آيا اُتر پار کان
گوليءَ جي گفتار تي، گهل متي گهر گهر
اسان سي اجگر- هٿن ۾ هيڻا ڪيا

(268)
گهوڙن جي هڻڪار- هر ڪنھن رئفل هٿ ۾
وجهي ڀتر جهول ۾، ٻاهر نڪتا ٻار
هڪ کير ٻيا کار- ڀڄڻ لڳا ڀونءِ تان

(269)
ڇري ۽ روهي- اصل تنھنجو آجڪو
هڻ نہ ڪنھنجي هانو ۾، لٺ کڻي لوهي
ڏس متان ڏوهي- “مور” نہ موٽائي سگهين

(270)
ڏئي ٽپو ڏيڏر- لنگهيو آ اِن لنگهہ کان
تاڻيندي تلاءَ ڏي، وڏو ڪيائين ور
ڀلو آ بي- گهر- ٿيندو کاڄ کپر جو

(271)
ڏيڏر ڏئي ٽپو- لنگهيو آ اِن لنگهہ کان
تہ پاڻي اٿس پٽ تي، نہ واٽن تي ورڪو
سپن جو هن سر ۾، مڪو ڄاڻ متو
اچي سپ سگهو- ڪو ڪندس وار ڪپار تي

(272)
ڏيڏر ڏئي ٽپڪي- اُڪريو اونھيءَ کڏ مان
پاڻي هن پتڻ جو، ويو ڪالھہ سڪي
تانگهيندي تلاءَ ڏي، ٿلھو پيو ٿڪجي
ڪو سپ ڪٿان سرڪي- ڪندس وار ڪپار تي

(273)
ڏيڏر ڏئي ٽپڪي- اُڪريو اِنھيءَ کڏ مان
اِها سڌ سپن کي، اجهو ڄاڻ پئي
ڏر مان ٽپو ڏئي- ڪندس وار ڪپار تي

(274)
ڏيڏر اڏ ٽپي- اُڪريو اونھيءَ گڏ مان
اِجها کل کپن مان، ڪنھن سگهي سپ تڪي
ساڻو اڄ سھڪي- ڏيندو دم دٻيءَ ۾

(275)
ڏيڏر ڏنو ٽپ- ڇاٻ ڪري هن ڇر ۾
ويٺو هيو ور ۾، ماريون جيڪو مپ
سرڪيو جڏهن سپ- پرھہ پڌرو ٿي پيو

(276)
ڪيئن تڪين ٿون تون- سگهي هن ساڻيھہ کي
اوتي ڇڏ اندر ۾- جيڪي چيو مون
ڀٽائي جي ڀون- ڀانءِ نہ هوندي ڀرڪڻي

(277)
ڪيئن تڪيو آ تو- سگهي هن ساڻيھہ کي؟
اصل هن مٽيءَ جو، ميان! ملھہ نہ ڪو
ٻڏو پاڻيءَ ٻڪ ۾، جابر آيو جو
کريو ۽ کٿو- هتي ملندئي هٿ ۾

(278)
ڦري ٿو فقير- وجهي اسم ﷲ جو
سو ڪيئن مڃي سچ کي، کريو جنھن جو کير
تاڻيائين سو تير- جو پڌر ۾ پرزا ٿيو

(279)
هو جا ڏٺئي ڏانگهہ- هارياڻيءَ جي هٿ ۾
وجهندءِ نايون نرڙ ۾، ڪانئر لنوندءِ ڪانگ
سچا ٿيندا سانگ- مارن جا ملير ۾

(280)
هو جو ڏٺئي ڏيک- لاهيارڻ جو لوءِ ۾
ناهي ڪنھن نراڙ تي، لوھہ قلم جو ليک
ايءُ بکارو بيک- ڪارڻ آهي “ڪين” جو

(281)
هو جو ڏٺئي ڏاند- ڳھلا وهندي ڳاھہ ۾
آهي پٺيان اُن جي، ڪوهيارڻ جو ڪانڌ
پرينءَ ٻئي پلاند- وٺندءِ اِن وٿاڻ تي

(282)
هو جو ڏٺئي هت- ماروئڙا ملير ۾
سرتيون اُن ساڻيھہ جون، رنيون ساري رت
اڃان سوڌو اُت- ناهي ماٺ ملير ۾

(283)
ڏڪ نہ ڏيھہ ڌڻي- پسي ماڻھو اوپرا
ڪندا پڌرو ڪوڙ کي، هاڪار هڻي
ڦولھڙ سندي ڦل جي، اِجها خاڪ ڇڻي
کٿيريون کڻي- اينديون ڏوڙا ڏيھہ جا

(284)
مون پڻ منھن- اونداھہ- اوٺي ڏٺا اوپرا
لڳي باھہ ڀنڀور کي، ڪتي ڪير ڪپاھہ؟
اُٿو، تان ارواح، ڏين واڌايون ڏيھہ کي

(285)
ڪيڏو هئين ڪھہ- آيا جڏهن اويرا؟
جيسين هاج هٿن جي، ڳالھہ نہ بڻبي ڳھہ
ويريءَ تي ويسھہ- جنھن ڪيو، ڪاڻيارو ٿيو

(286)
ڪيڏو هئين ڪالھہ- ماڪڙ آئي ماڳ ۾؟
ڏاري ڪيا ڏيھہ جا، ڀورا اُن ڀونچال
ھھڙا پسي حال- ڪير نہ اوري ائٽ تي

(287)
ڪھہ هئين ڪيڏو- ماڪڙ آئي ماڳ ۾
ڏنڀيو هيو ڏيھہ کي، هيئن نہ ڪنھن هيڏو
جي اڳ هئين ايڏو- تہ ڪنھن ڏيکايو ڏيھہ کي

(288)
وئين ڀونءِ ڀلي- جيڪا سونھن سرير جي
ڪيئي سوڪ سنڌوءَ کي، ايڏي ٿئي اُلي!
ڪير نہ پائي ڪاڄ ۾، ڪا نينگر نڪ- ڦلي
ڪپت ڪابلي! ڪور تي ڪاڻيارو نہ ٿئين

سر مارئي

(289)
جيئن ڪو پپر- پن- ڇڻندي ڪري ڇن تي
تيئن هي منھنجو من- ڌنارن کان ڌار ٿيو

(290)
ٿوهر، ٿر- واسي- اصل منھنجو آجڪو
اسين مارو پاڻ، جيئن اسي اُڻاسي
ولين جا واسي- ساڪيئن گهاري ڪوٽ ۾

(291)
ٿوهر ۽ ٿري- اصل منھنجو آجڪو
آئي مڪ ملير ۾، کاهڙ جي کري
وڃي اُت وري- ڏهر چونڊيان ڏيھہ جا

(292)
ٿوهر ڦٽا ٿر- آءٌ هت قابو ڪوٽ ۾
ڏهر منھنجي ڏيھہ جا، آيا هوندا هر
پکين جيڪا پر- ڪير سڻائي ڪوٽ ۾

(293)
ڌوءِ نہ ڌوٻياڻي! ڪلف لڳائي ڪپڙا
متان مر ملير جي، پگهاري پاڻي
سرتيون سڃاڻي- کائر پڇنديون خبرون

(294)
جي آئون، پسان جوڙ- مارن مٿان مينھن جي
اچي ڪن اَنن جا، کڙھہ مٽي کوڙ
تہ، ورھہ ۽ ولوڙ- جيڪر وڃن وسري

(295)
جي اُتي عمر کوڙ- تہ هت بہ هڪ هڪ مارئي
وڙهن گڏ ورن سان، جٿا ٺاهي جوڙ
ڀاڳيائون ڀلوڙ- آهن سگهہ ساڻيھہ جي

(296)
جي اُتي عمر عام- تہ هت بہ هڪ هڪ مارئي
هر ڪنھن ٻولي هيڪڙي، ڄٽ هجي يا ڄام
آجڙين انعام- ڪيو حاصل هڪ جو

(297)
جي اُتي عمر مير- تہ هت بہ هر ڪا مارئي
واڳي پاڻ ورن سين، هر ڪنھن تاڻيون تير
کٿيرين جو کير- کريو ڪنھن نہ کير ۾

(298)
هتر ڪر حمير! ساڃھہ رک ساڻيھہ جي
تون پڻ اُن مٽيءَ مان، جنھن مون کي ڄڻيو مير
آجي ڪر اسير- تہ پسان ملڪ ملير جو

(299)
عمر! ڪر آچار- پاسي رکي پاڻ کي
تون پڻ اُن مٽيءَ مان، جنھن مان اِل پنھوار
ساڳا وڻ ساڻيھہ جا، ساڳي لام- ليار
پوءِ ڪيئن ڪرين ڌار- لوڏو ڏيئي لام کي

(300)
ڪري پيا ڪوٽ- عمر پڻ آزيون ڪيون
ڏاڍن کي ڏاري ڇڏيو، اسان نہ ڪنھنجيءَ اوٽ
اُٿيا جو اڻموٽ- پيا اُڊيڙا اُڀ ۾

(301)
ڇوڙيائون ڇانگون- پسي اوت اُتر جي
سائين پٽ ساوا ڪيا، وري پر وانگون
ڪاڪيون، ڙي! ڪانگون- مون ڏي مارن مڪيون

(302)
پرينءَ پالڻي- کولي پڇندءِ خبرون
لاهيارن جي لڄ کي، آئين ڪيئن کڻي!
ٿري، ٿر- ڄڻي، موتائج ملير ڏي

(303)
اُڪري ويا عمر- هت نہ رهيو هيڪڙو
تڳيا جي تک تار ۾، انا جي اڌر
اسان سي اجگر- هٿن ۾ هيڻا ڪيا

(304)
ماءُ ٽٽي پئي مالھہ- آهڏ آب نہ چکيو
مٽن مٿي مون ٿيو، سينور ڏٺي سال
کڻان دلو ڪڇ تي، ڪا اهڙي وجهو ڦال
ڇيلا ڏين ڇال- تہ ساھہ پسي سرهو ٿئي

(305)
آءُ، اوٺيئڙا اور- ساروڻيون سڪار جون
ٻڌئي ڪنھن ٻنيءَ تي، “هور وهياڙي هور”
چنا گابا گور؟ مون کان پوءِ ملير ۾

(306)
متان مارئي! ڪسو ڀانئين ڪوٽ کي
خبر کائر پار جي، هتي ڪين هئي
ڌنارڻ! دوئي- وڍي ڇڏ وجود مان

(307)
عمر ٿيو اسير- مارن گڏي مارئي
پيتائين پنھوار سان- کاهڙ وڃي کير
هيو جو حمير- ويو وچان ئي نڪري

(308)
ملير موکيان شال! مارئي موٽائي ڏيان
منھنجي اڱڻ مارئي، هيڻان ڪر نہ حال
ٿر ۾ وڄندا ٿال- ملير پڄندينءَ مارئي!

(309)
پکي! پارانڀو- ڏنئي جيڪو ڏيھہ جو
ڪانگا! ڏيج ڪٺيءَ کي، وري ورائي سو
تہ سانگن سڃاتو؟ پرھہ پيرو اُٺ جو

(310)
پارانڀو پرڀات- ڏي اسان کي ڏيھہ جو
کنيا تن اچي کوھہ تي، لنوين ڪھڙي لات؟
رنا مارون رات- يا ڪيئون چڙهائي ڪوٽ تي

(311)
ڌڻن ساڻ ڌنار- ڏٺئي ڪنھن ڏهر ۾؟
لڪيا ڪنھن نہ لوءِ ۾، پنھنجن وار پار
ادا، ڙي اوٺار! ڏي ڪا سڌ ساڻيھہ جي

(312)
وري آھہ وٺو- وڏڦڙو ولھار تي
مون کي مڪو سوکڙي کٿيريءَ کٿو
هتي جي هجو- تہ ٿورا ڳايو ٿر جا

(313)
آندي ڪنھن نہ ڪوٽ- جيڪا مرڪ ملير جو
هيءَ ڪيئن آئي هتڙي، عمر! تنھنجي اوٽ؟
جنگ تني سان جوٽ- جي کاري ويٺا کير کي

(314)
ڌڻ ۽ ڌنارڻ- ٻئي مرڪ ملير جو
پائر وڃي پيندي، جهانگياڻين سان جهڻ
کٿيريءَ کنوڻ- ڏٺي اباڻي ڏيھہ تي

(315)
ٿر ۽ ٿرياليون- ٻئي سرغاتون سنڌ جون
ورهايون وطن ۾، ڏوٿيئڙن ڏالھيون
پورن کان پالھيون- آيون هونديون ائٽ تي

(316)
پانڌي! پارانڀو- ڏجان منھنجي ڏيھہ کي
آندم جو اِن پار جو، کسيو ڪنھن نہ کٿو
ڏهون سج ڏٺو- پوءِ بہ من ملير ۾

(317)
ٿر ڦٽا ٿوهر- آءُ هت قابو ڪوٽ ۾
اوتيا مٽ ملير تي، اُتر کان اوٿر
آءٌ، جيان جيڪر- ڏهر گهاري ڏينھڙا

(318)
کاهڙ پاسي کوھہ- گيڙين پاڻي گجرا
ميڙيائون ملير ۾، ٻڪريون هڻي ٻوھہ
رت ڳاڙيندي روح- ڏئي سڌ ساڻيھہ جي

(319)
اُٺي ۾ آئون- ڪيئن گذاريان ڪوٽ ۾!
مائرون هت ملير ۾، سٽين ٿيون سائون
الا! هن اسير کي، ڪوٺ نہ ڪيائون
کٿين ۾ کائون- پر ڏوٿي مونکان ڏور ٿيا

(320)
جيئن ٿي پسان جهڙ- جاڙي هن جبل تي
ساريو جهڄان سومرا! کنوڻيون ۽ کاهڙ
ڪيم منٿون مينھن کي: مارن پاسي مڙ
لاءِ اُڃن لڙ – تہ ڏهر ڀرجن ڏيھہ جا

(321)
جيئن ٿي پوي بوند- ٿوري گهڻي ٿر تي
هاڃا وڃن هوند- وانگياڻيءَ کان وسريو

(322)
هوءَ ماڻھن هوڏ- هو وڌندڙ هٿڙا
اٿن اور اڏڻ جي، آهن مڙئي اوڏ
ايءَ لاکيڻي لوڏ- آهي مرڪ ملير جو

(323)
منھن اونداهي ماءُ! پيم ڪارون ڪن تي
مارن ۽ ملير جو، پيو آ پڙلاءُ
ڌنارڪو داءُ- ڪيريندو هن ڪوٽ کي

(324)
ڊڪي ۽ ڊوڙي- ٿاريليون ٿڪجي پيون
ڏوٿين ڪيو ڏٿ جو، نہ کرو نہ کوڙي
جوڙي جن جوڙي- ويون اکيڙي ائٽ کي

(325)
رڀڙين ريھي- اُجاريو ارواح
ٻھر ول جي پاڙ مان، منھن ڪڍيو ميھي
ڪير اُتي ويھي- جت لڳو سينور ساھہ کي

سر آسا

(326)
مون سان ڪا ميان! ٻولي ڪر نہ پن جي
ويھہ تہ ٿئين ويجهڙو، اچي اسان سان
وٿي ڀر وچان- تہ حاصل ڪرين هڪ کي

(327)
اسان پرکي پاڻ- حاصل ڪيو هڪ کي
جهوري هئي جنھن جي، سو پڻ هيو ساڻ
ڪجو سچ سڄاڻ- ٻول وساري ٻن جو

(328)
تو ڪيئن تو منجهان- ڏک پسي ڏاتار جي
اڇي اُجري آب ۾، گيرٽ گڏ نہ ميان!
وائي ٻي وچان- ڪڍ تہ ڪاڻيارو نہ ٿئين

(329)
وايون، بيت لکان- ماڻھوءَ سندي موھہ تي
لکندي لاهيارن تي، پورو ڪين پوان
ڪتان ۽ ڪنبان- دلبر پنھنجي ديس ۾

(330)
تو ڪيئن منجهان تو- ڏٺو آ ڏاتار کي؟
ماڻھوءَ سندي موھہ کان، وڏو وڙ نہ ڪو
دئيءَ جو دوکو- ميٽ تہ موچارو ٿئين

(331)
تو کان ڌار نہ مون- تون پڻ منھنجو تڪيو
ماس هڏا ٻئي هڪ ها، جڏهن ڄاوا سون
پوءِ ڪيئن ميان! ڪرين ٻولي ٻن جي

(332)
تو ڪيئن منجهان تو- ڏٺو آ ڏاتار کي؟
اٿئي ڪو اصل کان، ماڻھوءَ مٽ نہ ڪو
منھنجو ٻول اهو- مڃ تہ موچارو ٿئين

(333)
اصل آهين هڪ- ٻيلي ٿيءُ نہ ٻن جو
سچو چوندي سچ کي، لفظن ۾ نہ لڪ
سر ملائي سڪ- تہ ٻڏيءَ مان ٻيڻا ڪرين

(334)
وچ تان ڪين وريو- اُڪيري ويو اٿاھہ مان
اُڪاريون ﷲ آ، توڙي پاڻ تريو
چون ٿا چريو- پڏائي ٿو پاڻ کي

(335)
پوڄ نہ پنھنجو پاڻ- پوڄا ڪر پريت جي
ڪر نہ سيوا ڪوڙ جي، سچ وهاري ساڻ
پاءِ اُهو پھرياڻ- جو پائڻ سان پورو ٿئي

(336)
املھہ ماڻھوءَ موھہ- املھہ آهي آدمي
ٻڌيءَ تي ٻوڙو ٿئين، ڏسي ڪر نہ ڏوھہ
ڇنڊ اُنھيءَ تي ڇوھہ- جو ڪري سيوا ڪوڙ جي

(337)
پنھنجو ٿيءُ امام- پوڄ بہ ويٺو پاڻ کي
ماڻھوءَ سندي مام جو، اهو ٿئي انعام
هڻ اُهائي هام- جا ٻول وساري ٻن جو

(338)
پاڻ- وهيڻو ٿئيءُ- ڪر نہ ٻولي ٻن جي
مون وانگي هن مڌ کي، پاڻي ڄاڻي پيءُ
اٿئي رستو ايءُ- اَنا جي اظھار جو

(339)
مون ماڻھوءَ جو من- ڏٺو پنھنجيءَ ڏات ۾
مون کي لڳو ماءُ! سو، جھڙو ڪو جوڀن
ڏٺو سچ سڀن- اَنا جي اوتار ۾

(340)
هي ماڻھوءَ جو ماھہ- جنھن ۾ بوءِ بھار جي
اک وجهندي اِن تي، ڇڪن ٿيو هو “شاھہ”
ڳھلن ڀانيو ڳاھہ- جو اصل گهر انسان جو

(341)
ماڻھوءَ جو من مون- ڏٺو پنھنجيءَ ڏات ۾
وڌي سگهہ سرير ۾، ڀاڳل منھنجيءَ ڀون
ٿيو نينھن نئون- لڳو پيرو پاڻ مان

(342)
ميان! ڪو ماڻھو- ڀاري ناهي ڀونءِ تي
ناهي ڪنھن نگر جو، آدم اياڻو
ڄاڻن ٿا ڄاڻو- اونھي وٿ انسان جي

(343)
ڀاڳياڻي ڀلي- کڻي وکون کيت ۾
چني ويڙهي چيلھہ کي، پٽي ٿي پلي
هلو، تان هلي- ڏجي واس وجود کي

سر پرڀاتي

(344)
ڪيا ڪولابن- ڪاڻيارا جي ڪاج ۾
پليا پنج- ڪڻيءَ تي، ٻي ڪا ڪرت نہ ڪن
رڳو پور پنڻ جو، اٺئي پھر اٿن
سکر سي سڏجن- جي پرھہ آيا پوک ۾

(345)
پرھہ جو پنن- ڇڏي هاج هٿن جي
هڻي سئن صبح جي، ٿا آزاري اُٿن
هلي هر ٻڌن- تہ ڪو بہ نہ ڪاڻيارو ٿئي

(346)
ڪولا بن ڪيا- ڪاڻيارا سڀ ڪاڄ ۾
سي ڪيئن ٿين سنرا، جي پورن ۾ پيا
اهڙا اڻ- چيا- بکن بيراڳي ڪيا

(347)
پني ڀرين پيٽ- سي نہ اسان جي اڍ مان
کٿوريا جن کيٽ- پار تني جا پڌرا

(348)
ڪر نہ ڪولابو- پاءِ نہ ڳانا پٽ جا
ڪري ڏاٽو ڪڇ ۾، ڪڇي ٻڌ ڪانبو
نہ تہ اچي اولانڀو- ڏيندءِ ماڻھو ڏيھہ جا

(349)
ڪنٺا ڪولايا- پائي گهم نہ پوک ۾
ٻڌي هر ٻنيءَ ۾، ڪڇي ٻڌ ڪانبا
گابيون ۽ گابا- جيئن چرن گور گسن تي

سر يمن ڪلياڻ

(350)
هاڻي جي هلن- ڪري سانگ ڪڪوھہ جو
پيڻ سان پروڪو، متاريون مچن
اکين ساڻ پسن- صورت ساهڙ ڄام جي

(351)
هلي ويا هاڻ- ڪري سانگ ڪڪوھہ جو
آگاهي اڄ جا، سنبرن ڪيئن سڀاڻ
تون پڻ هاڻي تاڻ- تہ ٿئين آگاهي اڄ جو

(352)
هلو تان هاڻي- ڪجي عرض ڪلال کي
سچو مڌ سڀن کي، آڇيندو آڻي
سرو سڀاڻي- ڪھہ ڄاڻان ڪنھن کي ملي

(353)
هاڻي ئي هلو- تہ ڪجي عرض ڪلال کي
اٿو سڌ سري جي، اسان سان نہ الو
انگورئون ڀلو- سلو آهي سچ جو

(354)
هڪ سرو، ٻيو سوال- ڪير نہ ڪاڻيارو ٿئي
نڪتو پڻ ناتال ۾، قربائتو ڪلال
وٽيءَ جو وصال- مشاهدو محبوب جو

(355)
ڪونھي سپ ڪڪوھہ ۾، هي موکيءَ جا هن مٽ
اِن ڪلالڪي ڪڪوھہ جي، ڄاڻ نہ رکن ڄٽ
جن شاهي لاٿا ڇٽ- سي پاڳارا پر ٿيا

(356)
ڪونھي سپ ڪڪوھہ ۾، ڪا موکيءَ جي آمام
ويٺي آڇي واٽ تي، جنھن تنھن ڀري جام
هڻي موکيءَ هام- متارن کي ماريو

(357)
ڪونھي سپ ڪڪوھہ ۾، ايءُ موکيءَ جو منڊ
ڪن ورلي ملي ونڊ- اِن ڪلالڪي ڪڪوھہ جو

(358)
ڪونھي سپ ڪڪوھہ ۾، ايءَ موکيءَ ٻاري آڳ
متارن کي ماڳ- رسائيندي رات ۾

(359)
ڪونھي سپ ڪڪوھہ ۾، ايءُ موکيءَ جو آمنڌ
متارا مٽن تان، پري ڪر م ڪنڌ
اکين لاهي انڌ- سرڪي اِن سري جي

(360)
ڪونھي سپ ڪڪوھہ ۾، ايءَ موکيءَ جو آمڌ
متارا مٽن ڏي، وچينءَ سان ئي وڌ
ڪري اندر اڌ- پيءُ تہ پاڳارو ٿئين

(361)
موکيءَ جي مجاز جو، ڇرو ناهي ڇيھہ
کولي مٽ ڪڪوھہ جا، پاڻ چوي ٿي پيھہ
وٽي ڀري ويھہ- تہ موکي پسون مڌ ۾

(362)
موکيءَ جي مجاز جو، ناهي ڇيھہ ڇرو
کڻي نھاري کڙھہ تان، نيراني نرو
سينگاري سرو- وٽيون رکيائين وچ تي

(363)
مڙئي متارا- مڙني شوق شراب جو
موکيءَ جي مھاڳ ۾، اڏين اوتارا
وھہ جا وڻجارا- سري سگهارا ڪيا

(364)
متارن کي مس- سري سجاڳي ڪيو
گهارين ڪين گهرن ۾، چکين اهڙي چس
ڏاهن ڏيئي ڏس- سگها سمھاري ڇڏيا

(365)
موکيءَ مٽ نوان- چڪايا چنڊ رات جو
هر ڪنھن وائي هيڪڙي، پھريان آءٌ پڄان
موکيءَ جا مزمان ٿيا، هڪ سکر ٻيا سڃان
ازل جا اُڃان- موکيءَ متوارا ڪيا

(366)
سر ڏئي، وٺڻ سرڪ- مرڪ نہ متارن جو
ڪاڻيارا! ڪلال جي، ڇو نہ ڀڃين ٿو ڇڙڪ
مڌ وٺ، ڏيئي مرڪ- تہ سرجي رت سرير ۾

(367)
ڪوٺي ٿو ڪلال- ڀري وھہ وٽين ۾
سر گهري ٿو سرڪ تي، دوکو ڏئي دلال
آڇي سر اڏيءَ تي، ماڻھو سو نہ مال
اِهو خام خيال- مٽ تہ متارو ٿئين

(368)
سرو آڇي سر- جنھن وڍيو، سو ويري ٿيو
ڪڏهن اُن ڪلال جي، گتي ۾ نہ گهر
پيڻ ناهي پر- هئڻ ناهي حادثو

(369)
آڇين پئي اڏي- سري سنديءَ سرڪ تي!
اڃان ٽڙنديون ٽاريون، ناهي جان جڏي
موکي پٽ مڏي- يا ڪور نہ ڪنھن جي ڪنڌ کي

سر کاهوڙي

(370)
ڏڦا ۽ ڏانگهون- کنيو ڦرن ڦير ۾
آهيڙين اسر جو، ٻڌيون هن ٻانگون
تيڏيون ٿن تانگهون- جيڏو شوق شڪار جو

(371)
ڏڦا سارو ڏينھن- کنيو ڦرن ڦير ۾
هيٺان اوبر اُٻ جو، مٿان پوي مينھن
تيڏو نسريو نينھن- جيڏو شوق شڪار جو

(372)
نہ واٺا، نہ وڻراھہ- نڪا ڪاھہ ڪتن جي
رات بہ اِنھيءَ راھہ- سؤنچو هيو سڃ جو

(373)
نہ واٺا، نہ وڻ- ڇانو- نڪو پير پکيءَ جو
ڀينر! سڀ ڀڃي ويا، ٿڌا ڪوسا ٿانو
ڪنھنجا وٺان نانو- مڙئي جوڙ جتن جو

(374)
نہ وانجهي، نہ ور- نڪو بيگ بندر جو
مٿي ڪن- ڪپر- هڻن ويٺيون هٿڙا

(375)
نہ وانگي، نہ وڻ- لام- نڪي چوڳ چڪور جي
وئي ويچارن وسري، مٿي سر اڏام
مون کي اِنھيءَ مام- سرڪ پياري سور جي

(376)
نہ ٿوڻيون، نہ ٿاڪ- نڪي اوٽ اتر جي
جهليو ڇڄ هٿن ۾، ويٺيون ڏين واڪ
گل لڳائي گج تي، پھري ٿن پوشاڪ
تڏهن ٿا اوشاڪ- ڏين واس وجود کي

(377)
نہ ڇور، نہ ڇانو- نڪي اوٽ اتر جي
پوءِ بہ منھنجي هانوَ- مڃيو ناهي مات کي

(378)
ڪتن کي ڪاهي- هل آهيڙي! هوڏ مان
وينڊو واٽھڙن تي، بيٺو ٿو باهي
اِهو ئي آهي- ڀور اسان جي ڀونءَ جو

(379)
کاهوڙي کڻي- سمر نڪتا سڃ جو
چڙهندي جبل چوٽيون، وين وار ڇڻي
هالارين هڻي- لڌو پير لڪن ۾

(380)
الک نہ اوريائون- ڏورڻ ويا ڏٿ کي
ڪپت ڪوريائون- اُپت جي اوزار سان

(381)
مرون ٿا مارين- هر ڪنھن ڏڦو هٿ ۾
ٻکيا ڀڻن ٻاٽ ۾، اوسر نہ ٻارين
هڻن، هوڪارين- سڀن شوق شڪار جو

(382)
بکن ٿيون باهيون- هر ڪنھن ڏڦو هٿ ۾
سؤر ولھين سر ۾، ڪتن کي ڪاهيون
واٺن ڪيون ويڙھہ ۾، “وٺ- وٺ” جون وايون
اِجهو ٿيون آيون! ڏين واڌايون ڏيھہ کي

(383)
وري چست وٺي- ويٺا کڏڻي وچ ۾
ڄاڻ لنگهيو ان لنگهہ کان، سا ڳو سور اچي
ويندو ڪو نہ بچي- هن ڀيري هن ڀونءِ تان

(384)
سوَر سڏائي- ڪاهي پيو ڪتن ۾
ويندن وڌو وچ تي، مرون مارائي
عقل ۽ اوصاف کي، ويٺو وڃائي
ڪھڙو ڪوٺائي- آندءِ پنھنجي انت کي

(385)
ماريندي مرون- واٺن وار ڇڻي ويا
ڪن جا هٿ ڪتن ۾، ڪن ڏڦا، ڪن ڏانگهون
ڪھڙي ڳالھہ ڪيون- واٺن جي ويڙهاند ۾

(386)
مرون ماريندي- واٺن وار ڇڻي ويا
لڪو جو لوڪ کان، آهيڙين ايندي
ڦري ويا ڦير کي، ڪتن کي ڪوٺي
ڏڦن سان ڏنڀي- مرون ماري آئيا

(387)
چڙھہ تہ ڇڄن چوٽيون، وڌ تہ ٿين وار
ڪانئر اِنھيءَ ڪنڊ کان، ڏني آ ڏيکار
اها هڻ هٿيار- جيئن جبل پڻ جهري پوي

(388)
کڙو کوريءَ ۾، هوڪر ڪري هڻ
سوَر ايندءِ سامھون، مٽين ٿو مسڻ؟
ڏڪ نہ، ڏڦو هڻ- مرونءَ کي موناڙ ۾

(389)
اٿيا آهن اَڄ- وڄ لڪائي ويس ۾
وڄر! تنھنجي وات ۾، باقي هڪڙو وڄ
برا هتان ڀڄ- نہ تہ مرون! ٿيندءِ مامرا!

(390)
جتي کتا پير- اُتان جڙي واٽڙي
ڀڃي آيا ڀاڳيا، هاهياري جي هير
سوڀارا سوير- مرون ماري آئيا

(391)
ڀڃ نہ اها ڳاٽ- جي مور نہ موٽائي سگهين
مرون! هن مھاڳ تي، خوني! هڻ نہ کاٽ
واٺا هن وڻڪار جا، چکائيندا چاٽ
وڄر! تنھنجي واٽ- ڪندا بند اتر کان

(392)
لتاڙي لوڙهو- کائي ويو کيت کي
ڪرٽيو اٿئن ڪرنگهہ کي، پڪ آهي پوڙهو
ٻٽو ۽ ٻوڙو- ايندو ڪم ڪتن جي

(393)
ڀري ٿن بندوق- لڳن پيرو پٻ ۾
بري کي ٻٺيءَ تي، ماريندا ملوڪ
مڙي جي مخلوق- وڄر پوندو وئل ۾

(394)
ڀڄي پئي بندوق- لٿاسين ٿي لڪ تان
تڏهن آهي تڪڙي، هڻ، هڻ واري هوڪ
ماريندي مخلوق- وڄر کي وڻڪار ۾

(395)
ڀري هڻ بندوق- مرونءَ کي موناڙ ۾
لنگهيو آهي لڪ ۾، ڪر ڪتن کي ڪوڪ
مون سان آءُ ملوق- تہ سوَر کي سوگهو ڪيون

(396)
هاري ڇڏي هر- ٽپيا هن ٽڪر تان
ٿميان اٿن ٿم ۾، سگهارا سوَر
ڳڀا ۽ ڳنر- وڄر ٿيندا ويڙھہ ۾

(397)
هر ڇڏي هاري- لھي ويا لڪ ۾
وهاريو ٿن وانڍ ۾، جو ڀونءِ مٿان ڀاري
جنگ رکي جاري- سڀئي سوڀارا ٿيا

(398)
هاڻي ڇڏي هر- ٽپيا اِن ٽڪر تان
ويا آهيڙي اُڪري، واٺا وجهي ور
وينڊا ۽ وڄر- ڀاڱا ٿيندا ڀونءِ تي

(399)
چؤ- پيرو، چو- آڱريو، ڀوائتو ڀؤر
ماريو ڪنھن تہ مام سين، موٽي جيئي نہ مؤر
ڪري ڪوَر، ڪوَر- آهيڙي ٿيو اڳ ۾

(400)
گهوڙا ڙي، گهوڙا! ڪوھہ ڪرين ٿي ڪامڻي!
پسي سؤر پوک ۾، سج- لٿي سوڙها
ويٺا چوٽو وچ تي، جاءِ مٽي جوڙا
اورانگهن اوڙا- تہ ٿيندا بک بندوق جو

(401)
نيلم ناهي نانگ- جيئن تو لکيو لھر مان
مون پڻ وجهي ماٺ ۾، ڇوليءَ جو ڇلانگ
ايءُ سوايو سانگ- ڪارڻ آهي قوت جو

(402)
نانگ نہ آ نيلم- جيئن تو لکيو لھر مان
پاڇي ۾ پربت جي، وتو جر جنم
اِي ڪاسباڻو ڪم- ڪارڻ آهي قوت جو

(403)
مڙيو ئي ماٺار- نيلم آهي ننڊ ۾
نہ ڪنھن لنگهندي لنگهہ مان ڏٺوسين ميھار
نہ ڪنھن تڙ تنوار- نہ ڪا سھڻي سير ۾

(404)
اسان سوريو ساز- پسي نيلم ننڊ ۾
سور ڀريوسين سير ۾، آلاپي آواز
محبتي مجاز- ڏنو سي تنھن ڏيھہ کي

(405)
هت نہ لڳي هڪ- ٿڌي هير ٿرن جي
نڪو ڏٿ ڏهر ۾، نڪا پيتم پڪ
منھنجو من منھائيو، ڇيلن واريءَ ڇڪ
سندن مارن سڪ- ڪيئن لڪايان لوڪ کان

(406)
هيءُ نہ ڏسان ڏيھہ- جنھن ۾ واس ولھار جو
چيو ڪنھن نہ چاھہ مان، وڃ نہ ميان! ويھہ
ساريم سو ساڻيھہ- جت اسان جا جهوپڙا

(407)
اُٿي آرس ڀڃ- نيلم! ڇڏ ننڊن کي
سڪوندن جي سڏ تي، ور کڻندي وڃ
سنڌ ولائت سڃ- جت اُڃارا جهوپڙا

(408)
نيلم! ننڊون ڇڏ- هل تہ هاڪاري ٿئين
جنکي اُڃ ازل جي، اُٿ تني کي اڏ
سڪوندن کي سڏ- مارڳ موچاري ٿئين

(409)
هيءُ نہ اهڙو هنڌ- جت اسان جا جهوپڙا
ايندي ڪنھن نہ آڇيو، مئخاني جو منڌ
پرکي ڏٺم پنڌ- تہ ڪونھي ڏوھہ ڪلال جو

(410)
نيلم! ڪر نہ ننڊ- پاسا کوڙ نہ پاهڻين
جڏهن وڳا گهنڊ- سڌو وهندينءَ “سنڌ” ڏي

(411)
هيءَ نہ اهڙي جوءِ جت اسانجا جهوپڙا
سيبائي نہ ساھہ کي، رت- هاڻي روءِ
گل ڇني گل بوءِ- ماڻيان شال ملير ۾

(412)
هاهيار! نہ هل- سور! اسان جي سڌ ۾
لڪڻ جيڏي لوڪ کان، ڪا نہ اٿيئي ڪل
آهين پويون پل- ڀوَر اسان جي ڀرنءِ تي

(413)
ٿيا سڏ ساڻيھہ جا، هوتاڻي! هلو
ڪوڪاري ڪتن کي، ڪيو گور گلو
سلو سوءِ ڀلو- جنھن رکيو پختو پاڙ کي

(414)
ننگا ۽ نانگا- ڏوٿي منھنجي ڏيھہ جا
ڇڏي نڪتا ڇپرين، ڀونگا ۽ ڀانگا
ڪھہ ميان، ڪانگا! خبر کاهوڙين جي

سر گهاتو

(415)
ڇڄ ۾ قطاران- ڪاھہ تہ رسين ڪن کي
ڪندءِ مڇ ملاکڙو، اچي اوڀاران
مانگر جون ماران- سھہ تہ سوڀارو ٿئين

(416)
ڇڄ ۾ ڇڳيرن- سکاڻي! سمونڊ تي
ٻڌو ڪڙو ڪن تي، اچي آڳڙين
هو کوها ٿا کڻن- تو سڌو رک سکان کي

(417)
ڇڳيران ڇڄي- جنھن پوريو، سو پرزا ٿيو
ٻيڙي مئي ٻار ۾، پيس ڀڀ ڀڄي
مٿي جر جهڄي- ٿيو ڪاڻيارو ڪن جو

(418)
ڇڳيران نہ ڇڄ- هڻ تہ هاڪارو ٿئين
ريٽيءَ رتو ڇاڻ ۾، ڀرن سوڌو ڀڄ
متان اُلھيءَ سڄ- ٿئين ڪاڻيارو ڪن تي

(419)
سچ ٻڌاءِ سنڌو! ڪير مئا هن ڪن ۾
پاسن کان پاڻيءَ تي، لڙهي ٿو لھو
هتي هوبھو- ڪايا آھہ ڪلاچ جي

(420)
سنڌو! سچ ٻڌاءِ- ڪير لٿا هن ڪن ۾؟
گهاتو هن گرداب جا، ڪھڙي تڙ ڪياءِ
مون کان لين لڪاءِ- اوڀاهڪيءَ اڍ کي

(421)
سون- مياڻيءَ سڏ ٿيو، مڙني ملاحن
سکاڻي! سمونڊ تي، مانگر ٿا مڙن
ننڍا، وڏا نڪرو، موکيو مياڻين
اُهي پڻ اچن- جيڪي جر جڏا ڪيا

(422)
سڙهن، ساندارن- اُڪاريا اٿاھہ مان
هڻي هاڪارن- لڌو انت ڪلاچ جو

(423)
وريو جڏهن واءُ- ساڪا ڇندو سڀڪو
هاڻي ڪاھہ ڪلاچ تي، تون ناکئا! ڇوڙي ناءُ
دنگيءَ ۾ درياءُ- وجهہ تہ وڻجارو ٿئين

(424)
اوڀاهين جي اڍ- ڪر تہ اُڪرين ڪن مان
ونجهہ هلائي وڍ- مانگر کي مھراڻ ۾

(425)
“موکيو مياڻيون- ڪري ڪاھہ ڪلاچ تي”
واڪا ڪن ورن کي، مڙي مھاڻيون
ناريون، نياڻيون- جهپ ڪري جاڳي پيون

(426)
گهاتو سڀ گهڙندا- ڪاهي ٻيڙا ڪن ۾
سڄي رات سمونڊ تي، ويريءَ سان وڙهندا
چنڊ لٿي چڙهندا- اُڪاري اٿاھہ تي

(427)
گهڙ اُتان گهاتو! جتان اولڻ آب جو
ڏمرجي ڏاتو! ڪاھہ تہ اُڪرين ڪن مان

(428)
گهاتو گهڙ اُتان- جتان پاڻي ڪن جو
گهتن تي گهتان- هڻ تہ هاڪارو ٿئين

(429)
گهڙندا گهاتوئڙا- ڪاهي ٻيڙا ڪن ۾
مٿي ڪن ڪڙا- هڻندا ڪري هوڪرا

(430)
نينڍوءَ تي ناکئا- آڌيءَ اُڪاري ويا
سڀن سڃاتا- ماري هئا مڇ جا

(431)
اڻ- سونھان اُڪرن- سونھان سائر ٻوڙيا
اها سرت سرير جي، موڙها ڀل مڃن
لھرون سي لنگهن- جن کي سڌ سمونڊ جي

سر سورٺ

(432)
چارڻ! چؤ تون ڪئين- هڻين سئن سريءَ جي
مڱڻا! هن مھاڳ جا، ساھہ نہ سرچن ائين
هڻ هٿن کي هيئن- تہ سرجي رت سرير ۾

(433)
چارڻ ٿي چيو: آءُ سوالي سر جو
راوا منڱي رت جو، ڪينر ڪڇ ڪيو
پوياڙيءَ پيو ٿو ڪوري پنھنجو ڪينرو

(434)
چارڻ ٿا چون: ڏمريا آهن ڏياچ تي
رون رون تي رت ڇاڻ جي، روٺا هام هڻن
آرڻ جي اُٿن– تہ هرڪو هاڪارو ٿئي

(435)
چارڻ! چؤ ڪئين تون– هنئين سئن سريءَ جي!
راور منڱي نہ رت جو، ڀاڳياڻي جا ڀون
جيڪي چيو مون– سڃ تہ موچارو ٿئين

(436)
چؤ تون ڪئين چارڻ! هنئن سئن سريءَ جي
جي تو سڌ سڪڻ جي، اُڪري وڃ آرڻ
ٻار نہ سي ٻارڻ– جن ڏنڀيو سر ڏياچ جو

(437)
چارڻ چيو ٿي! “آءٌ سوالي سر جو”
اسان اُن مهل هو، پيتو سرو پي
ايندي مڌ آڇيو، اسان اُنھيءَ کي
چڪيءَ کي چکندي– چارڻ ڀڳو چنگ کي

(438)
چارڻ! تون چريو– ڪوڙو تنھنجو ڪينرو
اڃان ڪين اندر ۾، ٻارڻ ڪو ٻريو
ڪئين سو کير کريو – سرجيو جو ساڻيھہ ۾

(439)
ٻار نہ ائين ٻيجل– چوري تند ڪماچ جي
اڄوڪي انسان جي، کوري وجهہ نہ کل
اسانجي اهل- سک تہ سوڀارو ٿئين

(440)
مون ۾ آھہ مٽي– مان مٽيءَ جي گود ۾
چارڻ! تنھنجي چنگ ۾، ٻولي آھہ ٻٽي
چوء ڪا ڳالھہ چٽي– يا ڀڄ اسانجي ڀونءِ تان

(441)
اڳي هيءُ آواز–سڻيو ڪنھن نہ سنڌ ۾
ساڳو آهي ساز– آهي هاج هٿن جي

(442)
اڳي هيءُ آلاپ– سئو ڪنھن نہ سنڌ ۾
متان هي ميلاپ– طالب هجي تند جو

سر سارنگ

(443)
مڃر جي مروڙ – هر ڪنھن ڏاڏو هٿ ۾
ڏوٿين ڪيا ڏٿ جا، کرا ميڙي کوڙ
ناڪيليون نيون ڪري، ويٺا جوڙن موڙ
اِن جهڙ سنديءَ جوڙ– سانگهن کي سرهو ڪيو

(444)
سارنگ سڏ سڻي – وٺو ساريءَ سنڌ تي
کوڙ ڪيائون کيت ۾، للر ڪي لڻي
ڏوٿي ڏهر ڏٿ جا، چون ٿا چڻي:
اجرڪون اڻي– آڻيو سچي سٽ جون

(445)
سارنگ ڪري ساڻ – آيو اُڃ ازل جي
برسي ساريءَ ڀونءِ تي، پسايائين پاڻ
مڙيوئي مانڊاڻ – اوٻارو هو اڃ جو

(446)
ڪتيو ڪاتارا سچا ڦورا سٽ جا
اُتران ڪڪر اُڀ مان، ڏنا ڏيکارا
اڙي، آسارا! لاھہ نہ آگم آسرو

(447)
ڏنو ڏيکارو– اچي جهڙ اُتر کان
اٿس اڄ اُڃن تي، وسڻ جو وارو
هي تڙ تاسارو – ڏهر ڀريندو ڏيھہ جا

(448)
پاڻ نٿو رولي– سنگهارن جي سڪ ۾
اُڃو پاڻ ازل جو، ٿو ڳوٺاڻا ڳولھي
ڇپر ڇاڇولي – اُجهائي ويو اڃ کي

(449)
وانگين تي وسندو – اُتران اوهيرا ڪري
ڀري جهوليون ڀرٽ جو، سنڱر کي سٽبو
اسر ڏئي اُٿبو – دلبر پنھنجي ديس ۾

(450)
بادل ٿا برسن- ساري هن ساڻيھہ تي
اُڃن ڪارڻ اڀ ۾، چٽيا چٽ اٿن
چيو چوڙيلين “ٿر بر وٺا مينھڙا”

(451)
چون چوڙيليون– ٿر بر وٺا مينھڙا
ڪيون آهن ڪڇ تي، ٻاٻيھن ٻوليون
ڀري آيون ڀرٽ جون جهانگياڻيون جهوليون
مورا ۽ لوليون– مارن ڳاتا ماڳ ۾

(452)
هالارن هن سال– ڏني سڌ سڪار جي
ونين ويس کٿوريا، موتئي جي مثال
چوڙيلين جي چال – سٽ لکائي سونھن تي

(453)
چوڙيلين چوليون– ڪيئن رنڱايون رت ۾!
نڪي بوءِ بدن جي، نہ اُٺي جون اوليون
ساهيون سينڱ ڪمان کي، يا ڪتن کي کوليون
ٻيھر جيئن ٻوليون- ٻڌو ٻاجهارن جو

(454)
اوتي ٿو اتر– مٿان ڇانو نہ ڇپرو
ٻاهر ٿڙڪو ٿڌ جو، اندر ۾ اوٻر
ماڻھن ليکي جر – پر اصل ڄر ڄمار جي

(455)
چيو چوڙيلين: “هن ٿر وٺا مينھڙا”
جھڙا ڏهر ڏيھہ جا، تھڙي سونھن سندن
جڏهن تڏهن جن– ٿورا ڳاتا ٿر جا

(456)
الا! اونڌي ڪنڌ– اُڃين تنھنجو آسرو
وسي پوء ولھار تي، هيڪاندو هر هنڌ
بوندون ڪر ۾ بند تہ لھي اڃ اروڙ جي

سر ڪيڏارو

(457)
ٽڙي ٿي ٽلٽي– اٿس بار بلال جو
اِجهو ٿيو ڪلٽي- ڪانئر اِنھيءَ ڪنڊ ۾

(458)
وڃي ڄام کنگهار– اڳ ڪڍيو ارغون جو
ساموئيءَ جي سڪ ۾، ٻکيو آ بيھار
جنگ کٽي جهونجهار– شھہ ڏيئي شھبيگ کي

(459)
جنبو جاڙيجا! اٿو بار بلال جو
ساموئي جي سوڀ جي، خبر آئي آ
ننگر نومڙيا– آيا سڏ ساڻيھہ جا

(460)
اُمراڻيِءَ اپار– ارغوني اوري ڇڏيا
جهولايو جهالار ۾، بلاول جي بار
وهيو اٿس وڍ مان، لھو ڪر لار
ڪري رڙ کنگهار– اُڊيڙيو ارغون کي

(461)
جي اجهل تون ارغون- تہ آءٌ بہ سوڍو سنڌ جو
سو کپائج خون– جوموڳا موٽائي سگهين

(462)
ڀلي ڀاڱا ٿيءُ– مارن ۽ ملير تان
اصل اٿئي ايءُ – آکيرو ارواح جو

(463)
ڀاڱا ٿيو بلال – تون ڪانئر ! ڦرين ڪاڄ ۾!
ڪھڙو کڻي ڪنڌ ٿو، ھھڙو پسي حال
ڇڳيراڻو ڇال– مار تہ موچارو ٿئين

(464)
ٻٻر، دل، شورا– سوڍا پٽ ساڻيھہ جا
ڏٺا اٿن ڏيھہ ۾، شھبيگي ڇورا
ڪنڌ کڻي ڪورا– پيا ڪاهي پڙ ۾

(465)
شورا، ٻٻر، دل– سوڍا پٽ ساڻيھہ جا
ڪري ڪان هٿن ۾، هڻن ڏئي هڪل
کوڙ لڪائي کل– ڀاڙيتو ڀڄي ويا

(466)
مٺڻ ۽ محمود– سوڍا پٽ ساڻيھہ جا
ڪھي ڇڏيائون ڪيترا، ارغوني انود
دل دکائي دود– پيسا ڪاهي پڙ ۾

(467)
شورا، ٻٻر، دل– سوڍا پٽ ساڻيھہ جا
آڀرا ڀانءِ نہ ابڙا، جاڙيجا جبل
آندو ٿئي اجل– ڀاڙيتا! هن ڀونءِ تي

(468)
ڀڄي ٿو بيروت– سڀ ڪنھن وائي سوڀ جي
ڪونھي اِن قطار ۾، ڪو آديسي اڇوت
هو ڏس! سڙيل توت– جنھن ۾ بوءِ بھار جي

(469)
ڀنڃين ٿو بيروت– للڪاري لبنان کي؟
مٺو آهي ماءَ جيان، سر جو هڪ هڪ سوت
تو جو وڍيو توت– آ ڀرم هن بيروت جو

(470)
ڪان ڪري ڪڙڪو– نيٺ لڳو نيشان تي
جو سڌو نڪتو سينڱ مان، سو ڇو نہ ڪري ڇمڪو
ماريءَ جو مڻڪو– ڀڳائين بيروت ۾

(471)
ڪان ڪري ڪڙڪڙ– نيٺ لڳو نيشان تي
متان مارين ڪو ٻيو، رڻ مان آئي رڙ
جيڪي هيس هڙ، سو ويريءَ خون وهائيو

(472)
پڇين ڇو پاڪي؟ ڀڃ مڻڪي کي مڪ سان
ڪر نہ اهڙي ڪنڌ جي، “بيوس” بيباڪي
کولي ڇڏ خاڪي! سرويچاڻيءَ سگهہ کي

(473)
ڪيئن پڇين ٿو ڪات؟ مياڻيءَ جي ميدان ۾
اسان واريءَ اڍ ۾، روا ناھہ روات
ڳائي راڳ کنڀات- ڀڃ مڻڪي کي مڪ سان

(474)
ڪانھي ڪھاڙي- ڀڃ مڻڪي کي مڪ سان
بلالڪيءَ ڀونءِ تي، پر نہ تو پاڙي!
هڪل سان هاڙهي- ڪير تہ سونھين ڪاڄ ۾

(475)
ڪوھہ پڇين ڪاتي؟ ڀڃ مڻڪو مڪ سان
وڙهندي هن ويڙهاند ۾، ڇپر ڪر ڇاتي
پڙ ۾ پرڀاتي! هڻ تہ هاڪارو ٿئين

(476)
ساريان ويٺي سي- جن جي تاب ترار ۾
پرھہ لٿا پڙ ۾، جتين بنا جي
ڏيھہ! تني کي ڏي- اڃان سگهہ سرير ۾

(477)
محرم جي آئي- اسان تير تکا ڪيا
لڪي هن لڪن مان، ٿو ويري واجهائي
اچي اُچائي- تہ لاهيون بار بلال جو

(478)
محرم آ مون وٽ- تو کي اُلڪو عيد جو
خوشيءَ ۽ خريد جو، سانگ سمورو سٽ
آءُ اسان جي هٽ- تہ ڏجي تيک ترار کي

(479)
محرم هاريا مٽ- رات بہ ريٽي رت جا
خوشيءَ ۽ خوشبوءِ جا، آءٌ تہ کوليون هٽ
ساهن کاڌي سٽ- پسي تاب ترار جو

(480)
الا! اَل- بروھہ- ملي جي محمود کي
ڏهر ٽڙن ڏات جا، لنڱ وسارن لوھہ
ممتا سندو موھہ- جيئن پچي، تيئن پختو ٿئي

(481)
اَل- بروهي! آءُ- تہ کڻون پيرو پرھہ جو
جيڪا رت رابيل جي، جنھن کي آھہ جٽاءُ
وريو آهي واءُ- آءُ تہ آگاهي ٿيون

(482)
اَل- بروهي! اچ- لاکيڻي لبنان ۾
ممتا سندي مچ ۾، نانگا بيھي نچ
پاڻ ملھائي پچ- تہ اوڏو ٿئين امڪان کي

(483)
الا! اَل بروھہ جو، نہ پتو، نہ پاند
ڪاڏي ويئي ڪامڻي، ڪاڏي ويو ڪانڌ!
وٺي ڪير پلاند- تاسارن تڙن جو

(484)
اِجهو مون احوال- آندو اَل- بروھہ جو
ڏسي آيس ڏيھہ ۾، جنھن تنھن کي جلال
ڪونھي اُن ڪنڌيءَ تي، ماڻھوءَ جو مثال
قبوليو ڪمال- ماٺار موٽي ويا

(485)
ادا! اَل- بروھہ جو، آهي ڪو اهڃاڻ؟
ڀريل ڪنھين ڀت کان، ڪنھن نہ پسايو پاڻ
وٽيو ڪنھن نہ واڻ- آئي ڪا بہ نہ ائٽ تي

(486)
نہ جهرن نہ جهڻڪن، نہ سي ڪن سرچاءُ
سوريءَ واريءَ سٽ ۾، ڪو نہ جني ڪھڪاءُ
مون سي ڪيا ماءُ! سيڻ مٽائي سپرين

(487)
ننگا نڪرندا- ڏوٿي منھنجي ڏيھہ جا
متارا مٿن کي، للر جيئن لڻندا
ويرين تي وسندا- گولا بڻجي گئس جا

(488)
ننگا ٿي نڪتا- هڻين چڪ هٿن ۾
ڌٻڻ لڳيون ڌرتيون، ڪيا وڄ ڪڙڪا
ويريءَ تي وٺا- گولا بڻجي گئس جا

(489)
اکيون اُماڙيون- لنڱ گڏيائون لوھہ ۾
ڪري نڪتا ڪيترا، چولا چيھاڙيون
ڪلھين ڪھاڙيون- سوڍا هوندا سنڌ جا

(490)
اِجهو پئي اڃان- جهپ ڪري هن جاءِ ۾
ڏٺا نيڻن ننڊ ۾، ماڻھو لوھہ- لنڱان
چڙهيا پئي چوٽيون، واري، واري سان
اکيون جو پٽيان- ڀريم سرڪيون سوڀ جون

(491)
سڀن ڳاڙها هٿ- سڀن ڪات ڪلھن تي
وچينءَ جو ويڙهاند ۾، سٽي ڪيائون سٿ
ڪا نہ هئي ڪٿ- هو نظارو نينھن جو

لطيف ڏانھن

(492)
لات لطيفي مون- ڳاتي ويٺي ڳجهہ ۾
ويو وچان نڪري، ميان! مون ۽ تون
لوچي لڌوسون- لطف ساڻ “لطيف” کي

(493)
مون لطيفي لات- ڳائي ڏٺي ڳجهہ ۾
ويئي سا وچينءَ جو، مون کي ڪري مات
تڏهن منھنجيءَ ڏات- لڌو پيرو پاڻ مان

(494)
لوءِ لطيفاڻي- جوتي جهاڳي آئيا
تني سندي تڪئي، آڳ نہ اُجهاڻي
پاڻ ڪري پاڻي- اوتين ويٺا اُڃ تي

(495)
لات بہ لطيفي- سر بہ سرجڻھار جو
ڀڃي تن ڀورا ڪئي، ڪايا ڪوڙ سندي
ٻولي هئي ٻن جي- پر هن ڀيري هڪ ٿي

(496)
لات لطيفاڻي- سڻيم ويٺي ساز تي
وڳي تند وجود ۾، مرڪي مياڻي
نوريءَ پاتي ناز مان، چولي چڪ- هاڻي
راءُ وٺي راڻي- ٿيو سڻائو سير تي

(497)
لطيفاڻيءَ لوءِ- رات ڀنيءَ راهي ٿيا
ڇني ساڪا سڙھہ جا، ستي لوڪ سڀوءِ
اُڪرندي اوڙاھہ کي، پاڻ نہ ڇڏيئون پوءِ
سچ آندائون سوءِ- جنھن تي ڪٽ نہ ڪوڙ جي

(498)
لطيفاڻيءَ لوءِ- رات ڀنيءَ راهي ٿيا
چڙهندي لڪن چوٽيون، پاڻ نہ ڇڏين پوءِ
جنھن سچ پويان جهور ٿيا، آندائون اُهوءِ
سڀن ڪينر سوءِ- جنھن تي ڪٽ نہ ڪوڙ جي

(499)
ڀٽائي ۾ ڀون- ڀون ڀٽائيءَ وچ ۾
روڳي! راءِ کنگهار جي، تري پٽ ۾ تون
جڙون جنھن جي جيءَ ۾ جاڙي جبل جون
متان چوين مون- ٻولن کي ٻاڙو ڪيو

(500)
چنگ جڏهن چوريو- مون لطيفيءَ لات جو
ڪڍي پنھنجو ڪينرو، ساميءَ پڻ سوريو
“بيوس” بلي شاھہ تان، پاڻ پئي گهوريو
سچوءَ سندي سچ کي، اثباتن اوريو
ڪبيرڻ ڪوريو- نفيءَ جي ناسور کي