آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪيئي ڪتاب

ھيءُ ڪتاب رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا، تجربن، تجزين ۽ يادگيرين تي مشتمل آھي. هيءُ ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو هڪ بھترين ماخذ آهي. هن ڪتاب تاريخ جي ڪيترن ئي وساريل ڪردارن کي نئين زندگي ڏني آهي. ھي ڪتاب فطرت نگاري، ڪردار نگاري ۽ منظر نگاريءَ سان گڏ حقيقت نگاريءَ تي مشتمل آھي، جنھن ۾ ليکڪ پاڻ کي بہ ناھي لِڪايو ۽ نہ ئي ڪنھن ٻئي کي بخشيو آھي.


Title Cover of book ڪيئي ڪتاب

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامور زميندار، اديب، موسيقيءَ ۽ ثقافت جي عاشق، رئيس ڪريم بخش  نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا، تجربن، تجزين ۽ يادگيرين تي مشتمل ڪتاب ”ڪيئي ڪتاب“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
هيءُ ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو هڪ بھترين ماخذ آهي. هن ڪتاب تاريخ جي ڪيترن ئي وساريل ڪردارن کي نئين زندگي ڏني آهي. ھي ڪتاب فطرت نگاري، ڪردار نگاري ۽ منظر نگاريءَ سان گڏ حقيقت نگاريءَ تي مشتمل آھي، جنھن ۾ ليکڪ پاڻ کي بہ ناھي لِڪايو ۽ نہ ئي ڪنھن ٻئي کي بخشيو آھي.
ھي ڪتاب ٻن جلدن تي مشتمل آهي، جنھن جو پھريون جلد 1980ع ۾ ڇپيو، ٻيو جلد 1988ع ۾ ڇپيو. 2018ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ٻنھي جلدن جو گڏيل مجموعو  ڇپايو ويو جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان پيش آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي