مختلف موضوع

درياءُ: منھنجو مُرشد (نوٽس)

ھن ڪتاب ۾ سنڌو درياءَ، سنڌ جي ڊيلٽا، سنڌ جي جر جي پاڻيءَ ۽ ايشيا کنڊ جي مٺي پاڻيءَ جي سڀ کان وڏي ڍنڍ منڇر سميت سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس پيش ڪيل آھي. منظور ٿھيم جا لکيل ھي نوٽس رڳو تحريرون ناھن، پر اصل ۾ احتجاج، دانھون ۽ آھون آھن. ھن سڀني نوٽس ۾ سنڌ ۽ سنڌوءَ جو ڪيس لڙيو آھي. ھن دليلن سان لکيو آھي. اسان سڀني کي نہ رڳو ھي ڪتاب پڙھڻ گهرجي، پر سنڌ جي پاڻيءَ تي لڳل ڌاڙي، درياءَ ۽ منڇر سان زھريلي پاڻيءَ جي ڪيل ظلم خلاف آواز اٿارڻ گهرجي.

  • 4.5/5.0
  • 26
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book درياءُ: منھنجو مُرشد (نوٽس)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ منظور ٿھيم جي سنڌو درياءَ ۽ پاڻيءَ جي مسئلي تي لکيل نوٽس تي مشتمل ڪتاب ”درياءُ: منھنجو مرشد“ اوھان اڳيان پيش آهي.
ھن ڪتاب ۾ سنڌو درياءَ، سنڌ جي ڊيلٽا، سنڌ جي جر جي پاڻيءَ ۽ ايشيا کنڊ جي مٺي پاڻيءَ جي سڀ کان وڏي ڍنڍ منڇر سميت سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس پيش ڪيل آھي. منظور ٿھيم جا لکيل ھي نوٽس رڳو تحريرون ناھن، پر اصل ۾ احتجاج، دانھون ۽ آھون آھن. ھن سڀني نوٽس ۾ سنڌ ۽ سنڌوءَ جو ڪيس لڙيو آھي. ھن دليلن سان لکيو آھي. اسان سڀني کي نہ رڳو ھي ڪتاب پڙھڻ گهرجي، پر سنڌ جي پاڻيءَ تي لڳل ڌاڙي، درياءَ ۽ منڇر سان زھريلي پاڻيءَ جي ڪيل ظلم خلاف آواز اٿارڻ گهرجي.
ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري اڃا تائين ناھي ڇاپيو، پر منظور ٿھيم صاحب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي، جنھن ڪري ھي ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن طور سنڌ سلامت پاران سيپٽمبر 2024ع ۾ جاري ڪيو ويو آھي.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

درياءُ، منھنجو مرشد-1

پاڪستان ۾ اربنائيزيشن (شھري) سماج جو ھڪ نقصان اھو بہ ٿيو آھي تہ اھو رورل (ٻھراڙي) واري قدرتي زندگي کي ان جي اصل معنيٰ يعني (خدا ھر شي ۾ موجود آھي) واري تصور کان محروم ڪري ٿو. پھرين اھا ڳالھہ تہ شھري سماج سڀ کان وڌيڪ دولت (رپئي پئسي جي صورت ۾) پيدا ڪري ٿو ۽ ٻھراڙي خوراڪ (ميوا، ڀاڄيون، اناج) پيدا ڪري ٿي، شھري سماج تھذيبي قدرن کان وڌيڪ سرمايي کي جنم ڏيڻ جي ڪري ماڻھن جي طرز زندگي ۾ ھڪ قسم جي منافقت ۽ موقعي پرستيءَ وارا رويا جنم وٺن ٿا، ان ڪارڻ ھڪ مقابلي واري دنيا پيدا ٿئي ٿي، سنڌ جي درياءَ جي سڃاڻپ ٻھراڙيءَ واري آھي، ٻھراڙيءَ جي زندگيءَ ۾ ٺھراءُ آھي، جيڪو انسان ۽ قدرتي زندگي کي مقابلي جي بجاءِ انتخاب جو موقعوڏئي ٿو، ماڻھو وسيع آھي ۽ نھايت وسيع آھي جيترو وسيع آھي اوترو تنگ بہ انسان زندھہ رھڻ جا موقعا تلاش ڪري ٿو، مقابلو ڪري ٿو جڏھن تہ مھذب ان مان سکي ٿو ان کي زمين تي مضبوطي سان بيھاري ٿو. ھي سنڌو درياءُ ئي آھي جيڪو پنھنجي جنم کان پنھنجي جسم جي ڪيترن زخمن جي باوجود ماڻھن کي علم عقل ۽ زندگي جا قدر سيکاريندو سمنڊ ۾ تحليل ٿي وڃي ٿو، سمنڊ درياءَ جو قيد خانو نہ پر زندھہ رھڻ جو ھڪ ٻيو ۽ مختلف طريقو ھجي ٿو ھي دنيا ائين قائم آھي اسين توھين سڀ ائين قائم آھيون. سنڌو درياءُ دراصل حقيقي آزادي جو نالو آھي، جنھن جي اسان سڀني کي ضرورت آھي انسانن کي، جانورن کي پکين ۽ اسانجن فصلن کي ڇو تہ آزادي جو اھو ئي مفھوم آھي بنا ڪنھن فرق جي سڀ لاءِ، اسان مان ھي ڪنھن جو انتظار نہ ٿو ڪري اسين سڀ ھن جو انتظار ڪيون ٿا، اُڄ اجهائڻ ھنجي فرض ۾ شامل آھي، پر پوءِ اربنائيزيشن جي خيال پھريون ڀيرو درياءَ جي قدرتي زندگي ۾ مداخلت ڪئي. ھن کي پنھنجي مرضيءَ سان ھلائڻ ۽ قابو ڪرڻ جي طريقا ايجاد ڪيا. انڊس واٽر ٽريٽي، واپڊا. جھڙا ادارا وجود ۾ آڻي درياءَ کي پنھنجي قدرتي حق کان محروم ڪيو. جنھن پوءِ نون سماجي رشتن نون شھرن ۽ نون مسئلن کي پيدا ڪيو. اھي ماڻھوءَ جيڪي قدرتي وسيلن سان جڙيل ۽ لاڳاپيل ھئا ۽ آھن انھن کي درياءَ جي وڃائڻ جو پورو ادراڪ نہ ھو ڇاڪاڻ تہ اھي ٻھراڙيءَ سان تعلق رکندڙ ھئا جن کي پوءِ شھري جاھل ۽ ڄٽ ڪري مخاطب ٿيندا آھن، حقيقت ھيءَ آھي تہ درياءُ پاڻ پنھنجي وجود ۾ ڏاھپ آھي ۽ ٻھراڙي انجي اولادن مان ھڪ آھي. ڪالھہ آبپاشي جي وزير پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ھو تہ انڊس جي پاڻيءَ ۾ ٽي ڊي ايس (ٽوٽل ڊزالوو سولڊ) جي وڌڻ ڪري فلحال انجي رواني روڪي وئي آھي. ڪن جي لاءِ اھا محض خبر ھجي پر مون لاءِ منھنجي مرشد جي مرڻ جو اعلان ھو. ڇاڪاڻ تہ ان کان اڳ سرڪار منڇر جو خون ڪري چڪي آھي. ھن وقت منڇر جو پاڻي مڪمل زھريلو ٿي ويو آھي جنھن جو ٽي ڊي ايس ٽن ھزارن کان بہ مٿي آھي جنھن جي معنيٰ آھي ڪابہ زندگي نہ. مان اوھان کي ياد ڏياريندو ھلان تہ 2004-05 ۾ اريگيشن ڊپارٽمينٽ تي ڪيس ٿيو ھو ڇاڪاڻ تہ بنان مانيٽرنگ جي منڇر جو پاڻي انڊس ۾ ڊرين ڪيو ويو جنھن جا نتيجا اھي نڪتا جو حيدرآباد کان ٽنڊومحمد خان، بدين تائين ڪيترن ماڻھن جو موت ٿيو ھئو. ان ڪيس جو ڇا ٿيو؟ ڪنھن کي ڪا خبر ناھي. حقيقت ۾ اھا ڳالھہ درياءَ کي آلودہ ڪرڻ جو اعلان ھو، ھاڻ بہ ان روايت کي جاري رکندي بنان ڪنھن مانيٽرنگ جي درياءَ ۽ لکين ماڻھن جي زندگيءَ سان حادثو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. مان نہ ٿو سمجهان تہ مسلسل ڏھن سالن کان بہ مٿي حڪومت ڪندڙ پارٽي سنڌ جي ڪنھن ھڪ شھر ڳوٺ کي صاف پاڻي ميسر ڪري سگهي آھي، ھاڻ تائين بہ ماڻھو منرل واٽر جي نالي تي بوتلن وارو پاڻي واپرائن ٿا جنھن سان درياءَ جي غير اھم ٿيڻ ۽ پاڻي مھيا ڪندڙ ڪمپنين جي ترقي، ڪاروبار ۽ اھميت ۾ اظافو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ھن موقعي تي عطاﷲ مينگل جا اھي لفظ ياد اچي رھياآھن تہ بلوچن ويڙھہ کانپوءِ ۽ سنڌين ويڙھہ کان اڳ وڃايو آھي. مان ڏسي رھيو آھيان انھن عوام دوست پارٽين ۽ فردن ڏانھن تہ انھن مان ڪو آھي جو منڇر ۽ درياءَ جي زندگي کي بچائڻ لاءِ واپڊا، ارسا، سنڌ حڪومت تي ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪيس ڪري.

درياءُ، منھنجو مرشد-2

لفظ سائنس جو مطلب آھي سمجهڻ، ڄاڻڻ ۽ وڌيڪ سمجهڻ جو عمل. سمجهڻ ۽ ڄاڻڻ جو عمل ماڻھوءَ کي آزاد ڪري ٿو. گھري ننڍ مان جاڳائي ٿو ۽ ڪيترن موقعن تي روح وٺان بيچين ڪري ٿو. مان جڏھن بہ درياءَ ڪناري ويو آھيان اظھار تشڪر اظھار محبت سان پيش آيو آھيان ڇاڪاڻ تہ اھو ئي آھي جنھن منھنجي ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ واري عمل ۾ مدد ڪئي. منھنجي جيون کي معنيٰٰ بخشي، مونکي فھم ۽ ادراڪ جا ڪجهہ وکر ڏنا. گوتم ٻڌ چيو، زندگيءَ جي رفتار ۾ جنھن اوھان کي ڪجهہ ڏنو ان ۾ ٻين ڪيترن جو حصو ھجي ٿو جيڪو واپس ڪرڻ اوھان تي فرض آھي. درياءُ اسان کي جيڪو ڪجهہ ڏنو ڏسجي تہ پوري حياتي بہ چڪائي نہ ٿو سگهجي، ائين ٿي سگهي ٿو تہ ان متعلق وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري ان کي ڌنيواد چئي سگهجي ٿو. ان متعلق پاڻ کي تبديل ڪري سگهون ٿا. انجي گرد وڌندڙ سرمائيدارانہ حصار ۽ ميگا پروجيڪٽ متعلق راءِ قائم ڪري سگهو ٿا تہ اھي انساني حيات لاءِ ڪيترا اھم آھن يا ان کان وڌيڪ درياءَ جي زندگي اھم آھي. مان ائين چوندس تہ منھنجي آڏو منھنجي مرشد درياءَ جي زندگي وڌيڪ اھم آھي. ان جي ڪري ئي مان آھيان، مان آھيان تہ سنڌ آھي. رامائڻ جو ليکڪ رشي والمڪي پوڻا نو لک سال ڪٽمبي رشتن جا بنياد رکيا ۽ فردن جي حقن ۽ فرضن جي وضاحت ڪئي جيڪا ھاڻ تائين انڊيا جا بنيادي اصول سمجهيا وڃن ٿا رامائڻ گنگا ۽ سنڌو نديءَ جي ڪنارن مان پيدا ٿيندڙ انساني ڏاھپ جو شاھڪار آھي. پاڻ وٽ سرسوتيءَ کي علم ۽ دانائي جي ديوي جو درجو مليل آھي جيڪا برھما جي پتني ھئي سرسوتيءَ کي مور تي سوار ٿيل ڏيکاريل آھي. اھي سڀ ۽ اھڙا ٻيا سوين واقعا قصا جنھن ۾ دانائي پوشيدہ آھي درياءَ جي سبب ھو ۽ آھي. سائنس پوئتي ورائي ڏسڻ جي قائل ناھي. اڳتي وڌڻ ۽ اڳتي ڏسڻ انجي فطرت آھي. ڇا سائنس ۽ قدرت ٻہ متضاد آھن؟ انھن جو پاڻ ۾ ڪو ميل آھي؟ مان چوندس ھي پاڻ ۾ متضاد ناھن. ھنن جو پاڻ ۾ ميل آھي. سائنس انفرادي ڪاوش آھي ۽ قدرت اجتمائي ورثو.سائنس جي ھر ايجاد پراڻي ٿي وڃي ٿي، جنھن ۾ پوءِ انساني دلچسپي ختم ٿئي ٿي ۽ نئين کوج لاءِ نئين تياري. درياءُ کي سائنس جي ڪري نقصان ناھي رسيو. انساني اڻ کُٽ حوس، وسيلن کي قبضي ۾ آڻڻ جو جنون، قبيلو، طاقت ۽ دولت جي ڪري نقصان رسيو آھي. سائين اوڀايو خشڪ پنھنجي ڪتاب سنڌوءَ جو رستو نہ روڪيو ۾ ان ڳالھہ جي ھيئن وضاحت ڪئي آھي 19 صديءَ جو رڪارڊ ٻڌائي ٿو تہ ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ سنڌوءَ ۾ ھر سال 150 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي وھندو ھو. درياءَ ۾ سڄو سال پاڻي موجود ھوندو ھو. زراعت جي واڌاري ۽ انجي نتيجي ۾ صنعتي ترقيءَ سبب پاڻي زرعي مقصدن ۽ بجليءَ جي پيداوار لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو جنھن لاءِ سنڌو درياءُ تي ڊيم ٺاھيا ويا پر ايندڙ وقت ۾ پيدا ٿيندڙ موحولياتي مسئلن کي غير اھم سمجهيو ويو، ان سڀ جي باوجود بجلي تہ ھاڻ بہ ميسر ناھي ۽ نہ درياءَ ۾ پاڻي. انڊس ڊيلٽا جيڪو دنيا جو پنجون نمبر وڏو ڊيلٽا آھي اڄ ختم ٿيڻ جي وڏي خطري کي منھن ڏئي رھيو آھي. اسان وٺ جيڪو ڪجهہ آھي ان ۾ وڏو حصو سنڌو درياءَ جو آھي جنھن کي ورائڻ جو وقت اچي ويو آھي. ھن وقت اھو امڪان وڌي ويو آھي تہ سنڌو درياءُ پنھنجي تاريخي حيثيت وڃائي ويھي، پاڪستان سرڪار ان مٿان ڊيمن جو ھڪ سلسلو اڏڻ جي رٿيو آھي، جنھن سان سنڌ درياءُ تي آباد 10 ڪروڙ کان مٿي ماڻھو پيئڻ جي پاڻيءَ کان محروم ٿيندا، ڪيترا ان حوالي سان غربت واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويندا، سرمائيدار ڪمپنين جو زمين ۽ پاڻي مٿان ڪنٽرول ٿي ويندو ۽ ھڪ مسخ شدہ منطق تہ آباديءَ جي دٻاءَ کان بچڻ لاءِ ائين ڪرڻ ضروري ھو، درياءُ کي بي يارو مددگار ۽ اپاھج ٿيڻ کان محفوظ ڪرڻ لاءِ ھي ئي آخري موقعو آھي. سنڌ جي مٺي پاڻيءَ جا ذخيرا سنڌ جي زندگي آھن.

درياءُ، منھنجو مرشد-3

ھي سنڌو درياءُ آھي. ان سٽ تي غور ڪندا تہ اوھان کي اھا ڳالھہ ائين محسوس ٿيندي تہ اھڙي زندگيءَ جيڪا اڳتي وڌي ٿي، جيڪا متحرڪ آھي، رواني ۾ آھي ۽ ڪائنات جو اھم جز آھي، جنھن کانسواءِ زندگي ممڪن ناھي. ڇاڪاڻ تہ زندگي اھا آھي جنھن ۾ ڪجهہ نہ ڪجهہ نئون ۽ تبديل ٿيندو رھندو ھجي، درياءُ ڪا ميز يا ڪرسي ناھي جيڪي تحرڪ ۽ مسلسل عمل کان محروم ھجي جنھن لاءِ پريشان ٿيڻ بہ اجايو آھي پر جڏھن انساني ذھن ۾ درياءَ جو تصور اچي ٿو تہ ھڪ تصوير ٺھندي وڃي ٿي، جنھن جي نہ ھجڻ سان پريشاني ٿئي ٿي. دوستو! حقيقت ھيءَ آھي تہ سنڌ جو درياءُ ھن وقت سخت خطري ۾ آھي جنھن تي پريشان ٿيڻ درست آھي ڇاڪاڻ تہ پاڪستان جي رياست جنھن جا بنياد ناانصافي تي ٻڌل آھن انھن ھن ملڪ جي ماڻھن، جنگلي حيات، ٻيلن، جبلن، دريائن ۽ سمنڊ جي زندگين کي داءَ تي لڳائي ڇڏيو آھي. سنڌو درياءَ جو ٽي ڊي ايس 7 سئو مان وڌي 8 سئو پنجاھ تائين پھتو آھي. جنھن سان صحت جا ڪيترا انساني مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا، ان متعلق ڊاڪٽر ئي درست اندازو ڪري سگهن ٿا. ڪيترن ماڻھن لاءِ اھو محض درياءُ ھجي، جيڪا ڳالھہ حقيقت ۾ بيوقوفي تي ٻڌل آھي، ھي محض درياءُ ناھي، ھي تھذيب آھي، زندگي آھي ۽ ان کان وڌيڪ سنڌين جي ساھ جي تند آھي . ڪو سنڌي ھن کان ڪيئن ٿو لاتعلق رھي سگهي. آمريڪا جي پروفيسر لارينس سي سمٿ پنھنجي ڪتاب (واٽر پاور) ۾ لکيو آھي جيڪا ڳالھہ اسان سڀني لاءِ ڇرڪائيندڙ آھي تہ ايندڙ صديءَ ۾ دنيا جون اٺ وڏيون نديون پنھنجي ڇوڙ وارن علائقن کان ڪٽجي وينديون جن ۾ ھن سنڌو درياءَ کي پڻ شامل ڪيو آھي. ھن ڳالھہ جي تصديق انجنيئر سائين اوڀايوخشڪ پنھنجي ڪتاب سنڌوءَ جو رستو نہ روڪيو ۾ پڻ ڪيو آھي. جيڪو درياءُ پنھنجي منڍ کان وھندو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو ان کي زندھ درياءُ ليکيو وڃي ٿو، جيڪو درياءُ پنھنجي ڇوڙ وارن علائقن کان ڪٽجي وڃي ٿو، ان کي مئل درياءُ سمجهيو وڃي ٿو، ھن وقت سمنڊ ۾ سنڌو جي ڇوڙ زيرو آھي، جنھن لاءِ ھنن منڇر ڍنڍ جو انتھائي زھريلو پاڻي جنھن جو ٽي ڊي ايس ٽي ھزار کان مٿي آھي ڇوڙ ڪري وھڪري کي مصنوعي صورت ۾ جاري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي جيڪا ڳالھہ خود درياءَ جي حق ۽ يونيورسل اصولن جي خلاف آھي. سنڌ مان پاڻي ۽ زميني حيات جا ڪيترا نسل گم ٿي ويا آھي يا ختم ٿيڻ جي مرحلي ۾ آھن، لڳ ڀڳ ھڪ لک کان وڌيڪ ماڻھو لڏ پلاڻ تي مجبور ٿيا آھن، ايم اين وي ڊرين ذريعي سم، ڪلر ۽ جيت مار دوائن جو پاڻي حيدرآباد کان بدين تائين سموري لاڙ جي پٽي جي چوپائي مال جو 30 سيڪڙو تائين گهٽائي ڇڏيو آھي. 1990 کان 97 جي پوري عرصي ۾ تمر جي ٻيلن جو تعداد 100 مان 40 سيڪڙو تائين گهٽيو آھي، جيڪي سامونڊي پاڻيءَ جي حيات لاءِ بيحد اھم آھن. مان اوھان جو ڌيان پنھنجي سنڌو درياءَ ڏانھن ڇڪائڻ چاھيان ٿو جنھن متعلق رياستي پاليسي ائين آھي جو ان سان سنڌ جي مٺي پاڻيءَ جا آبي وسيلا يا تہ ختم ٿي ويندا يا ڪاروبار ڪندڙ خانگي ڪمپنين جي قبضي ۾ اچي ويندا، بلاشبہ ان ۾ اسانجو سنڌو درياءُ بہ شامل آھي، حقيقت ھيءَ آھي تہ ان جي ابتدا ٿي چڪي آھي، اھو سڀ عالمي ڪاروباري ادارن جي پيش رفت سان ممڪن ٿيندو نظر اچي ٿو، بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ مقابلي جو رجھان، ميگا سٽيءَ جو جنم، ڪالونيل دور جا حڪمران، بيوروڪريٽ ۽ انھن جي لوڌ، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ فوج جو زرعي معيشت ۾ اچڻ ھنن سڀني جي موجودگيءَ مان اھو اندازو ڪري سگهجي ٿو تہ ايندڙ ڪجهہ سالن ۾ سنڌي معاشرو ۽ سنڌ جي زرعي معيشت وڌيڪ در برھم ٿيندي. عوامي ۽ قومي اثاثا ھي محض ھڪ خيال ئي رھجي ويندا جيڪڏھن واقعي بہ سنڌ جو ماڻھو سنڌو درياءُ ڏانھن سنجيدہ نہ ٿو ٿئي.

درياءُ، منھنجو مرشد-4

مين درياون دا پاني سان
ترني پئي گئي کھال ني مائي (افضل حسن رنڌاوا)
امان او امان! مان تہ دريائن ۾ ترڻ جو عادي ھئس پر مونکي ننڍن ننڍن دُٻن ۾ ترڻ پئجي ويو.
درياءُ پنھنجو رخ تبديل ڪندا آھن، اھو انھن جو اتفاق نہ پر درياءُ پنھنجن پراڻن وھڪرن کي ڪڏھن بہ وساريندا ناھن، پر سنڌو درياءَ سان ائين ضرور ٿيو آھي، ھاڻوڪن زمانن ۾ بہ ان جو رخ موڙڻ لاءِ ھٿرادو بند ۽ ڊيم تعمير ڪري انجي قدرتي لنگهہ يا وھڪرن کي موڙڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، جنھن سان درياءُ پنھنجي قدرتي لنگهن کان محروم ٿيو آھي ۽ سنڌ جي زمين لکين ٽن سلٽ جيڪا ڪنھن بہ زمين جي جان ھجي ٿي کان محروم ٿي آھي. جنھن سان ائين ٿيو تہ سنڌ جا اھم مرڪزي شھر غير محفوظ ٿي ويا بلڪہ پاڻي ھيٺ اچي ويا، ھزارين ماڻھو لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا ماڻھو پنھنجي مال ملڪيت ۽ گهرن کان محروم ٿيا.
سنڌو درياءُ کي ٻيو وڏو کاٽ 19 سيپٽمبر 1960 ۾ ان وقت لڳو جڏھن پاڪستان جي ڊڪٽيٽر ايوب ۽ انڊيا جي وزير اعظم جواھر لعل نھروءَ جي وچ ۾ پاڪستان جي مين اسٽريم جي ٽن دريائن بياس، راوي ۽ ستلج کي انڊيا جي ڪنٽرول ۾ ڏنو جتان پاڪستان کي تقريبن 33 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي حاصل ٿيندو ھو، پاڪستان انھن جي بدلي انڊيا کان انڊس بيسن ڊولپمينٽ فنڊ جي نالي تي پئسا جيڪي لڳ ڀڳ 62،060،000 اسٽرلنگ پائونڊ ورتا. جنھن سان جھلم ۽ چناب کان پوءِ پاڻيءَ جو سمورو بار سنڌو درياءَ تي اچي پيو. پنجاب، جھلم ۽ چناب درياءَ کانپوءِ سنڌو درياءَ تان پاڻي کڻڻ لڳو ۽ انڊس مٿان نوان ڊيم اڏڻ جون ڪوششون ڪرڻ لڳو، ان سان سنڌ جو اھو نقصان ٿيو جو سنڌ جي حصي جو پاڻي گهٽجڻ ڪري سنڌ جي وڏي زمينداريءَ ۽ جاگيرداريءَ جي ڀيٽ ۾ ننڍو آبادگار ڪمزور ٿيڻ لڳو آھي ڇاڪاڻ تہ ان کي ھاڻ پورو سال پاڻي ملڻ جي بجاءِ صرف ربيع (ڪڻڪ جي پوک) لاءِ پاڻي ملي ٿو جڏھن تہ وڏا زميندار پنھنجي انتظامي طاقت ۽ رياستي پُٺ ڪري وڌيڪ پاڻي کڻڻ لڳا ۽ وڌيڪ سگهارا ٿيندا وڃن ٿا، سنڌ ۾ بنيادي صنعت نہ ھجڻ ڪري معاشي اعتبار کان سنڌ جو ماڻھو اسري نہ سگهيو آھي، جنھن جو نقصان اھو ٿيو آھي تہ سنڌي پنھنجن حقن تي ردعمل ڏيڻ جي بجاءِ خود ظالم، وڏيرن جا ڳيجهو، ڏوھاري ۽ مفت جي ذريعن تي انحصار ڪرڻ واري قوم جي صورت وٺي رھي آھي، اھو سڀ اتفاق ناھي پر ان پويان آمريت جو طويل سلسلو آھي جنھن جو ھڪ روپ اسانجي درياءُ کي آلودہ ڪرڻ آھي.

درياءُ، منھنجو مرشد-5

سنڌو درياءُ پنھنجي وھڪري ۽ پنھنجي جلال ۾ نيل نديءَ کان وڏو آھي، جنھن جو ذڪر رگ ويد ۾ ائين آھي جو ان سان ھن جي شان جي خبر پوي ٿي.
اي سنڌو! تون تکي تيز شان سان گڏجڻ لاءِ
پھرين ترشٽما ندي سان گڏجين ٿي
ان کانپوءِگڏجين ٿي سسرتواس ۽ شويمتي (ندين جا قديمي نالا) ندين سان. ڪپا ۽ مھنيو ندين جي وھڪرن سان گڏجي
تون اڳيان وڌين ٿي،
ڇا تہ تنھنجي شان آھي (رگ ويد جو اشلوڪ)
ھي ائين آھي جيئن ڪا امڙ پنھنجن سمورن ٻارن جو خيال رکندي انھن کي نفاست ۽ شائستگيءَ سان پنھنجي منزل تائين رسائي. سنڌو درياءُ امڙ ابو آھي ۽ مرشد پڻ. سنڌو درياءَ جو ھڪ ٻيو رخ بہ آھي،جيڪو ناگزير آھي، پارٽيشن کان اڳ سنڌو درياءَ جي ڪناري جيڪي بہ قومون قبيلا آباد ھيون انھن جو معاشي ۽ ثقافتي رشتو ھن درياءَ سان ھجڻ ڪري انھن جي وچ ۾ ڪي گهڻيون وڇوٽيون ڪو نہ ھيون، ھي سموريون قومون ۽ قبيلا درياءَ جو پاڻي پيئن ۽ انجي سخا جا قصا ۽ گيت دھرائيندا موج مستين ۾ رھندا ھئا، . سنڌ جو اھو چھرو انجي تھذيبي روايتن کي قائم رکڻ ۾ مدد گار ثابت ٿيو. پارٽيشن کانپوءِ ھڪ پاسي پاڪستان جو فيوڊل ڪلاس ھو جن کي انگريزن وفاداري عيوض انعام ۾ زمينون ۽ جاگيرون ڏنيون، مسلم جاگيردار ھاڻ ھن ملڪ ۾ ھڪ نئون ڪلاس ٿي اڀريو، انگريز سنڌو درياءُ مٿان اھڙيون موثر مضبوط ۽ وسيع پليون ۽ ريلوي جي نظام ترتيب ڏيڻ ۾ جنھن طرح جي ڪوشش ڪئي ان ۾ مقامي جاگيردار جو مفاد تہ ھو پر انگريزن جو بہ اھو مفاد ۽ دلچسپي ھئي تہ جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي سنڌ جي دولت انگلينڊ منتقل ڪن. انگريزن کي ڪنھن مزاحمت جو بہ خوف نہ ھو؟ ڇاڪاڻ تہ ھنن خاموشيءَ سان پنھنجو ڪم ڪري ورتو ھو، يعني غلاميءَ جي ھڪ ٻي صورت، (جديد ٻيٺڪيت وارو راڄ) جنھن سان پاڪستان جي لڳ ڀڳ پنجاھ سالن تائين ملڪ ۾ مسلم فيوڊل ڪلاس جي ڀيٽ ۾ بورجوا ڪلاس جو ناپيد ٿيڻ ھو، ھن سموري وچين دور ۾ بورجوا جو مڪمل رستو روڪي جاگيرداريءَ کي آھستي آھستي منظم ڪيو ويو، پارٽيشن کانپوءِ سنڌ جي شڪل صورت ڪجهہ ھن طرح ٺھي ٿي تہ ھندو طبقو جيڪو ميٿيميٽڪ ۽ مارڪيٽ ايڪانومي جو ماھر ھو ان کي آھستي آھستي لڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. ھن وقت ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، جي سموري پٽي ڏوھاري قسم جي وڏيرن ۽ سردارن جي ڪنٽرول ۾ آھي. جيڪي سياست ۾ ڏوھہ کي پروموٽ ڪرڻ جو ڪم ڄاڻن ٿا، اسان کي گڏجي ھن ڏوھاري سياست کان پاڻ کي محفوظ ڪرڻ گهرجي.

درياءُ، منھنجو مرشد-6

اسان کي ان حقيقت جي اڳ ئي ڄاڻ آھي تہ سنڌو درياءُ سنڌ ۽ سنڌين جي مڪمل زندگي آھي. سنڌو درياءَ کانسواءِ سنڌ لاءِ ٻي ڪا بہ حقيقت ڪانھي. سوال ھي آھي تہ سنڌو درياءَ جو ڪو متبادل آھي؟ يا سنڌ کي ھڪ کان وڌيڪ درياءَ آھن جيڪي سنڌ جي زرعي معيشت جو سھارو بنجن، دراصل ڪنھن بہ درياءَ جو ڪو بہ متبادل ٿي نہ ٿو سگهي. سنڌو درياءَ جو تہ ڪڏھن بہ نہ ۽ نہ وري سنڌ کي ھڪ کان وڌيڪ درياءَ آھن جيئن پنجاب ۾ آھن. ائين ضرور آھي تہ اسين پنھنجي خوراڪ جو متبادل ڪري سگهون ٿا، پنھنجي گهر ڪپڙن ۽ شھر جو متبادل ٿي سگهي ٿو، پر درياءَ جو متبادل ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ سنڌو درياءُ 6 ڪروڙ سالن کان بہ پھرين موجود ھو ۽ آھي، ھي ھماليا جبل کان پاڻي کڻي ٿو ۽ سوين ھاٿين جي رفتار ۽ طاقت سان وھي ٿو، ھن جي گجگوڙ ۾ ھزارين شينھن جو پڙلاءُ آھي، ھي جڏھن سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو تہ مور تي سوار ھجي ٿو. ھي تھذين جو ابو آھي ھن کان وڏو ڪو موسيقار ڪونھي ۽ نہ آرٽسٽ، ھي سڀ ۾ آھي، ھن جي ڪا سرحد ڪانھي ڪو ڌرم ڪونھي. ان کان اڳ جو سنڌو درياءَ جي اھا صورت ۽ حقيقت ماضيءَ جو حصو بنجي وڃي ان ڳالھہ تي غور ڪيون تہ ھي درياءُ پنھنجي قدرتي وھڪري کان ڇو محروم ٿيندو پيو وڃي؟
اوھان کي ائين نظر نہ ٿو اچي تہ سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ جو زوال، مايوسي، ويراني ۽ ڪسمپرسي جو سبب درياءَ جي سُڪڻ يا ڇوڙ وارن علائقن تائين پاڻيءَ جو غائب ھجڻ آھي. ڊاڪٽر حسن عباس جي مطابق سمنڊ روزانو95 ايڪڙ زمين پائي رھيو آھي. اھا ڳالھہ تہ واقعي بہ پريشان ڪندڙ آھي. سنڌوءَ ڪناري تي اھڙا خوشحال واپاري مرڪز ۽ شھر آباد ھئا جتي رڳو زراعت نہ پر قيمتي پٿر، گهوڙا، اٺ، مصالا، ھٿ جا برتن ۽ رنگدار نير جو ڪاروبار ٿيندو ھو. انھن شھرن ۾ مانجهند، سن، رني ڪوٽ، موھن جو دڙو، سيوھڻ، آمري، روپا ماڙي، ٺٽو، جيڪي سنڌو درياءَ جي خاص اھميت وارا ڪاروباري شھر ھئا جنھن جو واپار صورت، مدراس، بنگال، عراق، قابل، ايران، مليشيا، ۽ يورپ تائين ڦھليل ھو، پوءِ انھن شھرن مان اڪثريت جو ڇا ٿيو؟ ڪيڏانھن گم ۽ ويران ٿي ويا. سنڌو درياءُ انھن شھرن لاءِ سھڪاري دريائن مان ھڪ ھو جنھن جو ڪوبہ نعمل بدل نہ ھجڻ ڪري انھن مان اڪثر شھر ويران ٿي ويا، کنڊر جو ڍير بنيا. سنڌو درياءُ پاڪستان اندر باقي دريائن مٿان فوڪيت رکندڙ درياءُ آھي، جنھن کي جيڪڏھن ھي سکر تائين محدود ڪرڻ چاھيندا تہ انجا ڪھڙا نتيجا نڪرندا اھا ڳالھہ بيحد ڇرڪائيندڙ آھي. برطانوي غلبي کان اڳ سنڌ پنھنجي آڳاٽن پاڻيءَ جي وھڪرن ڪري، انتھائي زرخيز رھي آھي. اھو ئي سبب ھو جو دنيا جي سمورن ڦورو حڪمرانن جي اک ۾ اٽڪندي رھي، ھن وقت سنڌ جي عوام جي بدحاليءَ جو ھڪ ڪارڻ درياءَ جي وھڪرن کي روڪڻ، ان مٿان ڊيم اڏڻ درياءَ جا قديمي لنگهہ بند ڪرڻ، آبپاشيءَ جو غير منصفاڻو نظام ۽ ڇوڙ وارن علائقن خاص طرح سمنڊ کي گهربل پاڻيءَ کان محروم رکڻ، ارسا، واپڊا جي مرڪزيت پسندي (سينٽرلزم) جھڙي خطرناڪ نفسيات جھڙا بنيادي ڪارڻ آھن. سنڌو درياءَ جي آسودگيءَ مان جيڪو سنڌين لاءِ سماجي ۽ معاشي انقلاب اچڻ گهرجي ھا ان کان محروم تہ ٿيا آھيون پر ھاڻ درياءَ جي زندگيءَ جي سوال تي ڪڏھن سنجيدہ ٿيڻو آھي اھا ڳالھہ مونکي اوھان کان سمجهڻي آھي.

درياءُ، منھنجو مرشد-7

وھڪري جي مخالف رخ ۾ نہ ھلو، سنڌو درياءُ، ھن ھستيءَ جو آڌرڀاءُ ڪيو، ان سان گڏ ھلو، ھن اڳيان پنھنجو سر نوائي ھلو، ھن جو آڌرڀاءُ ڪيو، اسين سڀ ھن جو حصو آھيون بلڪہ ھن جي اولادن مان آھيون، ھي غير حقيقي احساس آھي تہ انسان اشرف مخلوق آھي، بلڪہ احمق ئي ائين سوچي سگهي ٿو، اھڙي انا کان ٻاھر نڪرڻ کانپوءِ ئي اوھان کي ائين محسوس ٿيندو تہ ڪائناتي وھڪري ۾ انسان جي حيثيت ھڪ ڪک جي برابر بہ ناھي، اسين اکيون بند ڪري بيحد تنگ نظر ٿي وڃون ٿا جڏھن باقي حيات کان پاڻ اشرف سمجهون ٿا، ان سان تہ انسان ڪجهہ بہ ڏسي نہ سگهندو، اھو بيحد ظالم تصور آھي تہ اوھان پنھنجي وجود ۾ سڀڪجهہ آھيو ۽ ٻاھر جي دنيا بي معنيٰٰ آھي، بي ساختہ آھي، ڇا اوھان ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آھيو تہ ايندڙ ڪجهہ سالن ۾ سنڌو درياءُ سنڌ مان غائب ٿي ويندو جيئن سرسوتي گم ٿي وئي يا ھاڪڙو گم ٿي ويو. دراصل ھاڻ اسين بي جان شين ۾ رھڻ جا عادي ٿي ويا آھيون، اوھان شايد درياءَ جي حقيقت ۽ انجي درد کي سمجهي نہ ٿا سگهو، انسان جو پاڳل پن ائين آھي جو ان کي طاقت، پئسي جي بک، عيار منافق، ظالم ۽ لالچي ٿيڻ تي ڪا شرمساري ڪانھي، ھي جديد دنيا جا بنياد بہ ناھن جديد دنيا جي ھر ماڻھوءَ جي وقت سان گڏوگڏ نشونما ٿيندي رھي ٿي ڪنھن بہ شاندار قوم جي اھا پھرين سڃاڻپ آھي. اوھان کي ائين نہ ٿو لڳي تہ گذا فلسطين جي حق ۾ جھڙي طرح دنيا جا ماڻھو وڌيڪ متحرڪ ھئا ان جي نسبت پاڪستان جا ماڻھو بي حسيءَ جو مظاھرو ڪندا رھيا، ھڪ پاسي شھر جا شھر روڊن تي ھئا ھر طرف کان سيز فائر جا آواز ھئا. جڏھن تہ اسين مصنوعيت جا شڪار رھياسين،
اعتزاز احسن جو ڪتاب آھي سنڌو ساگر ۽ قيام پاڪستان جنھن انڊس کي دراصل پاڪستان جو قديمي حصو سمجهندي فرمائي ٿو تہ انڊس تھذيب جيڪا دراصل پاڪستان جو حصو ھئي تنھن کي 1947 ۾ واپس ورتو ويو. ھي دانشور جھڙي طرح پاڪستانيت جھڙي بيماريءَ ۾ ورتل آھن ان سان سنڌ جي بربادي ئي ٿي آھي، ھن ڪتاب جي اصل جڳھہ رديءَ جي ٽوڪري آھي. اڪثر نام نھاد پاڪستاني تاريخدان ۽ دانشور سنڌو ماٿري ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ھڪ لاڳاپو جوڙڻ چاھيندا آھن. ھي ان ڳالھہ جو اندازو ناھن ڪري سگهندا تہ انڊس جون پاڙون 6 کان ست ڪروڙ سالن تائين ڦھليل آھن. ايستائين جو نھروءَ پنھنجي ڪتاب (دي ڊسڪوري آف انڊيا) ۾ ان ڳالھہ جو انڪشاف ڪيو تہ سنڌو ماٿري شايد ئي ھندوستان جو حصو رھي ھجي اھا ھندوستان کان بہ آڳاٽي تھذيب آھي. پاڪستان پوءِ ھن تھذيب سان ڇا ڪيو؟ 1991 کان 2000 تائين سخت ڏڪار واري صورتحال ۾ 1991 معاھدي جي باوجود سنڌ کي ڏڪار واري حالت ۾ رکيو ويو. پاڪستان جي ڪري سنڌ پڇڙ ۾ ھجڻ ڪري پاڻيءَ جي کوٽ جي سزا ڀوڳي ٿي جنھن سان سنڌ جي ٻھراڙيءَ واري زرعي معيشت تباھہ ٿي آھي، سنڌ ۾ بنيادي صنعت نہ ھجڻ ڪري سنڌي شھري ۽ ٻھراڙيءَ جي زندگيءَ مان ڪنھن بہ ھڪ طرف جو نہ ٿيڻ ڪري ثقافتي معاشي ۽ اخلاقي ڏيوالپڻي جو شڪار ٿيو آھي، ايم اين وي ڊرين جيڪو منڇر ۽ درياءُ لاءِ موت جو دروازو آھي ھاڻ تائين قائم آھي. ھتي مان ان ڳالھہ کي واضع ڪندو ھلان تہ انڊس جنھن جي سڃاڻپ سنڌو درياءُ آھي اھو سنڌو درياءُ پاڪستان نہ پر سنڌ جو متحرڪ زندھ درياءُ بلڪہ ھستي آھي جنھن کي پاڪستان جي نالي تي ڪڏھن بہ قربان نہ ٿو ڪري سگهجي.

درياءُ، منھنجو مرشد-8

سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ عيوض ڪارپوريٽ دنيا جون ملٽي نيشل ڪمپنيون دلڪش پلاسٽڪ جي بوتلن ۾ ھائبرڊ پاڻي ڀري انھن تي قيمتن جي پرچي ھڻي روزانہ جي بنياد تي اسانجي گهرن تائين پھچن ٿيون تہ پوءِ درياءَ جي ضرورت ۽ حقيقت تہ بي معنيٰ ٿي وڃي ٿي. حقيقت ۾ ان کانپوءِ ڪنھن ايٽم بم رکڻ جي ڪھڙي ضرورت. پاڻ آھستي آھستي مري رھيا ھونداسين، (منافعو) اھو آھي پاڪستان جي حڪمرانن جو اصل مقصد. ملٽي نيشل ڪمپنين کي سنڌو درياءَ تي ھائڊرولڪ پاور جنريٽ ڪرڻ لاءِ ڊيم جي اڏاوت جو اختيار بلڪہ ٺيڪو جتان ھنن کي وڏو منافعو ۽ ڪميشن ملي ٿي ٺاھڻ جي اجازت ڏني. ھن وقت جيترا بہ وڏا ڊيم آھن اھي آبپاشيءَ جي منظم نظام لاءِ نہ پر ڪمپنين لاءِ توانائي (بجلي) پيدا ڪرڻ جو ڪم ڪري رھيا آھن. واپڊا پنھنجي ويزن 2025 ۾ سنڌو درياءَ مٿان 5 وڏا ڊيم اڏڻ جو پروگرام رٿيو آھي، جنھن ۾ ڪالاباغ، ڀاشا، اسڪردو، منڊا ۽ اکوڙي ڊيم شامل آھن، اھي سمورا ڊيم سنڌو درياءَ مٿان تجويز ڪيل آھن، ڊيمن جي اھڙي تعداد ۾ سنڌ لاءِ خوفناڪ مستقبل جا اشارا ملن ٿا، جنھن جي قيمت سنڌين کي چڪائڻي پوندي. وڏن ڊيمن جي انساني قيمت کان علاوہ ماحولياتي قيمت پڻ آھي، ڪجهہ سوچيو تہ گذريل پنجاھہ سالن ۾ وڏن ڊيمن جي ھٿان 5 ڪروڙ 60 لک ماڻھو بي گهر ٿيا آھن، پاڪستان ۾ انھن ماڻھن جو تعداد 20 لکن کان مٿي آھي، سنڌ جي زرخيز منڇر ڍنڍ کي آلودہ ۽ تباھ ڪرڻ کانپوءِ لڳ ڀڳ 50 ھزار ماڻھو لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا، جن وٽ جياپي لاءِ ھڪ ئي ھنر ھو مڇي پڪڙڻ، انھن جو پوءِ ڇا ٿيو؟ انجي ڪنھن کي ڪا پرواھہ ڪانھي. انھن پنھنجو سڀ ڪجهہ وڃائي قيمت ادا ڪئي، پاڻي ھائڊرولڪ پاور جنريٽ ڪرڻ لاءِ ناھي ۽ نہ ئي ڪمپنين جي بوتلن ۾ ڀري قيمت وصول ڪرڻ، پاڻي ماڻھو لاءِ زندگي آھي ۽ درياءَ قومن لاءِ زندگي ھوندا آھن. غير ملڪي فنڊ ۽ آءِ ايم ايف کان قرض جن مان عظيم مملڪت جا سپاھي ۽ حڪمران برابر آسودہ ٿيندا پيا وڃن. پر عام ماڻھو ھاري ناري غريب کان غريب تر ٿيندو پيو وڃي، دريائن مٿان ڊيم تعمير ڪري ۽ خانگي ڪمپنين کي پاڻي وڪڻڻ سان نہ درياءُ محفوظ رھندو ۽ نہ درياءَ تي آباد قومون. درياءَ عوام جي ملڪيت ھوندا آھن ۽ انھن جي حفاظت جو ذمو بہ عوام خاص طرح سنڌين کي کڻڻ گهرجي.

درياءُ، منھنجو مرشد-9

ڪو بہ نہ ٿو ڄاڻي تہ قومن جي آزاديءَ جو لمحو ڪٿان ڪيئن ۽ ڪھڙي مھل نڪري نروار ٿئي ٿو. ان متعلق اسانجا خيال گهڻو حقيقت پسند ناھن، حقيقت ھيءَ آھي تہ انجو انتظار ڪرڻ بجاءِ پاڻ کي ئي انجي ابتدا ڪرڻ گهرجي ۽ درست سمت جو تعين ڪندي آزادي لاءِ جدوجھد ڪجي ورنہ ائين ٿيندو تہ انجي آسري ۾ اسان پنھنجي وجود کي باقي رکڻ کان محروم ٿينداسين، انسان کي ھر قسم جي حالتن ۾ رھڻ جو ھنر اچڻ گهرجي، مونکي معاف ڪجو اوھان انسان کان اھڙي توقع ڪيئن ٿا رکو. انسان تہ حالتن کي تبديل ڪندڙ بنيادي يونٽ آھي، انقلاب برپا ڪرڻ اجتمائي طاقت جيڪو مت ڀيد ختم ڪندو عالمي اشتراڪي نظام قائم ڪرڻ جو بنيادي محرڪ آھي، انسان بيٺل پاڻيءَ جيان ٿي رھندو تہ ختم ٿي ويندو، سندس ھٿن مان زندگي ۽ ان جا بنيادي حق واريءَ جي ذرن جيان نڪري ويندا ۽ ڏسندي ڏسندي خوف، وحشت افلاس غربت ۽ استحصال جي ڪيترن شڪلن جو شڪار ٿي ويندو، فريڊرڪ نٽشي چيو ھو تہ انسان پُل آھي باقي حيات جي وچ ۾ جنھن مان گذري اڳتي وڃي سگهجي ٿو، انسان جي بيچينيءَ جا امڪان تڏھن وڌي وڃن ٿا جڏھن آزاديءَ کان محروم ٿئي ٿو ۽ وري جڏھن پنھنجي ٻوليءَ کان محروم آھي تہ محبت، نفرت، چڱائي، برائيءَ ۾ فرق ڪري نہ سگهندو. زبان(ٻولي) جيڪا ڪنھن بہ انسان کي توانائي فراھم ڪري ٿي، ھن ملڪ جون قومون پنھنجي آزاديءَ سان گڏ پنھنجي آڳاٽي زبان ٻولي وسارن پيون، جيڪا ھي سِکيو ھو دريائن جي وھڪرن، وڻن، پکين، پھاڙن، آبشارن، مٺي پاڻيءَ جي ذخيرن، جانورن، ۽ آسمان جي تارن ۽ زمين جي سرسبز وادين کان، اھا زبان جنھن ۾ ڪُل جو تصور ھو، پاڻ سڃاڻڻ جو شعور ھو جنھن ۾ ھڪٻئي جو احترام ھو، ڇڪتاڻ ھجڻ جي باوجود ھڪٻئي جي موجودگيءَ جو احساس ھو، آزاديءَ جو پڙلاءُ ھو، قدرت جي ڪارخاني ۾ ڪابہ شي اجائي ناھي، قدرت اھا ڳالھہ سمجهائي ٿي، جي ڏسجي تہ اسانجي ارد گرد جي دنيا بيحد خوبصورت آھي، گھرو نيرو آسمان، بادل، پکي، لاتعداد گل ٻوٽا ۽ ميويدار وڻ جنھن مان ھر انسان پيٽ ڀري ٿو، ڍنڍون درياءُ سمنڊ آبي جيوت، پکين جي واڌ ويجهہ ڪنھن کي ڪنھن مان ڪو خوف ناھي، برطانيہ جي پکين بابت ھڪ ڪتاب ۾ سنڌ جي پکيءَ ھد ھد جو ذڪر ڪندي لکيو آھي، ھي پکي اھڙو مسافر آھي جيڪو ڪيترا سمنڊ پار ڪري ڪٿي کان ڪٿي پھچي ٿو، ھن جي ڳلي جي ڪلنگي سون جھڙي ھجڻ ڪري کيس ھڪدم سڃاڻي سگهبو آھي، پوءِ ان ڪلنگيءَ جي ڪري ھن جو وڏي پئماني تي شڪار ٿيڻ لڳو، اڄ کان چار صديون اڳ سنڌو ماٿريءَ جي مختلف ڪنڊن کان ڪيترن قسمن جا جانور چيتو، واگهہ گينڊو، لومڙ، گدڙ، بگهڙ، چراخ، سوئر، جام ھوندا ھئا، جيڪي سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي وھڪرن ڍورن ۽ گهاٽن جهنگلن ۾ رھيا پيا ھوندا ھئا، سنڌوءَ جي ماٿري محض پکين ۽ جانورن جي ڏس ۾ شاھوڪار نہ ھئي پر اناج، ميوات ۽ خاص طرح ڪيترن ماڻھن کي حيران ڪندڙ ڪپھہ جو فصل ٿيندو ھو، ھي اھا سنڌو ماتر ھئي جنھن جا درياءَ، ڍنڍون، پھاڙ، صحرا، ٻيلا، جانور، پکي ۽ سمنڊ اڃان جديد دور جي ڪالونيلزم ۽ گلوبل مارڪيٽ جي ڪنزيومنگ سوسائٽيءَ کان محفوظ ھئا، اڃان ڊيمن جو تصور نہ ھو ۽ نہ ئي فصلن لاءِ جيت مار دوائن ۽ زمين لاءِ ڪيميائي ڀاڻ جو رواج، تڏھن منڇر بہ آسودي ھئي 100 کان مٿي مڇين جا قسم ھئا، تڏھن اڃان ايم اين وي ڊرين جو بہ ڪو وجود نہ ھو، سائيبريا جا پکي ھن کي پنھنجو گهر سمجهي ايندا ھئا، اوھان کي ٻڌائيندو ھلان تہ ھن وقت پاڪستان جي سرمائيدارانہ ۽ جاگيردارانہ طرز حڪومت ۽ پاليسين سبب سنڌو درياءَ جي قدرتي ماحوليات، پھاڙ، ٻيلا، جانور، پکيءَ ۽ عام ماڻھوءَ جي زندگي انتھائي خطري ۾ آھي، ملڪ جون سموريون پيسٽسائيڊ ڪمپنيون، امونيم نائيٽريٽ فاسفيٽ وارا فرٽيلائيزر ۽ ھائبرڊ سيڊ جون ملٽي نيشلل ڪمپنين في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ جي لالچ ڏئي سموري قدرتي حيات کي سخت خطري ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي، اوھان اندازو نہ ٿا ڪري سگهو تہ ان ڪيميڪل جي وافر مقدار ڪري زميني حيات کي ڪيترو نقصان ٿي رھيو آھي، ھڪ طرف دريائي وھڪرو خاص طرح سنڌ جا ڇوڙ وارا علائقا پاڻيءَ کان محروم آھن تہ ٻئي طرف دنيا جون رد ڪيل پيسٽيسائيڊ (زھر) جن متعلق مقامي سطح تي ڄاڻ جو مڪينزم ڪونھي، جنھن پوري جهنگلي حيات کي تباھہ ڪري ڇڏيو آھي، منڇر جنھن زھريلي پاڻيءَ سان برباد ٿي، اڄ اسانجو درياءُ ان ساڳي پاڻيءَ ۽ زھر مان گذري رھيو آھي، سنڌ جي زمين ۽ انجو سنڌو درياءُ، جي ٻئي زھريلا ٿيا تہ سنڌين جو ڇا ٿيندو؟ اھا ڳالھہ مونکي ڇرڪائي ٿي، سنڌ جي سموري زراعت آبي جانور، مڇيون، پکي سڀ ختم ٿي ويندا. ھن وقت ھد ھد پکي ۽ سوين اھڙا پکي ۽ جانور زھريلي دوائن جي گهڻي مقدار جي استعمال ڪري يا تہ ختم ٿي رھيا آھن يا ختم ٿيڻ جي ويجهو آھن خاص طرح ماکيءَ جي مَک جيڪا ٻوٽن جي پالينيشن جو اھم ذريعو آھي تقريبن ختم ٿي وئي آھي. جديد زراعت جو خواب جنھن پويان ڪيميڪل ڀاڻ ۽ جيت مار دوائن جون ملٽي نيشلل ڪمپنيون آھن ۽ پاڪستان جي عوام دشمن حڪمران بيروڪريسي جيڪا غريب ماڻھوءَ جي زندگيءَ ۽ انھن جي معاشي مسئلن جو حل ائين ڏنو آھي جو ھر سال سوين ھاري پنھنجي موڙيءَ کان محروم ٿيا آھن، انڊيا ۽ پاڪستان ۾ سوين ھاري خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿيا آھن. حقيقت ھيءَ آھي تہ پاڪستان جي تقريب ڏھہ ڪروڙ کان مٿي ماڻھن کي جديد زراعت جي دائري ۾ آندو ويو آھي، جيڪي جيت مار دوائن، فرٽيلائيزز ۽ ھائبرڊ سيڊ جو استعمال ڪري رھيا آھن، ھاڻ تہ پاڪستان جي فوج بہ ان ڪاروبار ۾ شامل آھي، مان چوان ٿو تہ اسان لاءِ زمين جي حيات، ڍنڍون، درياءَ، پکي، جانور، آبي حيات مقامي سيڊ، زمين جي زرخيزي ماحوليات ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ انسان جي صحت اھم آھي يا زھريلي دوائون يا آرٽيفيشل امونيم نائٽريٽ اھم آھن. مونکي قطئي طور تي ائين نہ ٿو لڳي تہ ماڻھن کي منھنجي ھيءَ ڳالھہ سمجهہ ۾ ايندي ڇاڪاڻ تہ اسان پنھنجي آڳاٽي ٻولي جنھن جو محور ڪُل انسانيت ۽ زميني حيات ھو وساري ويٺا آھيون ۽ منافعو ۽ اھو بہ تڪڙو ان ۾ اسان پنھنجو سڀڪجهہ وڃائيندا پيا وڃون اسان پنھنجا پکي، جيت، درياءَ، ڍنڍون، آبي حيات، گل ميوا، ٻيلا، جانور ۽ انسان بہ جيڪي سموري زندگي لاءِ بيحد اھم ۽ قيمتي آھن. جي ڏسجي تہ ان کانپوءِ تہ اسان کي ڪنھن جو بہ آسرو نہ ھجن گهرجي تہ ڪو ايندو اسان کي آزادي ڏياريندو، ان انتظار ۾ تيستائين اسان پاڻ موت جا ڪيترا ڏاڪا مٿي چڙھي چڪا ھونداسين.
يقينن خدا ان ماڻھو لاءِ سٺو، مٺو ۽ ٻاجهارو آھي
جيڪو ڳائيندي کلندي ٽھڪ ڏيندي مري ٿو،
گيدي، ڪانئر ۽ بزدل ھميشہ روئيندو رھي ٿو.
۽ غلام ٿي پورھيو ڪري ٿو.
بيشڪ بھادر ۽ ويڙھاڪ بھشت ڏانھن ويندا. (پشتو شاعر) .

درياءُ، منھنجو مرشد-10

ماضيءَ جي ڪيترن اھم خوبين مان سنڌو درياءَ جي ھڪ خوبي اھا بہ آھي تہ ھن جي ھجڻ ڪري مقامي قومن ۽ تھذيبن وچ ۾ اعلي قسم جي تنظيم ۽ رابطو ھو، موھن جو دڙو ھڙاپا ٻئي ھڪجھڙا ماڳ آھن جيڪي فن تعميرات ۽ شھري منصوبابنديءَ ۾ نہ صرف ھڪجھڙا آھن پر دنيا جي تھذيبن لاءِ اعليٰ مثال آھن، آمري، چانھونءَ جو دڙو، اگهم ڪوٽ ھي ان وقت اھڙا مثالي شھر ھئا جن جي ماڻھن جو ھڪٻئي سان رابطو ھو، تنظيم ھئي، جيڪي ھڪٻئي سان ھنر، فن، واپار ۽ صنعت تعميرات جا تجربا شيئر ڪندا ھئا، سنڌو شينھن درياءَ جي ليکڪ جين فيئرلي موھن جي دڙي جي تباھيءَ جو ذڪر ائين ڪيو آھي تہ بلوچستان ۽ مڪران جي جبلن ۾رھندڙماڻھن ھنن مٿان اچي حملا ڪيا ھوندا، ھنن جابلو قبائلين جي موھن جي دڙي جي ماڻھن ۾ اڳئي ئي اک ھوندي ھئي جيڪي سنڌو درياءَ جي ڪٺار سان موجود ڀلين ٻنين ۾ پوکي راھي ڪري رھيا ھئا، سندن ڪمزوريءَ کي محسوس ڪندي ھنن سندين ٻنين ۽ چوپائي مال تي قبضو ڪيو ھوندو. جي ڏسجي تہ موھن جي دڙي جي ماڻھن سان اھو حادثو ڄڻ ڪالھہ جي ڳالھہ آھي ڇاڪاڻ تہ اھڙا واقعا ھاڻ بہ جاري آھن. بلڪہ ھاڻ بہ سنڌ جابلو پسمنظر رکندڙ قبيلن، ذاتين، بين الااقوامي سرمايو رکندڙ ڪمپنين، فوجي ادارن، جاگيردارن، سرڪاري ڪامورن ھٿان لٽجي ڦرجي پئي، جيترو مون ان باري ۾ سوچيو اوترو ئي مون تي واضع ٿيندو ويو تہ جيڪڏھن سنڌ کي سياسي ۽ معاشي طرح ڪمزور رکڻو آھي ۽ ساڳي وقت انھن جي تنظيم، آزادي، خوشحالي، ڳوٺاڻي زندگي، مال متاع، ھنر ۽ انھن جي سڃاڻپ ختم ڪرڻي آھي تہ سندن درياءُ کسيو. انجي ھستي ان جي موج کي ڌيمو ڪيو يا بلڪل ختم ڪيو. موھن جي دڙي واري زماني ۾ ائين ممڪن نہ ھو ان ڪري جنھن وٽ طاقت ھئي ان قبضا ڪيا لٽ مار ڪئي شھر ۽ ماڻھن کي تباھ برباد ڪيو، پر ھاڻوڪي زمانن ۾ ڊيم، سرڪاري مشنري جو استمال ڪندي ارسا ۽ واپڊا، رٽائرڊ فوجين رانديگرن کي سنڌ جون زمينون انعام ۽ نيلام ۾ ڏئي، جيت مار دوائن ۽ ڪيميڪل فرٽيلائيزر تي انحصار ڪندي سنڌ جي ماحوليات آبي ۽ زميني حيات کي ختم ڪندي سنڌ ۽ سنڌين کي برباد ۽ ويران ڪري سگهجي ٿو، اوھان ائين سوچيندا ھوندا تہ پاڪستان جا حڪمران جيڪي پاڻ مسلمان آھن ائين ڇو ڪندا.؟ مان اوھان کي ٻڌائيندو ھلان تہ مفادن جي دنيا ۾ مذھب ھڪ ٽول ھجي ٿو، اوھان کي بنگلاديش ياد ھوندو ھن ملڪ جي فوج انھن سان ڇا ڪيو تاريخ اڃان ان جو پورو اندازو لڳائي نہ سگهي آھي. اوھان آڏو ان حقيقت کي واضع ڪندو ھلان تہ مونکي ملڪ جي حڪمرانن مان فاشزم جي بوءِ اچي ٿي، ھنن آڏو عام ماڻھوءَ جي ڪا اھميت ناھي، ادب، سائنس، آرٽ، فلاسافي ھنر ھنن آڏو بي معنيٰٰ آھي، ھنن مھذب قومن خلاف نسل پرست، جھادي، مذھبي قبائلي، ڏوھاري اسڪواڊ منظم ڪيا، ھنن لاءِ پاڙيسريءَ جي ڪا معنيٰٰ ناھي، ھنن جمھوريت جي نالي تي مافيائون کڙيون ڪيون آھن. ھنن ھر شھريءَ کي خطري ۽ خوف ۾ مبتلا ڪري رکيو آھي.
سنڌ پنھنجي سنڌو درياءَ ڪارڻ قائم آھي، سنڌين جي سگهہ درياءَ سان آھي ڇاڪاڻ تہ سنڌ جي معيشت جو بنياد زراعت آھي، سنڌين کي اھو فيصلو ڪرڻو آھي تہ سنڌو درياءُ ھڪ قومي اثاثو نہ بلڪہ سنڌين جي وجود جو حصو آھي، پاڪستاني قوميت يا ان نالي ڪنھن شي جي شناخت يا ڪو وجود آھي؟ ھي دوکو آھي. بھتر ائين ٿيندو تہ قومن جي شناخت کي تسليم ڪيو وڃي، سنڌو درياءَ تي ڇوڙ وارن جي پھرين حق کي تسليم ڪيو وڃي، سنڌوءَ مٿان ڊيم اڏڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي.

درياءُ، منھنجو مرشد-11

انڊس سولائيزيشن سنڌين جي پراڻي تھذيب جنھن جي جاءِ نئين ملڪ پاڪستان والاري آھي، ڇا اسان ان ملڪ جو حصو بنجڻ تي فخر ڪري رھيا آھيو؟ بلڪل بہ نہ. ھن ملڪ جي ڪوشش آھي تہ اسين ماضيءَ ۾ جيڪو ڪجهہ ھئاسين ان سموري تھذيب، ان پوري دور ۽ پنھنجن تحريڪن ۽ پنھنجي آسودي تاريخ کان ھٿ کڻون ۽ انجي ڏنل مذھبي جنونيت، نسل پرستي، ذات پرستي، علائقائي تنگ نظري ۾ رھڻ جا عادي ٿيون، سنڌ جي ماڻھن جا پنھنجا خواب آھن پنھنجا آدرش، ادب ۽ فلسفي جون پنھنجون تحريڪون آھن، ھن ملڪ جا حڪمران انھن خيالن ۽ آدرشن مان ڪنھن ھڪ کي بہ سنڌين جي زندگيءَ ۾ ھجڻ جا حامي ناھن. تہ پوءِ آخر ھي ملڪ قومن کان ڇا ٿو چاھي؟ 1950ع ۾ في ڪس پاڻي 5000 ڪيوبڪ ميٽر ھو جيڪو ھاڻ گهٽجي1000 ڪيوبڪ ميٽر في ڪس آھي جنھن جو سادو مطلب آھي تہ چار ھزار ڪيوبڪ ميٽر وڃايو آھي. جي ڏسجي تہ دفاع ۽ فوجي ڪاروبار کي ڇڏي زندگيءَ جي سمورن شعبن زراعت، صحت، تعليم، شھري رٿا بندي ۾ اسين پسماندہ ٿيا آھيون بلڪہ تمام گهڻو نقصان ڪيو آھي. اسان نقصان ڪندڙ چار ھزار ڪيوبڪ ميٽر پاڻيءَ جي ڳولا ڪنداسين تہ اھو پاڻي پلاسٽڪ جي بوتلن، وڏيرن جي زمينن ۽ مڇيءَ جي تلائن، پاڻيءَ جي بوتلن، ملٽري فوجي فارمن، ڊفينس ھائوسنگ سوسائٽيز جي نالي تي ۽ سنڌو درياءَ تي ڊيم اڏڻ جي صورت ۾ غائب ٿيو، ٻيلن کي ختم ڪرڻ ۽ سنڌ طاس معاھدي تحت ٽي اوڀرندا درياءَ ھندوستان کي وڪڻڻ سان ٿيو، فلڊ ڪئنالن جي نالي ھيٺ لنڪ ڪئنال ٺاھڻ سان غائب ٿيو، ھر سال آباديءَ جي رفتار ۾ تيزيءَ سان اظافو ٿيڻ سان ٿيو، درياءَ کان علاوہ پاڻيءَ جي ٻين ذريعن کي حاصل ڪرڻ ۾ عدم دلچسپي سان ٿيو ۽ ٻيا انيڪ سبب ڳڻائي سگهجن ٿا. سنڌودرياءَ ۾ پاڻي نہ اچڻ ڪري ھر ڏينھن سمنڊ اڳتي وڌي رھيو آھي، پر ساڳي وقت تمر جي ٻيلن جيڪو مڇي جي افزائش لاءِ بيحد ضروري آھي، انڊس ڊيلٽا تي گذر ڪندڙ ھزارين مھاڻا بک، بيروزگاري سبب لڏ پلاڻ تي مجبور ٿيا آھن،
جڏھن اوھين تھذيب آھيو تہ انجو مطلب آھي جيڪو ڪجهہ ماضيءَ ۾ ھئاسين ان کان بھتر ھجون، اسين جيڪو ڪجهہ ڪرڻ چاھيون ۽ چوڻ چاھيون آزاد ھجون، قومن لاءِ جيڪا يونيورسل وصف آھي، ان تي پورا لھون، پر ھي ملڪ تہ 77 سالن ۾ سنڌين کي قوم ۽ انھن جي ٻوليءَ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ھن وقت سنڌ آڏو بنيادي سوال اھو آھي تہ درياءَ جي پنھنجي زندگيءَ جيڪا سخت خطري ۾ آھي، ان کي محفوظ ڪيون. انڊس سولائيزيشن کي بچائڻ جو واحد اھو ئي رستو آھي.

درياءُ، منھنجو مرشد-12

2024ع جي ھاڻوڪين چونڊن ۾ جيڪڏھن واقعي بہ پيپلز پارٽيءَ ۽ مسلم ليگ کٽيو آھي تہ پوءِ آخر اھڙا ڪھڙا سلوگن ھئا جيڪي اليڪشن مقابلي لاءِ ڪتب آندا ويا، مسلم ليگ کي تہ ڪنھن سلو گن جي ضرورت ڪھڙي بلڪہ ائين چوڻ مناسب رھندو تہ عوام خلاف ٿيندڙ سازشن ۾ ھڪ ڌُر ٿي ڪم ڪندڙ پارٽي آھي، جڏھن تہ پيپلز پارٽي پنھنجي پوري اليڪشن مھم ۾ ڪنھن عوامي سلوگن جو سھارو وٺڻ ۽ سنڌ ۾ پراڻي جاگيردارنہ افسر شاھانہ ڪالونيل دور جي اسٽرڪچر جي جاءِ تي نون قدرن ۽ عوامي فيصلن جا مثال ڏيڻ جي بجاءِ مسلم ليگ تي تنقيد ڪندي رھي، ان پوري اليڪشن جي مرحلي جو جائزو وٺجي تہ اھو ٿو بيھي تہ ھن ملڪ ۾ ووٽ جي ڪنھن کي ڪا پرواھہ ڪانھي ۽ نہ ئي ان سھاري اليڪشن کٽي سگهجي ٿي، ھي عوام جي حمايت جو تجربو ڪري چڪا جنھن سان انھن جا ٺھيل معاملا وڌيڪ خراب ٿيا ۽ نہ ئي ھنن کي عوام جي حمايت آڌار ڪا تاريخ رقم ڪرڻي آھي، ان ڪري چونڊون ھي تہ سڀ دوکو آھي جمھوريت جي نالي تي. جيڪڏھن پاڻ عام رواجي سروي ڪيون تہ پاڻ کي پورو پورو اندازو ٿي ويندو تہ ملڪ جون ٻہ وڏيون جماعتون پاڪستان جي پاور اسٽرڪچر ۾ عوام جي مجموئي عوامي حقن جي حفاظت تہ پري جي ڳالھہ پر عوامي اثاثن درياءَ، سمنڊ، پھاڙ، معدني وسيلا، ڍنڍون، زمينون، پاڻي، گيس، بجلي، اسڪول اسپتال عوام جا سياسي معاشي حق، روزگار، امن، اليڪشن ريفارم ۽ زرعي سڌارن ڏانھن انتھائي غير سنجيدہ نظر آيون، ھي ائين سمجهن ٿا تہ ملڪ فوجي طاقت ۽ ان جي حمايت سان ھلي ٿو، جڏھن تہ تاريخ اھو ثابت ڪيو آھي تہ فوج ۽ فسطائيت ٿوري وقت لاءَ ھجي ٿي، ھي ملڪ ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناھي تہ سنڌي قوم پنھنجي آڳاٽي تھذيب ۽ تاريخ ڪري پنھنجو پاڻ کي پاڪستان جي جديد ڪالونيل ۽ فسطائيت کا مختلف بڻايو آھي، اھو ھڪ گَھرو زخم آھي تہ اسين سڀ پاڪستاني آھيون، سنڌيت ۽ سنڌو درياءَ جي ڌُر ٿيڻ ڪا نيشنلزم بہ ناھي، ھي تہ پنھنجي سڃاڻپ ۽ پنھنجي تاريخي خصوصيت جي لحاظ کان ائين آھي، جيتوڻيڪ فسطائيت، نسل پرستي ۽ جنونيت جي خلاف ھيءَ قوم وڙھندي رھي آھي پر ھن وقت وڏو چئلنج رياستي اقتدار ۾ ويٺل اھو ڪلاس آھي جنھن ھوريان ھوريان شھري، ٻھراڙي، دريائي، سامونڊي زندگي، ٻيلن جي حياتي، ڍنڍن جي تازگيءَ کي ختم ڪيو آھي. شايد پاڪستان جا ماڻھو سنڌودرياءَ جي زندگيءَ تي ان قدر نہ سوچن ڇاڪاڻ تہ انھن جو سڌو تعلق درياءَ سان ناھي، اھا اسانجي بدقسمتي ٿيندي جو اسان سنڌودرياءَ جي حوالي سان فڪر مند ناھيون جيڪا ڳالھہ اڳتي ھلي اسان کي ذھني ۽ جسماني طرح معذور ڪندي،

درياءُ، منھنجو مرشد-13

مرشد، اوھان کي ائين لڳندو ھوندو تہ مون قديميت جو سھارو ورتو آھي، اوھان کي ائين محسوس ٿيندو ھوندو تہ جديد نظريي ۽ فلسفي ۾ ھي لفظ ڪنھن عقيدي جو ڏيک ڏئي ٿو يا اھو لفظ جنھن ۾ نواڻ پسندي ڪانھي جيڪو ھميشہ عظمت جي بلندين تي رھي ٿو جنھن جو زمين جي مخلوق سان ڪو تعلق يا واسطو ناھي، آزاد طبع ۽ آزاد خيال انسان لاءِ ان لفظ جي ڪا معنيٰٰ ڪانھي.خاص طرح مُھذب دنيا ۾ ھن مقام کي قبول نہ ٿو ڪري سگهجي. ڪجهہ تہ ان کي ڪنھن مذھب ۽ فرقي سان بہ جوڙيندا ھوندا، ڪجهہ تہ ائين بہ سوچيندا ھوندا تہ مرشد ھي رشتو ھڪ انسان جي حيثيت ۽ اھميت کي ادنيٰ کان ادنيٰ ڪري ٿو جنھن سان انسان جي پوشيدہ صلاحيتن جو انت ٿي وڃي ٿو. انسان کي دوست ھجڻ گهرجي مرشد يا مريد نہ.
ھي اھي سوال آھن جيڪي مرشد لفظ جي استعمال ڪرڻ سان اوھانجي ذھن ۾ ايندا ھوندا. مون لاءِ ھن لفظ جي معنيٰٰ بلڪل مختلف آھي، مون لاءِ ھي رشتو جامد يا ٺوس نہ پر تخليقي آھي، مان ھتي ڪنھن پير مريد جي ڳولا يا ان مان ڪنھن عقيدي جي ترجماني نہ پيو ڪيان ۽ نہ مان ڪنھن علم معرفت جي دعوا ڪيان ٿو، ھي بلڪل ھڪ علحدہ رشتو آھي، مريد اھو ٿي ئي نہ ٿو سگهي جيڪو مرشد جي ھر ڳالھہ سان متفق يا سھمت ھجي ۽ مرشد بہ مريد لاءِ نون رستن ۽ نون خيالن جي ڳولا ۾ مدد ڪري، گوتم ٻڌ پنھنجن مريدن کي چوندو ھو (منھنجي نقش قدم تي نہ ھلجو مان جيڪو چوان ائين نہ ڪجو، اوھان پنھنجي سمجهہ سان فيصلو ڪجو.) لفظ مرشد جي معنيٰ آھي استاد يا رھنما جنھن جي معنيٰ اھا آھي تہ ڪنھن جي پرواھ ڪرڻ کانسواءِ رھنمائي ڪرڻ، ھڪ استاد جيان، سچ اھو آھي تہ اسان مان ھر ماڻھوءَ کي ھڪ لمحي تي استاد گهرجي ٿو جيڪو غير معمولي ھجي، ٻاجهارو ھجي، جنھن کي دل سان قبول ڪيو ويو ھجي، جيڪو جاڳيل ۽ سجاڳ ھجي، اھڙو ھجي جنھن مان مرشد ۽ مريد ختم ٿيندي نظر اچي، لفظ مريد بنيادي طور سِکڻ ۽ نظم ضبط مان نڪتل آھي، اھڙو محور جيڪو ھر وقت پنھنجي اندر کان پاڻ کي سِکڻ لاءِ تيار ڪري. مريد ۽ پيروڪار ۾ اھو ئي تہ فرق ھوندو آھي. پيرو ڪار پاڻ کي پنھنجي اندر کان بند ڪري ٿو، پنھنجي اندر کي روشني ۽ تازي ھوا کان بند ڪري ٿو، پيروڪار ھر طرح سان متفق ھجي ٿو، جڏھن مرشد ۽ مريد جي وچ ۾ متفق ھجڻ جو سوال نہ پر سمجهن جو رشتو ھجي ٿو، متفق ٿيڻ جو مطلب ھاڻ اڳتي ڪجهہ بہ ناھي ڪرڻو، ان کان اڳتي ڪجهہ بہ ناھي، جيڪا ڳالھہ انساني جستجو ۽ تبديل ٿيندڙ پورھئي ۽ صلاحيت جي خلاف آھي، ھڪ مرشد ۽ مريد پنھنجي انا ختم ڪري ٿو، مرشد تہ ھڪ رستو آھي مريد ان جو مسافر، منھنجو مرشد منھنجو سنڌو درياءُ آھي. اوھان سوچيندا ھوندا تہ درياءُ مرشد ٿيندو آھي ڇا؟ اھو ختم بہ ٿي سگهي ٿو. اھا ڳالھہ اوھان کي سمجهايان ٿو. ھي ڪنھن کي حقير نہ ٿو سمجهي، سڀ انسان ھن جي اولاد آھن، جيڪو ٻاجهارو آھي ۽ سچار بہ. جنھن جي رواني ۾ ڪلام آھي، سُر آھي، راڳ آھي، ھن جي پيرن ۾ ناچ آھي، پنڌ آھي سفر آھي، ھن جي خيالن ۾ وسعت آھي، گَھرائي آھي، ھن جو ڪو ڌرم ڪونھي، ڪو نسل ڪونھي، ھي ڏئي ٿو ڪو حساب نہ ٿو رکي، ھن جي خاموشيءَ جا سوين رنگ آھن. ھن جي پڙلاءَ ۾ آزاديءَ جو ترنم آھي، جيڪو زمين، آسمان ۽ انسان جي رڳن ۾ ھڪ ئي وقت روان رھي ٿو، ھي سخا جو در آھي جيڪو دوست آھي، گَھرو ۽ مٺو آھي، ھي زمين مٿان راڄ ڪري ٿو ۽ پنھنجي اولاد جي حفاظت ڪري ٿو، سندس عظمت جا قصا سمورين تھذيبن جي ڪتابن ۾ درج آھن، جيڪوتعليم يافتہ نہ ھجڻ جي باوجود عظيم استاد آھي، ھيءَ ئي وصف آھي جنھن مونکي اندر کان ٺھراءَ ڏنو ۽ وچ درياءَ جو ڪنارو ڏنو. ھي منھنجو مرشد آھي. جنھن کي مون دل سان قبول ڪيو، ھي آھن اھي سموريون خوبيون جيڪي منھنجي استاد ۾ آھن، ڇاڪاڻ تہ مان ھڪ فرد نہ پر سنڌ آھيان. مان جڏھن ائين سوچيان ٿو تڏھن ھن جي آڏو گوڏن ڀر جهڪي وڃان ٿو، انجي سريلي آواز ۾ جذب ٿي وڃان ٿو، ھن جي مٺيالي پاڻيءَ مان پاڻ کي تخليق ٿيندي ڏسان ٿو، جيڪو منھنجي روح کي سانت ۾ رکي ٿو، مون لاءِ ميوا، فصل، ٻيلا اپائي ٿو ۽ پکين جي سرن کي جاوداني ڏئي ٿو تہ جيئن مان بھتر ۽ آزاد انسان ٿي سگهان. مون لاءِ ھن جي اھميت ائين آھي تہ مان ھن کانسواءِ ڪجهہ بہ ناھيان، ھن جي ڪارڻ آھيان جي ھي ناھي تہ مان ناھيان.

درياءُ، منھنجو مرشد-14

ڇا پاڪستان واقعي بہ مملڪت خداداد آھي؟ ھن جا نظرياتي اساس اسلام جي اصولن پٽاندر آھن؟ ھي وفاق واقعي بہ اڻٽٽ آھي جنھن پنھنجي گرد قومن کي جبرن جوڙي رکيو آھي؟ ھي ملڪ پراڻين تھذيبن ۽ قومن جي حمايت کانسواءِ پنھنجو وجود قائم رکي سگهندو؟ ڇا ھن ملڪ جي وسيلن زمين، درياءُ، سمنڊ، پھاڙ، گيس، پيٽرول قيمتي پٿر، تي مقامي ماڻھن جو پھريون حق تسليم ٿيل آھي؟ ھن ملڪ جي قومن کي پنھنجا سياسي، سماجي ۽ ثقافتي حق ميسر آھن؟ اھڙا ۽ اھڙي قسم جا انيڪ سوال ملڪ جي سمورن محروم ماڻھن جي ذھنن تي اڀرندا رھندا آھن. طارق علي پنھنجي ڪتاب (ڪيا پاڪستان رھ سڪتا ھي) ۾ انھن سوالن تي بحث ڪيو آھي، جڏھن تہ ھن وقت اھڙي قسم جو بحث ملڪ سان غداريءَ جي دائري ۾ اچي ٿو، مان انھن سوالن کي ڪنھن سياسي ماھر کان وڌيڪ ھڪ عام شھريءَ جي حيثيت ۾ ڏسڻ چاھيندس جيڪو ھر ڏينھن خاموشيءَ سان پنھنجي زمين ان جي اپت، پنھنجن وسيلن، پنھنجي آسودگي، پنھنجي آزادي، پنھنجي عزت، پنھنجي گهر، پنھنجن ٻارن، پنھنجي ھنر، پنھنجي حياتي، پنھنجي روزگار ۽ پنھنجي درياءَ کان محروم ٿيندو پيو وڃي، قائد اعظم يونيورسٽيءَ جي پروفيسر طاھر امين پنھنجي ڳڻتيءَ جو اظھار ان طرح ڪيو آھي، پنجابي اشرافيہ کي بنگلاديش جي آزادي مسلسل ذھن تي سوار آھي، ھي ان خوف ۾ ورتل آھن تہ ڪٿي سرحد سنڌ ۽ بلوچستان ۾ لساني ۽ قومپرست تحريڪون بنگلاديش جي آزاديءَ جي تحريڪ جو دڳ نہ وٺن. ھڪ سنڌي ھئڻ جي ناتي پاڪستان جي روايتي مفڪرن ۽ سياستدانن کان وڌيڪ مونکي ان ڳالھہ جو فڪر آھي تہ ھن ملڪ جا سويلين ۽ فوجي حڪمران جيڪي مملڪ خداداد جي جنھن سحر ۾ ورتل آھن ان مان نڪرندي نڪرندي ملڪ جي مقامي قومن جي سياسي، سماجي، ثقافتي تباھيءَ جي حد اُتي نہ وڃي پھچي جتان پوءِ موٽڻ ممڪن ئي نہ ھجي. 1983ع جي جمھوري ھلچل (ايم آر ڊي) ۾ ڪيترن نوجوانن پاڪستان جي ڳولا ڪندي جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ٿيا. ان جدوجھد جي اصل ڳالھہ اھا ھئي تہ پاڪستان جي سموري تاريخ جبر جي تاريخ آھي جڏھن تہ پاڪستان جا اصل مالڪ عوام آھن، مملڪت خداداد دراصل فاشسٽ ۽ عوام دشمن تصور آھي جنھن جو مقصد لوٽ کسوٽ کي جاري رکڻ آھي، پاڪستان جي ڳولا ۾ اڄ ڪيترا نوجوان گم آھن، مملڪت خداداد ھي خيال مڪمل طور آمرن، ڏوھارين قبائلي سردارن، نوابن، فوجين، افسر شاھي ۽ ملٽي نيشلل ڪمپنين جي قبضي ۾ آھي. مان ھتي پاڪستان جي مٺي پاڻيءَ جي ذخيرن جو ذڪر ڪندس جيڪي ڪنھن بہ قوم جي جياپي جو مکيہ سبب آھن. سنڌو درياءُ صدين کان ڪوٽڙي بئراج کان وھندو ھو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، پاڪستان جي جنم کانپوءِ سنڌو درياءَ مٿان ٿل ڪئنال جھڙو غير قانوني واھہ ڪڍي ھن ملڪ جي قومن درميان نفرت جو پھريون پٿر رکيو ويو. ان کانپوءِ درياءَ وڪيا ويا ۽ سنڌوءَ مٿان ڊيم وجود ۾ آيا، مون لاءِ بنيادي ڳڻتي اھا آھي تہ ڊيم ۽ واھہ ٺاھڻ اھم ئي ھئا تہ اھي ڇوڙ جي علائقن ۾ ڇو نہ ٺاھيا ويا، جتي ھميشہ پاڻيءَ جي کوٽ رھي ٿي، جتي ڪوٽڙي بئراج کان اڳتي پاڻي آھي ئي ڪونہ، آخر سمورا ڊيم ۽ ڪينال پنجاب ۾ ڇالاءِ تعمير ڪيا ويا؟ سنڌو درياءَ جي ھستي ۽ مستيءَ کي ختم ڪندڙ ھي ملڪ، جھڙيءَ طرح مقامي ماڻھن ۽ قومن خلاف سازشون ڪري رھيو آھي ان جو نتيجو شايد بنگلاديش کان وڌيڪ خطرناڪ نڪري.

درياءُ، منھنجو مرشد-15

ڇا سنڌو درياءُ محض پاڻيءَ جي وھڪري جو نالو آھي؟ ھن جي ھجڻ يا نہ ھجڻ سان ڪو فرق نٿو پوي؟ ڇا ائين تہ ناھي تہ اسين ھن جي حرمت کان اڻ واقف آھيون، ھي ھڪ ئي وقت ڪيترن رشتن سان جڙيل آھي پر انسان ئي آھي جيڪو ھن کي پنھنجو ڪرڻ کان لاچار آھي، درياءَ جو الميو ھي آھي تہ ھي سال جا 8 مھينا خشڪ رھي ٿو، سندس پيٽ ۾ ھر وقت ھڪ طويل واريءَ ۽ مٽيءَ جو طوفان گهلندو رھي ٿو، ھاڻ تہ شھر جا گٽر ھن ۾ ڇوڙ ڪن ٿا، شھرن جي پلازائن، ھوٽلن ۽ گهرن جي پيڙھہ ۾ درياءَ جي لٽاسي مٽي ڀري پئي آھي، انڊيا جي انوائرمينٽ سائنس جي اداري پنھنجي ھڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آھي تہ دبئيءَ جي ھوٽل پام جميرا جيڪو سمنڊ اندر تعمير ڪيو ويو آھي تنھن لاءِ لکين ٽن واري (سينڊ) انڊيا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن کان گهرائي وئي ھئي. ان ھوٽل جي پاڙن ۾ سنڌو درياءَ جي مِٽيءَ جو تناسب ڪيترو آھي ڪجهہ ٻڌائي نہ ٿو سگهجي. اسين آسمان جي تارن، ستارن، گرھن جي ڳولا ۾ آھيون پر ائين ڇو آھي تہ اسين دريائن کي وڃائيندا پيا وڃون؟ ماڻھن لاءِ ھن جي اھميت ھن جي ضرورت بي معنيٰ ٿيندي پئي وڃي، ھن جي سچائيءَ کي ڪا اھميت نہ ٿا ڏيون، ھي زمين تي اسانجو حصو ھئڻ جي باوجود اسان جي توجھہ کان محروم آھي، ھي شايد ان سبب ڪري بہ اسانجي توجھہ کان محروم آھي جو اسان پاڻيءَ جا مصنوئي طريقا ايجاد ڪري ورتا آھن. اسين سڀ پلاسٽڪ پيئون ۽ کائون ٿا، ان حد تائين تہ رياست واٽر سپلائي جي ڪمپنين کي اختيار ڏنو آھي تہ گهر ويٺي پاڻي پھچائڻ جو ڪم ڪن ۽ پئسا ڪمائن. درياءُ تي انحصار گهٽائڻ لاءِ ۽ ڪمپنين جي ڪاروبار لاءِ ضروري آھي تہ ماڻھن جي درياءَ تي انحصار کي محدود ڪن. اوھان کي شايد معلوم نہ ھجي تہ دنيا ۾ ھڪ بلين کان وڌيڪ ماڻھو پاڻيءَ جي پھچ کام محروم آھن. سوئيزرلينڊ بيس ڪمپني نيسلي ھر سال پاڻي سپلاءِ مان ساليانو منافعو 30.54 سيڪڙو ڪمائي ٿي جيڪا ڪنھن بہ ملڪي ڪمپنيءَ کان ٻيڻ تي آھي، ھيءَ اھا ڪمپني آھي جنھن مٿان ٿائليڊ جي بانڊيڊ ليبر جو ڪيس آھي ان کان علاوہ خاص طرح ٻارن جي کير ۾ ڪوڪو پائوڊر ملائڻ جو پڻ اسڪينڊل ھن مٿان آھي، ھيءَ ھڪڙي ڪمپني ناھي، ايڪيفينا ۽ ٻيون ڪيتريون ڪمپنيون منرل واٽر جي نالي تي بلين ڊالر جو ڪاروبار ۽ منافعو ڪمائن ٿيون. ظاھر آھي ان قدر منافعو رکندڙ ڪمپنيون سرڪاري ڪارندن کي رشوت جي مد ۾ لکين ڊالر ادا ڪن ٿيون جنھن جو نتيجو ڊيم جي صورت ۾ نڪري ٿو. درياءُ، ڪا ڪمپني نہ پر ابدي مظھر جو نالو ھجن ٿا، ھن کي ڪڏھن بہ نفعي نقصان تي توري نہ ٿو سگهجي. سنڌو درياءُ ھڪ زندھہ وجود آھي، جنھن جا بنيادي حق آھن، ھن کي منرل واٽر ڪمپنين جي مٿان قربان نہ ٿو ڪري سگهجي. ھي ڪڏھن بہ ماڻھن مٿان پنھنجا حق ناھي جتائيندو ڇاڪاڻ تہ ھي وقتي مظھر نہ پر ابدي سچائي آھي، ھي ھميشہ آھي ۽ ھميشہ پنھنجي ھستي ۽ مستيءَ ۾ رھڻ وارو آھي، ڪالھہ ئي المنظر کان درياءَ جي پيٽ ۾ مون ڪارون، ويگو ۽ موٽر سائيڪلون ڊوڙندي ڏٺيون جيڪي ظاھر آھي تہ بند جي ڪناري کان ھيٺان ڪراس ڪري داخل ٿيون ھونديون، ھي درياءَ جي حقيقت ۽ انجي فلسفي سان مذاق آھي. ھي منھنجو درياءُ آھي جيڪوتھذيبن جو ابو آھي، ھن جو پيٽ ڪو ريس ڪورس جو گرائونڊ ڪونھي، ھي اوھان ڇا ڪري رھيا آھيو؟ بيٺل ۽ خالي دماغ ئي ائين ڪري سگهن ٿا. اوھان درياءَ جي حرمت ڪيئن وساري جنھن اوھان کي شادابي ڏني، رنگ ڏنا ۽ خوراڪ جو بندوبست ڪيو. مان ان ڪري بہ گهڻو فڪر مند آھيان تہ اسان پنھنجا ادارا تباھہ ڪيا آھن،، ٻيلا ختم ڪيا، سمنڊ کي گدلو ڪيو، پھاڙن جي مارڪيٽنگ ڪئي ۽ ماڻھن کي رنگن، نسلن، قبيلن، مذھبن ۾ تقسيم ڪيو، ھاڻ اسين درياءَ کي بہ سمجهڻ سوچڻ ڇڏي ڏنو. ان حالت ۾ شمشان گهاٽ پاڻ کان ھاڻ گهڻو ڏور ڪونھي.

درياءُ، منھنجو مرشد-16

سنڌو درياءَ کي سمنڊ کان ڌڪي ڌار ڪرڻ يا ان جو ڇوڙ ختم ڪرڻ جو مطلب سمنڊ کي رستو ڏيڻ. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اوشنولاجي جي چيف ڊاڪٽر آصف انعام پنھنجي ھڪ رپورٽ جيڪا پوءِ ھن پارليامينٽ ۾ بہ جمع ڪرائي تہ 2060ع تائين سنڌ جو اھم شھر ڪراچي سمنڊ جي پاڻيءَ ھيٺ اچڻ جو خطرو آھي پر ان کان اڳ 2050ع ۾ سنڌ جا ٻہ اھم تاريخي شھر ٺٽو ۽ بدين ٻڏي وڃڻ جو خطرو آھي، ھن پنھنجي رپوٽ ۾ انھن شھرن جي ٻڏڻ جا ٽي سبب ڄاڻايا آھن:
1. ماحولياتي تبديليءَ جي ڪارڻ جنھن لاءِ پاڪستان بلڪل بہ تيار ناھي.
2. گرمي پد جي وڌڻ ڪري
3. انڊس ڊيلٽا جي ختم ٿيڻ ڪري.
انڊس ڊيلٽا دنيا جو پنجون نمبر ڊيلٽا آھي، جنھن جي نشونما درياءَ جي پاڻي ۽ لٽ ڪري ٿئي ٿي. انڊس ڊيلٽا سنڌوتھذيب کي سمنڊ کان بچاءُ لاءِ قدرتي ديوار وارو ڪم ڪري ٿي تہ جيئن سمنڊ جي پاڻيءَ کي اڳتي وڌڻ کان روڪي سگهجي. ھي ڊيلٽا تقريبن 1500.000 ايڪڙن ۾ ڦھليل آھي. سنڌ جو ھي آسودو ڊيلٽا ڪيترن ماڻھن جي گذرسفر کان علاوہ جهينگي ۽ مڇين جي ڪيترن قسمن جي نرسري ۽ پالنا وارو فرض نڀائي ٿو، پاڻيءَ جي ورڇ جي ماھر سائين اوڀايو خشڪ پنھنجي ڪتاب ”سنڌوءَ جو رستو نہ روڪيو“ (جيڪو پاڻيءَ جي ورھاست جي حوالي سان اھم ڪتاب آھي) ۾ انگ اکر شيئر ڪيا آھن 1991ع واري ٺاھہ ۾ سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ 10 ملين ايڪڙ فوٽ جي ڳالھہ ٿيل آھي، حقيقت ۾ اھو مقدار ڊيلٽا جي بچاءَ ۽ ماحولياتي وھڪرن لاءِ اڻپورو آھي، جڏھن سفارش 30 ملين ايڪڙ جي ڪئي وئي آھي، جڏھن تہ عمل ٻنھي تي نہ پيو ٿئي، (ڪتاب سنڌوءَ جو رستو نہ روڪيو) ھن وقت انڊس ڊيلٽا ۾ درياءَ جو ڇوڙ زيرو آھي (زيرو سيڪڙو) دريائي لٽ ڪنھن بہ زمين ۽ خود مينگروز فاريسٽ لاءِ زرخيزي وارو ڪم ڪري ٿي. جيڪا پاڻ سان جابلو ۽ زميني معدنيات جو ڀنڊار کڻي ھلي ٿو،1931ع کان 1947ع واري عرصي ۾ سنڌو درياءُ سراسري طور 73 ملين ايڪڙ پاڻيءَ سان گڏ 225 ملين ٽن لٽ کڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو ھو، جيڪا ھن وقت زيرو آھي، جنھن سان انڊس ڊيلٽا جو پورو مينگروز فاريسٽ 500 ڪلوميٽرن کان بہ وڌيڪ متاثر ٿيو آھي. تازو عالمي بئنڪ جي ھڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي تہ انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نہ ڇڏڻ ڪري پاڪستان سرڪار کي ھر سال 2 ارب ڊالر جو نقصان ٿي رھيو آھي، ان مالي نقصان کانسواءِ اڳتي ھلي سنڌ جا وڏا شھر انساني آباديءَ جي سخت دٻاءَ ھيٺ اچي ويندا. ماڻھن جي اڪثريت سخت سماجي، معاشي ۽ ثقافتي بحران سان گڏ ذھني بيمارين جو شڪار ٿيندي. فشر فوڪ فورم جي چيئرمن مرحوم سائين محمد علي شاھہ پنھنجي حياتيءَ ۾ انڊس ڊيلٽا جي تباھيءَ جو ذڪر ائين ڪيو آھي، 1956ع کان ھن وقت سمنڊ تقريبن 3.5 ملين زرعي زمين پائي چڪو آھي جيڪا اسان سڀني لاءِ ڇرڪائيندڙ ڳالھہ آھي. (محمد علي شاھہ)
سنڌو درياءَ جي لٽ روزانو جي بنياد تي شھرن جي رھائشي ڪالونيز بحريا، ڊي ايڇ اي، پلازائن ۽ ھوٽلن جي بنياد ڀرڻ لاءِ منتقل ٿي رھي آھي اھا محض لٽ ناھي اھا ڊيلٽا جي حياتي آھي. وفاقي سرڪار آخر انڊس ڊيلٽا تي سنجيدہ ڇو ناھي؟ ھي ائين ڇو ٿي سمجهي تہ 30 ملين ايڪڙ فوٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ پاڻيءَ کي ظايع ڪرڻ جي برابر آھي. اسان کي اھا ڳالھہ نہ وسارڻ گهرجي تہ وفاق جي ان قسم جي بي حسي جي قيمت سنڌ کي پنھنجا شھر ٻوڙي ادا ڪرڻي پوندي، جيڪا بلاشبہ وڏي قيمت آھي.

درياءُ، منھنجو مرشد-17

جھڙيءَ طرح انسانن، جانورن، پکين، سمنڊ ۽ پھاڙن جا حق آھن اھڙيءَ طرح دريائن جا بہ حق آھن، سنڌو درياءُ دنيا جي ڪجهہ قديم دريائن مان آھي، سنڌو درياءَ کي ماڻھن نہ پر قدرت تخليق ڪيو تہ جيئن تھذيبن جي سڃاڻپ ٿي سگهي، ھن جي ڪنارن تي آباد سموريون تھذيبون پنھنجي ثقافتي ۽ سماجي ترقيءَ ۾ بي مثال ھيون ۽ ھاڻ بہ آھن. سنڌو درياءُ اسانجي خوراڪ، رھڻي ڪھڻي، اسانجي وجود، ٻوليءَ ۽ اسانجي ھنر ۾ ائين شامل آھي جو عملي طور انکانسواءِ جيئڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آھي. اسان انسانن جي دراصل ڪا قيمت ناھي، اسانجا ديويون ديوتا، پير مرشد، حڪومتون ھن آڏو بيڪار آھن. ھڪڙو وقت اھڙو بہ ھو جو سنڌ جا ماڻھو پنھنجو روزمرھہ جو ڪم درياءَ جي پوڄا ڪرڻ سان شروع ڪندا ھئا، ان کي شڪتي ۽ دياءَ جو روپ سمجهندا ھئا ۽ ھاڻ بہ سنڌو درياءَ کي تھذيبن جو ابو سمجهيو وڃي ٿو. جڏھن کان پاڪستان جي قومي سڃاڻپ محمد بن قاسم ٿي ۽ طاقت جي صورت پنڊي ۽ اسلام آباد ٿيا آھن تہ دريائن، ٻيلن، سمنڊ ۽ پھاڙن کي ڏسڻ جا مجموئي رويا ئي تبديل ٿي ويا آھن، جيڪي ھاڻ سچ پچ بدديانت، روايتي ۽ فرسودہ خيالن، پاڻي چوري جي جديد طريقن تي مشتمل آھن. اسان ھاڻ بي جان شين سان محبت ڪيون ٿا ۽ انھن جي حوصلا افزائي ڪيون ٿا، اسانجي ھن سفاڪ بي رحم دنيا ۾ درياءَ، پھاڙن، سمنڊ، ٻيلن، آبشارن ۽ چراگاھن جي سونھن ڪا معنيٰ نہ ٿي رکي. اسين انھن جي لڪل فراواني، سخاوت ۽ ان جي ديا جيڪا اسانجي پنھنجي آھي جنھن سان اسانجو ابد کان رشتو آھي جنھن اسان کي تھذيب ڏني، ٻولي ڏني، ادب ۽ فلسفو ڏنو ۽ ڪائنات جي اسرارن کان واقف ڪيو. اڄ جي حالتن ۾ اسان پنھنجين سمورين نالين ۽ گٽرن جا منھن ان طرف ڪري ڇڏيا آھن، ايٽم بم ۽ ڊيم ٻنھي جو منطقي نتيجو تباھ ڪرڻ آھي، جنھن مٿان ھر سرڪار بلين ڊالر خرچ ڪري ٿي، جڏھن تہ قدرتي ماحول تعليم ھنر ۽ صحت لاءِ معمولي رقم جو اعلان ڪري ٿي. قدرتي ماحوليات لاءِ درياءَ جو ھجڻ بيحد ضروري آھي، جنھن سان اسان پنھنجي محبت جو اظھار نہ ٿا ڪيون. وقت اچي ويو آھي تہ اسين سنڌو درياءَ سان پنھنجي والھانہ محبت جو اظھار ڪندي ان جي حقن جي ڳالھہ ڪيون، درياءَ جا ڪھڙا حق آھن؟ درياءَ جو پھريون حق ان جي قدرتي وھڪرن کي بحال ڪرڻ آھي 2، شھري آبادي ۽ فيڪٽرين جو سمورو ڊرين بند ٿيڻ گهرجن 3، سنڌو درياءَ مٿان چار نوان ڊيم اڏڻ بند ڪيا وڃن، 4،درياءَ جي لٽ درياءَ جي ملڪيت آھي، 5، انڊس ڊيلٽا ۾ درياءَ جو فلو گهٽ ۾ گهٽ 30 ملين ايڪڙ فوٽ تائين ڪيو وڃي، 6، درياءَ کي تھذيبن جو ابو تسليم ڪري ان کي آفاقي (يونيورسل) اثاثي طور ڊڪليئر ڪيو وڃي.
مان ھيءَ ڳالھہ واضع ڪندو ھلان تہ درياءَ جا حق تڏھن بحال ٿيندا جڏھن عوام جي وسيع شرڪت ممڪن ٿي سگهندي ۽ جيستائين درياءَ جي بنيادي حق لاءِ شدت سان مزاحمت نہ ٿي ٿئي تيستائين درياءَ جا حق بحال ٿيڻ ممڪن ناھن.

درياءُ، منھنجو مرشد-18

اوھان کي تھذيب (سولائيزيشن) جا آثار باقي رھندي نظر اچن ٿا؟ تھذيب ان نالي سان ڪنھن شئي جو وجود آھي؟ پاڪستان ۾تھذيبن جي ارتقا جو ڇا ٿيو؟ اوھان کي ائين محسوس نہ ٿو ٿئي تہ انسان پنھنجي ماضيءَ جي قديم روايتن، دريائن، ٻيلن، سمنڊ، پھاڙن، انساني آزادي، زمين جي زرخيزي، مالڪي، ڍنڍن، ٻولي، انساني رشتن ۽ معصوميت کي وڃائي چڪو آھي، جي ڏسجي تہ سنڌ جي بنيادي معيشت ۽ انجي قديم تھذيب سنڌو درياءَ جي آسري آھي بلڪہ زرعي ترقيءَ جو سمورو انحصار درياءَ جي قدرتي وھڪري تي آھي، جي مان چوان تہ سکر تائين ارسا ۽ واپڊا جا سنڌو درياءَ جي وھڪري متعلق جيڪي انگ اکر آھن، جعلي ۽ فراڊ تي مبني آھن تہ ان جو ثبوت ھي آھي تہ ڪوٽڙيءَ کان انڊس ڊيلٽا تائين پاڻيءَ جو ڇوڙ زيرو آھي. اُھي سمورو ڏينھن ڪوڙ ڳالھائن ٿا ۽ ملڪ سان وفادار ۽ مھذب ھجڻ جو ڏيکاءُ ڪن ٿا. سڀ کان خطرناڪ ڳالھہ ھيءَ آھي تہ ھنن جو ھاڻ ملڪ تي قبضو آھي. انسان جي مھذب ھجڻ جا بنياد ڪھڙا ھجن ٿا؟ جتان پوءِتھذيبن جي شروعات ٿئي ٿي، انسان حقيقي طور تي تڏھن مھذب ٿي سگهي ٿو جڏھن وسيلن جي ورڇ جو بنياد انصاف تي قائم ھجي، ھر انسان کي پنھنجي پورھيي جي آزادي، اجرت جي وقت سر ادائگي، ضرورت ۽ گهرج جو مقرر معيار ۽ پورھيت راڄ. اوھان کي اھو ماضيءَ جو خيال لڳندو ھوندو، پر ھڪ عظيم تھذيب ان کانسواءِ ممڪن ناھي، پاڪستان جھڙو طبقاتي سماج پھرين اوھانجي معصوميت کسي ٿو. پوءِ اوھان کي نسلن، فرقن، مذھبن ۾ تقسيم ڪري ٿو ان کان پوءَ اوھان جا وسيلا درياءُ، سمنڊ. پھاڙ ۽ زمين ۾ پوشيدہ خزانا گيس، پيٽرول، سون، پٿر، ڪوئلو چورائي ٿو، آخر ۾ پورو ديس. جڏھن اوھانجي معصوميت برباد ٿئي ٿي تہ ماڻھو چالاڪ، منافق، لالچي، ڪوڙو، ظالم، موقعي پرست، بيحس ٿي وڃي ٿو، جي ڏسجي تہ ھن وقت اسين وڪرو ٿيل تھذيب جا آثار آھيون جنھنجو ھر فرد قرضي آھي.تھذيبون فطرت جي اصولن آڌار تي قائم ٿين ٿيون، ھي ملڪ فطرت جي قاعدن خلاف آھي، بلڪہ فطرت جو دشمن، اوھان کي ائين نظر نہ ٿو اچي تہ ملڪ ۾ استحصال جو رجحان ان قدر وڌيو آھي جو انسان پنھنجي موڙي تہ پري پنھنجو جسم قائم رکڻ لاءِ مري رھيو آھي، ھڪ ٻيو پاسو جنھن سان سنڌوتھذيب جا بچيل آثار ختم ٿيندي نظر اچن ٿا، سرڪاري سروي مطابق سنڌ جي ڪُل زراعت لاءِ ساليانو گهربل پاڻيءَ جو مقدار آھي، 321 سي ايم جيڪو صرف سنڌ جي اھم فصلن ڪڻڪ، ڪپھہ، چانور، ۽ ڪمند لاءِ گهربل آھي، ان کان علاوہ شھري آبادي ۽ ڊيلٽا لاءِ گهربل پاڻيءَ جا انگ اکر الڳ آھن جيڪي آھن ئي ڪونہ. جڏھن تہ موجود پاڻي 60 کان 70 سي ايم (سينٽي ميٽر) کان وڌيڪ ڪونھي، 18 ترميم کانپوءِ زراعت جو سمورو حق صوبن جي حوالي ڪيو ويو پر درياءَ ۾ پاڻي آھي ئي ڪونہ تہ ترميم جو ڪھڙو فائدو. سنڌ جي درياءَ جي اھڙي حالت ڪري سنڌ جي ڊيموگرافي خطرناڪ حد تائين متاثر ٿي رھي آھي. اسان کي ان نقصان جو ادراڪ ئي ڪونھي. سنڌ جا لڳ ڀڳ ٻہ ھزار ڳوٺ ويران ٿي ويندا يا ماڻھو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيندا، ڪيترا ماڻھو پنھنجون زمينون وڃائي ويھندا يا ملٽي نيشل ادارن کي سيل ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا. سنڌ جا ڪجهہ وڏا شھر بدين، ٺٽو سجاول پاڻيءَ ھيٺ اچي سگهن ٿا، ڪيميائي ڀاڻ ۽ پيسٽيسائيڊ ڪري سمورو قدرتي ماحول تباھہ ٿيندو جنھن ۾ ڪيترا جانور پکي ۽ جيت ختم ٿي ويندا. انسان خود ڪيترين ئي بيمارين جو شڪار ٿيندو، ڪارپوريٽ فارمنگ جي صورت ۾ مقامي ماڻھو بي دخل ٿيندا، ماڻھو عدالتن ۾ ويندا تہ کين چيو ويندو تہ اوھان گهڻي دير ڪري ڇڏي. فوج زمينن تي قبضي ڪرڻ کان اڳ امن امان جي صورتحال پيدا ڪندي، جنھن جي ابتدا ٿي چڪي آھي. سوال ھي آھي تہ تھذيبن جو ابو سنڌو درياءُ جنھن تي سنڌو سڀيتا قائم آھي، اڄ انجو ڪو وارث آھي؟

درياءُ، منھنجو مرشد-19

جڏھن برسات پھاڙن، وادين، گهاٽين مٿان پوي ٿي تہ ھڪ صاف شفاف وھڪرو ھڪ وڏي درياءَ کي جنم ڏئي ٿو، جيڪو پوءِ زمينن، ڳوٺن ڍنڍن کي سيراب ڪندو زندگيءَ جا گيت ڳائيندو،تھذيب تمدن جا بنياد رکندو پنھنجي مرڪز سمنڊ ۾ تحليل ٿي وڃي ٿو، سمنڊ ۽ سنڌو درياءَ کي الڳ نہ ٿو ڪري سگهجي ۽ نہ ئي انھن مان ڪنھن کي خاموش. انجي وجودي ھستيءَ کي غير وجوديءَ ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي سگهي ٿي پر ان کي مٽائي نہ ٿو سگهجي. ڇاڪاڻ تہ سمنڊ ۽ درياءُ انسان جي تخليق ناھن، جو ان کي ڊاھي وري ٺاھي سگهجي، سمنڊ ۽ درياءَ جي نيڪي ۽ ڪاوڙ ناقابل بيان آھي. ھن جي اھميت ۽ عزت کي ھن جي ڪناري آباد قومن کان معلوم ڪري سگهجي ٿو، جيڪي ھن کي پنھنجي ٻالڪپڻ کان سڃاڻن، اھو ئي فرق آھي ھڪ شھري سماج ۽ ھڪ ٻھراڙي جي سماج ۾. شھري سماج جو ماڻھو اھي شيون پنھنجي تصور ۾ آڻي ئي نہ ٿو سگهي جيڪي درياءَ ڪناري آباد ماڻھو ڏسن ٿا، شھر جي ماڻھوءَ لاءِ درياءُ پاڻيءَ جو وھڪرو ٿي سگهي ٿو پر ڳوٺاڻي زندگي ۽ سندس ڪناري آباد قومن لاءِ ھي لافاني زندگي آھي، جنھن جا پنھنجا رنگ ڍنگ آھن. ڪنھن بہ شئي کي ڏسڻ لاءِ انجي ويجهو اچڻو پوي ٿو، ان جو ھٿ پڪڙڻو پوي ٿو، اھو شھري سماج جو ماڻھو ئي آھي جيڪو درياءَ جو ھٿ پڪڙڻ کان محروم آھي، جنھن پنھنجن گٽرن جا منھن درياءُ ڏانھن ڪيا آھن. ٻئي طرف نيو ڪالونيل لبرل، ڊيموڪريٽ سويلن حڪمران آھن جن گهڻي دولت حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيلا وڍيا تہ جيئن وڌيڪ فصل اپائن، ناڻو ڪمائن. انھن فصلن لاءِ زھر جو استعمال ڪيو جنھن سان جيتن ۽ پکين جا ڪيترا نسل گم ٿيا يا ختم ٿيا. 1967ع ۾ جنرل ايوب خان منگلا ڊيم جي تعمير واسطي 10 تعميراتي ڪمپنين جي فھرست مان ان آمريڪن ڪمپنيءَ جي چونڊ ڪئي جنھن جا آمريڪي صدر سان واسطا ھئا، ان ڪمپنيءَ جو سي او آمريڪي صدر سان گولف کيڏندو ھو، جنرل ايوب پنھنجي اقتدار کي قائم رکڻ لاءِ ان ڪمپنيءَ جي سي او جو سھارو ورتو 10 ڪمپنين مان ان کي ڪانٽريڪٽ ڏنو. منگلا جي تعمير ۾ 80 ھزار ماڻھو بي گهر ٿيا، ڪيترا تہ ھاڻ تائين معاوضي کان محروم آھن. درياءَ جي لٽ زمين جي ذرخيزيءَ لاءِ بيحد اھم آھي، ڊيم ٺاھڻ جو ھڪ نقصان اھو ٿيو تہ ھزارين ٽن لٽ جيڪا درياءَ جي پاڻي سان وھي ايندي ھئي ڊيمن جي ڪري بند ٿي انجي جاءِ والاري سائنائيڊ ۽ سلفيورڪ ايسڊ، جيڪو انھن پھاڙن مان وھي درياءَ ۾ پوي ٿو جن مان قدرتي ڌاتو ۽ ڪوئلو ڪڍڻ لاءِ ڌماڪا ڪيا وڃن ٿا، ان عمل دوران پاڻيءَ جو ھڪ وڏو مقدار وھي درياءَ جي پاڻيءَ سان ملي ان کي زھريلو ڪري ٿو، جيڪو پوءِ زرخيز زمينن تائين پھچي ان جي تھہ تائين وڃي ٿو. درياءَ جي قدرتي زندگيءَ سان ھي جيڪو حادثو آھي ان متعلق مقامي ماڻھن کي ڪا آگاھي ڪانھي، ھونئن بہ سرڪار پنھنجو ڪمزوريون ماڻھن سان ڇو شيئر ڪري، يا ھارين جي ڇو پرواھہ ڪري. درياءَ ۾ سائنائيڊ ۽ سلفيورڪ ايسڊ جو وڌڻ ائين آھي جيئن منڇر جي پاڻيءَ ۾ ڪاربان جو وڌڻ ھو، جنھن پوءِ منڇر جي سموري آبي حيات جو خاتمو ڪيو. رائيٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين (آر بي او ڊي) جيڪا منڇر جي برباديءَ ۾ شامل آھي جنھن ۾ ملڪ رياض جي ڪمپنيءَ سميت وڌيڪ 10ڪمپنيون شامل ھيون جيڪي سموريون پنجاب بيس ھيون، مان سوچيندو آھيان ھنن مھاڻن ۽ منڇر جي وجود جي سوال کي پنھنجي ذھن ۾ ڇو ڪو نہ آندو؟ جنرل ھميشہ عوام دشمن ۽ قدرت دشمن ڇو ھوندا آھن؟ منڇر جي خون ۾ جنرل مشرف جا ھٿ رنڱيل آھن، پر اھي سڀ منڇر،سنڌ ۽ سنڌودرياءَ جو ڇو فڪر ڪن.

درياءُ، منھنجو مرشد-20

ڪجهہ سال پھرين سنڌو درياءَ ۽ انجي سمورن واھن، واٽرن، چينلس، جي ٻنھي ڪپرن کان ڪنڊي، ٻٻر، لاوا، لئي، سرينھن، ٽالھي ۽ نم جا وڻ قطار ۾ ائين لڳل ھوندا ھئا جو ڏسڻ واري مٿان سحر طاري ٿي ويندو ھو. 1988ع ۾ سنڌ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ پنھنجا انگ ائين ظاھر ڪيا آھن تہ سنڌ جي ٽوٽل فاريسٽ ايريا 8 سيڪڙو مان گهٽجي 2.3 سيڪڙو ٿي آھي، ٻيلا سنڌ جي آبھوا لاءِ ان ڪري بہ ضروري آھن تہ سنڌ جو ساليانا مجموئي گرميءَ جو پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي رھي ٿو. ٻيلا گرميءَ کي گهٽائن ٿا ۽ برسات جو ماحول ٺاھن ٿا. ھاڻ جي صورتحال ھيءَ آھي تہ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ وٽ جيڪا زمين آھي ان تي سندس ڪو اختيار ڪونھي، ان تي مقامي اثر رسوخ وارن ماڻھن، ڏوھارين، ڪامورن، اسيمبلي ميمبرن، سيدن، ميرن، پيرن ۽ فوجين جو قبضو آھي. سنڌو درياءَ سان حادثا رڳو باقي صوبن جي حڪومتن ۽ ماڻھن ناھن ڪيا پر خود پنھنجي سرڪار ۽ ماڻھو برابر جا شريڪ رھيا آھن، جھڙي طرح سچ ھڪ مادي حالت آھي جنھن کي گهڻي وقت تائين ڪوڙ ۾ تبديل نہ ٿو ڪري سگهجي، اھڙي حالت ۾ درياءَ جي سچائي اھا آھي تہ ھن جا سمورا احسان وساري ھن جي جسم کي زخم ڏيندا رھيا آھيون. انسان ھر ڏينھن قدرت ڏانھن عاجزيءَ جي بجاءِ مڪينيڪل ۽ پرافٽ بيس قسم جو رويو اختيار ڪندو پيو وڃي، جڏھن اوھان ٺوس آھيو تہ مردہ وجود جھڙا آھيو، اھڙو وجود جيڪو سڀڪجهہ تباھ ڪندو برباد ڪندو وڃي ٿو. ماحوليات متعلق دنيا جي 200 ملڪن جي مھمانن گلاسڪو سمٽ ۾ ٻيلن جو تعداد وڌائي 25 سيڪڙو تائين آڻڻ جو فيصلو ڪيو ھو، جنھن تي سمورن ميمبرن صحي ڪئي. دنيا کان تہ ھونئن بہ اسين گهڻو پوئتي آھيون پر جيڪو ڪم قدرت ڪيو اسين ان کي بہ ختم ڪندا پيا وڃون. مان ھتي انھن وڻن جو ذڪر ڪرڻ چاھيان ٿو جيڪي انگريزن درياءَ جي ڪنارن واھن، واٽرن، ڪئنالن جي ٻنھي ڪپرن کان ان مقصد لاءِ لڳايا ھئا تہ ان سان فلڊ کي ڪنٽرول ڪري سگهجي، انھن وڻن جو ٻيو فائدو اھو ھو تہ ڪيترن نسلن جا پکي خاص طرح طوطا انھن جي پورن ۾ آکيرا ٺاھي نسلي واڌ ويجهہ ڪندا ھئا، وڻ پاڻيءَ کي روڪي بيھارين ٿا ۽ مضبوط ديوار وارو ڪم ڪن ٿا. وڻ چوپائي مال لاءِ پلڙو، سنڱري، پن، گل سان گڏ پکين جي نرسري جو ڪم ڪن ٿا. وڻ زمين خاص طور درياءَ جي ڪنارن لاءِ ميخ جو ڪم ڪندا آھن، وڻ آڪسيجن پيدا ڪري ڪاربن جي تعداد کي گهٽائن ٿا، آڪسيجن جيڪا اسانجو جياپو آھي. اوھان کي ٻڌايان تہ انڊس رور بيلٽ جي ڪنارن کان وڻن جو تعداد تقريبن ھڪ لک ھيڪٽر کان مٿي ھو جيڪو سڪڙجي 40 ھزار ھيڪٽر کان بہ گهٽجي ويو آھي، ھي اھڙو نقصان آھي جنھنجي اسان کي ڪا پرواھہ ڪانھي، پر انجا نتيجا خطرناڪ آھن. سنڌ پنھنجي فاريسٽ جي حوالي سان آسودي ھئي، مياڻي جو ٻيلو، مکي ٻيلو، رياست خيرپور ۾ ميرن جا ٻيلا جيڪي سندن شڪار لاءِ محفوظ ڪيا ھئا، ختم تہ آھن پر ان کان وڌيڪ نقصان درياءَ جي ڪنارن، واھن جي ڪپرن کان وڻن جو خاتمو درياءَ جي خاتمي جي نشاني آھي. درياءَ جا ڪمزور ٿيندڙ ڪنارا پاڻيءَ کي ضايع ڪرڻ جو سبب بنجن ٿا ۽ ڇوڙ تائين پاڻيءَ جي طاقت ختم ٿئي ٿي، ھي اھو زمانو آھي جڏھن سنڌ جا ٻيلا گهاٽا ۽ اونداھا ھئا جن لاءِ انگريزن ائين چيو تہ (ماڻھو ڄڻ قبر ۾ پيو آھي) ان قدر گهاٽا ۽ اونداھا. دنيا ۾ بک ٻن قسمن جي ھجي ٿي ھڪ اھا بک جيڪا کائڻ کان پوءِ ختم ٿئي ٻي قسم جي اھا بک جيڪا کائڻ کانپوءِ بہ ختم نہ ٿئي، پاڪستان جا حڪمران، ڪالونيل دور جي باقيات، سرڪاري ڪامورا، ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جا ڪرتا ڌرتا، وڏيرا، ان ٻي قسم جي بک ۾ مبتلا آھن.

درياءُ، منھنجو مرشد-21

ھڪ قديم رومي قصو ڪجهہ ھن طرح آھي تہ ھڪ ڏينھن ھڪ عورت نالي روبا درياءُ پار ڪندي درياءَ جي آلي مٽيءَ ڏانھن نھاريو جنھن کي پنھنجن ھٿن ۾ کڻي ڪا صورت ٺاھن ۽ تراشڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. ھوءَ مٽي مان گهڙيل صورت تي غور ڪري رھي ھئي تہ ان دوران جيوپيٽر بہ اتي اچي نڪتو، روابا ان کي گذارش ڪئي تہ ان کي زندھ ڪري، جيوپيٽر ھڪ دم ائين ڪيو، اڃان ھي پنھنجي تخليق ڏسي رھيا ھئا تہ انسان جي صورت جھڙو ڪاضا ۽ من مھڻي ارٿ (زمين) ھنن درميان اچي بيٺا. ھاڻ چارئي ان نئين مخلوق کي نالو ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. ارٿ چوڻ لڳي ڇاڪاڻ تہ ھن مٽيءَ کي تراشي مخلوق جو روپ ۽ جسم ٺاھيو ويو آھي، ان ڪري انجو نالو بہ ارٿ ئي رکڻ گهرجي، ٽئي متفق نہ ٿيڻ ڪري ھنن سيڙمن کي گهرائي ورتو، سيڙمن چوڻ لڳو جيوپيٽر ڇاڪاڻ تہ تو ھن ۾ روح ڦوڪيو آھي ان ڪري ھن تي نالي رکڻ جو پھريون حق تنھنجو آھي، پر اھو حق ھن جي مرڻ کانپوءِ ئي ٺھي ٿو ۽ تون ارٿ ھن جي جسم جي مالڪ پر روابا ڇاڪاڻ تہ سڀ کان پھرين ھن مخلوق کي گهڙيو تراشيو ان ڪري ھي مخلوق جيستائين زندھ آھي ھن جي ئي قبضي ۾ رھندي ۽ جيستائين ھن جي نالي جو تعلق آھي ھن جو نالو (ھومو) يعني انسان ھوندو، ھومو جو مطلب مٽيءَ مان تراشيل گهڙيل.
اسين سمورا انسان درياءَ جي مٽي مان تراشيل آھيون (ماس ۽ مٽي). ان قديم رومي قصي جو مفھوم ڪجهہ ائين ٿو بيھي، جي ڏسجي تہ انسان ازل کان پنھنجي زندگيءَ جي شروعات درياءَ جي ڪنارن کان شروع ڪئي آھي، ان ئي ڪناري ھن پنھنجي شناخت ڳولي لڌي. لکڻ ۽ پڙھڻ سکيو، ڪچا پڪا گهر اڏيا، شھر تعمير ڪيا، تھذيبون کڙيون ڪيون، زراعت ۽ چوپائي مال ۾ نوان تجربا ڪيا ۽ وڌيڪ تلاش جي جستجو ۾ دنيا جي ھڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ويو. اُن قديم رومي قصي کي جي اڄ جي انسان سان ڀيٽ ڪجي تہ يقينن ھڪ ڏک ۽ پڇتاءُ واري ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي تہ روبا اھڙي غلطي ڪيئن ڪئي. ھن کي مٽيءَ مان انسان کي تخليق ڪرڻ جو خيال ڇو آيو ۽ ٻيو جرم جيوپيٽر ان ۾روح ڦوڪي ڪيو. جي ڏسجي تہ انسان پنھنجي لاءِ جيڪي بہ شيون تخليق ايجاد يا دريافت ڪري ٿو يا جن جي وچ ۾ رھي ٿو اھي سندس زندگيءَ کي ھڪ ھمہ گير معنيٰ، سڃاڻپ ۽ جياپو ڏين ٿيون، پر ھاڻ ھي مخلوق انھن جي پرواھہ ڪرڻ کانسواءِ اڳتي وڌندو وڃي ٿو. ھي تمام اڳتي وڃڻ چاھي ٿو، زندگي ۽ قدرت جي سمورين شين کي لتاڙيندو بي معنيٰ ڪندو، ھي جنھن درياءَ جي مٽيءَ مان ٺاھيو ويو، ھن ان کي برباد ڪيو، ھن پنھنجي مٽيءَ خلاف ڪيترا محاذ کولي ڇڏيا آھن. روبا تي ڪاوڙ اچي ٿي تہ ھن ڇا ڪيو؟ شايد روبا کي ان ڳالھہ جو ادراڪ نہ ھو تہ ھي صورت جيڪا انسان سان مشابھت رکي ٿي، زمين تي ڪيئن نہ فساد برپا ڪندو ۽ زمين جي سموري مخلوق جانورن، پکين، ٻيلن، پھاڙن، سمنڊ، درياءَ ۽ ڍنڍن کي ختم ڪندو ويندو. اڄ جي انسان جي حقيقت بيحد تلخ ۽ بي رحم آھي. ھي انسان ئي آھي جنھن (آر بي او ڊي) جي زھريلي پاڻيءَ کي منڇر ۾ ڇوڙ ڪرڻ مھل ھڪ لمحي لاءِ بہ ائين نہ سوچيو تہ ان قدرتي حيات جو ۽ انسانن جو ڇا ٿيندو جيڪي صدين کان منڇر کي پنھنجو گهر سمجهي رھندا اچن ٿا. شايد روبا اھڙي مٽيءَ کي تراشيو ھو جيڪا صاف شفاف ھئي جنھن ۾ درياءُ ھو، درياءَ جي رواني ھئي، انجي ھستي ۽ مستي ھئي، ان ۾ مٺاس ھو ۽ زندگي ھئي. ھاڻ جي درياءَ ۾ سائنائيڊ، سلفيورڪ ايسڊ، زرعي دوائن جو زھر، شھرن جي گٽرن جو آلودہ پاڻي ۽ انسانن جي بيحسي آھي. اڄ جي انسان شايد روبا جو بہ خون ڪري ڇڏيو ھجي.

درياءُ، منھنجو مرشد-22

سنڌو درياءُ چئني طرفن کان ڊيمن، سم نالن ۽ ڪئنالن وچ ۾ گهرجي چڪو آھي، جيڪي سنڌو درياءُ مان بي شمار پاڻي کڻن ٿا بلڪہ چوري ڪن ٿا. حقيقت ھيءَ آھي تہ ھڪ باوقار ۽ انتھائي آسودو سنڌو درياءُ ھن وقت جنھن غربت ۽ مفلسيءَ واري حالت ۾ آھي ان جا ذميوار رياستي پاليسي ساز ادارا ۽ اسين پاڻ سڀ آھيون،
(انڊس رور) سنڌو درياءُ ڪيلاش جبل جي سلسلي بوکار چو کان ھيٺ لھي ٿو جتي ھي پھرين تبت سان ھم ڪلام ٿئي ٿو، ھن رستي تي ڪنھن کي جرعت ناھي جو ھن کي روڪي سگهي، ان کانپوءِ ھي ليھہ پھچي ٿو جتان ٻہ واھہ ڪڍيا ويا آھن، تڏھن بہ ھن جي سخا ۾ ڪو فرق نہ ٿو پوي. ھي پنھنجي ھستيءَ ۽ مستيءَ سان گلگت پھچي ٿو، جتي ھن جو شاندار آڌرڀاءُ ٿئي ٿو. ھي پنھنجي ديا ۽ سخا ورھائيندو سوھان ويلي جيڪا ضلعي جھلم جي تحصيل آھي اتان پنھنجو پاڻ کي ٻن حصن ۾ ورھائي ٿو، ھڪ حصو سوات ۽ ڪابل ڏانھن ۽ ٻيو حصو سنڌ ڏانھن. سنڌو درياءُ سنڌ ۾ پھچڻ کان اڳ چناب ۾ پڙاءُ ڪري ٿو. ھي اھا حد آھي جتي سنڌو درياءُ پنھنجي مستي وڃائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ چناب مان لڳ ڀڳ 10 کان 15 ننڍا وڏا ڊيم ڪيئنال ۽ واھ ڪڍيا ويا آھن جيڪي سمورو سال تار وھن ٿا، جنھن مان پورو پنجاب آباد ٿئي ٿو، ھتان کان انڊس رور پنھنجو سڀڪجهہ پنھنجي مستي پنھنجي تھذيب، پنھنجي موج، پنھنجي مڪڙي، پنھنجو پن ۽ پکي ۽ سمنڊ وڃائي ٿو. تاريخي طور سنڌو سڀيتا جا ڪجهہ علائقا جيڪي ھن وقت پنجاب، بلوچستان ۽ افغانستان جي حدن ۾ آھن سنڌ جو قديم حصو ھئا، اھو ئي سبب ھو جو سنڌو درياءُ کي انڊس رور جو نالو ڏنو ويو ھو، ھن کي سنڌ مھا ساگر بہ سڏيو ويندو آھي ڇاڪاڻ تہ ھن جي پکيڙ سمنڊ جو ڏيک ڏيندي ھئي، چناب کان ھيٺ ھن مھاساگر پنھنجي لافاني حيثيت وڃائي پر ھاڻ تہ ھن جي باقي ھجڻ جو سوال ستائي ٿو. موجودہ سنڌ جي حڪمرانن پراڻي انگريزن ۽ ميرن جي اريگيشن سسٽم کان وڌيڪ ھڪ انچ بہ نئون ناھي ڪيو، سنڌ ۾ يا تہ انگريزن جا واھہ ۽ برج جوڙايل آھن يا ميرن ڪلھوڙن جا، جي ڏسجي تہ سنڌ جا حڪمران سنڌو درياءَ لاءِ ڪجهہ نئون ڪرڻ جي بجاءِ رائيٽ بئنڪ ۽ ليفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين جي نالي تي درياءَ سان نيڪي ڪرڻ جي بجاءِ دشمنيءَ تي لھي آيا آھن. ماحوليات ۽ پاڻيءَ جي ڪجهہ عوام دوست ماھرن ان وقت بہ ھن منصوبي کي ماحوليات دشمن ۽ عوام دشمن قرار ڏنو ھو پر ھڪ فوجي جنرل آڏو عوام ۽ انھن جا بنيادي حق بي معنيٰ ھجن ٿا. رائيٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين (سم نالو) جنھن کي منڇر ۾ ڇوڙ ڪيو ويو جنھن سان منڇر جي پوري قدرتي حيات برباد ٿي، 25 ھزار کان وڌيڪ مھاڻا لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا، تقريبن 60 ھزار ايڪڙ زمين غير آباد ٿي، بوبڪ اسٽيشن ويران ٿي، ھزارين مھاڻن جو روزگار ختم ٿيو. پنجاب ۽ بلوچستان جي سم ۽ جيت مار دوائن جو پاڻي منڇر تائين پھچڻ تي لاڳت ھئي 14 بلين . جڏھن تہ ان منصوبي تي سنڌ جي 60 ھزار ايڪڙ زمين کي ڊرين ڪيو ويو، سنڌ ھاڻ تائين انجي قيمت چڪائي رھي آھي. انجي باوجود منصوبو اڌورو رھيو، جنھن لاءِ منڇر کي قربان ڪيو ويو، ھاڻ رائيٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين (سم نالو_ 2) جي کوٽائي ڪئي پئي وڃي، منڇر کان گهارو ڪريڪ تائين جتي ھن جو ڊرين ڏيکاريل آھي، جنھن جي معنيٰ وڌيڪ 60 ھزار زمين جو غير آباد ٿيڻ. زمين غير آباد ٿيڻ جا ٻہ سبب ھوندا آھن ھڪ آھي زھريلي پاڻيءَ جو رسڻ (سيپيج)، ٻيو آھي جنھن زمين کي کوٽي سم نالي جو نالو ڏنو وڃي ٿو جنھن جي ھن وقت پکيڙ 11 ھزار ايڪڙن تي مشتمل آھي، اھا سموري زمين سم جي پاڻيءَ کان متاثر ٿيندي. ھي منصوبو فوجي اداري فرنٽيئر ورڪس کي ڏنو ويو، جيڪا سنڌ جي ڪيترن ميگا پروجيڪٽ جي ناقص مٽيريل سبب بدنام آھي، رائيٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين تي لاڳت 29.274 بلين کان مٿي ڏيکاري وئي آھي، ھتي مان اوھان سان ھڪ ٻي خوفناڪ صورتحال شيئر ڪرڻ چاھيان ٿو جيڪا ھيءَ آھي تہ رائيٽ بئنڪ سم نالو سنڌو درياءَ جي لڳو لڳ ٺاھيو پيو وڃي، جنھن جا گهڻا امڪان آھن تہ اھو اڳتي ھلي درياءَ ۾ سيپيج ڪندو يا فلڊ وارن حالتن ۾ ٽٽي درياءَ ۾ ڇوڙ ڪري سگهي ٿو. جيڪا ڳالھہ سنڌ ۽ درياءُ لاءِ ڪنھن وڏي حادثي کان گهٽ نہ ھوندي. سوال ھي آھي تہ انڊس رور باقي صوبن جي زھريلي ۽ سم واري پاڻيءَ لاءِ ڪو گٽر نالو تہ ناھي جو سموري ڊرين جو رخ سنڌ ۽ سنڌ جي مٺي پاڻيءَ جي ذخيرن ڏانھن ڪيو ويو آھي. اڳتي ھلي ھاليجي ڍنڍ بہ ھن مان متاثر ٿيندي. اسان مان ھر ڪنھن کي ان حقيقت کي سمجهڻو پوندو تہ سنڌ تاريخي طور پنھنجن پراڻن پرڳڻن جي دعوا ڪڏھن نہ ڪندي پر پنھنجي درياءُ سنڌو مھا ساگر تي ڪو سمجهوتو بہ نہ ڪندي. (انڊس رور) سنڌو درياءُ تاريخي طور سنڌ ۽ سنڌين جو ورثو آھي.

درياءُ، منھنجو مرشد-23

خالي پيٽ، اگهاڙن جسمن ۽ اوجاڳيل اکين جا سوال جي ايمانداريءَ سان ڳوليا وڃن تہ بدحالي، پسماندگي ۽ ذلت واري زندگيءَ کي سمجهي سگهجي ٿو بلڪہ ان مان نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي. حقيقت ھيءَ آھي تہ پاڪستان جي اشرافيہ، آخر ائين ڇو سوچي؟ ھي اھڙا سادا تہ ناھن جو اوھان کي ٻڌائن تہ ھي جن وسيلن جا مالڪ اسين آھيون دراصل ان جا حقدار اوھين آھيو. ھي پنھنجي سفاڪيت کي جاري رکڻ لاءِ ۽ نا انصافي واري نظام کي قائم رکڻ لاءِ بيحد فرسودہ روايتن، مذھبن، نسلن، قوميتن جو سھارو وٺن ٿا. ھي جي ڪنھن شئي کان خوف کائي ٿو تہ اھو آھي سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ انڪار ڪرڻ، اھڙي ڪيفيت منصور حلاج کي جنم ڏئي ٿي. حسن ناصر شھيد ۽ نذير جي جنم جو سبب ٿين ٿا، انالحق جي صدا بلند ڪندڙ منصور حلاج ائين چيو، (مان سچ آھيان). دراصل منصور حلاج جي سچ جي ھڪ وجھہ اھا ھئي تہ سلطنت عثمانيہ جي ٻن سالن جي آمدني بغداد جو اشرافيہ حاڪم طبقو پنھنجي ذاتي عياشين ڪري ڪجهہ ئي مھينن ۾ خرچ ڪري ڇڏيندو ھو، جنھن کانپوءِ اھي عوام سان ڇا ڪندا ھئا ان تي سوچي روح ڪانپجي وڃي ٿو. علامہ اقبال اناالحق جو ترجمو ائين ڪيو (مان ئي سچ آھيان مان ئي تخليق آھيان) منصور کي صوفي ڪري پيش ڪرڻ وارا ان وقت جي سموري تحريڪ کي وساري ٿا ويھن جيڪا مقامي سرڪاري اھلڪارن، اشرافيہ، ديس جي دلالن، درباري نوڪرن جي خلاف وڙھي ٿي وئي، جنھن ۾ منصور حلاج جو بنيادي ڪردار ھو، پروفيسر ڊاڪٽر صابر آفاقي پنھنجي مضمون ۾ لکي ٿو تہ حلاج ھر طرح کان مسلح ھو، ھو وڙھندو ھو ۽ ڪنھن بہ اصلاحي تحريڪ کي رد ڪندو ھو، ھو ماڻھن ۾ مقام احساس خودي پيدا ڪرڻ جو حامي ضرور ھو پر بنيادي طور ھو ھڪ باغي (ريبل) ھو. فيدوردوستو وسڪي ائين چيو، توکي ٻڌائڻ چاھيان ٿو تہ تنھنجو بھشت منھنجي مذاق وٺان آھي، ھو ڪنھن شائستہ ماڻھوءَ جي جاءِ ٿي نہ ٿو سگهي. منھنجي سنڌ مون لاءِ بھشت آھي، ڪنھن بہ شائستہ سنڌيءَ لاءِ ان کان وڌيڪ ٻي ڪا جاءِ ٿي نہ سگهي. (اھا ڳالھہ اڄ جي نوجوان کي سمجهہ ۾ نہ ٿي اچي ) مارڪسي فلسفي جي ڪتاب ۾ ڪجهہ ائين لکيل آھي تہ زندگيءَ جي سموري وھنوار (مادو) جي ذاتي ۽ عمومي خصوصيت اھا ٿئي ٿي تہ اھو پنھنجي داخلي تضاد ۽ انجي تعمير نو کان وڌيڪ ٻاھرين (بيروني) اثر نفوذ مطابق پنھنجو رد عمل ڏئي ٿو، اسين سمورن ماڻھن جو رد عمل داخلي ناھي پر خارجي آھي، ھر ڏينھن اھڙا ڪيترا واقعہ رپورٽ ٿين ٿا تہ ماڻھو پنھنجن ٻارن کي مارڻ کانپوءِ پاڻ کي بہ ماريو ڇڏين ٿا، ھر ڏينھن وڌندڙ خود ڪشين جو تناسب، وڌندڙ ڏوھہ اھو ٻڌائين ٿا تہ ملڪ جو مخصوص طبقو اشرافيہ بغداد جي اشرافيہ جيان پوري سال جي دولت پنھنجي آسودگي، عياشي، شان شوڪت، غير ملڪي دورن، حج زيارتن ۽ دفاع جي نالي تي خرچ ڪرڻ کانپوءِ باقي ڪجهہ بچي ئي ڪونہ ٿو جو عوام تي خرچ ڪري. جنھن کانپوءِ مھانگائي جو طوفان اچي ٿو ۽ عوام مٿان وڌيڪ ٽيڪس مڙھيا وڃن ٿا. پاڪستان ۽ سنڌ ۾ اھڙي صورحال ڪيترن ڏھاڪن کان قائم آھي، نوجوانن لاءِ ھن ملڪ ۾ رھڻ لاءِ ھاڻ ڪو تسلي بخش خواب ڪونھي، ھي پنھنجي مستقبل کان خوفزدہ آھن، ھي سنڌ ۾ ھڪ مخصوص ڪلاس جي حاڪميت ۽ انجي بي رحميءَ کان واقف آھن، ھي سمجهن ٿا ملڪ جي قدرتي وسيلن تي مخصوص ڪلاس جو قبضو آھي جنھن ڪري ھر ڏينھن ھنن جي ھجڻ جي گنجائش ختم ٿيندي پئي وڃي. انھن حاڪمن سنڌ جي سموري زمين، سموري دريائي زندگي، سمنڊ، آبھوا، ٻيلا، برباد ڪري ڇڏيا آھن، انھن ماڻھن ھتان جي مقامي آباديءَ جي ماڻھن کي ان قدر رنگ، نسل، مذھب ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو آھي جو ھاڻ منصور حلاج جي پيدا ٿيڻ جا بہ ڪي امڪان ڪونھن، ھي سمورن سرفروشن کي ماريندي دير نہ ٿا ڪن.انھن حالتن ۾ ھڪ ئي سوال آھي جيڪو اسانکي جوڙي سگهي ٿو (مان ئي سچ آھيان مان ئي تخليق آھيان) سمورن انسانن کي پنھنجي مجموئي (اجتمائي) وسيلن ۽ انھن جي حفاظت جي حوالي سان متحرڪ ڪرڻ، (پھاڙ، درياءُ سمنڊ، ٻيلا، زمين اندر قدرتي وسيلن تي مقامي ماڻھن جي پھرين حق وارو سوال، ڍنڍون، چراگاھہ جانور، پکي، آبي حيات، سامونڊي حيات، تعليمي ادارا، اسڪول، اسپتال، ادب ۽ سياست) ھي اسانجا ڪامن اشو آھن انھن مان ئي رستو ڪڍڻ جي ضرورت آھي. سنڌو درياءُ اسانجو ڪامن اثاثو ۽ ورثو آھي، بلڪہ سنڌ جي ھر ماڻھوءَ جي زندگي ھن سان منسلڪ آھي. ھي اسانجي زندگي آھي، اسانجو کائڻ پيئڻ، اٿڻ ويھڻ، اسانجي ٻولي، تھذيب، اسانجي آسودگي ھن سان آھي، اھا ئي ڳالھہ سڀني کي سمجهائڻي آھي، جيڪا ڪامن آھي، جيڪا مزاحمت جا رستا کولي ٿي.

درياءُ، منھنجو مرشد-24

سنڌو درياءُ ماڻھن جي زندگيءَ تي ڪيئن اثر انداز ٿئي ٿو اھا ڳالھہ سنسڪرت ۾ لکيل نظميہ ڪتاب رگ ويد جي لکت مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿي، ھڪ ھزار نظمن تي مشتمل ان ڪتاب ۾ تخليق، قرباني، موت، عورت، وڻ، ٻوٽا، زندگي، محبت، اتساھُہ، ڪاروبار، سرفروشي، مزاحمت، جھڙن موضوعن کان علاوہ ڪيترا دفعا سنڌودرياءَ جو ذڪر ٿيل آھي، جنھن سان انجي اھميت جي خبر پوي ٿي. سنڌو ماٿري جيڪا سنڌو درياءَ جي ڌرتي آھي، انجي خوشحالي ائين آھي جو ھن پنھنجي ديش جي ماڻھن کي خانہ بدوشيءَ واري زندگيءَ کان زرعي سماج سان جوڙيو. جنھن جو نتيجو اھو نڪتو جو مقامي ماڻھن ڪڏھن پنھنجي ڌرتي ڇڏڻ جو نہ سوچيو ۽ نہ وري ڪنھن تي حملو ڪري ملڪ تي قبضي جو سوچيو. انھن جي تھذيب يافتہ ھجڻ جو سبب اھو ھو جو انھن منظم شھرن جو بنياد رکيو. ڪٽنب کي بنيادي سماجي اڪائي ۾ آڻي ڀرپور سماجي رشتن جو بنياد وڌو. ڪٽنبي گهراڻن ۾ عورت جو مقام گهڻو آزادانہ ھجي ٿو ان جي نسبت پسماندہ قبائلي سماجن ۾ وڌيڪ پدرشاھانہ رويا جنم وٺن ٿا. سنڌ جي عورت زرعي سماج جو مضبوظ يونٽ آھي ڇاڪاڻ تہ ھارپي کان گهر جي سنڀال تائين عورت ئي اھم ڪم سرانجام ڏئي ٿي. درياءَ جي آسودگي سماج جي مختلف طبقن ۽ ڪٽنبي رشتن کي نہ صرف قائم رکيو پر ساڳي وقت انھن ۾ شاعراڻي ۽ عشق محبت جي لازوال رشتن کي جنم ڏنو. سمورا عشقيہ داستان دريائن جي آسودگي ۽ زندگيءَ جي پيداوار آھن، سنڌي سماج جنھن مرتبي ۽ شان شوڪت جي تاريخ رکي ٿو ان جو وڏو سبب نون پيداوري رشتن جو جنم ھو. جڏھن تہ ثقافتي لحاظ کان سنڌ ماٿر باقي ثقافتي رابطن کي جيئن جو تيئن قبول نہ ڪيو ڇاڪاڻ تہ ھن وٽ پنھنجي آسودي تھذيب، ٻولي، پنھنجو فلسفو، تاريخ ۽ انسان دوست فڪر جا پنھنجا اصول ۽ تحريڪون ھيون. ھا ھڪ طرح ائين ضرور ٿيو تہ سنڌو ماٿر عرب اسلامي تعليمات جي ڀيٽ ۾ ايران ۽ عراق جي رستي فارسي تعليمات ۽ فلسفہ تصوف کي پنھنجي زندگيءَ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني. درياءَ جي آسودگيءَ ڪري ائين ٿيو جو سنڌ جي سر زمين ھڪ ئي وقت ڪيترن فصلن کي اپائڻ جي روايت قائم ڪئي، جيڪا ڳالھہ سنڌ جي زراعت کي دنيا جي زرعي ترقيءَ کان مختلف بيھاري ٿي. ان ڪري بہ دنيا جي ڦورو قومن جي نظر ۾ رھي آھي، ھن ديس جي راجائن کي ان ڳالھہ جي خبر ھئي تہ سنڌو درياءَ مان اڃ اجهائيندڙ ھيءَ زرخيز مٽي لکين فردن کي نہ صرف پالي سگهي ٿي پر ان جي بادشاھہ جي حرم، سون چاندي جي ذخيرن ۾ پڻ اظافو ڪندي رھندي. سنڌو ماٿر درياءَ جي وجود سان قائم آھي ۽ ماڻھو بہ. موجودہ حالتن ۾ بنيادي ڳالھہ ھيءَ آھي تہ، ملڪ ۽ سنڌ جي حڪمرانن پنھنجي آسودگيءَ کي درياءَ جي آسودگيءَ سان نہ ڪڏھن جوڙيو آھي ۽ نہ انھن کي ان ڳالھہ جي پرواھہ آھي، ھنن ھڪ رات ۾ ڪنسٽرڪشن ڪمپني وجود ۾ آڻي ڊيم ٺاھڻ ۾ حصيداري ڪئي ۽ اربين ڊالرس ڪمايا، ھنن غربت کي پيٽرنائيزڊ ڪري قرض ورتا ۽ غربت ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو، ھنن ڪڏھن درياءَ جو پاڻي ناھي پيتو، درياءَ سان عوام جڙي ٿو، پورھيت جڙي ٿو، ھڪ ملاح جڙي ٿو. انھن لاءِ ھي زندگي آھي،جي ڏسجي تہ 22 صديءَ کي زرعي معيشت جي ترقيءَ جي صدي چيو وڃي ٿو تہ وري ھن ئي صديءَ ڪڻڪ جا فصل باھہ ۾ سڙندي ڏٺا ۽ ڪڻڪ کي سمنڊ ۾ لوڙھڻ جا منظر بہ. ھن ئي صديءَ ۾ ھارين جي وڏي تعداد کي جيلن ۾ واڙيو ويو. ھنن ھارين مان ڪيترا پنھنجي زندگي وڃائي ويٺا، ڇاڪاڻ تہ اھي ملٽي نيشنل ڪارپوريشن جي ٻج، ڀاڻ ۽ دوائن جون قيمتون ۽ بئنڪ جا قرض ادا ڪرن جي بجاءِ وڌيڪ مقروض ٿيا. درياءُ، بھادر ويڙھاڪ ۽ مزاحمت ڪارن جو مرشد آھي، اچو! تہ ھن سان گڏ بيھون ۽ مزاحمت جا ڪجهہ ھنر سکون.

درياءُ، منھنجو مرشد-25

اسان کي يقينن ان امر تي غور ڪرڻ گهرجي تہ آخر ڪھڙا ڪارڻ ھئا جو سنڌ جي سمورن حاڪمن سنڌو درياءُ تي وڏا ڊيم اڏڻ جي بجاءِ واھن جو ڄار وڇايو. پروفيسر عرفان حبيب پنھنجي ڪتاب (ھندوستان جي تاريخ مارڪسي تناظر ۾) ان ڳالھہ جو ذڪر ان طرح ڪيو آھي تہ سنڌ جي حڪمرانن آڏو زرعي انقلاب جو تصور فرسودہ ۽ قديمي ھجڻ ڪري انھن پاڻيءَ جي نون ذخيرن جي تلاش ۽ مقامي طرح ننڍا وڏا ڊيم ٺاھڻ جي بجاءِ واھن جو ڄار وڇايو. ان مان انھن کي اھو فائدو ٿيو تہ واھن جي کوٽائيءَ جو ڪم مقامي آباديءَ جي اشتراڪ سان ممڪن ٿيو ۽ معمولي سيڙپ سان گهڻو روينيو پڻ حاصل ٿيڻ لڳو، جنھن سان زمين جي نجي ملڪيتي رشتن جون ڪجهہ ٻيون شڪليون پيدا ٿيون، نوان ڳوٺ ٻڌا، زمينداري ۽ رعيتداري جي قدر ۾ اضافو ٿيو، پر اصل مقصد انھن واھن ذريعي ٽيڪس جي نون شڪلن کي متعارف ڪرائڻو ھو، پر پوءِ اڳتي ھلي زمينداري ۽ رعيتداري جي تصور کي انگريزن ائين متعارف ڪرايو جو زمينداريءَ جو ڏھون حصو وصول ڪري ان مان 9 حصا حڪومت يعني انگريز سرڪار وٽ جمع ڪرائيندو ھو. روينيو جمع ڪرڻ جو اھو تصور پنجاب جتي پوءِ ڊيم ٺھڻ لڳا، ڪجهہ ان صورت ۾ مختلف ٿيو جو زميندار سان گڏ اشرافيہ جي صورت ۾ ھڪ ٻيو ڪلاس بہ اڀري سامھون آيو، جنھن جي زميني ملڪيتي رشتن کان وڌيڪ ڪاروبار ۾ ۽ سيڙپڪاريءَ ۾ دلچسپي ھئي جنھن پوءِ سرمائيڪاريءَ جي نون رشتن کي جنم ڏنو ۽ سرمائيدارن جا ڪجهہ خاندان اڀري سامھون آيا، جن پوءِ پاڻيءَ جي وھڪرن مٿان ڊيمن جي منصوبن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. جنھن سان انھن کي ڪروڙن ڊالرن جو فائدو ٿيڻ لڳو. ان لالچ جو نتيجو اھو نڪتو تہ انھن پوءِ سنڌ جي حقن جي پرواھہ ڪرڻ کان سواءِ ٻيا منصوبا بہ شروع ڪيا، جيڪي غير قانوني ھئا، جنھن ۾ ٿل ڪينال جو منصوبو سرفھرست آھي، موجودہ پاڪستان جي شڪل جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي نون وردي پوش فاتحن جي صورت جو بدترين نمونو آھي، جيڪي ھارين ۽ مزدورن کي ان مقصد سان زندہ رکن ٿا تہ انھن جي بنيادي ضرورتن کي گهٽ کان گهٽ ڪري انھن کي اجرت کان محروم ڪن يا گهٽ کان گهٽ ڪن، سنڌ ۾ واھن جي ڄار جو قديمي سرشتو ھاڻ تائين قائم آھي، ان ۾ توسيع ۽ نون منصوبن تي ڪم ڪرڻ لاءِ سينٽر (اسلام آباد) ۽ سنڌ حڪومت کي اھا ڳالھہ ڪڏھن سمجهہ ناھي آئي. پر مان ھن نوٽ ۾ جيڪا بنيادي ڳالھہ چوڻ چاھيان ٿو اھا آھي سنڌ جي قديمي واھن ۽ ڍنڍن جي موجودہ ماحولياتي حالت، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏھن سرڪار جو زور محض ھارين کان ٽيڪس وصول ڪرڻ تي آھي ۽ مقامي سطح تي قديمي واھہ پنھنجي فطري ۽ ماحولياتي آسودگيءَ کان محروم ٿي رھيا آھن ۽ گٽر نالن ۾ تبديل ٿي رھيا آھن جنھن جو مثال حيدرآباد جو چينل ۽ ڦليلي واھہ آھن تہ سنڌ جي ھڪ وڏي آدمشماري جيڪا انھن واھن جي ڪناري آباد آھي انھن مان تہ ڪيترا تہ سرڪاري اسپتالن جي بيحد گندن بسترن ۽ وارڊن ۾ واڙيا پيا آھن، ۽ ٻيا ڪيترا مرڻ جي ڪنڌيءَ تي آھن. سرڪار اين آءِ سي وي ڊي تي ناز ڪري ٿي پر ان ڳالھہ جي بہ جانچ ڪري تہ ھي اوچتو دل بند ٿيڻ جي واقعن ۽ موت ٿيڻ جا ڪھڙا ڪارڻ آھن. واھن جي ماحولياتي آلودگي ۽ انھن کي فطري ماحول کان محروم ڪرڻ دراصل سنڌ خلاف جنگ جو اعلان آھي.

درياءُ، منھنجو مرشد-26

مٺي پاڻيءَ جي وسيلن کي آلودہ يا برباد ڪرڻ جو مطلب سنڌ لاءِ جھنم جا در کولڻ جي برابر آھي، حقيقت ھيءَ آھي دوستو! سنڌ جي مٺي پاڻيءَ جا ذريعا درياءُ، واھہ، چينل دراصل زمين جي سموري مخلوق لاءِ ھاڻ زھر اوڳاڇي رھيا آھن، ھي جھنم ناھي تہ ٻيو ڇا ھي؟ ھي ملڪ اسانجون اھي سموريون شيون برباد ڪندو پيو وڃي جنھن سان اسانکي محبت آھي، فطرت جي حسن کي تباھہ ڪرڻ، ھي سفاڪ جرم آھي، اھا سونھن جيڪا اسانجي پنھنجي آھي ۽ انجو حسن بہ جيڪو قدرت انتھائي محبت سان اسانجي حوالي ڪيو تہ جيئن اسان فخر سان جيءِ سگهون. ھن ملڪ جي حڪمرانن کي صرف برباد ڪرڻ اچي ٿو. مان اوھان کي ٻڌايان ٿو، ھن وقت سنڌ جو اھڙو ڪو علائقو، ڳوٺ، شھر ڪونھي جنھن لاءِ اھا دعوا ڪجي تہ زھريلي پاڻيءَ کان محفوظ آھي، تقريبن 10 لک انساني آبادي ڦليلي واھہ جي ٻنھي ڪنارن کان آباد آھي، جنھن جي زراعت مال مويشين جو سمورو دارو مدار قديمي واھہ ڦليلي ۽ چينل تي آھي، ان کان اڳ جو مان اوھان سان ڦليلي واھہ جو ذڪر ڪيان مان ٻن حسين ۽ قدرت جي شاھڪار ڍنڍن جو ذڪر ڪرڻ چاھيندس، ھڪ آھي شڪور ڍنڍ ۽ ٻي آھي منڇر ڍنڍ.

Left bank out fall drain (LBOD) 1987
ھي ھڪ قسم جو سم نالو آھي، جنھن جو مقصد بظاھر اھو ھو تہ سنڌو درياءَ جي کاٻي ڪنڌيءَ جي ڪجهہ اھم ضلعن شھيد بينظير آباد، سانگهڙ، ميرپرخاص ۽ بدين جي لڳ ڀڳ 2 ملين ھيڪٽر زمين جي اندر موجود سم ۽ ڪلر کي موٽر پمپ ذريعي (سم نالي) ۾ ڊرين ڪري شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرڻ ھو تہ جيئن انھن ضلعن جي جاگيردارن ۽ رئيسن جي زمين ٻيھر پوکي لائق ٿي سگهي، گهوٽڪيءَ کان شروع ٿيندڙ ان منصوبي تي مقامي ماڻھن ۽ پاڻيءَ جي ڪجهہ ماھرن جي اعتراضات جي باوجود ان کي جاري رکيو ويو، ھتي جيڪا بنيادي ڳالھہ اوھان سان شيئر ڪرڻ چاھيان ٿو اھا ھيءَ تہ جڏھن انڊيا کي ان پراجيڪٽ جي سڌ پئي تہ ان سخت اعتراض واريو تہ اھو ڪيئن ممڪن آھي تہ سم ۽ زھر واري پاڻيءَ کي مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ شڪور ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي، اوھان کي ٻڌايان تہ شڪور ڍنڍ 300 اسڪوائر ڪلو ميٽرن تي مشتمل مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ آھي جنھن جو 90 اسڪوائر ڪلوميٽر حصو پاڪستان ۾ آھي ۽ 210 اسڪوائر ڪلو ميٽر انڊيا جي شھر گجرات ۾ آھي جيڪو پاڪستان جي سرحد سان لڳي ٿو، انڊيا نہ صرف ان تي احتجاج ڪيو پر ان ڪيس کي انٽرنيشنل فورم تي بہ کڻي ويو. انڊيا ان مسئلي کي سڌو سنئون ماحول دشمن عمل قرار ڏيندي منصوبي کي ھڪدم بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. پاڪستان اھو پروجيڪٽ بند تہ نہ ڪيو ڇاڪاڻ تہ ان مان فوجي ادارن جي ڪنسٽرڪشن ڪمپنين خاص طرح فنٽيئر ورڪس (ايف ڊبليو او) کي ڪروڙين ڊالرس ملڻا ھئا، ان سان ائين ٿيو جو پروجيڪٽ ۾ ڪجهہ تبديليون آڻي، سم نالي کي شڪور ڍنڍ بجاءِ گهاري ڪريڪ کان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو، ھندوستان جي مخالفت سان شڪور ڍنڍ جو فطرتي ماحول تہ محفوظ رھيو پر پوءِ وقت بہ وقت سم نالي سجاول ۽ جاتيءَ جي ھزارين ايڪڙ زرخيز زمين کي برباد ڪري ڇڏيو، ڪيترا ڳوٺ پاڻي ھيٺ آھن يا سمنڊ جي ويرن ڪري ٻڏڻ جي خطري ۾ آھن. پر ڇاڪاڻ تہ منڇر انڊيا جي بجاءِ سنڌ ۾ آھي ان سان ھن ملڪ ڇا ڪيو اوھان سان شيئر ڪيان ٿو.

Right Bank Out Fall Drain (RBOD) 1990
ھي بہ ھڪ قسم جو سم نالو آھي جيڪو بہ بظاھر سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪنڌيءَ کان ان مقصد لاءِ شروع ٿيو تہ لاڙڪاڻو، قمبر شھدادڪوٽ ۽ دادوءَ جي زمينن ۾ موجود سم ۽ ڪلر جي زھريلي پاڻيءَ کي پمپ ذريعي سم نالي ۾ ڊرين ڪري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو، پر ٿيو ائين جو ڪرپشن، بي ايماني، مالي ۽ ذاتي فائدن ڪري زھريلي پاڻيءَ کي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ بجاءِ منڇر ۾ ڇوڙيو ويو. دراصل ھي منڇر جي آسودي زندگي سان حادثو ھو ۽ ان لاءِ دوزخ جا در کولڻ جي برابر ھو، ھي سلوڪ تہ سنڌ جي مٺي پاڻيءَ جي وسيلن سان دشمني ڪرڻ جي برابر آھي، سمورن اعتراضن احتجاجن جي باوجود سم ۽ ڪلر وارو پاڻي جنھن ۾ ھاڻ پنجاب ۽ بلوچستان جو زھريلو پاڻي، انڊسٽريل ويسٽ، جيت مار دوائن جو زھر بہ شامل ھو منڇر ۾ ڇوڙ ڪيو ويو. پاڪستان جي سرڪار قدرت جي ھن خوبصورت تخليق کي برباد ڪرڻ مھل ھڪ لمحي لاءِ مھاڻن، مڇي، پکين جي زندگيءَ متعلق نہ سوچيو، ھي تہ سنڌ سان دشمني آھي، ھي محض واپڊا ۽ ورلڊ بئنڪ جي پروجيڪٽ جو معاملو نہ ھو پر ھڪ آسودي زندگي ۽ لکين ماڻھن جي روزگار جو سوال ھو، انھن ھزارين مھاڻن کي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو جن کي ھڪ ئي ھنر آيو ٿي (ٻيڙي ھلائڻ ۽ مڇي پڪڙڻ ) . حقيقت ھيءَ آھي دوستو! فطرتي ماحول ۽ سنڌ جي مٺي پاڻيءَ جي ذخيرن خلاف ھي ھڪ قسم جي دھشتگردي آھي. ھي اسان جا وسيلا آھن، ھي زمين، ھي آسمان، ھي پھاڙ، ھي درياءُ، سمنڊ اسانجا آھن، ھي ڪي گٽر نالا ناھن جو باقي صوبن جو ويسٽ (ڪچرو) اسانجن ڍنڍن ۽ درياءَ ۾ ڇوڙيو وڃي.  

درياءُ، منھنجو مرشد-27

دنيا ۾ ڪجهہ اھڙا بہ درياءُ ھئا جيڪي وقت سان گڏ لَٽجي ويا، انھن مان ڪيترا ھاڻ بہ بستر مرگ تي خاموش آھن، دنيا ۾ دريائن جي لپت (گم ٿيڻ) جا پنج بنيادي سبب آھن جيڪي پاڪستان ۾ پڻ موجود آھن، 1. انساني آباديءَ جو تيزيءَ سان وڌڻ. 2. ماحولياتي آلودگي 3. ٻيلن جو خاتمو 4. درياءَ جي قدرتي وھڪرن سان انساني ھٿ چراند 5. رياستي ناانصافي. اسانجي پاڙيسري ملڪ چائنا جا لڳ ڀڳ 28 ھزار درياءَ ان ڪري غائب ٿي ويا تہ انھن دريائن جي سنڀال ڪرڻ بجاءِ نون شھرن جي اڏاوت تي ڌيان ڏنو، 140،000 ميلن تي مشتمل اتر آمريڪا جو درياءُ ان ڪري لپت ٿيو تہ ان جي قدرتي وھڪرن تي انسانن قبضو ڪيو، چار ھزار سال اڳ گم ٿيل سرسوتي (تھذيب) جي پاڻيءَ جا نشان ھاڻ تائين موجود آھن، اھڙيءَ طرح ڪئنيڊا جو درياءُ سلمس سميت ٻيا اھڙا کوڙ درياءُ گم آھن جيڪي پنھنجن جاگرافي حدن ۾ شان و شوڪت سان وھندا ھئا، ھاڻ اچو سنڌو درياءَ تي، اسان سنڌين کي ان خوشفھمي مان نڪرڻ گهرجي تہ اسانجو سنڌو درياءُ (انڊس رور) سورج ديوتا جيان سدائين رھڻو آھي، ھا ائين ضرور آھي تہ اسان پنھنجي روزمرھہ جي زندگيءَ مان منرل واٽر جي بوتلن کي ٻاھر رکڻ ۾ ڪامياب ٿيون ٿا جنھن کي سرڪاري لائسنس مليل آھي ۽ درياءَ کي پنھنجي زندگيءَ ۾ داخل ڪيون ٿا، انجي ھستي ۽ مستيءَ جو بچاءُ ڪيون ٿا، ٻيلن جي حفاظت ڪيون ٿا، درياءَ جي سينڊ ۽ سلٽ شفٽنگ کان انڪار ڪيون ٿا، سنڌو درياءَ مٿان نوان ڊيم اڏڻ جي مخالفت ڪيون ٿا، درياءَ جي قدرتي لنگهن کي انساني آباديءَ، انساني دخل اندازيءَ کان محفوظ رکون ٿا تہ ممڪن آھي سنڌ جي ھن واحد درياءُ کي بچائي سگهجي، اسانجو سنڌو درياءُ ھن وقت ٻن اھم خطرن سان منھن ڏئي رھيو آھي. ان مان ھڪ آھي. درياءَ جي قدرتي ماحول کي تباھہ ڪرڻ، شھر ۽ صنعتن جي زھريلي پاڻيءَ کي درياءَ ۾ ڇوڙ لاءِ ڪرڻ جنھن جو مثال قديم ڦليلي واھہ ۽ پنياري واھہ آھن، جڏھن تہ ان جي ممڪن خاتمي جو ٻيو سبب ان جي قدرتي وھڪرن ۽ لنگهن تي قبضو. ھي اسانجا اھي ڪم آھن جنھن کي سرڪار جا ماڻھو بيحد ايمانداري، ٺيڪ طرح ۽ ظلمت سان ڪري رھيا آھن. حقيقت ھيءَ آھي دوستو، سنڌو درياءُ سنڌين لاءِ مٺي پاڻيءَ جو واحد ذريعو آھي، اسان وٺ ٻيو درياءُ ڪونھي نہ ٺاھي سگهنداسين ڇاڪاڻ تہ درياءَ قدرت جي وشال ۽ شاھڪار تخليق ھوندا آھن، انجو نعمل بدل ممڪن ئي ناھي ھوندو اھي يا گم (لپت) ٿي وڃڻا آھن يا باقي رھڻا آھن. اھو اسانکي فيصلو ڪرڻو آھي تہ اسان پنھنجي سنڌو درياءَ سان ڇا ٿا ڪيون؟

درياءُ، منھنجو مرشد-28

اسان کي اھو وسارڻ نہ گهرجي تہ قومن ۽ ملڪن جي تاريخ مٺي پاڻيءَ جي وسيلن ۽ انھن جي وھڪرن سان زندھہ رھي ٿي، اسان مان جيڪي ماڻھو اھا ڳالھہ نہ ٿا سمجهن، اھي نہ صرف پنھنجن ارادن ۽ اصولن کان ڪمزور بلڪہ بزدل آھن، ھي ان ڳالھہ کي سمجهڻ لاءِ تيار ئي ناھن تہ بني نوع انسان پنھنجي آسائش لاءِ جيترا شھر ۽ قلعا اڏيا دريائن جي رخ مٽائڻ سان يا ختم ٿيا يا برباد ٿيا. جنھن جو مثال رني ڪوٺ، موھن جو دڙو، چانھونءَ جو دڙو، اروڙ، اگهم ڪوٽ آھن. دنيا جا سمورا انسان مقابلي جي رفتار ۾ ھجڻ ڪري پنھنجا پاڻ دشمن ٿيندا پيا وڃن. حقيقت ھيءَ آھي تہ اسين گهڻو اڳ پنھنجي جيئڻ جو حق ختم ڪري چڪا آھيون ڇاڪاڻ تہ اسين فطرت جي سمورن عنصرن آسمان، فضا، زمين، پھاڙن، ٻيلن، ھوا پاڻيءَ، دريائن، ڍنڍن ۽ سمنڊ خلاف صفون ٻڌي بيٺا آھيون، انھن سمورن عنصرن جي حقن کي پائمال بلڪہ تباھہ برباد ڪيو آھي، اسين ھڪٻئي کي ماريندا فتح ڪندا پيا وڃون، ان بيوقوفيءَ واري خيال سان تہ ان سان وڌيڪ محفوظ ۽ وڌيڪ ترقي ۽ وڌيڪ طاقتور ٿينداسين، اسانجا ڳوٺ، ٻنيون جن ۾ زندگي ڪنھن طلسم يا جادو کان گهٽ ڪو نہ ھئي سڀ سڙي برباد ٿي ويران ٿي رھيا آھن، جنھن بي سمجهيءَ سان اسان پنھنجن ٻنين جو علاج جيت مار زھر ڪيميڪل ڀاڻ ۽ ھائبرڊ سيڊ ۾ سمجهيو، ان سان اسان پنھنجي زندگيءَ جو وقت وڌيڪ گهٽايو آھي، ھي جيڪو زھر اسان پنھنجن ٻنين، ندين، دريائن ۽ ڍنڍن ۾ ڀري رھيا آھيون، اھو زمين جي تھہ کي ڦاڙي ھيٺ لھي پاڻيءَ جي ذخيرن کي آلودہ ڪري ٿو جنھن سان انساني آباديءَ سميت ڪيئي زندھہ شيون، جانور ۽ پکي مري سگهن ٿا، باقي بچيل انسان يا تہ اکين جي روشنيءَ کان محروم ٿيندا يا جسم جي کل سڙيل يا ڪينسر زدہ ھوندي. پاڪستان جا زرعي تحقيق جا ادارا، ايٽامڪ انرجيءَ جا سربراھہ قدرتي ماحول کان وڌيڪ اھميت في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ کي ڏئي رھيا آھن. انھن جي نئين تحقيق ۽ سندس تدبيرون بني نوع انسان کي بچائڻ بجاءِ ٻين ڪيترن پوشيدن بيمارين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي، حيرت جي ڳالھہ ھيءَ آھي تہ انھن ماڻھن کي ڪو پڇتاءُ بہ ڪونھي. اھي انسان سان ۽ قدرتي ۽ ماحولياتي وسيلن سان ڇا ڪري رھيا آھن انجي اسان کي پوري سڌ ئي ناھي. اھڙي صورت ۾ اوھان ڇا ڪندئو؟ سنڌ وٽ سنڌو درياءُ آھي، حقيقت ھيءَ آھي تہ ٻيون سموريون شيون ان کانسواءِ ڪجهہ بہ ناھن، ھن جو ڪو نعمل بدل ڪونھي، ھن کي وڪڻي خوراڪ خريد ڪري نہ ٿا سگهون، ڇاڪاڻ تہ ھي خود خوراڪ جو ذريعو آھي، موجودہ سرڪار بيشڪ ائين چاھيندي ھجي. پر انجي قيمت مقرر نہ ٿي ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ تہ ھي اسانجي روح مان گذري وھي ٿو.

درياءُ، منھنجو مرشد-29

سنڌ ڇاڪاڻ تہ تاريخي طور ھڪ وسيع ۽ وشال سلطنت رھي آھي، جنھن جا قديمي تھذيبي ۽ ثقافتي رشتا ڪيترن تاريخي مذھبن ۽ ثقافتن ۾ پوشيدہ آھن، جي ڏسجي تہ پاڪستان جي وجود کان انڊس رور يا انڊس سولائيزيشن متعلق ھڪ بنھہ حقيقي محرومي موجود آھي، جيڪا پاڪستان جي جنم کان قائم آھي. پاڪستان، انڊس سولائيزيشن ۽ رور (درياءُ) جي تاريخ کي پنھنجي پسند جي شڪل ڏئي ان کي يا تہ مسلمان ڪرڻ جي ڪم سان لڳل آھي يا ان کي ميسارڻ جي ڪوشش ۾ آھي، پاڪستان جي موجودہ تدريسي ڪتابن ۾ انڊس سولائيزيشن جي تاريخ متعلق بڪواس قسم جو خيال ڏٺو ويو آھي، اھو آھي سنڌو درياءُ کي جي ايم بئرج سمجهڻ جي ڪوشش ڪرائڻ. اوھان ائين نہ ٿا سمجهو تہ ھن ملڪ ۾ ماڻھوءَ جي زندگيءَ جا بنيادي حق ۽ قدرتي ورثن کي فرقيواراڻي رنگ ۾ تبديل ڪري دراصل ماڻھن جو ڌيان سنڌو درياءَ جي تاريخي ۽ معاشي اھميت کان ھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، ھي ھڪ اھڙي قسم جي نفسياتي فرقيوراڻا سازش آھي جنھن سان ماڻھو درياءَ جي انساني حقن واري ڳالھہ کي بي معنيٰ سمجهن ٿا، اسان ذھني طرح اھا ڳالھہ قبول ڪري ويٺا آھيون تہ سنڌو درياءُتھذيب نہ پر ھڪ درياءُ آھي جيئن دنيا جا ٻيا درياءَ آھن، جن ۾ پاڻيءَ جو لھڻ ۽ وڌڻ معمول آھي. دراصل، دريائن، پھاڙن، سمنڊ، ڍنڍن جو ڪو مذھب ناھي ھوندو، اوھان محسوس ڪندا ھوندا تہ ملڪ جي اشرافيا جا مذھبي قدر الڳ آھن ۽ عوام جا الڳ جيڪي انتھائي جنون ۽ ڪٽرپڻي تي مبني آھن. ھن رياست جي حڪمرانن ھڪ خاص مقصد تحت مذھب کي وچ ميدان تي لاٿوآھي تہ جيئن مختلف مذھبن ۽ فرقن ۾ ڪشمڪش جاري رھي ۽ جيترو ممڪن ٿي سگهي طبقاتي تحريڪون مذھبي نعرن ۽ ذات پات ۾ تقسيم ھجن ۽ طبقاتي شعور کان محروم رھن، درياءَ جي زندگي ۽ انجي ثقافتي تاريخ کي ھاري طبقو جوڙي رکندو آھي، جنھن جي ھن وقت حالت ائين آھي جو پنھنجي پيداوار (ڪڻڪ) وڪڻي نہ ٿو سگهي، سنڌ ۾ ھارپو ڪندڙ ھاري ھاڻ تائين زميندار جي رحم ڪرم تي آھي، حقيقت ھيءَ آھي دوستو! ھڪ فسطائي ملڪ، زندگيءَ جي سمورين بنيادي شين جو اختيار ختم ڪري انھن جي تاريخي سڃاڻپ ختم ڪئي آھي، ھن ملڪ جي غريب ترين آبادي ھن وقت تائين ان ڳالھہ کي سمجهڻ کان قاصر آھي تہ ان جي غربت جو سبب خدا نہ پر پاڪستان جي اشرافيا ۽ حڪمران آھن. ھنن جو اھو رويو سنڌو درياءُ متعلق بہ ساڳيو آھي، پوين ستر سالن کان سنڌ جي مٺي پاڻيءَ جي وسيلن ۾ انچ جو بہ اضافو ناھي ٿيو سواءِ ڊيم اڏڻ جي. جيڪا بنيادي ڳالھہ اوھان سان شيئر ڪرڻ چاھيان ٿو تہ انساني تھذيب تمدن جي ارتقا، عوامي طرز زندگي، رھائش، زراعت، معاشي سرگرميون، ٻولي، ثقافت، اھي عنصر درياءَ کي انساني حق ڏيڻ سان ممڪن آھن، انڊس سولائيزيش ۽ انڊس رور پنھنجي تھہ در تھہ ھزارين تھذيبن، ۽ مذھبن جو تسلسل آھي، ھي ڪا ستر سالن جي تاريخ ناھي، نہ ئي ستر سالن جو مسلمان.

درياءُ، منھنجو مرشد-30

سوامي وويڪ آنند بيشمار سفر ڪيا. ھي نھايت سادي ٻولي ڳالھائيندو ھو. مذھب متعلق ھن جا خيال بيحد واضع ھئا. ھي چوندو ھو تہ انڊيا جي ماڻھن جي ضرورت مذھب نہ ماني آھي جنھن کان ڪيترا وات محروم آھن. ھو چوندو ھو، مان ھڪ سوشلسٽ آھيان، ان ڪري نہ تہ مان ان کي مڪمل نظام سمجهان ٿو پر ان ڪري تہ اھي انسانن لاءِ مذھب کان وڌيڪ مانيءَ کي اھم سمجهن ٿا. اسانجي موجودہ دنيا سان جيڪو ڪجهہ ٿي رھيو آھي اھو ھاڻ ايترو تہ وسيع ٿي ويو آھي جو انسان جي سمجهہ ۾ سمائجي نہ ٿو سگهي، جيڪو ھاڻ خوفائتي صورت اختيار ڪندو وڃي پيو. خوراڪ (ماني) جو بحران اوھان اندازو نہ ٿا ڪري سگهو. الميو ھي آھي تہ ھر ڏينھن 828 ملين انسان ڪجهہ کائڻ کانسواءِ بي چيني جي ننڊ سمھن ٿا ۽ پوري رات ڪنجهندا رھن ٿا. ان خوفناڪ صورتحال جو اندازو ائين لڳائي سگهو ٿا تہ محض پاڪستان 26.1 مطلب 100 مان 27 ماڻھو ڪجهہ کائڻ جي سمھي رھن ٿا، ھي غربت جي انتھائي خوفناڪ صورتحال آھي. موجودہ حالتن ۾ جيڪڏھن ڪا بہ شئي صحي معنائن ۾ گلوبلائيز ڪرڻ جي لائق آھي تہ اھا آھي انساني غربت. ايشيا ۾ ان جون سرحدون کليل آھن، خاص طرح انڊيا ۽ پاڪستان جي ڪامياب مارڪيٽ آھي ئي غربت. مونکي ان جو اندازو ئي نہ ھو تہ سنڌو ماتر ڪيئن ھڪ قديم شاندارتھذيب پاڻ کي مڪمل حقير ڪري غربت ۾ گهيرجي تقسيم در تقسيم ٿي ويندي. مون ڪيترن نوجوانن کي ملڪ ڇڏڻ تي ڪو پڇتاءُ ڪندي ناھي ڏٺو. ھنن جي بقول انڊيا اکنڊ ڀارت جي جنون مان نڪري ناھي سگهيو ۽ پاڪستان انڊيا دشمني کان نڪري ناھي سگهيو. غربت تھہ در تھہ اسانجي اندر لھي رھي آھي. ان مان نڪرڻ لاءِ ٻنھي ملڪن پنھنجي عزت ۽ وقار وڃايو آھي. ھي پنھنجن ڪمپنين جو ڪاروبار ڪرڻ چاھن ٿا، غربت ختم ڪرڻ ھنن جي ترجيح ناھي. پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جو تصور دراصل، دفاعي ادارن پاران زمينن تي قبضو ڪرڻ آھي، جنھن جو مطلب آھي، سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ ۾ غير مقامي ھارپي جي شراڪت داري (سنڌ ھاڻ ھڪ لڙائي کان ٻي لڙائي ۾ تبديل ٿيندي). سنڌو درياءُ غربت جو نہ پر مانيءَ جو نالو آھي آسودگيءَ جو نالو آھي، منھنجو ھي درياءُ مون لاءِ دنيا جي ڪنھن بہ شي کان وڌيڪ قيمتي آھي، اسان درياءَ جي حق لاءِ ان ڪري وڙھي رھيا آھيون جو ھن دنيا کي ڏسڻ لاءِ ھڪ مخصوص نظر ڏني آھي، جنھن سنڌ واسين کي ٽن وقتن جي ماني ڏني، وڻن، پکين، جانورن، آبي حيات، ڍنڍن ڍورن ۽ انسانن کي زندگي بخشي.

درياءُ، منھنجو مرشد-31

منرل واٽر، ھڪ اھڙو (جن) جنھن کي سرڪاري لائسنس حاصل آھي، پلاسٽڪ جي بوتل ۾ ڀريل پاڻي (جن ڀوت) ئي تہ آھي. دراصل ھي اھڙو جن آھي جنھن کانپوءِ ڪنھن زھر جي قدر قيمت ختم ٿي وڃي ٿي. موجودہ حڪومتون جيڪڏھن زھر ورھائڻ جو ڪم ڪري رھيون آھن تہ اھو منرل واٽر آھي، اھڙو جن جيڪو ھاڻ اسانجي پوري وجود ۾ ڊوڙي ٿو. پاڪستان ۾ پلاسٽڪ پاڻي بوتل جي مارڪيٽ جو ھجم يا ان جي ڪاروبا جو ڦھلاءُ 327.6 ملين ڊالرس آھي جيڪو ممڪن آھي تہ 2029 ۾ وڌي 557.68 ملين ڊالرس تائين پھچي. مختلف نالن جي شڪل ۾ قائم منرل واٽر جون ڪمپنيون بظاھر ماڻھن کي صاف پاڻي فراھم ڪرڻ جي دعوا ڪن ٿيون پر اصل حقيقت ھيءَ آھي تہ اھي ساڳيون ڪمپنيون زرعي ڪيميڪل، پيسٽيسائيڊ (جيت مار دوائون) ڪلوريفارم (زھر جو ھڪ قسم) جيڪو جيت مار ڪيميڪل ۽ ليبارٽي ايڪسپريمينٽ ۾ ڪم اچي ٿو ۽ ان سان وابسطہ ٻين ڪيترن قسمن جي پراڊڪٽ تي ڪم ڪن ٿيون، تہ وري اھي ساڳيون ڪمپنيون منرل واٽر جي نالي تي ڪاروبار ڪن ٿيون، جن کي سرڪاري لائسنس حاصل آھي، ھي اھي ئي ڪمپنيون آھن جن وڏي پئماني تي جيت مار دوائن جي ترغيب ڏني پنھنجن ڊيلرس کي مفت جا ٽوئر ڏنا، مٺي پاڻيءَ جي ذريعن کي تباھہ ڪيو، زمين جي جر کي زھريلو ڪيو، جنھن ڪارڻ جيتن، پکين، ۽ جانورن جا ڪجهہ قسم لڳ ڀڳ ختم ٿيا آھن، موجودہ سرڪار قدرتي ماحول خلاف ٿيندڙ ان سازش ۾ برابر جي شريڪ آھي. عام ماڻھو منرل واٽر جي حق ۾ نہ ھجڻ جي باوجود ان کي مجبوري جي حالت پيئڻ تي مجبور آھي، ڇاڪاڻ تہ ان وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ڪونھي. پلاسٽڪ جي بوتل جنھن جو پاڻي اسان روزانو استعمال ڪيون ٿا، اھا ھڪ خاص قسم جي ڪيميڪل مان تيار ٿئي ٿي، جيڪو انسان جي جسم جي ھارمون کي غير متوازن ڪري ڪيترن بيمارين کي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تہ اھو ريسائيڪل مٽيريل آھي جنھن ۾ انساني صحت کان وڌيڪ مارڪيٽ جي ضرورت پوري ڪرڻ جي خيال کان تيار ڪيو وڃي ٿو. پاڻيءَ جھڙي بنيادي انساني ضرورت کي جھڙيءَ ريت ڪاروبار ڪمپنين جي حوالي ڪيو ويو آھي ان سان سنڌ جي مٺي پاڻيءَ جا ذريعا تہ ڪڏھن بہ صاف ۽ استعمال جھڙا ٿي نہ سگهندا. ھي ھڪ قسم جو خاموش ايٽم بم آھي ۽ سرمائيدار ڪمپنين جي اجارا داري پڻ، جن اسانجي مٺن پاڻيءَ جي وسيلن کي ڄاڻي واڻي آلودہ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، جنھن سان جيڪوڪجهہ زمين تي آھي آھستہ آھستہ ختم ٿيندو ويندو. موجودہ سرڪار جا ڪيترا ڪارندا ھن ڪاروبار ۾ شريڪ آھن. انساني آبادي اڄ جنھن خطرناڪ صورتحال کي منھن ڏئي رھي آھي اھو آھي پاڻيءَ جو آلودہ ھجڻ جنھن جي سرڪار کي ڪا پريشاني ڪانھي ڇاڪاڻ تہ اھي ان ڪاروبار ۾ شريڪ آھن. سنڌو درياءَ جو متبادل منرل واٽر بوتل جون ڪمپنيون ناھن، پر درياءُ کي آلودہ تہ ڪري سگهجي ٿو ان ڪري پوري شھر جي ڊرين جو رخ درياءُ يا واھن ڏانھن ڪيو ويو آھي. حقيقت ھيءَ آھي دوستو! سنڌو درياءُ ڪاروبار ڪندڙ منرل واٽر ڪمپنين لاءِ اھم نہ ھجي پر اسان کي فرق پوي ٿو اسان لاءِ اھم آھي، ھي ئي آھي جنھن سنڌين کي آزاديءَ جا سبق ڏنا، عزت وقار جي زندگي ڏني،تھذيب، ٻولي، ڏني ۽ جيئڻ جا طريقا ڏنا. ڇا اسان ان سان اھڙو سلوڪ ڪنداسين؟ پلاسٽڪ جي بوتل عيوض.

درياءُ، منھنجو مرشد-32

سنڌي ماڻھن جو جيڪي ڪجهہ داءُ تي لڳل آھي اھو ايترو تہ اھم آھي جو خاموش رھڻ جو سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿئي. ڪجهہ بہ ٿئي اسين سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جي قدرتي وسيلن جيڪي ھڪ ئي وقت سنڌي قوم لاءِ بيحد آسودا، نھايت قيمتي ۽ ڀاڳن وارن آھن جنھن سان سنڌي قوم جا نسل خوشحال ۽ آسودي زندگي گذاري سگهن ٿا انھن جي حفاظت ۽ ان متعلق سوال ڪندا رھنداسين. سنڌ جي نوي سيڪڙو زمين انتھائي زرخيز ۽ پيداوار جي حساب سان شاندار آھي، انتھائي غير معمولي حقيقت ھيءَ آھي تہ زرخيز زمين جي باوجود سنڌ جو ھاري ۽ سنڌ جو ماڻھو انتھائي مفلسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھي. اسٽيٽسٽڪ بيورو پاڪستان جي رپورٽ مطابق، پاڪستان ڪڻڪ جي پيداوار ۾ دنيا جو اٺون نمبر وڏو ملڪ آھي، ھيءَ ڳالھہ ڪنھن حادثي کان گهٽ ڪانھي تہ ھن سال 32.12 ملين ٽن ڪڻڪ گدامن ۾ يا کلئي آسمان ھيٺان سڙي رھي آھي تہ پاڪستان جي سرڪار 1 بلين ڊالرس جي ڪڻڪ ٻاھران گهرائي آھي. ڪجهہ ماڻھو پنھنجي ذاتي مفاد ۽ فائدي لاءِ عوام سان ڪجهہ بہ ڪري سگهن ٿا. الميو اھو آھي تہ ان ليول جي ڪرپشن جي ڪا انڪوائري ۽ ڪا عدالتي جانچ ڪانھي. ھي مڃڻ سخت ڏکيو آھي تہ ھڪ طرف پاڪستان ڪڻڪ جي پيداوار ۾ اٺون نمبر ملڪ ھجڻ جي باوجود 10 ڪروڙ کان مٿي پاڪستاني شھري غربت جي سطح کان ھيٺ زندگي گذاري رھيا آھن، اھا ڳالھہ ان قدر معمولي ناھي جنھن کي در گزر ڪجي ڇاڪاڻ تہ ھي رياست جنھن دوکي جي ديوار تي بيٺي آھي ڪنھن بہ وقت پٽ پئجي سگهي ٿي. ھڪ ٻيو سھڻو خواب جيڪو ھميشہ ھن ملڪ جا حڪمران عوام کي ڏيکاريندا رھندا آھن، پرائيوٽائيز (ادارن کي خانگائڻ) ھي ان کي آزاد منڊيءَ جي معيشت جو نالو ڏيندي ائين تاثر ڏين ٿا تہ بجلي، اسڪول، پاڻي، مواصلات، معدني وسيلا، سامونڊي بندر، ٻيٽ ۽ ڪارخانا خانگائڻ سان پاڪستان جي رڪارڊ ترقي ٿيندي، مختصر لفظن ۾ ادارن کي خانگائڻ جو مقصد ھي آھي تہ ھيٺين سطح تي عوام جي شرڪت کانسواءِ انھن جي زندگيءَ ۾ وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ڪرڻ ۽ عوام جي ملڪيتي ادارن تي ڪمپنين جو قبضو ڪرڻ. بنيادي طور تي پرائيويٽ ڪمپنيون ۽ ايجنسيون انھن قاتل ٽولن وانگر آھن، جيڪي پنھنجي مُوڙيءَ سان ٻڌل آھن. ھي اھڙا سوال آھن جيڪي سنڌ جي مستقبل جو تعين ڪن ٿا. سنڌو درياءُ سنڌ جي مجموئي پيداوار ۾ جھڙي قسم جي مدد ڪري ٿو ان جو ثبوت ڪڻڪ جو موجودہ فصل ۽ انجي پيداوار آھي جڏھن تہ رياست عام ھارين جي محنت کان بي پرواھہ مال گڏ ڪرڻ پٺيان لڳل آھي.

درياءُ منھنجو مرشد-33

Dear Environment Activists, Writers, Poets, Journalists, Teachers, Students, and Ambassadors, This message is for awareness.
We, the members of the Fellows of the Indus River (FIR), are reaching out to you with a grave concern regarding the dire state of the Indus River, a vital source of sweet water and the lifeline of Sindh. It is imperative that we collectively address the urgent threat posed by the continuous release of wastewater and effluent into its waters.
The Indus River, a symbol of life and civilization, is facing unprecedented peril. Despite legal provisions prohibiting the discharge of waste into freshwater bodies like lakes, canals, and rivers, this harmful practice persists across Sindh. Of particular concern is the situation at the old Phulile Canal, where conditions have worsened alarmingly.
Furthermore, the Indus River is facing an environmental catastrophe that urban and industrial waste follow into Indus River, which is extremely toxic. Recently, the irrigation department released water from Muncher Lake with a total dissolved solids (TDS) level as high as 30%. Before this Manchur lake was a storage for sweet water hub which was contemned through MNV drain. The project was funded by WAPDA and world bank. This contamination, coupled with water shortages, poses a grave threat to the mangrove forests, livestock, human health, bird and wildlife, domestic insects, agriculture, and the surface soil.
We, the fellows of Indus River (FIR), urge all to join us in raising our collective voice to save the Indus River. It is not just a body of water; it is the very essence of our civilization.
Together, let us take a stand to safeguard this precious resource and ensure a sustainable future for generations to come.


Thank you

Kind regards,

Manzoor Thaheem
Fellows of Indus River
Hyderabad
Sindh.


نوٽ

Fellows Of Indus River سنڌو درياءَ جا دوست ۽ ساٿي
سنڌو درياءَ جي وجود، انجي تاريخي ۽ ماحولياتي زندگي بچائڻ لاءِ ملڪي ۽ بين الاقوامي ماحولاتي ادارن خاص طرح يونائٽيڊ انوائرمينٽ اسيمبلي کي اي ميل ڪري درياءَ جي موجودہ آلودہ حيثيت کان واقف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، جنھن جو متن اوھان سان شيئر ڪجي ٿو.

unep- westasia.
unep- execut
unep- envoirment
Irtiqa Institute of Social Sciences
Environmental Defense Fund
Environmental Action
Greenpeace International
Indus Valley Civilization
United Nations
United Nations Human Rights
Sindh Chief Minister House
Chief Justice Of Pakistan

درياءُ، منھنجو مرشد-34

گرمي منھنجي وجود ۾ ائين لھندي وڃي ٿي جو منھنجو ساھہ ٿو منجهي. ھي مَئي جو مھينو آھي گذريل سال کان وڌيڪ گرم، چڀندڙ اُس ۽ زمين جي تپش وارو مھينو. اونھاري جي شروعات ھاڻ ائين ٿئي ٿي ڄڻ ھڪ ئي وقت ڪيترا سج زمين مٿان لھي آيا ھجن، حقيقت ھيءَ آھي تہ زمين جنھن کي مان پنھنجو گهر سمجهندو آھيان دراصل ان کي ھاڻ ماحولياتي سفاڪيءَ جي نظر ڪيو ويو آھي، زمين جو قدرتي ماحول گرمي پد جي وڌڻ ڪري ناقابل برداشت ٿيندو پيو وڃي. اسان کي اھو ٻڌايو ٿو وڃي تہ ماحولياتي تبديليءَ جي ڪري ائين ٿي رھيو آھي پر مان ائين چوان ٿو تہ درياءَ جي زندگي تباھہ ڪرڻ جي ڪري ائين ٿي رھيو آھي. ھيءَ جيڪا موسم جي تبديلي آھي اھا قدرت جي اصول پٽاندڙ آھي، قدرت سان دشمنيءَ جو اھو نتيجو آھي. سنڌ لاءِ گرمي ڪا نئين ڪانھي پر انگ اکر ائين ٿا ٻڌائن تہ ايندڙ ھر سال گذريل سال کان وڌيڪ گرم ٿي رھيو آھي. سالانہ ماحولياتي رپورٽ ٻڌائي ٿي تہ 1850 کان ھن وقت تائين سمنڊ جي گرميءَ جو پد 0.06 سيلسز کان 0.11 فارنھائيٽ تائين وڌيو آھي، جڏھن تہ گلوبل وارمنگ جا انگ اکر جيڪي گذريل ڪجهہ سالن جا آھن اھي تيزيءَ سان وڌي 0.36 ٿيڻ جو ٻڌائن ٿا. ھيءَ اھا حد آھي جنھن سان ڪنھن بہ وقت زمين جي گرد باھہ ڀڙڪي سگهي ٿي. سنڌ جو علائقو گهارو، جهمپير ۽ حيدرآباد ونڊ ڪاريڊور (ھوا جو لنگهہ) آھن، جتي جهمپير پاور ڪمپني پنھنجا ونڊ ڪاريڊور بجلي پيدا ڪرڻ جا ٽربائن لڳائي رکيا آھن، ان سان ٿيو ڇاھي؟ ڇاڪاڻ تہ ھڪ طرف سمنڊ جو دٻاءُ ھوا پيدا ڪندو ھو تہ ٻئي طرف درياءَ جو پاڻي ھوا جي دٻاءُ کي برقرار رکڻ ۽ ان کي ٿڌو ڪرڻ جو ڪم ڪندو ھو، ان ڪري ئي ڄامشورو ۽ حيدرآباد ٿڌڙين ھوائن جي ڪري مشھور ھو. سنڌ جا اھڙا منظر ھاڻ ختم ٿي رھيا آھن، اسانجو ھي گهر باقي رھڻ جي صلاحيت کان محروم ٿي رھيو آھي، ان جي جاءِ تي اسان اھڙي دنيا تخليق ڪئي آھي جيڪا سرمائيدار ڪمپنين جي سفاڪي، مالي فائدن، قدرتي وسيلن کي تباھہ ڪري مصنوعي ذريعن کي پيدا ڪرڻ، زمين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري غريبي ۽ اميريءَ ۾ تقسيم ڪيو آھي. ھن وقت درياءَ ۾ پاڻي ڪونھي پر جهمپير پاور ڪمپنيءَ جا ٽربائن بجلي پيدا ڪري رھيا آھن. درياءَ ۾ پاڻي نہ ھجڻ ڪري گرم ھوا، اس ۽ تپش جيئن جو تيئن قائم آھي، جنھن سان اسان سڀني جو ساھہ منجهي ٿو. درياءَ ۾ پاڻي نہ ھجڻ ڪري فضا ۾ واريءَ جو طوفان گهلندو رھي ٿو. تلخ حقيقت ھيءَ آھي تہ درياءُ پنھنجي وجود کي قائم رکڻ جي جنگ وڙھي رھيو آھي. ھڪ دفعو وري اسين ان جنگ کان لاتعلق آھيون. اصل ڳالھہ ھيءَ آھي تہ درياءُ متعلق اسانجو شعور ڪيڏو مختصر ۽ ڪنھن قدر لاتعلق آھي انجو اندازو فضائي آلودگي ۽ ختم ٿيندڙ ٻيلا آھن. گرميءَ جو وڌندڙ پد ۽ فضائي آلودگي، ھي آھي موجودہ سنڌ. ھي درياءُ ئي ھو جيڪو ھوا کي ٿڌو ڪري اسانجي گهرن اندر کڻي ايندو ھو. اوھان ھڪ لمحي لاءَ سوچيو، ھي ڪنھن جو موت آھي.

درياءُ، منھنجو مرشد-35

سنڌو درياءَ سان اھڙي سلوڪ جي مھرباني، ھي درياءُ ڊيمن، ھائيڊرو پاور پلانٽ، شھرن ۽ فيڪٽرن جي نيڪال ۽ ماڻھن جي بيرخيءَ جي نظر ٿي ويو آھي. ھي جمھوريت آھي جنھن پوريءَ طرح ماڻھن کي دوکي ۾ رکيو آھي. ھن وقت اسين جمھوريت جي دوکي ۾ جي رھيا آھيون، اھڙي دوکي جي ديوار ھڪ اھڙي جمھوريت جنھن ۾ جنرلن جو ڪاروبار، بيروڪريٽن جي ڪرپشن ۽ اشرافيہ جي حاڪميت جي واڌ ويجهہ ٿي رھي آھي پر عوام جي معاشي سگهہ ۽ سنڌو درياءَ جي آسودگي رُڪيل آھي. تازو ئي سنڌ جي وزير اعليٰ، 91 جي پاڻيءَ جي ٺاھہ جو ذڪر جنھن معصوميت سان ڪيو ان مان ائين ٿي لڳو جيئن ھن کي پنھنجي سلطنت وڃائڻ جو خطرو ھجي. ھن جي بيان ۾ آمريت جو خوف جهلڪي رھيو ھو، حالانڪ ھي ان جمھوري پارٽيءَ جو وزير اعليٰ آھي جيڪا اقتدار جو حصو آھي. 1991ع دراصل سنڌو درياءَ ۽ ان سان لاڳاپيل پاڻيءَ جي ورھاست وارو ٺاھہ جنھن تي وفاق ۽ پنجاب ڪڏھن بہ عمل ناھي ڪيو. سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ انتھائي غيرذميواريءَ جو مظاھرو ڪندي رھي آھي، جنھن جي سبب ڪري سنڌ کي پنھنجي جائز پاڻيءَ جو حق نہ ملي سگهيو آھي جنھن جو نتيجو اھو نڪتو تہ درياءُ نہ صرف پنھنجي پاڻيءَ کان محروم ٿيو آھي، پر پُڇڙ ۾ ھجڻ ڪري سنڌ جي ڊيلٽا سخت متاثر ٿي آھي. 1991ع جي ٺاھہ ۾ بنيادي ڳالھہ ھيءَ آھي تہ دريائن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ کي سنڌ ۽ پنجاب گڏيل طور تي ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا، پر ھي جمھوريت ئي آھي جنھن ھڪ صوبي کي اجازت ڏئي رکي آھي تہ صوبن کي پنھنجي منظور ڪيل پاڻيءَ جي اصول جي ڀڃڪڙي ڪندو رھڻ جي باوجود سندس مٿان ڪو قانون يا اصول لاڳو نہ ٿو ٿئي، بلڪہ واڌو پاڻيءَ جو بھانو ڪري سنڌ جو پاڻي چوري بہ ڪري سگهي ٿو. جي ڏسجي تہ 1991ع کان 2003ع تائين جيڪي بہ پاڻيءَ جي ورھاست جا اصول طئي ڪيا ويا اھي مذاق بنبا رھيا، ائين جيئن ھن وقت عوام جا باقي حق مذاق بڻيل آھن. جمھوريت جي دعوا ڪندڙ دراصل عوام جي حقن جي توھين ڪندا رھيا آھن، دراصل عملي طرح ھن ملڪ ۾ جمھوريت مزاق بڻيل آھي. مثلن گذريل ٻن سالن کان ڪنھن بہ اڀياس کانسواءِ سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ ۾ ان سبب ڪري ڪٽوتي ٿيندي رھي آھي تہ سنڌ جا واھہ ڪچا آھن جنھن سان پاڻي ضايع ٿئي ٿو، ھاڻ جڏھن ڪنھن حد تائين واھہ پڪا ٿيا آھن تہ ٻيو جواز گهڙيو ويو آھي تہ سمنڊ ۾ پاڻي ضايع ٿئي ٿو. الميو ھي آھي تہ پاڻيءَ جي کوٽ بہ سنڌ کي برداشت ڪرڻي آھي ۽ واڌو پاڻيءَ تي سنڌ جو حق ڪونھي. مان ھتي جيڪا بنيادي ڳالھہ ڪرڻ چاھيان ٿو تہ صوبن ۽ قومن جي وچ ۾ طئي ٿيل اصولن جي ڀڃڪڙي ھاڻ تائين ٿيندي پئي اچي. گذريل ڪجهہ سالن کان سنڌ ۾ ڊي ايڇ اي، بحريا، ڇانوڻيون، بيس، جي صورت ۾ ڪيترا نوان شھر ۽ ڪالونيون جنم وٺي چڪيون آھن ان جي باوجود وفاق پاڻيءَ جي نئين فارمولي تي ڪم ڪرڻ بجاءِ پراڻي قسم جي روايتي ۽ فرسودہ قانونن جو سھارو وٺندي سنڌ جي پاڻيءَ کي چورائي رھيو آھي. ھيءَ جمھوريت آھي جنھن ۾ ماڻھن جي پاڻيءَ جي مقامي ملڪيتي وسيلن، دريائن، ندين، واھن ۽ ڍنڍن جي رٿابندي تي عمل ڪرڻ بجاءِ انھن کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھي. ھڪ جعلي جمھوريت جنھن قومن کي قيد خاني ۾ تبديل ڪيو آھي ۽ جمھوريت جي نالي تي گشتي ٽولو ۽ ڪجهہ ڪٽنب حڪمراني ڪري رھيا آھن. لڳاتار 75 سالن کان اھڙي جمھوريت ڪري خاص طرح مقامي قدرتي وسيلا، درياءُ، پھاڙ نديون ڍنڍون، زمين ۽ قدرتي ماحوليات برباد ٿيا آھن، جيڪا ڳالھہ سنڌ لاءِ ڪنھن حادثي کان گهٽ ناھي.

درياءُ، منھنجو مرشد-36

اسان سڀئي ھن شرمناڪ برباديءَ لاءِ ذميوار آھيون. ماڻھن جي غربت ۽ اذيت جي ڪا حد ڪانھي، ھي سڀ ھاڻ ختم ٿيڻ گهرجي. ھڪ عام انسان غربت جي بيحد اونھي لڪير کان بہ ھيٺ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھي. پورو پورو ڏينھن روزي روٽيءَ جي تلاش ۾ ھجڻ جي باوجود دال روٽيءَ کان محروم آھي. ھڪ گَھرو انڌيرو آھي جيڪو عام ماڻھوءَ جي گرد لپيٽيل ۽ ويڙھيل آھي. موجودہ دنيا معاشيات جي ٻن بي رحم زاوين ۾ تقسيم آھي، ھڪ آھي ميڪرو ۽ ٻيو آھي مائيڪرو اڪنامڪس. ميڪرو اڪنامڪس جو مطلب آھي ميگا پروجيڪٽس، ميگا سٽي، ريئل اسٽيٽ، اسٽيل مل، اسٽيٽ آئل، فرٽيلائيزر انڊسٽري، پيسٽيسائيڊ انڊسٽري، آئل ريفائنري، ھٿيارن جي انڊسٽري، ڊيمس، موٽر وي ۽ اھڙي نوعيت جا وڏا ڪاروباري صنعتي يونٽ، جڏھن تہ مائيڪرو اڪنامڪس دال، چانور، اٽو، پتي، گيھہ، صاف پاڻي، جھڙي نوعيت جا ننڍا يونٽ. جي ڏسجي تہ ھي دور ميڪرو اڪنامڪس جو آھي، دال چانور ۽ عوامي ضرورت جون شيون جيڪي ماڻھن جي خوراڪ جون ضرورتون پوريون ڪن، جڏھن تہ حقيقت ان جي ابتڙ آھي بنيادي انساني خوراڪ جو انتظام حڪومت جي ترجيح ۾ ناھي جنھن جو مثال ڪڻڪ جي پيداوار آھي جنھن مان حڪومت جي ڪارندن 25 ارب روپيا ڪمايا پر عام ھاريءَ کي فائدو نہ ڏنو، تہ آخر پاڪستان جون سموريون حڪومتون عام ماڻھوءَ جي بنيادي ضرورتن دال، روٽي، تعليم ۽ صحت تي موڙي خرچ ڪرڻ بدران مائڪرو معيشت جو سھارو وٺندي وڏن ڊيمن تي خرچ ڇو ٿي ڪري؟ وڏا پروجيڪٽ مطلب وڏي رشوت، فائدا ۽ نقصان بہ وڏا. ڊيمن جي سياست مائڪرو معيشت لاءِ انتھائي فائدي واري آھي جنھن سان دنيا جون توانائي، ڪنسٽرڪشن ۽ خود سرڪار جون ردي ۽ ذاتي ڪمپنيون ترقي جي نالي تي وڏي لٽ مار ڪن ٿيون. جي ڏسجي تہ سرڪاري بياني جي باوجود ڊيم ڪڏھن بہ قومي فخر ناھن رھيا، ڇاڪاڻ تہ ڪيتري لحاظ کان اھي ماحول،تھذيب ۽ انسان دشمن ثابت ٿيا آھن، نومبر 2008ع ۾ پاڪستان سرڪار انڊس رور مٿان چوٿون ديا ميرڀاشا ڊيم اڏڻ جو اعلان ڪيو جنھن جو ڪم ھلندڙ آھي جيڪو 2028 ۾ پورو ٿيڻو آھي، 14 بلين ڊالرس جي ميگا پرجيڪٽ ۾ 8 ملين پاڻي روڪيو ويندو. ھن منصوبي ڪري تقريبن 31 ڳوٺ، 4100 گهر، 35 ھزار ماڻھو دربدر ٿيندا، پر منھنجي لاءِ ان کان وڌيڪ سوال اھو آھي تہ ڊيم کي ڀرڻ لاءِ 8 ملين پاڻي ايندو ڪٿان؟ جيڪڏھن پاڪستان جا حڪمران ۽ سرمايو سيڙائيندر ڪمپنيون ۽ فوجي ادارو ايف ڊبليو او ائين سمجهي ٿو تہ اھو پاڻي سنڌ جي حصي جو ھوندو تہ پوءِ سنڌ کي برباد ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ سنڌي ماڻھن وٽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو رستو نہ ٿو رھي تہ اھي سخت مزاحمت ڪن يا پنھنجي پيرن ھيٺان زمين کي کسڪندي ڏسن.

درياءُ، منھنجو مرشد-37

جاگيرداري (فيوڊل) جنھن قدر اڄ محفوظ آھي پھرين ڪڏھن نہ ھئي. فيوڊل ھاڻ پنھنجي حدن مان نڪري ميٽروپوليٽن شھرن جي روڊ رستن، شھر جي سگنلن، سرڪاري آفيسن، بيروڪريٽن جي لٽ مار جي طريقن، فوجي چوڪين، سياسي ليڊرن ۽ ڪارڪنن جي روين، پرھجوم بازارن، بس اڏن، نامور سرڪاري ۽ نيم سرڪاري اديبن، شاعرن ۽ انساني حقن جي دعويدارن، کاٻي ڌر جي انقلابي ليڊرن، ٻارن جي تدريسي ڪتابن، تعليم ڏيندڙ استادن، سرڪاري اسپتال جي ڊاڪٽرن، زمين تي پورھيو ڪندڙ عورتن مٿان نظر رکندڙ وڏيرن جي ايجنٽن، مذھبي ٺيڪيدارن، پوليس ٿاڻن سميت زندگيءَ جي مختلف طبقن ۽ ماڻھن جي روين ۾ جھڙيءَ طرح داخل ٿي وئي آھي پھرين ڪڏھن نہ ھئي. فيوڊل ڪلاس کان اڳتي ھاڻ ذھني ڪيفيت بنجي وئي آھي. مادو يا حرڪت جو وھنوار جڏھن ذھني ڪيفيت بنجي تہ محفوظ ترين ٿي وڃي ٿو، اوھان ان ڳالھہ کي مڃڻ لاءِ تيار آھيو تہ اعتدال پسندي روشن خيالي ڪيترن ماڻھن لاءِ جاگيرداريءَ جو ھڪ روپ وٺي رھي آھي ۽ ڪيترن ماڻھن جي شاندار گذر سفر جو ذريعو پڻ. ھاڻ ڪھڙي ضرورت پئي آھي جو ڪمٽمينٽ واري زندگيءَ جو انتخاب ڪجي، بلڪہ جي ھاڻ ائين چئجي تہ پوري رياست فيوڊل بنجي وئي آھي تہ وڌيڪ درست ٿيندو. فيوڊل جو بنيادي خيال زمين جي طاقت ۽ پراپرٽي وارو خيال دراصل ھاڻ فرسودہ ٿي ويو آھي. فيوڊل ھاڻ بي لگام گهوڙي جيان پوري سماجي نظام ۽ روين ۾ ڊوڙي ٿو جنھن جو ھڪ ئي مقصد آھي پوري نظام کي مفلوج ڪرڻ. ممڪن آھي ھن سموري بحث کي اوھان منھنجو ذاتي خيال سمجهندا ھجو پر اوھان ھڪ ھڪ مضمون، ھڪ ھڪ تقرير ۽ ھڪ ھڪ ماڻھوءَ جو جائزو وٺو اوھان کي ائين محسوس ٿيندو فيوڊل پنھنجي مڪمل روپ سان اوھان آڏو بيٺو آھي. مصنف کي خبر ھجڻ گهرجي تہ لفظن کي پنھنجي پنھنجي جبلت، سرفروشي، قدر قيمت ۽ پنھنجي ڪمٽمينٽ ۽ معنيٰ ھوندي آھي پر ائين ڇو آھي تہ لفظ ۽ مصنف ٻئي ھڪ ٻئي کان الڳ آھن، انھن جو ھڪ ٻئي تي ڀروسو ڪونھي. اھا تند ڪٿي آھي جيڪا تلوارن سان وڙھي. اھو رويو بي ڌيانيءَ جي ڪري تہ نہ ٿو ٿي سگهي. اچو تہ ان سموري موضوع کي بلڪل شروع کان سمجهڻ شروع ڪيون. دراصل جديد دنيا جيڪا ھڪٻئي جي گهڻو ويجهو آئي آھي، اطلاعات ۽ معلومات جا ذريعا وسيع ٿيا آھن سنڌ جي گهڻائي ٻھراڙيءَ ۾ رھي ٿي، سندن زندگيءَ جو دارو مدار قدرتي وسيلن درياءُ پھاڙن، مال مويشي، ڍنڍن ۽ زمين جي پيداوار تي آھي. صنعتڪاري جھڙي قسم جي آھي ان مان فيوڊل کي ڪو خوف خطرو ڪونھي، لحاظہ عوامي پيداواري اثاثن جو اڪيلو مالڪ فيوڊل آھي جنھن لاءِ ضروري آھي تہ انجو وجود ڪلاس بجاءِ ذھني ڪيفيت بنائي ھر ھنڌ حاضر ۽ موجود ھجي. پاڪستان جديد دنيا جي فيوڊل رياست آھي ۽ اسين سڀ انجا مراعتي آفتہ. پاڪستان ۾ لينڊ رفارم آڏو فيوڊل ئي آھي، جنھن ڪري ھر ڏينھن مقامي ھاري پنھنجي زمين کان محروم ٿي رھيو آھي. ان جو نتيجو مقامي سطح تي خودڪشين جو وڌڻ آھي. بدين جو ھڪ ڳوٺ، ڪيترن ڏينھن جو لاش وڻ تي لٽڪيل آھي، غربت ھن جي آرپار ھن کي مرڻ تي مجبور ڪيو ھو، ھن جي ٻارن ڪيترن ڏينھن کان ڪجهہ نہ کاڌو ھو، ھن جي زمين ڪيترن ڏينھن کان پاڻي نہ ڏٺو ھو. ھي زمين سان گڏ ويران ٿي ويو ھو. ھن مٿان قرضن جو ايترو ٻوجهہ ھو جو ھن اڳيان ھڪ ئي رستو بچيو ھو. ماڻھو ھن مٿان کِلي رھيا ھئا، حقارت سان ڏسي رھيا ھئا، ھن جي جيئڻ جا سمورا در بند ٿيندا ويا، ھي بزدل نہ ھو، ھن سموري زندگي مقابلو ڪندي گذاري پر ھاڻ شايد ٿڪجي پيو ھو.

درياءُ، منھنجو مرشد-38

موجودہ سنڌ جو بنيادي سوال ڪھڙو آھي؟ اوھان پوري طرح زندھہ ھجو، اوھانجا درياءُ، سمنڊ پھاڙ، ٻيلا، زمين، اوھان جي آزادي، خوشحالي پوري طرح سلامت ھجي، مون جنھن طرح جي وضاحت ڪئي آھي يا جنھن سوال جو ذڪر ڪيو آھي اھوصحيح معنيٰ ۾ اڄ جنھن قدر اھم آھي اڳ نہ ھو. ھن سوال کي مخصوص جذبات يا قومپرستيءَ واري ذاويي کان سمجهڻ جي بجاءِ خالص انساني، ماحولياتي ۽ تاريخي نقطہ نظر سان ڏسڻ جي ضرورت آھي. ھڪ وقت ھو جو سنڌي سماج انساني، ماحولياتي آسودگيءَ جو شاندار نمونو ھو، متحرڪ ۽ رواني سان وھندڙ درياءُ، بيشمار ڍنڍون ۽ ان ۾ موجود آبي حيات، ميون سان ڳتيل باغ، لاتعداد پکين جا ولر، گَھرا گهاٽا ٻيلا، جانورن جا چراگاھہ، ٿر جا مور، قدرتي حياتيات، نباتات سان ڀرپور سنڌ جا پھاڙ، صاف سُٿرا واھہ، نديون، ڪچن سرن تي ٻڌل آسودا ڳوٺ ۽ ماڻھن جون ھڪ ٻئي سان روايتي دوستيون، سنڌ جو اھو دور اضافي دولت يا اضافي پيداوار ڪري آسودو چئي سگهجي ٿو،، پر پوءِ اھڙو ڇا ٿيو جو سنڌ ھر طرح کان ھڪ محروم، مفلس، بد انتظامي، لوٽ کسوٽ ۽ ڏوھارين جي چنبي ۾ اچي وئي. ھندوستان جي تاريخي خاڪي ۾ ڪارل مارڪس ان سوال جو ان طرح جائزو ورتو آھي، مارڪس جي دعوا آھي تہ (ھندوستان ۾ برطانوي سلطنت جي بنياد ويڙھايو ۽ حڪومت ڪيو تي قائم آھي) مارڪس جي اھا ڳالھہ بلڪل درست آھي. جنھن سان ائين ٿيو تہ مختلف جاگيردارن جي مقامي جائداد وڌيڪ محفوظ ٿي، جنھن سان ديسي دلال پيدا ڪرڻ ۾ آساني ٿي. راجائن مان ڪن کي جاگيرون ڏئي مضبوط ڪيو تہ ڪن کي ڪمزور، جي ڏسجي تہ ھن وقت بہ سنڌ جي ڪجهہ جاگيردار گهراڻن جي آمدنيءَ جا ذريعا زمين آھي، 1853 ۾ انگريزن ھندوستان جي ڪجهہ وفادار جاگيردارن مٿان ٽيڪس معاف ڪيو تہ جيئن اھي ھندوستان جي عوام کي ڪنٽرول ڪري سگهن. ھن وقت جي سنڌ جي سوال جو جائزو وٺجي تہ اھو لڳ ڀڳ ساڳيو ئي آھي جيڪو 1853 ۾ ھو. سنڌ جو ماڻھو سنڌ جي زمين جي ملڪيتي حق کان محروم آھي، سنڌ جي جاگيردارن جي آمدني تي ڪو ٽيڪس ڪونھي، بلڪہ ملڪ جو بيحد مراعتي ڪلاس گذريل 70 سالن کان اقتدار ۾ آھي، جيڪو ھن وقت تائين نہ زمين جي ملڪيتي حد جو تعين ڪري سگهيو آھي نہ زرعي اصلاحات ڪرڻ لاءِ تيار آھي ۽ نہ وسائل جي تقسيم جو ڪو خاڪو ڏئي سگهيو آھي. سنڌ ۾ جھڙي طرح پيداواري عمل ۾ نوان ماڻھو داخل ٿي رھيا آھن ان سان ھڪ ڪلاس وڌيڪ خونخوار ٿيندو وڃي ٿو جنھن جو مثال ڪچي ۾ ٿيندڙ ڏوھہ آھن، سنڌ جي زمين مٿان سنڌين جو پھريون حق آھي.

درياءُ، منھنجو مرشد-39

ڪي فور منصوبو، سفيد هاٿي:
اقوام متحدہ طرفان دنيا ۾ ترقيءَ جي لاءِ سترنھن پائيدار ترقيءَ جا هدف مقرر ڪيل آهن. انھن ۾ ڇھون هدف پاڻيءَ جو آهي. انھيءَ هدف هيٺ دنيا جي هر ماڻھوءَ کي 2030ع تائين صاف ۽ سٿرو پاڻي مھيا ڪرڻ جو چيو ويو آهي. اسان جي ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ تہ صاف ۽ سٿرو پيئڻ جو پاڻي تہ پري جي ڳالھہ، پر پيئڻ جو پاڻي بہ ميسر نہ آهي. هڪ تحقيق مطابق سنڌ ۾ جر جو پاڻي پيئڻ جي لائق نہ آهي. انھيءِ ڪري سنڌ جي ماڻھن جو پيئڻ جي پاڻيءَ جو دارومدار سنڌو درياءُ ۽ ان مان نڪرندڙ واهن ۽ شاخن تي آهي. انھيءِ پاڻي ۾ گدلاڻ ايتري وڌي وئي آهي جو اهو پڻ استعمال جي لائق نہ رهيو آهي. انھيءَ جو تازو مثال حيدرآباد جي ميئر طرفان آبپاشي کاتي کي لکيل خط آهي. هڪ طرف پيئڻ جي پاڻيءَ جا وسيلا محدود ٿيندا ٿا وڃن تہ ٻئي طرف وري ملڪي آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌارو ٿي رهيو آهي. انھيءِ ڪري پيئڻ جو پاڻي اهم ۽ وڏو مسئلو ٿي ويو آهي. سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ ڪراچيءَ ۾ تہ اهو مسئلو نھايت ڳنڀير صورتحال اختيار ڪري ويو آهي. تازو اخبارن ۾ ڪراچيءَ کي پاڻي پھچائڻ لاءِ حڪومت طرفان اعلانيل ڪي فور منصوبي متعلق حڪومت تي سست روي جو مظاهرو ڪرڻ جو بھتان هنيو ويو آهي. (ڊان ڪراچي، بزنس ۽ فائننس 15 کان 20 اپريل 2024). اچو تہ ڏسون ڪي فور منصوبو ڇا آهي. ڪي فور منصوبو 2012 ۾ ڪراچي واٽر بورڊ طرفان پيش ڪيو ويو هو. انھيءَ منصوبي تحت 1200 ڪيوسڪ پاڻي وڌيڪ گهريو ويو هو. جيڪو 650 ملين گيلن روزانو پاڻي ٿئي ٿو. اهو منصوبو رولڙي جو شڪار رهيو ۽ هاڻي وري هڪ دفعو ٻيھر اهميت اختيار ڪري ويو آهي. ڪوٽڙي بئراج ٺھڻ وقت ڪراچيءَ لاءِ 500 ڪيوسڪ پاڻي مقرر ڪيو ويو هو. 1988 ۾ جنرل ضياع الحق طرفان ڪراچيءَ لاءِ وڌيڪ 700 ڪيوسڪ پاڻي منظور ڪيو ويو. ڪراچيءَ کي پاڻي ڪوٽڙي بئراج مان نڪرندڙ واھہ ڪلري بگهاڙ فيڊر ذريعي ڏنو ويندو آهي. انھيءَ واھہ جي وڌ ۾ وڌ پاڻيءَ جي کڻڻ جي سگهہ 9100 ڪيوسڪ آهي ۽ 700 ڪيوسڪ ڪراچيءَ لاءِ منظور ٿيڻ کانپوءِ اها حد 9800 ڪيوسڪ ٿي وئي. جيئن تہ مذڪورہ واھہ ڪڏهن بہ 7500 ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي نہ کنيو هو، انھيءَ ڪري ان جي پاڻي کڻڻ جي سگهہ وڌائڻ لاءِ 1988 ۾ ميڪڊونالڊ ۽ پاٽنرس کان اڀياس ڪرايو ويو. انھيءَ اڀياس جي روشنيءَ ۾ کاتي طرفان 2005 کان 2007 تائين ڪلري بگهاڙ فيڊر ۽ ڪينجهر ڍنڍ تي ٻہ ارب روپين جي لاڳت سان مختلف ڪم ڪرايا ويا. ايڏي وڏي رقم خرچ ڪرڻ باوجود مذڪورہ واھہ جي پاڻي کڻڻ جي سگهہ اها ساڳي رهي. هڪ طرف ڪلري بگهاڙ فيڊر واھہ ۾ پاڻي کڻڻ جي سگهہ نہ وڌي تہ ٻي طرف ڪينجهر مان 1200 ڪيوسڪ جو واھہ ڪڍي، ڪراچيءَ کي پاڻي ڏنو پيو وڃي. اهو پاڻي ٺٽي ضلعي جي زرعي زمين جو پاڻي آهي. پاڻيءَ جي کوٽ ڪري ٺٽو ضلعو جيڪو ڪيلي جي پوک جو بادشاھہ سمجهيو ويندو هو، انھيءَ جي بادشاهت ختم ٿي وئي. شاخن جي پوڇڙين ۾ پاڻي نہ اچڻ ڪري جر جو پاڻي سمنڊ جي پاڻيءَ جي اثر هيٺ کارو ٿي ويو آهي ۽ ساڳئي وقت سم ۽ ڪلر جو آزار پڻ وڌڻ لڳو آهي.

ڪي فور جو پس منظر:
مون مٿي ذڪر ڪيو آهي تہ 2012 ۾ اهو منصوبو ٽن مرحلن ۾ مڪمل ٿيڻو هو. شروعاتي طور ڪينجهر ڍنڍ مان ڪراچيءَ لاءِ ٺھيل واھہ جي آس پاس هڪ نئون واھ ڪڍڻ ۽ ان کي هڏيرو ڍنڍ ۽ هاليجي ڍنڍ سان ملائڻ کانپوءِ اڳتي کڻي وڃي پمپنگ اسٽيشن ذريعي ڪراچيءَ کي پاڻي پھچائڻ شامل هو. هاڻي اهو منصوبو ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. پھرين مرحلي ۾ 500 ڪيوسڪ پاڻي ڪراچيءَ ۾ بحريا ٽائون ۽ ٻين ٺھندڙ نين رهائشي علائقن کي پھچائڻ لاءِ ڪجهہ سال اڳ ۾ حڪومت طرفان چوويھ ارب روپين جي لاڳت سان ڪينجهر ڍنڍ مان جهمپير ويجهو هڪ واھہ تي ڪم شروع ڪيو ويو. واھہ جو ڪافي حصو ٺھي ويو هو تہ جبلن تي وسندڙ پھرين برسات ۾ ان واھہ جو ڪافي حصو يا تہ لڙهي ويو يا وري لَٽجي ويو. ان وقت تائين سرڪار ان ڪم تي يارهن ارب روپيا خرچ ڪري چڪي هئي. انھي نئين صورت حال ۾ ڪم بند ڪيو ويو. سرڪار اهو منصوبو واپڊا وارن جي حوالي ڪيو. واپڊا وارن ڪم کي نئين سري سان ترتيب ڏئي کليل واھہ جي بجاءِ پائيپن رستي پاڻي کڻڻ جو منصوبو 126 ارب روپين جي لاڳت سان تيار ڪيو آهي. انھي منصوبي تي ايندڙ خرچ جو ويھہ سيڪڙو سنڌ حڪومت، چاليھہ سيڪڙو عالمي بينڪ ۽ چاليھہ سيڪڙو ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ ڀريندي. اهو منصوبو 2027 تائين مڪمل ڪرڻو آهي. انھيءَ منصوبي تحت حاصل ٿيندڙ پاڻيءَ جي ورهاست لاءِ ڪراچي واٽر ۽ سيوريج بورڊ چوهتر ارب روپين جي لاڳت سان هڪ الڳ منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ٻي طرف سنڌ حڪومت پنج سئو ڪيوسڪ پاڻيءَ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ ڪلري بگهاڙ فيڊر کي چاليھہ ارب روپين جي لاڳت سان پڪو ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي. انھيءَ منصوبي تي ايندڙ خرچ جو اڌ مرڪزي حڪومت ڀريندي. مرڪزي حڪومت اهو بہ شرط رکيو آهي تہ ڪنھن بہ سبب جي ڪري جيڪڏهن منصوبي جي قيمت ۾ واڌارو ٿيو تہ اها واڌ سنڌ سرڪار ڀريندي. ان سان اهو بہ شرط لاڳو آهي تہ ڪي فور منصوبو مڪمل ٿيڻ تي سنڌ حڪومت پاڻيءَ کي يقيني بنائيندي. ڪي فور جي پھرين مرحلي تي اندازن 240 ارب روپيا خرچ جو ڪاٿو آهي. جيئن تہ سرڪاري منصوبا ڪڏهن بہ شروعاتي ڪاٿي ۽ وقت اندر مڪمل نہ ٿيا آهن. گهڻو ڪري وقت ۾ چاليھہ سيڪڙو ۽ رقم ۾ پنجانوي سيڪڙو واڌ ٿي ويندي آهي. انھيءَ حساب سان هي منصوبو پنجن سالن ۽ اندازن 400 ارب کان مٿي لاڳت سان مڪمل ٿيڻ جو انديشو آهي. ايڏي وڏي لاڳت جي باوجود اهو سوال پنھنجي جاءِ تي اهم آهي تہ ڇا منصوبي لاءِ گهربل واڌو پاڻي، سسٽم مان ملي سگهندو؟ سنڌو درياءَ ۾ پاڻيءَ جي موجودہ صورت حال ۽ ڪوٽڙي بئراج تي گذريل ڪجهہ سالن کان پاڻي آمد جي پيش نظر، اهو ممڪن نٿو لڳي تہ ڪوٽڙي بئراج تي ڪو اضافي پاڻي ايندو، جنھن وسيلي ڪراچيءَ جي پورت ڪئي ويندي. انھيءَ ڪري اهو سڄو بار ڪلري بگهاڙ فيڊر تي پوندو، جيڪو اڳئي گهٽ پاڻيءَ تي هلي رهيو آهي.
ڇا ڪلري بگهاڙ فيڊر کي پڪي ڪرڻ سان اهو پنھنجو منظور ٿيل 9800 ڪيوسڪ پاڻي کڻي سگهندو؟ مون اها ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪوشش ڪئي تہ کاتي طرفان ٺاهيل پي سي ون مان ان جو جواب ڳولھجي. پر افسوس اهو ڪتاب نہ ملي سگهيو. اخبار ۾ آيل خبرن مان اهو محسوس ٿئي ٿو تہ چاليھ ارب روپين جي وڏي رقم صرف پنج سو ڪيوسڪ پاڻي بچائڻ لاءِ خرچ ڪئي پئي وڃي.
ڪي فور جي ٻي مرحلي لاءِ وري ڪوٽڙي بئراج جي کاٻي ڪپ تان نڪرندڙ ٻن مک واهن کي پڪو ڪيو ويندو. انھن ٻنھي مک واهن جي پوڇڙ ۾ پاڻيءَ جي سخت کوٽ آھي. اها عجيب منطق آھي جو واهن کي پڪو ڪري پوڇڙ ۾ پاڻي پھچائڻ بجاءِ بچايل پاڻي ڪراچيءَ کي ڏنو ويندو. کاتي جي ڪارڪردگيءَ کي ڏسندي، اهو هڪ معجزو هوندو جو مذڪورہ واھہ پنھنجو منظور پاڻي 9800 ڪيوسڪ کڻي. واهن کي پڪي ڪرڻ جي مقصدن ۾ هڪ مقصد غيرقانوني واٽر ڪورسن جو خاتمو آهي. ٺٽي ضلعي ۾ جيڪي بہ شاخون پڪيون ٿيون آهن، انھن ۾ غيرقانوني واٽر ڪورس گهٽجڻ بجاءِ وڌي ويا آهن. اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته جلد شاخن جي پوڇڙ ۾ پاڻي کوٽ هڪ ڀيرو ٻيھر ڪر کڻندي. سسٽم مان پاڻي ملي يا نہ، پر هڪ ڳالھہ يقيني آهي تہ ڪي فور جو پھريون مرحلو مڪمل ٿيندو ۽ ڪراچيءَ کي ڪينجهر مان وڌيڪ 500 ڪيوسڪ (270 ملين گيلن روزانو) پاڻي ملندو. اها سڄي کوٽ ٺٽي ضلعي جي آبادگارن /زميندارن کي ڀوڳڻي پوندي. سنڌ آبپاشي کاتي کي انھيءَ ڳالھہ جي وضاحت ڪرڻ گهرجي تہ ڇو ٻہ ارب روپيا خرچ ڪرڻ جي باوجود ڪلري بگهاڙ فيڊر جي پاڻي کڻڻ جي سگهہ نہ وڌي سگهي. منھنجي نظر ۾ ان جو سبب ڪلري بگهاڙ فيڊر جي آر ڊي نوي تي ٺھيل نئين باراڻ سپر پيسيج ۽ آر ڊي 150 کان 189 تائين ڪم نہ ڪرائڻ آهي. نئين باراڻ جي پاڻيءَ کي سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ، ڪي بي فيڊر ۾ ست وڏا بيرل ٺاهي، انھن جي مٿان نئين باراڻ کي رستو ڏنل آهي. وقت گذرڻ سان گڏ انھن بيرلن ۾ لٽ ڄمي وئي آهي ۽ واھہ مان گهربل 9800 ڪيوسڪ پاڻي نٿو گذري. ائين نہ ٿئي جو چاليھہ ارب روپيا خرچ ڪرڻ کانپوءِ بہ صورتحال ساڳي رهي؟ جنھن جي گهڻي اميد آهي.
ڇا ڪراچيءَ کي پاڻي پھچائڻ جو واحد ذريعو سنڌو درياءَ آهي؟ حقيقت ۾ پاڻي پھچائڻ جا ٻيا بہ ڪيترائي ذريعا / وسيلا آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان سنڌو درياءَ تي دٻاءُ گهٽائي سگهجي ٿو. عرب ملڪ جتي مٺي پاڻيءَ جا درياءَ نہ آهن، انھن ڪيئن اهو مسئلو حل ڪيو آهي، اسان کي اوڏانھن بہ ڏسڻ کپي يعني سمنڊ جي پاڻيءَ کي مٺو ڪرڻ جي عمل تي ڌيان ڏيڻ. ان کانسواءِ ڪراچيءَ جي ٻن مک لياري ۽ ملير ندي ۾ ايندڙ برساتي پاڻيءَ کي استعمال ڪرڻ لاءِ جوڳو بندوبست ڪرڻ گهرجي. ڪراچيءَ ۾ هڪ اندازي مطابق 50 ڪروڙ گندو پاڻي روزاني سمنڊ ۾ نيڪال ڪيو وڃي ٿو. انھيءَ گندي پاڻيءَ کي صاف ڪري پيئڻ جي پاڻيءَ کانسواءِ ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. سنڌو درياءَ جي ٻنھي طرف بندن جي وچ ۾ ڪچي واري علائقي ۾ جر جي پاڻيءَ جو وڏو ذخيرو موجود آھي. اهو ذخيرو درياءَ ۾ اٿل ۽ برسات جو پاڻي سيمي ذريعي جر ۾ جمع آهي. جيڪڏهن انھي ذخيري کي استعمال ڪرڻ لاء اپاءَ ورتا وڃن تہ ھوند ڪافي مسئلا حل ٿي وڃن. اها بہ حقيقت آهي تہ ڪراچيءَ کي هن وقت ملندڙ پاڻيءَ جو چاليھہ سيڪڙو کان مٿي حصو ضايع ٿي وڃي ٿو. انھيءَ ضايع ٿيندڙ پاڻيءَ تي ضابطي آڻڻ سان پڻ صورتحال ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي. جيڪڏهن اهو رستي ۾ ذيان نہ روڪيو ويو تہ پوءِ ڪيترا بہ منصوبا ٺھن، ڪراچي جي پاڻيءَ جو مسئلو حل نہ ٿيندو

(انجنيئر اوڀايو خشڪ)

درياءُ، منھنجو مرشد-40

ھي دنيا جي عظيم افسانوي دريائن مان آھي، (مائونٽ پورزيو)
ڪيلاش پربت واري مٿاھين علائقي جي اولھندي پاسي ھڪ مقدس ڍنڍ آھي جنھن کي مانسرور جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو ھتان جي ماڻھن جو خيال آھي تہ سنڌو ھتان وھي نڪري ٿي، ھيءَ ڍنڍ اتر ھندوستان جي ٻن ٽن وڏين نئين جو آبي ذريعو پڻ آھي، ھتان کان ھي چئن رخن ۾ وھي ھلن ٿيون، ھڪ ڏند ڪٿا آھي تہ چار نديون مختلف مقدس جانورن جي وات مان نڪري چئن مکيہ طرفن ڏانھن وينديون آھن. برھمپترا، گهوڙي جي وات مان نڪري اوڀر ڏانھن رخ ڪري ٿي، گنگا مور، جي وات مان نڪري ڏکڻ طرف وھي ٿي، ستلج، ھاٿيءَ جي وات مان وھي اولھندي رخ ڪري ٿي، جڏھن تہ سنڌو، شينھن جي وات مان نڪري اتر ڏانھن وھي ٿي. (سنڌو شينھن درياءُ. جين فيئرلي) ڪيلاش پربت جي ماڻھن جو خيال آھي تہ ڪيلاش پربت سموري ڪائنات جو مرڪزي نقطو آھي جتي شيو ڀڳوان ڊنبرو وڄائيندو رھي ٿو. مسٽر فيئرلي پنھنجي ڪتاب سنڌو شينھن درياءَ جي ھڪ باب ”شير کي لغام“ ۾ تربيلا ڊيم جو ذڪر ڪندي لکيو آھي تہ تربيلا جتي ڊيم ٺاھڻ جو امڪان ھو اتان جي زمين بيحد زرخيز ھئي، وسيع ايراضي کي قربان ڪرڻ سان حڪومت کي مزاحمت جو منھن ڏسڻو پيو ھو، 1952 ھڪ پاڪستاني انجنيئر لکيو تہ جڏھن اسان سنڌوءَ کان ٽي ميل کن مٿي وياسيون تہ گوليون ڪڙڪاٽ ڪنديون اسان جي سرن مٿان گذري ويون، جيڪي مقامي قبائلين سنڌ جي ٻئي ڪٺار تان اسان تي ھلايون ھيون، اھو اڳتي وڌڻ خلاف چتاءُ ھو. ڊيم جي ان پھلوءَ کي ڪڏھن نظر ۾ ئي ڪو نہ رکيو ويو ھوتہ عام ماڻھوءَ کي ان جي ڪھڙي قيمت چڪائڻي پوندي. ماحوليات جي ماھرن جو چوڻ آھي تہ ڊيم جي تعمير مان ائين سمجهڻ کپي تہ دنيا جي ھڪ حصي ۾ ماحولياتي تبديلي اچي رھي آھي. تربيلا ڊيم لاءِ سنڌوءَ جي پاڻيءَ جو پنجاھہ ميل وڏو تلاءِ تيار ڪرڻ لاءِ چار ملين گز ڪنڪريٽ، 200 ملين فوٽ مٽي ۽ پٿرن جي ضرورت پوي ٿي ۽ يارنھن لک ملين ايڪڙ فوٽ پاڻيءَ جو ذخيرو دنيا جي ھڪ حصي تي بيحد خطرناڪ ماحولياتي اثر ڇڏي ٿو، جنھن سان تربيلا جا ڪيترا ڳوٺ ۽ گهٽ ۾ گهٽ 80 ھزار ماڻھو بي گهر ٿيا ۽ ھڪ لک ڀلي زرعي زمين جي وڏي ايراضي پاڻي ھيٺ اچي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ ڊيم جي اوسي پاسي ۾ رھندڙ ماڻھن جي زندگيءَ ۾ ھڪ اچرج جھڙي تبديلي اڻٽر ھئي. جيڪي ماڻھو لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا، انھن مان ڪيترا ماڻھو ذھني صلاحيت وڃائي ويٺا. تربيلا ڊيم جو ٺيڪو امپريگو آف ملان اٽالين ۽ فرينچ ڪنسورشيم کي 1.497 بلين ڊالرس جي قيمت تي ڏنو ويو. مان ھتي جيڪا بنيادي ڳالھہ چوڻ چاھيان ٿو اھا آھي تہ سرمائيدارانہ وڏا منصوبا دراصل مقامي ماڻھن سان نفرت جو اظھار ھوندا آھن.

درياءُ، منھنجو مرشد-41

برنس ۽ ووڊ ٻہ انگريز سنڌوءَ جي اوڀارئين رخ کي ھاڪارڻ کان ھڪ سال پوءِ سن 1837ع ۾ سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جتي سنڌو ڊيلٽا ٺاھي ٿي جي مشاھدي لاءِ ھڪ سروي مشن موڪليو، جنھن کي سنڌوءَ جي ڇاڙ وارن علائقن جو جائزو وٺڻو ھو. انھن جي بقول سنڌو يارنھن ڦاٽن وسيلي سمونڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي جن مان ٽي ڇاڙ وڏا آھن، ھر ھڪ ڇاڙ جو پنھنجو پنھنجو نالو آھي. پئريٽ (سنڌي ٻوليءَ ۾ طوطو ڦاٽ) ڇاڪاڻ تہ جڏھن ٻيڙائت ھن وھڪري ۾ داخل ٿيندا ھئا تہ ھڪ بزرگ جي نالي سان ھڪ طوطو ڪھي قربان ڪندا ھئا، انھن مان ٻيا ڪجهہ جا نالا ھي ھئا، گهارو، پيٽي، پتياڻي، جونا، رچل مائوٿ، ھجام رائو، گهوڙو، سيام، مٺي، بگانا، نير، مڱريو، سيتا، پئياري، سير ۽ ڪوري. (سنڌو شينھن درياءُ.جين فيئرلي) سنڌوءَ جي ڇوڙ وارن علائقن ۾ ھاڻ مٿي ڏنل ڇاڙ يا ڦاٽن کي سڃاڻڻ ڏاڍو ڏکيو آھي ان ۾ پئياري ۽ ڦليلي واھہ جيڪي اسان پنھنجي سانڀر ۾ ڏٺا جن ۾ شھر جو گندو پاڻي ڇوڙ ڪري ٿو جيڪي ھاڻ آلودہ ٿي ويا آھن. انھن ڇاڙن جي ختم ٿيڻ سان سمنڊ ڏسندي ڏسندي مٿي چڙھي آيو آھي، ان دور کان اڄ تائين سمنڊ اڳتي سُري اچڻ ڪري ڪيترن شھرن کي تباھہ ڪيو آھي، سڄيون سڄيون انساني آباديون ختم ٿيون، امڪان آھي تہ ڀنڀور جيڪو سنڌوءَ جي ھڪ پراڻي ڦاٽ جي ڇوڙ وٽ آھي، سمنڊ جي چاڙھہ يا پنھنجو پاسو مٽائن سبب تباھہ ٿيو جيڪو اڄ بہ راز بڻيل آھي. انڊس ڊيلٽا ڪڏھن ٽي ھزار ھم چورس ميل تي پکڙيل ھڪ سنئون سڌو پٽ ھو، جتي سنڌو جڏھن ۽ جيڏانھن وڻندو ھئس تيڏانھن آر ڪندو ھو، ھڪڙن کي سائو ڪندو ھو تہ ٻين کي سُڪائيندو ھو، ھڪڙا شھر آباد ڪندو تہ ٻيا ويران ڪندو ھو. سنڌو درياءَ جو ڊيلٽا دنيا جي ڪجهہ قديم ۽ وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل آھي جيڪا ھن وقت شديد خطري ۾ آھي. سنڌو درياءُ محض سمنڊ ۾ ڇوڙ نہ ٿو ڪري پر ان جڳھہ تي ھڪ زندگي پيدا ڪري ٿو. ڊيلٽا سمنڊ لاءِ ايڪالاجي سائيڪل جوڙي ٿو جيڪو سامونڊي حيات لاءِ بيحد ضروري آھي. سنڌو درياءَ جا آڳاٽا ڇاڙ انھن مان اڪثر ختم ٿي ويا آھن. پئياري ۽ ڦليلي واھہ مڪمل آلودہ ٿي چڪا آھن ھي منھنجو خيال آھي تہ سنڌو درياءَ جا جيترا ڇاڙ ھئا ڊيلٽا ان قدر آسودي ھئي، سنڌ جي ڊيلٽا جهينگا، مڇين جي مختلف قسم جي افزائش لاءِ بھترين ماحول فراھم ڪري ٿي، مان انڊس ڊيلٽا جي باري ۾ جيترو سوچيندو رھيس اوترو ئي مون تي واضع ٿيندو ويو تہ 480 ملين گيلن آلودہ پاڻي جيڪو ڪراچيءَ جي اڌ آباديءَ کي ٻوڙڻ لاءِ ڪافي آھي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿئي ٿو، ھي تہ ڪنھن جي بہ زندگي ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي پوءِ سامونڊي حيات ھجي يا تمر جا ٻيلا. سنڌ جي ڊيلٽا ۾ ماڻھن جي غربت جو تناسب وڌڻ جو سبب معلوم ڪرڻ سان ان ڳالھہ جي خبر پئي تہ جهينگي جي نرسري تمر جي وڻ جي خاتمي ڪري ختم ٿي آھي. ھڪ مھاڻي اندر پورو سمنڊ ۽ پورو درياءُ ھجي ٿو. مھاڻو ھڪ ئي ھنر ڄاڻي، مڇي پڪڙڻ. جيڪا شئي بہ ھاڻ انجي ھٿن مان نڪرندي وڃي ٿي. گذريل سال 1.2 ملين مقامي ماڻھو جن ۾ اڪثريت مھاڻن جي آھي انڊس ڊيلٽا کان ڪراچي شھر جي مختلف سستن علائقن ڏانھن لڏي ويا. جتي جون سوڙھيون گهٽيون گَھري کوھہ واري اونداھيءَ جو ڏيک ڏين ٿيون. ھي مھاڻا ھاڻ مختلف مڇي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين کان ھول سيل جي اگهہ تي مڇي خريد ڪري گهر گهر وڃي ھوڪا ڏين ٿا.

درياءُ، منھنجو مرشد-42

سنڌو شينھن درياءُ، شينھن جو وات، شينھن کي لغام، شينھن جو وسعتن ۾ پکڙجڻ، ھي اھي نالا آھن جيڪي ھڪ انگريز جين فيئرلي پنھنجي ڪتاب سنڌو شينھن درياءَ ۾ ڪيترا ڀيرا ڪتب آندا آھن، جيڪي ھن اسانجي ٻاجهاري درياءُ متعلق استعمال ڪيا آھن. شينھن جي جبلت ۾ شڪار ڪرڻ آھي، مارڻ چيرڻ ڦاڙڻ آھي. ھي وحشت جي نشاني آھي جنھن کي سنڌو درياءَ سان منسلڪ ڪري دراصل ان سان پيار ڪرڻ، انجي درد کي سمجهڻ ۽ انجي ٻاجهاري ھجڻ واري ڪيفيت کي ڌنڌلو ڪرڻ آھي. مان گوري فيئرلي جي پنھنجي سنڌو درياءُ متعلق شينھن واري سڃاڻپ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناھيان ۽ نہ عاجزي کي مان پنھنجي ڪمزوري سمجهان ٿو. سونھن ۽ ٻاجهاري جي انتھائي حد ڪھڙي ھجي ٿي؟ منھنجو درياءَ جي سونھن ڀريو ۽ ٻاجهارو آھي تہ اھو شينھن ڪيئن ٿو ٿي سگهي يا اھڙي ڪنھن بہ نسبت سان ڪيئن ٿو جوڙي سگهجي، فيئرلي جو کڻي اھو مطلب ھجي تہ سنڌو درياءَ جي وھڪري ۾ شينھن واري دھشت آھي تہ اھو جملو بہ تھذيب ۽ سڀيتا جي تصور جي ئي خلاف آھي. ھي ڪنھن بہ سادي شي کي پيچيدہ ۽ منجهائي ڪري پيش ڪرڻ آھي، جنھن کي سمجهڻ بيحد ضروري آھي، مان پنھنجي سڃاڻپ واضع ڪيان ٿو ۽ پنھنجو ڪردار بہ، مان جيڪو ڪجهہ آھيان سنڌو درياءُ ڪري آھيان اھا منھنجي سڃاڻپ آھي ۽ اھو منھنجو علم بہ. سنڌو درياءَ جي تھذيب جو بنياد اشتراڪيت تي ٻڌل ھو، گڏيل شڪار، گڏيل کيتي، گڏيل کوھہ، اجتمائي تلاءِ، ھڪجھڙا گهر ۽ سڀ جو شھر، سڀ لاءِ عزت، وڻن سان پيار جيتن جانورن جو خيال، سڀ کان وڌيڪ اھم ڳالھہ پاڻيءَ لاءِ احترام. ھي اھي قدر آھن جيڪي ان وقت جي سنڌو تھذيب کي شاندار بنائن ٿا. جڏھن انگريزن ھندوستان تي قبضو ڪيو، اھي پاڻ سان گڏ اھا نفسيات بہ کڻي آيا جيڪا ھڪ ڦوروءَ جي ھوندي آھي، ھڪ وحشيءَ جي ھوندي آھي، ھنن ان سوچ کي ھندوستان ۾ متعارف ڪرايو. گورا انصاف پسند آھن، ھي جديديت جي علامت آھن، ھنن روڊ رستا ۽ ريلوي جو نظام ڏنو، ھنن زندگي گذارڻ جو ظابطہ حيات ڏنو ۽ ٻيو گهڻو ڪجهہ ۽ ان خيال کي تقويت پھچائي تہ اھي گورا آھن جن مقامي ماڻھوءَ کي انسان ٺاھيو بلڪہ مھذب ڪيو، انھن کي گهر ٺاھڻ سيکاريو، سگار ۽ سگريٽ کان واقف ڪيو، شڪار جا گُر سيکاريا، ڇاڪاڻ تہ گورا ذھين آھن تنھن ڪري انھن کي ڪارن مٿان راڄ ڪرڻ جو پورو اڌيڪار آھي. ھنن اسان لاءِ ائين بہ چيو تہ اسان جديد دنيا کان گهڻو پوئتي آھيون، اسان وٽ جديد ھٿيار ناھن، سامونڊي ٻيڙا ناھن، منظم فوج ناھي، ھڪ مھذب قوم جو ان طرح جو بيانو دراصل ان قوم مٿان نفسياتي قبضو ڪرڻ ھوندو آھي، جڏھن تہ ڪنھن بہ قوم جو اھڙو بيانيو بار بار دھرائڻ سان اھا قوم پنھنجي صلاحيت تي شڪ ڪرڻ لڳي ٿي، آھستي آھستي اھا ڳالھہ قبول ڪري وٺي ٿي تہ واقعي بہ جديد دنيا جي نسبت اھي ڪيترن قدرن ۽ صلاحيتن کان محروم آھن. اھا ڳالھہ ان جي اندر ۾ گهر ڪري وڃي ٿي، پوءِ غلاميءَ کي ئي پنھنجي نجات سمجهڻ شروع ڪن ٿا. ان بنياد تي انگريزن ھندوستان تي ھڪ صديءَ کان مٿي راڄ ڪيو. جڏھن تہ حقيقت اھا آھي تہ سنڌي انگريزن کان وڌيڪ مھذب ۽ شاندار زندگي گذارڻ وارا ماڻھو ھئا. ڪنھن بہ ڪلچر کي ختم ڪرڻو ھوندو آھي تہ انھن جي سموري تاريخ کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي ويندي آھي، جيڪا فاشزم جي ھڪ صورت آھي، جيئن ھاڻ فلسطين ۾ اسرائيل ڪري رھيو آھي. پاڪستان ڪالونيل دور جي جديد شڪل آھي، گورن جي جاءَ ڪارن والاري جنھن سان مقامي ماڻھن جي زندگيءَ ۾ ڪو بدلاءُ نہ آيو آھي. ڪالونيل دور جي نفسيات ڪھڙي ٿئي ٿي، جيولاجيڪل خوف (فيئر) ۽ ڪلچرل فرسٽريشن. مان ھتي انھن جي وضاحت ائين ڪرڻ چاھيندس تہ ماڻھوءَ جو ماڻھوءَ کان، ملڪ جو ملڪ کان، علاقائي جيولاجيڪل متڀيد ۽ خوف ۾ مبتلا ڪرڻ تہ جيئن سامراج جي ھٿيارن جي کپت جاري رھي ۽ مقامي طور ماڻھو خوف ۾ مبتلا ھجن، مقامي لوڪ ادب، ٻولي، ثقافتي ھم آھنگي مقامي ماڻھن کي ان حق کان محروم رکڻ ۽ پنھنجو غير جمھوري ۽ غير سياسي بيانيو ٿوپڻ سان ڪلچرل فرسٽريشن جو جنم وٺڻ، جنھن سان انساني آزاديءَ جا مفھوم تبديل ٿي وڃن ٿا ماڻھو ذھني غلام بنجي وڃن ٿا. مان پنھنجي ھن نوٽس ۾ جنھن بنيادي ڳالھہ جي نشاندھي ڪرڻ چاھيان ٿو تہ درياءُ تھذيب جا خالق ھجن ٿا، اھو انفرادي ۽ مريضاڻو خيال آھي تہ ھڪ متحرڪ سونھن، سخا واري درياءَ جي ڀيٽ ڪنھن وحشيءَ سان ڪجي. شينھن، شاھين ھي گورن جي بادشاھت يا ايمپاير جا نشان آھن جيڪي ساھوارن جو شڪار ڪن ٿا. ھي ھڪ طرح جي حاڪميت يا جابر نفسيات آھي جيڪا سنڌو درياءَ جي تھذيب سان بلڪل نہ ٿي ٺھڪي، جيڪا نفسيات انگريز پاڻ سان کڻي آيو ھو، جنھن سنڌ جي ڪلچر سان پيوند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن ۾ پوءِ ناڪام ٿيو. سنڌو درياءَ جي تھذيب ۽ انجي سڃاڻپ ڪھڙي آھي؟ ھي آھي بنيادي سوال. سنڌو سرسوتيءَ جي روپ ۾ ڪنول جي گُل تي سوار آھي، ساز ۾ ستار ۽ سندس چوگرد مور آھن، ھيءَ آھي سنڌ جي تھذيب ۽ سڃاڻپ يا اڏيرو لعل جنھن کي جهولي لعل ۽ خواجہ خضر چون پلي تي سواري ڪندي ڏيکايو ويو آھي، ھي آھي اسانجي تاريخ ۽ اسانجي تھذيب، درياءُ شينھن ٿي ئي نہ ٿا سگهن، اھي مرشد آھن، استاد آھن يا رھنما آھن.

درياءُ، منھنجو مرشد-43

سياسي مجبورين ۽ مصلحتن جو مطلب ڇا آھي؟ ھڪ اھڙي سنڌ جنھن کي پنھنجو درياءُ ۽ پنھنجو سمنڊ آھي، اھا قوم ڪيئن ٿي غريب ٿي سگهي؟ پنھنجو سمنڊ ۽ پنھنجو درياءُ ھجڻ جي باوجود اميدن جي ننڍڙن ننڍڙن ذرن لاءِ ھٿ پير ھڻندي ماڻھن جي ڄمار گذري وڃي يا اھڙا واقعا جيڪي بي رحميءَ سان اوھانجو رستو روڪي اوھان کان اوھانجو مذھب، نسل ۽ ذات پڇي اوھان کي مارڻ ساڙڻ جلائڻ لاءِ تيار ٿي وڃن يا ھي موجودہ اقتداري چھرا جيڪي ھڪٻئي کان مختلف ناھن. بي پناھہ منافعي ۽ فائدي لاءِ ھڪ سياسي منصوبي تحت ميدان تي لٿل آھن، يا ھي اسانجي ميڊيا ۽ اسٽوري ميڪر ۽ ڪاروبار ڪندڙ اسانجا محافظ جيڪي فاشزم جي منظم شڪل آھن، دراصل ھي سڀ بنيادي مُرڪب آھن عوام جي طويل بدقسمتيءَ جا. جي ڏسجي تہ سياسي مصلحت ۽ مجبوريءَ جي لڪير ھتان کان شروع ٿئي ٿي. ھن وقت جي حالتن ۾ مونکي ائين لڳندو آھي تہ ماڻھن کي ذھني طرح غريب رکڻ لاءِ عوام سان نفسياتي ويڙھہ وڙھي پئي وڃي مثلن. (پھرين پاڪستان) (پاڪستان جو مطلب ڇا؟) ترقي پسند، قدامت پسند، لبرل، جمھوريت پسند، قومپرست، سرڪاري غير سرڪاري قوم، مذھب، پاڙو قبيلو، ذات پات ۽ اھڙا ٻيا ڪيترا لفظ ۽ مھاورا دراصل پاڪستان جي معاشي آزاديءَ جي نسبت جديد نو آباديات غلامي واري خيال کي جيئن جو تيئن قائم رکڻ لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن. ھي ان سچائيءَ کي لڪائڻ جي ڪوشش آھي تہ عوام ئي دراصل اقتدار اعليٰ جو مالڪ آھي. لفظن جي جنگ ۾ عوام حيران پريشان آھي تہ ھي ڇا ڪري؟ ڪيڏانھن وڃي. خاموشيءَ وارو رد عمل ۽ ڪا بہ ٻڙڪ ٻاھر نہ ڪڍڻ ستم ظريفي کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ جي ڪارڻ اسين سڀ ذاتي مصلحتن، مفادن ۽ مجبورين ۾ رھڻ جا عادي ٿي ويا آھيون. ان ڳالھہ جو اظھار ڪرڻ گهرجي تہ رياست سان گڏ اسان بہ مصلحتن جو شڪار آھيون. اسان نہ پوري طرح قديم ماڻھو آھيون نہ جديد، اڄ بہ ڪاڇي ۽ ٿر جي ڳوٺن جي آباديءَ جا گهڻا ماڻھو ايترا غريب ۽ اڻ پڙھيل آھن جو ملڪ جي سماجي ڍانچي جو سراسري اندازو بہ نہ ٿا لڳائي سگهن. انھن کي ان ڳالھہ جي ڄاڻ ئي ناھي تہ رياست ڪھڙي شئي آھي؟ ان جا ڪھڙا فرض آھن؟ ھي اھڙي ريت غريب ڇو آھن جو اميدن جي ننڍن ننڍن ذرن لاءِ مري رھيا ھجن. تہ پوءِ ھي رياست پاڪستان جو حصو ڪھڙيءَ ريت آھن؟ ھي ڪمزور آھن تہ ڇو آھن؟ ھنن جي شناخت ڪھڙي آھي؟ ھي ائين تقسيم ڇو آھن، ھنن جا درياءَ، ڍنڍون، ٻيلا، زمينون، گهر، پاڙا، ڳوٺ، ھنر، پکي، جانور ڪيڏانھن ويا. دراصل اسانجي برانڊ جي جمھوريت ۾ قومن جي شناخت، ٻولي، ادب، آزادي، خوشحالي ناھي ڏٺي ويندي، انھن جا وسيلا، درياءَ، سمنڊ، ٻيلا. زمين، معدنيات ڏٺا ويندا آھن جنھن سبب ھي فاشزم قائم آھي. منھنجو خيال آھي تہ اسان پنھنجي دولت سان جيڪو ڪجهہ ڪيو آھي ان کانپوءِ ھاڻ ننڍڙن ننڍڙن ذرن لاءِ ھٿ پير ھڻڻ کان اڳتي مرڻ جي حد تائين پھتل آھيون، اسان ماڻھو آھيون جن پنھنجن بي شمار خواھشن ۽ مفادن ڪري سنڌو درياءَ مٿان ڊيم ٺاھي ان کي پنھنجي قدرتي وھڪري کان محروم ڪيو، اسان ئي آھيون جنھن فطرت جي سموري ماحول کي برباديءَ طرف ڌڪيو آھي. اسان ئي آھيون جيڪي مصلحتن جو شڪار آھيون ۽ پنھنجي حصي جي حقن لاءِ خاموش آھيون. ڪيترا سال اڳ روزہ لگزمبرڪ چيو ھو تہ انساني سماج آڏو واحد انتخاب بربيت يا سماجواد کان علاوہ ٻيو ڪجهہ بہ ناھي.

درياءُ، منھنجو مرشد-44

مونکي ٻن مان ڪنھن ھڪ سنڌو درياءَ يا سنڌ جي انتخاب جو موقعو ملي تہ مان سنڌو درياءَ جو انتخاب ڪندس. ھي سنڌ جي زندھہ رھڻ لاءِ بيحد ضروري آھي، زندھ رھڻ جا ٻيا ڪيترا سبب ۽ امڪان ٿي سگهن ٿا پر اھا ئي حقيقت آھي تہ سنڌ سنڌو درياءَ کانسواءِ ڪجهہ بہ ناھي. ان حقيقت کي جيترو جلد سمجهي وٺجي تہ بھتر، سنڌو درياءُ ڪنھن جي بہ مرضيءَ سان ڪو نہ ٿو وھي ۽ نہ اھو ممڪن آھي پر ايندڙ امڪان ٻڌائن پيا تہ شايد ڪوٽڙيءَ کان ھيٺ درياءَ جا نشان بہ نہ ھجن. اھو سڀ ناقابل برداشت ھوندو خاص طرح انھن لاءِ جن جو واحد ذريعو سنڌودرياءُ آھي، ڪوٽڙيءَ کان ھيٺ 2.8 ملين ايڪڙ زمين سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي آباد ٿئي ٿي. جنھن جي زرخيزيءَ جو واحد ذريعو سنڌو درياءُ آھي. جڏھن تہ ھي پورو علائقو مٺي پاڻيءَ کان محروم آھي. سندس جر بيحد کارو ۽ استعمال لائق نہ ھجڻ ڪري ھن علائقي جي پوري زندگي، جنگلي حيات، چوپايو مال ۽ ماڻھن جي آباديءَ جو وڏو تعداد درياءَ جي پاڻيءَ جي آسري تي آھي. منھنجي اطلاع مطابق لڳ ڀڳ 20 سالن کان ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم سنڌودرياءَ جي وھڪري کان محروم آھي، اھي سنڌ جي شاندار ڊيلٽا جي موت جون نشانيون آھن جيڪي حقيقت ۾ سنڌ کي ھڪ ٻي غلاميءَ ڏانھن ڌڪڻ جي برابر آھي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم جي حوالي سان ھڪ ٻيو پھلو بہ سامھون آيو آھي، پاڻيءَ جي سرڪاري ڪارندن جو اھو چوڻ تہ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ واڌو پاڻي ضايع ڪرڻ جي برابر آھي. گذريل سال آبپاشيءَ جي وفاقي وزير اھا ساڳي ڳالھہ ڪئي جيڪا ان کان اڳ اڳوڻي وزير چئي ھئي. اھا ڳالھہ ڪندي ڪندي ھنن ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم جو پورو پاڻي چورائي ورتو. آخر ائين ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ ھنن کي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان ھيٺ سنڌ نظر ڇو نہ ٿي اچي؟ پر ان کان وڌيڪ اھم سوال ھي آھي تہ ان فيصلي جو ڇا ٿيو جيڪو 21 مارچ 1991 ۾ ٿيو ھو تہ سنڌ 55.94 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻيءَ جي حقدار ھوندي. 91 کانپوءِ تہ سنڌ جي زمين وڌيڪ کيڙيءَ جي لائق ٿي آھي. ان جو تہ ان معاھدي ۾ ذڪر ئي ڪونھي. جيتري قدر سرڪاري طور تي بيان ٿيندڙ پاڻيءَ جي حوالي سان انگ اکرن جو سوال آھي تہ دنيا جي ڪنھن بہ عقلمند ماڻھوءَ کي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم جو ڇوڙ ڏيکارجي تہ ھو ھڪدم چئي سگهي ٿو تہ ھتان تہ پاڻي ڪڏھن گذريو ئي ڪونھي. ڪجهہ ڏينھن اڳ ميرپورخاص جي ٽيل جا آباداگار پريس ڪلب تي ڌرڻو ھڻي ويٺا ھئا تہ ٽيل جا ھاري ۽ آبادگار زرعي پاڻيءَ کان محروم آھن، ھنن اھا ڳالھہ بار بار دھرائي پئي تہ آخر ھي بہ ماڻھو آھن ھنن کي بہ جيئڻ جو پورو پورو حق آھي. ھي ھڪ قسم جو امتيازي سلوڪ آھي خاص طرح ٽيل جي آبادگارن ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم جي زندگيءَ سان. اسانجو اھو خيال آھي تہ ھن ملڪ ۾ انسانيت ۽ انساني حقن نالي ڪا شي ڪانھي، ھن ملڪ جي حڪمرانن عام ماڻھوءَ کي سنڌ جي مسئلن ۾ شريڪ ڪرڻ کان لنوايو آھي پوءِ اھو پارليماني معاملو ھجي يا لوڪل باڊي. منھنجو خيال آھي تہ ماڻھن کي شريڪ ڪرڻ جو وقت اچي ويو آھي، انھن سان نئين ڪانٽريڪٽ ڪرڻ جو وقت اچي ويو آھي عوام سان مقابلي جي سگهہ دنيا جي ڪابہ طاقت نہ ٿي رکي.

درياءُ، منھنجو مرشد-45

(ھي خيال تہ قديميت جي ڪا اھميت ڪانھي انھن جو وجود مٽجي وڃڻو آھي) سموري انساني تاريخ ائين چوي ٿي تہ جديديت جي آڏو قديميت بي معنيٰ ٿي وڃي ٿي يا ڪنھن ڪنڊ ۾ اڇلائي وڃي ٿي. ھاڻ ڌيان ڏئي ٻڌجو، قديميت ۽ جديديت جو سوال قدرت ۽ انجي وسيلن تي لاڳو ٿي ئي نہ ٿو سگهي. اسانجا درياءَ، ٻيلا، سمنڊ، پھاڙ، ٻوليندڙ پکي، آبشار پنھنجي قديم سڃاڻپ جي باوجود ھر دور ۾ قائم آھن ۽ ماڻھن جي زندگيءَ ۾ اوترا اھم آھن جيترا ڪالھہ ۽ ڪجهہ صديون اڳ ھئا. ڇا ائين ممڪن آھي تہ دنيا جا ملڪ ان قديم ورثي کانسواءِ ھڪ لمحي لاءِ بہ قائم رھي سگهن؟ دنيا جي سڄي آبادي ڪيتري بہ جديد ٿي وڃي ان جي باوجود قديم قدرتي سھارن کانسواءِ زندھہ ھجڻ جو سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿئي. اوھان کي ھن جھان ۾ اھڙا ماڻھو بہ ملندا جيڪي قدرت جا سمورا ورثا پنھنجي ملڪيت ۾ آڻڻ چاھيندا ھوندا بلڪہ اسان جھڙن ملڪن پنھنجي عمل مان اھو ظاھر ڪيو آھي تہ درياءَ، ٻيلا، سمنڊ روايتي قديم زرعي جنسون، گل ٻوٽا، ميوا، پکي، جيت، جانور، ڍنڍون، ڳوٺ، ريلوي جو نظام، تعليم، صحت، فن تعميرات، سٽي پلاننگ، ھي انھن لاءِ بي معنيٰ آھي، انھن لاءِ اھم ڳالھہ منافعو آھي. ظاھر آھي اھا ڳالھہ ناقابل تصور ٿيندي تہ جيڪا ڳالھہ انھن لاءِ بي معنيٰ آھي ساڳي ڳالھہ ٻين لاءِ ڪيتري اھم ٿي سگهي ٿي. جديديت جو سوال دراصل قديميت کان بي پرواھيءَ جو سوال ناھي، ان جو ئي تسلسل آھي جنھن کي سرمائيدار رياستون پنھنجي منافعي واسطي استعمال ڪنديون رھن ٿيون. مثلن سنڌين لاءِ سنڌو درياءُ ناقابل يقين حد تائين اھم آھي، وفاق ان کي ڊيمن جي قيد ۾ قابو ڪرڻ چاھي ٿو يا ان ۾ ڊيم تلاش ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تہ ڊيم توانائي ۽ ڪنسٽرڪشن ڪمپنين لاءِ منافعي بخش ڪاروبار آھي. ھي اھا ڳالھہ بار بار دھرائن ٿا تہ روايتي زرعي جنسن مان ڪو فائدو ڪونھي ۽ جديد تحقيق ھائبرڊ سيڊ (اھو ٻج جيڪو مصنوعي لڳ (آرٽيفيشل پالينيشن) ذريعي ليبارٽيز ۾ تيار ڪيو وڃي ٿو. في ايڪڙ پيداوار تي وڏو منافعو ڏئي ٿو، ھنن پوءِ ائين ڪيو جو ميون، ڀاڄين، ڪڻڪ، چانورن جي ھائبرڊ سيڊ سان پوري مارڪيٽ ڀري ڇڏي. جنھن سان ائين ٿيو جو روايتي ٻج ختم ٿي ويو جنھن کي ٻي فصل تائين اسٽور ڪري سگهبو ھو. اھا پڻ حقيقت آھي تہ ڪي شيون وقت سان گڏو گڏ تبديل ٿين ٿيون جيئن فن تعميرات، صحت ۽ تعليم پر ڪجهہ شيون شاندار دنيا جي سفاڪ حڪمرانن ۽ رياستن سوچي سمجهي ختم ڪيون آھن، جيئن درياءَ، ٻيلا، سمنڊ، پکي، جيت، ڍنڍون. انھن جي بقول اھي ھاڻ ماضيءَ جو حصو بنجي ويا آھن، اھي لمحا جيڪي گذري چڪا، اھي در جيڪي بند ٿي چڪا، اھي رستا جيڪي مٽجي چڪا. انھن جي جاءِ تي نون ڊيمن ۽ ٻيلن جي جاءِ تي غير آباد زرعي زمين ۾ اضافو ۽ واڌو پيداور لاءِ ڪامياب تجربا، پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ واٽر سپلاءِ جون ڪمپنيون آھن، ريلوي جي متبادل روڊ تي ھلندڙ ڊائيوو جون بسون آھن، جن ۾ واءِ فاءِ جي سھولت آھي. بظاھر ھي اھو ڏيک ڏيندا آھن تہ ھي قوم جي ڀلائي لاءِ ڪري رھيا آھن جھڙي طرح ھي آءِ ايم ايف کان قرض وٺي ملڪ بچائڻ جي ڳالھہ ڪن ٿا. ھي پاڪستاني قوم جو نالو بار بار دھرائن ٿا جنھن جو ھنن سڀڪجهہ ڦري ورتو آھي، انھن جو ماضي بہ حال بہ، آزادي ۽ خوشحالي بہ. ھي ائين آھي جيئن سگريٽ جي پاڪيٽ تي سگريٽ نوشي صحت لاءِ مضر آھي لکيل ھجي ۽ منافعي لاءِ ان کي وڪڻڻ جي بہ اجازت ھجي. مان متبادل جي خلاف ناھيان ۽ نہ جديد تحقيق جي ادارن جي خلاف، مان اھا ڳالھہ ڪيان ٿو تہ ڪجهہ يونٽ يونيورسل ھوندا آھن، جيئن درياءُ، سمنڊ، ٻيلا، ڍنڍون، جهنگلي جيوت، انھن کي منافعي واسطي قطب آڻي نہ ٿو سگهجي ۽ نہ انھن جو متبادل ڪري سگهجي ٿو. جديديت پوري طرح قديمت تي نرڀر ھجي ٿو انھن ٻنھي کي الڳ ڪري پيش ڪرڻ جرم آھي جيڪو ھتان جون ملٽي نيشل ڪاروباري ادارا ۽ بين الااقوامي مانيٽري جا ادارا ملڪ جي حاڪمن سان گڏجي ڪري رھيا آھن. سنڌ ۽ سنڌو درياءَ کي ڏسڻ جا مختلف طريقا آھن مون لاءِ اھو سنڌ جو حال بہ آھي تہ ماضي بہ. ملڪ جا حڪمران ان ۾ ڊيم ڏسي رھيا آھن تہ اھو بدديانتيءَ وارو عمل ٿيندو.

درياءُ، منھنجو مرشد-46

اسانجي ھن سفاڪ دنيا ۾ ڪيترا ايٽم بم موجود آھي انھن جي صحي تعداد جو اندازو ڪنھن وٽ ڪونھي. ان کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي مذاق ٿيندي تہ ھن اڪيلي دنيا ۾ ماڻھن جي حفاظت جي ذميواري رياستن پنھنجي ذمي کنئي آھي اھا بہ ائين جو ماڻھن کي بي انتھا خطري ۾ وجهي، انھن کي غير محفوظ طريقي سان باقي قومن کان الڳ ڪري. ايٽم بم، دنيا جا ماڻھو ان خوف ۾ مبتلا آھن، اھو خوف ئي دنيا ۾ اسلحہ ساز ڪمپنين جي دولت ۾ اضافي جو سبب بڻيو آھي. جيڪو ماڻھو پنھنجو نالو نہ ٿو لکي سگهي اھو بہ ايٽم بم جي خوف ۾ مبتلا آھي، ان جي نقصان جو اندازو ھيروشيما مان لڳائي سگهجي ٿو پر ان جي نتيجي ۾ جپان ڪيتري عرصي تائين خوراڪ ۽ صحت جي مسئلن کي منھن ڏيندو رھيو ان جو ڪنھن کي ڪو اندازو ڪونھي. جيڪي ماڻھو ايٽم بم جي حقيقت کان ۽ ان جي بنيادي نقصان کان واقف آھن انھن کي ان ڳالھہ جو ادراڪ آھي تہ اڄ جو ماڻھو ڪيتري قدر غير محفوظ ٿيو آھي ۽ پوري طرح رياستي فيصلن تي انحصار ڪري ٿو، جيڪي ڪنھن بہ طرح انسان دوست ناھن. بم بارود جو تعلق عوام سان ناھي ھوندو اھڙيءَ طرح حڪمران طبقا ان کي پنھنجي ڪاروبار واسطي استعمال ڪندا رھندا آھن. پاڪستان جو ايٽم بم ٻنھي صورتن ۾ اسان کي تباھہ ڪري ڇڏيندو. ھي ائين آھي جيئن ڪنھن ذھني طور پٺتي پيل انسان سان ڪندا آھيون ان کي طويل ۽ گَھري ننڊ سمھارڻ واريون گوريون کائڻ جو مشورو ڏيندا آھيون. ڇا ماڻھن کي محفوظ بنائڻ واري رياستي نفسيات پٺيان بہ اھو ڪارڻ ڪار فرما آھي تہ ماڻھن کي گَھري ننڊ ۾ سمھاري، پنھنجا ھٿرادو دشمن پيدا ڪري. ايٽم بم جي نفسيات بيحد خطرناڪ آھي جنھن ۾ ھر ٻيو ماڻھو مبتلا آھي. ملڪ پاڪستان جا حڪمران عوام جي حفاظت واسطي چاغيءَ جي پھاڙ کي خاڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. حقيقت ۾ ان سان پاڪستان جو عوام وڌيڪ خوف ۾ مبتلا ٿي ويو آھي، مان انھن ڪروڙھا ماڻھن جي ڳالھہ ڪيان ٿو جيڪي ھن ملڪ ۾ رھن ٿا، جيڪي ڪنھن طرح زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کان محروم آھن. شھيد ذولفقار علي ڀٽي چيو ھو اسان گاھہ کائينداسين پر ايٽم بم ٺاھينداسين، اھا ڳالھہ پنھنجي عوام کي دوکي ۾ رکڻ کانسواءِ ڪجهہ بہ نہ ھئي. حقيقت ۾ اھڙو ڪو ھٿيار ڪونھي جيڪو ماڻھن يا رياستن کي تباھہ ڪري، اھو ھٿيار دراصل جھالت ۽ ڪاروباري ادارن جي مفادن ۾ پوشيدہ آھي. اھا خبر پوءِ پئي تہ اھو نعرو تہ دراصل اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ واسطي ھو. قومن جون ڪجهہ شيون گڏيل ھونديون آھن، جيئن زبان، ماڻھو، درياءَ، سمنڊ، ڍنڍون، ٻيلا، پھاڙ، صحرا ۽ چراگاھہ. ايٽم بم جي نمائش دراصل عوام کي انھن جي گڏيل ورثي کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش ھوندي آھي. مان ھتي بنيادي ڳالھہ اھا ڪرڻ چاھيان ٿو تہ اسان لاءِ قيمتي ڪھڙي شيءِ آھي، اسانجا درياءَ سمنڊ، ٻيلا، چراگاھہ ۽ اسانجي دنيا جيڪا چار ارب ڪروڙ سال پراڻي آھي يا ڪجهہ سيڪنڊن ۾ تباھي آڻيندڙ ايٽم بم؟ پاڪستان جي عوام جو ڪو دشمن ڪونھي، اسانجا شھر ڳوٺ محفوظ آھن ڇاڪاڻ تہ ھتي انسان رھن ٿا. اسانجو مرشد سنڌو درياءُ تھذيبن جو ابو، جنھن جي وشال ڪناري دنيا جي شاندار تھذيب جو جنم ٿيو، جيڪو اسانجو گڏيل ورثو آھي. اسان سڀني کي ڪنھن بم جي نہ پنھنجي آسودي درياءَ جي ضرورت آھي. اھو روپ جيڪو سڀني ۾ موجود آھي. سنڌو درياءَ تي ڊيم ائين آھن جيئن سنڌ مٿان ايٽم بم ڪيرائڻ. حقيقت ھيءَ آھي دوستو، سنڌ جي آسودن قدرتي وسيلن کي برباد ڪرڻ دراصل قوم مٿان ايٽم بم اڇلي مارڻ جي برابر آھي.

درياءُ، منھنجو مرشد-47

سنڌو درياءُ ھڪ وڪڙ ڀڃي ٻيو وڪڙ اختيار ڪندي پاڻ کي ٺاھيندو ڊاھيندو رھندو آھي. پوري پڪ سان چوان ٿو تہ سنڌ جو سمورو ميداني علائقو سنڌوءَ جي ملڪيت آھي. ھي ان جي اھڙي سلطنت آھي جنھن کي جوڙڻ، زرخيز ڪرڻ، ويران ڪرڻ، ٻوڙڻ پنھنجي نرمي گرمي ۽ مرضي مطابق ٺاھي ۽ ڊاھي ٿو. سنڌو درياءَ ميداني علائقن ۾ تمام گهڻا پيٽ بدلايا آھن. سندس اھو اصول ھر ھنڌ ساڳيو نہ ٿو رھي. ھتان جي قديم تھذيبي ماڳن مان اھڙيون شاندار ۽ قيمتي شيون لڌيون آھن جن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ اھو ڪنھن زماني ۾ درياءَ جي سلطنت ھو. سنڌ جا ڪيترا قديمي شھر درياءَ جي راڄ جا حصا ھئا. انھن ھنڌن کان جڏھن بہ درياءَ پنھنجو رخ يا پيٽ بدلايو اھي شھر کنڊر ٿي ويا. مان ھتي جنھن بنيادي نوعيت جي ڳالھہ ڪرڻ چاھيان ٿو اھا آھي تہ درياءُ قدرت پاران جنم وٺندڙ پاڻيءَ جو وھڪرو آھن جنھن جا پنھنجا قدرتي اصول آھن. ان ڳالھہ کي سمجهڻ جي ضرورت آھي تہ درياءَ جا اھي پيٽ انجي قديمي سفر جو نتيجو ھئا، پوءِ اھي ڪيڏانھن ويا؟ جن تي ھاڻ مقامي گماشتن جو قبضو آھي. درياءَ کي آبپاشيءَ جي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ واري ڳالھہ تہ سمجهہ ۾ اچي ٿي پر ان مان توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ ڊيمن جي لائن لڳائي وڃي اھا ڪٿان جي دانشمندي آھي. ان جي باوجود بجليءَ جو بحران آھي جو ختم ٿئي ئي نہ ٿو. سن 1955ع ۾ سنڌو درياءَ تي حيدرآباد وٽ غلام محمد بئراج مڪمل ٿي چڪو ھو، سنڌوءَ جي اھڙي ريت پاڻي روڪڻ جي اھا پھرين روايت ھئي، جنھن کانپوءِ ھڪٻئي پويان ڊيم تعمير ٿيندا ويا. غلام محمد بئراج جي تعمير جا ٻہ مقصد ھئا، ڪراچي جيڪو سنڌ ۽ ملڪ جو ڪاروباري شھر ھو ان جي پاڻيءَ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ سنڌ جي ساڄي کاٻي ڪنارن جي زمين کي واھن ۽ ڪئنالن ذريعي کيڙيءَ جي لائق بنائڻ. ان سان نقصان اھو ٿيو جو سنڌ جي ڊيلٽا سمنڊ جي پاڻيءَ کي سنڌ جي ميداني علائقن ڏانھن وڌڻ کان روڪي نہ سگهيو ۽ سمنڊ سنڌ جي زمينن کي مٿي کائڻ ۽ پائڻ لڳي ويو. ھن وقت سنڌ جي ڇوڙ وارا علائقا ٻن قسمن جي شديد بحران مان گذري رھيا آھن ھڪ طرف انھن جون زمينون سمنڊ جي پائڻ ڪري ختم ٿي رھيو آھن تہ ٻئي طرف درياءَ جي پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب سندن خوراڪ جھڙا مسئلا پيدا ٿي رھيا آھن. ھر ڏينھن ميرپورخاص، بدين، ٽنڊو محمد خان جا پورھيت ھاري ھزارن جي تعداد ۾ آبپاشي آفيس جي ٻاھر جمع ٿين ٿا، پر ھنن کي ان ڳالھہ جو اندازو ئي ڪونھي تہ ھي ادارا ڪنھن قدر ڪٺور، ظالم، راشي ۽ بي حس آھن، جن سان مھاڏي اٽڪائڻ کانسواءِ درياءَ جي حياتيءَ کي بچائي نہ ٿو سگهجي.

درياءُ، منھنجو مرشد-48

محمدبن قاسم جي سنڌ مٿان ڪاھہ کانپوءِ سنڌو ماٿريءَ جي مقامي قديمي قومن ۽ مذھبن وچ ۾ اڻمٽ تھذيبي وڇوٽيون اچي ويون آھن. سنڌو درياءَ جا ميداني ۽ پھاڙي علائقا جيڪي پراڻي سنڌو ماتر تھذيب جا مرڪز سمجهيا ٿي ويا ھاڻ مذھبي گادين، فرسودہ روايتن ۽ فرقن جي نظر ٿيا آھن. جاگيرداري، جديد عھد جي پيداوري رشتن ۾ داخل ٿيڻ جي باوجود مسلم نيشنلزم کي پنھنجي حق ۾ استعمال ڪيو آھي. جي ڏسجي تہ محمد بن قاسم ھندوستان جي قديم تھذيب کي ٻن تصورن ۾ تبديل ڪيو، ھندو ۽ مسلم. دراصل اھو دور سنڌو درياءَ جي ٻنھي ڪنارن آباد ماڻھن جي وچ ۾ پھرين تقسيم ھئي. ان کان اڳ مذھبي اونچ نيچ ضرور ھئي پر ھندو مسلم ۽ فرقہ پرستي جو جنون ھن کان پوءِ پروان چڙھيو جنھن کي ھاڻ تائين جون حڪومتون پنھنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ جو ڪم ڪنديون رھيو آھن. سنڌو درياءَ جا ٻئي ڪنارا ڪن خاص سببن ڪري ڪھڙيءَ طرح انمول ھئا ان جو ذڪر شايد پاڪستان جي تاريخي ڪتابن ۾ نہ ملي. ھندوستان جي اتر ۽ ڏکڻ جي ڪيترن علائقن ۾ ثقافتي فرق ھجڻ جي باوجود سنڌو درياءَ جي ڪنارن آباد ماڻھن مسلسل پنھنجي علم خاص طرح علم فلڪيات، آلجبرا ۽ فلسفي ۾ اڳڀرائي ڪئي. ھتان جا ماڻھو شنڪر اچاريہ (اٺين صدي) جي صلح پسنديءَ جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيندا رھيا. شنڪر اچاريہ کي ھندوستاني تاريخ ۾ ھڪ فلسفي ۽ سماج سڌارڪ جي حيثيت ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. ھن جي فلسفي جا چار اصول ھندوستان جي تدريس ۾ ڪيتري عرصي تائين پڙھيا ويا. انھن ۾ پھريون جيوتريمت، دوارڪا (جنت جو دروازو) پوري، (اھو خيال جيڪو يونيورسل آھي ھر ھنڌ موجود آھي، جيڪو مڪمل ۽ پورو آھي جنھن جي ڪا ذات ڪو مذھب ڪونھي) سرنگري انھن کي وري چئن مختلف رياستن ۾ فلسفي جو ابتدائي سبق ڪري پڙھايو ويو، اتر کنڊ گجرات، اڙيسا ۽ ڪرناٽڪا. جن کي پوءِ سنتانا ڌرما چيو ويو. ھن ئي دور ۾ سنڌ ھڪ جديد تھذيب جي ھڪ سونھري دور ۾ داخل ٿيندي نظر اچي ٿي، گوتم ٻڌ جي تعليمات جو گهڻو حصو شنڪر اچاريہ جي تعليمات تي مبني آھي. گوتم ٻڌ شنڪر اچاريہ کان تقريبن ستين صدي کانپوءِ شروع ٿئي ٿو. ھن ئي دور ۾ بابا گرونا نڪ (1468_1539) جي آمد پڻ ٿئي ٿي. مان جيئن مٿي لکي آيو آھيان تہ سنڌو درياءَ جي تھذيب علم فلسفي، آلجبرا ۽ فلڪيات ۾ جنھن قدر پنھنجي سڃاڻپ پيدا ڪئي ان جو پوءِ ڇا ٿيو؟ ھندوستان کي گروھن ۾ تقسيم ڪرڻ وارو ڪم ھڪ پاسي انگريزن ڪيو تہ ٻئي پاسي جاگيردارن، جيڪي پوءِ مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ويا ۽ انھن جن پوءِ مذھب جو استعمال ھڪ اھڙي نظريي طور ڪيو جنھن جو بنياد نفرت تي مبني ھو. پاڪستان (ھڪ پاڪ ڌرتي) ھي خيال ڪنھن طرح بہ انساني ھم آھنگيءَ جي خلاف ھو. دراصل اھا نسل پرستي، بنياد پرستي ۽ مسلم شاونزم ھن ڌرتيءَ تي اڻ مٽ تھذيبي وڇوٽين کي جنم ڏنو جيڪي ھاڻ تائين قائم آھن، جنھن پويان ھڪ پوري رياست پاڪستان بيٺل آھي. ڪو بہ خيال جڏھن فلسفي، آلجبرا، فلڪيات جي علم کان محرو ٿئي ٿو تہ ان سان پاڪستان جھڙو ملڪ جنم وٺي ٿو.

درياءُ، منھنجو مرشد-49

مندر ڊاھہ مسجد ڊاھہ، جيڪو ڊاھڻ چاھين ڊاھہ
نہ ڊاھہ ھڪ بندي جي دل، دل سھڻي رب جو گهر.
اھو معاملو ايترو سادو نہ ھو. فرقيواراڻي ھم آھنگيءَ واري سوال کي رڳو ننڍي کنڊ جي انگريز حڪمرانن (ورھايو ۽ حڪومت ڪيو) واري نعري کي استعمال نہ ڪيو پر ان کانپوءِ بہ حڪمران سوچيل سمجهيل حڪمت عملي سان استعمال ڪندا رھيا. ھندو مسلم تفريق بحرحال عوامي سطح جي تخليق يا پيداوار نہ ھئي نہ آھي. اھا عوام دشمن حڪومتن جي حڪمت عملي ھئي ۽ آھي. ان فرقيواراڻي ڇڪتاڻ جون پاڙون طبقاتي ڪشمڪش، مذھبي اجاراداري، پيشاواراڻي مذھبي جنونيت ۽ سماجي رتبي ڪارڻ ھيون. روايتي اعتبار کان سنڌو درياءُ سمورن مذھبن ۽ مقامي ماڻھن، پورھيتن ۽ ھنر مند ماڻھن جي گذر سفر جو واحد ذريعو ھو. ھي پوري دنيا جي واپارين جي ڪاروبار جو کليو ميدان ھو جنھن جي ذريعي باقي دنيا جو ھنر ۽ علم سنڌ ڏانھن آيو. اھا ڳالھہ ياد رکڻ گهرجي تہ انگريزن جڏھن سنڌ فتح ڪئي تہ سنڌ ۽ ھندوستان مٿان مسلمانن جو راڄ ھو. جڏھن انگريزن ھندوستان تي قبضو ڪيو تہ ان خلاف تحريڪ ۾ مختلف مذھبن جي سمورن ماڻھن حصو ورتو جيڪا ڳالھہ پاڪستان جي تاريخ جي ڪتابن مان گم آھي. پاڪستان جو تدريسي نظام انتھائي حقارت تي مبني آھي جيڪو غيرمنصفاڻا تہ آھي ئي آھي پر ھڪ قومي مسلمان پورجوا، جاگيردار ۽ پاڪستاني اشرافيا جي حق ۾ پڻ آھي. جي ڏسجي تہ ننڊي کنڊ ۾ مسلمان ۽ ھندن وچ ۾ مذھبي ۽ ثقافتي ھم آھنگي سنڌو درياءَ جي آباد ڪنارن تي مختلف مذھبن وچ ۾ انسان دوستي، درياءُ دوستي ۽ فطرت دوستي جي ڪارڻ قائم رھي. ھندو ۽ مسلم ھي ٻئي مذھب ھن جي ڪناري آباد ھجڻ ڪري فطري طرح ھي ھڪٻئي جو حصو ٿي ويا ھئا ۽ ھڪ صديءَ تائين کير کنڊ ٿي رھيا، سنڌو درياءُ ماڻھن ۽ مذھبن جي وچ ۾ پُل جيان آھي، ھي صدين تائين قائم رھندڙ پنھنجن ٻن ڪنارن جيان ماڻھن کي جوڙي رکي ٿو. ھي مذھبي ھم آھنگيءَ جو شاندار مثال آھي. مونکي ان حقيقت جي ڄاڻ آھي تہ پاڻي سڀ کي جوڙي رکي ٿو ۽ پاڻيءَ جي اڻ ھوند ماڻھن کي ٽوڙي ٿي لڏ پلاڻ تي مجبور ڪري ٿي. سنڌ جي وسيلن کي ھن وقت سڀ کان اھم چيئلنج اھو آھي تہ سنڌ جي درياءَ ۾ پاڻيءَ جي رواني کي ڪيئن جاري رکجي، جيڪو ماڻھن ۽ تھذيبن کي جوڙي رکڻ جو فرض نڀائي ٿو. سنڌو درياءَ جا پراڻا پد ميسارجي چڪا آھن، انجو ڇاڙ ويران ٿيو آھي، جنھن جو نتيجو فرقاپرستي، نفرت، بک ۽ افلاس جي صورت ۾ سامھون اچي رھيو آھي.

درياءُ، منھنجو مرشد-50

روزاني جي بنياد تي زندگيءَ مان حاصل ٿيندڙ سبق ان حقيقت کي واضع ڪندا وڃن ٿا تہ انسان جي زندھہ رھڻ جو سوال دريائن جي وھڪري، انھن جي حياتيءَ ۽ ان جي آسودگيءَ سان آھي. ھن ناقص دنيا ۾ پاڻيءَ جو مقدار ججهو ھجڻ جي باوجود انسان پاڻيءَ جي بوند بوند لاءِ ترسي رھيو آھي (دنيا ۾ ھڪ ارب انسان اھڙا آھن جن کي پيئڻ جو صاف پاڻي حاصل ناھي). زندھہ رھڻ جا ٻيا بہ ڪيترا مختلف طريقا آھن پر اھڙو ڪو طريقو ڪونھي جنھن ۾ درياءَ شامل نہ ھجن. اسان جي سنڌ جيئن اسين ڄاڻون ٿا قديم تھذيب جنھن کي ڪنھن ٻئي نہ پر سنڌو درياءَ تخليق ڪيو. ھي ڪا مصنوعي تھذيب ناھي ۽ نہ ديوتائن، ديوين، پيرن فقيرن ھن جي تخليق ۾ ڪو ڪردار ادا ڪيو. سنڌو درياءُ تھذيبن جو ابو آھي اھا ئي حقيقت آھي. جي ڏسجي تہ سنڌو ماتر جي آباديءَ جا گهڻا ماڻھو باقي دنيا جي ڀيٽ ۾ شاھوڪار ھئا جو انھن وٽ پنھنجو سنڌو درياءُ ھو. موجودہ سنڌ جيڪا ھن وقت تائين قائم آھي سنڌو درياءَ جي وجود ڪري آھي. سنڌ جا ماڻھو ھارپي کي باقي سمورن ڪرتن کان افضل سمجهن ٿا ڇاڪاڻ تہ ان کي پيشو نہ عبادت جي سمجهہ کان ڪن ٿا. سنڌو درياءَ انھن کي سڀڪجهہ ڏنو علم، مھمانوازي، تصوف ۽ زندگيءَ جو فڪر جيڪو باقي دنيا جي نسبت سنڌين ۾ سڀ کان پھرين پھتو. دريائن جا پنھنجا فطري اصول ھوندا آھن جيڪي يونيورسل آھن. اھي آھن، دريائن جي ڪا قيمت نہ ٿيندي آھي ۽ نہ ئي درياءَ کي ڊيم ۾ بند ڪيو وڃي. درياءَ توانائيءَ (ھائيڊرولڪ) نہ پر زندگيءَ لاءِ ھجن ٿا، درياءُ خانگائڻ (پرائيوٽائيزيشن) جو ڪو يونٽ ناھي. دراصل ڊيم، ھي ھڪ عالمي سطح جو ڪاروبار آھي، جنھن لاءِ ماڻھن کي سھڻا خواب ڏيکاريا ويندا آھن، پوءِ قيمت عام ماڻھوءَ کي ادا ڪرڻي پوي ٿي. ھن وقت تائين ملڪ جا سمورا نشرياتي ادارا اھو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن تہ ملڪ کي جنھن توانائيءَ جو بحران آھي ان جو حل ھائيڊرولڪ ڊيم آھن. دراصل ھي چوڻ اھو چاھن ٿا تہ پاڻيءَ تي ڪنٽرول خانگي ادارن جو ھجي. سرمائيدارانہ مارڪيٽ جو اھو اصول آھي تہ مارڪيٽ ۾ شين جي عدم موجودگي سان قيمت ۾ چئوڻ تي اضافو ڪري منافعو حاصل ڪجي. اھڙيءَ طرح درياءَ ۾ پاڻيءَ جي عدم موجودگيءَ سان پاڻيءَ تي منافعو چئوڻ تي حاصل ڪري سگهجي ٿو. منرل واٽر جي نالي تي ڪمپنين جي جيڪا لائن لڳل آھي انھن سمورن جو مفاد ان ۾ آھي تہ سنڌ جا ماڻھو درياءَ جو پاڻي واپرائڻ بجاءِ انھن ڪمپنين جو پاڻي واپرائن. جي اھڙي صورتحال رھي ٿي تہ پوءِ ايٽم بم جو ڇا ڪنداسين؟ ماڻھو تہ آھستہ آھستہ مري رھيا ھوندا.

درياءُ، منھنجو مرشد-51

ھي ڪيڏو نہ عجيب آھي تہ ھڪ ماءُ پنھنجي معصوم ٻار کي صندوق ۾ بند ڪري سنڌو نديءَ ۾ لوڙھي (سسئي. ڏند ڪٿا). ھتي مان ان سموري پس منظر کي روايتي ڏند ڪٿا کان ھٽي ڪري ھڪ ماءُ پنھنجي ٻار کي سنڌو حوالي ڪرڻ واري چونڊ تي ڳالھائيندس. ھڪ ماءُ پنھنجي معصوم ٻار کي آخر ڪھڙي ڀروسي تي سنڌو درياءَ حوالي ڪري ٿي. ھي بيحد شاندار تصور آھي، جنھن سان سنڌو درياءَ جي ابي ۽ امڙ وارو تصور وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو. ظاھر آھي تہ ھڪ ماءُ اھو فيصلو ڪرڻ وقت ڪيتري دٻاءُ ۾ ھوندي ۽ ھڪ ئي وقت ڪيترن وسوسن، انومان ۽ خوف ۾ مبتلا ٿي ھوندي. ھڪ ٻار جي زندگيءَ جيڪو ان جي ئي وجود جو حصو آھي کي لوڙھڻ ائين جيئن خدا ۽ ڀڳوان کي لوڙھڻ يا ٻوڙڻ جي برابر آھي. ھڪ ماءُ کي ان مان ڪھڙو ڇوٽڪارو ملڻو ھو ڪنھن کي ڪھڙي خبر ! اھا پنجين صديءَ جي سنڌ ھئي راجا دلوراءِ جو راڄ ھو. ھڪ روايت مطابق ھڪ ٻانڀڻ نانيا نالي پنھنجي گهر واري منڌر سان سنڌو نديءَ ڪناري رھندو ھو (نانيا ٻانڀڻ جو تعلق سنڌ جي شھر سيوھڻ سان ٻڌايو وڃي ٿو، جتان سنڌوندي جو ھڪ ڇوڙ ڀنڀور جي ڪنارن کان ٿيندو سمنڊ ۾ ڪرندو ھو). نانيا جي گهر واري منڌر ڪنھن ذھني دٻاءُ ڪارڻ پنھنجي ڌيءُ صندوق ۾ بند ڪري سنڌونديءَ ۾ لوڙھي، جيڪا پوءِ لڙھندي ڀنڀور جي ھڪ ڌوٻي محمد کي ملي جنھن ھن ملوڪ نياڻيءَ جو نالو سسئي رکيو، ان کي پالي نپائي وڏو ڪيو، جنھن جو اڳتي ھلي پيچ ڪيچ مڪران جي شھزادي پنھونءَ سان ٿيو. جي ڏسجي تہ ھيءَ ھڪ روايت ۽ لوڪ ادب سان منسلڪ داستان آھي جيڪا نسل در نسل منتقل ٿيندي آئي آھي. مان ھن قصي جي روايت کان ھٽي ڪري تہ واقعي بہ ھڪ ماءُ پنھنجو ٻار سنڌو نديءَ ۾ لوڙھيو ھو؟ يا ھن جي ائين ڪيو تہ ڪھڙي ڀروسي تي؟ ڇا ھن جو سنڌو نديءَ مٿان ڀروسو ھو تہ ھن کانپوءِ اھا ئي آھي جيڪا ھن جي اولاد کي سنڀاليندي. سنڌ جا ماڻھو ھاڻ بہ سنڌو درياءَ کي پنھنجو ابو امان سمجهن ٿا. ھن قصي مان ھڪ ماءُ جو سنڌو نديءَ سان رشتو ان مٿان ڀروسو، ويساھہ ۽ ھڪ يقين ڏسجي ٿو جنھن کي ڪڏھن بہ بيان ناھي ڪيو ويو، ھڪ اھڙي روايت جنھن سان انسان ۽ سنڌوندي جو موازنو ٿيل آھي تہ انسان ڪيڏو ڪٺور ۽ سنڌو ندي ڪنھن قدر رحم ۽ ديا واري آھي. سسئي ۽ سنڌونديءَ ۾ ڪھڙي ھڪجھڙائي آھي، ھي قصو محض ھڪ ڏند ڪٿا آھي يا ھن مان اھو اندازو ڪري سگهجي ٿو تہ سنڌوندي زندگيءَ سان گڏ ھڪ فرض بہ آھي جيڪا صدين کان نڀائيندي اچي. ھن جي فطري ماحول ۾ ھڪ ماءُ پوشيدہ آھي. ماءُ جو ڪنھن ٻئي سان موازنو نہ ٿو ڪري سگهجي سواءِ سنڌونديءَ جي، جنھن ھڪ ٻار کي حفاظت سان ڀنڀور جي ڪناري پھچايو ۽ ھڪ ڌوٻي محمد جي حوالي ڪيو. ھي اھو فرض پنھنجي جنم کان نڀائندي اچي، بلڪہ اسان کي ياد ڏياريندي رھي ٿي تہ ھيءَ ئي آھي جيڪا اوھانجي پيشانيءَ کان اوھانجي روح تائين ڌوٻيءَ جو ڪم ڪري ٿي. ھيءَ ئي آھي جنھن سان سنڌ ھڪ بھشت جي روپ ۾ آھي. ھن جي سخا جي ڪا حد ڪانھي، ھن زندگيءَ جي معنيٰ ڏني، جيئڻ سيکاريو ۽ ان کان بہ وڌيڪ سسئيءَ جي روپ ۾ ھمت، جرئت ۽ نڀاءَ جي معنيٰ سمجهائي. سنڌو ندي سنڌين جي ڪل موڙي آھي جنھن سان اسانجو رشتو ويساھ وارو آھي تہ اھا ئي آھي جنھن اسان کي سنڀالي رکيو آھي، جديد دنيا جو ماڻھو شايد ان ويساھہ کي نہ سمجهي سگهي. پنجين صدي ! ھي اھا صدي ھئي جنھن ۾ قدرت ۽ فطرت کي ماءُ جي حيثيت مليل ھئي. اڄ جي انسان جو رويو دشمنيءَ وارو آھي. مان ھتي اھا ڳالھہ سمجهائڻ چاھيان ٿو تہ سنڌو درياءُ سڀ جو امڙ ابو آھي. سنڌو نديءَ کان لاتعلقيءَ جو نتيجو ائين آھي تہ پوءِ ھيءَ حفاظت سان ڀنڀور رسائي نہ سگهندي ۽ نہ جيئڻ جي سگهہ ڏيندي.