سُکن لڌي سار
ھن ڪتاب جو وڏو حصو شاھہ صاحب پنھنجي دوستن، احباب جي زندگيءَ ۽ ساڻن گذاريل وقت جي يادگيرين تي مشتمل آھي. انھن شخصيتن ۾ وڏيون شخصيتون، وزير، ڪامورا بہ شامل آھن تہ عام مزدور، پڪوڙا، سبزي ۽ کير وڪرو ڪندڙ عام ماڻھو بہ شامل آھن. شاھہ صاحب جو تعلق پيپلز پارٽيءَ سان رھيو آھي ھن ڪتاب ۾ سيد ديدار حسين شاھہ جتي پيپلز پارٽيءَ جي تعريف ڪري ٿو، اتي ھن پيپلز پارٽيءَ، قيادت ۽ سسٽم تي اصلاحي تنقيد پڻ ڪئي آھي. ھن ڪتاب ۾ سوين شخصيتن جي تاريخ قلمبند ڪرڻ سان گڏ سيد ديدار شاھہ جي وسيع ڄاڻ ۽ دوستن جي وسيع حلقي جو اندازو پڻ ڪري سگهجي ٿو.