سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ ڪالم نگار مرتضيٰ سيال جي لکيل ڪالمن جو مجموعو ”ھڪ سڏڪو لکت ۾“ اوھان اڳيان پيش آهي.
ھن ڪتاب ۾ مرتضيٰ سيال جا لکيل چونڊ ڪالم شامل ڪيا ويا آھن. سندس قلم ناانصافين، ڏاڍاين، مايوسين ۽ نااميدين خلاف لکندو رھيو آھي. سندس لکڻين ۾ درد ۽ سُڏڪا شامل آھن جيڪي ديس واسين جا آھن. مرتضيٰ سيال لکي ٿو تہ ”ھن ڪتاب ۾ جيڪي ڪالم شامل آھن، اھي انھن ماڻھن جا سُڏڪا آھن جيڪي غربت ۽ لاچاريءَ جي ڏوھہ ۾ نا انصافين جي ٽياس تي ٽنگجن ٿا.“
ھي ڪتاب 2013ع ۾ سنيھو پبلشرز، ڄامشورو پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي