تاريخ، فلسفو ۽ سياست

خود شناسيءَ جو جوھر

محترمہ شبنم گل نھايت سنجيدہ ۽ مثبت سوچيندڙ ليکڪا آهي. ھن ڪتاب ۾ فڪري ۽ سماجي نفسيات جي مختلف رخن تي لکيل مضمون ۽ لکڻيون شامل آھن. مجموعي طور هن ڪتاب جو هڪ بھتر تاثر آهي، جنھن جو لب لباب اهو آهي تہ انسان فطرت کان پري ٿي، فطرت کي تباهہ ڪري، پنھنجي زندگي لاءِ ڪيترا ئي خطرا پيدا ڪري ورتا آهن. هن ڪتاب جا مضمون نفسيات جا اهم موضوع آهن، جيڪي عام زندگيءَ جا عام موضوع آهن، پر انھن جي پنھنجي اهميت آهي، جن کي اسان گهڻو ڪري اهميت نہ ڏيندا آهيون.

  • 4.5/5.0
  • 52
  • 10
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book خود شناسيءَ جو جوھر

سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

پـﮨريون ڇاپو: 2019ع
ڪتاب جو نالو : خود شناسيءَ جو جوهر
ليکڪا: شبنم گل
ڪمپيوٽر لي آئوٽ: عبدﷲ جروار
ڇپيندڙ: ذڪي پريس، ڪراچي
ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
قيمت : 300/= رپيا

“KHUD SHANASI’A JO JOHAR”
(Articles on Psychological Issues)
Written By: Shabnum Gul
Published by: Sindhica Academy,
B-24, National Auto Plaza, Marston Road, Karachi-74400
Phone: 021-32737290, Website: www.sindhica.org


اسٽاڪسٽ
سنڌيڪا اڪيڊمي B-24، نيشنل آٽو پلازہ مارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون: 32737290-021
سنڌيڪا بوڪ شاپ: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ، 03133692150
سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديہ پلازہ گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
سنڌيڪا بوڪ شاپ، جي پي او روڊ پوسٽ آفيس پٺيان لاڙڪاڻو فون: 03313480039
العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي 03002827848، ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي-
ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مھراڻ بوڪ اسٽور،
مجاهد بوڪ اسٽور نيم ڪي چاڙهي سکر- ڀٽائي بوڪ هائوس حيدرآباد03223011560، سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ
تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاھہ لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاھہ- عثمانيہ لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، - نيشنل بوڪ اسٽور،
نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو-
مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو- حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس -المھراڻ ڪتاب گهر،
زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشھروفيروز-
سليمان برادرس، مسجد روڊ، عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاھہ-
ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالھيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبہ يوسفيہ، ميرپورخاص
فون: 03003319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مھراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو،
سنڌ ڪتاب گهر، مورو، وسيم ڪتاب گهر لکي در. سعيد بوڪ اسٽور، شڪارپور. سومرا بوڪ اسٽور ميھڙ،
ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميھڙ 8948535-0346، مڪتبه امام العصر گهوٽڪي، 03033695037


لکپڙھہ لاءِ:
سنڌيڪا اڪيڊمي

B-24، نيشنل آٽو پلازہ مارسٽن روڊ ڪراچي- 74400 فون: 021-32737290،
ويب سائيٽ: www.sindhica.org اي ميل: sindhicaacademy@gmail.com

ڊجيٽل ايڊيشن
2024ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر

انتساب

لکڻ جو اُتساھہ ڏيندڙ
پياري پٽ عرصم انصاري جي نانءُ
جنھن نوجوانن جي مسئلن کي سمجهڻ
۾ سدائين منھنجي مدد ڪئي آهي.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعرہ، ڪھاڻيڪارہ ۽ ڪالم نگار شبنم گُل جو لکيل ڪتاب ”خودشناسيءَ جو جوھر“ اوھان اڳيان پيش آهي.
محترمہ شبنم گل نھايت سنجيدہ ۽ مثبت سوچيندڙ ليکڪا آهي. ھن ڪتاب ۾ فڪري ۽ سماجي نفسيات جي مختلف رخن تي لکيل مضمون ۽ لکڻيون شامل آھن. مجموعي طور هن ڪتاب جو هڪ بھتر تاثر آهي، جنھن جو لب لباب اهو آهي تہ انسان فطرت کان پري ٿي، فطرت کي تباهہ ڪري، پنھنجي زندگي لاءِ ڪيترا ئي خطرا پيدا ڪري ورتا آهن. هن ڪتاب جا مضمون نفسيات جا اهم موضوع آهن، جيڪي عام زندگيءَ جا عام موضوع آهن، پر انھن جي پنھنجي اهميت آهي، جن کي اسان گهڻو ڪري اهميت نہ ڏيندا آهيون.
ھي ڪتاب 2019ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون ادي شبنم گُل ۽ سنڌيڪا اڪيڊمي جي فضل الرحمان ميمڻ جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

منجهيل ساهن جي ڪٿا

21 صدي جا ٻيا بہ ڪيترائي چئلينج اسان جي سامھون آيا آهن. جن مان ذهني صحت انتھائي اهم مسئلو آهي. پر اسان وٽ اڃا تائين علم نفسيات جي موضو ع تي سنڌي ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آهي. ڪي اڪيچار ڪتاب ملندا، جيڪي انھيءَ موضوع جي ڪا جوڳي معلومات نہ ٿا ڏين. عام طور سان اسان جي ليکڪن انھيءَ موضوع تي قلم گهٽ کنيو آهي. هن وقت سڄي دنيا ۾ جنھن لامرڪزيت جنم ورتو آهي، تنھن ۾ زندگيءَ جي قدرن جي ڀڃ ڊاھہ ٿي آهي. ماڻھو پاڻ کي ۽ سما ج کي سمجهڻ کان قاصر آهي.
اسان وٽ رشتن، قدرن ۽ احساس جھڙي ڪابہ شيءِ نہ رهي آهي. زندگي مصنوعي ماحول ۾ فطرت کان ڏور مقابلي جي ڊوڙ ۾ گم ٿي ويئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ ماڻھوءَ جي نفسيات ۾ وڏيون تبديليون اچي رهيون آهن. جذباتي دٻاءَ، گهريلو جهيڙا، معاشي مسئلن، ڊپريشن، شيزوفرينيا، وهم، ڊپ، هائپو ڪنڊرياسز. احساس ڪمتري، احساس محرومي، چڙ، مَسھَپ، حسد، هوس، بي صبري ۽ چاپلوسي جھڙن بيمارين جي پاڇي هيٺ انسان پلجي رهيو آهي. اهڙي دور ۾ اسان وٽ ماحول ۽ سماج جي تبديلي جھڙي ڪا سوچ اڃا اڀري بہ ناهي. ماڻھوءَ کي خبر بہ ناهي تہ هو ائبنارمل ٿي چڪو آهي، نہ وري ڊاڪٽر اڃا ايترو ڌندي بازيءَ جي دنيا مان نڪري اهڙن موضوعن تي سوچين ٿا. مڪينڪل ۽ منافق روين جي يلغار آهي. اهڙي دور ۾ ڪو ماڻھو سنجيدگيءَ سان ويھي انھيءَ موضوع تي قلم کڻي ٿو تہ يقيناً هو مسيحا جو ڪردار ادا ڪري ٿو.
محترمہ شبنم گل، جيڪا نھايت سنجيدہ ۽ مثبت سوچيندڙ ليکڪہ آهي. مون سندس هن ڪتاب جي مضمونن جو اکر اکر ويھي غور سان پڙهيو تہ مون کي اندازو ٿيو تہ محترمہ جو مطالعو پڙهڻ کان وڌيڪ مشاهداتي ۽ سوچ ويچار وارو آهي. علم نفسيات اهڙو موضوع آهي جيڪو صرف پڙهڻ سان يا ٻڌڻ سان نہ ٿو اچي سگهي، جيستائين ماڻھو ائبنارمل سماج کي پل پل ڀوڳي نہ ٿو. اهو ڏاهپ جو ڏنگ آهي، جڏهن اکر اڳيان اڀري واڳون ٿي وري ٿو، اهو خود آگهيءَ جو درد آهي،
میرے قریب نہ آ اے بہشت بے خبری
خود آگہی کے جہنم میں جل رہا ہوں۔

جڏهن ماڻھو زندگيءَ کي ائبنارمل سماج ۾ضايع ٿيندو محسوس ڪري. محترمہ جو هي پورهيو انھن سالم ماڻھن لاء پيغام آهي، جيڪي بند گهٽيءَ جي تاريڪ رستن ۾ مارجي رهيا آهن. شبنم گل اهڙين اذيتن، عقوبتن، گهاون جي تاريخ ۾ ايف آءِ آر ڪٽرائي آهي. اسان جيڪي ايڪھين صديءَ جي عالمگريت ۾ داخل ٿيا آهيون، اهي ڪھڙي ويڌن ڀوڳي رهيا آهيون، انھيءَ جي روداد ۽ سببن تي نھايت ئي ديانتداريءَ سان قلم کنيون ويو آهي. هن ڪتاب جا موضوع بظاهر سادا ۽ عام آهن، پر انتھائي ڪارائتا موضوع آهن، جن کي وري محترمہ نھايت سادگيءَ سان، عام سلوڻي ٻولي سان سمجهايو آهي.
مثال ”خودڪشي“ هن موضوع تي دنيا ۾ تمام گهڻو لکيو ويو آهي، پر محترمہ جو انھيءَ موضوع تي هڪ جملو ڏاڍو معنيٰ خيز لڳو تہ ”انسان کي سندس بيوسي ماريندي آهي“ جڏهن انسان کان سندس حيلا وسيلا کسجي وڃن، جڏهن انسان کي ڪا بہ راھہ نہ سجهي، انسان ٻن طرحن جي دهشت جو شڪار ٿيندو آهي، هڪ مابعدالطبعاتي، ٻيو سماجي، وجود جو مسئلو انسان جو بنيادي مسئلو رهيو آهي، انسان هڪ سوچيندڙ جانور آهي، جڏهن بہ هو سوچي ٿو تہ ڪائنات جي لامحدوديت ۽ سندس محدوديت کيس ستائي ٿي. کيس زندگيءَ جي فنائيت ۽ وجود جي انڌڪار کيس ستائي ٿي. جنھن جو جواب ڪڏهن بہ انسان حاصل نہ ڪري سگهيو آهي، آخر ۾ وجوديت پسندن اهو چئي باب بند ڪري ڇڏيو تہ زندگي جو ڪو بہ جوهر ناهي، انسان اڪيلو بي يارو مددگار، پنھنجو ئي لاش کڻي ڀٽڪندو رهي ٿو. وجوديت جو اهو معنيٰ خيز جملو ان وقت صادر ٿيو، جڏهن انسان شين ۾ پناھہ ورتي، جسماني آسائشن کي وڌايو، عين ان وقت انسان کان روحاني سڪون کسجي ويو. انسان پنھنجي وجود جو جوهر ڪڍي، مارڪيٽ ۾ رکي ڇڏيو ۽ پاڻ پڏائڻ لڳو تہ هن وڏو اسٽيٽس حاصل ڪري ورتو آهي، هن وڏيون ڪاميابيون ماڻيون آهن. پر انھيءَ ڪاميابين جي نتيجي ۾ انسان جي اڊ ۽ انا جي ڪشمڪش اڃا بہ وڌائي ڇڏي. ان وقت صورتحال خراب ٿي ويئي، جڏهن ڪا بہ سپر انا يا ضمير نہ رهيو. اهڙي سماج ۾ جيڪي ماڻھو ضمير وارا آهن، حساس آهن، اهي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿيو پون. خودڪشي نہ ڪا بھادري آهي نہ وري بزدلي، پر اها نفسياتي ڇڪتاڻ مان پيدا ٿيندڙ ڪيفيت آهي، جڏهن ماڻھو ۾ رد عمل ڪرڻ جو منفي جذبو عروج تي پھتل هوندو آهي.
”پري ڊيٿ سنڊروم“ مضمون ۾ محترمہ پيراسائڪالوجي جھڙي موضوع کي ڇھيو آهي، جنھن ۾ موت جو خوف ۽ موت کان اڳ واري ڪيفيتن کي زير بحث آندو آهي. هائڊيگر چيو هو تہ ”موت ٻن قسمن جا ٿيندا آهن، هڪ طبعي موت، ٻيو موت جو تصور انسان سڄِي زندگي موت جي خوف کان ڀڄندو رهندو آهي، آخر انھيءَ خوف کان ڀڄِي طبعي موت ۾ پناھہ وٺندو آهي.“
اصل ۾ انسان لاشعوري طور زمان ومڪان جي قيد مان گهڻي قدر آزاد هوندو آهي. سندس شعور پيش منظر جو آئينو هوندو آهي، پر لاشعور پس منظر جو انبار آهي، جنھن مان ڪھڙي شيءِ ڪڏهن نڪري ٿي، ان جو اندازو شعور جي قابو ۾ نہ ٿو اچي. پيرا سائڪولوجي منھنجي خيال ۾ اها لاشعوري محرڪن جي پرک يا شعوري گرپ آهي، جيڪا ڪڏهن لاشعوري، ڪڏهن شعوري طور عمل ۾ ايندي آهي. پر اسان وٽ روحانيت تي مذهب ۽ عقيدن جي ڇاپ لڳل آهي. اصل ۾ مابعد الطبعياتي سوال ڪڏهن ڪڏهن انسان کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندا آهن. سارتر پنھنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو هو تہ هن کي سوچي خوف محسوس ٿيندو آهي تہ هڪ ڏينھن سج ختم ٿي ويندو ۽ نظام شمسي بہ فنا ٿي ويندو. بلڪل اهو خوف فنائيت جو خوف آهي، بلڪہ وجود جي ڏڪڻي آهي، جيڪا لاشعوري طور انسان سان لاڳاپيل آهي. محترمہ انھيءَ موضوع کي مختصر، پر پيرائتي انداز ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيتوڻيڪ اسان جو الميو اهو آهي تہ سائنس انھيءَ موضوع تي ڪا ڇنڊ ڇاڻ ناهي ڪئي، ڇو تہ سائنس مادي دنيا کان ٻاهر ڪنھن بہ شيءِ تي يقين نہ ٿي رکي، پر پوءِ بہ انڪشافي خواب يا مستقبل جو علم ڏيندڙ خوابن مان سمجهي سگهجي ٿو تہ مادي دنيا يا زمان مڪان کان ٻاهر بہ ڪا حقيقت آهي، جنھن کي سائنس پنھنجي علم ۾ نہ ٿي آڻي سگهي يا دنيا جي موجودہ روش اهڙن علمن کي رد ڪري، حقيقت کان اکيون چورائڻ چاهي ٿي.
شبنم گل جو هڪ اهم مضمون ”وقت جو پنجون ڏهاڪو“ انتھائي اهم مضمون آهي. هن مضمون ۾ فزڪس ۽ جديد ريسرچ جي اپٽار ٿيل آهي، جنھن مطابق ٿيوري آف ريليٽوٽي اهم آهي، زمان ۽ مڪان جو ڦيرو ۽ ان جو خاتمو ڪائنات جو واپس هڪ نڪتي ۾ سمائجي وڃڻ جھڙي اهم موضوع کي نفسيات سان ڳنڍيو ويو آهي. هن مضمون ۾ وقت جا ڊائمينشن سمجهايا ويا آهن، جنھن ۾ ماڻھو ڪھڙن دورن مان گذري ٿو. وقت جو پھريون ۽ ٻيو ڏهاڪو انسان جي جبلي انداز سان جيئڻ واري روش کي چيو وڃي ٿو. جيئن جانور فطرت مطابق جيئي ٿو. هن کي نہ وقت جو شعور يا ڪائنات جي ڪا خبر ناهي. وقت جي ٽيئن ڏهاڪي ۾ ماڻھو دنيا، ڪائنات، وقت ۽ وجود جي احساس کان واقف ٿئي ٿو. دنيا جي اڪثر آبادي انھيءَ ڏهاڪي تي جيئي ٿي، وقت جي چوٿين ڏهاڪي ۾ ماڻھو زمان ۽ مڪان جي قيد کان بالا تر ٿي سوچڻ جو عادي ٿئي ٿو، جنھن ۾ هن ۾ تخليقي سگهہ اڀري ٿي. وقت جي پنجين ڏهاڪي ۾ انسان جي باطن جي اک متحرڪ ٿي وڃي ٿي، جنھن ۾ انسان عقل، جي حد کان وڌي، وجدان جي منزل تي پھچي ٿو. جتي هن جو ذهن آفاقيت کي ڇھي ٿو. هو دنيا جي ننڍڙن مفادن ۾ نہ ٿو اٽڪي، هو جوڙ ڪٽ، ونڊ ورڇ واري حسابي سوچ کان بالا تر ٿئي ٿو. غور سان ڏٺو وڃي تہ محترمہ شبنم گل، آئنسٽائن جي ٿيوري آف ريلٽوٽي مطابق انسان جي شعوري سفر کي سمجهايو آهي. انسان وجود جي گھراين ۾ ٻڏي ٿو. جيئن علا مه اقبال چيو هو:
عقل کی گهٹیاں سلجا لی میں نے
اے میرے مولا، اب صاحب جنون کر مجهے۔

اهڙي طرح ڪجهہ مضمون هڪ ”جيوپيٿڪ اسٽريس“، ٻيو ”سياري جي مند جو تخليقي سفر“ ۽ ”ٽيون سج جي روشنيءَ جو انساني مزاج تي اثر“ هڪ ئي پس منظر جا مخلتف پاسا آهن. ٽنھي جو تعلق انسان جي فطرت سان جڙيل آهي. جيئن خوشيءَ جو تعلق شين سان، اميري سھولتن سان ناهي، تيئن شھري ماحول جي بند گهٽين ۾ انسان جي ترقي جي رفتار جيترو تيز آهي، اوترو ئي ذهني پريشانين، مونجهارن ۾ انسان گهيريل آهي. اسان پنھنجي چوڌاري اليڪٽرانڪ شين جو هڪ ڄار اڻي ڇڏيو آهي. هاڻي گهرن ۾ فرج، ايل اي ڊي. ڊسپينسر، ڪمپيوٽر، موبائل سيٽ کان وٺِي ڪڪر، چاپر، جوسر مشينون، واشنگ مشينون جي جنگل ۾ انسان ويچارگي جي اداسي ۽ بوريت واري زندگي گذاري رهيو آهي، ايڪھين صدي جو انسان سائبور (Cybore) واري زندگي گذاري رهيو آهي، يعنيٰ اڌ مشين، اڌ ماڻھو آهي، ڇو تہ هو مشينن کان بغير چري بہ نہ ٿو سگهي، کيس هٿ ۾ موبائل آهي، گاڏي کان بغير هو ڊيوٽي تي وڃي نہ ٿو سگهي، بجلي کان سواءِ گهر ۾ ويھي بہ نہ ٿو سگهي. غريب ملڪ آبادي جا ايٽم بم ڦاڙِي چڪا آهن. عالمگير ڪارپوريشنز رياست کان مٿانهين رياست جو تصور پيدا ڪيو آهي. واپاري ماڻھن هر طرف قبضہ گيري ۽ پلاٽنگ جو بزنيس ڪري، صرف ڪمائڻ کي زندگي بنايو آهي، نہ هاڻي باغ آهن، نہ پارڪ آهن، نہ جنگل آهن، نہ ٻيلا آهن، صرف قبضہ آهن، پلازا آهن يا زمينون، جتي هائبرڊ فصل تيار ڪري ناڻو ڪمائڻو آهي. اهڙي گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ ڊپريشن يا ذهني بيماري نہ ٿئي تہ معجزو چئبو.
انسان جي فطرت کان دوري، ويھين صديءَ جو سڀ کان وڏو الميو آهي. ايڪھين صديءَ ۾ تہ انسان رهيو ئي ناهي. ويھين صديءَ ۾ دنيا سوشلزم ۽ سرمائيداري جھڙن ڪئمپن ۾ ورهايل هئي. طبقاتي ڪشمڪش هلي رهي هئي، ايڪھين صدي اصل ۾ انسانن ۽ مشنين جي ڪشمڪش کان شروع ٿي آهي. انسان نوي سيڪڙو مشين ۽ احساسن کان عاري بنجي چڪو آهي. ماڻھو منجهہ مرو اڳي کان اڳرو آهي. ٻي طرف ڪجهہ ڳڻيا ماڻھو اڃا ماڻھپي وارا آهن، جن کي هي گلوبل دنيا ڳڙڪائڻ لاءِ تيار آهي. محترمہ شبنم گل هن مضمونن ۾ اهو ئي بحث کنيو آهي تہ فطرت جو مشاهدو، انسان ۾ مثبت گڻ پيدا ڪندو آهي. سج جو اڀرڻ يا لھڻ، فطرت جا رنگ، فطري سونھن انساني صحت لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. پر اڄ جي دور ۾ انسان فطرت کان پري ٿي چڪو آهي. ايرڪ فراهم پنھنجي ڪتاب ”The Sane Society“ ۾ لکيو آهي تہ ”جانورن هن ڌرتي تي لکين سال گذاريا، پر فطرت کي ڪو بہ نقصان نہ پھچايو. پر انسان فطرت کي تباھہ برباد ڪري ڇڏيو آهي. هن جي هوس، لالچ، خود غرضي جو پيٽ نہ ٿو ڀرجي، جنھن فطرت انسان کي جنم ڏنو، ان فطرت سان انسان ريپ ڪيو آهي.“ ڏٺو وڃي تہ شبنم گل عام موضوعن کي ڏاڍو معلوماتي انداز ۾ پيش ڪيو آهي، جن سان معلوم ٿئي ٿو تہ اهڙن موضوعن جي اسان جي زندگيءَ ۾ ڪيتري اهميت آهي. اهڙي طرح هن ڪتاب جو هڪ اهم مضمون ”جنريشن گئپ“ آهي، محترمہ لکيو آهي تہ جنريشن گيپ واري ٿيوري 1960ع ۾ متعارف ٿي. هن مضمون جا ٽي پاسا آهن. هڪ تہ دنيا ۾ پيڙهي جي وڇوٽي ويھين صدي ۾ پيدا ٿي، ٻيو تہ دور بدلجڻ سان ماڻھو جي مزاج، جذبن ۽ رهڻي ڪھڻي تي اثر پوي ٿو. ٽيون تہ جنريشن ۾ رابطا ڪاري جو فقدان ملي ٿو. بنيادي طور ويھين صدي، تڪڙي تبديلين جو بنياد رکيو. هن کان اڳ دنيا ۾ پيڙهي وڇوٽي جو ايترو تصور نہ هوندو هو. آئون سمجهان ٿوتہ جيڪي ماڻھو 1960ع کان 1975جي وچ ۾ پيدا ٿيا، جن کي ايڪس جنريشن چيو ويندو آهي. اها تاريخ جي وڌ ۾ وڌ تبديلين مان گذري آهي، جيتريون تبديليون هن جنريشن ڏٺيون، اوترو انسان ذات جي تاريخ ۾ ڪنھن بہ نہ ڏٺيون. ايڪس جنريشن جنڊ پيھڻ بہ ڏٺو، تہ نار بہ ڏٺا، گهاڻا بہ ڏٺا، تہ هن جنريشن ڪوئلي تي هلندڙ گاڏيون بہ ڏٺيون تہ جهنگل، ٻيلا بہ ڏٺا. ٻيڙين ۾ سفر بہ ڏٺو، ٺڪر جا ٿانو بہ ڏٺا تہ اصلي فصلن ۽ ميون کي بہ کاڌو. هن ئي جنريشن بليڪ اينڊ وائيٽ ٽي وي ڏٺو تہ ايل اي ڊي پلازمہ جي اسڪرين ۽ ملٽي ميڊيا بہ ڏٺو. هن جنريشن ڪارو چاٻي گهمائيندڙ ٽيليفون ڏٺو تہ موبائل ڊجيٽل فون بہ ڏٺو. هن جنريشن دنيا کي ٻن ڪئمپن ۾ ڏٺو، هن جنريشن نظرياتي دور ڏٺو، جنھن ۾ سچ خاطر ماڻھو جان بہ قربان ڪندا هئا تہ هن جنريشن وري گلوبل عالمي ڪمرشل دور بہ ڏٺو، جنھن ۾ نظريات ختم ٿي ويا. ڪوڙ جي لڙائي ڪوڙ سان ٿيندي ڏٺي، ماڻھوءَ جو ڪردار چاپلوس، خود غرض ۽ ويڪائو بہ ڏٺو. تنھن ڪري آئون سمجهان تہ جنريشن گئپ جيترو هن دور ۾ پيدا ٿيو آهي، اوترو تاريخ ۾ ڪڏهن بہ پيدا نہ ٿيو هوندو. هونءَ تہ ماڻھو 50 سالن جي عمر کان پوءِ اڪثر دور کي تبديل ٿيندي ڏسندو آهي، جو نئون نسل جوان ٿي چڪو هوندو آهي. هن جا احساس پنھنجي دور کان الڳ هوندا آهن. هن جي پسند ۽ ناپسند جو زمان و مڪان ٻيو هوندو آهي. ان کان پوءِ هڪ پيڙهي جا رومانوي رشتا ختم ٿي رهيا هوندا آهن تہ ٻي پيڙهيءَ جا رومانوي رشتا اڀري رهيا هوندا آهن. هاڻي فيملي جي مرڪزيت ٽٽي رهي آهي. ڊجٽلائزڊ ٽيڪنالوجي رابطي ڪاري ختم ڪري ڇڏي آهي. ماڻھو گيجٽس ۾ منھن هڻي، ڏينھن مان رات ڪريو ڇڏيو. تنھن ڪري ڪميونيڪيشن ختم ٿيندي وڃي. محترمہ هي موضوع مختصر لکيو آهي، جڏهن تہ هن مضمون ۾ تمام گهڻيون ڳالھيون زير بحث اينديون.
ڪتاب ۾ ٻن بيمارين جو ذڪر ٿيل آهي، جنھن ۾ هڪ هيسٽيريا ٻيو ادراڪي خلل. بنيادي طور اهو نالو ادراڪي خلل هڪ وسيع اصطلاح آهي، جنھن ۾ شيزوفرينيا بہ اچي وڃي ٿي. انسان جا پنج حواس جڏهن صحيح ڪم ڪندا آهن تہ ماڻھو زمان و مڪان جي احساس ۾ رهندو آهي، پر جيئن ئي حواس ڍلا ٿيڻ لڳندا آهن تہ ماڻھو پنھنجي زمان و مڪان جو احساس وڃائڻ لڳندو آهي. نفسياتي بيمارين ۾ اهم مسئلو ئي اهو هوندو آهي تہ ماڻھو پنھنجي حواسن سان موجود زمان و مڪان ۾ مڪمل طور موجود نہ رهي سگهي، نفسياتي بيمارين جي انتھا نروس بريڪ ڊائون هوندو آهي، جنھن ۾ ماڻھوءَ جا حواس ڪم نہ ڪندا آهن. پر جڏهن حواس دوکو ڏيڻ لڳن تہ ماڻھو ٽن علامتن ۾ گهيرجڻ لڳي ٿو، هڪ خبط(Delusion) ، ٻيو نظر جو فريب (illusion) ٽيو حواسن جو دوکو (Hallucination). تہ ماڻھو ڪيترين ئي بيمارين ۾ گهيرجي وڃي ٿو. شيزوفرينيا بہ اهڙي هڪ بيماري آهي. محترمہ انھيءَ ڳالھہ ڏانھن بہ اشارو ڪيو آهي تہ اسان وٽ ماڻھو انھن بيمارين جي مريضن کي اڪثر پيرن، ولين، مرشدن وٽ وٺي ويندا آهن. اها ڳالھہ صحيح آهي تہ هيسٽيريا جي مريضن کي توهان پيرن ولين، مزارن تي وٺي وڃو تہ صحيح بہ ٿي ويندا آهن. ڇو تہ هن بيمارين جا مريض اڪثر گهٽ، ٻوسٽ، جنسي ڪجروي ۽ دٻاءَ، ماحول ۾ حد کان وڌيڪ بندش، يا سڀ واٽون بند ٿي وڃڻ جي ڪري پيدا ٿيندي آهي. اهڙي مريض کي بند ماحول مان ٻاهر ڪڍڻ، دنيا ڏيکارڻ ۽ نوان رستا ملڻ سان مريض خود بہ خود ٺِيڪ ٿيڻ لڳندو آهي، پوءِ انھيءَ کي ماڻھو ولين جي ڪرامت سمجهندا آهن. ساڳي وقت اها ڳالھہ بہ سمجهڻ جي آهي تہ حد کان وڌيڪ آئيڊيل پسند ٿيڻ يا ڪريئر جنوني ٿيڻ، يا هيرو پسندي جي انتھا شيزوفرينيا آهي. اڪثر ماڻھو بلڪل نارمل ڏسڻ ۾ ايندا آهن، پر سندن عمل ۾ شيزوفرينڪ هوندا آهن. اڄ جي دور ۾ مادي هوس پرستي ماڻھوءَ کي سماجي شيزوفرينڪ بنائي ڇڏيو آهي، جنھن ۾ ماڻھو هڪ ئي وقت ڪيترن ئي جھانن ۾ رهي ٿو، هڪ وقت ڪيتريون زندگيون جيئي ٿو. کيس عالمگير ڪارپوريشنون ميڊيا وسيلي ڪنفيوز ۽ نروس بنائي ڇڏين ٿيون. ماڻھو هيپنوٽائز ٿي وڃي ٿو. هو اهو ڪجهہ ڪرڻ لڳي ٿو، جيڪو هن کان واپاري ماڻھو ڪرائڻ چاهين ٿا.
محترمہ شبنم گل هن ڪتاب وسيلي نفسياتي بيمارين جي ۽ عام سماجي روين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي. محترمہ جو سمجهائڻ جو انداز سادو ۽ سلوڻو آهي، هوءَ عام ماڻھوءَ تائين اهو پيغام پھچائي ٿي، جنھن کي اسان عام طرح نظر انداز ڪندا آهيون يا سمجهڻ نہ چاهيندا آهيون. اسان وٽ خبر ناهي تہ يونيورسٽين ۾ ريسرچ جو ڪھڙو معيار آهي، پر جڏهن کان ايڇ اي سي، پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل کي معيار بنايو آهي، تڏهن کان تحقيق جي نالي ۾ وڏو مذاق ٿي رهيو آهي. ڪنھن ڪم جي موضوع تي تحقيق نہ ٿي ٿئي. نہ تہ سنڌي سماج ۾ نفسياتي دٻاءَ ۽ سماجي روين جي تبديلي، قدرن جو زوال کان پوءِ نوجوان جي نفسيات، وڌندڙ ڏوھہ اهڙا موضوع آهن، جن تي وڏي تحقيق ٿيڻ جي ضرورت آهي. پر اسان جون يونيورسٽيون پڙهيا لکيا جاهل پيدا ڪري رهيون آهن. سڀ کان وڏو الميو اهو آهي تہ اسان شين جي دنيا ۾ گم آهيون، هڪ ماءُ پنھنجو ٻار تہ نوڪرياڻي کي سنڀالڻ لاءِ ڏي ٿي، پر ڪُتي کي پنھنجي گود ۾ کڻي ٿي. ان کي هوءَ پنھنجو اسٽيٽس سمجهي ٿي. دنيا انھيءَ رخ ۾ هلي پئي آهي، تنھن ڪري ايرڪ فراهم واري ڳالھہ بلڪل صحيح آهي تہ ”مونکي حيراني ان ڳالھہ جي ناهي تہ ماڻھو چريا ڇو ٿا ٿين، پر حيراني ان ڳالھہ جي آهي تہ ماڻھو چريا ڇو نہ ٿا ٿين.“ هن ڪتاب جي ٻن اهم مضمونن جن منھنجو توجھہ ڇڪيو، اهي هي آهن:
1. منجهيل ساهن جي ڪٿا. 2. پناھہ گاھہ جي ڳولا.
انسان ساھہ عادت مطابق کڻي ٿو، پر ساھہ کڻڻ هڪ فن بہ آهي، جنھن جي مشق ڪرڻ سان انسان ۾ ڪيترائي مثبت رويا پيدا ٿيندا آهن. ساھہ کڻڻ انسان جي جبلي صلاحيت آهي، پر ساھہ جي حوالي کان شبنم گل اهم ڳالھيون ڪيون آهن تہ انسان مشينن ۾ ايترو گم ٿيندو وڃي، جو پنھنجا حواس وڃائي رهيو آهي. هاڻي آهستہ آهستہ سنگهڻ جي، ٻڌڻ جي صلاحيت گهٽجي رهي آهي، ماڻھو ساھہ بہ صحيح طرح نہ ٿو کڻي. جنھن ڪري بيمارين ۾ وڪوڙجيو وڃي ۽ احساس ختم پيا ٿين. جڏهن تہ احساس ئي زندگي آهي. اڪثر ڊاڪٽر چوندا آهن تہ کلي هوا ۾، جتي ساوڪ هجي، اتي ڊگها ساھہ کڻو. يا پريشاني يا غصي جي صورت ۾ بہ ڊگها ساھہ کڻو ۽ پاڻ کي هلڪو ڇڏي ڏيو. تہ طبعيت هلڪي ٿيندي، پر اڄ ڪلھہ ماڻھو ڏاڍو ڳرو آهي، اصل سيخ ٿيو پيو هلي. خبر ناهي ڇا جي جلدي آهي، هن کي ساھہ کڻڻ جي بہ فرصت ناهي.
محترمہ شبنم گل جو ٻيو مضمون ”پناھہ گاھہ جي ڳولا“ ڏاڍو اهم مضمون آهي. انسان اڄ جي دور ۾ پنھنجي پناھہ گاھہ وڃائي ڇڏي آهي، هر وقت بي سڪون آهي. ڪٿي بہ سڪون نہ ٿو ملي، ڇو تہ اسان هزارن سالن جي تھذيب کي ڇڏي چڪا آهيون. اسان ٽوپي ڊرامو هر سال ڪريو، واپار سٺو ڪريو وٺون، پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي تہ اسان پنھنجو ڪلچر، جيڪو رواداري جو، سھپ جو هو، جيڪو توڪل پسندي جو هو، اهو ختم ڪري پاڻ ۾ هيجان ڀري ڇڏيو آهي، هاڻي گهريلو زندگيءَ ۾ گڏيل ڪٽنب وارو تصور اسان کان وڃائجي ويو آهي، اسان بزرگن کي اهميت ڏيڻ ڇڏي ڏني آهي. اسان جي گهرن ۾ جهيڙا ۽ بي سڪوني وڌي ويئي آهي. اسان وٽ باھہ جي مچ تي گهرن ۾ ڪچھريون نہ ٿيون ٿين. هر ماڻھو موبائل تي پنھنجو پاڻ کي پڏائڻ ۾ لڳو پيو آهي. اخلاقي قدرن جو زوال ايترو، جو ڪنھن جي بہ عزت محفوظ ناهي. ايترو ئي ماڻھو اندر ۾ ويڳاڻو ۽ اڪيلو ٿيندو وڃي. اسان وٽ 90 فيصد آبادي بي حس ماڻھن جي آهي، جيڪي پنھنجي معمولي مفاد لاءِ سچ کان اکيون چورائي، ڪوڙ سان سمجهوتو ڪريو ويھو رهن، مڪاري ۽ عياري ايتري وڌي ويئي آهي، جو سچو ماڻھو پاڻ بچائڻ ۾ پورو آهي. مجال آهي جو ڪوڙي کي ڪوڙو چئجي، پنھنجي کل لھي ويندي ۽ ماڻھو بي شرمائيءَ سان ڪڌن ڪرتوتن تي پاڻ پڏائي ٿو. ڪوڙ تي سندرو ٻڌي، سماج، اخلاق، تھذيب کي ٿڏي ڇڏي ٿو تہ اهڙي سماج جي هر فرد کي پناھہ گاھہ جي ڳولا آهي. هر طرف عدم تحفظ پيدا ٿي چڪو آهي. شبنم گل جو هي مضمون وقتائتو آهي، احساس جاڳائيدڙ آهي.
اهڙي طرح ڪتاب جا ڪجهہ مضمون جن ۾، ”سال جي آخري ڏينھن ۽ تنھائي جي طاقت“، ”ننڍي ڳالھہ وڏي تباهي“ ”آکاڻي: ذهني تربيت جو نالو“ هي مضمون مڪمل سماجي نفسيات جي عڪاسي ڪن ٿا، جيڪي مخصوص ساخت سان خاندان، مذهب ۽ دولت سان تعلق رکن ٿا، انھيءَ ساخت سان ماڻھو جي ذات، عقيدا، سوچون ۽ فڪر جڙيل آهن. ڪنھن بہ شخصيت جي بنجڻ ۽ بگڙڻ ۾ اها ساخت اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. جڏهن اسان جي ماحول جي ساخت ڳوٺاڻي هئي. رات جو نانيون يا ڏاڏيون ٻارن کي آکاڻيون ٻڌائي سمھارينديون هيون، تڏهن ٻار پنھنجي محدود دنيا مان نڪري تخيل ۽ تصور جي لامحدود ڪائنات ۾ گم ٿي ويندو هو، جتي ٻار جو ذهن وسيع ٿيندو هو. هن جو آئيڊيل شجاعت، نيڪي، سچائي ۽ سورمائپ بڻجندو هو. ٻار فطرت جي گود ۾ پلجي، پنھنجي سماجي نفسيات ۾ سگهارو ٿيندو هو. وري ٻارن جون رانديون، جيڪي ڪلچرل ۽ اجتماعي هونديون هيون، جن سان ٻار جي جسماني ورزش ۽ سنگت سان گڏ کيس کٽڻ ۽ هارائڻ جو درس ملندو هو، جنھن ۾ ٻار پنھنجي ٻاراڻي وهي ڀرپور جيئندو هو. اهڙي طرح سنڌي لوڪ ادب جو شاندار ڪردار اسان جي قومي، اخلاقي ۽ نفسياتي پرورش ڪندو هو. پر اڄ جي مصنوعي ماحول ۾ اها ساخت ختم ٿي ويئي آهي. محترمہ شبنم گل بار بار انھيءَ ڳالھہ جي نشاندهي ڪئي آهي تہ سماجي ۽ فطري ساخت جو خاتمو، دراصل انسان جي سالم دماغي جو خاتمو آهي. اڄ نوجوان وٽ جلد بازي، حرفت، مَسھَپ ۽ جڳاڙي ڪلچر گهڻو آهي، ڇو تہ اسان وٽ فطرت، ڪلچر ۽ سماج مان ڦٽندڙ قدر ختم ٿي ويا آهن. هاڻي صرف واپاري ڪمپنيون پنھنجي شين جي مشھوري جي ذريعي ڪلچر ڏين ٿيون، جيڪو ماڻھو کي مشين بنائي چڪو آهي، جنھن ڪري روحانيت ختم ٿي ويئي، سڪون ناهي، سھپ ناهي، رواداري ناهي، رشتن جي ساڃاھہ ناهي.
ساڳي ڳالھہ محترمہ ڪتاب جي ٻي مضمون ”خوف جي پس منظر مان اُسرندڙ نسل“ ۾ ڪئي آهي. خوف ٻن قسمن جا ٿيندا آهن، هڪ تخريبي ٻيو تعميري. اسان وٽ تعميري خوف جي ڪري انسان پنھنجي بقا لاءِ جدوجھد ڪري ٿو. سماج ۽ رشتن کي جوڙي ٿو، موت جي خوف جو تعميري پاسو آهي، اهو آهي تہ انسان ۾ هيٺاهين، عاجزي، انڪساري، پيار، رشتن جو احساس، صحت جو مثبت خيال پيدا ٿئي ٿو، ساڳي وقت انسان فنائيت کي سمجهي ٿو. پر خوف جو احساس جڏهن وڌي وڃي ٿو تہThanatophobia ، Hypochondrias جھڙا مسئلا ڪر کڻن ٿا. ماڻھو ڊپريس ٿي وڃي ٿو. ڪن کي ننڍپڻ ۾ ڪن شين کان خوف پيدا ٿيندو آهي، پر سماجي طور حالتن جو خوف اڃا اضافي آهي. اڄ ڪلھہ دهشت گردي، ميڊيا تي لاشن جا فوٽا ڏيکارڻ، بم ڌماڪا وغيرہ ٻارن جي صحت تباھہ ڪري ڇڏين ٿا. نتيجي طور سماج جي موجودہ ساخت يا بزدل، خوفزد نسل پيدا ڪري ٿي، يا عدم تحفظ جي احساس ۾ دهشت گرد پيدا ٿين ٿا. پر سڀ کان وڏو مسئلو اڄ جي سماجي ساخت جي احساس ڪمتري جو آهي، جنھن کي محترمہ شبنم گل بار بار پنھنجي مضمونن ۾ لکيو آهي، سندس اها ڳالھہ ڏاڍي وزني آهي تہ ”ماڻھو پاڻ ۾ ڪونہ ٿا وڙهن، سندن احساس ڪمتري ۽ احساس محرومي وڙهن ٿا.“ ٽيئن دنيا جا ملڪ هن وقت وڌ ۾ وڌ احساس ڪمتري جا شڪار آهن، هماليہ جيڏيون بلينئر ڪمپنيون مثال صرف هڪ سوني ڪمپني جو ساليانو روينيو پاڪستان جي بجيٽ کان وڌيڪ آهي. اهڙي دولت جي راند ڪندڙ دنيا ۾ 50 ڪمپنيون آهن. دنيا جي 80 فيصد دولت صرف انھن ڪمپنين وٽ آهي. اهڙي صورتحال ۾ رياست، سماج، قانون ۽ قدر اسان وٽ صرف تصوراتي آهن. دنيا کي اهي ملٽي نيشنل ڪمپنيون هلائي رهيون آهن. اهڙي صورتحال ۾ اسان جي دنيا جو عام ماڻھو هڪ وڏي احساس ڪمتريءَ جي ميدان ۾ ائبنارمل ٿي پيو آهي. هونءَ تہ احساس ڪمتري انساني وجود سان لاڳاپيل آهي، پر موجودہ سماج ۾ اهو فردي طور ائبنارمل ٿي اڀريو آهي، جنھن جا هزارين منفي پاسا آهن، جن مان هڪ مضمون خود محترمہ جو ”نرگسي روين جي نفسيات“ تي لکيو آهي. هن مضمون ۾ ڏند ڪٿائن جا حوالا ڏيئي شبنم گل اسان کي ٻڌائي ٿي تہ نرگسي (Narcissism) نفسيات انسان ۾ شروع کان وٺي موجود آهي. پر هڪ حد تائين اها نفسيات انسان لاءِ مثبت آهي تہ انسان پاڻ کي وڻندو تہ جڳ کي وڻائيندو، جي پاڻ کي ئي نہ وڻندو تہ زندگي ۾ ٻسو ۽ بيڪار رهجي ويندو. پر پاڻ وڻڻ مان هڪ منفي رويو پاڻ وڻائڻ جو اُڀرندو آهي. جيڪو احساس ڪمتريءَ مان جنم وٺندو آهي. اسان جي سماج ۾ اها پاڻ وڻائڻ جي بيماري عام آهي. عام طور ماڻھو شين جي ذريعي پاڻ کي پڏائيندو ۽ پاڻ کي وڻائيندو آهي. هن بيماري ۾ ماڻھو گهڻو ڪري چاپلوس، مصلحت پسند، ڪوڙو ۽ ٺڳ هوندو آهي. ڇوتہ هن جي نظر ڪجهہ مفاد حاصل ڪرڻ تي هوندي آهي.
مجموعي طور هن ڪتاب جو هڪ بھتر تاثر آهي، جنھن جو لب لباب اهو آهي تہ انسان فطرت کان پري ٿي، فطرت کي تباھہ ڪري، پنھنجي زندگي لاءِ ڪيترا ئي خطرا پيدا ڪري ورتا آهن. هن ڪتاب جا مضمون جيڪي عام زندگيءَ جا عام موضوع آهن، پر انھن جي پنھنجي اهميت آهي، جن کي اسان گهڻو ڪري اهميت نہ ڏيندا آهيون. ڪڏهن اسان سياري جي شام جو نہ سوچيو آهي، ڪڏهن اسان تنھائيءَ جي طاقت يا ڏک جي طاقت جي باري ۾ نہ سوچيو هوندو. اسان کي اها خبر ناهي تہ ذهني پيڙا ڪيئن تخليقي سگهہ وڌائي ٿي؟ پر ڀٽائي گهڻو اڳ ڏکن کي پنھنجو مرشد تسليم ڪيو هو.
ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پرين جو
سونھائي سورن، ڪئي هيڪاندي هوت سين.

اسان جي ذهن ۾ اها ڳالھہ نہ ٿي اچي تہ ٻالڪپڻي جي معصوميت هن مصنوعي دنيا ڪئين کسي ورتي آهي. ڪيئن اسان کي جنسي آلودگيءَ جي حوالي ڪيو آهي، ڪريئر جي نالي ۾ فن ۽ پرفارمنس جي نالي ۾ ائڊورٽائزمينٽ جي نالي ۾ ڪيترو ٻارن کان معصوميت کسي وڃي ٿي. ڪيئن عورت جي جسم کي مارڪيٽ جو وکر بنايو وڃي ٿو.
اھي سڀئي روزمرہ جا موضوع آهن، جيڪي نفسيات جا اهم موضوع آهن. جن تي محترمہ شبنم گل قلم کنيون آهي. آئون سمجهان ٿو ساڃاھہ وند ماڻھو، دور جي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ مسئلن کي سڀ کان پھرين سمجهي وٺندا آهن. ٿي سگهي ٿو انھن مسئلن تي ايندڙ دور ۾ تمام گهڻو لکيو وڃي، پر شروعات ڪرڻ ۾ محترمہ شبنم گل جو نالو بنيادي ليکڪن ۾ شمار ڪيو ويندو.

پروفيسر ڊاڪٽر غفور ميمڻ
يونيورسٽي آف ڪراچي

پنھنجي پاران

سنڌ جي ٻھراڙين ۽ شھرن ۾ رهڻ جو موقعو ملڻ سبب، مشاهدي ۾ گهڻيون شيون اينديون رهيون. سنڌي ماڻھن جي خوشين، خوابن ۽ ڀوڳنائن کي ويجهو کان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو تہ هي ماڻھو محبت ڪرڻ وارا ۽ مھمان نواز آهن. هي پرڳڻو،گهڻ پاسائون ۽ گهڻ رخو ثقافتي مرڪز، معتدل موسم ۽ وسيلن سان مالا مال هئڻ ڪري ٻاهرين قومن جي دلچسپيءَ جو مرڪز رهيوآهي. انگريزن اچي هن خطي جي ٻولي، ادب ۽ ثقافت ۾ دلچسپي ورتي، پر هتي جو ماڻھو پنھنجي خطي جي تاريخي، جاگرافيائي اهميت ۽ فن و فڪرکان ايترو آگاھه نہ ٿو ڏسجي، جيتري ٻاهرين دنيا!
دنيا تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي، اها سدائين تبديل ٿيندي رهندي. نواڻ يا بدلجڻ فطري امر آهي، پر ڏسڻو اهو پوندو تہ اهي تبديليون اسان جي خطي جي مزاج مطابق آهن يا نہ، ڇو تہ گلوبلائيزيشن جو پھريون وار ٻوليءَ ۽ ثقافت تي ٿئي ٿو. ٻوليءَ جي بگاڙ کانپوءِ رهڻي ڪھڻي، لباس ۽ ريتون رسمون متاثر ٿينديون آهن. نئين دور جي اهميت کان انڪار نہ ٿو ڪري سگهجي، پر جيڪڏهن ظاهري ڏيک تبديل ڪيون ٿا تہ ٺيڪ آهي، پر اندريون روح تہ ساڳيو هئڻ گهرجي. جيڪڏھن ڌرتيءَ جي ڳالھہ ڪنداسين تہ جيستائين ان محبت ۾ روح جي تاثير شامل نہ هوندي تہ اها محبت خالي محسوس ٿيندي. خالي ڳالھيون عمل جي اثر کان محروم ٿين ٿيون.
ڪاليج جي زماني کان لکڻ شروع ڪيو. لکڻ لاءِ اُتساھہ سفر ۽ سماجي و سياسي حالتن کان مليو. والد ڊاڪٽر هو، ان ڪري ٻن ٽن سالن کانپوءِ سنڌ جي ڪنھن ڳوٺ يا شھر ڏانھن بدلي ٿي ويندي هئي. انھن شھرن ۾ سجاول، سيوهڻ، جوهي، مڪلي، ڄامشورو ڪالوني، حيدرآباد ۽ ٻيا ڪيترا ڳوٺ ۽ شھر شامل آهن. شھر شخصيت جيان ٿين ٿا، انھن جو ماحول، لباس ھجي ڄڻ مزاج روح جيان محسوس ٿيو. ڪنھن ڪڏهن سوال ڪيو تہ شھرن جي شخصيت بہ ٿيندي آهي ڇا؟ ان خيال سان سھمت نہ آهيان. مٽي بہ ساهوارن جيان محسوس ٿئي ٿي. زمين، زرخيزي، واڌ ويجهہ ۽ نتيجن جي طاقت رکي ٿي، جيڪي خاصيتون انسانن ۾ بہ ٿين ٿيون. ساڳيءَ ريت هر خطي جي مٽي، واريءَ جو مختلف قسم ۽ اثر ٿئي ٿو. شين جي قسم، ساخت ۽ اثر انھن جي انفراديت جي درجہ بندي ڪري ٿو.
اهي سمورا خطا مون کي دلچسپ لڳا. مون انھن کي ڪنھن ڪتاب جيان پڙهيو ۽ هنئين سان هنڊايو. سيوهڻ جو شھر نہ وسرڻ جھڙو عجيب شھر آهي. پھرين علمي درسگاھہ، مضافاتي شھر، جنھن جا رنگ، وقت جي مختلف پھرن ۾ عجب ڏيک ڏيندا آهن. ڀڳي ٺوڙهي جا پھاڙ، واچوڙي کانپوءِ مون لاءِ سوچ جو ٻيو تحرڪ کڻي آيا. اهي پھاڙ هزارين سال پراڻا آهن، جن جي سيني ۾ سنڌ ڌرتيءَ جا انيڪ راز دفن هوندا. قلندر شھباز جي مزار جا رنگ ئي عجب هئا. اگربتين ۽ گلن جي سُرهاڻ ۽ پھرين ڌمال جو مشاهدو انتھائي منفرد هو. شين جي ٿيڻ ۾ ڪو جواز نہ ھوندي بہ سحر انگيزي آھي.
مون کي اڄ بہ ياد آهن، جوهي شھر ۾ اٿندڙ مٽيءَ جا واچوڙا، جن کي ڏسي ننڍپڻ ۾ ذهن ۾ ڪيترائي سوال اٿندا هئا. عورتون چونديون هيون تہ: ”انھن واچوڙن ۾ جن لڪل هوندا آهن.“ واقعي محسوس بہ اهو ئي ٿيندو هو، ڄڻ ڪا غير مرئي طاقت لڪل آھي، جا مٽيءَ ۾ پئي ٿي ڦري. مٽي بہ رقص ڪري ٿي. ان واچوڙي منھنجي سوچ ۽ تخليقي صلاحيتن کي ڪجهہ دريافت ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
جيئن منھنجي لاءِ اها ٽرين اهم هوندي هئي، جنھن ۾ سفر ڪري ناناڻي ڳوٺ پھچندا هئاسين. مختلف ماڻھن جي ملڻ جو اُتساھہ ۽ مختلف مشاهدا ٿيندا هئا. اهو ئي ساڳيو ميڙ، ان مزار تي بہ نظر آيو. ميڙ ۾ هڪ طاقت اُسرندي محسوس ٿيندي هئي. خاموش ۽ گهايل احساس جي طاقت! اهي مزارون سنڌ جي عورتن لاءِ تبديليءَ جو مرڪز رهيون آهن، جن کي گهرن جي گهٽيل ماحول ۽ مسئلن کان ڪا وٿي ملي ٿي. سنڌ جي هر مزار تي وڃڻ جو اتفاق ٿيو ۽ مختلف مسئلن ۾ مبتلا ماڻھن جي تڪليف جو احساس بہ ٿيو.
حقيقت اها آهي تہ هوش مند ماڻھن کان وڌيڪ چريا، مجذوب ۽ ديوانا چڱا آهن، جن جي خاص ڳالھہ بنا ڪنھن نقاب جي اصلي شخصيت آهي. هوش مند ماڻھوءَ جي شخصيت الائي تہ ڪيترن نقابن ۾ ويڙهيل نظر اچي ٿي. اهڙي هر ماڻھوءَ ۾ انتھا جي شعوري بيچيني محسوس ٿي. عجيب وهم وسوسا، خوف، احساس محرومي، احساس برتري ۽ مزاج جون خرابيون ڏٺيون، جن کي لفظن جي خوشنما نقاب ۾ لڪايو وڃي ٿو.
فرد جو سٺو نظر اچڻ هڪ معاشرتي مجبوري آهي. بجاءِ جو اسان ڪو نقاب پھريون، ڇو نہ مزاج جي ان عدم توازن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون، ان جو حل ڳوليون. هڪ وڻندڙ ۽ مزاج جي اعتدال تي بيٺل انسان زندھہ دل، ذهني وسعت رکندڙ ۽ خوش مزاج انسان ٿئي ٿو، هو هر ڪنھن جي ڪاميابي تي خوش ٿيڻ سان گڏ، هر وقت ٻين جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار نظر ايندو. هڪ روشن خيال، ملنسار، اخوت ۽ ڀائيچاري تي ويساھہ رکندڙ فرد، هر سماج جي اهم ضرورت ٿئي ٿو. جڏهن تہ ضدي، چيڙاڪ، حاسد، خود پرست ۽ مغرور ماڻھو جتي ٻين لاءِ عذاب هوندا آهن تہ اتي پنھنجي ذات لاءِ بہ آزمائش ٿين ٿا. هو ميڙ ۾ سدائين اڪيلا ملندا. اها انفراديت پسندي ۽ ڪامليت جي دعويٰ ئي وڏي ذهني بيماري آهي.
فطرت جي زندگيءَ کي ڏسو، جتي هر شيءِ پنھنجي وقت سان واڌ ويجهہ جي عمل مان گذري ٿي. اها الڳ ڳالھہ آهي تہ انسان ميوي پچڻ جو انتظار نہ ڪري ۽ ان ۾ ڪو ڪيميڪل ملائي، ان کي وقت کان اڳي پچائي، راس ڪري، مارڪيٽ ۾کڻي اچي. اها بي حسي ۽ خالص شين سان ملاوٽ اصل مسئلن جي جڙ آهي. اهڙا ميوا واپرائي، انسان بيماريون پرائي ٿو. اڳي ڪم ۽ ڪرت سان انسان جا اخلاقي قدر وابستہ هوندا هئا. اڳي پوکي ڪندڙ مارڪيٽ تائين سٺيون ۽ زندگيءَ بخش شيون پھچائيندو هو، جيئن خوشي ۽ خوشحالي ورهائي. اهو پيشو يا ڪرت جنھن ۾ رزق جو سلسلو جڙيل ھجي، توانائي جي ڏي وٺ جو مرڪز رهي ٿو. مثال ڪو دوڪاندار سٺي ۽ صحت بخش شيءِ عام ماڻھن تائين پھچائيندو تہ اُها خوشي ۽ صحت جون لھرون واپس کيس موٽي ملنديون. ڏاهن چواڻيءَ تہ: ”جھڙي ڪرڻي، تھڙي ڀرڻي“ واري اصول تحت شيون ردعمل جي مرڪز ڏانھن موٽ کائين ٿيون. اها موٽ فقط طبعي دنيا تائين محدود ناهي، پر احساساتي ۽ ڪائناتي وارتا پڻ آهي.
اول ماڻھوءَ کي اهو طئي ڪرڻو پوندو هو تہ هو ٻين کي ڇا پيو ڏئي. ڪھڙي سوچ، ڪھڙا لفظ ۽ خيال پيو ورهائي، پوءِ کيس احساس ٿيندو هو تہ ارادو يا نيت، هو جيڪو لفظن جي صورت ۾ ورهائي ٿو، اهو وري کيس واپس موٽي ملي ٿو. هنن مضمونن ۾ پڙهندڙن کي اها ساڳي ڪيفيت نظر ايندي. شين جي پاڻ ۾ هم آهنگيءَ تحت هلڻ يا غير موافق هئڻ جي صورت ۾ سھيڙڻ، تعلق جي نوعيت سمجهڻ، سنڀالڻ ۽ سنوارڻ، غير محسوس روين ۽ وارتائن جو ادراڪ ڪرڻ. وجود، فطرت ۽ ڪائنات کي سمجهڻ، ان وسيلي نتيجا اخذڪرڻ جي ڪوشش ذھني سجاڳي آھي.
اها حقيقت آهي تہ سمجهہ ۽ محسوس ڪرڻ جا پيمانا جدا آهن. جيئن سج جي روشني هر ڪنھن لاءِ ساڳي اهميت نہ ٿي رکي. ڪي ماڻھو سج جي روشنيءَ ۾ خائف نظر ايندا۽ رات ٿيندي ئي پرسڪون ٿي ويندا آهن. ساڳيءَ ريت اونداهيءَ جو پنھنجو ڪارج آهي. رات جو گهڻن ماڻھن جو ساھہ منجهندو آهي، ڇو تہ ڪارو رنگ مايوسيءَ ورهائي ٿو. ڪيفيت بدلجڻ سان جسماني نظام جي ڪارڪردگيءَ ۾ فرق ظاهر ٿئي ٿو.
ٻي ڳالھہ اها آهي تہ سوچ ۽ محسوس ڪرڻ جو انداز سٺا يا برا نتيجا اخذ ڪرائي ٿو. ماڻھن لاءِ شيون يا تہ خراب آهن يا سٺيون آهن، پر هنن ڪڏهن بہ اها ڳالھہ نہ سوچي هوندي تہ سندن سوچ يا ذهن، شين لاءِ جيڪو تاثر يا معيار قائم ڪري ٿو، ان جو بنيادي سبب سندن سوچ جو انداز آهي. انسان جي سمجهہ/ادراڪ Perception سندس ذهني ڪيفيت جو آئينو آهي.
ڪيفيت جي بدلجڻ سان سندس پرک جو پيمانو بہ تبديل ٿيندو، ڪابہ صورتحال مستقل يا حقيقي ناهي ٿيندي.
مون لاءِ فطرت، انساني سمجهہ جو اهو پھريون ڪتاب آهي، جيڪو هڪ قدرتي تربيتي ادارو آهي، جنھن جي آڏو ڊگرين ۽ سندن جي بہ ڪا وڏي اهميت نہ هوندي. اهميت ان علم جي آهي، جنھن ۾ عمل جي طاقت پوشيدہ هجي. دنياوي علم فائدي جي هڪ صورت آهي، جنھن سان غرض جون مختلف ڪڙيون ٻڌل آهن، پر فطرت مان حاصل ڪيل سمجهہ ۽ سکيا، منفي سوچ ۽ روين کان آجي هوندي آهي. فطرت جا مختلف ڪارج آهن، جيڪا غذا جي صورت ۾ توانائي، دوست جي روپ ۾ آٿت ۽ ڏاهي جي ويس ۾ توازن سيکاري ٿي.
دنيا جون مختلف قومون نباتات جي پوڄا ڪنديون آهن. پنھنجو جسماني ۽ روحاني علاج بہ ان قدرتي مسيحا کان حاصل ڪن ٿيون. پر اسان ساوڪ ۽ فطري مظھرن جي معجزاتي اثر کان اڻ واقف آھيون. مثال وھندڙ پاڻي جي قوت، پھاڙن جي سانت ۾ لڪل روحاني رمز، آسمان جي رنگن جو مزاج تي پوندڙ اثر، اُس جي ڀاڪر جي گرمي، ڀٽن جي ڀرسان اسرندڙ تنھائيءَ جي طاقت، ڪنھن صوفي جي ڪرشماتي سوچ کان گهٽ ڪونهي.
مون ڪالم ۽ مضمون لکيا آهن، جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهن. هي بنيادي طور تي مضمون آهن، پر اڄڪلھہ ڪالم ۽ مضمون کي هڪ ئي نثري صنف طور ڏٺو وڃي ٿو، جيڪو تاثر غلط آهي. ڪالم جو فني گهاڙيٽو مضمون کان ڪافي مختلف آهي. ٻنھي جي اهميت ۽ گهرج بنھه مختلف ٿئي ٿي.ڪالم، گفتگو واري طرز تي لکيا وڃن ٿا، جن ۾ موضوع جا گهڻا رخ ايندا آهن، جيڪي ھڪ تصور جي چوڌاري ڦرندا رھن ٿا. جيئن محسوس ٿئي تہ ڪالم نويس پڙهندڙن سان هم ڪلام آهي. ڪالم ۾ موضوع جا سمورا تفصيل شامل نہ هوندا آهن. ڪالم گهڻو ڪري ڪنھن تازي واقعي يا معاملي بابت ٿيندا آهن.
عام طور تي ٻن طرح جون لکڻيون ٿين ٿيون، جن ۾ فڪشن
۽ نان فڪشن شامل آهن. نان فڪشن ادب وري صحافت
(Literary Journalism) جو حصو ٿئي ٿو، جنھن ۾ تخليقي يا تعميري طور تي موضوع کي بيانيہ انداز ۾ تحرير ڪيو ويندو آهي. هن انداز کي بيانيہ صحافت (Narrative Journalism) سڏيو وڃي ٿو. هن قسم جي لکڻين ۾ ڪنھن بہ موضوع جي باري ۾ گھري ۽ بامعنيٰ انداز ۾ معلومات فراهم ڪئي ويندي آهي. ان قسم جي تحرير جي جوڙجڪ ۾ تمثيلي انداز، دلڪشن ٻولي ۽ منفرد طريقو شامل هوندوآهي، جنھن ۾ اُتساھيندڙ موضوع جھڙوڪ فطرت تي مشتمل لکڻيون، سفرناما، راندين ۽ سائنسي موضوعن تي مشتمل ڪالم، سوانح حيات، يادگيريون، ڊائريون/خاڪا ۽ انشائيا وغيرہ شامل ٿين ٿا.
هن قسم جي لکڻين ۾ ليکڪ جي شخصيت حصي دار هوندي آهي. چاهي هو تحرير ۾ واضح طور تي نظر اچي يا تحرير جي پس منظر ۾ ڪٿي موجود هجي. هو تحريرن وسيلي ذات جا مخفي پھلو دريافت ڪري، پاڻ کي اُتساھہ بخشي ٿو.
ان قسم جي لکڻين ۾ مايا اينجلو جو ڪتاب“I know why the Cagged birds sing” جيڪو 1979ع ۾ ڇپيو.
James Baldwin جي ڪتاب “Note of a native son” بہ شھرت ماڻي، هي ڪتاب 1955ع ڌاري ڇپيو ۽ نان فڪشن ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. ان کانسواءِ Wendell Berry جو ڪتاب “Recollection Essays” وغيرہ شامل آهن. هي بنيادي طور تي مضمون آهن. شروع ۾ انگريزي مضمون پڙهڻ سان ان صنف سان ويجهڙائي ٿي. مضمون لفظ Essay جيڪو فرينچ لفظ مقدمي (Trial) يا ڪوشش (Attempt) مان ماخوذ ٿيل آهي. پندرهين صديءَ ڌاري، فرانس جي مشھور مضمون نگار مائيڪل ڊي مانٽين (Montainge) متعارف ڪرايو، جيڪو مضمون لفظ جو باني آهي. هن ”Essias“ جي نالي سان 1580ح دوران اهي مضمون لکيا. مانٽين جا مضمون انتھائي منفرد ۽ مشاهداتي آهن، جن ۾ ٻولي ۽ معنيٰ جي حسناڪي عروج تي پھتل نظر اچي ٿي. مانٽين جي شھرت جو سبب ئي سندس ڏاھپ ۽ موضوع کي پيش ڪرڻ جو نرالو انداز آهي.
سورھين صدي جي وچ ڌاري، انگريزي مضمون نگار لارڊ فرانسس بيڪن جو نالو قابل ذڪر آھي، جنھن فلسفياڻي انداز ۾ تجزياتي مضمون لکي پاڻ مڃايو. مختصر لفظن ۾ گھري ۽ بامعني ڳالھہ چوندڙ بيڪن جا عقلي، تجزياتي ۽ بيباڪ لفظ حيران ڪن آھن. کيس انگريزي مضمون نويسي جي بنياد وجهندڙ طور تي مڃيو ويندو آھي.
ارڙهين صديءَ ۾ شايع ٿيندڙ انھن مضمونن جي ٻولي ۽ معنيٰ جي حسناڪي عروج تي نظر اچي ٿي. جوزف ايڊيسن ۽ اسٽيل جا ڪتاب “Tatler” ۽ “Spectator” تمام گهڻا مقبول ٿيا. هي سوانحي طرز جا دلچسپ مضمون آهن.
انھن مضمونن ۾ ان وقت جي زندگيءَ جا لاڙا بخوبي ڏسي سگهجن ٿا. رچرڊ ۽ جوزف ٻنھي خوشحال ۽ ڀرپور زندگي گذاري. ٻئي هڪٻئي کي تيرهن سالن جي عمر کان سڃاڻيندا هئا. انھن مضمونن ۾ ارڙهين صديءَ جي انگلينڊ جي سياسي ۽ ادبي زندگيءَ جو اولڙو صاف پسي سگهجي ٿو. ٻنھي جي شخصيت منفرد، مختلف ۽ مشاهداتي عنصر سان ڀرپور هئي. ٻنھي مشترڪه صحافت (Collaborative Journalism) جو بنياد وڌو. هن دور ۾ برطانيہ جو نان فڪشنل ادب هيئت، جوڙجڪ ۽ موضوع جي اعتبار کان نون لاڙن ۽ رجحانن سان ڀرپور هو. پوءِ بہ ٻنھي جي گڏيل ڪوشش کي نقادن تنقيد جو نشانو بنايو. ايڊيسن هڪ فصيح ۽ بليغ ليکڪ هو، جڏهن تہ اسٽيل هڪ سٺو ايڊيٽر ۽ مضمون سھيڙيندڙ هو. سندن لکيل مضمون بنيادي ۽ منفرد حيثيت رکن ٿا. اهي پريوڊيڪل ايسيز قسطوار ڇپيا ۽ پڙهندڙن جو ڌيان متحد رکيائون. اهي مضمون، نون مضمون نگارن لاءِ بہ سکيا جو بھترين ذريعو سمجهيا ويندا آهن.
اڻويھين صديءَ ۾ انگريزي جي مشھور مضمون نويس چارلس ليمب Charles Lamb لنڊن ميگزين لاءِ مضمون (Essay of Elia) لکيا، جيڪي 1820ع ڌاري ڇپيا. اڻويھين صدي ادب، فن و فڪر، نفسيات ۽ سائنس لاءِ هڪ روشن دور طور نروار ٿي. ان دور جا مضمون نگار ذهين، فعال ۽ مزاحيه ذهانت سان ڀرپور هئا، جن ۾ ٿامس ڪارلائل، رالف والڊو ايمرسن، اوليور وينڊيل، واشنگٽن ارونگ، جان رسڪن، وليم هيزلٽ ۽ هينري ڊيوڊ ٿارو شامل آهن. چارلس ليمب جو طرز تحرير دلچسپ، داخلي ۽ سوانحي آهي، سندس مضمونن ۾ ذاتي زندگيءَ جو عڪس واضح طور تي چٽيل نظر اچي ٿو. انگريزي ادب جو ڏنل اتساھہ سنڌي ٻوليءَ جي مختلف صنفن تي نظر اچي ٿو، جن ۾ ڪالم ۽ مضمون نمايان طور تي شامل آھن.
جيستائين سنڌي مضمون نويسيءَ جو تعلق آهي تہ سنڌي ٻولي جي مضمونن جي شروعات ڪوڙيمل چندن کلناڻيءَ ڪئي، جنھن 1862ع ڌاري پھريون مضمون ”پڪو پھہ“ جي نالي سان لکيو. مرزا قليچ بيگ انگريزي ادب جي مشھور مضمون نويس فرانسس بيڪن جا مضمون Bacon’s Essay جو ترجمو ’مقالات الحڪمت‘ جي نالي سان ڪيو. سندن ٻيو ڪتاب ’تھذيب الاخلاق‘ هو، جيڪو چيني زبان جي عالم مضمون نويس جو هو، مرزا صاحب اهو ترجمو انگريزي تان ڪيو. ورهاڱي کان اڳي مضمون نويسيءَ ۾ ڪيترا اهم نالا ملن ٿا، جن ۾ ديوان ڪوڙو مل، جيٺمل پرسرام، ڀيرو مل، پريم چند، لعل چند امر ڏنو مل ۽ پرمانند ميوارام وغيرہ شامل آهن. 1918ع ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي رهبريءَ تحت سنڌي اخبار ”الا مين“ شايع ٿي، جنھن ۾ سٺا مضمون شايع ٿيا. اخبار ”الوحيد“، ”توحيد“ ۽ ”ستاره سنڌ“ ۾ بہ مضمون جي صنف جي اوسر ٿي. سنڌي اخبارن ۽ رسالن شروع کان سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌ ويجهہ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
ورهاڱي کانپوءِ لال سنگهہ اجواڻي، گوبند ڀاٽيا، رام پنجواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، چيتن ماڙيوالا، هرومل سدا رنگاڻي، عثمان علي انصاري، جئرام داس دولترام، هرانند ڪرمچند ۽ ان کانپوءِ محمد ابراهيم جويي، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي. جي. اتم جوت جلائي. مضمون نگار عطا حسين موسوي جو ڪتاب ”ڪچ ڪوڏيون“ شايع ٿيو، جنھن اديبن جو ڌيان مضمون نويسي جي صنف ڏانھن ڇڪرايو. ان ڏس ۾ ميران محمد شاھہ، پروفيسر جهامنداس ڀاٽيہ، پير علي محمد شاھہ راشدي، علامہ عمر بن محمد دائود پوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، رحيم داد مولائي شيدائي، پير حسام الدين راشدي ۽ علامہ آءِ آءِ قاضي جا نالا قابل ذڪر آهن. ورهاڱي کانپوءِ هندوستان ۾ مضمون نگاري ۾ تيرٿ بسنت، لالسنگجواڻي، هرو مل سدارنگاڻي، رام پنجواڻي، ٻلديو گاجرا، گنگا رام سمراٽ، منو گدواڻي، جوهر بيٺجا، اتم ڪيرت ۽ پوپٽي هيراننداڻي جا نالا اهم جاءِ والارين ٿا. موجودہ دور ۾ هندستان ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٺلي، پرم ابيچنداڻي، هيروٺڪر، ڊاڪٽر ستيش روهڙا، شيوڪاڻي، رام امر لال پنجواڻي، هريش وسواڻي، ريٽا شھاڻي، ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، لکمي کلاڻي، ڊاڪٽر موتي پرڪاش، هوند راج بلداڻي، ليلو رچنداڻي ۽ ٻين مضمون نويسي ۾ پنھنجو نالو ملھايو آھي.
سنڌ ۾ جن اديبن مضمون نويسي ۾ نمايان ڪم ڪيو، انھن ۾ محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، تنوير عباسي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ولي رام ولڀ، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر فھميدہ حسين، ڊاڪٽر قاضي خادم، سراج، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، شوڪت حسين شورو، مير محمد پيرزادو، مدد علي سنڌي، تاج جويو، انعام شيخ، بدر ابڙو، اشتياق انصاري ۽ جامي چانڊيو شامل آهن. سنڌي ۾ مضمون نويسي ۾ آڳاٽي دور کان ويندي هن وقت تائين نالن جي هڪ ڊگهي فھرست آهي. انھن تمام مضمون نگارن پنھنجي مضمونن وسيلي وجود، ٻولي، ڌرتي ۽ فلسفي جي موضوعن تي بھترين مضمون تخليق ڪيا آهن. سنڌي ادب جي کيتر ۾ فڪشن سان گڏ نان فڪشن ۾ بہ اسان کي تمام سگهارا نالا ملن ٿا. هن ڪتاب ۾ شامل ڪي موضوع بلڪل نوان آهن، جن تي ان کان اڳي ڌيان نہ ڏنو ويو آهي. خاص طور تي ماحول ۽ موسمن جي ڄاڻ ۽ انھن جو انساني مزاج تي پوندڙ فڪري ۽ طبي اثر يقيني طور تي اهم موضوع آهن، جن تي يورپ ۾ گهڻو مواد ملي ٿو.
مون ڪوشش ڪئي آهي تہ ذات جي ڄاڻ/خودشناسي کان ماحول ۽ ڪائناتي شعور تائين، سوچ جو ڪو نئون انداز متعارف ڪرائجي. اميد ڪيان ٿي تہ فڪري ۽ سماجي موضوعن جي حوالي سان اهي تحريرون، پڙهندڙن کي سوچ جا نوان دڳ ڏسينديون.
مان ٿورائتي آھيان ڀاءَ عزيز رانجهاڻي جي، جنھن فڪري ۽ سماجي نفسيات جي اھميت کي سمجهندي، انھن مضمونن کي ڇپرائڻ جي صلاح ڏني.


شبنم گل
حيدرآباد
5 ڊسمبر 2018ع

خـود شنـاسـيءَ جـو جـوهـر

---

مثبت احساس جي روشني

هڪ ادبي ميڙ ۾ بيٺي هئس تہ اوچتو هڪ ٽيھن پنجٽيھن سالن جو نوجوان اچي سامھون بيٺو. چھري مان پريشان حال ٿي لڳو. چوڻ لڳو: ”نفسيات جي موضوع تي توهان جو لکيل هڪ مضمون پڙهيو ھيم، جنھن ۾ توهان لکيو هو تہ اُهي ٻار جيڪي گهريلو جهيڙن جهٽن ۾ پلجي وڏا ٿين ٿا، سي ڪڏهن بہ سُٺا جيون ساٿي نہ ٿا بڻجي سگهن، خاص طور تي عورتون.“
مان منجهي پيس تہ کيس ڇا جواب ڏيان. پر پوءِ ذهن تي زور ڏنم تہ اهو موضوع ياد آيو تہ چيومانس: ”ظاهر آهي تہ والدين ٻارن جي سامھون هڪ مثال ٿين ٿا. سندن رويا اولاد جي شخصيت تي سڌا سنوان اثر انداز ٿين ٿا.“
چيائين: ”منھنجي گهر واريءَ جي بہ جهيڙي واري ماحول ۾ پالنا ٿيل آهي. سندس والدين سدائين پيا پاڻ ۾ وڙهندا هئا. هوءَ بہ مون سان گهڻو وڙهي ٿي. ٻار ننڍا آهن، ان ڪري کيس ڇڏي بہ نہ ٿو سگهان. ٻي ڳالھہ تہ مان کيس دل جي گهرائيءَ سان چاهيان ٿو. توهان ئي ٻڌايو تہ ڪھڙو فيصلو ڪريان، منھنجي ان مسئلي جو ڪھڙو حل ٿي سگهي ٿو؟“
وراڻيم: ”هڪٻئي جي خامين کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو.“
جواب ٻڌي مرڪيو ۽ چيائين: ”اها بہ ڪوشش ڪري ڏٺي اٿم. الڳ گهر چيائين تہ اهو بہ وٺي ڏنومانس، پر پوءِ بہ سڪون نہ اٿس.“
نوجوان گهڻو پريشان هو. ڏٺو وڃي تہ هر ٻيو ٽيو ماڻھو اهڙي صورتحال ۾ ڦاٿل نظر اچي ٿو. ان سوال مون لاءِ سوچ جا نوان رستا ڳولھي لڌا. شخصي تضاد جي ڪري ازدواجي زندگي جھنم بڻجي ٿي. نوجوان جي سوال جو مطلب هو تہ آخر عورت ڇا ٿي چاهي؟ مرد ۽ عورت جي پالنا ساڳئي ئي ماحول ۾ مختلف معيارن جي تحت ٿئي ٿي. سندن عادتون ۽ رويا هڪٻئي کان بنھہ مختلف ٿين ٿا. ڇوڪرن کي گهرن ۾ وڌيڪ اهميت ملڻ سبب اڪثر ھو احساس برتري ۾ مبتلا ٿي ويندا آھن. پھريون اولاد پٽ جو ھئڻ جي صورت ۾ کيس ضرورت کان وڌيڪ توجھہ ملي ٿي، اھڙي صورتحال ۾ هو ٻين ٻارن جي مقابلي ۾ ارڏو ۽ گهٽ تعاون ڪندڙ ثابت ٿيندو. ٻئي طرف پٽن جي مقابلي ۾ نياڻين کي نظرانداز ڪرڻ ھڪ عام رويوآھي، ھونئن بہ ڇوڪرين جي اندر احساسِ محرومي ۽ سماجي خوف فطري طور تي اڳواٽ ئي موجود ھوندو آهي.
سائنسي تحقيق مطابق، مرد ۽ عورت جي وچ ۾ حياتياتي فرق موجود آهي، جنھن جي ڪري مرد عملي، منطقي ۽ رابطي جي فعاليت جو مظاھرو ڪري ٿو. هو مشاهدي مان چند اهم شيون ذهن ۾ رکندو آهي. پر عورت هڪ ئي وقت ۾ گهڻا ڪم ڪري سگهي ٿي. هن وٽ مشاهدي جي سموري تفصيل ذھن ۾ محفوظ ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي تہ يورپ ۾ عورتن کي سراغ رساني جي ڪم لاءِ موزون سمجهي، کين ان شعبي ۾ ترجيحي بنيادن تي شامل ڪيو ويندو آھي. سسپينس ۽ جاسوسي ادب تخليق ڪندڙن ۾ عورتن جو وڏو حصو رھيو آھي، جن ۾ اگاٿا ڪرسٽي جي ناولن جا مداح پوري دنيا ۾ موجود آھن.
مرد پنھنجي انا جي ڪري عورت جي حساس گهرجن ۽ مشاهدي جي باريڪ بيني کي اهميت ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو، جنھن جي ڪري ان موڙ تي ٻنھي جي وچ ۾ تضاد پيدا ٿئي ٿو. ڇو تہ عورت جي حساسيت کي سمجهڻ ۽ سندس توقعات مطابق هلڻ مرد لاءِ ڏکيو عمل آھي. مرد ڪڏهن بہ تبديل ٿيڻ نہ چاهيندو. ڪن حالتن ۾ وري عورت بہ سمجهوتو نہ ٿي ڪري، پر ٻئي هڪٻئي کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش کانسواءِ بہ خوشگوار زندگي گذاري سگهن ٿا.
سماج ۾ مرداڻي غلبي هئڻ ڪري عورت جي مرضي ثانوي حيثيت رکي ٿي. ھونئن بہ عورتن ۾ ڊپريشن، مردن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ٿئي ٿو. سندن ذهني ۽ جسماني بيمارين جو سبب اهو آهي تہ هو ناپسنديدہ صورتحال سان گهٽ سمجهوتو ڪري سگهن ٿيون، پر ڪٿي مصلحتاً کين خاموش رهڻو پوي ٿو. ان بي اطمينانيءَ جو سندن ذهني صحت تي خراب اثر پوي ٿو. اهي ذهني ڪيفيتون اڳتي هلي جسماني بيمارين ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون.
عورتن جي طبي بيمارين جون ڪڙيون، اڪثر سندن ننڍپڻ جي احساس محرومين ۽ اڻ وڻندڙ صورتحال سان وڃي ملن ٿيون. ان مشڪل موڙ تي کين رهنمائيءَ جي ضرورت پوي ٿي، جيئن هو انھن ذهني مونجهارن مان ٻاهر نڪري سگهن. جيڪڏهن اهڙي عورت جو مڙس بہ احساس محروميءَ ۾ مبتلا هوندو تہ هو زال جي ذهني صحت کي بھتر ڪرڻ ۾ ڪوبہ ڪردار ادا ڪري نہ سگهندو. اهڙي مونجهاري ۾ ڪو نفسياتي ماهر ان عورت جي تڪليف کي سمجهندي، ڪو حل ڪڍي سگهي ٿو. ھو صلاح ۽ مشوري (Counseling) وسيلي علاج ڪري ٿو، جيڪو دوائن جي مقابلي ۾ محفوظ حل آھي. نفسياتي بيماري جون دوائون، حمل کان ويندي ٿڃ پيئارڻ تائين ٻار جي فطري اوسرکي پڻ متاثر ڪن ٿيون. ڪٿي تہ دوا فائدو ڪرڻ جي بجاءِ مرض ۾ بگاڙ پيدا ڪريو ڇڏي. دوا جي ڀيٽ ۾ چڱو احساس وڌيڪ اثر ڏيکاري ٿو. اهو ڪردار ڀيڻ يا ڪا ويجهي ساهيڙي بہ ادا ڪري سگهي ٿي.
نفسياتي ماهر اڄ بہ ان تحقيق ۾ رڌل آهن تہ انسان جي شخصي اوسر ۾ ماحول جو وڌيڪ اثر آھي يا پالنا جو. پالنا جي اهميت هوندي بہ ٻار جي شخصيت ۾ موجود ڪجهہ نمايان رويا کيس جينياتي طور تي منتقل ٿيندا آھن، جيڪي موروثي بيمارين جيان سفاڪ ٿين ٿا. جيئن تہ اسان جي معاشري ۾ ذهني صحت بابت ھڪ عام ماڻھوءَ وٽ گهٽ ڄاڻ آهي، ان ڪري موروثي منفي اثر بہ نظرانداز ٿيو وڃن جھڙوڪ: ڪاوڙ، ڪوڙ، بزدلي، ڏيکاءُ، ٻٽا رويا ۽ مصلحت پسندي وغيرہ.
ان کانپوءِ ماحول جو وارو اچي ٿو. سٺو ماحول انھن منفي روين کي اعتدال ۾ آڻي ٿو، جڏهن تہ ناسازگار ماحول انھن جي شدت ۾ اضافي جو باعث بڻجي ٿو.
ماءُ جي سوچ جو اثر حمل دوران ئي ٻار تي اثرانداز ٿيندو آھي. ڇو تہ ان ڪيفيت مان گذرندڙ هر عورت، ان وقت ذهني ۽ جسماني دٻاءَ جو شڪار ھوندي آھي. اُها ماءُ، جيڪا اڳ ۾ ئي ڳڻتين ۽ انديشن ۾ مبتلا آهي، حمل دوران سندس ڪيفيتن ۾ واڌ اچي ٿي. ان دوران ماءُ جو سخت ذهني دٻاءَ ۾ رھڻ سبب، ٻار جي ذهني ۽ جسماني اوسر بہ شديد متاثرٿي سگهي ٿي. خوش ۽ مطمئن مائرون صحتمند ٻار دنيا ۾ آڻين ٿيون. جڏهن تہ ذهني اذيت جو شڪار عورتون، اڪثر ذهني ۽ جسماني طور تي بيمار ٻار پيدا ڪنديون آهن. ان ڪيفيت ۾ سندن ابارشن ٿي ويندا آهن. ڪڏهن تہ عورتون ڊپريشن جي ڪري ٻار ڄڻڻ جي صلاحيت کان ئي محروم ٿي وينديون آهن.
اها حقيقت آهي تہ عورت جي جسماني بناوت اهڙي آهي، جو سندس جسم پريشاني يا ذهني دٻاءَ جو بوجهہ نہ ٿو کڻي سگهي. انڪري عورتن ۾ بيماريون مردن جي نسبت وڌيڪ ٿين ٿيون. ڳڻتيءَ جي ڪري، عورت جي جسم جو ڪيميائي عمل براھہ راست متاثر ٿئي ٿو، جيڪو سندس مزاج جي رخ جو تعين ڪري ٿو.
جيڪڏهن عورت اڳي ئي ذهني پيڙا ۾ مبتلا آهي تہ ان صورت ۾ هوءَ پوسٽ پارٽم ڊپريشن جي شدت ۾ مبتلا ٿيو وڃي. حمل ۽ ڄم دوران مزاج جي خرابين کي Postpartum Depression ياPostnatal Depression سڏيو وڃي ٿو.ان ذهني ڪيفيت مان هر عورت گذري ٿي. ائين کڻي سمجهو تہ هوءَ ان سموري عمل دوران ذهني ۽ جسماني طور تي بيمار آھي. ان ذھني ۽ جسماني پيڙا دوران کيس محبت، شفقت ۽ سمجهہ جي گهڻي ضرورت پوندي. اهو ئي دور آهي، جنھن ۾ سندن پرگهور لھڻ نھايت ضروري آهي. عورت جي صحت جو مڪمل دارومدار سندس خاندان جي توجھہ تي منحصر آهي. اهي خراب ڪيفيتون اڪثر ٻار جي ذهني نشونما ۽ جسماني واڌ ويجهہ تي شدت سان اثر انداز ٿينديون آهن. زال جو خيال رکڻ، پنھنجي ايندڙ نسلن کي تحفظ ڏيڻ آهي. ماءُ ۽ ٻار جو احساس هڪٻئي سان جڙيل آھي. خوش ۽ مطمئن مائرون پنھنجين نسلن کي بھتر ذهني ۽ جسماني تحفظ فراهم ڪن ٿيون. ٻيءَ صورت ۾ ماءُ جي مايوسي، خود رحمي ۽ تشويش سبب معصوم ٻارن ۾ منتقل ٿي وڃن ٿيون. جيئن وڻ جو گهاٽو هجڻ زمين ۽ ٻج جي خاصيت جو اثر آهي، پر وڻ جي اوچائيءَ جو تعين آبھوا ڪري ٿي. ساڳيءَ ريت ماحول ۽ موروثيت جو اثر لازم و ملزوم آھي.
ٻار جڏهن وڏو ٿئي ٿو تہ هو پنھنجي ماحول ۽ ذاتي تجربن مان گهڻو ڪجهہ پرائي ٿو. نفسياتي مسئلن ۾ مبتلا مائرن جا ٻار، عمر جي هر حصي ۾ سندن ذهني پيڙا ۽ منفي روين کان گهايل ٿيندا رهن ٿا. ڊپريشن جي ڪيفيت ۾ عورتن جي اندر تخليقي صلاحيت پڻ ظاھر ٿئي ٿي. ان ڪيفيت دوران، عورتن بھترين ادب سرجيو آهي، جن ۾ اوريانہ فلاچي، ورجينيا وولف، سلويا پاٿ ۽ سارا ٽيسڊيل ۽ ٻيون ڪيتريون عورتون شامل آهن، جن ذهني پيڙائن کي تخليق جو روپ ڏنو. هن وقت بہ دنيا جا بھترين ادبي اعزاز عورتن وٽ آهن. اندازاً پنجاھہ کن عورتن نوبل پرائيز حاصل ڪيا آهن.
ذهني پيڙا جو حل، تخليقي عمل جي مصروفيت ٿي سگهي ٿو. ڪوبہ تخليقي يا تعميري ڪم، ذهني ويڳاڻائپ ۾ ڪمي آڻي ٿو. ڇوڪرين جي پالنا ۾ ڪي رويا، سندن ذهني ۽ جسماني صحت جو رخ ترتيب ڏيندا آهن. ان صورتحال ۾، سندن وارثن جو اولين فرض ٿئي ٿو تہ هو حالتن جي ستايل عورتن کي پيار ۽ عزت ڏين، ڇو تہ توجھہ ۽ پيار کان وڌيڪ ٻيو ڪو اثرائتو مرهم نہ ٿو ٿي سگهي. عورت کي فقط مثبت احساس جو ڇانورو گهرجي، اهو بھتر ورتاءُ وقت جي اھم ضرورت آهي. ڇو تہ خاندان جي بقا ۽ نسلن جي واڳ ان عورت جي ئي هٿ ۾ آهي، جنھن کي سندس ذات ۾ اڪيلو ۽ ويڳاڻو بنايو وڃي ٿو.
ٻيو رويو، جيڪو ڇوڪرين لاءِ هاڃيڪار آهي، اهو والدين جو بيجا لاڏ ۽ پيار آهي، جيڪو کين پنھنجي طور تي جذباتي سطح تي مضبوط ٿيڻ نہ ٿو ڏئي. خودانحصاري، عورت لاءِ ساھہ کڻڻ جي عمل جيان ضروري آهي، نہ تہ هوءَ جذباتي سھارن لاءِ واجهائي ٿي. جذباتي لاڳاپا سک کان وڌيڪ ڏک ۽ بي اطميناني جو سبب بڻجن ٿا.
فطري طور عورت ڪنھن لھر جيان بي چين رهندي آهي. ان جا بہ ڪي طبعي ڪارڻ آهن. جڏهن تہ مرد صرف پنھنجي انفرادي مدار جي چوڌاري ڦرڻ جو عادي آهي. کيس بيروني مداخلت گهڻي پسند ناهي. مرد جون خواهشون ۽ خواب خارجي دنيا سان سلھاڙيل هوندا آهن. مرد ۽ عورت جون ذهني ۽ جسماني گهرجون الڳ نوعيت جون ٿينديون آهن، ان ڪري سندن روين ۾ تلخي پيدا ٿي پوي ٿي. جڏھن تہ روين جي وچ ۾ تضاد جي بہ پنھنجي اهميت آهي، پر تضاد ۽ انفراديت سان سھمت رهڻ سڀ ڪنھن جي وس جي ڳالھہ ناهي. مزاج جي خلاف ٿيندڙ ڳالھين تي هڪدم جذباتي ردعمل جو اظھار جي ڪري، مسئلا حل ٿيڻ بدران وڌي وڻ ٿيو وڃن. جڏهن مرد ۽ عورت ٻئي پنھنجي وچ ۾ موجود ان ذهني ۽ جسماني تفاوت جي منطق کي حقيقت پسندانہ ۽ سائنسي انداز ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا تہ تڏهن ئي ڪا بھتر صورت پيدا ٿي سگهندي.
اها حقيقت آهي تہ ٻار هجي يا وڏو هجي، سندن ذهني ۽ جسماني گهرجن کي نظر انداز ڪرڻ، منجهن جارحيت پيدا ڪري ٿي ڇڏي. جنھن سبب اهي ’ڌيان ڇڪرائيندڙ رويي‘ (Attention Seeking Behavior) جو شڪار ٿيو وڃن. ان رويي جا متاثر پاڻ ڏانھن متوجھہ ڪرڻ لاءِ عجيب و غريب حرڪتون ڪرڻ لڳندا آهن. وڏن جي زندگين ۾ اهي جذباتي ڊراما توجھہ ۽ رابطي جي کوٽ سبب لاشعوري طور تي پيش ايندا آهن، جيڪي وقت جو ذيان ۽ جذباتي ويڇن جو ڪارڻ بڻجن ٿا. اهي بي يقينيءَ جي پيداوار آهن. جهيڙن جهٽن واري ماحول ۾ پرورش پائيندڙ مرد ۽ عورت ٻئي وچڙندڙ بيمارين جيان ٿين ٿا، جيئن اسان بيماريءَ مان جان ڇڏائڻ لاءِ حيلا وسيلا ڪندا آهيون. ساڳيءَ ريت ذهني مونجهارن کي منھن ڏيڻ لاءِ حقيقت پسندي ۽ منطقي رويا بھترين دوا ثابت ٿين ٿا.

وقت جو پنجون ڏاڪو

وقت کي فلاسفر، سائنسدان ۽ نفسيات جا ماهر پنھنجي انداز ۾ بيان ڪندا رهيا آهن. ڏند ڪٿائن، وقت جي الڳ انداز سان وضاحت ڪئي آهي. يوناني ڏند ڪٿا مطابق، وقت هڪ دائمي آسماني گهر آهي، جتي وقت جي لافاني ديوتا ڪرونوس جي حڪمراني آهي. مايا، آسٽريا، مصر، روم ۽ جپان جي قديم ماڻھن وقت بابت گهڻو ڪجهہ لکيو ۽ بيان ڪيو آهي، خاص طور تي يوناني وقت کي دائري ۾ ڦرندڙ ۽ تبديل ٿيندڙ محور سڏين ٿا. وقت جي خاصيت اها آهي تہ ان کي حرڪت سان ماپيو وڃي ٿو. حرڪت وسيلي ان جو ثبوت ملي ٿو.
ٿيوري آف ريليٽوِٽي مطابق اسپيس يا خال دنيا جي ڊهڻ بعد وجود ۾ آيو. سڄو مادو ٻيھر هڪ ننڍڙي نڪتي ۾ بدلجي ويندو، جنھن بعد وقت جي تصور جي پڄاڻي آهي. آئنسٽائن ماضي، حال ۽ مستقبل کي پُرفريب خيال سڏي ٿو. سندس خيال ھو تہ روشني زمين تائين پھچڻ ۾ اٺ منٽ لڳائي ٿي، سج اٺ منٽ ۽ ويھہ سيڪنڊ پراڻو آهي. اسان اهو منظر ماضي ۾ ڏسون ٿا.
وقت جي تاريخ پراسرار ۽ لامحدود آهي. وقت ماضي، حال ۽ مستقبل تي مشتمل آھي، جيئن ڪجهہ ماڻھو ماضي تہ ڪي حال يا مستقبل ۾ رهندا آهن. ماضيءَ ۽ مستقبل ۾ رهڻ وارن جون عادتون ۽ رويا مختلف ٿين ٿا. ساڳيءَ ريت حال ۾ رهندڙن جي سوچ ۽ ورتاءُ پڻ الڳ آھن. وقت، عمر، ڪيفيت ۽ حالتن جو رخ طئي ڪري ٿو. سمجهو تہ وقت جي انساني ذهن کان ٻاهر ڪابہ اهميت نہ آهي. ذهني ڪيفيت مطابق، وقت سست ۽ تيز رفتار ٿي سگهي ٿو. جيئن جسم جي درجي حرارت ۾ اضافي سان وقت جي رفتار سست محسوس ٿيندي. وقت جي ھر پھر دوران جسم جو ڪيميائي عمل بہ مختلف ھوندو آھي.
جڳ مشھور سائنسدان آئنسٽائن، وقت جي مختلف پيمانن (Dimensions) جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي انسان جي طبعي، ذهني ۽ روحاني پھلوئن جي نمائندگي ڪن ٿا. وقت جي سمجهہ سان شعوري ارتقا جو سفر بہ شروع ٿيو. ايڊنبرگ، اسڪاٽلينڊ جي باغن جي سپرنٽنڊنٽ جان مڪ هيٽي (John McHattie) اوڻھين عيسوي صديءَ ڌاري، گهڙي ساز جيمز رچي (James Ritchie) جي سھائتا سان ”فلورل ڪلاڪ“ (Floral Clock) ايجاد ڪيو. ان طرز جو گهڙيال اڳ بہ موجود هو، پر هي جديد ۽ مڪمل فعال گهڙيال هو، جنھن ۾ گلن جي ٽڙڻ جي مختلف اوقات وسيلي وقت جو ڪاٿو لڳايو ويندو هو. ان کانپوءِ جلد ئي پوري دنيا ۾ اهي گهڙيال باغن ۾ لڳايا ويا.
برقي مقناطيسي قوت ۽ ڪائناتي لھرون کوجنا جي ان سفر ۾ اهميت رکن ٿيون. ان لحاظ کان انسان هجي يا نباتات، سندن اندريون جسماني گهڙيال (نظام) چوويھن ڪلاڪن سان رابطي ۾ رهي ٿو. وقت جو ڦيرو، قدرتي طور تي انساني ذهن سان لاڳاپي ۾ رھندو اچي.
ساڳيءَ ريت پکين جي هجرت، ميلاپ ۽ آکيرن جوڙڻ جو ڏانءُ بہ موسم آهر طئي ٿيل آهي. موسمن جو انساني مزاج تي اثر پوڻ ڪري، جسم تي مختلف ڪيميائي رد عمل ظاهر ٿين ٿا، جيڪي طبعي ۽ نفسياتي حوالن سان ذهني و جسماني ڪارڪردگي جو رخ ترتيب ڏين ٿا. انڪري انسان کي نہ فقط وقت کي سمجهڻ گهرجي، پر وقت جي ڪانٽن سان گڏ هلڻ جو ڏانءُ پڻ سکڻ گهرجي.
ڊائمينشن لفظ ماپ طور لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. جھڙوڪ: ڊيگهہ، ويڪر ۽ گهرائي وغيرہ، اهو زندگيءَ جو طريقي ڪار پڻ آهي، جنھن ۾ فطري خاصيتون، واڌ ويجهہ، لاڙا ۽ ذهني وسعتون اچي وڃن ٿيون.پھريون يا ٻيو ڊائمينشن زندگيءَ جي بنيادي مرحلن سان تعلق رکي ٿو، جنھن ۾ خوراڪ، نسلي واڌ ۽ بقا وغيرہ شامل آهن، پر وقت جا اهي شروعاتي ٻئي رخ، محدود ۽ سطحي آهن، جنھن جي ڪري محدود سوچ يا سطحي قسم جي ماڻھن کي ون ڊائمنشنل (1D)يا ٽو ڊائمنشنل (2D) سڏيو وڃي ٿو، جيڪي ذاتي تجزيي يا سمجهہ جي صلاحيت کان محروم، رڳو کاڌي، آسائشن۽ ضرورتن تائين محدود رهندا آهن.
وقت جا اهي مختلف وهڪرا مستقل انساني سوچ، سمجهہ، مشاهدي ۽ کوجنا جو رخ ترتيب ڏيندا رهن ٿا. ٽيون ڊائمينشن (موجودہ دور) وجود، ڪائنات ۽ زندگيءَ جي سمجهہ جو وسيع دائرو آهي. اهو انسان تي منحصر آهي تہ هو ساعتن جي سمجهہ بنا زندگي گذاري يا وقت سان گڏ ھلي، جيئڻ کي ڪا معنيٰ عطا ڪري، ڇو تہ جنھن دور ۾ انسان موجود آهي، ان جي سمجهہ سندس فن ۽ فڪر تي گهرا اثر ڇڏي ٿي. دورجي مشاهدي کانسواءِ فڪري اوسر ممڪن نہ آهي. پنھنجي سڃاڻپ کانپوءِ جيون ۽ سنسار کي سمجهڻ ڪو ڏکيو ڪم نہ آهي.
چوٿون درجو (Fourth Dimension) هڪ طلسماتي دنيا آهي، جنھن ۾ داخل ٿي، انسان وجود کان مٿانھون ٿي سوچي ٿو. اها خيال جي وحدت آهي، جيڪا انسان کي زمان ۽ مڪان جي حدبندين کان آجو ڪري ٿي ڇڏي. هر دريافت پٺيان اُتم شعوري ڪيفيتون ملن ٿيون. اها تخليق جي الھامي ڪيفيت مختلف شعبن ۾ نظر اچي ٿي. مثال ”ٿيوري آف رليٽوٽي“ کي آئنسٽائن پنھنجي خواب وسيلي دريافت ڪيو هو. ان خواب ۾ هو ۽ سندس دوست برف جي پھاڙيءَ تان ترڪي ۽ ٻيھر چڙهي رهيا هئا. هو جيئن ترڪندو تيزيءَ سان هيٺ آيو تہ کيس ائين لڳو ڄڻ تہ هن لاءِ روشنيءَ جي رفتار کي ڇھڻ ممڪن ٿي پيو آھي. مٿي ستارن ڏانھن ڏٺائين تہ انڊلٺ ورنا رنگ نظر آيس. هو لکي ٿو تہ: ”هن جي سموري زندگي ان خواب جي سحر ۾ گذري. جيترو خواب جي باري ۾ سوچيندو هو، اوترو ان نظريي جون رمزون سمجهہ ۾ اينديون وينديون هيس. هڪ لحاظ کان خواب بہ زمان ومڪان جي حد بندين کان آجا آهن.
ساڳيءَ ريت شعوري سگهہ جي وسعت کي بيان ڪندي، ماهر نفسيات ڪارل يونگ چوي ٿو تہ ”خواب حال جي واقعن جي پيداوار آهن، پر انھن ۾ مستقبل جي اڳڪٿيءَ جو ڳُجهہ لڪل هوندو آهي.“ ٻين لفظن ۾ لاشعور، انسان جي مختلف طريقن سان رهنمائي ڪري ٿو، جنھن مطابق انساني خيال پنھنجي حقيقت پاڻ ٿو تخليق ڪري.
اسان وقت جي پنجين ڏاڪي کي ان وقت سمجهي سگهنداسين، جڏهن اسان وقت جي پھرئين، ٻئين ۽ ٽئين ڪاٿي کي پوري طرح سمجهي وٺنداسين. اسان وقت جي ٽئين ڊائمنيشن ۾ موجود آهيون، جنھن ۾ اسان کي وجود، ماحول ۽ فطرت جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. زميني حقيقتن سان ويجهڙائپ جو مرحلو طئي ڪرڻ، شعوري اُڏام جو پھريون ڏاڪو آهي. پنجون ڊائمنيشن سوچ جي وحدت جو محور آهي. جنھن مطابق Law of one، Quantum Unified Field يا Theory of Everything کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. حقيقت ۾ فزڪس فيلڊ قوت جي زير اثر اها جاءِ آهي، جنھن ۾ ڪشش ثقل يا برقي مقناطيسي لھرون وغيرہ اچي وڃن ٿيون. ٿيوريڪٽيڪل فزڪس جي ماهرMichio Kaku چواڻي تہ: ”اسان ان نظريي تحت ڪنھن حد تائين خالق ڪائنات جي ذهن کي پڙهي سگهون ٿا.“
ڏٺو وڃي تہ جيمز ڪلرڪ ميڪس ويل ارڙهين صديءَ ڌاري، برقي مقناطيس جي حوالي سان پھرين ”فيلڊ ٿيوري“ متعارف ڪرائي هئي، جنھن کانپوءِ آئنسٽائن جي جنرل ”ٿيوري آف رليٽوٽي“ سامھون آئي. يونيفائڊ فيلڊ ٿيوري آئنسٽائن جي پڻ ڏنل آهي، جنھن مطابق برقي مقناطيسي قوت ۽ ڪشش ثقل هڪ هوندي بہ اظھار جون مختلف ڏسائون رکن ٿا. ان موضوع تي ڪم ڪندڙ مشھور رياضي دان ۽ سائنسدان Edward Witten جو String Theory، Quantum Gravity ۾ وڏو ڪم ٿيل آھي. ان نظريي تي ڊاڪٽر عبدالسلام پڻ بھترين نتيجا حاصل ڪيا. سوچ جي وحدت تي ٻڌل اهو نظريو ادب ۾ بہ نظر اچي ٿو.
چاهي وليم ورڊز ورٿ جو پينٿئزم (وحدت الوجود) جو نظريو هجي، جنھن مطابق ڪائنات ۾ خالق جو عڪس نظر اچي ٿو. يا وليم بليڪ جو مسٽسزم هجي، جنھن ۾ ھو واريءَ جي ذري ۾ پوري ڪائنات جي جهلڪ پسي ٿو ۽ آسمان کيس جهنگلي گل سمان ڀاسي ٿو. هو لامحدوديت کي مٺ ۾ جهلي سگهي ٿو ۽ دائميت هن لاءِ لمحي جو کيل آهي. شاھہ سائين بہ ساڳي ڳالھہ ڪري ٿو:
وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُل
حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي مَ ڀُلُ
هُو هَلاچو هُلَ، باﷲ سندو سڄڻين.

جڏهن اسان وقت جي پنجين ڊائمنيشن ۾ داخل ٿيون ٿا تہ باطن جي اک متحرڪ ٿي وڃي ٿي. يوگي، صوفي ۽ وجداني تخليقڪار وقت جي ان حصي ۾ رهندا آهن. مثال ٽئين ڊائمنيشن ۾ رهندڙ ماڻھو ڪمري ۾ ويٺو آهي تہ هو فقط ڪمري تائين محدود رهندي اھي منظر ڏسي سگهي ٿو، پر پنجين رخ ۾ رھندڙ ذهن، ڪمري ۾ رهندي بہ پوري ڪائنات سان احساساتي طور تي ڳنڍيل رهي ٿو.
وقت جي ان حصي ۾ رهندڙ، انسانيت سان غير مشروط محبت ڪندا آهن. اهي سڀني منفي روين کان مٿڀرا آهن. ھنن لاءِ محبت هڪ طاقت آهي، جيڪا ڪائنات جي توانائيءَ سان رابطي ۾ رهي ٿي. محبت، مثبت توانائي جو وهڪرو آهي، جنھن جو ذڪر ڪوائنٽم فزڪس (Vibrational Force) لھرن جي طاقت جي صورت ۾ ڪري ٿي. محبت، ڪشش ثقل يا برقي مقناطيسي لھرن وانگر پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿي. ماڻھو جيڪڏهن محبت کان پري آهي تہ هو زندگيءَ جي سچ کان بہ پري آهي.
محبت، سوچ جي وسعت آهي. اها ذهن کي تصور جا لامحدود پرَ عطا ڪري ٿي.
محبت جو دائرو وسيع آهي، جيڪو پوري ڪائنات جو نيوڪليس آهي. پر انسان ان محبت کي طلب ۽ شرطن جي پيماني ۾ قيد ڪري ٿو ڇڏي. محبتي، ساڃاھہ وند ماڻھو پنھنجي ذات ۾ خالص ۽ دائم آهي، سندس احساس ۾ دائميت پيدا ٿئي ٿي. فاني فقط جسم آهي. جڏهن تہ احساس، زمان و مڪان کان مٿانھون آهي. انسان ۾ فنا ۽ بقا جو عنصر ساڳئي وقت موجود رهي ٿو.
موجودہ وقت، جنھن ۾ اسان جيون گهاريون پيا، اسان جو ڪل سرمايو آهي. چاهي ان کي ضايع ڪيون يا هر لمحي مان ڪجهہ نہ ڪجهہ پرائيندا رهون. پنجين ڊائمينشن ۾ رهندڙ ماڻھو، ماضي ۽ مستقبل جي سمجهہ کڻي مڪمل طور تي حال جي لمحن ۾ جيئي ٿو، جنھن جي ڪري هو فطرت، ڪائناتي اصولن ۽ توانائي جي ويجهو آھي. ذهني سڪون ۽ يڪسوئي، وقت کي تابع بنائي ٿي. وقت، انساني ذهن جي ڪيفيتن جھڙوڪ، سڪون ۽ انتشار جي ڪيفيتن مطابق گذري ٿو. ان موڙ تي وقت جي واڳ جيڏانھن چاهي ورائي سگهجي ٿي.
حقيقت اها آهي تہ چوٿين يا پنجين ڊائمنيشنن تي ڪيترن جديد علمن جو بنياد رکيل آهي، جن ۾ مائنڊ پاور سائنس پڻ شامل آهي. جنھن جون مختلف شاخون: ريڪي، هپناٽزم، ميڊيٽيشن، سائيڪو ڪنيسز، پري ريڪگنيشن وغيرہ آهن. پيراسائيڪولوجي پڻ ڪوائنٽم فزڪس مان لاڀ حاصل ڪيو آهي.
جديد علمن ۾ Chronokinesis هڪ اهڙو طريقي ڪار آهي، جنھن کي سکي وقت کي پنھنجي تابع بنائي سگهجي ٿو. ڪرونو جو مطلب وقت ۽ ڪنينسر مان مراد چرپر آهي، جنھن مطابق زمان ۽ مڪان کان بالاتر ٿي، وقت تي حڪمراني ڪري سگهجي ٿي. اها احساساتي سگهہ آهي، جيڪا وقت کي فتح ڪري سگهي ٿي. اسپيس ٽائيم (خلا جي وقت) سان هلڻ کي ٽيلي پورٽيشن يا ٽائيم ٽريول سڏجي ٿو، جيڪا صلاحيت تصوراتي سگهہ ۽ مابعد الطبعيات سان تعلق رکي ٿي. مثال انسان ڪمري ۾ رهندي بہ احساساتي طور تي سڄي ڪائنات سان رابطي ۾ رهي سگهي ٿو. هو تصور ۾ خلا ۾ اڏامي سگهي ٿو، جهنگن، بيابانن ۽ دريائن جو سير ڪري سگهي ٿو. انسان جن سان محبت ڪري ٿو، اهي کانئس تمام گهڻو پري ڇو نہ رهندا هجن، پر هو فاصلن جي قيد کان آزاد ٿي، ساڻن ذهني رابطي ۾ رهي سگهي ٿو.
حال جي لمحن سان هلندڙ ذهن، وقت تي عبور رکي ٿو. وقت جي ساڃھہ، گهڙي ڏسڻ بنان وقت جو صحيح اندازو ۽ ذهني سمجهہ مطابق ڪم ختم ڪرڻ جي صلاحيت سان زندگيءَ جا ڪم سھيڙڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. بي چين ۽ منتشر ذهن اها رمز نہ ٿو سمجهي سگهي، نہ ان طريقي ڪار تي عمل ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ذهن پرسڪون ۽ فعال آهي تہ هو وقت جي هر لمحي کان گهڻو ڪجهہ پرائي ٿو. ڪرونو ڪنيسس ۾ سکيا ۽ مشقن وسيلي وقت تي عبور حاصل ڪرڻ جو ڏانءُ سيکاريو ويندو آهي. جيئن گهڙيال جي آواز کي ڪجهہ دير غور سان ٻڌڻ ۽ يڪسوئي وڌائڻ جون مشقون وغيرہ.
اڄ ايشيا ۽ سائوٿ ايشيا جون قومون وقت سان گڏ هلڻ جو ڏانءُ سکي ويون آهن. جتي ماڻھو رات جو جلد سمھڻ ۽ صبح جو جلدي اٿڻ سبب سڄو ڏينھن فعال رهن ٿا، پر اسان وقت جي گهرج جي ابتڙ وڃي رهيا آهيون. اهو ئي سبب آهي تہ سماجي زندگي موڳي، بيزار، بيمار، بي حس، ناراض ۽ منفي روين جو شڪار ٿي چڪي آهي. جيڪا فطري قانون جي ڀڃڪڙي جي سزا آهي.
جيڪي سماج ماضي ۾ رهن ٿا، انھن ۾ نفرت، حسد، جارحيت ۽ منفي روين جو رجحان وڌيڪ ملي ٿو. ماضي ۾ رهندڙ قومون جديد علمن ۽ وقتائتي سوچ کان پري رهنديون آهن.

جيوپيٿڪ اسٽريس (Geopathic Stress)

زمين سان انسان جو ناتو تمام پراڻو آهي. جيئن ڌرتي سندس جياپي لاءِ وسيلا مھيا ڪري ٿي، ائين ئي اها سندس فڪري ۽ روحاني اوسر پڻ ڪري ٿي. زميني حالتن ۽ ماحول جو اثر انساني واڌ ويجهہ تي پوي ٿو. طبعي ۽ ذهني طور تي بھتري لاءِ، انسان کي زمين سان هم آهنگي پيدا ڪرڻي پوي ٿي.
جيوپيٿڪ اسٽريس (Geopathic Stress) کي برقي مقناطيسي فيلڊ (Electromagnetic Field) جو نالو ڏنو ويو آهي، جنھن جي فريڪوئنسي، ڪنھن حد تائين انساني ذهن جي الفا لھرن (Alpha Brain Waves) سان ٺھڪي اچي ٿي. زمين تي ڪنھن بہ قسم جي ڀڃ ڊاھہ ٿيڻ جي صورت ۾، اھو منفي چاڙھہ انسانن کي نقصان رسائي سگهي ٿو. زمين تي ٺھيل انڊرگرائونڊ ريلوي اسٽيشنز، موٽر ويز، کاڻيون، ٽنلز، بجلي، پاڻيءَ جون لائنون وغيرہ انساني ضرورتن جون اهي ايجادون آهن، جيڪي جيوپيٿڪ دٻاو جو ڪارڻ آهن. اهي زمين جي فطري فريڪوئنسي ۾ رخنو وجهن ٿيون.
جيوپيٿڪ يوناني لفظ آهي. “Geo” معنيٰ زمين ۽ “Pathos” بيماري يا تڪليف جي صورت کي ظاھر ڪري ٿو. ٻين لفظن ۾ ان جو مطلب ”زمين جي تڪليف“ طور ورتو وڃي ٿو. ان کي منفي توانائي يا زمين کي نقصان رسائيندڙ وهڪرو پڻ سڏيو ويندو آهي. زمين جي توانائي سٺي، خراب يا غير جانبدار ٿي سگهي ٿي. صنعتي ۽ ٽيڪنالاجي جي انقلاب کانپوءِ، دنيا غيرفطري ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار بڻجي وئي. موجودہ دور ۾ ماحولياتي گدلاڻ بہ فطري ماحول سان هٿ چراند جو نتيجو آهي. اهڙي ماحول ۾ وقت گذاريندڙ ماڻھو، غير محسوس طور تي مونجهاري جو شڪار ٿي وڃي ٿو.
چين يا جاپان جي ماڻھن،جيومينسي جي علم مان وڏو فائدو ورتو آهي. جيومينسي (Geomancy) زمين جي حالتن کي سمجهڻ جو علم آهي. جنھن جو دائره ڪار فقط طبعي دنيا تائين محدود ناھي بلڪہ احساساتي سمجهہ جو ڪرشمو پڻ آھي. ھي موضوع حواس خمسہ جي فعال ڪارڪردگي جو نتيجو آھي، جيڪو زمين جي مخفي قوتن جي نشاندھي ڪري ٿو.
چيني قوم جيوپيٿڪ اسٽريس کي ”اجگر جو چنبو“ سڏيندي آهي. ڪي قومون وري ان ڪيفيت کي زميني بدروح طور ڏسن ٿيون. هيپوڪريٽس عمارت جي تعمير لاءِ صحيح مقام جي چونڊ تي گهڻو زور ڀريو آهي. 1952ع ڌاري جرمن فزڪس جي ماهر سائنسدان W.O.Schumann ان موضوع تي ڪافي کوجنا ڪئي ۽ زميني ميگنيٽ فيلڊ ۽ ان جي انساني صحت تي اثرن بابت ڄاڻ ڏني.
هونئن ڏٺو وڃي تہ انسان جو جسماني نظام هڪ مڪمل هم آهنگي تحت هلي ٿو. ڪوبہ هڪ عضوو جيڪڏهن صحيح ڪم نہ ٿو ڪري تہ سمورو اعصابي نظام منتشر ٿيو پوي. اهڙيءَ ريت، هن ڪائنات ۾ موجود سڀئي شيون هڪٻئي تي دارومدار رکن ٿيون. زمين جي ساوڪ ڪڪرن جي محتاج آهي تہ ڪڪر وري سمنڊ تي ڀاڙين ٿا. ائين زندگيءَ جو سمورو ڦيرو ڪٿي نہ ڪٿي جزن ۾ ٻڌي يا مرڪزيت تي دارومدار رکي ٿو. انسان بہ ائين ئي زمين ۽ ڪائنات سان جڙيل آهي. چاهي هو ان ايڪي کان بي خبر ئي ڇو نہ رهي.
چيني جيومينسي (Chinese Geomancy) علم جي مطابق، زميني حالتون انسان جي مزاج ۽ روين تي اثر انداز ٿين ٿيون. اهو علم يورپ ۾ Protestant Reformation دوران متعارف ٿيو. اجتماعي شعور جي اوسر، حقيقت پسندي ۽ صنعتي ترقيءَ ماڻھن ۾ وجود ۽ ماحول جو شعور بيدار ڪيو. فينگ شوئي (Feng Shui) هڪ تعميري فن آهي. اهو چائنيز جيومنسي مان ئي اُسريل آهي. هن موضوع جي اوسر چين ۾ ٿي بعد ۾ اھي لاڙا يورپ ۾ بہ مقبول ٿيا. هن علم جو مقصد انساني توانائيءَ جي آسپاس جي ماحول سان هم آهنگي پيدا ڪرڻ آهي. مثال جيئن گهر جو باغ آهي، اهو اسان کي احساس جي مرڪز جي ويجهو وٺي ٿو اچي.
فينگ شوئي مطابق زرخيز زمين تي گهر ٺاهڻ گهرجي، ڇو تہ ماڻھو سرسبز زميني توانائي سان جلد مانوس ٿي وڃي ٿو. جيستائين ماڻھو ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ طاقتور رشتو پيدا نہ ٿو ٿئي، تيستائين هو بي چين رهي ٿو. جڏهن تہ وارياسي ۽ پٿريلي زمين تي ٺهيل گهر مختلف ٿين ٿا. اهڙي زمين تي تعمير ٿيل گهرن جا رهاڪو، زمين سان گهٽ تعلق هجڻ سبب بيمارين ۾ وڪوڙجي وڃن ٿا. ان ڪري اهڙن گهرن ۾ فينگ شوئي شيون جھڙوڪ: ڇانو جا ٻوٽا (انڊور پلانٽ)، آئينا، ڊور بيلز وسيلي توانائيءَ جو وهڪرو فعال بڻايو ويندو آهي.
ڪائنات ۾ قوت جون لھرون (Vibrational force) هر وقت تحرڪ ۾ هونديون آهن. سج، چنڊ، تارا ۽ سيارا وقت جي ڦيرگهير ۽ آسماني قوتن جا مظھر آهن. ڪائنات جا اهي اثر- زمين، نباتات ۽ انسانن تي حاوي رهن ٿا. ساڳيءَ ريت زمين هيٺ عمل پذير ڪيميائي اثر ۽ پاڻي جا وهڪرا پڻ انساني مزاج کي متاثر ڪندا آهن.
گهر، اهڙي جڳھہ آهي، جنھن سان انساني پنھنجائپ ۽ قربت جو انوکو رشتو قائم ٿئي ٿو. گهرن ۾ روشني ۽ هوا جو مناسب انتظام بہ اتي موجود متضاد توانائي جي وهڪري کي رستو مھيا ڪري ٿو. ننڊ نہ اچڻ جو سبب بہ ڪمري جي ماحول سان هم آهنگي نہ هجڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو. گهر هجي يا آفيس، جيستائين ان جڳھہ ۾ موجود توانائي جي لھرن سان رابطو نہ ٿو جڙي، اُها جڳھہ ناخوشگوار علامتن جو سبب بڻجي ٿي.
اها حقيقت آهي تہ ذهني مونجهارن جو اثر بہ ماحول تي پوي ٿو، جنھن ڪري فينگ شوئي گهرن ۾ دريون ۽ در ڪشادا رکيا ويندا آهن. درين جو آمھون سامھون هجڻ لازمي هوندو آهي تہ جيئن ھاڃيڪار سوچ کليل رستي وسيلي ٻاهر نڪري وڃي.
ڪو بہ اڻ وڻندڙ سوچ رکندڙ انسان جيئن پنھنجي چؤڌاري بي چيني پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿو، جيو مينسي جي اصولن مطابق ائين جڳھين ۾ ڦاٿل متضاد توانائي، مزاج ۽ صحت کي متاثر ڪري سگهي ٿي. هڪ باغ ۽ قبرستان جي قوت ڌارا بلڪل مختلف ٿئي ٿي. باغ ۾ ذهني سڪون ملي ٿو، جڏهن تہ قبرستان ۾ وحشت محسوس ٿيندي آھي. ائين ئي جنگي ميدانن ۾ مايوس لھرن جو وهڪرو هر وقت حملي ڪرڻ لاءِ تيار نظر اچي ٿو.
ساڳيءَ ريت، جيڪڏهن ڪنھن گهر ۾ ڪو قتل ٿيو ھجي يا جهيڙا وغيرہ عام ٿيندا رهن ٿا تہ اتي جيوپيٿڪ اسٽريس ظاهر ٿيندو آهي. جيستائين جسم، ذهن ۽ روح ۾ وحدت پيدا نہ ٿي ٿئي، ماڻھو ماحول جي اثر کان غافل رهي ٿو. ڪنھن بہ گهر يا جاءِ ۾ ڪوبہ اڻ وڻندڙ واقعو، حادثو، نااتفاقي يا جذباتي گهُٽ جا اثرات موجود هجن تہ ان جي لاءِ جڳھہ کي شفاف بنائڻ (Space Clearing Techniques)جهڙا حل ڳوليا ويندا آهن. اھي روايتون دنيا جي ھر مذھب ۾ ملن ٿيون. جيئن نئين گهر ۾ منتقل ٿيڻ وقت قرآن خواني ڪرائي ويندي آهي. اگر بتيون ٻاريون وڃن ٿيون. بلڪل ائين فينگ شوئي جي قاعدن مطابق، متاثر جڳھين تي جڙي ٻوٽين جو واس ڏنو ويندو آهي. ان کان علاوہ لوڻ جو ٻرڪڻ، ميڻ بتيون ٻارڻ يا موسيقي وسيلي فضا کي صاف ڪيو ويندو آهي. ڊور بيلز جي ايجاد پڻ ان مقصد سان ڪئي وئي هئي. موسيقي، ماحول جي منفي اثر کي وکيري ڇڏي ٿي.
جيڪڏهن محسوس ٿيڻ لڳي تہ ڪو گهر يا جاءِ جتي گهڻو وقت گذري ٿو، انساني ذهني يا جسماني صحت لاءِ موافق نہ آهي، تہ کيس اها جڳھہ تبديل ڪرڻ گهرجي. ڇو تہ اڪثر اهڙيون تبديليون موافق نتيجا کڻي اينديون آهن. ذھني دٻاءَ جي حالت ۾ باغ ۾ وقت گذارڻ گهرجي. درياھہ، پھاڙ ۽ ساوڪ وارا علائقا توانائيءَ جا سگهارا مرڪز (Energy Power Centers) سمجهيا وڃن ٿا. خاص طور تي ساوڪ انساني مزاج ۽ روين جو توازن برقرار رکي ٿي. جيڪڏهن انھن هنڌن تي گهڻو وقت گذاريو وڃي تہ هر قسم جي ذهني ۽ جسماني دٻاءَ کان نجات ممڪن آهي.
باغ فطري توانائيءَ جو مرڪز هوندا آهن. پر اسان وٽ انھن جو وجود نہ هئڻ جي برابر آهن. اڄوڪي دنيا ۾ اڪثر ماڻھو عام ڪاروباري ذهنيت رکن ٿا. اهي پلازہ، شاپنگ سينٽرز ۽ وڏين هوٽلن جي رواج کي رائج ڪرڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي رکندي، ان قسم جي تعميراتي ترقيءَ کي همٿائين ٿا. پر باغن لڳائڻ جي رجحان کي تمام گهٽ فروغ ڏنو ويو آهي. اهڙا باغ ڪجهہ شھرن ۾ موجود آهن، جيڪي هر عمر جي ماڻھوءَ لاءِ دلچسپيءَ جو مرڪزآهن. اهي باغ تفريح سان گڏ ڪمائيءَ جو ذريعو پڻ آهن.
اسان کي ذاتي طور تي بہ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. گهرن، گهرن کان ٻاهر، جڳھہ نہ ھئڻ جي صوررت ۾ گهر يا فليٽ جي ڇتين تي باغ لڳائي سگهجن ٿا. ساوڪ ماحولياتي گدلاڻ ۽ گرمي سان وڙهڻ جي صلاحيت پڻ رکي ٿي. ٻئي طرف مناسب ذهني اوسر ۽ تخليقي واڌ ويجهہ لاءِ پوک جي وندر بھترين سمجهي ويندي آهي.

سياري جي مند جو تخليقي سحر

سياري جي مند جا منفرد مزاج ۽ رنگ ٿين ٿا، جيڪي پنھنجي اندر ڪيميائي اثر رکن ٿا. جهڙيءَ ريت گرم موسم جي غذا تاثير ۾ ٿڌي ۽ فرحت بخش آھي، ساڳيء ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ ميوا ۽ ڀاڄيون بہ ٿڌ سان وڙهڻ جي صلاحيت رکن ٿيون. شين جي لاڳاپن، لاڀ ۽ نتيجن جي پٺيان قدرت جي مھارت پوشيدہ آهي. اڳي ڏاها فطرت جي ڪتاب مان فيض حاصل ڪندا هئا. سندن سمجهہ، ساڃاھہ قدرتي لاڙن جي مشاهدي جو نچوڙ هئي. پر صنعت ۽ سائنس جي ترقي کانپوءِ ماڻھو ان فطري مرڪز کان پري ٿي ويا.ان منفرد مندائتي سحر ۾ زندگيءَ لاءِ انيڪ استعارا لڪل آهن.
سياري جي موسم ۾ فطرت غوروفڪر، ڏاهپ ۽ سمجهہ جو ڏانءُ ورهائي ٿي. خزان ۽ سياري جا ڏينھن واڌ ويجهہ جي ڳجهي عمل ۾ مصروف رهن ٿا. ان دوران زمين خواب ڏسي ٿي ۽ فطرت جي تخليقي منصوبا بندي دوران، زمين ۽ سمورا منظر ڊنل، ننڊاکڙا ۽ هراسيل لڳن ٿا. تخليق ۽ سرجڻ واري عمل کان اڳ اهي رويا فطري آهن.
تيز هوائون وڻن جا پن ۽ ٻج ڇاڻي زمين تي نڇاور ڪن ٿيون تہ زمين جي ڪُک مان زرخيزيءَ جو ٻج ڦُٽي ٿو. ڌرتي جي خوابن کي آسمان، بادلن جي تعبير عطا ڪري ٿو. بادلن کانسواءِ زمين اڌوري آهي. ڪائنات جي هر شيءِ تڪميل لاءِ ٻين ذريعن تي انحصار ڪري ٿي. فطرت جي وجود ۾ اتحاد ساوڪ، خوشحالي ۽ سونھن کي فروغ ڏئي ٿو.
جيڪو زمين جي حقيقت کي نہ ٿو سمجهي يا فطري قانون جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو، اهو روح بنان هڪ بيمار جسم آهي. فطرت مڪمل ضابطہ حيات رکي ٿي، جتي هر شيءِ پنھنجي مدار ۾ ڦرندي، تور تڪ جي هنر کان آگاھہ آهي.
سياري دوران فطرت فن و فڪر کي اُتساهي ٿي. سيارو سنجيدہ، بامعنيٰ ۽ فڪر انگيز ماحول جي تشڪيل ڪري ٿو. مشرق و مغرب جي تخليقڪارن ان موقعي تي بامعنيٰ ۽ اُتم ويچار سرجيا آهن. سيءَ سبب ماڻھو گهرن اندر محدود ٿي باھہ جي چوڌاري مڙي ويھندا آهن. اهي مَچَ ڪچھريون سنڌ جي تھذيب جو اڻمٽ حصو آهن. انھن ڏينھن ۾ سگهڙن جي سوچ کي تحرڪ ملي ٿو. ميڙ ۽ ميڙاڪن جو ڪلچر اُسري ٿو. حقيقت ۾ باھہ جي قربت انسان کي جذباتي طور تي مستحڪم ڪري ٿي. زندگيءَ جي هن حيران ڪندڙ منظرنامي ۾ پنجن قوتن جون ڌارائون: ڌاتو، پاڻي، وڻ، باھہ ۽ زمين موجود آهن. قوت جا اهي پنج وهڪرا، هڪٻئي سان گھرو تعلق رکندي، جياپي جا اسباب ميسر ڪن ٿا. مشرق جون قديم تھذيبون فطرت جي تنظيم جي ويجهو رهيون آهن، ان ڪري ذهني، جسماني ۽ روحاني طور تي سگهاريون آهن.
ماڻھو جيترو فطرت کان پري هوندا، اوترائي سطحي نظر ايندا ۽ منجهن اوپرائپ اچي واھيرو ڪندي. سڃاڻپ زندگيءَ مان موڪلائي ويندي، ذهني خلش ۽ روح جي تانگهہ وڌنڌي. انھن پنجن قوتن جي وهڪرن ۾ آڳ، انساني جيوت جي واڌ ويجهہ ۽ توانائيءَ جو ڪارڻ آهي. جنھن جي ويجهو ڪم ڪرڻ وارا ماڻھو ذهني طور تي سگهارا ٿين ٿا. عورتن جي جذباتي طور تي مضبوط هجڻ جو هڪ سبب باورچي خاني ۾ ٻرندڙ باھہ بہ آهي. باھہ ذهني، جذباتي ۽ روحاني ڪارڪردگيءَ جو مضبوط اُهڃاڻ ليکي وڃي ٿي. زندگيءَ کي شعور جي سگهہ عطا ڪري ٿي، جنھن جي ڪري انسان زندگيءَ جي رمزن کي سمجهڻ شروع ڪري ٿو. باھہ اظھار جي سگهہ، احساس جي ورڇ ۽ ساڃاھہ جو اھڃاڻ ڄاتي وڃي ٿي.
دنيا جي گهڻن مذهبن جھڙوڪ هندوازم، ٻڌمت ۽ زرتشتن وٽ باھہ کي روحاني اهميت رهي آهي. ڪيتريون مذهبي رسمون باھہ ٻاري ادا ڪيون وڃن ٿيون. چيو وڃي ٿو تہ باھہ ماحول کي شفاف بڻائي بري چاڙھہ کي رفع دفع ڪري ٿي، باھہ کي انرجي ڪلينزر سڏيو وڃي ٿو. ذهني يڪسوئي ۽ طاقت لاءِ شمع بيني جي مشق ڪرائي ويندي آهي. اها مشق هپناٽزم سکندڙن لاءِ اهميت جي حامل آهي.
ٻھراڙين ۾ سرد راتين ۾ باھہ جو وڏو مچ ٻاري گهر ڀاتي چوڌاري مِڙي ويھندا آهن. ساڳيءَ ريت اوطاقن ۾ اها مچ ڪچھري شعر و شاعري، بيتن، ڳجهارتن، پرولين ۽ خيالن جي ڏي وٺ جو اهم مرڪز هوندي هئي. پر وقت گذرڻ سان گڏ اھي ميڙاڪا جهڪا پئجي ويا. سٺين روايتن کي جيارڻ لاءِ وڌي جاکوڙ ڪرڻي پوي ٿي. انھن مچ ڪچھرين لوڪ ڏاهپ ۽ لوڪ ادب کي جياريو آهي. خاص طور تي ڳجهارتون ۽ پروليون ذهن جي سٺي مشق آهن، جيڪي ذهني قوت ۽ سمجهہ کي وڌائين ٿيون. انھن ۾ ٻار جي بھتر ذهني تربيت ٿئي ٿي. ميڙن مان اُسرندڙ ماڻھو ڪردار جي حوالي سان سگهارو ٿئي ٿو.
سياري جي اُس بہ ذهني ۽ جسماني سگهہ لاءِ ڪرشماتي اثر رکي ٿي. اُس ۾ ويھي موسميون ۽ نارنگيون کائڻ جو پنھنجو الڳ مزو آهي. اُس جسم ۾ وٽامن ڊي جي پيداوار جو بھترين ذريعو آهي. سياري جو ميوو سٽريس فروٽ موسميون ۽ نارنگيون وٽامن سي جي تازگيءَ سان ڪيميائي تحرڪ پيدا ڪن ٿيون. ان کان علاوہ مڱيرا، سُڪو ميوو، چانھن ۽ ڪافي بہ سياري جي موسم جو مزو وڌائين ٿا.
مون کي ياد آهي تہ ڳوٺ ۾ سياري جي مند ۾ بُسري پچائي ويندي هئي. ڳڙ جي چانھن، ماکي،تاهري ۽ رٻ جو استعمال بہ ٿيندو هو. خاص طور تي تاهري ۾ ڳُڙ، سونف، ڦوٽي ۽ کارڪن جو استعمال گهڻو ٿئي ٿو. رٻ ۾ بہ ڳُڙ استعمال ٿئي ٿو. ڳڙ واپرائيندڙ ماڻھو صحتمند ۽ توانا رهن ٿا. جيڪو انساني مدافعتي نظام کي بھتر بنائڻ سان گڏ جسم کي مئگنيشم ۽ ڪئلشيم جي مناسب مقدار پڻ فراهم ڪري ٿو. ان مان جسم کي چاليھہ سيڪڙو آئرن پڻ ملي ٿو. ڳڙ، ڳڻتي (Anxiety) ۽ پريشاني (Depression) جھڙن ذهني مونجهارن ۾ جهڪائي آڻي ٿو. جيڪو سياري دوران ٿيندڙ عارضن لاءِ دوا طور استعمال ڪيو ويندو آهي. ان کان علاوہ سرنھن جو ساڳ، لوڻڪ، پلي، پالڪ، جوئر ۽ چانورن جي ماني پڻ ان مند ۾ وڌيڪ استعمال ٿيندا آهن. اسان جا شھر انھن کاڌن جي اهميت ۽ افاديت کان محروم ٿي چڪا آھن.
جن علائقن ۾ برف پوي ٿي يا ٿڌ جو وڌيڪ اثر ڇانيل رهي ٿو، اُتي ماڻھن ۾ موسمي اثرن جي ڪري مزاج جون خرابيون وڌيڪ ٿين ٿيون. سج کان محروم انھن علائقن ۾ ڊپريشن جو علاج لائٽ ٿيراپي وسيلي ڪيو وڃي ٿو.
سيء جي موسم اڻ چيل اداسي ۾ ويڙهيل رهي ٿي. شامون ۽ راتيون ڄڻ ڪنھن سوچ ۾ گم، خاموش ۽ ويڳاڻيون لڳنديون آهن. سياري جا طويل ۽ خاموش لمحا تخليقي اثر رکندا آهن. تنھائيءَ ۾ انسان کي سوچ ويچار ۽ خودڪلامي جو موقعو ملي ٿو. اڪيلائي ۽ اداسي ۾ تعميري سگهہ لڪل آهي. ان دوران نوان خيال سرجن ٿا ۽ سوچ تصوراتي پکيءَ جيان تخليق جي آسمان کي ڇھڻ لاءِ اُڏام ڀري ٿي.
سرد موسم ايندي ئي يادن جون دريون ٻيهر ماضيءَ ڏانھن کُلي وڃن ٿيون، ڇو تہ سيارو ۽ يادگيريون گڏ وگڏ هلندا آهن. گهري سانت ۾ خيال ذهن جي ٽاريءَ تان ڇڻندي محسوس ٿيندا تہ ڪنھن مھل دل ننڊاکڙي اداسيء ۾ ويڙھجي ويندي. اڄ بہ ذهن ۾ ڳوٺ ڏانھن ويندڙ رستي جي سونھن هري ٿي. ان رستي ۾ ڪٿي ڪنول جا گل جرڪندا هئا. ڪٿي زمين، پاڻي ۽ ساوڪ جي مخصوص مھڪ ساهن کي اُجاريندي هئي. خوبصورت ۽ سفيد پکي، پاڻي ۽ ساوڪ تي لھندا هئا. انھن پکين جي اُڏام ۾ عجيب ڪشش هئي.
وڻن پٺيان لھندڙ سج، احساس سان لڪ لڪوٽي کيڏندو هو. سمورا منظر-رنگن ۾ ويڙهيل، گهرا، بامعنيٰ ۽ الھامي اثر ۾ ويڙهيل لڳندا هئا. ڳوٺ جي اڱڻ ۾ ٻرندڙ سج جي چوڌاري پنھنجائپ جي روشني هوندي هئي. اها پرھہ ڦُٽيءَ جي منظرن جي سونھن ڪٿي ٻئي هنڌ بہ نظر نہ آئي. اهي محبتون، ويڙها ۽ احساس جا ميڙ ۽ ميڙاڪا ساڳيا ناهن رهيا.
محسوس ڪرڻ جو ڏانءُ ساڳيو نہ هجي تہ منظر بہ بدلجي ويندا آهن. نہ ئي اُتي اُهي ماڻھو نظر اچن ٿا، جن جي ڪري احساس کي آٿت ملندي هئي. پر يادن ۾ حسين موسمن جو هر پل محفوظ آهي.
سياري جي ڏينھن سان انيڪ، اڻ وڻندڙ يادون بہ وابستہ آهن. انھن موسمن ۾ محترمہ بينظير ڀٽو جي شھادت جي غم پوري قوم کي نھوڙي ڇڏيو هو، جنھن جي ريٽي رت سان جمھوريت جو گلاب نسريو. قوم سندس ڏنل عظيم قرباني ڪڏهن بہ نہ وساريندي. هر سال آلين اکين ۽ عقيدت جي گلن جي ڀيٽا ڏيڻ پوري ملڪ مان قافلا سندس مزار تي پھچندا آهن.
اُهي اداس راتيون بہ ياد اچن ٿيون، جڏهن ڪوئيٽا واسي پيارن جا مڙھہ احتجاجاً سامھون رکي، عورتون ۽ ٻار سيءُ سان مقابلو ڪندا رهيا. گذاريل سال، سفاڪ لھرن ڪيترن گهرن جون خوشيون کسي ورتيون. 2014ع ۾ پشاور سانحي هر دل کي گهايل ڪري وڌو. ڪا اک اهڙي نہ آهي، جيڪا آلي نہ هجي. هن ملڪ جا حسين موسم اداسي، خوف ۽ بي يقينيءَ جي ڌنڌ ۾ وڃائجي ويا آهن.
برف پوندي ئي ڪرسمس جي رنگن ۽ رونقن سان گڏ سمورا پھاڙ برف جي اڇي چادر سان ڍڪجي وڃن ٿا. وڻن جون شاخون خالي آهن ۽ لمحا بي ثباتيءَ جي خلش ۾ ڪٿي گم آهن، پر تبديلي زندگيءَ جو اهم حصو ٿئي ٿي. نئون سال، نوان خواب کڻي وقت جي چانئٺ تي بيٺو آهي. ڪوبہ منظر دائمي نہ آهي. جيئن سج نڪرندو تہ برف رجڻ لڳندي ۽ برف جي ماڪ ڦڙن مان ڪر ورائي ٻيھر زندگيءَ جا رنگ جرڪي اٿندا.

خواب تبديليءَ جو اُهڃاڻ آهن

انسان جي اندر ازل کان گهري جستجو رهي آهي، جيڪا پنھنجي ذات کان شروع ٿيندي وڃي ڪائناتي شعور تي دنگ ڪندي آھي. انسان پنھنجو پاڻ کي ان وقت تائين نٿو سمجهي سگهي، جيستائين هو جيئري جاڳندي ماحول جو مشاهدو نہ ٿو ڪري. فطرت پنھنجي اندر ڄاڻ خزانو سھيڙي رکيو آهي. فطرت سائنسدان جي کوجنا جو مرڪزبہ آهي تہ هڪ صوفي بہ ڪائنات جي مشاهدي وسيلي ابدي سچ تائين پھچي ٿو.
خواب، لاشعور جي اپٽار آهن، جڏهن تہ شعور انساني سمجهہ جو عڪس آهي. حواس خمسہ جي وسيلي انسان زندگيءَ کي محسوس ڪري ۽ سمجهي ٿو. شعوري طور تي ماڻھو زندگي سان رابطي ۾ رهي ٿو، سندس مشاهدا ۽ تجربا روزمرہ جي زندگيءَ جو حصو بڻجن ٿا، جيڪي لاشعور ۾ محفوظ ٿيندا ويندا آهن. اھا يادگيري، شعوري سطح تي ايندي، تخليقي سگهہ بڻجي ٿي. جيئن تہ ننڍپڻ کان ڪيئي واقعا، حادثا ۽ يادگيريون لاشعور ۾ محفوظ هوندا آھن، ان ڪري رويا بہ انھن جي اثر هيٺ هوندا آهن. اڪثر لاشعور، خوابن وسيلي انسان جي راهنمائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ انسان انھن اهڃاڻن کي سمجهڻ ۾ اڪثرناڪام رهيو آھي.
نفسياتي ماهرن، خواب تي مشتمل نظرين (ڊريم ٿيوريز وسيلي) خوابن جي سگهہ کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جن ۾ سگمنڊ فرائڊ، ڪارل يونگ، جيمز هلمين ۽ ٻيا شامل آهن. خوابن ۾ اسان اڪثر باھہ، پاڻي، پھاڙ، وڻ ۽ مختلف منظر ڏسندا آهيون، جن اهڃاڻن ۾ زندگيءَ سان تعلق رکندڙ انيڪ سچايون پوشيدہ هونديون آهن. مثال پاڻي هڪ وهڪرو، رواني، تازگي ۽ نواڻ جي علامت آهي. خواب ۾ جيڪڏهن ميرو پاڻي نظر اچي ٿو تہ پريشاني آهي پر ساڳئي وقت شفاف پاڻي يقين، بي خوفي، خالص جذبن، اميد ۽ خوشيءَ جو اهڃاڻ سمجهيو وڃي ٿو. پاڻي پنھنجي اندر شين کي شفاف ڪرڻ جو هنر رکي ٿو. پاڻي وٽ حيات بخش جوهر آهي. ساڳيءَ ريت پھاڙ، پنڌ ۽ جستجو جو استعارو آهن. هيءَ سڄي ڪائنات فطري اهڃاڻن سان ڀري پئي آهي. خوابن جي پرک انھن تمثيلن وسيلي ڪئي ويندي آهي.
سگمند فرائڊ جھڙي نموني خوابن کي انسان جي اندر جي اڌمن ۽ خواهشن جو ترجمان بڻائي پيش ڪيو، ان جي اهميت اڄ بہ برقرار آهي. فرائڊ پنھنجي ڳوڙهي نگاھہ سان، انسان جي لاشعوري وارتائن جو تجزيو ڪندي ان نتيجي تي پھتو تہ خواب انسان جي شخصيت جي مختلف پھلوئن جي ترجماني ڪن ٿا. فرائڊ، هر خواب کي بامعنيٰ سمجهي ٿو. هن جيڪو خوابن تي مشتمل ڪتاب لکيو، کيس يقين هو تہ اهو نئين دور جي نمائندگي ڪري ٿو. فرائڊ انھن خوابن جي پرک کي Free Association جو نالو ڏنو ۽ خوابن جي تجزيي کي مختلف جزن ۾ ورهايو، جيڪي ڪردار، جڳھه، گفتگو ۽ عمل تي مشتمل آهن. اها تجزياتي پھچ آهي، جنھن ۾ جزو، خواب جي مڪمل تشريح ڪري ٿو. مثال خواب ۾ ڪو ڪمرو نظر اچي ٿو تہ ان ڪمري جي هر شيءِ مثال فرنيچر، رنگ، فاصلي ۽ ماحول جو مختلف تجزيو ڪري سگهجي ٿو. خواب ۾ نظر ايندڙ سمورا جزا، انساني سوچ يا واقعن ڏانھن اشارو ڪندي، دٻيل خواهشن جي وضاحت ڪن ٿا. فرائڊ جو چوڻ هو تہ خوابن وسيلي اسان پنھنجي ذهن جي مونجهارن تائين پھچندي، مسئلن جو تجزيو ڪري سگهون ٿا.
ويھين صدي ۾، نفسيات دانن جنھن انداز ۾ خوابن جي وضاحت ڪئي، ان جو اثر ادب توڙي فن تي ڏسي سگهجي ٿو. فرائڊ کان اڳي، ماڻھو خوابن کي ڪابہ اهميت نہ ڏيندا هئا، پر فرائڊ، ڪارل يونگ ۽ جيمز ھلمين جي خوابن جي باري ۾ نظرين جو براھہ راست اثر تخليقڪارن تي پيو.
ان ڏس ۾ اهم نالو ڪارل يونگ جو آهي. يونگ تجزياتي نفسيات جو باني هو. هن پنھنجي ڪتاب ۾ ذاتي خوابن جو تجزيو پيش ڪيو آهي. هو بہ فرائڊ سان سھمت آهي تہ خوابن کي اهڃاڻن وسيلي سمجهي سگهجي ٿو. دلچسپ ڳالھہ اها آهي تہ فرائڊ جي خوابن جو تجزيو ماضيءَ سان سلھاڙيل آهي. ڇو جو ماضيءَ ۾ ڪيل مشاهدا ۽ تجربا انسان جي روين جو گهڻي ڀاڱي تعين ڪن ٿا. پر ڪارل يونگ وري انھن خوابن وسيلي مستقبل کي دريافت ڪري ٿو، جن جي ذريعي شعور جو تجزيو ڪري سگهجي ٿو. يونگ چواڻي تہ خواب شخصيت جي واڌ ويجهہ جو اهم حصو آهن. خواب کيس بامقصد لڳا، جيڪي انسان جي راهنمائي ڪن ٿا. مثال خواب ۾ نظر ايندڙ جانورن يا پکين جا مختلف مذهبن ۽ تھذيبن ۾ مختلف تصور، ڪارج ۽ خاصيتون آهن. يونگ اهڃاڻن جي وچ ۾ رابطن ۽ اشارن کي واضح ڪري ٿو. هو ذهني، جسماني ۽ روحاني روين کي دريافت ڪرڻ سان گڏ هڪ حل بہ پيش ڪري ٿو. اهي خواب داخلي ۽ خارجي هم آهنگيءَ جو ميڙ آهن. ڪٿي هو متضاد ڏس ۾ اهڃاڻن جو تجزيو ڪري ٿو. خواب ذاتي خوبين ۽ خامين ڏانھن اشارو ڪن ٿا. يونگ چواڻي تہ خواب ۾ نظر ايندڙ حال سان تعلق رکندڙ واقعا، فرد جي شعوري سطح کي وائکو ڪن ٿا تہ هو ڪنھن انداز سان سوچي رهيو آهي. اها سوچ واضح طور تي سندس مستقبل جو رخ ترتيب ڏيندي.
خوابن جي حوالي سان جيمز هلمين جو نالو پڻ اهم سمجهيو وڃي ٿو. سندس چواڻي تہ خواب وڃائجي ويل رابطي جي ڪڙي ڳولھي لھن ٿا. ان تسلسل ۾ سوچ ۽ روين جي گهرائي سامھون اچي ٿي. خواب جي عام واقعن وسيلي، ذهني ڪيفيت جي وضاحت ٿئي ٿي. هلمين شعور ۽ لاشعور کان هٽي ڪري روح جو تجربو بيان ڪري ٿو. هو خوابن کي شاعريءَ جيان سمجهي ٿو، جنھن جي نہ وضاحت ڪري سگهجي ٿي نہ جواز، پر فقط اثر محسوس ڪري سگهجي ٿو. خواب بيان ڪرڻ يا وضاحت ڪرڻ بدران محسوس ڪرڻ جي سگهہ آهن. انھن خوابن جي طاقت ۽ اثر، زندگي تبديل ڪري ٿا ڇڏين.
سنڌ جي صوفين بہ اهو پيغام ڏنو آهي تہ انسان کي پنھنجي اندر جي آواز کي ڪنائڻ گهرجي. ٻاهرين دنيا ۾ رهبر نصيب نہ ٿيندو. کيس پنھنجو رهبر پاڻ بڻجڻ گهرجي. ساڳي ريت خوابن جي جديد نفسيات ۾ جيڪا تشريح بيان ڪئي وئي آهي، ان مطابق لاشعور، خوابن وسيلي فرد جي راهنمائي ڪري ٿو. شخصيت جي تجزيي کان وٺي روين تائين، خوابن وسيلي انساني ذهن جا لڪل رخ سامھون اچن ٿا.

ماڻھو خودڪشي ڇو ٿو ڪري!

ماڻھو خودڪشي ڇو ٿو ڪري
انسان گهڻي ڀاڱي ان وقت پنھنجو انت آڻي ٿو، جڏهن هو پاڻ کي بيوس محسوس ڪندو آهي يا ڪنھن ڳوڙهي مونجهاري ۾ ڦاٿل هجي يا ان ڏک کي حل ڪرڻ جو ڪو رستو نظر نہ ايندو هجي. ڊپريشن ۾ مبتلا ماڻھو اڪثر اهڙو قدم کڻندا آهن. ڪڏهن انھن ماڻھن جو ڊپريشن يا ڪا ٻي ذهني بيماري اڳي ظاهر ناهي ٿي سگهندي آهي.
هر حساس ۽ ذهين ماڻھوءَ لاءِ جيئڻ هڪ عذاب آهي. ائين نہ هجي ها تہ گانڌي يا مارٽن لوٿر ڪنگ نوجواني ۾ خودڪُشيءَ جي ڪوشش نہ ڪن ها. ڪھاڻيڪار، شاعر ثروت حسين، سارا شگفته، سلويا پاٿ، ارنيسٽ هيمنگوي جھڙين اهم شخصيتن بہ خودڪشيءَ جھڙو اڻوڻندڙ فيصلو ڪيو. غير موافق حالات ۽ مزاج ۾ حساسيت جو نتيجو انتھا پسند فيصلا آهن.
جاپان ۾ زندگي کان بي زار ماڻھو، مائونٽ فيوجي جي ڀرسان واقع جهنگ ۾ خودڪشي ڪندا آھن. سري لنڪا ۾ ھڪ وڻ جي ٻج کائڻ سان موت واقع ٿيو پوي. سوئيزرلينڊ ۾ قانوني طور تي خودڪشي لاءِ قانون موجود آھي، جنھن مطابق ڪو بہ بيمار ۽ لاچار ماڻھو درخواست ڏيئي سگهي ٿو. جنھن کانپوءِ ھن لاءِ موت جو بندوبست ڪيو ويندو آھي. ان عمل کي سياحتي خودڪشي (Suicide Tourism) سڏيو وڃي ٿو. تازو ئي انگلينڊ سان تعلق رکندڙ مشھور سائنسدان David Goodall، 104 سالن جي ڄمار ۾ سوئيزرلينڊ ۾ زندگيءَ جو انت آندو. جيڪو آسٽريليا ۾ رهائش پذير هو ۽ سياحتي خودڪشي ذريعي پوري دنيا جي خبرن جو مرڪز بنيو. هو جسماني طور تي تندرست هو پر موت جو سبب زندگيءَ کان بي زاري ڄاڻايائين. ھڪ رپورٽ مطابق سوئيزرلينڊ ۾ سال دوران ڇھہ سو ماڻھو خودڪشي ڪن ٿا جن ۾ ٻہ سو کن ٽوئرسٽ ھوندا آھن. اڪثر ماڻھو ناقابل علاج بيمارين جي ڪري خودڪشي ڪرڻ جو فيصلو ڪندا آھن.
ڏٺو وڃي تہ هيءُ هڪ حساس موضوع آهي. پنھنجن هٿن سان زندگيءَ جو خاتمو ڪرڻ بزدلي آهي يا بھادري؟ ڇا انسان کي ڪو اهڙو سمجهوتو ڪرڻ گهرجي جيڪو کيس روحاني طور تي ماري ڇڏي؟ روحاني موت مرڻ کانپوءِ بہ ڇا کيس جيئڻ جو حق آهي؟ گهڻا ماڻھو جيئڻ جي چاھہ ۾ پيا ساھہ کڻندا آهن. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تہ آخر اُهي ڪھڙا حالات يا محرڪ ٿين ٿا، جيڪي ماڻھوءَ کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ڇڏين.
ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پاران ڪيل سروي مطابق هر سال اٺ لک ماڻھو زندگيءَ جو خاتمو ڪن ٿا. پندرهن کان اڻٽيھہ سالن تائين جي نوجوانن ۽ وڏن جي موت جو ڪارڻ خودڪشي هئي. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس ۾ گذريل سال پنج سؤ عورتن کي آندو ويو، جن خودڪشي جي ڪوشش ڪئي هئي، ان انتھائي قدم جي سببن ۾ جذباتي دٻاءُ، معاشي مسئلا ۽ گهريلو جهيڙا جهٽا ڄاڻايا ويا آهن. انھن عورتن جون عمرون ويھن کان چاليھن سالن تائين هيون.
جيئن تہ عورتون معاشرتي تضاد کي وڌ ۾ وڌ منھن ڏين ٿيون. اھا صنفي اڻ برابري چاهي گهر ۾ هجي، يا تعليمي ادارن يا ڪم ڪار جي جاءِ تي ٿيندي هجي، سندن ذهني صحت کي تباھہ ڪري ٿي ڇڏي.
بي روزگاري، خراب صحت ۽ غربت اُهي ذهني پيڙائون آهن، جيڪي ماڻھن کي زندگيءَ جي خاتمي ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون. نوي فيصد ذهني مريض پنھنجي زندگيءَ کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن مطابق، ملڪ ۾ پنج مينٽل هاسپٽل ۽ چار سؤ سائيڪيا ٽرسٽ آهن، جيڪي ويھہ ڪروڙ ماڻھن لاءِ ناڪافي آهن، جنھن جي ڪري ذهني صحت نظرانداز ٿيل موضوع آهي.دنيا ۾ لکين ماڻھن جي زندگي خطري ۾ ٻڌائي وڃي ٿي، جيڪي زندگيءَ کي نقصان پھچائي سگهن ٿا. جڏهن تہ ھن ملڪ ۾ ھزارين ماڻھو، هر سال زندگيءَ جو انت آڻين ٿا، جن ۾ نوجوان پڻ شامل آهن. اها حقيقت آهي تہ ذهني هيجان، خوف، ڀوائتا خواب، بي حسي، ڪاوڙ ۽ فيصلي ڪرڻ جي سگهہ نہ هئڻ سبب اهي ماڻھو ڪنھن بہ مسئلي کي جلد حل نہ ڪري سگهندا آھن. اڻ حل ٿيل مسئلا ۽ غيرواضع ڪيفيتون، خودڪشي ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿيون.
عام ماڻھو ان وقت تائين پنھنجي ذهني بيماري کان لاعلم رهي ٿو، جيستائين هو ذاتي تجزيي جي صلاحيت کان محروم ۽ پنھنجي ذات جي سمجهڻ کان وانجهيل نظر اچي ۽ فطري لاڙن کان اڻڄاڻ ھجي. يا هو لاشعور جي نامعلوم وروڪڙ رستن تي مستقل ڀٽڪندو رھي. منجهيل ماڻھو پنھنجو الميو پاڻ تخليق ڪري ٿو. ان جو وڏو سبب پنھنجين ڪيفيتن يا احساسن کي ٻين کان لڪائڻ آهي، ڇاڪاڻ تہ منفي روين کان خوفزد رهندي، زندگيءَ جي ٻٽي معيار ۾ ڪٿي سندس ذات جو سچ وڃائجي وڃي ٿو.
خبر نہ آهي ڪھڙي ڳالھہ، واقعو يا حادثو ٻار جي ذهن ۾ خوف بڻجي محفوظ ٿي وڃي! چاهي اهو واقعو هن سان ٿيو هجي يا اهو سندس ٻئي درجي جو تجربو هجي. نہ والدين ان ذهني عذاب کي سمجهي سگهندا آهن ۽ نہ نوجوان ان ڳنڀير مسئلي کي اهميت ڏيندا آهن. اهڙا نوجوان ٻاهر جي دنيا ۾ لفظن جي بازيگرن جي ور چڙهي ويندا آهن. حساس ۽ ذهني طور تي ڌڪيل ماڻھوءَ جو وڏو خواب، احساس جو ڇانورو پائڻ آهي. اهڙن ماڻھن لاءِ پناھہ، رهبر جي ٻھروپ ۾ رهزن کڻي ايندا آهن.
الميو اهو آهي تہ ٻار جيئن جيئن وڏو ٿيندو آهي تہ عام طور تي مائٽ هن مان هٿ ڪڍي ڇڏيندا آهن. اهو اسان جي موجودہ معاشري جو وڏو الميو آهي. ان ٻار يا نوجوان کي ماءُ يا پيءُ جي ذهني ويجهڙائپ گهرجي. والدين کي ٻار جي باري ۾ معلومات رکڻ کپي تہ ٻار ڪھڙي ماحول ۾ اُٿي ويھي ٿو. هن جي چوڌاري ڪھڙا ماڻھو آهن يا جيڪڏهن هن جي سوچ يا طبيعت ۾ ڪو فرق اوچتو ظاهر ٿيو آهي تہ ان جو سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪن. نوي فيصد ذهني بيمارين ۽ اوچتن حادثن جو سبب ويجهن رشتن جي لاتعلقي هوندي آهي.
ٻار جي تربيت جي شروعاتي مرحلي دوران، جيڪڏهن کيس يقين ۽ تحفظ جو ڇانورو نہ ٿو ملي تہ سندس شخصيت جي پيڙھہ ڪچي ۽ بي بنياد رهجي وڃي ٿي. ڌيءُ جون ماءُ سان يا پٽ جون پيءُ سان جذباتي وڇوٽيون، ڪيترن ئي اڻ وڻندڙ واقعن کي جنم ڏين ٿيون. اسان رشتن ۾ جذباتي سگهہ جي اهميت يا ذهني فاصلي جي خطرن کان اڄ تائين غير واقف آهيون. جيڪڏھن والدين ۾ ذاتي تجزيي يا دور انديشي جي صلاحيت ناهي تہ اولاد بہ اڻڄاڻ ۽ غافل رهي ٿي. غفلت، جذباتي توڙي ظاهري حادثن جو ڪارڻ ٿئي ٿي. اها غفلت، سماجي زندگيءَ جو اهم حصو بڻجي چڪي آهي. سمجهدار والدين نوجوانن ۾ ذهني پختگي پيدا ڪرڻ کانسواءِ کين، ڪڏهن بہ معاشري جي حوالي نہ ڪندا آهن. مائٽن جو فرض آهي تہ ٻار کي ننڍپڻ ۾ ئي اهم مثبت روين سان واقف ڪرائين، جن ۾ سچ ڳالھائڻ، پاڻ ڀرائي ۽ سماجي رابطي جو گڻ وغيرہ شامل آهن.
ڊپريشن هئڻ جو هڪ پاسو مثبت پڻ آهي، ڇو تہ ڳڻتي، غم يا محروميءَ ۾ وڪوڙيل ماڻھو، ان ڪيفيت مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو. سندس ذهن بہ معيار مطابق ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ معمول کان تڪڙو ڪم ڪري ٿو. ان ڪيميائي عمل جي نتيجي ۾، تخليقي صلاحيتون اُسرن ٿيون. احساس محرومي بہ طاقت بڻجي سگهجي ٿي. نوجوانن ۾ بي روزگاريءَ جي ڪري مايوسي وڌي آهي. جيڪي اعليٰ ڊگريون حاصل ڪرڻ بعد بہ گهرن ۾ فارغ ويٺا آهن. اها فرصت ذهني بيمارين جو ڳڙھہ ٿئي ٿي.
جيئن اسان جي معاشري ۾ گهر ۽ خاندان جو مثبت ڪردار گهٽيو آهي، نوجوانن ۾ ويڳاڻائپ وڌي آهي، سائيڪو ٿراپي جي نالي سان مشھور نفسياتي ماهر سگمنڊ فرائڊ علاج جو طريقو-گفتگو يا حال اورڻ وسيلي دريافت ڪيو، جنھن جي مطابق ڳالھہ ٻولھہ وسيلي ذهني مونجهارا حل ٿي سگهن ٿا. گهڻا ماڻھو پنھنجي ذات تائين ئي محدود رهن ٿا. جيڪي گهڻو ڪري ذهني بيمارين ۾ مبتلا ٿيندا آهن. ٻارن يا نوجوانن کي پنھنجي ڳالھہ چوڻ جي آزادي هئڻ گهرجي.
جيڪڏهن ٻارن يا نوجوانن ۾ ڪا خامي آهي تہ سندن غلطين کي سمجهڻ جي سھپ وڏن کي پنھنجي اندر پيدا ڪرڻي پوندي آهي. ٻار ننڍا هجن يا وڏا، هر لمحي کين وڏن جي شخصيت ۽ ساٿ جي ضرورت پوي ٿي. والدين جي ڇانوري کان محروم ٻارن کي مٽ مائٽ يا سندن دوست ذهني ساٿ ڏيئي سگهن ٿا. اهي فلاحي رويا معاشرن کي ذهني طور تي سگهارو بڻائيندا آهن.

پري ڊيٿ سنڊروم

موت هڪ دکدائڪ موضوع آهي، جيڪا زندگيءَ جي تلخ حقيقت آهي. ان کان ڪوبہ فرار حاصل نہ ٿو ڪري سگهجي. تبديلي انساني زندگيءَ جو لازم جزو آهي. هر منظر عارضي ۽ فنا ڏانھن سفر ڪري ٿو. ڪافڪا چواڻي: ”زندگيءَ جي معنيٰ ئي اها آهي تہ اها بيھجي وڃي.“ هر ماڻھو، زندگيءَ جي ڪنھن نہ ڪنھن موڙ تي پنھنجي ڪنھن ويجهي رشتي سان وڇوڙي جي تجربي مان گذري ٿو- اهو ڏک، جتي انسان کي ذهني طور تي منتشر ڪري ٿو؛ اُتي کيس بيپناھہ مضبوطي بہ عطا ڪري ٿو. ڏکن ۾ انساني زندگيءَ جي بهتري لاءِ جواز پوشيدہ آهن. ماهر نفسيات سگمنڊ فرائڊ محسوس ڪيو تہ اڪثر ماڻھو ساڻس موت جي خوف جو ذڪر ڪندا هئا. ان ڪيفيت کي هو (Thanatophobia) سڏي ٿو.
هڪ طرف جتي روشني يقين بڻجي اُتساھہ بخشي ٿي تہ اتي ٻئي طرف اوندھہ آهي، جيڪا موت جي پراسراريت ڏانھن اشارو ڪري ٿي. ان موضوع تي ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ۽ ناول پڻ لکيا ويا آهن. فرائڊ پاڻ موت جي خوف ۾ مبتلا هو ۽ اڪثر ان جو تصور ڪري بيھوش ٿي ويندو هو. ساڳئي خوف جو شڪار هٽلر پڻ هو، جنھن ان خوف کان بچڻ لاءِ خودڪشي ڪئي. گهڻا ماڻھو لمحو لمحو موت جي انتطار کان ڪيٻائيندا آهن ۽ پنھنجي هٿن سان زندگيءَ جو خاتمو ڪري ڇڏيندا آهن. حساس ماڻھو زندگيءَ جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦٿڪي اڻ وڻندڙ انجام کي پھچي ٿو.
ادب جي تاريخ ۾ اڪثر مھان ليکڪن جا موت عجيب حالتن ۽ اسرار جي ڌنڌ ۾ ويڙهيل نظر اچن ٿا، جن ۾ ايڊگر ايلن هيو، ڪرسٽوفر مارلو، شاعر شيلي، ورجينيا وولف، ارنيسٽ هيمنگري ۽ سلويا پاٿ وغيرہ شامل آهن، جن جي غير يقيني زندگين وانگر موت بہ هڪ ڇرڪائيندڙ حادثو هو.
تحقيق مطابق ماڻھو موت کان ڪجهہ عرصو پھرئين ”موت کان اڳ جي ڄاڻ“ (Pre-Death Syndrome) جي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. نفسياتي ۽ اڪثر ان ڪيفيت کي مغالطو (Delirium) يا Organic Brain Syndrom (OBS) چيو وڃي ٿو. ٻنھي صورتن ۾ ماڻھو، موت کان اڳي حقيقت کان پري ٿي وڃي ٿو ۽ ننڊاکڙي جي صورت ۾ کيس ڏيکارا يا خيالي پاڇا نظر اچن ٿا. سائيڪياٽري (طبيب نفسي) انھن ڪيفيتن جو طبي بنيادن تي جائزو وٺي ٿي، جيڪي ذهن جي غيرفعال ڪارڪردگيءَ جو سبب بنجن ٿيون. پر پيرا سائيڪالاجي (مابعد از نفسيات) جا ماهر انھن ڪيفيتن کي مختلف انداز سان ڏسن ٿا. سندن چوڻ آهي تہ مرڻ کان اڳي (چاهي ماڻھو بيماري جي بستري تي نہ ھجي) ھو هڪ عجيب ڪيفيت ۾ لاشعور سان سلھاڙجي وڃي ٿو. اها ڪيفيت چند مھينن تائين تہ ڪڏهن ڪجهہ هفتن تائين برقرار رهي سگهي ٿي.
موت کان اڳي لاشعور متحرڪ ٿي وڃي ٿو ۽ شعور تان اڻڄاڻائيءَ جا پردا کڄڻ لڳن ٿا. انسان جي سوچ، سمجهہ ۽ ڇھين حس وڌيڪ متحرڪ ٿي وڃن ٿيون. جيئن وليم ورڊزورٿ پنھنجي شھر آفاق نظم Ode: Intimation of immortality from recollection of early childhood” ۾ بيان ڪيو آهي تہ ٻار جڏهن دنيا ۾ اچي ٿو تہ ڪافي وقت تائين، سندس تعلق آسماني نور سان جڙيل رهي ٿو. ڪجهہ عرصي بعد تجربي جي دنيا کانئس اها روشني کسي ٿي وٺي. ساڳيءَ ريت دنيا ڇڏڻ وقت ماڻھو ٻيھر وري ان روشنيءَ سان رابطي ۾ اچي ٿو وڃي جتان هو آيو آهي. ماڻھوءَ جي ذهن جي پروگرامنگ بہ لاشعوري طور تي طئي ٿئي ٿي. لاشعور ۾ محفوط واقعا، سندس روين کي ترتيب ڏين ٿا.
انسان ڪھڙي دنيا مان اچي ٿو؟ دنيا جي سڀني مذهبن جا ان باري ۾ مختلف عقيدا آهن. جڏهن تہ سائنس ان ڳجهہ کي اڃا تائين پرکي ناهي سگهي. هڪ دوست مرڻ کان مھينو اڳي خواب ڏٺو تہ هر طرف عجيب ڪوهيڙو ڦھليل آهي. زمين کان آسمان تائين کيس ڏاڪڻ نظر آئي. ان ڏاڪڻ جا اڃا ڪجهہ ڏاڪا ئي مس طئي ڪيائين تہ سندس اک کلي وئي. صبح جو پاڻ ان خواب جو ذڪر مڙس سان ڪيائين تہ هن مذاق ۾ کيس چيو تہ ”تنھنجو وقت دنيا ۾ ختم ٿيڻ وارو آهي.“ اها ڳالھہ ڪندي ۽ مڙس جي مذاق بابت سڀني کي ٻڌائيندي، سندس اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. ان وقت هوءَ بيمار نہ هئي. پر جلد ئي کيس دل جي بيماري جي خبر پئي. ائين هوءَ مھيني کن ۾ خالق حقيقي سان وڃي ملي.
هوءَ مھينو اڳي پري ڊيٿ سنڊروم جي عمل مان گذرڻ لڳي هئي. اها فقط طبعي ڪيفيت نہ آهي، پر ان موقعي تي، انسان لاشعور سان رابطي ۾ اچي ٿو وڃي. لاشعور، جيڪو ادراڪي ڪيفيت جو مرڪز آهي. ماورائي سوچ، خيال، وجدان ۽ روحانيت لاشعوري وارتا آهي. اها ڪيفيت، ڏٺل کان اڻ ڏٺل دنياتائين شعور جي منتقلي چورائي ٿي. اسان حال ۾ شعوري حالت ۾ موجود آهيون. ائين اسان جا تجربا ۽ مشاهدا، لاشعور ۾ غير محسوس انداز ۾ منتقل ٿيندا رهن ٿا.
ذهن جو هڪ حصو مشاهدي کي محسوس ڪري ٻئي حصي يعني لاشعور ۾ منتقل ڪري ٿو. اهو هڪ غير محسوس عمل آهي. پر غيرمحسوس رويا، مشاهدا ۽ وارتائون جڏهن ظھور پذير ٿين ٿيون تہ اسان فقط طبعي حقيقتن ۽ مشاهدن کي محسوس ڪرڻ جي اهليت رکون ٿا. جڏهن تہ غير محسوس رويا، مشاهدا ۽ واقعا فقط ان وقت پرکي سگهجن ٿا، جڏهن اسان شعور ۽ لاشعور سان هڪ ئي وقت ۾ رابطي ۾ هجون. ٻين لفظن ۾ انساني احساس ۾ وسعت ۽ سمجهہ مٿانھين درجي تي هجي. جيڪو اتم وجود (Higher Self) آهي. اهڙي ڪيفيت ۾ انسان جسم کان مٿانھون ٿي سوچي ٿو ۽ ٻيھر پنھنجين جڙن سان تعلق ۾ اچي ٿو. اهي جڙون هڪ اڻ ڏٺل دنيا ۾ کتل آهن، جيڪا احساساتي روشني ۽ يقين جي ٿنڀن تي بيٺل آهي.
ڪافي ماڻھن کي موت کان اڳي، پنھنجا ويجها مائٽ نظر اچڻ شروع ٿيندا آهن. يا ننڊاکڙي ڪيفيت ۾ هو ڪيترن عزيزن جا نالا وٺندا آهن. ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ سندن لاشعور جي وهڪري گهري اٿل کاڌي هجي. سندن احساس ۾ هڪ ڇڪ پيدا ٿي پوندي آهي. بيشڪ موت هڪ عام حقيقت آهي، پر جنھن تي گذري، ان لاءِ وڏو سانحو هوندي آهي. هو جنھن دنيا، منظرن ۽ رشتن سان احساساتي طور تي مڪمل طور تي ڳنڍيل هوندو آهي، انھيءَ تند جو ٽٽڻ هڪ احساساتي ڇڪ آهي. اهو ئي سبب آهي تہ موت واقع ٿيڻ کان ڪجهہ سال اڳ ئي ماڻھو ماضيءَ ۾ هليا ويندا آهن. يا وري ننڍپڻ جي دور ۾ وڃي پھچندا آهن. مان پنھنجي اُن سھيليءَ جي ماءُ کي، جڏهن سندس بيماريءَ دوران پڇڻ ويس تہ سندس بيڊ جي سائيڊ ٽيبل تي اهي شيون رکيون هيون، جيڪي هوءَ ننڍپڻ ۾ شوق سان کائيندي هئي. هن جي ڪيفيت ۽ حرڪتون عجيب و غريب هيون. اوچتو ويٺي ويٺي ڪجهہ ڳولڻ لڳندي هئي تہ ڪڏهن وهاڻو کڻي ان کي جانچڻ لڳندي هئي.
مون کي اُتي ائين محسوس ٿي رهيو هئو، ڄڻ هوءَ گذريل وقت ۾ وڃايل واقعا ڳولھي رهي هجي. ڪڏهن پنھنجي زندگيءَ جا گذريل مختلف واقعا ٻڌائيندي هئي. سندس دماغ ۾ ساروڻين جو ڄڻ ڪو ٽيپ رڪارڊ وڄندو هو. بنا تسلسل جي بي ربط ڳالھيون ورجائيندي هئي. ڪڏهن ننڍپڻ تہ ڪڏهن جواني جا واقعا، پر حال جي ڳالھہ گهٽ ڪندي هئي. اهڙن تجربن مان گذرندڙ ماڻھن جي ذهن مان حال غائب يا غير موجود ٿي ويندو آهي. ”ماضيءَ جي پچار“ (Nostalgia) ۾ مبتلا، انھن ڪيفيتن مان وڌيڪ گذرندا آهن.
انساني دماغ رڳو طبعي طور تي هلندڙ مڪينزم نہ آهي. بلڪہ اهو معجزاتي تخليق آهي، جنھن ۾ سموري ڪائنات سمويل آهي، جنھن اندر پورو ماضي سھيڙيل آهي. هر خوشي، هر ڏک ۽ حادثو دماغ ۾ ساھہ کڻندو رهي ٿو. اهو حال ۾ ڪھڙيءَ ريت ظاهر ٿئي ٿو، زندگيءَ کي ڪيئن متاثر ڪري ٿو يا روين جو ڪھڙي نموني تعين ڪري ٿو. ان امر کان هر ماڻھو واقف نہ آهي.
اها حقيقت آهي تہ انساني روين جي پٺيان ماضي لڪل رهي ٿو. اُهو ماضي جيڪو لاشعور (Subconscious mind) ۾ جذب ٿيل آهي. ماضيءَ جا تجربا، مشاهدا جھڙيءَ ريت حال تي اثر انداز ٿين ٿا. اهي واقعا هڪ مرندڙ ماڻھوءَ جي ذهن تي پڻ هڪ فلم جيان اڀرن ٿا ۽ سندس ذهن جي اسڪرين تان منظر اڀرندا ۽ غائب ٿيندا رهندا.
جيڪڏهن انسان کي خبر پئجي وڃي تہ هو سڀاڻي نہ رهندو يا ايندڙ هفتي يا مھيني اندر دنيا ڇڏي ويندو تہ انسان جي اکين تي خوش گماني ۽ غلط فھمي جو پردو پيل آهي سو کڄي ويندو. جيئن بلائنڊ ڊاٽ اکين ۾ هوندي بہ محسوس نہ ٿو ٿئي، بلڪل ائين موت اسان جي رڳن ۾ ساھہ کڻندي بہ اسان زندگيءَ جي دائمي هجڻ جي مغالطي ۾ مبتلا رهون ٿا. جيڪڏهن اسان موت کي سمجهڻ شروع ڪيون تہ سمجهہ جي ان منزل کانپوءِ زندگيءَ جو هر لمحو اهم، معتبر ۽ عزيز ٿي ويندو. اسان پئسي جي پٺيان ڀڄڻ ڇڏي ڏينداسين. رشتن جي ويساھہ ۾ زندگي جي هر خوشي محسوس ٿيڻ لڳندي ۽ اُها خوشي دائمي هوندي.

ڪمفرٽ زون

ڪمفرٽ زون، ذهني آسودگيءَ جو نالو آهي، جيڪو انسان کي ذهني دٻاءُ يا پريشانيءَ کان نجات ڏياري ٿو. اها ذهني آسودگي يا آرام طلبي هڪ نفسياتي مھرو پڻ آهي، جنھن کي استعمال ڪري، انسان زبردستي پنھنجي لاءِ من پسند ماحول جي چونڊ ڪري ٿو. آمريڪي سائيڪولوجسٽ Robert Mearns Yearks جي ڪيل تحقيقي مشاهدي مطابق، اسان کي رليٽِو اينگزائيٽي جي ضرورت ٿئي ٿي. هڪ اهڙي جاءِ جتي ذهني دٻاءُ وڌي ٿو. ان ڪيفيت کي Optimal Anxiety سڏيو وڃي ٿو، جنھن کانپوءِ ماڻھو ڪفرٽ زون مان ٻاهر نڪري ٿو.
ماڻھو ڪيتري ڪوشش ڇو نہ ڪري ڪجهہ حاصل ڪرڻ لاءِ پر کيس گهربل نتيجو ان وقت ملي سگهي ٿو، جڏهن هو ان ڪم لاءِ ذهني طور تي تيار هجي. زندگيءَ ۾ انسان کي ڪٿي مزاج جي اُبتڙ فيصلا ڪرڻا پون ٿا. آرام واري زندگيءَ کي ڇڏڻو پوي ٿو. هونئن ماڻھو يڪسانيت واري زندگي کي ترجيح ڏيندا آهن، جيئن کين نئين صورتحال کي منھن نہ ڏيڻو پوي. جيڪا اڻ وڻندڙ بہ ٿي سگهي ٿي. ڪوبہ نئون ڪم يا مقصد ٻين لفظن ۾ ذهني دٻاءُ وڌائي ٿو. جدوجھد ۽ جاکوڙ لاءِ محنت ۽ مقابلو ڪرڻو پوي ٿو. ڪمفرٽ زون کان ٻاهر زندگي پرخطر، نامھربان ۽ غيريقيني ٿيو پوي.
زندگي مسئلن ۽ مشڪلاتن سان ڀرپور آهي. شارٽ ڪٽ جي اصطلاح سماجي زندگي ۾ مروج ٿيڻ بعد ماڻھو محنت، جدوجھد ۽ ڪم جي معيار کي بھتر بنائڻ کان پاسو ڪرڻ لڳا. هتي صورتحال اها آهي تہ جتي اجورو گهڻو آهي، اُتي ڪم جو معيار گهٽ آهي. خاص طور تي گورنمينٽ جي ادارن ۾ وقت جو زيان گهڻو آهي. سفارش، اقرباپروري ۽ ذاتي تعلقات جو سھارو پڻ ڪمفرٽ زون ۾ رهڻ واري سوچ کي هٿي ڏئي ٿو، جنھن جي ڪري ذاتي ذميداري، سچائي ۽ ايمانداريءَ جھڙا لفظ اڻلڀ ٿي ويا آهن.
اهو ئي سبب آهي تہ اجتماعي سوچ بدران، انفرادي سوچ کي وڌيڪ اُسرڻ جو موقعو مليو آهي. ماڻھو ذات، گهر ۽ ادارن ۾ ذهني انتشار سان افراتفري پيدا ڪري ٿو ڇڏي. سندس سوچ بہ موقعي ۽ ماحول جي مناسبت سان تبديل ٿيندي رهي ٿي. ذاتي مفاد ۽ موقع پرستي جھڙا اڻ وڻندڙ رويا سماجي بي اطميناني جو سبب بڻجن ٿا. ذاتي سک جي ڳولا، ذهني آسودگي آهي. هڪ ماڻھوءَ جو سڪون ۽ فائدو، ڪيترن ماڻھن جي نقصان ۽ ذهني اذيت جو باعث بڻجي ٿو. جنھن جي ڪري اذيت پسند روين جو بنياد پوي ٿو. ڇو تہ انفرادي خوشي جي پرچار ڪندڙ ماڻھو گهڻي ڀاڱي ٻين جي تڪليفن کان غافل رهن ٿا. نتيجي ۾ معاشرو اخلاقي بدحاليءَ جو شڪار ٿي وڃي ٿو.
وقت گذرڻ سان گڏ دنيا هڪ گلوبل وليج جو روپ ڌاري ورتو آهي. پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ڄاڻ فراهم ڪرڻ جا ذريعا آهن. موبائيل، انٽرنيٽ، ايڪس باڪس، ٽيبلٽ وغيرہ پڻ ڪمفرٽ زون ۾ اچي وڃن ٿا. ڄاڻ جي ذريعن جو غلط استعمال، سلو پوائزن جيان آهي، جيڪو نئين نسل جي رڳن ۾ ڊوڙي رهيو آهي. ان ڪري انھن لاءِ نشو پتو، سگريٽ يا شيشو پيئڻ پڻ ذهني آسودگي جو ذريعو آهي. ٻار يا نوجوان منفي سوچ ۽ لاڙن جو شڪار ان ڪري ٿين ٿا جو وڏا سندن ڳالھہ نہ ٿا سمجهن.
پراڻي نسل اڪثر ٻٽن روين جو شڪار آهي، جيڪا ٻار جي خامين، ذهني ۽ جذباتي مسئلن کي حقيقي انداز ۾ نہ ٿي ڏسي. خامين کي ڌڪارڻ يا بي جا سختي معاملي کي وڌيڪ بگاڙي ٿي. منفي روين جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ وسيلي، ڪيترن ذهني مونجهارن جو حل ملي سگهي ٿو. مسئلو اهو آهي تہ پراڻي نسل وٽ وقت ناهي. پراڻي نسل جا ماڻھو هروڀرو وڏي عمر جي ڪري خود رحميءَ ۾ مبتلا ٿيو ٿا پون. اهي وقت سان گڏ وڌيڪ سخت، بي لچڪ ۽ زندگيءَ کان بي زار نظر اچن ٿا. اهي بدلجندڙ دنيا جي تقاضائن کي نٿا سمجهڻ چاهين. سندن ان رويي، جنھن جنريشن گئپَ کي هٿي ڏني آهي.
ٽيھہ سال اڳ اسان جي چوڌاري ماحول مختلف هو. اڄ ان ماحول جو مثال ڏيڻ فضول آهي. اڄ جا ٻار ۽ نوجوان وڌيڪ مشڪل ۾ آهن. اهي چوڌاري رتو ڇاڻ ٿيندي ڏسي رهيا آهن. اهي هڪ اهڙي دنيا ۾ ساھہ کڻي رهيا آهن، جيڪا غيرمحفوظ ۽ غير يقيني آهي.
گڏيل ڪٽنب جو نظام وکري چڪو آهي. انڪري اڄ اسان جا ٻار ۽ نوجوان دنيا جي جهنگ ۾ اڪيلا بيٺا آهن. روايتي سوچ، شڪ ۽ تنگ نظري بدران کين پنھنجائپ، محبت ۽ يقين جي وڌيڪ ضرورت آهي. ڇو تہ شڪ ۽ غيريقيني وارا رويا ٻارن کي ڀٽڪائين ٿا. کين خاندان ۾ سٺا رول ماڊل گهرجن، جن کان تحرڪ حاصل ڪري سگهن. وڏن جي قول و فعل ۾ تضاد، خانداني جهڳڙا، غلط فھميون ۽ تنگ نظري نئين نسل کي تشويش ۾ مبتلا ڪري ٿي ڇڏي.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تہ اسان پاڻ نئين نسل کي ڪيترا تعميري ۽ تخليقي موقعا فراهم ڪيا آهن؟ امن امان جي مسئلن جي ڪري ٻار ٻاهر نہ ٿا وڃي سگهن تہ ماڻھو ملي پنھنجن پاڙن يا فليٽن جي ڇتين تي کيڏ ڻ جو ميدان ۽ ساوڪ جو انتظام ڪري سگهن ٿا. اهو بہ ڏسڻو آهي تہ والدين ٻار جي نفسيات کي ڪيترو واقف آھن ۽ ساڻن ڪيترو وقت گذارين ٿا. پنھنجين نسلن جي ذهني، جذباتي ۽ جسماني گهرجن کان غفلت درحقيقت سڄي انسانيت سان ويساھہ گهاتي جي برابر آهي. سندن غلطين سبب گمراهي ۾ ڦاٿل ٻار، سڀاڻي الائي ڪيترن ماڻھن جو سک کسيندو؟
اسان وٽ ان ذهني آسودگيءَ سبب ڪم جي ڪارڪردگي ۽ رفتار پڻ گهٽ آهي. ڪم واري جاءِ تي ماڻھو موبائيل ۽ ذاتي ليپ ٽاپ جو استعمال ڪن ٿا. ترقي يافتہ ملڪن ۾ رابطي ۽ تفريح جي ذريعن يا ذاتي ڪچھرين تي پابندي آهي. نہ ئي وري ڪو ماڻھو ذاتي نظريي جي پرچار ڪري سگهي ٿو. اُتي پيشيور ماڻھو غيرجانبدار، محنتي، ڪم سان سچا، تعاون ڪندڙ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ڇو تہ ادارا فرد جي ذاتي مونجهارن کان آزاد آهن. اهي ذاتي پريشانيون گهر ۾ ڇڏي آفيسن جو رخ ڪندا آهن. ان موضوع جي ماهر، ان حوالي سان لکي ٿي: ”بھتر آهي تہ نوجوان ڪمفرٽ زون مان ٻاهر نڪري زندگيءَ جا چئلنج کلي ذهن ۽ دل سان قبول ڪن. ذاتي واڌ ويجهہ ۽ ڪاميابين لاءِ سھپ ۽ سمجهہ جو هئڻ ضروري آهي. ضرورت ان ڳالھہ جي آهي تہ اسان هر طرح جي ماڻھن سان لھہ وچڙ ۾ اچڻ سکون ۽ ڏکي صورتحال کي سمجهہ ۽ ڏاهپ سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون بجاءِ ان جي جو فرار جا رستا ڳوليون.“
اها حقيقت آهي تہ ڏکيون حالتون انسان جي ذهن ۽ ڪردار کي مضبوطي عطا ڪن ٿيون. مشڪلاتون انسان جي ظرف جيِ پرک جو پيمانو آهن. انسان کي پروڙ پوي ٿي تہ سندس ظرف کوٽو آهي يا اعليٰ! انسان پنھنجي باري ۾ ڪيترو ئي خوش فھميءَ جو شڪارڇو نہ هجي؛ ڪم جو معيار ۽ ڪارڪردگي سندس اصلي حقيقت جي ترجماني ڪندا آھن.
سھل پسندي جو سحر ٽوڙڻ لاءِ ڪمن کي مختلف انداز سان ڪرڻ جو فيصلو ضروري ٿيو پوي. جيڪڏهن ڪو انسان شين ۾ جدت ڏسڻ جو خواهشمند آهي تہ کيس نون فيصلن لاءِ تڪڙو سوچڻو پوي ٿو، جنھن جو مثبت نتيجو ڪم ۽ ذاتي زندگي ۾ جلد نظر ايندو آهي. ان لاءِ مشاهدو ۽ وقت جو هئڻ ضروري ٿيو پوي. ساڳين شين کي سوچ جي نئين تناظر ۾ ڏسڻ سان اُتساھہ ملي ٿو.

جذباتي شفافيت (Catharsis)

ڪٿارسس (Catharsis) يوناني لفظ آهي، جنھن جي لفظي معنيٰ آهي شفافيت (Purification) يا شفاف بنائڻ. ڪٿارسس جا ٻہ نمايان رخ آهن: جذباتي ۽ ادراڪي.
جذباتي شفافيت وسيلي دٻيل يا گهٽيل سوچن يا جذبن کي اظھار جو رستو ملي ٿو تہ جيئن ذهني ۽ جسماني ڪارڪردگي فعال رهي. ٻيو رخ ادراڪي شفافيت جو آهي، جنھن وسيلي سوچ کي ڪو نئون رخ، حل يا گهرائي عطا ٿئي ٿي. ڇو تہ لاشعور ۾ دٻيل خواهشون، جڏهن شعوري طور تي سامھون اچن ٿيون تہ ماڻھو پاڻ کي بھتر محسوس ڪندو آھي. ارسطو، ڪٿارسس کي الميي جي تناظر ۾ ڏسي ٿو، جنھن جو مقصد رحم ۽ خوف جا جذبا اُڀارڻ آهي. الميي تي مشتمل يوناني ڊراما، پنهجي دور ۾ مقبول ترين صنف طور پسند ڪيا ويندا هئا. ان دور جا ڊراما نگار جيئن اسڪائي ليڪس، سوفيڪليز ۽ يوري پيڊيز وغيرہ آھن جن شاهڪار ڊراما تخليق ڪيا. سوفوڪليز جو مشھور ڊرامو ”ايڊي پس ريڪس“ هو.
ماڻھوءَ جو سدائين خوش رهڻ هڪ ڏکيو مرحلو آهي. مشروط خوشي عارضي ثابت ٿيندي آهي. جڏهن تہ اهو احساس، ڪائنات جي هر منظر ۾ پاڻمرادو جهلڪي ٿو. اسڪائي ليڪس چواڻي تہ: ” ماڻھو زندگيءَ جي آخري ڏينھن اچڻ تائين خوش نہ ٿو رهي. جيستائين اهو لمحو اچي، جڏهن اها سرحد ٽپي وڃي، جيڪا زندگيءَ کي موت کان الڳ ڪندي آهي.“
ڪنھن بہ الميي ۾ چاهي نثر هجي يا ڊرامو، جڏهن ماڻھوءَ کي پنھنجي ڪيفيت جو عڪس نظر اچي ٿو تہ سندس غم جي شدت جهڪي ٿي وڃي ٿي. ڪٿارسس، هر دور ۾ ماڻھوءَ جي ذهني ۽ جسماني ضرورت رهيو آهي. هڪ لحاظ کان اندر جي اُڌمن جي اها تحليل نفسي نہ هجي ها تہ انسان صدمي جي ڪيفيت ۾ وڌيڪ جيئرو نہ رهي سگهي ها! ان ڪيفيت کي ’مسرت ۽ راحت‘ (Pleasure and Relief) چيو وڃي ٿو. انسان پنھنجن جذبن/اڌمن جي اظھار کانپوءِ پنھنجي اندر هڪ گهري خوشي محسوس ڪري ٿو ۽ سندس هيجاني ڪيفيت جو چاڙھہ سانتيڪو ٿئي ٿو. اهو تصور نفسيات جي ماهرن کان علاوہ فلسفين Jeremy Bentham، Spinoza ۽ Descartes پڻ پيش ڪيو، جن مطابق تڪليف يا خوشي دٻيل خواهشن جي اظھار جي صورت حاصل ٿئي ٿي.
موسيقيءَ کي بہ ذهني شفافيت ۽ سڪون جو باعث سمجهيو ويندو هو. افلاطون جو خيال هو تہ موسيقي، انساني مزاج ۽ شخصيت تي گھرو اثر ڇڏي ٿي. جسم ۽ روح جي ڪيترين بيمارين جو علاج موسيقي وسيلي ڪيو ويندو ھو. ان دور ۾ عورتن جي مخصوص بيماري هسٽيريا جو علاج ساز وسيلي ڪيو ويندو هو. ساز تي جهومندي ۽ رقص ڪندي، ان بيماريءَ ۾ مبتلا عورتون بيھوش ٿي وينديون هيون. هوش ايندي ئي پاڻ کي تندرست محسوس ڪرڻ لڳنديون هيون. ادب جي ڪنھن بہ صنف وسيلي جڏهن ڏک يا احساس محرومي جو عڪس پسي ٿو تہ اها علامت تبديلي جو ذريعو (Turning Point) ثابت ٿئي ٿي. مسئلن جو ادراڪ، تبديلي آڻڻ جو محرڪ بڻجي ٿو. ساڳين حالتن ۾ نقطہ نظر (Perspective) کي تبديل ڪرڻ سان بہ منفي سوچ کان نجات ملي ٿي.
ڏٺو ويو آهي تہ جيڪڏهن ماڻھوءَ کي وقت تي، مسئلن جو ادراڪ نہ ٿو ٿئي تہ اهي غفلت جي غفائون بڻجيو وڃن، جيڪي سندس شخصيت جي اوسر لاءِ تباھہ ڪن ثابت ٿين ٿيون. ان تاريڪيءَ ۾ کيس روشنيءَ جي لاٽ ۽ تازي هوا جو جهوٽو گهرجي.سگمنڊ فرائڊ مطابق، ذهني دٻاءُ يا معاشرتي تسلط سبب، نفسياتي بيماريون پيدا ٿين ٿيون، جن جا اڪثر اهڃاڻ طبي بيمارين جھڙا آهن، پر مريض جي چڪاس ڪرڻ تي بہ ڪا بيماري نٿي ظاهر ٿئي، جنھن جو سبب ذهني عارضو ٿئي ٿو. اڪثر ذهني تڪليف، ڪيترين ئي طبي بيمارين کي دعوت ڏيئي ٿي.
ڪٿارسس جو خيال، جرمني ۾ 1890ع ڌاري متعارف ٿيو، جنھن کانپوءِ هپناسس ۽ سائيڪو ٿراپي جو بنياد پيو. سگمنڊ فرائڊ پھريون شخص هو، جنھن ڪٿارسس کي نفسياتي تجزيي طور پيش ڪيو، جنھن مطابق ڪاوڙ يا جارحيت کي اظھار جو موقعو ڏجي تہ انھن ڪيفيتن ۾ ڪمي واقع ٿي سگهي ٿي. پر ان کان اڳ Joseph Breuer ان طريقه علاج جي نشاندهي ڪري چڪو هو. هو هپناسس وسيلي مريضن کي رازن ظاهر ڪرڻ تي آمادہ ڪندو هو، جنھن کانپوءِ انھن جي اندر مثبت تبديلي محسوس ڪئي وئي. خاص طور تي فرائڊ جو چوڻ هو تہ ماڻھن کي اظھار ڪرڻ ڏيو، کين وچ ۾ نہ روڪيو ۽ نہ ئي مداخلت ڪريو. پر عام ماڻھن لاءِ ايترو صبر ممڪن ناهي، ان ڪري مريض نفسياتي ماهرن سان حال اورڻ کي وڌيڪ بھتر سمجهن ٿا بجاءِ پنھنجي دوست يا عزيز جي، ڇو تہ سندن مزاج جو رخ بدلجڻ سان، سندن راز بہ راز نہ ٿا رهن. ذهني بيمارين وڌڻ جو ڪارڻ، انسان جي اعتبار جو منتشر ٿيڻ آهي. ٻڌندڙن جو تعداد وقت سان گهٽ ٿيندو ويو ۽ ماڻھو فقط پنھنجا مسئلا ۽ ڳالھيون ٻڌائڻ کي ترجيح ڏيڻ لڳا.
تصوير جو ٻيو رخ اهو آهي تہ جيڪڏهن ماڻھو عام زندگي ۾ ڪاوڙ ۽ جارحيت جو اظھار ڪرڻ لڳن تہ ائين ڪرڻ سان معاشرتي زندگيءَ جو سڪون غارت ٿي ويندو. پر ان جي باوجود بہ روزمرہ زندگيءَ ۾ ماڻھو-گهرن، آفيسن يا ٻاهرين دنيا ۾ ڪاوڙ يا جارحيت جو مظاهرو ڪندي نظر ايندا آهن، جنھن سان کين وقتي سڪون ملي ٿو. پر اهڙا رويا، معاشرتي زندگيءَ جو سڪون برباد ڪري ٿا ڇڏين. تحليل نفسي (Psychoanalytic Theory) مطابق، ان ڳالھہ جي ضرورت آهي تہ لاشعوري پريشاني ۽ ذهني دٻاءُ کي جذباتي آزادي ڏيڻ گهرجي. پوءِ چاهي ان لاءِ ڪو مشغلو اختيار ڪجي يا جسماني مشق وسيلي ان ذهني پيڙا جو ڪو حل تلاش ڪيو وڃي.
ڪيتريون اهڙيون رانديون آهن، جن ۾ ويڙھہ ڏيکاري وڃي ٿي، جن ۾ باڪسنگ يا ريسلنگ وغيرہ شامل آهن. انھن راندين ۾ ڏسندڙن لاءِ سندن دٻيل ڪاوڙ يا جارحيت جو ڪٿارسس موجود آهي. ساڳي ريت مشھور ڊائريڪٽر الفرڊ هچڪاڪ مطابق: ”ٽيلي وزن جو وڏو ڪم اهو آهي تہ ابلاغ وسيلي، قتل جا سين ڏيکاريا آهن. قتل جو سين ڏسڻ بہ هڪ سٺي ٿيراپي آهي.“ ساڳي ريت 1992ع ڌاري فلم Total Recall جي ڊائريڪٽر Paul Verhoeven چيو تہ: ”قتل و غارت تي مشتمل فلمون ڏسڻ بہ هڪ اهڙو تجربو آهي، جيڪو ذهن کي شفاف بڻائي ٿو.“ اهوئي ساڳيو ڪم وڊيو گيمز جو آهي، جيڪي جسم ۾ تجسس ۽ اُتساھہ جي لھر پيدا ڪن ٿيون. جاسوسي ۽ ڀوائتيون فلمون جسم مان اسٽريس هارمونز (Adrenalin) کي خارج ڪن ٿيون. خوف يا ذهني دٻاءَ وقت جسم جي اندر اها خاص رطوبت پيدا ٿئي ٿي، جيڪا اصلي خطري کي منھن ڏيڻ وقت جنم وٺي ٿي، جنھن کي محسوس ڪندي، غير متوقع خوشي يا آسودگيءَ جو احساس پيدا ٿئي ٿو. ايڊرنلين جي پيدا ٿيڻ کانپوءِ، ماڻھو پنھنجي اندر توانائي، تازگي ۽ زندگيءَ کي ڀرپور طور تي محسوس ڪندو آهي.
مھم جوئي يا راندين کانپوءِ بہ اهڙي قسم جي مسرت ۽ اطمينان جو احساس پڻ شفافيت (ڪٿارسس) جو ذريعو بڻجن ٿا. منفي سوچن ۽ خيالن کي ڇڏي ڏجي تہ اُهي جيو گهرڙن کي تباھہ ڪندا رهن ٿا. بي اطميناني، اُڏوهيءَ جيان ذهن کي کاٽ هڻي، خوشي ۽ اُتساھہ جا دروازا بند ڪريو ڇڏي. انسان ڪڏهن بہ هڪ ڪيفيت يا ماحول جي يڪسانيت ۾ ڦاٿل نہ ٿو رهي سگهي. کيس ٻاهر جي ماحول ۾ تبديلي گهرجي. پر اها تبديلي يا نواڻ حاصل ڪرڻ هر ڪنھن لاءِ ممڪن نہ آهي. ان ڪري ننڍي پيماني تي ميسر تفريح جا دلچسپ وسيلا جھڙوڪ: ڪھاڻيون، ناول، ڊراما يا فلمون ساڳيو ڪم ڏيکارين ٿا، جن ۾ انفرادي ڏکن يا محرومين جو عڪس پسڻ سان دل جو بوجهہ هلڪو ٿئي ٿو.
اها حقيقت آهي تہ جذباتي شفافيت جو ذريعو فقط ’روئڻ‘ ناهي. بلڪ ’کلڻ‘ بہ ساڳيو شفا جو اثر رکي ٿي. کل يا ٽھڪ. جسم جو سمورو سور، تڪليف ۽ بي اطميناني ختم ڪريو ڇڏين. شفاف نفسياتي علاج جو طريقو (Laughter Therapy) کِلڻ کي جذباتي تڪليف کان نجات ڏيارڻ جو اهم ذريعو قرار ڏيئي ٿو، جنھن جي ذريعي خوف، ڪاوڙ ۽ يڪسانيت جو دٻاءُ وکري وڃي ٿو. ماڻھو جڏهن مرڪي يا ٽھڪ ڏئي ٿو تہ ان سمي هوا جيان، منفي چاڙھہ جا گهاٽا بادل ڇڙوڇڙ ٿي ويندا آهن. سندس تڪليف، مايوسي ۽ ويڳاڻائپ ان لمحي، ختم ٿيو وڃي ۽ جسم ۾ توانائيءَ جو نئون وهڪرو داخل ٿيندي محسوس ڪبو، جيڪو بي جان جيوگهرڙن ۾ زندگيءَ جو نئون روح ڦوڪي ٿو ڇڏي. مزاح پڙهندڙن يا مزاحيہ ڊراما يا فلمون ڏسندڙن جي زندگي متحرڪ ۽ اُتساھہ سان ڀرپور رهي ٿي.
1979ع ڌاري Norman Cousin ڪتاب “Anatomy of an Illness” شايع ڪرائي. جنھن ۾ هن ٻڌايو تہ ڪئين مزاح جي حس ڏانھن موٽڻ ڪري، کيس مهلڪ بيماري سان وڙهڻ ۾ مدد ملي. هو لکي ٿو تہ: ”ڏهن منٽن جي ٽھڪن کانپوءِ هو ٻن ڪلاڪن لاءِ سڪون سان سمھي سگهندو هو.“ سندس ڪھاڻي پڙهي طبيبن ٽھڪن وسيلي علاج دريافت ڪيو.
نفسياتي مونجهارن لاءِ ڪٿارسس وڏي اهميت رکي ٿو. تبت جي يوگي چواڻي تہ: ”تخليق جو عمل دل جي ويڳاڻائپ جو علاج آهي.“ ان جو سبب اهو آهي تہ فرصت يا واندڪائي ذهني مرضن جي جڙ آهي. ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ تعميري سرگرمين جو هئڻ تمام ضروري آهي، جن سان سوچ جي انتشار ۾ يڪسوئي پيدا ٿئي ٿي.
ذهني مونجهارن جو حل وري بہ انسان کي پاڻ ئي ڳولڻو پوي ٿو، جنھن لاءِ ماڻھن کي خودانحصاري جي رمز سيکارڻي پوندي. جڏهن هو عارضي سھارا ڳولڻ بدران تعميري وسيلا ڳوليندو تہ ڪيترا مسئلا پاڻمرادو حل ٿي ويندا.

سج جي روشنيءَ جو انساني مزاج تي اثر

مُندن جو انساني مزاج تي براھہ راست اثر پوي ٿو. هر لمحي ۽ هر پھر جي پنھنجي الڳ تاثير آهي. مندن جي بدلجڻ سان مزاج ۾ بہ تبديلي اچي ٿي. ان سان گڏ انساني روين تي بہ ٻاهريون موسم ۽ ماحول اثرانداز ٿئي ٿو. فطرت صبح ساڻ ئي واڌ ويجهہ ۾ مصروف ٿي ماحول ۾ مثبت توانائيءَ جا رنگ وکيرڻ لڳندي آهي. سج توانائيءَ جو مرڪز آهي، جنھن جي تپش، نباتات لاءِ زندگيءَ جو پيغام آڻي ٿي.
قديم زماني جا ماڻھو سج جي پوڄا، ان کان خوف کائي ڪندا هئا. پر اُن وقت سج جي باري ۾ کين ڪابہ ڄاڻ نہ هئي. پر اڄ جي دور جا ماڻھو سج جي باري ۾ سائنسي ڄاڻ رکن ٿا. سج هڪ ستارو آهي، جنھن جي اندر هائڊروجن، هيليم، ڪاربان، نائيٽروجن ۽ آڪسيجن وغيرہ شامل آهن. سج 4.5 بلين سال قديم آهي. سج جيڪو سولر سسٽم جي مرڪز ۾ موجود آهي. هي ستارو ايترو وڏو آهي جو ان ۾ هڪ ملين زمينون سمائجي سگهن ٿيون. سولار سسٽم جي وچ ۾ واقع سج، 220 ڪلو ميٽر پر سيڪنڊ جي رفتار سان سفر ڪري ٿو
اها حقيقت آهي تہ سج لھڻ ۽ اُڀرڻ وارو منظر احساس ۾ توانائي ڀري ٿو ڇڏي. سج اُڀرڻ جي ٿڌي ۽ پرسڪون روشني هڪ نئين ڏينھن جو سنيھو آڻي ٿي. اُن وقت هر شيءِ تازي تواني ۽ اُتساھہ سان ڀرپور هوندي آهي. ساڳيءَ ريت شام جا رنگ، زمين، درياهن ۽ سمنڊ تي پوندي هڪ سڪون بخش منظر کي ترتيب ڏين ٿا.
انھن لمحن جي طاقت ۽ اُتساھہ جي گهٽ ماڻھن کي خبر هوندي پر فطرت سان چاھہ رکندڙن کي سج لھڻ جو منظر منفرد ڪيفيتن جو ميڙ محسوس ٿيندو آهي. اهڙيون ڪيفيتون، انھن گهڙين ۾ انساني ذهن جي اداسي کي هڪ نئين سگهہ عطا ڪن ٿيون. ڏينھن جنھن موڙ تي پڄاڻي تي پھچي ٿو، اُتان رات جو پھر شروع ٿيندو آهي. مندون هجن يا انھن جو ميلاپ، فطري زندگيءَ ۾ معنيٰ جا مختلف رنگ متعارف ڪرائي ٿو. درحقيقت، فطرت جا رنگ ۽ منظر مختلف علامتن ۽ استعارن جو اظھار آهن. اهي پرسڪون رنگ ۽ منظر خاموشيءَ جي زبان ۾ پنھنجي هئڻ جي ڀرپور ترجماني ڪندا آهن. جيئن آسمان جو نيرو رنگ ذهني دٻاءُ ۾ ڪمي ڪري ٿو، ائين سج لھڻ وقت آسمان تي انڊلٺ ورنا رنگ وکري وڃن ٿا. اڀرندڙ سج جا رنگ اميد سان ڀرپور ٿين ٿا تہ لھندڙ سج سڪون ورهائي ٿو.
سج لھڻ جو وقت صدين کان وٺي انساني ذهن جي دروازي تي روز هڪ سوال کڻي ٿو اچي. انھن گهڙين ۾ انساني ذهن، سوچ جي گهري ساگر ۾ ٽُٻي هڻي، معنيٰ جا موتي ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. شين جي حقيقت، عارضي هئڻ جو احساس ۽ تيزي سان گذرندڙ لمحن جو ادراڪ ٿئي ٿي. گوڙ ۾ انسان ڪٿي وڃائجي وڃي ٿو، پر خاموشيء ۾ پاڻ کي ٻيھر ڳولھي ٿو لھي. اڄڪلھہ جو شور ٻيائي ۽ ذاتي مفاد جو مظھر آهي جڏهن تہ خاموشي غيرمعمولي ۽ لڪل سچ دريافت ڪري ٿي.
ماڻھو، خاموشي ۾ پاڻ سان همڪلام ٿئي ٿو ۽ خود ڪلامي جي ڪيفيت سرجي ٿي. زندگيءَ جو گوڙ فقط مشاهدي جو محور ٿئي ٿو. انسان مشاهدو ڪري ٿو، پر جيڪڏهن کيس موقعو نہ ملي ان مشاهدي کي اڪيلائيءَ ۾ ورجائڻ جو تہ هو ذاتي تجزيي ۽ ساڃھہ جي صلاحيت مان لاڀ حاصل ڪري نہ سگهندو.
جديد تحقيق مطابق، فطري منظرن جي ويجهڙائي صحت بخش، سڪون ڏيندڙ ۽ اطمينان جوڳي ٿيندي آهي. انفرادي ۽ سماجي ڊاھہ ڊوھہ تباھہ ڪندڙ آهي، پر فطرت جي سونھن ۽ سادگي ان نقصان جي تلافي ڪري سگهن ٿا. ڇو تہ هڪ پاسي خوبصورت منظر اتساهين ٿا تہ ٻئي پاسي تخليقي سوچ جو ڏانءُ عطا ڪندا آھن. انساني ذهن ۽ فطرت جي وچ ۾ اهو رابطو، جذبن جي اظھار جو ذريعو بڻجي ٿو. ماڻھو فطرت کان پري آهن، انڪري انساني رابطن ۾ بہ فعال نہ آهن.
خواهشون ۽ مشيني زندگي اڄ جي انسان کي هڪٻئي کان پري ڪري ڇڏيو آهي. انساني زندگيءَ جو ڪارج، فقط مادي شين جي حاصلات جي چوڌاري نہ ٿو ڦري پر زندگيءَ جو حقيقي مقصد، رابطي جي حسن کي محسوس ڪرڻ آهي. رابطو، ذهن کي فطرت سان جوڙي ٿو. فطرت جو لاڳاپو وري سندس احساس کي سڄي سنسار سان ڳنڍي ٿو ڇڏي. جيوت، فطرت ۽ ڪائناتي تبديلين کي سمجهڻ لاءِ، ذهني يڪسوئي ۽ سوچ جا مختلف رخ گهرجن. ان کانسواءِ انسان جڏهن فطرت جو مشاهدو ڪري ٿو تہ سندس اندر جو مڪالمو سگهارو ٿئي ٿو.
ساڳيءَ طرح سج لھڻ جو منظر خودڪلامي کي اُتساهي ٿو. ان کان علاوہ اهو پاڻ سان گڏ اداسيءَ جو احساس بہ کڻي ٿو اچي، جيڪو وقت جي بي ثباتي جو مظھر آهي. لھندڙ سج، انساني زندگيءَ جي عارضي هئڻ جي نشاندهي پڻ ڪري ٿو، جتي مندون تڪڙيون تبديل ٿين ٿيون. هر شيءِ هن جڳ ۾ بقا کان فنا ڏانھن سفر ڪري ٿي. انساني واڌ ويجهہ جو عمل اُها چاڙهي آهي، جنھن جي لاهي فنا طرف آهي.
فطرت جو مشاهدو، انسان ۾ مثبت گڻ پيدا ڪري ٿو، جنھن ۾ سوچ سمجهہ، ساڃاھہ، شڪر گذاري، رابطو، اطمينان، محبت ۽ روحاني رمزون شامل آهن. لفظ مراقبو (Meditation)، انساني غور ۽ فڪر ۽ ذهني يڪسوئيءَ جو ثمر آهي. سوچ جي مرڪزيت حقيقتن کي وائکو ڪري ٿي. ساڳيءَ ريت لفظ ’غور ۽ فڪر‘ (Meditate) انڪشاف جي مختلف مرحلن جي وضاحت ڪري ٿو.
غور و فڪر ۽ ڌيان جو گڻ پيدا ڪرڻ کانسواءِ، حقيقتن تائين پھچڻ ڏکيو آهي. مثال هڪ لفظ ٻج پنھنجي معنيٰ ۾ سڄو گلستان آهي، جيڪو واڌ ويجهہ جي مختلف مرحلن مان گذرندي ٻوٽو يا وڌي وڻ ٿئي ٿو. پر پنھنجي خاصيت جي پھرئين مرحلي ۾ ٻج آهي، جنھن جو ڪارج زندگي بخش آهي. ساڳيو ڪم مثبت خيال يا خوبصورت سوچ جو آهي. سٺي سوچ سان انساني زندگيءَ ۾ زرخيزي اچي ٿي. الھام بہ ڌيان جو ڪرشمو آهي. ڌيان جي سگهہ وري فطرت جي منظرن جي محتاج ٿئي ٿي. جديد تحقيق مطابق فطرت جي قربت، يڪسوئي جي صلاحيت ۾ اضافو ڪري ٿي. ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ڪيترا ادارا آهن، جيڪي نيچر ميڊيٽيشن جي سکيا ڏيندا آهن.
اڀرندڙ ۽ لھندڙ سج جي روشني، هڪ طرف ذهني ۽ روحاني فائدا آهن تہ ٻئي طرف سج توانائيءَ جو سرچشمو آهي. سائنس، ان روشنيءَ کي منفرد طور تي بيان ڪري ٿي. جرمن ڊاڪٽر ۽ فوٽو بايولاجيءَ جي ماهر ڊاڪٽر اليگزينڊر ونش مطابق ”انساني نظام اکين ۽ چمڙي وسيلي، روشنيءَ جا رنگ ڳولي ٿو، جيڪي ماحول ۾ موجود آهن، جن وسيلي اهو هارمون سسٽم، وقت ۽ جڳھہ جي مناسبت سان پنھنجو ڪم ڏيکاري ٿو. ساڳيءَ ريت اُس جي ڪري، جسم کي متحرڪ ڪندڙ رطوبت (Serotonin Hormones) جو جسم مان اخراج ٿئي ٿو. سيروٽونن هارمونز، نيورو ٽرانسميٽر آهي، جيڪو مزاج ۽ سماجي روين کي اعتدال بخشي ٿو. ان سان گڏوگڏ نظام هضم، ننڊ، ياداشت ۽ جنسي خواهش کي فعال بنائڻ ۾ مددگار بہ ٿئي ٿو. سج اڀرڻ ۽ لھڻ واري ٿڌي روشني، تندرستي لاءِ فائديمند ثابت ٿئي ٿي. اڪثر نون ڄاول ٻارن کي صبح جو سج جي روشنيءَ ۾ رکيو ويندو آهي تہ جيئن سندن جسم جو مدافعتي نظام بھتر ٿي سگهي.
جسم جي فعال ڪارڪردگيءَ لاءِ جسم ۾ وٽامن ڊي جي مناسب مقدار جو موجود هئڻ ضروري آهي. وٽامن ڊي جي ڪمي ڪيترين ئي مھلڪ بيمارين جو ڪارڻ بڻجي ٿي، جن ۾ هارٽ اٽيڪ ۽ ڊپريشن بہ شامل آهن. سج جي روشني ۽ اوندھہ اسان جي ذهن ۾ مختلف رطوبتون (هارمونز) پيدا ڪري ٿي. سج جي روشني ۾ Serotonin هارمونز گهڻائيءَ ۾ خارج ٿين ٿا، جيڪي مزاج کي پرسڪون ڪندي، ذهني يڪسوئي پڻ پيدا ڪندا آهن. جڏهن تہ رات جو Melatonin نالي جي رطوبت ذهن مان خارج ٿئي ٿي، جيڪا ننڊ آڻڻ جو سبب بڻجي ٿي. سج جي نہ هئڻ جي صورت ۾ سيروٽونن هارموزن جي ڪمي سبب ميجر ڊپريشن جا اهڃاڻ پيدا ٿيندا آهن. انڪري صبح يا لھندڙ روشنيءَ ۾ پنڌ ڪرڻ ضروري ٿيو پوي.
گذريل دور ۾ انسان فطرت جي رنگن کي تمام ويجهو هو. انڪري سندس ذهني صحت بہ فعال رهندي هئي. سج جي روشني، تازي هوا ۽ ساوڪ ذهني سڪون بخشيندي هئي. پر اڄ هو مصنوعي ماحول ۾ بلبن جي روشني، ايئرڪنڊيشنر، موبائيل، ڪمپيوٽر ۽ گهر ۾ استعمال ٿيندڙ بجليءَ تي هلندڙ ڪَلُن جو عادي ٿي چڪو آهي. بلبن جي مصنوعي روشنيءَ جا ڪيترائي نقصان آهن، جن جو مزاج تي خراب اثر پوي ٿو.
سج جي توانائي جتي حيات بخش آهي، اُتي هاڃيڪار پڻ آهي. ماحولياتي گدلاڻ جتي هن سڄي ڌرتيءَ جي گولي کي پنھنجو نشانو بڻايو آهي.ا ُتي فضا ۾ موجود اوزون گئس جي تھہ (Ozone Layer) کي بہ نقصان پھتو آهي، جيڪو سج جي ساڙيندڙ تپش جي نقصان کان بچاءُ جو ذريعو آهي. گرين هائوس گيسز ۽ ڪيميائي هٿيارن جي استعمال، ڌرتيءَ جي وجود کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اڄ ترقي يافتہ ملڪن جو گهڻي ۾ گهڻو خرچ ماحولياتي گدلاڻ کان بچاءُ لاءِ حفاظتي اُپاءُ وٺڻ تي ٿئي ٿو.
سج جي هاڃيڪار ڪرڻن کان بچاءُ جا ڪيترائي ذريعا آهن. جيئن گرميءَ ۾ ٻاهر نڪرڻ وقت ڇَٽي کڻڻ يا مٿو ڍڪڻ لازمي ٿيو پوي. ٿڌي ۽ معتدل غذا واپرائڻ بہ فائديمند ثابت ٿئي ٿو. پر ماحوليات جي ماهرن مطابق وڌ ۾ وڌ وڻڪاري وڌندڙ گرمي پد سان وڙهي سگهي ٿي. پر اسان وٽ ڪمرشلائيزيشن جي ڪري گهاٽا ٻيلا ۽ وڻ ڪٽي اُتي عمارتون، پلازا ۽ ريسٽورنٽ کلي ويا آهن. هن وقت تمام ضروري ٿي پيو آهي تہ وڌ ۾ وڌ ٻوٽا ۽ وڻ لڳايا وڃن تہ جيئن سج جي تيز تپش ۽ ماحولياتي گدلاڻ ۾ ڪمي واقع ٿي سگهي.

جنريشن گئپ

جنريشن گئپ ان فرق جو نالو آهي، جيڪو هڪ کان ٻن نسلن جي وچ ۾ سوچ ۽ خيالن جي تضاد ڪري پيدا ٿئي ٿو. خاص طور تي ٻارن، نوجوانن ۽ سندن والدين يا وڏن جي راءِ مختلف ٿئي ٿي. يعني سندن عقيدا، نظريا، قدرن ۽ ترجيحن ۾ وڏو فرق ٿئي ٿو. مثال والدين جيڪو ڏکيو وقت ڏسن ٿا؛ سندن ٻار اهي ڏک نٿا محسوس ڪري سگهن. هڪ نسل جون ڏکيائيون ۽ معاشي مسئلا ٻي نسل لاءِ سک ۽ سھولت جو ڪارڻ بڻجن ٿا. انڪري ڏکن ۽ ڪٺنائين کي منھن ڏيڻ سبب وڏن ۾ جيڪا سھپ، رواداري ۽ مزاج ۾ استحڪام پيدا ٿئي ٿو، اُهو رويو ٻي پيڙهيءَ ۾ پيدا ٿي نٿو سگهي. ڇو تہ سک ۽ سھولتن جي پيداوار نسل جلد باز، ارڏي ۽ ذات تائين محدود رهڻ چاهي ٿي.
فرد جي مزاج تي دور جون حالتون اثرانداز ٿين ٿيون. دور بدلجڻ سان سوچ، ثقافت، اخلاقي قدرون ۽ زندگي گذارڻ جا انداز ساڳيا نہ ٿا رهن. جنريشن گئپ واري ٿيوري 1960ع ۾ متعارف ٿي. ان دور واري نسل سوال اٿاريندڙ ۽ باغي خيال جي حامل هئي. نوجوانن جا مذهبي، سياسي ۽ اخلاقي لاڙا تبديل ٿي رهيا هئا. سندن رهڻي ڪھڻي ۽ موسيقيءَ جو ذوق بہ ساڳيو نہ رهيو هو. صنعتي انقلاب، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دور کان پوءِ دنيا تڪڙي تبديل ٿيڻ لڳي.
ماديت پرستي ۽ مارڪيٽ جي اهميت وڌي. مارڪيٽ ۾ مقابلي جي ڪري اشتهاري ترغيب ماڻھوءَ جي مزاج تي اثر وڌو، جنھن ڪري خريداريءَ جو چاھہ وڌيو. انفراديت پسندي اُسري، جنھن ڪري اجتماعي سوچ ۽ لاڙا ساڳيا نہ رهيا. جديد دور ۾ انفرادي سوچ ۽ فائدي کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي. اهي رويا دوستي، رشتن ۽ ناتن لاءِ هاڃيڪار آهن. مطلب پرستي ۽ خود غرضي ذاتي مفاد جو پرچار ڪري ٿي، جنھن سان روحاني خلا وڌي ٿو. جڏهن نئون نسل مستقبل ۾ رهندو هجي ۽ پراڻو نسل ماضيءَ مان ٻاهر نہ نڪري تہ پوءِ ٻنھي جي وچ ۾ ذهني ويڇا وڌن ٿا.
پراڻو نسل جڏهن پنھنجا فيصلا نئين نسل تي مڙهيندو آهي تہ ذهني ڇڪتاڻ وڌندي آهي. وڏن جي دنيا، ٻارن کي عقل، تھذيب ۽ اصول سيکارڻ ۾ مگن رهي ٿي. ائين ٻار جو خوبصورت دور، فطري خوشيءَ کان محروم رهجي وڃي ٿو. ھو وڏن جي اکين سان دنيا کي ڏسندي، اڳتي هلي مختلف انداز سان سوچڻ لڳن ٿا. ان موڙ تي ٻارن ۽ والدين جي وچ ۾ ٽڪراءُ وڌي ٿو.
اڪثر والدين پنھنجي پسند جا مضمون ٻارن تي مڙهيندا آهن. کين پنھنجن خوابن جو مرڪز سمجهندا آهن. ٻئي پاسي زوريءَ کنيل مضمون ۽ ناپسنديدہ پيشو کين بي اطميناني ۾ مبتلا ڪري ٿو ڇڏي. ٻارن کان سٺي رزلٽ جي توقع ۽ سندن سٺين يونيورسٽين ۾ داخلا ٿيڻ؛ اُهي اوچا معيار آهن، جيڪي نوجوانن کي ذهني بيمارين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اُهي بغاوت ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. روين جي اها تبديلي ۽ بغاوت حقيقت پسندانہ انداز سان نہ ٿي ڏٺي وڃي تہ ان مان ڪيترا الميا جنم وٺن ٿا. اجائي سختي، لفظن جو غلط استعمال، سوچ جو ورجاءُ ۽ فيصلا زوريءَ مڙهڻ سبب غلط نتيجا سامھون ايندا آهن. والدين جي مار ۽ غير منطقي روين سبب خودڪشي جھڙا سنگين واقعا عام ٿي ويا آهن. سماج جو ٻٽو رويو غلطين، خامين ۽ ڪوتاهين کي قبول نٿو ڪري، جنھن سبب لڪي ڏوھہ ڪرڻ جي روايت جنم وٺي ٿي ۽ ٻھروپين جو ڪلچر اُسري ٿو. انھن روايتي ۽ ناسمجهيءَ تي مشتمل روين سبب سماجي زندگي افراتفريءَ جو شڪار ٿي وڃي ٿي.
شھري سماج ۾ جتي زال مڙس ٻئي ڪم ڪن ٿا، اُهي ٻار کي وقت ڏيڻ کان قاصر آهن. ٻار کي جڏهن مناسب وقت نہ ٿو ڏنو وڃي تہ هو ٻاهرئين ماحول جي اثر ۾ جلدي اچي ٿو وڃي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تہ ڇا ماڻھو ٻارن جي نفسيات، ذهني ۽ جسماني تبديلين کان آگاھہ آهن؟ ڇا هو انھن تبديلين ۽ تضادن کي حقيقتن جي روشني ۾ پرکڻ جو ڏانءُ رکن ٿا؟ يا اُهي ٻار جي نفسيات کي سمجهڻ بنان پنھنجن نظرين جو غلام بنائڻ چاهين ٿا. ٻار وٽ جڏهن پنھنجون اکيون ۽ ذهن آهي تہ هو ٻئي جي اکين سان ڪيتري دنيا ڏسندو!
نفسيات جي ٿيوري مطابق ٻار والدين جي پيروي ڪندي بلوغت واري دور ۾ هڪدم بغاوت تي لھي اچي ٿو. هو والدين جي ٻڌايل ڳالھين ۽ پنھنجن مشاهدن جو تجزيو ڪري ٿو. سڀني روين کي ڀيٽي پنھنجي لاءِ الڳ راھہ جو انتخاب ڪري ٿو. ان موڙ تي والدين جڏهن سندس ڳالھہ نٿا سمجهن ۽ سخت رويو اختيار ٿا ڪن تہ سندس عزت نفس مجروح ٿئي ٿي. پوءِ ٻار ۾ احساس ڪمتري پيدا ٿئي ٿي، جيڪا اڳتي هلي اجائي ڏيکاءُ ۽ احساسِ برتري جو روپ ڌاري وٺي ٿي. والدين وٽ ان موڙ تي چونڊ جو اختيار هوندو آهي تہ هو ٻار جي عزت نفس مجروح ڪن يا سندس احساس کي تحفظ عطا ڪن ٿا.
نئون دور باغي، پرجوش ۽ منتشر ٿئي ٿو. نئين ۽ پراڻي دنيا ۾ ٽڪراءُ وڌي ٿو. انھن ٻنھي دنيائن ۾ توازن برقرار رکي نہ سگهڻ سبب ڪيترائي ذهني مونجهارا ۽ غلط فھميون پيدا ٿين ٿيون.
ترقي يافتہ معاشرن ۾ ٻار جي ذهني ۽ شخصي آزادي جو احترام ڪيو وڃي ٿو. اُتي سندن خامين، ذهني مونجهارن ۽ جسماني تبديلين جي اثر کي حقيقت پسندانہ انداز ۾ ڏٺو وڃي ٿو. ان ئي دور ۾ ٻار شرم، ندامت، احساس ڪمتري، احساس محرومي، ذات جي شناخت جھڙن مونجهارن ۾ مبتلا رهن ٿا.
اٺن سالن کان ارڙهن سالن جو اهو دور ٻار جي زندگي ۾ اهم ٿئي ٿو. جنھن دوران ٻار سڌرندا آهن يا راھہ تان ڀٽڪي ويندا آهن. ان دور ۾ صحت بخش غذا، مناسب ننڊ، جسماني مشقن، راند روند ۽ مثبت روين جي وڏي اهميت ٿئي ٿي. والدين ان عرصي دوران ٻارن کان غافل ٿي وڃن ٿا. ٻار جيئن پاڻ ڀرو ٿئي ٿو، ماءُ پيءُ سک جو ساھہ کڻن ٿا.
حقيقت ۾ اٺن کان ارڙهن سالن، تائين والدين کي ٻارن کي ويجهو رکندي ساڻن پاڇي جيان گڏ هلڻ گهرجي. ان دوران محبت، شفقت، پنھنجائپ، دوستي ۽ يقين جھڙن خوبصورت روين جي واڌ ويجهہ، نئين نسل جي احساس ۽ اعتبار جي نگهباني ڪري ٿي. دير سان شادين سبب ٻار ۽ والدين جي عمرن ۾ واضح فرق بہ ذهني وڇوٽي جو سبب بنجي ٿو، ٻار خوشي، ٽھڪ ۽ تفريح جا طلبگار ٿين ٿا. جڏهن تہ وڏا پنھنجين احساس محرومين، مسئلن ۽ پنھنجي دور جي المين کي ورجائيندا رهندا آهن.
ان موڙ تي تازگي ۽ ٿڪاوٽ جو ٽڪراءُ، رشتن ۾ ويڇا پيدا ڪري ٿو، جنھن جي ڪري ٻنھي پيڙهين ۾ رابطي جو خال (ڪميونيڪيشن گئپ) وڌي وڃي ٿو. گفتگو جو اعليٰ معيار زندگيءَ جي بھتر معيار جي ضمانت ڏئي ٿو. پر ڳالھين ۽ گفتگو وسيلي مسئلن کي سلجهائڻ جي اسان وٽ روايت قائم ٿي نہ سگهي آهي. جارحيت، بي سبب ڪاوڙ، جذباتي پڻو، هيسائڻ ۽ تشدد جھڙا اڻ وڻندڙ رويا هر طرف عام آهن. ان ڪري ٻار ۽ نوجوانن جي ذهني، اخلاقي ۽ جذباتي سکيا لاءِ مثبت روين ۽ مثالن جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي.
اڄ موبائيل يا انٽرنيٽ علم ۽ سکيا بدران ذهني آسودگي ۽ تفريح لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن، جنھن جي ڪري گهر جي ڀاتين ۾ فاصلا وڌيا آهن. ويجهڙائي، گفتگو ۽ مثبت رابطي سان نہ فقط رشتا فعال ٿين ٿا، بلڪہ هڪٻئي کي سمجهڻ جو بہ موقعو ملي ٿو. موثر اظھار پيڙهين جي فرق کي گهٽائي ٿو. گفتگو ۽ هدايتون ڏيڻ ٻہ مختلف رويا آهن. ٻارن ۽ نوجوانن کي هدايتن بدران ڳالھہ ٻولھہ جي ضرورت ٿئي ٿي. جيئن کين لڳي تہ ڪابہ سوچ انھن تي مڙهي نہ ٿي وڃي بلڪ کين مشورو ڏنو وڃي ٿو. سوچ مڙهڻ يا مشورو ڏيڻ ٻہ الڳ ڏسائون آهن. نوجوانن کي هدايتن کان سخت چڙ ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هو دوستن جي ميڙ ۾ پناھہ ڳوليندي، اڪثر غلط صحبت جو شڪار ٿي ويندا آهن.
والدين سان گڏ استادن جو ڪردار، ٻار جي ذهني ۽ روحاني اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. پر استادن جا رويا اڪثر سخت هجڻ سبب، ٻارن جو رجحان پڙهائيءَ ڏانھن گهٽ ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن استاد شفيق آهي ۽ ٻار جي نفسيات کي بہ سمجهي ٿو تہ هو هڪ انسان کي ڀٽڪڻ کان بچائي ٿو وٺي. هو صرف هڪ ٻار کي نہ پر پوري خاندان کي تحفظ ڏئي ٿو. شاگردن ۽ استادن جي وچ ۾ ڳالھہ ٻولھہ جي ڪمي ڪيترن ذهني مونجهارن کي جنم ڏئي ٿي. موجودہ دور ۾ ٻارن ۽ نوجوانن اندر ڪو بہ مسئلو نہ آهي، پر اصل خامي گهرن ۽ تعليمي ادارن ۾ آهي. گهرن ۽ تعليمي ادارن ۾ بہ رابطا فعال نہ آهن.
ڪو زمانو هو تہ گڏيل ڪٽنب جو نظام رائج هو، جنھن جي پس منظر مان، ذهني طور تي سگهارا فرد پيدا ٿيندا هئا. ميڙ مان اُسرندڙ ٻار سھپ ۽ تعاون جھڙا گڻ سکن ٿا، جيڪي عملي زندگيءَ ۾ کين تمام گهڻا ڪم ايندا آهن.
ٻئي طرف اهڙن گهرن مان داخليت پسند ماڻھن جي کيپ تيار ٿئي ٿي، جيڪي فقط ذات لاءِ سوچين ٿا، جن وٽ ڪنھن ٻئي لاءِ وقت نہ آهي. پوءِ اهڙن فردن سان جيڪو معاشرو جڙي ٿو، اهو لاتعلق ۽ خود غرض ٿيندو آهي.
سائوٿ ايشيا جي ڪيترن ملڪن ۾ گهر ۽ خانداني نظام سگهارو آهي. چين، جپان، ٿائيلينڊ ۽ ٻين ڪيترن ملڪن ۾ وڏڙن جو ڪردار فعال نظر ايندو. جپان وٽ نيوڪليئر فيملي جو تصور آهي، جيڪي الڳ گهرن ۾ رهندي بہ هڪٻئي سان لاڳاپي ۾ رهن ٿا. گهر جي وڏڙن (ڏاڏي ۽ ناني) سان ويجهڙائي رکندڙ ٻار متحرڪ ۽ هوشيار ٿين ٿا. سندن ٻولي بہ سٺي ۽ واضح ٿئي ٿي. سماجي تعلق جوڙڻ ۾ جلد ڪامياب ٿيندا آهن. ٻارن کي گهمائڻ ڦيرائڻ، سندن پسند جون ڳالھيون ٻڌڻ ۽ کين شخصي آزادي ڏيڻ سان جنريشن گئپ ۾ ڪمي واقعي ٿئي ٿي.
هر سماج ۾ وڏي عمر جي ماڻھن جو ڪردار مختلف ٿئي ٿو. يورپ ۾گڏيل ڪٽنب جي نظام (Joint family system)جو ڪوبہ تصور موجود نہ آهي. ٻار ارڙهن سالن کانپوءِ الڳ گهر وسائين ٿا ۽ ڪراڙا اولڊ هائوسز ۾ وقت گذاريندا آهن. اُتي هر ماڻھو پنھنجي ذميداري پاڻ کڻي ٿو. اُتي وقت جي ڪمي سبب ماڻھن وٽ فرصت نہ آهي جو مٽن مائٽن لاءِ سوچين. پر اسان جو ملڪ مختلف آهي، جتي عمر جي آخري حصي تائين رشتا نڀائڻا پون ٿا. ماڻھو رشتن تي انحصار ڪن ٿا. اسان وٽ شخصي آزاديءَ جو ڪو تصور ڪونھي، پر جتي بہ گڏيل ڪٽنب جو فعال نظام موجود آهي (ضروري ناهي تہ هو هڪ گهر ۾ رهندا هجن) اُتي ذهني ويڳاڻائپ گهٽ نظر اچي ٿي.
اسان وٽ وڏي عمر جو ماڻھو گهڻو متحرڪ نہ آهي. ورزش نہ ڪرڻ سبب بيمارين ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو ۽ اولاد کي سندن ذميداري کڻڻي پوي ٿي. پر جن بہ گهرن ۾ وقت سان گڏ هلڻ وارا وڏڙا موجود آهن، اُهي پنھنجن ٻارن لاءِ بوجهہ بنجڻ بدران سندن سٺا دوست ثابت ٿيندا آهن. انھن ۾ عمرن جي فرق جي باوجود بہ ذهني ويڇا گهٽ ٿين ٿا.
اها حقيقت آهي تہ نئين ۽ پراڻي نسل ۾ گفتگو ۽ رابطن ۾ هم آهنگي هجڻ ڪري زندگي آسان ۽ خوشگوار ٿئي ٿي.

هسٽيريا: انتشار ۽ فراريت

هسٽيريا يوناني زبان جو لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ رحم (Uterus) جي آهي، جنھن جي ڪري ان بيماري کي زناني تڪليف يا ڄم جي مسئلن طور بيان ڪيو وڃي ٿو. ان ڪيفيت کي يوناني، رحم جي ويڳاڻائپ (Uterine Melancholy) سڏين ٿا.
قديم مفڪرن مطابق، عورت نوجواني ۾ جنسي تجربي ۽ ڄم جي مرحلي مان گذري ٿي. جنھن مان گذري کيس ذهني ۽ جسماني سڪون ملي ٿو. اهو قدرتي نظام يا ڄم جو ڦيرو (Birth Cycle) عورت لاءِ اهم قرار ڏنو ويو آهي. ان طريقي ڪار مان گذري هوءَ ذهني، جسماني ۽ روحاني سڦلتا ماڻي ٿي. پر جيڪڏهن ڪنھن سبب ڪري هوءَ ان مرحلي ۾ داخل ٿيڻ کان محروم رهجي وڃي ٿي تہ ذهني طور بيمار ٿيڻ کانپوءِ کيس دورا پوڻ شروع ٿي وڃن ٿا.
افلاطون مطابق، فطري تعلق ۽ ڄم جي نعمت کان محروم رهي عورت اداس ۽ بدقسمت رهجي وڃي ٿي. ساڳيءَ ريت ماهر نفسيات سگمنڊ فرائڊ جو چوڻ آهي تہ جنسي خواهش کي دٻائڻ سبب اها بيماري ٿئي ٿي. پر ڊاڪٽر الفريڊ ايڊلر، فرائڊ جي ان خيال کي رد ڪندي، احساس ڪمتري کي اصل سبب قرار ڏنو.
هسٽيريا پراڻي بيماري آهي، جنھن جا ٻہ سبب ٻڌايا وڃن ٿا. هڪ تہ خالص سائنسي سبب بيان ڪيو وڃي ٿو، جنھن جو تعلق ذهني ۽ جسماني پيچيدگيءَ سان آهي. ٻيو ڪارڻ جنن، ڀوتن ۽ برن اثرن سان منسوب ڪيو ويندو هو. جيڪو سلسلو اڄ تائين هلندو پيو اچي.
هسٽيريا جا قسم ۽ اُهڃاڻ هن ريت آهن:
(1) تحويلي هسٽيريا (Conversion Hysteria) ان قسم ۾ مريض جسماني يا حسياتي طور تي نقص جو شڪار ٿي وڃي ٿو. پر طبعي طور تي عضون جو نقص ظاهر نہ ٿو ٿئي. هن بيماريءَ جي علامتن ۾ مريض کي ٿڌ يا گرمي جو احساس نہ ٿو ٿئي. نظر ۾ نقص، اکين آڏو انڌاري، ڳالھائڻ يا ٻڌڻ جي صلاحيت ۾ ڪمي، گلو بند ٿي وڃڻ، جسم کي جهٽڪا لڳڻ، زبان جو اٽڪڻ ۽ گهڻو پگهر اچڻ شامل آهن. اهي علامتون مردن ۾ بہ ظاهر ٿينديون آهن.
(2) تفريقي هسٽيريا (Dissociative Hysteria): ان قسم ۾ شعور ۽ ياداشت جي خرابي شامل آهي. مريضن کي ويسر ٿئي ٿي. خود فراموشي يا فراريت جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي. مسئلن کي حقيقت پسندي سان قبول ڪرڻ بدران انھن کان فرار حاصل ڪن ٿا. ان ڪري اڪثر اهڙا مريض مختلف روپ ڌاريندا آهن. پر هو انھن تبديلين کان واقف نہ هوندا آهن. ان ڪيفيت کي گهڻ رخو شخصي بحران (Multiple Personality Disorder) سڏيو وڃي ٿو. اهو روپ ٻھروپ، هالي ووڊ جي ڪيترين ئي فلمن جو موضوع پڻ رهيو آهي، انھن فلمن ۾ High Tension، The Three Face of Eve، Shutter Island، Identity، A Tale of Two Sisters، Sibyl ۽ Fight Club وغيرہ شامل آهن. پر اڪثر فلمن ۾ ليکڪ، نفسياتي بيماريءَ جو حقيقي رخ ڏيکارڻ بدران مبالغي کان ڪم وٺن ٿا.
عورتن جي جسماني جوڙجڪ ڪجهہ اهڙي آهي، جو ذهني دٻاءُ ۽ ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ رهندڙ وهمي ڇوڪريون، ان بيماريءَ جو شڪار وڌيڪ ٿين ٿيون. ڪاوڙ، رنج، صدمو، بروقت شادي نہ ٿيڻ، خوف ۽ گهڻي واندڪائي وغيرہ اهڙا سبب آهن، جيڪي هسٽيريا جو ڪارڻ بڻجن ٿا.
قديم زماني کان عورت جي پسند يا ناپسند جي اظھار تي پابندي رهي آهي. يوناني شاعري ۾ بہ معاشرتي ناانصافين جو ذڪر ملي ٿو. قديم يوناني مفڪر پڻ عورت کي فتني ۽ فساد جي جڙ سڏيندا هئا. اهي معاشرا، عورت جي فطري جبلت جي نفي ڪندا رهيا. ست سو سال قبل مسيح وارو يونان، جنگين ۽ ٻاهرين حملن جي نشاني تي هو. يونان جي قانون مطابق، هر يوناني کي فوج ۾ بھرو وٺڻو هوندو هو. انڪري يونان جا نوي فيصد مرد محاذن تي جنگين ۾ مصروف هوندا هئا. شھرن ۾ فقط عورتون رهجي وينديون هيون، جنھن جي ڪري عورتون پاڻ ۾ عشق ڪرڻ لڳيون. بلائي ٽس جي ساهيڙي سيفو ٻنھي ملي نوجوان ڇوڪرين کي شاعري سيکارڻ لاءِ ادارا کوليا هئا، جن ۾ سندن پسند جون ڇوڪريون شامل هيون. ھو اڪثر انھن ڇوڪرين تي وڙهي بہ پونديون هيون. اهڙي ئي هڪ جهيڙي سبب بلائي ٽس کي پنھنجو شھر ڇڏڻو پيو. اهي ڪيفيتون بلائي ٽس جي نظمن ۾ موجود آهن. ساڳيءَ ريت رجعت پرست معاشرن ۾، عورتن کي پسند جي شادي جو حق نہ هئڻ سبب بہ ڪيترا ئي جذباتي مونجهارا پيدا ٿي پوندا هئا. انھن روين، هم جنس پرستيءَ جو بنياد وڌو. سنڌي ادب ۾ خيرالنساء جعفري جي ڪھاڻي ”حويلي کان هاسٽل تائين“ پڻ دٻيل جنسي خواهشن جو هڪ ڀرپور اظھار آهي.
سنڌي سماج ۾ عورتن جا نفسياتي مسئلا سدائين نظرانداز ٿيندا رهيا آهن. جيئن تہ هسٽيريا هڪ پيچيده بيماري آهي، ان ڪري گهڻي ڀاڱي ان بيماري وگهي متاثر ڇوڪرين ۽ عورتن کي سندن مائٽ مزارن تي وٺي ويندا آهن. هسٽيريا کي جنن ۽ برن اثرن سان منسوب ڪيو ويندو آهي. انھن مريضن کي سندن مائٽ آسيب ڪڍرائڻ يا علاج ڪرائڻ خاطر لال شھباز قلندر، شاھہ يقيق، گاجي شاھہ يا سعدي موساڻيءَ تي وٺي ويندا آهن، جتي اهي مريض ڌمال هڻندي نظر ايندا آهن. خاص طور تي شاھہ يقيق جي مزار تي ذهني بيمارين ۾ مبتلا ماڻھو آندا وڃن ٿا. انھن مريضن کي نفسياتي علاج جي تمام گهڻي ضرورت ٿئي ٿي، پر اسان جي معاشري ۾ اهڙن مريضن کي پيرن، فقيرن ۽ درگاهن تي وٺي وڃڻ جو رجحان وڌيڪ هجڻ سبب سندن مرض ۾ شدت پيدا ٿي وڃي ٿي.
هسٽيريا جا مريض، دوري دوران پنھنجي حالت پوريءَ طرح کان باخبر هوندا آهن. ان دوران ڏند ڪُرٽيندا ۽ ڊگها ساھہ ڀريندا آهن. ڪڏهن روئيندا آهن تہ ڪڏهن خوش نظر ايندا. دوري دوران سندن اکيون کليل ۽ پتليون حرڪت ۾ هونديون آهن. ان ڪيفيت ۾ هو گهڻو ڳالھائيندا ۽ سندن گفتگو ۾ تسلسل نہ هوندو آهي. ساھہ تي مونجهہ ٿيڻ ۽ پيٽ ۾ گولي وانگر ڪجهہ ڦرڻ ان بيماريءَ جون عام علامتون آهن.
هسٽيريا جون شڪار عورتون جنس ۽ عشق محبت ۾ غير معمولي دلچسپي رکنديون آهن. محبت ۾ ناڪامي پڻ ان بيماريءَ جو سبب بڻجي ٿي. ساڳئي وقت ڪي مريض جنس جي نالي کان خوف کائين ٿا، جن جي آڏو ان عمل کي گناھہ ۽ قابل نفرت ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو. ٻٽي معيار سبب، ظاهري طور تي ان موضوع کي رد ڪيو وڃي ٿو. پر اندروني طور تي دٻيل دلچسپي جو اظھار شامل آهي. ان موضوع تي ڳالھائڻ کي برو سمجهڻ سبب، گهڻا مريض معاشرتي خوف کان پنھنجي دلچسپي ظاهر ڪرڻ کان ڪيٻائين ٿا. خود لذتي يا لڪي جنسي تجربا بہ گناھہ جي احساس ۽ ندامت طور، ذهني بيماريءَ جو روپ ڌاري وٺن ٿا.
يورپ ۾ ننڍن ٻارن کي جنسي تعليم ڏيڻ سان گڏ، ڄم جو طريقي ڪار پڻ ڏيکاريو ويندو آهي. پر اسان وٽ جديد طرز زندگي ۽ انگريزي نظام تعليم (ڪيمبرج/آڪسفورڊ) هئڻ جي باوجود، گهرن ۾ جنس جي موضوع جي باري ۾ ڳالھائڻ کي برو سمجهيو وڃي ٿو. اڄ دنيا بدلجي وئي آهي. موبائيل ۽ انٽرنيٽ عام استعمال ٿي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ ڇوڪرين کي جنس جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ ضروري ٿيو پوي. ڄاڻ يا معلومات ٻارن کي خوداعتمادي بخشي ٿي، جڏهن تہ لڪائڻ يا روڪ ٽوڪ ۽ شڪ ڇوڪرين کي غلط رستن تي سفر ڪرڻ لاءِ اُتساهين ٿا.
آخر ان بيماريءَ جو ڪھڙو علاج ٿي سگهي ٿو؟ سڀ کان پھريائين ان بيماري جي صحيح تشخيص ٿيڻ گهرجي. اها هڪ ذهني بيماري آهي. ان جو آسيب سان ڪو واسطو نہ آهي. پيرن، فقيرن ۽ مزارن بدران مريضن کي نفسياتي ماهرن کي ڏيکارڻ گهرجي. گهڻا ماڻھو نفسياتي علاج ڪرائڻ کي شرمندگيءَ جو سبب سمجهندي ڊاڪٽرن ڏانھن نٿا وڃن.
ڊاڪٽر گهڻي ڀاڱي مريضن لاءِ شادي تجويز ڪن ٿا. غلط جڳھہ تي شادي سبب مرض ۾ وڌيڪ بگاڙ پيدا ٿي وڃڻ جو انديشو رهي ٿو. شادي فقط جنسي عمل جو نالو نہ آهي. بلڪ اهو هڪ ذهني ۽ روحاني معاهدو آهي. انڪري اهڙين ڇوڪرين جا سوچي سمجهي رشتا طئي ڪرڻ گهرجن. انساني ڇُھاءُ، علاج ڪرڻ جو مجاز آهي. ڀاڪر پائڻ يا هٿ ملائڻ وقت انساني جسم ۾ Oxytocin نالي هارمونز پيدا ٿين ٿا، جيڪي ذهني ۽ طبعي طور تي علاج طور صحتياب ڪن ٿا. اهي هارمونز ڇھاءُ وقت انسان ۾ يقين ۽ محبت ڀريا جذبا پيدا ڪن ٿا. هسٽيريا جي مريضن کي پيار، توجھہ ۽ ويجهن رشتن جي ڇھاءُ جي ضرورت رهي ٿي.
محبت کان وڌيڪ ڪا ٻي مؤثر دوا نہ آهي. ڇوڪرين کي ننڍپڻ کان پنھنجي ويجهو رکڻ گهرجي. اجائي روڪ ٽوڪ يا دڙڪن کان پاسو ڪندي کين آرام سان هر ڳالھہ سمجهائڻ گهرجي. ماءُ جو مثبت ۽ پيار ڀريو رويو ڇوڪرين ۾ خود اعتمادي پيدا ڪري ٿو. اٺن سالن کان ٻارهن سالن تائين ڇوڪرين کي سٺي غذا کارائڻ گهرجي.
شروع کان تعميري ڪمن ۾ مشغول رکڻ گهرجي. مائرن کي گهرجي تہ کين سبق آموز آکاڻيون ٻڌائين. سگمنڊ فرائڊ ٽاڪ ٿيراپي وسيلي ذهني بيمارين جو علاج دريافت ڪيو، جنھن کي تحليل نفسي چيو وڃي ٿو. ان ٿيراپي دوران مريض کي ڳالھائڻ جو موقعو ملي ٿو. طبيب، مريض جي ڳالھہ ٻولھہ مان نفسياتي مريض جو لاشعور پڙهندي کيس دوا ۽ مشقون تجويز ڪري ٿو، جن ۾ ورزش، پنڌ، ساھہ جون مشقون، موسيقي، ڪتاب پڙهڻ ۽ باغباني وغيرہ شامل آهن.
حقيقت اها آهي تہ گهر جا ڀاتي بہ اهڙن مريضن لاءِ نفسياتي ماهر جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. مريض کي اظھار لاءِ همٿايو وڃي ٿو. کيس همدرديءَ سان ٻڌڻ جي سھپ پيدا ڪئي وڃي. جڏهن هو بنا خوف جي پنھنجي ڳالھہ چئي سگهنديون تہ سندن بيماري جي شدت ۾ ڪمي اچڻ لڳندي.

منجهيل ساهن جي ڪٿا

فطرت جي اندر هڪ تسلسل ۽ رواني آهي. فطرت جا عنصر: هوا، لھرون، برسات يا برفباري پڻ ساھہ کڻندي محسوس ٿين ٿا، هوائن جا وهڪرا، موسمن جي بدلجڻ سان تبديل ٿيندا رهن ٿا. بلڪل اهڙيءَ طرح انساني ساهن جو تسلسل آهي. جتي هڪ پاسي ساھہ زندگيءَ جي علامت آهي تہ ساڳيو ئي ساھہ بوجهہ بہ بڻجي وڃي ٿو.
اهو جسم جو مڪينزم آهي. Dr. Sarah Brewer پنھنجي مضمون (The Art of breating) ۾ لکي ٿي تہ: ”اسان مان گهڻا ماڻھو چڱي نموني ساھہ نہ ٿا کڻن، نہ وري کين خبر آهي تہ ساھہ ڪيئن کڻجي، جنھن جي ڪري جسم ۾ آڪسيجن جي کوٽ سبب ٿڪاوٽ ۽ بيماري پيدا ٿيو پوي. انسان-خوف، ذهني دٻاءَ ۽ اندروني ڪشمڪش جو شڪار آهي. اهي پريشانيون براھہ راست ساھہ جي سرشتي تي اثرانداز ٿين ٿيون. ان ڪري دٻيل، جهڪا، جهيڻا ۽ هيڻا ساھہ جسم جي پڃري ۾ پکيءَ جيان قيد آهن.
انساني ذهن ۾ ڪيتريون ئي حدبنديون، ڳنڍيون ۽ رڪاوٽون موجود آهن، جن جو سبب ٻاهريون حالتون ٿين ٿيون، جنھن جي ڪري جسم ۾ رت جي گردش کان وٺي ساهن جا وهڪرا شديد متاثر ٿين ٿا. هر انسان ڏينھن ۾ عام طور تي 25000 ڀيرا ساھہ کڻي ٿو. جيڪڏهن رت جي دوري جو سرشتو (Circulatory System) صحتمند آهي تہ ماڻھو ڊگهي عمر ماڻي سگهي ٿو. ساھہ کڻڻ جي صحتمند طريقه ڪار سبب، آڪسيجن جسم جي خلين تائين پھچي ٿي. جن وٽ پوري ڄاڻ آهي تہ سندن گُهرج ڇا آهي، جنھن مطابق اهي گهربل آڪيسجن ۽ غذائي جزا کڻي باقي زهر آلود مواد جو اخراج ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. جڏهن تہ زهر گاڏڙ جزن جي جسم ۾ موجودگي، آڪسيجن لاءِ رُڪاوٽ بڻجي ٿي. اهو سمورو Lymph System گهرن ۽ روان دوان ساهن تي دارومدار رکي ٿو. ان ڪري ساهن جي وهڪري ۾ جيڪڏهن رواني نہ آهي تہ جسم بيمار ٿيو پوي.
جديد دنيا ۾ ماڻھو مشينن جي ويجهو رهي ٿو. موبائيل، ڪمپيوٽرز ۽ بجلي تي هلندڙ ٻيون ڪَلون اسان جي زندگيءَ جو اهم حصو بڻجي چڪيون آهن، جيڪي اسان کي پاڻ سان ڳالھائڻ يا روزمرہ جي زندگيءَ جي مشاهدي کي حسياتي طور غير فعال ڪن ٿيون. جڏهن حواس خمسہ جي پنجن حسن جو استعمال نہ ٿيندو تہ انسان جي اندر بيحسي ۽ لاتعلقي اچي واهيرو ڪندي، جنھن جي ڪري، ماڻھن مان احساس ختم ٿيندو پيو وڃي. ايئن سندن ورتاءُ بہ مشيني ٿي چڪو آهي. هو فقط فائدي يا نتيجن جي باري ۾ وڌيڪ فڪرمند رهن ٿا، پر ساهن جو سرشتو مشيني هوندي بہ انساني احساس سان جڙيل آهي. ذهني دٻاءُ، خوف، ڳڻتي ۽ منفي سوچ ساهن جي روانيءَ تي اثر انداز ٿئي ٿي. ساهن جي وهڪري ۾ رڪاوٽ، هڪ پاسي جسم جي مدافعتي نظام کي متاثر ڪري ٿي تہ ٻئي طرف ذهني صحت کي پڻ نقصان پھچي ٿو. ڊاڪٽر ڪينڊس پرٽ مطابق ”ذهن جو جسم جي خليي ۾ ساھہ کڻي ٿو.“ ان ڪري هر سُٺي ۽ بري سوچ جو اثر براھہ راست جسم تي پوي ٿو، جنھن جي ڪري ساھہ کڻڻ جو نظام متاثر ٿئي ٿو.
مثبت احساس، خوبصورت خيال، تعلق ۽ رابطي جو فعال هجڻ، ساهن جي رواني ۽ تسلسل برقرار رکن ٿا. پر ڏٺو وڃي تہ اڄ جو انسان گهڻي ڀاڱي تخريبي سوچ جي اثر هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي. اهي سوچ جا ور وڪڙ رستا جن کي بار بار ذهن ۾ ساڳيا خيال اچڻ (Obsessive Compulsive Thoughts) چيو وڃي ٿو، جيڪي ذهني صحت لاءِ بدترين ثابت ٿين ٿا. اها انساني فطرت آهي تہ هو سُٺي احساس جي ڀيٽ ۾، برن روين کي وڌيڪ ساريندي پيڙا جي عمل مان گذري ٿو، حالتن کان وڌيڪ انسان جو پنھنجو ذهن ئي منفي سوچ جي ڪوڙڪيءَ ۾ جلد ڦاسي پوي ٿو.
ساھہ اڪثر نڪ سان کنيو وڃي ٿو، مائنڊ پاور سائنس جي ماهر ڊاڪٽر معيز مطابق، ”جيڪڏهن نڪ بند آهي تہ سمجهو عقل تي تالو پئجي ويندو“، جنھن جو حل ٻڌائيندي هن چيو تہ: ”صبح ساڻ ئي نارمل سلائن يا لوڻ مليل پاڻي جا ڦڙا نڪ ۾ اوتڻ سان بھتري اچي ٿي.“ چوندا آهن تہ جنھن ماڻھوءَ جي سنگهڻ جي حس تيز هوندي آهي، اُن ۾ تصوراتي ۽ وجداني صلاحيت بہ وڌيڪ هوندي. خاص طور تي جن جانورن ۾ سُنگهڻ جي حس تکي آهي، اُهي ماحول ۾ موجود منفي اثر جلدي محسوس ڪري سگهندا آهن. ٻلين لاءِ چيو ويندو آهي تہ هو ماحول ۾ موجود، اهي شيون ڏسي وٺن ٿيون، جن کي انساني اک ڏسڻ کان قاصر آهي.
اها حقيقت آهي تہ نڪ بدران، وات ذريعي ساھہ کڻڻ سبب صحت جا ڪيترائي مسئلا پيدا ٿين ٿا. ساھہ کڻڻ لاءِ صاف شفاف ماحول گُهرجي، پر موجودہ ماحولياتي گدلاڻ سبب اهو ناممڪن آهي. ڪجهہ دير باغ ۾ گذارڻ سان، ساهن جي رواني ۾ ڪافي بھتري ايندي. ان ڪري اسان جي ماحول ۾ ساوڪ جو هئڻ تمام ضروري آهي. ڇو تہ نباتات ماحولياتي گدلاڻ سان وڙهڻ جي ڀرپور سگهہ رکي ٿي. معاشري ۾ شڪ، فسادي مزاج، غلبو ۽ نرگسي رويا گهڻا وڌيڪ آهن. ساڳئي وقت اهي ذهني بيماريون بہ آهن، جن ۾ مبتلا ماڻھن کي ڊرامي باز يا جذباتي گروھہ ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو، جن ۾ بارڊر لائن ڊس آرڊر، شيزوفرينيا، هسٽيريا ۽ نرگسيت جو انتشار بہ ساهن جي ڪارڪردگيءَ تي اثرانداز ٿئي ٿو.
اڄڪلھہ متبادل علاج (Alternative therapies) وسيلي ماڻھو فائدو حاصل ڪن پيا، جنھن ۾ خوشبو (Aroma therapy) وسيلي علاج بہ شامل آھن، جن ۾، گلاب، موتئي، صندل ۽ ٻين سحرانگيز گلن جي سرھاڻ شامل آھي. خوشبوءِ سان واسيل هوا ۾ ساھہ کڻڻ سان نہ فقط ذهني دٻاءُ ۾ ڪمي اچي ٿي، پر ساڳي وقت جسماني طور تي بہ فعال محسوس ڪجي ٿو. خوشبوءِ کي محسوس ڪرڻ ۽ چکڻ جون حسون بنيادي طور تي طاقتور ۽ هڪٻئي سان ويجهڙائپ رکن ٿيون. ڊوريل هال ڪتاب ”مراقبي“ ۾ لکي ٿي: تيزيءَ سان محسوس ٿي ختم ٿيندڙ خوشبوءِ، جذبن ۽ يادگيرين کي جلد اڀاري ٿي. ڪيترن مذهبن ۾ خوشبوءِ جو واس روحاني قوت ۽ وجداني صلاحيت ۾ اضافي جو باعث سمجهيو وڃي ٿو.“ پوري دنيا ۾ نباتات کان فائدو حاصل ڪيو وڃي ٿو سواء اسان جي. ھتي اڪثر ماڻھو ڀاڄين، ميون ۽ جڙي ٻوٽين جي افاديت کان محروم آھن.
ڪجهہ وقت اڳ جي ڳالھہ آهي تہ منھنجي هڪ ڊاڪٽر ساهيڙيءَ جو فون آيو، جنھن جي ڀاڻيجي Deep vein Thrombosis جھڙي پيچيدہ بيماريءَ جو شڪار ٿي چُڪي هُئي، جنھن ۾ نسن ۾ رت جو ڳوڙھو (Clot) ٺھي ويندو آهي. سندس حالت تشويشناڪ هُئي. کيس بستري تي چرپر جي ھدايت نہ ھئي. منھنجي ساهيڙيءَ جو چوڻ هو تہ جيئن تہ مان الٽرنيٽِو ٿيراپيز جو مطالعو ڪندي رهان ٿي. ان ڪري شايد سندس ڪا مدد ڪري سگهان. ان ڪري هڪ ڏينھن گڏجي ويٺاسين حل ڳولھڻ جي لاءِ. بھرحال، مريضہ سوڄ جو دفاع ڪندڙ (Anti-Inflammatory) غذا، تنتي سرشتي (Nervous System) کي شفا ڏيندڙ ڀاڄين ۽ Diaphragmatic Breathing جي مشق وسيلي ڏهن ڏينھن ۾ گهمڻ ڦرڻ جي قابل ٿي وئي. سندس ڊاڪٽر بہ حيران ٿي ويا. ساھہ کڻڻ جي هن طريقي ڪار مطابق، ڦڦڙن ۾ هوا پوريءَ طرح سان داخل ٿيندي، سيني کي اڀاري ٿي ۽ ساڳئي وقت پيٽ کي مڪمل طور تي پکيڙي ٿي. ائين ڪرڻ سان آڪسيجن جسم جي سمورن جيوگهرڙن تائين پھچي ٿي. ڊائفريگميٽڪ بريدنگ جو طريقو يوٽيوب تي موجود آهي. پر اها مشق دل جا مريض نٿا ڪري سگهن. جسماني مشقن، پنڌ، صحتمند غذا ۽ يوگا وسيلي ڪافي فائدو ٿئي ٿو. خاص طور تي يوگا جي Pranayama ذريعي ساهن تي ظابطي ۽ رواني آڻڻ لاءِ مختلف مشقون سيکاريون وينديون آهن.
ڏينھن ۾ کنيل پنجويھہ هزار ساهن ۾ چند شعوري طور کنيل گھرا ساھہ، جسم ۾ زندگيءَ جو روح ڦوڪي سگهن ٿا. ماضيءَ سان پيار ڪندڙ، ڏکويل ماڻھو بہ رکي رکي ٿڌا ۽ گھرا ساھہ کڻندا آهن. کين اندازو بہ نہ هوندو تہ اهي ساھہ سندن زندگيءَ جو عرصو وڌائي رهيا آهن. انسان ڏُکن ۾ گهڻو عرصو جي سگهي ٿو. پر خوشين ۽ خواهشن جي پورائي ۾ سندن صحت جلد زوال پذير ٿيو وڃي. زندگي فقط خالي ساهن جي تسلسل جو نالو ناهي!

تنھائيءَ جي طاقت

دور بدليو تہ انساني مزاج، رويا ۽ رهڻي ڪھڻي بہ بدلجي وئي. پر انساني قدرون سماج جي بقا لاءِ تمام ضروري آهن. جيئن سچائي، خلوص، پنھنجائپ ۽ سانتيڪو ذهن. جيڪي ذات جي سمجهہ کانپوءِ حاصل ٿين ٿا. ذات جي ڄاڻ لاءِ، انسان کي تنھائي گهرجي. اڄ صورتحال اها آهي تہ ذهن کان وٺي ٻاهرين دنيا تائين هر طرف انتشار ڦھليل آهي. انساني زندگيءَ لاءِ سڀ کان وڌيڪ هاڃيڪار شيءِ سندس ذهني وڳوڙ آهي.
ذهن کان هٽي ڪري جنت ۽ جھنم جو الڳ تصور نہ آهي. ائين سمجهو تہ ذهني ڪيفيتن جو نالو ئي ڏک ۽ سک آهي. ضروري نہ آهي تہ انسان سکن ۾ خوش رهي يا ڏک ۾ بي چين ۽ پريشان هجي. جيڪو محسوس ڪندو اُها سندس ذهني ڪيفيت هوندي. ساڳيءَ ريت گوڙ ۾ بہ هو پنھنجو ذهني يڪسوئي قائم رکي سگهي ٿو. جڏهن تہ سڪون ۾ بہ ذهني شور کيس بي سڪون ڪري سگهي ٿو. ذهني ڪيفيتن کي سمجهڻ ۽ انھن کي ماحول مطابق ترتيب ڏيڻ جو فن، خودشناسي چورائي ٿو.
اسان هڪ اهڙي سماج ۾ رهون ٿا، جتي ماحولياتي گدلاڻ سان گڏ ذهني وڳوڙ پريشان ڪريو ڇڏي. سري لنڪا ۾ مون ڪنھن بہ قسم جي ماحولياتي گدلاڻ يا گاڏين جو دونھون يا گوڙ نہ ڏٺو. ماڻھو ترتيب جي دائري ۾ هلي رهيا هئا. هر طرف سڪون ۽ ٺراءُ هو. ساڳيو سڪون چھرن تي هو. کين شين، روين ۽ رشتن کي سھيڙڻ، سنڀالڻ ۽ نئين سر منظم ڪرڻ جو ڏانءُ اچي ٿو. تڏهن اڄ سري لنڪا، سائوٿ ايشيا جو چوٿون خوشحال ملڪ بڻجي چڪو آهي.
هتي هر ماڻھو پاڻ کي ڪنھن نہ ڪنھن مونجهاري ۾ وڪوڙي ويٺو آهي. ڄڻ تہ منجهڻ ۽ منجهائڻ قومي مزاج هجي. ان جو واحد سبب هٿ ٺوڪيا مسئلا آهن، جن کان نجات جو ڪو رستو نہ ٿو ملي. گوڙ وري سمجهہ، سھپ ۽ ادراڪ کي اُسرڻ نہ ٿو ڏئي.
صنعتي دور کانپوءِ ماديت پرستي واري رجحان، ڪيترين ئي قومن کان ذهني سڪون کسي ورتو. اشتھاري روين، تورتڪ ۽ کپت واري ذهنيت، جيڪا رهيل ڪسر هئي سا بہ پوري ڪري ڇڏي. ماڻھو ذهن ۽ ماحول جي گوڙ ۾ ڪٿي وڃائجي ويا ڪا خبر ناهي! پر يورپ، ذهني ۽ جسماني نقصان کڻي ٻيھر روحانيت ڏانھن موٽ کاڌي. انساني قدرن جي بحالي سان گڏ، هنن ذهني انتشار کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترا نوان علم دريافت ڪيا، تربيتي پروگرام ۽ ادارا متعارف ڪرايا، جنھن جي ڪري، هفتي ۾ ٻن ڏينھن جي موڪل ڪئي وئي. جيئن پنجن ڏينھن جي سخت محنت ۽ جاکوڙ کان پوءِ ٻہ ڏينھن اهڙا هجن، جنھن ۾ ماڻھو ڪنھن پرفضا مقام تي وڃي چند لمحا سڪون سان گذاري سگهي. پوءِ ڪو درياھہ جو ڪنارو هجي يا سمنڊ جون لھرون هجن، پھاڙ يا ساوڪ سان جهنجهيل علائقا هجن، جتي هو تنھا رهي سگهن. ٻن ڏينھن لاءِ ذهني آزادي ملي سگهي، جنھن ۾ ذهن تنھائيءَ کي محسوس ڪري ٻيھر سگهارو ٿي سگهي.
اسان وٽ تنھائي کان هڪ عام ماڻھو خوف کائي ٿو، جنھن ڪري ذات جي سمجهہ وارو رجحان پيدا نہ ٿي سگهيو آهي، جيڪو پنھنجي ذات جي ويجهو ناهي، اُهو ڪنھن ٻئي کي بہ سمجهي نٿو سگهي، جنھن لاءِ ماڻھوءَ کي هڪ اهڙو الڳ ماحول گهرجي، جنھن ۾ سندس ذهني اوسر ٿي سگهي.
سمورا روحاني ماهر، يوگي صوفي ۽ ڏاها، هڪ اهڙي دنيا وسائيندا آهن، جتي هو فطري زندگيءَ جو مشاهدو ڪري سگهن. ماحول جي چرپر ۽ مشاهدو، ذهني سگهہ ۽ ڄاڻ ۾ اضافو ڪري ٿو. انسان جيترو فطري ماحول کان پري هوندو، حسياتي طور تي ڪمزور ٿيندو ويندو. هونئن گهڻي ڀاڱي هتي دولت ۽ شھرت ماڻڻ لاءِ ماڻھو پنھنجو پاڻ وڃائي ٿو ڇڏي. اصل ڪاميابي اها آهي تہ مادي شين جي حصول سان گڏ هو ذهني ۽ روحاني شڪتي بہ حاصل ڪري سگهي. ان اصول تي ترقي يافتہ معاشرا عمل پيرا آهن. انفرادي خوشيءَ سان گڏ هنن اجتماعي شعور برقرار رکيوآهي. وجود جي ڄاڻ لاءِ ٽي شيون ضروري آهن احساس، ترتيب، توازن ۽ تعلق.
احساس: جنھن کي پنھنجي اندر جاڳائڻ لاءِ حواس خمسہ جي تربيت ۽ ان جو بھترين استعمال ضروري آهي. جڏهن اسان جسم اندر ٿيندڙ تبديلين کان اڻ واقف رهون ٿا تہ اسان جو ماحول سان بہ رابطو نٿو جڙي سگهي. احساس جي سگهہ جو پھريون ڏاڪو پاڻ سڃاڻڻ آهي.
ترتيب ۽ توازن: جنھن مطابق، ذهن ۽ جسم ۾ ترتيب ۽ هڪ جھڙائي پيدا ڪرڻ. جسم سان انصاف، جسماني روين، عادتن ۽ بيھڪ کي سمجهڻ انھن جي ترتيب ۽ سوچ جو توازن قائم رکڻ وغيرہ.
تعلق: تعلق، رابطي جي پهرين ڪڙي آهي، جڏهن تہ ماحول کان لاتعلقي شعور جي طاقت کي اُسرڻ نہ ٿي ڏئي. ماڻھن، شين ۽ حالتن سان تعلق اُتم سوچ ۽ گفتگو جي معيار وسيلي قائم ٿئي ٿو. خيال، تصور ۽ حقيقت جي رابطي ۽ اهميت کي سمجهڻ ضروري آهي. اها حقيقت آهي تہ جڏهن خيال سگهارو هوندو تہ خوبصورت تصور جوڙيندو، جنھن بعد اهو حقيقت جو روپ ڌاريندو آهي. جيڪڏهن ڪو ڊاڪٽر ٿيڻ چاهي ٿو تہ هو خيال ۽ تصور ۾ هم آهنگي ۽ تعلق پيدا ڪندو ۽ پنھنجي ڪوشش جا سمورا رخ ان پاسي موڙي ڇڏيندو تہ جيئن سندس خواب حقيقت بڻجي سگهي. خيال، خام شين جيان آهي ۽ تصور ان جو سانچو آهي. تصور مان عمل ۽ عمل مان مشق ۽ مھارت جنم وٺي ٿي، جنھن لاءِ يڪسوئي جي ضرورت پوندي آهي.
جيڪي معاشرہ لفظ غور ۽ فڪر (Meditation) کان واقف نہ آهن، اهي اڻ سھڪاري ٿين ٿا. غور ۽ فڪر لاءِ تنھائي گهرجي. مثال گلاب جو گل کڻي جڏهن ان جي رنگ، نرمي، بناوت يا خوشبوءِ تي غور ڪجي ٿو تہ اها سوچ جي وحدت آهي. ان کانپوءِ گلاب مان ٺھندڙ عرق ۽ شين جا فائدا ڏسجن، جيڪا سوچ جي وسعت آهي. تجزيي منجهان سمجهہ ۽ ساڃھہ جو ڏانءُ ملي ٿو. ۽ شين جي هڪٻئي سان رابطي يا تضاد جي ڄاڻ ملي ٿي. موضوع، روين ۽ نتيجن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري سگهجي ٿي. ان سان پرک جي صلاحيت پيدا ٿئي ٿي. غور فڪر مان ئي وجودي ڄاڻ جو جوهر جڙي ٿو. ذاتي تجزيي جي صلاحيت اُسري ٿي.
ھنگامن ۽ آوازن جي گوڙ ۾ پناھہ وٺڻ وارا سماج اندر جي خوف، احساس محرومي ۽ احساس ڪمتري جو شڪار هوندا آهن. شين جي حقيقت کي اصليت سميت قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندا آهن. کين خوشامدي رويا وڻن ٿا، جو اهي ڪوڙ جي خوشنما گلدستي ۾ پوئي کين پيش ڪجن ٿا. خوشامد پسند ماڻھن کي تنقيدي عمل ناهي وڻندو؛ ۽ تنقيد کان سواءِ شخصيت جي اصلاح ناممڪن آهي. خوشامد کي پسند ڪرڻ وارو بہ احساس محرومي جو ماريل اهو شخص آهي، جيڪو وچ جو ننڍو رستو اختيار ڪري ڪاميابي حاصل ڪري ٿو. ان ڪري پيدا ٿيندڙ ندامت جي احساس کان بچڻ لاءِ خوشامد جي آڙ ۾ پناھہ وٺڻ تي مجبور ٿئي ٿو. ماڻھو ندامت ۽ احساس جرم کان فرار حاصل ڪرڻ لاءِ بہ ميڙ ۾ پناھہ وٺندا آهن. انتشار، منفي روين جي ضرورت آهي. جڏهن تہ ڌمچر ۾ تخليقي صلاحيتون ضايع ٿي وڃن ٿيون. سچ انسان جي ذهن ۽ ڪردار جي تعمير ڪري ٿو.
سچ تہ اهو آهي تہ تخليق، انتشار سان وڙهڻ جي سگهہ رکي ٿي. تخليقي سگهہ لاءِ وري اڪيلائي گهرجي. ڪنفيوشس چواڻي تہ: Silence is a friend who will never betray. (تنھائي ڪنھن سچي دوست جيان ڪڏهن بہ دوکو نٿي ڏئي). چارلس ڊڪنس جي ميلن تائين اڪيلي سِر پنڌ ڪيترائي ناول سرجيا، جن ۾ Great Expectations پڻ شامل آهي. ٽيگور، سانت جي سگهہ حاصل ڪرڻ لاءِ جهنگن، ٻيٽن ۽ خاموش جڳھين تي وڃي رهندو هو. وليم ورڊز ورٿ شاعريءَ کي تنھائيءَ جي نعمت (Bliss of Solitude) سڏي ٿو. شيخ اياز، ساڌ ٻيلي جو رخ ڪندو هو تہ ڪڏهن ڪارونجهر وڃي وسائيندو هو. ڇو تہ تخليقي قوت، سرجڻھار جو هڪ ڳجهو معاملو آهي. هن جي اندر جي اُڌمن جي اُپٽار آهي. تخليق، کيس لاشعور ڏانھن ڇڪي ٿي وٺي. تخليقڪار لاءِ گوڙ ۾ رهندي اعليٰ پائي جي تخليق سرجڻ ناممڪن ٿيو پوي.
فطرت جي مختلف پھرن جي سانت ۽ ساهيءَ ۾ انوکي رمز شامل آهي. جيئن شام جو پھر يا رات جو موٽي اچڻ. يا رات جي پوئين پھر جي تعميري ننڊ جو سڪون. فطرت بہ وقفن دوران ماٺ ۾ ويڙهجيو وڃي. سياري جي مند جنھن جو بھترين مثال آهي. سياري جي شام کانپوءِ رات، پنھنجائپ جي احساس ۽ شعوري جاڳرتا سميت گذري ٿي. سياري جي موسم ۾ سال جي پڄاڻي ٿئي ٿي. ان دوران زمين جو مزاج بدلجي ٿو. سندس ڳڀ ۾ ڪيئي سلا ساھہ کڻن ٿا. زمين ساوڪ جو خواب ڏسي ٿي. سڄو ماحول تخليق جي خوشبوءِ سان واسجي وڃي ٿو. انھن ئي ڏينھن ۾ انساني شعور بہ سوچ جي اصليت ڏانھن موٽ کائي ٿو. ماڻھو پاڻمرادو پاڻ سان ڳالھائڻ لڳي ٿو. ڪارل يونگ جي هيءَ ڳالھہ سچ لڳي ٿي تہ: ”توهان جو تصور ان وقت واضح ٿيندو جڏهن توهان دل اندر جهاتي پائي ڏسندو جيڪو ٻاهر نھاري ٿو، سو خواب ڏسي ٿو. جيڪو من ڏانھن ڏسي ٿو، جاڳرتا ماڻي ٿو.“ حقيقت اها آهي تہ اها گھري نظر، بصيرت جي سگهہ رکي ٿي.
سال جا آخري ڏينھن آهن، نئين سال جا نوان عھد ۽ نوان ارادا هئڻ گهرجن. جيئن اسان ايندڙ سال ۾ مصروفيتن مان وقت ڪڍي تعميري تنھائيءَ مان، ذهن ۽ جسم جي وحدت لاءِ ڪو نئون دڳ ڳولي سگهون!

ادراڪي خلل

ادراڪ هڪ حسياتي محرڪ آهي، جنھن وسيلي سوچ، سمجهہ ۽ ڄاڻ کي بيان ڪرڻ جو ڏانءُ عطا ٿئي ٿو. انساني پنج حسون خيال، سوچ ۽ سمجهہ جو تعين ڪن ٿيون. جڏهن تہ سوچ جي ٻيائي ادراڪي خلل جو سبب بڻجي ٿي. ادراڪ جو مطلب سمجهہ ۽ فھم و فراست آهي. هر ماڻھوءَ جي سمجهہ جو پيمانو جدا آهي. اهڙيءَ ريت سندس مشاهدي جي نوعيت بہ مختلف ٿئي ٿي. بنيادي طور تي پنج حواس خمسہ ٿين ٿا، جن ۾: ڏسڻ، ٻڌڻ، سونگهڻ، چکڻ ۽ ڇُهڻ جون حسون شامل آهن. هر حس جو پنھنجو الڳ ڪم آهي. بظاهر الڳ هوندي بہ طبعي طور تي سموريون حسون پاڻ ۾ لاڳاپيل آهن.
روزمرہ جي ڪمن ڪارين لاءِ سمجهہ ۽ ترت فيصلي جي ضرورت پوي ٿي، جنھن لاءِ عام حس (Common Sense) جو هجڻ تمام ضروري ٿيو پوي، جنھن وسيلي ماڻھو وقتي طور تي غلط يا صحيح معاملي کي پرکي سگهي ٿو. پر جيڪڏهن حواس خمسہ صحيح طور تي ڪم نہ ٿا ڪن تہ ادراڪي خلل جھڙوڪه: وهم، فريب ۽ قياس آرائي جنم وٺي ٿي. ادراڪي خلل جا ڪيترائي قسم آهن. جن مان هڪ قسم ’نظر جو فريب‘ (Hallucination) بہ آهي، جنھن ۾ حواس خمسہ جو اصلي ڪم متاثر ٿئي ٿو، جنھن ۾ ڏسڻ، ٻڌڻ، چکڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو انداز بدلجي ٿو. ننڊ يا جاڳ ۾ بہ ماڻھوءَ کي ڪابہ اهڙي شيءِ محسوس ٿي سگهي ٿي، جنھن جو حقيقت سان واسطو نہ هجي. مثال ڪو ماڻھو ائين سمجهي تہ ڪير کيس سڏي رهيو آهي. يا گهنٽيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي. ادراڪي خرابين ۾ وهم هڪ منجهائيندڙ صورتحال ٿئي ٿي. سمورين نفسياتي بيمارين ۾ وهم، خوف ۽ خودفريبيءَ جو عمل دخل رهي ٿو. پر ڪن بيمارين ۾ وهم جو ٻوٽو وڌي وڻ ٿئي ٿو. جن ۾ Schizophrenia بہ شامل آهي. جنھن کي اسڪزو فرينيا بہ سڏيو وڃي ٿو. اها هڪ اهڙي بيماري آهي، جنھن ۾ ادراڪي خلل انتھا تائين پھچندي نظر اچي ٿو. ان بيماريءَ ۾ فرد جي سوچ، احساس، ڪيفيت ۽ ڪردار شديد متاثر ٿين ٿا. هو فطري طور تي غير منظم محسوس ٿيندو. سندس گفتگو ۾ ڪوبہ تسلسل نظر نہ ايندو. ڳالھيون غير حقيقي ۽ يڪسوئي ڇڙوڇڙ هوندي. سماجي سرگرمين سان گڏ سندس تعليم يا ڪاروبار بہ سخت متاثر ٿيندا. اهي مريض هڪ خيالي دنيا ۾ رهڻ لڳن ٿا. خود فريبي (Dellusion) ۾ مبتلا ٿي وڃڻ سبب، سندن تعلقات تي منفي اثر پوي ٿو. ان قسم جي ادراڪي خلل ۾ آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. ۽ شڪليون يا ڏيکارا تصور ۾ پيا ڦرندا آهن، جن کي آسيب ورتل قرار ڏيئي کين پيرن فقيرن، مزارن ۽ جعلي عاملن ڏانھن وٺي وڃبو آهي. شاھہ يقيق، گاجي شاھہ، سعدي موساڻي ۽ ٻين درگاهن تي اهڙا ڪيترا ذهني مريض نظر ايندا آهن. عطائي ڊاڪٽر جيان، نقلي عامل ۽ روحاني ماهر، سنڌ جي سٻاجهن ماڻھن کي لٽي ڦري رهيا آهن. ادراڪي خلل جو سبب شيزوفرينيا، الزائمر ۽ ڊمينشيا بيماريون پڻ ٿين ٿيون.
وهم کان علاوہ بہ ادراڪي خلل ۾ ٻيون ڪيفيتون اچن ٿيون، جيئن دنيا کي غير حقيقي يا اجايو سمجهڻ، نظرانداز ٿيڻ جي شڪايت يا اجايون غلط فھميون پيدا ٿي پوڻ اهي صورتون آهن، جن ۾ فرد ماحول ۽ حالتن جو صحيح ڪاٿو ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿئي ٿو، جنھن جي ڪري شڪ، بي يقيني ۽ وهم جو شڪار ٿي وڃي ٿو.
خود فريبي بہ سوچ جي تضاد جو قسم آهي، جيئن: نظر جو فريب (Illusion). ان صورتحال ۾ ماڻھو پاڇن جي فريب ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. جيئن رُڃ، پاڻيءَ جو ڏيک ڏيئي. يعني جيڪا شيءِ ظاهري طور تي نظر اچي ٿي ان جي باري ۾ غلط تصور قائم ڪرڻ، روزمرہ ۾ ڪيئي رويا ۽ واقعا غير حقيقي سوچ تي ٻڌل ٿين ٿا. حقائق کي بگاڙي پيش ڪرڻ انساني فطرت آهي.
فريب، غلط عقيدو يا غلط فھمي (Delusion)، اسان جي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي غلط قسمن جا عقيدا، رسمون ۽ رواج شامل ٿي ويا آھن، جن جو حقيقت سان ڪوبہ واسطو نظر نہ ٿو اچي. پرک جو غلط پيمانو سماجي زندگيءَ ۾غلط فھميون پيدا ڪرڻ جو باعث بڻجي ٿو. جيئن تہ اسان وٽ اڪثر ماڻھو توهم پرستيءَ جو شڪار آهن. پنھنجن انھن انڌن عقيدن جي ڪري، ھو گهرن جو سامان، زيور ۽ سڄيءَ عمر جي جمع پونجي وغيرہ کپائي نقلي پيرن ۽ عاملن جون فرمائشون پوريون ڪن ٿا. اڄڪلھہ ٻھراڙين ۾ ماڻھو، ڪاري ڪامڻ (Hepatitus C) جو علاج بہ ڦيڻن ۽ دعائن وسيلي ڪرائي رهيا آهن.
ڪيتريون طبي بيماريون بہ ذهني ڪيفيت جي پيداوار ٿين ٿيون، جن ۾ جذباتي مسئلن سبب جسماني عارضا (Psychosomatic) لاحق ٿيندي، ويڳاڻائپ ۾ اضافو ٿئي ٿو. روين جي بدصورتي سبب ماڻھو فراريت اختيار ڪن ٿا يا ڪنھن پناھہ جي ڳولا ۾ پيا ڀٽڪندا. اجاين بيمارين جي خبط (Hypochondriasis) ۾ مبتلا ماڻھو، صحت جي باري ۾ هروڀرو فڪرمند رهندا آهن. اجايو وهم هوندو اٿن تہ کين ڪا خطرناڪ بيماري لاحق ٿي چڪي آهي، جنھن ڪري اڪثر ڊاڪٽرن جي ڪلينڪس يا اسپتالن جا چڪر ڪاٽيندا آهن. صحت جي باري ۾ معلومات رکندڙ ماڻھو، جڏهن بہ اخبار يا ڪنھن ميگزين ۾ صحت جي ڪنھن مسئلي جي باري ۾ پڙهندا تہ ان عارضي کي پنھنجي ذات سان منسوب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
هونئن تہ هڪ عام ماڻھو بہ اڪثر شڪ يا غلط سوچ جو شڪار ٿي وڃي ٿو، پر اهي ڪيفيتون عارضي هونديون آهن. ڪابہ مستقل ڪيفيت، جيڪا ماڻھوءَ جي شخصيت جو تاثر بگاڙي يا چوڌاري رهندڙ انسانن لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي وڃي تہ اها ذهني عارضي جي نشاندهي ڪري ٿي.
هاڻ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تہ انھن ڪيفيتن کان نجات ڪيئن حاصل ڪجي؟
ڪي مثبت رويا ٻار کي شروع کان سيکارڻ گهرجن. جيئن تخليقي ڪمن ۾ بھرو وٺڻ يا مصروف رهڻ. انسان لاءِ سڀ کان هاڃيڪار معاملو خالي ذهن آهي. هر ذهني بيماريءَ جي جڙ فرصت ٿئي ٿي. پراڻن وقتن ۾ ڇوڪرين کي ڀرت ڀرڻ، سلائي ڪرڻ يا رلي ٺاهڻ سيکاريو ويندو هو. ڪتاب پڙهڻ، باغباني ڪرڻ، ضرورتمند ماڻھن يا بيمارن جو خيال رکڻ وغيرہ بہ اهي مشغلا آهن، جيڪي ذهن کي مصروف رکن ٿا. اسان وٽ خبر نہ آهي ڇو ڪم ڪرڻ کي عار سمجهيو وڃي ٿو. جيئن گهر جو ڪم ڪار يا ڀرت ۽ سلائي وغيرہ کي دقيانوسي ڪرت جڏهن تہ گهمڻ ڦرڻ، هوٽلنگ يا شاپنگ ڪرڻ کي سٺي مشغلي طور ڏٺو وڃي ٿو.
يورپ ۾ صورتحال ابتڙ آهي. هو ماڻھو ’پراڻين شين کي ٻيھر ڪارآمد بنائڻ‘ Recycling)) تحت گهرن ۾ غير استعمال ٿيندڙ شين مان ضرورت جون شيون ٺاهين ٿا. کين پنھنجا ڪم پاڻ ڪرڻ جي عادت ٿئي ٿي، جنھنڪري کين نوڪر بہ نٿا رکڻا پون. اسان وٽ نوڪر رکڻ امارت جي علامت آهي. ائين يورپ ۽ آمريڪا ۾ عورتون سياري لاءِ سويٽر ۽ سوڙيون پاڻ ٺاهينديون آهن. آمريڪا ۽ يورپ ۾ سوڙ ٺاهڻ کي اجتماعي سرگرميءَ طور سرانجام ڏنو ويندو آهي، جنھن ۾ گهر جا ٻار، نوجوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا حصو وٺندا آهن، جنھن دوران گفتگو ۽ کل ڀوڳ جو سلسلو بہ پيو هلندو آهي. آئرلينڊ ۾ ان کي Quilting جڏهن تہ آمريڪا ۾ Quilting bee سڏيو وڃي ٿو. اهو ڪم بلڪل اسان جي ٻھراڙيءَ جي گهرن ۾ رلين ٺاهڻ وانگر ئي آهي. ٻھراڙين ۾ بہ اڄڪلھہ اهي گڻ نہ رهيا آهن.
ٻھراڙي جي زندگي بہ آهستي آهستي بناوٽي روين جو شڪار ٿي رهي آهي. ان کان علاوہ يورپ ۾ ڪچن گارڊنز آهن، جن ۾ ماڻھو پاڻ ڀاڄيون، ميوا ۽ جڙي ٻوٽيون پوکين ٿا. يورپ ۽ ايشيا جي تاريخ، جنگين۽ اڻ وڻندڙ واقعن سان ڀري پئي آهي. پر ماڻھن کي خود رحمي مان ٻاهر نڪري زندگي ۽ ڪمن ڪارين ۾ پاڻ دلچسپي وٺڻي پئي.
اڄ صورتحال اها آهي تہ ماڻھن کي هر شيءِ هٿراڌو گهرجي. جيڪو فرصت جو وقت آهي ان ۾ گلا غيبت ۽ پرائي پچار جھڙن غير انساني رجحانن ۾ مشغول ٿي ويندا. کين ذهني صحت جو خيال رکڻ لاءِ، پنھنجي اندر پاڻ ڀرائي پيدا ڪرڻي پوندي. ٻارن توڙي وڏن لاءِ رانديون، جسماني مشقون ۽ اجتماعي سرگرميون تمام ضروري آهن. ٻيءَ صورت ۾ ماڻھو سماج کان ڪٽجي ويڳاڻو ٿي ويندو. ٻئي پاسي ميڙ ۾ رهڻ سبب هن ۾ سھپ ۽ سھڪار جھڙيون وڻندڙ خوبيون پيدا ٿين ٿيون. فعال رابطي جي اڻاٺ سبب، سماجي زندگي ۾ ذهني ويڳاڻائپ وڌي آهي.
موروثي ذهني بيمارين کان علاوہ، ذهني پيڙا جو سڀ کان وڏو سبب ادراڪي خلل ٿئي ٿو. منتشر سوچ، هٿيار وانگر مھلڪ ٿئي ٿي. اهڙا ٻار يا نوجوان جلد غلط صحبت ڏانھن مائل ٿين ٿا. جڏهن اهي مختلف قسمن جا نشا ڪرڻ لڳن ٿا تہ منجهن ادراڪي خلل ظاهر ٿيڻ لڳي ٿو، جن ۾ ڪوڪين، هيروئن يا ايل. ايس. ڊي وغيرہ نشي جون عام قسمون آهن. انھن نشي وارين دوائن ۾ LSD (Acid) اهڙو نشو آهي، جيڪو سندن حقيقت پسندي واري سوچ کي بگاڙي ٿو ڇڏي. ان قسم جو نشو واپرائيندڙ حقيقت جي دنيا مان نڪري وهم، وسوسن ۽ خوف جي هڪ عجيب دنيا ۾ داخل ٿي وڃن ٿا. ڪو بہ نشو خوشي يا خوف جي وسيلي مختلف ڪيفيتن کي اڀاري ٿو. نشو، فراريت پسنديءَ جو ردعمل آهي.
فراريت تي ٻڌل رويا ان وقت اُسرن ٿا جڏهن ماڻھو پنھنجي سوچ ٻين تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ٻالڪپڻي جو دوران حوالي سان تمام حساس ٿئي ٿو. مار سبب ٻار جي عزت نفس مجروح ٿئي ٿي. اجائي روڪ ٽوڪ يا والدين ۾ نااتفاقي سندن سخت رويا ٻارن اندر فراريت پسندي واري سوچ کي فروغ ڏين ٿا.
والد جو ڪردار، ٻارن جي ذهني اوسر لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. والد سان ويجهڙائي ۽ پنھنجائپ ڀريو رشتو ٻارن کي ذهني طور تي سگهارو بڻائي ٿو. دنياداري نڀائڻ يا پيسي ڪمائڻ جي لالچ ۾ پيءُ ٻارن کان پري رهي ٿو. ان ڪري ٻارن ۽ والد جي رشتي ۾ وٿي پيدا ٿئي ٿي. ٻي ڳالھہ اها تہ جيڪڏهن والدين، عملي سوچ ۽ دور انديشيءَ کان پري آهن تہ پوءِ سندن ٻار غلط صحبت اختيار ڪرڻ ۾ دير نٿا لڳائين. ٻارن کي لفظن سان نہ پر مثالي روين سان تبديل ڪري سگهجي ٿو.
اڳي ٻھراڙين ۾ پروليون ۽ ڳجهارتون مروج هيون. اهي ذهني مشقون فردن کي حسياتي طور تي سجاڳ رکنديون هيون. حساب، معما، ڪراس ورڊ يا ان قسم جون ذهني رانديون ادراڪ جي فعاليت ۽ حڪمت عمليءَ جو هنر جوڙڻ جو ڪارڻ هيون. فطري ماحول ۽ ذاتي مشاهدي کان بغير، ذاتي سمجهہ متاثر ٿئي ٿي. حواس خمسہ ان وقت بھتر ڪارڪردگي ڏيکارين ٿا، جڏهن انھن جو ڪارائتو استعمال ڪيو وڃي.

دفاعي روين جي نفسيات (Defense Mechanism)

انساني رويا، سوچ ۽ عمل جو ميڙ آهن. ماڻھو پنھنجي پسند، ناپسند، خوشي ۽ غم جو اظھار روين وسيلي ڪري ٿو، جيڪو سندس مزاج ۽ طبيعت جي وضاحت ڪندو آهي. رويا ٻن قسمن جا ٿين ٿا: مثبت ۽ منفي. مثبت رويا شخصيت جي توازن جو اظھار ڪن ٿا ۽ منفي رويا سوچ ۽ عمل جي ناپختگيءَ کي ظاهر ڪن ٿا. ماڻھو جڏهن ڪوڙ ڳالھائي ٿو، دوکو ڏيئي ٿو يا ڪنھن بہ غير سماجي فعل ۾ ملوث ٿئي ٿو تہ لاشعوري طور تي وضاحتون پيش ڪري ٿو، جن کي دفاعي رويو چيو وڃي ٿو. دفاعي روين جي نفسيات پيچيدہ آهي، پر انھن کي سمجهڻ ايترو ڏکيو نہ آهي جيترو اسان سمجهون ٿا.
هر ماڻھوءَ جو مزاج ۽ منفي روين تي ردعمل مختلف ٿئي ٿو. روشن خيال سوچ رکندڙ ماڻھو منفي روين ۽ ڳالھين تي سخت ردعمل ڏيکارڻ بدران انھن جو پس منظر سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو. پر غير حقيقي سوچ رکندڙ ماڻھو، حقيقتن کي سمجهڻ بدران فراريت تي ٻڌل رويا اختيار ڪندو آهي. ناپسنديدہ يا اڻ وڻندڙ صورتحال کي ماڻھو ڪيئن ٿو سنڀالي. اهو هنر فقط اهو ماڻھو ڄاڻي ٿو، جيڪو انساني ڪمزورين ۽ خطائن کي سمجهڻ جي صلاحيت رکندو آهي.
دفاعي روين ۾ ڪنھن بہ سچائي يا حقيقت کان انڪار جي ڪيفيت ملي ٿي، جنھن جون ڪڙيون اڪثر ننڍين جي دور سان وڃي ملنديون آهن. هر ماڻھو پنھنجي علم ۽ ساڃھہ مطابق ورتاءُ ڏيکاريندو آهي. علم جو مطلب آهي سمجهہ ۽ ساڃھه، جنھن مطابق منفي روين جي موٽ ساڳي انداز سان ڏبي تہ معاملا ويتر خراب ٿيندا. ان معاملي جي بگاڙ يا روين جي بدصورتيءَ جي پس منظر کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي، حقيقت ۾ اهو سڀ ڪجهہ سمجهڻ ۽ سھيڙڻ تمام ڏکيو آهي. ڇو تہ انساني زندگي عمل ۽ رد عمل جو اولڙو آهي. برداشت گهٽ هئڻ سبب سماج نفرت جو اوڙاھہ بنجي وڃي ٿو. سماجي ٻٽن روين زندگيءَ جي هر شعبي کي متاثر ڪيو آهي. ڪوڙ ۽ منافقت اهي وچ جا رستا آهن، جيڪي بنا جاکوڙ جي ماڻھوءَ کي ڪاميابي ڏيارين ٿا.
غلط ڳالھين تي يقين ڪرڻ بہ سھل پسندي آهي. ڇو تہ سچ جي پرک لاءِ محنت ڪرڻي پوي ٿي. ان ڪري بنا ڪنھن تصديق جي يقين ڪرڻ جديد دور جو الميو آهي، جنھن مان ڪيئي غلط رجحان ۽ حادثا جنم وٺن ٿا. نفس حرڪي (Psycho Dynamic Theory) مطابق اڻ وڻندڙ صورتحال کان جان ڇڏائڻ لاءِ ماڻھو بچاءَ جا طريقا ڳولي ٿو ڪڍي. اهو عمل لاشعوري طور تي سرزد ٿئي ٿو.
تلخ حقيقت کي قبول ڪرڻ بدران ماڻھو يا تہ انھن کي نظرانداز ڪري ٿو يا وري ناپسنديدہ معاملن کي مسترد ڪري ٿو ڇڏي، جنھن مطابق هو حقيقتن کي سمجهڻ ئي نہ ٿو چاهي.هُن لاءِ اڻ وڻندڙ حقيقت، ڏک، تنقيد يا ڌڪار ڄڻ وجود ئي نٿا رکن. ان جو سبب غير حقيقي انداز ۾ ٿيل پرورش ۽ ننڍپڻ جا واقعا آهن. جڏهن ٻار وڏن کي غلط روين جا جواز ڏيندي ڏسي ٿو، يا هو اهڙي ماحول ۾ رهي ٿو، جتي ڪاوڙ، گوڙ گهمسان يا جارحيت وڌيڪ آهي، اتي ٻارن اندر دفاعي رويا جنم وٺن ٿا. ۽ ٻار بہ پنھنجي ڪنھن بري عمل، غلطي يا عادت تي شرمسار ٿيڻ بدران ان لاءِ جواز پيش ڪرڻ لڳي ٿو.
ڪنھن عمل يا عادت جي بري هجڻ جي باوجود بہ ان کي پنھنجيءَ ذات لاءِ سٺو سمجهڻ، ۽ ان عمل تي قائم رهڻ لاءِ ماڻھو ڪيترا بهانا يا عذر پيش ڪندي پنھنجي پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اهي رويا اسان جي روزمرہ زندگيءَ جو حصو بڻجي ويا آهن، جتي ڪوڙ کي مصلحت پسندي ۽ سمجهوتي جو نالو ڏنو وڃي ٿو.
اها حقيقت آهي تہ مونجهاري ۽ مشڪل صورتحال جي پيدا ٿيڻ جو سبب بہ اهو ماڻھو آهي، جيڪو ٻين کي ڏوھہ ڏئي ٿو. پر پاڻ اهو معاملو سمجهڻ يا حل ڪرڻ نٿو چاهي. پريشاني يا مسئلا، سگمنڊ فرائڊ مطابق Id, Ego, Supergo جي پيداوار آهن، جنھن مطابق ذهن ڳڻتي يا پريشانيءَ کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. بجاءِ جو شعوري طور تي ان معاملي جي ڇنڊڇاڻ ڪجي. اهي مونجهارا ذهن ۾ قيد ٿي وڃن ٿا. پوءِ چاهي علامتي خوابن وسيلي ظاهر ٿين يا اهو ماڻھو ٻين سان برو سلوڪ ڪري ذهني سڪون ڳولي. ڪٿي ماڻھو لفظن سان اظھار ڪرڻ بدران ڪانہ ڪا جارحيت ڏيکاريندا آهن، جيئن ديوار کي ڌڪ هڻڻ يا ڪاوڙ مان زمين تي ڪا شيءِ اُڇلائڻ وغيرہ. اهڙيءَ صورتحال ۾ هن جي ڪاوڙ ٿڌي ٿي ويندي، پر اهو مسئلو حل نہ ٿيندو، جنھن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو وڃي ٿو. اهڙا معاملا ٿڌي دماغ سان فقط ملي ويھي حل ڪري سگهجن ٿا. پسند جي شيءِ نہ ملڻ تي ٻار جو روئڻ، پڻ دفاعي مڪينزم جو حصو آهي. پاڻ کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش يا خوداذيتي بہ غيرحقيقت پسندانہ روين جو اُهڃاڻ ٿئي ٿي.
ڪنھن بہ معاملي کي سمجهڻ بدران جڏهن ان کان فرار حاصل ڪجي تہ اها لاتعلقي معاملن کي سنوارڻ بجاءِ وڌيڪ بگاڙي ٿي. اهڙا ماڻھو خيالي دنيا ۾ رهڻ پسند ڪندا آهن ۽ پاڻ کي منفرد سمجهندا آهن. اهاآئڊيلزم ۽ تصوراتي دنيا کين حقيقتن کي سمجهڻ جو موقعو نہ ڏيندي آهي. اهي پاڻ کي وقتي طور تي حقيقت کان ڪٽي جڏهن عارضي پناھہ وٺندا آهن تہ کين وقت گذرڻ جي خبر نہ پوندي آهي. جڏهن ٻيھر حقيقت جي دنيا ۾ واپس ايندا آهن تہ مسئلن جو آڪٽوپس کين ٻيھر وڪوڙي ويندو آهي. مشاهدو آهي تہ انھن ماڻھن جو ننڍپڻ ۾ تمام ڏکيو وقت گذريل هوندو آهي. ٻالڪپڻي جون مارون، ڌڪا، ٿاٻا ۽ محروميون کين خيالي دنيا ۾ پناھہ وٺڻ تي مجبور ڪنديون آهن.
اڪثر ماڻھن کي لاحق طبي بيماريون جھڙوڪ کنگهہ يا ٻي ڪا تڪليف بہ انھن دفاعي روين جو سبب ٿي سگهن ٿيون. سگمنڊ فرائڊ مطابق، جڏهن ماڻھو ڪنھن اڻ وڻندڙ صورتحال جي باري ۾ پنھنجن خيالن جو اظھار نٿو ڪري يا ان جو ڪو حل نہ ٿو ڪڍي سگهي تہ پوءِ کيس طبيبن جي درن جا چڪر لڳائڻا پون ٿا. انھن بيمارين جو حقيقت سان واسطو ناهي هوندو. رڳو علامتون موجودہونديون آهن. پر مڪمل تپاس ڪرائڻ کانپوءِ بہ ڪا طبعي بيماري ناهي ظاهر ٿيندي. فقطي ذهني اذيت انھن عارضن جو سبب ٿئي ٿي، جنھن لاءِ کين مسئلن يا پريشانين کي هڪ نئين نقطہ نظر سان ڏسڻو پوندو. اهڙيءَ صورتحال ۾ جڏهن ماڻھو دل جي ڳالھہ چئي نہ سگهي، ڪوشش جي باوجود وڙهي يا بدلو نہ وٺي سگهي. ڪا خواهش سماج جي خوف کان تڪميل تائين نہ پھچي سگهي تہ پوءِ ماڻھو مختلف روين وسيلي پنھنجي اندر جي اُڌمن جو اظھار ڪندو آهي. اڻ وڻندڙ رويا، بريون عادتون ۽ غير واضح ورتاءُ مٿي ٻڌايل سببن ڪري ئي ماڻھو اختيار ڪري ٿو. اجائي نفرت ۽ ناپسنديدگي جي پويان بہ اهڙا منفي محرڪ ٿين ٿا، جيئن ماڻھو ڪنھن سان ريس يا حسد محسوس ڪري، ڇو تہ هو ان عروج تي نٿو پھچي سگهي. ڪيترا مسئلا احساس ڪمتري، برتري، خانداني رتبي، عھدي، سماجي حيثيت يا اناپرستيءَ جي پيداوار ٿين ٿا. سوچ کي ٻين تي مسلط ڪرڻ ۽ ذات جي نفي ڪرڻ ٻئي رويا نقصان ڏيندڙ آهن. اظھار جي آزادي نہ هئڻ سبب بچاءَ وارا رويا، سماجي زندگيءَ جو حصو بنجي وڃن ٿا. فرائڊ مطابق: ”زندگيءَ جي مسئلن، ڏکن يا تضادن کي منھن ڏيڻ لاءِ انسان جي انا مدافعتي رويا اختيار ڪري ٿي.“
جتي ڪنھن مجبوري يا فائدي جي ڪري ماڻھو کي اڻ وڻندڙ صورتحال سان گڏ هلڻو پوي ٿو. اتي اهي رويا ٻيائي، منافقت يا خوشامد جي صورت ۾ ظاهر ٿيندا آهن، يا وري شڪايتي روين جي روايت دهرائيندا رهن ٿا. شڪايت بہ خود اعتمادي جي ڪميءَ جو اهڃاڻ آهي. پنھنجي ڳالھہ ان ماڻھو تائين پھچائڻ گهرجي، جنھن کان شڪايت آهي. اهو ماڻھو ئي مسئلي جو حل ڪڍي سگهي ٿو، پر ذهني بحران جو شڪار ماڻھوءَ ۾ حل ڳولي لھڻ جي صلاحيت گهٽ هوندي آهي. جڏهن روين جي بدصورتي انتھا تائين پھچي ٿي تہ طنز مزاح ۽ جمالياتي ذوق ٻہ اهڙا رويا آهن، جيڪي ماڻھوءَ کي ڏکن يا بدصورت روين کان بچائين ٿا. زندگي جي نواڻ ۽ خوبصورتي جي پٺيان ڪٿي نہ ڪٿي تڪليف ڏيندڙ لمحا نظر ايندا آهن. اهو انسان جي سوچ ۽ سھپ تي منحصر آهي تہ هو ڪيئن حالتن جي ور وڪڙ رستن مان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو.
پر ساڳئي وقت هڪ رويو حالتن پٽاندر رنگ اختيار ڪرڻ وارو دفاعي طريقو (Adaptive Defence Mechanism) پڻ آهي، جنھن ۾ ماڻھو پنھنجي ڏک ۽ پيڙا کي مثبت توانائي يا تعميري سرگرمي ۾ بدلائڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا. جنھن کي George Vaillant اهڙن روين طور ڏسي ٿو، جيڪي ذهني پريشاني جو ٽوڙ ٿين ٿا. هُو ان کي پختو دفاعي طريقي (Mature Defence Mechanism) جو نالو ڏيئي ٿو.
مزاح ۽ ادب پڻ ڏکين ۽ اڻ وڻندڙ حالتن جو ردعمل آهن. مزاح بہ دفاعي روين جو اظھار آهي. جڏهن اڻ وڻندڙ انسان حالتن کي قابو نٿو ڪري سگهي تہ مزاح جي حس ڏکن کي سھڻ ۽ سھيڙڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. ان ڪري زندگيءَ جا ڪڙا سچ ۽ تلخ حقيقتون، مزاح وسيلي بيان ڪيون وينديون آهن. اهو ئي سبب آهي تہ نفسيات، انسان کي ذات ۽ حالتن جي سمجهہ عطا ڪري ٿي. ڇو تہ پاڻ کان بيخبر ماڻھو، اخلاقي قدرن جي پامالي جو سبب بڻجي ٿو.

تبديلي: ذهن، جسم ۽ روح جي وحدت جو نالو

سنڌ جي صوفين پنھنجي شاعريءَ وسيلي، سدائين محبت ۽ ايڪتا جو درس ڏنو آهي. ان ڪري سنڌ جي مزاج ۾ هڪ مثبت سوچ مستقل سرجندي رهي ٿي. مايوسي بہ زندگيءَ جو سچ آهي، جيڪا انسان کي پاڻ پتوڙڻ ۽ حل ڳولھڻ لاءِ اتساهي ٿي. ائين اميد بہ زندگيءَ جو اڻمٽ حصو آهي، جنھن جو هٿ پڪڙي انسان بديءَ جي قوتن ۽ منفي روين سان جنگ جوٽيندو رهي ٿو.
هر ڪا قوم هڪ ڏينھن غفلت جي ننڊ مان ضرور جاڳندي آهي. اها پنھنجن مشاهدن ۽ تجربن کان گهڻو ڪجهہ سکندي هڪ ڏينھن نين روايتن جو هٿ جهلي وٺي ٿي. ثقافت جو ڏهاڙو بہ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. ان ڏينھن سان جُڙڻ کانپوءِ سنڌ جو ادبي ۽ تھذيبي ورثو وڌيڪ سگهارو محسوس ٿي رهيو آهي. اهو سنڌي ماڻھو جيڪو مسلسل خود رحمي ۽ احساسِ ڪمتريءَ جو شڪار نظر ايندو هو، سو هاڻي ان ڏينھن جي قوت ساڻ ڪري پاڻ کي اڳي کان وڌيڪ پاڻ ڀرو ۽ خود اعتماد محسوس ڪري ٿو. هو پنھنجي اندر جي سگهہ کان واقف ٿي رهيو آهي. کيس پروڙ پئجي چڪي آهي تہ معجزا اندر جي يقين جو نالو آهن ۽ تبديلي ڪو ٻاهريون عمل نہ آهي، پر تبديلي ذهن، جسم ۽ روح جي وحدت جو نالو آهي. تبديلي، سوچ جي نون رخن سان جڙيل آهي، جيڪا سوچ جي سگهہ ۽ عمل جي سچائيءَ وسيلي اچي ٿي.
معاشرتي زندگيءَ ۾ فرد جو پنھنجي ذات ۾ منظم هجڻ وڏي معنيٰ رکي ٿو. فرد منظم آهي تہ هن جو گهر بہ متحد آهي، هن جو پاڙو، ادارا ۽ ملڪ بہ مضبوط آهن. ڇو تہ انسان جي زندگي سندس سوچ جو عڪس آهي. سوچ مستحڪم آهي تہ سندس چوڌاري ماحول ۾ بہ نظم ۽ ضبط جو مظاهرو نظر ايندو. ذات جي ايڪتا ماڻھن سان اعتبار جو تعلق جوڙي ٿي ۽ ويساھہ ڪنھن بہ قوم جي جياپي کي بنياد فراهم ڪري ٿو. فرد جي ذهني وحدت ويساھہ ذريعي سماجي جاڳرتا جو محرڪ بڻجي ٿي. انسان جو پنھنجي سوچ ۾ منظم هجڻ منجهس ويساھہ جي طاقت کي اُسرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو.
موجودہ ماديت پرستيءَ واري دور ۾ جڏهن ماديت پرستي جي ڦھلاءُ سبب دنيا جا ڪيترا ملڪ پنھنجي ثقافتي ورثي کي وساري ويٺا آهن ۽ سماجي طور تي عدم تحفظ ۽ براين جو شڪار ٿي ويا آهن. اهڙي صورتحال ۾ پنھنجي ٻوليءَ ۽ ثقافتي ورثي کي عالمگيريت جي ڄار ۾ ڦاسڻ کان بچائڻ لاءِ ڪنھن بہ قوم کي وڏي جدوجھد ڪرڻي پوي ٿي. ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾، ان قوم کي ڪيترائي خراب نتيجا ڀوڳڻا پون ٿا، پوءِ اخلاقي قدرن جو زوال، سوشل پولرائيزيشن، غير انساني رويا، جرم، قتل و غارت، خاندان ۽ ڪميونٽيءَ جو ڇڙوڇڙ ٿي وڃڻ، معاشي اڻ برابري، سماجي ناانصافيون، عدم استحڪام ۽ بدامني وغيرہ جھڙا رجحان سامھون اچن ٿا.
ڪنزيومر ڪلچر ارڙهين صديءَ ۾ انگلينڊ ۾ شروع ٿيو، جنھن ۾ فيشن ڪمرشلائيزيشن کي متعارف ڪرايو ويو، جنھن جي ڪري ٽيڪسٽائل انڊسٽري ۾ انقلاب برپا ٿيو ۽ ماديت پرستي جي اڻ وڻندڙ رجحان سبب پئسي کي اوليت ڏيڻ جي ڪري سماجي اڻ برابري پيدا ٿي.
ان سموري هنگامي ۽ تبديليءَ کانپوءِ انساني قدرون ثانوي حيثيت اختيار ڪري وڃن ٿيون، جنھن ڪري معاشرو ڪيترن تضادن جو شڪار ٿي وڃي ٿو. سنڌ جي سماجي تاڃي پيٽي ۾ ٻھراڙيءَ جو ماڻھو پنھنجي لوڪ ورثي ۽ ثقافتي قدرن کي وڌيڪ ويجهو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ شھري زندگي ڌارين ٻولين ۽ ثقافت جي زير اثر پنھنجي ٻوليءَ جي نج پڻي ۽ ثقافت جي رنگن کان پري ٿيندي ٿي وڃي.
ڪجهہ وقت اڳ سنڌ جي ثقافت ۾ شامل گج، سوسي، اجرڪ ۽ ڀرت جو استعمال نہ هئڻ برابر هو. پر ثقافتي ڏهاڙن ملھائڻ ڪري آهستي آهستي سنڌي ماڻھن بہ پنھنجي تھذيبي ورثي کي جيئارڻ شروع ڪري ڏنو آهي ۽ هر طرف لوڪ ورثي جي رنگن جي بهار نظر اچڻ لڳي آهي. سنڌ جي گهريلو صنعتن ۾ ٺهندڙ اهو ڪپڙو، اجرڪ، سوسي، ٽوپيون، رليون، گج ۽ ڀرت سنڌ جي ٻھراڙين ۾ رهندڙ ماڻھن جي روزگار جو وڏو ذريعو آهن. اهي وسيلا انيڪ سنڌي خاندانن جي بقا جو ڪارڻ آهن. هاڻي اها صنعت ٻيھر ماڻھن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻجي رهي آهي.
رلي، سنڌ جي لوڪ ورثي جو هڪ خوبصورت نمونو آهي، جيڪا سنڌي عورت جي جمالياتي ذوق ۽ ذهني وسعت جي نشاندهي ڪري ٿي. ايشيا جي ترقي يافتہ ملڪن ۽ يورپ ۾ ري سائڪلنگ يعني پراڻين شين کي ٻيھر ڪتب آڻڻ جو فن هڪ طرف تہ سندن خوبصورت سوچ جي نمائندگي ڪري ٿو تہ ٻئي پاسي سندن معاشي گهرجن کي توازن ۾ آڻي ٿو. سنڌ جي رلي بہ ري سائيڪلنگ جو هڪ دلڪش نمونو آهي، جيڪا سنڌي عورت جي ڏاهپ ۽ سندس اندر جي تخليقي فنڪار جو عڪس پيش ڪري ٿي. ٻئي پاسي گهرداريءَ ۾ سندس سگهڙائپ ۽ قناعت پسنديءَ جو هڪ بھترين مثال پڻ آهي.
حقيقت ۾ خوشين جو تصور، گهڻي دولت ۽ خريد جي سگهہ سان وابستہ نہ آهي. بلڪہ موجودہ دور جا جديد ماڻھو وڌيڪ پريشان ۽ ذهني بي ترتيبيءَ جو شڪار آهن. ڇاڪاڻ تہ اهي ڌرتيءَ جي خالص اثر کان پري، بناوٽي زندگيءَ جو حصو بڻجي چڪا آهن. جديد نفسيات جي تحقيق مطابق، شين جي مقابلي ۾ زندگيءَ جا تجربا انسانن کي وڌيڪ خوشيون ڏين ٿا. مادي شين جو عادي ٿيڻ بعد انسان انھن مان بيزار ٿي وڃي ٿو، پر تجربا، خوبصورت يادن جي صورت ۾ کيس سدائين تحرڪ ڏيندا رهن ٿا. جيئن ڪمپيوٽر، موبائيل، ٽي وي، قيمتي گهر ۽ ڪار وغيرہ کيس اها سچي خوشي نٿا ڏيئي سگهن، جيڪا کيس دوستن، مٽن مائٽن ۽ خوشگوار گهريلو زندگيءَ مان حاصل ٿئي ٿي.
جائزي وٺڻ سان خبر پوي ٿي تہ ايشيا جا اُهي ملڪ، جيڪي پنھنجي پيداواري قوت تي ڀاڙين ٿا، سي ترقيءَ جي راهن تي گامزن آهن. انھن ملڪن ۾ گهريلو صنعتون پنھنجي عروج تي آهن. ٽين دنيا جي ملڪن ۾ غربت جو هڪ اهم سبب موجودہ ملٽي نيشنل ڪمپنيون آهن، جيڪي مقامي ماڻھن جي روزگار جي وسيلن کي اُسرڻ جو موقعو نہ ٿيون ڏين.
پر هاڻي ڪجهہ سڄاڻ قومون عالمگيريت جي اِن پکڙيل ڄار مان نڪري آيون آهن. جيڪڏهن فرد ذهني طور تي سجاڳ ۽ فعال آهن تہ گهڻ نسلي سماج (Multiracial Society) ۾ مختلف قوميتن سان گڏ رهندي بہ پاڻ کي سنڀالي ٿو وٺي. ڇو تہ ان جي بقا لاءِ اهو ضروري آهي تہ هو پنھنجي ٻولي ۽ ثقافتي ورثي کي ساھہ سان سانڍي رکي ۽ پنھنجي نئين نسل کي ان جي اهميت کان آگاھہ ڪندو رهي.

پناھہ گاھہ جي ڳولا

جسم، ذهن ۽ روح متحد آهن تہ انسان پنھنجي ذات ۾ پوري ڪائنات بڻجيو پوي. پوءِ کيس ٻاهر جي دنيا ۾ ڪنھن بہ پناھہ گاھہ جي ڳولا نٿي رهي. وحدت جي ان ٽڪنڊي کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي تپسيا گهرجي، پر ڪٿي قدرتي طور تي گهڻا ماڻھو پنھنجي ذات جي مرڪز تي بيٺل نظر ايندا آهن.
انسان کان ذات جو مرڪز وڃائجي وڃي تہ پوءِ اهو سُڪون جي ڳولا ۾ مستقل ڀٽڪندو رهي ٿو. ڪڏهن بريون عادتون بہ سڪون حاصل ڪرڻ جو جواز بڻجن ٿيون. هر ماڻھو پنھنجي پسند جي جاءِ ڳولي ٿو، جتي هو ڪجهہ وقت گذاري خوشي حاصل ڪري سگهي. اهو من پسند جھان/اسپيس هر ماڻھوءَ جي ضرورت آهي، جتي هو آرام ڪري ۽ پنھنجي ذات ۾ هم آهنگي محسوس ڪري سگهي.
ڪو زمانو هو جڏهن اسان وٽ گڏيل ڪٽنب جو نظام رائج هو، اڄ بہ اهڙن خاندانن مان پرورش پائيندڙ ماڻھو ذهني طور تي سگهارا ٿيندا آهن، پر گڏيل ڪٽنب جو نظام وکرڻ بعد انسان پاڻ کي ذهني طور تي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو. ان ويڳاڻائپ کي تعميري رستو نٿو ملي تہ هو بري سوچ ۽ عادتن ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو.
فطرت ۾ ڪيترائي خوبصورت ڇانورا آهن، جتي وڃي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ماڻھو آسيس وٺن ٿا. عبادت گاهون، مزار ۽ درگاھہ پڻ ڀٽڪيل احساس جي پناھہ ٿين ٿا. ماڻھو سک ۽ اطمينان حاصل ڪرڻ لاءِ حيلا وسيلا ڪري ٿو. هر ماڻھو کي سوچ جو مرڪز گهرجي، جتي هو پنھنجي ذات کي سمجهي ۽ مڃتا ڏئي سگهي. ماڻھو پنھنجي ذات مان گهٽ مطمئن نظر ايندو آهي. ڪا محرومي کيس مستقل ستائيندي رهندي آهي. هو جڏهن پنھنجي جسم يا سوچ ۾ وحدت نہ ٿو ماڻي سگهي تہ بي اطمينانيءَ جو شڪار بڻجي اڀرندو. پنھنجي چؤڌاري رهندڙ ماڻھن کي نشانو بڻائيندو. ٻيو نہ تہ ڪامليت جو بخار کيس چين سان ويھڻ نہ ڏيندو.
اها حقيقت آهي تہ خامين کي سليقي سان سھيڙڻ وارو انسان مطمئن زندگي گذاري ٿو. پنھنجي ذهني ڏانءَ مطابق ٻين جي راهنمائي ڪرڻ جو گُر سکڻو پوي ٿو. هو سڀني کي ساڻ کڻي هلڻ جو هنر نٿو سکي تہ پوءِ اهو علم ڪھڙي ڪم جو، جيڪو ماڻھوءَ کي ٻڌي يا حل سيکارڻ بجاءِ سندن صفن ۾ ڦڙڦوٽ وجهيو ڇڏي. علم جي وصف آهي جاڳرتا، سنوت ۽ شين کي سھيڙڻ. پنھنجي سوچ جي سونھن سان گهر، ماحول ۽ ادارن کي اُجارڻ. پر جيڪڏهن ائين ممڪن نہ آهي تہ پوءِ ماڻھو پنھنجي غلط سوچ جي ڪوڙڪي ۾ پاڻ ئي ڦٿڪندو رهي ٿو. ان ڪري هر ماڻھوءَ کي ڪا پناھہ گاھہ ضرور گهرجي، جيڪا گهر جي ڪُنڊ، باغ، ڪتب خانو، سچو دوست يا درياءَ جي ڪناري جي شڪل ۾ ٿي بہ سگهي ٿي. ڪجهہ ماڻھو اها پناھہ، عوام جي ڀلائيءَ جي ڪم ڪرڻ ۾ ڳولي لھن ٿا. لڙڪ اگهي مرڪون ورهائي خوش ٿيڻ بہ وجود جي هئڻ جو حق ادا ڪرڻ آهي.
ڪو زمانو هو جڏهن سنڌ جي ٻھراڙين ۾ وڏا باورچي خانا هوندا هئا، سياري ۾ سمورا گهر ڀاتي اتي گڏ ٿيندا هئا، ماني کائيندي گڏوگڏ ڪچھري بہ ڪندا رهندا هئا. باھہ ٻارڻ وارو هنڌ، ذهن ۽ روح جي ويجهو ٿئي ٿو. باھہ جو ڪارج شفاف بنائڻ ۽ زندگي ڏيڻ آهي. منھنجي مشرقي يورپ سان تعلق رکندڙ سھيلي پريشان ٿيندي هئي تہ ميڻ بتي ٻاريندي هئي. سندس چوڻ هو تہ باھہ انتشار کي پنھنجي اندر جذب ڪري ٿي ڇڏي. گڏيل ڪٽنب جو نظام وکريو تہ ماڻھن جي مونجهہ ۽ روح جي تانگهہ بہ وڌي. ٻيون قومون نہ بدليون، هنن خانداني نظام ۾ پناھہ ڳولي، سري لنڪا، ٿائي لينڊ، چين يا جپان جي ماڻھن منجهہ ذهني ۽ روحاني سگهہ هئڻ سبب خانداني مضبوط رابطا آهن.
اسان پنج هزار سال پراڻي تھذيب جا وارث آهيون. اڄ تائين چند سٺا اخلاقي اصول بہ نہ جيئاري سگهيا آهيون. اهي اصول، جيڪي قوم ۽ خاندان جي بقا ۽ ڪاميابيءَ جي ضمانت بڻبا آهن. اهو بہ ڏسڻ گهرجي تہ آرٽ، ادب ۽ فلسفي کي جيئارڻ جي ڪوششن ۾ رڌل اسان سڀئي، انساني رابطن ۾ ڪيترا فعال آهيون؟ اهو علم، شان سان زندھہ رهڻ ۽ زندگيءَ جون خوشيون ورهائڻ بدران ذاتي خواهشن جي ڄار ۾ ڦاسي پيو آهي.
فطرت کان اسان منھن موڙي چڪا آهيون. فطرت ۾ پنج بنيادي جزا ڌاتو، وڻ، پاڻي، زمين ۽ باھہ زندگيءَ جو تسلسل قائم رکندا پيا اچن. ساڳي حرارت انسان جي جسم ۾ بہ موجود آهي. جسم جو ڪيميائي حياتياتي طريقه ڪار پڻ فطرت جي اثر تحت ٿو ساھہ کڻي.
سنڌ جا قديم گهر ڪشادہ هوندا هئا ۽ ماڻھوءَ وٽ ڪشادگيءَ جو احساس هوندو هو. جيئن سڌا سنوان ٻہ چار ڪمرا، هڪ ورانڊو ۽ سامھون اڱڻ هوندو هو. اڱڻ ۾ ئي غسل خانو وغيرہ هوندو هو. انھن گهرن جي بناوٽ سبب ماڻھن جو تعلق اڱڻ سان جڙيل رهندو هو. اڱڻ جيئن تہ فطري توانائيءَ جو مرڪز آهي. ان ڪري ماڻھو موسمن، تازي هوا، آسمان جي رنگن، اونداهي ۽ روشنيءَ سان براھہ راست رابطي ۾ رهندا هئا. موجودہ دور کان وڌيڪ خوش، صحتمند ۽ فعال پڻ هئا. پر جڏهن کان جديد دنيا جا ماڻھو فليٽن يا مصنوعي بناوٽ وارن بنگلن ۾ رهڻ لڳا تہ سندن مزاج بہ تبديل ٿيڻ لڳو. بنگلو آسائش جو اهڃاڻ سمجهيو ويو. جڏهن تہ گهر محض رهڻ ۽ وقت گذاريءَ جي ذريعي طور ليکجڻ لڳو. لفظ گهر پنھنجي اندر وڏي وسعت رکي ٿو. اهو جهوپڙي، هٽ، عام گهر بہ ٿي سگهي ٿو. گهر ڏيکاءُ کان وڌيڪ جذباتي لڳاءُ جو اهڃاڻ آهي. جذباتي لڳاءُ نہ آهي تہ وڏا گهر بہ بي اهم ٿي وڃن ٿا. احساس جي وابستگي آهي تہ گهر جو ڪچو گارو بہ جرڪندي محسوس ٿيندو.
عورتن جو وقت ڪچن ۾ وڌيڪ گذرندو آهي، جيڪو سندن پناھہ گاھہ آهي، اڄڪلھہ جديد ڪچن گهر جي اندر آهن. عورتن جو واسطو باھہ سان وڌيڪ پوي ٿو. باھہ جي ويجهڙائي سبب، ماڻھو احساساتي طور تي سگهارو هوندو آهي. اسان جيئن تہ انھن ڳالھين کان واقف نہ آهيون، ان ڪري فطري مظھرن کي پنھنجي طاقت بڻائڻ کان قاصر آهيون.
فطرت ۾ پنج بنيادي جزا آهن، جيڪي اسان جي ذهني، جسماني ۽ روحاني سگهہ جو سبب بڻجن ٿا. اهي توانائيءَ جون لھرون مستقل حرڪت ۾ رهن ٿيون، جن ۾ ڌاتو، وڻ، پاڻي، زمين ۽ باھہ اچي وڃن ٿا. جيئن تہ باھہ هڪ توانائي آهي. ساڳي حرارت، انسان جي جسم ۾ بہ موجود آهي. جسم جو ڪيميائي ۽ حياتياتي طريقه ڪار پڻ فطرت جي زير اثر آهي. اها حرارت جنھن کي زندگيءَ جو تت (Spirit of Life) سڏيو وڃي ٿو، سا جذباتي، ذهني ۽ روحاني طاقت جو اهڃاڻ آهي. اها حرارت يا توانائي، جيڪا اسان فطري ماحول کان حاصل ڪيون ٿا، اها اسان جي اندر جذباتي تحرڪ، خيال ونڊڻ ۽ تعلق جي مضبوطي جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. اڳي گهر ننڍا، پر دليون ڪشاديون هيون، هاڻ گهر وڏا آهن تہ دليون تنگ محسوس ٿين ٿيون. اها حقيقت آهي تہ ذهن ۾ ٻرندڙ بي اطمينانيءَ جي چڻنگ، تخليق جو ڀنڀٽ بڻجي ٿي. ڪنھن ڏکوئيندڙ احساس کان پري ڀڄڻ لاءِ ماڻھو پناھہ ڳولي ٿو. ڀٽائيءَ جو فڪري اثاثو، عام ماڻھن جي سجاڳي لاءِ آهي، پر حوالا فطرت ۽ عام زندگيءَ سان جڙيل آهن.
ڀٽائي، سنڌ جي ماڻھوءَ کي سوچ جي خالص پڻي ۽ مرڪز تي رهڻ جي هدايت ڪري ٿو، اها مرڪزيت، رابطي جو هنر بڻجي ٿي. جان ڪيٽس جي درد ۽ وڇوڙي جو درمان، اهو مھڪندڙ جهنگ آهي، جتي بلبل جو گيت گونجندو رهي ٿو. وليم ورڊز ورٿ جي تخليق جو روح سدا بھار ول جيان آهي. ادب ۽ فن جون اهي پناھہ گاهون پوري انسانيت لاءِ احساس جو آئينو آهن. اهو سوچ جو ڪٿارسس/تحليل نفسي انساني حوصلي کي ٻيھر جيئاري ٿو. جيڪڏهن ڏک، درد ۽ پيڙائون نہ هجن تہ شاعر، اديب، راڳي، سماج سڌارڪ ۽ فلاحي ڪمن جا رهنما بہ نہ هجن ٿا. جيڪي خوف ۽ ڏک کي فن جي پوپٽن جي صورت چوپاسي اڏائي ڇڏين ٿا.
اسان جي گهر ۾ هڪ پينگهو هوندو هو، جيڪو گهر ڀاتين کي پناھہ گاھہ ڀاسندو هو. ان پينگهي ۾ ويھي مون ڪتاب بہ پڙهيا تہ ڪھاڻيون بہ لکيون آهن. شام جي چانھن، امان ۽ مان ان پينگهي ۾ پيئندا هئاسين. اڪثر مون کي اهو پينگهو ياد پوندو آهي. سنڌي گهرن ۾ اهي پينگها آرام، سک ۽ سھولت جو اهڃاڻ هئا. جن ۾ لڏندي، عورتون پنھنجا سمورا ڏک وساري ويھنديون هيون. جن خود ڪلاميءَ جي عادت کي هٿي ڏني. اڄ جديد پينگها انھن قديم پينگهن سان تہ مقابلو نٿا ڪري سگهن، پر انھن جي گهرن ۾ موجودگي قديم ورثي ڏانھن ڇڪ ظاهر ڪري ٿي.
اها حقيقت آهي تہ جديد رهڻي ڪھڻيءَ کٽن کي، ٻاهر ڌڪي، پلنگ متعارف ڪرايا. جڏهن تہ فوم جا گدا ڪنڌ ۽ چيلھہ جي تڪليف ۽ بي آراميءَ جو وڏو سبب بڻجن ٿا. جسم ۾ ڪا تڪليف آهي تہ ذهن بہ پريشان رهي ٿو. پناھہ جا غير فطري طريقا نقصان ڏيندڙ آهن. فرار جا ذريعا پان، سگريٽ، ٻيڙي، ڳٽڪو، سوپاريون، چانھن، ڪافي، انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون جو گهڻو استعمال بہ ڪنھن ذهني يا روح جي تڪليف کان نجات جو ذريعو بڻجي ويا آهن. اهو نشو، ڊپريشن يا ڪنھن بہ ذهني عارضي جي نشاندهي ڪري ٿو.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تہ آخر ماڻھو عارضي سھارا يا جذباتي ٽيڪ ڇو ٿو چاهي. هو پنھنجي اندر پاڻ ڀرائيءَ جو احساس ڇو نٿو پيدا ڪري. عارضي ۽ بي بنياد پناھہ ڳولڻ بدران هو پاڻ ٿڪل انسانيت لاءِ گهاٽو ڇانورو ثابت ٿي سگهي ٿو.

ٻٽن روين جو جھنم

ٻار جو ذهن ڪوري ڪاغذ جيان آهي. ابتدائي دور جا رويا، واقعا ۽ حادثا سندس ذهن تي نقش ٿي وڃن ٿا. ٽن سالن جي عمر ۾ ٻار جي شخصيت جُڙي راس ٿئي ٿي. جڏهن تہ اسان وٽ ٽن سالن جي ٻار کي انتھائي اڻڄاڻ سمجهيو ويندو آهي. ان دوران ٻار ماءُ ۽ پيءُ جي روين مان گهڻو ڪجهہ سکي ٿو. هر رويو سندس ذهن تي اثر انداز ٿئي ٿو. بلڪہ ٻار جون محسوسات ماءُ جي گرڀ ۾ هئڻ دوران ئي شروع ٿي وڃن ٿيون. تيز روشني ۽ گوڙ محسوس ٿيڻ تي سندس چرپر تيز ٿيڻ لڳندي آهي. ماءُ جو ڏک، خوشي، رويا، پسند ۽ ناپسند، هو سڀ پنھنجي اندر جذب ڪندو آهي.
نون مھينن دوران ماءُ جي جيڪا ڪيفيت هوندي، اها ٻار جي مزاج جو رخ مقرر ڪندي. ابتدائي ٽن سالن دوران حاصل ٿيل ڄاڻ ۽ روين جو اثر پختو ٿئي ٿو، ان دوران ٻار ڪوڙ، ڪاوڙ، جذباتي ڏيٺ ويٺ، ضد ۽ ٻٽا رويا سکي ٿو. اهو ئي سبب آهي تہ وليم ورڊز ورٿ ٻار کي ”ماڻھوءَ جي ابي“ جو لقب ڏنو آهي.
ڪتاب ’بچے میرے استاد‘ ۾ حفيظ ڪاشميري لکي ٿو تہ ”ٻارن جي تربيت ڪرڻ کان اڳ مون کي پنھنجي ذات ۾ تبديلي آڻڻي پئي، تہ جيئن مان انھن لاءِ سٺو مثال بڻجي سگهان.“ اها حقيقت آهي تہ ٻار خاموش روين کي پنھنجي اندر منتقل ڪري ٿو. پوءِ هڪ ڏينھن اهي رويا سندس شخصيت مان ظاهر ٿيڻ لڳندا آهن. ليکڪ اها ڳالھہ بہ ڪري ٿو تہ ننڍپڻ ۾ هن جيڪي جنن ڀوتن يا ڀوائتن ٻڌل قصن جو ڪيئن سندس ذهن تي اثر پيو. ان ڪري هُن پنھنجن ٻارن جي پرورش جي دوران کين تاريخي واقعا، سبق آموز آکاڻيون ۽ عظيم شخصيتن جي باري ۾ ڄاڻ ڏني.
منھنجي ڌيءُ جي ڪلاس ۾ هڪ نئين ڇوڪري ماروي آئي، جيڪا تمام گهڻو روئندي هئي. اتفاق سان منھنجي هڪ ڀيري سندس والدہ سان اسڪول ۾ ملاقات ٿي، جيڪا اڳيان هلي دوستيءَ ۾ بدلجي وئي. ماروي جڏهن ٽئين درجي ۾ آئي تہ هڪ ڏينھن سندس ماءُ مون سان ملڻ آئي ۽ پنھنجي پريشاني ٻڌائڻ لڳي تہ اسڪول وارا مارويءَ جي رويي سبب پريشان آهن. ماروي ڪابہ ڳالھہ غور سان نہ ٻڌندي هئي. ڪلاس ۾ رڳو پئي ڳالھائيندي هئي ۽ ٻاهر وڃڻ لاءِ ضد ڪندي هئي. گهر ۾ بہ هوءَ سڀني کي تنگ ڪندي هئي. مون مارويءَ جي ماءُ ثمينہ کان پھريون سوال تہ اهو پڇيو تہ: ”هن اڄ تائين ماروي کي سخت ۾ سخت سزا ڪھڙي ڏني آهي؟“ هوءَ منھنجو سوال ٻڌي منجهي پئي ۽ پوءِ ياد ڪري چوڻ لڳي: ”هڪ ڀيري مون ميڻ بتي ٻاري گرم ميڻ سندس هٿ تي ڪيرايو هو.“ سندس ڳالھہ ٻڌي مون کي ڪابہ حيرت نہ ٿي ڇو تہ اڪثر ماڻھو ننڍپڻ يا عمر جي ڪنھن بہ دور ۾ محروميءَ جو بدلو، پنھنجن ئي ٻارن کان وٺندا آهن. اهڙيءَ ريت ڳالھين ٻولھين مان اها خبر پئي تہ ثمينہ جي ماءُ کيس ٻاهرئين ملڪ وڃڻ وقت نانيءَ وٽ ڇڏي وئي. ڇاڪاڻ تہ پرڏيھہ ۾ ننڍي ٻار جي ذميداري کيس مشڪل پئي لڳي. سندس والدين چڱو وقت ٻاهرئين ملڪن ۾ رهيا ۽ جڏهن واپس وريا تہ هوءَ ميٽرڪ ۾ هئي، پر سندس والدين ٻين ٻارن ۾ مصروف رهيا ۽ کيس ڪابہ توجھہ نہ ڏنائون. يقيناً سزا جو اهو عمل هڪ معصوم ٻار لاءِ انتھائي ڀوائتو احساس هو، جنھن ۾ تري تہ محفوظ رهي پر گرم ميڻ جي تپش روح ۾ لھي اچي ٿي.
ٻئي دفعي جڏهن ثمينہ سان ملاقات ٿي تہ مون کيس چيو تہ ”ماروي وٽ ماءُ جو مختلف تصور آهي، هڪ وڻ جي گهاٽي ڇانو جھڙو، هر ٻار لاءِ ماءُ ڪل ڪائنات آهي. چوڻ لڳي ”اهو تہ سچ آهي.“ چيومانس، تون هن کي دڙڪن، هدايتن يا سمجهاڻين بدران محبت ۽ ويساھہ جي طاقت ڏي. هن چيو. ”اهو احساس جيڪو مون وٽ ناهي، مان پاڻ ۾ ڪيئن پيدا ڪيان؟“ چيومانس تہ: ”تون پنھنجي پاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. اها محرومي جيڪا توکي پنھنجي ماءُ ۽ ساهراڻي گهر کان ملي، ان جو بدلو تون مارويءَ کان وٺي رهي آهين؟“ بھرحال هن مسئلي کي سمجهي ورتو. ان ڪري پنھنجي رويي جو تجزيو ڪرڻ لڳي. خودشناسي جي ان مرحلي کانپوءِ نہ فقط ٻنھي ماءُ ۽ ڌيءُ جي روين ۾ مثبت تبديلي آئي، بلڪہ ماسترياڻين ۽ مڙس جي سھائتا سان هن ان مسئلي جو حل ڳولھي لڌو.
جيستائين ٻار جي مار جو تعلق آهي تہ ڪيترا ٻار ۽ نوجوان روز گهرن، اسڪولن يا ان کان ٻاهر جسماني تشدد جو شڪار ٿين ٿا. خاص طور تي ٻھراڙيءَ جا ٻار، ماسترن جي ڊپ کان اسڪول وڃڻ ڇڏي ٿا ڏين. اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن سان اختيار ڪيل اڻ وڻندڙ رويا، جيڪي سندن عزت نفس کي مجروح ٿا ڪن، جن جو ڪو قانوني حل موجود ڪونھي. ڪنھن تي هٿ کڻڻ يا مار ڏيڻ سنگين اخلاقي جرم آهي. اهي رويا جاگيرداري ۽ وڏيراشاهي نظام جو تحفو آهن، جتي انسان کي ڪمتر سمجهي، سندس هر طرح سان عزت نفس مجروح ڪئي وڃي ٿي. ان جسماني جارحيت خلاف ڪو قانوني بل پاس ٿيڻ گهرجي. خاص طور تي سمورن تعليمي ادارن ۾ هر سطح تي جسماني تشدد ۽ بدترين روين کي روڪڻ گهرجي.
جڏهن اسان جي والد جي بدلي شھر مان سنڌ جي هڪ پوئتي پيل ڳوٺ جي اسپتال ۾ ٿي تہ مون کي ڇوڪرن جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. پھرين ڏينھن تي ئي هڪ اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو. هڪ ماستر ڇوڪري جي قميص لھرائي سندس پٺيءَ تي چھبڪ وهائي رهيو هو. گڏوگڏ کيس گار گند ڪري رهيو هو. ڇوڪري جون اُڀ ڦاڙ رڙيون ٻڌي مان تہ دهشت ۾ وڪوڙجي وئي هئس. خبر ناهي ڇو اهو لمحو سڄي عمر نہ وسري سگهيو. ان واقعي جي چشم ديد گواھہ هجڻ سبب مان انھن بدصورت روين خلاف مستقل لکندي رهي آهيان. تعليمي ادارا هجن يا ٻيا شعبا، جنھن نموني انسان جي عزت نفس کي منفي رويي جا ڏنڀ ڏنا وڃن ٿا، ان جو مثال ٻئي ڪنھن هنڌ نٿو ملي. اهو ئي سبب آهي جو نوجوانن ۾ خودڪشيءَ جو رجحان وڌيو آهي. گهڻا ٻار ۽ نوجوان ذهني بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن.
هڪ ڏکويل ماءُ ٻڌايو تہ هن پنھنجي پٽ کي شھر جي ڪيڊٽ ڪاليج مان ميٽرڪ پاس ڪرائڻ کانپوءِ ڪوھہ مري ڪاليج موڪليو. ڇھن مھينن جي اندر ئي کين ڪاليج گهرايو ويو، جتي سندن پٽ هوش ۽ حواس کان بيگاني حالت ۾ کين مليو، پنھنجي والدين کي نہ پئي سڃاڻي سگهيو. هن ٻڌايو تہ اڄ پنج سال ٿي ويا آهن؛ سندس نفسياتي ڊاڪٽر وٽ علاج هلي رهيو آهي. ماءُ ٻڌايو تہ اتي ڇوڪرن جو هڪ ٽولو کيس ذهني عذاب ڏيندو هو. هونئن بہ اسان وٽ ڏينھون ڏينھن اذيت پسند روين ۾ اضافو ٿيو آهي. مائٽن کي ٻارن کي هاسٽل موڪلڻ يا ڪيڊٽ ڪاليج ۾ داخل ڪرائڻ کان اڳ ڏسڻ گهرجي تہ سندن ٻار جسماني ۽ ذهني طور تي ڪيترو سگهارو آهي! سمورا ٻار گهر کان پري نٿا رهي سگهن. نہ ئي بدصورت روين جو زهر اندر ۾ اوتيندي حواس قائم رکي سگهندا آهن. اهي ٻار روحاني طور تي اندر ۾ ختم ٿي وڃن ٿا. اڄ جو ٻار اڪيلو، ڏکارو ۽ ويڳاڻو آهي. ڇو تہ سندس خوشيون والدين جي خوابن ۽ خواهشن جي اڏيءَ تي چڙهي وڃن ٿيون، جيڪي هن مٿان اڻ وڻندڙ مضمون مسلط ڪري ٿا ڇڏين. جبري مضمون ۽ جبري شاديون سماج کي جذبن جو قبرستان بڻائي ڇڏينديون آهن.
منھنجي سھيليءَ جي پٽ جي جڏهن ٻاهرئين ملڪ جي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ٿي وئي تہ پوءِ هن ٻڌايو تہ او ليول جي آخري سال ۾ سندس پٽ جون مارڪون گهٽ آيون. اي يا بي کڻڻ وارو ٻار سي يا ڊي گريڊ تائين وڃي پھتو. پر هي پنھنجي ٻار کي گهٽ وڌ ڳالھائڻ بدران مستقل همٿائيندا رهيا. رزلٽ کانپوءِ اهو ڇوڪرو بيمار ٿي پيو. سندس دل جي رفتار هڪ منٽ ۾ هڪ سؤ ٽيھہ دفعا ڌڙڪندي هئي. ٻار جو باقاعدي ذهني ۽ جسماني علاج ٿيو. والدين بردباريءَ سان ٻار جي حوصلہ افزائي ڪندا رهيا. دلچسپ ڳالھہ اها تہ SATs جي پھرين ڪوشش ۾ فيل ٿيو، پوءِ بہ والدين کيس ڪجهہ نہ چيو. کيس خوشدليءَ سان چيائون ناڪامي، ڪاميابيءَ جو پھريون ڏاڪو آهي، تون ٻيھر ڪوشش ڪر. آخرڪار هن سٺن نمبرن سان امتحان پاس ڪيو. اهڙن مائٽن جي ڀيٽ ۾ مون اهڙا خاندان بہ ڏٺا آهن، جتي اهڙن ٻارن تي ٽوڪ ٺٺول ڪري کين ذهني مريض بڻايو ويندو آهي.
اڄڪلھہ هر ٻئي گهر ۾ ماروي جھڙا ٻار موجود آهن. اسان کي جيڪڏهن معاشري کي پاڳل خانو بنجڻ کان بچائڻو آهي تہ پوءِ پنھنجي اوچي معيار ۽ ٻٽن روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي.

منفي ۽ مثبت توانائيءَ ۾ ڦاٿل انسان!

هر انسان ۾ منفي ۽ مثبت سوچ موجود آهي، جيڪا حالتن مطابق هن تي حاوي ٿي وڃي ٿي. حالتن کان هٽي ڪري ڪي ماڻھو مزاجاً ناڪاري سوچ رکندا آهن، جن کي انرجي ويمپائرز سان ڀيٽي سگهجي ٿو. ان موضوع کي سمجهڻ کان اڳ اسان کي توانائي (Energy) کي سمجهڻو پوندو. اها قوت فطرت کان ويندي، انساني جسم ۾ موجود آهي. انسان جي اندر ذهني، جسماني ۽ روحاني توانائيءَ جا وهڪرا موجود آهن. ذهن جي سوچ جا وهڪرا جسم جي چوڌاري موجود رهن ٿا. منفي وهڪرو منفي سوچ رکندڙ ماڻھوءَ کي پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿو. جڏهن تہ سٺي سوچ جون لھرون ساڳئي خيال جي ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڇڪين ٿيون. اسان جي رابطي ۽ لاتعلقيءَ جو سبب بہ وجود جي چوڌاري موجود وهندڙ لھرن تي دارومدار رکي ٿو.
ويمپائرز خون پيئندڙ ڏانئڻ يا ڊريڪولا کي چيو ويندو آهي، جيڪي هالي ووڊ جي فلمن ۾ اوهان ڏٺا هوندا. پر اهو لفظ تشبيھہ طور انھن ماڻھن لاءِ بہ استعمال ٿئي ٿو، جيڪي انساني قدرن ۽ روين جو لحاظ نہ ڪندا آهن. پنھنجن اڻ وڻندڙ روين سان هو ماڻھن جي اندر جي سڄي توانائي چوسي کين بي ستو ۽ ناڪاره بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. فطري لاڙا خاموشي ۽ غير محسوس طريقي سان ڪم ڪندا آهن. ان ڪري طبي توانائيءَ جي ڏي وٺ، چوري يا ان کي ڪنھن خون پياڪ ڊريڪولا وانگر پيئڻ ممڪن آهي.
اهو ئي سبب آهي جو اوچتو ڪڏهن اسان کي محسوس ٿيندو آهي تہ اسان اندران خالي ۽ ڪمزور ٿي ويا آهيون. ان جو مطلب آهي تہ ڪو هڪ ماڻھو يا اڪثريت ۾ اسان جي توانائيءَ تي جيئرا آهن. اهي حاسدي ۽ گهٽ سھپ رکندڙ اهڙا ماڻھو آهن، جيڪي محبت جو ويس پھري اسان جي زندگيءَ ۾ داخل ٿيندا آهن، پر ڪنھن بہ وقت پيرن هيٺان زمين کسڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. جنھن بہ ماڻھوءَ جي اندر گهري احساس محرومي، شڪ، نفرت، احساس برتري يا ٻٽو رويو آهي، اهو ماڻھو انرجي ويمپائر آهي.
اهڙا ماڻھو جيڪي هر وقت ٻين جون شڪايتون ڪندا آهن يا گلا غيبت ۾ رڌل هوندا آهن، اهي خاموشيءَ سان ماڻھن جي توانائي پنھنجي اندر منتقل ڪري کين ساڻو ڪري ڇڏيندا آهن. ڪو معنيٰ خيز جملو، منفي ڳالھہ جيڪا عزت نفس کي مجروح ڪري يا ڪنھن جي اندر ڪشمڪش هجي تہ اها سوچ اڏوهي بڻجي ٻڌندڙ جي وجود کي کاٽ هڻڻ شروع ڪري ٿي ڇڏي.
حقيقت اها آهي تہ انھن توانائي چوسيندڙن کي سڃاڻڻ ڪو ڏکيو ڪم نہ آهي. ڇو تہ اهي ماڻھو پرڪشش، بھادر ۽ ذهين هوندا آهن. هو جلد ماڻھن کي پنھنجي شخصيت جي ڄار ۾ ڦاسائي وٺندا آهن. اهي ماڻھو ڪا بہ ذميواري کڻڻ ناهين چاهيندا، جنھن جي ڪري ماحول ۾ بي اطميناني ۽ ويڙھہ شروع ٿي ويندي آهي. اهي پھريان تہ ڪنھن طريقي سان ماڻھن کي پنھنجو عادي بڻائيندا آهن، پوءِ سندن احساسن ۽ جذبن سان کيڏڻ شروع ٿي ويندا آهن. انھن وٽ خوشنما ڳالھين جو خوبصورت ڄار هوندو آهي. خوداعتمادي کان وانجهيل، خوفزد ۽ ناخوش ماڻھو ٻين جي توانائي ۽ ذهني صلاحيتن سان ڄورن وانگر چنبڙي پوندا آهن.
آمريڪي ليکڪ البرٽ بريسنٽائين اهڙن ماڻھن کي اموشنل ويمپائرز سڏي ٿو، جن جي گڏ رهڻ يا واسطي ۾ اچڻ سان ماڻھو ٿڪل، پريشان يا ذهني انتشار ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن. ڇو تہ هر وقت منفي سوچ جو تڪرار يا مايوسي واريون ڳالھيون ٻڌندڙ تي ناخوشگوار اثر ڇڏين ٿيون. ايتريقدر جو جنھن ماحول ۾ حاسدي، شڪي، نفرت ڪندڙ ۽ احساس محرومي جو شڪار ماڻھو رهن ٿا، ان فضا ۾ بہ ڳريون ۽ ناخوشگوار لھرون هر وقت متحرڪ رهن ٿيون، جيڪي تابڪاري شعائن جھڙيون خطرناڪ ثابت ٿين ٿيون.
ان جو واحد حل اهو آهي تہ اهڙن ماڻھن کان پاسو ڪجي ۽ تڪراري ڳالھين جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي. ڇو تہ اهي ڳالھيون اسان جي ذهن ۽ جسم کي ناڪاره بڻائين ٿيون. ان ڪري بھتر آهي تہ تصوير جو ٻيو رخ بہ ڏسڻ گهرجي. ڪنھن مفڪر چواڻي تہ: ”دوستن کان اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش ڪيو، پر جيڪڏهن دوستي قائم رکڻي آهي تہ پوءِ انھن کي بہ اڳتي نڪرڻ جو موقعو ڏيو.“ اسان وٽ هڪ اهڙو ماحول پيدا ٿي ويو آهي، جتي هر ماڻھو ڪنھن نہ ڪنھن احساس برتري ۾ مبتلا ٿيندو ٿو وڃي. پاڻ پڏائڻ يا پنھنجي تعريف ڪرڻ بہ حاسدي روين کي جنم ڏئي ٿو. ان ڪري اعتدال وارن روين سبب زندگيءَ ۾ اجايا مسئلا پيدا نٿا ٿين. جڏهن ماڻھوءَ جي توانائي اهي انرجي ويمپائرز ختم ڪري ٿا ڇڏين تہ پوءِ آخر کيس ڇا ڪرڻ گهرجي؟ توانائي حاصل ڪرڻ جا ڪيترائي ذريعا آهن، جن کان اڪثر ماڻھو واقف نہ آهن. مثال فطرت جا منظر يا فطري ماحول ماڻھوءَ جي مونجهه، پريشاني يا ويڳاڻائپ کي ختم ڪري ٿو. پنڌ ڪرڻ، گهرا ساھہ کڻڻ، ساوڪ، درياھہ يا مخلص دوست سان ڪچھري انسان جي توانائي بحال ڪري ٿي ڇڏي.
جديد علم يا علاج جا طريقا، توانائي جي فعال وهڪرن تي ٻڌل آهن. مثال طور ريڪي، ريمبو ريڪي، هپناسس، فينگ شوئي، ڪلر ٿيراپي، زمين، وڻن، پاڻي ۽ باھہ جي وسيلن تي دارومدار رکن ٿا. ڪنھن بيمار ماڻھوءَ جي ذهن ۾ چڱا خيال پيدا ڪري کيس توانائيءَ جي طاقت بخشي سگهجي ٿي. اهڙا مثبت خيال تيزيءَ سان سفر ڪن ٿا ۽ وڃي پنھنجي منزل تي پھچن ٿا. ڇو تہ خيال کي فنا ڪونھي. سٺي خيال وٽ توانائيءَ جون لھرون موجود آهن، جيڪي شفا بخش آهن. مثبت سوچ يا خيال توانائيءَ جو سرچشمو ٿين ٿا. سوچ جو شفاف هجڻ بہ اندر جي قوت ۾ اضافو ڪري ٿو. تڪليف جو احساس يا اڻوندڙ روين جو ذهن ۾ ورجاءُ مستقل جسم جي توانائي کي نقصان پھچائيندو رهي ٿو. ان ڪري انسان وٽ ٻيو ڪو حل نہ آهي سواءِ ان جي تہ هو پنھنجي ذهن جو رخ تبديل ڪندي، سٺن خيالن ۽ ڪارائتي سوچ کي پنھنجو ساٿي بڻائي. هر ماڻھوءَ کي احساس جو دڳ گهرجي. اظھار، ماڻھو کي ترتيب ۽ توازن ۾ آڻي ٿو. ان کان علاوہ ادب جو مطالعو يا ڊراما ڏسي پنھنجي زندگيءَ جو عڪس پسجي تہ دل جو بار هلڪو ٿي پوي ٿو. اڻ وڻندڙ يا تڪراري رويا جڏهن ذهن ۾ پختا ٿي وڃن ٿا تہ هڪ ڏينھن رک ۾ دٻيل چڻنگ جيان ڀنڀٽ بڻجي ڀڙڪي ٿا اٿن. ڏکوئيندڙ روين کي وڌي وڻ ٿيڻ نہ ڏجي. اسرڻ کان اڳ ئي سندن پاڙ پٽي ڇڏڻ گهرجي. جيئن سماجي زندگي انتشار جي حوالي نہ ٿي وڃي. ڇو تہ انرجي ويمپائر، گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ پلجن ٿا. استحصالي قوتون کين جنم ڏينديون آهن.
دنيا جي منظرنامي تي بہ اهڙيون قومون نظر اچن ٿيون، جيڪي ننڍين ۽ پوئتي پيل قومن جي توانائي چوسڻ ۾ مصروف آهن. جيڪي سندن احساسِ محرومي ۽ ذهني وڳوڙ مان فائدو وٺي رهيون آهن. اهي قومون، هر پوئتي پيل قوم ۾ پاڻ جھڙيون ڄورون پيدا ڪري رهيون آهن. ساڳيءَ ريت اسان جي ملڪ ۾ بہ استحصالي قوتون، عوام جي بدحاليءَ جي ڪري جيئريون آهن. ڪي قومون وري ايتريون هوشيار ۽ موقع پرست آهن، جيڪي ٻين جي ذهني توانائي تي دارومدار رکن ٿيون.
موجودہ وقت ۾ چوڌاري جيڪا حالت آهي، اها ڇڙوڇڙ ۽ ويڳاڻن روين تي مشتمل آهي. دراصل ماڻھو پاڻ ۾ نٿا وڙهن، پر سندن محروميون مستقل هڪٻئي سان ٽڪراءُ ۾ آهن. ان جو واحد حل اهو آهي تہ هڪ ٻئي کي صبر سان ٻڌڻ جو پاڻ ۾ حوصلو پيدا ڪجي. غيرجانبدار ڪنن سان سندن ڳالھہ ٻڌجي. ماڻھو اهو ئي تہ چاهين ٿا تہ سندن احساس يا اظھار کي مڃتا ملي. کين توجھہ ۽ همدردي سان ٻڌو وڃي. قومن جي زندگيءَ کي اندروني ويڙھہ کاٽ هڻي کوکلو ڪري ٿي ڇڏي. بلڪل ائين غير منطقي ۽ سرد جنگ سماج کي هر طرح سان نقصان پھچائي ٿي. علم، ادب ۽ فن بہ اهڙي ماحول ۾ غير موثر ٿيو پوي. احساس محرومي کي صحيح دڳ ملي تہ ان ڪميءَ جي پس منظر مان فرد ناقابل تسخير طاقت بڻجي اڀرندا آهن.

احساس زندگي آهي!

احساس هڪ اهڙو لفظ آهي، جيڪو روزمرھہ زندگيءَ ۾ عام طور تي استعمال ٿئي ٿو. احساس کان بنان انسان فقط مشين بڻجي زندگي گذاري ٿو. احساس جو تعلق براھہ راست حواس خمسہ سان آهي.
انسان وٽ پنج حسون آهن، جن وسيلي زندگيءَ کي سمجهي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو. هڪ ڇهين حس بہ ٿئي ٿي، جنھن کي ’غير معمولي تصوراتي سوچ‘ (Extra Ordinary Perception Power) چيو وڃي ٿو، جنھن کي باطن جي ٽين اک يا ادراڪ جي نالي سان پڻ سُڃاتو وڃي ٿو، جنھن مطابق انسان کي اڳواٽ گهڻن معاملن جي پروڙ پوي ٿي. ان سان گڏ دور انديشي ۽ صحيح فيصلي جي سگهہ پڻ ادراڪي ڪيفيتن جو ڏانءُ آهي. انسان جا اهي پنج حسياتي محرڪ ڏسڻ، ٻُڌڻ، چکڻ، ڇُھڻ ۽ سنگهڻ جا وسيلا آهن، جيڪي اينٽينا جو ڪم ڏين ٿا. اندر ۽ ٻاهر جي دنيا جي تعلق کي ڳنڍي رکن ٿا.
اها حسياتي ڄاڻ، تنتي سرشتو، ڪيميائي اهڃاڻ طور استعمال ڪري ٿو. سموري ڄاڻ نيورونز ۾ جمع ٿئي ٿي، جنھن کي
Neural Network چيو وڃي ٿو. ڪجهہ ماڻھو حسياتي طور تي فعال ٿين ٿا، ڪي غير فعال يا سُست هوندا آهن. احساس تي طبعي حالتون، نفسياتي مونجهارا، کاڌا، زندگي گذارڻ جو ڍنگ، دوائون ۽ برقي لھرون (Electromagnetic Waves) اثرانداز ٿين ٿيون. گذريل وقتن ۾ زندگيءَ ۾ خيال منتشر نہ هو. هاڻ ماڻھو هڪ ئي وقت ۾ گهڻا ڪم ڪن ٿا، جيئن کاڌي کائڻ سان گڏ اخبار جو مطالعو جاري هوندو آهي. ٻار ٽي. وي ڏسڻ سان گڏ ٽيبليٽ تي گيم بہ کيڏي رهيا هوندا آهن يا اڪثر ماڻھو مختلف شعبن ۾ ڪم ڪن ٿا، هڪ ئي مھل تي گهڻن ڪمن جو ڪرڻ ڌيان کي ڇڙوڇڙ ڪري ٿو.
اڳي ماڻھو قدرتي طور تي ٽائيم شفٽ يا وقت جي منتقليءَ جي هنر کان واقف هو. ماحول يا صورتحال تبديل ٿيڻ سان سوچ جو انداز بہ بدلجي ويندو هو. ماڻھو جتي موجود هوندا هئا، ذهني توانائي ۽ سوچ جو رُخ بہ ان پاسي هوندو هو. پر هاڻ وقت هڪ هنڌ گذارجي ٿو تہ سوچ ٻئي پاسي پئي ڀٽڪندي آهي. آفيس، گهر جي ڊرائنگ روم جو ڏيک ڏيندي تہ گهرن ۾ آفيسن جا مسئلا پيا ذهن ۾ ڦرندا آهن. ماڻھو موجود هوندي، غير موجود ٿي وڃي تہ اها پنھنجي يا ٻين جي زندگيءَ سان وڏي ناانصافي آهي. زندگيءَ جا سمورا مسئلا ان ذهني غير حاضريءَ جي چوڌاري ڦرن ٿا. اها احساساتي ڇڪتاڻ جسم سان گڏ ذهن لاءِ بہ هاڃيڪار ثابت ٿيندي. اسان ذهن ۽ جسم جي وحدت کان اڃا تائين بي خبر آهيون. ذهن هڪ طرف آهي تہ جسم ٻئي پاسي ۽ روح جي ڪا خبر ئي ناهي! موجودہ دنيا جا مسئلا ڏينھون ڏينھن وڌي رهيا آهن، جنھن جي ڪري حواس خمسہ براھہ راست متاثر ٿي رهيا آهن. ڏسڻ جي حس جو ئي مثال ڏجي تہ بصري تاثر، سمجهہ يا يادگيريءَ جو حصو بڻجي ٿو. شين کي خالص رنگ ۾ ڏسڻ غيرجانبدار اکين جو گڻ آهي. ٻي صورت ۾ اسان اکين سان نہ، پر غلط نظريي جي عينڪ سان ڏسندا آهيون. بصري غلطي، احساس جي ٻيائيءَ جي صورت ظاهر ٿئي ٿي. انٽرنيٽ، موبائيل، وڊيو گيمز ۽ يڪسانيت حسياتي طور تي انسان کي غير فعال بڻائين ٿا، جن جو طبي ۽ نفسياتي اثر ناچاقيءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو.
جيستائين ٻُڌڻ جي حس جو تعلق آهي تہ جيڪڏهن ذهن شفاف نہ آهي تہ ٻڌڻ جو گڻ بہ ضايع ٿيو وڃي. ماحول ۾ شڪايتون، غلط فھمين ۽ پرائي پچار جو ذڪر ڪنن کي زنگ لڳائي ٿو ڇڏي. گهڻي ڀاڱي ڪم جي ڳالھہ ذهن ۾ رکي، باقي اجايون ڳالھيون ذهن مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجن، جنھن کي اڄڪلھہ لاڀائتي ٻڌڻي (Productive Listening) چئجي ٿو. غير ضروري ڳالھين جي ٻڌڻ جي عادت ڇڏڻ سان احساس ۾ وسعت پيدا ٿئي ٿي. ان کان علاوہ چکڻ ۽ سونگهڻ جون حسون هڪٻئي سان سلھاڙيل آهن. اهي بنيادي حسون آهن، جيڪي Reptilian Brain سان تعلق رکن ٿيون. ريپٽيلين برين جسم جا اهم ڪم ظابطي ۾ آڻي ٿو، جيئن دل جي ڌڙڪڻ، ساھہ جو سرشتو، جسم جي درجہ حرارت ۽ توازن تي قائم رکڻ وغيرہ.
نفسياتي مريضن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ انھن تي دوائون اثر نہ ڪنديون جيستائين سندن ريپٽيلين برين کي جمالياتي تحرڪ نہ ڏنو ويندو، جنھن ۾ رنگ، موسيقي، خوشبو ۽ سھڻا تصور شامل آهن. ذهن جي ان حصي جو ڪم تصوراتي تمثيلون جوڙڻ آهي. خوشبوءِ جو براھہ راست احساس سان واسطو آهي. خوشبو، احساس ۽ يادن کي متحرڪ ڪري ٿي. باغن يا مذهبي جڳھين تي گلن ۽ اگربتين رکڻ جو اصل سبب اهو ئي آهي. اهڙي ماحول ۾ وڃي، ماڻھو ذات جي خالص پڻي ڏانھن موٽ کائي ٿو. سُٺن خيالن ۽ سونھن سان سندس تعلق جڙي ٿو. اها خوشبوءِ شعور کي سوچ جي نئين سگهہ عطا ڪري ٿي. انساني سوچ يا شعور روين يا ماحول جي گدلاڻ سبب نقصان کڻن ٿا. ساڳي ريت گهڻي کنڊ، لوڻ، خواب آور دوائون، عام دوائون، فاسٽ فوڊ، ڪثرت سان گوشت واپرائڻ، شراب نوشي يا عام نشو وغيرہ انسان ۾ ڪاوڙ، لاتعلقي ۽ بي حسي پيدا ڪن ٿا. ڪيتريون دوائون، اعصابي نظام کي تباھہ ڪري ٿيون ڇڏين. سمجهہ جي سگهہ تي منفي اثر وجهن ٿيون. کاڌا يا مشروب روين ۽ احساس کي مُنجهائي ٿا رکن! جھڙوڪ چانھن، ڪافي، انرجي ۽ سافٽ ڊرنڪس جو استعمال وغيرہ. ساڳيءَ ريت طبي ۽ ذهني بيماريون احساس کي گهائل ڪري ٿيون وجهن.
اڄوڪي دنيا جي علمن ۾ ٻُڌڻ ۽ ڇُهڻ جي حس اهم سمجهي وڃي ٿي. مثال فطري آواز ڪنائڻ يا اندر جي لھرن يا آوازن کي ٻڌڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي قوت جو هجڻ، پر ڇھڻ جي حس ۾ شفا جون ڪرشماتي لھرون موجود آهن. جن ٻارن کي والدين جو ڇھاء ملي ٿو، اهي ذهني ۽ روحاني طور تي سگهارا ٿين ٿا انھن ٻارن جي ڀيٽ ۾ جيڪي ڇھاء کان محروم رهيا هجن.
سماجي زندگيءَ ۾ هٿ ملائڻ يا ڀاڪر پائي ملڻ جون روايتون اسان جي زندگيءَ ۾ شامل آهن. ڇھاءُ سان ان وقت ڪيميائي اثر، جنھن کي Love Harmone بہ سڏيو وڃي ٿو، جسم ۾ پيدا ٿئي ٿو، جيڪو ذهني دٻاءُ کان جسماني تڪليف تائين شفا ڏئي ٿو. هڪ ڀيڻ کي ڀيڻ جو ڇھاءُ ۽ ڀاءُ کي ڀاءُ جو ڀاڪر ڪيترن ئي ذهني عذابن کان نجات ڏياري سگهي ٿو. اهو ڇھاءُ اسان جي ٻارن اندر ويڳاڻائپ ۾ ڪمي آڻي ٿو سگهي.
انساني ڇھاءُ ۾ حيرت انگيز اثر آهي، جنھن کان سماجي زندگي اڻ واقف آهي. جذباتي زندگيءَ ۾ ڇھاءُ فقط جنسي ڪشش جو نالو نہ آهي. بلڪ اهو رشتن کي جيئارڻ ۽ شفا بخشڻ جي ذهني ۽ روحاني سگهہ آهي. جديد علم ريڪي هٿن جي ڇھاءُ جو ثمر آهي، جنھن ۾ ريڪي جو ماهر، جسم تي هٿ رکي مريض کي شفا ڏئي ٿو. پالتو جانورن کي ڇھڻ ۽ هٿ رکڻ سان بہ مالڪ جي جسم ۾ شفا ڏيندڙ ڪيميائي عمل کيس متحرڪ رکي ٿو، جنھن جي ڪري سڄي دنيا ۾ ماڻھو پکي ۽ جانور پاليندا آهن. احساس کي گهايل ناڪاري رويا ڪن ٿا، جن ۾ انا پرستي، حسد، احساس ڪمتري، ڏيکاءُ يا احساس برتري وغيرہ شامل آهن. پر سڀ کان وڌيڪ خوشين جي دشمن انا ۽ خودپرستي آهي.
اڄ سڄي دنيا ۾ احساس کي متحرڪ ڪرڻ، جيئارڻ ۽ انسانيت سان رابطي ۾ اچڻ لاءِ ڪيترائي تربيتي ادارا قائم ٿي چڪا آهن، جيڪي گهريلو زندگي ۽ مختلف ادارن جي ماحول ۾ احساس وسيلي توازن پيدا ڪرڻ جو ڏانءُ سيکارين ٿا. بي چين ۽ بي حس احساس جو علاج نہ ڪرڻ هڪ سنگين جُرم آهي. ان ڪري ئي معاشرا اوڙاھہ جو ڏيک ڏين ٿا، جتي زخمي احساس جي پرگهور جيڪر وقت تي نہ لڌي وڃي تہ اڳيان هلي اُهي اهڙي ناسور جي شڪل اختيار ڪري ڇڏيندا آهن، جن جي علاج جي ڪابہ صورت ممڪن ناهي رهندي.

ذهني پيڙا تخليقي سگهہ وڌائي ٿي

هر تخليقڪار ضروري نہ آهي تہ ڪنھن ذهني عارضي ۾ مبتلا هجي. پر اهو عام مشاهدو آهي تہ اڪثر تخليقڪار مختلف ذهني بيمارين ۾ مبتلا هوندا آهن. جديد تحقيق مطابق، ڊپريشن ۾ ورتل ماڻھو بھترين تخليقي سگهہ رکن ٿا. اهو سندن ڄاڻ ۽ سڀاءُ تي منحصر آهي تہ هو ڪيئن اداس ۽ ڇڙوڇڙ سوچن کي دڳ لائين ٿا.
ڊپريشن ۾ وڪوڙيل ماڻھوءَ جو ذهن پنھنجي ڪارڪردگي معمول مطابق ڏيکارڻ لاءِ تڪڙو ڪم ڪري ٿو، جنھن سبب تخليق سرجي ٿي. ان عارضي جو شڪار ماڻھو ان ڪيفيت مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ وسيلي طور مختلف طريقا اختيار ڪري ٿو. تخليقي عمل ذهني بيماريءَ جو بھترين حل آهي ڇاڪاڻ تہ تخليق ذهن جي اونداهيءَ سان وڙهڻ جو ڏانءُ رکي ٿي. چارلس ليمب، جان ڪيٽس، پڪاسو، وان گو، ارنيسٽ هيمنگوي، سلويا پاٿ، ليو ٽالسٽاءِ، ورجينيا وولف، جون ايليا، سعادت حسن منٽو، سارا شگفته، ثروت حسين، ميرا جي، ماٺيڻو اوٺو ۽ علي مھدي ذهني پيڙائن ۾ مبتلا رهيا.
اسڪزو فرينيا هڪ پُرتخيل ذهني بيماري آهي، جيڪا تخليقي فن جي ويجهو آهي. هن بيماريءَ کي شيزوفرينيا بہ چيو وڃي ٿو. هن وقت سڄو سماج ڪيترين ئي ذهني بيمارين ۾ ورتل آهي. انھن بيمارين ۾ ڊپريشن، اينگزائٽي، هسٽيريا، فوبيا ۽ اسڪزوفرينيا وغيرہ شامل آهن. هي بيماري موروثي هئڻ سان گڏ ناسازگار ماحول جي پيداوار ٿئي ٿي. ذهن ۾ رونما ٿيندڙ ڪيميائي تبديليون، مغز ۾ گري ميٽر (جنھن وسيلي ذهن کي معلومات ملي ٿي) جي اڻاٺ ذهني عارضي جو سبب بڻجن ٿا.
اسڪزوفرينيا جي مريضن جو حقيقت جي دنيا سان رابطو ڪٽجي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ تہ مختلف وهم، وسوسا، شڪ، غلط فھميون کين وڪوڙي وڃن ٿيون ۽ هو روزمرہ جي معاملن کان ڪٽجي وڃن ٿا. سندن رشتن ۽ رابطن ۾ وڳوڙ پيدا ٿي وڃي ٿو. مريضن کي ان ڪيفيت ۾ خيالي شڪليون نظر اچڻ لڳن ٿيون. اهي ڏيکارا، آواز ۽ علامتون بي بنياد ٿين ٿا. ڇاڪاڻ تہ انھن ڪيفيتن کي جنات سان منسوب ڪيو وڃي ٿو. مريض تصور جي هڪ عجيب ۽ پراسرار دنيا ۾ هليو وڃي ٿو، اهي وهم ۽ مغالطا مريضن کي تنھا ڪري ڇڏين ٿا. اهڙي حالت ۾ ڪجهہ مريضن کي ڪنھن مشھور شخصيت سان محبت ٿي وڃي ٿي.
ڪجهہ ماڻھو پاڻ کي ماورائي طاقت، علم ۽ فرضي ڪاميابين جو مرڪز سمجهندا آهن. اهي ماڻھو ويجهن رشتن تي شڪ ڪن ٿا ۽ کين ٻين مان بري ورتاءَ جي شڪايت رهي ٿي. کين اهو محسوس ٿيندو آهي تہ ماڻھو سندن خلاف سازشون سٽي رهيا آهن ۽ کيس نقصان پھچائڻ ٿا چاهين. انھن مريضن کي مختلف بيمارين جو وهم بہ ستائيندو رهي ٿو. منتشر ذهن سبب سندن گفتگو ۾ ربط قائم نہ ٿو رھي ۽ هو پاڻ سان ڳالھائيندا رهن ٿا. جڏهن تہ هو ماحول کان لاتعلق ۽ رشتن کان بي حس نظر ايندا آهن. ان دوران سندن تعليم ۽ ڪم جي ڪارڪردگي تمام گهڻي متاثر ٿئي ٿي. اهي صفائي سٿرائي ۾ بہ دلچسپي نٿا رکن ۽ روزمرہ جي ڪمن ڪارين ۾ عدم دلچسپي سبب بيزاري ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا.
گهڻو ڪري ذهني بيماريءَ جو سبب احساس محرومي آهي. جڏهن ذهني ويڇا وڌي وڃن ٿا، پنھنجائپ رخصت ٿي وڃي تہ پوءِ انسان جي ويڳاڻائپ ذهني مرض جو روپ ڌاري وٺي ٿي. ويھہ سال اڳ ڊاڪٽر ڪينڊس پرٽ سائيڪو نيورو اميونالاجي جو بنياد وڌو. ذهن منفي آهي تہ نيورونز (پيغام رسائيندڙ اعصابي جزا) منفي پيغام جسم جي تمام جيوگهرڙن تائين پھچائين ٿا، جنھن جي ڪري انساني جيو گهرڙا تباھہ ٿيڻ لڳن ٿا. پوءِ انسان، ذهني، جسماني ۽ روحاني بيمارين جو شڪار ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي تہ ذهني مونجهارا منفي سوچ ۽ پريشاني مھلڪ بيمارين جو سبب بڻجن ٿا.
اها ئي ساڳي سوچ قديم صوفين جي آهي تہ انسان کي مثبت سوچ ۽ رويا اختيار ڪرڻ گهرجن تہ جيئن جسم ۾ ساھہ جو سرشتو متاثر نہ ٿئي. غلط سوچ تباهيءَ جو رستو آهي. زندگي انسان جي سوچ جو عڪس آهي. وقت تي تشخيص نہ ٿيڻ ڪري نفسياتي مرض شدت اختيار ڪري وڃي ٿو. اهڙن مريضن کي جن جو سايو يا ماورائي اثر ڄاڻايو وڃي ٿو. سنڌ جي اڪثر عاملن جا آستانا اهڙن ذهني مريضن سان آباد آهن.
انساني ذهن ۾ ملين نيورو سيلز آهن، جيڪي ذهني ڪارڪردگيءَ ۾ ڀرپور حصو وٺن ٿا. اهي اعصابي جيوگهرڙا (نيورو سيلز) هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهن ٿا. ان طريقي ڪار کي Synapses چيو وڃي ٿو. اهو نيورونز جو ڳڙھہ آهي، جيڪو اعصابي نظام کي فعال ۽ متحرڪ رکي ٿو، جيڪو تجربي ۽ يادگيريءَ سان سلھاڙيل آهي. وڌيڪ سنيپسز جو مطلب مؤثر رابطو ۽ ذهن جي بھتر ڪارڪردگي آهي ۽ اهي کربن جي تعداد ۾ ذهن ۾ موجود رهن ٿا.
انساني ذهن ٻن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ هر حصي جو الڳ ڪم ۽ ذميواريون آهن. ساڄو حصو موسيقي، سُڃاڻپ، اظھار، تخليق، تصوراتي طاقت، وجدان، روحانيت، خواب، جذبات ۽ تخليقي سگهہ سان واسطو رکي ٿو. جڏهن تہ کاٻو پاسو زبان جي سکيا، تجزيو، سوچ، منطق، حقيقتن ۽ ترتيب سان ڳنڍيل آهي. ساڄي پاسي جي ذهن جو منفرد ڪيميائي اثر آهي. اسڪزو فرينيا جي مريضن جو ساڄو پاسو متحرڪ ٿئي ٿو. جنھن جي ڪري هڪ تخليقڪار جيان سندن تخليقي صلاحيت وڌي وڃي ٿي. انھن مريضن ۽ تخليقڪارن جي دماغ ۾ موجود Thalamus ۾ پروٽين جو تعداد گهٽ ٿئي ٿو، جن وسيلي ذهن تائين تڪڙي معلومات پھچي ٿي. ڊوپامين رسيپٽرز، منتشر خيالن جو سبب بہ ٿين ٿا. هڪ تخليقڪار جا خيال منتشر رهن ٿا. انڪري متنشر ذهن تخليق جو باعث بڻجي ٿو. ٻئي پاسي اسڪزوفرينيا جي مريضن جا خيال، وهم، وسوسا پڻ تخليق جي زمري ۾ اچن ٿا. ادب جو هڪ وڏو حصو منتشر سوچ، پرفريب تصور، وهم، وسوسن ۽ غير حقيقي سوچ تي مشتمل آهي. جيئن انگريزيءَ جي رومانوي شاعر سيميوئل ٽيلر ڪولرج جي جڳ مشھور نظم ”قبلائي خان“ محض ڏينھن ڏٺي جي خواب تي مشتمل آهي. شيڪسپيئر جا ڊراما ماورائي ڪردارن سان ڀريل آهن. انگريزي مشھور مضمون نگار چارلس ليمب جو مضمون ”ڊريم چلڊرن“ ۾ هڪ غير شادي شدہ شخص تصوراتي ٻارن سان گڏ رهي ٿو.
يورپ ۾ اهو بہ سوال اٿاريو ويو هو تہ ڪن مريضن جا ڏيکارا ۽ وهم ۽ نظر ايندڙ چهرا ڪٿي روحاني علامتون نہ هجن. ان ڏس ۾ پيراسائيڪالاجي جي ماهرن جو چوڻ آهي تہ ڪن ماڻھن ۾ غير معمولي صلاحيت Psychic Ability)) ٿئي ٿي. اڪثرماڻھو روحانيت کي فقط مذھب سان منسوب سمجهن ٿا جڏھن تہ روح جي دنيا مخصوص نظريي جي محتاج نہ ھوندي آھي. سندن خيال مطابق: ”بديءَ جون قوتون آسيب يا برا اثر ذهني وڳوڙ ۾ مبتلا منفي سوچ رکندڙ ماڻھن تي حاوي ٿين ٿا.“ يورپ ۾ جنن جي ٽوڙ جو هڪ حل ٽھڪن وسيلي علاج (Laughter Therapy) آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تہ خوشحال گهرن ۾ آسيب جو ذڪر ڇو نٿو ٿئي؟
ذھني ۽ جسماني بيماريءَ ۾ ورتل ماڻھوءَ ۾ هڪ روحاني سگهہ ٿئي ٿي. جيڪو ماڻھو تڪليف ڀوڳي ٿو، اهو ذهني طور تي سگهارو ٿئي ٿو. جيئن خالي پيٽ کي روحاني طاقت جو مظھر سمجهيو وڃي ٿو. صوفين چواڻي تہ: ”ذهني ۽ جسماني تڪليف جسم ۽ روح کي شفاف ۽ خالص بڻائي ٿي.“ اسڪزوفرينيا جي مريضن ۾ روحاني خاصيت ٿي سگهي ٿي. ڇو تہ هو شعوري طور تي حال کان ڪٽجي وڃن ٿا ۽ سندن لاشعور متحرڪ ٿي وڃي ٿو. لاشعور بہ ساڄي پاسي واري دماغ جي حصي سان تعلق رکي ٿو ۽ ساڄو دماغ وجدان، تصور ۽ روحانيت جو ترجمان آهي. هڪ صوفي يا وليءَ جو بہ لاشعور وڌيڪ فعال ٿي وڃي ٿو. روحانيت، لاشعوري عمل آهي. جڏهن تہ صوفي شاعري ۽ تصوف جي رمز پڻ لاشعوري وارتا آهي. بزرگن جا خواب، بشارتون ۽ پيشنگوئيون ساڄي ذهن جا ڪرشما آهن. لاشعور، ديوانگي جو مظھر آهي، جيڪو ماڻھو لاشعور جي ور وڪڙن مان نڪري وڃي ٿو سو دانا ٿيو پوي. ٻي صورت ۾ ديوانو يا مجذوب چورائيندو. سمجهہ ۽ ديوانگيءَ جي وچ ۾ هڪ باريڪ وڇوٽي آهي. ان ڪري اهڙن ماڻھن جي لفظن ۽ دعا ۾ اثر ٿئي ٿو. اها ذهن جي طاقت آهي، جنھن کي جديد دنيا ”مائنڊ پاور سائنس“ چئي ٿي. اڄ جي دنيا وهمن ۽ وسوسن ۾ ويڙهجي وئي آهي، جتي سچائي، وهم ۽ ڪوڙ کي دائمي حقيقت سمجهيو وڃي ٿو. اهي ديوانا، چريا، يا مجذوب ڪنھن خول ۾ بند نہ آهن، پر اهي باشعور انسانن جي بناوٽ ۽ اداڪاريءَ کان بي خبر آهن.
سچ تہ اهو آهي تہ دنيا کي تباھہ باشعور ماڻھو ڪري رهيا آهن، جن جي احساس جي روشنيءَ سان دنيا قائم آهي، انھن کي چريائپ ۽ ديوانگيءَ جو خطاب ڏنو وڃي ٿو.

ٻالڪپڻي جي معصوميت ۽ مصنوعي دنيا

ٻار قومن جو روشن آئندو آهن. اهي هن مصنوعي دنيا کي پنھنجي معصوم مرڪ سان ٻيھر فطري پڻي ڏانھن مائل ڪن ٿا. انگريزي شاعر وليم بليڪ معصوميت جي نغمن (Songs of Innocence) ۾ ٻار جي خوبصورت دنيا جي باري ۾ ٻڌائي ٿو، جيڪا هن جي تجربي جي گيتن (Songs of Experience) کان مختلف آهي.
وليم بليڪ ٻارن جي دنيا ۾ ننڍين ننڍين خوشين جو ذڪر ڪري ٿو. پکين جا گيت، پوپٽن جي اڏام، گلن جي سرهاڻ، ساوڪ جو حسن ۽ ڪائنات جا سمورا منظر، جيڪي ٻارن جي اکين ۾ حيرت ڀري ٿا ڇڏين. ٻار جي خوشي مشروط ناهي. پر احساس جو هڪ فطري وهڪرو آهي، جيڪو دنيا جي هر شيءِ کان وڌيڪ قيمتي ۽ اهم آهي. اهو ساڳيو ٻار تجربي جي دنيا ۾ اهي اتساهيندڙ ننڍيون ننڍيون خوشيون وڃائي ويھي ٿو. خواهش پرستي جي ڄار ۾ ويڙهجي وڃي ٿو.
اها حقيقت آهي تہ ٻار جي ذهني اوسر ننڍپڻ جي انھن اهم ڏينھن ۾ ٿئي ٿي. پر وڏن جي دنيا مختلف آهي، جيڪا تڪڙي تبديل نہ ٿي ٿئي. ڇو تہ عادتون پختيون ٿي وڃڻ جي صورت ۾ ذهني لاڙا بہ بي لچڪ محسوس ٿين ٿا، ان ڪري سماج جلدي نٿو بدلجي. ٻاهرئين سماج جي بدلجڻ جو طريقي ڪار سست ٿئي ٿو. پر جيڪڏهن اهو سماج پنھنجي ٻار تي توجھہ ڏئي ۽ سندس پرورش ذهني، اخلاقي ۽ روحاني قدرن کي آڏو رکي ڪئي وڃي تہ اهو ٻالڪ معاشري ۾ وڏي تبديلي آڻي سگهي ٿو.
Amy Chau هڪ چيني ماءُ آهي، جنھن ٻار جي پرورش جي حوالي سان ڪتاب لکيو آهي “Battle Hymn of the Tiger Mother” ان ڪتاب يورپ ۾ وڏي مقبوليت ماڻي آهي، جنھن لاءِ ايمي چوي ٿي تہ: ”مون جڏهن اها آتم ڪٿا ڇپرائڻ جو فيصلو ڪيو تہ منھنجي سوچ اها هئي تہ ڀلا ماڻھن کي هڪ غير معروف عورت جي زندگيءَ جي باري ۾ ڄاڻڻ جو ڪھڙو تجسس هوندو! پر جڏهن ڪتاب شايع ٿيو تہ ان کي منھنجي سوچ جي برعڪس تمام گهڻو ساراهيو ويو.“ اها حقيقت آهي تہ چائنا جو سمورو سماج خلوت پسند آهي. اهڙي صورتحال ۾ اهڙو ڪتاب ڇپرائڻ هڪ مشڪل فيصلو هو. ان ڪتاب ۾ ايمي، ٻار جي پالنا جي باري ۾ لکي ٿي تہ هن ڪيئن پنھنجن ٻارن جي پالنا ڪئي آهي. ڪيئن هن ڏکيا فيصلا ڪيا آهن، جن تي کيس ثابت قدم رهڻو پيو آهي. هوءَ لکي ٿي تہ جيڪڏهن ٻار کي پنھنجي مرضيءَ تي ڇڏيو ويندو تہ هو ڪوبہ غلط قدم کڻي سگهي ٿو. ان ڪري کيس زندگيءَ جي هر قدم تي والدين جي رهنمائي گهرجي.
جي. ايم. مھڪري پنھنجي ڪتاب “Reconstruction of Sindh” ۾ ٻالڪپڻي جي راندين کي سندن ذهني اوسر لاءِ اهم سڏي ٿو. سندس خيال آهي تہ سنڌي ٻار، جپاني ٻار کان وڌيڪ ذهين ۽ هوشيار ٿئي ٿو. ٻار جيڪي ننڍپڻ ۾ رانديون کيڏن ٿا، اهي سندن ذهني تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.
ليکڪ راند جو مثال ڏيندي چوي ٿو تہ اها راند ٻار ۾ ترتيب، دورانديشي، فيصلي جي سگهہ ۽ تجربو وڌائي ٿي. اها حقيقت آهي تہ اڄ جو ٻار اهي رانديون نٿو کيڏي، جيڪي هن ۾ سھپ، سھڪار ۽ ايثار جھڙا گُڻ پيدا ڪنديون هيون. شھرن جا ٻار بہ راند ۽ جسماني مشقن جھڙي صحتمند ورزشن کان پري آهن. راند، ٻار ۾ برداشت، ملي جلي رهڻ جو ڏانءُ ۽ ذهني وشالتا جھڙا گُڻَ پيدا ڪري ٿي. راند جي موقعي کان وانجهيل ٻار شخصي تربيت کان محروم رهجي وڃن ٿا. کلي فضا ۾ راند روند، ٻار جي فڪري ۽ روحاني اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
ڪجهہ ڏينھن اڳ هڪ ٻيو ڪتاب منھنجي نظر مان گذريو، جيڪو ڊبليو. ايس. اسٽونر جو آهي، ڪتاب جو نالو ”نيچرل ايجوڪيشن“ آهي، جنھن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. ان ڪتاب ۾ ليکڪا پنھنجي ڌيءُ جي پرورش جي طريقي جي باري ۾ ٻڌائيندي لکي ٿي تہ: ”مون تصوراتي قوت جي رستي وميءَ کي ويچار ڪرڻ بہ سيکاريو، جنھن لاءِ کيس سٺا ناٽڪ ڏيکاريندي هيس ۽ کيس قدرتي نظارن جي باري ۾ سٺيون آکاڻيون ۽ گيت بہ ٻڌائيندي هيس. خيالي عڪس جوڙڻ ڪري ٻارن ۾ جوش پيدا ٿيندو آهي، جنھن ڪري هو خوش رهندا آهن. ڪيترا مائٽ اهو خزانو ٻارن کان کسيندا آهن ۽ انھن جو جوش ڊاهي ڦٽو ڪندا آهن. مون کي ياد آهي تہ ڪنھن سانجهيءَ مهل هڪڙي ننڍڙي ڇوڪري آسمان ڏانھن نھاريندي ماءُ کي چيو تہ: ”امي ڏس تہ گلابي ڪڪر ڄڻ تہ گلابي آئس ڪريم وانگي آهن.“ تنھن تي سندس ماءُ ورندي ڏني تہ: ”ڪھڙي نہ چري آهين! ڪڪر سان آئسڪريم کائڻ جي ڀيٽ ڪرين ٿي. ائين چئي ٻار جي دل ڊاهي رکيائين. پوءِ وري ٻار وات نہ کوليو.“ حقيقت ۾ ٻار ۽ والدين جي وچ ۾ رابطي جو ذريعو گفتگو ئي آهي، جنھن وسيلي ٻار دنيا جي باري ۾ معلومات حاصل ڪري ٿو، پر موجودہ دور ۾ ٻار ۽ والدين ۾ گفتگو جو رابطو نہ هئڻ جي برابر آهي.
ماءُ جو ڇھاءُ ۽ لفظن جو يقين، ٻار جي ذهني ۽ جسماني تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، جنھن جي اڻھوند سبب ٻار حسياتي طور سست ۽ ذهني طور تي غير فعال رهن ٿا. ٻار جون حسون ان وقت تيزيءَ سان ڪم ڪن ٿيون، جڏهن ماءُ پيءُ ٻار کي روزمرہ جي زندگيءَ جي سموري چرپر، فطرت، جانورن ۽ ماحول جي باري ۾ ڄاڻ ڏيندا رهن ٿا. ساڳئي وقت جڏهن ٻار اظھار ڪري ٿو تہ نہ صرف سندس ڳالھہ ٻڌي وڃي، پر کيس اظھار لاءِ همٿايو بہ وڃي. ڇو تہ سمورا مشاهدا ۽ تجربا ٻار جي ذهن ۾ موجود هوندي بہ هو انھن کي موزون لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهي. حوصلہ افزائي ٿيڻ جي صورت ۾ ٻار کي پنھنجي ذات جي اظھار جي عادت پوندي. ڏٺو اهو ويو آهي تہ اڪثر رشتا، دوستيون ۽ ناتا خاموشيءَ جي نذر ٿي اهميت وڃائي ويھندا آهن. موثر اظھار رشتن کي مضبوطي عطا ڪري ٿو. هن جديد دنيا ۾ زندگيءَ جو بھتر معيار گفتگو جي ڏانءُ تي منحصر آهي.
اسٽونر لکي ٿي: ”مون پنھنجي ڌيءُ سان ڄائي ڄم کان سٺي، صاف ۽ صحيح ٻولي ڳالھائڻ شروع ڪئي. چوڌاري هڪ هڪ شيءِ ڏيکاري ان جو نالو ٻڌائيندي هيس. نتيجو اهو ٿيو جو هڪ ورهيه اندر ئي هوءَ صاف ڳالھائڻ سکي وئي. منھنجي اها سوچ هئي تہ جيڪڏهن ومي پينگهي ۾ صحيح ڳالھائڻ سکيو تہ سڄي عمر صحيح ڳالھائيندي. اٺن ورهين تائين کيس گرامر نہ سيکاريم، پر ان جي باوجود بہ هوءَ ڳالھائڻ ۾ ڪا غلطي نہ ڪندي هئي“. جيستائين ٻار جي ابتدائي تعليم جي ڳالھہ آهي تہ اهو چيو وڃي ٿو تہ ٻار کي ابتدائي تعليم مادري زبان ۾ ڏني وڃي تہ جيئن هو پنھنجي تھذيب ۽ ثقافت جي ويجهو رهي سگهي. پنھنجي ٻولي، ثقافت، رسم و رواج ۽ تاريخي ورثي جي اهميت کي سمجهڻ واري قوم سدائين سرخرو رهي ٿي.
جديد طرز تعليم جو ميڊيم انگريزي زبان آهي. St. Michaels Hopkins مطابق ٻہ يا ٻن کان وڌيڪ زبانون ابتدائي دور ۾ سکڻ ۽ ڳالھائڻ وارا ماڻھو، الزائمر جي بيماري يا ذهني مونجهارن کان محفوظ رهن ٿا. ڊاڪٽر شوئيزو جو چوڻ آهي تہ ٻن زبانن ڳالھائڻ وارا (Bilingual) ماڻھو مستقل پنھنجو ذهن استعمال ڪن ٿا، جنھن جي ڪري سندن ذهن متحرڪ رهي ٿو. جديد تحقيق مطابق شروعاتي دور ۾ ٻار جڏهن ٻہ زبانون سکي ٿو تہ هو حڪمت عملي مسئلن (Strategic) جوڙيندڙ ٿئي ٿو، جنھن سان يڪسوئي ۾ اضافي سان رويي ۾ توازن پيدا ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي تہ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ابتدائي تعليم انگريزي ۾ ڏني وڃي ٿي تہ جيئن ٻار کي جديد دنيا جي بدلجندڙ تقاضائن کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي.
انگريزي زبان جي ڪري دنيا جون ڪيتريون ئي اصلوڪيون ٻوليون ۽ ثقافت ميسارجي چڪيون آهن. اسان وٽ بہ اسڪولن ۾ ٻارن جي اڪثريت تعليم انگريزيءَ ۾ پرائي ٿي. ٿيڻ تہ ائين گهرجي تہ شروع کان وٺي مادري زبان جو مضمون کين پڙهايو وڃي. جيستائين عملي طور تي اهڙي قسم جو ڪو قدم کنيو وڃي، تيستائين والدين کي مادري زبان سيکارڻ جا اُپاءَ وٺڻ گهرجن.
اها حقيقت آهي تہ انگريزي زبان ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻارن جا والدين پنھنجن ٻارن جي مستقبل کي محفوظ سمجهن ٿا. پر ٻار لاءِ ابتدائي عمر ۾ پنھنجي لوڪ ادب، آکاڻين کان آگاھہ هئڻ تمام ضروري ٿيو پوي. پر پنھنجي ٻولي، ثقافت ۽ تھذيب کان اڻ واقف نئون نسل ڪاغذي گلن جيان ڏيک ڏئي ٿو، جنھن جي ظاهري سونھن فطري خوشبوءِ کان محروم آهي.

توھم پرستيءَ جو مضبوط حصار

سنڌ جي سماجي تاڃي پيٽي ۾ خوف جي نفسيات واضح طور ملي ٿي؛ خوف، عدم تحفظ جي پيداوار ۽ اڻپورين خواهشن جو محرڪ آهي، جتان توھم پرستيءَ جو سلسلو شروع ٿئي ٿو. توھم پرستيءَ جو اهو رجحان پوري دنيا ۾ ملي ٿو.
مشرق هجي يا مغرب ماڻھو بديءَ جي قوتن، برن اثرن ۽ غير مرئي طاقتن تي يقين رکن ٿا. پر جتي ماڻھو عملي طور تي وڌيڪ سجاڳ آهن، اتي ذات جي خود اعتمادي ۽ يقين انھن سمورن وهمن ۽ وسوسن تي حاوي ٿي وڃن ٿا.
سنڌ ۾ اڄ بہ ڪيترائي ماڻھو موجود آهن، جن تي جنن جو اثر ٻڌايو وڃي ٿو. انھن ۾ نوجوان ڇوڪرين ۽ عورتن جو وڏو تعداد شامل آهي. عورتن ۾ نفسياتي بيماريون شيزوفرينيا ۽ هسٽيريا عام آهن. خاص طور تي شيزوفرينيا جا مريض خيالي فريب (Hallucination) ۾ مبتلا هوندا آهن. جنھن ۾ مريض کي عجب شڪليون نظر اينديون آهن ۽ غير حقيقي خيال ايندا آهن. اهي مريض پنھنجو پاڻ سان ڳالھائيندا آهن. شڪي مزاج هوندا آهن. کين محسوس ٿيندو آهي تہ ڪو ماڻھو يا سڄي دنيا سندن خلاف سازش ڪرڻ ۾ مصروف آهي. کين ڪنن ۾ آواز پڻ اچن ٿا.
انھن سمورين ڪيفيتن کي ماورائي واقعن سان منسوب ڪيو وڃي ٿو. جڏهن تہ اهي نفسياتي بيماريون آهن، جن جو علاج ممڪن آهي. زمين کان آسمان تائين هن ڪائنات جي هر شيءِ مثبت يا منفي اثر رکي ٿي. قبرستان ۾ ويران ۽ ڀوائتو ماحول ٿئي ٿو. جڏهن تہ باغ سونھن ۽ فطري توانائيءَ جو محور هوندا آهن.
جيڪڏهن ڪنڊن جي تصور کي ذهن ۾ آڻبو تہ ڪنڊا محسوس ٿيندا ۽ جيڪڏهن گلاب جي باري ۾ سوچبو تہ رنگ، خوشبو ۽ نزاڪت سان احساس واسجي ويندو. فطرت ۾ موجود فطري توانائي، جا منفي ۽ مثبت وهڪرا پڻ انسان جي سوچ ۽ مزاج تي اثرانداز ٿين ٿا. ڪڏهن تہ انسان پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪندو آهي تہ ڪڏهن سندس حالت خراب ٿيڻ لڳندي آهي. ان جو تعلق بہ گهڻو ڪري ماحول، موسمياتي تبديلين ۽ جاگرافيائي حالتن سان آهي.
Dr. Patrick جي مطابق، جڏهن ڪنھن جڳھہ تي تمام گهڻو ذهني ۽ جذباتي دٻاءُ محسوس ٿئي يا انساني جانن جو زيان ٿئي تہ ان زمين تي منفي اثر موجود هوندو آهي، جيڪو صحت ۽ مزاجن تي اثر رکي ٿو، جنھن جو مثال جنگ جا ميدان آهن. ذهني ۽ جذباتي هيجان هڪ ڄميل، بيچين ۽ لاتعلق قوت کي حاوي رکي ٿو.
سنڌ جي هر مزار تي حالتن جا ستايل ماڻھو نظر اچن ٿا. سجاول کان ڪجهہ ميلن جي فاصلي تي شاھہ يقيق جي مزار آهي. ڪجهہ عرصو اڳ ان مزار تي وڃڻ جو اتفاق ٿيو. هڪ نوجوان ڇوڪري، جنھن جا پير اگهاڙا هئا ۽ سندس ڊگها وار هوا ۾ اُڏامي رهيا هئا، ان مزار جي چوڌاري ورانڊي ۾ چڪر ڪاٽي رهي هئي. هڪ عجيب تڙپ سندس آواز جي پڙلاءَ ۾ محسوس ٿي رهي هئي. سندس تيز ساهن ۾ هو... هو.... هو جو ورجاءُ ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. اکين ۾ ٽانڊا ٿي ٻريس. چھري تي وحشت جا آثار نمايان هئس ۽ مسلسل ڊوڙي رهي هئي. انھن ساحلي علائقن جون هوائون ايتريون تيز آهن جو لڳندو آهي تہ ڄڻ گنھگار روح ماتم ڪري رهيا هجن. ان وقت عجيب پراسراريت محسوس ٿي رهي هئي. ان ڇوڪريءَ کي گهر وارا جن ڪڍرائڻ لاءِ وٺي آيا هئا.
اتي ٻيا بہ ڪيترائي پيرسن ماڻھو هئا، جن ٻڌايو تہ کين اولاد يا ڪن کي مٽ مائٽ هتي ڇڏي ويا آهن ۽ وري موٽي حال نہ پڇيو اٿن. انڪري اڪثر انھن مزارن تي ’اولڊ هومز‘ جو گمان ٿيندو آهي. هونئن بہ سنڌ جي ٻھراڙين ۾ پيرسن ماڻھن لاءِ اولڊ هومز جو ڪو تصور ئي نہ ٿو ملي. نہ يتيم ۽ لاوارثن لاءِ ڪي سٺا ادارا وجود رکن ٿا. ياد آهي تہ ننڍپڻ ۾ اسان جڏهن سيوهڻ ۾ رهندا هئاسين تہ امان اڪثر قلندر جي مزار تي وٺي ويندي هئي. سنڌ جي مختلف مزارن تي بہ ساڻس وڃڻ جو اتفاق ٿيو.
مون مزارن جي ڪلچر کي ويجهو کان ڏٺو آهي. فقيرن جي صوفي ڪلامن جي آلاپن ۾ سنڌ جي فضائن کي وجد جي ڪيفيت ۾ رقص ڪندي محسوس ڪيو آهي. مزارون رڳو گلن، اگربتين جي سرهاڻ ۽ دعائن جو مرڪز نہ آهن. بلڪہ اهي مزارون سماجي هلچل ۽ رابطن جو محرڪ پڻ آهن. انھن تي ٿيندڙ ميلا ملاکڙا، ادبي ڪچھريون، صوفي فقيرن جو ڪلام ۽ لوڪ ورثي جو ورجاءُ ٿيندو رهي ٿو.
هونئن بہ چيو وڃي ٿو تہ عبادت گاهون مثبت قوت سان مالا مال ٿين ٿيون. ڇو تہ اتي ماڻھن جي ميڙ جي طاقت موجود رهي ٿي. پر ماڻھن جو اهو عقيدو تہ کين سک ۽ خوشيون مزارن تان ملنديون؛ بيمارن کي شفا بہ اتان ئي ملندي تہ اھو تصور غلط آھي. شفا انسان جي اندر جي يقين جو نالو آھي. جڏهن تہ انھن ذھني و جسماني پيڙا ۾ مبتلا ماڻھن کي ترت طبي امداد جي ضرورت هوندي آهي.
سيوهڻ ۾ لعل شھباز قلندر جي مزار تي هر خميس تي ڌمال ٿيندي آهي. اتي ڪيف ۽ مستيءَ جو عجيب منظر ايندو. هڪ ئي ردم تي ڌمال وجهندڙ ماڻھو تڙپ، جستجو ۽ اندر جي اڌمن تي سرمستيءَ جي ڪيفيت ۾ جهومندا آهن. جنن ورتل ڇوڪريون ۽ عورتون اڪثر ڌمال هڻندي بيھوش ٿي وينديون آهن. عورتن جي هجوم ۾ هڪ ڳاڙهو وڳو پاتل ڪنوار نظر آئي. گهر جي عورتن جي ميڙ ۾ بي ستي ليٽي پئي هئي. ڇوڪري تمام گهڻي خوبصورت هئي. کيس دورو پئجي ويو هو. هڪ پيرسن گلاس ۾ پاڻي کيس پيارڻ لڳو ”هي ڪير آهي؟“ ڀرسان ويٺل عورت کان پڇيم.
چوڻ لڳي، ”اهو سندس مڙس آهي.“
اهو حالتن جو جن هن ڇوڪري کي ماري وجهندو!
اهو سوچي خاموشي سان ان ڪنوار کي ڏسڻ لڳس، جنھن جي اکين ۾ جستجو هئي. تڏهن محسوس ٿيو، ڄڻ جن جو لفظ ڏکن جو استعارو هجي.
هڪ تمثيل هجي هجر جي،
منتشر خوابن جي ڄڻ ڪا تشريح هجي. جڏهن رشتا هڪٻئي کي سمجهي نٿا سگهن، سک بدران عذاب ورهائڻ لڳن تہ اهي ڏک، جنن جو روپ ڌاري وٺندا آهن. عورت لفظ کان کين خوف ايندو آهي. اهو لفظ سندن جسمن کي زخمن سان ڀري ڇڏيندو آهي. سندن اکين ۾ خوف ليئا پائيندو آهي. ڪو جرم نہ ڪرڻ جي باوجود پاڻ کي ڪمتر سمجهڻ تي مجبور ٿي وينديون آهن. پوءِ جڏهن مرد جي آواز ۾ ڳالھائينديون آهن تہ هر ڪو سندن خيال رکي ٿو. هو ڄاڻي واڻي اهو ورتاءُ نہ ٿيون ڪن. پر لاشعور کانئن اهو عمل ڪرائي ٿو.
بيماريءَ جي شروعاتي ڏينھن ۾ جڏهن انھن عورتن کي جن جو سايو هئڻ جي خبر پوي ٿي تہ سندن ذهن هڪدم ان ڳالھہ جو اثر قبول ڪري وٺي ٿو. هنن جي پنھنجي مشاهدي ۾، جنن ورتل ماڻھن جو تصور، رويو، گفتگو جو طريقو محفوظ آهي. پوءِ هو لاشعوري طور تي اهي رويا اختيار ڪري وٺن ٿيون. اڪثر نظر انداز ٿيل ٻار توڙي وڏا مستقل بيمار رهندا آهن. هو گهر وارن جي توجھہ حاصل ڪرڻ چاهيندا آهن.
هسٽيريا ۽ شيزوفرينيا جي شروعاتي ڏينھن ۾ مريضن جو هڪدم علاج ڪرايو وڃي تہ بيماريءَ جو خاتمو ڪنھن حد تائين ممڪن آهي. ڪجهہ عرصو اڳ جي ڳالھہ آهي تہ مون هڪ اهڙو معاملو ڏٺو، جنھن لاءِ گهر وارن جو خيال هو تہ کيس جن جو اثر آهي. ان ڇوڪريءَ کي تيز بخار بہ رهندو هو. گڏوگڏ عجيب و غريب شڪليون نظر اينديون هيس. اسان سندس گهر وارن کي مشڪل سان سمجهائي کيس اسپتال ۾ داخل ڪرايو. پوءِ ڊاڪٽر ٻڌايو تہ سندس ڪرنگهي ۾ پاڻي ڀرجي ويو هو، جنھن کي Cerrebro Spinal Fluid چوندا آهن. ان بيماريءَ ۾ بہ مريض کي هيليوسينيشن ٿيندي آهي. يعني هو عجيب و غريب شڪليون ڏسندا آهن، جنھن کي ماورائيت سان منسوب ڪيو ويندو آهي.
ڊاڪٽرن جو خيال هو تہ اها رات ڇوڪريءَ جي زندگيءَ جي آخري رات ثابت ٿئي ها، جيڪڏهن کيس اسپتال نہ آندو وڃي ها! ڪجهہ طبي حالتن ۾ بہ مريض جي اهڙي ڪيفيت ٿي وڃي ٿي، جنھن جون ڪڙيون توھم پرستيءَ سان ملايون وڃن ٿيون. اهو ئي سبب آهي تہ اڪثر بروقت علاج نہ ٿيڻ سبب اهي ذهني ۽ جسماني بيمار ماڻھو اجل جو شڪار ٿي ويندا آهن.

ڄاڻ جا منفي ۽ مثبت پاسا!

جتي علم اندر اجارڻ جو ذريعو آهي تہ اتي ڄاڻ زندگيءَ جي بھتريءَ جو وسيلو آهي. علم فقط ڊگرين يا سندن تائين محدود نہ آهي، بلڪ وسيع مشاهدي ۽ تجزيي جو نچوڙ ٿئي ٿو. اڄوڪي دنيا ۾ علم محض ڊگري حاصل ڪرڻ جو نالو رهجي ويو آهي.
ڏٺو وڃي تہ علم جون مختلف شاخون آهن، جيڪي زندگيءَ جي مختلف شعبن جي نمائندگي ڪن ٿيون. هر مضمون پنھنجي وسعت ۾ گهرو ۽ بامعنيٰ آهي. ڪنھن مضمون ۾ مھارت حاصل ڪرڻ لاءِ فقط مطالعو ڪافي نہ آهي، پر ان مضمون سان لاڳاپيل عملي ڄاڻ بہ حاصل ڪرڻي پوي ٿي. عملي ڄاڻ مشاهدي جي وسيلي حاصل ٿيندي آهي. ٻيءَ صورت ۾ انھيءَ علم جو اصل مقصد حاصل نہ ٿو ٿئي.
علم جو بنيادي مقصد ذات ۾ بھتري آڻڻ آهي ۽ ان بھتريءَ وسيلي انسانيت جي ڀلائيءَ لاٰ ڪم ڪرڻ جو اتساھہ ملي ٿو. پر جڏهن تعليم فقط ذاتي فائدي جو سبب بڻجي ٿي تہ معاشرا اندروني انتشار جو شڪار ٿي وڃن ٿا. پھرين ۽ ٻي مھاڀاري جنگ دوران جتي يورپ جي ملڪن ۾ وڏي تباهي آئي، اتي برطانيا ۽ جرمني جي سياسي اڳواڻن پاڻ ۾ اهو معاهدو ڪيو تہ ٻنھي ملڪن جي مکيه تعليمي ادارن تي بمباري نہ ڪئي ويندي، جنھن جو نتيجو اڄ دنيا جي سامھون آهي. يورپ جا ملڪ علم جي طاقت ساڻ ڪري ٻيھر دنيا جي نقشي تي نروار ٿيا. هنن ماضيءَ مان سبق پرائي پنھنجي حال کي بھتر بڻايو. قومن لاءِ شفاف ۽ غير جانبدار تعليمي نظام ڪيترو نہ ضروري آهي، جنھن جو اندازو ملڪي حالتن مان لڳائي سگهجي ٿو. تعليم جي غير معياري نظام اسانکي اخلاقي تباهيءَ جي ڪناري تي آڻي بيھاريو آهي.
ساڳي صورتحال ٽين دنيا جي ملڪن جي آهي، جتي علم آدرشي انسان گهٽ پر موقع پرست ماڻھو وڌيڪ پيدا ڪري رهيا آهن. پائولو فريري چواڻي تہ: ”پيڙجندڙ ماڻھو ٻٽن روين جو شڪار ٿين ٿا، جيڪو رويو سندن ذهنن ۾ گهر ڪري وڃي ٿو. هو اهو انڪشاف ڪن ٿا تہ آزاديءَ جي بغير صحيح طور تي وجود کي ماڻي نٿو سگهجي. جيتوڻيڪ اِهي سچي وجود جي خواهش ڪن ٿا، پر هو ان خواهش جي اظھار کان خوفزد آهن. هو هڪ ئي وقت جابر بہ آهن تہ مظلوم به، جن جابرن جي شعور کي ذهنن تي مسلط ڪري ڇڏيو آهي.“ برازيل جي ان تعليمي ماهر نہ فقط تعليم جي ميدان ۾ پنھنجي فڪري اُڏام سان تبديلي آندي، پر قومي ترقيءَ جي جدوجھد ۾ بہ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو.
پر اسان کي نہ اهڙا تعليمي ماهر مليا؛ نہ ئي ساڃاھہ وند، جيڪي ذاتي مفاد کان مٿانھون ٿي سوچيندا هجن. جيڪڏهن ڪي اهڙا ماڻھو آهن بہ تہ انھن گمناميءَ جون ڪنڊون وڃي وسايون آهن.
ڏٺو وڃي تہ سامراجي سوچ اها آهي تہ ماڻھو غفلت جو شڪار رهن، يا کين چور دروازي کان اندر گهڙڻ جو هنر ڏنو وڃي. جيئن صلاحيت بدران موقعي پرستيءَ جا چوپاسي چوٻول هجن. هو احسانمند رهي سندن ساک جا گڻ ڳائيندا رهن. هر سماج جا ڪاميابي ماڻڻ جا مختصر رستا ٿين ٿا، جيڪي گهڻا جٽادار ثابت نٿا ٿين. پر پاڻ ڀرائيءَ تحت منزل ماڻيندڙن جو ضمير سدائين مطمئن رهي ٿو. اهو اطمينان ئي آهي، جيڪو کين سدائين متحرڪ رکي ٿو. ٿامس جيفرسن چواڻي تہ: ”ايمانداري، ڏاهپ جي ڪتاب جو پھريون باب آهي.“ سوچ جي سچائي ساڻ آهي تہ پھريون قدم ۽ پھريون ڏاڪو اهم ٿئي ٿو، پر ٻيائيءَ جو ميوو مٺو هوندي بہ ماڻھو نٿو ڍاپجي. منفي ڄاڻ پاڻ ڏانھن ڌيان جلد ڇڪرائي ٿي. اسان وٽ منفي سوچ ۽ رويا وڌيڪ مقبول آهن. ڳالھہ مڃرائڻ لاءِ زور سان ڳالھائڻو پوي ٿو. بقول اوشو جي تہ: ”ڄاڻ مڪاري سيکاري ٿي“. يعني ماڻھو زبان جا جوهر ڏيکاري، صورتحال کي پنھنجي ذاتي فائدي ۾ بدلائي سگهي ٿو. اهو اهڙو ڊائلاگ ٿو جوڙي، جنھن جي ڪري گهٽ ڄاڻ ۽ ذاتي تجزيي جي صلاحيت کان محروم انسان سندس لفظن جي ڄار ۾ ڦاسي پون ٿا. لفظن جا اهي بازيگر مطلب جي هر خاني ۾ ٺھڪي بيھن ٿا.
اڄڪلھہ تڪڙي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جا مختلف نسخا بازار ۾ دستياب آهن، اڳي کاڌا ۽ ڪپڙا ريڊي ميڊ ملندا هئا. هاڻي ڪاميابي، ڊگريون، اسڪالرز، دانشور بہ ان دائري ۾ شامل ٿي ويا آهن. ڪنھن بہ شيءِ لاءِ ڪا وڏي محنت نٿي ڪرڻي پوي. شاگرد پڙهڻ کانسواءِ ئي امتحانن ۾ پاس ٿي وڃن ٿا.
جديد دنيا هڪ اهڙي طرف وڃي رهي آهي، جيڪا فطري ڄاڻ کان محروم نظر اچي ٿي. اها ڄاڻ فقط فطرت جي ڪتاب مان حاصل ڪري سگهجي ٿي، جنھن ۾ سچائي ۽ حقيقتن جا ڪيترائي منفرد باب شامل آهن. اها ماحولياتي ڄاڻ انساني سوچ ۾ سھپ، سھڪار ۽ توازن پيدا ڪري ٿي. ماحولياتي ڄاڻ کانسواءِ حواس خمسہ صحيح طور تي ڪم ڪرڻ کان قاصر نظر اچن ٿا.
جديد تحقيق مطابق، ٽيڪنالاجي جو استعمال ذهني نظام ۽ ڪارڪردگي تي منفي اثر ڇڏي ٿو. انھن مشينن جو گهڻو استعمال احساساتي طور تي غير فعال بڻائي ٿو. ٻارن ۽ وڏن ۾ موجود بيحسيءَ جو بہ اهو ئي سبب آهي. ان کانسواءِ مزاج ۾ لاها چاڙها وڌيا آهن. انفرادي سوچ، خودغرضي ۽ حسد جھڙا منفي رويا عام ٿيا آهن. تازي ۽ قدرتي ماحول سان رابطو منقطع ٿيڻ سبب ذهني ويڳاڻائپ وڌي آهي.
چاهي دنيا ڪيتري ئي ترقي ڪري يا انسان پنھنجي اندر ڄاڻ جا خزانا ڇو نہ سھيڙي ڇڏي، کيس سچي خوشي پوءِ بہ حاصل نہ ٿيندي. بناوٽي ذريعن مان اندر جو اطمينان نٿو ملي سگهي. ذهن جو اهو اجايو ڪاٺ ڪٻاڙ، توانائيءَ جي رستي جي وڏي رڪاوٽ بڻجيو وڃي. ذات کان باخبر جيڪڏهن غير ضروري معاملن کان بيخبر رهي تہ اها اڻڄاڻائي کيس ڪو نقصان نہ پھچائيندي. جيترو هن کي پنھنجن ماڻھن کان لاتعلقيءَ سبب نقصان پھچندو!
اڳي يونان ۾ اهڙا ڏاها هوندا هئا، جن کي سافسٽ (Sophist) چيو ويندو هو. اهي عالم دولت ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ درٻاري رويا اختيار ڪرڻ سان گڏ، خوبصورت لفظن جو سھارو وٺندا هئا، جيڪي فن خطابت جا ماهر ۽ لفظن جا شھنشاھہ هئا. سندن علم، فن ۽ فڪر عام ماڻھن جي ڀلي لاءِ نہ پر مخالفن کي مات ڏيڻ ۽ انفرادي مفادن لاءِ هو، جن ۾ جارجياس، هيپاس، پروڊيڪس، پروٽاگورس ۽ ٻيا عالم شامل هئا. انھن خطيبن جا شھرت، مان ۽ مرتبو حاصل ڪرڻ جا طريقا الڳ هئا. اهي نوان بحث تہ ڇيڙيندا هئا، پر انھن سان قوم جي رهنمائي نہ ٿي سگهندي هئي. ٻين لفظن ۾ ان فلسفي ۾ فن ۽ فڪر جو ڪو روح نہ هو، پر کين اهي گُر ايندا هئا تہ ڪيئن ڪاميابي حاصل ڪجي؟ ڪھڙيءَ ريت فاتح ٿجي ۽ ڪيئن دلين ۾ گهر ڪجي. اهي سوفسٽ سيڪيولر، ناستڪ ۽ نظريي اضافيت تي ڄاڻ رکندا هئا.
پروٽاگورس مطابق: ”هر ماڻھوءَ جي پنھنجي الڳ سوچ ٿئي ٿي.“ سندن مقصد، بحث مباحثا، ڄاڻ جي مقابلي بازي ۽ ذاتي نماءُ عام هئا. ٻئي پاسي ارسطو هو، جنھن جي سچائي ۽ خالص فن کيس تاريخ ۾ امر ڪري ڇڏيو. هو حقيقي عالم ۽ دانشور هو، جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ ايٿينز ۾ ڊراما نگار يوري پيڊيز (Euripids) جي ڪتب خاني کانپوءِ ارسطو وٽ ڪتابن جو وڏو ذخيرو هو.
اڄ صورتحال اها آهي تہ هر شعبي ۾ جارجياس، هيپاس ۽ پروڊيڪس موجود آهن. علم ۽ ڄاڻ فقط ذاتي فائدي لاءِ آهي. انھن سوفسٽ عالمن وانگر اڄ جا ڏات ڌڻي، خوبصورت لفظن ۽ محاورن جي دوڪان کولي ويٺا آهن. پنھنجي فرض ۽ قومي ذميواريءَ کان غافل دانشور، ڏتڙيل عوام جي حقن جو سودو ڪرڻ لاءِ تيار نظر اچن ٿا. کين هڪ فيصلو ڪرڻو پوندو، يا تہ هو کلي سامھون اچن ۽ عوامي ڏکن ۽ سورن جون ڳالھيون نہ ورجائين يا وري مستقل نظر انداز ٿيل سورن جي سٽيل ماڻھن جا ڀرجهلا ٿي بيھن. اهو وچ وارو رستو، سندن فن ۽ فڪر لاءِ وڌيڪ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. سڀاڻي جڏهن تاريخي ڇنڊ ڇاڻ ٿيندي تہ سندن وجود، خزان جي پنن جيان اڏامي ويندا!

ننڍي ڳالھہ، وڏي تباهي

جنھن انسان وٽ برداشت آهي، اهو هر ماحول جو حصو بڻجي وڃي ٿو، جيتوڻيڪ سھپ، ڪردار جي پُختگيءَ جي علامت آهي، پر برداشت گهٽ هئڻ جي صورت ۾ نفرت، تعصب ۽ ڪاوڙ مزاج جو حصو بڻجي وڃن ٿا. سَھپ گهٽ هئڻ جا مختلف سبب آهن، جن ۾ نفسياتي، طبعي ۽ سماجي محرڪ اچي وڃن ٿا.
نفسياتي محرڪ ۾ موروثي طور تي مزاج جي جوڙجڪ، پالنا جي طريقي، ٻاهرئين ماحول ۽ روين جو اثر شامل آهي. ٻار جي شخصيت ٽن سالن ۾ جُڙي راس ٿئي ٿي ۽ ٻار جون محسوسات ماءُ جي گرڀ کان شروع ٿيڻ ٿيون. ماءُ جي ڪيفيتن ڪاوڙ ۽ پريشاني وغيرہ جا اثر ٻار جي ذهني ۽ جسماني اوسر تي پون ٿا، پر جيڪڏهن ماءُ خوش ۽ مطمئن آهي تہ ٻار بہ خوش مزاج، ذهين ۽ پُرسڪون پيدا ٿين ٿا.
حمل دوران ۽ ٻار جي پيدائش کانپوءِ عورتن کي ڊپريشن جا دورا پوندا آهن. جيڪڏهن اها عورت اڳ ۾ ئي حالتن جي ستايل آهي ۽ ذهني طور تي ٻٽن روين جو شڪار آهي تہ ٻار جي پيدائش کانپوءِ ڊپريشن جي شدت وڌي وڃي ٿي ۽ اها ماءُ جي تشويش ٻار جي واڌ ويجهہ تي برو اثر وجهي ٿو. ڇو تہ جيستائين ماءُ ٻار کي ٿڃ پياري ٿي تہ ان دوران بہ ھوءَ، جنھن ڪيفيت ۾ رهي ٿي، اهو احساس بہ ٻار ۾ منتقل ٿيندو رهي ٿو. طبيبن پاران، ٿڃ پيارڻ دوران ماءُ کي پُرسڪون رهڻ جي ھدايت ڪئي ويندي آھي.
اڪثر ماڻھو ان دوران ماءُ جي مزاج ۾ تبديلي ۽ نفسياتي مونجهارن کي طبعي ۽ نفسياتي تناظر ۾ سمجهڻ کان قاصر نظر اچن ٿا، جنھن جي ڪري ماءُ ۽ ٻار ٻنھي جي صحت شديد متاثر ٿئي ٿي ۽ بدترين نتيجا سامھون اچن ٿا.
اسان وٽ مسئلن جو حل عملي ۽ منطقي انداز سان نٿو ڳوليو وڃي. اڪثر ڪري ٻار جي غلط پالنا ۽ ناسازگار حالتن سبب سندس ذات ۾ احساسِ ڪمتري، خود رحمي، خود اعتماديءَ جو فقدان ۽ عزتِ نفس جي گهٽتائيءَ وغيرہ جھڙيون خاميون شخصيت جو اڻمٽ حصو بڻجي وينداآھن. اھي شخصي ڪمزوريون اڳتي ھلي ناڪامين جو ڪارڻ بڻجنديون آھن. ڪاوڙ يا جارحيت دٻيل خواهشن ۽ محرومين جو ردعمل ٿئي ٿي ۽ اهي ٻٽا ترقي يافتہ ملڪن ۾ بہ موجود آهن، پر فرق رڳو اهو آهي تہ اهي وقت تي مزاج جي انھن نفسياتي لاهن چاڙهن جو حل ڳولي لھن ٿا.
اهي اڪثر ڪري ذهني دٻاءُ يا ڪاوڙ جو حل سيکاريندڙ ادارن ۾ داخلا وٺي، ڪيرئر ڪائونسلنگ، سافٽ اسڪلز ۽ اموشنل انٽيليجنس جي تربيتي ورڪشاپس ۾ بھرو وٺن ٿا. يورپ ۾ اھڙا ادارا آھن جتي اڪثر ڪاوڙ ۽ جارحيت جي ظابطي جو ھنر
(Anger Management) سيکاريو ويندو آھي. جڏھن تہ ھن سماج ۾ اهي غير انساني رويا معمول مطابق قبول ڪيا وڃن ٿا. ترقي يافتہ ملڪ، ان حوالي سان مثالي روين جا حامل آھن.
ساڳيءَ ريت دنيا ۾ مثبت سوچ ۽ روين جي سکيا جي حوالي سان گهڻا ڪتاب پڙهيا وڃن ٿا. انھن مصنفن ۾ ڊيل ڪارنيگي سرفھرست آهي. اسان وٽ ماڻھو ذهني صحت ڏانھن ڌيان گهٽ ڏين ٿا. ان ڪري هتي ماڻھو ڪھڙو بہ رويو اختيار ڪري سگهي ٿو. ترقي يافتہ ملڪن ۾ ڪنھن استاد جي مجال نہ آهي جو ٻار کي چماٽ هڻي سگهي، يا ڪو ماڻھو ميڙ ۾ ڪاوڙ يا بدتميزيءَ جو مظاهرو ڪري يا نشي جي حالت ۾ گاڏي هلائي. اهڙي عمل تي اُتي کيس روين جي بداعتداليءَ جي سزا طور حوالات جي هوا کائڻي پوي ٿي.
قانون کي مٿڀرائي حاصل هئڻ سبب، اهي معاشرا روين جي ترتيب ۽ اخلاقي قدرن جي دائري ۾ هلن ٿا ۽ انھن ملڪن ۾ ادارن ۾ وڳوڙ پيدا ڪندڙ ماڻھن کان وضاحت طلب ڪئي وڃي ٿي. آفيسرز پنھنجي رڪارڊ ۾ اهڙن اعمال نامن جي اضافي کي بُرو سمجهن ٿا، جيڪي سندن ترقيءَ جي راھہ ۾ رڪاوٽ بڻجي سگهن ٿا. پر اسان وٽ اهڙي ڪا بہ وضاحت طلب نٿي ڪئي وڃي. ڇو تہ بدنظمي ڦھلائيندڙ ماڻھن جي پُٺڀرائيءَ سبب اهڙن روين کي هٿي ملي ٿي. بي پھچ ماڻھوءَ جي سُٺائي سندس خامين ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ بااختيار ماڻھن جي خامين کي نظر انداز ڪرڻ جي روايت جنم وٺي ٿي. قول ۽ فعل ۾ تضاد، طبقاتي ڪشمڪش، نا انصافي، ٻٽو معيار، اخلاقي بدحالي، معاشي اڻ برابري، بيروزگاري ۽ حق تلفي ڪيترين ئي بُراين جو سبب بنجن ٿيون، جھڙوڪ: روزمرہ زندگيءَ جا جهيڙا جهٽا، قبائلي ويڙھہ ۽ قتل و غارت گري پڻ (بنان سوچ سمجهہ جي رد عمل ڏيکارڻ) ڪري ٿين ٿا. مثال جيئن هڪ قبائلي ويڙھہ باغ مان زيتون پٽڻ تان شروع ٿي ۽ ڪيترين ئي حياتين کي ڳڙڪائي وئي، معاملو سدائين ننڍي ۽ اجائي ڳالھہ کان شروع ٿي وڏي تباهيءَ تي ختم ٿئي ٿو.
سھپ گهٽ هئڻ جا طبي ڪارڻ بہ ٿين ٿا. اهڙي طرح ڪيتريون ئي بيماريون اهڙيون آهن، جن جي ڪري ڪاوڙ يا جارحيت ۾ اضافو ٿئي ٿو. ڪاوڙ، جلدبازي، بي اطميناني ۽ نامناسب غذاواپرائڻ ڪري، جديد دنيا جي مزاج جو حصو بڻجي چڪا آھن.
ٻي مھاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ فروزن فوڊ، ڪولڊ ڊرنڪس، چپس ۽ ڪيڪ ۽ پيسٽري وغيرہ جو وڌيڪ استعمال ٿيڻ لڳو. جديد تحقيق مطابق اڄڪلھہ کاڌن ۾ ڪيميائي اثر جلدبازي، ڪاوڙ ۽ مزاج ۾ تڪڙي تبديليءَ جو سبب بڻجي ٿو. فاسٽ فوڊ، جنڪ فوڊ، گوشت ۽ تريل کاڌن جو وڌيڪ استعمال، لوڻ ۽ کنڊ جي گهڻائي وغيرہ جارحيت، بي چيني، جذباتي پڻي ۽ يڪسوئيءَ جي ڪميءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا. انھن کاڌن ۾ ذائقي کان علاوہ صحت بخش غذائي جزن جي ڪمي ٿئي ٿي، جيڪي وزن ۾ اضافي جو سبب پڻ ٿين ٿا. ٿولھہ پڻ منفي روين، ڪاوڙ ۽ بي صبريءَ جو ڪارڻ سمجهي وڃي ٿي.
جديد زندگيءَ ۾ اڻ سھپ جو سبب، غير معياري کاڌا ۽ غلط طرز زندگي آهي. گوشت واپرائيندڙ ماڻھوءَ جو چھرو، مزاج ۽ جسماني ساخت الڳ ٿئي ٿي بنسبت ڀاڄيون ۽ معتدل غذا واپرائيندڙ ماڻھن جي. اهو ئي سبب آهي تہ يوگي يا صوفي گهٽ ۽ معتدل غذا کائيندا آهن. غذا جو مزاج ۽ ذهن جي ڪارڪردگيءَ سان براھہ راست تعلق آهي.
جديد طرزِ زندگي پڻ سھپ جي ڪمي جو سبب بڻجي چڪي آهي. اوجاڳو، سُمھڻ ۽ جاڳڻ جا غلط اوقات پڻ مزاج تي اثرانداز ٿين ٿا. ننڊ جي ڪمي فيصلي جي اهليت، ڪم جي ڪارڪردگي ۽ روين تي خراب اثر وجهي ٿي. سُٺي جسماني مشق، مناسب غذا ۽ پنڌ وغيرہ ڪرڻ سبب سٺي ننڊ اچي ٿي.
اڄ صورتحال اھا آھي تہ سَھپ جي گهٽتائيءَ سبب سماجي زندگي ۽ رابطا بہ منتشر ٿي رهيا آهن. برداشت جي ڪميءَ جو هڪ اهم ڪارڻ سماجي قدرن، روين ۽ لاڙن ۾ تبديلي آهي. جڏهن تہ ماديت پرستي ۽ ڏيکاءَ ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿي رهيو آهي. سادگي واري زندگيءَ کان دوري بي اطمينانيءَ جو سبب بڻجي ٿي.
سماجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ واضح اصول ترتيب نہ ڏنا ويا آهن. اخلاقي قدرن جيئن بردباري، پنھنجائپ، رواداري، ايمانداري ۽ ٻَڌيءَ جھڙن گُڻن جي ڪميءَ، سماجي ويڳاڻائپ ۾ اضافو ڪيو آهي. فرقيواريت، نسلي تضاد، جنس، رنگ ۽ نسل جي تضاد ۽ طبقاتي ڪشمڪش غير انساني روين جو سبب بڻيا آهن. سماجي روين ۾ نفرت، تعصب، حسد ۽ احساس برتري ۾ اضافو ٿيو آهي.
ماڻھو فقط ڊگري حاصل ڪرڻ کي تعليم جو اعليٰ معيار سمجهن ٿا. جڏهن تہ علم جو ذهن ۽ دل کي اُجارڻ وارو تصور پراڻو ٿي چڪو آهي. نقلي ڊگريون، ٿيسز جو وڪرو ۽ هر شعبي ۾ ڪاپي ڪلچر اڏوهيءَ جيان سماج جون جَڙون کوکليون ڪري رهيو آهي. خود غرض ۽ مفادپرست پيشيورن جي اهڙي کيپ تيار ڪئي وڃي ٿي، جيڪي محض پئسي ڪمائڻ جي مشين بڻجي وڃن ٿا. جذبي جي سچائي ۽ احساس جي ڪميءَ سبب انساني وستيون خواهشن جو جهنگ بڻجي ويون آهن. پئسي ۽ امارت کي علم، عقل ۽ دانش تي فوقيت ڏني وڃي ٿي ۽ سطحي، روين کي همٿايو وڃي ٿو. ماڻھن وٽ ذاتي تجربي جي ڪمي آهي ۽ پرک جا پيمانا بہ بدلجي چڪا آهن. اهڙيءَ ريت انسان جي اندر بي يقيني جو خلا اونھون ٿيندو ٿو وڃي.
جڏهن انسان فطرت جي غضب جي آڏو اچي ٿو بيھي. جتي ٿرڊ لا آف موشن مطابق شيون ري بائونڊ ٿين ٿيون. سچ، سچائيءَ ڏانھن موٽ کائي ٿو ۽ ڪوڙ منافقت جو عڪس آهي، روحاني خوشيءَ جي اڻھوند جو سبب بڻجي ٿو، مثبت فڪر جي حامل هڪ ليکڪا پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿي ته، ”منھنجي ماءُ جنھن هيري جي مُنڊيءَ تي ساھہ ڏيندي هئي، نوي سال جي عمر ۽ بيماريءَ سبب اُن کي سُڃاڻي بہ نٿي سگهي.“ هتي شين جي حقيقت تيزيءَ سان بدلجي ٿي ۽ انسان سڄي زندگي مادي خوشين ۽ خواهشن پٺيان ڊوڙندو رهي ٿو. هو روحاني آسودگي ۽ گهرجن کي نظرانداز ڪري ٿو. ان ڪري بي يقينيءَ جي هڪ اونھي خلا مان عدم برداشت جھڙو منفي رويو اُسري ٿو.

ذهني انتشار کي ڪيئن مُنھن ڏجي؟

ٻار جي ابتدائي زندگيءَ ۾ کيس مثبت سوچ نہ ٿي ملي يا کيس حڪمت عملي جوڙڻ جو ڏانءُ نہ ٿو سيکاريو وڃي تہ هو اڳتي هلي ذات جي مونجهارن جو شڪار ٿي وڃي ٿو. زندگيءَ جي مسئلن کي هر ماڻھو مختلف انداز سان منھن ڏئي ٿو. جيڪڏهن سوچ جو انداز روشن آهي تہ مسئلن جو ڪو حل ملي پوي ٿو. جڏهن تہ منفي سوچ وڌيڪ مونجهارن کي دعوت ڏيئي ٿي.
دنيا هڪ عجيب مرحلي ڏانھن وڌي رهي آهي. هڪ ئي وقت ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو، جنھن ۾ اندروني خانہ جنگي، نسلي ۽ مذهبي جهيڙا ۽ جنگيون وغيرہ شامل آهن. انسان پاڻ کي هن ڌرتيءَ جي گولي تي غير محفوظ سمجهڻ لڳو آهي. دنيا جي گلوبل وليج بڻجي وڃڻ سبب حادثن بابت خبرون پوري دنيا ۾ تيزيءَ سان ڦھلجي وڃن ٿيون، جنھن جي ڪري خوف ۽ هراس وڌي ٿو. موجودہ حالتن ۾ اسان کي فرد جي ذهني ڪيفيتن کي سمجهڻو پوندو. بين الاقوامي طور تي ٿيندڙ واقعا بہ انفرادي طور تي خوف ۽ هراس پيدا ڪن ٿا.
اها حقيقت آهي تہ خوف، ذهني عارضن کي بنياد فراهم ڪري ٿو. خوف (Phobia)، بيجا وهم ۽ وسوسن کي هٿي ڏيئي ٿو. خوف جا مختلف قسم ۽ حوالا آهن، جن کي سمجهڻو پوي ٿو، خوف بہ بي يقيني ۽ عدم تحفظ جي پيداوار ٿئي ٿو. هڪ محفوط گهر ۾ ويٺل ماڻھو جيڪڏهن خوف جو شڪار آهي تہ اها ڪيفيت سندس وهم ۽ وسوسن جي پيداوار ٿئي ٿي. يا محض ذهني آسائش. پر گهر کان ٻاهر، رات جي اونداهي يا خطرن کي منھن ڏيندڙ ماڻھو وڌيڪ حقيقت پسنديءَ سان ان صورتحال جو مقابلو ڪري ٿو. ڇاڪاڻ جو هن لاءِ خوف ڪو وهم ۽ ذهني ڪيفيت نہ آهي. بلڪہ هڪ کُلي حقيقت آهي. فرد کي جڏهن آسائشون، سھولت ۽ فرصت ملي ٿي تہ هو ذهني مونجهارن ۾ ويڙهجي وڃي ٿو. بنسبت ان ماڻھوءَ جي، جيڪو ذميدار ۽ فعال آهي. ساڳيءَ ريت جديد دور ۾ اڪثر ذهني بيماريون محض فيشن بڻجي ويون آهن، جنھن ۾ ڊپريشن بہ شامل آهي. غربت ۽ بدحاليءَ جو شڪار ماڻھو، جيڪڏهن ڊپريشن جو شڪار ٿئي تہ ڳالھہ سمجهہ ۾ اچي ٿي. پر خوشحال ماڻھن جو بيشمار نعمتون هئڻ جي باوجود بہ ان بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيڻ سمجهہ کان ٻاهر آهي. مثال هنن وٽ ڏهن مان ست سُٺا موقعا آهن، پر ٽي فيصد ڪي ڪميون يا ناڪاميابيون بہ آهن، پوءِ هو ست فيصد سھولتن ۽ چڱاين تي شڪر ڇو نٿا ڪن؟ ٻئي پاسي هڪ ماڻھوءَ وٽ فقط ٽي فيصد سٺا موقعا آهن ۽ ست فيصد ڏک ڏاکڙا ۽ مسئلا آهن، پر هو ان جي باوجود بہ خوش ۽ مطمئن رهي ٿو.
جيڪڏهن اسان جي ماحول ۾ ماڻھو مثبت سوچ، پاڻ ڀرائي ۽ شڪر گذاريءَ جھڙيون وصفون پنھنجي اندر پيدا ئي نہ ڪندا تہ پوءِ سماجي نفسيات صحيح خطن تي ڪيئن اُسرندي؟
ان مان اها ڳالھہ واضح ٿي تہ ذهني بيمارين جا ڪارڻ ڪنھن حد تائين پالنا، فرد جي حساسيت ۽ ماحول ٿين ٿا. جيڪڏهن پرورش ۾ ڪا ڪوتاهي آهي، پر ٻار ذهني ۽ جسماني طور تي مضبوط آهي تہ هو پنھنجو دڳ پاڻ ڳولي لھي ٿو، جنھن ۾ استادن جا روشن خيال رويا ۽ رهنمائي پڻ شامل آهي. ٻئي پاسي جيڪڏهن پرورش سٺي آهي، پر ٻار حساسيت ۽ منفي سوچ جو شڪار آهي تہ پوءِ هن تي ٻاهرين ماحول جو وڌيڪ اثر ٿيندو. ٻار جو اسڪول ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ نفسياتي ٽيسٽ ٿيڻ گهرجي. موجودہ حالتن ۾ هر تعليمي اداري ۾ هڪ نفسياتي ماهر جو موجود هجڻ ضروري آهي. داخلا وقت انٽرويو ۾ بہ ان ماهر جي موجودگي ضروري آهي. ان موقعي تي ٻارن ۽ نوجوانن کان سوالناما ڀرايا وڃن، جن سان سندن ذهني مونجهارن ۽ مسئلن جي خبر پئجي سگهندي.
اڄ اسان هڪ سنگين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، جنھن ۾ اسان جا ٻار غلط هٿن ۾ هليا وڃن ٿا، جنھن جو سبب اهو آهي تہ والدين ۽ استاد سندن ذهني گهرجن کان اڻ واقف رهن ٿا. اڳتي تعليمي سال دوران پڻ انھن تعليمي ادارن ۾ سندن ڪائونسلنگ نفسياتي ماهرن کان ڪرائي وڃي. خاص طور تي هاسٽل ۾ رهندڙ ٻارن لاءِ نفسياتي صلاحڪار هئڻ گهرجن.
ٻارن ۽ نوجوانن ۾ اينگزائٽي ۽ ڊپريشن ماضيءَ جي مقابلي ۾ وڌيا آهن، جنھن جي ڪري هو سگريٽ نوشي يا مختلف نشو واپرائڻ تي مجبور آهن. اسان هڪ اهڙو تعليمي نظام جوڙيو آهي، جيڪو محض اعليٰ ڊگرين ۽ پئسي ٺاهڻ جون مشينون پيو تيار ڪري. ٻارن تي زوريءَ مضمون مڙهيا وڃن ٿا. ميڊيڪل ۽ انجينئرنگ جون ڊگريون اعليٰ سمجهيون وڃن ٿيون. اهي ڊگريون جيڪڏهن اهم ۽ فعال هجن ها تہ اڄ بيمارين جو تعداد ايتري تيزيءَ سان نہ وڌي ها. يا روڊ رستا، بجلي يا پاڻي جو نظام ايترو پوئتي پيل نہ هجي ها. اعليٰ ڊگري يافتہ ماڻھن جيڪا گهرن ۽ ملڪ جي حالت ڪئي آهي سا ڪنھن کان ڳجهي ڪانھي گهر ذهني مريضن سان ڀريا پيا آهن ۽ سماجي نفسيات جو ٻيڙو ٻڏو پيو آهي.
اڪثر ٻار اهليت جي بنياد تي نہ، پر اثر رسوخ ۽ سيلف فنانس تي اهي اعليٰ ڊگريون حاصل ڪري رهيا آهن. ڇو تہ اڄ جيتري تعليم تي سيڙپ ٿي آهي. ڪالھہ ان کان ڏهوڻو ڪمائيندا. انھن ڊگرين جي پٺيان انساني ۽ اخلاقي قدر زوال پذير آهن، پر توهان ڪڏهن سوچيو آهي تہ اڄ جو ٻار ڇو نہ ٿو پڙهي؟ ان جو واحد سبب سندس ڊپريشن جو شڪار هجڻ آهي. هو ڊپريشن جي ڪري مستقل اداسي، بي يقيني، منفي سوچن ۽ فيصلي ڪرڻ جي قوت کان محروم آهي.
ڊپريشن جو شڪار ٻار ڪڏهن بہ پڙهائيءَ ۾ دلچسپي نہ وٺندو. ٻئي پاسي اينگزائٽي ۾ ورتل ٻار آهن، جيڪي ننڊ جي ڪمي، ساھہ جي مونجهہ، دل جي دهڪي ۽ جسماني مشڪن جي ڇڪتاڻ جو شڪار آهن. اهي ٻار هڪ پاسي ميٽرڪ ڪن ٿا تہ ٻئي پاسي او ليولز جا امتحان بہ ڏين ٿا. گهرن ۽ تعليمي ادارن ۾ بيمار روين کي الڳ ڀوڳين ٿا. نجي تعليمي ادارن جي ڪارڪردگي گهٽ فعال آهي. سندن ڪم آهي انگريزي ۾ جديد تعليم ڏيڻ، نہ ڪي ٻارن کي انگريزي ڪلچر ۽ رهڻي ڪھڻي جو مداح بنائڻ. نجي ادارن ۾ پڙهندڙ ٻارن جي گفتگو، رهڻي ڪھڻي ۽ رويا ڇا غلام قومن جھڙا نہ آهن، جيڪي پنھنجي تاريخ، ثقافت، ٻولي ۽ ادب کان تہ پري آهن، پر ڌارين قومن جي ثقافتي ورثي کي وڌيڪ ويجهو آهن، پوءِ والدين جون رڙيون اجايون آهن. ڪاغذي گلن کان خوشبو جي توقع اجائي آهي. پوکيو ٿوهر ٿا زمين ۾ پوءِ گلاب تہ نہ اسرندا. جيڪا پوک پوکينداسين اها ئي لڻنداسين.
اسان جا ٻار ۽ نوجوان توڙي وڏا ذهني مونجهارن ۽ عارضن ۾ مبتلا آهن. مشھور ليکڪ اسٽيفن آر. ڪووي لکي ٿو تہ منھنجي پٽ ڪاليج ڇڏي ڏنو. سندس ذهني حالت خراب ٿي وئي، ميرا سيرا ڪپڙا پائي ڦرندو وتندو هو. ڏاڙهي ٺھرائڻ ڇڏي ڏنائين. ان جو حل اهو ڪڍيم تہ کيس سمجهائڻ بدران سندس حال تي ڇڏي ڏنم. تقريباً ڇھن مھينن بعد منھنجو پٽ پڙهائيءَ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو ۽ رواجي زندگي ڏانھن موٽي آيو.
ساڳيءَ ريت جڳ مشھور سائنسدان آئنسٽائن، ٿامس ايڊيسن، بل گيٽس، مارڪ زڪر برگ ۽ اسٽيو جابس بہ پڙهائي ڇڏي ڏني هئي، پر والدين ۽ دوستن جي تعاون سان مونجهاري جي ڪُنَ مان ٻاهر نڪري آيا. حقيقت تہ اها آهي تہ ٻارن يا ماڻھن کي منفي رويا اسان وٽ ضايع ڪري ٿا ڇڏين. جيستائين اسان ٻارن، نوجوانن يا وڏن کي ذهني آزادي نہ ڏينداسين، ذهني مونجهارا ۽ عارضا ساڳيا رهندا. هر ماڻھو کي ذات جي وٿي گهرجي، جتي هو پنھنجي مرضيءَ سان ساھہ کڻي ۽ جي سگهي.
 

نرگسي روين جي نفسيات

ڏندڪٿائون ٻڌائين ٿيون تہ ڪو زمانو هو، جو زيوس ديوتا آسمان جو حُڪمران هو، چنڊَ، تارا ۽ سج سندس تابع هئا. بادل کيس جُهڪي سلام ڪندا هئا. هوا کيس ڪاميابيءَ جا سنيھا ڏيندي هئي. لامحدود وسعتون کيس ساراهينديون هيون. کيس پاڻي ۽ وڻن جي خوبصورت مخلوق سان محبت هئي. هيرا، سندس زال کانئس انھن عادتن سبب خفا رهندي هئي. هيرا جڏهن بہ هڪ چھچ سائي ۽ گهاٽي جهنگ مان لنگهندي هئي تہ ايڪو نالي هڪ سھڻي من موهڻي پري ساڻس گڏ هلڻ لڳندي هئي ۽ کيس ڳالھين ۾ مصروف ڪري ڇڏيندي هئي.
ايڪو گهڻ ڳالھائڻي هڪ هوشيار پري هئي. ٻئي پاسي زيوس، خوبصورت پرين جي جهرمٽ ۾ لطف اندوز ٿيندو رهندو هو. هڪ ڏينھن هيرا کي ايڪو جي چالاڪيءَ جو علم ٿي ويو. هن ايڪو کي پاراتو ڏنو، جنھن جي ڪري سندس سھڻو من موهڻو آواز پڙلاءُ بڻجي ويو ۽ پوءِ هوءَ جهنگ ۾ ڪنھن بي چين روح جيان ڀٽڪڻ لڳي. هڪ ڏينھن ان جهنگ ۾ کيس هڪ خوبصورت شهزادو نظر آيو. نارسيسس نالي ان حسين جوان تي هو فدا ٿي پئي. پر نارسيسس کيس ڌڪاريندو رهيو، ايڪو تڪليف ۽ پيڙا سبب هڪ ڏينھن کيس چيو: ”خدا ڪري تہ تون پنھنجي ذات جي محبت ۾ گرفتار ٿي پوين ۽ توکي ان محبت کي پائڻ جا سمورا رستا گم ٿي وڃن.“ سو هڪ ڏينھن نارسيسس نديءَ ۾ جُهڪي پنھنجو عڪس ڏٺو ۽ پنھنجي محبت ۾ ئي گرفتار ٿي ويو، بار بار عڪس کي ڏسي ٿڌا ساھہ ڀرڻ لڳو، سندس چَپَ جڏهن عڪس کي ڇُھڻ لاءِ جهڪندا هئا، تہ هو پاڻيءَ ۾ ڪري پوندو هو، جهنگ جي هوا، گلن جي خوشبوءِ، پکي ۽ لھرون اهو تماشو ڏسي حيران هئا. نارسيسس دريا جي ڪناري ان غم ۾ جان ڏئي ڇڏي. ايڪو روئندي رڙندي کيس ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ ڊوڙي، تہ ڏٺائين تہ نارسيسس جي جاءِ تي نرگس جو گل پيو هو، جتان خود پرستي (نرگسيت) جو جذبو پروان چڙهيو.
مشھور ماهر نفسيات سگمنڊ فرائڊ ان حوالي سان سوال اٿاريا تہ آخر انسان پنھنجي پاڻ سان ايترو پيار ڇو ٿو ڪري؟ آخر ”مان“ جي تڪرار پٺيان ڪھڙا محرڪ آهن؟ هن ذات جي محبت ۽ خود پرستيءَ جي حوالي سان منفي ۽ مثبت لاڙا بيان ڪيا آهن. ذات سان پيار جو هڪ رخ پنھنجي ذات جو تحفظ ۽ ٻين سان محبت جو سبب بڻجي ٿو. جڏهن تہ ان جو ٻيو رخ منفي ۽ تباھہ ڪن آهي.
جيئن تہ اڪثر مشھور ۽ دنيا تي حاوي ٿيندڙ حڪمران خودپرست ۽ نرگسي روين جو شڪار هئا، جنھن ۾ هٽلر بہ شامل آهي، هن پنھنجي انتقام جي باھہ کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ لکين انسانن جي زندگين جو سودو ڪيو. ان وقت کان ويندي اڄ تائين، ملڪي يا غير ملڪي سياست جا اڳواڻ خودپسنديءَ ۾ پنھنجي سوچ مڙهڻ سبب عوامي زندگين کي مفلوج ڪريو ڇڏين.
اهڙن روين وچ اوڀر وارن ملڪن ۾ نفرت جي باھہ ٻاري ڇڏي آهي ۽ ٽين دنيا جا ملڪ، وجود جي بقا جي جنگ وڙهي رهيا آهن. نرگسيت هڪ اهڙو آسيب آهي، جنھن انسانيت جي خوبصورت خواب کي هيسائي رکيو آهي.
جيستائين آئينو ايجاد نہ ٿيو هو، ان وقت تائين ماڻھو پاڻيءَ ۾ پنھنجو عڪس پسي خود پسنديءَ جو شڪار ٿي ويندا هئا. آئينو اٺ هزار سال پھرين ايجاد ٿيو. 1835ع ڌار جرمن ڪيمسٽ جسٽس وان لي بگ (Justus Von Leibig) هڪ اڻپورو آئينو ايجاد ڪيو، جنھن ۾ بعد ۾ ردوبدل کانپوءِ مڪمل آئيني کي دريافت ڪيو ويو. آئيني جي دريافت سان انسان، ذات جي محبت ۾ گرفتار ٿي ويو. ان خودپرستيءَ سان زيوس ديوتا، هيرا ۽ ايڪو جو ديو مالائي قصو منسوب آهي، جيڪو ”نرگسيت“ جو اهڃاڻ بڻجي چڪو آهي. نرگسي روين جا حامل ماڻھو فقط تعريف ٻُڌڻ جا قائل ٿين ٿا، جنھن سان خوشامدين جي هڪ اهڙي کيپَ تيار ٿئي ٿي، جيڪا برائي ۽ مفني روين کي همٿائي ٿي ۽ بھتريءَ توڙي اصلاح جا رستا بند ٿي وڃن ٿا. خود پسند ماڻھو تنقيد کان نفرت ڪندو آهي. اها الڳ ڳالھہ آهي تہ هو ٻين کي پنھنجي تنقيد جو نشانو بڻائيندو آهي. اهڙا ماڻھو بنيادي طور تي حاڪميت پسند ٿين ٿا. اهي ٻين جي ڳالھہ سمجهڻ بدران پنھنجي سوچ انھن تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
خود پسند ماڻھو ئي اڪثر دنياوي ڪاميابي حاصل ڪندا آهن. ڇو تہ خود پسنديءَ ڪيترن ئي منفي عنصرن تي مشتمل آهي، جن ۾ خود غرضي، انتھاپسندي، ضِد، ڪروڌ ۽ ٻين جي ذات جي نفي شامل آهن، جيڪي ڪاميابيءَ جي ضمانت سمجهيا وڃن ٿا.
اِنفراديت پسندي ماڻھوءَ کي سماج کان ڪٽي ٿي ڇڏي. نرگسيت جو شڪار، ذاتي فائدي ۽ خوشيءَ کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو. حقيقت ۾ ان احساس برتريءَ جي پٺيان ڪٿي نہ ڪٿي خود رحمي ۽ احساسِ ڪمتري پڻ لڪل رهي ٿي. احساسِ ڪمتريءَ جو ماريل شخص پنھنجي ذات جي چوڌاري انا جو مضبوط ڪوٽ اَڏي ٿو، جنھن جي ڪري اڻ وڻندڙ رويا، اڻ برابريءَ ۾ ٻٽو معيار معاشرتي زندگيءَ جو حصو بڻجن ٿا. ڇو تہ ڏيکاءُ، بغاوت ۽ ڪوڙو شان پڻ خودپسنديءَ جو رد عمل ٿين ٿا پر اهو ضروري ناهي تہ هر ماڻھو جيڪو پنھنجي ذات سان پيار ڪري ٿو اهو خود پرست هجي.
اها حقيقت آهي تہ ٻار جڏهن بلوغت جي دور ڏانھن وڌندا آهن، تہ اهي بار بار آئينو ڏسندا آهن، سندن آئيني ڏسڻ جي عادت مائٽن کي نہ وڻندي آهي، ۽ هو کين تنقيد جو نشانو بڻائيندا آهن. سمجهدار ماڻھن جا اهي غلط رويا ۽ نفسيات سان اڻ واقفيت، معاملن کي بگاڙي ڇڏيندي آهي. ٻارن جي عزت نفس الڳ مجروح ٿئي ٿي.
حقيقت اھا آھي تہ ٻارنھن کان ارڙهن سالن وارو دور هر لحاظ کان ڏکيو ۽ آزمائش وارو ٿئي ٿو. بلوغت جي ويجهو ٻار پنھنجي شناخت ۽ ڳولا جي عمل ۾ مصروف رهن ٿا. آئينو ڏسڻ جو مطلب آهي تہ هو پاڻ کي دريافت ڪرڻ چاهين ٿا. پنھنجي پاڻ کي بھتر کان بھتر ڏسڻ جي چاھہ رکن ٿا. اهو ئي دور آهي جڏهن هو احساسِ ڪمتريءَ ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا. تقريباً هر ٻار ان دور ۾ ڪا نہ ڪا ڪميءَ محسوس ڪندي، کيس احساسِ ڪمتري جو تجربو ٿئي ٿو، جيڪو هڪ فطري عمل آهي.
ان عمر جي ٻارن جا ڪيترائي اڻ وڻندڙ رويا، سندن احساسِ ڪمتري جو رد عمل ٿين ٿا. مائٽن جي بار بار روڪ ٽوڪ، کين مستقل هدايتون ڪندي رهڻ ۽ بيجا تنقيد وغيرہ ٻارن جي عزت نفس کي مجروح ڪري ٿي، پوءِ هو پاڻ وڻائڻ لاءِ اهڙا طريقا اختيار ڪن ٿا، جيڪي معاشري لاءِ قابلِ قبول نہ آهن. انھن ٻارن جو منفي رد عمل والدين جي لاپرواھہ روين ۽ کين نظر انداز ڪرڻ سبب سامھون اچي ٿو. والدين جو رويو ٻارن سان سٺو هجي پر ٻار، اهو بہ ڏسي ٿو تہ والدين يا خاندان جا رويا هڪٻئي سان ڪھڙا آهن يا هو ساڳئي وقت ٻين ماڻھن سان ڪھڙو ورتاءُ ڪن ٿا. ان عمر جي ٻارن جو ذهن آئيني مثل ٿئي ٿو، جنھن ۾ والدين جي روين جو عڪس اڀري سندن معصوم ذهنن تي نقش ٿي وڃي ٿو. اڳتي هلي هو والدين جي نقش قدم تي هلڻ لڳن ٿا.
آئيني ڏسڻ جا مثبت پھلو بہ آهن، انسان کي پنھنجو پاڻ کي آئيني ۾ ڏسي سٺو احساس ملي ٿو. ٻار جي ذات جي توقير
(Self Esteem) سندس نظرن ۾ وڌي ٿي. ٻار کي ساراهڻ ۽ کيس پنھنجي اهميت جو احساس ڏيارڻ يا ٻين لفظن ۾ کيس مثبت سوچ ڏيڻ جي برابر آ هي. سندس ذات جو تصور (Self Image) وڌيڪ چٽو ۽ نمايان ٿيندو وڃي ٿو، جيڪو خود اعتمادي، سچائي ۽ پنھنجائپ جي صورت اختيار ڪري ٿو. روڪ ٽوڪ يا دٻائڻ سان هو ڪوڙ ڳالھائڻ شروع ڪندو. جيڪڏھن کيس توجھہ، پيار ۽ عزت ڏيڻ سان گڏ شخصي آزادي بہ ڏبي تہ هن ۾ سچائي، خود اعتمادي ۽ رواداريءَ جھڙا گُڻ پيدا ٿيندا. ضروري نہ آهي تہ فقط آئينو سندن ذاتي تصور کي همٿائي ٿو. بلڪ والدين جا مثبت ۽ سمجهہ ڀريا رويا بہ آئيني جهرو اعتماد کين عطا ڪن ٿا.
اها حقيقت آهي تہ خود پسند ۽ نرگسيت جو شڪار ماڻھو بہ آئيني سان پيار ڪري ٿو. جديد ريسرچ مطابق مردن وٽ مثبت جسماني تصور ٿئي ٿو پر عورتن جي اڪثريت پنھنجي جسماني بيھڪ کان ناخوش نظر ايندي آهي. عورت پاڻ کي تنقيدي نگاھہ سان ڏسي ٿي، اسي فيصد ماڻھو آئيني جي سچ کان ناراض نظر ايندا آهن، جنھن جي ڪري اڄ هر طرف بيوٽي پارلر، اسپا، باڊي شاپس نظر اچن ٿيون. هزارين ماڻھو پلاسٽڪ سرجري ڪرائين ٿا. Botox جي متعارف ٿيڻ بعد انجيڪشنز وسيلي چهري جا گهنج وغيرہ غائب ٿي وڃن ٿا، جنھن ۾ موجود Botulinum Toxin جا ناخوشگوار اثر پڻ حسين چھرن کي ڀوڳڻا پون ٿا. ان سان گڏ ليزر وسيلي علاج جي سھولتن ۽ وارن جي ٽرانس پلانٽ پڻ چھرن جي رونق ۽ خوداعتمادي وڌائي ڇڏي آهي. دراصل خود پسندي ۽ نرگسي روين، بناوٽ ۽ نقلي پڻي ۾ اضافو ئي ڪيو آهي.
هڪ عام چھرو بہ نقلي خوبصورتيءَ جو ماسڪ پائي حسين نظر اچي سگهي ٿو. وار، پنبڻيون، چھري جو رنگ، وارن جو رنگ، ۽ ڊيگهہ؛ انھن ۾ ڪابہ شيءِ خالص ۽ اصلي حالت ۾ موجود نہ آهي. اها ڪوشش آئيني جي سچ کي ريجهائڻ جي ڪامياب ڪوشش آهي. هر نقلي شيءِ پُرڪشش ۽ دل لُڀائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. ايتريقدر جو لفظ ۽ لھجا بہ بناوٽي ٿي چڪا آهن. ظاهري خوبصورتي ۽ ڏيکاءُ پڻ زندگيءَ کان فطري پڻو کسي ورتو آهي. نقلي خوبصورتيءَ کي تہ تمام گهڻو وقت ڏنو وڃي ٿو. پر اندر جي خوبصورتيءَ کي سنوارڻ ۽ سجائڻ جو تصور اڄ جي دور ۾ اڻلڀ ٿي چڪو آهي. سچائي، سادگي ۽ خالص پڻي کي پسند ڪرڻ وارا ماڻھو مشڪل ئي نظر اچن ٿا. خوبصورتي هڪ ڏينھن فنا ٿي وڃي ٿي، پر خوبصورت سوچ ۽ احساس سدائين انسانيت جو اندر اجاريندا رهن ٿا. هن زندگيءَ جو توازن بہ ان اجري احساس جي ڪري قائم آهي.

آکاڻي: ذهني ترتيب جو ذريعو

هڪ دفعي ٻارن لاءِ ڪوٺايل هڪ ادبي ميلي دوران اسڪول جي ٻارن سان ڪچھري ڪرڻ جو موقعو مليو. پروگرام ۾ ٻارڙا ۽ سندن استاد ويٺا هئا. مون جڏهن ٻارن کان اهو سوال ڪيو تہ ڇا توهان ڪڏهن ڪا آکاڻي پڙهي يا ٻڌي آهي؟ تہ سندن خاموش چھري تي ڪوبہ تجسس ڀريو تاثر نہ اڀريو. خاموش خالي نظرن سان تڪيندا رهيا، جنھن تي مون کي ڏاڍي حيرت ٿي. ”ڀلا امڙ يا ناني ڪڏهن توهان کي آکاڻي ٻڌائي آهي؟“؛ کانئن ٻيھرسوال ڪيوسين ۽ ان سوال جو جواب ٻڌي تمام گهڻو اچرج ٿيو تہ انھن ٻارن پنھنجي وڏڙن کان اڄ تائين ڪا ڪھاڻي ئي ڪونہ ٻڌي هئي. ايتريقدر جو ٻار جواب ڏيندي بہ هٻڪي رهيا هئا. سندن ذات ۾ خوداعتماديءَ جي کوٽ صاف محسوس ٿي رهي هئي. انھن ٻارن جون عمرون ڏهن کان پندرهن سالن تائين هيون، جن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون شامل هئا. ڇوڪريون ڪجهہ متحرڪ هيون؛ البتہ ڇوڪرا لاتعلق ٿي لڳا. ائين محسوس ٿيو ٿي تہ گهر وارن جو انھن ڇوڪرن سان فعال رابطو نہ هو ۽ استادن سان بہ سندن گفتگو ۾ هڪ خال نظر اچي رهيو هو. اهو شايد ٻارن جو پھريون موقعو هو، جڏهن هو اديبن جي ڪچھريءَ ۾ ويٺا هئا.
اها حقيقت آهي تہ سنڌي ادب ۾ لوڪ ادب جو هڪ شاندار خزانو موجود آهي. 1956ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ وارن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ خان جي ذاتي دلچسپي ۽ راهنمائيءَ سبب ان حوالي سان ڪافي مواد گڏ ڪيو. لوڪ قصا، لوڪ گيت، پھاڪا، ڳجهارتون، ڏور، بيت ۽ ٻيو گهڻو مواد چاليھن کان مٿي ڪتابن جي صورت ۾ سھيڙيو ويو. بلوچ صاحب کان علاوہ ٻين محققن پڻ ان ڪم ۾ بھرو ورتو.
سنڌي لوڪ ڪھاڻي خاص طور تي پراڻي صنف آهي، جيڪا نہ فقط دلچسپ آهي، بلڪ اها ٻارن جي راهنمائي ڪندڙ بہ آهي. انھن ڪھاڻين ۾ ڏند ڪٿائون، عشقيہ داستان، جانورن ۽ پکين متعلق آکاڻيون، ديوين پرين جا قصا پڻ شامل آهن. لوڪ ڪھاڻين کي انگريزي دور ۾ لکيو ۽ سھيڙيو ويو. انگريزي زبان ۾ بہ دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين جو لوڪ ادب جو ترجمو ڪيو ويو آهي. سڄي دنيا ۾ ٻاراڻي لوڪ ادب تي توجھہ ڏني وڃي ٿي ۽ ٻارن کي لوڪ ادب کي پڙهڻ جو موقعو فراھم ڪيو وڃي ٿو. اها نسل جنھن جون پنھنجن وڏڙن کان ڪھاڻيون ٻڌل آهن، سا ذهني ۽ روحاني طور تي سگهاري ۽ حڪمت عملي جوڙيندڙ ٿئي ٿي.
انھن ڪھاڻين وسيلي ٻار ۾ مثبت سوچ ۽ لاڙا پيدا ٿين ٿا. ٻار جي ٻولي ۾ پختگي اچي ٿي. نہ فقط سندس تصوراتي سگهہ اُسري ٿي، پر هو اخلاقي طور تي بہ سگهارو ٿئي ٿو. ميڙ ۾ ڪم ڪرڻ جو ڏانءُ سکي ٿو. وڏي لاءِ هو سماجي طور تي پاڻ ڀرائيءَ جي احساس تحت پنھنجا رستا پاڻ ڳولي ٿو لھي. ٻار ۾ محبت، همدردي، تعاون ۽ خيال رکڻ جا گڻ پيدا ٿين ٿا. ’نيچرل ايجوڪيشن‘ جي ليکڪا جو چوڻ آهي تہ ننڍي عمر ۾ ٻار جا حواس تيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي تہ اڳتي هلي هو سٺي طور تي زندگي گذارڻ جو ڍنگ سکي وٺندا، جنھن جو موثر ذريعو ڪھاڻي آهي. اسان وٽ موبائيل ۽ انٽرنيٽ جي وڌندڙ استعمال سبب مطالعي جي عادت ختم ٿي رهي آهي. ٻار جڏهن پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڪتاب پڙهي ٿو، تہ سندس ذهني ۽ جذباتي واڌ ويجهہ خالص بنيادن تي ٿئي ٿي. گهڻي ڀاڱي ننڍپڻ کان مطالعو ڪندڙ ماڻھو، اڳتي هلي ليکڪ ۽ سٺا شھري ٿين ٿا.
مطالعي سان ذهني يڪسوئي پيدا ٿئي ٿي. نوان خيال ۽ تصور ملن ٿا. ڪتاب پڙهندڙ ۾ سوچ، سمجهہ، ڏاهپ ۽ فيصلي جي قوت پيدا ٿئي ٿي. انڪري يورپ ۽ آمريڪا ۾ ڪتاب پڙهڻ جو چاھہ ٽيلي وزن يا سينيما بہ نہ گهٽائي سگهيا آهن. ترقي يافتہ ملڪن ۾ ٻار جي ذهني اوسر ۽ شخصيت جي تعمير تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ٿو. ڪھاڻيون، موسيقي، ڊراما ۽ رانديون ٻار جي لڪل صلاحيتن کي اڀارينديون آهن، جنھن سبب انھن ملڪن جا ٻار اظھار ۽ پختگي رکن ٿا ۽ هر موضوع تي ڳالھائڻ تي کين عبور حاصل رهي ٿو.
نفسياتي طور تي ڪھاڻيون ۽ قصا ٻڌڻ سان ڳالھہ ڪندڙ ۽ ٻڌندڙ جي وچ ۾ هڪ تعلق پيدا ٿئي ٿو. ڇو تہ ٻڌندڙ انھن ڪھاڻين ۽ قصن ۾ پنھنجو پاڻ پسي ٿو. ان عمل کي عصبي جوڙ (Neural Coupling) چيو وڃي ٿو. قصن ڪھاڻين ٻڌڻ سان ذهن متحرڪ ٿئي ٿو. ٻين لفظن ۾ تنتي سرشتي ۾ واقع Multiple Cortices کي تحرڪ ملي ٿو، جنھن سان خاص ڪيميائي عمل Dopamine جو اخراج ٿئي ٿو. اهو نيورو ٽرانسميٽر، جذباتي ردعمل جو سلسلو فعال رکي ٿو. جن ماڻھن جي ذهن ۾ ڊوپامين گهٽ خارج ٿين ٿا انھن ۾ نشي جون عادتون ۽ عصبي بيماريون عام ٿين ٿيون. جڏهن تہ ان ڪيميائي عمل جو توازن توجھہ، ياداشت، مزاج ۽ سکيا تي سٺو اثر پوي ٿو. جيڪڏهن ڪنھن ٻار کي فقط پڙهائي ڪرڻ تي زور ڀرجي، جنھن سبب هو ذهني دٻاءَ جو شڪار رهي تہ پوءِ اهو ٻار کاٻي ذهن جو ٿئي ٿو. ذهن جو اهو پاسو منطقي ۽ تجزياتي صلاحيت رکي ٿو. اهي ماڻھو تبديلي کي جلد قبول نہ ڪندا آهن. اسان جي ملڪ ۾ اهڙن ماڻھن جي اڪثريت آهي، پر جيڪڏهن ساڄي ذهن کي ڪھاڻين، دلچسپ مشغلن ۽ ڪارائتي گفتگو وسيلي تحرڪ ڏنو وڃي تہ ماڻھو تخليقي ۽ تصوراتي سگهہ جو حامل ٿئي ٿو. ڇو تہ ساڄو ذهن تصور، تخيل، خواب، ادراڪ ۽ وجداني عمل سان براھہ راست رابطي ۾ رهي ٿو. جيتوڻيڪ اهڙن ماڻھن جو تعداد گهٽ هوندو آهي، پر اهي پنھنجي سوچ جي نواڻ ۽ خيالن جي تازگيءَ سان سماج ۾ وڏيون ذهني تبديليون آڻيندا آهن. تبديلي، تصوراتي سوچ ۽ خواب ڏسندڙ ماڻھو آڻي ٿو. تبديلي داخلي رويو آهي.
انگريزي ادب ۾ 1697ع ڌاري Charles Perrault جو ڪتاب ‘Tales of Mother Goose’ ۽ جوزف جيڪب جي ڪتاب
‘English Fairy Tales’ شھرت ماڻي. ان کانسواءِ سنڊريلا، سنو وائٽ، بيوٽي اينڊ دي بيسٽ ۽ سليپنگ بيوٽي جڳ مشھور ڪھاڻيون آهن، جن تي اينيميٽڊ ۽ حقيقي فلمون ٺھي چڪيون آهن. سنڌي ۾ نيلم پري، سياڻو ڪانو، هيڪل ديو ۽ سون پري، زور بادشاھہ، اٺ ۽ گدڙ جي دوستي، ڪُمي ۽ طوطي جي دوستي وغيرہ شامل آهن. ٻارڙن جا ماهوار ڪتاب گلن جھڙا ٻارڙا ۽ گل ڦل بہ ڇپجندا رهيا آهن. اردو ۾ نونھال، بچون کي دنيا ۽ ٽوٽ ٽبوٽ ٻارن ۾ گهڻا مقبول آهن.
سنڌي لوڪ آکاڻين کي پرائمري ليول تي ڪورس جي ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. ڪھاڻين جو اهو ڪتاب ’ڪھاڻي ڪلاس‘ نالي پيريڊ ۾ پڙهايو وڃي. ٻار جي ذهني تربيت جيڪا والدين ۽ اڄ جو استاد ڪرڻ کان قاصر آهي، اهي ڪھاڻيون ڪري ڏيکارينديون. ڇو تہ ڪھاڻي سان نہ فقط جمالياتي ذوق ۾ اضافو ٿئي ٿو، پر زندگي ۽ ڪائنات جي باري ۾ بہ ڄاڻ ملي ٿي. ماحولياتي ڄاڻ ۽ مثبت روين جي سکيا فقط دلچسپ آکاڻين وسيلي ممڪن آهي.
سنڌي ٻار، ادب جي حوالي سان نظر انداز ٿي رهيو آهي. ٻارن لاءِ نہ باغ آهن ۽ نہ ئي ڪھاڻين جا ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود آهن. نہ ئي والدين ان سلسلي ۾ ڪا ڪوشش وٺن ٿا. والدين کي گهرجي تہ مھيني ۾ هو گهر ۾ ڪا هڪ اهڙي ويھڪ رکن، جنھن ۾ خاندان جي ٻارن کي گڏ ڪري کين آکاڻيون زباني يا پڙهي ٻڌايون وڃن. ان کان علاوہ کين ڪتاب خريد ڪرڻ جي لاءِ حوصلا افزائي بہ ڪرڻ گهرجي.
سنڌي ڪھاڻي بہ قصن ۽ لوڪ داستانن مان جڙي، جديد آکاڻي جو روپ ڌاريو آهي. سنڌي ڪھاڻي ادب جي سگهاري صنف رهي آهي، جيڪا لمحي جي اُتساھہ کان وٺي مڪمل زندگيءَ جو احاطو ڪري ٿي. چڱن سالن جي ماٺ کانپوءِ انيس اڪيڊمي ڪھاڻي ڪانفرنس ڪرائڻ لڳي. پھرين ڪھاڻي ڪانفرنس 2008ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ منعقد ڪرائي وئي، جنھن ۾ فقط 28 ڪھاڻيون مليون. پوءِ ٻي ڪھاڻي ڪانفرنس ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ٿي. ٽين لطيف يونيورسٽي خيرپور جڏهن تہ چوٿين ڪھاڻي ڪانفرنس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٿي، جيڪا ڪھاڻي جي سؤ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪوٺائي وئي هئي. انيس اڪيڊمي سڄو سال ڪھاڻي جي سو سالن جي تقريبن جي سلسلي ۾ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ پروگرام ڪيا. ان بعد اڪيڊمي کي 75 ڪھاڻين کان وٺي مقابلي ڪرائڻ لاءِ 90 ڪھاڻيون بہ مليون.
انھن سڀني ڪوششن جي باوجود بہ سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب جو هڪ وڏو خال محسوس ٿئي ٿو. لوڪ آکاڻين کي رنگين تصويرن سان شايع ڪرائڻ گهرجي. انگريزي ۾ تصويرن سان ڪھاڻين جا ڪتاب دستياب آهن، جيڪي ڪھاڻيون دنيا جي لوڪ ادب مان ورتل آهن. اسان کي بہ لوڪ ادب جي خزاني مان سٺين ڪھاڻين جو انتخاب ڪري ٻاراڻي ادب کي وسعت ڏيڻ گهرجي.

خوف جي پس منظر مان اُسرندڙ نسل

خوف هڪ فطري جذبو آهي. خوف جا ٻہ پھلو آهن: هڪ تعميري، جنھن ۾ انسان فطري خوف جي احساس هيٺ پنھنجي دفاع ڪرڻ لاءِ سوچي ٿو. خوف جو احساس نہ هئڻ جي صورت ۾ جسماني ۽ ذهني قوتون متحرڪ نٿيون رهن. خوف جو ٻيو پھلو تخريبي آهي. هي اُهو رخ آهي، جنھن ۾ انسان ڪنھن بہ مالي يا جاني نقصان جي خطري کانسواءِ بہ مستقل خوف جي حالت ۾ رهي ٿو. اهو نامعلوم خوف، انسان جي سمورين ذهني قوتن کي بي اثر ڪريو ڇڏي. سندس شخصيت عدم توان جو شڪار ٿي وڃي ٿي.
تخريبي خوف جو ٻوٽو ذهن ۾ ننڍپڻ کان اُسرڻ شروع ٿئي ٿو. هڪ موڙ تي اهو خوف شعوري سطح کان ٻاهر نڪري انسان کي سخت پريشان ڪري ٿو. موجودہ صورتحال ۾ خوف هڪ اڻٽر حقيقت وانگر محسوس ٿئي ٿو. گهر منتشر آهن، گهر کان ٻاهر زندگي غير محفوظ لڳي ٿي. ماڻھو هڪ غير يقيني صورتحال ۾ مبتلا آهن. اسان وٽ اڪثر ڪنھن بہ پريشان ڪن صورتحال کي حقيقت پسندي تحت قبول نٿو ڪيو وڃي ۽ نہ ئي ماڻھن ۾ ذاتي تجزيي جي صلاحيت موجود آهي. ميڊيا کين تصوير جو جيڪو بہ رخ ڏيکاري ٿي يا وري سندن ڀوتار پنھنجين اکين سان جيڪا دنيا ڏيکارين ٿا، ان کي قبول ڪجي ٿو. سوچ پنھنجي ناهي بلڪ نظريا اڌارا ورتل آهن. ملڪ مستقل بدامني ۽ دهشتگردي جو شڪار رهوي آهي، جنھن ڪري هڪ عام ماڻھو خوف جي گهري ڪُنَ مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو.
خوف جا ڪيترائي تعميري پھلو پڻ آهن، مثال طور خوف انسان کي مستقل حرڪت ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو ۽ هو ان صورتحال کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ حل ڳولھڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. دنيا جي مختلف قومن جا مثال اسان جي سامھون آهن، جيڪي خوف جي پس منظر مان اُسري عروج تائين پھتيون آهن، جن ۾ جرمني، ڪوريا، جپان، چين ۽ ويت نام شامل آهن. ان کان علاوہ پهرين ۽ ٻي مھاڀاري لڙاين ۾ حصو وٺندڙ ملڪ پڻ ماضيءَ جي غلطين مان گهڻو ڪجهہ سکي پنھنجون موجودہ حالتون بھتر بڻائي چڪا آهن. انھن قومن کي رهبر سٺا مليا آهن. قوم کي مثبت سوچ ۽ راھہ ڏسڻ جو ڏانءُ ڪو سچو اڳواڻ ئي ڏئي سگهي ٿو. هن ملڪ جي ٺھڻ جي ڪيترن سالن بعد بہ حقيقي اڳواڻي جو خلا هر دور ۾ محسوس ٿيندو رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو اهڙو ليڊر اڳيان آيو بہ آهي تہ سازش وسيلي کيس رستي تان هٽايو ويو آهي.
دنيا جي مشھور شخصيتن کي مختلف خوف درپيش رهيا آهن، جيئن مشھور سائنسدان نيوٽن جيڪڏهن پاڻي کان خوف کائيندو هو تہ روم جو شھنشاھہ آگسٽس کنوڻ ۽ بادلن جي گوڙ کان ڏڪي ويندو هو. روس جو عظيم ناول نگار ڪنھن اڻڄاتل بلا جو سوچي خوفزد ٿي ويندو هو. ماهر نفسيات فرائڊ ۽ هٽلر موت جو سوچي دهشت زده ٿي ويندا هئا. فرائڊ تہ اڪثر ان خوف ۾ بيھوش بہ ٿي ويندو هو. جنگ عظيم جو هيرو لارڊ رابرٽس ٻلين کان خائف رهندو هو. مشھور نقاد ڪارلائل لاءِ چيو ويندو آهي تہ هو ڪڏهن بہ ڪنھن دوڪان ۾ داخل نہ ٿيو. شھنشاھہ فريڊرڪ اعظم نئين لباس ۽ هالينڊ جو ناميارو اسڪالر راسمس مڇي کان خوف کائيندا هئا. اينگزائٽي، ڊپريشن ۽ شيزوفرينيا جھڙيون ذهني تڪليفون خوف جو باعث بڻجن ٿيون. دنيا جي ادب جا مشھور اديب، شاعر، مصور، راڳي ۽ موسيقار مختلف ذهني بيمارين جو شڪار هئا، پر انھن پنھنجي خوف ۽ احساس محرومي کي تخليقي صلاحيتن اندر اوتي ڇڏيو.
هن وقت صورتحال اها آهي تہ ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشت گردي جي واقعن، ٽارگٽ ڪلنگ ۽ بدامني، اغوا ۽ ڦرن جي وارداتن هڪ عام ماڻھوءَ کي ذهني طور تي هيسائي رکيو آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا هڪٻئي کان گوءِ کڻي وڃڻ ۽ ريٽنگ جي چڪر ۾ اهڙا واقعا ڏيکاري ٿي، جيڪي ماڻھن ۾ خوف ۽ هراس پيدا ڪن ٿا. جنھن جي ڪري نئين نسل پاڻ کي ذهني طور تي مفلوج محسوس ڪرڻ لڳي آهي. اڪثر بريڪنگ نيوز جو ٻڌي ماڻھو خوف ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا. اهي ڇرڪائيندڙ خبرون چئنلز جي اهميت وڌائي ڇڏين ٿيون پر هڪ عام ماڻھو اڻڄاتل ڊپ ۾ ويڙهجي وڃي ٿو. انھن چئنلز تي سياستدانن جا اجايا بحث مباحثا ڏيکاريا وڃن ٿا، جن ۾ غير مھذب زبان استعمال ڪئي وڃي ٿي ۽ جنھن سان رڳو ويڇا وڌن ٿا. انھن ’ٽاڪ شوز‘ جا ميزبان پڻ متضاد ڳالھيون ڪري مسئلن کي الجهائين ٿا. جڏهن تہ سندن ڪم ميزباني ڪرڻ ۽ عوام آڏو غيرجانبدار تجزيو پيش ڪرڻ آهي. انھن چئنلز تي خوشگوار واقعن جي ڪوريج نظر نٿي اچي. سندن موضوع محاذ آرائي جي سياست، دهشت گردي ۽ بم ڌماڪن جي واقعن تائين محدود آهي. جنھن جي ڪري ڊپ ۽ بي حسي معاشرتي مزاج جو حصو بڻجي وڃي ٿي.
ان صورتحال ۾ نئون نسل براھہ راست متاثر ٿي رهيو آهي. خاص طور تي 11 سالن کان 18 سالن جو دور ٻار جي شخصيت جي تعمير لاءِ اهم آهي. منفي ۽ مثبت لاڙا جيڪي ان دور تي ڇانيل آهن سي زندگيءَ جي ٻين پھلوئن تي بہ پنھنجو اثر قائم رکن ٿا. ٻار لاءِ 11 سالن جو عرصو گهرو زندگيءَ جي حوالي سان اهميت رکي ٿو. نا سازگار گهريلو حالتن جي ڪري جيڪڏهن ٻار جي خوداعتمادي متاثر ٿئي ٿي تہ پوءِ هو ٻاهرئين ماحول جو اثر وڌيڪ وٺي ٿو. فرار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. الميو اهو آهي تہ ٻاهرئين دنيا کان بہ کيس ڊپ ۽ بي يقيني ملي ٿي. انڪري پڙهائي ۾ بہ ٻار جي ذهني يڪسوئي ۽ ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي. وري حالتن جا ستايل مائٽ بہ پنھنجي فرسٽريشن مٿن مڙهي ٿا ڇڏين، جنھن جي ڪري اڄ جي دور جو ٻار شديد ذهني بحران جو شڪار آهي.
جڏهن بہ ميٽرڪ، انٽر، او ليول يا اي ليولز جا رزلٽ اچن ٿا تہ ٻارن جي پريشاني ڏسڻ وٽان هوندي آهي. انھن حالتن جي باوجود بہ اڪثر ٻار سٺا رزلٽ آڻين ٿا، جتي گهر ۾ ٻارن کي وڌيڪ توجھہ ڏنو وڃي ٿو. اُتي مثبت نتيجا مليا آهن. توجھہ ڏيڻ جو مقصد اهو ناهي تہ اسڪول ۽ ٽيوشن کانپوءِ وري ٻار کي پڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ڏسڻو آهي تہ والدين ٻار جي ذهني ڪيفيتن، خوف ۽ بي يقينيءَ واري صورتحال کي ڪيترو سمجهن ٿا. انھن کي آزادي سان اظھار ڪرڻ ڏين ٿا يا هو هر حال ۾ ٻار مان سٺي گريڊ ۽ پوزيشن جي توقع ڪن ٿا. خوف ۽ بي يقينيءَ جو ستايل ٻار ذهين هوندي بہ اسڪول ۾ اها ڪارڪردگي نٿو ڏيکاري سگهي، جنھن جي توقع ڪئي وڃي ٿي. انڪري گهربل نتيجو نہ ملڻ سبب اڪثر نوجوان انت آڻي ڇڏين ٿا. سماج سٺا گريڊز ۽ وڏين نوڪرين جي چڪر ۾ ڪيئي خاندان زوال پذير ٿين ٿا.
اسان کي ان ٻار جي وڃايل اعتماد جي نئين سرتعمير ڪرڻي آهي. هن کي تعليمي سرگرمين ۾ مصروف رکڻو آهي. سندس چوڌاري اهڙو ماحول پيدا ڪرڻو آهي، جيڪو کيس ڊپ ۽ وسوسن مان ٻاهر ڪڍي اچي. هن نسل تي اڄ جيڪڏهن اسان توجھہ نہ ڏينداسين تہ اسان جو آئيندو بہ غير محفوظ ۽ خوفزد رهندو. وڏي عمر جو ماڻھو گهٽ تبديل ٿئي ٿو. سندس رويا بہ بي لچڪ ٿين ٿا. هو پنھنجن مشاهدن ۽ تجربن کي سامھون رکي ڳالھائي ٿو.
اڪثر دور جي گهرجن مطابق سندس سوچ ۽ رويا محسوس نٿا ٿين. هو ڪٿي غيرمنطقي بہ ٿي وڃي ٿو، جنھن سان جنريشن گئپ وڌي وڃي ٿو. پوئين نسل کي دور جي تقاضائن سان واقفيت حاصل ڪندي پنھنجي نئين نسل لاءِ تبديل ٿيڻو پوندو. انڪري تبديلي اهو ٻار آڻي ٿو، جنھن جي بھتر پرورش ڪئي وڃي ٿي، جنھن ۾ فقط سٺو کاڌو ۽ بھتر اسڪولنگ شامل نہ آهي. بلڪ اُتساھہ، اعتماد، مثبت رويو ۽ ذهني گهرجن جي پورائي شامل آهي. جيڪو مثبت ۽ يقين وارو رويو ٻار کي سندس گهر مان ملي ٿو، سو ئي هُو معاشري کي موٽائي ڏئي ٿو. ٻار جي تربيت ۾ ماءُ ۽ پيءُ برابر جا شريڪ آهن، پر پيءُ جي ذميواري ماءُ کان بہ وڌيڪ آهي. والد فقط پيسي مھيا ڪرڻ جو ذريعو نہ هئڻ گهرجي. بلڪ کيس وقت ڪڍي ٻارن ساڻ سٺو وقت گذارڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ٻارن جي سوچ جي فعاليت ۽ عملي سوچ جوڙڻ ۾ والد جو اهم ڪردار ٿئي ٿو.

خود شناسيءَ جو جوهر

خودشناسيءَ جو مطلب پنھنجو پاڻ سڃاڻڻ آهي. ذات جي سمجهہ يا ڪائنات جي پرک، حواس خمسہ ذريعي ممڪن ٿي سگهي ٿي. حسياتي محرڪ وسيلي اسان جو تعلق ڪائنات سان جڙي ٿو. حواس خمسہ جا پنج ذريعا آهن، جن ۾ ڏسڻ، ٻڌڻ، چکڻ، سنگهڻ ۽ ڇھڻ جون حِسون شامل آهن. انھن وسيلي اسان روزمرہ جي زندگيءَ جو ويجهو کان مشاهدو ڪريون ٿا، جيڪي اسان جي تجربن جو نچوڙ ٿين ٿيون.
ٻين لفظن ۾ اهي حسياتي محرڪ يعني سوچ، سمجهہ، پرک، مشاهدو، تصور ۽ وجدان ڏاهپ جو اُهڃاڻ آهن. حواس خمسہ جي بھترين ڪارڪردگي ڇھين حس کي جلا بخشي ٿي، جيڪا فھم و فراست، ادراڪ ۽ وجداني ڪيفيتن سان سلھاڙيل آهي. اڳي ٻار جي اهڙيءَ ريت تربيت ڪئي ويندي هئي جيئن سندس ذاتي سمجهہ ۾ اضافو ٿئي. هو پاڻ مشاهدو ڪري سگهي ۽ فيصلي ڪرڻ جو ڏانءُ سکي. حڪمت عملي جوڙڻ جو فن سکي. نہ ڪي اڄ جي دور وانگر، جنھن ۾ مائٽ هٿ پڪڙي ٻار کي وٺي هلن ٿا. نہ هن ۾ پاڻ ڀرائيءَ جو احساس ٿو اُسري ۽ نہ ئي ذاتي خود اعتمادي جو عڪس سندس ذات ۾ نظر اچي ٿو. انڪري سندن ذات ۾ عام سمجهہ (Common Sense) جي ڪمي واضح طور تي نظر اچي ٿي.
اها حقيقت آهي تہ ڪي ڳالھيون واضح ۽ حقيقت جي ويجهو هونديون آهن. ۽ انھن کي بنان سمجهاڻي يا وضاحت جي سمجهڻ گهرجي. اها سمجهہ مشاهدي جي محتاج ٿئي ٿي. ڊگريون فقط ڪتابي علم ڏين ٿيون. جڏهن تہ فڪري ۽ عملي مشاهدن ۾ تجزياتي سوچ جو فقدان نظر اچي ٿو.
سنڌ جو مزاج، خودشناسيءَ جي جوهر تي منحصر هو. زندگيءَ جو معيار ذهني ۽ اخلاقي طور تي موجودہ دور کان بھتر هو. رابطا فعال، سماجي زندگي مضبوط ۽ ذهن پُرسڪون هو. ان دور ۾، شخصيت جي اوسر ۾ فطري ماحول جي ڄاڻ، آکاڻين ۽ والدين جي مثبت روين جو وڏو هٿ هو. زندگي سادي ۽ مونجهارن کان پري هئي. پر جيئن بناوٽ معاشرتي زندگيءَ جو در کڙڪايو، انسان هر طرح جي مونجهارن ۾ وڪوڙجي ويو. جيڪڏهن ان دور ۾ ڪا ڪمي ۽ محرومي هئي بہ تہ اها احساساتي سگهہ جو ذريعو بڻبي هئي.
اهم ڳالھہ اها آهي تہ فطري مشاهدن، سادگي، تنھائي ۽ ذهني سڪون بنان حواس خمسہ متحرڪ نٿا ٿين. جھڙيءَ ريت پروليون، ڳجهارتون ۽ حساب ذهني ڪارڪردگيءَ کي وڌائين ٿا. ساڳيءَ ريت ساوڪ حسياتي طور تي فعال بڻائي ٿي. روزمرہ زندگيءَ سان رابطي بنان خودشناسي جو تصور غير مڪمل رهجي وڃي ٿو.
هڪ لحاظ سان چئي سگهجي ٿو تہ عام زندگيءَ سان ويجهڙائي ۽ ذهني يڪسوئي ذات جي سمجهہ يا ساڃھہ عطا ڪن ٿا. ذاتي تجزيي جي صلاحيت ۾ اضافو ٿئي ٿو، جنھن کي موجودہ لمحي جي طاقت (Power of Present Moment) چيو وڃي ٿو. هڪ لمحي ۾ زندگي بدلجي ٿي. ڪڏهن تہ سالن تائين ماڻھو اڻڄاڻ رهي ٿو تہ ڪڏهن لمحي ۾ کيس عرفان حاصل ٿئي ٿو. رڳو انسان کي وقت سان هلڻ جو هنر اچڻ کپي. کيس وقت جي هر پهر جي طبي و روحاني رمز کان واقفيت حاصل هجي. اهي پهر انساني روين، صحت ۽ ذهن تي مختلف اثر ڇڏين ٿا. چوڻي آهي تہ: ”جنھن نہ سڃاتو وقت کي حيف آ ان جي بخت تي.“ اسان کي ان سان گڏ ذهن جي ڪارڪردگيءَ کي بہ سمجهڻو پوندو، جيڪو هڪ طرف جسماني مڪينزم آهي تہ ٻئي پاسي ڏات ۽ ڏانءُ جو سنگم پڻ ٿئي ٿو. مشھور نفسيات دان سگمنڊ فرائڊ شعور، لاشعور ۽ تحت الشعور جي وضاحت ڀرپور انداز ۾ ڪئي آهي. هن ذهن کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي:
1. شعوري ذهن: موجودہ وقت ۾ اسان شعوري حالت ۾ آهيون. جيئن توهان هي مضمون پڙهي رهيا آهيو. چوڌاري زندگيءَ جي چرپر جاري آهي. موجودہ وقت ۾ سمجهہ سان موجود هئڻ کي شعوري مشاهدو چيو وڃي ٿو. انڪري شعور هڪ ئي وقت ۾ اندرئين ۽ ٻاهرئين دنيا سان رابطي ۾ رهي ٿو. ان جو اظھار، گفتگو، تصويرن، لکڻين، جسماني تحرڪ ۽ خيال وسيلي ڪيو وڃي ٿو.
2. تحت الشعور: ذهن جي ان حصي ۾ تازين يادن وسيلي، شعور سان رابطو بحال رهي ٿو. ضرورت مطابق اهي يادگيريون ٻيھر، ذهن جي سطح تي تري اچن ٿيون. جيئن ٽيليفون نمبر، ايڊريس، روزمرہ جي معاملن جي تفصيل، خيال، رويا، عادتون ۽ جذبا وغيرہ ڪنھن نہ ڪنھن محرڪ وسيلي پنھنجو ڪم ڏيکاريندا رهن ٿا.
3. لاشعوري ذهن: ذهن جي هن حصي ۾ سموري زندگيءَ جا واقعا، حادثا، مشاهدا ۽ اڻوڻندڙ يادون محفوظ رهن ٿيون. شعور هر پل لاشعور سان رابطي ۾ رهي ٿو. لاشعور کي سمجهڻ ڏکيو عمل آهي. سگمنڊ فرائڊ، لاشعور کي دٻيل خواهشن ۽ جذبن جو قيد خانو سمجهي ٿو. جنھن جي ڇنڊ ڇاڻ کي نفسياتي تجزيي (Psycho Analysis) جو نالو ڏئي ٿو. فرائڊ جو خيال هو تہ ماڻھن جي لاشعور کي شعوري سطح تي آڻي سندن علاج ڪجي، جنھن جو مقصد دٻيل خواهشن کي سامھون آڻڻ هو. برٽرينڊ رسل چواڻي تہ: ”ڪو وقت اهڙو ايندو جو تحليل نفسي منافع بخش ڪاروبار بڻبو ۽ ماڻھو پنھنجين محرومين ۽ اندر جي غبار جي اظھار لاءِ بي چين هوندا ۽ آٿت ڏيندڙ نفسياتي ماهرن کي پئسا ڏيڻ لاءِ آمادہ هوندا.“ ان جو سبب اهو آهي تہ زندگيءَ جي مصروفيتن سبب پنھنجائپ ۽ حال اورڻ جا سلسلا ختم ٿيندا رهيا. ساڳئي وقت ڪارل يونگ ”لاشعور کي ڏاهپ جو مرڪز سڏي ٿو.“ هن لاشعور کي ٻن حصن ۾ ورهايو. هڪ حصي کي ”ذاتي شعور“ سڏي ٿو، جيڪو دٻيل خواهشن جو مرڪز آهي. جڏهن تہ ٻيو حصو جنھن کي ”اجتماعي لاشعور“ جو نالو ڏئي ٿو، جنھن ۾ اجتماعي رويا ۽ تجربا شامل آهن. فرائڊ، فرد کي سمجهڻ لاءِ سندس ماضيءَ جو سھارو وٺي ٿو. جڏهن تہ ڪارل يونگ شعور وارتائون سمجهندي مريض جي اندر جو انت لھي وٺندو هو.
ڏٺو وڃي تہ لاشعور اهم طبي ڪم سرانجام ڏيئي ٿو، جنھن ۾ ساھہ کڻڻ، دل جو ڌڙڪڻ ۽ جسم جي مدافعتي نظام وغيرہ شامل آهن. عيسائي مذهبي مبلغ E. Stanley Jones مطابق: ”شعور انساني عمل جو تعين ڪري ٿو ۽ لاشعور رد عمل ڏيکاري ٿو. رد عمل جيڪڏهن اهميت جو حامل آهي تہ عمل پڻ اثر انگيز محرڪ آهي. انڪري جيستائين شعور ۽ لاشعور جي پاڻ ۾ دوستي نہ آهي تہ خودشناسي جو جوهر پيدا ٿي نہ سگهندو.“
ضروري نہ آهي تہ تعميري سوچ فقط ادب تخليق ڪري، پر اها سوچ عمل، زندگي ۽ رشتن ۾ سونھن ۽ توازن برقرار رکڻ جو ڪارڻ بہ بڻجي سگهي ٿي. قديم زماني جي يوگين ۽ صوفين کي نفسيات جي ڄاڻ نہ هئي، پر سندن علم، فطرت جي اصولن سان هم آهنگ هو. مثال هو عفو و درگذر جو درس ڏيندا هئا. جيئن ذهن ۾ مسئلا وڌي وڻ نہ ٿين. نہ ئي زهر ۾ بدلجي ذهن ۽ جسم کي مستقل ڏنگيندا رهن. سندن اهو اصول پڻ هو تہ عمل سٺو رکجي تہ جيئن رد عمل بہ بھترين سامھون اچي. ٻيءَ صورت ۾ انسان جيڪا پوک پوکيندو سا لُڻندو. سندن چوڻ هو تہ مرڪز جي خالص پڻي، احساس جي سونھن يا سوچ جي وحدت کان پري نہ ٿيو. ٻين لفظن ۾ ڌرتي، فطرت ۽ ڪائنات کي سکيا جو ذريعو بڻايو. ان ساڳي ڳالھہ جو پرچار جديد نفسيات ڪري ٿي، پر ان جا اصول قديم خطن تي ترتيب ڏنل آهن. اهي انھن ساڳين روين جو نچوڙ آهن، جيڪي آفاقي حيثيت رکن ٿا. سچ کي ڪنھن بہ وضاحت جي ضرورت نٿي پوي. سونھن جو اثر دائمي ٿئي ٿو ۽ تعلق جي روشني ذهن کي انتشار مان ڪڍي وحدت عطا ڪري ٿي.

بائي پولر ڊس آرڊر

نفسياتي بيمارين جا مختلف سبب ٿين ٿا، جن ۾ پالنا، ماحول جو اثر، موروثيت، ڄم دوران ٿيندڙ پيچيدگيون ۽ فرد جي حساسيت وغيرہ شامل آهن. حمل جي دوران ماءُ جون ڪيفيتون، جيئن مايوسي، خوف يا ڳڻتي وغيرہ ٻار جي ذهني نشونما تي اثرانداز ٿين ٿيون. انڪري نفسياتي ماهر ان دوران عورتن کي پنھنجي ذات ۾ سڪون پيدا ڪرڻ لاءِ چوندا آهن.
معاشرتي ٻٽو معيار ۽ حال نہ اورڻ واري ڪيفيت جي ڪري، ذهني مونجهارا وڌن ٿا. ڊپريشن بہ چئن پنجن مهلڪ بيمارين ۾ شامل آهي، جنھن ڪري موت جي شرح ۾ واڌ آئي آهي. اڪثر ڊپريشن ئي جسماني بيمارين جو ڪارڻ ٿئي ٿو. اسان وٽ جسماني بيمارين جو تہ علاج ڪرايو ٿو وڃي، پر ذهني بيمارين کي نظرانداز ڪيو ٿو وڃي. اول تہ انھن بيمارين جي وقت تي تشخيص نٿي ٿئي. ٻيو مزاج جي بي اعتدالي کي اسان وٽ نارمل سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن تہ مستقل مايوسي، بيچيني، تشويش، ڪاوڙ، جارحيت، حسد، شڪ، يا نفرت ذهني بيمارين جا اهڃاڻ آهن.
اسان جي معاشري ۾ ذهني علالت کي تسليم ڪرڻ ۽ ان جو اعلاج ڪرائڻ کان ماڻھو ڪيٻائين ٿا. سماجي طور تي ذهني مريضن کي قبول نٿو ڪيو وڃي. انھن بيمارين ۾ عورتون وڌيڪ مبتلا ٿين ٿيون. حمل دوران يا ٻار جي ڄم کانپوءِ عورتن کي طبي طور تي مزاج جي خرابين جي شڪايت عام ٿئي ٿي، سندن علامتن ۾ اداسي، ٿڪ، ڳڻتي، ننڊ جي اڻاٺ، روئڻ يا چڙڻ وغيرہ شامل آهن. جڏهن تہ عام ماڻھو ان حقيقت کان آگاھہ نہ هوندا آهن، جنھنڪري گهرن ۾ جهيڙا ۽ بدمزگي وڌي ٿي. ان عرصي دوران گهريلو يا خانداني نفاق شدت اختيار ڪري ويندا آهن. ان مسئلي جو ترت حل نہ ملڻ سبب اڳتي هلي عورتون وڌيڪ پيچيدہ ذهني بيمارين ۾ وڪوڙجي وڃن ٿيون.
عورتن جو جسماني نظام اهڙو آهي، جو سندن نفسيات تي حالتن ۽ روين جو گهرو اثر ٿئي ٿو. اهي انفرادي ۽ سماجي منفي رويا، سندن ٻار ۾ نفسياتي بيمارين جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا. اهو فطرت جو قانون آهي تہ جيڪو ٻج پوکبو سو لڻبو. زميني حقيقتن مطابق، ٿوهر جو ٻج پوکبو تہ گلاب ڪونہ اُسرندا! انڪري ماڻھوءَ جي زندگي سندس سوچ، ورتاءُ ۽ عمل جو عڪس ٿئي ٿي.
ڪجهہ عرصو اڳ هڪ نفسياتي ڪردار سامھون آيو. سندس نالو شازيہ هو. شازيہ پنھنجي گهر جو آخري ٻار هئي. پنھنجي ماءُ جي ويجهو رهي؛ سندس لاڏلي بہ هئي. ماءُ جي گذاري وڃڻ کانپوءِ اوچتو شازيہ جي مزاج ۾ تبديلي آئي پر گهر وارا سندس ڪيفيتن کي سمجهي نہ سگهيا ۽ هوءَ هڪدم خاموش رهڻ لڳي. خاموشيءَ کي اظھار جي وسيلي جي گهرج هئي تہ جيئن هو پنھنجين ڪيفيتن کي اظھاري سگهي. جيئن تہ سندس رشتو ننڍي هوندي کان ئي طئي ٿيل هو، انڪري جلد ئي سندس شادي ٿي وئي. اها ڳالھہ واضح آهي تہ زندگيءَ جا صدما هر ڪو انسان نٿو برداشت ڪري سگهي. انھن ڪيفيتن کي مهل تي سھيڙڻ ۽ انھن جو حل ڪڍڻ تمام ضروري آهي. صدمي واري ڪيفيت کي Post Traumatic Stress Disorder (PTSD) سڏيو وڃي ٿو، جيڪا ذهني بيماريءَ جو بنياد بڻجي ٿي. ذهني ڪيفيت يا انتشار پيدا ٿئي تہ ذهني ڪيفيت بدلجڻ فطري رويو آھي. گهر ۾ ڀينرن ۽ ڀائرن جي طبيعتن ۾ فرق ٿئي ٿو. والدين مان ڪنھن هڪ جي موت تي سڀني جو ردعمل مختلف هوندو آهي. ڪي جلدي عام زندگيءَ ڏانھن واپس موٽي اچن ٿا تہ ڪجهہ ماڻھو سالن تائين ان صدمي کان ٻاهر نڪري ڪونہ سگهندا آهن. وقت جي ڪنھن بري گهڙيءَ ۾ ڦاٿل ماڻھو اڳتي هلي وڏي تڪليف ٿو کڻي. اهڙن واقعن کي دهرائڻ، ڀوائتا خواب ڏسڻ يا خوف ۾ مبتلا ٿيڻ عام علامتون آهن. اهڙا ماڻھو برسات، کنوڻ يا گجگوڙ کان جلدي خوفزد ٿي ويندا آهن.
شازيہ سان بہ ائين ئي ٿيو. هوءَ اڃان پنھنجي ماءُ جي موت جي صدمي کان ئي ٻاھرنہ نڪتي هئي تہ سندس شادي ٿي وئي. نئين ماحول ۽ ماڻھن سان ملڻ جلڻ ۽ کين سمجهڻ ۾ بہ وقت لڳي ٿو. شادي، عورت جي زندگيءَ جي وڏي تبديلي آهي. سندس ڏک سک ازدواجي زندگيءَ سان واسطو رکن ٿا. سندس زندگيءَ جي سمجهہ کيس سندس ماءُ يا ڀينرن کان نٿي ملي تہ ڇوڪريون مختلف مسئلن جو شڪار ٿي وڃن ٿيون. شادي جي ڪاميابي يا ناڪاميءَ جو دارومدار رشتن جي سھپ ۽ سمجهہ جي سطح تي ٿئي ٿو.
شازيہ جي حمل وارو دور بہ ڏکيو هو. هوءَ پوسٽ پارٽم اسٽريس ڊس آرڊر جو شڪار هئي. جڏهن سندس مزاج جو توازن بگڙيو تہ ساهرا بہ ردعمل ڏيکارڻ لڳا. ٻار جي پيدائش کانپوءِ شازيہ جي حالت ايتري حد تائين خراب ٿي وئي جو پاڻ يا تو رڳو پئي کلندي يا روئيندي هئي. نيٺ سندس گهر وارا کيس نفسياتي ڊاڪٽر ڏانھن وٺي ويا. اُن ڊاڪٽر سندس بيماري يا ڪيفيتن کي سمجهڻ کانسواءِ غلط قسم جون دوائون تجويز ڪيون، جنھن کانپوءِ سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي. هوءَ پيشي جي لحاظ کان هڪ ليڪچرر هئي. پر سندس حالت اهڙي ٿي چُڪي هئي جو کيس نوڪري جاري رکڻ ۾ مشڪل پيش اچي رهي هئي. انڪري کيس ڊگهي موڪل وٺڻي پئجي وئي. شازيہ کي ڊاڪٽر جيڪي دوائون ڏنيون هيون، سي Selective Serotonin Reuptake Inhibitors (SSRIS) هيون، جيڪي عام طور تي ڊپريشن جي مريض کي ڏنيون وينديون هيون. انھن دوائن جا ذهن ۽ جسم تي برا اثر پون ٿا. ڪڏهن ڪڏهن تہ اهي دوائون مريضن ۾ علامتن کي شديد بڻائي ڇڏينديون آهن.
انتھائي افسوس جي ڳالھہ آهي تہ اسان وٽ اڪثر ڪري سائيڪياٽرسٽ بيماريءَ جي تشخيص کانسواءِ ئي دوائون تجويز ڪري ڇڏين ٿا. اهو هڪ انتھائي حساس شعبو آهي. ٿوري لاپرواهي بہ مريض جي زندگيءَ جو خاتمو ڪري سگهي ٿي. شازيہ جي ڌيءُ دعا ان عرصي ۾ پنجن مھينن جي ٿي وئي هئي. ڊپريشن جي دوائن جي اثر هيٺ هن ڇت تان ٽپ ڏيڻ جي بہ ڪوشش ڪئي. شازيہ جي ڀيڻ جي جڏهن مون سان ڳالھہ ٻولھہ ٿي تہ گفتگو بعد ان نتيجي تي پھتاسين تہ کيس آغا خان اسپتال وٺي وڃڻ گهرجي. سو سندس مائٽ کيس ڪراچي وٺي ويا. ڊاڪٽرن سندس بيماريءَ جي سڃاڻپ Bipolar Disorder طور ڪئي. بيماريءَ جي صحيح سڃاڻپ بعد اميد ٿي تہ سندس صحيح علاج تجويز ڪيو ويندو.
قديم زماني ۾ بائي پولر کي ماليخوليا (Melancholia) چوندا هئا. هي لفظ يوناني زبان مان ورتل آهي. Melas جو مطلب آهي ڪارو رنگ ۽ Chole جي معنيٰ رطوبت آهي. بقراط شخصيت ۾ چئن رطوبتن جو ذڪر ڪيو آهي، جنھن ماڻھوءَ ۾ جيڪا رطوبت وڌيڪ هوندي، سو ان جو اثر گهڻو نظر ايندو. ڪاري رطوبت جي گهڻائي غم ۽ مايوسيءَ جي علامت سمجهي وڃي ٿي. جڏهن تہ زرد رطوبت خوشي ۽ جوش جو سبب بڻجي ٿي.
بائي پولر مرض ۾ مبتلا ماڻھوء جو مزاج هڪجھڙو نہ ٿو رهي. هن عارضي ۾ موڊ جي گهٽ وڌائي عروج تي نظر ايندي آهي. ڪڏهن مريض گهڻو پرجوش نظر ايندو آهي تہ وري ڪڏهن تمام گهڻو مايوس. ان ۾ مريض جي توجھہ ۽ يڪسوئي متاثر ٿئي ٿي ۽ سندس روزمرہ جي ڪمن ڪارين ۾ رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي. هو اچانڪ ئي ڪو وڏو ڪم ڪرڻ چاهي ٿو تہ جيئن جلدي مشھور ٿي سگهي. هو اڪثر وڏن منصوبن ٺاهڻ، هڪ ئي وقت ۾ گهڻن ڪمن ڪرڻ، مشھور ماڻھن کي خط لکڻ، اخبارن ۽ ٽي. وي. ۾ تبصرا وغيرہ موڪلڻ جھڙين سرگرمين ۾ حصو وٺندو آهي. هن بيماريءَ جو شڪار ماڻھو پنھنجو لباس يا هيئر اسٽائيل بہ جلدي تبديل ڪندا آهن. بائي پولر لفظ جي معنيٰ ئي ”ٻہ قطبي“ يعني ٻہ متضاد ڪنارا ٿين ٿا. انڪري مريض تي ٻہ متضاد ڪيفيتون طاري ٿي وڃن ٿيون. انڪري ئي شازيہ جي ڪيفيت اها هئي تہ ڪڏهن پرجوش هوندي هئي تہ ڪڏهن بلڪل خاموش. شازيہ کي اهو اونو هو تہ جيڪڏهن هوءَ مري وئي تہ سندس ڌيءُ کي ڪير سنڀاليندو.
هڪ دفعي مون کيس چيو تہ: ”تون پنھنجي بيماريءَ سان دوستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪر.“ منھنجي ڳالھہ ٻڌي حيران ٿي چيائين: ”اهو ڪيئن ممڪن آهي؟“
”تون جنھن شيءِ کان نفرت ڪندينءَ، ان جي حقيقت نہ مڃيندينءَ تہ اها اڃا وڌندي. بھتر آهي تہ تون پنھنجي بيماريءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر.“
منھنجي ڳالھہ ٻڌي سوچ ۾ پئجي وئي.
”آخر مون کي اها بيماري ڇو ٿي“. اکين ۾ لڙڪ ڀري سوال ڪيائين.
”شازيہ مون ڪٿي پڙهيو هو تہ نفسياتي مريضن جا ٻار تخليقڪار ٿيندا آهن. تنھنجي ڌيءُ بہ اڳتي هلي ڪانہ ڪا تخليق سرجندي.“
اهو ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي. شازيہ جي ڀيڻ سندس صحتيابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن بيماريءَ متعلق انٽرنيٽ تان معلومات کڻي کيس ڄاڻ ڏني ۽ شازيہ بہ پنھنجي بيماريءَ جي حقيقت تسليم ڪري ورتي هئي. سندس مٽن مائٽن ۽ دوستن ٿوري سمجهہ وسيلي هن جي بيماريءَ دوران اهم ڪردار ادا ڪيو. هڪ ڏينھن ملڻ آئي تہ تمام گهڻي خوش هئي. هٿ ۾ هڪڙو پنو هيس:
”منھنجي ڌيءُ هيءُ نظم لکيو آهي. هاڻ هوءَ ٽئين درجي ۾ آئي آهي ۽ شاعري ڪرڻ لڳي آهي.“
مون نظم پڙهيو تہ ٻاراڻي عمر ۾ پختا خيال هيس.
اها حقيقت آهي تہ جسماني، تڪليف ۽ ذهني پيڙائن جي زمين مان تخليق جو ٻوٽو ڦٽي ٿو.

لاشعور جي قوَتَ

علم کي ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو. هڪ عقل ۽ ٻيو شعور جو علم. پھرئين حصي ۾ سائنس ۽ فلسفو اچي وڃن ٿا. جڏهن تہ ٻيو حصو تصوف ۽ آرٽ تي مشتمل آهي.
ذهن جي طاقت کي سمجهڻ لاءِ شعور ۽ تحت الشعور کي سمجهڻو پوندو. شعور کي ظاهري ۽ لاشعور کي باطني فعل سڏيو وڃي ٿو. زندگيءَ جي مشاهدن ۽ تجربن کي شعوري طور محسوس ڪندا آهيون، پر شعوري ڄاڻ کي سھيڙي ۽ سانڍي نہ ٿو سگهجي. جڏهن تہ لاشعور جو ڪم شعور جي مقابلي ۾ وسيع آهي. سموري ڄاڻ کي استعمال ڪرڻ سان گڏ ان کي محفوظ بہ ڪري ٿو. تحت الشعور جو ڪم سمورن مشاهدن، تجربن ۽ معلومات کي ذهن ۾ سانڍي رکڻ آهي. يادگيريون شعور کان لاشعور ۾ محفوظ ٿيڻ بعد جڏهن ڪجهہ وقت تائين استعمال نٿيون ٿين تہ تحت الشعور جو حصو بنجي وڃن ٿيون. مثال ننڍپڻ جا واقعا اسان جي شعور ۾ محفوظ هجن ٿا. انھن جي نوعيت منفي ۽ ڏکوئيندڙ آهي تہ اهي احساس محروميءَ جو روپ ڌاري سڄي زندگي روين مان ظاهر ٿيندا رهن ٿا. شعوري سطح تي ٿيندڙ سٺا يا خراب مشاهدا ۽ تجربا، لاشعور ۾ محفوظ ٿين ٿا. لاشعور ئي انساني روين، مزاج ۽ عادتن جو تعين ڪري ٿو.
انسان جو ٻاهرين دنيا سان رابطو حواس خمسہ جي ذريعي جڙي ٿو، جنھن جي فعاليت ۽ سمجهہ بھتر ذهني ڪارڪردگيءَ جي طور تي ظاهر ٿيندي آهي. شعور (Consciousness) جا ڪجهہ اهم جزا هن ريت آهن:
داخليت (Subjectivity)
خودشناسي (Self -awareness)
حساسيت (Senstience)
دانائي (Sapienco)
ادراڪ (Perception)
اهي سمورا جزا عقل ۽ ڏاهپ جي واڌ ويجهہ ۾ مصروف رهن ٿا.
ڏٺو وڃي تہ داخليت ۾ ذاتي احساس، جذبا ۽ رويا ۽ رايا شامل ٿين ٿا. جڏهن تہ خودشناسي ذات جي سمجهہ ۽ مڪمل ڄاڻ آهي. 1977ع ڌاري ٻن نفسياتي ماهرن شيلي ۽ رابرٽ ذاتي آگهي جو نظريو متعارف ڪرايو هو، جنھن مطابق ”جڏهن اسان ذات تي توجھہ مرڪوز ڪيون ٿا تہ ان جو مطلب آھي تہ اسان پنھنجن روين جو تجزيو ڪيون ٿا ۽ انھن جي پنھنجي ذاتي معيار ۽ قدرن سان ڀيٽ ڪريون ٿا. اسان ذاتي طور تي پنھنجن عملن کان آگاھہ ٿيون ٿا ۽ اسان خارجي سطح تي پنھنجو تجزيو پڻ ڪريون ٿا.“
اهڙيءَ ريت حساسيت بہ ڄاڻ جي گھرائي ۽ داخلي روين جو نچوڙ ٿئي ٿي، جنھن ۾ گھرائي سان ذاتي ماحول جو مشاهدو ملي ٿو.
دانائي بہ ذهانت ۽ ڏاهپ جو مجموعو آهي. دانائيءَ جو اهم جزو آگاهي (Perception) آهي، جنھن ۾ حواس خمسہ وسيلي شين کي سمجهيو ۽ بيان ڪيو وڃي ٿو. پرسيپشن لاطيني لفظ آهي، جنھن وسيلي حسياتي ڄاڻ کي ذھن ۾ محفوظ ڪرڻ سان ان جي نشاندھي پڻ ڪئي وڃي ٿي. ٻين لفظن ۾ محسوسات وسيلي وجود ۽ ماحول جي ڄاڻ حاصل ڪبي آهي. عقل ۽ شعور جي ان علم وسيلي مشاهدي ۾ گھرائي ۽ تجربي ۾ وسعت حاصل ٿئي ٿي.
جيئن تہ مٿي بہ ذڪر ٿي چڪو آهي تہ علم جو ٻيو حصو تصوف ۽ فن سان لاڳاپيل آهي. هن طريقہ ڪار ۾ شعوري وارتا جا سمورا جزا شامل آهن، جيڪي صوفي يا ڪنھن تخليقڪار کي خيال جي لامحدود دنيا سان جوڙي ڇڏين ٿا.
فن جا داخلي ۽ خارجي ٻئي حوالا آهن. ائين نہ ٿو چئي سگهجي تہ داخليت ٻاهرين دنيا کان اتساھہ نہ ورتو هوندو يا خارجيت من جي وارتائن کان اتساھہ نہ ورتو هوندو. يا خارجيت ۾ ڪٿي بہ داخلي سمجهہ يا خيال جو تحرڪ شامل نہ ٿيو هوندو. داخليت اندر جي وارتا آهي، جيڪا باطني دريافت يا احساساتي ڪيفيت تي ٻڌل هوندي آهي. جڏهن تہ خارجيت، حقيقت پسندي، منطق ۽ تجزيي سان واسطي جو نالو آهي. فن ۽ فڪر جا اهي ٻئي پھلو هڪٻئي سان ڪنھن حد تائين لاڳاپو رکندي بہ پنھنجن نتيجن ۾ مختلف ڌارائون آهن. ٻنھي جا نقطہ نظر الڳ ۽ متضاد آهن.
لاشعور، داخليت پسندي، وجدان ۽ انفراديت جو ميڙ آهي. مشاهدو يا تجربو، هر ماڻھوءَ جو ٻئي جي نقطہ نظر کان مختلف ٿي سگهي ٿو. انڪري نظرياتي اختلاف جنم وٺن ٿا. ٻہ ماڻھو جن جو مشاهدو ساڳيو هوندو يا هڪ جھڙن تجربن جي عمل مان گذرن ٿا، هڪٻئي سان متفق ٿي سگهن ٿا. مثال ڪي ماڻھو ماورائي شين تي يقين رکن ٿا. جڏهن تہ اڪثريت ماورائيت کي ذهني بيماري جو فتور قرار ڏئي ٿي. تخليقي علم ۾ ٽي جزا ٿين ٿا:
تصورات (Imagination)
وجدان (Intuition)
خواب (Dreams)
ان جي وضاحت ائين ممڪن آهي تہ تصورات جي دنيا انتھائي وسيع آهي، تصور، زمان ۽ مڪان جي حدبندين کان آزاد ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ جو تصور جي ڪا سرحد نہ هوندي آهي. خيال تيزيءَ سان سفر ڪندي لمحي ۾ دنيا جو احاطو ڪري سگهي ٿو. روشنيءَ جي رفتار کان بہ تيز اُڏام ڀريندڙ اهو خيال اڻ ڏٺل دنيائن جو کوج لڳائي سگهي ٿو. پر اهو خيال ۽ تصور جي گهرائي ۽ سگهہ تي منحصر هوندو آهي. تصورات، تخليق جو سرچشمو آهن، جيڪي سوچ وسيلي عمل جو بنياد وجهن ٿا. ڪو بہ ڪم ڪرڻ کان اڳي ماڻھوءَ جي ذهن ۾ ان ڪم ڪرڻ جو خيال اچي ٿو. مثال: ماڻھو چانھن پيئڻ جو اول سوچي ٿو. ان بعد عمل وسيلي ان خيال کي حقيقت ۾ بدلائيندي ممڪن بڻائي ٿو. جيئن ڪو ٻار ننڍپڻ ۾ ڊاڪٽر ٿيڻ جو ارادو ڪري تہ کيس سمورو ذهني رجحان، رويا ۽ لاڙا ان پاسي ڪرڻا پون ٿا. ان ئي حساب سان هو وقت جي منصوبا بندي ڪري ٿو ۽ نيون سرگرميون ترڪ ڪندي، هو پنھنجي خواب جي ساڀيان پائڻ لاءِ ڏينھن رات جاکوڙ ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو.
ٻئي طرف وجدان يا وجداني ڪيفيت ان ڄاڻ جو نالو آهي، جنھن جو ڪو ثبوت يا جواز ڪونھي. اها انوکي ڄاڻ بنا ڪنھن مشاهدي يا سبب جي حاصل ٿئي ٿي. ان وارتا کي باطن جي ٽين اک يا باطن جو آواز بہ چئي سگهجي ٿو. اهو اندر جو آلاپ هر انسان جي من ۾ موجود رهي ٿو، جيڪو کيس حالتن ۽ واقعن جي ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو. هر غلط فيصلي يا عملن تي آواز اٿاري ٿو. انسان جي حالتن جي صحيح رخ تي راهنمائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اها ڪيفيت انگلينڊ جي مشھور ڊراما نگار مارلو جي ڊاڪٽر فاسٽس ۾ واضح طور تي محسوس ڪري سگهجي ٿي. انگريزي ڊرامي نويس ڪرسٽوفر مارلو جو ڪردار ڊاڪٽر فاسٽس، جادوئي طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ جڏهن بدي جي قوت سان معاهدو ڪري ٿو تہ ان وقت منظرنامي تي ٻہ فرشتا ظاهر ٿين ٿا، جن ۾ هڪ نيڪيءَ جو فرشتو آهي ۽ ٻيو بديءَ جو. ان معاهدي جي خاتمي تي ڊاڪٽر فاسٽس کي دائمي طور تي جھنم رسيد ٿيڻو پوندو. ان لمحي نيڪي جو فرشتو کيس باطني آواز جيان اهو معاهدو رد ڪرڻ لاءِ زور ڀري ٿو جڏهن تہ بديءَ جو فرشتو کيس ورغلائي ٿو تہ کيس ان معاهدي جي موٽ ۾ عيش و عشرت جي زندگي ملندي. ڊاڪٽر فاسٽس لاشعور کي ماٺ ڪرائي، بديءَ جي فرشتي (شعور) سان سمجهوتو ڪري ٿو ڇڏي. ڇو تہ هر غلط فيصلو يا برائي شعوري طور تي سرزد ٿيندي آهي. جڏهن تہ ان جا مخفي سبب لاشعور ۾ موجود هوندا آهن.
شعوري طور تي ٿيندڙ هر عمل جي پٺيان ڪونہ ڪو لاشعوري محرڪ ڪارفرما هوندو آهي، جنھن کي ذات جي سمجهہ حاصل ڪرڻ کانسواءِ پرکڻ ناممڪن آهي. وجدان جو مرڪز ضروري ناهي تہ روحاني طاقت يا مذهبي لاڙا هجن. اهو ذهن جو حسياتي طور تي فعال رويو آهي. ذهني طور تي شفاف ۽ سگهاري ماڻھوءَ وٽ وجداني قوت موجود رهي ٿي. وجدان جو براھہ راست واسطو يڪسوئيءَ سان آهي. يڪسوئي نہ هئڻ جي صورت ۾ وجداني ڪيفيت جو طاري ٿيڻ ناممڪن آهي. يڪسوئي، غور ۽ فڪر يا مراقبي وسيلي حاصل ٿئي ٿي. عبادت بہ ڌيان ۽ گيان حاصل ڪرڻ جو وسيلو سمجهي ويندي آهي.
ساڳيءَ ريت خواب بہ وجداني ڪيفيت جو حصو آهن. خواب، باطني آواز جيان اڳواٽ ايندڙ وقت يا موجودہ حالتن بابت لاشعوري طور تي ڄاڻ ڏين ٿا. سرئيلزم، انھن خوابن سان رابطي جو اظھار آهي. مصور ڊالي خوابن جي وارتا کي فن وسيلي مھارت سان چٽيو آهي. ساڳيءَ ريت انگريزيءَ جي شاعر وليم بليڪ جون ٺاهيل تصويرون توڙي شاعري سريئلزم جي نشاندهي ڪن ٿيون. هن جون اڪثر تصويرون سندس روحاني خوابن جو اظھار هيون. هو ننڍپڻ کان خواب ڏسندو هو، جيڪي سندس فن ۾ الھامي ڪيفيت طور ظاهر ٿيا. ولين ۽ صوفين جي زندگين ۾ بہ خوابن جا مختلف سلسلا ملن ٿا. کين خوابن وسيلي الھام ٿيندا هئا. انڪري خواب بہ وجداني سوچ جو اهم حصو آهن.
ادب ۾ لاشعوري تخليقن جو تذڪرو 1680ع کان 1880ع تائين نظر اچي ٿو، جنھن ذريعي پنجاھہ کن اديبن لاشعوري وارتائن جو پنھنجين لکڻين ۾ تذڪرو ڪيو آهي.
جڳ مشھور نفسياتي ماهر سگمنڊ فرائڊ ۽ ٻين فلسفين؛ لبنيز (Leibniz)، ڪانٽ (Kant)، هربرٽ (Herbert)، ونٽ (Wundt)، هيملٽن (Hamilton)، ماڊسلي (Maudsley)، ٿيوڊور لپس (Theodor Lipps) وغيرہ لاشعور جي اڻ ڏٺل دنيا کي تحريرن وسيلي دريافت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
فرائڊ يوناني المين تي مبني ڊرامن ۽ خاص طور تي شيڪسپئر جي ناٽڪن ۾ لاشعور جي حڪمراني ڳولي لڌي. انگريزي جي شاعرن جي شاعري حسايت ۽ وجداني احساس سان مالا مال آهي. انگريزي جي شاعر ڪولرج چواڻي تہ تخليق جو سرچشمو لاشعور آهي. ڪابہ سنجيدہ ۽ اُتم تحرير لاشعوري وارتا ٿي سگهي ٿي.
وليم ورڊز ورٿ چواڻي تہ تخليق بہ مشاهدي، جذب ۽ ٻيھر جنم جي مرحلي مان گذري ٿي. مشاهدي وقت شاعر ان موضوع کي پنھنجي ذهن ۾ جذب ڪري سھيڙي رکي ٿو ۽ مناسب وقت تي ان کي مختلف مرحلن مان گذاريندي، ڪنھن ميوي جيان پچائي راس ڪري ٿو. مشاهدي کان خيال جي ٻيھر جنم وٺڻ تائين اهو مستقل تخليقي مرحلو آهي، جنھن ۾ شاعر شعوري حالت ۾ لاشعور سان رابطو جوڙي ٿو. ٻين لفظن ۾ شعوري ۽ لاشعوري سگهہ جي فعاليت مان اثرائتي تخليق جنم وٺي ٿي.
اهو ئي سبب آهي تہ صوفي، سڪون، شڪر گذاري، عفو درگذر ۽ برداشت جي پرچار ڪندا رهيا آهن، جيئن ماڻھن جي ذهن جو اندريون مڪالمو مثبت طور تي جڙي سگهي. ماڻھو جي پاڻ سان گفتگو يا خودڪلامي، لاشعور ۾ پختي ٿيندي رهي ٿي. ڪابہ سوچ جيڪڏهن بار بار ذهن ۾ ورجائي وڃي تہ اها لاشعور ۾ پختي ٿي جذباتي طور تي سخت هاڃيڪار ثابت ٿيندي آهي ۽ هڪ ڏينھن لاشعور ٻرندڙ جبل جيان اٿلي چوڌاري انساني قدرن کي رک ڪريو ڇڏي.
هر نفسياتي بيماري گهڻي سوچ (Overthinking) جو رد عمل ٿئي ٿي. هر حساس ماڻھو، پاڻ سان ٿيندڙ غلط روين، زيادتين ۽ حادثن کي آسانيءَ سان نٿو وساري سگهي، جنھن جي ڪري هر تڪليف ڏيندڙ ياد ورجائي پنھنجي پاڻ کي اذيت پھچائي ٿو.
ڪي بہ ڏکوئيندڙ واقعا يا نامناسب رويا جيئن سامھون اچن تہ انھن کي مڪمل طور تي محسوس ڪري ذهن مان تڙي ڦٽو ڪجي. ٻي صورت ۾ لاشعوري طور تي روين مان واضح ٿيندا رهندا. لاشعور ۾ سھيڙيل تلخيون، روين جي تلخين طور ظاهر ٿينديون آهن. بنيادي طور تي ماڻھو تڪليف ڏيندڙ ڳالھين، روين يا حادثن کان فرار حاصل ڪرڻ چاهيندو آهي. جيئن تڪليف ڏيندڙ ڪيفيت کان بچي سگهي. اهو فرار ڪو نشو يا غير سماجي عمل بہ ٿي سگهي ٿو. ائين ذهني ڀوڳنا جو تدارڪ ممڪن نٿو ٿي سگهي. هر ذهني پيڙا کي حقيقت جي تناظر ۾ ڏسڻ ضروري ٿيو پوي. پر بنيادي طور تي ماڻھو تڪليف کان ڀڄي ٿو. هر ماڻھو ذهني يا شخصي طور تي پختو نٿو ٿئي، جنھن ڪري منفي سوچ کي ذهن ۾ داخل ٿيڻ جو موقعو ملي وڃي ٿو. ڪوبہ اڻ وڻندڙ خيال ذهن ۾ اچي ۽ ان کي بار بار روڪڻ جي ڪوشش ڪجي تہ اها ڪوشش ئي ان خيال کي پختو بڻائي ٿي. جيڪڏهن ماڻھو خوف ۾ ويڙهيل آهي يا کيس اونداهيءَ کان ڀو محسوس ٿئي ٿو تہ ان جو واحد حل اهو آهي تہ کيس اونداهيءَ جي حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو. اوندھہ هڪ علامت آهي اڻ ڏٺل خوف، موت ۽ لاشعوري مونجهارن جي. پر ساڳئي وقت اوندھہ سڪون، آرام ۽ سانت جو مجموعو پڻ آهي. پر انسان فقط هر معاملي جو هڪ پاسو ٿو ڏسي.
اهو ئي سبب آهي تہ ذاتي تجزيي جي صلاحيت ۽ لاشعور جي ٻرندڙ ڀنڀٽ کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ اڄ دنيا ۾ ڪيترائي علم موجود آهن، جن ۾ ريڪي، هپنو ٿراپي ۽ آٽو سجيشن وغيرہ شامل آهن. خود تلقيني (Autosuggession) بہ هڪ موثر علاج آهي. هڪ نفسياتي ٽيڪنيڪ آهي، جنھن وسيلي ذهن ۾ مثبت مڪالمو بار بار دهرائي بھتر نتيجو حاصل ڪيو ويندو آهي. ماڻھوءَ جي خودڪلامي، منفي ۽ مثبت رجحان تي مشتمل آهي، منفي سوچ نقصانڪار جڏهن تہ مثبت خيال زندگيءَ ۾ بھتريءَ جو ذريعو بنجن ٿا. خود تلقيني، مثبت خودڪلاميءَ جو انداز آهي، جنھن ۾ ماڻھو پاڻ کي بھتريءَ جي تلقين ڪري ٿو.

ارٿنگ: زمين سان رابطي جو ذريعو

انسان جو زمين سان گھرو سنٻنڌ آهي. پاڻ ان امر کان آگاھہ هجي يا نہ پر زمين کيس سدائين پنھنجي سرسبز خزاني مان ورسائيندي رهي ٿي. انسان جي شخصيت جي اوسر ۾ ڌرتيءَ جو گھرو هٿ شامل آهي. ان سچائيءَ کان ڪوبہ انڪار نہ ٿو ڪري سگهي، اها الڳ ڳالھہ تہ جديديت اڄ جي دور جي انسان کي گهرن يا وري آفيسن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. هو کلئي آسمان جي سرشاري محسوس ڪرڻ کان قاصر نظر اچي ٿو. هوا جي تازگي، وڻن جو ڇانورو ۽ پکين جو مٺڙيون لاتيون هن جي اختيار جي دائري ۾ ناهن رهيون.
انسان کي زمين هر قسم جي نعمتن سان نوازيو آهي. جي هو نعمتن جي ڳڻپ ڪرڻ ويھي تہ سندس ذهن ٿڪجي ويندو، پر وسيلن جا ذريعا نہ کٽي سگهندا! پر ڇا اڄ جي انسان، زمين جي تعلق، ۽ مٽيءَ جي تاثير ۽ ساوڪ جي اڻ ميي ورڇ کي محسوس ڪيو آهي؟
ڏٺو وڃي تہ جيوت جي سموري توانائي زمين جي رنگن تي دارومدار رکي ٿي. ٻج ڇٽڻ کان فصل لڻڻ تائين فطرت جو هر لمحو تغير پذير رهي ٿو. اهو رابطو، قربت جو حسن، انحصار، ڏاهپ ۽ ادراڪ بامعنيٰ آهي. ان کي محسوس ڪرڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي، جنھن کانسواءِ ڄاڻ نامڪمل رهجي ويندي. فطرت وٽ الھامي ڪيفيت موجود آهي. مثال طوفان کان اڳي ان جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳن ٿا. ڌرتي ڌٻڻ کان اڳ زمين جو ڪيمائي عمل شروع ٿي وڃي ٿو. تيز بارش کان اڳي شديد ٻوسٽ، طوفاني برسات جي اڳواٽ ڄاڻ ڏيندي آهي. چنڊ جي چوڌاري دائرو پڻ برسات جي اڳڪٿي ڪري ٿو. چنڊ يا سج گرهڻ جا پنھنجا منفي اثر ڌرتي ۽ انسانن تي پون ٿا. انڪري جيڪي ماڻھو فطرت جي ويجهو رهن ٿا، انھن جا حواس خمسہ بہ بھتر طور تي ڪارڪردگي ڏيکاريندا آهن. زمين سان تعلق رکندڙ انيڪ علم، انسان کي فھم ۽ فراست سان گڏ حڪمت عملي جوڙڻ جو فن سيکارين ٿا.
ارٿنگ هڪ اهڙو علم آهي، جيڪو زمين جي مخفي توانائي کي وائکو ڪري ٿو. ان طريقہ ڪار کي Earthing يا Grounding پڻ سڏيو وڃي ٿو. زمين سان پيرن جو رابطو، بغير جُتيءَ جي ڪيترو فائديمند آهي، ان جو شايد اڄ جي انسان کي اندازو نہ هجي. جيستائين جوتا ايجاد نہ ٿيا هئا، ان وقت تائين ماڻھو اگهاڙين پيرين زمين تي هلندا هئا. انڪري ان دور جو ماڻھو ذهني طور تي فعال ۽ جسماني طور تي چست هوندو هو. ڪلنٽن اوبو، اسٽيفن ٽي، سنتارا ۽ مارٽن جي سالن جي تحقيق کانپوءِ ارٿنگ جھڙي فائديمند ٿيراپي متعارف ٿي.
چاليھہ هزار سال اڳي جوتن پھرڻ جو رواج هو. قديم مشرقي تھذيب ۾ ڪاسائي اڍائي انچ هيل وارا سينڊل پائيندا هئا. جيئن جانور ڪسڻ دوران سندن پير رت جي ٺينڍن کا بچيل رهن. 1818ع ڌاري جڏهن جوتا ايجاد ٿيا تہ سڄي ۽ کاٻي پير جي ماپ ۾ نمايان فرق هو. سورهين صديءَ دوران، عورتون ڊگهي کڙيءَ وارا سينڊل استعمال ڪنديون هيون ۽ کين هلڻ لاءِ نوڪرن جي مدد درڪار هوندي هئي. پراڻن وقتن ۾ ڪاٺ ۽ لوھہ جا جوتا استعمال ٿيندا هئا. 1855ع ۾
Jan Ernst Matzeliger جوتن ٺاهڻ جي مشين ايجاد ڪئي، جنھن کانپوءِ جوتا مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيڻ لڳا. ڪجهہ عرصو اڳي روس جي پارليمنٽ عورتن جي ڊگهين کڙين وارن جوتن تي بندش جي تجويز پيش ڪئي هئي، جنھن تي عورتن پاران شديد احتجاج ڪيو ويو هو.
تجويز ڏيندڙ سياستدان جو چوڻ هو تہ وڏي هيل وارا سينڊل عورتن ۾ جسماني بيمارين جو ڪارڻ بڻجن ٿا. سندن چوڻ هو تہ فيشن ايبل ڪينوس، سنيڪرز، لوفرز ۽ موڪيشنز بہ نقصانڪار ثابت ٿيندا آهن. اسان جي ملڪ ۾ جوتن جون مشھور ڪمپنيون بہ اهڙا جوتا ٺاهين ٿيون، جيڪي صحت لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيا آهن.
اهڙيءَ صورتحال ۾ ارٿنگ جي علم مطابق زمين جو صحت بخش ڪيميائي اثر انسان لاءِ انتھائي ضروري آهي. جوتن بنان زمين تي هلڻ سان زمين جي اندر موجود صحت بخش آينز (Ions) جسم جي اندر داخل ٿين ٿا، جن جي ڪري جسم جو مدافعتي نظام، رت جو دورو، ڪاوڙ، جارحيت، ذهني دٻاءَ، خوف ۽ تشويشي مرض ۾ بھتري ايندي آهي. موجودہ دور جو انسان هر طرح جي ڪلن ۾ وڪوڙجي چڪو آهي. موبائيل، ڪمپيوٽر، ائرڪنڊيشن ۽ برقي ڪلون وغيرہ ماحول اندر منفي آيونز جي اضافي ڪرڻ سبب جسماني بيمارين جو پيش خيمو بڻجنديون آهن. اهڙي صورتحال ۾ اگهاڙن پيرن سان زمين تي هلڻ سبب زمين جي اندر جا شفا بخش ڪيميائي جزا انساني جسم ۾موجود گدلاڻ سان وڙهڻ لڳن ٿا.
اڄ بہ ڳوٺن ۾ هاري ناري زمين تي بغير جوتن جي ڪم ۾ مصروف نظر ايندا آهن.صبح جو سائي ڇٻر تي هلڻ جي ڪري هڪ طرف بينائي ۾ بھتري اچي ٿي تہ ٻئي طرف ذهني سڪون عطا ٿيندو آهي. ارٿنگ جھڙا فلسفا ماڻھن کي ماضي يا مستقبل مان ٻاهر ڪڍي حال جي لمحن ۾ واپس موڪلين ٿا. زمين جو رويو عملي ۽ حقيقت تي ٻڌل ٿئي ٿو. ڪنھن پرفضا مقام تي بہ اسان موجودہ وقت کان فيضياب ٿي سگهون ٿا. موجودہ گهڙين کي محسوس ڪرڻ جو مطلب ذهني وحدت حاصل ڪرڻ آهي.
ارٿنگ يعني زمين تي پيرن جو ڇھاءُ، ذهني ۽ جسماني طور تي ڪيترو فائديمند آهي. ان جو ثبوت اهو آهي تہ جڏهن مسجدن، مزارن يا مقدس جڳھين تي ماڻھو پيرين اگهاڙين هلندا آهن تہ زمين سان براھہ راست رابطي سبب کين شفا نصيب ٿيندي آهي.
انساني صحت جو زوال جوتن پھرڻ سبب ٿيو، جن جو مٽيريل ۽ ساخت نامناسب هئڻ ڪري طبعي مسئلا جھڙوڪ ننھن جو بار بار لھڻ، پيرن جي چمڙيءَ جو سخت ٿيڻ، پيرن ۾ زخم، هڏين جي ساخت جي تبديلي، پيرن ٽنگن ۾ مستقل سور وغيرہ شامل آهن. موجودہ دور ۾ مارڪيٽ ۾ جديد ۽ فيشن مطابق جوتا دستياب آهن. پر اهي اڪثريت ۾ پيرن جي صحت جي اعتبار سان ناقص ۽ نقصان ڏيندڙ ٿئي ٿي. ماڻھن جو صحت جي معاملن سان غيرواقفيت سبب انھن موضوعن ڏانھن ڌيان گهٽ ٿو وڃي. پر ٻاهرئين ملڪن جا ماڻھو ذاتي خيال (Self Care) گهڻو رکن ٿا. ڇو تہ صحت جي ڄاڻ ۽ ذات جي سنڀار سبب ماڻھو ڪيترن ئي غيرصحتمند طريقن کان بچي سگهي ٿو. ماڻھو جيئن تہ سڄو ڏينھن هلي ٿو ان ڪري جيستائين هو صحيح جوتن جو انتخاب نہ ڪندو سندس جسماني ڪارڪردگي متاثر ٿيندي رهندي.
اها حقيقت آهي تہ جيڪڏهن ارٿنگ لاءِ ڪنھن باغ يا اهڙي زمين جو انتخاب ڪيو وڃي، جتي پير محفوظ رهن تہ اهو عمل جسم جي مدافعتي نظام کي بھتر بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ساڳئي وقت ذهني مونجهارن ۽ بي سڪوني کان نجات بہ ملندي.
زمين سان انسان جو تعلق گھرو ۽ بامعني ٰ آهي. اها الڳ ڳالھہ تہ ماڻھو ان جي افاديت کان غافل هجي. زمين جي زرخيزي سندس زندھہ ۽ متحرڪ هئڻ جي علامت آهي. زمين سان ويجهڙائي يا ڌرتيءَ جي رنگن جي ويجهو وقت گذارڻ جا بيشمار فائدا آهن.

پاڻي قوت جو عظيم سرچشمو

دريائن جي ڪنارن تي گوناگون تھذيبون پروان چڙهنديون آهن. پاڻيءَ ۾ زندگيءَ جو ردم رقص ڪندو آهي. اهو آهنگ انسان جي دل ۽ رڳن ۾ ڊوڙندي رت ۾ ڌڙڪي ٿو، جيڪو سمنڊ جي ڇولين جي ڇلڻ ۾ پوشيدہ آهي.
پاڻي ڪڏهن بہ سڌو ناهي وهندو، هڪڙي ڦڙي جو تخليقي عمل بہ ڦيردار قوت ۾ لڪل آهي. پاڻيءَ جو Spiral Rhythem چڪردار آهنگ جي شڪل ۾ رستو بڻائيندي زندگيءَ کي توانائي بخشيندو رهي ٿو. قديم دور کان وٺي روحاني مفڪر اهو چوندا پيا اچن تہ فطرت اندر هڪ گول گهمندڙ چڪرو آهي، جنھن کي پڻ هندو يوگي چڪرو ئي چوندا آهن، جنھن جي معنيٰ ڦيٿي جي آهي. سندن چوڻ آهي تہ اهو ڪن يا ڀنورانسان جي جسم ۾ بہ گردش ڪندو آهي ۽ انھيءَ محور جي چوڌاري پوري ڪائنات ڦري ٿي.
آڳاٽن وقتن کان فطرت جي مظھرن جي پوڄا ڪندا آيا آهن. ڪو ڳجهہ ۽ غيب آهي، جيڪو انھن کي بيچين ٿو رکي. زندگيءَ جي حقيقت جي راز کي فاش ڪرڻ لاءِ هو ڪائنات جي خلقڻھار جي ڳولا ۾ سج، چنڊ، تارن، پھاڙن، دريائن ۽ زمين تائين جي پوڄا ڪندا رهيا آهن. انھن پنھنجي وجود جي هجڻ جي سبب جي تلاش ڪندي، آسمان جي وحشتن ۽ زمين جي خوفناڪين ۾ مذهبي عقيدتن کي پوئي ڇڏيو. زندگيءَ جي راز تان پردي کڻڻ جي ڌن ۾ بار بار فطرت جي دروازي تي دستڪ ڏيندا هئا. ان ۾ ئي دل جو سڪون جي تلاش ڪندي ان کي ئي پنھنجو رهبر سمجهندا هئا. گهڻا ديومالائي قصا پاڻيءَ سان منسوب ٿيل آهن. ڇاڪاڻ جو پاڻي هر تھذيب جي توجھہ جو مرڪز رهيو آهي. اها حقيقت آهي تہ چار دريا ڪيلاش پھاڙ مان ٿا وهن. ديو مالائي قصي مطابق سنڌو دريا شينھن جي وات مان ٿو وهي. مغرب کان هاٿيءَ جي منھن مان ستلج درياھہ رستو بڻائيندو اڳتي وڌي ٿو. ڏکڻ کان ڪرنالي دريا مور جي چهنب مان نڪري ٿو. ۽ مشرق ۾ برهمپترا گهوڙي جي منھن مان وهندو وڃي گنگا ۾ ٿو ڇوڙ ڪري. ڏٺو وڃي تہ هندو ديومالائي قصن ۾ اهي سمورا جانور ئي مقدس ڪوٺجن ٿا.
سنڌو درياھہ صدين کان اڃايل ڌرتيءَ کي سيراب ڪندو پيو اچي، جنھن کي شينھن درياھہ بہ چئجي ٿو. اهو اترائون علائقن جي خوبصورتيءَ مان ڪنھن شينھن جيان گجگوڙ ڪندو نڪري ٿو ۽ سنڌ جي سرزمين کي ساوڪ سان ڍڪي ٿو ڇڏي. سنڌ جي خوشحالي سنڌو درياھہ جي بدولت آهي. رگ ويد ۾ سنڌو درياھہ جو ذڪر هن ريت ملي ٿو:
”اي سنڌو! جڏهن تون ميدانن مان وهين ٿي تہ پاڻ سان گڏ الاهي سارو کاڄ جو سامان پڻ آڻين ٿي، تنھنجو پاڻي اتم آهي، تنھنجو حسن ڪنھن ڪنوار جيان آهي، تون سدا جوان ۽ خوبصورت آهين، تون ماکي ڏيندڙ گلن سان ڍڪيل رهين ٿي. “
موهن جي دڙي جي تھذيب مان بہ پاڻيءَ جي پوڄا جا آثار ملن ٿا. نيل ندي بہ قديم مصري تھذيبن ۾ مذهبي روايتن جي ساک ڀري ٿي. گنگا بہ هزارين سالن کان وٺي عقيدتمندن جي توجھہ جو مرڪز رهي آهي، جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اها انسانن جي گناهن کي ڌوئي پاڪ ٿي ڪري. ڏٺو وڃي تہ ايشيا جا ڪيترا ئي اهڙا ملڪ آهن، جيڪي پاڻيءَ مان روحاني تحرڪ حاصل ڪن ٿا. جيئن هتي جا ماڻھو وڏڙن جي روايتن مطابق، پاڻيءَ سان پنھنجي پاڻ کي ويجهو ٿا رکن. شنٽو مذهب جا پيروڪار مقدس پاڻيءَ سان ذهن ۽ روح جي آبياري ڪندا آهن. صبح ساڻ چشمي جي پاڻيءَ جي وهندڙ وهڪري جي قوت، سندن جسمن اندر منتقل ٿي ويندي آهي. وهندڙ پاڻي پنھنجي اندر ۾ زندگيءَ لاءِ حرارت سمائي رکي ٿو. ان جي خاصيت ۾ فطرت جو بنيادي قانون ساھہ ٿو کڻي. جنھن ۾ وجود رکڻ، وڌڻ ويجهڻ، عمل ڪرڻ ۽ ٻيھر پيدا ٿيڻ وغيرہ شامل آهي.
توانائيءَ جو روپ بدلجندو رهڻ بہ زندگيءَ جي اهم ضرورت آهي. پاڻيءَ سان قرب انسان کي گهڻو ڪجهہ سيکاري ٿو. پاڻي جي وهڪري ۾ مضبوط قوت ۽ هلچل شامل آهن. هڪ ترغيب جيڪا انسان کي اڳيان وڌڻ لاءِ اتساهي ٿي. پاڻي، ذهني تخليق کي فروغ ڏئي ٿو ۽ ذهن بہ پاڻيءَ جون خوبيون اختيار ڪري ٿو. جيڪي ساڪن، ڳجهيون، منتظر ۽ اوتار وٺي روپ بدلائيندو رهن ٿيون. اهو ئي سبب آهي تہ ذهني دٻاءَ ۾ مبتلا ماڻھن کي هائيڊرو ٿيراپيءَ سان علاج ڪيو ويندو آهي ۽ يورپ ۾ هربل باٿ کي صحت بخش عمل قرار ڏنو ويو.
پاڻيءَ جي آوازن کي ٻڌڻ وسيلي ذهني طور تي منتشر مريضن جو علاج ايشيا ۽ يورپ ۾ مروج آهي، جنھن ۾ سمنڊ جي ڇولين جي لئہ ۽ آبشارن جي ترنم کي رڪارڊنگ وسيلي ٻڌرايو ويندو آهي. انھن آوازن کي Healing Sounds يعني شفا ڏيندڙ آوازون ڪوٺيو وڃي ٿو. تبت ۽ چائنا جي طبعي فلاسافرن جو چوڻ آهي تہ ڪائنات جي سمورن فطرتي مظھرن جون آوازون انساني رنج، خوشي ۽ بيماري جي جذبن جون عڪاس آهن. تيراڪيءَ کي بہ جسم ۽ ذهن جي فعال ڪارڪردگيءَ جو موثر وسيلو سمجهيو وڃي ٿو. جنھن سان ساھہ کڻڻ جي سرشتي جي ڪارڪردگي بہ بھتر ٿيندي آهي ۽ ذهني دٻاءُ جو خاتمو ٿيندو آهي. اهو ئي سبب آهي تہ ايشيا ۽ يورپ ۾ پاڻيءَ جا گهرا جزيرا سدائين کان سياحن جي توجھہ جو مرڪز رهندا آيا آهن.
اٽليءَ جي سائنسدانن يورپ جي ڪيترن ئي شفا بخشيندڙ پاڻين جي ويجهو رهي تحقيق ڪئي، جن مان Lourades ڍنڍ بہ هڪ آهي، جنھن جو پاڻي شفا سان ڀرپور مڃيو وڃي ٿو. سائنسدان ان ڍنڍ جي پاڻيءَ تي تحقيق ڪرڻ کانپوءِ ان نتيجي تي پھتا تہ مقدس پاڻين جا اهي چشما، نديون يا کوھہ عام پاڻين جي مقابلي ۾ وڌيڪ صحت بخش ثابت ٿيا آهن. انھن جي خيال موجب تہ انھن دڳن تان ملندڙ پاڻيءَ اندر شفا ڏيندڙ معدنيات (Minerals) هوندا آهن. جيئن جرمينيم (Germanium) وغيرہ جي موجودگي سان پاڻيءَ ۾ آڪيسجن جي وڌيل سطح بحال رهي ٿي ۽ پاڻيءَ ۾ شفا بخش جزا وڌي وڃن ٿا. ان تحقيق مطابق شفا جو حقيقي سبب باهمي ربط آهي، جيڪو پاڻي ۽ علاج جي خواهشمند ماڻھن جي وچ پيدا ٿي ويندو آهي. يعني جنھن پاڻيءَ سان محبت ڪجي ٿي ان مان شفا ملڻ جو يقين هئڻ سبب، اُهو پاڻي پوءِ انسانن کي مايوس نٿو ڪري.
سنڌ ۾ بہ جتي ڪٿي شفا ڏيندڙ پاڻيءَ جا ذخيرا موجود آهن. پاڻيءَ جو اهڙو ئي هڪ چشمو سيوهڻ جي ويجهو لڪي شاھہ جي پھاڙن جي وچ ۾ وهي ٿو. پري پري کان ماڻھو شفا حاصل ڪرڻ جي لاءِ هن چشمي تي اچن ٿا.
پاڻيءَ جي ديوتائن جا قصا هر مذهب ۾ موجود آهن. جھڙوڪ سنڌ ۾ اُڏيرو لعل يا خواجہ خضر جي درگاھہ عقيدتمندن سان ڀريل هوندي آهي. اڏيرو لعل حيدرآباد کان 56 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. هيءُ مزار هندو ۽ مسلمان قومن ۾ برابريءَ جي بنياد تي مقبول آهي. هندو کيس جهولي لال، درياھہ شاھہ، اڏيرو لعل ۽ زنده پير جي نالي سان ڪوٺين ٿا، جڏهن تہ مسلمان خواجہ خضر ڪري سڏين ٿا.
اڏيرو لعل جا مڃيندڙ مھيني ۾ هڪ ڀيرو چنڊ جي آخري رات تي درياھہ جي ڪناري تي جمع ٿي ڏيا ٻاري پنھنجي عقيدت جو اظھار ڪندا آهن. جمعي جي ڏينھن سڀئي مريد مڇي کي ان پاڻيءَ مان ملندڙ ثمر طور واپرائيندا آهن. هر شام جو عورتون درياھہ ۾ چانور ۽ کنڊ نذراني طور وجهنديون آهن. يوناني ديومالائي قصن ۾ سمنڊ جي ديوتا پوسائيڊن جو ذڪر ڪثرت سان ملي ٿو. جيڪو رستو ڀلجي ويندڙ ٻيڙين جي راهنمائي ڪندو هو، جنھن جي ويجهو سمنڊ جي مخلوق نرتيه ڪندي آهي. مسافر هن ديوتا کي پنھنجي تصور ۾ آڻي عافيت سان سفر مڪمل ٿيڻ جون دعائون ڪندا آهن. گهوڙو، ڊولفن مڇي ۽ صنوبر جو وڻ هن ديوتا سان منسوب علامتون آهن. اهي يوناني ديومالائي قصا، جيڪي پوسائيڊن سان منسوب آهن، خواجہ خضر يا اڏيرو لعل سان جڙيل قصن ڪھاڻين سان بہ ڪنھن قدر مشابھت رکن ٿا.
ٿاڻي بولا خان جي ويجهو مول شريف جي مندر تي بہ هر سال اڏيرو لعل کي مڃڻ وارا درشن لاءِ ايندا آهن. بلوچستان جي سنگلاخ پھاڙن تي واقع هنگلاج ماتا جي مندر تي، پوري دنيا مان هزارين ياتري پنھنجي عقيدتن جي اظھار لاءِ جمع ٿيندا آهن. هن مقام تي مقدس پھاڙي چشما وهن ٿا، جن ۾ انيل ڪن انتھائي مشھور آهي. ياتري، انيل ڪن ۾ تڙ ڪندا ۽ تبرڪ طور پاڻي ساڻ کڻي ويندا آهن.
اڏيرو لعل جي مزار تي بہ مقدس کوھہ موجود آهي. ان کان علاوہ ڪاٺ جا جوتا، نغارہ ۽ وڻ زائرين جي توجھہ جو مرڪز آهن. وڻن تي رنگ برنگي اڳڙين سان باس جون ڳنڍون ٻڌي ماڻھو هليا ويندا آهن. ائين لڳي ٿو ڄڻ انھن رنگين اڳڙين ۾ ماڻھو پنھنجين منتظر اکين جا خواب ٻڌي هليا ويندا هجن. مزارن جون بہ الگ رمزون آهن. هتي ماڻھو گهڻو ڪري پنھنجي دل جي وڃايل سڪون جي ڳولا ۾ ايندا آهن ۽ مقدس پاڻيءَ جي ٿڌي مٺي تاثير ۾ ڏکن جي باھہ ۾ پڄرندڙ روح کي سيراب ڪندا آهن.

سوچ جو توازن

گوتم ٻڌ انسان جي ڀلائي جا ٻہ اصول ٻڌايا آهن. پھرين اصول ۾ هو بيان ڪري ٿو تہ، جڏهن انسان جو پيٽ خالي آهي تہ سندس روح خوشحال آهي، انسان اعتدال واري ڪيفيت ۾ رهي ٿو. پر ٻئي اصول مطابق جڏهن انسان جو پيٽ ڀريل هجي تہ ان خوشي، سک ۽ اطمينان جو عڪس سندس چھري تي نظر اچڻ گهرجي. اهي ٻہ اصول سمجهائين ٿا تہ جيڪڏهن انسان هر حال ۾ خوش رهڻ جو ڏانءُ سکي وٺي ٿو، سو انسان خوشنصيب آهي. اها حقيقت آهي تہ غذا جو اثر انسان جي نفسيات ۽ مزاج تي پوي ٿو. يوگي ۽ صوفين جي غذا هلڪي ۽ معتدل ٿئي ٿي، جيڪا سندن مزاج کي پرسڪون ۽ ٿڌو رکي ٿي. ڏاهن چواڻي ”معدو ڏاهپ جي مسند آهي“. ساڳي وقت گرم کاڌا ۽ گوشت جو وڌيڪ استعمال انسان ۾ ڪاوڙ جي ڪيفيت پيدا ڪن ٿا. مناسب غذا ۽ کاڌي ۾ اعتدال انسان کي نہ صرف فعال رکي ٿو، پر هن جي وڏي عمر جو سبب بہ بڻجي ٿو.
اڄ سڄي دنيا ۾ ماڻھو ڊاڪٽرن ڏانھن وڃڻ ۽ ايلوپيٿي دوائون استعمال ڪرڻ بدران غذا ۽ جڙي ٻوٽين سان تيار ٿيل دوائن کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا. دنيا ۾ علاج جا مختلف طريقا رائج آهن، جن ۾ ريڪي، هپناسس، پريشر ٿراپي، اڪيو پنڪچر، چائنا جون ٽريڊيشنل دوائون، رفليڪسولوجي، رنگن ۽ خوشبوئن وسيلي علاج شامل آهي. موجودہ دور ۾ ريڪي وسيلي علاج مشرقي ملڪن سان گڏ يورپ ۾ بہ مقبول ٿي رهيو آهي. ريڪي ۾ انسان جي قوت جي ڌارا کي ڪائنات ۾ موجود قدرتي نظارن جي توانائيءَ سان هم آهنگ ڪرڻ جو سليقو سيکاريو وڃي ٿو.
ان علاج جي طريقو ڊاڪٽر ميڪائو سوئي اوڻويھين صديءَ ڌاري جپان ۾ دريافت ڪيو. ريڪي جو ماهر پنھنجو هٿ جسم جي مختلف حصن تي رکي، پنھنجي اندر موجود روحاني قوت وسيلي مريض جي جسم ۾ منتقل ڪري ٿو. سموري دنيا ۾ ان ڳالھہ تي بحث هلي رهيو آهي تہ موجودہ دور جي انسان جي بيمارين جو سبب سندس ٻيائي ۽ بي اطميناني آهي، خواھش پرستي جي وڌندڙ رجحان جي ڪري هو فطرت جي خوبصورتيءَ کان پري رھندي، جسماني طور تي روبوٽ بڻجي چڪو آهي، موجودہ دور ۾ سمورا مشرقي ملڪ ۽ يورپ ۾ ماڻھو روحانيت ڏانھن موٽي رهيا آهن. يعني ھو مادي گهرجن جي پورائي سان تعميري ۽ تخليقي جمالياتي سگهہ ڏانھن توجھہ ڏين پيا. فلاحي روين سندن اندر جي انسان کي جيئرو رکيو آھي.
جديد تحقيق مطابق، آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ اهي ماڻھو ۽جيڪي باقائدگيءَ سان چرچ وڃن ٿا، انسان جي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ رڌل آهن، سي ڪنھن ذھني يا جسماني بيقائدگي جو گهٽ شڪار ٿين ٿا. تعميري سوچ ۽ فلاحي ڪم سندن ذهني آسودگيءَ جو سبب بڻجن ٿا. دل جي بيمارين جو ماهر Meyer Friedman ماڻھن جا ٻہ قسم ٻڌائي ٿو، هڪ قسم جي ماڻھن ۾ ڪاوڙ، غصو ۽ جارحيت پسندي وڌيڪ ملي ٿي، ڇو تہ هنن ۾ مقابلي جو رجحان وڌيڪ ٿئي ٿو، پنھنجي معاشي حيثيت کي بھتر کان بھتر ڪرڻ جي ڌن کين عدم تحفظ ۽ بي اطميناني ۾ مبتلا ڪري ٿي ڇڏي. هڪ وقت ۾ گهڻا ڪم، جلدبازي ۽ ذهني دٻاءُ جي ڪري کين دل جي دورن پوڻ جو امڪان رهي ٿو. ٻي قسم جي ماڻھن ۾ وقت جي پابندي، سٺي منصوبابندي جي ڪري هو هڪ وقت ۾ هڪ ڪم ڪرڻ جا عادي ٿين ٿا. ان ڪري هو سڪون سان زندگي گذارين ٿا، ان ڪري بيمارين کان پري هوندا آهن. هڪ تحقيق مطابق امتحانن دوران شاگردن ۾ Antibody Level نارمل کان گهڻو گهٽ دريافت ڪئي وئي، جنھن جي ڪري هنن ۾ انفيڪشنر جا امڪان وڌي وڃن ٿا. اهڙيءَ ريت ذهني ۽ جذباتي دٻاءَ جي ڪري جسماني بيماريون پيدا ٿي پون ٿيون.
اڄڪلھہ يورپ ۾ مائنڊ پاور سائنس تي گهڻو ڪم ٿي رھيو آھي. يورپ ۾ ماڻھو گهڻي ڀاڱي نفسياتي ماھرن ڏانھن وڃڻ کي عيب نٿا سمجهن، ڇو تہ هر وقت مايوسي، ڪاوڙ، غصو ٻين تي بيجا نڪتہ چيني ايبنارمل روين ۾ اچن ٿا. پر اسان وٽ نفسياتي ڪيفيتن کي سخت عيب سمجهيو وڃي ٿو. هتي اڪثر ماڻھو گهرن ۽ آفيسن ۾ پنھنجي جارحيت ۽ ڪاوڙ سان هڪ افراتفري ڦھلائڻ باوجود بہ پاڻ کي ذهني طور تي فعال سمجهن ٿا. ذهني دٻاءَ واري نوڪري ڪندڙ ماڻھو پنھنجي گهرن ۾ اجائي ڪاوڙ ذريعي ٻارن کي ايترو هيسائي ڇڏين ٿا، جو هو ٻاهرين دنيا ۾ فرار حاصل ڪرڻ لاءِ غلط رستا اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا.
ٻئي پاسي وري سندن گهر جون عورتون منجهيل ۽ ذهني دٻاءَ جو شڪار رهن ٿيون. ذهني ۽ جسماني صحت کي بھتر بنائڻ لاءِ طبي ماھر ان جو واحد حل ورزش ٻڌائين ٿا. اهي ماڻھو جيڪي روز تيز پنڌ ڪن ٿا، رانديون کيڏن ٿا، سائيڪلنگ ڪن ٿا ۽ پاڻيءَ ۾ ترن ٿا، انھن ۾ مھلڪ عارضي جو امڪان گهٽجي وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي تہ آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ عورتون ۽ مرد لنچ جي وقفن ۾ جاگر پائي روڊن رستن تي ڊوڙندي نظر ايندا آهن. سائنسي تحقيق سان اها ڳالھہ ثابت ٿي چڪي آهي تہ انسان جا حياتياتي خليا 120 سالن تائين فعال رهن ٿا. انسان ايترو عرصو جيئرو رهي سگهي ٿو. روس، رومانيہ، هماليہ، هنزہ ۽ پھاڙي علائقن ۾ رهندڙ ماڻھن جي اوسط عمر 100 سال ٿئي ٿي. هنن جي ڊگهي عمر جو راز جاکوڙ، سٺي ننڊ ۽ سادي غذا ٻڌايو وڃي ٿو. جيڪي ماڻھو گهٽ چرپر ڪن ٿا، يا ورزش نہ ڪندا آهن، اهي مايوسي ۽ ذهني ڇڪتاڻ ۾ مبتلا رهندا آهن. بدقسمتي اها آهي تہ اسان وٽ ماڻھو ڏينھن ۾ 20 منٽ بہ پنھنجي لاءِ نٿا ڪڍي سگهن. سندن زندگي دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي نذر ٿي وڃي ٿي. جديد تحقيق مطابق هر بيماري جي روڪٿام ۽ حل فقط تيز پنڌ ڪرڻ ۽ ورزش ۾ آهي.
ڪو بہ عارضو وڏو مسئلو نہ آهي، پر ان تڪليف جي پريشاني مريض ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻھن لاءِ هڪ عذاب بڻجي وڃي ٿي. الفرڊ جي ڪينٽ پنھنجي ڪتاب The Healing Magic of Mind ۾ لکي ٿو تہ، ”صحت سان لاڳاپيل خوف کي ذهن تي طاري ڪرڻ ۽ محسوس ڪرڻ اصل بيماري آهي. جنھن ۾ اهڙا لفظ استعمال ڪرڻ تہ ”مان ٿڪل آهيان“ يا ”مان بيمار آهيان“ هڪ صحتمند ماڻھوءَ کي بيمار ڪري وجهن ٿا. ڪنھن بہ مسئلي کي مثبت رويي ۽ مضبوط قوت ارادي سان شڪست ڏئي سگهجي ٿي، بيماريءَ کي بار بار ورجائڻ ان کي وڌيڪ پختو بنائڻ آهي.
جپان جي ميجي حڪمران جي مکيه اصولن جپانين جي زندگي کي بدلائي ڇڏيو. پھرين اصول ۾ شڪر گذاري شامل آهي تہ جيڪو ڪجهہ توهان جي سامھون آهي، ان تي شڪر ڪيو. سٺي سوچ سان حالات ۾ بھتري اچي سگهي ٿي. حالتون انسان جي فائدي ۾ نہ هجن، ان وقت بہ کيس ثابت قدم رهڻو آهي، پر خوشي ۽ خوشحالي جي ڏينھن ۾ کيس عاجزي ۽ انڪساري کان ڪم وٺڻ گهرجي. خوشي يا غم دائمي ڪيفيتون نہ آهن، ان ڪري هر حالت ۾ سوچ جو توازن برقرار رکڻ گهرجي. ٻئي اصول مطابق انسان کي فڪر ۽ پريشانيءَ کان پاڻ کي آجو رکڻ آهي، ڇو تہ مسئلا سوچ سان نہ بلڪہ عمل سان حل ٿيندا آهن. ڳڻتي انسان کي ذات جي انتشار ۾ مبتلا ڪري ٿي ڇڏي. ذهن کي منفي سوچ جي محور کان هٽائڻو آهي. پريشاني ڪوريئڙي جي ڄار وانگر انسان جي ذهن کي وڪوڙي ٿي وڃي. حالات منفي يا مثبت سوچ جي زير اثر تبديل ٿيندا ويندا آهن، ان ڪري چيو وڃي ٿو تہ ذهن جي ڪيفيت کي تبديل ڪيو تہ مسئلا حل ٿي ويندا.

ڪتاب ٻوليءَ جي واڌ ويجهہ جو اھم ذريعو

سنڌي زبان ۾ ڄاڻ جو وسيع خزانو موجود آهي. زبان جي پس منظر ۾ لوڪ ادب، چوڻين، پھاڪن ۽ پرولين جي طاقت ٿئي ٿي، جنھن ٻوليءَ وٽ لوڪ ادب جو قيمتي ورثو هجي، اها زبان وڏي اهميت جي حامل سمجهي وڃي ٿي. لوڪ ڏاهپ مان اُسرندڙ سماج وٽ رابطي جي طاقت موجود آهي، جتي رابطا سگهارا هجن، اُتي تعميري و تخليقي صلاحيتون تيزيءَ سان سرجن ٿيون.
لوڪ ادب سنڌ جي تھذيب جو اڻمٽ حصو رهيو آهي ۽ سنڌي لوڪ ڪھاڻيون منفرد آهن، اُهي ڪھاڻيون جانورن، پکين ۽ انوکن ڪردارن تي مشتمل آهن، جيڪي ڄاڻ سان گڏ تفريح ۽ ساڃھہ ڀري سوچ عطا ڪري ٿي. اهي ڪھاڻيون نسل در نسل فردن کي ذهني، جذباتي، روحاني طور تي سگهارو بڻائين ٿيون، ڇو تہ انھن کي ٻُڌڻ يا پڙهڻ سان تصور جي طاقت وڌي ٿي ۽ ذهن موثر انداز ۾ سوچي ٿو ۽ يادگيري جي صلاحيت ۾ اضافو پڻ ٿئي ٿو. پر اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جي ڇانئجي وڃڻ کان پوءِ ٻار وڏڙن جي ڇھاءُ ۽ وڏڙا احساس جي ونڊ ورڇ کان محروم ٿي ويا آهن. هڪٻئي سان وقت گذارڻ، پنھنجائپ جو اظھار ۽ احساس کي ونڊڻ سان رشتا مضبوط ٿين ٿا ۽ هڪٻئي لاءِ خلوص ۽ اُتساھہ وڌي ٿو. انسان سان انسان جي ويجهڙائي ۽ قرب جو نعم البدل شايد ئي دنيا ۾ موجود هجي، پر بدقسمتيءَ سان مشينن، انسانن ۽ ڪتابن جي جڳھہ والاري ڇڏي آهي. زبان جي واڌ ويجهہ ۽ جيئري رهڻ جو اهم سبب ڪتاب بہ آهي، ڪتاب بلڪل ايئن آهي، ڄڻ ڪو ويجهو دوست هجي، جيڪو هوريان هوريان دل جو حال اوريندو هجي. ان جي انداز بيان ۾ زندگيءَ جو تت سمايل هجي، جيڪو ذهن کي زرخيزي عطا ڪندو هجي. اها حقيقت آهي تہ ڪتاب ٻوليءَ جي معيار کي برقرار رهڻ جو ذريعو ٿئي ٿو. مطالعي جي اهميت کان قطعي انڪار نہ ٿو ڪري سگهجي، ڇو تہ ڪتاب هر فرد جي اهم ذهني ضرورت آهي، ڪتاب معاشرتي سوچ کي هموار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
مطالعي سان زندگي کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ٿي، روين ۾ اعتدال ۽ وسعت جھڙا گُڻ پيدا ٿين ٿا. سنڌي ادب ۾ ڪتابن جو وسيع ذخيرو موجود آهي. اردو کان پوءِ سنڌي زبان ۾ وڌيڪ ڪتاب ڇپجن ٿا، پر وقت سان گڏ مطالعي جو شوق گهٽ ٿي رهيو آهي. تعليمي درسگاهن جا ڪتب خانا اُتساھہ کان خالي پيا آهن، اهڙي ريت شھرن ۽ ڳوٺن ۾ قائم ڪتب خانا پڻ ويران ٿيندا پيا وڃن، جڏهن تہ يورپ ۽ آمريڪا ۾ اڄ بہ ڪتاب پڙهڻ جي شرح ۾ ڪا ڪمي نہ ٿي آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا جو وڌندڙ اثر بہ ڪتاب پڙهڻ جي چاھہ ۾ ڪمي نہ آڻي سگهيو آهي، اُتي ماڻھو آفيس، گهر، بسن، ريلوي اسٽيشنز يا انتظارگاهن ۾ ڪتاب پڙهندي نظر ايندا آهن.
اڪثر اهو چيو وڃي ٿو تہ مصروفيتن ۽ نفسا نفسي جي دور ۾ ڪتاب پڙهڻ لاءِ وقت ڪڍڻ ڏکيو ڪم آهي. عام طور تي هڪ وچولي درجي جو قاري هڪ منٽ ۾ ٽي سئو لفظ پڙهي سگهي ٿو، جڏهن تہ پندرهن منٽن ۾ چار هزار پنج سئو لفظ پڙهي سگهجن ٿا، عام طور تي ڪتاب ۾ 60 هزارن کان هڪ لک تائين لفظ ٿين ٿا يا ان کان بہ وڌيڪ ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن روز پندرهن منٽ مطالعو ڪيو وڃي تہ پندرهن ڏينھن ۾ هڪ ڪتاب ختم ڪري سگهجي ٿو، اهڙيءَ ريت سال ۾ ويھہ ڪتاب پڙهي سگهجن ٿا.
رات جو سُمھڻ کان اڳ ويھہ منٽ مطالعو زندگيءَ جو رُخ ۽ سوچ جو انداز بدلائي سگهي ٿو، ڇو تہ ڪتاب بھترين راهنما پڻ آهي.
ڪتاب پڙهڻ هڪ مثبت مشغلو آهي، ڇاڪاڻ تہ ڪتاب گهر ويٺي پڙهندڙ کي انيڪ دنيائن جو سير ڪرائي ٿو، ليکڪ جي مشاهدن ۽ تجربن مان لاڀ حاصل ٿئي ٿو. عام طور تي اسان دنيا پنھنجي اکين سان ڏسون ٿا ۽ ذهن سان پرکيون ٿا. اسان دريءَ مان ليئو پائي، هڪ محدود منظر ڏسي سگهندا آهيون، پر زندگيءَ جون مختلف حقيقتون ۽ سچ اکين کان پوشيدہ رهجي ويندا آهن، پر ڪتاب جي وسيلي زندگيءَ کي وسيع پس منظر ۾ ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو.
جتي وقت گذرڻ سان زندگيءَ ۾ جدت پيدا ٿي آهي، اُتي هر شعبي ۾ تڪڙي تبديلي آئي آهي ۽ نوان علم ۽ فن متعارف ٿيا آهن. ڪتاب پڙهڻ جي حوالي سان جديد ٽيڪنيڪ کي فوٽو ريڊنگ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، اهو هڪ جديد ۽ حيرت انگيز طريقيڪار آهي، جنھن وسيلي هڪ منٽ ۾ 25000 لفظ پڙهي سگهجن ٿا، ان طريقي ڪار ۾ پڙهندڙ جو تخليقي ذهن محض هڪ سيڪنڊ ۾ صفحي مان مطلب جو اهم سٽون ڳولي سگهي ٿو. هر ماڻھوءَ جو مطالعي جو الڳ طريقي ڪار ٿئي ٿو، ڪي ماڻھو هر سٽ کي آهستي پڙهندا آهن، جڏهن سمجهي پڙهجي ٿو تہ دير لڳي ٿي ۽ ڪن هنڌن تي پڙهندڙ مُنجهي بيھي رهي ٿو، اهي سٽون کيس ڪافي دفعا پڙهڻيون پون ٿيون، اها هڪ ذهني راند آهي، جيڪا پڙهندڙ لفظن سان مستقل کيڏندو رهي ٿو. فوٽو ريڊنگ جي طريقيڪار وسيلي پڙهندڙ بنا بيھڻ يا مُنجهڻ جي لفطن جي دنيا کي فتح ڪندو رهي ٿو. هونئن بہ مطالعي جا عادي جلدي ڪتاب پڙهي وٺندا آهن.
ناول، ادب جي اهم صنف آهي، جڏهن تہ ڪيترن ئي ناولن تي فلمون ٺاهيون ويون آهن. ڪھاڻين ۽ ناولن تي ڪيترائي ٽي وي ڊراما پڻ مشتمل آهن، پر پڙهندڙن جو خيال آهي تہ جيڪو لطف ڪھاڻي ۽ ناول پڙهڻ ۾ آهي، اهو فلمن ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي. ليٽن آمريڪا جي نوبل انعام يافتہ مشھور ليکڪ گارشيا مارڪيز پنھنجي جڳ مشھور ناول ”تنھائي جا سئو سال“ تي فلم ٺاهڻ جي اجازت نہ ڏني، ڇاڪاڻ تہ لفظن ۾ احساس جي عجيب دنيا لڪل رهي ٿي، جنھن کي فقط پڙهندڙ محسوس ڪري سگهي ٿو، جيڪا اسڪرين تي محسوس نہ ٿي ڪري سگهجي. ڪتاب پڙهندڙ جي تخليقي سگهہ، مطالعي دوران سرگرم رهي ٿي ۽ هن جي سوچ ۽ خيال متحرڪ ٿي وڃن ٿا ۽ ذهن جي اسڪرين تي هو هڪ منفرد دنيا جو عڪس ڏسي ٿو.
ڪتاب پڙهڻ جا ڪيترائي فائدا آهن، جن ۾ هڪ يڪسوئي جي ڪيفيت جو پيدا ٿيڻ آهي، جڏهن تہ ڪتاب پڙهندڙ جو ذهن عام زندگي ۾ پُرسڪون رهي ٿو، ڇو تہ زندگيءَ جي گھما گھميءَ مان هو ڪجهہ لمحا فرصت جا ڪڍي، ڪتاب پڙهي ٿو تہ اها هن جي ميڊيٽيشن جي مشق آهي، جڏهن تہ ان لفظ جو مطلب غور و فڪر، يڪسوئي ۽ سڪون سان تعلق رکي ٿي. ڪي گهڙيون اهڙيون بہ هجن، جڏهن انسان سوچ جي زخمي ڪندڙ ڪنڊن کان لڪي ڪا پناھہ حاصل ڪري سگهي، اها پناھہ گاھہ احساس کي آٿت بہ ڏيندي هجي، پوءِ اهي ڪنھن ليکڪ جا لفظ ئي ٿي سگهن ٿا، جنھن ۾ پڙهندڙ پنھنجي احساس ۽ مسئلن جو اولڙو ڏسي ٿو، اهو سندس ڏکويل لمحن جو ڪٿارسس آهي، جڏهن سندس احساس جي بند مکڙي بي اختيار ٽڙي پوي ٿي، ايئن هو هلڪو ڦلڪو ٿي ٻيھر روزمرھہ زندگيءَ ڏانھن واپس موٽي وڃي ٿو.
سنڌ جو روشن آئيندو اسان جو ٻار بہ سنڌي ڪتاب کان پري آهي. شھري ٻار گهڻو ڪري اردو ۽ انگريزي ڪتاب پڙهي ٿو ۽ هن کي سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ نہ ٿي اچي، ڇو تہ نجي اسڪولن ۾ هو مادري زبان جو مضمون پڙهڻ کان محروم آهي. مادري زبان جي ٻار جي زندگي ۾ وڏي اهميت آهي، ڇاڪاڻ تہ هو زبان وسيلي پنھنجي تاريخ، ثقافت ۽ تھذيب جي ويجهو رهي ٿو، ٻي صورت ۾ هو ڌارين زبانن جي سحر ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو.
مادري زبان جي اهميت کي سمجهندي، اقوام متحده پاران هر سال مادري زبان جو ڏهاڙو ملھايو ويندو آهي، اهڙن ڏينھن تي مادري زبان جي اهميت تي روشني وڌي ويندي آهي، پر نجي اسڪول ۾ پڙهندڙ جديد دور جو سنڌي ٻار ڪورس جي ڪتاب ۾ مادري زبان کي شامل نہ ٿو ڏسي تہ ڇا ايندڙ وقت ۾ هو پنھنجي ثقافت سان تعلق جي اهميت ۽ ڌرتيءَ جي ڪشش کي محسوس ڪري سگهندو!

ٻار جي موثر تربيت

وقت گذرڻ سان گڏ گهڻو ڪجهہ بدلجي ويو آهي. سماجي نفسيات هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿي آهي، جتي انساني قدر ۽ مثبت رويا اڻ لڀ آهن. ٻھراڙي جو سماج، ڪيترين سھولتن کان محروم آهي پر شھر ۾ رهندڙ آبادي علمي طور تي اڳڀري آهي. پر علم ۽ عمل ۾ واضح وٿي نظر اچي ٿي. علم ڪتابن يا محض ڳالھين جي حد تائين محدود آهي. عمل جي سچائي جي تمام گهڻي ڪمي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
انساني شخصيت جي اوسر ۾ گهر، تعليمي ادارن ۽ ماحول جو عمل دخل ٿئي ٿو. گهر، ٻار جي پھرين درسگاھہ آهي. ٻار ماءُ جي آواز، تاثرات يا جسماني حرڪت وسيلي سکيا حاصل ڪري ٿو. محبت، تعين، توجھہ ۽ مثبت رويا اشارن جي خاموش زبان (Nonverbal Language) طور ٻار سکي ٿو، ڇو تہ احساس جي ڪا زبان نٿي ٿئي. اھا جنھن ۾ چھري جا تاثرات، جسماني حرڪت، اکين جو رابطو، جسماني ساخت، لھجو ۽ آواز جو گهٽ وڌ هجڻ وغيرہ شامل آهي. انھن تاثرات يا روين وسيلي ٻار جو Limbic Brain جنھن کي Emotional Brain بہ چيو وڃي ٿو، جي واڌ ويجهہ ٿئي ٿي. ٻار زندگي کي ماءُ جي اظھار وسيلي سمجهي ٿو. هڪ سال تائين ٻار ان خاموش زبان وسيلي گهڻو ڪجهہ سکي ٿو. ساڳي زبان ۾ اظھار جو جواب پڻ ڏيئي ٿو. جيئن مرڪ جو جواب مرڪ وسيلي يا ٽھڪن جو ردعمل ٽھڪن جي صورت ۾ ڏيکاري ٿو. ٻار جي سامھون ماءُ روئيندي تہ ٻار بہ روئڻھارڪو ٿي ويندو. اھي مثبت يا منفي تاثرات بہ ٻار جي ذهني صحت ۽ لاڙن جو تعين ڪن ٿا. جيڪڏهن ماءُ ناخوش آهي ۽ هوءَ پنھنجون ڪيفيتون لڪائي ٿي، ان جي باوجود بہ ٻار احساساتي طور تي اهي ڪيفيتون محسوس ڪندو رهي ٿو. اهڙي ريت ٽن سالن ۾ ٻار جي شخصيت جڙي راس ٿئي ٿي.
اهي شروعاتي ٽئي سال ٻار جي پالنا جي حوالي سان انتھائي اهم آهن. ماءُ ۽ پيءُ ٻنھي کي سوچڻ گهرجي تہ هو پنھنجي نسلن جي احساس جي نگهباني پيا ڪن يا کين ذهني ڀوڳنا جي اوڙاھہ ۾ پيا اڇلين. اهي ٻار اڳتي هلي نہ ڄاڻ تہ ڪيتريون انساني زندگيون تباھہ ڪندا! اها ڳالھہ ڪير نہ ٿو سوچي.
ٻارن يا نوجوانن تي پنھنجي سوچ مڙهڻ، کين پسند جا مضمون کڻڻ جو اختيار کسڻ يا بار بار اخلاقيات جا ليڪچر ڏيڻ اجايا آهن. اهي عمل جي طاقت سان تبديل ٿي سگهن ٿا، نہ ڪي لفظن سان. اهي ٻٽا رويا کين ميجر ڊپريشن ڏانھن ڌڪي ڇڏين ٿا. پر جيڪڏهن اهڙي ڏکئي موڙ تي کين سٺا استاد ۽ دوست ملي ويندا آهن تہ هو وڏي تباهيءَ کان بچي سگهن ٿا. ان صورتحال ۾ تعيلمي درسگاهون اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، پر جيڪڏهن ٻار يا نوجوان، تعليمي درسگاهن ۾ جسماني ۽ اخلاقي طور تي محفوظ نہ هجن تہ پوءِ سماج بدترين روين جو پاڳل خانو بڻجي ويندا آهن.
سمورا تڪليف ڏيندڙ رويا جھڙوڪ اناپرستي، نفرت، ڏاڍ، غرور، اڻ سھپ ۽ حسد ٻالڪپڻي جي برن تجربن جو ردعمل ٿين ٿا. والدين جي پالنا جو برو اثر، نسل درنسل ٻارن ۾ منتقل ٿيندو رهي ٿو. پوءِ ايندڙ نسل پُرسڪون حالتن ۽ سٺي پرورش باوجود بہ موروثي طور تي منتقل ٿيندڙ منفي روين جي اثر هيٺ رهندو. اڄ بہ هن سماج ۾ ڪيترا ماڻھو اهڙا آهن، جن کي ٻالڪپڻي ۾ والدين جي جهيڙن جهٽن ۽ تڪليف ڏيندڙ روين جو تجربو ٿيو هوندو. اهي ماڻھو اڄ بہ سماج کان ڪٽيل اندر جا قيدي آهن. انھن جا نسل پڻ موروثي زهر وگهي، انسانيت لاءِ عذاب بڻيل آهن. ماڻھو جيڪڏهن وقت تي پنھنجو پاڻ نہ ٿو سنڀالي يا پنھنجي روين جي چاڙھہ کي قابو نہ ٿو ڪري تہ اهو ڇڙوڇڙ سوچ ۽ ناڪامين جو شڪار ٿي وڃي ٿو.
ڏٺو وڃي تہ سماج مائرن کي تربيت جي حوالي سان ناقص قرار ڏيئي ٿو، پر نفسياتي ماهرن مطابق گهر جي وڏي جي صورت، پيءُ تي وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي. هونئن بہ پيئتي سماج ۾ مرد، حاڪميت جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. سندس ويجهڙائي ٻار ۾ عملي سوچ، خود اعتمادي ۽ حڪمت عملي جوڙڻ جھڙا گڻ پيدا ڪري ٿي. ان ڪري جيڪڏهن ٻارن جي تربيت ۾ پيءُ جو برابر جو حصو نہ آهي تہ ٻارن ۾ ذات جي خوداعتمادي پيدا ٿي نہ سگهندي.
معاشري ۾ ۾ ٻارن جي ذميواري گهڻي ڀاڱي عورتن تي وڌي وئي آهي. پر اها حقيقت آهي تہ هڪ ذهني ۽ جسماني طور تي مضبوط ماءُ، ٻار جي بھترين تربيت ڪري ٿي. اها ماءُ، جنھن کي صنفي اڻ برابري جو عذاب نہ ٿو ڀوڳڻو پوي. جيڪا پنھنجن فيصلن ۾ خودمختيار هجي ۽ کيس گهر وارن جو مڪمل تعاون حاصل رهي ٿو، اهي مائرون معاشري کي اخلاقي طور تي مضبوط انسان ڏين ٿيون.
هن وقت جڏهن گهر جو ادارو منتشر آهي. گڏيل ڪٽنب جو نظام ختم ٿيندو پيو وڃي ۽ رابطن جو اتساھہ اڻ لڀ آهي، اتي تعليمي درسگاهن کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. تعليمي ماھر مطابق تہ: ”اذيت پسندي وارا رويا 80 سيڪڙو ٻار، گهر مان ٿو سکي. ٻار درد جو سامان، گهرن مان تعليمي ادارن ۾ کڻي اچن ٿا ۽ ان بوجهہ کي گهٽائڻ لاءِ کين ڪا جاءِ نہ ٿي ملي.“ ان ڪري تعليمي ادارن ۽ استادن کي ان مسئلي جو حل ڪڍڻو پوندو. شاگردن سان جارحيت تي ٻڌل روين جو خاتمو ٿيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
انساني زندگيءَ لاءِ تڪليف ۽ پريشاني اڻٽر آهن. انسان جڏهن ڪم جي دٻاءَ، سماجي اڻوندڙ روين يا حالات جي ڪري ذهني ڀوڳنا جو شڪار ٿئي ٿو تہ حالتن جي ان موڙ تي تعميري سرگرميون يا مطالعو سندس رهنمائي ڪن ٿا. دنيا جي تاريخ ۾ اهڙن ماڻھن جا ڪيترا مثال ملن ٿا، جن ۾ ٻالڪپڻي جا تڪليف ڏيندڙ مشاهدا شامل آهن. پر اڄ اهي ماڻھو دنيا جون مشھور شخصيتون آهن، جن ۾ اوپرا ونفري، آئنسٽائن، جم ڪيري، بينجمن فريڪلن، ٿامس ايڊيسن ۽ ٻيا شامل آهن. اسان وٽ ٻار جي ناڪاميءَ جي حقيقت قبول نہ ٿي ڪئي وڃي. ٻار يا وڏا ڪنھن ذهني مونجهاري ۾ ڦاسي پون ٿا تہ سندن مذاق اڏائي کين بري انجام ڏانھن ڌڪيو وڃي ٿو.
اهڙي صورتحال ۾ صحيح ڄاڻ، انسان جي راهنمائي ڪري ٿي. پوءِ چاهي رهبر هجن يا ڪتاب، اهي منجهيل ۽ ويڳاڻي سوچ تي شفا عطا ڪري سگهن ٿا. اڄ ڳوٺن ۽ شھرن جا ڪتب خانا ايترا سرگرم نہ رهيا آهن، جيترا انٽرنيٽ ڪيفي دلچسپي جو مرڪز بڻيل آهن. اڻ وڻندڙ رجحان اسان جي اجازت سان سماجي عادتن جو حصو بڻجن ٿا، جنھن جو خاتمو بہ اسان ئي ڪري سگهون ٿا. اسان تعميري سرگرمين ڏانھن ٻارن/ نوجوانن کي مائل ڪري گهڻو ڪجهہ بدلائي سگهون ٿا.

فرهنگ (Glossary)

Adaptive Defense Mechanism: حالتن مطابق دفاعي رويو اختيار ڪرڻ.
Adrenalin: جسماني رطوبت/هارمون جيڪا خوف يا ذهني دٻاءُ وقت خارج ٿئي ٿي، جنھن جو اخراج جسماني نظام کي پرجوش رکي ٿو.
Alfred Hitchcock: الفريڊ هچڪاڪ، انگلينڊ سان تعلق رکندڙ مشھور فلم پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر.
Alpha Brain Wave: يڪسوئي، آرام ۽ تخليقي محرڪ ڏيندڙ ذهن جون لھرون.
Alternative Therapy: علاج جا متبادل فطري ذريعا.
Alternative Therapy: ميڊيڪل (طبي) علاج جو متبادل علاج، جنھن ۾ ميون، ڀاڄين ۽ جڙي ٻوٽين وسيلي علاج ڪيو ويندو آهي. ان متبادل علاج ۾ آيورويدڪ، هوميوپيٿي، هينو ٿيراپي، ريڪي، تريڊيشنل چائينيز ميڊيسنز (TCM)، ڪلر ٿيراپي، يوگا، مراقبو ۽ ٻيا طريقہ علاج شامل آهن.
Alzheimer: ذھني بيماري جيڪا يادگيري، سوچ ۽ روين جي فعاليت کي شديد متاثر ڪري ٿي.
Amy Chua: چيني مصنفه جنھن ذاتي گهريلو زندگي تي ڪتاب لکيو.
Anger Management: نفسياتي طريقي جو علاج، جنھن ۾ ڪاوڙ کي روڪڻ يا برداشت ڪرڻ جا طريقا سيکاريا ويندا آهن.
Antibody Level: بيمارين خلاف گهٽ مدافعتي نظام.
Anti-inflammatory: جسم جي سوڄ گهٽائڻ جون دوائون يا غذا.
Anxiety: ڳڻتي، اونو، نفسياتي نقطہ نگاھہ کان مستقل بي آرامي جي حالت.
Aristotle: يوناني مفڪر، فلاسفر ۽ سائنسدان جنھن کي جديد فلسفي جو ابو سڏيو وڃي ٿو.
Aromatherapy: خوشبو وسيلي علاج.
Attempt: ڪوشش.
Attention Seeking Behavior: توجھہ طلبي وارو رويو، جنھن وسيلي ٻين جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.جنھن ۾ غلط ۽ درست طريقا اختيار ڪيا ويندا آهن. هي بہ ذهني بيماري جو هڪ قسم آهي.
Autosuggestion: اهو نفسياتي طريقہ علاج ويھين صديءَ ڌاري
Emile Coue ايجاد ڪيو هو. جنھن ۾ مثبت مڪالو ذهن ۾ پختو ڪري بھتر نتيجا حاصل ڪيا ويندا آهن.
Battle Hymn of the Tiger Mother: چيني مصنفه جو ڪتاب جنھن ۾ مصنفه ٻارن جي نفسيات ۽ پالڻ جا طريقا لکيا آهن.
Bilingual: ٻہ ٻوليون ڳالھائيندڙ.
Bipolar Disorder: ذهني بيماري جنھن ۾ مزاج جا لاڙها چاڙها وڌي وڃن ٿا.
Bliss of Solitude: تنھائيءَ جي نعمت، اها اصطلاح انگريزي جي مشھور شاعر وليم ورڊزورٿ پنھنجي شاعريءَ وسيلي استعمال ڪئي.
Bliss of Solitude: تنھائي جي نعمت واري اصطلاح، انگريزي جي مشھور شاعر وليم ورڊرس ورٿ جي ايجاد ٿيل آهي، جنھن ۾ هو تنھائي ۾ ٿيندڙ فطري مشاهدي کي خوشي ۽ سرشاري جو ذريعو سڏي ٿو.
Botox: هي انجيڪشن آهي جنھن جي لڳائڻ سان چمڙيءَ جا گهنج غائب ٿي وڃن ٿا ۽ چھرو جوان لڳي ٿو.باٽوڪس انجيڪشن باٽولزم واري رت جي سيرم مان ٺھندي آھي، جيڪي تجرباتي طور تي جانورن جي رت مان ٺاھيون وڃن ٿيون. باٽولزم بيماري آھي، جيڪا باٽولينيم ، جراثيم پيدا ڪندو آھي.
Carl Gustav Jung: سوئيس سائڪيا ٽرسٽ ، تجزياتي نفسيات جو باني ، جنھن جي نفسياتي تحقيق جو ادب ۽ مذهب جي مختلف شاخن تي براهراست اثر پيو.
Catharsis: جذباتي ۽ ذهني طور تي سڪون جي حالت.
Cerebrospinal Fluid: هڪ شفاف، بي رنگ رطوبت، دماغ جو پاڻي.
Charles Lamb: انگريزي مضمون نويس جنھن ان صنف کي نواڻ ۽ داخلي روپ ڏنو.
Charles Perrault: فرانسيسي ليکڪ، جنھن لوڪ ڪٿائن کي نئين ادبڀي صنف ‘Fairy Tales’ ۾ پيش ڪيو.
Chinese Geomancy: چيني رمل، زندگي جا مختلف پھلو بھتر بنائڻ جو فن.
Christopher Marlow: انگريزي جو مشھور ڊرامه نگار، شاعر ۽ مترجم، جنھنجي لکيل ڊرامي”ڊاڪٽر فاسٽس“ايلزبيٿ دور ۾ تمام گهڻي شھرت ماڻي.
Chronokinesis: ذهن جي طاقت وسيلي وقت جي تصور کي تابع بنائڻ.
Circulatory System: رت جو سرشتو، آڪسيجن ۽ غذائي جزن جي رواني، هارمون جي فعاليت ۽ غير صحت بخش جزن جي اخراج جو وسيلو.
Collaborative Journalism: صحافت سان لاڳاپيل پرنٽ يا اليڪٽرانڪ ميڊيا جو گڏيل تنظيمي ڪم،
Color Therapy: هن طريقي علاج ۾ رنگن جي استعمال وسيلي طبي ۽ ذهني بيمارين جو علاج ڪيو ويندو آهي، هن طريقي علاج کي ڪرومو ٿيراپي بہ چوندا آهن.
Comfort Zone: سھل پسندي، آرام طلبي.
Common Sense: روزاني معاملن جي صحيح تجزياتي پرک.
Confucius: ڪنفيوشيس چين جو ڏاهو، جنھن تعليم ۽ سماجي شعور کي اجاگر ڪرڻ لاءِ تحريري طور تي بھترين نظام ڏنو.
Consciousness: شعوري حالت، جنھن ۾ ماڻھو وجود ۽ ماحول جي سمجهہ رکندو هجي.
Conversion Hysteric: ذهني بيماري جنھن ۾ فرضي جسماني بيماري جون علامتون ظاهر ٿين ٿيون.
Counseling: مشاورتي نفسياتي طريقہ ڪار، جنھن ۾ انسان جي زندگيءَ جي مختلف دورن ۽ رخن کي صلاح مشوري وسيلي بھتر بنائي سگهجي ٿو.
Deep Vein Thrombosis: رڳن ۾ رت جو ڳوڙهو ٺهڻ.
Defense Mechanism: غير شعوري منفي و مثبت رويو ، اڻ وڻندڙ صورتحال کي منھن ڏيڻ لاء ذھن جو پريشاني کان بچڻ لاء اختيار ڪيل مدافعتي رويو.
Delirium: فريب، غلط فھمي يا گمان جي ڪيفيت.
Delusion: غلط فھمي، غلط بياني ۽ غلط تاثر تي ٻڌل ذهني ڪيفيتون.
Depression: جيڪو اداسي ۽ مايوسي جي مرضياتي صورت، نااميدي ۽ اڌورائپ جو احساس جسماني علامتن سان گڏ ظاهر ٿيندو هجي.
Diaphragmatic Breathing: گهرا صحتمند ساھہ جن جي کڻڻ سان جسماني مشقون تحرڪ ۾ اچن.
Dimension: پھلو، رخ، ڊيگهہ، ويڪر، اونھائي، پيمائش وغيرہ.
Dissociative Hysteria: شديد ذهني بيماري.
Dopamine: نيورو ٽرانسميٽر آھي جيڪو ذھن جو ڪيميائي عمل آھي ، جيڪو اتساھ ۽ خوشي پيدا ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو.
Dr. Sarah Brewer: انگلينڊ جي مشھور ڊاڪٽر، ڪالم نگار ۽ ڪيترن ڪتابن جي ليکڪہ.
Dream Children: انگريزي جي مشھور مضمون نگار، چارلس ليمب جو سوانحي مضمون.
Dreams: ننڊ ۾ واقعن جي تصوير ڪشي.
E. Stanley Jones: عيسائي ديني مبلغ.
Earthing: زمين ۾ برقي آلو رکڻ/پيرين اگهاڙي زمين تي هلڻ سب زمين جي مثبت آيونز مان صحت بخش نتيجا حاصل ٿين ٿا.
Edgar Allan Poe: آمريڪا جو ناميارو شاعر، ڪھاڻيڪار،ايڊيٽر۽ نقاد.
Edward Witten: آمريڪي نظرياتي فزڪس جو ماهر.
Ego: فرائڊ جوانا بابت نظريو غير شعوري ترغيب آهي، جيڪا مختلف بنيادي ضرورتن ۽ خواهشن ذريعي ظاهر ٿئي ٿي.
Electromagnetic Field: ايلڪٽرو ميگنيٽ فيلڊ کي EMF طور بہ ڪوٺيو وڃي ٿو. اها فيلڊ تڏهن پيدا ٿيندي آهي جڏهن اليڪٽرڪ شين کي چارج ڪيو ويندو آهي، جنھن جو اثر اتاني مزاج ۽ صحت تي پوي ٿو.
Electromagnetic Waves: برقي مقناطيسي لھرون.
Emotional Brain: ذهن جو اهو حصو جنھن ۾ مثبت ۽ منفي احساس ۽ جذبا پيدا ٿين ٿا.
Ernest Miller Hemingway: آمريڪا جو مشھور صحافي، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نويس.
Essays of Elia: چارلس ليمب جي مضمونن جو مجموعو جيڪو 33-1923ع ۾ شايع ٿيو، جنھن۾ سوانحي طرز جا لکيل دلچسپ مضمون شامل آهن.
Euripides: ايٿنز، يونان جو بھترين المياتي ڊرامي نويس.
Extra Ordinary Perfection Power: غير معمولي خيال جي طاقت.
Feng Shui: فطرت جي نظام ۾ فينگ شوئي خير ۽ شر وارن اثرن، موافق ۽ سازگار زمين تي گهرن جي اڏاوت ۽ زندگيءَ کي بھتر بنائڻ جو نظام آهي.
Fiction: نثري ادب جنھن ۾ ڪحاڻي ۽ ناول وغيرہ شامل آهن.
Floral Clock: وڏا آرائشي گهڙيال جيڪي باغن جي سونھن وڌائڻ لاءِ لڳايا ويندا هئا.
Fourth Dimension: غير معمولي شعوري وارتا، غير معمولي رويو جيڪو وقت جي چوٿين رخ سان ڳنڍيا وڃن ٿا.
Free Association: نفسيات جي نظريي مطابق، ’آزاد تعلق‘انساني لاشعور جي تجزيي جو عمل، مريض سان ٿيندڙ ڳالھہ ٻولھہ وسيلي، نفسياتي ماهر سندس ذهني ڪيفيت جو اندازو لڳائي حل ڏيندو.
Generation Gap: ٻن پيڙهين جي مزاج ۽ سمجهہ ۾ فرق.
Geomancy: علم لاعداد ۽ زمين جي منفي ۽ مثبت اثر جي ڄاڻ ڏيندڙ علم.
Geopathic Stress: زميني قوتن جو اڀياس ۽ اثرن بابت معلومات فراهم ڪندڙ علم.
George Eman Vaillant: آمريڪا جو مشھور نفسياتي ماهر ۽ هارورڊ ميڊيڪل اسڪول جو ڊائريڪٽر ۽ محقق، جنھن نفسيات جي مضمون کي جديد دور جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪيو.
Germanium: ڪيميائي جزو، جيڪو ذهن ۾ رت جي وهڪري کي روان رکي ٿو ۽ جسم جي مدافعي نظام کي بھتر بنائي ٿو.
Great Expectations: انگلينڊ جي مشھور ناول نگار چارلس ڊڪنس جو ناول.
Grounding: زمين سان تعلق رکڻ / زميني ويجهڙائي.
Hallucination: حواسن جو دورو/ وهم ۽ قياس آرائي، جيئن ڪنھن ۾ آوازن جو گونجڻ، شڪليون نظر اچن، جن جو حقيقت سان ڪو تعلق نہ هجي.
HealingSounds: فطري آوازن وسيلي علاج.
Hypochondriasis: مهلڪ بيماري هئڻ جو وهم.
Imagination: تصوراتي لياقت يا عمل جي طاقت جنھن وسيلي پھريون ذهن ۾ خيال، تصور ۽ ارادو پيدا ٿئي ٿو.
Immanuel Kant: جرمن فلسفي، جديد فلسفي جو باني.
Intuition: خيال، تصور ۽ ارادو پيدا ٿئي ٿو.
James Baldwin: آمريڪي ناول نگار ۽ سماجي نقاد جنھن شخصي سجاڳي بابت مضمون تحرير ڪيا.
James Hillman: آمريڪا جو مشھور سائيڪالوجسٽ، جنھن نفسيات جي موضوع تي تفصيل سان لکيو ۽ ليڪچر ڏنا.
James Ritchie: علم طبعيات جو ماهر هو، جنھن John McHattie سان ملي فلورل ڪلاڪ ايجاد ڪيو.
Jan Ernst Matzeliger : جوتن جي مشين جو موجد.
John McHattie: ايڊنبرگ، اسڪاٽلينڊ ۾ باغن جو سپرنٽنڊنٽ هو، جنھن فلورل ڪلاڪ جو تصور متعارف ڪرايو.
Joint Family System: گڏيل ڪٽنب جنھن ۾ مختلف خاندان گڏجي رهندا هجن.
Joseph Breuer: آسٽريا جو مشھور طبيب ۽ اعصابي نظام جو ماهر.
Justus Von Liebig: جرمنيءَ جو مشھور ڪيميادان.
Justus Von Liebig: جرمنيءَ جو مشھور ڪيميادان، جيڪو 12 مئي 1803 ڌاري جرمني ۾ پيدا ٿيو، جنھن آئينو ايجاد ڪيو.
Laughter Therapy: ٽھڪ وسيلي علاج ڪرڻ جو نفسياتي ۽ روحاني طريقو.
Law of One: وحدت تي ٻڌل نظريو.
Limbic Brain: احساس ۽ جذبات واري دماغ جو حصو، جيڪو پنجن حواسن کي ظابطي ۾ آڻي ٿو. جيڪو انسان کي سماجي حيوان بنائي ٿو .ظابطي مان نڪري ، انسان جانور ٿي وڃي ٿو.
Literary Journalism: صحافتي ادب، غير تخليقي ادب جيڪو تحقيق تي ٻڌل ۽ تجزياتي هجي، پر جنھن ۾ تخليق جو عڪس نظر اچي.
Lord Francis Bacon: انگريزي فلاسفر ۽ مضمون نويس، جنھن حقيقت، منطق ۽ تجزياتي مضمون لکيا.
Lord Michel De Montaigne: فرانس جو فلسفي ۽ مشھور مضمون نويس.
Lourdes: فرانس ۾ واقع هڪ شھر جنھن ۾ مقدس پاڻيءَ جو چشمو موجود آهي.
Love Hormone: محبت ۾ ٽي جزا شامل ٿين ٿا، جن ۾ شھوت، وابستگي ۽ محبوب جي ترجيح شامل آهن، جن جي مطابق ڪيميائي اثر ظاهر ٿين ٿا.
LSD (Acid): Lysergic Acid Diethylamide حواسن کي دوکو ڏيندڙ پرفريب دوا، نشي جو قسم، وڏي تعداد ۾ استعمال ٿيندڙ نشو.
Lymph System: انساني جسم مان ناڪارہ جزا خارج ڪري، رت سان ملائي دل ۽ ڦڦڙن ڏانھن موڪلي ٿو.
Maya Angelo: آمريڪي شاعرہ، ڳائڻي ۽ انساني حقن جي علمبردار، جنھن جي شاعري، مضمونن ۽ آتم ڪٿا شھرت حاصل ڪئي.
Meditate: ذهني يڪسوئي جي حاصلات، غور و فڪر.
Meditation: مراقبو هڪ مشق آهي جنھن ۾ يڪسوئي ۽ ڌيان وسيلي ذهني سڪون ۽ ذهني قوت حاصل ڪري سگهجي ٿي.
Melancholia: افسردگي/نراسائي.
Melatonin: هارمون جيڪو دماغ ۾ واقع Pineal gland ۾ ٺهي ٿو، جيڪو پرسڪون ننڊ جو ڪارڻ بنجي ٿو.
Meyer Friedman: آمريڪي ڪارڊيولوجسٽ جنھن تحقيق مان ثابت ڪيو تہ ڪاوڙ ۽ اڻ سھپ جي ڪري دل جي دوري جو امڪان وڌي ٿو.
Microscopic Organism: اھي ننڍڙا زنده جسم جيڪي انساني اک نہ ڏسي سگهي پر خوردبيني وسيلي نظر اچن.
Multiple Personality Disorder: هڪ ئي فرد کي مختلف شخصيتن جا نقاب پھريل هجن.
Multiracial Society: گهڻ نسلو سماج.
Narcissus: يوناني ڏند ڪٿا مطابق هڪ خوبصورت نوجوان جيڪو شڪار جو ماهر هو. هو سونھن ۽ سوڀيا جو پڄاري پڻ هو.
Narrative Journalism: بيانيہ انداز رکندڙ صحافت جيڪا تخليقي ادب جو ڏيک ڏئي.
Nervous System: تنتي سرشتو.
Neural coupling: قصو، ڪھاڻي ٻڌائيندڙ ۽ ٻڌندڙ جي وچ ۾ ذهني ۽ روحاني معاهدو.
Non-Fiction: مضمونن، ڪالم، سفرنامن ۾ آتم ڪٿا ۽ ساروڻين تي مبني ادب.
Nonverbal Language: خاموشي ۽ تاثرات جي زبان.
Nostalgia: ماضيءَ جي پچار يا ماضيءَ سان گهري وابستگي، گهر، وطن، ننڍپڻ جي يادگيرين سان نسبت ۽ يادگيري جيڪا اداسي جي صورت ذهن ۾ موجود رهي.
Nuclear family: والدين ۽ ٻارن تي مشتمل خاندان جيڪي باقي خاندان کان الڳ رهندا هجن.
Obsessive Compulsive Thought: اينگزائٽي جو قسم، جنھن ۾ ساڳيا خيال بار بار اچن ٿا. جيئن بار بار هٿ ڌوئڻ يا دروازن جا ڪڙا جانچڻ.
Ode: Intimation of Immortality from Recollection of Early Childhood: وليم ورڊزورٿ جي شھره آفاق نظم جيڪا 1807ع ۾ شايع ٿي.
Optimal Anxiety: جنھن کي Relative Anxiety بہ سڏيو وڃي ٿو، جنھن ۾ ڪو بہ ڪم ڪرڻ وقت ماڻھوءَ جو ذهني دٻاءُ وڌندو. اها ڪيفيت آرام واري حالت کان ٻاهر نڪرڻ وقت محسوس ٿيندي آهي. خاص ڪري ڪو بہ ڏکيو ڪم ڪرڻ وقت پيدا ٿيندڙ ذهني دٻاءُ کي چوندا آهن.
Organic Brain Syndrome: ذهن جي ساخت ۾ ٿيندڙ نقص، ياداشت يا ذهني مفاليت ۾ ڪمي وغيرہ.
Overthinking: ڪنھن بہ هڪ جذبي ۽ خوف کي کڻي ان تي گهڻو سوچڻ يا منفي روين کي ذهن ۾ بار بار ورجائڻ. اهو ذهني عارضو آهي. سوچ جي ورجاءُ کي روڪڻ لاءِ نفسياتي علاج جا طريقا موجود آهن، جن ۾ هڪ مصروفيت پڻ آهي.
Oxytocin: هارمون جنھن کي Peptide Hormone بہ سڏيو وڃي ٿو، جيڪو سماجي تعلق جي مضبوطي جو ڪارڻ سمجهيو وڃي ٿو.
Ozone Layer: آڪسيجن جي ڪري زميني ماحول ۾ واقع تھہ، جيڪو سج جي هاڃيڪار تپش کان زمين کي بچائي ٿو.
Para Psychology: غير طبعي مشاھدن ۽ تجربن تي مشتمل علم ، ماورائي علم.
Paul verhoeven: مشھور ڊچ اسڪرين رائٽر ۽ فلم ڊائريڪٽر، گرافڪ وايولينس جو ماهر.
Perception: حسياتي سمجهہ، شين جو ادراڪ.
Perception: سمجهہ، ادراڪ يا حواسن ذريعي ڄاڻ حاصل ڪرڻ.
Perspective: نقطہ نگاھہ.
Phobia: خوف جو مرض، جنھن ۾ مريض کي ڪنھن صورتحال، جيت، جانور يا ڪنھن ٻي شيءِ جو اجايو خوف لاحق ٿئي ٿو.
Phobia: خوف جي هڪ اهڙي بيماري جنھن ۾ اونچائي جي خوف سان گڏ، پاڻي، بند جڳھين ۽ جانورن جو خوف بہ شامل آهي.
Phobia: ڪنھن بہ صورتحال، زهريلي جيت، جانور يا جڳھہ جو خوف.
Photo Reading: ذهن جو سائنسي طريقہ ڪار جنھن وسيلي مطالعي جي رفتار وڌائي سگهجي ٿي.
Pleasure and Relief: دٻيل خواهش جي اظھار بعد خوشي جو حاصل ٿيڻ.
Postnatal Depression: ٻار جي پيدائش کان پوءِ ماءُ جي جسماني نظام ۾ هارمونز جي تبديلين سبب وڌندڙ ذهني دٻاءُ.
Postpartum Depression: ان ڪيفيت کي Postnatal Depression بہ چيو وڃي ٿو، جنھن جي علامتن ۾ اداسي، ڳڻتي، ڪاوڙ ۽ موڊ جون خرابيون شامل آهن. ٻار ڄڻڻ کان پوءِ هر ماءُ ساڳي ڪيفيت مان گذري ٿي. ذهني بيماريون هئڻ جي صورت ۾ ان ڪيفيت ۾ شدت پيدا ٿي ويندي آهي.
Post-Traumatic Stress Disorder: صدمي کانپوءِ واري نفسياتي ڪيفيت.
Power of Present Moment: موجودہ پل/لمحي جي طاقت/حال جي پلن ۾ جيئڻ جو ڏانءُ.
Pranayama: يوگا جو قسم، جنھن ذريعي ساھہ کڻڻ جون مختلف مشقون ڪيون وينديون آهن.
Pre-Death Syndrome: مرڻ کان اڳي موت جي ڄاڻ هجڻ.
Productive Listening: لاڀائتي ٻڌڻي، جنھن مطابق گهربل ڄاڻ ذهن ۾ محفوظ ڪئي وئي وڃي.
Protestant Reformation: رومن ڪليسا جي خوابن سڌارڻ واري تحريڪ جيڪا 16هين صدي عيسوي ۾ شروع ٿي، جنھن جي نتيجي ۾ پروٽيسٽنٽ ۽ اصلاحي فرقا پيدا ٿيا.
Psychic Ability: روحاني صلاحيت، جيڪا عبادت ۽ تپسيا بعد حاصل ٿئي ٿي. ذهن جو هڪ قدرتي طور تي فرد جو ذهن ادراڪ ۽ وجداني صلاحيتن جو حامل ٿئي ٿو. تخليقڪارن وٽ گهڻي ڀاڱي روحاني يا الھامي ڪيفيت ٿئي ٿي.
Psycho Analysis: نفسياتي تجزيو.
Psychoanalytic Theory: شخصي تنظيم ۽ شخصي واڌ ويجهہ تي زور ڏيندڙ نفسياتي طريقو.
Psychodynamic Theory: نفسيات جا مختلف نظريا، غير شعوري محرڪن جو جائزو وٺڻ..
Psychosomatic: ذهني بيماري سبب، ظاهر ٿيندڙ بي بنياد جسماني علامتون.
Quantum Gravity: ڪشش ثقل فزڪس جو نظريو، جنھن جي ڪوائنٽم مڪينڪس طور وضاحت ڪئي وئي.
Quantum Unified Field: هڪ جو قانون، هي نظريو 20 صدي جي شروعاتي دور ۾ متعارف ٿيو، جيڪو ٿيوري آف رليٽوٽي سان تعلق رکي ٿو. ان نظريي جو باني آئنسٽائن آهي، جنھن ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ اليڪٽروميگنيٽرم ۽ گريوٽي هڪ بنيادي فيلڊ جون مختلف صورتون آهن.
Quilting Bee: آمريڪا ۾ سوڙ ٺاهڻ جي سماجي سرگرمي.
Quilting: سوڙ ٺاهڻ جو فن جيڪو يورپ ۾ بہ مروج آهي.
Reconstruction of Sindh: جي. ايم. مھڪري جو ڪتاب.
Recycling: پراڻين شين کي ٻيھر ڪارائتو بنائڻ جو فن.
Reiki: فڪري ۽ روحاني طريقي علاج، جنھن ۾ ريڪي جو ماهر مشقن وسيلي پنھنجي جسم جي توانائي کي ڪائنات جي توانائي سان هم آهم ڪرڻ بعد، پنھنجي هٿ جي تري مريض جي جسم تي رکي ان جو ذهني ۽ جسماني علاج ڪندو آهي.
Reptilian Brain: جسم جا مکيه ڪم ظابطي ۾ آڻي ٿو.
Reptilian Brain: ذھن جو اھو حصو جيڪو جسم جا مکيه ڪم ظابطي ۾ آڻي ٿو، جيئن ساھ کڻڻ جو عمل، درجہ حرارت، توازن ۽ دل جي ڌڙڪڻ وغيرہ.
Robert Mearns Yerkes آمريڪي سائيڪولوجسٽ، انفرادي ۽ سماجي نفسيات جو جائزو وٺندڙ:.
Samuel Taylor Coleridge: انگلستان جو، رومانوي ۽ ماورائيت پسند شاعر.
Sapience: دانائي
Selective Serotonin ReuptakeInhibitors (SSRIS): اينگزائٽي ۽ ڊپريشن لاء استعمال ٿيندڙ دوائون.
Self Esteem: ذاتي وقار.
Self-Awareness: ذاتي عمل، ڪردار ۽ شخصي طور تي شعوري ڄاڻ هجڻ.
Self-Image: ذاتي تصور.
Sentience: اندروني احسا/جذبن ۽ ماحول کي سمجهڻ جي سگهہ ۽ ڏانءُ.
Serotonin Hormones: تنتي جيوگهرڙو جيڪو جسماني نظام کي متحرڪ ۽ صحتمند رکي ٿو.
Sigmund Freud: آسٽريا جوجڳ مشھور نفسياتي ماھر.
Sixth Sense: ھڪ اھڙي حس جيڪا غير معمولي ۽ احساساتي قوت سان تعلق رکي ٿي. جنھن کي بصيرت يا بطن جي اک بہ چئي سگهجي ٿو.
Songs of Innocence: معصوميت جا گيت، انگريزي شاعر وليم بليڪ جي شاعريءَ جو مجموعو، جنھن ۾ ٻالڪپڻي جا خوبصورت گيت تحرير ٿيل آهن. Songs of Experience جن ۾ بالغ زندگيءَ جاگناھہ، ڪروڌ، ندامت ۽ ٻيا منفي رويا درج آهن.
Sophist: فلسفي جو استاد، جيڪو محض لفاظيءَ جو ماهر هجي.
Space Clearing Technique: خوشبوءَ يا فطري نموني وسيلي، آسپاس جي ماحول کي مفني اثرن کان پاڪ و صاف ڪرڻ جو طريقو.
SpiralRhythm: چڪردار آهنگ.
Spirit of Life: زندگيءَ جو تت / قوت.
Strategic: حڪمت عملي جوڙيندڙ
String Theory: جنھن نظريي مطابق ، وقتجا انيڪ ڊائمينشن ٿي سگهن ٿا ، ڪائناتي قوتن جي وحدت.
Subconscious Mind: لاشعوري ذهن.
Subjectivity: داخليت پسندي، جنھن ۾ ذاتي پسند، رجحان، لاڙا ۽ رايا وغيرہ شامل آهن.
Suicide Tourism: آپگهاتي سياحت: آپگهات جي خواهش رکندڙ ماڻھو اڪيلي سر يا ڪنھن جي سھائتا سان ان ملڪ ڏينھن سفر ڪن، جتي آپگهات واري عمل کي قانوني قرار ڏنو وڃي. سوئيٽزرلينڊ ۾ آپگهاتي سياحت جو تصور موجود آهي، جتي آپگهات واري عمل کي قانوني قرار ڏنو ويو آهي.
Sun: هڪ وڏو ستارو جيڪو سولار سسٽم جي وچ ۾ واقع آهي، جيڪو 220 ڪلوميٽر پر سيڪنڊ جي رفتار سان سفر ڪري ٿو.
Superego: براين ۽ اخلاقي بدتري کان تحفظ ڏيندڙ محافظ، احساس ندامت پيدا ڪندڙ محرڪ.
Surrealism: لاشعوري محرڪ تي مشتمل فني ۽ فڪري تحريڪ ،جيڪا ويھين صدي ۾ متعارف ٿي.
Sylvia Path: آمريڪي مشھور ، شاعرہ، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نويس.
Synapses: تنتي سرشتي ۾ سائنيپسز جو ڪم برقي سرگرمي”معلومات“کي جيو گهرڙن تائين منتقل ڪرڻ آھي.
Synapses: ٻن تنتي جيو گهرڙن جي وچ ۾ جنڪشن جتان خيال جو تحرڪ گذري ٿو.
Thalamus: دماغ جي وچ ۾ ڀوري رنگ جو مادو، جيڪو حسياتي تحريڪ، مغز تائين پھچائي ٿو.
Thanatophobia: موت جو خوف.
The Art of Breathing: Dr. Sarah Brewer جو لکيل مضمون، جيڪو ساھہ جي اهميت ۽ ساھہ کڻڻ جي طريقن جي باري ۾ آهي.
The Healing Magic of Mind: ڊاڪٽر Alfred J. Cantor جو ذهني روحاني طريقن جي علاج تي مشتمل ڪتاب.
Theory of Everything: هن نظريي ۾ ڪائنات جي سڀني مادن، رخن / پھلوئن جي وضاحت وحدت طور ڪئي وئي آهي.
Thomas Carlyle:اسڪاٽ لينڊ جو ناميارو مضمون نويس، تاريخ نويس ۽ تنقيد نگار.
Total Recall: آمريڪي فلم جيڪا تخريبي سائنس فڪشن طور ٺاهي وئي.
Trail: مقدمو.
Turning Point: ڪو خاص لمحو جيڪو تبديلي آڻڻ جو محرڪ بنجي.
Uterine Melancholy: هسٽيريا جي لاءِ استعمال ٿيندڙ يوناني لفظ جيڪو خالي گرپ جي اداسي جي علامت سمجهيو وڃي ٿو.
Vampires: لوڪ ڪٿا، فڪشن يا ڏند ڪٿائن مطابق انساني توانائي/رت چوسيندڙ ڀوت.
Vibrational Force: زميني ۽ ڪائناتي لھرون.
Vibrational Force: فطري مضھرن وٽ قوت ڌارا ٿئي ٿي، جن جو اثر جيوت تي پوي ٿو.
W. S. Stoner: ڪتاب نيچرل ايجوڪيشن جي ليکڪہ.
Wendell Berry: آمريڪي ناول نگار، شاعر، ماحولياتي شعور عطا ڪندڙ، ثقافتي نقاد ۽ معروف مضمون نويس.
Zeus: يوناني ڏند ڪٿا مطابق آسمان ۾ گجگوڙ جو ديوتا.

مددي ڪتاب (References)

1. Simpson, Liz. The Healing Energies of Earth.
2. Brown, Siman. Feng Shui in Weekend.
3. Sue., Lilly Simon. Healing With Crystals and Chakra Energies.
4. Hall, Dorial. Meditation.
5. Friedman, Joe. The Dream Work Book.
6. سنڌيلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو.“
7. MacManaway, Dr. Patrick. Energy Dowsing For Every One.
8. Coghill, Roger. The Healing Energies of Light.
9. Cousin, Norman. Anatomy of Illness.
10. Brewer, Dr. Sarah. The Art of Breathing.
11. Mehkari, G.M. Reconstruction of Sindh.
12. Perrault, Charles. Tales of Mother Goose.
13. Blake, William. Songs of Innocence and Songs of Experience.
14. Dickens, Charles. Great Expectations.
15. Chau, Amy. Bettel Hymn of the Tiger Mother.
16. Stoner, W.S. Natural Education.
17. Sadler, Jan. The Five Feel-Good Factors.
18. Mickle, Dr. Kathryn (Ph.D). Journey to Mastery.
19. Murphy, Joseph (Ph.D). The Power of Your Sub Conscious Mind.
20. Gray, John. Men Are From Mars, Women From Venus.
21. Goldberg, Dr. Bruce. Soul Healing.
22. Allwell, Khleber Chapman. Anxiety.
23. Cantor, Alfred J. M.D. Unitrol: The Healing Magic of the Mind.
24. Internet.