سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري نثرنگار غلام رباني آگري جي شخصيت ۽ فن تي لکيل ڪتاب ”ڏور بہ اوڏا سپرين (غلام رباني آگرو: فن ۽ شخصيت)“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو مرتب الطاف آگرو آھي.
سنڌ جي برک اديب، ڪھاڻيڪار، محقق، مضمون نگار ۽ سفرنامانگار غلام رباني آگري جو نالو سنڌي ادب ۾ مٿاھين جاءِ والاري ٿو. پاڻ بلاشبہ سنڌي نثر جو بي تاج بادشاھہ ھيو. سندس لکڻين ۾ نثر جا عميق رنگ، عڪس ۽ اولڙا ڏسي ۽ پَسي سگهجن ٿا. ھن ڪتاب ۾ سندس شخصيت، فن، لکڻين ۽ ادبي خدمتن تي مختلف نامور شخصيتن پاران لکيل تاثر ۽ مضمون شامل آھن.
ھي ڪتاب 2014ع ۾ انسٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄامشورو پاران ڇپايو ويو جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيوٽ جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي