شخصيتون ۽ خاڪا

ناري جا ڏات ڌڻي

خيرپور ضلعي جو نارو تعلقو ڀِٽن ۽ وارياسي زمين تي مشتمل آھي، جيڪو فن ۽ فڪر. روحاني رمزن ۽ فنون لطيفہ سان تعلق رکندڙن جو گھِوارو رھيو آھي. ھي علائقو سنڌ جي ثقافت، مھمان نوازي سان گڏ بھادرن، روايتي ھنرن، لوڪ ادب، لوڪ شاعري ۽ لوڪ موسيقيءَ جو محور رھيو آھي. پيراڻي سائل ڀنڀري ناري جي صوفي شاعرن، لوڪ ادب، سگهڙن، سُر ۽ ساز ڇيڙيندڙ ۽ قلمڪارن جي سوانح کي سھيڙي ۽ ترتيب ڏئي ھي ڪتاب تيار ڪيو آھي. 

Title Cover of book ناري جا ڏات ڌڻي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران پيراڻي سائل ڀنڀري جي تحقيق تي مشتمل تعلقي ناري جي ڏات ڌڻين جي سوانح تي مشتمل ڪتاب ”ناري جا ڏات ڌڻي“ اوھان اڳيان حاضر آھي.
خيرپور ضلعي جو نارو تعلقو ڀِٽن ۽ وارياسي زمين تي مشتمل آھي، جيڪو فن ۽ فڪر. روحاني رمزن ۽ فنون لطيفہ سان تعلق رکندڙن جو گھِوارو رھيو آھي. ھي علائقو سنڌ جي ثقافت، مھمان نوازي سان گڏ بھادرن، روايتي ھنرن، لوڪ ادب، لوڪ شاعري ۽ لوڪ موسيقيءَ جو محور رھيو آھي. پيراڻي سائل ڀنڀري ناري جي صوفي شاعرن، لوڪ ادب، سگهڙن، سُر ۽ ساز ڇيڙيندڙ ۽ قلمڪارن جي سوانح کي سھيڙي ۽ ترتيب ڏئي ھي ڪتاب تيار ڪيو آھي. 
ھي ڪتاب 2016ع ۾ سنڌي ادبي سنگت، چونڊڪو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي پيراڻي سائل ڀنڀري جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي