سفرناما

ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا بابت سفرنامي جو هي ڪتاب ڊاڪٽر مجيب اقبال سومري جھڙي ڪامياب ماڻهوءَ لکيو آهي، جيڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي مقصد لاءِ ڏکڻ ڪوريا جو مسافر بڻيو. ھن ھي پنڌ پنھنجي بي انتھا لگن، محنت ۽ سچائي سان سجايو ڪيو. ڊاڪٽر مجيب پنھنجي ڪاميابيءَ جي اُڏام ڀرڻ کان وٺي موٽڻ تائين جي سموري ڪٿا گهڻي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور لکي آهي. ھن سفرنامي ۾ڏکڻ ڪوريا جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي سسٽم، ڪوريا جي ثقافت، ڪوريا جي ترقي، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۽ سياحت جي شوقينن لاءِ ڪوريا جي سياحتي جاين جڳھين سميت ملائيشيا ۽ ويٽنام جي بہ سياحتي مرڪزن جو مختصرن ئي سھي، پر ذڪر ضرور ڪري ڇڏيو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 43
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڪوريا جيئن مون ڏٺو

سنڌسلامت پاران


سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر مجيب اقبال سومري جو لکيل سفرنامو ”ڪوريا جيئن مون ڏٺو“ اوهان اڳيان پيش آهي. 
ڪوريا بابت سفرنامي جو هي ڪتاب ڊاڪٽر مجيب اقبال سومري جھڙي ڪامياب ماڻهوءَ لکيو آهي، جيڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي مقصد لاءِ ڏکڻ ڪوريا جو مسافر بڻيو. ھن ھي پنڌ پنھنجي بي انتھا لگن، محنت ۽ سچائي سان سجايو ڪيو. ڊاڪٽر مجيب پنھنجي ڪاميابيءَ جي اُڏام ڀرڻ کان وٺي موٽڻ تائين جي سموري ڪٿا گهڻي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور لکي آهي. ھن سفرنامي ۾ڏکڻ ڪوريا جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي سسٽم، ڪوريا جي ثقافت، ڪوريا جي ترقي، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۽ سياحت جي شوقينن لاءِ ڪوريا جي سياحتي جاين جڳھين سميت ملائيشيا ۽ ويٽنام جي بہ سياحتي مرڪزن جو مختصرن ئي سھي، پر ذڪر ضرور ڪري ڇڏيو آهي.
ھي ڪتاب 2021ع ۾ امرتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون ڊاڪٽر مجيب اقبال ۽ امرتا پبليڪيشن جي سرواڻ فقير محمد ڍول جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

سڀ حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

Amarta’s Book No.62

ڪوريا جيئن مون ڏٺو
]سفرنامو [
ڊاڪٽر مجيب اقبال سومرو
ايڊيٽنگ ۽ لي آئوٽ: فقير محمد ڍول
ٽائيٽل: عرفان علي ميمڻ
ڇاپو پھريون: ڊسمبر 2021ع
ڇپيندڙ: امرتا پبليڪيشنس حيدرآباد،
امرتا ڇاپ گهر، 1-باسم چيمبرس حيدر چوڪ حيدرآباد
amartachhapghar@gmail.com
ڇپرائيندڙ: ڍول فقير فائونڊيشن- سنڌ
قيمت: 500.00 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2024ع


Korea Jea’n Moo’n Ditho
[Travelogue]
Dr. Mujeeb Iqbal Soomro
Editing & Lay Out: Faqir Muhammad Dhol
Title & Graphics: Irfan Ali Memon
First Edition: December 2021
Printed by: Amarta Publications Hyderabad,
Amarta Chhap Ghar, 1-Basim Chambers, Hyder Chowk Hyderabad.
Published by: Dhol Faqeer Foundation, Sindh
Price: Rs.500.00

ارپنا

مان ھيءَ ننڍڙي ڪاوش
پنھنجي بابا سائين (ابو)
۽
جيجل امڙ (امي)
کي ارپيان ٿو
جن جي بي لوث محبتن ۽
اڻ کُٽ پيار جي ڇانوَ ۾ پرورش پاتم.
اڄ مون کي جيڪو مقام حاصل آھي،
اھو سندن دعائن جو ئي ثمر آھي.
ڌڻي سائينءَ در دعا اٿم تہ
سندن سايو سر تي ھميشہ ھميشہ قائم رھي-آمين


ڊاڪٽر مجيب اقبال سومرو

اداري پاران: ڪامياب ماڻھوءَ جو ڪامياب سفر

اُهي ماڻھو ڪيڏا نہ ڀاڳوان آهن، جيڪي ڪنھن نہ ڪنھن سبب يا بھاني جي ڪري ئي سھي، پر خدا جي قدرت ملڪ اندر يا مختلف ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي ڏسن ٿا. جنھن لاءِ فرمايو بہ ويو آهي تہ، ’گهڻي کائڻ پيئڻ بدران گهمو ڦرو ۽ منھنجي قدرت جا نظارا يا معجزا وڃي ڏسو...‘
مون کي تہ وري ذاتي طور اُهي ماڻھو بہ وڻندا آهن، جيڪي پنھنجي ’سفر-ڪٿا‘ لکي پڙهندڙن تائين پھچائين ٿا، جن ۾ معلومات سان گڏ پيش آيل واقعا، موقعا، مھل، حالتون، سوَلايون ۽ ڏکيائيون سڀ سمايل هونديون آهن. انھن سفرنامن جي منھنجي نظر ۾ ان ڪري بہ اهميت آهي، جو ان سان ڪيترن نوجوانن جي رهنمائي ٿي پوي ٿي، جيڪي پنھنجي عملي زندگين جي شروعات ڪرڻ لاءِ پکين جيئن پَرَن کي سھيڙي اُڏامڻ لاءِ بيچين هوندا آهن.
سفرنامو، هر ٻوليءَ جي هڪ وڻندڙ صنف آهي ۽ هر ٻوليءَ ۾ ان کي جيڪا پذيرائي ملي آهي، سا بيحد و بي انتھا آهي. ان جو سبب گهر ويٺي مختلف ملڪن جو سئر و سفر، اتي جي ماڻھن جي اُٿڻي ويهڻي، سياحت و ثقافت، سماجي اڏاوت، ترقي و پستيءَ جا سمورا منظر جيئن جو تيئن سچائيءَ سان پيش ڪيا ويندا آهن ۽ مٿان جيڪڏهن وري ليکڪ جي ٻولي سنڌي ٻوليءَ جي برک سفرناما نگار ’سائين الطاف شيخ‘ جيان سليس سوَلي هجي تہ ڄڻ مُنڊيءَ تي ٽِڪَ ٿيو پوي. هي سفرنامو ’ڪوريا جيئن مون ڏٺو‘ بہ بلڪل سائين الطاف شيخ جيان ئي ڊاڪٽر مجيب اقبال، بنھہ ئي سليس ۽ سوَلي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو آهي.
سفرنامي جو هي ڪتاب هڪڙي ڪامياب ماڻھوءَ لکيو آهي، جيڪو جنھن مقصد لاءِ ڏکڻ ڪوريا ملڪ ڏي پنڌ پيو هو، تنھن پنھنجو پنڌ پنھنجي بي انتھا لگن، محنت ۽ سچائي سان سجايو ڪيو. ڊاڪٽر مجيب پنھنجي ڪاميابيءَ جي اُڏام ڀرڻ کان وٺي موٽڻ تائين جي سموري ڪٿا گهڻي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور لکي آهي.
ڊاڪٽر مجيب اقبال سومرو صاحب، مھراڻ يونيورسٽيءَ جو لائق استاد آهي، جنھن کي پي. ايڇ. ڊيءَ جي سلسلي ۾ ڪوريا وڃڻو پيو. هُن سفرنامي ۾ پنھنجي پيرائتي ڪٿا لکي آهي، ڪوريا وڃڻ کان موٽڻ تائين... جيڪِي ڪجهہ هُن ڏٺو وائٺو ۽ جيڪي ڏکيائيون هُن کي ڪوريا ڏانھن اُڏام ڀرڻ کان اڳ يا پوءِ پيش آيون، اهي سڀ ڏکيائيون لکي، هُن ڄڻ تہ ٻاهرين ملڪن ڏي وڃڻ وارن خواهشمندن لاءِ سوَلايون پيدا ڪري ڇڏيون آهن. ڇاڪاڻ جو جن گهرجن ۽ ڪاڳر پَٽن جو هن ذڪر تفصيل سان لکيو آهي، سو گهڻو اهم ۽ رهنمائي ڪندڙ آهي. علاوہ ازين هُن سياحت جي شوقينن لاءِ بہ ڪوريا جي سياحتي جاين جڳھين سميت ملائيشيا ۽ ويتنام جي بہ سياحتي مرڪزن جو مختصرن ئي سھي، پر ذڪر ضرور ڪري ڇڏيو آهي، جنھن ڳالھہ ڄڻ تہ سفرنامي جي لذت کي دوبالا ڪري ڇڏيو آهي.
’امرتا‘ پبليڪيشنس حيدرآباد پاران هي نئون سفرنامو ’ڪوريا جيئن مون ڏٺو‘ دل جي حُضور سان پنھنجي پڙهندڙن لاءِ پيشِ خدمت آهي، ان اُميد سان تہ هي سفرنامو بہ، اوهان کي ’امرتا‘ پاران پيش ڪيل ’سائين الطاف شيخ‘ جي سفرنامن جيان مزيدار ۽ چَسدار لڳندو.
مٺڙو مالڪ جل شانہ ڪري اوهان جُڙيا هجو نؤبنا هجو - آمين.

نيازمند

فقير محمد ڍول
ڇنڇر 16 آڪٽوبر 2021ع
امرتا پبليڪيشنس،
آفيس نمبر 1، ميزنائن فلور
باسم چيمبر، حيدر چوڪ حيدرآباد

ٻہ اکر: واقعن، تجربن ۽ مشاهدن جو مجموعو

تدبير تي تقدير حاوي آھي، مان ان منطق جو حامي آھيان پر زندگي ۾ ڪجهہ اھڙا ماڻھو بہ ملن ٿا، جيڪي پنھنجي تدبير سان تقدير لکن ٿا، مجيب بہ انھن مان ھڪ آھي. ساڻس منھنجو گهرو تعلق آھي پھريان تہ منھجو شاگرد رھيو آھي، دوست بہ آھيون، پر سڀ کان وڌ ذھني ھم آھنگي جو رشتو آھي. مان جيڪو چوڻ چاھيندو آھيان، ھو گهٽ لفظن ۾ منھنجي مقصد تائين پھچي ويندو آھي، مان پڻ ھن جي لفظن جي تت مان سمجهي ويندو آھيان تہ ھو ڇا ٿو چاھي.
مجيب 24 ڊسمبر 1984ع تي سومر جي ڏينھن پيدا ٿيو. سندن اباڻو ڳوٺ ڳاڙهي موري ضلعو خيرپورميرس آھي. سندس والد محمد اقبال سومرو واپڊا(WAPDA) ۾ ملازم هو ۽ ڪوئيٽا ۾ ’شيخ ماندہ پاور پلانٽ‘ ۾ پوسٽيڊ هو، جنھن ڪري مجيب پنھنجي ننڍپڻ جو ڪجهہ حصو ڪوئيٽا ۾ گذاريو، پوءِ سندس والد کي ’گيس ٽربائن پاور اسٽيشن (GTPS) ڪوٽڙي‘ ۽ ڪجهہ عرصي کان پوءِ ’ڄامشورو پاور ڪمپني لميٽيڊ (JPCL)‘، جيڪو هاڻي ’ٿرمل پاور اسٽيشن (TPS) ڄامشورو‘ طور سڃاتو وڃي ٿو، ۾ بدلي ڪيو ويو. ھن پنھنجي ابتدائي تعليم ’واپڊا ماڊل هاءِ اسڪول ڪوٽڙي‘ ۽ ’مھراڻ گرامر هائر سيڪنڊري اسڪول ڄامشورو‘ مان حاصل ڪئي. مجيب ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ ’پبلڪ اسڪول حيدرآباد‘ مان ڪئي. 2004ع ۾ ھن جي داخلا مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي (MUET) ڄامشوري جي ’مڪينيڪل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ‘ ۾ ٿي ۽ 2009ع ۾ يونيورسٽي مان گريجوئيشن (بيچلرز آف انجنيئرنگB.E. ) ڪئي.ھن کي بيچلرز ۾ پڙهائي دوران ئي سنگت ساٿ سان گهمڻ ڦرڻ جي عادت پئي. مجيب پھرين نوڪري ’عبدالڪريم اينڊ سنز (AKS) انجنيئرنگ پرائيويٽ لميٽيڊ‘ ۾ بطور سائيٽ انجنيئر جي حيثيت سان شروع ڪئي ۽ ھن جي پھرين پوسٽنگ الائيڊ اليڪٽريڪل سروسز (AES) لعل پير ضلعو مظفرگڙھ، پنجاب ۾ ٿي. ڪجهہ عرصي کان پوءِ، اڪبر علي اينڊ سنز پرائيويٽ لميٽيڊ ڪراچي ۾ بطور مينٽيننس اينڊ سروس انجنيئر طور نوڪري ڪيائين. مجيب پھرين جنوري 2010 تيMUET ڄامشورو جي مڪينيڪل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ بطور سينئر ورڪشاپ انسٽرڪٽر مقرر ٿيو. جنوري 2010ع کان آڪٽوبر 2013ع تائين ھن يونيورسٽيءَ ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ان ئي دوران MUET مان انرجي سسٽمز انجنيئرنگ ۾ ماسٽرز آف انجنيئرنگ (M.E)پڻ مڪمل ڪيائين. نومبر 2013 ۾ ھن کي MUETجي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو (SZAB)ڪيمپس، خيرپور ميرس جي مڪينيڪل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت سان نوڪري ملي ۽ تقريبا اڍائي سالن تائين ھُن ڪيمپس جي خدمت ڪئي. ھن 2016ع ۾ ڏکڻ ڪوريا(SOUTH KOREA) ۾ ڊاڪٽر آف فلاسافي (Ph.D.) جي تعليم لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن(HEC) پاڪستان طرفان اسڪالرشپ حاصل ڪئي. هو 26 فيبروري 2016ع تي ڪوريا لاءِ روانو ٿيو.
اڄ بہ ياد اٿم تہ ڪوريا وڃڻ کان اڳ چيو ھيائين تہ ”پھرئين سال ذوق و شوق سان تعليم ڏانھن ڌيان ڏبو. ٻئي سال ٻار گڏ وٺي ويندس ۽ ٽئين سال انھن کي ويڪيشن ۾ گهر ڇڏي، وري وڃي پنھنجي تعليم پوري ڪبي.“ مون سوچيو ھو تہ مئٿميٽڪس جي ڪنھن فارمولا جيان ائين تہ ڪونہ ٿيندو. پرايو ديس، پرائي ٻولي ۽ اڻ ڄاڻ ماحول ۾ حالتن مطابق ھلڻو پوندس، پر ھُو انھن ٽن سالن ۾ تدبير تي ھلندو رھيو ۽ جيئن پلان ڪيو ھيائين، تيئن پنھنجو تدريسي سفر سڦلتا ۽ ڪاميابيءَ سان پورو ڪيائين. مجيب 22 فيبروري 2019ع تي پي ايڇ ڊي جي تعليم مڪمل ڪري وطن واپس وريو. پرديس وڃڻ کان اڳ ٺھيل پلان کان ھٽي ڪوريا جي سير و تفريح کي بھتر نموني سان انجواءِ ڪيائين ۽ سنڌي ۽ اردو ادب جي سفرنامي واري صنف ۾ معلوماتي ڪتاب جي صورت ۾ قوم کي ھڪ تحفو پڻ ڏنو. هي سفرنامو ڪوريا ۾ پي ايڇ ڊي دوران مجيب سان پيش ايندڙ واقعن، تجربن ۽ مشاهدن جو هڪ مجموعو ۽ گڏوگڏ پرڏيھ (خاص ڪري ڪوريا) ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙن لاءِ ھڪ گائيڊ پڻ آهي.
مجيب جي پرائمري تعليم ڪوئيٽا ۾ رھڻ جي ڪري اردو ميڊيم ھئي پر سندس ھن ڪتاب مان محسوس نٿو ٿئي تہ سندس سنڌي ٻوليءَ تي ڪا گرفت ڪمزور آھي. ان سان گڏ اھو بہ ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان تہ PhD جي ڊگري حاصل ڪرڻ دوران لکڻ جو ڏانءُ ۽ طورطريقا پڻ سيکاريا وڃن ٿا، جن کي مجيب بھتر نموني سان سمجهي ھتي طبع آزمائي ڪئي آھي.
بس اھا دعا ڪجي ٿي تہ ﷲ پاڪ کيس ھن شوق سان ساٿ نڀائڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ وڌيڪ لکڻ جي ھمت عطا فرمائي-آمين.

جميل احمد منگي
ڄامشورو

پيش لفظ: سفر جو اقبال

سفر وسيلہءِ ظفر هوندو آهي.
زندگيءَ کي بہ ڏاهن هڪڙو سفر ئي سڏيو آهي. بس رڳو انھيءَ جي منزل جي خبر نہ هوندي آهي. باقي حياتيءَ ۾ جيڪي بہ سفر ڪجن ٿا، انھن ۾ منزل جي نوع تہ معلوم ئي هوندي آهي. چيو اهو بہ ويندو آهي تہ ’ميلي جي موٽ‘ خراب هوندي آهي. مطلب اهو ساڳيو نڪري ٿو تہ سفر تي نڪرڻ مھل جيڪو اُتساھہ اندر ۾ جاءِ والاريندو آهي. اهو واپسيءَ مھل ڪڏهن ڪڏهن هڪ بيزاريءَ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. وڏن پاران ٻُڌايل اها چوڻي يقينن پنھنجي جاءِ تي اهم هوندي، پر ننڍڙي مجيب جي هيءَ سفرنامي واري تحرير ڪوريا وڃڻ کان وٺي، پنھنجي گهر پھچڻ تائين هڪ لاڳيتو اُتساھہ آهي.
هن سفرنامي جي سڀ کان اهم ترين نوع، سندس سادي تحرير آهي. ليکڪ ڄاڻي ٿو تہ هُو لفظن جي بازيگريءَ کان اڻ واقف آهي. سنئون سڌو هڪ ’ريسرچر‘ آهي، جيڪو يونيورسٽيءَ جي تعليم حاصل ڪندي، تحقيق جي ميدان ۾ تہ گهڻو ڪجهہ ڪري سگهي ٿو، پر لفظن جي دنيا ۾ سندس پاڙ ايڏي پختي ڪونھي، جو عملي تحريري پريڪٽيڪل جا نتيجا سامھون اچي سگهن. تنھن هوندي بہ شابس آهي، جو ’ڪووِڊ-19‘ جي پاران عنايت ڪيل اڪيلائين ۾ هُن اهو لازم سمجهيو تہ ڇو نہ هن وقت جي خبرگيري ڪئي وڃي ۽ سجايو بڻائيندي يادگيرين جا ورقَ لکجن، اندر جي تجربن کي اوتجي ۽ ڇو نہ هڪ ڪتابي شڪل، سفرنامي جي صورت ۾ سامھون اچي.
تحرير جي اها ئي سادگي آهي، جيڪا سندس عنوانن کان وٺي، بابن جي اندر تائين جهاتي پارائي ٿي. هُن شعوري طور اها ڪوشش ڪئي آهي تہ جيڪي بہ نوجوان شاگرد يا ڏيھي مسافر ڪوريا وڃن ٿا، پوءِ اهي تعليم حاصل ڪرڻ وڃن، روزگار سانگي وڃن يا گهمڻ، وٽن ننڍين ننڍين ڳالھين جي مڪمل ڄاڻ هئڻ گهرجي. هن ڪتاب ۾ انھي ڳالھہ جو خاص خيال رکيو ويو آهي تہ شاگرد لڏي کي وڌ کان وڌ ڄاڻ فراهم ڪئي وڃي.
عام زندگيءَ ۾ اهو ڏٺو ويو آهي تہ ڪيترائي شاگرد جيڪي تحقيق جي ميدان سان سلھاڙيل هوندا آهن، رڳو ڪجهہ شين کي پنھنجو محوَر بڻائيندا آهن. خاص طور تعليمي سرگرميون سندن گهڻو ڌيان ڇڪينديون آهن ۽ هُو تفريح کان ڪجهہ پرڀرو رهندا آهن، پر مجيب اقبال جي هن سفرنامي ۾ سندس ذات سان لاڳاپيل تعليم ۽ تفريح گڏوگڏ هلنديون رهن ٿيون. جيڪا هڪ خوبصورت روايت آهي.
مجيب نہ رڳو مشاهدو رکي ٿو، پر سندس مطالعو بہ ڪنھن لحاظ کان پوئتي نظر نٿو اچي. اوهان جيئن جيئن سندس تحرير جي حُسن ۾ گم ٿيندا ويندؤ، تيئن تيئن احساس ٿيندو تہ هن نوجوان جي اک جتي منظر جهٽي ٿي، اُتي ئي وري سندس ذهن بئڪ ڊراپ ۾ مطالعي جا ورقَ ورائيندو رهي ٿو. ڪتاب جو ڪوبہ چيپٽر کڻي ڏسو، تقريبن هر مشاهداتي اسم جو مطالعو ٿيل آهي. هُن هاسيڪار ڪوشش ڪري انھن سڀني جاين جڳھين جي پيرائتي ڄاڻ ڏني آهي تہ جيئن پڙهندڙن يا اُتي وڃڻ جو موقعو ماڻيندڙن جي خدمت ۾ پنھنجي مشاهدي سان گڏ ان جاءِ جڳھہ بابت ماضيءَ کان ويندي حال تائين جو سمورو احوال پيش ڪجي.
هڪ ڪامياب سفرناما نگار جي اهم خوبي بہ اها ئي هوندي آهي تہ هُو پاڻ جيڪي ڪجهہ ڏسي پَسي پيو، سو تہ پيش ڪري ئي ڪري، پر ان سان گڏ ان جون سموريون لوازمات شامل ڪري، جن ۾ ان بابت تاريخي ڳالھيون ۽ روايتون اهميت جون حامل هجن ٿيون. ساڳئي وقت ڪنھن بہ پرڏيھي ملڪ ڏي اُسھندڙ لاءِ اهو ضروري هجي ٿو تہ ان کي ان ملڪ جي تاريخ، تمدن، ثقافت، قانون وغيرہ بابت ضروري ڄاڻ هئڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ جيڪڏهن هن قسم جا سفرناما ميسر هجن تہ ڇا ڳالھہ آهي. ڪنھن گائيڊ يا سونھين جي پوءِ تہ ضرورت ئي ڪونھي، ڇاڪاڻ جو مجيب نہ رڳو پنھنجي هن سفرنامي ۾ اتي جي اُٿڻي ويھڻي ۽ ثقافت ۽ جاين جڳھين کي تہ پنھنجي ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو آهي، پر هُن اتي جي کاڌن پيتن جو بہ ذڪر پيرائتي نموني ڪيو آهي، جنھن جي ڪري ڪوريا ويندڙن لاءِ هي ڪتاب هڪ سونھين طور واھہ جو ڪم اچي سگهي ٿو.
مجيب، جيئن پھرين عرض ڪيوسين، تہ پنھنجي لکڻ ۾ بيحد سادو آهي. اها شاندار سادي ٻولي ڄڻ تہ سندس هڪ اهم خاصيت بڻجي وڃي ٿي. جيئن صفحي 127 تي لکي ٿو:
ايئر چائنا تمام سستي هئي. ايئر چائنا ڪوريا کان صبح 9 وڳي ھلندي ھئي ۽ شام 7 وڳي اسلام آباد ۽ رات 10:00 وڳي ڪراچي پھچندي هئي. ساڳيو جھاز رات 12:00 وڳي ڪوريا لاءِ روانو ٿيندو ھو. جڏهن بہ هوائي جھاز جا ٽائر پاڪستان جي رن وي تي لڳندا هئا تہ هڪ عجيب خوشي محسوس ٿيندي ھئي، جيڪا لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان. اهو هڪ قدرتي احساس هو. ائين ئي گهروارن سان ملڻ جو احساس بہ لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي، پر ڪراچي ايئرپورٽ تي لھڻ کان پوءِ ھر ڪا شئي ڄڻ اوندھ اوندھ ۽ مٽي مٽي لڳندي ھئي.
مون کي ويڪيشنز ۾ گاڏي ھلائيندي يا گهمندي ڦرندي پريشاني ٿيندي ھئي. ڇاڪاڻ تہ ڪوريا ۾ پورو سال گاڏي نہ ھلائيندا ھئاسين ۽ ڪوريا ۾ روڊ ڪراس ڪرڻ لاءِ پيڊسٽريل جو استعمال ڪندا ھئاسين.
ويڪيشنز دوران مان پنھنجو گهڻو وقت گهروارن ۽ دوستن سان گذاريندو هيم. مانجهاندي کان وٺي رات جي مانيءَ جي دعوت ۽ پڪنڪ وغيرہ ۾ ڏينھن گذرندا ھئا. ويڪيشنز دوران ريسرچ جي ٽينشن ختم ٿي ويندي ھئي ۽ ايندڙ سال لاءِ تازو ٿي ويندو هيم.
يا وري صفحي 186 کي پڙهي ڏسو:
مان يونيورسٽيءَ ۽ پروفيسر جي گريجوئيشن ريڪوائريمينٽس پوري ڪرڻ کان پوءِ پروفيسر کي چيو تہ، ”مون کي گريجوئيٽ ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي.“ پروفيسر ڪجهہ ڀيرا انڪار ڪرڻ کان پوءِ نيٺ مون کي اجازت ڏئي ڇڏي. اجازت ملڻ کان پوءِ مان ڊيزرٽيشن (ٿيسز) لکڻ شروع ڪيم ۽ گڏوگڏ پريزينٽيشن بہ ٺاهڻ شروع ڪئي. مون پي ايچ ڊي جون ٽي پريزينٽيشنز ڏنيون. هر پريزينٽيشن کان پوءِ کوڙ سوال پڇا ويندا هئا، جنھن جا جواب ٻي پريزينٽيشن ۾ ڏيڻا هوندا هئا. منھنجي ٽين ۽ آخري پريزينٽيشن 18 نومبر 2018ع تي ٿي. پريزينٽيشن ڪميٽيءَ ۾ منھنجو پروفيسر، ڊپارٽمينٽ جا سينئر پروفيسرز، چيئرمين، ڊين، انڊسٽريل ايڪسپرٽ ۽ ايڪسٽرنل شامل هئا. ڪميٽيءَ آخري پريزينٽيشن کان پوءِ مون کي سڏي، مون سان هٿ ملايو ۽ مون کي ’ڊاڪٽر‘ جو خطاب ڏنو. اهو ڏينھن منھنجي لاءِ تمام خوشيءَ جو ڏينھن هو، ڇو جو ان ڏينھن مان اَن آفيشلي (Unofficially) گريجوئيٽ ٿي چڪو هيس.
هي هڪ سادي سُودي ’علمي اڪابر‘ جي تحرير جا ٻہ نمونا آهن، جيڪي سڄي اظھار خيال کي سگهارو بڻائين ٿا. تحرير گفتگوءَ جو پيرايو رکي ٿي، هُو جيئن سوچي ٿو، تيئن ڳالھائي ٿو ۽ جيئن ڳالھائي ٿو، تيئن لکي ٿو.
مجيب جي پاران ڏنل نالا بہ بنھہ سادا آهن. ڪٿي بہ اوهان کي ڪو بہ عنوان اهڙو نظر نہ ايندو، جيڪو جُڙتو لڳندو هجي. ’سادونگ ۾ رولاڪي‘، ’غير نصابي سرگرميون‘، ’ڪوريَن منھنجي نظر ۾‘، ’وانداڪائيءَ ۾ ويتنام جو دورو‘... اشاري طور اسان ۽ اوهان لاءِ ڪافي آهن. مجيب کي لڳي ٿو تہ هر شئي جي بنياد تائين پھچڻ جو شوق آهي، تنھن ڪري هُن جيڪو بہ موضوع کنيو آهي. تنھن سان بنيادي طور تائين نباهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي اٿائين... پوءِ ڪوريا جا شھر هجن يا گهمڻ جون جايون، صوبا هجن يا تعليمي نظام... مجيب ان ڳالھہ جي شدت سان ڪوشش ڪئي آهي تہ پڙهندڙ کي هر ڳالھہ کان بخوبي واقف ڪيو وڃي. مثال طور ڪوريا ملڪ جو نالو کڻڻ ساڻ ئي جيڪو تفصيل گهربل آهي ڄڻ تہ هن ڪوزي ۾ درياھہ وانگر هڪدم سامھون آندو آهي. ’ڪوريا جو تعارف‘، ’ڪوريَن جيوگرافي‘، ’ڪوريَن ڪلچر‘، ’ڪوريَن ڪرنسي‘، ’ڪوريا جو تعليمي سسٽم‘، ’ڪوريَن قومي ٻولي‘، ’ڪوريَن روايتي لباس‘، ’ڪوريَن کاڌا‘، ’ڪوريَن ٽيڪنالاجي‘، ’ڪوريَن سب وَي‘، ’ڪوريَن بسون‘، ’ڪوريَن انٽرنيٽ انڊسٽري‘، ’ڪوريا ۾ رهڻ لاءِ اهم دستاويز‘، ’ڪوريَن منھنجي نظر ۾‘... اهي سڀ عنوان هڪ ئي نسبت سان اسان جي سامھون اچن ٿا، جيڪا ان ڳالھہ جي ثابتي آهي تہ مجيب ترتيبوار ڪم ڪري ٿو.
پنھنجي ’حاصلِ سفر‘ ۾ مجيب لکي ٿو:
منھنجو ھي سفر ڪاميابين ۽ سير و تفريح سان ڀريل نظر اچي رهيو ھوندو، پڙھندڙن محسوس ڪيو ھوندو تہ مان ڪيئن سوَلي ۽ سھڻي نموني گهمي ڦري بہ آيس ۽ پي ايچ ڊي بہ ٿي وئي، پر دراصل ائين نہ آھي. ھن سفر ۾ بي انتھا پريشانيون ۽ تڪليفون پڻ شامل ھيون.
مان صرف ۽ صرف حاصل نہ ڪيو پر گهڻو ڪجهہ وڃائي بہ ڇڏيو، پر زندگيءَ ۾ بنا تڪليف يا ڪجهہ وڃائڻ کان بنا ڪا بہ شي سوَلائيءَ ڪونھي ملندي.
اهو سادو سُودو اظھار، اسان ۽ اوهان کي گهڻو ڪجهہ ٻُڌائي ويو آهي. سفر وسيلہءِ ظفر هوندو آهي، پوءِ کڻي سوَلو هجي يا ڏکيو. ان سڄي سفر مان مجيب اقبال بہ گذري آيو آهي. کيس سفر جو اهو اقبال مبارڪ هجي.

محمود مغل
خميس 18 نومبر 2021ع
امرتا ڇاپ گهر
باسم چيمبر - حيدرآباد

پنھنجي پاران

منھنجو سفرنامو-منھنجي ننڍڙي ڪاوش


زندگي ھڪ محنت ۽ جستجوءَ جو نالو آھي، جنھن ۾ پاڻ پتوڙڻ، ھر ڪم سان محبت ۽ اتساھ ھجڻ لازمي آھي. ان کي ڏسي مان پنھنجي زندگيءَ جي اصولن کي ھڪ جدوجھد جو نالو ڏنو آھي. مھراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ايڊميشن، گريجوئيشن، سرڪاري ملازمت، ماسٽرز (پوسٽ گريجوئيشن)، اسڪالرشپ جو حصول ۽ ڊاڪٽر آف فلاسافي (پي ايچ ڊي) ان عملي جدوجھد جا ثبوت آھن. گڏوگڏ سفر بہ روح ۾ رچيل آھي.
منھنجي زندگيءَ جو ھڪ اھم باب ’پي ايچ ڊي ڊگري‘ حاصل ڪرڻ ھو، جنھن ۾ مون پاڻ پتوڙيو، لاھا چاڙھا ڏٺا. ان ڪري سوچيم تہ ان کان پھريان، جو اھي ڏينھن ماضيءَ جو حصو ٿي ڌنڌلا ٿي وڃن، انھن کي ھڪ ڪتابي شڪل ’ڪوريا جيئن مون ڏٺو‘ ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان. ڪھڙي خبر ھن علم جي ڳولائو مسافر جو ھي داستان، ڪنھن ٻئي طالبِ علم لاءِ مشعلِ راھ ٿي وڃي. ھي سفرنامو بہ ھڪ وڏي جدوجھد ھئي، ڇاڪاڻ جو اردو ميڊيم ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي ڪري، مون کي پنھنجي سنڌي ٻوليءَ تي ڪو خاص عبور نہ آھي.
ڪوريا وڃڻ ۽ اتي رھڻ دوران جن دوستن مدد، آڌرڀاءُ ۽ مھمان نوازي ڪئي. انھن سڀنن جو آءٌ ٿورائتو رھندس، جن ۾ ڊاڪٽر بدر سومرو، وزير جکراڻي، بختيار چنا ۽ عبدالڪريم شاھ شامل آھن. ھن ڪتاب جي لکڻ ۽ پروف ريڊنگ ۾ جن مدد ڪئي، انھن سڀني جو بہ ٿورائتو آھيان، جن ۾ سائين جميل احمد منگي، ڊاڪٽر بدر سومرو ۽ ڊاڪٽر بشير درس شامل آھن. ھن ڪتاب جي اشاعت لاءِ ’امرتا پبليڪيشنس حيدرآباد‘ جو پڻ ٿورائتو آھيان.
مان ٿورائتو آھيان پنھجي مِٽن مائٽن، استادن، دوستن جو، جن جي مدد ۽ ساٿ مون سان شامل رھيو. مان ٿورائتو آھيان ’هائير ايجوڪيشن ڪميشن(HEC) پاڪستان‘ ۽ ’مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي (MUET)‘ جو جن جي مالي مدد ۽ سپورٽ بہ گڏ ھئي.
آخر ۾ مون کي پنھنجي ھن پھرين ننڍڙي ڪاوش بابت پڙھندڙن جي راءِ جو دل سان انتظار رھندو، ڇو جو زندگي ھڪ اڻ کٽندڙ سِکيا جو عمل آھي.


ڊاڪٽر مجيب اقبال سومرو
پھرين مارچ 2021ع
مھراڻ يونيورسٽي، خيرپورميرس
+92-345-3802280

ڪوريا جيئن مون ڏٺو

---

ڪوريا وڃڻ جو مقصد

جئين تہ آئون مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس MUET SZAB CAMPUS ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو هوس تہ مون لاءِ پي ايڇ ڊي ڪرڻ ضروري هئي ڇو تہ يونيورسٽين ۾ پي ايڇ ڊي کان سواءِ گذارو ڪونھي. ان ڪري آئون پرڏيھي پروفيسرن ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) پاڪستان کان اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪري رهيو هيس. 2015ع ۾ مون گريجوئيٽ ريڪارڊ ايگزيم (GRE)، جيڪا نيشنل ٽيسٽنگ سروسز (NTS) طرفان ورتي ويندي آھي، سٺن مارڪن سان پاس ڪئي. مون کي HEC طرفان پرڏيھي اسڪالرشپ لاءِ شارٽ لسٽ ڪيو ويو. ان کان پوءِ مون کي ڪجهہ ملڪن جي لسٽ مان ڪِن بہ ٽن ملڪن جا نالا ڏيڻ لاءِ چيو ويو، جتي مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندو ھجان. مون آسٽريليا، جرمني ۽ ڏکڻ ڪوريا کي چونڊيو. آسٽريليا کي چونڊڻ جو سبب اهو هو تہ ھي ھڪ انگريزي ڳالھائيندڙ ملڪ آهي؛ جرمني ۽ ڏکڻ ڪوريا کي انھن جي ٽيڪنالاجي ۽ ريسرچ جي ڪري چونڊيو هيم. اهي ملڪ مون پنھنجن دوستن، جيڪي ٻاهرين ملڪن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا هئا، کان صلاح مشوري کان پوءِ چونڊيا. HEC اسان جي بئچ کي ڪجهہ خاص سببن جي ڪري شروعات ۾ جرمني ۽ آسٽريليا وڃڻ جي اجازت نہ ڏني، تنھن ڪري اسان کي ڏکڻ ڪوريا ۾ اعليٰ تعليم جي لاءِ گرين سگنل ڏنو ويو. ياد رھي تہ ھن سفرنامي ۾ جتي بہ لفظ ڪوريا اچي ان کي لفظ ڏکڻ ڪوريا سمجهيو وڃي. ڪوريا ۾ مون سِنڪ ڪُئِن ڪُوَان (SKKU) ۽ ھانِيَانگ يونيورسٽي (HYU) ۾ داخلا لاءِ درخواست ڏني. مون کي HYU مان پروفيسر جي قبوليت جو ليٽر (ايڪسيپٽنس ليٽر) تڪڙو ملي ويو ۽ مان HEC ۽ MUET جون سڀ ريڪوائرمينٽس پوريون ڪرڻ کان پوءِ ڪوريا جي اڏام لاءِ تيار ٿيس.

پرڏيھہ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا طريقا

جيڪڏهن توهان بہ پرڏيھ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيو تہ پرڏيھ جي يونيورسٽين ۾ داخلا وٺڻ جا ڪجهہ طريقا ھي آهن؛
1. سيلف فنڊنگ
2. ايڇ اي سي پاڪستان اسڪالرشپ
3. پروفيسر اسڪالرشپ
4. پرڏيھ جي يونيورسٽين جي اسڪالرشپ
5. گورنمينٽ اسڪالرشپ پروگرامز (جيئن ڪوريا جي ڪي جي ايس پيKGSP ، چين جي سي ايس سي CSC، آمريڪا جي فل برائٽ، جرمني جي ڊاڊ DAAD وغيرہ)
دنيا جي بهترين يونيورسٽين جا نالا ٽائمز هائير ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽي رينڪنگ 2020ع جي ويب سائيٽ تي ڏسي سگهجن ٿا. انھن يونيورسٽين ۾ داخلاءِ لاءِ گهربل دستاويز اڳئين حصي ۾ ٻڌائيندس. ھتي اھو ٻڌائڻ لازمي آھي تہ ڪجهہ يونيورسٽيون ايڊميشن لاءِ انٽرنيشنل جي آر ايGRE ۽ انگلش ٽيسٽ جيئن IELTS/TOFELپڻ گهرن ٿيون.

سفر جون تياريون

ھانِيَانگ يونيورسٽيءَ مان ايڊميشن ليٽر حاصل ڪرڻ بعد مون سوچيو تہ بس ٻاھر وڃڻ وارو ڪم تيار آ، پر پريشاني تڏهن شروع ٿي جڏهن مون HEC ۽ MUET جي گهربل دستاويزن جي لسٽ ڏٺي. پھريان HEC جي ڳالھہ ڪندس، گهربل دستاويزن جي ھڪ ڊگهي فھرست هئي جيڪا فائنل ايوارڊ لسٽ حاصل ڪرڻ کان پھريان جمع ڪرائڻي ھئي. فائنل ايوارڊ لسٽ جي بنياد تي، ڏکڻ ڪوريا جي سفارتخانَي کي ويزا جاري ڪرڻو هيو. لسٽ ۾ ھيٺيان دستاويز شامل ھيا:
• گورنمينٽ جو پاسپورٽ
• 6 ملين (60 لک) جو ضمانتي بانڊ
• حيدرآباد بورڊ مان ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ جي سرٽيفڪيٽن جي تصديق
• آئي بي سي سي ڪراچيءَ مان ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ جي سرٽيفڪيٽن جي تصديق
• B.E ۽M.E جي ڊگريءَ جي يونيورسٽيءَ مان تصديق
• B.E ۽M.E جي ڊگريءَ جي HEC مان تصديق
• B.E ۽M.E جي ڊگريءَ جي پرڏيھي معاملن واري وزارت(MOFA) کان تصديق
• پوليس ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ
• ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ

اسين سڀ پنھنجي سسٽم کان واقف آهيون، انھيءَ ڪري بغير ڪوششن، وقت ۽ گڏوگڏ خواريءَ جي، هڪڙو بہ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ سوَلو ڪونہ هو. سرڪاري پاسپورٽ جاري ڪرڻ لاءِ يونيورسٽيءَ مان نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ (NOC) جي ضرورت کان وٺي، آئي بي سي سي ڪراچيءَ مان ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ سرٽيفڪيٽن جي تصديق، B.E ۽ M.E ڊگريءَ جي MOFA کان تصديق تائين سڀ ڪجهہ سولو نہ ھيو، پر وري سڀ کان وڌيڪ پريشان HEC جي ضمانتي (شوئرٽي) بانڊ ڪيو. جنھن ۾ نہ صرف اهو بانڊ شامل هو، پر اثاثن جو پڌرو ڪرڻ، روينيو ڊپارٽمنٽ طرفان اثاثن جي تصديق، گارنٽي ڏيندڙ ۽ شاهد شامل هيا. يونيورسٽيءَ جا دستاويز بہ پورا ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم ھو، ڇاڪاڻ تہ ان ۾ بہ شوئرٽي بانڊ کان وٺي گورنر هائوس کان ٻاھر وڃڻ جي NOC وٺڻ شامل ھئا. سڀئي ڪاغذ پورا ڪرڻ کان پوءِ، مون کي HEC طرفان ويزا جاري ڪرڻ جي لاءِ فائنل ايوارڊ لسٽ ۽ گورنر هائوس طرفان ٻاهرين سفر لاءِ NOC ڏني وئي. ايتري ڊگهي ۽ مشڪل پروسيس دوران منھنجو ٻاھر وڃڻ جو جوش تقريبن ختم ٿي ويو هو. مٿان وري ڪوريا جي سفارتخاني جي بہ ڊگهي لسٽ ھئي، جنھن ۾ پوري ميڊيڪل رپورٽ ۽ پوليو سرٽيفڪيٽ پڻ شامل ھئا. پوليو وارن تہ سرٽيفڪيٽ ڏيڻ کان اڳ ڦڙا بہ پياريا، پر ٻاھر وڃڻ جو جنون تڏھن ٻيھر شروع ٿي ويو، جڏهن مون کي ڪوريا جو ويزا جاري ڪيو ويو. ويزا لاءِ درخواست سان گڏ گهربل دستاويزات مان اڳ ۾ ئي پنھنجي سؤٽ عبدالرشيد سومرو سان گڏ جمع ڪرائي آيو ھيس. ھڪ ھفتي کان پوءِ سفارتخاني مان فون آيو تہ پنھنجو پاسپورٽ کڻي وڃو. سفارتخاني وارا اھو نہ ٻڌائيندا آھن تہ ويزا لڳو يا نه. بھرحال مون کي اهو ڏينھن ياد آهي، جڏهن مان پنھنجي مائٽن ڊاڪٽر احسان احمد سومرو ۽ جنيد احمد سومرو سان گڏجي ڪراچيءَ ۾ ڪوريا جي سفارتخاني مان ويزا وٺڻ لاءِ ويو ھئس. دل ڏاڍي پريشان ھئي؛ جڏھن آئون سفارتخاني جي ڪائونٽر تي پھتس تہ ڪجهہ ماڻھو مون کان اڳ پھتل ھيا. منھنجي پريشاني ان مھل وڌيڪ وڌي وئي، جنھن مھل ڏٺم تہ ڪافي ماڻھن کي پاسپورٽ بغير ويزا جي واپس ڪيا پيا وڃن. نيٺ منھنجو وارو بہ آيو. مون کان ڪائونٽر تي ويٺل ليڊي رسيد ورتي ۽ اندر ھلي وئي. ڪجهہ دير کان پوءِ واپس آئي ۽ مون کي پاسپورٽ واپس ڏنائين. مان پاسپورٽ وٺي ھڪ پاسي ٿي پاسپورٽ جي پنن تي ويزا ڳولھڻ لڳم... نيٺ ھڪ پني تي ويزا نظر اچي ويو، پر ويزا تي منھنجو نالو غلط لکيل ھو. وري نئين پريشاني... نيٺ اھا غلطي بہ صحيح ڪرايم. سفارتخاني کان ويزا حاصل ڪرڻ بعد سنگت کي ڏيکاريم، تہ سنگت ٽريٽ جو چيو. منجهند جو وقت ھو ۽ بک بہ سٺي لڳي ھئي سو اسان ڊفينس جي هڪ مشھور ريسٽورنٽ ۾ نھاري ۽ ڪبابن سان گڏ ماني کاڌي. مانجهاندي دوران آئون ويزا کي بار بار ڏسي رهيو هيس تہ مان ٻاهر وڃي رهيو آهيان. 17 جنوري 2016ع تي مون ويزا حاصل ڪئي ۽ 26 فيبروري 2016ع تي ٿائي ايئر THAI AIR ۾ وايا بئنڪاڪ Bangkok ڏکڻ ڪوريا جي ٽڪيٽ ڪرائي. انھن ڏينھن ۾ آئون ڏاڍو خوش هيس، پوءِ نيٺ مون خريداري شروع ڪئي، جنھن ۾ ڪپڙا جھڙوڪ پينٽون، شرٽون، جيڪٽون ۽ بوٽ شامل ھيا. دوستن طرفان ٻڌايو ويو تہ چانھ جي پتي ۽ مصالحا جيترا ٿي سگهن کڻي اچجان. تنھن ڪري مون پنھنجو بيگ ڪپڙن ۽ مصالحن سان سٿي ساڻ کنيو.

ڪوريا بابت ڏند ڪٿائون

ڪوريا بابت اھڙيون گهڻيون ڳالھيون ھيون، جن تي مختلف دوستن، استادن ۽ ٻين ماڻھن طرفان ڏند ڪٿائون ٻڌايون ويون. اسان جي ڪئمپس جي هڪ پروفيسر مون کي ٻڌايو تہ ٻاهران اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ بلڪل بہ سوَلو ڪونھي. توکي ڪيترائي مسئلا درپيش ايندا، جھڙوڪ فنڊنگ، کاڌو، ثقافتي تضاد، گهر جي ياد ۽ گهر وارن جي سڪ وغيرہ. ھن سائينءَ خاص طور فنڊنگ جي مسئلي تي زور ڀريو تہ پروفيسر يا فنڊنگ اٿارٽيز طرفان اسڪالرشپ جا پئسا وقت تي فراھم نہ ڪيا ويندا آھن ۽ نتيجي طور توکي گهڻي پريشاني ٿيندي. توکي قرض وٺڻا پوندا، بکن سان منھن ڏيندين وغيرہ. ڪجهہ ماڻھن مون کي ٻڌايو تہ ڏکڻ ڪوريا ٿائيلينڊ وانگر آھي، جتي توکي گدلا روڊ، دڪانن ۽ روڊن تي صرف ڪتن ۽ ٻلين جا گوشت نظر ايندا. ڪجهہ دوستن مون کي اھو بہ چيو تہ چريو ٿيو آھين ڇا؟ تون پي ايڇ ڊي لاءِ ڪوريا ڪيئن وڃي رهيو آهين؟ اتي توکي کائڻ لاءِ حلال ۽ معياري کاڌو نہ ملندو، تنھنجو گذارو صرف ڍٻل BREAD ۽ اوٻاريل چانورن تي ٿيندو. سڀ کان وڏي ڳالھ اھا تہ اتي چانھ بہ نہ ملندي ۽ اهو منھنجي لاءِ سڀ کان وڏو ٿريٽ هو، ڇو جو مان چانھہ جو وڏو ھيراڪ آهيان.
اھي ڳالھيون جڏھن گهر وارن ٻُڌيون تہ منھنجي خدمت باقائدہ شروع ٿي وئي، مون کي صحتمند نيرنون کارايون ويون، جنھن ۾ مکڻ، بُسريون، مغَز ۽ پاوا شامل ھيا. امي، گهرواري ۽ ڀينرن طرفان منجهند جي مانيءَ ۾ ڪڏھن برياني تہ ڪڏھن ڪڙھائي ۽ قورما وغيرہ جھڙا کاڌا کارايا ويا. رات جي ماني دوستن سان اڪثر ڪري ٻاھر ھوندي ھئي. مان کائي کائي پي ايچ ڊي سان ملھ لاءِ تيار ٿي رھيو ھيس. تنھن ڪري ھڪ مھيني ۾ منھنجو وزن 90 ڪلو کان وڌي 105 ڪلو ٿي ويو ھو.
منھنجو هڪ استاد سائين ڄام خان سھتو، جيڪو مھراڻ يونيورسٽي MUET جي انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪم ڪندو ھو. سائينءَ جو ھڪ شاگرد ڪورين سفارتخاني ۾ ڪم ڪندو ھو. ان ڪري سائينءَ ٻڌايو تہ ڪورين ڏاڍا ڏکيا اٿئي. ھُو وقت تي سختيءَ سان عمل ڪندا آھن، سڄو ڏينھن ڪم ڪندا آھن ۽ ڏاڍا تڪڙا ھلندا آھن. ڪجهہ ڳالھيون ٻُڌي مان تمام گهڻو اپسيٽ ٿي ويو ھيس، پر مان ھميشہ گهر ڀاتين، مائٽن جن ۾ چاچا پروفيسر ڊاڪٽر بدر سومرو جن سرِفھرست آھن، ڪجهہ دوستن ۽ استادن خاص طور پروفيسر ڊاڪٽر خانجي ھريجن صاحب جي ڳالھين کان ٻيھر موٽيويٽ ٿي ويندو هيس. سائين جميل احمد منگي، جيڪو منھنجو استاد ۽ دوست پڻ آھي، سائينءَ جي مورل سپورٽ بہ ھميشہ گڏ ھوندي ھئي. ھتي اھا ڳالھ ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو تہ مان ٻين ڳالھين کان بلڪل پريشان ٿيندو ھيس، پر ڪڏھن بہ وقت جي پابندي ۽ ڪم کان پريشان نہ ٿيس.

ڪوريا ڏانھن اُڏام

آخرڪار اهو ڏينھن بہ آيو، جنھن ڏينھن آئون ڪوريا ڏانھن اڏامي رهيو هيس. اسان ھڪ سوزوڪي APV بُڪ ڪرائي، ڊرائيور ڪيريئر ۾ منھنجو سمورو سامان ٻڌو ۽ گاڏي ڀري نڪتاسين. اسان صبح جو 9.00 وڳي ڄامشورو ڇڏيو ۽ سپر هاءِ وي تي ناشتو ڪيو. ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر احسان احمد سومري جي گهر تي ڪچھري ۽ مانجهاندو ڪيو، ٿوري دير آرام ڪيم. شام جي ريفريشريشمنٽ طاھر احمد سومري جي گهر تي ھئي. نيٺ رات 8 وڳي گلستانِ جوھر کان ايئرپورٽ لاءِ روانو ٿياسين. اهو پھريون ڀيرو هو، جڏهن منھنجي دل پريشان ھئي ۽ منھنجيون اکيون ڳوڙهن سان ڀريل هيون.
ايئرپورٽ پھچي، مون ڪجهہ پاڪستاني روپيا ڊالرز ۾ تبديل ڪرايا، ڇاڪاڻ تہ ڪورين وون پاڪستان ۾ نہ ملندا آهن. ان ڪري اسان پاڪستاني روپيا ڊالرز ۾ تبديل ڪرائي ڪوريا کڻين ويندا ھئاسين ۽ ڪوريا پھچي ڊالرز کي وون ۾ تبديل ڪرائيندا ھئاسين. ان وقت ھڪ پاڪستاني روپئي ۾ 10 وون ملندا ھئا.
ھاڻي وقت هو ڪٽنب کي الوداع چوڻ جو، جنھن ۾ ابو، امي، گهرواري، پٽ، ڀاءُ ۽ ڀيڻون شامل ھيون. خاص طور ابو، امي ۽ گهرواري کي الوداع چوڻ ڏاڍو ڏکيو هو. مون کي ياد آهي اهو ڏينھن جڏهن مان والدين سان آخري ڀيرو مليو هيس تہ مان ڏاڍي ڪوشش ڪئي تہ اکين ۾ لڙڪ نہ اچن، پر اکيون آليون ٿي ئي ويون. مان سوچيو بھتر آهي تہ جلدي جلدي الوداع چئجي نہ تہ ڪم گهڻو ٿي ويندو. بھرحال مان تڪڙو الوداع ڪندي ۽ پنھنجي ڪٽنب جا مُنھن ڏسندي چيڪنگ زون ۾ داخل ٿيس. مان پنھنجي پاڻ کي چئي رهيو هيس تہ، اھا بہ ڇا زندگي آ جنھن ۾ ماڻھو خاندان کان پري ھجي. پنھنجي پاڻ کي چئي رهيو هيس تہ اهو وقت جلد کان جلد ختم ٿي وڃي تہ جيئن آئون ٻيھر پنھنجي گهروارن کي ڏسي سگهان.
بھرحال چيڪنگ کان پوءِ بورڊنگ پاس ورتم ۽ اميگريشن واري لائن ۾ بيٺس. اميگريشن آفيسر پاسپورٽ، ٽڪيٽ ۽ NOC چيڪ ڪري اڳتي ڪيو، جتان پاڪستان مان EXIT ٿيڻ جو ٺپو لڳو، پوءِ آئون ويٽنگ لائونج ۾ ويس، جتان مان فون ڪري مِٽن مائٽن، دوستن ۽ استادن کي الوداع چيو. ڪجهہ ديرکان پوءِ ٿائي ايئر ذريعي بئنڪاڪ ويندڙ مسافرن لاءِ اعلان ٻڌم تہ جھاز بورڊنگ لاءِ تيار آھي. ماڻھن قطار ٺاھڻ شروع ڪئي، بورڊنگ پاس چيڪ ڪرائڻ بعد آئون هوائي جھاز ۾ داخل ٿيس ۽ پنھنجي سيٽ ورتم. هوائي جھاز جي روانگيءَ جو وقت رات جا 12.15 هو. اٽڪل 15 منٽن تائين هوائي جھاز رَنوَي تي ھلندو رھيو ۽ پوءِ اڏام لاءِ تيار ٿي ويو. هوائي جھاز جي انجڻ زور سان ھلڻ شروع ٿي ۽ READY FOR TAKE OFF جو آواز آيو. جيئن ئي جھاز رَن وَي تان اڏام ڀري تہ منھنجي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا، دل تيز پئي ھلي ۽ گهٻراهٽ بہ ٿي پئي. اھا اھڙي ڪيفيت ھئي جو اھو وقت ياد ڪري دل اڄ بہ اداس ٿي ويندي آھي. ڪجهہ سيڪنڊن کان پوءِ جھاز ھوائن ۾ ھو، جھاز ۾ گهڻيون سوچون آيون، اکيون بہ آليون ٿيون، نيٺ پوءِ ننڊ اچي وئي.
ڪراچيءَ کان بئنڪاڪ چار ڪلاڪن جي اڏام هئي. ٿائلينڊ جي مقامي وقت مطابق اسان تقريبن صبح 7:00 وڳي بئنڪاڪ ۾ لينڊ ڪيو. ٿائلينڊ ايئرپورٽ جي Structure کي ڏسي، مون کي واقعي حيرت ٿي هئي، ڇاڪاڻ تہ اھو انجنيئرنگ جو ھڪ شاھڪار ھو. ايئرپورٽ جي وڏي حصي ۾ ڊيوٽي فري دڪان يا شاپس، مساج پارلر، ڪافي شاپس، مختلف ريسٽورنٽز، گڏوگڏ مسجد ۽ حلال ريسٽورنٽ بہ هئا. مون ڪجهہ وقت مسجد ۾ گذاريو، پوءِ ھڪ ريسٽورنٽ تي اوٻاريل بيضن ۽ ڪافيءَ سان ناشتو ڪيو. ڪجهہ دير ايئرپورٽ گهميم. ھڪ ڪالنگ ڪارڊ خريد ڪيم ۽ والد کي فون ڪيم، هُو ننڊ ۾ ھو، ڪجهہ دير کان پوءِ ڪال کنيائون ۽ حال احوال ٿيو. مون هنن جي آواز مان محسوس ڪيو تہ هُو RELAX هيا، تنھن ڪري منھنجي دل بہ مطمئن ٿي وئي. ايئرپورٽ تي ڪجهہ وقت گذارڻ بعد اسان ٿائلينڊ کان هڪ ٻئي هوائي جھاز ۾ صبح جو 10.30 وڳي هانگ ڪانگ لاءِ اڏام ڀري. منجهند جو 2.30 وڳي اسان هانگ ڪانگ ايئرپورٽ تي پھتاسين. هڪ ڪلاڪ جي LAY OVER کان پوءِ، ساڳئي جھاز 3:30 وڳي هانگ ڪانگ کان ڪوريا لاءِ اڏام ڀري ۽ رات جو 8:00 وڳي جھاز ڏکڻ ڪوريا جي انچئن ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو.

ڪوريا جو تعارف

ڪوريا جو شمار دنيا جي قديم تھذيبن ۾ ٿئي ٿو. ان جي پھرين سلطنت ستين صدي قبل مسيح ۾ چيني رڪارڊ ۾ نوٽ ڪئي وئي ھئي. 57 قبل مسيح کان 668ع ۾ ڪوريا جي ٽن سلطنتن (بائيڪجي BAEKJE، سلا SLLLA ۽ گوگريو GORGURYEO) جو اتحاد ٿيو. 918ع کان 1392ع تائين ڪوريا تي گورييو GORYEO (جنھن کي پھريان گوگريو GORGURYEO سڏيو ويندو ھو) خاندان جي حڪومت هئي ۽ 1392ع کان 1897ع تائين جو سن JOSEON خاندان جي حڪومت هئي. ڪوريا جي سلطنت 1910ع ۾ جاپان جي سلطنت ۾ ضم ٿي وئي. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ ڪوريا سوويت يونين ۽ آمريڪا جي انتظامي نظامن ۾ ورهائجي ويو.
ھينئر ڌرتيءَ تي ٻہ ڪوريا آهن، جيڪي اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا جي نالن سان سڃاتا ويندا آھن. ڏکڻ ڪوريا آمريڪا جي انتظامي نظام (ڪيپيٽلزم CAPITALISM) کان متاثر ھيو، جڏھن تہ اتر ڪوريا سوويت يونين جي انتظامي نظام (ڪميونزمCOMMUNISM ) کان متاثر ھيو. ان ڪري انھن ملڪن اھي انتظامي نظام اپنايا. اتر ڪوريا کي جمھوري عوامي ڪوريا DEMOCRATIC PEOPLE'S REPUBLIC OF KOREA ۽ ڏکڻ ڪوريا کي جمھوري ڪوريا REPUBLIC OF KOREA طور بہ سڃاتو وڃي ٿو. ياد رھي تہ ھن سفرنامي ۾ جتي بہ لفظ ڪوريا اچي ان کي ڏکڻ ڪوريا سمجهو وڃي.
ڏکڻ ڪوريا جو ايريا 100،363 اسڪوائر (چورس) ڪلوميٽر آهي ۽ ايريا جي حساب سان اهو دنيا جو 107 وڏو ملڪ آھي. توهان کي اها آگاهي ڏيڻ ضروري آهي تہ ڪوريا ايريا ۾ سنڌ صوبي کان بہ ننڍو آھي ڇو تہ سنڌ صوبي جو ايريا بہ 140,914اسڪوائر ڪلوميٽر آهي. ڪوريا ۾ اڪثر ڪري زمين غير ھموار آھي. 2016 ۾ ڪوريا جي آبادي تقريبن 50 ملين هئي. سيئول SEOUL ڪوريا جو ڪيپيٽل آهي ۽ ملڪ جي تقريبن اڌ آبادي سيئول ۾ ئي رهي ٿي. سيئول دنيا ۾ چوٿين نمبر تي وڏي ميٽروپوليٽن معيشت آهي. هنگل (Hangul) ڏکڻ ڪوريا جي مقامي ٻولي آھي. ڪوريا جو وقت (+9UTC) آھي. ڪوريا پاڪستان کان چار ڪلاڪ اڳتي آھي. تقريبن 50 سيڪڙو ڪورينز جو ڪوبہ مذهب ناهي بقايا ٻيا پروٽيسٽنزم (Protestantism)، ٻڌمت ۽ ڪيٿولزم (Catholism) جي پيروي ڪن ٿا. ڪوريا ۾ تقريبن 200،000 مسلمان آهن، جيڪو آباديءَ جو 0.4 سيڪڙو آهي.
ڪوريا جي موسم سياري ۾ وڌيڪ سرد آهي. سياري ۾ گرمي پد منفي 20 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي ٿو ۽ اونھاري ۾ گرمي پد 30 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي ٿو. ڪوريا جي معيشت جو گهڻو انحصار ٽيڪنالاجيءَ تي آهي. ڪوريا جي ڪرنسي ڪورين وون (WON) آهي؛ وون جو سمبل ₩ آھي.

ڪوريَن جِيَوگرافي

ڏکڻ ڪوريا، اوڀر ايشيا ۾ واقع آهي. ڪوريا جي اولھہ ۾ زرد سمنڊ، اوڀر ۾ جاپان جو سمنڊ (اوڀر سمنڊ)، ڏکڻ ۾ ڪوريا اسٽريٽ ۽ اتر ۾ اتر ڪوريا آهي. ڏکڻ ڪوريا ۾ اٺ صوبا، هڪ خاص خودمختيار صوبو، ڇھہ ميٽروپوليٽن شھر (خود حڪومت وارا شھر جيڪي ڪنھن صوبي جو حصو نہ آهن)، هڪ خاص شھر ۽ هڪ خاص خود مختيار شھر شامل آھن.

  • ڏکڻ ڪوريا جا صوبا ۽ شھر

خاص شھر Special city

سيئول Seoul

ميٽروپوليٽن شھر  Metropolitan city

بوسان Busan

ديگو Daegu

انچئن Incheon

گوانگجو Gwangju

ديجون Daejeon

السان Ulsan

خاص خودمختيار صوبو  Special self-governing province

جيجو Jeju


Special self-governing city خاص خود مختيار شھر

سيجونگ Sejong

صوبا  Province

گيونگي Gyeonggi

گانگون Gangwon

اتر ڇنگڇيونگ North Chungcheong

ڏکڻ ڇنگڇيونگ South Chungcheong

اتر جيولا North Jeolla

ڏکڻ جيولا South Jeolla

اتر گيونگسانگ North Gyeongsang

ڏکڻ گيونگسانگ South Gyeongsang


ڏکڻ ڪوريا جا آباديءَ جي لحاظ کان وڏا شھر ھي آھن

Population

Name

S.No

9,904,312

Seoul

1

3,448,737

Busan

2

2,890,451

Incheon

3

2,446,052

Daegu

4

1,538,394

Daejeon

5

1,502,881

Gwangju

6

1,194,313

Suwon

7

1,166,615

Ulsan

8

1,059,241

Changwon

9

990,073

Goyang

10

971,327

Yongin

11

948,757

Seongnam

12

843,794

Bucheon

13

833,276

Cheongju

14

747,035

Ansan

15

658,172

Jeonju

16

629,062

Cheonan

17

629,061

Namyangju

18

608,725

Hwaseong

19

585,177

Anyang

20


ڪوريَن ڪلچر

تاريخي طور ڪوريا جي ثقافت پاڙيسري ملڪ چين جي اثر ھيٺ آهي. ڏکڻ ڪوريا پنھنجي روايتي ثقافت ۾ اتر ڪوريا سان حصيداري ڪري ٿو، پر 1945ع واري ورهاڱي کان پوءِ ٻنھي ڪورين ملڪن ڪجهہ منفرد ڪلچر ٺاهيا آهن، جيئن انھن پاڙيسرين جي سڃاڻپ ڌار ڌار هجي.

ڪورِيَن ڪرنسي

ڪوريا جي ڪرنسي ڪورين وون (WON) آهي؛ وون جو سمبل ₩ آھي. ڪورين ڪرنسيءَ جو ننڍو سڪو ھڪ وون جو آهي ۽ سڀ کان وڏو سڪو 500 وون جو آهي. ڪورين ڪرنسي جو نوٽ 1000 وون جو آهي ۽ وڏو نوٽ 50000 وون جو آهي. ھڪ آمريڪن ڊالر USD جي بدلي ۾ 1000 وون کان 1200 وون ملندا آهن. هڪ پاڪستاني روپئي جي بدلي ۾ 8 وون کان 11 وون ملندا آهن، پر اسان اھو ذھن نشين ڪري ڇڏيو ھو تہ هڪ پاڪستاني روپيو 10 وون جي برابر آهي. جيڪڏھن ڪا شئي 100 وون جي ملندي ھئي، تہ اسان يڪدم حساب ڪندا ھئاسين تہ اھا پاڪستان ۾ 10 روپين ۾ ملندي آھي يا نہ؟ ائين تڪڙو اندازو ٿي ويندو ھو.

ڪوريا جو تعليمي سسٽم

ويڪيپيڊيا Wikipedia مطابق ڏکڻ ڪوريا 2017ع کان 2020ع تائين بھترين تعليم يافتہ ملڪ قرار ڏنو ويو آهي. ڪوريا جي تعليم ٽن حصن ۾ ورهايل آهي:
• پرائمري اسڪول جا ڇھہ سال
• مڊل اسڪول جا ٽي سال (گريڊ ڇھ کان نو)
• هاءِ اسڪول جا ٽي سال

ڪوريا ۾ پرائمري تعليم لازمي آهي ۽ اها ڇهن کان ٻارنھن سالن جي عمر وارن ٻارن لاءِ مفت آهي. ڪوريا ۾ نجي پرائمري اسڪول نہ ھجڻ جي برابر آھن. تقريبن سمورا پرائمري اسڪول سرڪاري آهن، جنھن ۾ 90 سيڪڙو شاگردن کي داخلا ملندي آهي. ڪوريا ۾ هاءِ اسڪول جا شاگرد اسڪول ۾ 14 ڪلاڪ گذاريندا آھن. عام طور هاءِ اسڪول جي شاگردن جو ڪلاس صبح 8 وڳي کان رات 10 وڳي تائين هوندو آهي.
ڪاليج کان يونيورسٽيءَ ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ٿيندا آھن، جنھن ۾ شاگردن منجهہ سخت مقابلو ٿيندو آھي. ڪوريا جي بيچلرز، ماسٽرز ۽ پي ايچ ڊي ڊگرين کي سڄي دنيا ۾ خاص اھميت ملندي آھي، ان جو سبب ھتان جي پڙھائي ۽ ريسرچ آھي.
ڏکڻ ڪوريا ھاڻي ’ايشيائي ٽائيگر‘ طور سڃاتو وڃي ٿو، جنھن جو سبب ان جي معيشت، تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ سياحت آهي. وڌ کان وڌ شاگرد ڪوريا ۾ پڙهڻ جي چونڊ ڪري رهيا آهن ۽ ھي ملڪ پرڏيھين کي داخلائون پڻ ڏئي رھيو آھي. ھڪ رپورٽ مطابق سن 2001ع ۾ 11000 پرڏيھي شاگرد ھئا، جڏھن تہ سن 2011ع ۾ 89000 کان بہ وڌيڪ پرڏيھي شاگرد ھئا. ڪوريا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا، يورپ ۽ ايشيا کان وڌ ۾ وڌ شاگرد اچن ٿا.
جيڪڏهن توهان بہ ڪوريا ۾ پڙهڻ تي غور ڪري رهيا آهيو تہ ڪوريا جون پنجويھ بھترين يونيورسٽيون ھيٺ لسٽ ۾ ڏنل آھن.

ڪوريا جو تعليمي ڍانچو

 

City

University

World University Rank 2020

South

Korea

Rank 2020

Seoul

Seoul National University

64

1

Seoul

Sungkyunkwan University (SKKU)

89

2

Daejeon

Korea Advanced Institute of Science and Technology (KAIST)

=110

3

Pohang

Pohang University of Science and Technology (POSTECH)

=146

4

Seoul

Korea University

=179

5

Seoul

Yonsei University (Seoul campus)

197

6

Ulsan

Ulsan National Institute of Science and Technology (UNIST)

201250

7

Seoul

Kyung Hee University

301350

8

Seoul

Hanyang University

351400

9

Gwangju

Gwangju Institute of Science and Technology

401500

=10

Seoul

Sejong University

401500

=10

Seoul

Chung-Ang University

501600

12

Seoul

Ewha Womans University

601800

=13

Seoul

Konkuk University

601800

=13

Busan

Pusan National University

601800

=13

Ulsan

University of Ulsan

601800

=13

Suwon

Ajou University

8011000

=17

Jeonju

Chonbuk National University

8011000

=17

Gwangju

Chonnam National University

8011000

=17

Incheon

Inha University

8011000

=17

Daegu

Kyungpook National University

8011000

=17

Seoul

University of Seoul

8011000

=17

Seoul

Sogang University

8011000

=17

Gyeongsan

Yeungnam University

8011000

=17

Daejeon

Chungnam National University

1001+

=25

Chuncheon

Hallym University

1001+

=25

Incheon

Incheon National University

1001+

=25

Chuncheon

Kangwon National University

1001+

=25

Seoul

Kookmin University

1001+

=25

 

(ريفرنس: ٽائمز هائير ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽي رينڪنگ 2020ع)


ڪوريَن قومي ٻولي هَنگُل (HANGUL)

ڪورين قومي ٻولي هنگل (Hangul) دراصل چائنيز ٻوليءَ جي جديد شڪل آھي. ھنگل جو باني بادشاھ سيجونگ آھي. سيجونگ ڪوريا جي ’جوسن خاندان‘ جو چوٿون بادشاھ هو. ’ھنگل‘ ۾ اکر بہ گهٽ آھن ۽ اھا چائنيز ٻوليءَ کان سولي بہ آھي. ھنگل جا اکر ۽ اُچار ھي آھن.

ھنگل جا اکر ۽ اُچار

AA

AUEE

AU

GH

O

NH

OO

DH

EH

LH

E

JH

AE

MH

AE

BH

WAY

SH

V

ANG

YAA

KH

YU

TH

YO

CH

YOO

PH

YAE

HH

YAE

K

WA

T

WA(N)

P

WAY

S

WAY

CH

 

ڪورِيَن روايتي لباس: هانبڪ (Hanbuk)

ڏکڻ ڪوريا جي روايتي لباس کي ھانبڪ سڏبو آهي. ھانبڪ روايتي موقعن، جشن ۽ تقريبن دوران استعمال ٿيندو آهي. ھانبڪ کي متحرڪ رنگن ۽ سٺن ليڪن سان منسوب ڪيو ويندو آهي. ڏسڻ ۾ هانبڪ تقريبن شلوار قميص وانگر آھن.

ڪورِيَن کاڌا

ڪورين جو کاڌو گهڻو ڪري چانورن، نوڊلز، توفو، ڀاڄين، مڇي ۽ گوشت تي مشتمل ھوندو آهي. عام طور ڪورين ھيٺ زمين تي ويھندا آھن ۽ کاڌا ننڍڙي ٽيبل تي رکي چوپ اسٽڪ (Chopstick) سان کائيندا آھن. ڪورين چانور صفا گهٽ کائيندا ھئا.
ڪجهہ خاص ڪورين کاڌا ھي آھن.

بنڇن (Banchan):
بنڇن يا بانسانگ سائيڊ ڊش يا ڊشز جو گڏيل نالو آهي. ڪورين ھر مين ڊش سان ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪ بنڇن ۽ اوٻاريل چانور ڏيندا آھن. بنڇن نھايت ئي لذيذ ۽ صحت بخش ھوندا آھن. ڪڏھن ڪو کاڌو اسان جي کائڻ جھڙو نہ بہ ھوندو ھو تہ اسان بنڇن، ڪمچي ۽ اوٻاريل چانورن سان ئي ڪم ھلائي ويندا ھئاسين.

ڪِمچِي (Kimchi):
ڪمچي، مشھور ڪورين سائيڊ ڊش آهي. ڪمچي عام طور مصالحيدار سبزي (بند گوبي، موري) وارو کاڌو آھي. جيئن اسان وٽ آچار آھي ائين ئي ڪوريا ۾ ڪمچي. ڪمچي هر کاڌي سان گڏ پيش ڪئي ويندي آهي.

بُل گوگي (BULGOGI):
بُل گوگي جي لفظي معنيٰ آھي ’باھ وارو گوشت‘. بُل گوگي ٺاھڻ لاءِ ڳئون جي گوشت جا سنھا ٽُڪر ڪري کوڙ دير مصالحن ۾ رکي، پوءِ بار بي ڪيو يا گرل ڪيو ويندو آھي يا وري پين ۾ ھلڪي باھ تي پچائيو ويندو آھي.

ڪِمباب (Kimbab):
ڪمباب، مشھور ڪورين ڊش آهي. ڪمباب، چانورن ۽ ٻين شين کي ھڪ سامونڊي پتي ۾ رکي تيار ڪيو ويندو آھي. جيئن اسان وٽ چڪن رول ھوندو آھي. ڪمباب پورٽيبل هجڻ سبب هڪ آسان خوراڪ جي طور سڃاتو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ ان کي ماڻھو گمھندي ڦرندي کائيندا آھن. ڪمباب پڪنڪز ۾ گهڻو استعمال ڪيو ويندو آھي.

بِبِمباب (Bibimbab):
بِبِم جي لفظي معنيٰ مڪس ۽ باب جي لفظي معنيٰ چانور آھي. بِبِمباب جي لفظي معنيٰ ’مڪس چانور‘ آھن. بِمِباب ۾ چانور ۽ مختلف شيون ملايون وينديون آھن، جھڙوڪ ڀاڄيون، سويا ساس، گوشت، بيضو ۽ نوڊلز وغيرہ. بِبِمباب پيالي ۾ پيش ڪيو ويندو آھي. کائڻ کان پھريان بِبمباب کي بھترين طور مڪس ڪيو ويندو آهي.

توڪ بوڪي (Tteok-Bokki):
توڪ بوڪي، ڪوريا جو مشھور کاڌو آهي. توڪ بوڪي ھڪ اسپائسي کاڌو آهي، جيڪو چانورن مان ٺھندو آھي. توڪ بوڪي ۾ چانورن جي ڪيڪ سان گڏ ٻيون مختلف شيون ملايون وينديون آھن، جھڙوڪ ساس ۽ بيضو وغيرہ.

سمگيتانگ (Samgye-Tang):
سمگيتانگ يا جنسينگ (Ginseng) چڪن سوپ ھڪ مشھور سوپ آھي، جنھن ۾ ھڪ پوري مرغي يا چڪن، ٿوم، چانور ۽ جنسينگ شامل ھوندا آھي. جنسينگ ھڪ ٻوٽيءَ جي جڙ يا پاڙ آھي، ھن جو استعمال تمام فائديمند سمجهہيو وڃي ٿو. ڪوريا ۾ جنسينگ ائين آھي ڄڻ اسان وٽ سلاجيت، سمگيتانگ ڪورين روايتي ۽ جسم جي صحت لاءِ نھايت ئي مفيد سوپ آهي. ڪورين کاڌن ۾ منھنجي پسنديدہ ڊش سمگيتانگ آھي.

پاجون (Pajeon):
پاجون کي ڪورين پيزا جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو. هي ڪورين ڊش آهي جيڪا بيضي، اٽي، ڀاڃين خاص طور سائي بصر ۽ ڪجهہ ٻين شين تي مشتمل آهي. ڪڏھن ڪو کاڌو اسان جي کائڻ جھڙو نہ بہ ھوندو ھو تہ صفا آخري آپشن پاجون ھوندو ھو.
انھن کان علاوہ سوپ پڻ ڪورين کاڌي جو هڪ عام حصو آهن ۽ کاڌي جي شروعات يا آخر ۾ نہ بلڪ مکيه ڪورس جي حصي جي طور استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪورين نوجوان طبقو پيزا ۽ فرائيڊ چڪن بہ وڏي شوق سان کائيندا آھن. ڪورين فرائيڊ چڪن سڄي دنيا ۾ مشھور آھي.
ڪورين بليڪ ڪافيءَ جا وڏا شوقين آھن. ڪافي بہ بغير کير ۽ کنڊ جي. انھيءَ کان سواءِ ڪوريا ۾ الڪوحل بہ وڏي مقدار ۾ واپرايو ويندو آھي. مشھور ڪورين الڪوحل سوجو، ميگولي ۽ بوڪبونجا آهن. سوجو جي ھڪ بوتل 700 وون جڏھن تہ پاڻيءَ جي بوتل 1000 وون جي ھئي.

ڪورِيَن ٽيڪنالوجي

ڪوريا دنيا جي ڪيترين ئي ٽيڪنالاجي، ترقي يافتہ ۽ ڊجيٽل ملڪن ۾ پڻ شامل آهي. اهو او اي سي ڊي (OECD) ملڪن ۾ ٽيون وسيع براڊبينڊ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ ملڪ آهي. ڪوريا ۾ دنيا جو تيز ترين انٽرنيٽ موجود آھي. ڪوريا ريسرچ ۽ ڊولپمينٽ ۾ تمام اڳتي آھي. ڪوريا اليڪٽرانڪس، ڊجيٽل ڊسپليز، سيمي ڪنڊڪٽر ڊوائيسز ۽ موبائيل فونن ۾ عالمي اڳواڻ آهي.
ڪوريا جون وڏيون ڪمپنيون ھي آھن:

• سامسنگ (SAMSUNG) اليڪٽرانڪس
• ايل جي (LG) اليڪٽرانڪس
• هيئندئي (HYUNDAE) موٽرز
• ڪيا (KIA) موٽرز
• لوٽي (LOTTE)

ڪورِيَن سَب وَي

ڪورين سَب وَي ميٽروپوليٽن ريلوي سسٽم آهي، جنھن ۾ ريپڊ ٽرانزٽ، لائٽ ميٽرو ۽ ڪميوٽرز ريلون شامل آهن. سيئول سب وي سسٽم سيئول ميٽروپوليٽن ايريا کي ڪَور ڪندو آهي، جنھن ۾ سيئول کان علاوہ انچئن ۽ گيونگي بہ شامل آهن. سيئول سب وي ۾ مين نَوَ لائنون آھنہ جن جا نالا لائن نمبر 1 کان لائن نمبر 9 آھن.
سيئول سب وي جو ڀاڙو هن ريت آهي:
• ٻار جو 450 وَون
• نوجوان جو 720 وَون
• وڏي جو 1250 وَون

سيئول سب وي جي پھرين سب وي صبح جو تقريبن پنجين وڳي ھلندي ھئي ۽ آخري سب وي رات جو تقريبن ٻارھين وڳي ھلندي ھئي. سيئول سب وي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٽي مني ڪارڊ هجڻ ضروري آهي. ٽي مني ڪارڊ ڪنھن بہ ڪنوينييَنٽ اسٽور جھڙوڪ GS25 ۽ Seven Eleven مان وٺي ۽ ريچارج ڪري سگهجي ٿو. هر سب وي اسٽيشن کان پھريان بہ ريچارج بوٿ موجود هوندا آهن. ڪارڊ پنچ ڪري سب وي اسٽيشن ۾ داخل ٿي سگهجي ٿو. هر سب وي اسٽيشن تي ڪنوينييَنٽ اسٽور، ڪافي شاپ ۽ ٽوائليٽ موجود هوندا آهن. اڪثر ڪورين سب وي زمين جي هيٺ هلنديون آهن. مون زمين کان هيٺ ڇهين فلور تائين بہ سب وي ۾ سفر ڪيو. سيئول سب وي نھايت صاف سٿري ۽ منظم آهي. منھنجو هڪ پروفيسر ’ايڊم ٽرنر‘ جيڪو فرانس جو هو، پر ڪينيڊا ۾ رهندو هو، اڪثر چوندو هو تہ سئيول سب وي جھڙي صاف ۽ منظم سب وي مان ڪٿي بہ ڪونہ ڏٺي آهي. ان کان سواءِ مان ڪڏھن بہ نہ ڏٺو تہ ڪا سب وي ڪڏھن دير سان اچي.
سب وي ۾ اڪثر ڪورين خاموش هوندا هئا، جڏهن تہ پرڏيھي گهڻو گوڙ ڪندا هئا. سب وي ۾ بزرگن ۽ حاملہ عورتن جون سيٽون مقرر هونديون هيون، جتي ٻئي ڪنھن کي بہ ويھڻ جي اجازت نہ هوندي هئي. ھر سب وي ۾ سينٽرل ھيٽنگ ۽ ڪولنگ سسٽم ھوندو ھو. سب وي جا دروازا آٽوميٽڪ ھئا. ڪورين سب وي سسٽم ۾ سيئول سب وي کان وٺي تيز رفتار ڪوريا ٽرين ايڪسپريس (KTX)، آئي ٽي ايڪس (ITX)، سيميول (Saemaeul) ۽ مگنگهوا (Mugunghwa) ٽرينون پڻ شامل هيون.
شروع جي ڏينھن ۾ مون کي سيد صابر شاھ بخاري چيو تہ، ”سب وي ۾ گهمڻ اچئي ٿو؟“
مون چيو تہ، ”نہ.“
چيائين، ”پھرين فرصت ۾ سب وي سسٽم کي گهمي ۽ سمجهہي اچ.“ مان پھرين فرصت ۾ آچر تي يونيورسٽيءَ جي پھرين شٽل ورتي، جيڪا صبح جو 55. 9 ڌاري تي ڊارميٽري مان نڪرندي هئي ۽ 10 لڳي 10 منٽن تي ھندي آپ HANDEAP سب وي اسٽيشن پھچندي هئي. مان ٽي مني ڪارڊ وٺي 10.20 وڳي واري سب وي ورتم. مان سڄو ڏينھن تقريبن سئيول سب وي جون نَو ئي لائينون گهميون. هڪ سب وي لائن تي تقريبن پنجاھ اسٽيشنون هونديون آهن ۽ تقريبن هر پنجين اسٽيشن تي انٽر چينج هوندو هو. انٽر چينج تي ٻہ يا ٻن کان وڌيڪ سب وي ملنديون هيون، جيئن ماڻھو هڪ سب وي کان ٻِي سب وي ۾ چڙھي سگهن. هون تہ هر سب وي اسٽيشن تي ڪنوينييَنٽ اسٽور ۽ ڪافي شاپ هوندا هئا، پر انٽر چينج تي کوڙ سارا شاپنگ اسٽور ۽ ريسٽورينٽ هوندا هئا. مان تقريبن هر وڏي انٽر چينج تي لھي سب وي اسٽيشنون گهمندو رهيس، گڏوگڏ ريفريشمينٽ بہ ڪندو رهيس ۽ ڪافي بہ پيئندو رهيس. مان تقريبن ڏھہ ڪلاڪ سئيول سب وي ۾ گمھي رات جو 8.30 وڳي اسٽيشن تي ڪارڊ پنچ ڪيو تہ مشين هڪ عذر ڏنو. مان وري ڪارڊ پنچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ساڳيو عذر آيو. مون کي پريشاني وڪوڙي وئي، مون کي سمجهہہ ۾ نہ پئي آيو تہ ڇا ڪجي! ايتري ۾ هڪ ڪورين مون کي چيو تہ، ”سامھون هيلپ جو بٽڻ آهي، ان کي پريس ڪيو تہ ڪو نہ ڪو توهان جي مدد لاءِ اچي ويندو.“ مان ائين ڪيو تہ سب وي اسٽيشن آفيس مان هڪڙو ماڻھو نڪري مون وٽ آيو ۽ چيائين تہ، ”ڇا مسئلو آهي؟“
چيومانس، ”ڪارڊ پنچ نٿو ٿئي.“ هن عذر نوٽ ڪيو ۽ منھنجو ڪارڊ پاڻ سان گڏ کڻي آفيس ۾ اندر هليو ويو. ڪجهہ دير کان پوءِ هُو واپس آيو تہ هن سان گڏ هڪ پوليس وارو بہ هو. مون جڏهن انھن کي ڏٺو تہ گهٻرائجي ويس. انھن مون کي ٽُٽل ڦُٽل انگريزيءَ ۾ پڇيو تہ، ”تون صبح ڏھين بجي هتان ئي سب وي ۾ چڙھيو هئين ۽ هينئر هِتان ئي نڪرين پيو، تون ڏھ ڪلاڪ ڪٿي هئين ۽ ڇا پيو ڪرين؟“
مان ھنن کي سب وي سسٽم گهمڻ بابت سمجهہائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھنن کي سمجهہ ۾ نٿي آيو تہ اھا بہ ڪا گهمڻ جي شئي آھي؟ ھنن جي لاءِ تہ سب وي سسٽم گهمڻ جي جاءِ نہ ھئي، پر اسان لاءِ تہ نئين شئي ھئي. بھرحال ھنن مون کي وارننگ ڏني تہ اڳتي ائين نہ ٿئي نہ تہ توکي ملڪ بدر ڪيو ويندو.

ڪورِيَن بسون

ڪورين بسون بہ سب وي وانگر صبح جو تقريبن پنجين وڳي ھلنديون ھيون ۽ آخري بس رات جو تقريبن ٻارھين وڳي ھلندي ھئي. لوڪل بسن جا ڀاڙا بہ سب وي جيترا ھئا، جڏھن تہ وڏي روٽ وارين بسن جا ڀاڙا ڪجهہ وڌيڪ ھئا. ڪوريا ۾ بسن جا چار قسم آهن:
ٽرنڪ بس (نيري):
ٽرنڪ بسون، جزوي طور نجي بس ڪمپنين ۽ حڪومت پاران هلنديون آهن. اهي وڌيڪ مفاصلي يا پري تائين هلنديون آهن ۽ ٻين شھرن ڏي ويندڙ علائقن سان ملندڙ بس لائنن تائين رسائي ڏينديون آهن. نيرو رنگ آسمان ۽ درياءَ جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ اھو حفاظت ۽ آزاديءَ جي علامت پڻ آهي.
برانچ بس (گرين):
برانچ بسون، گهڻو ڪري نجي بس ڪمپنين پاران هلنديون آهن. اهي ننڍي مفاصلي جيئن سب وي اسٽيشنن يا شھر کان ٻاهر ويندڙ بس ٽرمينلز تائين هلنديون آھن. سائو رنگ جبلن جي نمائندگي ڪري ٿو.
ريپڊ بس (ريڊ):
ريپڊ بسون، ايڪسپريس بسون ھونديون آھن، جيڪي خاص طور شھر کان ٻاھريان ايندڙن کي اندرون شھر کڻي اينديون آهن. ڳاڙهو رنگ رفتار جي توانائيءَ جي نمائندگي ڪري ٿو.

سرڪيوليشن بس (پِيلو):
سرڪيوليش بسون، شھر جي حصن ۾ جھڙوڪ ڪاروباري، سياحت ۽ شاپنگ جا علائقا، سب وي اسٽيشنن ۽ وڏن ريلوي اسٽيشنن تائين وينديون آھن. پِيلو رنگ پنھنجي متحرڪ ۽ دوستي شڪل لاءِ چونڊيو ويو آهي.
ڪورين بسن ۾ بہ ڪارڊ پنچ ڪري داخل ٿي سگهجي ٿو. ڪورين بسون بہ نھايت صاف سٿريون ۽ منظم آهن. ڪورين بسن ۾ بہ بزرگن، معذورن ۽ حامله عورتن جون سيٽون مقرر هونديون هيون، جتي ٻئي ڪنھن کي بہ ويھڻ جي اجازت نہ هوندي هئي.

ڪورِيَن انٽرٽينمينٽ انڊسٽري

ڪورين انٽرٽينمينٽ انڊسٽري، هڪ خوشحال انڊسٽري آهي، جنھن ۾ انٽرٽينمينٽ جا مختلف پھلو جھڙوڪ ٽيليويزن، ڊراما، فلمون ۽ ميوزڪ شامل آھن. ڪورين انٽرٽينمينٽ انڊسٽري معيشت لاءِ اهم مالي وسيلا پيدا ڪندي آهي. ڪورين انٽرٽينمينٽ انڊسٽريءَ ۾ ھيٺيون شيون شامل آھن:
• ڪورين ويوو
• ڪورين سنيما
• ڪورين ڊراما
• ڪورين پوپ

ڪورين ويوو:
ڪورين ويوو جو مطلب آھي 1990ع واري ڏهاڪي کان پوءِ ڪورين ڪلچر کي دنيا ۾ پذيرائي ملڻ. سڀ کان پھريان اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ ڪورين ڊرامن ۽ ڪورين پاپ جي پکيڙڻ جي شروعات ٿي. ان جي شروعاتي مرحلن دوران ڪورين ويوو علائقائي سطح کان ترقي ڪري هڪ عالمي رجحان ۾ داخل ٿيو. ان جي پکڙجڻ جا ذريعا انٽرنيٽ، يُوٽيوب ۽ سوشل ميڊيا ھئا.

ڪورين سينما:
ڏکڻ ڪوريا جي سينما جي شروعات 1945ع کان ٿي. ڪوريا جون فلمون واقعن ۽ جنگن کان تمام گهڻو متاثر آهن، ڇاڪاڻ تہ ڪوريا تي جاپاني قبضو، ڪورين جي جنگ ۽ ڪوريا جي جمھوريت پسندي... ويھين صدي ڪوريا جي سينما جو سونهري دور آھي. ان دور ۾ ڪوريا بھترين فلمون ٺاھيون جھڙوڪ:
1. THE ADMIRAL: ROARING CURRENTS (2014)
2. EXTREME JOB (2019)
3. GOLDEN LION (2012)
4. PARASITE (2019)
5. OLDBOY (2003)
6. SNOWPIERCER(2013)
7. TRAIN TO BUSAN (2016)

ڪورين ڊراما:
ڪورين ڊراما، پوري دنيا ۾ مشھور آهن. ڪورين ڊراما ڪورين ويوو جي ذريعي دنيا ۾ عام ٿيا. ڪورين ڊرامن ڪجهہ ملڪن تي وڏو اثر ڇڏيو آهي. ڪوريا جا مشھور ڊراما ھي رھيا آھن:
• THE WORLD OF THE MARRIED
• SKY CASTLE
• CRASH LANDING ON YOU

ڪورين پوپ:
• ڪورين پوپ ميوزڪ پوري دنيا ۾ مشھور آهي. ڪوريا جا مشھور
سنگر يا گروپ ھي آھن:
• PSY
• WONDER GIRLS
• BTS

انچئن ايئرپورٽ کان ھانِيَانگ يونيورسٽي تائين جو سفر

لينڊنگ کان ٿوري دير اڳ ۾ ۽ لينڊنگ مھل مان دريءَ مان ڏسي رھيو ھيس. پھريان سمنڊ پيو نظر اچي ۽ پوءِ ايئرپورٽ نظر اچڻ لڳو. ايئرپورٽ تي سياري جي ڪري گاھ سڪل نظر اچي پيو. هوائي جھاز جي انچئن INCHEON ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرڻ کان مڪمل طور رڪجڻ تائين هر ڪو آرام سان ويٺو هو، جڏهن تہ جنھن مھل هوائي جھاز بينڪاڪ ۾ بيٺو ھو تہ هر ڪنھن کي جھاز مان نڪرڻ جي تڪڙ هئي. آئون جھاز مان نڪري ماڻھن جي پٺيان لڳس. ٿورڙو پنڌ ڪري ايسڪيليٽر ذريعي بيسمينٽ ۾ وياسين. ھر ڪو ايسڪيليٽر جي ساڄي پاسي بيٺو ھو، جڏھن تہ کاٻو پاسو خالي ھو. کاٻو پاسو ان ڪري خالي رکندا آھن تہ اگر ڪنھن کي تڪڙ ھجي تہ ھُو اتان ھليو وڃي. بيسمينٽ ۾ ٽرين ياسب وي SUBWAY جي انتظار ۾ ماڻھو قطارون ٺاھي بيھي رھيا. ڪجهہ منٽن کان پوءِ سب وي آئي، اها مسافرن سان ڀريل هئي. اھي مسافر سب وي جي کاٻي پاسي لھي ويا ۽ پوءِ اسان جي سائيڊ وارا دروازا کُليا. هرھڪ ماڻھو صبر سان سب وي ۾ داخل ٿيو. سيٽون خالي ھجڻ باوجود اڪثر ماڻھو بيٺا ئي رھيا. سب وي مسافرن کي CONCOURSE کان پيسنجر ٽرمينل 2 کڻي وئي.
سب وي تان لھڻ کان پوءِ پيسنجر ٽرمينل 2 ۾ داخل ٿياسين تہ وات پٽجي ويو. بئنڪاڪ ايئرپورٽ جي اڏاوت ذهن ۾ هئي، پر جڏهن مون ’انچئن انٽرنيشنل ايئرپورٽ‘ جي اڏاوت ڏٺي تہ عقل دنگ رھجي ويو. ڇاڪاڻ تہ اصلي انجنيئرنگ جو شاھڪار تہ ھي ھو. ايئرپورٽ پنجن ليولز تي مشتمل آھي. ڊيوٽي فري شاپس، ريسٽورنٽس، ڪافي شاپس... سڀ بي انتھا خوبصورت ۽ صاف. انچئن انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڏکڻ ڪوريا جو سڀ کان وڏو ايئرپورٽ آهي. ھن جو شمار دنيا جي وڏن ۽ مصروف ترين ايئرپورٽز ۾ ٿيندو آهي. انچئن ايئرپورٽ انچئن شھر جي اولھہ ۾ آھي ۽ سيئول کان 30 ڪلوميٽرن جي مسافت تي آھي. انچئن ايئرپورٽ ٻن ٽرمينلز تي مشتمل آهي: ٽرمينل 1 ۽ ٽرمينل 2.
ٽرمينل 1 پراڻو آھي ۽ ٽرمينل 2 نئون آھي. ٽرمينل 2 اڪثر پروازن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي جڏھن تہ ڪجهہ پروازن لاءِ ٽرمينل 1 استعمال ڪيو ويندو آهي. ٻنھن ٽرمينلز ۾ 15 منٽن جي مسافت آھي. ٻئي ٽرمينلز سب وي ذريعي گڏيل آھن ۽ ٻنھن جي وچ ۾ بسون بہ ھلن ٿيون.
انچئن ايئرپورٽ کان علاوہ سيئول کي گمپو (GIMPO) انٽرنيشنل ايئرپورٽ بہ لڳي ٿو. گمپو انٽرنيشنل ايئرپورٽ سيئول شھر جي مرڪزي ضلعي کان 15 ڪلوميٽر اولھہ ۾ آھي. 2001ع تائين گمپو انٽرنيشنل ايئرپورٽ سيئول ۽ ڏکڻ ڪوريا جو مکيه انٽرنيشنل ايئرپورٽ هو. ھاڻي ھي ايئرپورٽ ڪجهہ انٽرنيشنل پروازن ۽ گهڻو ڪري مقامي پروازن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. سب وي تان لھڻ کان پوءِ ماڻھن ٻہ قطارون ٺاھيون؛ هڪڙي ڪورينز لاءِ ۽ ٻي پرڏيھن لاءِ. تنھن ڪري آئون پرڏيھن واري قطار ۾ بيھي رهيس ۽ پنھنجي واري جو انتظار ڪرڻ لڳس. آخرڪار اميگريشن آفيسر منھنجو پاسپورٽ وٺي اسڪين ڪيو ۽ مون کان آڱرين جا امپريشن ورتائين. ان کان پوءِ آفيسر مون کي هڪ رسيد ڏني، جنھن ۾ ڪوريا ۾ منھنجي داخلا جي ڊيٽا ڏيکاريل ھئي. هتي مون کي خبر پئي تہ ڪوريا ۽ ٻين ترقي يافتہ ملڪن ۾ داخلا ۽ نڪرڻ جو ڊيٽا آن لائن ڪنٽرول ڪيو وڃي ٿو ۽ آن لائن رسيد ڏني وڃي ٿي. جڏهن تہ پاڪستان ۾ اميگريشن آفيسون عام طور داخل ٿيڻ يا نڪرڻ مھل پاسپورٽ تي ٺپو لڳائينديون آهن. بھرحال پاسپورٽ ۽ رسيد وٺڻ کان پوءِ مان پنھنجو سامان کنيو. مون اڳ ۾ ئي پنھنجي آمد جي معلومات يونيورسٽيءَ جي عملدارن کي فراهم ڪئي هئي، تنھن ڪري مون کي اها اميد هئي تہ ڪونہ ڪو مون کي وٺڻ لاءِ ايندو. سامان کڻڻ کان پوءِ مون پنھنجو نالو، يونيورسٽيءَ جو نالو ۽ فلائيٽ نمبر پني تي لکيل ڏٺا. آئون اتي ويس ۽ تقريبن 10 منٽن تائين اتي انتظار ڪيم پر ڪوبہ اتي نہ آيو. مون سوچيو تہ شايد ڊرائيور هليو ويو آهي، تنھن ڪري مون پنھنجو سامان کنيو ۽ بس اسٽينڊ جي طرف وڌڻ شروع ڪيو. جيئن مون ايئرپورٽ کان بس اسٽينڊ ويندڙ دروازو کوليو تہ انتھائي تيز ۽ ٿڌي هوا مون کي وڪوڙي وئي. مون پنھنجي زندگيءَ ۾ اهڙي ٿڌي هوا ڪڏهن بہ محسوس نہ ڪئي هئي. جڏهن مون ھڪ بورڊ تي گرمي پد ڏٺو تہ اهو 13- ڊگري سينٽي گريڊ هو. تڏهن مون محسوس ڪيو تہ ايئرپورٽ مرڪزي طور ايئرڪنڊيشنڊ هو ۽ گرمي پد تقريبن 25 ڊگري سينٽي گريڊ تي برقرار رکيو ويو هو. بھرحال مان ھڪ ٽيڪسي ڊرائيور سان ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڊرائيور اشارن سان چيو تہ هُو انگريزي نٿو سمجهي.
پوءِ مان بس ڏسڻ لڳس. اڃا آئون بس لاءِ پريشان بيٺو ھيس تہ هڪ جوڙو COUPLE مون وٽ آيو ۽ مون کان پڇائون تہ، ”ڇا مسئلو آهي؟ ڇو پريشان بيٺو آھين؟“ مون هنن کي پنھنجي يونيورسٽي ۽ متوقع پڪ اپ سروس بابت سڀ ڪجهہ ٻڌايو. هنن مون کي ٻڌايو تہ، بس جو وقت تقريبن ختم ٿي چڪو آهي. تنھن ڪري ٽيڪسي ۾ وڃڻ بھتر آهي، پر پوءِ انھن چيو تہ تنھنجي لاءِ ٽيڪسي ذريعي وڃڻ آسان ناهي ڇاڪاڻ تہ تون ھتي نئون آھين، تنھن ڪري انھن چيو تہ اهي مون کي منھنجي يونيورسٽيءَ ۾ ڇڏي ايندا، جيڪا ايئرپورٽ کان تقريبن ھڪ ڪلاڪ جي مسافت آهي ۽ پوءِ اهي سيئول ڏانھن ويندا، جيڪو يونيورسٽيءَ کان ھڪ ڪلاڪ جي مسافت آهي. انھن مون کي ھڪ دفعو ٻيھر پڪ اپ سروس چيڪ ڪرڻ لاءِ چيو ۽ جيڪڏهن اتي ڪو نہ ھجي تہ پوءِ اهي مون کي يونيورسٽيءَ ۾ ڇڏي ايندا. جڏهن مان ٻيھر ويس تہ اتي هڪ ماڻھو کي انتظار ڪندي ڏٺم. منھنجي ساڻس ملاقات ٿي ۽ هن مون کي عذر ڏنو تہ هُو سگريٽ پيئڻ لاءِ ويو ھو. مان ھن جوڙي جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ڊرائيور سان گڏ ڪار پارڪنگ ايريا ڏانھن هلڻ شروع ڪيو. ان دوران مان ڪوريا ۾ پنھنجي دوست عبدالڪريم شاھہ (اي ڪي) سان ميسينجر تي رابطو ڪيو، جيڪو ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي رهيو هو. اي ڪي مھراڻ يونيورسٽي MUET ۾ منھنجو بيچ فيلو ۽ سٺو دوست رھيو ھو. اي ڪي ڊرائيور سان ڳالھہ ٻولھہ ڪئي ۽ کيس ڊراپ پوائنٽ ٻڌايو. مون پنھنجو سامان ڪار ۾ رکيو، جيڪا هيئندئي سوناٽا HYUNDAI SONATA هئي ۽ کاٻي هٿ واري ڊرائيونگ ڪار هئي. ڏهن پندرنھن منٽن کان پوءِ اسان مين هاءِ وي تي پھتاسين، جيڪو ايئرپورٽ کي اَنسان ANSAN شھر سان ڳنڍيندو آهي. رستي ۾ مون کي عاليشان عمارتون ۽ سسپينشن برج SUSPENSION BRIDE نظر آيون، جهڙيون اسين هالي ووڊ فلمن ۾ ڏسندا هئاسين. ائين لڳي پيو تہ جيئن منھنجو خواب پورو ٿيو ھجي. مان ڊرائيور سان ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيس ۽ هُو بہ مون سان ڳالھائڻ پيو چاھي، پر اسان گهڻو ڳالھائي نہ سگهياسين ڇو جو مون کي ڪورين نہ پئي آئي ۽ ھن کي انگريزي. هڪ ڪلاڪ کان پوءِ اسان ھانِيَانگ يونيورسٽيءَ جي ڊارميٽري نمبر 3 پھچي وياسين. ڊارميٽري لفظ بنيادي طور آمريڪا ۾ هاسٽل لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ يورپ ۾ هاسٽل ئي استعمال ڪيو ويندو آهي. ائين ئي يورپ ۾ لفظ لفٽ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ آمريڪا ۾ ايليويٽر. ڪورين آمريڪن انگلش جي پيروي ڪندا آهن ۽ اسان برطانوي انگلش جي. بھرحال جيئن ڪار بيٺي تہ ڏٺم عبدالڪريم شاھہ گيٽ تي منھنجو انتظار ڪري رهيو هو. آءٌ ڪار مان لٿس، بارش وسي رھي ھئي، اي ڪي سان ملاقات ٿي، ساھ ۾ ساھ آيو. پنھنجو سامان کيم ۽ ڊرائيور جو شڪريو ادا ڪيم. ڊرائيور مون کان هڪ پئسو بہ نہ ورتو ڇاڪاڻ تہ اھا ڪار يونيورسٽيءَ طرفان اسپانسر ڪيل هئي. رات جا 11:00 ٿيا ھئا، اي ڪي جي ڪمري تي وياسين. مون شاور ورتو ۽ پوءِ اسان مسلم ڪچن وياسين. اتي احمد علي شاھ (فارميسي) ۽ احمد علي شاھ (نينو) سان ملاقات ٿي. اي ڪي ڪڙھائي پچائي آيو ھو، احمد علي شاھ (فارميسي) ماني پچائي ۽ احمد علي شاھ (نينو) چانھ ٺاھي. احمد علي شاھ (فارميسي) ھڪ ھٿ سان ويلڻ پيو ھلائي، مان اڳ ۾ ايتري تڪڙي ماني پچائيندي ڪنھن کي بہ نہ ڏٺو ھو. بھرحال رات جي ماني کاڌي، چانھ پيتي، سنگت سان ٿوري ڪچھري ٿي ۽ پوءِ سمھڻ لاءِ بستري تي ويس.

ڊارميٽري (Dormitory)

عبدالڪريم شاھہ )اي ڪي( پنھنجي ليبارٽري لاءِ نڪرڻ کان اڳ مون کي چئي ويو هو، تہ تون في الحال آرام ڪر. ھُو منجهند 12 وڳي ڪمري تي ايندو، تيسين تائين اٿي تيار ٿجانءِ. اهو ڇنڇر جو ڏينھن هو، آئون صبح 11 وڳي اٿيس، شاور ورتم ۽ تيار ٿي ويس. اي ڪي ۽ فارميسي تقريبن 12:00 وڳي ڪمري تي آيا. پھريان اسين ڊارميٽري آفيس وياسين ۽ منھنجي ڪمري بابت پڇوسين. مون کي ڊارميٽري آفيس جي عملدار پاران ٻڌايو ويو تہ منھنجو ڪمرو نمبر 254 آهي ۽ محمد عمير خان عرف دادا منھنجو روم ميٽ آهي. انھن مون کي چيو تہ ڪمري جو پاسوَرڊ PASSWORD حاصل ڪرڻ لاءِ دادا سان رابطو ڪريو ۽ گڏوگڏ جلدازجلد ٽي بي ٽيسٽ جي رپورٽ بہ جمع ڪرايو. ڊارميٽري ۾ رھڻ لاءِ ھر سيمسٽر ۾ ٽي بي ٽيسٽ جي رپورٽ جمع ڪرائڻي پوندي ھئي، جيڪڏھن ڪنھن کي ٽي بي ھوندي تہ ان کي ڊارميٽري ۾ رھڻ نہ ڏنو ويندو ھو. جيئن ئي اسان ڊارميٽري آفيس ڇڏي، اي ڪي ۽ فارميسي ٽھڪن ۾ ٻڏي ويا. پڇيومان تہ، ”ڇو؟“
هنن چيو تہ، ”تون جلدي ڄاڻي ويندين.“
جيئن اسان ناشتي لاءِ مسلم ڪچن ۾ داخل ٿياسين تہ اي ڪي ۽ فارميسي سڀني کي ٻڌائڻ شروع ڪيو تہ دادا منھنجو روم ميٽ آهي. بس پو ءِ ڇا... اها ڳالھہ ٻڌي هر ڪو ٽھڪ پيو ڏي. جڏهن مون وري پڇيو، ”ڇو؟“ تہ مون کي ٻڌايو ويو تہ، ”دادا سان گڏ رهڻ تمام گهڻو ڏکيو آهي. هُو تنھن جو پاسپورٽ ڦاڙي ڇڏيندو ۽ پئسا چوري ڪندو. تنھن ڪري توکي جلد از جلد پنھنجو ڪمرو بدلائڻ گهرجي.“ پر مون پنھنجو ذهن تبديل نہ ڪيو ۽ دادا سان رهڻ جو عزم ڪيو. ناشتي کان پوءِ، اي ڪي ۽ فارميسي مون کي ھَندي آپ HANDEAP ويجهو شاپنگ مال ھلڻ لاءِ چيو، جتي انھن کي ڪجهہ خريداري ڪرڻي هئي. ھَندي آپ اسان جي يونيورسٽيءَ جي ويجهو واري سب وي اسٽيشن جو نالو ھو. جنھن کي انگريزيءَ ۾ HANYANG UNIVERSITY AT ANSAN بہ سڏيندا ھئا. اسان ھَندي آپ وڃڻ لاءِ يونيورسٽي شٽل ورتي. اها ڊائيوو DAEWOO ڪمپنيءَ جي بس هئي ۽ شاگردن لاءِ مفت هلندي ھئي. مان اهو سوچي رهيو هيس تہ هتي شٽل بس بہ ڊائيوو جي آهي ۽ اسان جي ملڪ ۾ اڪثر يونيورسٽين ۾ شاگردن جي بسن جي حالت ڪھڙي آهي؟ اي ڪي ۽ فارميسي مون کي صلاح ڏني تہ غسل خاني لاءِ باسڪٽ خريد ڪريان جنھن ۾ ٽوٿ برش، ٽوٿ پيسٽ، صابڻ ۽ شيمپو هجڻ گهرجن. سامان خريد ڪرڻ بعد اسان ٻيھر ڊارميٽري ۾ آياسين ۽ ڪمري جي پاسوَرڊ لاءِ دادا سان رابطو ڪيو. دادا هڪ سٺو ماڻھو لڳو، پر هن جو ڪمرو ڏاڍو گدلو ۽ بدبودار هو. هن مون کي ڪمري جو پاسورڊ ٻڌايو ۽ ڪجهہ دير کان پوءِ مان، اي ڪي ۽ فارميسي ڪمري ۾ سامان منتقل ڪيو. ھتي اھو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهہان تہ ڪوريا ۾ منھنجي ٽن سالن دوران مون وٽ ڪڏهن بہ ڪا چاٻي نہ ھئي، ڪمرو ھجي يا گهر، ليب ھجي يا سائيڪل، ھر شئي پاسوَرڊ تي کلندي ھئي. باقي ڊارميٽري ۽ ڊپارٽمينٽ جي بلڊنگز يونيورسٽي ڪارڊ سان کُلنديون ھيون. دادا سان رھڻ دوران مان ھميشہ پريشان رھيس. مان ٻاھر ويندي بلڪ سمھندي بہ پنھنجو پاسپورٽ کيسي ۾ رکندو هئس تہ جيئن دادا گم نہ ڪري ڇڏي يا ڦاڙي نہ ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ ڪنھن مون کي ٻڌايو هو تہ پئسن جي اهميت ناهي، پر جيڪڏهن دادا تنھنجو پاسپورٽ چوري ڪيو يا ڦاڙي ڇڏيو تہ تون تباھہ ٿي ويندين. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ هڪ واقعو ٿيو. دادا مون تي الزام مڙهيو تہ مون ڪمري جو پاسوَرڊ اي ڪي کي ڏنو آ ۽ ھن اسان جي ڪمري ۾ داخل ٿي دادا جي اهم سامان ۽ ريسرچ ڊيٽا جو جائزو ورتو آھي. تنھن ڪري مون ڊارميٽري مينيجر کي شڪايت ڪئي ۽ کيس چيو تہ، ”مون کي ٻئي ڪمري ۾ شفٽ ڪريو.“ ساڳئي ڏينھن مون کي هڪ ڪورين سان گڏ ٻيو ڪمرو ڏنو ويو. ڪيمپس ۾ گهڻو وقت گذارڻ بعد مون کي اهو محسوس ٿيو تہ دادا برو نہ ھو پر اھو اهڙو ماحول ٺاهيندو هو تہ جيئن هُو اڪيلو رهي سگهي. ھن سان ڪيمپس ۾ ڪجهہ اھڙا مسئلا ٿيا ھئا، جنھن ڪري ھُو ماڻھن کان لوائيندو ھو. ڊارميٽري ۾ رهڻ دوران منھنجا روم ميٽ ھي رھيا:
• پھريون سيمسٽر: ھڪ ڪورين
• ٻيون سيمسٽر: ڊاڪٽر اويس
• ٽيون ۽ چوٿون سيمسٽر: مان پنھنجي فيملي سان هڪ گهر ۾ رهيس
• پنجون سيمسٽر: اعجاز علي بهر
• ڇهون سيمسٽر: محمد عمران

ڪيمپس ۾ ٽي ڊارميٽريون ھيون. ڊارميٽري 1 ۽ 2 گهڻو ڪري ڪورين شاگردن (ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين) لاءِ هئي. ڊارميٽري 3 هڪ يو U شڪل واري عمارت هئي، جيڪا 5 منزلن تي مشتمل آهي. ڪوريا ۾ گرائونڊ فلور کي پھرين منزل طور سڃاتو وڃي ٿو. پھرين منزل پوسٽ پي ايچ ڊيز لاءِ ھئي، جنھن جي ڪمرن ۾ غسلخانا ھئا. انھن کان علاوہ پھرين منزل تي ڊارميٽري مينيجر جي آفيس، ٽي وي هال، ڪپڙا ڌوئڻ ۽ سڪائڻ واري مشينن جو ڪمرو، استري جو ڪمرو ۽ پرنٽنگ مشين هئي. سڀ مشينون 500 وون جي سڪي تي ھلنديون ھيون، پرنٽنگ مشين کان وٺي ڪپڙا ڌوئڻ ۽ سڪائڻ واري مشين تائين... ڊارميٽري 3 جو بقايا حصو پاڪستاني ۽ چيني شاگردن لاءِ هيو. ٻين ۽ ٽين منزل جو کاٻو پاسو پاڪستاني شاگردن لاءِ ۽ باقي عمارت اڪثر ڪري چيني شاگردن جي لاءِ هئي. هر ڪمري ۾ ٻہ بيڊ، ٻہ الميرا، 2 ٽيبلون ۽ ڪرسي سيٽ، 2 بريڪٽ فين، سينٽرلي ڪنٽرولڊ هيٽنگ ۽ ڪولنگ سسٽم، هڪ ڊسٽبن ۽ ھڪ ننڍو لائوڊ اسپيڪر جيڪو عام طور اهم اعلانن لاءِ استعمال ٿيندو هو. ٻي منزل تي مسلم شاگردن لاءِ مسجد ھئي. ٻين ۽ ٽين منزل تي اسان لاءِ خاص شاور روم هئا. مان خاص شاور روم ڇو چئي رهيو آهيان؟ اهو انھي ڪري ڇو تہ اسان جي شاور روم ۾ پردا لڳل هئا، جڏهن تہ ڪورين ۽ چيني شاور رومن ۾ دروازا يا پردا نہ هوندا آهن. ڪوريا ۾ ساڳي صنف جا ماڻھو بغير پردي جي غسل ڪندا آھن. اسان جي مذهب ۽ ثقافت جي ڪري، انتظاميا اسان جي شاور روم جي ٻاهران پردا نصب ڪيا ھيا. ٻيو تہ اسان جا ٽوائلٽ بہ ٻين کان بہ مختلف هئا ڇاڪاڻ تہ اسان لاءِ پاڻيءَ جي فراهمي لاءِ ڪموڊن ۾ BIDET لڳل هئا. جڏھن تہ ڪورين ۽ چيني گهڻو ڪري ٽشو پيپر استعمال ڪندا هئا.
ڊارميٽري نمبر 1 ۽ 2 ۾ ريسٽورنٽز، ڪينٽين، جم، اي ٽي ايم مشين، شاپنگ اسٽور جھڙوڪ 25GS ۽ SEVEN ELEVEN ھئا. 25GS ۽ SEVEN ELEVEN شاپنگ اسٽور توهان کي ڪوريا ۾ هر هنڌ ملندا ۽ ان تي پاڻي، جوس، ڪولڊ ڊرنڪ، فروٽ ۽ روزمرہ جي استعمال جي هر ضروري شئي ملندي ھئي. جڏھن تہ ڊارميٽري 3 ۾ اھڙيون سھولتون موجود نہ هيون. مسلمان شاگردن (ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين) لاءِ جيڪي ڪوريا يا چيني کاڌو نٿا کائي سگهن، هڪ هال ڏنو ويو ھو جنھن کي مسلم ڪچن چيو ويندو هو. ڊارميٽري ڀرسان سائيڪلن لاءِ وڏي پارڪنگ جي جاءِ، باسڪيٽ بال جو ميدان ۽ فٽ بال جو ميدان پڻ ھو، جنھن ۾ اسين عام طور ڪرڪيٽ کيڏندا هئاسين.

مسلم ڪِچن

مسلمان شاگردن (ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين) کي جيڪي ڪورين يا چيني کاڌو نٿا کائي سگهن، مسلم ڪِچن ڏنو ويو ھو. جتي ھُو حلال کاڌا پچائي کائي سگهن. ڪِچن جي ايراضي تقريبن 1000 اسڪوائر فٽ هئي. ڪِچن ۾ تقريبن 100 پاڪستاني ميمبر ھئا. ٻين ملڪن جھڙوڪ انڊيا، بنگلاديش، ايران، ملائيشيا، انڊونيشيا، مصر ۽ ازبڪستان جا ڪجهہ ماڻھو بہ ڪِچن جا ميمبر ھئا. جيتوڻيڪ اهو هڪ هال هو پر اهو ٻن حصن تي مشتمل ھيو. ھڪڙي حصي کي پچائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو ھو. ان ۾ اسٽوو يا چلھو، اوون، برتن رکڻ جي جاءِ ۽ مصالحا رکڻ جي لاءِ جاءِ ھئي. جڏهن تہ ٻيون حصو ريفريجريٽر ۽ ويھڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو ھو. ڪِچن ۾ تقريبن 50 ماڻھن جي ويھڻ جو انتظام هو ۽ ڪِچن کان ٻاهر ھڪ ھال ۾ تقريبن 100 ماڻھن جي ويھڻ جو انتظام هو.
يونيورسٽي انتظاميه جي طرفان ڪِچن جو سمورو فرنيچر جھڙوڪ ٽيبل ۽ ڪرسيون، ريفريجريٽر، اسٽوو ۽ اوون ۽ هڪ ٽيليويزن فراهم ڪيل ھئي. ڪِچن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ھڪ ٽيم ھئي، جنھن کي ڪِچن مينيجمينٽ ٽيم KMT چئبو ھو. KMT جي ذميوارين ۾ ڪِچن جي صفائي ۽ ٿانوَ خريد ڪرڻ پڻ شامل ھئا. ٿانوَ سڀني ماڻھن لاءِ عام هئا جڏهن تہ مصالحا ۽ کاڌا ذاتي هئا. KMT هر سيمسٽر ۾ اسان کان ڪليڪشن ڪندي ھئي، جيڪي صفائي ۽ برتن خريد ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندا ھئا. ڪچن جي صفائي هفتيوار ۽ ان کان سواءِ سال ۾ ٻہ دفعا ڪئي ويندي هئي، جنھن کي ’گرينڊ ڪليننگ‘ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. هفتيوار صفائيءَ ۾ ٻہ ماڻھو ۽ گرينڊ ڪليننگ ۾ 30 ماڻھو ڪم ڪندا ھئا. KMT ڪِچن ۾ ماڻھن جا گروپ پڻ ٺاهيندي هئي، تہ جيئن هر ڪنھن کي ڪُڪنگ ۾ آساني ھجي ۽ گڏوگڏ ڪنھن جي بہ پڙهائي متاثر نہ ٿئي. هر گروپ عام طور ٽن کان ڇھن ميمبرن تي مشتمل هوندو ھو. گروپن ۾ ھر ھڪ جا ڪم مقرر ڪيا ويا ھئا. ڪو ماڻھو خريداريءَ جو ذميوار هو، ڪو ڪٽڻ وڍڻ جو، ڪو پچائڻ جو تہ ڪو ٿانوَ صاف ڪرڻ جو.
منھنجو پھريون گروپ سيد صابر حسين شاھہ بخاري (بخاري) ۽ جواد سيريوال سان هو. مان ۽ جواد سامان خريد ڪندا ھئاسين، اسان ئي گوشت ۽ سبزيون ڪٽي ٺاھي تيار ڪندا ھئاسين، بخاري صرف ٻوڙ پچائيندو ۽ چانھ ٺاھيندو هو. اسان ئي وري ٿانوَ صاف ڪندا ھئاسين. اسان جو اھو گروپ تقريبن هڪ سال تائين ھليو.
هر ڪو ڪِچن ۾ مختلف وقتن تي ويندو هو. مثال طور اسان EARLY BIRDS هئاسين ڇاڪاڻ تہ اسان صبح جو 8 وڳي ناشتو ڪندا هئاسين. ڪجهہ ماڻھو ڪورين وانگر 12 وڳي کان 1 وڳي تائين لنچ ڪندا هئا. ڪجهہ ماڻھو منجهند جي ماني 2 وڳي کائيندا هئا. رات جي مانيءَ جو وقت 6 کان 7 وڳي هو، جڏهن تہ ڪجهہ ماڻھو رات دير سان ڪِچن ۾ ايندا هئا. گهڻو ڪري ماڻھو آچر تي ٻوڙ رڌيندا ھئا ۽ اهو ٻوڙ هڪ هفتي تائين ھلائيندا ھئا. ناشتي ۾ اڪثر ماڻھو بيضو کائيندا ھئا. منجهند ۽ رات جي مانيءَ ۾ گهڻو ڪري ساڳيو ٻوڙ کائيندا ھئا. ڪجهہ ماڻھو گهڻو ڪري دال ٺاهيندا هئا، جڏهن تہ ٻيا ڪڪڙ يا ٻاڪرو گوشت. جيڪڏهن ڪو ماڻھو دال پچائيندو ھو تہ ان کي سڄو ھفتو ڪو ھٿ بہ نہ ھڻندو ھو، باقي ٻاڪرو گوشت ھڪ ڏينھن بہ مس ھلندو ھو. ڪِچن ۾ ھڪٻئي جا کاڌا لڪي کائڻ جو وڏو رواج ھو. ان ڪري ڪِچن ۾ ٻاڪرو گوشت وڏو قيمتي هو. ٻي قيمتي شئي چانھہ جي پتي هئي. چانھہ جي پتيءَ جي قيمت تقريبن 8000 وون هئي، پر جيڪڏهن ڪو ماڻھو هن کي ڪِچن ۾ رکندو ھو تہ ضرور وڃائي ويھندو ھو. ڪِچن جي مشھور کاڌن ۾ ڪڙھائي، برياني ۽ دمپُخ ھو، جيڪو پٺاڻن جو کاڌو ھو. سومر کان جمعي تائين ماڻھو پنھنجا پچايل ٻوڙ کائيندا هئا. جڏهن تہ ڇنڇر تي اڪثر ماڻھو ٻاهر ويندا هئا ۽ آچر تي وري ڪوڪنگ ڪندا ھئا.
ٽيليويزن، ڪِچن ۾ هڪ تمام اهم تفريح هئي. ٽيليويزن کي ناشتي ۾ ماڻھو خبرون ٻڌڻ لاءِ استعمال ڪندا هئا. ڪجهہ ماڻھو منجهند جو نوان انڊين گانا ٻڌندا هئا، ڪي وري 1990ع وارا انڊين گانا ٻڌندا هئا، ڪي پراڻيون فلمون ڏسندا ھئا. ڪي وري رات جي ماني تي نوان انڊين ۽ انگريزي گانا ٻڌندا هئا. اڌ رات وارو گروپ انگريزي ميوزڪ ٻڌندو هو يا انگريزي فلمون ڏسندو هو. اھو گروپ اينڊرائيڊ ڊوائيسز کي ٽيليويزن سان connect ڪري مختلف آن لائن رانديون کيڏڻ لاءِ پڻ استعمال ڪندو هو.
مجموعي طور ڪِچن، کائڻ پيئڻ، ڳالھائڻ ۽ مائنڊ کي رليڪس ڪرڻ جي جاءِ هئي. ڪچن ھميشہ ٽھڪن سان ڀريل ھوندو ھو ڇاڪاڻ تہ اتي کل مذاقون گهڻيون ڪيون وينديون هيون. ماڻھو ڪِچن ۾ ذاتي زندگيءَ بابت ۽ ريسرچ جي مسئلن تي سينيئرز کان صلاح مشورا بہ ڪندا ھئا. ڪِچن ۾ جام گڏجاڻيون ٿينديون ھيون؛ آزاديءَ جي ڏينھن جي جشن کان وٺي الوداعي گڏجاڻين تائين، عيد کان وٺي هر مذهبي گڏجاڻيءَ تائين. اسان وڏي گڏجاڻيءَ لاءِ پاڻ ئي پچائيندا هئاسين. ڪچن ۾ ڪجهہ ماسٽر شيف هئا، جيڪي هر وڏي گڏجاڻيءَ جي لاءِ سڀ ڪجهہ پاڻ ئي ٺاهيندا هئا. اسان جا سينيئرز جھڙوڪ جنيد امتياز، علي احمد انصاري، عمر سلمان، وحيد ارباب ۽ دائود ادريس رڌ پچاءَ جا ماهر هئا. ڪجهہ عرصي کان پوءِ مان بہ انھن مان هڪ ٿي ويس ۽ مون کي چانھہ ٺاهڻ تي مقرر ڪيو ويو. ٿورو رڌپچاءُ يا ڪُڪنگ مون کي ايندي ھئي پر مسلم ڪِچن ھڪ باورچي يا شيف ٺاھي ڇڏيو.
يونيورسٽيءَ جي انتظاميا اسان پاڪستانين تي ھميشہ ڪاوڙيل رهندي هئي، ڇاڪاڻ تہ پاڪستاني ڪِچن کي ڪورين جي معيار موجب صاف نہ رکندا هئا.

هانيانگ يونيورسٽي (ايريڪا ڪئمپس)

هانيانگ يونيورسٽي، ڪوريا جي مشھور نجي انجنيئرنگ تحقيقي يونيورسٽين مان هڪ آهي. سن 1939ع ۾ يونيورسٽيءَ جو بنياد وڌو ويو. هانيانگ يونيورسٽيءَ جو سمبل ھڪ شينھن آهي. يونيورسٽيءَ جو مکيہ ڪئمپس سيئول ۾ آهي ۽ ان جو ھڪ ڪئمپس گيونگي صوبي جي اَنسان ANSAN شھر ۾ واقع آھي. اَنسان، سيئول کان تقريبن چاليھ 40 ڪلوميٽر پري آھي، اھو ڪيمپس اَنسان شھر جي سادونگ SADONG انتظامي يونٽ ۾ واقع آهي. ڪوريا ۾ ڪيترائي صوبا آھن، ھر صوبي جا ڪيترائي شھر آھن، ھر شھر ۾ ڪيترائي ضلعا آھن، جن کي ’گو‘ سڏيو ويندو آھي. ھر ضلعي ۾ ڪيترائي انتظامي يونٽ هوندا آهن، جن کي ’دونگ‘ سڏيو ويندو آھي. جيئن ’گيونگي صوبو‘ آهي، ’اَنسان‘ شھر آهي، ’سنگنوڪگو‘ ضلعو آهي ۽ ’سادونگ‘ انتظامي يونٽ آهي.
هانيانگ يونيورسٽي جي ھن ڪئمپس جو نالوEDUCATION RESEARCH INDUSTRY CLUSTER AT ANSAN (ERICA) يا ايريڪا ڪيمپس آهي. ايريڪا ڪيمپس ۾ 9 ڪاليج ۽ 42 ڊپارٽمينٽ آهن. ڪيمپس ۾ ٽي دروازا آهن. مکيہ دروازو، اوڀر دروازو ۽ اولھ دروازو. مکيہ دروازو گيٽ اصل ۾ ڪوبہ گيٽ ناهي بلڪ ڪيمپس ۾ داخل ٿيڻ جو هڪ خوبصورت رستو آهي، جيڪو اھو پيغام ڏئي ٿو تہ تعليم سڀني لاءِ آھي.
ڪيمپس جون مکيہ عمارتون ھي آهن:
• انتظامي بلڊنگ
• انجنيئرنگ بلڊنگز 1 کان 5
• سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بلڊنگ
• بزنس اسڪول جي بلڊنگ
• بين الاقوامي معاملن جي آفيس
• شاگردن جي ڀلائي جي بلڊنگ
• ڊارميٽري
• اسپورٽ ڪمپليڪس
• گرائونڊ (فٽ بال، ٽينس، بيس بال)
• جِم
• گيسٽ ھائوس
• بئنڪ
• ريسٽورنٽس
• ڪيفيز

ڪيمپس ۾ ھيٺين پروگرامن ۾ بيچلرز، ماسٽرز ۽ پي ايچ ڊي ڪرائي ويندي آھي:
• انجنيئرنگ
• فارميسي
• ڪمپيوٽرز
• بزنس ۽ مينيجمينٽ
• آرٽس
• جنرل سائنس

انجنيئرنگ بلڊنگز ۾ ھيٺين پروگرامن ۾ بيچلرز، ماسٽرز ۽ پي ايچ ڊي ڪرائي ويندي آھي:
• انجنيئرنگ بلڊنگ 1 : ڪمپيوٽر ۽ روبوٽڪس انجنيئرنگ
• انجنيئرنگ بلڊنگ 2 : سول انجنيئرنگ
• انجنيئرنگ بلڊنگ 3 : اليڪٽريڪل ۽ اليڪٽرانڪس انجنيئرنگ
• انجنيئرنگ بلڊنگ 4 : اليڪٽريڪل ۽ اليڪٽرانڪس انجنيئرنگ
• انجنيئرنگ بلڊنگ 5:ميڪينيڪل، ڪيميڪل، مٽيريلز، انڊسٽريل ۽ مييڪاٽرونڪس انجنيئرنگ

گهڻا پاڪستاني انجنيئرنگ بلڊنگ نمبر 4 ۽ 5 ۾ هئا. انجنيئرنگ بلڊنگ نمبر 5 ۾ مسجد ۽ مسلمانن لاءِ خاص ٽوائلٽ بہ ھئا. منھنجي ليب بہ انجنيئرنگ بلڊنگ 5 ۾ هئي. انجنيئرنگ بلڊنگ 5 جي ٽئين منزل تي هڪ هال هو. جڏهن اسان ريسرچ ڪري ٿڪجي پوندا ھئاسين، تہ ان ھال ۾ ويھي سنگت سان ڪچھري ڪندا ھئاسين. انھي ساڳئي هال ۾ دوستن سان گڏجاڻيون پڻ ٿينديون ھيون. مان پنھنجن دوستن محمد عمران، عمران احمد ۽ اعجاز سان ان ھال ۾ ويھي گپ شپ ڪندو هيم.

ٽيمپ ليب (Temp Lab)

29 فيبروري 2016ع سومر جي ڏينھن تي مان اي ڪي سان گڏ ناشتو ڪيو ۽ پوءِ ھُو مون کي ٿرمل انجنيئرنگ اينڊ مٽيريل پروسيسنگ ليبارٽري (TEMP LAB) ۾ وٺي ھليو. ٽيمپ ليب انجنيئرنگ بلڊنگ 5 جي 2 فلور تي آھي. اھا ليب 1992ع ۾ قائم ڪئي وئي ھئي. پروفيسر وُوسنگ ڪِم (Prof. Wooseung Kim) ليب جو انچارج آهي.
پروفيسر وُوسنگ ڪِم 06 جون 1959ع ۾ سيئول ۾ ڄايو. ھنن هانيانگ يونيورسٽيءَ مان ئي بيچلرز ۽ ماسٽرز ڪئي. پروفيسر ڪِم پي ايچ ڊي ’اتر ڪيرولينا يونيورسٽي آمريڪا‘ مان ڪئي. پروفيسر ڪِم مڪينيڪل انجنيئرنگ جي شعبي ۾ پروفيسر آهي، ان وقت هُو يونيورسٽي ۾ صنعتي رابطن جو ڊائريڪٽر پڻ هو. ڪجهہ وقت کان پوءِ پروفيسر هانيانگ يونيورسٽيءَ جو نائب صدر ۽ پوءِ صدر پڻ ٿيو. پروفيسر چند ڪتابن ۽ سوين تحقيقي اشاعتن جو مصنف آهي.
ٽيمپ ليب ۾ هيٺ ڏنل فيلڊز ۾ تحقيق ڪئي وڃي ٿي:
1. Modelling And Analysis Of Thermal Systems
2. Desalination
3. Carbon Capture
4. Bio Gasification
ان وقت ٽيمپ ليب ۾ ٻہ پاڪستاني ۽ پنج ڪورين شاگرد هئا.
1. بَيڪ چولو (ڪورين)
2. امبَي ڪُيو (هو ليب چيف هو)(ڪورين)
3. جيون ووجن (ڪورين)
4. محمد واجد سليم (ھو فيصل آباد پنجاب، پاڪستان جو ھو)
5. اسدالله (ھو فاٽا، پاڪستان جو ھو)
6. ام چن جنگ (ڪورين)
هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي تہ ڪوريا ۾ ذات پات جو نظام تمام عام آهي. ڪورين نالي کان اڳ ذات لڳائيندا آھن. جيئن منھنجي پروفيسر جي ذات ’ڪِم‘ هئي، ليب ميٽس جون ذاتون ’بَيڪ‘، ’اِم‘ ۽ ’جيون‘ ھيون. اعليٰ ڪورين ذاتون ’ڪِم‘، ’لِي‘ ۽ ’پارڪ‘ آھن. جيئن ’ڪِم جونگ ان‘ جيڪو اتر ڪوريا جو سربراھہ آھي. ھن جي ذات ’ڪِم‘ آھي.
بھرحال پھريان مان پاڪستاني ليب ميٽس سان مليم، ڇو تہ اهي ليب ۾ داخل ٿيندي ئي هڪ ڪنڊ تي ويٺا هئا. هنن مون کي ليب چيف ۽ ٻين ڪورين ليب ميٽس سان متعارف ڪرايو. ليب چيف لينڊ لائن تي پروفيسر کي فون ڪيو ۽ منھنجي اچڻ بابت ٻڌايو. پروفيسر هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ملڻ لاءِ چيو. ڪجهہ وقت ليب ۾ وقت گذارڻ کان پوءِ، مان ۽ ليب چيف پروفيسر جي آفيس ۾ وياسين. پروفيسر جي آفيس ٻي ڪنھن بلڊنگ ۾ هئي. پروفيسر مون کي ڪوريا اچڻ تي ۽ ليبارٽريءَ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار ڪيو، هنن مون کي محنت ڪرڻ ۽ وڌ کان وڌ ريسرچ پيپرز RESEARCH PAPERS شايع ڪرڻ جو چيو. پروفيسر ليب چيف کي چيو تہ مجيب کي ڪمپيوٽر ۽ ڪجهہ ڪتاب ڏي. پروفيسر ليب چيف کي اهو پڻ چيو تہ ھُو يونيورسٽيءَ جون سموريون گهرجون پوريون ڪرڻ ۾ منھنجي مدد ڪري.
پروفيسر سان ملاقات ڪرڻ بعد اسان مڪينڪل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي اسٽاف آفيس ۾ وياسين. ليب چيف مون کي اسٽاف سان متعارف ڪرايو، هنن مون کي هڪ شاگرد ڪارڊ فراهم ڪيو، جيڪو يونيورسٽيءَ جي سڀني بلڊنگز کي کولڻ، لائبريري مان ڪتاب ڪڍرائڻ ۽ ٽرانسپورٽ ڪارڊ طور بہ استعمال ڪري سگهجي ٿو. انھن مون کي يونيورسٽي رول نمبر، اِي ميل آءِ ڊي ۽ پاسوَرڊ بہ ڏنو. منھنجو رول نمبر 2016207449 هو. يونيورسٽي اِي ميل ۽ پاسوَرڊ يونيورسٽي آن لائن پورٽل لاءِ ھو. آن لائن پورٽل ذريعي سيمسٽر ڪورسز کي سليڪٽ ڪرڻ، سڀني مضمونن جا ليڪچرز، نوٽس ڊائون لوڊ ڪرڻ ۽ انرولمينٽ سرٽيفڪيٽ کان وٺي پي ايڇ ڊي جي ڊگريءَ تائين پرنٽ ڪري سگهجي ٿي.
ان کان پوءِ ليب چيف مون کي ليب پاسورڊ ۽ ڪجهہ ڪتاب ڏنا. هن مون کي چيو تہ اهي ڪتاب پڙھ، فورٽران (FORTRAN) سک ۽ ٽن مھينن اندر ٻئي ڪم پورا ڪر، پوءِ پروفيسر توکي تحقيق/ريسرچ شروع ڪرڻ جي اجازت ڏيندو. اهو توهان کي آگاهي ڏيڻ ضروري آهي تہ مون کي ڪلاس پڻ وٺڻا هئا ۽ ساڳئي وقت ليب جو ڪم پڻ ڪرڻو ھو. سومر کان جمعي تائين اسان جي باضابطه ليب ٽائمنگ صبح 9 وڳي کان رات 10 وڳي تائين هئي. منجهند جي مانيءَ جو بريڪ 12 وڳي ۽ رات جي ماني جو بريڪ 6 وڳي ھو. جڏهن تہ ڇنڇر تي ليب ٽائيم صبح 9 وڳي کان منجهند 12 وڳي تائين هو. ان کان پوءِ اسان ويڪ اينڊ جا مزا وٺي سگهندا ھياسين. ويڪ اينڊ جي خوشيءَ جو اصلي احساس ڪوريا ۾ ئي ٿيندو ھو. سڄو ھفتو ڪم ڪري پوءِ آرام ۽ گهمڻ جو مزو ئي پنھنجو ھو. گهمڻ جون بہ ايتريون جڳھيون جيڪي ختم ٿيڻ جو نالو ئي نہ وٺن ۽ گهمڻ ڦرڻ بہ سولو.
بھرحال ليب چيف مون کي سي پي يو، ايل سي ڊي، ڪِي بورڊ ۽ ماؤس ڏنو. هن مون کي ڪمپيوٽر سيٽ ڪرڻ، ونڊوز ۽ ٻيا سافٽويئر انسٽال ڪرڻ لاءِ چيو. ڪمپيوٽر کي سيٽ ڪرڻ منھنجي لاءِ تمام گهڻو مشڪل ھو، ڇاڪاڻ تہ منھنجو وزن گهڻو ھو. مان ٽيبل ھيٺيان وڃي نہ پيو سگهان. پاڪستاني ليب ميٽس مون کي ان حالت ۾ ڏسي کلن پيا. بھرحال وڏي ہمت کان پوءِ مان ڪمپيوٽر سيٽ ڪيو، پر انسٽاليشن وڏو ڪم هو. ليب ميٽس مون کي چيو تہ پھرين لائبريري مان سي ڊي وٺي اچ ۽ پوءِ انسٽاليشن ڪر. مان انسٽاليشن ۾ هڪ سينئر کان مدد ورتي، جنھن جو نالو جنيد اقبال هو، جيڪو عام طور امير صاحب طور سڃاتو وڃي ٿو. هن جو تعلق سکر سان ھو ۽ هُو ڪمپيوٽر جينيس (GENIUS) هو. هن عمل دوران مان محسوس ڪيو تہ مون کي سڀ ڪجهہ پنھنجو پاڻ ئي ڪرڻو آهي. پاڪستان ۾ آفيس ۾ مون وٽ ٻہ نائب قاصد ۽ هڪ اسسٽنٽ هو. تنھن ڪري شروعات ۾ ھتي اهو سڀ ڪجهہ پاڻ ڪرڻ تمام ڏکيو هو.
پروفيسر اسان سان هفتي ۾ هڪ ڀيرو ملاقات/ميٽنگ ڪندو ھو. جنھن ۾ اسين گذريل هفتي جي ڪارگذاري، هلندڙ هفتي جي پروگريس ۽ ايندڙ هفتي جي منصوبابنديءَ بابت بريفنگ ڏيندا ھئاسين. مون اهو محسوس ڪيو تہ هن هفتيوار ملاقات/ميٽنگ جي ڪري ئي مون کي وقت تي ڊگري مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ملي.
سال ۾ هڪ ڀيرو پروفيسر اسان کي ھائڪنگ تي وٺي ويندو هو. ھائڪنگ ٽڪرن ۽ جبلن تي چڙهائيءَ جو نالو آهي. ھائڪنگ، اسان جي پروفيسر جي پسنديدہ وندر يا شوق هو. ھائڪنگ کان پوءِ اسان گڏجي ماني کائيندا ھئاسين. جڏهن آئون پھريون ڀيرو ھائڪنگ لاءِ سڀني سان گڏ ويو هيس تہ مان مٿي تائين وڃڻ کان قاصر هيس. پروفيسر ۽ سڀئي ليب ميٽس مٿي پھچي ويا، پر مان تمام گهڻو پوئتي هيس. پروفيسر سڀني کي چيو تہ مجيب هتي نہ پھچي سگهندو، پر جڏھن مان رڙھي رڙھي مٿي پھتس تہ پروفيسر مون کي خوشيءَ مان ڏٺو، شاباش ڏنائين ۽ چيا ئين تہ، ”تو ڪري ڏيکاريو.“
ڪوريا ۾ رهڻ دوران منھنجو گهڻو وقت ليب ۾ ئي گذريو. اسان هڪ ڏينھن ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ ليب ۾ گذاريندا هئاسين. ليب ۾ پرنٽنگ جي سھوليت مفت هئي. اسان وٽ ليب ۾ فرج، اوون ۽ آرام لاءِ هڪ بسترو بہ ھو. تحقيق/ريسرچ کان پوءِ جيڪڏهن مٿي ۾ سور ٿئي تہ اسان وٽ چانھہ ٺاهڻ جو بندوبست بہ ھو. ليب ۾ سبز چانھہ ۽ ڪافي بہ مفت ۾ دستياب هئي.

ڪوريا ۾ رهڻ لاءِ اهم دستاويز

ڪنھن بہ ملڪ ۾ اچڻ کان پوءِ ڪجهہ اهم دستاويز اتي ٺھرائڻا پوندا آھن. اهڙي طرح ڪوريا اچڻ بعد اسان بہ هيٺيان دستاويز ٺھرايا.

رجسٽريشن ڪارڊ:
اهي ماڻھو جن کي ڪوريا ۾ گهڻو وقت گذارڻو ھوندو آھي، تن کي پنھنجو رجسٽريشن ڪارڊ جلد از جلد ٺھرائڻو پوندو آھي. رجسٽريشن ڪارڊ جيئن پاڪستان ۾ قومي شناختي ڪارڊ NIC آھي. ائين ئي ڪوريا ۾ ’اَيليَن رجسٽريشن ڪارڊ‘ (ARC) آهي. ARC ھر ھڪ شئي لاءِ ضروري گهربل ھوندو آھي، جھڙوڪ سيل فون يا موبائل، سم، انٽرنيٽ ۽ بينڪنگ وغيرہ. اهو ايلين ڪارڊ ظاهر ڪري ٿو تہ اسين ايلين آھيون معنيٰ اسان ڪوريا جو حصو نہ آهيون. جيئن هوليووڊ جي فلمن ۾ ڏسي سگهجي ٿو تہ ايلين ان مخلوق کي سڏجي ٿو، جيڪا ٻِي ڌرتيءَ کان اچي ٿي يا خلائي مخلوق. اڄڪلھ جڏھن مان ھي سفرنامو لکي رھيو آھيان تہ پرڏيھين ۽ خاص طور ڪجهہ پاڪستاني جن ۾ زاھد حسين ۽ ڊاڪٽر امان ﷲ جي پرزور اصرار تي ’اَيليَن رجسٽريشن ڪارڊ‘ کي ’فارينر رجسٽريشن ڪارڊ‘ جو نالو ڏيڻ جو ڪم ھلي رھيو آھي.
اَيليَن ڪارڊ لاءِ پھريان اسان کي سرڪاري ويب سائيٽ تي تاريخ ۽ وقت بڪ ڪرڻو پوندو. ان تاريخ ۽ وقت تي گهربل دستاويزن سان گڏ اميگريشن آفيس وڃڻو پوندو. گهربل دستاويزن جي لسٽ ھيءَ آھي:
1. يونيورسٽي جو داخلا سرٽيفڪيٽ
2. يونيورسٽي طرفان نڪتل اسڪالرشپ سرٽيفڪيٽ
3. ٽي بي ٽيسٽ رپورٽ
4. ڊارميٽري مينيجر کان رهائشي سرٽيفڪيٽ
5. پاسپورٽ
6. ويزا جي ڪاپي
7. سفيد پس منظر سان فوٽوگراف
8. 30000 وون فيس
9. درخواست فارم

جڏهن مون اميگريشن آفيس جو دورو ڪيو تہ مون کي اهو ڏسي حيرت لڳي تہ انھن وٽ منھنجي ڪوريا ۾ اچڻ کان وٺي سڄي ڊيٽا ھئي. اهو لازمي آهي تہ توهان اميگريشن آفيس کي ڪنھن بہ تبديلي بابت جھڙوڪ موبائل نمبر يا گهر جي ايڊريس جي تبديليءَ جي صورت ۾ ھنن کي جلد از جلد انفارم ڪرڻو آھي، نہ تہ توهان کي ڏنڊ ڏيڻو پوندو.

بينڪ اڪائونٽ:
ٻي اهم شئي جيڪا اسان کي ڪرڻي هئي، اھو ھو بئنڪ اڪائونٽ کولرائڻ. ڇو تہ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايچ اي سي) اسان کي بئنڪ اڪائونٽ ۾ پئسا موڪليندي ھئي. ڪوريا ۾ ڪجهہ خاص بينڪن جا نالا هي آهن:
• Central Bank
• Bank Of Korea
• Korea Development Bank
• Industrial Bank Of KoreA
• Nonghyup Bank
• Citibank Korea
• Keb Hana Bank
• KB Kookmin Bank
• Standard Chartered
• Shinhan Bank
• Woori Financial Group
• Woori Bank

مون پنھنجي يونيورسٽيءَ ۾ موجود ’شنھان بينڪ‘ ۾ اڪائونٽ کولرايو. اتي اڪائونٽ کولرائڻ بہ سوَلو ۽ سار سنڀال بہ سوَلي. اتي اي ٽي ايم مان توهان نہ صرف پئسا ڪڍرائي سگهو ٿا، پر ان ۾ جمع بہ ڪرائي سگهو ٿا. اتي مون ھڪ مشين ڏٺي، جيڪا سِڪن جي ڳڻپ ڪري ۽ ھر سِڪي جا الڳ الڳ بنڊل ٺاهي ڏيندي هئي.

انشورنس:
ڪوريا ۾ رهڻ لاءِ انشورنس ضروري آهي. ڇو تہ اتي ميڊيڪل فيسلٽي تمام گهڻي مھانگي آهي. اڪيلي ماڻھوءَ جي انشورنس فيس ساليانو هڪ لک وون، جڏهن تہ ھڪ خاندان جي انشورنس فيس ماھانو پنجاھہ هزار وون ھئي.

ميڊيڪل رپورٽ:
ڪنھن بہ ملڪ ۾ اچڻ کان پوءِ ڪجهہ ميڊيڪل رپورٽس ڪرائڻيون پونديون آھن. اهڙي طرح ڪوريا اچڻ ۽ هر ڇھن مھينن کان پوءِ اسان کي ٽي بي ٽيسٽون ڪرائڻيون پونديون ھيون.

سم ڪارڊ:
سم ڪارڊ خريد ڪرڻ جو سڀ کان سوَلو طريقو آن لائن خريد ڪرڻ آھي. ان کي آف لائن خريد ڪرڻ لاءِ ايئرپورٽ تي يا شھر جي موبائل سروس فراهم ڪندڙن طرفان هلندڙ دڪانن تان پڻ خريد ڪري سگهجي ٿو. ڪوريا ۾ موبائل سروس فراهم ڪندڙن ڪجهہ ڪمپنيون ھي آھن:
• KT (Korea Telecom) Olleh
• SKT
• LG U+

نصابي سرگرميون

7 مارچ 2016ع سومر کان اسان جا ڪلاس شروع ٿيا. مون پھرين سيمسٽر ۾ چار سبجيڪٽ چونڊيا. ٽن سبجيڪٽن جا استاد ڪورين پروفيسر هئا ۽ هڪ بنگلاديشي پروفيسر هو. مون کي بنگلاديشي پروفيسر جي ڪلاس ۾ پنھنجو پھريون ڏينھن ياد آهي، جئين آئون پنھنجي ٻن پاڪستاني ليب ميٽس سان گڏ ڪلاس ۾ داخل ٿيو هيس، ڪورين مون کي حيرت ۾ ڏٺو ھو ڇاڪاڻ تہ آئون ڏاڍو ٿلھو هيس. منھنجي هڪ پاڪستاني ليب ميٽ واجد سليم مون کي ٻڌايو تہ ڪورين تنھن جي باري ۾ ڳالھائي رهيا آهن تہ تون ٿلھو آهين. جيتوڻيڪ مون پنھنجن ٽن سالن ۾ ڪنھن ڪورين کي ھڪ ٻئي بابت ڳالھائيندي نہ ٻڌو. بھرحال مون کان سواءِ سڀئي ماڻھو فٽ ۽ سِلم هئا. اصل ۾ مان ڪلاس ۾ شاگردن وانگر نہ پيو لڳان، بلڪ استاد وانگر ڏسجي رهيو هيس. مون کي پنھنجا شروعاتي ڏينھن ياد آهن، جڏهن آئون انجنيئرنگ بلڊنگ 5 ۾ گهمندو هيس، ڪيترائي شاگرد مون کي هيلو پروفيسر چوندا ھئا. جنھن مان ثابت ٿئي ٿو تہ آئون عام شاگردن وانگر نہ هيس.
انھيءَ ئي ڏينھن تي آئون ڪيمپس جي جِم ۾ باقاعدہ شامل ٿيس ۽ روز جِم وڃڻ شروع ڪيو. مون هڪ سال ۾ پنھنجو وزن 105 ڪلوگرام کان 83 ڪلوگرام تائين پھچايو. ڪيمپس واري سنگت ۽ جڏهن آئون پاڪستان واپس آيس تہ هر ڪو منھنجي فٽنيس کي ڏسي حيران ھو.
پھريون سيمسٽر پي ايڇ ڊي دوران سڀني کان ڏکيو سيمسٽر هو. ھڪ سبجيڪٽ NUMERICAL ANALYSIS FOR PARTIAL DIFFERENTIAL EQUATION ايڏو ڏکيو لڳو، جو هڪ وقت مون اهو سوچيو تہ جيڪڏهن مان هي سبجيڪٽ پاس ڪري ويم تہ پوءِ مان ضرور پي ايڇ ڊي بہ ڪري ويندم. اهو پروفيسر ناسا ۾ ڪيترائي سال ڪم ڪري چڪو ھيو. هڪ ٻيو دلچسپ سبجيڪٽ جيڪو پھرئين سيمسٽر ۾ پڙهيو هو. ان جو نالو TURBULENCE MODELING هو. اھو مون لاءِ نئون سبجيڪٽ ھو. منھنجي ڄاڻ مطابق پاڪستان ۾ ان وقت اھڙي ڪا بہ يونيورسٽي نہ ھئي، جيڪا اهو سبجيڪٽ آفر ڪندي ھجي. اهو هڪ تمام مشڪل سبجيڪٽ هو، پر پروفيسر ڪوآپيريٽو هو. تنھن ڪري اسان انھي بابت گهڻو پريشان نہ ٿياسين. ٻئين سيمسٽر ۾ بہ ھڪ سبجيڪٽ دلچسپ ھو، جنھن جو نالو MICRO ELECTRO MECHENICAL SYSTEM ھو. منھنجيون ڪلاسز چوٿين سيمسٽر تائين جاري رهيون.
تقريبن هر هڪ سبجيڪٽ جي پنھنجي اھميت ھئي، پر هڪ سبجيڪٽ جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو، جنھن جو نالو انگريزيءَ ۾ ريسرچ پيپر پبلشنگ ۽ ريسرچ اخلاقيات هو. اهو سبجيڪٽ اسان کي سيئول ڪيمپس ۾ هڪ فرانسيسي پروفيسر ’ايڊم ٽرنر‘ طرفان پڙھايو ويو. پروفيسر ايڊم ٽرنر پھريون پروفيسر هو، جنھن اسان کي ھڪ لرننگ مينيجمينٽ سسٽم (LMS) سافٽويئر استعمال ڪرايو. اسان ايل ايم ايس منھنجي ٽئين سيمسٽر 2017ع ۾ تعليم لاءِ استعمال ڪيو ھو، هن ڪينواس کي ايل ايم ايس جي طور استعمال ڪيو ھو. اوھان کي ٻڌائيندو ھلان تہ آئون ڪرونا وائرس جي ڪري گهر ۾ رھندي، ھي سفرنامو لکي رھيو آھيان ۽ اسان سکيا واري انتظامي نظام کي منتقل ڪري رھيا آھيون تہ جيئن اسان آن لائن سکيا ڏئي سگهون. اها اسان جي وقت جي تقاضا آهي. پروفيسر ٽرنر ٽي سال اڳ اھو سافٽ ويئر استعمال ڪيو ھو، جيڪا ان وقت جي ضرورت نہ ھئي پر شوق ھو. پروفيسر ٽرنر اسان کي انگريزيءَ ۾ ريسرچ پيپر لکڻ ۽ پبلشنگ جا اصلي گُر سيکاريا.
اسان ھر سيمسٽر ۾ سيفٽي ڪورس پڻ ڪندا ھئاسين. انھن سبجيڪٽز کان علاوہ ھر سيمسٽر ويڪيشنز ۾ اسان لاءِ مفت ۾ ڪورين ڪلاسز پڻ منعقد ڪيا ويندا ھئا، جيئن اسان روزمرہ جي معاملات ۾ ڪورين ڳالھائي سگهون.
ڪوريا ۾ توهان ڪلاس ۾ ڪا بہ شئي پائي اچي سگهو ٿا، توهان کائڻ لاءِ ڪا بہ شئي کڻي اچي سگهو ٿا. پيئڻ لاءِ ڪجهہ بہ کڻي اچي سگهو ٿا. سواءِ بيئر کان ۽ موبائيل بہ استعمال ڪري سگهو ٿا. ڪو بہ ان تي ڪجهہ بہ نہ چوندو، پر توهان کي ڪلاس ۾ گوڙ نہ ڪرڻو آھي. مان پنھنجن تجربن ۽ احساسن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان تہ ڪورين شاگرد پنھنجي پروفيسر جي ڪيتري عزت ڪن ٿا. مون وٽ ان لاءِ لفظ ناهن. بدقسمتيءَ سان اسان جي معاشري ۾ استاد ۽ پروفيسر جي ايتري عزت ناهي ڪئي ويندي. ڪورين شاگرد پروفيسرن کان گهڻا سوال نہ پڇندا ھئا ۽ ان جو سبب ھوندو ھو استاد کان شرم ۽ ان جي عزت، پر ٻيا پرڏيھي شاگرد پروفيسرن کان گهڻا سوال پڇندا ھئا. هڪ ضروري ڳالھہ توهان کي ٻڌائيندو ھلان تہ ڪورين شاگرد گهڻو ڪري تعليمي سرگرمين ۾ ٻين شاگردن جا مددگار نہ ھوندا ھئا. جڏھن تہ ٻيا پرڏيھي شاگرد جھڙوڪ يورپين ۽ چيني مددگار هئا.
ڪلاسز دوران منھنجا ڪيترائي غير ملڪي دوست ٺھيا. انھن مان ’شنگ جنگ منگ‘ منھنجو هڪ تمام سٺو دوست هو. هُو ھڪ چيني هو ۽ هن جو پيءُ چين ۾ هڪ وڏو واپاري هو. هُو هڪ تمام سٺي دل جو ماڻھو هو. ھن مون کي ڪلاسز دوران پريشان ڏسي منھنجي مدد شروع ڪئي ۽ ائين اسان دوست ٿي وياسين. ھن مون سان ٽي سيمسٽر گڏ پڙھيا. ھو بہ ڊارميٽري 3 ۾ رھندو ھو. تنھن ڪري اسان جام ڪچھريون ڪندا ھئاسين ۽ گڏ گهمندا ھئاسين. ھن وٽ گاڏي بہ ھئي. هن مون کي ھڪ ڏينھن گڏهن جو ڪاروبار شروع ڪرڻ جي آڇ ڪئي. هن چيو تہ تون پاڪستان ۾ گڏهن جو بندوبست ڪر ۽ هُو اهي چين برآمد ڪندو. ھڪ گڏھ جو ملھ ٻہ لک چوي پيو. چين ۾ ان ھڪ گڏھ جو ملھ پنج لکن تائين ھو. مون کي ياد آھي ان وقت پشاور مان گڏھ گم ٿيڻ بہ شروع ٿيا ھئا.

ريسرچ

ريسرچ هڪ اھڙو موضوع آهي، جنھن تي مان ڪتاب لکي سگهان ٿو، پر آئون توھان کي بور نٿو ڪرڻ چاهيان. مان صرف توهان کي ڪجهہ ڳالھيون ٻڌائڻ چاھيان ٿو. جئين مون اڳ ۾ ٻڌايو تہ منھنجي پروفيسر مون کي ڪجهہ ڪتاب پڙھڻ ۽ فورٽران (Fortran) سافٽ ويئر سِکڻ لاءِ چيو ھو. مان ڪتاب پڙھڻ ۽ سافٽ ويئر سِکڻ کان پوءِ ليب چيف کي چيم تہ، ”ھاڻي ڇا ڪجي؟“
هن مون کي چيو، ”تون ايندڙ ميٽنگ/ملاقات ۾ پروفيسر کان پڇجانءِ.“
مان پروفيسر کي آگاه ڪيو تہ، ”مان ڪتاب ۽ سافٽ ويئر مڪمل ڪري چڪو آهيان.“
پروفيسر چيو تہ، ”ٺيڪ آ، تون ريسرچ شروع ڪر.“
مون پڇيو تہ، ”ڪيئن؟“
هن چيو، ”جيئن تنھنجي مرضي.“
مون کي ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ آيو تہ ان جو ڇا مطلب آهي؟ پر مون انھيءَ موضوع تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. جنھن ۾ مان ريسرچ ڪرڻ جو ارادو ڪري آيو هيس، جيڪو شمسي توانائيءَ سان لاڳاپيل هو. مون ٻن ٽن مھينن ۾ تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ ڪجهہ سافٽ ويئر استعمال ڪندي، ڪجهہ تمام قيمتي رزلٽ حاصل ڪيا. جڏهن مون پروفيسر کي نتيجا ٻڌايا تہ هن چيو تہ، ”پي ايڇ ڊي ڪرڻ ايترو آسان تہ ناهي ۽ اهو تنھنجي پي ايڇ ڊي لاءِ مناسب موضوع ناهي.“
ٻيھر پڇيم تہ، ”مان ڇا ڪري سگهان ٿو؟“
پروفيسر مون کي ھڪ جونيئر پروفيسر سان ملاقات ڪرڻ لاءِ چيو، جنھن جو نالو پروفيسر ’ينگ دَي ڪِم‘ (Prof. Young Deuk Kim) ھو.
انھن ڏينھن ۾ مان ڏاڍو پريشان ھيس. تقريبن ست مھينا گذري چڪا ھئا ۽ منھنجو ڪم پروفيسر رد ڪري ڇڏيو ھو. انھي پريشانيءَ دوران مان پنھنجي استاد ۽ ماسٽرز (M.E)جي سپروائزر پروفيسر ڊاڪٽر خانجي ھريجن کي فون ڪري سڄو احوال ڏنو. سائين مون کي چيو تہ پي ايڇ ڊي ۾ ائين ٿيندو آھي. سائين اسان جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيليءَ جا تجربا پڻ ٻـُڌايا ۽ اھو چيائون تہ پريشان نہ ٿي، بس ڪم ڪر، سڀ ڪجهہ ٽائيم سان ٿي ويندو.
پروفيسر ينگ دَي ڪِم، اسان جي ليب جو هڪ شاگرد هوندو ھو ۽ هن 10 سال اڳ هتان پي ايڇ ڊي ڪئي ھئي. پروفيسر ڪِم سعودي عرب کان پوسٽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ کان پوءِ ھانيانگ يونيورسٽيءَ جي مڪينيڪل انجنيئرنگ شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو هو. پروفيسر ڪِم ھڪ نوجوان پروفيسر ھو ۽ ھن کي پنھنجي ريسرچ ليب بہ ھئي، جيڪا توانائي ۽ ماحوليات جي ليب طور سڃاتي وڃي ٿي. مون پروفيسر جي هدايت مطابق ساڻس ملاقات ڪئي، پروفيسر مون کي چيو تہ، ”ڊيسالينيشن (DESALINTION) ۽ ڪاربن پڪڙڻ (CARBON CAPTURE) تي ڪم ڪر، ڇو جو اھي فيوچر ٽيڪنالاجيز آھن ۽ اسان جي ليب ۾ انھن تي ئي ڪم ٿئي ٿو.“
مون پروفيسر کي عرض ڪيو تہ، مون کي ڪجهہ وقت ڏيو تہ آئون فيصلو ڪري سگهان. ڪيترائي ريسرچ پيپر پڙهڻ بعد مون کي ڊيسالينيشن ڪافي دلچسپ محسوس ٿي ۽ پوءِ مون پروفيسر کي چيو تہ آئون پنھنجي ريسرچ ڊيسالينيشن ۾ ڪرڻ چاهيندس. ڊيسالينيشن هڪ اھڙو پروسيس آھي، جنھن ۾ سمنڊ جي پاڻيءَ کان يا نمڪيات واري پاڻي کان نمڪيات ڪڍي ويندي آھي، تہ جيئن پاڻي پيئڻ جي قابل ٿي سگهي.
جيئن مون ڊيسالينيشن پڙهڻ شروع ڪئي تہ خبر پئي تہ ان ۾ ڪيئي ٽيڪنالاجيز آهن. انھن مان ڪا ھڪ ٽيڪنالاجي چونڊڻ تمام ڏکيو هو. گهڻين پڙھڻ کان پوءِ مان ميمبرين (MEMBRANE) ٽيڪنالاجي کي چونڊيو ۽ ان ۾ خاص ميمبرين ڊسٽيليشن. لڳ ڀڳ ٽن مھينن تائين مان لٽريچر پڙهيو، پوءِ ايندڙ ٽن مھينن ۾ ميٽ ليبMATLAB سافٽ ويئر تي ان جي ماڊلنگ ڪئي ۽ يئين ھڪ سال پورو ٿي ويو. ٻئين سال ۾ مون ريسرچ ۾ خلا (Research Gap) کي ڳولڻ شروع ڪيو، خوش قسمتيءَ سان مون کي ريسرچ ۾ خلا جلدي ملي ويو ۽ مون ان تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، پوءِ مون پنھنجا ريسرچ پيپر لکڻ شروع ڪيا.
ھتي اھو ٻڌائيندو ھلان تہ چاچا پروفيسر ڊاڪٽر بدر سومرو مون کي پي ايڇ ڊي ريسرچ لاءِ ھڪ ڪتاب گفٽ ڪيو ھو، جيڪو ھن سڄي پروسيس ۾ ڏاڍو مددگار ثابت ٿيو. جيئن ئي مون ريسرچ پيپر لکڻ مڪمل ڪيا تہ مون اھي پيپر پروفيسر کي سندس جائزي لاءِ ڏنا. اتي ٻہ سال بہ پورا ٿيا. پروفيسر ريسرچ پيپر جائزي کان پوءِ سٺن جرنلز ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ چيو. ڪوريا مان پي ايڇ ڊي لاءِ اھو ضروري آهي تہ پھرين ليکڪ طور معتبر جرنلز ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي کان چار ريسرچ پيپر شايع ڪرڻ گهرجن. ان ڪري مون پنھنجي گهربل ضرورت کي وقت جي اندر مڪمل ڪيو ۽ پي ايڇ ڊي ڊيفينس ڏنو تہ جيئن آئون پنھنجي تحقيق ۽ سَنَدَ کي صحيح ثابت ڪري سگهان.
پي ايڇ ڊي ٻڌڻ ۾ بلڪل سوَلي لڳي ٿي، پر ائين ڪونھي. مون اسان جي ڪيترن ئي سينئرز کي پنھنجي پي ايڇ ڊي ڊگريءَ لاءِ مسجدن ۾ سڏڪا ڀريندي ڏٺو. جڏهن بہ مان انھن ماڻھن کي ڏسندو هيس تہ ڏاڍو پريشان ٿي ويندو ھيس. پي ايڇ ڊي بہ مون کي ڏاڍو ڏکيو وقت ڏنو، جيڪو آئون بيان نٿو ڪري سگهان. بس اھو ٻڌائڻ چاھيان ٿو تہ پي ايڇ ڊي محنت، مستقل مزاجي ۽ استقامت جو نالو آهي. جڏهن مان ڪوريا اچي رهيو هئس تہ مون هڪ پروفيسر سائين شوڪت علي ميمڻ سان ملاقات ڪئي، هنن مون کي اھو ئي چيو ھو تہ پي ايڇ ڊي مستقل مزاجي جو نالو آهي. ماڊلنگ کان وٺي ريسرچ خال تائين، نظرثاني ڪندڙ تبصرن تائين، پريزنٽيشن يا ڊفينس کان وٺي ڪميٽي ميمبرن جي راءِ تائين هر شئي بي انتھا مشڪل هئي. ماڊلنگ دوران مٿي ۾ ايترو سُور پوندو ھو جيڪو مان بيان نٿو ڪري سگهان. جيئن مٿي ۾ سُور پوندو ھو تہ ٿوري دير آرام ڪندو ھيم، اُٿي چانھ پِي وري ماڊلنگ ڪندو ھيم. اھو وقت تمام ڏکيو ھو.
ڊفينس جي ھڪ ھڪ سوال جي جواب ۾ ڏينھن لڳي ويندا ھئا. مون ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ليب ۾ ڪيتريون راتيون جاڳي گذاريون. ڊگري حاصل ڪرڻ سان گڏ ڪورين اسان کي سيکاريو تہ استادن جي عزت ڪيئن ڪجي؟ ڊسيپلين ڇا آهي؟ سخت محنت ڇا کي چئبو آهي؟ نظم و ضبط ڇا آهي؟ وقت جو قدر ۽ قيمت ڇا آهي؟ ۽ مستقل مزاجي ڇا کي چئبو آهي؟ اھي منھنجي لاءِ زندگيءَ ۾ سکڻ لاءِ وڏا سبق ھئا.

ھانيانگ فيملي

جيڪي پاڪستاني يونيورسٽيءَ ۾ پڙھندا ھئا ۽ جيڪي مسلم ڪچن استعمال ڪندا هئا، پوءِ اهي پاڪستاني هجن يا ڪنھن ٻئي ملڪ جا، مسلمان هجن يا غير مسلم، ھانيانگ فيمليءَ جو حصو ھئا. جيئن مون توهان کي اڳ ۾ ٻڌايو تہ جڏهن آئون ڪوريا ويو ھيس تہ تقريبن سئو پاڪستاني ۽ لڳ ڀڳ ڏھ پرڏيھي ھانيانگ فيمليءَ جو حصو ھئا. ھانيانگ فيمليءَ جو ھڪ صدر ۽ ٻہ ڪوآرڊينيٽر ھوندا ھئا، جيڪي اليڪشن ذريعي چونڊبا ھئا. ھانيانگ فيمليءَ جو ھڪ ڪميونٽي فنڊ پڻ ھوندو ھو، جنھن جو نالو ’فيملي فنڊ‘ ھو. هي فنڊ اصل ۾ ايمرجنسي ۾ فيمليءَ جي ماڻھن لاءِ استعمال ٿيندو هو، جھڙوڪ ميڊيڪل ايمرجنسي، ڪنھن کي پاڪستان وڃڻ جي ايمرجنسي وغيرہ.
ھائير ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) پاران 2012ع ۾ شاگرد ھانيانگ موڪلڻ شروع ڪيا ھئا ۽ 2016ع تائين ڪيترائي سينئرز يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪري چڪا هئا.

اسان کان اڳ گريجوئيٽ ٿيل سينيئرز:

 

نالو

تعلق

ڊپارٽمينٽ

نوڪري جو ھنڌ

ڊاڪٽر مصباح

پشاور

انڊسٽريل

UET PESHAWAR

ڊاڪٽر شہريار محسن قريشي

ڪراچي

انڊسٽريل

NED KARACHI

ڊاڪٽر محمد راشد

پنجاب

نينو مٽيريل

 

ڊاڪٽر محمد اجمل

پشاور

سول انجينيئرنگ

UET PESHAWAR

ڊاڪٽر عثمان اشفاق

پشاور

انجينيئرنگ سائنسز

GIKI SWABI

ڊاڪٽر محمد بلال منھاس

پنجاب

مڪينيڪل انجينيئرنگ

Atomic energy

ڊاڪٽر محمد آصف

پنجاب

مڪينيڪل انجينيئرنگ

 

ڊاڪٽر فخر

خيبرپختونخواه

فارميسي

 

ڊاڪٽر فھيم اعجاز

 

 

 

ڊاڪٽر عابد يوسف

پنجاب

فارميسي

 

ڊاڪٽر نعيم اقبال

ميانوالي

ڪيميڪل انجينيئرنگ

 

ڊاڪٽر عبدالباسط

بھاولپور

مٽيريل انجينيئرنگ

IST ISLAMABAD

ڊاڪٽر عزير

ھزاره

اليڪٽريڪل انجينيئرنگ

 

ڊاڪٽر احسان

ايبٽ آباد

اليڪٽريڪل انجينيئرنگ

 

ڊاڪٽر نذير سادي

ھزاره

ميتھميٽڪس

 

ڊاڪٽر اقبال قاسم

خيبرپختونخواه

اليڪٽرانڪس انجينيئرنگ

 

ڊاڪٽر وقار بيگ

ملتان

اليڪٽرانڪس انجينيئرنگ

 

ڊاڪٽر نعيم معروف

ھزارھ

اليڪٽرانڪس انجينيئرنگ

 

ڊاڪٽر زاہد شمسي

پنجاب

ميٿميٽڪس

 

ڊاڪٽر وسيم جتوئي

پنجاب

سول انجينيئرنگ

Uet Lahore

ڊاڪٽر ميان اشفاق

خيبرپختونخواھ

اليڪٽرانڪس انجينيئرنگ

Nust Islamabad

محمد سليمان

 

 

 

عمران نقوي

 

 

 

ڪاشف محمد

لاھور

ڪيميڪل انجينيئرنگ

 

ناصر سعيد

 

 

 


اسان جي وقت ۾ بہ ڪيترائي سينيئرز هئا. هن حصي ۾ آئون انھن سينيئرز، نياڻين، پرڏيھن، سنڌي سنگت ۽ ٻين دوستن بابت توھان کي ٻڌائيندم، ڇو تہ انھن جي ذڪر کان سواءِ ھي سفرنامو اڌورو آھي.

اسان جي دور جا سينئرز:

نالو: حسن حفيظ
تعلق: پنجاب
ڊپارٽمينٽ: ميٽالرجي ۽ مٽيريلز انجينيئرنگ
پنھجي پاران: قدآور شخصيت جو مالڪ، کِل مُک ۽ جونيئرز جو سٺو سپورٽر هو. ھُو ھنيانگ فيمليءَ جو صدر پڻ هو.


نالو: جنيد امتياز
تعلق: اسلام آباد
ڊپارٽمينٽ: اليڪٽرانڪس انجينيئرنگ
پنھجي پاران: هڪ تمام امير خاندان سان تعلق رکندڙ، انھيءَ ڪري ماڻھو کيس ايليٽ ڪلاس ۽ جَي (J) بہ سڏيندا هئا. جونيئرز جو سٺو سپورٽر ۽ ھر موقعي مھل ۾ مدد ڪندڙ هو. ھُو ھانيانگ فيمليءَ جي ھر پروگرام ۾ اڳيان اڳيان ھوندو ھو.
نوڪريءَ جو ھنڌBHARIA UNIVERSITY ISLAMABAD:

نالو: علي احمد انصاري
تعلق: ڪراچي
ڊپارٽمينٽ: ڪمپيوٽر انجينيئرنگ
پنھجي پاران: مزاح ۾ تمام سٺي مھارت رکندڙ، کاڌا رڌڻ جو بہ ماهر، جونيئرز جو سٺو سپورٽر ۽ ھر موقعي مھل ۾ مدد ڪندڙ هو. ھُو بہ ھانيانگ فيمليءَ جي ھر پروگرام ۾ اڳيان اڳيان ھوندو ھو.
نوڪريءَ جو ھنڌUIT KARACHI:

نالو: عمر سلمان
تعلق: ملتان
ڊپارٽمينٽ: فارميسي
پنھجي پاران: هڪ بھترين موٽيويٽر ھو ۽ سٺو مزاح بہ ڪندو هو. رڌ پچاءَ جو ماهر، ھُو بہ ھانيانگ فيمليءَ جي ھر پروگرام ۾ اڳيان اڳيان ھوندو ھو. عمر سلمان ٿلھو ھو، انھي ڪري ماڻھو کيس ’موٽا‘ بہ سڏيندا هئا. هُو علي احمد انصاريءَ جو بھترين دوست هو، انھن جي جوڙي ’موٽُو پتلُو‘ وانگر ھئي.

نالو: وحيد ارباب
تعلق: پشاور
ڊپارٽمينٽ: ڪمپيوٽر انجينيئرنگ
پنھجي پاران: هر قسم جون رانديون کيڏندڙ ۽ سڀني راندين ۾ ڀڙ، رڌڻ پچائڻ جو بہ ڪاريگر، تمام سٺي ڪورين ڳالھائي سگهندڙ، ڇاڪاڻ تہ هُو موبائلن جو ڪاروبار بہ ڪندو هو ۽ ھُو ھڪ سٺو موٽيويٽر ھو.
نوڪريءَ جو ھنڌ: MANSHERA UNIVERSITY

نالو: ارسلان عارف
تعلق: پشاور
ڊپارٽمينٽ: اليڪٽريڪل انجينيئرنگ
پنھجي پاران: جونيئرز جو سٺو سپورٽر، هر قسم جون رانديون کيڏندڙ ۽ انھن جو ماهر، ھن کي ڪوريا سان محبت ٿي وئي ھئي. اسان کان پوءِ بہ ھُو اڃان تائين اتي ئي آھي. مان مسلم ڪچن جي سيڪشن ۾ رات جي گروپ جو ذڪر ڪري آيم، ارسلان عارف ان رات واري گروپ جو اڳواڻ هو. عمير سيال، مشرف، بظت، اڪرام ڀائي ۽ ٻيا ڪيترائي وقتن فوقتن ھن گروپ ۾ شامل ٿيندا رھندا هئا. سندن گروپ رات دير تائين ڪچهريون ڪندو ھو. انھيءَ ڪري هن گروپ تي گهڻو ڪري پتي چوري ڪرڻ جو الزام لڳندو ھو. جتي هر ڪو پي ايڇ ڊي جي پريشانيءَ ۾ رهندو هو، پر هن گروپ کي ڏسي ائين لڳندو هو، ڄڻ ھي پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ نہ بلڪ پڪنڪ تي آيل ھجن، پر حقيقت اھا ھئي تہ ڪچن انھن سان ئي آباد ھو.
نوڪريءَ جو ھنڌGIKI SWABI:

نالو: جنيد اقبال
تعلق: سکر
ڊپارٽمينٽ: ميڪاٽرونڪس انجينيئرنگ
پنھجي پاران: ھانيانگ فيمليءَ ۾ ڪمپيوٽر ۽ آئي ٽي جي هر مسئلي جو ماهر، تبليغي جماعت جو امير بہ ھو، ان ڪري کيس سڀ امير صاحب چوندا ھئا.
نوڪريءَ جو ھنڌQUEST LARKANA:

نالو: دائود ادريس
تعلق: ڪراچي
ڊپارٽمينٽ: انڊسٽريل انجنيئرنگ
پنھجي پاران: پنھنجي بريانيءَ لاءِ مشھور ۽ ھانيانگ فيمليءَ جي ھر پروگرام ۾ اڳيان اڳيان ھوندو ھو.
نوڪريءَ جو ھنڌDUET KARACHI:

نالو: يوسف علي
تعلق: پشاور
ڊپارٽمينٽ: اليڪٽريڪل انجينيئرنگ
پنھجي پاران: ھرون ڀرون ڳالھيون ۽ تقريرون ڪرڻ جو وڏو شوقين، ھانيانگ فيمليءَ جو صدر پڻ رهيو. ھن پنھنجي صدارت دوران ڪجهہ اھڙا قدم کنيا، جنھن ڪري ان کي ھر محفل ۾ نشانو بڻايو ويندو ھو. ھن کي ’يوسف پريزيڊنٽ‘ سڏيندا ھئا. ھن سان سينئرز وڏيون تاديون ڪندا ھئا، پر ھن ڪڏھن بہ مائينڊ نہ ڪيو. يوسف جي مشھور چوڻي ھئي تہ ’ڪوريا جا ماڻھو وفادار ناھن، فروٽ ذائقيدار ناھن ۽ موسم جو ڪو اعتبار ناھي.‘
نوڪريءَ جو ھنڌ: GOMAL UNIVERSITY

ان کان سواءِ ڪيترائي سينيئر پڻ هئا:

نالو

تعلق

ڊپارٽمينٽ

نوڪري جو ھنڌ

محمد واجد سليم

فيصل آباد

ميڪينيڪل انجينيئرنگ

UET LAHORE

وقار امان

خيبرپختونخواه

فارميسي

 

سجاد

پنجاب

نينو مٽيريل

 

عالم زيب

خيبرپختونخواه

فارميسي

 

شھزاد گل

ڪراچي

اليڪٽرانڪسانجينيئرنگ

Dha suffa UNIVERSITY

حماد

ملتان

سول انجينيئرنگ

 

محمد شہزاد

پنجاب

اينٿروپولوجي

 

عرفان رياض

پنجاب

اليڪٽرانڪس انجينيئرنگ

Atomic energy

اويس

پنجاب

نينو مٽيريل

 

حضرت حسين

خيبرپختونخواه

نينو مٽيريل

 

عمر امين

ڪراچي

اليڪٽرانڪس انجينيئرنگ

 

خرم جاويد

فيصل آباد

اليڪٽرانڪس انجينيئرنگ

 

سلمان خالق

پنجاب

اليڪٽريڪل انجينيئرنگ

 

محمد ارسلان انصاري

ٽنڊالھيار

اليڪٽريڪل انجينيئرنگ

DUET KARACHI

عمر مصطفي

حيدرآباد

فارميسي

 

نادر

پنجاب

مٽيريل انجينيئرنگ

 

ياور

حيدرآباد

اليڪٽرانڪس انجينيئرنگ

NED KARACHI

ثاقب علي خان

ايبٽ آباد

اليڪٽرانڪس انجينيئرنگ

 

بابر رمضان

فيصل آباد

انڊسٽريل انجينيئرنگ

 

صفيان

حيدرآباد

اليڪٽرانڪس انجينيئرنگ

 

ثاقب ڀٽي

حيدرآباد

ٽيليڪميونيڪيشن انجينيئرنگ

DUET KARACHI

صابر شاھ بخاري

راڻيپور

اليڪٽريڪل انجينيئرنگ

SUKKUR IBA

عبدالڪريم شاھ (اي ڪي

ڪنڊيارو

ڪيميڪل انجينيئرنگ

DUET KARACHI

ميان امتياز (ھن جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ ئي سنگت سمجهي ويندي)

خيبرپختونخواه

اليڪٽرانڪس انجينيئرنگ

Uet Peshawar swabi campus

ڪاشف ميمڻ

حيدرآباد

اليڪٽرانڪس انجينيئرنگ

Bahawalpur

عادل انصاري

حيدرآباد

اليڪٽرانڪس انجينيئرنگ

QUEST LARKANA

سعد ميمڻ

حيدرآباد

انڊسٽريل انجينيئرنگ

MUET JAMSHOR

زوھيب ڪمبوھ

سکر

ميڪاٽرونڪس

QUEST LARKANA

اسد گورايا

گجرانوالا

ڪمپيوٽر انجينيئرنگ

 

محمد وقاص

اٿل، بلوچستان

فارميسي

 

عبيداللھ خان

خيبرپختونخواه

سول انجينيئرنگ

 

عبيد راجپوت

نواب شاھ

ڪمپيوٽر انجينيئرنگ

 

قاسم علي قريشي

ايبٽ آباد

اليڪٽريڪل انجينيئرنگ

SUKKUR IBA

تراب

پنجاب

سول انجينيئرنگ

 

ساجد خان

سکر

اليڪٽرانڪس انجينيئرنگ

SUKKUR IBA

ايوب

ڪوئٽا

اليڪٽريڪل انجينيئرنگ

BUITEMS QUETTA

نعمان بلوچ

ڪوئٽا

اليڪٽريڪل انجينيئرنگ

BUITEMS QUETTA

محسن علي

ايبٽ آباد

Telecom انجينيئرنگ

 

سلمان حبيب

لاھور

انڊسٽريل انجينيئرنگ

Uet Lahore

احسان احمد

ڪشمير

مٽيريل انجينيئرنگ

 

فيضان

ڪراچي

ڪيميڪل انجينيئرنگ

ned KARACHI

عابد

پنجاب

روبوٽڪس

Giki

بظت

ڪراچي

اليڪٽرانڪس انجينيئرنگ

 

مشرف

ڪراچي

اليڪٽرانڪس انجينيئرنگ

 

آصف حسين

ملتان

اليڪٽريڪل انجينيئرنگ

Umt Lahore

وقاص طور

صادق آباد

اليڪٽرانڪس انجينيئرنگ

Khawaj fareed uniVERSITY

RAHIK YAR KHAN

خرم جددون

ايبٽ آباد

اليڪٽرانڪس انجينيئرنگ

 

محمد ارسلان

پنجاب

مٽيريل انجينيئرنگ

 

عبدالمنان

پنجاب

ميڪاٽرونڪس

Uet lahore chakwal campus

تنوير

پنجاب

اليڪٽريڪل انجينيئرنگ

 

مدثر رضا

پنجاب

اليڪٽريڪل انجينيئرنگ

 

اڪرم

حيدرآباد

فارميسي

SINDH UNIVERSITY

شھيد

خيبرپختونخواه

فارميسي

 

شاھد عتيق

پنجاب

اليڪٽريڪل انجينيئرنگ

 

محمد عمير خان

ڪراچي

انڊسٽريل انجينيئرنگ

DUET KARACHI

آصف ملڪ

ملتان

اليڪٽريڪل انجينيئرنگ

 

وقار

پنجاب

اليڪٽريڪل انجينيئرنگ

 


نياڻيون:
ڪيتريون ئي نياڻيون ھانيانگ فيمليءَ جو حصو ھيون، جيڪي پي ايچ ڊي ڪنديون ھيون، جن جا نالا ھي آھن:

نالو

تعلق

ڊپارٽمينٽ

نوڪري جو ھنڌ

مس فضا عبيد

نواب شاھ

ڪمپيوٽرانجينيئرنگ

QUEST NAWABSHAH

مس اسما فسيع

حيدرآباد

ڪمپيوٽرانجينيئرنگ

MUET JAMSHORO

مس ثونيا

حيدرآباد

انڊسٽريل انجينيئرنگ

MUET JAMSHORO

مس ماريہ

ملتان

انڊسٽريل انجينيئرنگ

 

مس صبينا

پنجاب

ميتھميٽڪس

 

مس ثمر

حيدرآباد

ڪمپيوٽرانجينيئرنگ

MUET JAMSHORO

مس زينب

ايران

ڪمپيوٽرانجينيئرنگ

 

مس لبنا

ڪشمير

مٽيريل انجينيئرنگ

 

مس ايمن

پنجاب

مٽيريل انجينيئرنگ

 

مس آمنہ

پنجاب

نينومٽيريل

 

مس اقرا

پنجاب

انڊسٽريل انجينيئرنگ

 

مس ڪريما

گلگت

مٽيريل انجينيئرنگ

 

مس نوشين

پنجاب

فزڪس

 

مس ثمرينا

پنجاب

مٽيريل انجينيئرنگ

 

مس شانزہ

گجرانوالا

ڪمپيوٽرانجينيئرنگ

 


پرڏيھي:
ڪيترا ئي پرڏيھي شاگرد پڻ ھانيانگ فيمليءَ جو حصو ھيا:
انڊيا: جي ڪي سنڳ
انڊيا: نواج ملاني (مٽيريل انجينيئرنگ)
بنگلاديش: حميدالاسلام (ڪمپيوٽرانجينيئرنگ)
ايران: زينب (ڪمپيوٽرانجينيئرنگ)
مصر: احمد (مٽيريل انجينيئرنگ)
سوڊان: فتح ڪريمي (ڪمپيوٽرانجينيئرنگ)

سنگت:
ھن حصي ۾ سنڌي سنگت کان سواءِ ڪجهہ ٻي سنگت شامل آھي جنھن ۾ بيچميٽ ۽ ڪجهہ ٻيا شامل هئا. انھن مان ڪجهہ خاص دوستن جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو:

عمران احمد
عمران احمد لاهور جو هو پر پشاور ۾ آباد آھي. هو مڪينيڪل انجنيئر آهي پر انڊسٽريل انجنيئرنگ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هو. ھو منھنجو بيچميٽ ھو ۽ ھڪ عظيم ماڻھو آھي. هو پنھنجي عمل ۽ سرگرمين سان اسان جي چهرن تي مرڪون آڻيندو هو. گٽار وڄائڻ جو بہ ماھر هو. اسان ڪيترن ئي ڪلچرل ايوينٽز ۾ برگر گڏ وڪرو ڪيا.
نوڪريءَ جو ھنڌUET PESHAWAR :

محمد عمران
محمد عمران ملتان جو ھو. انڊسٽريل انجنيئر هو. ھُو بہ منھنجو بيچميٽ ھو ۽ اسان روم ميٽ بہ رھياسين. ماڻھو هن کي ’استاد‘ سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ تہ هُو MATLAB جو ماهر هو. هُو ھانيانگ فيمليءَ جو صدر بہ رھيو. محمد عمران ٻاڪرو گوشت کائڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جو شوقين هو. محمد عمران کي گوشت کائڻ واري ڪيٽيگري ۾ پلاٽينيم مليو ھو، مطلب تہ هُو اڪيلو ڪلن جا ڪلو گوشت کائي ويندو ھو.
نوڪريءَ جو ھنڌ NUST ISLAMABAD :

احسن انصاري
احسن انصاري حيدرآباد جو هو. هُو هڪ ڪمپيوٽر انجنيئر هو. احسن مھراڻ يونيورسٽي MUET ۾ منھنجو بيچ ميٽ هو ۽ مھراڻ يونيورسٽي MUET ۾ پڻ ڪم ڪندو ھو. اسان جون ڪوريا ۾ گهمڻ ۽ کائڻ پيئڻ جون کوڙ ساريون گڏيل يادون آهن.
نوڪريءَ جو ھنڌMUET JAMSHORO :

ضياءُ الرحمان
ضياءُ الرحمان لاهور جو هو. هُو هڪ ميڪاٽرونڪ انجنيئر هو ۽ روبوٽڪس ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هو. هُو حافظِ قرآن بہ ھو. هُو نمازن جي امامت بہ ڪندو هو. اسين آخري ڇھن مھينن ۾ ڪچن گروپ ۾ بہ گڏ ھئاسين.
نوڪريءَ جو ھنڌAIR UNIVERSITY ISLAMABAD:

محمد حفيظ
محمد حفيظ سوات جو هو. هو مائننگ انجنيئر هو. اسين آخري ڇھن مھينن تائين ڪچن گروپ ۾ بہ گڏ ھئاسين. حفيظ سان گڏ ڪوريا ۾ گهمڻ ۽ کائڻ پيئڻ جون کوڙ ساريون يادون آهن. حفيظ کي بہ گوشت کائڻ واري ڪيٽيگري ۾ پلاٽينيم مليو ھو.
نوڪريءَ جو ھنڌBUITEMS QUETTA:

عبدالمنتقم
عبدالمنتقم تونسه شريف ملتان جو هو. هُو مائننگ انجنيئر هو. ھن کي ماڻھو ’ناجي‘ سڏيندا ھئا. ھُو ڳالھائڻ جو ماھر ھو، پر ڪم چور ۽ ڏاڍو سست ھو. ھُو ڪچن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو ھوندو ھو.
نوڪريءَ جو ھنڌBUITEMS QUETTA:

اعجاز علي بھر
اعجاز علي لاهور جو هو. هو مٽيريل انجنيئر هو. منھنجو بيچميٽ بہ ھو ۽ اسان روم ميٽ بہ رھياسين. ڳالھائڻ ۽ تقريرون ڪرڻ جو ماھر ھو، پر پاڻ ڪم ڪرڻ کان لنوائيندو ھو. ھن جو اندازِ بيان طارق عزيز جھڙو ھو. اعجاز جو ھڪ قول مشہور ھو:
Massive success is the best revenge.

عمير سيال
عمير سيال، جهنگ پنجاب جو هو. روبوٽڪ انجنيئر هو. ڏاڍو قدآور ھو. ھن کي ماڻھو ’ملنگي‘ سڏيندا ھئا. تمام ذھين ۽ يارن جو يار ھو.
نوڪريءَ جو ھنڌ: UET LAHORE
ان کان علاوہ ٻي سنگت ھيءَ ھئي:

نالو

تعلق

ڊپارٽمينٽ

نوڪري جو ھنڌ

اسد

فاٽا

ميڪينيڪل انجينيئرنگ

BUITEMS QUETTA

عمير خان

پشاور

انڊسٽريل انجينيئرنگ

UET PESHAWAR

اسد گورايا

گجرانوالا

ڪمپيوٽرانجينيئرنگ

 

وقاص اقبال

فيصل آباد

انڊسٽريل انجينيئرنگ

 

نعمان ستار

فيصل آباد

سول انجينيئرنگ

UET LAHORE

مھران

پشاور

انڊسٽريل انجينيئرنگ

 

بابر جميل

ايبٽ آباد

روبوٽڪس

 

احمد

فيصل آباد

ميڪا ٽرونڪس

 

جميل احمد

ڪوئٽا

اليڪٽرانڪس انجينيئرنگ

BUITEMS QUETTA

ہاشم

پنجاب

مٽيريل انجينيئرنگ

 

شيراز

فيصل آباد

ميڪا ٽرونڪس

 

عثمان

پنجاب

ميڪا ٽرونڪس

 

وقاص احمد

لاھور

انڊسٽريل انجينيئرنگ

Nust ISLAMABAD

ميان طيب

لاھور

انڊسٽريل انجينيئرنگ

Uet Lahore

سنڌي سنگت:
ھانيانگ ۾ ’سنڌي سنگت‘ جو بہ گروپ ھو. ڪيترائي سنڌي سينيئر هئا، جن سان اسان گهڻو وقت نہ گذاريو، انھن جو ذڪر مان سينئرز واري سيڪشن ۾ ڪري آيم. باقي اسان جي سنگت جو ذڪر ھن سيڪشن ۾ ڪيان ٿو. شروع سيد سڳورن سان ٿا ڪريون، ڇو جو اسان جي دؤر ۾ ڪيمپس انھن سان ڀريل هو:

عبدالڪريم شاھہ (اي ڪي)
عبدالڪريم شاھہ بنيادي طور ڪنڊياري جو هو. ھُو ڪيميڪل انجنيئر ھو. اي ڪي مھراڻ يونيورسٽي MUET ۾ منھنجو بيچ فيلو ۽ سٺو دوست رھيو ھو. اي ڪي ڏاڍو سٺو ۽ تمام سادو ماڻھو هو. هُو ايترو تہ سادو هو، جنھن جي ڪري سڀئي کيس ’مولائي‘ چوندا ھئا. اي ڪي ڏاڍو محنتي ھو. سڀني کي ڀليڪار ڪندو هو. مان اي ڪي سان ھن جي ليب ۾ رات دير تائين ويھندو ھيس. تڏھن ھو 1990ع جا انڊين گانا ھلائي فائنل ٿيسز لکندو ھو ۽ مان چانھ ٺاھيندو ھيس. اي ڪي ڪڏهن بہ ڪنھن کي انڪار نہ ڪندو ھو. هو سدائين اسان سان ھر جاءِ تي گڏ گهمڻ لاءِ تيار هوندو هو. اي ڪي بس يارن جو يار ھو. ھُو ليب ۾ ڪنھن ڪيميڪل پروسيس تي ڪم ڪندو هو، تنھن ڪري سدائين پمپ جي سار ھوندي ھيس. جڏهن بہ اسان پڇيوسين تہ اي ڪي ڪيڏانھن وڃي رهيو آهين؟ جواب ڏيندو هو، ”يار پمپ ھلائڻ.“
نوڪريءَ جو ھنڌـ: DUET KARACHI

صابر حسين شاھ بخاري:
صابر حسين شاھ بخاري، ’بخاري‘ نالي سان مشھور هو. بخاري راڻيپور جو ھو. اليڪٽريڪل انجنيئر هو ۽ يونيورسٽيءَ جي چند ماڻھن مان هڪ ھو، جيڪي پروفيسر اسڪالرشپ تي آيا ھئا. هُو اسان جي يونيورسٽيءَ جي مشڪل ترين ليب ۾ هو. هُو غير معمولي باصلاحيت ۽ تحقيقي پيپر ڇاپيندڙ مشين هو. ڪرڪيٽ جو سٺو رانديگر هو. هو هڪ عام چرچائي ھو پر جڏهن بہ ڪو چرچو ھڻندو ھو تہ پنھنجو پاڻ ڏاڍو کلندو ھو. بخاري مون سان ڪچن گروپ ۾ بہ گڏ ھو. بخاري بہ منھنجو سٺو دوست رھيو.
نوڪري جو ھنڌـ: SUKKUR IBA

احمد علي شاھ (فارميسي):
احمد علي شاھ حيدرآباد جو ھو. ھو فارميسي جو گريجوئيٽ ھو. اسان وٽ ٻہ احمد علي شاھ ھئا ۽ ڇو جو ھي فارميسي جو ھو، ان ڪري ھن کي ’فارميسي‘ چوندا ھئاسين. ھو وقت جو وڏو حساب ڪتاب رکندڙ ھو. مثال طور مانيءَ جو وقت هڪ ڪلاڪ فڪس هو، پر هُو 20 منٽن اندر ماني کائي ڇڏيندو هو ۽ ليب ھليو ويندو ھو. ھن جو جِم جو وقت بہ مقرر هو. ھُو گهڻو ڳالھائيندو بہ نہ ھو، تہ وقت ضايع نہ ٿئي. ھُو ڏاڍو جذباتي ھو. تڪڙي ماني پچائڻ ۾ ھن جو ريڪارڊ ڪير بہ نہ پڄي سگهندو.
نوڪريءَ جو ھنڌـ: SINDH UNIVERSITY

احمد علي شاھ (نينو):
احمد علي شاھ سکر سان تعلق رکي ٿو. اصل ۾ ھُو هڪ اليڪٽرانڪس انجنيئر هو پر هو نينو مٽيريل ۾ پي ايچ ڊي ڪري رهيو هو. اهو ئي سبب ھو تہ اسين کيس ’نينو‘ سڏيندا هئاسين. نينو وقت بچائڻ لاءِ گهڻي سائيڪل جي سواري ڪندو هو. هن جي خريداري جو وقت هفتي ۾ هڪ ڀيرو طئي ٿيل هو. ھن جو تڪيو ڪلام ’دوستو‘ ھو.
نوڪريءَ جو ھنڌـ: SUKKUR IBA

سبب علي شاھ:
سبب علي شاھ سڪرنڊ جو هو. هو هڪ زرعي انجنيئر هو. سبب، ھر شئي سکڻ ۾ وڏي دلچسپي وٺندو ھو. ھن جو تڪيو ڪلام ’ھوشيار آھيو‘ ھو.
اِھي سيد سڳورا ھئا. ٻي سنگت ھيءَ ھئي.

نواب فصيح قريشي:
نواب فصيح قريشيءَ جو تعلق حيدرآباد سان هو. سائين ڪمپيوٽر انجنيئر هو. پاڪستان ۾ نادرا ۾ ڪم ڪندو هو، پوءِ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ ڪوريا آيو. ھو ھڪ ٻي يونيورسٽيءَ ۾ پي ايچ ڊي ڪندو ھو، پر اسان جي يونيورسٽيءَ جي ڀرسان رهندو هو. ھُو ڳالھين جو ڳھير ھو. سائين اسان سان کوڙ وقت گڏ گذاريو. بگ ڊيٽا سائين جو ريسرچ ٽاپڪ ھو، تنھن ڪري سائين کي دوست ’بگ ڊيٽا‘ چوندا ھئا. سائين تمام پيارو ماڻھو ھو.
نوڪريءَ جو ھنڌـ:SKKU KOREA

عبدالرحيم انصاري:
عبدالرحيم انصاري حيدرآباد جو هو. هُو بائيو ميڊيڪل انجنيئر هو. آن لائن شاپنگ ۽ برياني ٺاهڻ جو ماهر هو، پر هو بہ گهڻو سست هو. هو ٻن ٻن ڏينھن تائين سمھندو ھو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽوائلٽ ۾ فيسبڪ استعمال ڪندي گذاريندو ھو. عبدالرحيم مون کي آن لائن نئين سائيڪل بہ وٺي ڏني ھئي، جيڪا ستر هزار وون ۾ ملي ھئي. اھا سائيڪل اسيمبل بہ انصاري ڪري ڏني ھئي، ڇو تہ ڪوريا ۾ سائيڪل اسيمبل ٿيل نہ ملندي آھي. اسيمبل جا بہ الڳ پئسا ھوندا ھئا، ڪوريا ۾ ليبر ورڪ ڏاڍو مھانگو آ.
نوڪريءَ جو ھنڌ:MUET JAMSHORO

سنيل ڪمار:
سنيل ڪمار بنيادي طور عمرڪوٽ جو ھو، پر ڪراچيءَ ۾ آباد هو. هُو اليڪٽريڪل انجنيئر هو. ھو بہ برياني ٺاهڻ جو ماھر ھو. سنيل اسان جي سنگت ۾ سڀنن کان ھينڊسم ھو.
نوڪريءَ جو ھنڌ:GIKI SWABI

جواد سريوال:
جواد سريوال جو تعلق ٽنڊي الھيار سان هو. هو اليڪٽريڪل انجنيئر هو ۽ پڙھائيءَ ۾ غير معمولي ھوشيار هو. ھُو سائنٽفڪ موضوعن تي سٺي ڄاڻ رکندڙ ۽ بحث ڪندڙ هو، پر ٻين ڪمن ڪارن ۾ صفا سست ھو. ھن جو قد ننڍو ھو ۽ جسامت سنھي ھئس، تنھن ڪري ماڻھو ھن کي ’ڪمانڊو‘ چوندا هئا، پر ھُو هڪ پرخلوص انسان هو.
نوڪريءَ جو ھنڌ:BBSUTSD KHAIRPUR

حريف ڪيريو:
حريف ڪيريو، سڪرنڊ جو هو. ھُو انرجي ۽ ماحوليات جو انجنيئر ھو ۽ هُو اسان جي گروپ ۾ ھڪ عاشق مزاج ماڻھو هو.

سلمان ميمڻ:
سلمان ميمڻ حيدرآباد جو ھو. هُو پيٽروليم انجنيئر هو ۽ مھراڻ يونيورسٽي MUET ۾ منھنجو شاگرد بہ ھو. اسان ڪوريا ۾ ليب ميٽ ھئاسين. سلمان اينيميٽيڊ فلمن ۽ گانن جو وڏو شوقين ھو.

صدام سومرو:
صدام سومرو لاڙڪاڻي جو ھو. هُو هڪ مڪينيڪل انجنيئر هو ۽ مھراڻ يونيورسٽي MUET ۾ منھنجو شاگرد بہ ھو. اسان ڪوريا ۾ ليب ميٽ ھئاسين.

عرفان خٽڪ:
عرفان خٽڪ سانگهڙ جو ھو. هُو انڊسٽريل انجنيئر هو ۽ مھراڻ يونيورسٽيءَ MUET ۾ منھنجو شاگرد بہ ھو. عرفان تمام سٺو بالر ھو. پٺاڻ ھو ان ڪري جذباتي ھو. ڪيترو بہ سمجهہايوس پر اثر ڪجهہ نہ ٿيندو ھئس.

عمير سولنگي:
عمير سولنگي جو تعلق حيدرآباد سان هو. عمير قائد عوام يونيورسٽيءَ جو گريجوئيٽ ھو ۽ قائد عوام يونيورسٽي لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ھو. هُو اليڪٽريڪل انجنيئر هو.

جونيئرز:

نالو

تعلق

ڊپارٽمينٽ

بلال

فيصل آباد

سول انجينيئرنگ

جهانزيب

فيصل آباد

سول انجينيئرنگ

 گوھر

فاٽا

مٽيريل انجينيئرنگ

محسن

ڪوئٽا

ڪمپيوٽر انجينيئرنگ

ابتسام

پنجاب

 اليڪٽرانڪس انجينيئرنگ

غلام مصطفي

پنجاب

انڊسٽريل انجينيئرنگ

منصور

پنجاب

اليڪٽرانڪس انجينيئرنگ

سميع

ڪوئٽا

ڪمپيوٽر انجينيئرنگ

قاسم

پنجاب

اليڪٽرانڪس انجينيئرنگ

رضوان

پنجاب

انڊسٽريل انجينيئرنگ


ھانيانگ المنائي:
ھتي اھو ٻڌائڻ لازمي آھي تہ اسان جو رشتو پاس آئوٽ ڪرڻ کان پوءِ بہ تمام مضبوط آھي. اسان جي المنائي جا گروپ فيسبڪ، واٽس ايپ ۽ ڪاڪائو تي آھن، جتي سڄو ڏينھن ڪچھري ھلندي آھي. ان کان سواءِ وقتن فوقتن گڏجاڻيون پڻ ٿينديون آھن.

سادونگ ۾ رولاڪي

مان توھان کي اڳي ئي ٻڌايو ھو تہ اسان جي يونيورسٽي سنگنوڪگو جي سادونگ ايريا ۾ واقع آھي. سادونگ ۾ ڪيترائي دڪان، ڪيفي (ڪافي شاپس) ۽ ريسٽورنٽ هئا. خاص طور هتي اسان لاءِ ھڪ دڪان LUCKY MART ھو، جيڪو ’مائي شاپ‘ نالي سان مشھور هو.
جڏهن شروعاتي دور ۾ پاڪستاني شاگرد هتي آيا ھئا تہ اھي لڪي مارٽ کان حلال گوشت، مصالحا ۽ چانھہ جي پتي وٺندا ھئا. اھو واحد دڪان ھو جنھن وٽ حلال گوشت، مصالحا ۽ چانھہ جي پتي ھوندي ھئي. دڪان جي مالڪ هڪ 80 ورھين جي ڪورين خاتون هئي، ان ڪري انھي دڪان کي ’مائي شاپ‘ سڏيندا ھئا. اسان پڻ انھي دڪان تان خريداري ڪندا ھئاسين. مان توھان کي ڪجهہ مکيہ شين جون قيمتون ٻڌائيندو ھلان.
• ڪڪڙ 5000 وون يا 500 پاڪستاني رپيا في ڪلو
• بيف 13000 وون يا 1300 پاڪستاني رپيا في ڪلو
• ليمب 18000 وون يا 1800 پاڪستاني رپيا في ڪلو
• ٽماٽا 5000 وون يا 500 پاڪستاني رپيا في ڪلو
• چانھہ جي پتي 8000 وون يا 800 پاڪستاني رپيا في ڪلو
• ڪڻڪ 1000 وون يا 100 پاڪستاني روپيا في ڪلو
• ڪوڪنگ جو تيل 5000 وون يا 500 پاڪستاني رپيا في ليٽر
• صوف 5000 وون يا 500 پاڪستاني رپيا في ڪلو
• انڊا 1000 وون يا 100 پاڪستاني رپيا درجن
سادونگ ۾ ڪيترائي پيزا جا دڪان هئا جھڙوڪ ’پيزا ھَيوِن‘، ’مسٽر پيزا‘، ’پيزا هٽ‘ ۽ ’اسڪول پيزا‘. اسڪول پيزا جا پيزا سستا ترين ھئا. ھڪ چيز پيزا جي قيمت 7000 وون يا 700 پاڪستاني رپيا ھئي. اسان اڪثر ڪري چيز پيزا، شرمپ (جهينگا) پيزا ۽ ويجيٽيبل (سبزي) پيزا کائيندا ھئاسين.
هتي هڪ دڪان جنھن جو نالو Pomme Frites ھو. اتي مشھور فنگر فرائيز (چپس) ملندا ھئا. هڪ ننڍڙي چپس باڪس جي قيمت 10000 وون يا 1000 پاڪستاني روپيا ھئي.
هتي هڪ ميڪسيڪن ريسٽورنٽ بہ ھو جنھن جو نالو Dosmas ھو. اھو ھڪ فاسٽ فوڊ ريسٽورنٽ ھو، اسان اتان بريٽو کائيندا ھئاسين. بريٽو رول وانگر هو. جنھن ۾ هو چانور، چپس ۽ سبزي وجهندا ھئا. انھي جي قيمت 5000 وون يا 500 پاڪستاني روپيا ھئي. ميڪسيڪن بريٽو ڏاڍو اسپائسي ھوندو ھو.Dosmas ۾ مون پھريون ڀيرو آرڊر مشين تي ڪيو ھو. جيڪي مشينون اڄڪلھ پاڪستان ۾ ڪجهہ ريسٽورنٽز تي دستياب آھن.
مشھور سب وي بہ ھو جتان توھان پنھنجي مرضي جا سينڊوچ ٺھرائي سگهو ٿا. ھتي مشھور ٽوسٽ جو دڪان بہ ھو جنھن جو نالو ’آئيزيڪ‘ (ISAAC) ھو. سادونگ ۾ مشھور اسٽاربڪز ڪافي Starbucks شاپ بہ هئي. مشھور ’ايديا ڪافي شاپ‘ بہ ھو.
هتي جوس جو هڪ مشھور دڪان پڻ هيو، جنھن کي جوسي سڏبو ھو. هڪ مشھور بيڪري بہ ھئي، جنھن جو نالو ’پيرس بيگوئيٽ‘paris Baguette ھو.
يونيورسٽيءَ جي ڀرسان هڪ هندوستاني حلال ريسٽورنٽ بہ هو، جنھن جو نالو ’ڪنزا انڊين ريسٽورنٽ‘ ھو. ڪوريا ۾ حلال ريسٽورنٽز ۾ حلال کاڌو تمام مھانگو هوندو هو.
سادونگ ۾ ڪيتريون ئي سيلون هيون، جيڪي ٻنھي جنسن لاءِ هيون. گهڻو ڪري عورتون ھيئر ڊريسر ھيون. عام وارن جي ڪٽنگ جا چارجز 8000 وون يا 800 پاڪستاني رپيا ھئا.
هتي يونيورسٽيءَ جي ويجهو هڪ سوئمنگ تلاءُ پڻ هو. جتان مان بہ ترڻ سکيس.
يونيورسٽيءَ جي ويجهو ڪيترائي سنوڪر جا دڪان هئا، جتي اسان سنوڪر کيڏندا هئاسين.
سادونگ ۾ ڪيترائي پارڪ هئا، پر اَنسان ليڪ پارڪ مشھور هو. سادونگ ۾ پاڻي وارو وهڪرو پڻ هو، جيڪو جبلن مان ايندو ھيو ۽ سادونگ پار ڪري سمنڊ ۾ وڃي ٿو. ان وهڪري تي تقريبن 10 ڪلوميٽرن تائين واڪنگ ۽ سائيڪلنگ ٽريڪ هو.
اسان جي ڪيمپس ڀرسان ٽي سب وي اسٽيشنون آھن؛ ھندي آپ، سنگنو ڪسو ۽ جُنگانگ. ڪيمپس کان مختلف بسون ٽنھي سب وي اسٽيشنن تائين وينديون ھيون. ڪيمپس جي بس صرف ھندي آپ ويندي ھئي، جيڪا بس اسان لاءِ مفت ھئي. بسن جو ڀاڙو عام طور 1200 وون هو. بسن ۽ سب وي جي ڀاڙي جو سسٽم پاڻ ۾ ڳنڍيل آھن. جيڪڏهن توهان بس ورتي ۽ بس ڇڏڻ کان 30 منٽن اندر سب وي ورتي تہ پوءِ ڪا بہ في چارج نہ ڪئي ويندي ھئي.
ڪيمپس جي شٽل ھندي آپ کان پوءِ لوٽي ۽ ھومپلس ويندي ھئي. لوٽي ۽ ھومپلس وڏا شاپنگ مال آھن ۽ انھن جي چَين پوري ملڪ ۾ آھي. لوٽي ۽ ھومپلس ۾ اڪثر پاڪستاني خريداري گهٽ پر گهمڻ گهڻو ويندا ھئا. ٻنھي مالز ۾ ڪيئي ريسٽورنٽ پڻ ھئا. لوٽي ۾ سئنيما ۽ ٻارن جي کيڏڻ جو ايريا بہ ھو.
اسان اڪثر واڪ ڪري جُنگانگ ويندا ھئاسين، جيڪو اسان جي ڪيمپس کان تقريبن اڌڪلاڪ (30 منٽن) جو پنڌ ھو. جُنگانگ ڪيترن ئي دڪانن، ڪيفي، بارز ۽ ريسٽورنٽز سان ڀريل هڪ جديد شھر هو. مشھور ريسٽورنٽز ۾ ’ايشلي‘ (بفيٽ ريسٽورنٽ)، ’سشي ريسٽورنٽ‘، ’پيزا ھٽ‘، ’لوٽيريا‘، ’مڪڊونلڊز‘، ’برگر ڪنگ‘ ۽ ’باسڪن روبن‘ شامل ھئا. جُنگانگ ۾ سي جي وي سئنيما پڻ ھئي. اسان بالنگ ڪرڻ ۽ بيس بال کيڏڻ لاءِ بہ جُنگانگ ڏانھن ويندا ھئاسين.

غير نصابي سرگرميون

ڪئمپس ۽ ڪئمپس کان ٻاھر بي انتھا غير نصابي سرگرميون منعقد ڪيو وينديون ھيون ۽ سڀ انھن ۾ حصو وٺندا ھئا. انھن ۾ حصو وٺڻ سان ريسرچ جي پريشاني ۽ ٽينشن کان ڇٽڪارو ملندو ھو. اھي سرگرميون ھانيانگ يونيورسٽي، ھانيانگ فيملي، ڪوريا ۾ پاڪستاني ڪميونٽيز، ڪورين گورنميٽ ۽ غير سرڪاري ادارا منعقد ڪرائيندا ھئا.

• ھانيانگ يونيورسٽي فيسٽيولز
ھانيانگ يونيورسٽي طرفان ھر سال فيسٽيولز منعقد ڪيا ويندا ھئا. ھر سيمسٽر جي آخر ۾ اسپيشل فيسٽيول منعقد ڪيو ويندو ھو، جنھن ۾ ڪوريا جا نالي وارا سنگر گهرايا ويندا ھئا. ھڪڙي فيسٽيول ۾ ڪوريا جو مشھور سنگر ’سائي‘ (PSY) پڻ آيو ھو، جنھن جو گانو GANGNUM STYLE سڄي دنيا ۾ مشھور آهي. کائڻ پيئڻ جا اسٽال لڳايا ويندا ھئا. فنڪشن ھڪ واحد موقعو ھوندو ھو، جنھن ۾ ڪورين شاگردن کي ڪئمپس ۾ شراب پيئڻ جي اجازت ھوندي ھئي. فيسٽيولز ۾ ھزارين شاگرد توڙي ٻاھريان ماڻھو پڻ ايندا ھئا، پر مون انھن فيسٽيولز ۾ ڪڏھن بہ ڪا افراتفري نہ ڏٺي. ان کان علاوہ بہ ٻيا فيسٽيولز منعقد ڪرايا ويندا ھئا، جنھن ۾ مسلمانن کي بہ پنھنجي ثقافت ۽ کاڌن جي نماءُ جا موقعا ملندا ھئا. انھن فيسٽيولز ۾ ڊارميٽري فوڊ فيسٽيول اسان لاءِ اھم ھوندو ھو. ان فيسٽيول ۾ شاگرد پنھنجي ھٿ سان کاڌا ٺاھي ھڪ ٻئي سان ونڊيندا ھئا. مون بہ اھڙن ڪيئي فيسٽيولز ۾ شرڪت ڪئي. ان کان علاوہ اينڊ ايئر پارٽي ۽ ٻيون کوڙ غير نصابي سرگرميون منعقد ڪيون وينديون ھيون. جيئن مان توھان کي اڳ ۾ ئي ٻڌايو تہ ھانيانگ فيملي ڪئمپس ۾ رهندڙ ماڻھن جي وچ ۾ هڪ رشتو هو. هي فيملي ڪيترين ئي مذهبي سرگرمين، ثقافتي سرگرمين، قومي ڏينھن، فيئرويل، جنم ڏينھن ۽ راندين جي پروگرامن کي منعقد ڪندي هئي.

• مذهبي سرگرميون
هي فيملي هر قسم جا مذهبي پروگرام جھڙوڪ عيدالفطر، عيدالاضحيٰ، رمضان، عيد ميلادالنبي ۽ عاشورا ملھائيندي هئي. اتي سڀني فرقن جا ماڻھون گڏ نماز پڙھندا ھئا ۽ سڀنن فرقن ۾ محبت ۽ اتحاد ھو. منھنجي خواهش آهي پاڪستان ۾ پڻ سڀنن فرقن ۾ ائين ئي محبت ۽ اتحاد ھجي، پر تعصب جي بُو اتي بہ محسوس ٿي. مذهبي سرگرمين جي لاءِ سڀ گڏ ٿيندا ھئا. ھانيانگ فيملي سڀنن پروگرامن لاءِ مختلف کاڌا رڌيندي هئي. سڀئي شاگرد پروگرامن کي ترتيب ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا هئا. غير مسلم دوستن سان گڏ ھولي بہ ملھائبي ھئي.

• ثقافتي سرگرميون
ھانيانگ يونيورسٽي ۽ ھانيانگ فيملي طرفان ڪيمپس ۾ ھر سال ثقافتي فيسٽيولز پڻ منعقد ڪيا ويندا ھئا. مون بہ اھڙن ڪيئي فيسٽيولز ۾ شرڪت ڪئي ۽ سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪيو.

• قومي ڏيھاڙا
ھانيانگ فيملي طرفان پاڪستان جي قرارداد (23 مارچ)، آزاديءَ جو ڏينھن (14 آگسٽ) ۽ يومِ دفاع (6 سيپٽمبر) بہ ملھايو ويندو ھو، پر آزاديءَ جو ڏيھاڙو وڏي سطح تي ملھايو ويندو ھو.

• فيئرويل
ھانيانگ فيملي سال ۾ ٻہ دفعا الوداعي پارٽيون (فيئرويل) بہ ملھائيندي هئي، جيڪي بھار جي سيمسٽر ۽ سياري جي سيمسٽر جون الوداعي پارٽيون هيون. اڪثر شاگرد الوداعي پارٽي ملھائڻ جي سلسلي ۾ پئسا ڏيندا هئا. ماڻھو گريجوئيٽ ٿيندڙ شاگردن لاءِ خاص شعر لکندا هئا. اسان جو هڪ سينئر جنھن جو نالو ڊاڪٽر عبدالباسط ’صائم‘ آهي. شعر لکڻ ۾ ڏاڍي مدد ڪندو هو. مون ڪيتريون ئي الوداعي تقريبون ترتيب ڏنيون ۽ انھن ۾ ڪمپيئرنگ بہ ڪئي. يونيورسٽيءَ جي بين الاقوامي معاملن جي آفيس پاران الوداعي پارٽيون پڻ ملھايون وينديون هيون.

• جنم ڏينھن
ھڪ فيملي هجڻ ڪري، شاگرد هر ڪنھن جو جنم ڏينھن ملھائيندا هئا. ڪيڪ خريد ڪندا ھئا، کاڌا رڌبا ھئا ۽ جنم ڏينھن واري شاگرد کي سرپرائز ڏنو ويندو ھيو تہ جئين ھُو پاڪستان ۾ گهر ڀاتين کي ياد ڪري پريشان يا اداس نہ ٿي.

• رانديون
ھونئن تہ اسان ھر ويڪ اينڊ تي ڪرڪيٽ ۽ فٽ بال کيڏندا ھئاسين پر جڏهن ڪورين ’چوسڪ‘ ملھائيندا هئا، تڏهن اسان مختلف ٽورنامنٽس جو انتظام ڪندا هئاسين. چوسڪ هڪ فيسٽيول آهي جنھن ۾ ڪورين پنھنجي والدين سان ملڻ لاءِ ويندا هئا. ھن کي HOME COMING DAY بہ سڏبو آهي. اها هڪ ڊگهي موڪل ھوندي هئي، اسان جي ملڪ ۾ عيد وانگر. چوسڪ ۾ گهڻو ڪري دڪان ۽ ريسٽورنٽ بند رهندا هئا. ان ڪري اسان اهي ڊگهيون موڪلون مختلف راندين جو انعقاد ڪندي گذاريندا هئاسين. ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ سڀ کان وڌيڪ پسنديدہ سرگرمين مان هڪ ھئي. جيئن تہ اسان تقريبن 100 ماڻھو هئاسين، ان ڪري پنج کان ڇھ ٽيمون ٺاھيندا ھئاسين. هر رانديگر 5000 وون حصو ڏيندو هو تہ جيئن سڀئي خرچا جھڙوڪ راندين جا سامان، مشروبات (پوڪاري) ۽ کاڌو (گهڻو ڪري پيزا) جو بندوبست ٿي سگهي. ٽورنامينٽ عام طور 2 کان 3 ڏينھن تائين جاري رهندو ھو. ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ھڪ بھترين گڏجاڻي ۽ يادگار تقريب ھوندي هئي. مان انھن ڏينھن کي واقعي ياد ڪندو آھيان.

• ٽوئرز
ھانيانگ فيملي پنھنجن ميمبرن لاءِ گهمڻ ڦرڻ وارا ٽوئر ۽ انڊسٽريل ٽوئر پڻ منعقد ڪندي ھئي.
ھانيانگ فيملي جيڪا اسان جي مقامي برادري هئي، ان کان علاوہ ڪوريا ۾ پاڪستانين جون ٽي وڌيڪ ڪميونٽيز هيون.
• پاڪستان اسٽوڊنٽز ايسوسيئيشن ڪوريا PSAK
• پاڪستان بزنس ڪميونٽي ڪوريا
• پاڪستان ورڪرز ڪميونٽي ڪوريا
2016ع ۾ ڪوريا ۾ تقريبن 1100 اسٽوڊنٽز، 600 بزنسمين ۽ 4200 ورڪرز ھئا.
پاڪستان اسٽوڊنٽز ايسوسيئيشن ڪوريا ۾ رهندڙ شاگردن جي لاءِ زندگي جي هر شعبي ۾ هڪ ٻئي سان رابطا رکڻ/مدد ڪرڻ جي لاءِ هڪ ذريعو هئي. ايسوسيئيشن ۾ هڪ ڪابينہ ھئي. جنھن ۾ صدر، نائب صدر، سيڪريٽري ۽ ٻيا شامل هئا. هر سال ايسوسيئيشن صدر، نائب صدر، سيڪريٽري ۽ ٻين کي چونڊڻ لاءِ چونڊون ڪرائيندي هئي. ھر سال پاڪستان اسٽوڊنٽز ايسوسيئيشن ڪوريا طرفان پاڪستان جي آزاديءَ جو ڏيھاڙو وڏي سطح تي ملھايو ويندو ھو. ڪوريا ۾ پاڪستاني سفارتخانو ۽ پاڪستان بزنس ڪميونٽي ڪوريا تقريب ملھائڻ لاءِ وڏي پيماني تي مدد فراهم ڪندا هئا. مختلف پاڪستاني گلوڪار تقريب لاءِ ڪوريا ايندا هئا. مون ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي، جنھن ۾ هڪ ڀيرو بلال کي مدعو ڪيو ويو هو، هڪ ٻئي پروگرام ۾ عطاءُ ﷲ عيسيٰ خيلوي کي دعوت ڏني وئي ھئي. تقريب کان پوءِ ڪميونٽي کي لنچ/ڊنر مھيا ڪندا هئا، پر افسوس اتي بہ اڪثر تقريبون افراتفري جو شڪار ھونديون ھيون.
هڪ پروگرام ۾ مون ڪوريا جي هڪ وزير کان ٻڌو تہ پاڪستان ۽ ڪوريا کي ساڳئي وقت آزادي ملي هئي. پاڪستان ترقي جا منصوبا ٺاهيا، جيڪي ڪورين کي بہ ڏنا ويا. ڪورينز ترقيءَ جي منصوبن جي مطابق عمل ڪيو ۽ اهي هاڻي ڪٿي آهن، جڏهن تہ اسان اها رٿابندي ڪئي، پر ان تي عمل نہ ڪيو ويو ۽ اسان اڃان تائين ڪٿي آهيون؟

• ڪورِيَن گورنمينٽ ۽ غير سرڪاري ادارا
انھن سرگرمين کان علاوہ اڪيلو ۽ دوستن سان گهڻو گهمياسين ڦرياسين. ان کان علاوہ ڪورين گورنمينٽ ۽ غير سرڪاري ادارن طرفان بہ مفت ۾ گهمڻ ڦرڻ جا ڪيترائي موقعا مليا. مان گهمڻ ڦرڻ جا تفصيل اڳتي ٻڌائيندس. بھرحال اهو ٻڌائڻ ضروري آهي تہ ڪوريا مفت سياحت جو ملڪ آهي. مختلف ڪورين ڪمپنيون پرڏيھين لاءِ مفت سياحت جي پيشڪش ڪنديون آهن. ٽوئرز جا خرچ عام طور ڪورين گورنمينٽ يا غير سرڪاري ادارا ادا ڪندا آهن. ٽوئرز ۾ گهمڻ ڦرڻ، ٽرانسپورٽ، کاڌو ۽ رهائش شامل ھوندا آهن. انھن ٽوئرز جو مقصد ڪوريا جي سياحت کي فروغ ڏيڻ آهي. جيئن تہ ڪيترائي سياح ڪوريا جو دورو نہ ڪندا آهن ڇاڪاڻ تہ اهي سمجهہندا آهن تہ ڪوريا سياحت جو ملڪ نہ آهي ۽ اتي حلال طعام جھڙا مسئلا آهن. خاص طور ڪورين حڪومت اھي ٽوئرز عرب ملڪن جي ماڻھن کي متوجه ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندي آهي. مون مفت ٽوئرز تي ڪيترن هنڌن جو پڻ دورو ڪيو. آئون هڪ سال جي ٽوئر پروگرام ۾ بہ شامل ٿيس، جنھن جو نالو WOW KOREA هو ۽ جنھن ۾ چئن ٽوئرز جو بندوبست ڪيو ويو. هر ٽوئر 3 کان 4 ڏينھن جو هو. ٽوئرز کان پوءِ اسان کي انھن هنڌن کي سوشل ميڊيا تي فروغ ڏيڻو هوندو ھو. اسان ٽيم ۾ 40 پرڏيھي هئاسين. اسان پھريون ٽوئر ’گانگ ون‘، ٻيون ٽوئر ’بوسان‘، ٽيون ٽوئر ’دانگجن‘ ۽ آخري ٽوئر ’گويانگ‘ جو ڪيوسين.
مان ڪوريا ۾ حلال فوڊ انسپيڪٽر بہ رهيس. مون کي هڪ سال جي عرصي تائين ڪورين مسلم فيڊريشن KMF طرفان چونڊيو ويو. KMF اسان کي حلال ريسٽورنٽ جو دورو ڪرڻ لاءِ چوندي ھئي. حلال ريسٽورنٽ تي عام ڪسٽمر جي طور کاڌو کائڻ ۽ KMF کي کاڌي جي معيار ۽ مقدار بابت رپورٽ ڏيڻي ھوندي ھئي.

موڪلن جا ڏينھن (ويڪيشن)

اسان جو پروفيسر، اسان کي سال ۾ اٽڪل 15 يا 20 ڏينھن جي موڪل جي اجازت ڏيندو ھو. هر سال ٻہ سيمسٽر بريڪ هوندا هئا؛ سياري جو سيمسٽر بريڪ ۽ اونھاري جو سيمسٽر بريڪ. پاڪستان ۾ اونھاري ۾ وڏي گرمي ٿيندي آهي ۽ ڪوريا ۾ سياري ۾ قھر وارو سيءُ... تنھن ڪري اسان سياري جون موڪلون پاڪستان گذاريندا هئاسين. اگر ڪنھن جو بہ پاڪستان وڃڻ جو ارادو ٿيندو ھو تہ ٽڪيٽ مھينا اڳ بڪ ڪئي ويندي ھئي ۽ مھينن کان شاپنگ شروع ٿي ويندي ھئي. هر ڪنھن وٽ تحفن جي لسٽ هوندي هئي. پنھنجي گهروارن، مِٽن مائٽن ۽ دوستن لاءِ تحفا خريد ڪيا ويندا هئا. منھنجو هڪ ليب ميٽ جنھن جو نالو سلمان ميمڻ هو، هُو مارچ 2017ع ۾ ڪوريا آيو ۽ اچڻ جي هڪ هفتي کان پوءِ ڊائسو DAISO تان تقريبن ھڪ لک وون جي شاپنگ ڪيائين. پڇيومانس تہ، ”پاڪستان وڃڻ لاءِ تيار آھين ڇا؟“
چيائين، ”نہ.“
پڇيومانس تہ، ”پوءِ شاپنگ ڇو؟“
چيائين، ”ٻن سالن کان پوءِ ويندم پر تيسين تائين سامان مھانگا ٿي ويندا.“
سلمان جي ان شاپنگ تي ڪيئي ڏينھن تبصرا ھليا. پاڪستان ويندڙ ماڻھو کي ننڍڙي فيئرويل بہ ڏني ويندي ھئي ۽ پاڪستان کان واپسيءَ تي سڀني پاڪستانين لاءِ مٺايون آڻڻ پڻ لازمي ھو. اسان ڪوريا اچڻ يا پاڪستان وڃڻ لاءِ مختلف ايئر لائنز استعمال ڪندا هئاسين جھڙوڪ:

• ايئر چائنا جيڪا وايا بيجنگ ايندي ھئي
Air China Via Beijing
• ٿائي ايئر جيڪا وايا بينڪاڪ ايندي ھئي
Thai Air Via Bangkok
• قطر ايئر جيڪا وايا دوحا ايندي ھئي
Qatar Air Via Doha
• ايميريٽس جيڪا وايا دبئي ايندي ھئي
Emirates Via Dubai

اهو ٻڌائڻ ضروري آهي تہ ايئر چائنا تمام سستي هئي. ايئر چائنا ڪوريا کان صبح 9 وڳي ھلندي ھئي ۽ شام 7 وڳي اسلام آباد ۽ رات 10:00 وڳي ڪراچي پھچندي هئي. ساڳيو جھاز رات 12:00 وڳي ڪوريا لاءِ روانو ٿيندو ھو. جڏهن بہ هوائي جھاز جا ٽائر پاڪستان جي رن وي تي لڳندا هئا تہ هڪ عجيب خوشي محسوس ٿيندي ھئي، جيڪا لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان. اهو هڪ قدرتي احساس هو. ائين ئي گهروارن سان ملڻ جو احساس بہ لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي، پر ڪراچي ايئرپورٽ تي لھڻ کان پوءِ ھر ڪا شئي ڄڻ اوندھ اوندھ ۽ مٽي مٽي لڳندي ھئي.
مون کي ويڪيشنز ۾ گاڏي ھلائيندي يا گمھندي ڦرندي پريشاني ٿيندي ھئي. ڇاڪاڻ تہ ڪوريا ۾ پورو سال گاڏي نہ ھلائيندا ھئاسين ۽ ڪوريا ۾ روڊ ڪراس ڪرڻ لاءِ پيڊسٽريل جو استعمال ڪندا ھئاسين.
ويڪيشنز دوران مان پنھنجو گهڻو وقت گهروارن ۽ دوستن سان گذاريندو هيم. مانجهاندي کان وٺي رات جي مانيءَ جي دعوت ۽ پڪنڪ وغيرہ ۾ ڏينھن گذرندا ھئا. ويڪيشنز دوران ريسرچ جي ٽينشن ختم ٿي ويندي ھئي ۽ ايندڙ سال لاءِ تازو ٿي ويندو هيم.

ڪوريا ۾ فيمليءَ سان گذاريل وقت

اڪثر شادي شدہ ماڻھو ڪجهہ وقت لاءِ فيمليءَ کي ڪوريا وٺي ايندا هئا. مون بہ ائين ئي منصوبابندي ڪئي ۽ ٻئي سال ۾ آئون فيمليءَ کي ڪوريا وٺي آيم. فيملي کي ڪوريا وٺي اچڻ لاءِ گهربل دستاويز ٺھرائڻ بہ هڪ ڏکيو عمل هو، جنھن ۾ پروفيسر جي اجازت جي ليٽر کان وٺي ڪورين ڪورٽ مان ايفيڊيوٽ شامل ھئا. اھي دستاويز ويزا لاءِ گهربل ھئا. باقي ڪوريا ۾ گهر مسواڙ تي وٺڻ لاءِ 30 لک وون بہ شامل ھئا. بھرحال گهربل دستاويز پورا ڪياسين. پھرئين سال جو موڪلون پوريون ڪري پنھنجي گهرواري ۽ پٽ سان ايميريٽس ايئر لائن ۾ وايا دبئي ڪوريا پھتاسين.
فيملين وارا گهڻا ماڻھو مين گيٽ (جنھن کي سادونگ سڏبو ھو) وٽ رھندا ھئا. مون بہ سادونگ ۾ ھڪڙو گهر مسواڙ تي ورتو ھو. سادونگ ۾ ھڪ ڪمري واري گهر جي ماھوار مسواڙ تقريبن ٽي لک وون ھئي. اسان کي HEC طرفان تقريبن نَوَ لک وون ملندا ھئا، سو انھي ڪري ايترن پئسن ۾ فيملي سان گذارو ڏاڍو ڏکيو ھو.
فيمليءَ سان منھنجو معمول ڪجهہ هن ريت هو، جو صبح اٺين وڳي ناشتو ڪري مان پنھنجي يونيورسٽي ويندو ھيم. منجهند ٻارھين وڳي منھنجي گهرواري ۽ پٽ يونيورسٽي ايندا ھئا، جتي اسان پارڪ ۾ ويھندا هئاسين ۽ مانجهاندو گڏجي ڪندا ھئاسين، پوءِ اهي موٽي گهر ويندا ھئا ۽ مان واپس ليب. وري مان ڇھين وڳي رات جي ماني لاءِ گهر ويندو هئس ۽ ستين وڳي واپس ليب... ان بعد ڪم ختم ٿيڻ کان پوءِ ڏهين وڳي واپس گهر ويندو هيس. هر ڇنڇر ۽ آچر تي فيمليءَ سان گهمڻ ڦرڻ نڪري ويندو ھئس.
اسان اڪثر وقت ليب ۾ ھوندا ھئاسين، ان ڪري فيمليز پنھنجا مختلف پروگرام ٺاھي وقت گذارينديون ھيون. اڪثر پاڪستاني فيمليز جا ٻار گهرن ۾ ئي ھوندا ھئا ۽ ڪجهہ جا ٻار ڊَي ڪيئر يا اسڪول ويندا ھئا، ڇو جو اتي ’ڊي ڪيئر‘ يا ’اسڪولنگ‘ تمام مھانگي ھئي.
ڪوريا ۾ فيمليءَ سان گڏ بغير انشورنس جي رهڻ ناممڪن آھي، ننڍي کان ننڍي مرض جي علاج جو بل لکين وون ايندو ھو. فيملي سان گڏ رهڻ جو سڀ کان وڏو فائدو اهو هو تہ انسان ذهني پريشانين کان آزاد هو، پوءِ اھا پريشاني ريسرچ جي ھجي يا رڌ پچاءَ جي يا ڪپڙا ڌوئڻ جي، پر اسڪالرشپ جا پيسا گهٽ ھجڻ جي ڪري فيملي کي گهڻي عرصي تائين گڏ رکڻ ممڪن نہ هو.

ڪورِيَن منھنجي نظر ۾

ھن حصي ۾ مان توھان کي ڪورين جي باري ۾ ٻڌائيندم، جيئن مون انھن کي ڏٺو. سڀ کان پھريان اهو ٻڌائڻ لازمي آهي تہ اڌ عمر جا ماڻھو سوير سمھن ٿا ۽ تمام سوير اٿن ٿا، جڏهن تہ ڪورين نوجوان دير سان سمھن ٿا، پر اُٿن سوير ٿا. اڌ عمر جا ماڻھو 9 کان 10 وڳي جي وچ ۾ سمھي رهن ٿا ۽ 5 کان 6 وڳي جي وچ ۾ اٿي ويندا آهن. نوجوان طبقو رات جو 12 يا 1 وڳي سمھي ٿو ۽ صبح جو 7 يا 8 وڳي اٿي وڃي ٿو. اٿڻ کان پوءِ نوجوان جيڪي يونيورسٽيءَ پڙهن ٿا يا ريسرچ ڪن ٿا، اهي صبح جو گهڻو ڪري وھنجي نہ ايندا آهن، ڇو جو اتي صبح جو وھنجڻ جو رواج ڪونھي. ڪورين، چائنيز ۽ جاپان جا ماڻھو رات جو سمھڻ کان پھرين وھنجندا آهن.
اڪثر گهر وارا ماڻھو نيرن ڪري اچن ٿا. نيرن جو ٽائيم صبح جو 7 يا 8 وڳي آھي. باقي ھاسٽلن ۾ رھندڙ ڪوريئن شاگرد صبح جو جڏھن ليب ۾ ايندا ھئا تہ انھن جي ھٿ ۾ بليڪ ڪافي جو ڪپ ھوندو ھو، جيڪو سياري ۾ گرم ۽ اونھاري ۾ ٿڌو ھوندو ھو. ڪافيءَ ۾ کنڊ ۽ کير بلڪل نہ ھوندا هئا. تقريبن 8 يا 9 وڳي تائين ھر ڪو پنھنجي آفيس، ڪلاس يا ليب پھچي ويندو ھو. پوري 12 وڳي لنچ ٽائم ھوندو ھو. ھر ڪو لنچ ڪرڻ لاءِ ٻاھر نڪري ويندو ھو. ڪورين اڪثر ڪري ريسٽورنٽ تي ماني کائيندا آھن. اتي اھو ٻڌائڻ لازمي ٿو سمجهہان تہ ڪير بہ ڪيترو ئي مصروف ڇو نہ ھجي يا ڪيترو ئي ڪم رھيل ھجي، پر 12 کان 1 وڳي جي وچ ۾ مون ڪڏھن بہ ڪنھن ڪورين کي ڪم ڪندي نہ ڏٺو. ان لنچ بريڪ ۾ ھر ڪو ماني کائيندو ھو ۽ دوستن سان ڪچھري ڪري فريش ٿي ويندو ھو. شام جو 6 وڳي ڊنر ٽائم ھوندو ھو ۽ ائين ئي لنچ ٽائم وانگر بغير ڪو ٽائم ضائع ڪرڻ جي 6 وڳي ڊنر تي نڪري ويندا ھئا ۽ 7 وڳي واپس موٽي ايندا ھئا. رات جو دير تائين ھر ڪو ڪم ۾ مصروف رھندو ھو. ڪورين ھر مانيءَ کان پوءِ برش ڪندا ھئا.
هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي تہ ڪوريا ۾ ذات پات جو نظام تمام عام آهي. ڪورين نالي کان اڳ ذات لڳائيندا آھن. جيئن منھنجي پروفيسر جي ذات ’ڪِم‘ هئي، ليب ميٽس جون ذاتون ’بَيڪ‘، ’اِم‘ ۽ ’جيون‘ ھيون. اعلي ڪورين ذاتون ’ڪِم‘ (Kim)، ’لي‘(Lee) ۽ ’پارڪ‘ (Park) آھن. جيئن ’ڪِم جونگ ان‘ جيڪو اتر ڪوريا جو سربراھہ آھي، ھن جي ذات ’ڪِم‘ آھي.
ڪورين سٺا ڪپڙا پائڻ جا ڏاڍا شوقين ھوندا ھئا. ھر شئي برانڊيڊ (Branded) پائيندا ھئا. ھونئن تہ عام طور ڪورين جا ڪپڙا يوني سيڪس (Unisex) ھوندا آھن معنيٰ تہ گهڻو ڪري ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ڪپڙا جھڙوڪ شرٽ، جينز ۽ جوتن ۾ ڪو فرق ڪونھي. ڪورينز جا ڪپڙا موسمي (سيزن وائز) ھوندا ھئا. ھڪ سياري ۾ جيڪي ڪپڙا ورتا، اھي ٻئي سياري لاءِ ڪونہ رکندا ھئا. ائين ھڪ اونھاري جا ڪپڙا ٻئي اونھاري ۾ استعمال نہ ڪندا ھئا. ڪپڙا استعمال ڪري ھڪ سائي رنگ جي دٻي ۾ رکي ڇڏيندا ھئا، جتان اھي ڪپڙا ٻين ملڪن ۾ ايڪسپورٽ ڪيا ويندا ھئا. مون ڪڏھن بہ ڪنھن ڪورين جي ڪپڙن تي ماني يا ٻي ڪنھن شئي جا داغ نہ ڏٺا.
ڪورين پرفيومز جا بہ وڏا شوقين آهن. مھانگي ۾ مھانگي پرفيوم استعمال ڪندا، پر ھنن جون پرفيومز لائٽ ھونديون ھيون، اسان جي پرفيومز کان انھن کي الرجي ٿيندي ھئي، ڇو جو اسان جون پرفيومز تيز ھونديون ھيون.
ھيئر ڪٽنگ proper ھوندي اٿن، مطلب تہ ھڪ پروفيشنل ڏيک انھن جي اندر ھوندو ھو. اڪثر ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ھيئر ڪٽنگ سيلون بہ ساڳيا ھوندا ھئا.
ڪورين ڇوڪرين جو ميڪ اپ کان بغير گذارو ڪونھي. گڏوگڏ اکين، ڪنن، چپن ۽ جسم جي ڪجهہ خاص حصن جي سرجري بہ انھن ۾ عام آھي. ھتان جي سرجري سڄيءَ دنيا ۾ مشھور آھي.
ياد رھي تہ ڪوريا ۾ انشورنس کان بغير علاج ڪرائڻ عام ماڻھوءَ جي وس جي ڳالھ ناھي. ڪورينز صفا آھستي ۽ ھلڪي آواز ۾ ڳالھائيندا آهن. ڳالھائڻ ۾ ڪورين تمام سٺا ھوندا آهن. تمام پولائٽ وي ۾ ڳالھائيندا... تڪڙو ڪڏهن ڪونہ ڳالھائيندا.
ڪورين جي کائڻ پيئڻ ۾ کنڊ، تيل ۽ لوڻ نہ ھجڻ جي برابر ھوندا آھن. صحتمند کاڌا کائڻ کان علاوہ ايڪسرسائز ۽ ويڪ اينڊ تي گهڻي گهمڻ جي ڪري ڪورين جي اوسط زندگي تقريبن 80 سال آھي. جيڪا پاڪستاني يا ٻين ايشين ملڪن کان تمام وڌيڪ آھي.
ڪورينز وٽ ھڪ ٻيو ٽرينڊ آھي تہ ھُو ڪافي شاپ ۾ گهڻو وقت گذاريندا آھن. ڪافي شاپ ۾ ڪافي پيئڻ سان گڏ آفيس جو ڪم ڪار بہ ڪندا آھن. انھي ڪري انھن وٽ ھڪ ٽرينڊ متعارف ڪرايو ويو آھي، جنھن کي ڪوفيس (Coffice) چئبو آھي معنيٰ ڪافي سان گڏ آفيس جو ڪم ڪرڻ.
سڄو ھفتو ڪم ڪرڻ کان پوءِ ڪورينز ويڪ اينڊ (ڇنڇر ۽ آچر) گهمڻ ڦرڻ ۾ گذاريندا آھن. ان جي برعڪس اسان پاڪستاني ويڪ اينڊ تي ننڊ ڪرڻ پسند ڪندا آھيون. مون کي اھا ڳالھ سمجهہ ۾ ڪونھي ايندي تہ اھا قوم ايتري گهٽ ننڊ ڪيئن ٿي ڪري؟ نوجوان ويڪ اينڊ شھرن ۾ گهمڻ ڦرڻ يا ڪلبن ۾ گذاريندا آھن. جوڙا بہ ويڪ اينڊ تي ڪلب وڃي، اتي انجواءِ ڪندا آھن ۽ ان کان علاوہ پارڪ ۽ ٻين گهمڻ جي جڳھين تي ويندا آھن. جڏھن تہ بزرگ ويڪ اينڊ تي جبلن تي ھائيڪنگ ڪندا يا موٽر سائيڪلن تي گهمڻ نڪري ويندا آھن.
ڪوريا ۾ ڪيش جو استعمال تمام گهٽ آھي. تقريبن ھر شئي ڪارڊ يا آن لائن خريد ڪئي ويندي آھي. اڪثر آن لائن خريداري ’جِي مارڪيٽ‘ GMARKET يا ڪوپانگ (Coupang) تان ڪئي ويندي ھئي. ڪيش جو استعمال وڌ ۾ وڌ منھنجي نظر ۾ ٽي مني ڪارڊ کي ريچارج ڪرڻ لاءِ ٿيندو ھو، نہ تہ اسان ڪوريا ۾ ڪيش نہ ھجڻ جي برابر رکندا ھياسين.
ائين ئي چاٻيءَ جو استعمال بہ تمام گهٽ آھي. جئين مان توھان کي اڳ ۾ ٻڌايو تہ ھاسٽل جي روم کان وٺي انجينئرنگ بلڊنگ جي ليب تائين ھر ڪا شئي پاسوَرڊ يا ڪارڊ تي ھوندي ھئي.
مون پنھنجي ٽن سالن جي رھائش دوران ڪڏھن بہ ڪنھن ڪورين کي وڙھندي نہ ڏٺو ۽ نہ ئي تيز ڳالھائيندي ڏٺو. ھڪ دفعو ھڪ ازبڪ ھڪ مسئلي تي ڪورين سان اٽڪي پيو. تڏھن بہ ڪورين نہ تيز ڳالھايس ۽ نہ ئي ان کي ڌمڪي ڏيڻ جي اسٽائل ۾ ھيو، جڏھن تہ ازبڪ تيز پيو ڳالھائيس. اتي اھو ياد رھي تہ اگر ڪڏھن بہ ٻن ماڻھن ۾ جهيڙو ٿي وڃي ۽ جنھن پھريون ھٿ کنيو تہ سڄو ڏوھہ ان تي اچي ويندو. ان ڪري ڪڏھن بہ ڪو جهيڙو وغيرہ نہ ڏٺوسين. ڪوريا ۾ ڪنھن سان جنسي زيادتي ڪرڻ واري کي سزا ۾ نامرد ڪري ڇڏبو آھي.
ڪورين صبح جو گهر مان نڪرڻ کان پھريان ھڪ تہ موبائل تي موسم چيڪ ڪندا ھئا ۽ ٻيو ان کي ڏسي ڇٽي (Umbrella) گڏ کڻندا ھئا. ڪوريا جو موسم انپريڊڪٽيبل ( Unpredictable) يعني غير متوقع آھي. يعني اسان ان کي ’پريڊڪٽ‘ نٿا ڪري سگهون تہ برف باري ٿيندي يا مينھن وسندو يا نہ. ان ڪري انھن سان گڏ ننڍي ڇٽي سدائين ھوندي ھئي.
ڪوريا ۾ ليبر ڏاڍي مھانگي آھي. مثال طور ھڪ سائيڪل جنھن جي قيمت ستر ھزار وون ھوندي ھئي، ان جو ھڪڙو ٽائر 30 ھزار وون جو ھوندو ھو ۽ ائين اگر ان جو ٽيوب پنچر ٿي وڃي تہ ان کي ٺھرائڻ جي چارجز ڏھہ ھزار وون ھوندي ھئي. ائين ئي پينٽ توھان کي 20 ھزار وون جي ملي ٿي تہ ان کي الٽر ڪرائڻ جا ڏھہ ھزار وون ھوندا ھئا. ان ڪري اڪثر ماڻھو پراڻين شين تي نيُن شيُن کي ترجيح ڏيندا آھن.
ڪوريا ۾ پراڻن گاڏين جو ٽيڪس بہ گهڻو ھو.
ڪورين ڪڏھن بہ ڪنھن کي گهوري نہ ڏسندا ھئا ۽ نہ ئي ڪنھن کي ڪو اک کڻي ڏسندو ھو. توھان کي سب وي ۾ يا گهمندي ڦرندي ائين لڳندو تہ توھان اڪيلا گهمي رھيا آھيو ۽ ڪوئي توھان کي نہ ڏسي رھيو آھي.
ڪورين جي ھڪ خراب عادت، اھا ھئي تہ موبائل جا ماريل ھئا مطلب تہ ڇا بہ ٿي پوي پر موبائل مان اک نہ ڪڍندا ھئا.
ھو ڪمپيوٽر گيمز جا بہ وڏا شوقين آھن. آن لائن ڪمپيوٽر گيمز جا باقائدہ ٽورنامينٽ ٿيندا آھن.
اتي پاڪستانين کي گهٽ پسند ڪيو ويندو ھو. ان جو ثبوت اھو ھو تہ اگر ڪنھن ريسٽورنٽ تي پاڪستاني ريسٽورنٽ لکيل ھوندو ھو تہ ڪورين ان تي گهٽ وڃڻ پسند ڪندا ھئا. ان جي مقابلي ۾ جنھن تي انڊين ۽ ترڪش ريسٽورينٽ لکيل ھوندو آھي تہ ھُو ان کي پسند ڪندا ھئا. اگر توھان سب وي ۾ سفر ڪيو ٿا ۽ ڪنھن توھان کان پڇي ورتو تہ توھان ڪٿي جا آھيو؟ ۽ توھان ٻڌايو تہ مان پاڪستان جو آھيان تہ يا تہ ھُو سيٽ مَٽائي ويندو يا تہ اتان اٿي ويندو. ان ڪري ڪجهہ دوست پنھنجي پاڻ کي دبئيءَ جا عرب چوندا ھئا، جنھن جا مطلب بہ گهڻا. اھا اسان لاءِ ھڪ نيگيٽو پوائنٽ ھئي، جيڪو اسان جي ئي ھٿ جو ٺاھيل اميج (Image) آھي. پاڪستان جي ريپوٽيشن (Reputation) ڪوريا ۾ سٺي نہ آھي. گڏوگڏ دھشتگرديءَ جو داغ بہ اسان تي لڳل ھو.
ڪوريا ھڪ ترقي يافتہ ملڪ آھي. ڪوريا جي ڪرنسي ھونئن تہ پاڪستان کان گهٽ آھي. پاڪستان ۾ ھڪ ڊالر جي قيمت اڄ ڪلھ 165 روپيا آھي، جڏھن تہ ڪوريا ۾ ھڪ ڊالر جي قيمت تقريبن 1200 وون آھي، پر اتان جي ماڻھن جي جيڪا آمدني آھي، اھا اسان جي ملڪ جي ماڻھن کان تمام وڌيڪ آھي. اتي عام ماڻھو جي پگهار 4 کان 5 ھزار ڊالر ٿئي ٿي. جڏھن تہ پاڪستان ۾ عام ماڻھو جي پگهار 200 کان 300 ڊالر تائين آھي.
جيئن اسان وٽ واٽس ايپ آھي، ھنن وٽ پنھنجو ميسيجنگ سافٽويئر آھي، جيڪو ’ڪڪائو‘ (Kakao) نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ڪڪائو ۾ آڊيو ۽ ويڊيو ڪال کان علاوہ بسن جو سسٽم، ٽيڪسين جو سسٽم ۽ بينڪنگ جي سھوليت پڻ موجود آھي.
ائين ئي انھن جي سرچ انجن بہ پنھنجي آھي، جيڪا ’نيور‘ (Naver) نالي سان سڃاتي وڃي ٿي، جڏھن تہ اسان وٽ ’گوگل‘ استعمال ٿيندو آھي.
ڪورينز اسپا ۽ مساج جا بہ وڏا شوقين آھن.
انھن کي ڪتا ۽ ٻليون پالڻ جو بہ وڏو شوق آھي. ھُو انھن جو پنھنجن ٻچن کان وڌيڪ خيال رکن ٿا.
ڪوريا ۾ گهڻن ماڻھن جو تہ مذھب ئي ڪونھي ۽ ڪجهہ جو ڪرسچينٽي يا ٻُڌ مت مذھب آھي. مسلمانن جو انگ صفا گهٽ آھي. ڪورين اسان کان اسلام، حضرت عيسيٰ عليہ السلام، سُوئر جي گوشت ۽ شراب بابت تمام گهڻا سوال پڇندا ھئا. ھاڻي ھڪ ڪورين نوجوان مسلمان جنھنجو نالو ’دائود ڪِم‘ آھي، انھن موضوعن تي سٺا پروگرام ڪري ٿو.
ڪورين ۽ اسان ۾ دوري يا دوستي نہ ھجڻ جو وڏو سبب سُوئر جو گوشت نہ کائڻ ۽ شراب نہ پيئڻ آھي.
ڪوريا ۾ گهر جي صفائي، ڪار جي صفائي، ڪار ۾ پيٽرول ڀرڻ يا ڪپڙا ڌوئڻ سڀ ڪجهہ پاڻ ڪبو آھي.
ڪوريا ھڪ سائيڪل دوست ملڪ آهي. سائيڪلن لاءِ تمام گهڻا رستا آهن. ڪوريا ۾ سائيڪل ھلائڻ جو ھڪڙو پنھنجو ئي مزو آھي. ڪوريا ۾ توھان کي جڳھ جڳھ تي سائيڪل اسٽينڊ نظر ايندا. اڪثر ڪورين سائيڪلون بہ ڀاڙي تي وٺي ھلائين ٿا. سائيڪل جو سال جو ڪارڊ ٺھي ٿو. ان ڪارڊ ذريعي توھان ھڪ سائيڪل اسٽينڊ کان ٻي سائيڪل اسٽينڊ تائين سائيڪل ھلائي سگهو ٿا. ھر سَب وَي، وڏن بس اسٽاپن، وڏن رھاشي علائقن ۽ يونيورسٽين وٽ سائيڪل اسٽينڊ ھوندا ھئا.
توھان کي ڪوريا ۾ جڳھ جڳھ تي وينڊنگ مشينون نظر اينديون. انھن وينڊنگ مشينن جي ذريعي عام شيون جھڙوڪ پاڻي، ڪولڊ ڊرنڪ، ببل ۽ اھڙيون تمام شيون 500 وون کان 1000 وون ۾ ڪڍي سگهون ٿا.

ڪوريا ۾ حلال ريسورنٽز

جيئن مون اڳ ۾ توھان کي ٻڌايو ھو تہ مان ڪوريا ۾ حلال کاڌي ۽ ريسٽورنٽ لاءِ گهڻو پريشان ھيس، جيئن ڪجهہ دوستن مون کي چيو ھو تہ منھنجي لاءِ حلال کاڌو ڳولھڻ تمام ڏکيو هوندو ۽ ڪجهہ منھنجو بہ اھڙو ئي خيال ھو، پر حقيقت ۾ ڪوريا ۾ ڪيترائي ئي حلال ريسٽورنٽ هئا. ’سيئول‘ ۽ خاص طور ’ايتيوان‘ حلال ريسٽورنٽز سان ڀريل هو. جيئن حلال ڪورين، ترڪش، پاڪستاني، انڊين، انڊونيشين، ملائيشين ۽ عرب ريسٽورنٽز... ھتي مان ڪجهہ ريسٽورنٽز جو ذڪر ڪرڻ چاھيان ٿو.
حلال ڪورين ريسٽورنٽز
ايتيوان ۾ ڪجهہ حلال ڪورين ريسٽورنٽز ھئا جيئن تہ:
• مڪن ريسٽورنٽ Makkan Restaurant
• عيد ريسٽورنٽEid Restaurant
• مري ريسٽورنٽ Murree Restaurant
• حج ريسٽورنٽHajj Restaurant
• ينگڊ ريسٽورنٽYangood Restaurant

انھن ريسٽورنٽس ۾ ساڳا ڪورين کاڌا ملندا ھئا، جيڪي مان اڳ ۾ ٻڌائي آيم، پر ھي حلال ھوندا ھئا. انھن ريسٽورنٽس ۾ شراب جي بہ روڪٿام ھئي.

ترڪش ريسٽورنٽز
سيئول شھر ۾ ۽ خاص طور ايتيوان ۾ ترڪش ريسٽورنٽز جي هڪ وڏي چَين موجود آهي. جيڪي مختلف نالن سان سڃاتا وڃن ٿا. ترڪش ريسٽورنٽرز ۾ ڪجهہ خاص ھي ھئا:
• ڪاروانKARVAN
• پاشاPASHA
• مسٽر ڪبابMR. KABAB
• سلامSALAM
• سلطان ڪبابSULTAN KABAB
انھن ترڪش ريسٽورنٽز ۾ ترڪش کاڌا هوندا هئا، جيڪي ذائقيدار ۽ صحت لاءِ فائديمند هوندا هئا. ترڪش ريسٽورنٽز جي مشھور کاڌن ۾ رائيس ڪباب يا رائيس پيلف ڪباب ۽ بريڊ ڪباب هوندا هئا. رائيس ڪباب ۾ چانورن سان گڏ چڪن يا رڍ جو گوشت (Lamb) هوندو هو. ان سان گڏ ليٽيوس، کيرا، چپس ۽ ٽماٽن جا ڳترا مٿان رکيل هوندا هئا ۽ گڏ ڪيچپ ۽ رائتو بہ ھوندو ھو. عام ڪباب جي قيمت تقريبن 10 هزار وون يا هڪ هزار پاڪستاني هوندي هئي. اسين ترڪش ريسٽورنٽز ۾ رائيس ڪباب شوق سان کائيندا هئاسين، پر ڪورين، بريڊ ڪباب گهڻو پسند ڪندا هئا ڇاڪاڻ تہ ڪورين هونئن ئي ٻئِي ٽائيم چانور کائيندا آهن.
ڪجهہ ترڪش کاڌن جو ذائقو پاڪستاني کاڌن کان بہ وڌيڪ لذيذ هو. عام طور ترڪش ماڻھو گوشت وارا کاڌا تمام گهڻو پسند ڪندا هئا، انھي ڪري ترڪش کاڌن ۾ گوشت ضرور ھوندو ھو. ان کان سواءِ ترڪش پيزا، سوپ (جيئن اسان جي دال هوندي آهي) ۽ قھوو بہ انھن جو مشھور هوندو هو. ترڪش ريسٽورنٽز منھنجا سڀ کان وڌيڪ پسنديدہ هئا.

پاڪستاني ۽ انڊين ريسٽورنٽز
سيئول شھر ۾ ۽ خاص طور ايتيوان ۾ گهڻا پاڪستاني ۽ انڊين ريسٽورنٽز ھئا، جيڪي مختلف نالن سان سڃاتا وڃن ٿا. پاڪستاني ۽ انڊين ريسٽورنٽز ۾ ڪجهہ خاص ريسٽورنٽز ھي ھئا:
• بمبئي گرل Bombay Grill(ايتيوان، سيئول)
• مري مسلم فوڊ Murree Muslim Food (ايتيوان، سيئول)
• فارينر ريسٽورنٽ Foreigner Restaurant (ايتيوان، سيئول)
• تاج ريسٽورنٽ Taj Restaurant(ايتيوان، سيئول)
• دهلي گيٽ ريسٽورنٽDehli Gate Restaurant (گنگنم، سيئول)
• درگا ريسٽورنٽ Durga Restaurant(جونگنو، سيئول)
• اوم ريسٽورنٽ Om Restaurant(سيئول)
• بابا انڊيا ريسٽورنٽ Baba India Restaurant(سيئول)

پاڪستاني ۽ انڊين ريسٽورنٽز تي پاڻ وارا ساڳيا کاڌا هوندا هئا. جيڪا شئي پاڪستاني ۽ انڊين هوٽلن تي سڀ کان وڌيڪ پسند ڪئي ويندي هئي، اها تندوري چڪن، برياني ۽ ڪري (مطلب رس وارو ٻوڙ). پاڪستاني ۽ انڊين ريسٽورنٽ تي کاڌو تمام گهڻو مھانگو هوندو هو. جيڪڏهن ڪو هڪ ماڻھو هڪ ٻوڙ ۽ ماني گهرائيندو هو تہ 15 کان 20 هزار وون يعني پاڪستاني ڏيڍ هزار کان ٻن هزارن تائين بل ٺھندو هو، جڏهن تہ چانھہ ٽي هزار کان پنج هزار وون يعني ٽي سئو کان پنج سئو ۾ پوندي هئي.

ايراني ريسٽورنٽ
سيئول شھر ۾ ۽ خاص طور ايتيوان ۾ ايراني ريسٽورنٽ بہ ھئا. ھڪ مشھور ريسٽورنٽ جنھن جو نالو پيزا برگر (PB) ھو، اهو ريسٽورنٽ ٻہ ايراني ڀائر هلائيندا هئا، ان ريسٽورنٽ جو کاڌو تمام لذيذ هو. ايراني کاڌن ۾ ڪباب ۽ نان مشھور ھوندا آھن. ترڪش ريسٽورنٽز کان پوءِ ايراني ريسٽورنٽ منھنجو پسنديدہ هو.

عرب ريسٽورنٽ
سيئول شھر ۾ ۽ خاص طور ايتيوان ۾ ڪجهہ عرب ريسٽورنٽز بہ ھئا جھڙوڪ:
• دبئي ريسٽورنٽ Dubai Restaurant(ايتيوان)
• قاهره ريسٽورنٽ Cairo Restaurant(ايتيوان)
دبئي ريسٽورنٽ جو خاص کاڌو ’مندي‘ ۽ قاهره ريسٽورنٽ جو خاص کاڌو ’ڪباب ۽ نان‘ ھوندا ھئا.
انھن کان علاوہ ايتيوان ۾ انڊونيشين ۽ ملائيشين ريسٽورنٽ بہ ھوندا ھئا. ملائيشين ريسٽورنٽ جو خاص کاڌو ’ناسي ليمڪ‘ ھو.
سيئول کان علاوہ حلال ريسٽورنٽ ڪوريا جي ٻين شھرن ۾ بہ ھئا. جن مان ڪجهہ خاص جا نالا ھي آھن:
• جيجو
1. بغداد ڪيفي ۽ ريسٽورنٽBaghdad Cage & Restaurant
2. راج محلRaj Mahal
• بوسان
1. پنجابي انڊين ريسٽورنٽ Punjabi Indian Restaurant
2. هيلو انڊيا Hello India
3. بمبئي براؤBombay Brao

• گيونگي
گيونگي ۾ ٻہ وڏا شھر (سووان ۽ انسان) آھن.
1. ٽيرس گرين ريسٽورنٽ Terrace Green Restaurant (سووان)
2. دهلي ڍابا ريسٽورنٽ Dehli Dhaba Restaurant (سووان)
3. دُرگا ريسٽورنٽDurga Restaurant (سووان)
4. ڪنزا ريسٽورنٽKINZA RESTAURANT (سنبن، انسان)
5. تاج محل ريسٽورنٽTAJ MAHAL RESTAURANT(انسان)
6. ڪنزا ريسٽورنٽKINZA RESTAURANT (جنگانگ، انسان)

ڪوريا جا مشھور شھر

سيئول (Seoul)
سيئول، ڪوريا جو وڏو ۽ اوڀر ايشيا ۾ ھڪ اھم سير و تفريح (ٽوئرزم) وارو شھر آهي. اڪثر سياح ايئرپورٽ تان سَب وَي ذريعي سيئول ايندا آهن ۽ اهي رهڻ لاءِ مرڪزي سيئول يا گنگنم ويندا آهن. سيئول اسٽيشن سيئول شھر جو گيٽ وي آهي ۽ ڪوريا ۾ ھتي ئي سڀ کان وڌيڪ مسافر ايندا آهن. سيئول اسٽيشن عام سب وي کان وٺي تيز رفتار ڪوريا ٽرين ايڪسپريس (KTX) لاءِ هڪ اهم ٽرين اسٽيشن آهي، جتان ٽرينون ’جيونجو‘ (Jeonju)، ’بوسان‘ (Busan)، ’گنگنيونگ‘(Gangneung) ۽ ڪوريا جي ٻين مشھور شھرن ۽ حصن ڏانھن وڃن ٿيون. KTX کان علاوہ سيئول اسٽيشن تان آئي ٽي ايڪس (ITX)، سيميول (Saemaeul) ۽ مگنگهوا (Mugunghwa) ٽرينون پڻ هلن ٿيون. سيئول اسٽيشن سيئول سب وي لائينز نمبر 1 ۽ 4 سان بہ ڳنڍيل آھي، جيڪي گيونگي صوبي ۽ جنگانگ وينديون آھن. سيئول ڏانھن ويندڙن لاءِ ايئرپورٽ ريلوي ايڪسپريس ٽرين (ARX) انچئن ايئرپورٽ ۽ سيئول اسٽيشن وچ ۾ هلندي آهي.
سيئول اسٽيشن ھڪ شاھڪار آھي. اسٽيشن جي بلڊنگ نھايت ئي خوبصورت ۽ وڏي آھي. اتي مختلف شاپنگ مالز، ريسٽورنٽز ۽ ڪافي شاپس موجود آھن. سيئول اسٽيشن سان گڏوگڏ ’لوٽي مارٽ‘ پڻ آھي. سيئول اسٽيشن جي ڀرسان سيئولو آھي، جيڪو ھڪ پل وانگر آھي، جنھن ۾ مٿي باغ ۽ واڪنگ ٽريڪ آھي. اسٽيشن جي ويجهو سيلوئم سونا جمجيبانگ (ڪورين روايتي اسپا) بہ آھي.
سيئول ڪوريا جي اتر اولھہ ۾ آهي. سيئول جو ايريا 605.25 اسڪوائر ڪلوميٽر آھي. سيئول جو ريڊيس تقريبن 15 ڪلوميٽر آھي. سيئول شھر کي ھان درياءُ ٻن حصن (اتر ۽ ڏکڻ) ۾ ورھائي ٿو. سيئول جي چوڌاري ھڪ قلعي وانگر ديوار ھوندي ھئي، جنھن جا آثار ۽ ڪجهہ حصا اڃان تائين اتي موجود آھن. اھا ديوار چار مکيہ جبلن تي ٺھيل آھي: نمسان، نڪسان، بڪھنسان ۽ انوانگسان. ڪورين ٻوليءَ ۾ جبل کي ’سان‘ چئبو آھي. سيئول 25 ضلعن ۾ ورهايل آھي. انھن ضلعن مان ’سونگپا‘ ۾ گهڻا ماڻھو رھندا آھن، جڏھن تہ ’سيوچو‘ ايريا جي لحاظ کان وڏو علائقو آھي.
ھونئن تہ ھر ضلعي جي پنھنجي پنھنجي اھميت آھي، پر جونگنو ۽ گنگنم ضلعن کي خاص اھميت حاصل آھي. جونگنو، ھان دريا جي اتر ۾ ۽ گنگنم ڏکڻ ۾ آھي. جونگنو ضلعو عام طور ڪوريا جي منھن ۽ دل جي طور سڏيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ تہ ان جو سرمائيداري، سياست، اقتصاديات، ثقافت ۽ تاريخ ۾ اهم ڪردار آهي. ڏکڻ ڪوريا جي صدر جي موجوده رهائش ’چنيگواڊي‘ ۾ آھي، جيڪا پڻ جونگنو ضلعي ۾ واقع آهي. گنگنم ضلعو سيئول جي 25 ضلعن مان هڪ آهي. گنگنم جي لفظي معنيٰ ’درياھہ جو ڏکڻ‘ آهي. گنگنم ضلعو سيئول ۾ ٽيون نمبر وڏو ضلعو آهي. گنگنم پنھنجي جديد اڏاوت، اسڪائي اسڪريپرز، جديد طرزِ زندگي ۽ ڪلبز وغيرہ جي حوالي کان سڃاتو وڃي ٿو.
شھر کي هڪ نظر ۾ ڏسڻ جو بھترين طريقو ’سيئول سٽي ٽوئر بس‘ آهي. مان پڻ پھريون ڀيرو بس ذريعي سيئول جو ٽوئر ڪيو ھو. مون ٽوئر کان پھريون شھر بابت تمام گهڻو پڙهيو ۽ پوءِ فيصلو ڪيو تہ پھريون ڀيرو شھر جو ٽوئر بس تي ئي ڪريان تہ جيئن مان سيئول کي سمجهي سگهان. سيئول سٽي ٽوئر بس جا ٻہ ٽوئر اھم آھن. پھرئين ٽوئر جو نالو ’ڊائون ٽائون نمسان ڪورس‘ آھي. ھن ٽوئر جي ٽڪيٽ 18 هزار وون آھي. ٻيو ٽوئر ’گنگنم‘ جو ھو، جنھن جو ٻيو نالو ’ارائونڊ گنگنم ڪورس‘ بہ آھي، ھن ٽوئر جي ٽڪيٽ 15 هزار وون آھي.
سيئول ۾ گهمڻ ڦرڻ جون سوين جايون آھن، پر اڪثر سياح گهمڻ ڦرڻ جي شروعات سيئول ۾ واقع محلات سان ڪن ٿا. اسان بہ شروعات ھان دريا جي اتر ۽ سڀ کان پھريان محل کان ڪريون ٿا.

گيونگبوڪگنگ محل (Gyeongbokgung Palace)
سيئول، محلات سان ڀريل آهي. انھن محلاتن ۾ بادشاھ رهندا ۽ ڪم ڪندا هئا. سيئول جا پنج مشھور ۽ وڏا محلات ھي آھن:
1. گيونگ بوڪگنگ محل Gyeongbokgung
2. چانگڊيوڪگنگ محل Changdeokgung
3. گيونگهئيگنگ محل Gyeonghuigung
4. ڊيوڪسوگنگ محل Deoksugung
5. چنگيونگگنگ محل Changgyeonggung
اھي محلَ اسان کي ڏسڻ ۾ ھڪ ئي جھڙا لڳن ٿا، تنھن ڪري مان صرف مکيہ محل (گيونگ بوڪ گنگ محل) جو ذڪر ڪندو ھلان.
گيونگ بوڪگنگ محل، جوسن خاندان جو بنيادي شاهي محل هو. اھو محل 1395ع ۾ ٺھيو. گيونگ بوڪ گنگ محل اتر سيئول ۾ واقع آهي. اھو محل جوسن خاندان جي تعمير ڪيل پنجن وڏن محلن مان سڀ کان وڏو محل آھي. ھي محل جوسن خاندان جي بادشاهن جي رھائش ۽ حڪومت طور استعمال ڪيو ويندو ھو.
گيونگ بوڪگنگ محل ڪوريا ۾ سڀ کان وڏو سياحتي مقام آهي. محل سان گڏوگڏ گيونگ بوڪگنگ سَب وَي اسٽيشن بہ آھي. محل ۾ داخل ٿيڻ جي ٽڪيٽ 3 هزار وون آھي. ھي محل ھميشہ ڪورين ۽ پرڏيھن سان ڀريل ھوندو آهي. ماڻھو ھانبڪ (ڪورين روايتي لباس) پائي محل ۾ فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ ايندا آھن. جڏهن منھنجو ڪو بہ سنگتي ڪوريا ايندو هو، تہ مان انھن کي عام طور سڀ کان پھريان محل گهمائڻ لاءِ وٺي ويندو ھيم.
محل ھيٺين ريت ترتيب ڏنل آھي:
گيونگ بوڪ گنگ جا مين گيٽ
• مکيہ ۽ ڏکڻ گيٽ (گوانگيمون)
• ٻيون اندروني گيٽ (هينگنيمون)
• ٽيون اندروني گيٽ
• اتر گيٽ (سينمومون)
• اولھ گيٽ (جيونچومون)
• اوڀر گيٽ (يوگنچومون)
ياد رھي تہ ڪورين ٻولي ۾ ’مون‘ دروازي يا گيٽ کي چئبو آھي.

ٻاھريون ڪورٽ
ھن ۾ بادشاہ جو دربار آفيس، وزيرن جو آفيسون ۽ ٽيون اندروني گيٽ آھي.

اندروني ڪورٽ
ھن ۾ بادشاہن ۽ راڻين جا ڪمرا آھن.

تاج پوش بادشاہ جو محل
ھن ۾ تاج پوش بادشاہ ۽ راڻي جا ڪمرا آھن.
• ھال
• پُلون

چيونگوادي - بليو هائوس (Blue House)
چيونگوادي ڏکڻ ڪوريا جي صدر جي سرڪاري رهائشگاھہ آهي. چيونگوادي گيونگ بوڪگنگ محل جي بلڪل پويان آھي. رهائشگاھہ ۾ عام طرح وڃڻ جي اجازت ڪونھي. ان ڪري توهان کي چيونگوادي جي ٽوئر لاءِ اڳ ۾ ريزرويشن ڪرائڻي پوندي.
گيونگ بوڪگنگ محل جي آس پاس وارين جڳھين ۾ بادشاھہ سيجونگ جو مجسمو، چيونگيڇن (CHEONGGYECHEON)، سيئول سٽي ھال ۽ لائبريري شامل آھن. سيجونگ ڪوريا جي جوسن خاندان جو چوٿون بادشاھ هو. بادشاھہ سيجونگ ڪورين لکڻ جو نظام (هنگل) ٺاهڻ لاءِ مشھور آهي. سيجونگ يادگار گيونگ بوڪ گنگ محل جي مين گيٽ وٽ ٺھيل آھي.

چيونگيڇن (Cheonggyecheon)
چيونگيڇن، سيئول ۾ خوبصورت ترين جڳھين مان ھڪ آھي. اھو پاڻيءَ جو ڦوھارو آھي، جيڪو ھڪ ندي ٿي وھي ٿو. چيونگيڇن تقريبن 11 ڪلوميٽر ڊگهو وهڪرو آهي، جيڪو سيئول شھر کان هيٺ وهي ٿو. نديءَ جي ٻنھي پاسي واڪنگ ٽريڪ آھن. نديءَ ۾ مڇيون بہ آھن، پر ڪوبہ انھن سان حرڪت نہ ڪندو آھي. ھن نديءَ جو ڇوڙ ھان درياءَ ۾ ٿئي ٿو. ھتي ماڻھو وڏي تعداد ۾ اچي سڪون وٺندا آھن. ھي پريمي جوڙن جي ويھڻ جو ھڪ خاص ھنڌ آھي.

سيئول سٽي ھال (Seoul City Hall)
سيئول سٽي هال، شھر جي هڪ سرڪاري عمارت آهي، جنھن ۾ سيئول جا انتظامي مامرا ڏٺا ويندا آھن. سيئول سٽي هال شھر جي دل ۾ واقع آهي. اهو ھال سيئول سب وي لائين نمبر 1 سان ڳنڍيل آهي. سٽي هال جي سامھون ھڪ پراڻو هال بہ آهي، جنھن کي هاڻ ’سيئول ميٽروپوليٽن لائبريري‘ ۽ ’سيئول پلازا‘ سڏيو ويندو آھي.

بڪچن ھنوڪ وليج/ڳوٺ (Bukchon Hanok Village)
ھنوڪ ڪوريا جي روايتي گهرن کي چيو ويندو آهي. بڪچن ھنوڪ ڳوٺ ۾ ڪنھن دور ۾ جوسن خاندان رهندو هو. ھي ھڪ ڳوٺ وانگر آھي، جنھن ۾ ڪورينز جا روايتي گهر ۽ روڊ رستا ڏسڻ وٽان آھن. ڪجهہ ھنوڪ اڃان تائين مقامي ماڻھن جي ملڪيت آهن، جڏهن تہ گهڻا ھنوڪ ھاڻي گيلريز، ريسٽورنٽ ۽ ڪيفي ۾ تبديل ٿي ويا آھن.

ايتيوان (Itaewon)
ايتيوان، سيئول جو تمام مشھور علائقو آھي. ايتيوان سب وي لائين جي ڇھين نمبر تي ايندو آهي. ايتيوان ۾ تقريبن 22 هزار پرڏيھي رهن ٿا، جنھن ۾ گهڻو ڪري U.S ملٽري جا ماڻھو آهن. ان کان علاوہ وڏي تعداد ۾ سياح (ٽوئرسٽز) بہ هن علائقي ۾ ايندا آهن. ايتيوان ڊسٽرڪٽ کي سيئول جو انٽرنيشنل ڊسٽرڪٽ بہ چئبو آهي، ڇاڪاڻ تہ ھتي وڌ کان وڌ پرڏيھي رهندا آهن.
ايتيوان ۾ سيئول جي واحد مسجد موجود آهي، جنھن کي ’سينٽرل سيئول مسجد‘ چيو ويندو آهي. اها مسجد ڪورين گورنمينٽ پنجويھہ يا ٽيھہ سال پھرين ٺهرائي هئي. ڪوريا ۾ ڪورين مسلمان تہ گهٽ پر ترڪش مسلمان گهڻا ھئا، جيڪي گهڻو اڳ هتي آيا هئا ۽ انھن کي ئي ڪورين گورنمينٽ مسجد ٺهرائي ڏني هئي. اڄ تائين بہ ڪوريا ۾ ترڪش مسلمان تمام گهڻا آهن. انھن کان علاوہ ھاڻي انڊونيشين، ملائيشين، پاڪستاني، انڊين ۽ بنگالي مسلمان بہ آھن.
ايتيوان ۾ بي انتھا هوٽلز، ريسٽورنٽز، دڪان، شاپنگ مالز، ڪلبز ۽ بارز موجود آهن. سڀني کان مشھور هوٽل ’ھملٽن‘ آھي، جتي اڪثر پرڏيھي رهن ٿا. ريسٽورنٽز ۾ ڪورين ۽ آمريڪي ريسٽورنٽز شامل آھن. جڏھن تہ حلال ريسٽورنٽز ۾ بہ ڪورين، ترڪش، انڊين، پاڪستاني، عربي، ايراني ۽ ملائيشين ريسٽورنٽز شامل آھن، جن جو ذڪر مان ڪوريا ۾ حلال ريسٽورنٽز ۾ ڪري آيو آھيان. ايتيوان ۾ ڪورين حلال ريسٽورنٽ بہ گهڻا هئا، جنھن ۾ ڪورين مسلمان يا پرڏيھہ کان آيل مسلمان بہ ڪورين کاڌا کائي سگهن ٿا. انھن ۾ چڪن، مٽن ۽ بيف حلال هوندو هو ۽ انھن هوٽلن ۾ شراب تي بہ پابندي هوندي هئي. حلال ريسٽورنٽز کي ’ڪورين مسلم فيڊريشن‘ ڪنٽرول ڪندي ھئي.
ان کان علاوہ اتي مختلف ڊپارٽمينٽل اسٽورز، جنھن ۾ پاڪستاني، بنگلاديشي، انڊين اسٽورز هئا جھڙوڪ:
• نيشنل مارٽ (پاڪستاني)
• فارينرز مارٽ (بنگلاديشي)
انھن ڊپارٽمينٽل اسٽورن تي هر شئي جيئن تہ سوپاري کان چانھہ جي پتيءَ تائين موجود آھي. اسان جي پٺاڻ دوستن کي نسوار بہ اتان ئي ملي ويندي ھئي. مطلب تہ هر پاڪستاني آئٽم انھن اسٽورن تي موجود هو، پر انھن جي قيمت تمام گهڻي هوندي هئي.
ايتيوان ۾ هڪڙو ’البرقا‘ جي نالي سان حلال گوشت جو دڪان هوندو هو، جيڪو تازو چڪن، مٽن ۽ بيف وڪرو ڪندو هو. ٻين دڪانن تي گوشت فرج ۾ فريز ٿيل ملندو هو. ان کان علاوہ شاپنگ مالز بہ ايتيوان ۾ تمام گهڻا هئا، جن ۾ هر سائز جا ڪپڙا ملندا هئا. هونئن ڪوريئن پاڻ تہ ايترا ٿلھا ۽ قدآور نہ هئا، پر جيڪي آمريڪي ٿلھا ماڻھو هئا، انھن لاءِ اسپيشل دڪان هئا، جن کي ’بگ سائز شاپ‘ سڏيو ويندو هو.
ڪوريا ۾ وڌ کان وڌ بارز يا ڪلبز، ايتيوان شھر ۾ هئا ۽ ريڊ ايريا بہ اتي ئي هو. ايتيوان ۾ هونئن تہ سڄو ڏينھن رش هوندي هئي، پر خاص طور شام جو ڇھين يا ستين وڳي کان پوءِ تہ تمام گهڻي رش وڌي ويندي هئي. سوَن جي تعداد ۾ ڪورين ۽ پرڏيھي ماڻھو هوٽلن تي ماني کائڻ، شاپنگ ڪرڻ ۽ پارٽيز اٽينڊ ڪرڻ ايندا هئا. ڪورين ۽ پرڏيھي تقريبن سڄي رات بارز يا ڪلبز ۾ گذاريندا ھئا ۽ صبح جي پھرين سب وي ۾ گهر ويندا ھئا، جيڪا پنجين وڳي ھلندي ھئي.
اڪثر ملڪن جا سفارتخانا (ايمبيسيز) بہ ايتيوان ۾ آھن. پاڪستان جو سفارتخانو بہ ايتيوان ۾ آھي.

نمسان سيئول ٽاور (Namsan Seoul Tower)
نمسان سيئول ٽاور، ڪوريا جو پھريون سياحتي مقام هو. ٽاور جي چوٽي سمنڊ جي سطح کان تقريبن 480 ميٽر مٿي آهي، جنھن ۾ نمسان جبل (243.3 ميٽر) ۽ ٽاور جي پنھنجي اونچائي (236.7 ميٽر) آهي. نمسان سيئول ٽاور، ايشيا جي بلند ترين ٽاورز مان هڪ آهي. اتان اتر ڪوريا جو بارڊر پڻ نظر ايندو آھي. هي ٽاور، تازو 40 سالن کان پوءِ عوام جي رسائيءَ لاءِ کوليو ويو آهي. هاڻي اهو سيئول جي نمائندگي ڪندڙ ۽ ثقافتي هنڌن مان هڪ ٿي چڪو آهي. ٽاور ۾ مٿي وڃڻ جي ٽڪيٽ 11 هزار وون آھي. ٽاور ڪورين ۽ پرڏيھن سان ڀريل ھوندو آهي ۽ اھو ٽاور عاشقن لاءِ خاص مقام آھي. ھُو اتي اچي گڏ رھڻ جا وعدا ڪن ٿا ۽ ٽاور وٽ تالو ھڻين چاٻي ھيٺ اڇلائن ٿا.

دونگديمون ڊيزائن پلازا (Dongdaemun Design Plaza)
دونگديمون ڊيزائن پلازا (ڊي ڊي پي) ڪورين ڊيزائن انڊسٽري جي نئين ۽ سڀ کان مشھور بلڊنگ آهي. ڊي ڊي پي دونگديمون ايريا جي مرڪز ۾ واقع آهي. ڊي ڊي پي ۾ انٽري مفت آھي. ڊي ڊي پي ڊزائن شوز، ڪانفرنسز، نمائش، ٻين واقعن ۽ گڏجاڻين جي اهم جڳھہ جي حيثيت سان ڪم ڪندو آھي. ڊي ڊي پي دنيا جي نامياري معمار زاها حديد پاران ترتيب ڏنل آھي. ڊي پي پنجن هالن تي مشتمل آهي:
1. آرٽ هال
2. ميوزيم
3. ڊيزائن ليب
4. ڊيزائن مارڪيٽ
5. دونگديمون هسٽري ۽ ڪلچر پارڪ

وار ميموريل ڪوريا (War Memorial Korea)
وار ميموريل ڪوريا، سيئول جي يونگسان ضلعي ۾ آھي. اهو ڪوريا جي فوجي تاريخ کي نمائش ۽ ياد رکڻ لاءِ 1994ع ۾ کوليو ويو. اهو ڪورين جنگ مان سبق حاصل ڪرڻ، اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا جي پرامن اتحاد جي اميد ۽ جنگن کي روڪڻ جي مقصد لاءِ ٺاهيو ويو هو. ھن ميموريل ۾ 6 انڊور (Indoor) نمائش وارا ڪمرا ۽ هڪ ٻاهرين نمائش جو مرڪز آهي. ھن ۾ چين، ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪا جون جنگي يادگارون ۽ فوجي سامان ڏيکاريل آھن. ميموريل ۾ انٽري مفت آھي.

نيشنل ميوزيم ڪوريا (National Mueseum Korea)
نيشنل ميوزيم، ڪوريا جي تاريخ ۽ آرٽ جو ميوزيم آهي. ھي ميوزيم 1945ع ۾ پنھنجي قيام کان وٺي آرڪيالاجي، تاريخ ۽ آرٽ جي شعبن ۾ مختلف پڙهائي ۽ تحقيقاتي سرگرمين جي لاءِ وقف ڪيو ويو آهي. انھيءَ سان گڏوگڏ مختلف قسم جي نمائش ۽ تعليم جي پروگرامن لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويندو آھي. ميموريل ۾ انٽري مفت آھي.

مشھور مارڪيٽون

نمديمون مارڪيٽ (Namdaemun Market)
نمديمون مارڪيٽ 1400 عيسويءَ جي شروعات ۾ ٺهرايو ويو ھو. ھي مارڪيٽ ڪوريا جي مصروف ترين بازارن مان هڪ آهي. توهان کي ھتي واقعي سستي قيمتن تي معياري چمڙي جون شيون، ڪپڙا، دستڪاري، امپورٽ ٿيل سامان، ٿانوَ، اليڪٽرانڪس ۽ روايتي مشرقي دوائون ملنديون. ھتي ڏينھن ۾ توهان کي مقامي ماڻھو گهريلو شيون خريد ڪندا نظر ايندا. نمديمون جون اصلي رونقون رات جو 11 کان صبح 4 تائين ھونديون آھن. ان وقت مارڪيٽ پرڏيھين سان ڀريل ھوندو آھي. ياد رھي تہ ھتي دڪانن تي ريٽ فڪس نہ ھوندا آھن، سو جيترا توھان گهٽ ڪرائي سگهو. سوَلي سنڌيءَ ۾ پٺاڻن وارو ڪم آھي، جاتي ھمراہ ڦاٿو.

دونگديمون مارڪيٽ (Dongdaemun Market)
دونگديمون مارڪيٽ، ڊي ڊيپي سان گڏ آھي. دونگديمون مارڪيٽ ۾ 26 شاپنگ مالز، 30 هزار دڪان ۽ 50 هزار شيون ٺاهيندڙ يا مينيوفيڪچرر آهن. اھا مارڪيٽ ڪوريا جي وڏن ھلندڙ شاپنگ ضلعن مان ھڪ آھي، جنھن ۾ ڪپڙن، جوتن ۽ زيورن کان وٺي چمڙي جي سامان، رانديڪن، اليڪٽرانڪس ۽ دفتري ضرورتن جو بہ سامان موجود آھي. دونگديمون مارڪيٽ پڻ هڪ فوڊ اسٽريٽ وانگر آھي، اھا مارڪيٽ بہ سڄي رات مصروف رهي ٿي.

گوانگجنگ مارڪيٽ (Gwangjang Market)
گوانگجنگ مارڪيٽ شھر ۾ بھترين جڳھين مان هڪ آهي. اھا مارڪيٽ ڪورين ڪپڙن ۽ کاڌن لاءِ مشھور آھي، پر اسان جو اتي وڃڻ گهٽ رھيو.

مشھور شاپنگ ايريا

انسادونگ (Insadong)
انسادونگ، شھر جي مرڪز ۾ واقع آهي. انسادونگ ۾ جديد گيليريز، ڪافي ۽ چانھه جا دڪان آھن. ڪنھن وقت ۾ اها ڪوريا ۾ قديم آثارن ۽ آرٽ جي حوالي سان وڏي مارڪيٽ هئي. انسادونگ ۾ پراڻين ۽ روايتي شين جي نمائش لاءِ سوين دڪان آهن.

ميانگدونگ (Myeongdong)
ميانگدونگ بہ شھر جي مرڪز ۾ واقع آهي. ميانگدونگ هڪ تجارتي علائقو آهي ۽ سيئول جي مکيہ شاپنگ ايرياز مان هڪ آهي. ميانگدونگ جو شمار دنيا جي مھانگين شاپنگ اسٽريٽ ۾ ٿيندو آھي. هي علائقو ٻن تاريخي طور اهم سائيٽز جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو يعني ’ميانگدونگ ڪيٿيڊرل‘ ۽ ’ميانگدونگ نانتا ٿيٽر‘.

هونگدي (Hongdae)
هونگدي، ماپو ضلعي ۾ آھي. ماپو ضلعو بہ ھان درياءَ جي اتر ۾ آھي. هونگدي، ’هونگڪ يونيورسٽي‘ جي ويجهو آھي. هونگدي پنھنجي شھري فنون، ميوزڪ ڪلچر، دڪانن، ڪلبز ۽ تفريح جي لاءِ مشھور آهي. ھتي توھان کي سڄو ڏينھن رش ملندي. سڄو ڏينھن مختلف ميوزڪ پروگرامز ٿيندا آھن، جيڪي مفت ھوندا آھن. هونگدي شاپنگ لاءِ بہ ڏاڍو مشھور آھي. ھتي توھان کي انڊين ۽ ترڪش ريسٽورنٽ پڻ ملندا. هونگدي جا نائٽ ڪلب سيئول ۾ مشھور آھن، تنھن ڪري رات جو بہ هتي رش ٿئي ٿي.

يونگسان اليڪٽرانڪس مارڪيٽ (Yongsan Electronics Market)
يونگسان اليڪٽرانڪس مارڪيٽ، سيئول جي يونگسان ضلعي ۾ آھي ۽ يونگسان سب وي اسٽيشن سان گڏوگڏ آھي. اھا هڪ ريٽيل مارڪيٽ آهي. مارڪيٽ ۾ 20 بلڊنگز ۽ 5000 اسٽور آھن، جن ۾ اليڪٽرانڪ اپلائنسز، اسٽيريو، ڪمپيوٽر، آفيس جو سامان، ٽيليفون، لائٽنگ جو سامان، اليڪٽرانڪ رانديون ۽ سافٽويئر، ويڊيوز ۽ سي ڊيز وڪرو ٿين ٿيون. ڪورين شيون عام طور هتي ٻين شين جي ڀيٽ ۾ تقريبن 20 سيڪڙو سستيون آهن. ياد رھي تہ ھن مارڪيٽ ۾ بہ قيمتون فڪس ناھن.

ڊي مليٽرائيزڊ زون (DMZ)
ڊي مليٽرائيزڊ زون (DMZ) سيئول کان ھڪ ڪلاڪ جي پنڌ تي آھي. ڊي مليٽرائيزيشن وارو علائقو هڪ سرحدي ڇيڙو آهي، جيڪو اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا جي ايراضيءَ کي تقريبن اڌ ۾ ورهائي ٿو. اهو 1953ع ۾ اتر ڪوريا، چين ۽ گڏيل قومن جي ڪمانڊ جي وچ ۾ معاهدي ذريعي ٺاهيو ويو ھو. ڊي مليٽرائيزڊ زون 250 ڪلوميٽر (160 ميل) ڊگهو ۽ اٽڪل 4 ڪلوميٽر (2.5 ميل) ويڪرو آهي. ڊي مليٽرائيزڊ زون جي چوٽيءَ تي بيھي، توھان اتر ڪوريا جي سرحد ۽ ھڪ شھر جو نظارو ڪري سگهو ٿا.

هان دريا (Han River)
هان دريا، سيئول شھر کي ٻن حصن ۾ ورھائي ٿو، جيڪو سيئول شھر جي وچان وھي ٿو. هن دريا تي مجموعي طور 27 پلون آھن. هن جي چوڌاري شام جو سير ڪرڻ، سئيول شھر مان لطف اندوز ٿيڻ جو بھترين طريقو آھي. شھر جي روشنين کي پاڻيءَ تي چمڪندڙ ڏسڻ جو مزو ئي پنھنجو آھي. هان دريا جي ٻنھن پاسي واڪنگ ۽ سائڪلنگ ٽريڪ آھن. گڏوگڏ ٻنھي پاسي ڪيترا ئي پارڪ، ريسٽورنٽ، ڪافي شاپ پڻ آھن. انھي کان علاوہ اتي فوڊ ٽرڪ بہ ھوندا آھن جتي هر قسم جا کاڌا ملن ٿا. ھان دريا تي گهمڻ جون ڪجهہ جڳھيون ھي آھن: ’هانگانگ پارڪ‘ ۽ ’بينپو برج رينبو فائونٽين‘. هان دريا جي خوبصورتيءَ مان زمين تي لطف اندوز ٿيڻ سان گڏ بوٽ ۽ ياچ رائيڊ بہ عام آھي.

هانگانگ پارڪ (Hangang Park)
هانگانگ پارڪ، هان دريا تي هڪ پارڪ آهي. هانگانگ پارڪ ۾ گهڻيون رانديون رھڻ جي سھوليت آهي، جھڙوڪ فٽبال، اسڪيٽ بورڊنگ، اسڪيٽنگ پارڪ، ٽينس ڪورٽ، سائيڪلنگ وغيرہ. هتي پڻ ڪيترائي سوئمنگ پول ۽ ڪيتريون ئي پاڻيءَ سان تعلق رکندڙ رانديون جھڙوڪ واٽر اسيئينگ، ياچنگ، ٻيڙيءَ جي ڊوڙ ۽ مڇي مارڻ جون سھوليتون موجود آهن.
هانگانگ پارڪ ۾ 12 پارڪ آهن:
1. يوئيدو پارڪ
2. بنپو پارڪ
3. نانجي پارڪ
4. گوينگنارو پارڪ
5. جيمسل پارڪ
6. ٽڪسم پارڪ
7. جام ون پارڪ
8. ايچون پارڪ
9. منگوون پارڪ
10. گنگسيو پارڪ
11. ينگهوا پارڪ
12. سيونيوڊو پارڪ
انھن مان ’يوئيودو پارڪ‘ گهڻي اھميت جو حامل آھي. يوئيودو پارڪ، Yeouido ۾ واقع آهي. ھن جي ڊيگهہ 8.4 ڪلوميٽر آھي. يوئيودو پارڪ سب وي سان بہ گڏيل آھي. يوئيودو، ڪاروباري ماڻھن ۽ عام شھرين جي پسنديده جڳھہ آهي. يوئيودو پارڪ ڪيترن ئي واقعن جھڙوڪ هانگانگ اسپرنگ فيسٽيول، سيئول بين الاقوامي آتش بازي فيسٽيول، مختلف پرفارمنس ۽ ميراٿن لاءِ استعمال ٿيندو آھي.
بينپو برج رينبو فائونٽين (Banpo Bridge Rainbow Fountain)
بينپو برج رينبو فائونٽين، ھان درياءَ جي بينپو پل سان گڏ هڪ فائونٽين يا ڦھارو آهي. اتي ميوزڪ سان گڏ رنگا رنگ ۽ تيز روشنيءَ سان فائونٽين ھلن ٿا. فائونٽين ڏسڻ سان گڏوگڏ فوڊ ٽرڪ تان ريفريشمنٽ ڪرڻ جو مزو ئي پنھنجو آھي. ھتي شام جي وقت سوَن جي تعداد ۾ ماڻھو فائونٽين کي ڏسڻ ۽ ريفريشمنٽ ڪرڻ لاءِ اچن ٿا.

يوئيدو (Yeouido)
يوئيدو کي ڪوريا ۽ سيئول ۾ ھڪ خاص اھميت حاصل آھي. يوئيدو، سيئول ۾ هان دريا تي هڪ وڏو ٻيٽ آهي. اهو سيئول جو مکيہ فنانس ۽ سيڙپڪاري بينڪنگ جو ضلعو پڻ آهي. ھي ٻيٽ سيئول جي يونگدينگپو (YEONGDEUNGPO-GU) ضلعي ۾ واقع آھي. يوئيدو ۾ ’نيشنل اسيمبلي بلڊنگ‘، ’ڪوريا فنانشل انويسٽمينٽ ايسوسيئيشن‘، ’63 بلڊنگ‘، ’ايل جي هيڊڪوارٽر‘، ’ڪورين براڊڪاسٽنگ سسٽم هيڊڪوارٽر‘ ۽ ’ڪوريا ايڪسچينج سينٽر‘ موجود آھن. يوئيدو مرڪز ۾ هڪ مالي ضلعو ھجڻ جي ڪري ڪوريا جي بلند ترين عمارتن جو ڳڙھ آھي، جھڙوڪ ’بين الاقوامي مالياتي مرڪز سيئول‘، ’پارڪ ون ٽاور‘، ’ڪوريا فيڊريشن انڊسٽريز ٽاور‘ ۽ ’63 بلڊنگ‘. 63 بلڊنگ، سيئول جي بلند ترين عمارتن مان ھڪ آهي، جيڪا 1985ع ۾ تعمير ڪئي وئي هئي. هن عمارت جي چوٽيءَ تي ريسٽورنٽز پڻ آھن.

گنگنم (Gangnam)
گنگنم، سيئول جي 25 ضلعن مان هڪ آهي. گنگنم جي لفظي معني آهي ’درياھہ جو ڏکڻ‘. گنگنم ضلعو سيئول ۾ ٽيون نمبر وڏو ضلعو آهي. ھي ضلعو عالمي طور ڪجهہ طاقتور ڪمپنين لاءِ اقتصادي مرڪز آهي جيئن گوگل، آءِ بي ايم ۽ ٽيوٽا. گنگنم جي اصل دل هن جا رهواسي علائقا آهن، جتي گهر مسواڙ تي خريد ڪرڻ لاءِ ائڊوانس جي ماليت ھڪ عام ڪورين جي 10 سالن جي پگهار آهي.
ڪوريا ۾ مھانگي ترين ملڪيت ’گنگنم‘ جي آهي، خاص طور جڏهن توهان تمام گهڻي گهربل پاڙن ۾ ملڪيت رکو ٿا. ڪيترن ئي ڪورين لاءِ گنگنم ۾ ملڪيت انھن جي حيثيت جي علامت آهي، ان ڪري وڏا بزنسمين، اداڪار ۽ فنڪار گنگنم ۾ رھن ٿا. گنگنم ۾ توھان کي برانڊيڊ ڪارون جھڙوڪ مرسڊيز، آڊي، مسيراٽي، ٽيسلا ۽ رينج روور هر گهٽيءَ ۾ ملنديون. پلاسٽڪ سرجري ڪوريا ۾ ۽ خاص طور گنگنم ۾ ثقافت جو هڪ وڏو حصو بڻجي چڪي آهي. انھيءَ ڪري گنگنم ۾ توھان کي ھر جڳھ تي پلاسٽڪ سرجري ڪلينڪس ملنديون. ھڪ اندازي مطابق گنگنم ۾ 500 کان مٿي پلاسٽڪ سرجري جون ڪلينڪس موجود آهن. ڏيھي توڙي پرڏيھي، گنگنم ۾ پلاسٽڪ سرجري ڪرائڻ ايندا آھن. گنگنم پنھنجي رات جي زندگي (نائٽ لائف) لاءِ بہ مشھور آهي.
گنگنم پنھنجي جديد اڏاوت، اسڪاءِ اسڪريپرز، جديد طرزِ زندگي ۽ ڪلبز وغيرہ لاءِ بہ سڃاتو وڃي ٿو. سائي (PSY) جي بين الاقوامي گاني ’گنگنم اسٽائل‘ وڏي پئماني تي ’گنگنم کي روشن ڪرايو، جنھن کي ھاڻي ڪورين ثقافت ۾ وڏي شھرت حاصل آهي.
گنگنم سب وي اسٽيشن، گنگنم ضلعي جي اھم ترين اسٽيشنن مان ھڪ آهي. گنگنم سب وي اسٽيشن پاڻ ئي ھڪ انجنيئرنگ جو شاھڪار آھي. سب وي اسٽيشن کي تقريبن 12 ايگزٽ آھن. سب وي اسٽيشن ۾ زمين هيٺ سوين دڪان آهن. اسٽيشن جو ڀر وارو علائقو هڪ اهم تجارتي ۽ تفريحي علائقو آهي. گنگنم سب وي اسٽيشن وٽ ۽ ضلعي ۾ ڪيترا ئي حلال ترڪش ۽ انڊين ريسٽورنٽ ملندا. ھونئن تہ گنگنم ۾ ڪيترا ئي تفريحي ماڳ آھن، پر ڪجهہ خاص آهن، جن جو ذڪر ڪرڻ لازمي آھي.

لوٽي ورلڊ ٿيمپارڪ (Lottee World Theme Park)
لوٽي ورلڊ جيمشل (Jamsil) سب وي اسٽيشن سان جڙيل آھي. انھيءَ ڪري توهان براہ راست جيمشل اسٽيشن کان لوٽي ورلڊ ٿيم پارڪ جو دورو ڪري سگهو ٿا. لوٽي ورلڊ سيئول جو سڀ کان وڏو تفريحي پارڪ آهي، جنھن ۾ مزي جون سواريون، رانديون، هڪ آئيس اسڪيٽنگ رنگ ۽ 176 مختلف قسم جا ونڊرلينڊ آھن. لوٽي ورلڊ ۾ صبح جو سوير وڃڻ کپي ڇو جو هتي شام جو ۽ ويڪ اينڊ تي وڏي رش ٿئي ٿي ۽ توهان کي مشھور سواريءَ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پوندو. لوٽي ورلڊ لوٽي گروپ جو آهي. اهو تقريبن پورو سال کليل ھوندو آھي ۽ ان جي ھڪ ڏينھن جي داخلا جي ٽڪيٽ 30 هزار وون آهي.

لوٽي ورلڊ ٽاور مال (Lottee World Tower Mall)
لوٽي ورلڊ ٽاورمال بہ جيمشل سب وي جي ٻئي پاسي کان جڙيل آھي. لوٽي ورلڊ ٽاور مال ھڪ وڏو ۽ مشھور مال آھي. مال ۾ سوين دڪان، ريسٽورنٽز ۽ ڪافي شاپ آھن. لوٽي ورلڊ ٽاور مال جي پويان سيوڪچن ليڪ ۽ پارڪ بہ آهي، جتي توهان آرام ڪري سگهو ٿا ۽ ٻاهرئين منظر کان لطف اندوز ٿي سگهو ٿا.

لوٽي ورلڊ ٽاور (Lottee World Tower)
لوٽي ورلڊ ٽاورمال جي اندران ئي لوٽي ورلڊ ٽاور جو رستو آھي. لوٽي ورلڊ ٽاور ڏکڻ ڪوريا جي بلند ترين عمارت آهي، جيڪا 123 فلور تي مشتمل آھي ۽ ان جي بلندي 555 ميٽر آهي. ٽاور جي چوٽيءَ تي واقع سيئول اسڪائي آبزرويٽري آھي، جتان سيئول شھر جو خوبصورت آسماني نظارو 360 ڊگري تي ڪري سگهجي ٿو. لوٽي ورلڊ ٽاور مال ۾ مٿي وڃڻ جي ٽڪيٽ 30 هزار وون آهي.

ڪوايڪس مال (Coex Mall)
اسٽار فيلڊ ڪوايڪس (Coex) مال (جيڪو اڳوڻي ڪوايڪس مال طور سڃاتو وڃي ٿو) ڪوريا جي گنگنم ضلعي ۾ ھڪ انڊر گرائونڊ شاپنگ مال آھي. ان جي ايراضي تقريبن هڪ لک چوونجاھہ هزار چورس ميٽر آهي، جنھن مان هڪ لک چوئيتاليھہ هزار زير زمين منزل تي آهن، جيڪا انھي کي دنيا جو سڀ کان وڏو زيرِ زمين شاپنگ مال بڻائي ٿي. ڪوايڪس مال ڪوريا جي وڏن مالز مان ھڪ آهي. ڪوايڪس مال ۾ ڪنوينشن سينٽر، نمائشي ھال ۽ ڪيترائي دڪان آھن. سوين دڪانن سان گڏ مال ۾ فوڊ ڪورٽز، ميگا باڪس (سينما)، ڪوايڪس مال ايڪيوريم ۽ هڪ وڏو بڪ اسٽور آهي. مال جي اندر پڻ ڪيئي حلال ريسٽورنٽس آھن. مال جي اندر ’اسٽار فيلڊ لائبريري‘ بہ آھي، جيڪا سڀني لاءِ کُليل آھي. ھر ڪو ھتي اچي، ويھي ڪتاب پڙھي سگهي ٿو.

ٽائمز اسڪوائر مال (Times Square Mall)
ٽائمز اسڪوائر مال، سيئول جي مشھور مالز مان هڪ آهي. ان ۾ سي جي ويCGV جي سڀني کان وڏي سينما اسڪرين آھي. ٽائمز اسڪوائر مال ۾ ڊپارٽمينٽل اسٽورز، ملٽي پلڪس ٿيٽرز، شاپنگ مالز ۽ ڪيترائي ريسٽورنٽس شامل آهن. ان جي اڏاوتي خاصيتن ۾ پلازه، ڇتيون، پاڻيءَ جا چشما ۽ ڪيترائي باغ آهن.

مشھور پارڪ

سيئول گرينڊ پارڪ (Seoul Grand Park)
سيئول گرينڊ پارڪ هڪ فيملي پارڪ آهي، جنھن جا ٻہ خاص حصا آهن:
1. سيئول لينڊ (Seoul Land)
سيئول لينڊ، سيئول گرينڊ پارڪ ڪومپليڪس ۾ واقع آهي. ھن ۾ تقريبن 40 سواريون آھن، جن ۾ رولر ڪوسٽر ۽ فلمي ٿئيٽر شامل آھن. سيئول لينڊ ۾ داخل ٿيڻ جي ٽڪيٽ 20 هزار وون آھي.
2. سيئول زو (Seoul Zoo)
سيئول زو جو مقصد جانورن جي وڌڻ ۽ رهڻ لاءِ هڪ مثالي ماحول مھيا ڪرڻ ۽ گڏوگڏ ناياب جانورن جي نمائش، تحفظ، تحقيق ۽ عوام کي تعليم ڏيڻ آهي. سيئول زو ۾ داخل ٿيڻ جي ٽڪيٽ 5 هزار وون آھي.

سيئول ٻارن جو گرينڊ پارڪ (Seoul Childrens Grand Park)
سيئول ٻارن جي گرينڊ پارڪ ۾ زو، باغ ۽ تفريحي پارڪ شامل آهن. هي پارڪ پرڪشش آهي انھي ڪري ٻارن ۽ نوجوانن کي گهڻو پسند ايندو آھي. ھن پارڪ ۾ داخلا مفت آھي.

سيئول اولمپڪ پارڪ (Seoul Olympic Park)
سيئول اولمپڪ پارڪ 1988ع واري سمر اولمپڪس جي ميزباني وارو ھڪ پارڪ آهي. ھن پارڪ ۾ داخلا مفت آھي.

سيئول فاريسٽ (ٻيلو)
سيئول فاريسٽ هڪ وڏو پارڪ آهي. اهو پورو سال کُليل ھوندو آھي ۽ ان ۾ داخلا مفت آهي. ھي پارڪ چئن حصن تي مشتمل آهي.
1. ڪلچر ۽ آرٽ پارڪ
2. تعليمي تجربي وارو پارڪ
3. ايڪو ون ٻيلو پارڪ
4. هنگانگ پارڪ
هن ايڪولوجيڪ پارڪ ۾ 40 کان وڌيڪ مختلف قسمن جا گلاب آهن. هي پارڪ سياحن کي درياھ جي چوڌاري گهمڻ ۽ انھن رنگين گلن جو مشاهدو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو.

ايورلينڊ (Everland)
ايورلينڊ ڪوريا جو سڀ کان وڏو ٿيم پارڪ آهي. ايورلينڊ سيئول کان ٻن ڪلاڪن جي پنڌ تي آھي. ايورلينڊ لاءِ سيئول کان بسون ۽ سب وي ھلن ٿيون. اسان سووان (SUWON) سب وي اسٽيشن کا ايورلينڊ جي سب وي ۾ اتي ويندا ھئاسين. ان سب وي ۾ ڊرائيور بہ نہ ھوندو ھو يعني تہ ان سب وي جو سڄو سسٽم آٽوميٽڪ ھو. ايورلينڊ ھڪ پوري الڳ دنيا آھي. ايورلينڊ ۾ هر سال 5.85 ملين ماڻھو ايندا آھن. ايورلينڊ ۾ هڪ زو ۽ پاڻي وارو پارڪ شامل آهي، جيڪو ’ڪيريبيين بَي‘ (CARIBEAN BAY) جي نالي سان مشھور آهي. ايورلينڊ سامسنگ (SAMSUNG) گروپ جو آهي. اهو تقريبن پورو سال کُليل ھوندو آھي ۽ ان جي ھڪ ڏينھن جي داخلا جي ٽڪيٽ 56 هزار وون آهي. ايورلينڊ خوابن جي دنيا وانگر بي انتھا خوبصورت آھي. ان جي خوبصورتي ڏسي مون کي پنھنجي اکين تي اعتبار نہ پئي آيو. ايورلينڊ جھڙا جهولا بہ مان ڪوريا ۾ ڪٿي بہ نہ ڏٺا.

بوسان (Busan)
بوسان کي سرڪاري طور ’بوسان ميٽروپوليٽن‘ سٽي طور سڃاتو وڃي ٿو. بوسان ڪوريا جو ھڪ ساحلي علائقو آهي. بوسان 15 ضلعن ۾ ورهايل آھي. بوسان سيئول کان پوءِ ڪوريا جو ٻيو گهڻي آبادي وارو شھر آهي، جنھن جي آبادي 3.5 ملين کان مٿي آهي. اهو ڪوريا جو ھڪ وڏو ٽوئرزم لاءِ پرڪشش شھر کان علاوہ اقتصادي، ثقافتي ۽ تعليمي مرڪز پڻ آهي. بوسان جي بندرگاھہ ڪوريا جي مصروف ترين ۽ دنيا جي پنجين مصروف ترين بندرگاھہ آهي. بوسان ۽ ان جا آس پاس وارا شھر السان ۽ ڏکڻ گيونگسانگ پاڻ ۾ ملي ’اقتصادي زون‘ ٺاھين ٿا. اھو ڪوريا جو سڀ کان وڏو صنعتي علائقو آهي.
ھونئن تہ انٽرنيشنل فلائٽز ڊائريڪٽ بوسان ايئرپورٽ وڃن ٿيون، جيڪو گمھي (GIMHAE) انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، پر اڪثر ماڻھو پھريان سيئول ۽ بعد ۾ بوسان ويندا آھن. سيئول کان بوسان وڃڻ جا ٽي ذريعا آھن؛ بس، ٽرين ۽ جھاز.
سيئول کان بوسان وڃڻ جو سستو ترين ذريعو ايڪسپريس بس آھي. بس جو ڪرايو تقريبن45 هزار وون آھي ۽ اھا بس تقريبن ساڍا ڇھ ڪلاڪ وٺندي آھي. سيئول کان بوسان 329 ڪلوميٽر پري آھي. جھاز تي بوسان وڃڻ تيز ترين ذريعو آھي، پر اھو طريقو تمام مھانگو آھي. تنھن ڪري اڪثر ماڻھون ٽرين (KTX) ذريعي بوسان ويندا آھن. KTX ٽرين بوسان وڃڻ جي تيز ترين ٽرين آهي، اھا ٽرين تقريبن ٻھ ڪلاڪ وٺندي آھي. KTX جو ڪرايو تقريبن 56 هزار وون آھي. ذاتي طور آئون بہ KTX ۾ بوسان وڃڻ پسند ڪندو ھيس. KTX تمام آرامدہ، صاف ۽ پرسڪون ھوندي ھئي ۽ ان ۾ واءِ فاءِ بہ مفت ھوندي آهي. KTX بوسان تي ھڪ مشھور فلم بہ ٺھيل آھي، جنھن جو نالو ’ٽرين ٽو بوسان‘ A) Train To Busan) آھي.
بوسان، وڏي مڇي مارڪيٽ سان گڏوگڏ جديد سمنڊ جو شھر هجڻ جي ڪري مشھور آهي. بوسان شاندار سمنڊ، پوشيده ٽيمپلز ۽ لذيذ سامونڊي کاڌن جي ڪري مشھور آهي.
شھر کي بھتر نموني ڏسڻ جو بھتر ذريعو سٽي ٽوئر بس جو سفر آھي. ھونئن تہ بوسان ۾ گهمڻ ڦرڻ جون کوڙجايون آھن پر اڪثر سياح گهمڻ ڦرڻ جي شروعات سمنڊکان ڪن ٿا.

هيئندي (Haeundae): سمنڊ جو ڪنارو
هيئندي هڪ بي انتھا خوبصورت سمنڊ جو ڪنارو آھي. ھن سمنڊ جي ڪري اڪثر ماڻھو گرميءَ ۾ ھتي اچن ٿا. هيئندي سمنڊ ڏکڻ ڪوريا جي خوبصورت سمنڊن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي. هيئندي جو سج لھڻ وارو نظارو لاجواب آهي.
هيئندي سمنڊ جي ويجهو بوسان جي واحد مسجد پڻ موجود آهي. هيئندي وٽ بي انتھا هوٽلون، ريسٽورنٽز، دڪان، شاپنگ مالز، ڪلبز ۽ بارز موجود آهن. ريسٽورنٽز ۾ ڪورين ۽ آمريڪي ريسٽورنٽز شامل آھن. جڏھن تہ حلال ريسٽورنٽز ۾ انڊين ۽ پاڪستاني ريسٽورنٽز پڻ شامل آھن. اڪثر سياح هيئندي جي سامھون وارن ھوٽلن ۾ ئي رھندا آھن.

يونگنگسا ٽيمپل (Yonggungsa)
يونگنگسا ٽيمپل يا مندر سمنڊ جي ويجهو واقع آهي. ھي ٽيمپل 1376ع ۾ ٺھيو هو. اھو ڪوريا جي چند ٽيمپلز مان هڪ آهي، جيڪو سمنڊ ڪناري تي قائم ڪيو ويو آهي.

بوسان ٽاور (Busan Tower)
بوسان ٽاور 120 ميٽر بلند ٽاور آھي. ھي ٽاور 1973غ ۾ ٺھيو ھو. توهان هتان کان بندرگاھہ جو هڪ شاندار نظارو ڏسي سگهو ٿا. ٽاور جي مٿان هڪ ڪيفي پڻ آهي. ٽاور صرف ڪم جي ڪلاڪن دوران ٻن تيز اسپيڊ لفٽن ذريعي گهمي سگهجي ٿو. ٽاور جي گرائونڊ فلور تي چند گيلريز ۽ سووينئر دڪان آهن. ٽاور عام طور شھر جي بندرگاھہ جو نظارو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.

گمچون ڪلچر ڳوٺ (Gamcheon Culture Village)
گمچون ڪلچر ڳوٺ ھڪ رنگ برنگو ثقافت وارو ڳوٺ آهي، جنھن ۾ ڪافي شاپس، ريسٽورنٽز، گيلريون، مجسما ۽ سووينئر جا دڪان آھن. ھن ڳوٺ مان بندرگاھہ جي بھترين نظاري لاءِ مٿي چڙهڻو پوندو آھي.
جگلچي مڇي مارڪيٽ (Jagalchi Market)
جگلچي مڇي مارڪيٽ بوسان جي سڃاڻپ آهي. ھن مارڪيٽ ۾ تازي مڇي وڪرو ڪئي ويندي آھي.
اسپالينڊ (SPA Land)
بوسان اسپا جو شھر آهي. اسپا ۾ قدرتي گرم پاڻي سان وھنجبو آھي. هتي 450 کان وڌيڪ اسپا موجود آهن، پر سڀني کان مشھور اسپا ھاٽ اسپرنگ پارڪ آھي. ھاٽ اسپرنگ پارڪ ۾ داخل ٿيڻ جي ٽڪيٽ 20 هزار وون آھي.

جيجو (Jeju)
جيجو، ڪوريا جي نوَن صوبن مان ھڪ آھي۔ جيجو صوبو ٻيٽ (آئيلينڊ) تي واقع آهي. اهو ملڪ جو سڀ کان وڏو ٻيٽ آهي. جيجو صوبي ۾ ٻہ شھر آھن: ’جيجو‘ ۽ ’سوگيپو‘. جيجو ڪوريا جي جيجو صوبي جي گاديءَ جو هنڌ بہ آهي ۽ جيجو ٻيٽ تي سڀني کان وڏو شھر آهي.
جيجو ۾ سال جو گهڻو عرصو گرم موسم ھوندو آهي. جيجو شھر جيجو صوبي جو اھم ٽرانسپورٽيشن سينٽر آھي، اتي ٻيٽ جو واحد ايئرپورٽ، ’جيجو بين الاقوامي ايئرپورٽ‘ پڻ آهي. جيجو کان سيئول ايئر لائن دنيا جو مصروف ترين ايئر لائن ھوائي رستو آهي. ان کان علاوہ جيجو جي بندرگاھ بہ تمام وڏي آھي. جيجو ۾ مال بردار ٻيڙيون گهڻيون اينديون آھن. جيجو شھر کان سوگيپو تائين بس ھلي ٿي، جيڪا عام طور هڪ ڪلاڪ وٺي ٿي. جيجو هڪ مشھور ٽوئرزم جو ماڳ آهي ۽ اتان جي معيشت جو هڪ وڏو حصو سياحت ۽ اقتصادي سرگرمين تي ٻڌل آهي.
جيجو وڃڻ جا ٻہ ذريعا آھن: ٻيڙي ۽ هوائي جھاز. جيجو وڃڻ جو سستو ترين ذريعو ٻيڙي آھي. سيئول کان ماڻھو KTX ذريعي بوسان ويندا آھن ۽ پوءِ ٻيڙي ذريعي جيجو ويندا آھن. بوسان ۽ جيجو شھر جي وچ ۾ فاصلو 292 ڪلوميٽر آهي. بوسان کان جيجو ٻيڙيءَ جو ڀاڙو تقريبن 2 لک وون آھي ۽ اھا ٻيڙي تقريبن ساڍا اٺ ڪلاڪ وٺندي آھي. ٻيڙين ذريعي ماڻھو چين ۽ جاپان کان بہ جيجو ايندا آھن. انٽرنيشنل فلائٽز بہ ڊاريڪٽ جيجو ايئرپورٽ اچن ٿيون. ڪوريا کان هوائي جھاز ۾ جيجو وڃڻ تيز ترين ذريعو آھي، پر اھو تمام مھانگو آھي. جھاز ۾ سيئول کان جيجو جو ڀاڙو تقريبن 4 لک وون آھي ۽ اھو جھاز تقريبن ھڪ ڪلاڪ وٺندو آھي. 2014ع ۾ بوسان کان جيجو ويندڙ ھڪ ٻارن سان ڀريل ٻيڙي ٻڏي وئي ھئي، جنھن ۾ 50 ٻار ٻُڏي ويا ھئا. ان واقعي سبب ھنن جي وزيراعظم استعفيٰ ڏني ھئي ۽ ان کان پوءِ گهڻو عرصو ٻيڙيون بند ھيون.
پھريون ڀيرو مان ۽ منھنجو ليب ميٽ اسداللھ گڏجي جيجو وياسين. اسداللھ پنھنجو فون گمپو ايئرپورٽ ۾ چارجنگ تي رکي وساري ويٺو ۽ اسان وڃين جيجو پھتاسين. اتي ان کي ياد آيو تہ فون تہ چارجنگ تي رکيل ھو. بھرحال اسان ٽي ڏينھن جيجو گمھي ساڳيو فون ايئرپورٽ سيڪيورٽي کان واپس ورتوسين. اھا ھئي اتان جي ايمانداري. ھتي ڪنھن جي ڪابہ شئي گم نہ ٿيندي ھئي، پر ھڪ اھڙو ڪيس ٿيو ھو، جنھن ۾ عمران احمد جو بيگ گم ٿي ويو ھو، ھن جو پاسپورٽ بہ بيگ ۾ ھو، جيڪو ھن کي نہ مليو.

حلاسان جبل (Halasan Mountain)
حلاسان جبل، جيجو ٻيٽ جي مرڪز ۾ واقع آھي. حلاسان جبل ڪوريا جو بلند ترين جبل آھي. حلاسان جبل ۾ هڪ آتش فشان آهي، جيڪو يونيسڪو طرفان عالمي قدرتي ورثو قرار ڏنل آهي. جبل جي وڏي اونچائي باوجود ان تي چڙهڻ بلڪل آسان آهي ۽ گهڻا ماڻھو هڪ ڏينھن اندر ان جي چوٽيءَ تي ويندا ۽ واپس ايندا آهن. چوٽيءَ تان جيجو جي خوبصورت نظارن سان گڏ هڪ وڏي خوبصورت ڍنڍ پڻ آهي.

چيونجيون آبشار (Cheonjiyeon Waterfall)
جيجو دنياوي جنت وانگر آهي، جنھن ۾ دلچسپ پٿر، خوبصورت سمنڊ ۽ آبشار آھن. انھن آبشارن مان خوبصورت ترين آبشار ’چيونجيون‘ آھي. اھو آبشار هڪ غار جي ڇت مان وھي ٿو.

سيانگسان الچلبونگ (Seongsan Ilchulbong)
جيجو يونيسڪو UNESCO جي عالمي ورثن سان ڀريل آهي. سيانگسان الچلبونگ کي سج اڀرندڙ چوٽي طور بہ سڃاتو وڃي ٿو. ھي ھڪ بي انتھا خوبصورت جڳھ آھي ۽ جيجو ۾ ھن کي وڏي اھميت حاصل آھي.

منجنگول غار (Manjanggul Cave)
منجنگول غار بہ يونيسڪو جو عالمي ورثو آھي. ھي غار دنيا جي ڊگهي لاوا سرنگن مان هڪ آهي. اھا غار اڍائي لک سال پراڻي آھي. منجنگول غار 13 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ ڊيگه تي پکڙيل آهي، پر سياحن جي گهمڻ لاءِ صرف هڪ ڪلوميٽر کليل آهي. غار ۾ گرمي پد تقريبن 11 کان 21 ڊگري سينٽي گريڊ آهي.

جنگمن سمنڊ (Jungmun Beach)
جنگمن سمنڊ، جيجو جو خوبصورت ترين سمنڊ آھي. جنگمن سمنڊ ۾ وڏيون لہرون ھونديون آھن، تنھن ڪري سرفنگSURFING جي شوقينن لاءِ پسنديده جڳھہ آهي. سڄي دنيا جا سرفرز، ھتي سال ۾ هڪ ڀيرو ’بين الاقوامي سرفنگ‘ مقابلي ۾ حصو وٺڻ لاءِ ايندا آهن.

جوسانگجولي ڪِلف
چون ٿا تہ جڏهن حلاسان جبل سمنڊ ۾ لٿو هو تہ جوسانگجولي ڪلف ٺھيو ھو. ھتي سمنڊ جون لهرون زور سان ڳاڙهي پٿرن سان ٽڪرائينديون آھن ۽ پاڻي 50 فٽ تائين مٿي ايندو آھي.

اِنچئن (Incheon)
انچئن لفظي طور ’مھربان ندي‘ يا انچئن ميٽروپوليٽن سٽي ڪوريا جو هڪ شھر آهي. انچئن ۾ اٽڪل ٽي ملين ماڻھو رهندا آهن، اهو ڪوريا جو ٽيون نمبر وڏو شھر آهي. ڪوريا جو مشھور ۽ وڏو انچئن انٽرنيشنل ايئرپورٽ بہ انچئن ۾ آھي. انچئن پورٽ ٽرانسپورٽ جو بہ وڏو مرڪز آهي. انچئن 17 ايشين گيمز، ايئر پورٽ ۽ پورٽ جي ڪري مشھور آھي. انچئن جون ڪجهہ گهمڻ جون مشھور جڳھيون ھي آھن.
• انچئن گرينڊ پارڪ INCHEON GRAND PARK
• ايروانگني سمنڊERWANGI BEACH
• ووليمو ٻيٽ WOLMIDO ISLAND

ديگو (Daegu)
ديگو ڪوريا جو چوٿون وڏو شھر آهي. ديگو ۾ اٽڪل اڍائي ملين ماڻھو رهندا آهن. ديگو ڪوريا جي وچ ۾ آھي. سيئول کان ديگو ٽي سئو ڪلوميٽر پري آھي. سيئول کان ديگو وڃڻ جو سستو ترين ذريعو ايڪسپريس بس آھي. اھا بس تقريبن چار ڪلاڪ وٺندي آھي. ٽرين سيئول کان ديگو تقريبن ٻہ ڪلاڪ وٺندي آھي. ديگو پنھنجي اليڪٽرانڪس انڊسٽري لاءِ مشھور آهي. ديگو جي ٿڌي آب و هوا اعليٰ قسم جا صوف (APPLE) پيدا ڪرڻ لاءِ مثالي آهي. ان ڪري ديگو ’ايپل سٽي‘ جي نالي سان بہ سڏبو آھي. ديگو کي ’ٽيڪسٽائل سٽي‘ پڻ چيو ويندو آهي. ديگوجون ڪجهہ گهمڻ جون مشھور جايون ھي آھن:
• اپسان پارڪ
• 83 ٽاور
• سيومن مارڪيٽ
• اي ورلڊ

ديجون (Daejon)
ديجون ڪوريا جو پنجون وڏو شھر آهي. ديجون ٽرانسپورٽ جو مرڪز پڻ آھي، ڇو جو ديجون سيئول ۽ بوسان جي وچ ۾ آھي، تنھن ڪري بس ۽ سب وي اتان گذرن ٿيون. ديجون سيئول کان 50 منٽن جي سفر تي آھي. ديجون ’ايشيا جي سليڪون وادي‘ ۽ ’هاءِ ٽيڪنالاجي شھر‘ جي نالي سان بہ سڃاتو وڃي ٿو. ديجون ۾ 18 يونيورسٽيون آهن. ديجون جون ڪجهہ گهمڻ جون مشھور جڳھيون ھي آھن:
• KAIST
• ديجون او ورلڊ
• پپوري پارڪ
• ديجون ايڪسپو سائنس پارڪ
• ڪورياڪرنسي ميوزيم پارڪ
• يوسيونگ ھوٽ اسپرنگ
• ڪوريا ايرواسپيس انسٽيٽوٽ
• ڪوريا ايٽامڪ ريسرچ انسٽيٽوٽ

گوانگجو (Gwangjo)
گوانگجو ڪوريا جو ڇهون نمبر وڏو شھر آهي. سيئول کان گوانگجو 267 ڪلوميٽر پري آھي. گوانگجو جون ڪجهہ گهمڻ جون مشھور جڳھيون ھي آھن:
• مڊوينگسان نيشنل پارڪ
• گوانگجو نيشنل ميوزيم
• بوسيونگ گرين ٽي فيلڊ
• گوانگجو ڪيا چيمپينز فيلڊ

السان (Ulsan)
السان (سرڪاري طور السان ميٽروپوليٽن سٽي) ڪوريا جو ستون نمبر وڏو ميٽروپوليٽن شھر آهي. السان ڪوريا جو صنعتي پاور هائوس آهي. السان ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو آٽوموبائل اسيمبلي (ھيئنڊي موٽر ڪمپني) پلانٽ آھي. السان ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو شپ يارڊ بہ آھي جيڪو ھيئندي (جنھن کي پاڪستان ۾ ’ھنڊائي‘ نالي سان سڃاتو وڃي ٿو) ھيوي انڊسٽريز پاران هلندڙ آهي. السان ۾ دنيا جي ٽيون نمبر وڏي ريفائنري بہ آھي، جيڪا ايس ڪي انرجي پاران هلندڙ آهي. السان جون ڪجهہ گهمڻ جون مشھور جڳھيون ھي آھن:
• السان گرينڊ پارڪ
• ديوانگم پارڪ
• جنسينگپو ويل ميوزيم
• تيھواگرينڊ پارڪ
• السان ميوزيم

سيجونگ (Sejong)
سيجونگ ڏکڻ ڪوريا جو ھڪڙو خود انتظامي شھر ۽ ڊي فيڪٽو انتظامي سرمايو آھي. سيجونگ خاص طور ’سمارٽ شھر‘ بڻجڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آھي. ان ڪري هن کي ’سيجونگ سمارٽ سٽي‘ بہ چيو ويندو آهي. سيجونگ جون ڪجهہ گهمڻ جون مشھور جڳھيون ھي آھن:
• سيجونگ ليڪ پارڪ
• نيشنل لائبريري ڪوريا

ڪوريا جا صوبا

گيونگي صوبو (Gyeongi)
گيونگي صوبو، ڪوريا جو سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو صوبو آهي. گيونگي جو مطلب ڪيپيٽل جي چوڌاري وارو علائقو آهي. ھن صوبي جو ڪيپيٽل سووان (SUWON) آهي. هانيانگ يونيورسٽي ايريڪا جتي مان پڙهندو ھيس، گيونگي صوبي جي اَنسان (ANSAN) شھر ۾ آھي. گيونگي صوبي جون ڪجهہ گهمڻ جون مشھور جڳھيون ھي آھن:
• بڪھنسان نيشنل پارڪ
• ھواسيونگ
• ايور لينڊ
• ڊي ايم زيڊ
• آنيانگ
• سيئول لينڊ
• ڪورين فولڪ وليج
• سووان جو قلعو

گانگون صوبو (Gangwon)
گانگون ڪوريا جو هڪ صوبو آهي. ھن صوبي جو ڪيپيٽل ڇنڇيون (Chuncheon) آهي. گانگون صوبي جي شھر پيانگ چانگ ۾ 2018ع جي سياري جي اولمپڪس ٿي ھئي. گانگون 2024ع ۾ نوجوانن جي سياري جي اولمپڪس جي ميزباني پڻ ڪندو. گانگون صوبو وڏن جبلن ۽ سمنڊ جي ڪنارن جي ڪري مشھور آھي. گانگون صوبي جون ڪجهہ گهمڻ جون مشھور جڳھيون ھي آھن:
• نامي آئي لينڊ
• ويولدي پارڪ
• انموڪ سمنڊ
• نڪسان سمنڊ
• بوسيوڪسا ٽيمپل

اتر ڇنگڇيونگ صوبو (North Chungcheong)
اتر ڇنگڇيونگ صوبو جنھن کي ڇنگبڪ (Chungbuk) پڻ سڏيو ويندو آهي. ڪوريا جو هڪ صوبو آهي. ڇيونگجو (Cheongju) ھن صوبي جو گاديءَ جو هنڌ ۽ وڏو شھر آهي. ھن جي زرعي پيداوار ۾ چانور، مٽر ۽ آلو شامل آهي، پر ھي صوبو ’جنسينگ‘ ۽ ’تماڪ‘ جي پيداوار لاءِ بہ سڃاتو وڃي ٿو. اتر ڇنگڇيونگ صوبي ۾ ’سونگنيسان پارڪ‘ مشہور آھي.

ڏکڻ ڇنگڇيونگ صوبو (South Chungcheong)
ڏکڻ ڇنگڇيونگ صوبو جنھن کي ڇنگنم (Chungnam) پڻ سڏيو ويندو آهي، ڪوريا جو هڪ صوبو آهي. ھن صوبي جو گاديءَ جو هنڌ هونگسيونگ (Hongseong) آھي ۽ ڇيونن (Cheonan) ھن صوبي جو وڏو شھر آهي. صوبي جي علائقي جو هڪ ٽيون حصو پوکيءَ هيٺ آهي. زراعت کان سواءِ سامونڊي شين کي خاص اهميت حاصل آهي. ھن صوبي ۾ 220 چورس ڪلوميٽر (85 اسڪوائر ميل) سامونڊي ڪناري سان جڙيل آھن، جتان شمسي توانائيءَ ذريعي لوڻ پيدا ڪبو آھي. ھتي ڪوئلي جون کاڻون پڻ آهن، جتان سونَ ۽ چاندي پڻ نڪري ٿو.

اتر جيولا صوبو (North Jeolla)
اتر جيولا صوبي کي جيونبڪ (Jeonbuk) پڻ سڏيو ويندو آهي، ھي ڪوريا جو هڪ صوبو آهي. جيونجو (Jeonju) اتر جيولا جي گادي جو ھنڌ آهي. اتر جيولاجي گنسان (Gunsan) شھر ۾ آمريڪا جي هوائي فوج پاران قائم ڪيل ’گنسان ايئر بيس‘ پڻ آهي.

ڏکڻ جيولا صوبو (South Jeolla)
ڏکڻ جيولا صوبو جيونم (Jeonnam) جي نالي سان مشھور آهي، ھي ڪوريا جو هڪ صوبو آهي. ميان (Muan) ھتان جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ يوسو Yeosuڏکڻ جيولا صوبي جو سڀ کان وڏو شھر آهي.

اتر گيونگسانگ صوبو (North Gyeongsang)
اتر گيونگسانگ صوبو بہ ڪوريا ۾ هڪ صوبو آهي. اندونگ (Andong) ھن صوبي جي گادي وارو هنڌ آهي. ھن صوبي ۾ ٻہ مشھور آئيلينڊ آھن، جن کي ’دوڪدو‘ (Dokdo) ۽ ’اولنگدو‘ (Ullengdo) آئيلينڊ سڏيو ويندو آھي.

ڏکڻ گيونگسانگ صوبو (South Gyeongsang)
ڏکڻ گيونگسانگ صوبو، ڪوريا جي ڏکڻ اوڀر ۾ هڪ صوبو آهي. ڇانگ ون (CHANGWON) ھن صوبي جي گاديءَ وارو هنڌ آهي. اهو هڪ وڏو ميٽروپوليٽن سينٽر ۽ بوسان جي بندرگاھہ جي ڀرسان آهي.

پڄاڻي

---

دوستن جي سڏ تي ملائيشيا جو دورو

مان پھرئين سال جي ويڪيشن ۾ گهر وڃڻ جي جلديءَ ۾ هيم ۽ واپسيءَ ۾ فيمليءَ کي پاڻ سان گڏ ڪوريا وٺي اچڻو ھو. ٻئي سال جي ويڪيشن ۾ فيمليءَ کي پاڪستان واپس ڇڏي، واپسيءَ تي ملائيشيا وڃڻ جو فيصلو ڪيم. تيسين تائين گهمڻ جو شوق بہ وڌي ويو ھو ۽ سنگت جنھن ۾ خاص طور عقيل احمد ڀٽو جو وڏو اصرار ھو. عقيل احمد ڀٽو ھونئن تہ مھراڻ يونيورسٽيءَMUET ۾ منھنجو سينئر ھو، پر اسان ’مھراڻ يونيورسٽي خيرپور‘ ۾ گڏ نوڪري ڪرڻ جي ڪري دوست ٿي وياسين. سائين اصل دادوءَ جو آھي، پر ڪوٽڙيءَ ۾ رھندو آھي.
بھرحال مون حيدرآباد ۾ ھڪ ٽريول ايجنٽ کان ويزا لاءِ دستاويزات ۽ 7 هزار روپيا ويزا فيس جمع ڪرايا. ھڪ ھفتي اندر ويزا اچي ويو. مان پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن (پي آئي اي) ۾ پھرين ڪراچي کان ڪوالالمپور جي ٽڪيٽ بڪ ڪئي.
ڪوالالمپور وڃڻ مھل ڪراچي ايئرپورٽ تي ايف آءِ اي وارن تنگ ڪيو، تنھن تي مان پنھنجي چاچي ڊاڪٽر بدر سومرو کي فون ڪيو ۽ هن پنھنجي دوستن وزير جکراڻي ۽ بختيار چنا کي فون ڪيو، سائين جن ايف آءِ اي ۾ ھئا، تنھن ڪري بروقت مدد ڪري، مون کي ڪوالالمپور روانو ڪرايو. مان رات تقريبن ڏھين وڳي ڪراچيءَ کان روانو ٿيس ۽ 21 فيبروري 2018ع تي رات جو ٻين وڳي ملائيشين وقت مطابق ڪوالالمپور پھتم. ايئرپورٽ تان ٽيڪسي ڪري ڪوالالمپور سينٽرل آيم ۽ ھوٽل تي اچي سمھي پيم.

ملائيشيا بابت ڄاڻ
• ملائيشيا جو ڪيپيٽل ۽ وڏو شھر ڪوالالمپور آھي.
• ملائيشيا جي قومي زبان مَلئي MALAY آھي.
• ملائيشيا ھڪ اسلامڪ ملڪ آھي، تنھن ڪري مسلمان آبادي گهڻي آھي.
• ملائيشيا جي ڪرنسي ’رنگٽ‘ آھي، ھڪ رنگٽ، پاڪستاني 30 روپين جي برابر آھي.
• ملائيشيا جو ٽائم +8UTC آھي.
• ملائيشيا، پاڪستاني وقت کان ٽي ڪلاڪ اڳتي آھي.

پھريون ڏينھن
صبح جو ڏھين وڳي اٿي، تيار ٿي ٻاهر نڪري ويم. اتي ڪيترائي انڊين ريسٽورنٽ هئا. هڪ انڊين ريسٽورنٽ تي ناشتو ڪيم ۽ چانھہ پيتم. ملائيشيا ۾ چانھہ کي ’تيح طارق‘ چيو ويندو آهي. ناشتي کان پوءِ مون ’ڪوالالمپور سٽي ٽوئر بس‘ ورتي. سٽي ٽوئر بس ۾ مون خاص خاص هنڌ گهميا جھڙوڪ:
• ٽوئن ٽاورز- TWIN TOWERS
• ڪوالالمپور ٽاور- KL TOWER
• بڪت بنتانگ-BUKIT BINTANG
• چائنا ٽائون-CHINA TOWN
مون مانجهاندي ۾ ملائيشين جو مشھور کاڌو ’ناسي ليمڪ‘ بہ کاڌو. سڄو ڏينھن گمھي رات جو يارھين وڳي هوٽل تي اچي آرام ڪيم.

ٻيون ڏينھن
ٻئي ڏينھن صبح جو ڏهين وڳي مان بس ۾ ڪوالالمپور ايئرپورٽ آيم جتان مون کي لنڪاوي (langkawi) وڃڻو هو. جھاز ڪوالالمپور ايئرپورٽ کان ٻين وڳي ھليو ۽ ٽين وڳي لنڪاوي پھتو. ايئرپورٽ کان سڌو هڪ هوٽل تي ويم، سامان رکي سمنڊ تي ويم. لنڪاوي جو سمنڊ بي انتھا خوبصورت آهي، صاف ۽ نيري رنگ جو پاڻي ۽ اڇي واري. لنڪاوي سمنڊ تي سج لھڻ جو منظر ڏسڻ جھڙو آهي. مان بہ لنڪاوي سمنڊ تي سج لھڻ جو مزو ورتو ۽ ڊنر ڪيو. اتي بھترين ڪافي شاپز ۽ ريسٽورنٽ آھن. رات جو سمنڊ جي ڪناري باھ سان رانديون بہ کيڏيون ويون.

ٽيون ڏينھن
ٽئين ڏينھن جھاز تي جوهر بهرو (Johar Bahru) ڏانھن روانو ٿيم، جتي سنگت منھنجو انتظار ڪري رھي ھئي، جن ۾ عقيل احمد ڀٽو، دانش ميمڻ ۽ سجاد منگي شامل ھئا. جوهر بهرو ايئرپورٽ تي لھي سنگت سان ملاقات ٿي، ھي سنگت وارا ٻي سنگت وٽ وٺي ھليا، جن ۾ نير حسين ميرجت، شاڪر سومرو ۽ توقير جماڻي شامل ھئا. سنگت سان ڪچھريون ٿيون ۽ ھڪ پاڪستاني ريسٽورنٽ تي ڊنر ڪيوسين. رات عقيل احمد ڀٽو جي گهر گذاريسين.

چوٿون ڏينھن
چوٿين ڏينھن سجاد منگيءَ جي گهر ناشتو ڪيوسين، قادر بخش جمالي وٽ چانھ پيتيسين. ائين ملاڪا (Malaka) گهمھندا ڦرندا رات جو ڪوالالمپور پھتاسين. بڪت بنتانگ ۾ ماني گڏجي کاڌيسين ۽ پوءِ سنگت کي الوداع ڪيم. ڇو جو رات ٽين وڳي منھجي ڪوريا جي فلائٽ ھئي. مان ’ايئر ايشيا‘ ۾ ڪوالالمپور کان سيئول ويم. ايئر ايشيا تمام سستي ايئر لائن آھي، پر ان جي سفر ۾ تمام گهڻي ٽربيولينس ھئي جنھن ذري گهٽ ساھ ڪڍيو ھو.
جيڪڏهن مان ڪوريا کي ملائيشيا سان ڪمپيئر ڪيان تہ مان محسوس ڪيو تہ ملائيشيا ايڏو ترقي يافتہ يا ڊيويلپ ناھي. ملائيشيا صرف ڪوالالمپور کي ڊيويلپ ڪيو آھي. بس ملائيشيا تمام سستو ملڪ آھي ۽ سڀ کان اھم ڳالھ اھا تہ اتي حلال کاڌن جو مسئلو ناهي.

واندڪائيءَ ۾ ويتنام جو دورو

گريجوئيشن جي آخري ڏينھن ۽ ڪانووڪيشن جي وچ ۾ ٻن مھينن جو گيپ هو، تنھن ڪري سوچيم تہ ڪنھن ملڪ چڪر ھڻي اچان. ويجهن ملڪن ۾ جاپان، ويتنام ۽ ٿائيلينڊ آهن. تمام گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ مون ويتنام وڃڻ جو فيصلو ڪيو، ڇو جو اھو سستو بہ آھي ۽ ھنن ملڪن کان مختلف بہ آھي. بھرحال مان ويتنام جو ويزا وٺي، ’ويت جيٽ‘ ۾ بڪنگ ڪرائي، جيڪا ويتنام جي ايئر لائن آھي.
13 فيبروري 2019ع صبح جو چئين وڳي انچئن ايئرپورٽ تان ھليم ۽ صبح جو 7 وڳي ھنوئي پھتم. ايئرپورٽ تان بس ورتي ۽ هوٽل تي سامان رکي گهمڻ نڪتم.

ويتنام بابت ڄاڻ
• ويتنام جو ڪيپيٽل ھنوئي آھي.
• ويتنام جي قومي زبان ويتنامي آھي.
• ويتنام ۾ گهڻين آبادي جو ڪو مذھب ناھي.
• ويتنام جي ڪرنسي ’ڊونگ‘ آھي، ھڪ پاڪستاني روپي ۾ 140 ’ڊونگ‘ آھن.
• ويتنام جو ٽائيمUTC+7 آھي.
• ويتنام پاڪستان کان ٻہ ڪلاڪ اڳتي آھي.


13 فيبروري 2019ع
پھرين ڏينھن ھنوئي (Hanoi) شھر جو ھوائي ديدار ورتم. ھنن جو مشھور سوپ پيتو، سينڊوچ کاڌو ۽ ڪافي پيتي. ياد رھي تہ ھر شئي ويجيٽيبل ۾ موجود آھي.

14 ۽ 15 فيبروري 2019ع
انھن ڏينھن تي مان ويتنام ۽ دنيا جي مشھور ويزيٽنگ اسپاٽ ’ھالونگ بَي‘(Halong Bay) تي ھڪ ڪِرُوز تي گذاريا. ڪروز ھالونگ بي جي مختلف هنڌن تي گهمايو ۽ رات جي ماني بہ ڪروز ۾ ڏني وئي ۽ پوءِ جھاز سمنڊ جي وچ ۾ بيھي رھيو، جتي اسان رات گذاري. ٻئي ڏينھن بہ ڪروز، ھالونگ بي جي مختلف هنڌن تي گهمايو ۽ شام جو ھَنوئي واپس آياسين.

16 فيبروري 2019ع
ان ڏينھن ھنوئي شھر جو تفصيلي ديدار ورتم. ھنوئي شھر جون ڪجهہ مشھور جايون ھي آھن:
• ھوآن ليڪ (HOÀN KIẾM LAKE)
• ٽيمپل آف لٽريچر (TEMPLE OF LITERATURE)
• ھو چي من ماسوليم (HO CHI MINH MAUSOLEUM)
• اولڊ ڪواٽر (OLD QUARTER)
• ويسٽ ليڪ (WEST LAKE)

17 فيبروري 2019ع
ان ڏينھن ويتنام جي مشھور جڳھ ’ننھ بنھ‘ (Ninh Binh) ويم، جتي ’ڪنگ ڪانگ‘(King Kang) فلم بہ شوٽ ٿيل آھي.

18 فيبروري 2019ع
ويتنام کان ڪوريا واپسي.

گريجوئيشن

مان يونيورسٽيءَ ۽ پروفيسر جي گريجوئيشن ريڪوائريمينٽس پوري ڪرڻ کان پوءِ پروفيسر کي چيو تہ، ”مون کي گريجوئيٽ ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي.“ پروفيسر ڪجهہ ڀيرا انڪار ڪرڻ کان پوءِ نيٺ مون کي اجازت ڏئي ڇڏي. اجازت ملڻ کان پوءِ مان ڊيزرٽيشن (ٿيسز) لکڻ شروع ڪيم ۽ گڏوگڏ پريزينٽيشن بہ ٺاهڻ شروع ڪئي. مون پي ايچ ڊي جون ٽي پريزينٽيشنز ڏنيون. هر پريزينٽيشن کان پوءِ کوڙ سوال پڇا ويندا هئا، جنھن جا جواب ٻي پريزينٽيشن ۾ ڏيڻا هوندا هئا. منھنجي ٽين ۽ آخري پريزينٽيشن 18 نومبر 2018ع تي ٿي. پريزينٽيشن ڪميٽيءَ ۾ منھنجو پروفيسر، ڊپارٽمينٽ جا سينئر پروفيسرز، چيئرمين، ڊين، انڊسٽريل ايڪسپرٽ ۽ ايڪسٽرنل شامل هئا. ڪميٽيءَ آخري پريزينٽيشن کان پوءِ مون کي سڏي، مون سان هٿ ملايو ۽ مون کي ’ڊاڪٽر‘ جو خطاب ڏنو. اهو ڏينھن منھنجي لاءِ تمام خوشيءَ جو ڏينھن هو، ڇو جو ان ڏينھن مان اَن آفيشلي (Unofficially) گريجوئيٽ ٿي چڪو هيس. ان کان پوءِ ڊيزرٽيشن کي فائنلائز ڪيم ۽ پنھنجي وقت تي ان کي جمع ڪرايم.
اهو تقريبن ڊسمبر جو آخري هفتو هيو ۽ يونيورسٽيءَ جو ڪانووڪيشن 22 فيبروري 2019ع تي ٿيڻو هو. انھن ٻن مھينن جي دوران ريسرچ کان سواءِ ڪجهہ شاپنگ ۽ گهمڻ ڦرڻ ٿيو. شاپنگ جي ھڪ وڏي لسٽ هئي، جنھن جي خريداري ڪيم. 21 فيبروري 2019ع تي مان پروفيسر سان آخري ملاقات ڪئي، 22 فيبروري 2019ع تي ڪانووڪيشن ۾ شرڪت ڪيم ۽ پي ايچ ڊي جي ڊگري ماڻيم.

واپسيءَ جو سفر

ڊگري وٺڻ ۽ الوداعي تقريبن کان پوءِ 25 فيبروري 2019ع تي پاڪستان لاءِ روانو ٿيڻو ھو. مان ۽ محمد عمران ٻنھي گڏ بڪنگ ڪرائي هئي. اسان صبح سوير پنجين وڳي واري بس ورتي ۽ 6 وڳي ’گمپو ايئرپورٽ‘ پھتاسين. اتي اھو ٻڌائيندو هلان تہ جڏهن مان ڪورياآيو هيس تہ ايئرپورٽ کان اسان جي يونيورسٽيءَ تائين بس جو ڪرايو 11 هزار وون هو ۽ جڏهن مان پاڪستان واپس اچي رهيو هيس تہ ٽن سالن کان پوءِ ڪرايو گهٽ ٿي 7 هزار وون ٿي ويو هو. پڇا ڪرڻ تي خبر پئي تہ هي روٽ جڏهن نئون هو تڏهن ماڻھن جي رش گهٽ هئي تنھن ڪري ڪرايو وڌيڪ هو، پر هاڻي هن روٽ تي ماڻھن جي ڪافي اچ وڃ آهي، تنھن ڪري ڪرايو گهٽايو ويو آهي. اهو ٻڌي مون کي تمام حيرت ٿي، ڇو جو پاڪستان ۾ اهڙو ڪو سسٽم ڪونھي. بھرحال اسان گمپو ايئرپورٽ تان بورڊنگ پاس وٺڻ کان پوءِ ايئر چائنا جي جھاز ۾ چڙهي بيجنگ پھتاسين. ڪوريا کان جھاز تقريبن صبح نائين وڳي هليو ۽ هڪ وڳي بيجنگ چائنا پھتو. چائنا ۾ اسان ’بيجنگ ايئرپورٽ‘ تي (Pizza Hut) تي ويجيٽيبل پيزا ۽ فرائيڊ شرمپ کاڌاسين ۽ چانھ پيتيسين. اتي هڪ عجيب اتفاق ٿيو تہ پيزا هٽ بيجنگ ايئرپورٽ تي جيڪي اسان کي چانھ ملي، اھا سؤ سيڪڙو صفا ديسي چانھ وانگر هئي. اسان ٻئي اها چانھ پي حيران ٿي وياسين، تہ اهڙي چانھ هتي ڪيئن؟ اسان کي چانھ پي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ ٿڪ لھي ويا. ان کان پوءِ جھاز اسلام آباد لاءِ روانو ٿيو ۽ تقريبن شام ستين وڳي اسلام آباد پھتو. محمد عمران اسلام آباد ۾ لھي ويو ۽ مان ڪراچيءَ لاءِ جھاز ۾ ويٺو رھيس. رات جو تقريبن ساڍي ڏهين وڳي جھاز ڪراچيءَ ۾ لينڊ ڪيو. اميگريشن وارن وٽان ٿيندو جڏهن مان ٻاهر نڪتس تہ منھنجي فيملي، جنھن ۾ امي، ابو، گهرواري، ٻار (پٽ طٰحه ۽ ڌيءَ دعا)، ڀاءُ، ڀيڻون ۽ ڀيڻويا شامل هيا، سڀني سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ اهو وقت ياد آيو جڏهن مان هِتان ڊگريءَ لاءِ وڃي رهيو هيس. ڪراچي ايئرپورٽ مان نڪرندي، سڌو شاهين شنواري ريسٽورنٽ تي وياسين، اتي ديسي کاڌو (ڪڙھائي ۽ نان) کاڌاسين ۽ چانھ پيئڻ کان پوءِ ڄامشوري لاءِ راونہ ٿياسين. رات جو تقريبن ٽين وڳي ڄامشوري پنھنجي گهر پھتاسين.

حاصلِ سفر

منھنجو ھي سفر ڪاميابين ۽ سير و تفريح سان ڀريل نظر اچي رهيو ھوندو، پڙھندڙن محسوس ڪيو ھوندو تہ مان ڪيئن سوَلي ۽ سھڻي نموني گهمي ڦري بہ آيس ۽ پي ايچ ڊي بہ ٿي وئي، پر دراصل ائين نہ آھي. ھن سفر ۾ بي انتھا پريشانيون ۽ تڪليفون پڻ شامل ھيون.
مان صرف ۽ صرف حاصل نہ ڪيو پر گهڻو ڪجهہ وڃائي بہ ڇڏيو، پر زندگيءَ ۾ بنا تڪليف يا ڪجهہ وڃائڻ کان بنا ڪا بہ شي سوَلائيءَ ڪونھي ملندي. جئين مشھور انگريزي چوڻي آھي:
“There Is No Gain Without Pain”
ھونئن تہ هن دنيا ۾ ڪوبہ پرفيڪٽ نہ آهي، پوءِ اسان ھجون يا ڪورين، پر ھُو زندگيءَ جي ڪيترن ئي شعبن ۾ اسان کان بھتر آهن. مون ھنن کان گهڻو ڪجهہ سکيو، هن سفر ۽ ڪورين کان سکيو تہ:
• دنيا ڇا آھي؟
• ترقي يافتہ ملڪ ڪيئن ھوندا آهن؟
• ھڪ قوم ڪيئن ھوندي آهي؟
• نظم و ضبط ڇا آھي؟
• قانون ڪيئن ھوندو آهي؟
• قانون تي ڪيئن عمل ڪبو آهي؟
• قانون جي بالادستي ڪيئن ھوندي آهي؟
• ملڪ جي صفائي ڇا ھوندي آھي؟
• وقت جي پابندي ڇا ھوندي آھي؟
• صاف سٿرا ڪپڙا ڪيئن ھوندا آهن؟
• پروفيشنلزم ڇا آھي؟
• پنھنجو ڪم پاڻ ڪيئن ڪبو آھي؟
• دنيا جا مشھور پروفيسر ۽ ارب پتي ماڻھو بنا پٽيوالن جي ڪيئن
پنھنجو ڪم پاڻ ڪن ٿا؟
• فٽنيس ڇا ھوندي آھي؟
• 80 سالن جا بزرگ ڪيئن ايڏا فٽ ھوندا آھن؟
• انھن ماڻھن جي وڏي عمرن جا راز ڇا آھن؟
• محنت ڇا ھوندي آھي؟
• پڙھائي ڪيئن ڪبي آھي؟
• ڪنھن سان ڪا ڪمٽمينٽ ڪجي تہ ڪيئن پوري ڪجي؟
• ھڪ ڏينھن ۾ ٻارنھن کان پندرنھن ڪلاڪ ڪم ڪيئن ڪبو آھي؟
• ايتري مصروف زندگيءَ کان پوءِ بہ پنھنجو پاڻ کي فٽ ڪيئن
رکبو آھي؟
• دنيا جا مشھور پروفيسر ۽ ارب پتي ماڻھو پنھنجون امپورٽيڊ
گاڏيون ڇڏي سب وي ۽ بسن تي ڇو ۽ ڪيئن سفر ڪن ٿا؟
• ارب پتي ماڻھن جا ٻار ڪيئن دڪانن تي ڪم ڪن ٿا؟
• ڪيئن توھان سڀنن سان گڏ ھوندي بہ اڪيلا آھيو؟ ڪير بہ توھان
کي ھرو ڀرو اک کڻي نہ ڏسندو.
• جتي کائڻ ڏکيو، پيئڻ ڏکيو، رھڻ ڏکيو ۽ پنھنجو ھر ڪم پاڻ
ڪرڻو ھجي، اتي ڪيئن گذاربو آھي؟
اسان کي قدرت ھر شئي سان مالا مال ڪري ڇڏيو آهي، سرسبز زمين، ريگستان، جبل، سمنڊ. اسان ايترو سڀ ڪجهہ ھوندي بہ اڄ ڪٿي آھيون؟ ھنن وٽ نہ گهڻي زمين نہ ريگستان، ايريا ۾ سنڌ کان بہ ننڍا پر ھُو اڄ ڪٿي بيٺا آھن؟ هُو صرف قانون کي بالا رکندي ۽ دماغ جو استعمال ڪندي ڪٿي وڃي پھتا آھن.
جيڪڏهن منھنجو وس هلي تہ مان هر ماڻھوءَ کي پڙھائي يا ڪنھن ٽريننگ لاءِ ڪوريا جو چڪر ھڻايان. ڇو جو ڪوريا هڪ بٺيءَ وانگر آهي، جيڪو بہ هن مان گذرندو سونُ ٿي نڪرندو.

صحيح استعمال جو اطلاع

هونئن تہ ھي سفرنامو پي ايڇ ڊي دوران مون سان پيش ايندڙ واقعن، تجربن ۽ مشاهدن جو هڪ مجموعو آهي، پر ھن سفرنامي ۾ ڪجهہ معلومات ۽ تصويرون انٽرنيٽ تان بہ کنيون ويون آھن، جن ۾ ڪجهہ خاص ويب سائيٽون ھي آھن:
• Wikipedia
• Korea Tourism Organization
• http://english.visitkorea.or.kr/enu/index.kto
• Pakistan Embassy in Korea
• http://pkembassy.or.kr/

ھن سفرنامي ۾ استعمال ڪيل مواد يعني تصويرون/متن وغيرہ ۾ ڪاپي رائيٽ مواد شامل ٿي سگهي ٿو، جنھن جي استعمال کي خاص طور ڪاپي رائيٽ مالڪن پاران اجازت نہ ڏني وئي هجي، پر ھن سفرنامي ۾ ان جي استعمال جو مقصد صرف معلومات فراھم ڪرڻ آهي.