ڳوٺ ڪامارو شريف ۽ ڪاماري شريف جو پير خاندان
ڳوٺ ڪامارو شريف ضلعي ٽنڊو الھيار جي اوڀر ڏکڻ ۾ 9 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آھي. ھي ڳوٺ پير محمد اشرف شاھہ قريشي جي نسبت سان درگاھہ ۽ خانقاھہ سان سڃاتو وڃي ٿو. ھن ڪتاب ۾ ڪاموري شريف جي تاريخ، روايتن، مسجد، خانقاھہ، درگاھہ، اتي حاصل ڪيل ترقي ۽ سھوليتن جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آھي. ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ ڪاماري شريف جي پير خاندان يعني مخدوم پير محمد غوث قريشي، پير محمد اشرف شاھہ ۽ ٻين جو ذڪر ڪيو ويو آھي.