ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

من-مسافتن جي مصوري

سعيد سومري جي شاعريءَ جيان سندس لکيل نثري ٽڪرا پڻ گهڻ موضوعاتي، معنائن ۽ حُسن جا ڀنڊار آھن. سندس نثري ٽڪرن ۾ اھڃاڻن، علامتن ۽ معنائن مفھوئن جا اڻ ڳڻيا صفاتي تصور ۽ تاثر اڀرن ٿا، ”من-مسافتن جي مصوري“ ۾ دنيا جھان، ديس پرديس، سنڌ، سياست، تاريخ، سماجيات، ادب، انصاف، جبر، امن، آزادي، تھذيب، سچ، ثقافت، قدرن، دوستي، رشتن ناتن، مذھب، عبادت، وطن دوستي، قومپرستي، انسان ذات جي آئيندي، احساسن، جذبن، عشق، عورت، زندگي، فطرت ۽ ڪائناتي حقيقتن جي سھڻي اثرائتي اپٽار ۽ عڪاسي ڪئي وئي آھي.

Title Cover of book من-مسافتن جي مصوري

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثرنگار سعيد سومري جي چونڊ نثري ٽڪرن تي مشتمل ڪتاب ”من-مسافتن جي مصوري“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
سعيد سومري جي شاعريءَ جيان سندس لکيل نثري ٽڪرا پڻ گهڻ موضوعاتي، معنائن ۽ حُسن جا ڀنڊار آھن. سندس نثري ٽڪرن ۾ اھڃاڻن، علامتن ۽ معنائن مفھوئن جا اڻ ڳڻيا صفاتي تصور ۽ تاثر اڀرن ٿا، ”من-مسافتن جي مصوري“ ۾ دنيا جھان، ديس پرديس، سنڌ، سياست، تاريخ، سماجيات، ادب، انصاف، جبر، امن، آزادي، تھذيب، سچ، ثقافت، قدرن، دوستي، رشتن ناتن، مذھب، عبادت، وطن دوستي، قومپرستي، انسان ذات جي آئيندي، احساسن، جذبن، عشق، عورت، زندگي، فطرت ۽ ڪائناتي حقيقتن جي سھڻي اثرائتي اپٽار ۽ عڪاسي ڪئي وئي آھي.
ھي ڪتاب 2018ع ۾ ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي