سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثر نگار مقصود گُل جي شاعريءَ جو مجموعو ”اکڙيون نيل ڪنول“ اوھان اڳيان حاضر آھي.
مقصود گُل جي ھن شاعراڻي مجموعي ۾ حمد، نعت، غزل، ترائيل، رباعيون، پنجڪڙا، دوھا، ڏيڍوڻا ۽ ٻيون صنفون شامل آھن. ھي مجموعو شاعر جي خوبصورت شاعراڻي زندگيءَ جو ھڪ نئون سنگ ميل آھي، جنھن ۾ سونھن، سوڀيا، سڳنڌ، سرھاڻ، وطن دوستي ۽ فڪري پيغام جي شاعري موجود آھي.
ھي ڪتاب 2014ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي ٿورن سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي