شاعري

سنڌي شعر جو انتخاب (1947ع تائين)

ھن ڪتاب ۾ ورھاڱي تائين جي سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي اساسي  Classical ۽ جديد شاعرن قاصي قاضن، شاھہ ڪريم بلڙي واري، شاھہ لطيف، ميان سرفراز ڪلھوڙي، روحل فقير، سچل سرمست کان وٺي شيخ اياز ۽ ارجن شاد تائين جي چونڊ شعرن کي سھيڙيو ويو آھي.

Title Cover of book سنڌي شعر جو انتخاب (1947ع تائين)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران پروفيسر رام پنجواڻيءَ جي انتخاب تي مشتمل چونڊ سنڌي شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب ”سنڌي شعر جو انتخاب (1947ع تائين)“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
ھن ڪتاب ۾ ورھاڱي تائين جي سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي اساسي  Classical ۽ جديد شاعرن قاصي قاضن، شاھہ ڪريم بلڙي واري، شاھہ لطيف، ميان سرفراز ڪلھوڙي، روحل فقير، سچل سرمست کان وٺي شيخ اياز ۽ ارجن شاد تائين جي چونڊ شعرن کي سھيڙيو ويو آھي.
ھي ڪتاب ساھتيہ اڪيڊمي، نئين دھلي پاران 1976ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان حاضر آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي