شاعري

درد جِي لئہ

شبنم گُل سنڌي ٻوليءَ جي اُها تخليقڪار آهي، جنھن جي ادبي سڃاڻپ جا مختلف حوالا آهن ۽ سڀئي حوالا اُتم آهن. شاعريءَ جي سفر ۾ هُنَ نھايت نفاست سان پنھنجي اندر جو اظھار ڪيو آهي. ھن ڪتاب ۾ سندس غزل، وايون، ھائيڪا ۽ نظم شامل آھن. شبنم گُل جي شاعري هڪ طرف سندس اندرَ جي دُنيا جي عڪسن جو اظھار آهي تہ ٻئي طرف هُوءَ سماجَ جي مختلف المين کي بہ اظھاري ٿي. هُنَ مختلف صنفن ۾ نھايت برجستگيءَ سان لکيو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 32
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book درد جِي لئہ

حق ۽ واسطا محفوظ

POPAT BOOK NO: 150
درد جِي لئہ
(شاعري)
شاعرہ: شبنم گُل
ڇاپو: پھريون 2020ع
تعداد: 1000
ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
ڪمپوزنگ: عرفان ڀٽو
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ـــ سنڌ.
ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور ـــ سنڌ.
ملھہ: 400/- روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2024ع

ISBN: 978-696-9962-64-6

DARD’A JEE LAE
(Poetry)

Shabnam Gul
Edition: First 2020
Quantity: 1000 Copies
Title Design: Saeed Mangi
Lay’out: Asif Nizamani
Composing: Irfan Bhutto
Published by: Popat Publishing House, Khairpur Sindh.
Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Sindh,.
Price: Rs. 400/-

ارپنا

دردَ جي نانءِ

ــــــــ شبنم گُل

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعرہ، ڪھاڻيڪارہ ۽ ڪالم نگار شبنم گُل جي شاعريءَ جو مجموعو ”درد جي لئہ“ اوھان اڳيان پيش آهي.
شبنم گُل سنڌي ٻوليءَ جي اُها تخليقڪار آهي، جنھن جي ادبي سڃاڻپ جا مختلف حوالا آهن ۽ سڀئي حوالا اُتم آهن. شاعريءَ جي سفر ۾ هُنَ نھايت نفاست سان پنھنجي اندر جو اظھار ڪيو آهي. ھن ڪتاب ۾ سندس غزل، وايون، ھائيڪا ۽ نظم شامل آھن. شبنم گُل جي شاعري هڪ طرف سندس اندرَ جي دُنيا جي عڪسن جو اظھار آهي تہ ٻئي طرف هُوءَ سماجَ جي مختلف المين کي بہ اظھاري ٿي. هُنَ مختلف صنفن ۾ نھايت برجستگيءَ سان لکيو آهي.
ھي ڪتاب 2020ع ۾ پوپٽ پبلشنگ ھائوس، خيرپور پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون ادي شبنم گُل ۽ پوپٽ پبليڪيشن جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

شبنم گُل سنڌي ٻوليءَ جي اُها تخليقڪار آهي، جنھن جي ادبي سڃاڻپ جا مختلف حوالا آهن ۽ سڀئي حوالا اُتم آهن. شاعريءَ جي سفر ۾ هُنَ نھايت نفاست سان پنھنجي اندر جو اظھار ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي عظيم شاعر شيخ اياز ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“ ۾ شامل سندس شاعريءَ کي واکاڻيو آهي.
شبنم گُل جي شاعري هڪ طرف سندس اندرَ جي دُنيا جي عڪسن جو اظھار آهي تہ ٻي طرف هُوءَ سماجَ جي مختلف المين کي بہ اظھاري ٿي. هُنَ مختلف صنفن ۾ نھايت برجستگيءَ سان لکيو آهي.
ادارو ”پوپٽ“ هن کان اڳ شبنم گُل جي ڪھاڻين جو ڪتاب ”خالي هنج جو ڏُک“ بہ ڇاپي چُڪو آهي، جنھن بہ پڙهندڙن ۾ گهڻي پذيرائي حاصل ڪئي آهي.
اُميد تہ هي ڪتاب پڻ پڙهندڙن ۾ مانُ حاصل ڪندو.


قربان منگي
چيئرمين
پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور

مُھاڳ: دردَ جي لئہ تي ــ جيون جو اڻپورو گيتُ

وڇڙي ويندڙن جو سامان
ڪيترو نہ ڏک ڏيندو آهي
جن جي پوئتي موٽڻ جو
ڪو بہ امڪان نہ هُجي

(ساڃاھہ جو عذاب)
اصل ۾ شعر چوڻ مھل بہ ڪڏهن هڪ لفظ مصور جي بُرش جي پھرئين اسٽروڪ وانگر ئي هوندو آهي، پوري تصوير اُنَ پھرئين اسٽروڪ جي پس منظر ۾ مڪمل هوندي آهي. ڪنھن عمارت لاءِ پيڙھہ جي پٿر جي بہ اُهائي اهميت هوندي آهي، جيڪا تصوير لاءِ مصور جي بُرشَ جي پھرئين اسٽروڪَ جي هوندي آهي. بالڪل ائين شعر چوڻ لاءِ بہ ڪو پھريون لفظ ضرور هوندو آهي. ”ڪُن“ جھڙو لفظ ـــ اهو نہ آهي، پر هڪ نالو آهي ”مشال“ جنھن کي انتھائي بيدرديءَ سان باچا خان يونيورسٽيءَ ۾ ماريو ويو. هڪ انڌ تي چڙهيل ماڻھن جو ڇِتو هُجوم ۽ هُو هَٿين خالي، هيڪلو، ٿُڏا، مُڪون، گُدا، ڇُرا، گوليون کائيندو رهيو ! ”ساڃاھہ“ قتل ٿيندي رهي ! ”مشال“ نہ رهيو ـــ هُنَ جو سامان رهجي ويو ! ۽ مائٽن کي موٽي مليو.

مشال جو سامان
گهر پھتو آهي اڄ
هُن جي قميصَ ۾
چنبڙيل رڙيون ماءُ
ٻُڌي ورتيون آهن
هوءَ قميص
۾ رهجي ويل پُٽَ جي
خوشبوءِ سان ڀاڪُر پائي
ڏاڍو رُني آهي ـــ بي اختيار......!
(ساڃاھہ جو عذاب)

وڄ نڪتل ــ گِگَ ڳاڙيندڙ ڇِتن ماڻھن جو هُجوم ـــ ۽ هيڪلو مَشال! ماڻھو جڏهن ماڻھپي جي اُتم پَدَ تان ڪِري ٿو ـــ تڏهن نيچپڻي جي پاتار کي ڇُھي ٿو ـــ شاھہ ڪريم اِنَ کي ”ڪُماڙو“ سڏي ٿو ۽ اُنَ کان پري رهڻَ جو ڏَسُ ڏئي ٿو:
وَرُ ساسڃي ويڙ، جِتي سڄڻ هيڪڙو،
سو ماڳ ئي ڦير، جِتي ڪَوڙَ ڪُماڙئين!

۽ مشال جو ڏوھہ؟ ساڃاھہ!

مون هُنَ کي ڪِتابَ سان محبت جو درس ڏنو هو
۽ کيس ساڃاھہ جي عذاب ڏنگي وِڌو !

لالا قادر، مشال جي پيءُ، جيڪو پاڻ بہ شاعر آهي، جي انھيءَ سوچ تي، انھيءَ نظمَ جي پُڄاڻي نہ، پر شروعات ٿئي ٿي ـــ هڪ عذاب جي شروعات! جيڪو مشال جا ماءُ پيءُ سھن ٿا. اِهو ساڃاھہ جو عذاب شبنم گُل جي سِٽن مان ٽِمي ٿو ـــ ۽ هر حساس پڙهندڙ بہ انھن سِٽن کي پڙهندي اِنَ عذابَ مان لنگهي ٿو. پھرئين لفظ، پيڙھہ جي پٿر، بُرش جي پھرئين اسٽروڪ.... جي پس منظر ۾ هڪ ڪيفيت هوندي آهي. هڪ خاڪو هوندو آهي. هڪ وارتا هوندي آهي. ائين هڪ نظم، هڪ عمارت ۽ هڪ تصوير..... اسان جي آڏو هوندا آهن. اهڙيءَ طرح هر پڙهندڙ يا ڏسندڙ جي بہ هڪ ڪيفيت هوندي آهي ! ڏک، سک/لڙڪ، مِلڻ، وڇڙڻ/آس، نراس.... اهي سڀ مشترڪ هوندا آهن. شاعري انھن ئي ڪيفيتن کي اظھاري ٿي:

خيال جي ڌاڳي ۾ هر پَل
شعر جا موتي پوئي
احساس جي مالا جوڙيان ٿي.
(مان سوچيان ويٺي)

خيال پاڻ ساڻ هيئت بہ آڻي ٿو. ائين چوان تہ ”خيال“ ۽ ”هيئت“ پاڻ ۾ ائين رِل مِل هوندا آهن، جو انھن کي ڌار نہ ٿو ڪري سگهجي. ان ريت ”خيال“ ۽ هيئت جي اهڙي سنگم سان ”صنف“ جو بہ تعين ٿي وڃي ٿو ۽ اهو اصول مجموعي شاعريءَ سان لاڳو آهي:

ڀڳي ٺوڙهي جي ان شامَ ۾.....
وجد جو خُمار آهي ان سانت ۾
سنڌوءَ جي خوشبوءِ جو وهڪرو
لَڪِيءَ ۽ آمريءَ جي سُونھن جو سنگم
خاموشي بہ هم ڪلام آهي
(لئنڊ اِسڪيپ)

خاموشي شبنم گُل سان هم ڪلام ٿئي ٿي ۽ هُوءَ ان جو اظھار لفظن وسيلي ڪري ٿي ۽ اسين بہ اُنَ سانت جي وجد جو خُمار ماڻيون ٿا.
پابند شاعريءَ جا سخت اصول ۽ قاعدا قانون آهن. انھن جو پورائو لازمي آهي. ساڳئي وقت انھن ۾ ڪُجهہ رعايتون بہ آهن. مثلاً ڪنھن بہ پابندصنف جو ٺھيل ٺُڪيل فارم ملي ٿو وڃي. قافيو، رديف هَڪيو تَڪيو آهي. عروض يا ماترڪ ڇند جي حساب سان مخفف بہ ڪتب آڻي سگهجن ٿا يا حروف علت (Vowels) حذف بہ ڪري سگهجن ٿا. متبادل لفظ ڪتب آڻي سگهو ٿا. آزاد نظم جو ٺھيل ٺُڪيل Format نہ آهي، نہ ئي اُنَ ۾ قافيو رديف آهي؛ پر اُنَ ۾ وزن/ڇند لازمي آهي. نثري نظم ۾ اهڙيون رعايتون نہ آهن. نثري نظم انھن پابندين کان مُڪت آهي ـــ ۽ اُها ان لاءِ وڏي ۾ وڏي پابندي پڻ آهي. مثلاً ان ۾ ڪو بہ ڀرتيءَ جو لفظ نہ هئڻ کپي. مخفف ۽ متبادل لفظ بہ روا نہ آهن ان ۾، نثري نظم ۾ توهان کي کُليل ميدان ملي ٿو، پر اِنَ ۾ بہ؛

واٽون ويھہ ٿِيون، ڪُھہ ڄاڻان ڪھڙيءَ وِيا !

واري اصل آزمائش آڏو اچي ٿي.

جنھن موڙ تي پاڻ کي وڃايو هيم
اڄ بہ ان موڙ تي پنھنجي
واپسيءَ جي منتظر آهيان
(شام سمي)
فارميٽ ڪھڙو بہ هُجي. پابند شاعري، آزاد شاعري يا نثري شاعري ـــ اُنَ ۾ ”شعريت“ جو هئڻ پھريون ۽ آخري شرط آهي. نثري نظم ۾ تہ ان شعريت جي هيڪاري وڌيڪَ اهميت آهي. ڇاڪاڻ تہ ائين نثري شاعريءَ جي مخالفن کي جواب ملي ٿو وڃي. مون کي ياد آهي تہ حميد شھيد هالائيءَ جي شعري مجموعي جي مُھاڳ ۾ لکيو هئم تہ: ”غزل ڌارين صنف آهي“. هُنَ ساڳئي مجموعي ۾ ان جو جواب ڏنو تہ ”سانيـٽ، ترائيل، آزاد نظم، ٽيڙو، نثري نظم..... وري ڪھڙيون پنھنجون صنفون آهن؟“ ڳالھہ اها بہ صحيح آهي پر کيس شايد اهو ياد نہ رهيو هو تہ اهڙي ڳالھہ طالب الموليٰ سائين مون کان اڳي ڪري چُڪو هو تہ: ”غزل پرديسي صنف آهي!“ سو، غزل گو شاعر بہ ڏاڍا ڏُکڻا آهن. گهٽ نثري شاعريءَ وارا بہ ناهن. سوال جيڪو ٻنھي ڌرين کي پاڻ کان پڇڻ گهرجي، سو اِهو آهي تہ هنن ان ڏس ۾ ڪھڙا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن؟ منھنجي راءِ ۾ هڪ تخليقڪار کي، لڙ ۾ پوڻ بجاءِ هڪ تخليق کان ٻيءَ تخليق ڏانھن وڃڻ گهرجي.
نثري نظم (Prose Poem) اولھہ کان آيل آهي ۽ گهڻي مقدار ۾ لکجي بہ رهيو آهي ۽ اهو مقدار بہ ان جي معيار کي پرکڻ جو هڪ ڪارڻ ٿي سگهي ٿو. نثري نظم جي خاصيت اها بہ آهي تہ هو نظم ٻئي نظم کان سٽاءَ ۾ مختلف آهي ۽ تخليقي تجربي واري اهميت رکي ٿو:

خشڪ پھاڙ جي
وٿين مان ليئو پائيندڙ
هڪ گهاٽو سائو ٻُوٽو
ريشمي رومال جيان لڳي ٿو
(گورک جا ڪُجهہ منظر)

اسان جي مسواڙي فليٽ ڏانھن اوور هيڊ برج هيٺان مُڙي رستي تي اچبو آهي تہ ساڄي پاسي هڪ پٿرائين ڀِتِ ڪجهہ وکن جي فاصلي تائين ساڻ هلندي آهي. اُنَ ڀِتِ ۾ بہ هڪ چھچ سائو ٻُوٽو پاڻ ڏانھن هميشہ منھنجو ڌيان ڇڪائيندو آهي، پل اَپل نيڻ اُنَ کي تڪيندا آهن. اُنَ وير هوا جي جهوٽي سان اُهو چھچ سائو ٻُوٽو جهلڻ لڳندو آهي. پر منھنجي ذهن ۾ ”ريشمي رومال“ جھڙي تشبيھہ ڪڏهن بہ نہ آئي !
”دردَ جي لئہ“ ۾ گورک تي شبنم گل جا ٻيا بہ خوبصورت نظم آهن. انھن ۾هي مختصر نظم بہ آهي:

گورک جي سانت ۾
ڪنھن پُوڄارڻ جي
پُوڄا جھڙي شانتي آهي
رِم جِهم بُوندون وسن ٿيون
ڄَڻ ڪنھن مندر جا
گهنڊ وَڄَن ٿا !
(گورک جي خاموشي)

”ڪوتا ڪھاڻي“ هڪ عجيب نظم آهي. جنھن ۾ ڪلھہ، اڄ (پوڙهو) ۽ سڀاڻي (ٻار) هڪ ئي لڙيءَ ۾ پوتل آهن. ڄڻ اِنَ لڙيءَ جا ٽي مَڻڪا آهن ـــ ۽ اها لڙي زندگيءَ جي لڙي آهي، بلڪہ زندگيءَ جي ڪھاڻي آهي. ان جو عنوان ”ڪوتا ڪھاڻي“ ڏاڍو معنيٰ خيز آهي. زندگي بہ هڪ ڪھاڻي ئي تہ آهي. هڪ اَڌ ڀُتِ ڪھاڻي !

زندگي ساڪن ناهي
ڪنھن مردہ منظر جيان
نہ ئي فقط موت جو انتظار آهي
(ڪوتا ڪھاڻي)

”ڪَوِتا ڪھاڻي“ نظمَ جو ڪئنواس زندگيءَ جيڏو ئي وڏو آهي. اُنَ ۾ ڪھاڻي بہ آهي، ڪردار بہ آهن تہ ڏيک به. هوا، آواز، خوشبو به. اهڃاڻ (Symbols) بہ آهن، تہ استعارا بہ، ان جو مکيہ وشيہ (Main Topic) وري بہ جيوَتِ (Life) ئي آهي، زندگيءَ جا ٻہ ڇيڙا ـــ پوڙهو ۽ ٻار ـــ هڪ باغ ۾ ملن ٿا. پوڙهو ماکيءَ جي مکين جو ڀُڻڪو ٻڌي ٿو. ماکيءَ جون مکيون گلن جو رَسُ چورائين ٿيون. جنھن مان ماکي ٺھي ٿي. پر ماکيءَ جي مکين کي ڏنگ بہ آهي. ان ريت زندگيءَ ۾ رَسُ بہ آهي تہ ڪَسُ بہ ـــ مِٺاڻُ بہ آهي تہ ڪڙاڻ بہ ! پوڙهو، ٻارن کي خوش ٿيندو ڏسي ٿو، تہ سندس چھري جي گهنجن ۾ لڪل ٻار پڌرو ٿئي ٿو ـــ هُو ماضيءَ ۾ کوئجي ٿو وڃي. کيس پنھنجا ننڍڙا ساٿي ماءُ جي هنج جو سُک/پيءُ..... گهر..... سڀ ياد ٿا اچن ! جيڪي وقت جي تِکي وهڪري ۾ وَهِي ويا ! ۽ مون کي ايم ڪمل جو هي شعر هانوَ تي ٿو هُري اسچي:

قطرو قطرو ٿي پَل هٿن مان ويا
ويٺي ويٺي وَهِي وَهِي ويئي

۽ انھيءَ ڪردارَ تي اهو سچ ٿو کُلي تہ:
....... وڃائڻ هڪ حقيقت آهي !
(ڪَوِتا ڪھاڻي)

۽ ان نظمَ جون آخري سِٽون توهين پاڻ پڙهو ۽ زندگيءَ جو ڏنگ سَھو:

پوءِ هُو اُٿي ٿو
ائين ٻارن سان گڏ ڊوڙي ٿو
ٽھڪ ڏيئي تاڙيون وڄائي ٿو
هُو ٻارن سان گڏ خوشيءَ جا ڪي پَلَ گهارڻ گهري ٿو
۽ ٻارَ
”چريو چريو“..... چئي
هُنَ جي پٺيان ڊوڙندا ٿا رهن.....!
(ڪَوِتا ڪھاڻي)

نثري نظم ۾ اُهو سُر، آلاپ، لئہ يا رِدم ڳولڻ، جيڪو پابند شاعريءَ ۾ هوندو آهي، وئرٿ آهي. نثري نظم ۾ ڀاونائن جو سُر، احساسن جو آلاپ، جذبن جو رِدم خاص اهميت رکي ٿو. اصل ۾ اِهو ڳُڻ سَڳڻ مجموعي شاعريءَ سان لاڳو آهي، پوءِ اُها پابند شاعري هجي يا آزاد شاعري، يا نثري شاعري ! شبنم گُل جي نثري شاعريءَ ۾ اِهو ڳُڻُ سَڳُڻ هَڪيو آهي. اِنَ کي هيئن بہ سمجهي سگهجي ٿو ۽ اهو ڪيترن جو ذاتي تجربو بہ هوندو تہ ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن عام ڳالھہ ٻولھہ ۾ بہ، ڪنھن جُملي تي اسان جي وات مان بي ساختہ نڪري ويندو آهي تہ: ”اها تہ شاعري آهي!“.
شبنم گُل سوکين ڀاونائن، نرمل احساسن ۽ ڪومل جذبن جي شاعرہ آهي. ”هر موسم نہ ڄاڻ ڇو اُداسيءَ جي موسم هوندي آهي!“ نطم ان جو مثال آهي. سِٽن جو پاڻ ۾ اهڙو تہ سَٽل آهي، جو انھن کي ڌار ڪرڻ اڻ ٿيڻي آهي. اِهو پورو نطم پڙهڻ ۽ ماڻڻ جھڙو آهي. شبنم گُل جا گهڻو ڪري نظم تخليقي تجربي جي اوج تي اُڻيل آهن. انھن مان ڪن ۾ اُداسيءَ جي تند آهي، مُنڍ کان پڇاڙي تائين، جيڪا ڪٿي بہ نہ ٿي ڇڄي ! تہ ڪن ۾ درد جي لھر آهي:
زمان و مڪان جي احساس کان مستثنيٰ
اسان جا درد مشترڪ آهن
۽ اسان جي احساس کي
صدين جي ڌوڙ بہ نہ لَٽي سگهي آهي
هڪ اک کان ٻي اک تائين
هڪ دل کان ٻي دل تائين
درد جو رُوپ ڌاري
احساس جو اهو سفر
ازل کان ابد تائين ايئن
جاري رهندو
(خود ڪلامي)

شبنم گُل هڪ آشا واري شاعرہ آهي:
سچ جي هر ڳالھہ تي
پٿرن جو وسڪارو ٿئي ٿو
پوءِ بہ جسم مان
زخمن بدران
سچ جا ڳاڙها گُلَ ڦُٽن ٿا!
(تجريد)

جڏهن بہ پنھنجو نانءُ وٺان
اُس ۾
ڪائي هير گُهلي
اوندھہ ۾
ڪو ديپ جلي
رڻ ۾ ڄڻ
رابيل ٽڙي
(اُسَ ۾ ڇانوَ جھڙو احساس)

شاھہ سائينءَ جي هِڪَ سِٽَ آهي:

نا اُميديءَ نيئي، اوڏي ڪِي اُميد کي

اِها سِٽَ شبنم گُل جو هي نظم پڙهي مون کي ياد آئي:

جڏهن سڄي دنيا جا دروازا
بند ٿي ويندا آهن
تہ مايوسيءَ جي گُهگهہ اونداهين ۾
وقت پنھنجي هٿن تي
شعور جا ڏيئا کڻي
مون تائين هلي
ائين ايندو آهي
جيئن هوائون
پھاڙن ۽ سمنڊن مان
رستو ٺاهي
اڳتي وڌنديون رهنديون آهن !
(اُميد)

ٿورن لفظن ۾ گهڻي گھري ڳالھہ ڪرڻ جي هُنر کي شاعري چئجي ٿو. شبنم گُل جو نظم ”اميد“ ان جو مثال آهي. جيڪو شعور جي روشنيءَ سان لکيل آهي. اَجهل هوائون، روشن ڏيئن جون توڙ کان ويري آهن، پر اهي اَجهل هوائون شعور جي ڏيئن کي نہ ٿيون اجهائي سگهن ! اتي ”هوائون“ بہ آزاديءَ جي استعاري طور ڪتب آيل آهي. آزادي جيڪا هر انسان جو جنم سِڌ اَڌڪار آهي ۽ اُها هر رنڊڪ روڪ کي ڊاهي اڳتي وڌندي رهي ٿي !
”درد جي لئہ“ ۾ غزل، هائيڪو ۽ وائيءَ جون صنفون بہ آهي. شبنم گُل جو نثري نظم کان غزل، هائيڪو ۽ وائيءَ جھڙين پابند صنفن ڏانھن لاڙو، هڪ سُٺو سَنوڻ آهي. ان ڏس ۾ بہ اهميت تخليقي تجربي جي آهي ۽ تخليقي سطح تي ڪا بہ صنف ايڏي سولي بہ نہ آهي. غزل رُڳو ”قافيي رديف“ جو نالو نہ آهي. وائي رُڳو ”الو ميان“ جو نالو نہ آهي. هائيڪو رُڳو ”ٻن قافين“ جو نالو نہ آهي:
ڪيڏو نہ اَياڻو آھہ اُهو،
ڀِتيُنِ کي جو گَهرُ چوي ٿو !

جيئن ڀتين کي گهر چوڻ اياڻپ آهي، جيئن ساھہ کان سوا جسم محض بوتو آهي، بالڪل ائين معنيٰ کانسواءِ شاعري بہ عدم موجود آهي. معنيٰ ئي اُهو اصلي جوهر آهي. دل جي ڌڙڪڻ آهي. غزل ۾ صرف وزن جو پورائو ڪافي نہ آهي. اصل ۾ گهاڙيٽي/خيال/معنيٰ/ٻوليءَ جي هڪ ـــ ڪرائپ سان ئي اُهو معجزو ظھور پذير ٿئي ٿو، جنھن کي شاعري سڏجي ٿو:

جيڪو لڳي سدا ڪشڪولُ
ڪھڙو اُنَ جيونَ جو مولُ

ٻيو نہ سھي، بس مُرڪ ڏئي ڇڏ
دارُون ٿيندو مٺڙو ٻولُ

غزل اُهو ئي سُٺو آهي، جنھن جا سڀ شعر سُٺا هُجن. شبنم گُل جي غزل ۾ اُهو ڳُڻ سَڳڻ موجود آهي:
ڏاڍ ڏمر جي ڪاري رات
ناهي دُور گهڻي پرڀات

بادل بڻجي جو آيو هو
ڏئي ويو نيڻن کي برسات

شبنم گُل جي غزل ۾ سادگي بہ آهي تہ بيساختگي بہ، سندس ڪي غزل، گهاڙيٽي ۾ ماترڪ ڇند جي ويجهو آهن، جيڪو سُر کانپوءِ شاعريءَ جو آڳاٽو گهاڙيٽو آهي. غزل ۾ تجربي جي گنجائش يا تہ بنھہ ناهي، يا تہ بنھہ گهٽ آهي ۽ هڪ شاعر کي تجربي جو جوکم ضرور کڻڻ کپي. شبنم گُل وٽ بہ اهڙا تجربا ملن ٿا:
تنھنجي آمد سان
رستا مرڪن ٿا

اکين منجهہ آلاڻ
وعدا مُرڪن ٿا

غزل جو اهو شايد مختصر ترين فارميٽ آهي ! پھرئين شعر جي مصرع ثانيءَ تي سوال اُڀريو تہ ڇا رستا بہ مرڪندا آهن؟ ان جو جواز مصرع اوليٰ ۾ آهي تہ: ”تنھنجي آمد سان!“ ۽ تڏهن مون کي شاھہ سائينءَ جو هي بيت هانوَ تي هُري آيو:
ناز منجهارا نڪري، جڏه پرين ڪري ٿو پنڌُ،
ڀُون پڻ بسم ﷲ چئي، راھہ چُمي ٿي رندُ،
اُڀيون گهڻيون ادب سين، حُورون حيرت هنڌُ،
سائينءَ جو سوڳنڌُ، ساڄن سڀنئان سُھڻو !

هي غزل بہ تغزل سان ڀرپور آهي:

تُنھنجي مُرڪ جي لاٽ بِنا هي
اونداهو آهي جڳ سارو
ڪنھن سان پنھنجو سُورُ سليان مان؟
شھر ۾ هرڪو هو ويچارو !

توکي ڌاريو چوڻو پيو هو
ڪونہ هُيو ٻيو ڪوئي چارو !

جن شعرن منھنجي مَنَ کي ڇھيو آهي، انھن مان ڪجهہ هِتي ڏيان ٿو:

پنھنجي پاڇي کان ٿو ڇِرڪي
ڪيڏو آ انسان ڊنل

گُلَ سمورا وِکري ويا
ڀر ۾ آ گُلدانُ ڀڳل

تنھن کي ڪير چوي ٿو تنھا؟
وڇوڙي سان جو رُلندو آهي !

مُرڪي سڀ سان ملي ٿو جيڪو،
من ۾ هيڏو گهايل آهي!

جنھن جي مَنَ ۾ آڳ ازل جي
برکا منجهہ اُڃايل آهي!
رات سڄي هُئي ماڪَ رُنِي
گُلُ صُبح جو مُرڪيو هو

پيار رهيو پردن ۾ ايئن
سِپ ۾ ڄڻ موتي ڪو هو

خواب آزاديءَ جا ڏيکاري
عملي طور غلام لڳي ٿو

جيون سو سمورو سارُ ـــ وستارُ هنن ٻن سِٽن جي ڀاڪُرن ۾ ڀرجي ويو آهي:

خالي اکيون، خالي جهولي،
بس اُها ئي ڪھاڻي آهي !

لب تي خاموشيءَ جا پھرا،
ڪَجل اَکِ جو ڳالھائي ٿو!

چنڊ کِڙي ٿو پيو ڪڪرن مان
زلف ڪو وِکريل سُلجهائي ٿو!

جيئن هڪ نظم جو ـــ مُنڍ، وچ ۽ پُڄاڻي ـــ هوندي آهي، تيئن ان نظم تي جيڪي ڪُجهہ لکجي ٿو، اُنَ جو بہ مُنڍ، وچ ۽ پُڄاڻي هوندي آهي. نظم ۽ اُنَ تي لکئي تي نظرثانيءَ جي گُنجائش بھرحال موجود رهي ٿي. مثال طور شبنم گُل جي غزل تي لکندي، غزل ۾ جيڪي تجربا ٿيا آهن، اُن ڏس ۾ مون ڪجهہ نالا بہ کنيا هُئا، پر پوءِ انھن تان هٿ کڻڻو پيو. ان جا ٻہ ڪارڻ هُئا: (1) ڪو اهم نالو رهجي نہ وڃي (2) انھن تجربن جا مثال ڏيڻ بہ ضروري هُئا ! ائين ڪم وڌي وڃي ها. ايترو ضرور چوندس تہ روايتي توڙي غير روايتي غزل جو مطالعو لازمي آهي، ان ريت ڪلاسيڪل صنفن ۾ لکڻ مھل ڪلاسيڪل شاعريءَ جو مطالعو لازمي آهي، ائين سُر، ماترڪ ڇند ۽ عروض جي ڄاڻ پرائجي ٿي تہ ٻوليءَ جي به. شبنم گُل جي عروضي غزلن مان ڪجهہ شعرَ:

اڄ روشني ٿي گهرجي
ها! زندگي ٿي گهرجي

هر شعر کي غمن جي
ڪا تازگي ٿي گهرجي

بادل، قدم، هوائون
آوارگي ٿي گهرجي

اڻ ڪيل ڏوھہ جي سزا آهي
زندگي ڄڻ تہ بد دعا آهي

ويا اکين جا ڏِيا اُجهامي سڀ
دردَ دُونھاٽيل فضا آهي

ڪالھہ جيڪو هُيو سڀن سان گڏ
پاڻَ کان اڄ ٿيو جُدا آهي

شبنم گُل جي هڪ نظم ”خودڪلامي“ جي سِٽَ آهي:
اسان جا دردَ مشترڪ آهن
شبنم گُل جي شاعري بہ انھيءَ درد جي لئہ تي، جيون جو ڇيڙيل ڪو اڻپورو گيت آهي:
درد جي لئہ تي ڇيڙيو ڇو؟
جيون ڪو اڻپورو گيت !

اهو ”جيون جو اڻپورو گيت“ ڪڏهن بہ پورو نہ ٿو ٿئي ـــ نہ ئي ڪٿي ”درد جي لئہ“ ٿي ٿمجي ! ”درد جي لئہ“ هڪ جامع استعارو آهي، جنھن ۾ سُر، ردم، سوز، گداز اچي وڃن ٿا. ”درد جي لئہ“ کان سواءِ گيت، گيت نہ آهي. ”درد جي لئہ“ جي معنيٰ ”رڳون ٿيون رُباب، وڄن ويل سڀ ڪنھين“ واري آهي. جيون جي اڻپوري گيت کي پوري ڪرڻ لاءِ ئي هڪ سچي شاعر کي تخليقي تجربي ڏانھن مڪمل ڌيان ۽ گيان سان سُچيت رهڻو آهي. ان لاءِ ڏات ۽ ڏانءُ جي اهميت کي ذهن ۾ رکڻو آهي. هُنَ کي اهو سدائين ياد رکڻو آهي تہ هُو هڪ انتھائي نازڪ، سنجيدہ ۽ ذميواريءَ وارو ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي. هُنَ کي نہ رُڳو پاڻَ ۾، پر سڀني ۾ اُنَ سڀاڳي صبح جي اچڻ جو ويساھہ جاڳائي رکڻو آهي، جيڪو ڊگهي ڪاري رات کانپوءِ اَوس اچڻو آهي:

سَچَ کي ناهي ماتِ،
ڪڏهن تہ ٿيندي آخر،
پِرھہ ڦُٽي پِرڀات !

امداد حُسيني
ـــــ 11 ڊسمبر 2018ع
ڪراچي ـــ سنڌُ

شبنم گُل جي شاعريءَ جا اُفق

جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شبنم گل هڪ ممتاز حيثيت رکي ٿي. 1993ع ۾ سندس پھريون شعري مجموعو "آخري لفظ" ڇپيو، جنھن کي شاعريءَ جي کيتر ۾ هوا جو تازو جهوٽو سڏيو ويو. ٽن ڏهاڪن بعد ، سندس تازو شعري مجموعو "درد جي لئہ" ڇپيو آهي، جنھن کي درد ۽ دردمندي رکندڙ شاعر، امداد حسينيءَ، پنھنجي مھاڳ ۾ انتھائي قابل قدر بڻائي ڇڏيو آهي. هن شاعر جي دل ۾ لھي حرف و معنيٰ جا اُهي پيڪر گهڙيا آهن، جيڪي هن ڪلام جي احساس جي شدت کي مزيد نمايان ڪن ٿا. جيڪڏهن امداد حسيني مھاڳ نہ لکي ها پوءِ بہ " درد جي لئہ " ۾ اظھاريل شاعري اوتري ئي حساس، درد ۽ دردمندي جي حامل هجي ها.
هن مجموعي ۾ شبنم، سنڌي ڪلاسيڪي صنف، "وائيءَ" جي تخليق جي تجربي مان گذرندي، غزل، نظم ۽ هائيڪو جي قديم ۽ جديد صنفن کي ڪاميابيءَ سان اظھار جو ذريعو بڻايو آهي. انگريزي شاعريءَ جي طالب علم جي طور تي نہ صرف هوءَ روايتي صنفن جھڙوڪ، مرثيي (Elegy) ۽ قصيدي (Ode) کان واقف ٿي ڏسجي، بلڪہ پنھنجي شاعريءَ ۾ هن انھن صنفن جو اثر بہ قبول ڪيو آهي، سندس نظمن جي اداسيءَ تي مرثيي جي غمگينيءَ جو رنگ چڙهيل نظر اچي ٿو. شاعرہ "پنھنجي پاران" ۾ آڊن جي مرثيي " W.B.Yeats جي ياد ۾" کانسواءِ لارڊ ٽيني سن جي مرثين کي پڻ ساراهيو آهي، جن جو اثر سندس يادگار نظم "ڳڙهي جي گلن جي خوشبو" تي محسوس ٿئي ٿو.
شبنم، انگريزي رومانوي شاعريءَ جي تحريڪ جي نمائندن وليم ورڊز ورٿ، ڪيٽس، شيلي ۽ وليم بليڪ جي فطرت پرستيءَ کي ساراهي ٿي. سندس چواڻي تہ "خيال ۽ موضوع جي اعتبار سان سنڌي شاعري سدا بھار رهي آهي،" جيڪو بلڪل درست خيال آهي. شبنم جي خيال مطابق، شيخ اياز وٽ آفاقي سوچ ۽ سماجي شعور جي فراواني آهي. ساڳيو احساس اسان، ڪلاسيڪي روسي شاعر پشڪن، روس جي باغي شاعر بورس پاسترناڪ ۽ اٽلي جي شاعر لورڪا جي بي پناھہ نغمگيءَ ۽ تغزل ۾ نظر اچي ٿو. ان ڊگهي تمھيد لاءِ معذرت، ان پس منظر ڏيڻ بنان، شبنم گل جي شاعريءَ ۾ احساس جي نزاڪت، فڪروشعر ۽تغزل جو اندازو نہ ٿو ڪري سگهجي. پنھنجي ڳالھہ کي واضع ڪرڻ لاءِ فقط هڪ مختصر نظم "دعا" جو مثال پيش ڪرڻ ٿو چاهيان.
تنھنجي مرڪ
ڄڻ هر زخم جي
ٽرافي هجي
تنھنجو هئڻ
منھنجي لاءِ
ڄڻ ڪا خاموش دعا هجي!

ساڳيءَ ريت احساس جي شدت ۽ موضوع جي ثروت منديءَ جي حوالي سان شبنم جي هڪ ٻي نظم جو مثال پيش ڪيان ٿو.

جيلن جي
اونداهين کولين ۾
تشدد جي
هر مُھر
اميدن جا ٽھڪ ٻرن ٿا
بي بسيءَ جي
زنجيرن مان
سچ جا ڪيئي ساز ڇڙن ٿا
ڇو تہ .......
هر اُهو ذهن جنھن ۾
شعور جي چڻنگ ٻري ٿي
ان ۾ ڪڏهن بہ
جذبن جو
بليڪ آئوٽ نہ ٿو ٿي سگهي!
(بليڪ آؤٽ)

شبنم گل جي شاعريءَ ۾ غزل، وائي، هائيڪو ۽ نظمن جا الڳ رنگ آهن، پر جيڪڏهن شاعريءَ جو باريڪ بينيءَ سان جائزو ورتو وڃي تہ ٻين صنفن تي بنيادي طور تي نظم حاوي نظر اچي ٿو. سندس بي مثال نظمن ۾ گورک سلسلي جي ڪجهہ نظمن کان علاوہ لينڊ اسڪيپ، ڪوتا ڪھاڻي، رات جي پوئين پھر سان مڪالمو، پارا چنار، روح جي بند دريءَ کان ٻاهر، اداس ڇوڪري، اي خدا، تون ڪائنات جي مرڪ ۾ وسين ٿو، اُميد، خاموشي، بليڪ آئوٽ، ويھين صديءَ جو عشق، اڻ ڇپيل ڳالھيون، دعا، جدائي، ادارڪ، انڪم ٽيڪس، ھرشيءِ مدار کان هٽيل آهي، انڪار، غيرت، وقت، سزا، زندگي؟، نئين موسم جي ڦھلي آ خوشبو، مون توکي چاهيو هو، طويل نظم خود ڪلامي ۽ ٻيا نظم شامل آهن. جن مان چند مثال پيش ڪجن ٿا، شبنم گل جي نظمن ۾ ڪيئي ڀيرا متضاد ڪيفيتون سامھون اچن ٿيون.
هڪ ڪيفيت مطابق:
تنھائيءَ جي آسمان هيٺيان
گهورُ اونداهي
راھہ ۾ پري تائين
نہ ڪو جگنو
۽ نہ ئي تارو آهي
هيڏي ساري جڳ ۾
ڪير آهي ڪنھن جو!
(وحشت)

ساڳيءَ ريت هڪ ٻي ڪيفيت مطابق، اميد جو ڪرڻو روشن ٿئي ٿو.

جڏهن سڄي دنيا جا دروازا
بند ٿي ويندا آهن
تہ مايوسيءَ جي گهگهہ اونداهين ۾
وقت پنھنجي هٿن تي
شعور جا ڏيئا کڻي
مون تائين هلي
ائين ايندو آهي
جيئن هوائون
پھاڙن ۽ سمنڊن مان
رستو ٺاهي
اڳتي وڌنديون رهنديون آهن!
(اُميد)
جاپاني هائيڪو برصغير پاڪ ۽ هند جي زبانن ۾ ڪافي مقبول ٿيو. شبنم جي شاعريءَ ۾ هائيڪو جو هي مثال ڏسو:

اڻپورو هڪ سپنو،
دل ڪشڪول ۾
ڄڻ ڪو کوٽو سڪو!

وائيءَ جي ڪلاسيڪي صنف کي شبنم گل خوب نڀايو آهي. ڪجهہ مثال ڏجن ٿا. جنھن ۾ ڄامشوري جي شام، منڇر ۽ ڪينجهر جو ذڪر شامل آهي. جيڪي قابل ذڪر وايون آهن.
هي مثال ڏسو:
چنڊ مرڪي ٿو سنڌوءَ مٿان
اکين ۾ اڻ چيل قرار آهي
ڄامشورن جي شامن ۾

يا وري ٻي وائيءَ ۾:

وقت رقص ڪري ٿو ساز ڇلي ٿو لھرن ۾
سج ٿو ڏيئا ٻاري ٽھڪ ٻرن ٿا ٻيڙين ۾
ڪينجهر تنھنجي لھرن ۾
ـــ
نوري ڄام جي پريت جو محور آهي تنھنجو تن
نوري اڄ بہ جيئري آهي مھاڻين جي اکڙين ۾
ڪينجهر تنھنجي لھرن ۾

غزل، سنڌي شاعريءَ جي صنف نہ آهي پر پوءِ بہ شبنم پنھنجي شاعريءَ ۾ سنڌي غزل جا ڪامياب تجربا ڪيا آهن.
ساٿي سارا وڇڙي ويا
گل هوا ۾ وکري ويا
ڏاڍ جي موسم ۾ اڄڪلھہ
شھر سمورا اُجڙي ويا.
ـــ
سپنا مرڪن ٿا
جذبا مرڪن ٿا
تنھنجي آمد سان
رستا مرڪن ٿا
ـــ
اکين ۾ اڄ پاڻي آهي
ڪائي ياد پرائي آهي
تون بن منھنجا سانول سائين!
خوشي نہ مون ڪاماڻي آ
ـــ
جنھن ۾ ڪائي هار نہ جيت
ڪيڏي آسا پاڳل پريت
هڪ هڪ ٿي سڀ وڇڙي ويا
رهيو نہ ڪوئي من جو ميت
ـــ
تنھنجي يادن جو هر پل
آهي ڄڻ ڪو تاج محل
من آ جنھن جو ٿوهر جھڙو
ظاهر ۾ تہ چنبيلي آهي.
جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شبنم گل هڪ ممتاز حيثيت رکي ٿي. "درد جي لئہ" ۾ ڏنل شاعري حساس، درد ۽ دردمنديءَ جي حامل آهي. هن مجموعي ۾ شاعرا سنڌي ڪلاسيڪي صنف وائي، غزل، نظم ۽ هائيڪو جي صنف کي ڪاميابيءَ سان اظھار جي ذريعو بڻايو آهي. وائيءَ جي ڪلاسيڪي صنف کي شبنم گل خوب نڀايو آهي ۽ غزل جا ڪامياب تجربا ڪيا اٿس. سھل، ممتنع يعني گھري ڳالھہ مختصر لفظن ۾ چوڻ جو لاڙو اردو شاعريءَ ۾ عام آهي. پر شبنم گل جنھن طريقي سان اهو انداز نڀايو آهي، اُهو پنھنجو مثال پاڻ آهي. "درد جي لئہ" جو مطالعو ڪندي قاري خوشگوار حسرتن منجهان لنگهي ٿو. اهو منفرد تجربو اهڙو آهي، جيئن مون کي شيخ اياز جي شعرن جو پنجابيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ وقت ٿيو هو. ان اعتبار سان شبنم جي شاعري، ڪمند جي فصل جيان، شيخ اياز جي شاعريءَ جو تسلسل آهي.


احمد سليم
ـــــ 20 جولاءِ 2019
اسلام آباد

پنھنجي پاران: وکريل گُلَ جيان مھڪندڙ احساس

شاعري فطرت جي مزاجَ ۾ شامل آهي. پاڻيءَ وٽ شاعراڻي رمز ٿئي ٿي، پاڻيءَ ۾ موسيقيت آهي، چاهي سمنڊ هجي، درياھہ هجي، جهرڻو هجي يا وسڪارو، هر لمحي سازن جو تاثر ڪنن ۾ پيو محسوس ٿيندو. ساڳيءَ ريت هوائن جي هلچل ۾ گيت پيا سرجندا آهن. هوائن ۾ پنن جو ميلاپ سُرن جي صورت نروار ٿئي ٿو. هي سمورا مظھر فطرت جي شاعراڻي نزاڪت رکن ٿا.
شاعري فطرت کان اتساھہ وٺي ٿي. شعر جي هر ڀيٽ، تمثيل، استعارو، اهڃاڻ يا شخصي اهڃاڻ وغيرہ فطرت جي اتساھہ کان خالي نہ آهن. ان ڪري لوڪ ۽ صوفي شاعريءَ ۾ گفتگوءَ جا فطري مظھر هئيت يا نقشا واضح طور تي ملن ٿا. هن ڪائنات جو سرجڻھار بہ شاعر هوندو، جنھن فطرت جي روپ ۾ شاندار شاعري ڪئي آهي. شاعري سونھن ۽ دردَ جو سنگم آهي. سونھن فاني آهي ۽ اهو ئي زندگيءَ جو درد آهي. شاعري جنھن جو آلاپ ٿئي ٿي، پر سونھن جو احساس ۽ يادگيري دائمي حيثيت رکي ٿي.
انگريزي شاعر جان ڪيٽس وٽ ٻئي ڪيفيتون ساڻ ملن ٿيون. سونھن جا پوڄا ۽ ان سونھن جي يادگيري ۽ ان ياد جو سوز کانئس شعر چورائي ٿو. موتمار بيماري ۽ محبت نہ ماڻي سگهڻ جو ڏک، ڀاءُ جي موت جو ڏک.
Ay, in the very temple of Delight
Veil’d Melancholy has her Sovran shrine.
ائين رابرٽ هيرڪ پڻ پنھنجي نظم ”ڊيفوڊلس“ ۾ زندگيءَ کي گرمين جي برسات ۽ ماڪ جيان سمجهي ٿو. هن لاءِ خوشين جا ڏينھن گُل جيان مختصر آهن.
انگريزي شاعريءَ جون ٻہ صنفون Elegy (مرثيو) ۽ Ode (توصيفي شاعري) مون کي پسند آهن. اوڊ طويل نظم آهي. هي اتم موضوع آهي، جيڪو درد جي رومانس ۾ ويڙهيل نظر اچي ٿو. ان جا موضوع فطرت سان پڻ واسطو رکن ٿا. پر مون کي غم جي انتھا ۾ مبتلا Elegy (مرثيو) وڌيڪَ موهي ٿو. جيئن انگريزيءَ جي شاعر ٿامس گري جو نظم “Elegy Written in a Country Churchyard” موضوع جي اعتبار سان لافاني آهي. هو هڪ ڳوٺ جي قبرستان ۾ بيٺو آهي ۽ مري ويلن لاءِ سوچي ٿو، جن جا گهر خالي ۽ چلھيون ٿڌيون ٿي چڪيون آهن، جيڪي هوا، وڻن ۽ زندگيءَ جي سونھن کان پري وڃي چڪا آهن. زندگيءَ جي بي ثباتيءَ جو درد جنھن نموني شاعراڻي احساس ۾ ڳالھائي ٿو ان ۾ گهرائي محسوس ٿئي ٿي. Alferd Lord Tennyson جو “Elegy in Memoriam” جيڪو طويل نطم آهي، هي نظم شاعر پنھنجي دوست Henry Hallam جي اوچتي موت تي لکيو هو، جنھن ۾ هو انھن دروازن لاءِ ٿو سوچي، جيڪي سندس دوست جي ڇھاءَ کان محروم رهندا. اهڙيءَ ريت جان ملٽن جي “Lycidas” ۽ W.H Auden جي “In Memory of W.B Yeats” قابلِ ذڪر آهن.
انگريزي شاعريءَ جي صنفن جو سنڌي شاعريءَ تي براھہ راست اثر نظر اچي ٿو. جيئن انگريزي شاعريءَ جون صنفون Sonnet, Elegy, Balled Blank Verse, Free Verse ۽ Lyric آهن، جيڪي سنڌيءَ ۾ ترائيل، گيت مرثيي، قصيدي، نثري ۽ آزاد نظم طور موجود آهن. مثال: انگريزيءَ جي شاعر شيلي ۽ تنوير عباسيءَ جي شعر جو ترنم ملندڙ جلندڙ لڳو، جيئن شيلي جو نظم:
بادل آهيان، موج آهيان، ڪو سُڪل پن آهيان،
اي هوا. ڏي سھارو اڳتي وڌي کڻي وٺ مٿي مون کي،
زندگيءَ جي ڪنڊن ڀري سيج تي وکري ويو آهيان،
۽ هي جسم منھنجو سارو خون سان تر آهي.

تنويرَ جو تخيل ڏسو:
سانت مان تنھنجا ٽھڪ ايئن نڪتا،
ڄڻ تہ ڪنھن چھچ سائي ٻوٽي ۾،
اوچتو پيا ٽري ڪي ڳاڙها گُلَ.

سنڌي شاعريءَ ۾ نغمگيءَ جو تاثر تنوير جي هر شعرَ مان جهلڪي ٿو. اهڙن ماڻھن ڏي ڏسندي ئي دل خوش ٿيندي آهي، ڪن ماڻھن جي سانت ستارن وانگر هوندي آهي.
ساڳيءَ ريت شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ بہ آفاقي شعور موجود آهي، جيڪو سندس وسيع مطالعي جو ثمر آهي. شيخ اياز دنيا جي مختلف ٻولين جي شاعراڻي رمز مان ڪافي ڪجهہ پرائي ۽ نوان تجربا ڪيا . سندس شعر ۾ خيال ۽ ان خيال جي اظھارَ لاءِ صحيح صنف جي چونڊ، شاعر جو احساساتي جمال آهي. اياز غزل، گيت، وائي، بيت، نظم ۽ ٽيڙو لکيا ۽ هر صنف ۾ پاڻ مڃايو.

مونجهو، مَن ماندو،
ٻيو ڪاڙهو ڪاپار تي،
اونھاري آندو.....
وَهي پيو واھہ،
ڀَر تي پِپِرَ ڇانوَ ۾،
تون ۽ منھنجو ساھہ.

جيئن شيلي ۽ تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ ۾ نغمي، جو ساڳيو تاثر محسوس ٿئي ٿو، تيئن جان ڪيٽس ۽ مير تقي مير وٽ غم ۽ احساس محروميءَ جو ساڳيو ذڪر ملي ٿو. ٻئي شاعر بيماريءَ، بي وسيءَ ۽ ناڪام محبت جو زهر اندر ۾ اوتيندي، لازوال شاعري ڪندا رهيا. احساساتي غم ۾ ٻہ شاعر هڪ جھڙي شاعري ڪري سگهن ٿا. ڪيٽس پنھنجي مشھور نظم “Ode to a Nightingale” ۾ پنھنجي غم جو اظھار هن ريت ڪري ٿو:

Darkling I listen; and for many a time,
I have been half in love with easful death,
Call’d him soft names in many a mused rhyme,
To take into the air my quite breath,
Now more than ever seems it rich to die.

(ڪيٽس کي تنھائي موت سمان ڀاسي ٿي، هُو ڪيترا ڀيرا موت جو تصور ڪندي کيس شاعراڻا نالا ارپي ٿو. هن وٽ آسان موت جو رستو اهو آهي تہ هو موت سان دوستي ڪري).
ساڳيءَ ريت مير تقي مير جو شعر سندس اندر جي آواز جي ترجماني ڪري ٿو.
جن جن کو تھا یہ عشق کا آزار مرگئے،
اکثر ہمارے ساتھ کے بیمار مرگئے ۔
شاعرن وٽ زندگيءَ جي سونھن کي محسوس ڪرڻ جي سگهہ سان گڏ، زندگيءَ جي بي ثباتيءَ جو ڏک گڏ هلندي محسوس ٿيندو آهي.
سنڌي شاعري خيال ۽ موضوع جي لحاظ کان سدا بهار رهي آهي. شيخ اياز وٽ آفاقي سوچ ۽ سماجي شعور ملي ٿو. ساڳيو احساس بورس پاسترناڪ، لورڪا ۽ پشڪن وٽ ملي ٿو. شيخ اياز وٽ عمر جي آخري حصي ۾ موت جو خيال حاوي نظر اچي ٿو.

موت ڪيا سڀ مات،
هوندا ڪير حيات،
ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان؟
مُيون مالھڻيون،
سڪا موتئي گجرا،
ڪٺا رات ڪلاڪ،
ميڙو ناهي مڌ تي رڱ ڏنائون رات،
وهاڻي پرڀات،
کٽي کنڀ ڇڏي ويا.

ساڳي ڪيفيت پشڪن جي هن شعر ۾ پڻ ملي ٿي.

And where will fate send death to me?
In battle, in my travels, or on the seats?
Or will the neighboring valley
Receive my chilled ashes?

سنڌي شاعريءَ ۾ نوان تجربا بہ ڪيا ويا آهن. خاص طور تي نظم ۽ نثري نظمن ۾ نواڻ نظر اچي ٿي. شاعريءَ جون مختلف صنفون جھڙوڪ قصيدو، مثنوي، مسدس، مرثيو، مخمس، ترڪيب، مسمط، ترڪيب بند، قطع، جنگ ناما، مربع ۽ مدح وغيرہ نظمنَ جون صورتون آهن. نظمَ ۾ تاثر جي وحدت، فڪر ۽ خيال جو تسلسل اهميت رکي ٿو. سنڌيءَ ۾ آزاد نطم ۽ نثري نظم مقبوليت ماڻي آهي. جيئن پشپاولڀ جو هي نظم ”ڪولھڻ“ سنڌي نظمَ جي پختگيءَ ظاهر ڪري ٿو.

پراچين سمي جي مان ڪا هستي آهيان
منھنجو من موهن جي دڙي جي مورتي،
آئون اُها ناچڻي آهيان
جنھن جا نرت ڪندڙ هٿ
ٻن سفيد اُڏامندڙ ڪبوترن جيان
پنھنجون چهنبون ملائي بيٺا آهن،
منھنجي پايل جي جهنڪار سان
مندر جون گهنٽيون سجاڳ ٿين ٿيون.

سنڌي شاعريءَ ۾ نون تجربن لاءِ ڪشادگي نظر اچي ٿي. خاص طور تي جاپاني شاعريءَ ۾ فطرت جي خوبصورتي عروج تي نظر اچي ٿي. عام منظرن ۾ بہ معنيٰ جا انيڪ رُخَ ملن ٿا. جاپاني هائيڪن کان متاثر ٿي سنڌيءَ ۾ بہ هائيڪا لکيا ويا. جاپاني هائيڪا فطري رمزن سان سرشار نظر اچن ٿا.
رڳو عطر کپي
جو برف جي ذرن کي
گُل بنائجي
(باشو)

باشو هائيڪو کي روشن جمالياتي پرک سان فطرت ۾ ورهائي ٿو. جيڪي زندگيءَ جي عام منظرن بابت آهن. شيخ اياز، تنوير عباسي، امداد حسيني ۽ ٻين سنڌيءَ ۾ هائيڪا لکيا آهن. جيئن امداد حسينيءَ، شيخ اياز ۽ ادل سومري جا هي ٽه سٽا آهن:

ڪنھن هي ڪالھہ چيو
”ڦول نہ ڦٽو تار تي،
منھنجي پاند پيو !“
(شيخ اياز)
اُڻ تُڻ هُر کُر، لوچ
پرزا پرزا ٿي پئو،
سچ نہ ڄاڻي سوچ
(امداد حسيني)
شاھہ، سچل سامي
پيار ڀري پرڀات جا
آهــــن پـــيـــاســي
(ادل سومرو)

شيخ اياز جي وسيع مطالعي جو عڪس سندس شاعريءَ مان واضح طور تي ملي ٿو. شيخ اياز جو مطالعو وسيع هو. هن جي خيال مطابق ٽي شاعر وڏي توجھہ جا مستحق آهن، جن ۾ انگلينڊ جو ازرا پائونڊ، آمريڪا جو ٽي ايس ايليٽ ۽ هسپانوي شاعر مائڪل دي ايونامنو شامل آهن.
انگريزي شاعريءَ جو عروج وارو دور ارڙهين صديءَ ۾ رومانوي تحريڪ سان شروع ٿئي ٿو. وليم ورڊس ورٿ جو پينٿئزم، جان ڪيٽس جو درد سان رومانس ۽ هيلينزم، شيلي جو فطرت ۾ مثبت ۽ تخريبي اثر جو ذڪر ڪرڻ، سيمويل ٽيلر ڪولرج جي طلسماتي ماروائيت، رابرٽ برائوننگ جي احساساتي ڪوملتا ۽ تلخ حقيقتن جو ٽڪر، وليم بليڪ جو معصوميت ۽ تجربي جي ڀيٽ ڪرڻ ۽ تصوف جون رمزون..... انھن شاعرن پوري دنيا جي شاعريءَ تي پنھنجو اثر ڇڏيو. سندن داخلي احساس پوري ڪائنات سان ڳنڍيل هو. بنيادي طور تي رومانوي شاعر فطرت پرست ۽ سونھن جا شيدائي هُئا. سندن شاعري سونھن، سچ ۽ محبت جي محور جي چوڌاري ڦري ٿي.
اها حقيقت آهي تہ انگريزي ادب جي شاگرد طور مون کي نثر توڙي شاعريءَ جي صنف ۾ وڏي رهنمائي ملي آهي. مون مشرقي توڙي مغربي شاعرن ۽ نثر نويسن جو جيڪو بہ مطالعو ڪيو آهي، ان جي ڪري مون کي شاعري توڙي نثري صنفن جي گهاڙيٽي جي ڪنھن قدر ڄاڻَ ملي آهي. منھنجو پنھنجو نقطہ نظر اهو آهي تہ نثر يا شاعريءَ جي ڪنھن بہ صنف تي قلم کڻجي تہ قلمڪار کي ان جي باري ۾ چڱي ڄاڻ هجي. شعر، ڪھاڻي، ناول، مضمون يا ڪالم سرجڻ ڪو ڪمال نہ آهي، پر انھن لکڻين کي طئہ ٿيل فارميٽ تحت تخليق ڪرڻ ڏکيو ڪم ضرور آهي. ٻي ڳالھہ اها تہ ليکڪ کي پاڻ طئہ ڪرڻ گهرجي تہ هُو اظھارَ لاءِ ڪھڙي صنف جو انتخاب ڪري، جنھن سان هو چڱيءَ طرح نڀائي سگهي.
شاعري خود ڪلاميءَ جو رد عمل آهي، پاڻمرادو گفتگوءَ جو ڏانءُ آهي، ٻڏتر جي ڪيفيت آهي، هڪ مستقل غير محسوس اداسيءَ جو نانءُ شاعري آهي. شاعر عام تخليقڪارن کان مختلف ٿين ٿا. شعور ۽ نيم شعور جي حالت ۾ هڪ اهڙي دنيا جا رهواسي آهن، جيڪا تصوراتي ۽ غير حقيقي آهي، جيڪا وهمن، پرفريب خيالن ۽ خوش فھمين سان سرشار لڳي ٿي.
شاعر مستقل خود فريبيءَ جي حالت ۾ رهي ٿو. خيالن جي اهڙي دنيا ۾ جتي ڪا بہ صورتحال ساڳي نہ آهي، پر هر پل بدلجندي رهي ٿي. اها دنيا عجيب، دلڪش ۽ طلسماتي آهي، جتي خيال خوش فھميءَ کي تخليق ڪري ٿو. جيڪا خوبصورت ۽ اڻ ڇھيل ٿئي ٿي. ڇو تہ شاعر وٽ هر احساس، جذبي يا منظر جي پنھنجي الڳ ترجماني آهي. هو داخلي اک سان پنھنجو الڳ نقطہ نظر پيش ڪري ٿو. جيڪو تحرڪ حاصل ڪرڻ کانپوءِ تخليقي عمل مان گذري ٿو، جنھن کي فنڪار جو اُتساھہ (Artistic Inspiration) چيو وڃي ٿو. يونانين جو يقين هو تہ اُهو اُتساھہ Apollo يا Dionysus وسيلي شاعر کي ملي ٿو. اوڻويهين صديءَ ڌاري انگريزي شاعرن ڪولرج ۽ شيلي مطابق شاعر اهو تحرڪ خدائي ۽ روحاني طور تي حاصل ڪري ٿو. شاعر اُهو تحرڪ زندگيءَ ۽ ڪائنات جي رنگن مان دريافت ڪري ٿو. فطرت شناسي شاعر کي تخليق جي وسعت ۽ تصور جي اُڏام عطا ڪري ٿي.
جيڪڏهن شاعر نہ هجن ها تہ زندگي سونھن بہ احساس ۽ دردَ جي سوزَ کان خالي هجي ها. شاعر، غمگين دل کي آٿت ڏين ٿا. انگريزيءَ جي شاعر وليم بليڪ چواڻيءَ: ”شاعر ڏاهو، ولي يا ڪو پيغمبر آهي. هو ماضي، حال ۽ مستقبل جو ادراڪ رکي ٿو. هن کان زندگيءَ جو ڪو بہ ڳجهہ لڪل نہ آهي“.
اها حقيقت آهي تہ شاعري درد جو آلاپ ۽ ڏاهپ جو ڏنگ آهي. ڏاهپ جيڪا شاعر کي درد سان روشناس ڪرائي ٿي. شايد ان ڪري تہ شاعر وٽ پکين جھڙي دل آهي، جيڪا غير انساني روين ۽ قيد جي تصور کان بار بار ڇرڪي پوي ٿي. قيد احساس جو هجي يا طبعي وجود جو، ٻنھي صورتن ۾ درد اڻٽر آهي.
شاعر جا خواب امن، محبت ۽ برابريءَ سان سلھاڙيل آهن. هو سدائين امن جو خواهشمند رهي ٿو. جبر انفرادي هجي يا اجتماعي، شاعر کي بيچين رکي ٿو.
منھنجي شاعريءَ جي شروعات مارشل لا جي دور کان ٿي. هي اهو دور هو، جڏهن اسان مڪليءَ ۾ رهندا هئاسين. مڪلي سنڌ جو تاريخي شھر آهي. هن شھر جي فضائن ۾ هڪ عجيب ڇڪ محسوس ٿيندي هئي. درد جي خوشبوءِ جيان احساس بہ وکري مھڪي ٿو گل وانگر. منھنجو طويل نظم ”خود ڪلامي“ مڪليءَ جي ماحول ۾ رڱيل آهي.
منھنجي شاعريءَ سنڌ جي فطري منظرن، تاريخ، سماجي لقائن، تصوف، لوڪ ادب کان اُتساھہ حاصل ڪيو آهي. منھنجي شاعريءَ جو پھريون مجموعو ”آخري لفظ“ 1993ع ۾ ڇپيو هو. ان کانپوءِ هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ هي نئون شعري مجموعو ”درد جي لئہ“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن مجموعي ۾ ”آخري لفظ“ جي شاعري بہ شامل آهي. غير انساني رويا ۽ واقعا شاعريءَ کي بنياد فراهم ڪندا آهن. منھنجا اڪثر نظم زندگيءَ جي حقيقي حادثن ۽ ڀوڳنائُن جو اولڙو آهن. مون ”ڳڙهيءَ جي خوشبو“ نظم محترمہ بينظير جي شھادت تي لکيو. نظم ”ڪمال“ تعليمي ماهر فريدہ فيض ﷲ جي حوصلي جي نانءِ آهي، جنھن اکين جي روشني وڃائڻ کانپوءِ بہ تعليمي سفر جاري رکيو ۽ ٻاهران اعليٰ تعليم حاصل ڪري آئي. نـظم ”اداس ڇوڪري“ هر ٽئين گهر ۾ موجود آهي. ”آخري لفظ“ نظم مارشل لا جي ڏينھن جو يادگار آهي. اهو نظم، ان دور ۾ ٽنڊو ڄام جي شاگرد جي اکين مان نڪتو، جنھن مھل هو روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو هو. بعد ۾ يونيورسٽيءَ جي تعزيتي گڏجاڻي ۾ اهو نظم پڙهيو ويو. نظم ”رات جي پوئين پھر سان مڪالمو“ پنھنجي شاگردياڻي طلعت جي حادثاتي موت سان منسوب ٿيل آهي. نظم ”پرھہ ڦُٽيءَ جي منظر جھڙي“ بنگلا ديش جي آدرشي ڪردار عشرت آخوند کي ارپيو آهي، جيڪا هولي آرٽيسن بيڪريءَ تي ٿيل دهشتگردن جي حملي ۾ مارجي وئي هئي. ”ساڃاھہ جو عذاب“ نظم مشال خان جي دکدائڪ واقعي تي لکيم. هر غير انساني واقعي تي منھنجي احساس مان درد جي سٽ اڀرندي آهي ۽ پوءِ اها ڪنھن غزل، گيت يا نظمَ جي صورت‏، صفحن تي نروار ٿيندي آهي. مون نثري صنفن کي وڌيڪَ وقت ڏنو آهي، جنھن ۾ ڪھاڻيون، ڊراما، ناول، مضمون ۽ ڪالم وغيرہ شامل آهن. انھن صنفن جي ڀيٽ ۾ شاعريءَ کي تمام گهـٽ وقت ڏنو آهي. پوءِ بہ شاعري منھنجي اها سھيلي آهي، جنھن سان دل جو حال اورڻ ۾ دل جو بار هلڪو ٿي پوندو آهي.
مان خاص طور تي سنڌ جي آدرشي شاعر امداد حسينيءَ جي ٿورائتي آهيان، جنھن بنا ڪنھن دير جي مون کي مُھاڳ لڳي ڏنو. سندس نثر توڙي شاعراڻو اسلوب اتم ۽ قابلِ فخر آهي. سندس لکيل هي لفط مان پنھنجي لاءِ وڏو اعزاز سمجهان ٿي.

شبنم گُل
ـــــ 26 جون 2019
حيدرآباد ـــ سنڌُ

غزلَ

---

پريت بہ ڄڻ تہ پھيلي آهي

پريت بہ ڄڻ تہ پھيلي آهي
درد جي ڪائي سھيلي آهي

رات سڄي جا واٽ نھاري
ڪيڏي سا تہ ڳھيلي آهي

سپنا سي ڪيئن ساڀيان ماڻين
جن جي اڳيان حويلي آهي

دل جو انت نہ ڄاڻي ڪوئي
ميلي بہ اڪيلي آهي

من آ جنھن جو ٿوهر جھڙو
ظاهر ۾ تہ چنبيلي آهي

تنھنجي يادن جو هر پل

تنھنجي يادن جو هر پل
آهي ڄڻ ڪو تاج محل

تنھنجا سپنا ساڀيان سڀ
منھنجا سارا خواب رُٺل

تنھنجو چھرو انڊلٺ ورڻو
منھنجون اکيون ماڪ ڀنل

پٽ تي پيو آهي پيلو پن
راهي ڀٽڪيو آھہ ٿڪل

پنھنجي پاڇي کان ٿو ڇرڪي
ڪيڏو آ انسان ڊنل

گُلَ سمورا وِکري ويا
ڀر ۾ آ گلدانُ ڀڳل

اڄ روشني ٿي گهرجي

اڄ روشني ٿي گهرجي
ها! زندگي ٿي گهرجي

توکي ڏسڻ سان مون کي
بس، بندگي ٿي گهرجي

هر شعر کي غمن جي
ڪا تازگي ٿي گهرجي

او سائين! سمجهہ ڪارڻ
ديوانگي ٿي گهرجي

بادل، قدم، هوائون
آوارگي ٿي گهرجي

جنھن ۾ ڪائي هار نہ جيت

جنھن ۾ ڪائي هار نہ جيت
ڪيڏي آ سا پاڳل پريت

هڪ هڪ ٿي سڀ وڇڙي ويا
رهيو نہ ڪوئي من جو ميت

خوابن بدلي مليا سراب
جڳ جي آھہ نرالي ريت

درد جي لئہ تي ڇيڙيو ڇو
جيون، ڪو اڻپورو گيت!

جڏهن بہ مرڪي ملندو آهي

جڏهن بہ مرڪي ملندو آهي
ڪيڏو پنھنجو لڳندو آهي

ڪنھن جي نيڻ ستارن منجهہ
پاڻ کي ڪوئي پسندو آهي

خالي راھہ نھاري، ڪنھن جي
من جو ساگر ڇُلندو آهي

پوئين پھر جي ديپ سان هي من
درد جي آڳ ۾ جلندو آهي

تنھن کي ڪير چوي ٿو تنھا!
وڇوڙي سان جو رُلندو آهي!

غم ڏي مائل ھرپلَ آھي

غم ڏي مائل ھرپلَ آھي
منَُ بہ ڪيڏو پاڳل آھي

ڪڏهن تہ آخر ڇُلڪي پوندو
اک ۾ جيڪو بادل آهي

مُرڪي سڀ سان ملي ٿو جيڪو
من ۾ ڪيڏو گهايل آهي

جنھن جي من ۾ آڳ ازل جي
برکا مَنجهہ اڃايل آهي

مون کي هر پل ستائڻ خاطر
ڇير هوا کي پاتل آهي

جنھن جو ناهي ٻيو ڪنارو
پريت بہ اهڙو ساحل آهي

جيون پَل جو جهوٽو هو

جيون پَل جو جهوٽو هو
ڄڻ ڪو سندر سپنو هو

رات سڄي هئي ماڪَ رُنِي
گُلُ صبح جو مرڪيو هو

سچ جي واٽ هليو جو
ماڻھو سو ديوانو هو

پاڻي جنھن کي سمجهيو هوم
ڪيڏو رڃُ جو دوکو هو

پيار رهيو پردن ۾ ايئَن
سِپ ۾ ڄڻ موتي ڪو هو

مون کي ڪنھن سڏيو هو يا
رڳو هوا جو کُڙڪو هو

نيڻن ۾ پيا ديپ ٻري
نانءُ وتو ڪنھن تنھنجو هو!

چاهت جو پيغام لڳي ٿو

چاهت جو پيغام لڳي ٿو
ڪوئي نئون الزام لڳي ٿو

واٽَ سنئين تي جيڪو هليو
ماڻھن کي بدنام لڳي ٿو

اسٽيٽس آ جنھن جو اُوچو
ماڻھپي ۾ ناڪام لڳي ٿو

خواب آزاديءَ جا ڏيکاري
عملي طور غلام لڳي ٿو

اکين ۾ اڄ پاڻي آهي

اکين ۾ اڄ پاڻي آهي
ڪائي ياد پراڻي آهي

ِٻنِ ٽڪن جي عيوض ۾ اڄ
چاهت ڪيئن وڪاڻي آهي

توبن منھنجا سانول سائين!
خوشي نہ مون ڪا ماڻي آهي

ڪالھہ هئي ڪنھن ٻئي سان گڏ ۽
اڄ ٻيءَ دل جي راڻي آهي

خالي اکيون، خالي جهولي
بَسِ اهائي ڪھاڻي آهي

پاڇي جيئن سھارا آهن

پاڇي جيئن سھارا آهن
ڪيڏا دور ڪنارا آهن

درد سان تعارف ڪرائڻ وارا
ماڻھو ڪيڏا پيارا آهن

هن کي مون کان ڌار ڏسي ٿيا
جڳ جا هَٿَ اشارا آهن

هن جي راھہ مَٽاءِ وڃڻ سان
ڌنڌلا ٿيا نظارا آهن

درد ڪين ٿو گهٽجي دل جو
بھلائڻ جا تہ چارا آهن

يادن سان من پِرڀائي ٿو

يادن سان من پِرڀائي ٿو
پنھنجو پاڻ کي پرچائي ٿو

لب تي خاموشيءَ جا پھرا
اَکِ جو ڪجل ڳالھائي ٿو

پير ڌري يادن ۾ هوريان
ٻيھر درد کي جاڳائي ٿو

بڻجي پئي ٿو سمنڊ ڪو گهرو
بوند لئہ ڪڏهين ترسائي ٿو

چنڊ کڙي ٿو پيو ڪڪرن مان
زلف ڪو وکريل سلجهائي ٿو

سوچن ۾ للڪارون جنھن جي
سانت کي ڀي سو ڇِرڪائي ٿو

وکري وئي هان گلاب جيان

وکري وئي هان گلاب جيان
ڏينھن ڏٺي جي خواب جيان

سانت لمحي جي رمز سڃاڻي
من ٿيندو وڃي ٿو رباب جيان

ويجهو رهي بہ سدا لڳي ٿو
رياضيءِ جي ڪنھن حساب جيان

من درپن کي جيڪو ٽوڙي
ٿجانءِ نہ اهڙي جواب جيان

عڪس لھي ٿو خوابن ۾
بند نيڻن جي حجاب جيان

جيڪو هوندو اک جو تارو

جيڪو هوندو اک جو تارو
ماڻھو هوندو سو تو پارو

تنھنجي مُرڪ جي لاٽَ بنان هي
اونداهو آهي جڳ سارو

توکي ڌاريو چوڻو پيو هو
ڪونہ هيو ٻيو ڪوئي چارو

پڪي گهر ۾ سڪ نہ ڪائي
جرڪيو ڪچي گهر جو گارو

ڪنھن سان پنھنجو سور سليان مان؟
شھر ۾ هر ڪو هو ويچارو!

جنھن جو تن هو اڇو اُجرو
ڪيڏو هو سو من جو ڪارو!

سپنا مرڪن ٿا

سپنا مرڪن ٿا
جذبا مرڪن ٿا

تنھنجي آمد سان
رستا مرڪن ٿا

نيڻن جو ٽڪراءُ
ناتا مرڪن ٿا

اکين منجهہ آلاڻ
وعدا مرڪن ٿا

من ۾ ڏار وجهي
دوکا مرڪن ٿا

نفرت جو ٻہ واٽو
رشتا مرڪَن ٿا

ڄڻ ڪو گھرو راز لڳي ٿو

ڄڻ ڪو گھرو راز لڳي ٿو
سانت ۾ ڀي آواز لڳي ٿو

مرڪ لبن تي، اکيون آليون
موهيندڙ انداز لڳي ٿو

محبتن جي ڪانہ پڄاڻي
انجام ئي آغاز لڳي ٿو

هي وقت ٿو ڪھڙي چال چلي
نيڻن جو ڄڻ ناز لڳي ٿو

من مان جو ڀي گيت ڦٽي ٿو
سچ جو سوئي ساز لڳي ٿو

اڻ ڪيل ڏوھہ جي سزا آهي

اڻ ڪيل ڏوھہ جي سزا آهي
زندگي ڄڻ تہ بددعا آهي

ويا اکين جا ڏِيا اُجهامي سڀ
دردَ دُونھاٽِيل فضا آهي

ِرڻَ رولي وڃين يا راھَ ڏسين
پوءِ جيڪا سندءِ رضا آهي

ڪالھہ جيڪو ھُيو سڀن سان گڏ
پاڻ کان اڄ ٿِيو جدا آهي

محبتن جِي لبن تي ٿس دعويٰ
پر اکين ۾ لڪل جفا آهي.

سوچون سپنا ڄڻ سُرهاڻ

سوچون سپنا ڄڻ سُرهاڻ
من آ موج ڀريو مهراڻ

راھہ تڪيندي ديپ اُجهاڻا
ڦھلي اکڙين منجهہ آلاڻ

شاھہ جو ڪوئي سُر لڳي ٿو
ڪيڏي آ هُن جي واکاڻ!

مرڪ لڳي ٿي روشن ڪرڻا
ڦھلي چؤڏس آ چانڊاڻ

گهڙو پريت جو آھہ ڪَچو
دنيا لھرن جان اڻڄاڻ

ڏاڍ ڏمر جي ڪاري رات

ڏاڍ ڏمر جي ڪاري رات
ناهي دور گهڻي پرڀات

پريم جو من پوڄاري آهي
پريم جي ناهي ڪائي ذات

سچ جي واٽ ازل کان روشن
سچ کي ناهي ٿيڻي مات

مرڪ لبن کان کس تون پوءِ
جوت جلي ڪا تنھنجي ڏات

بادل بڻجي جو آيو هو
ڏئي ويو نيڻن کي برسات!

جيڪو لڳي سدا ڪشڪول

جيڪو لڳي سدا ڪشڪول
تنھن جيون جو ڪھڙو مُول

ٻيو نہ سھي تون مرڪ ڏئي ڇڏ
دارون ٿيندو مٺڙو ٻولُ

پوندو ڀيد کلي من جو ۽
ڪڏهن تہ لھندو خالي خول

اونداهي ۽ رات جا ٻارهن
درد سان ڀٽڪي ٿو ڪو رولُ

چاهت اڄ جي ٿي پئي آهي
سياستدان سندو ڪو قولُ

ڪوئي پنھنجو زهر ڏئي ٿو

ڪوئي پنھنجو زهر ڏئي ٿو
پل ۾ دل جو شھر ڊهي ٿو

ڪيڏو نہ اياڻو آھہ اُهو ڀي
ڀتين کي جو گَهُر چوي ٿو

جيون ۾ ويساھہ رکي جو
اُوندآھہ کي بہ سحر سڏي ٿو

دل جي ڌرتي ٿَرُ اُڃايل
وقت جو هر پل قھر لڳي ٿو

ديپ آس جا تيز هوائون
وياڪل رات جو پھر لڳي ٿو

ڪنھن ٽُٽل ٽارَ مان مان زرد پتن جيان

ڪنھن ٽُٽل ٽارَ مان مان زرد پتن جيان
مُرڪ هُن جي لڳي مون کي لڙڪن جيان

راھہ آهي اڻانگي نہ رهبر سُجهي
ڀاڳ منھنجو ڦٽل آھہ رستن جيان

اوسيئڙي ۾ هيون هي صدين کان اکيون
ويو لنگهي هو ڪو ڀرمان هوائن جيان

شھر سارو ٿي سنسان آهي وِيو
دل جي اُجڙيل ۽ ويران وستين جيان

ِوکَ ِوک تي محبت لڳي ٿي فريب
رانگ نمبر تان ورتل سرابن جيان

ساٿي سارا وڇڙي ويا

ساٿي سارا وڇڙي ويا
گُلَ هوا ۾ وکري ويا

جن جا قدم نہ ٿڙيا ها
رستا ڪيئن سي ڀلجي ويا

فيصلا مقدر جا سارا
زلفن وانگر الجهي ويا

ڏاڍ جي موسم ۾ اڄڪلھہ
شھر سمورا اُجڙي ويا

شام جهڙالي، سنڌوءَ ڪَپُ
تو کان منظر وسري ويا!

هن جي نيڻن جي هڪ نھار سان

هن جي نيڻن جي هڪ نھار سان
پلئہ اٽڪي پيو ڄڻ بھار سان

لب خاموش نہ اکين ۾ شڪايت
ڳالھہ کلي لڙڪن جي لار سان

هئي منزل هڪ پر جدا راهون
ويا مٽي ٿي جذبا غبار سان

گهُرجي مقدر جي اک جو اشارو
ڪجهہ نہ وريو آ انتظار سان

جسم جا خريدار ڇا ڄاڻين تون
پيار ملندو نہ هاڪار سان

وايُون

---

گلابي شامن ۾ خمار آھي

گلابي شامن ۾ خمار آھي
گذري ويل پلن ۾ قرار آهي
ڄامشوري جي شامن ۾

چنڊ مرڪي ٿو سنڌوءَ مٿان
اکين ۾ اڻ چيل اقرار آهي
ڄامشوري جي شامن ۾

اڻ پرچيل ڪھاڻيون آهن
شايد ڪو اڌورو پيار آهي
ڄامشوري جي شامن ۾

ڏات جا گل ٽڙندا رھن
شاعريءَ جو بھار آهي
ڄامشوري جي شامن ۾

رسي ويل ڏينھن کي ساريندي
دل ۾ خلش بي اختيار آهي
ڄامشوري جي شامن ۾

ڪا لاٽ ٻري ٿي مَنَ اندر،

ڪا لاٽ ٻري ٿي مَنَ اندر،
ھُو ڏس ڀوڏيسر جو مندر،
ڪارُونجهر جي ڪور تي

مورُ نچي ٿو پرڙا پکيڙي ،
ورسي وڃي ٿي رڻن ۾ نظر،
ڪارُونجهر جي ڪور تي

ڳَلَ هجن ڄڻ سورج مکي
ٿاريليءَ جي مرڪ آسندر،
ڪارُونجهر جي ڪور تي

چَونرن ۾ چُوڙن جي ڇِڻ ڇِڻ ،
نيڻَ ڀِنل پرجن جي اندر ،
ڪارُونجهر جي ڪور تي

ِرم جِهم ِرم جِهم بُوندُن برکا،
انڊلٺ ورڻا ٿر جا منظر ،
ڪارُونجهر جي ڪور تي


منڇر تنھنجي لھرن ۾

منڇر تنھنجي لھرن ۾
اوسيئڙي جي ڪا هلچل آ
منڇر تنھنجي لھرن ۾

تن تنھنجو ڄڻ چانڊوڪي
ڪرڻن جي هر سو کيچل آ
منڇر تنھنجي لھرن ۾

ڇولين تي ٻيڙين جو رقص
پيرن ۾ ڪا پائل آ
منڇر تنهجي لھرن ۾

سج اچي ٿو ڏيئا ٻاري
مھاڻن جو من گهايل آ
منڇر تنھنجي لھرن ۾

تنھنجو پاڻي وھہ بڻائين
هر جيون موت ڏي مائل آ
منڇر تنھنجي لھرن ۾

لھرن جي اڌوري پڻي ۾ لڪل آهي ڇا

لھرن جي اڌوري پڻي ۾ لڪل آهي ڇا
پاڻيءَ مٿان ٿڪل چانڊوڪي چوي ٿي ڇا
ساڌ ٻيلي جي سانت ۾

هڪ اڻ ٻڌل ڳالھہ جو تذڪرو آهي
هڪ اڻ چيل ڪھاڻي چوي ٿي ڇا
ساڌ ٻيلي جي سانت ۾

هتي اچي بيھه پنھنجي مقابل تون
ان گهرائيءَ مان سنڌوءَ جي ڇولي چوي ٿي ڇا
ساڌ ٻيلي جي سانت ۾

هڪ تن، آواز ۽ هڪ ڪلام آهي
سڻ تہ ساڌوءَ جي ٻولي چوي ٿي ڇا
ساڌ ٻيلي جي سانت ۾

وکريل من جا موتي داڻا ميڙي اوري آءُ
پنھنجي سوز ۾ گم تنھائي چوي ٿي ڇا
ساڌ ٻيلي جي سانت ۾

وقت رقص ڪري ٿو ساز ڇلي ٿو لھرن ۾

وقت رقص ڪري ٿو ساز ڇلي ٿو لھرن ۾
سج ٿو ڏيئا ٻاري ٽھڪ ٻرن ٿا ٻيڙين ۾
ڪينجهر تنھنجي لھرن ۾

سانت جي سوز ۾ گم ڄڻ بيٺي پوڄارڻ آهي
شِوَ جي مندر ۾ ڪو خواب سرجي ٿو نيڻن ۾
ڪينجهر تنھنجي لھرن ۾

ساهن ۾ سرهاڻ وسي ٿي سوچن ۾ مدهوشي آ
خوشبوءِ ۾ جادو، سنگيت آ پکين جي ٻولين ۾
ڪينجهر تنھنجي لھرن ۾

جِهمپير ، سونھري ۽ تون لاڙ جي سونھن جو سنگم آهين
فطرت جا هي رنگ نرالا، مرڪي ٿي تنھنجي جوڀن ۾
ڪينجهر تنھنجي لھرن ۾


هيم ڪوٽ، شِوَ جو مندر ماڃيرن جي ماڙي
تاريخ سمھي ٿي تنھنجي ڀرسان مڪليءَ تي
ڪينجهر تنھنجي لھرن ۾

نوري ڄام جي پريت جو محور آهي تنھنجو تن
نوري اڄ بہ جيئري آهي مھاڻين جي اکڙِين ۾
ڪينجهر تنھنجي لھرن ۾

هائيڪا

---

ڪڏهن کٽندي رات؟

ڪڏهن کٽندي رات؟
اوجاڳن جي اولڙن ۾،
وسندي رهي برسات!

ــــ

اڻپورو هڪ سپنو
دل جي ڪشڪول ۾
ڄڻ ڪو کوٽو سڪو!

ــــ

سچ کي ناهي مات،
ڪڏهن تہ ٿيندي آخر.
پرھہ ڦُٽي پرڀات!

ــــ
مِٺي تنھنجي ماٺ،
من ۾ ڪوئل ٻولي ڄڻ.
روح ۾ تنھنجي تات!

ــــ

وياڪل من سَکي
سامھون ٽالھي وڻ تي.
ويٺل هيڪلو پکي،
ــــ

هوائن جي سُر تي،
لھرن جو رقص ڏسي.
لٿو پکي ڍنڍ تي!

ڪنھن جو آ آواز

ڪنھن جو آ آواز
نيڻ نھار تائين تنھائي،
پوءِ ڪنھن ڇيڙيو ساز!

ــــ
منجهند ٽاڪ مھل،
سج سنڌوءَ مٿان
جهرِمرِ لھرن جي پايل!

ــــ

اڻپورو هڪ سپنو
دل ڪشڪول ۾
ڄڻ ڪو کوٽو سڪو

ــــ
سچ کي ناهي مات
ڪڏهن تہ ٿيندي آخر
پرھہ ڦُٽي پرڀات
ــــ  

نظمَ

---

گورک جا ڪجهہ منظر

خشڪ پھاڙن جي
وٿين مان ليئو پائيندڙ
هڪ گهاٽو سائو ٻوٽو
ريشمي رومال جيان لڳي ٿو
ماٿرين مان مست بادل
ڊوڙندا اچن ٿا
۽ هر منظر کي
آلو ڪري ڇڏين ٿا
محبت ڀريل اکين جيان

گورڪ جي ماٿرين جي
سادگيءَ ۾ هڪ الھامي گونج آهي
جيڪا ڪڪرن جي ڇانوَ
۽ جنگلي ٻوٽن جي
جڙن جو سڳنڌ ساڻ ڪري
ٿڌي هوا سان
فضا ۾ تري رهي آهي.

پھاڙن جي هنج ۾
هڪ اڻ دريافت ٿيل
اونداهو پراسرار غار آهي
جنھن ۾ هڪ اڻ چيل
ٿڌو راز ساھہ کڻي ٿو.
جنھن جي قديم ننڍاکڙي
خوشبوءِ ۾ ماضيءَ جي ڇڪ آ هي

هر موسم نہ ڄاڻ تہ ڇو ادسيءَ جي موسم آ

جيئن سمنڊ کان
ڪا لھر وڇڙي وڃي
يا بھارن کان رنگ سمورا
کسجي وڃن
ائين اداسي
رونقن ۽ روشنين
کان جدا ٿي
دل جي اڱڻ تي لھي ايندي آهي
اداسي جنھن جو ڪو نانءُ ڪونھي
منزل کان وڇڙيل
رستن تي رلندي
اکين جي آشائن ۾
نراشا جو ڪو سپنو بڻجي
ڌيري سان لھي ايندي آهي
يا وري ڪڏهن ماڻھن جي ميڙ ۾
مرڪ جي پناھہ ۾ لڪي
سڀني کان ڌار ڪري
اوپرو بڻائي ڇڏيندي آهي
هوائن جي هر کڙڪي تي
فون جي هر رِنگ سان
پوسٽ مئن جو آواز ٻڌي
يا وري ڪڏهن ڪنھن
خوبصورت گيت ٻڌڻ سان
ڪنھن جي اوچتو ملڻ تي
ڪنھن جي ڄاڻي واڻي
وڇڙي وڃڻ سان
ڪا اداس ڌن ڇيڙي
پنھنجا وار کولي
رقص ڪرڻ لڳندي آهي!

لئنڊ اسڪيپ

سرمئي پھاڙ جي پراسرار
خاموشيءَ جي پويان
سج لھي ٿو هوريان هوريان
هڪ حسن آهي ان سانت ۾
ڀڳي ٺوڙهي جي ان شام ۾
هڪ صدين جي خاموشي آهي
جيڪا سمنڊ کان بہ گهري آهي
جنھن ۾ ادراڪ جا پل بہ آهن
ڪو راز بہ آهي جيڪو گل جي
پنکڙين جيان هرپل
پن پن ٿي ٽڙندو رهي ٿو
هڪ گم ٿيل تھذيب جو پڙلاءُ آهي
جيڪو پھاڙن جي سرمئي رنگ ۾ رڱجي
ڪا پراڻي ياد ورجائي ٿو.
آسان جا رنگ هن نيارا
سرمئي رنگ ۾ شفق جي لالي
ڄڻ ڪجليون اکيون هجن
درد جي گداز ۾.....
ڀڳي ٺوڙهي جي شام ۾.....
وجد جو خمار آهي انَ سانت ۾
سنڌوءَ جي خوشبوءِ جو وهڪرو
لڪي ۽ آمريءَ جي سونھن جو سنگم
خاموشي بہ همڪلام آهي
ڪا تہ ديوانگي آهي ان مجاز ۾
ڪجهہ تہ آهي ڀڳي ٺوڙهي جي ان شام ۾،
ننڍپڻ جون چند يادون آهن
پوپٽ، چنڊ، ستارا آهن
بادلن جھڙو جيون آهي
ڪوُ ڪُو ڪندي ريل هلي ٿي
لمحن ۾ وڃائجي ويل ننڍپڻ
جيئرو ٿي پوي ٿو ان پل
هاڻ روڊ ڪناري گاڏيءَ مان
جڏهن سرمئي پھاڙن کي ڏسان ٿي.
تہ ماضي، حال ۽ مستقبل يڪجا ٿي پون ٿا
هڪ خاموشي آهي
جنھن ۾ وقت لڙهي چڪو آهي.
هڪ سانت آهي.
جنھن ۾ لفظ تہ منھنجا آهن
پر آواز ڪنھن ٻئي جو آهي.
سرمئي پھاڙن جي پراسرار
خاموشيءَ جي پٺيان
سج لھي ٿو هوريان هوريان
هڪ حسن آهي سانت ۾
ڀڳي ٺوڙهي جي شام ۾.....

گورک جون ڪجليون اکيون

گورک جي وشال
مک تي سرمئي پھاڙ
سندس ڪجليون اکيون آهن
انھن اکين ۾ فطرت جي
سونھن جا خواب سرجن ٿا.
ساوڪ انھن خوابن جي
ساڀيا آهي.
بادل سندس مک
تي پيل ڪارا وار آهن
بارش جا قطره پرڪشش چپن جيان
گورک جي تن کي ڇھن ٿا
تہ هر طرف گل وکري وڃن ٿا

اڌوري ڳالھہ

هڪ خالي رستو
گهري سوچ ۾ ٻڏل
چنڊ جي آڙ ۾
ڪيڏو سھميل لڳي ٿو
پنن جي بارش ۾
۽ هوا وڻن جي
ڪنن ۾ ڪا اڌوري
ڳالھہ چوي ٿي.

محبت

جي گھري اڃ آهي
من اندر ۾ ڪٿي
تہ محبت بار بار
در پئي کڙڪائيندي
پوءِ ڪھڙي بہ روپ ۾ اچي
يا تہ اڃ سان سمجهوتو
ڪرڻو پوي ٿو
يا وري محبت کان
خوف کائڻ ڇڏي ڏجي !

ڪَوِتا ڪھاڻي

باغ جي هڪ ڪنڊ ۾
هڪ پوڙهو بينچ
تي ويٺو آهي.
هو محسوس ڪري ٿو
ماکيءَ جي مکين جو ڀُڻڪو
جيڪي گلن جي چپن تان
رسَ چورائين ٿيون.
هوا ۾ ترندڙ خنڪي جي خوشبوءِ
جنھن ۾ باغ ۾ ٽڙندڙ
هر هڪ گل، ٻوٽي ۽ پن
جو ڇھاءُ شامل آهي.
هو محسوس ڪري ٿو
پنھنجي اندر هڪ ٿڌو ساھہ
جڏهن ٻارن کي خوش ٿي
ڊوڙندي ڏسي ٿو.
پل لاءِ سوچي ٿو.
زندگي ساڪن ناهي
ڪنھن مردہ منظر جيان
نہ ئي فقط موت جو انتظار آهي.
گهنجيل چمڙيءَ پٺيان نہ ئي
درد جي بي چين ڪندڙ
چڀن آهي.....
سندس چھري جي گهنجن ۾
هڪ ٻار لڪل آهي.
اکين ۾ ننڍپڻ جھڙو ئي تجسس
جهلڪندي محسوس ٿئي ٿو
ڄڻ هو ماضيءَ کي
ڳوليندو هجي،
پنھنجا وڃائجي ويل ننڍڙا
ساٿي ياد ايندا هوندس،
ماءُ جي هنج جو سُک
پيءُ جي شفقت جو ڇانورو
هڪ پرسڪون گهر جو اطمينان
شايد ٻيو بہ گهڻو ڪجهہ
هو اهو بہ سوچيندو هوندو
تہ هن وقت تائين
هن ڪھڙيون شيون
وڃايون آهن.
هو پوءِ سوچي ٿو وڃائڻ هڪ حقيقت آهي
پوءِ هو اٿي ٿو
ائين ٻارن سان گڏ ڊوڙي ٿو
ٽھڪ ڏيئي تاڙيون
وڄائي ٿو.
هو ٻارن سان گڏ خوشيءَ جا ڪي پل گهارڻ گهُري ٿو
۽ ٻار ”چريو چريو “... چئي
هن جي پٺيان ڊوڙندا رهن ٿا!

هاليجي ڍنڍ ڀرسان گذاريل پل

آسمان جو نيرو رنگ
پاڻين منجهہ تري ٿو
لھرن جي دائري ۾ ترندڙ
نيل ڪنول مٿان ڀؤنر اڏري ٿو.
وڻن جي خوشبوءِ ۾
هڪ گھرو نشو آهي
جيڪو ڍنڍ جي پاڙن جي
هڳاءُ کي ساڻ ڪري
وجد جي ڪيفيت ۾
سموري منظر مٿان ترندو رهي ٿو...
پکين جون ٻوليون سُر وکيرن ٿيون
هنج لھن ٿا هوريان پاڻيءَ تي
لھرن جي دائرن ۾ ترندڙ
نيل ڪنول مٿان ڀؤنر اڏري ٿو
هر طرف پکين جي
سفيد کنڀن جي بارش ٿيڻ لڳي ٿي

گورک جي خاموشي

گورک جي سانت ۾
ڪنھن پوڄارڻ جي
پوڄا جھڙي شانتي آهي
رم جهم بوندون وسن ٿيون
ڄڻ ڪنھن مندر جا
گهنڊ وڄن ٿا!

گورک جي شام

حواسن کي ڇُھندڙ
هڪ گھري بي چين ڪندڙ
خوشبوءِ فضائن ۾ تري ٿي
سج جي لھندڙ ڪرڻن ۾
اُتساھہ جي چمڪ
جو عڪس ڦھليل لڳي ٿو
گورک جي شام
وقت جي ٽاريءَ تي
جهنگي گل جيان
مھڪندي رهي ٿي!

گورک جي هوا

گورک جي هوا ۾
زندگي آهي.
من ۾ لھندي
ساهن ۾ تازگي ڀري ٿي
هوا بي باڪ آهي
خوف ۽ مصلحتن کان بي خبر
هوا ۾ سرشاري جو احساس آهي
لھرن جي رواني آهي
گورک جي هوا آزاد آهي
جڏهن بادلن کي
ڇھي اچي ٿي
ٿڌي چشمي جھڙي
ٿي پوي ٿي!

رات جي پوئين پھر سان مڪالمو

جيئن ساحل تي ڪوئي
سِپُون چونڊيندو آهي،
مان پنھنجي ننڊن کي ائين
ميڙي رهي آهيان
ڇو تہ روايتن وٽ
گروي رکيل پنھنجي ننڊن
جو قرض چُڪائڻ لاءِ
مان هڪ ڊگهي اوجاڳي جي
حصار ۾ قيد آهيان
جڏهن مان پنھنجون سموريون
ننڊون ميڙي وٺندس
تہ پوءِ مون کي هڪ گھري ننڊ
سُمھڻو آهي
هڪ اهڙي ننڊ جنھن ۾
خزان جي اکين مان
لڙڪن جيان لڙي آيل
زرد پتن جھڙو ويران جيون
ڪو اڻ وڻندڙ سمجهوتو نہ آهي
۽ نہ ئي جنھن ۾ انتظار جا
سورج مکي ٽڙندا آهن.
جڏهن مان پنھنجون سموريون ننڊون
ميڙي وٺندس تہ پوءِ
مون کي هڪ گھري ننڊ سُمھڻو آهي.
هڪ اهڙي ننڊ جنھن ۾
بادلن جي ڇانوَ هيٺ
هوا ڪو خوبصورت
گيت جهونگاريندي آهي

ساڃاھہ جو عذاب

وڇڙي ويندڙن جو سامان
ڪيترو نہ ڏک ڏئي ٿو
جن جي پوئتي موٽڻ جو
ڪو بہ امڪان باقي نہ هجي
مشال جو سامان
گهر پھتو آهي اڄ
هن جي قميص ۾
چنبڙيل رڙيون ...ماءُ
ٻڌي ورتيون آهن
هوءَ قميص
۾ رهجي ويل پٽ جي
خوشبوءِ سان ڀاڪر پائي
ڏاڍو رُني آهي.. ...بي اختيار.....!
پر ڪپڙن وٽ دل ناهي هوندي
جو کيس آٿت ڏيئي سگهن
سامان ۾ قلم ۽ ڪجهہ ڪتاب آهن
خون سان ٻڏل قميص مان
چند نوٽ نڪتا آهن
لالا اقبال روپيا هٿ ۾
جهلي غم جي شدت سان
پنڊ پھڻ ٿي ويو آهي.
روپيا ڏسي سوچي ويٺو
”مون هن کي ڪتاب سان محبت جو درس ڏنو هو
۽ کيس ساڃاھہ جي عذاب ڏنگي وڌو!“

پارا چنار

سھڻا منظر
پارا چنار جا
دونھين ۽ آهن ۾
لڙاٽجي ويا
فضائن جي سونھن
ڀينرن جي سڏڪن ۾
سوڳوار آهي
وهندڙ ندي بہ
مائرن جي دل جي
تيز ڌڙڪنن
جي ڪن ۾ گول ڦرندي رهي ٿي
هوائن جي کڙڪي تي
اڄ کانپوءِ
درن تي منتظر بيٺل
مائرن جيون دليون
اڻڏٺل خوف ۾
جهرنديون رهنديون سڄي عمر!

رات مِٺيءَ جي

رات مِٺيءَ جي
ٽانڊاڻي جيان
اونداهيء ۾ ٻرندي رهي ٿي.
گڊي ڀٽ تان نظر ايندڙ
گهرن جون بتيون
ڀنل هوا ۾
مرڪن ٿيون بوندن سان ملي
من ۾ پنھنجي
سوز سمائي رات مِٺيء جي
جهومي ٿي وجد ۾
ڪنھن جوڳيءَ جيان
۽ مِٽيءَ جو هڳاءُ
جنگلي ٻُوٽن سان ملي
روح ۾ ڇيڙي ٿو سنگيت سُريلو
ڌيمن سُرن ۾ ڀڄندي
مھڪندي رهي ٿي رات مِٺيءَ جي
ناري جي مُک تي پيل چُنريءَ جيان

اڌوري ڳالھہ جو سحر

کنڀين کي ڇھي ايندڙ هوا
جڏهن نئين ڪوٽ جي قلعي جي ڀرسان
ماضيءَ جي مھڪ ساڻ ڪري
قلعي جو در کڙڪائي ٿي تہ
ان ويل ڪا ڳالھہ انوکي
فضائن ۾ گردش ڪرڻ لڳي ٿي
دور تائين.......
قلعا بہ اڻ چيل داستانن
جا امين آهن،
جن ۾ اڌوري ڳالھہ جو سحر
بيساختہ رقص ڪري ٿو
۽ هڪ ٻئي پٺيان
ڊڪندڙ لمحا بي اختيار
گھري تنھائي ۾ ٻڏل
ڳالھہ جو زهر پنھنجي اندر اوتي
آسمان کي تڪين ٿا
جتي هڪ ٻي نامڪمل
ڳالھہ جو گواھہ چنڊ
اداسيءَ مان قلعي جي
ديوارن کي تڪي ٿو خاموشيءَ سان!

عورت

ڏيئي جي لاٽ
جيڪا اونداهي ۾
رهي ٻين کي روشن ڪري ٿي
اڻ کٽ لڙڪن جو سمنڊ
جنھن جي آهن مان
بادلن جو دامن تر ٿئي ٿو
۽ هو بيخود ٿي
وسندا رهن ٿا
زمين جي اُڃ اجهائين ٿا
ڌرتي جڏهن مرڪي ٿي
هر طرف ساوڪ جي
سونھن وکري وڃي ٿي
عورت ڌرتيءَ جيان آهي
مھربان ۽ عطا ڪندڙ
ڏک ۽ نراسائي جي
لمحن کي سيراب
ڪندي رهي ٿي.

ڳڙهيءَ جي گلن جي خوشبو

هڪ گھري ڊنل خاموشي
هڪ اڌوري خواب مان جنم وٺي ٿي
هڪ خواب جيڪو زمين جي
متحرڪ خلين مان
سائي سلي جيان ساھہ کڻي ٿو
جنھن جي خاموش ساوڪ مٿان
سج جا روشن ڪرڻا
هڪ پراميد پيغام ڏين ٿا
پر پوءِ بہ ڌرتي ڊنل رهي ٿي
پنھنجي ڪک ۾ سانڍيل ڏک ۾
هوريان هوريان ساھہ کڻي ٿي
هن جي سھميل ساهن ۾
صدين جي ٿڪ جو پڙلاءُ
ان خاموشيءِ کي ٽوڙي ڇڏي ٿو
۽ خاموشي ڳالھائڻ لڳي ٿي
ڌرتيءَ جي سينڌ هو سنڌو
لھرون، ٻيڙي ۽ سڙھہ جا پاڇا
موهن جي مٽيءَ جي خوشبوءِ
کيتن ۾ سارين جا رنگ
چنگ چُرڻ سان مرڪي پون ٿا
هوا جو ڊنل هلڪو گيت
ٻيھر فضا ۾ ٻري اُٿي ٿو
ڳڙهيءَ جي گلن جي خوشبوءِ
درد جيان مھڪي پوي ٿي
بي وس اکين مان ڪرندڙ
لڙڪن جو
هڪ جيئري قبر سان رابطي ۾
تعلق جي جا رمز ملي ٿي
ان منظر جي گھرائيءَ مان
ساهن جي سنگهرن ۾ ڄڻ
ڳيرن جھڙا گيت رچن ٿا
خالي اکين جي پنبڻين هيٺان
ٻيھر سپنن جو سنسار جڙي ٿو
هڪ گھري خاموشيءَ مان ڪيئن
سچ جي طاقت جنم وٺي ٿي!

روح جي بند درين کان ٻاهر

روح جي بند دريءَ کان ٻاهر
گهڻو ڪجهہ آهي ڏسڻ
۽ محسوس ڪرڻ لاءِ
جيڪڏهن تون چاهين ته
تنھنجي مرڪ سان
ڪائنات هي ساري
مرڪي سگهي ٿي
نراشا جي زنجير کي
ٽوڙڻ لاءِ بس رڳو
آٿت جي روشن چاٻي
ٿي گهرجي
۽ جي تون چاهين تہ
رستن جي ڌوڙ جي پريان
منزل جي آسمان تي
انڊلٺ جھڙو ڪو رستو
نڪري سگهي ٿو
بک، ڏاڍ، موت ۽ ڏک
جيون جي حقيقتن جا
اڻ وڻندڙ پيچرا آهن سارا
نہ چاهيندي بہ جن تي
هلڻو پوي ٿو
درد جا درمان هٿ لوڏي
ويندا رهن ٿا سڀ چارا
پر پوءِ بہ جيئڻو تہ آهي
انڪري اچ تہ وساري سڀ ڪجهہ
درد جي سائبان هيٺان
بس هلندا ئي رهون
مرڪ جي جام ۾ وساري هر ڏک
بس جيئندا ئي رهون!

اعتبار هو سپني جي ساڀيا جو

آئينو هو ڪڏهن
حيران حسن تي
وشال اکين ۾ محبتن جي
نشي جو سرور هو ڪو
ڳلن تي گلابن جا
روز نوان رنگ کڙندا هئا
لبن تي لالي نہ هوندي بہ
گلابي شگرفن جو
خمار لھندو هو
اها بہ ڪا رت هئي جانان
جنھن ۾ پنبڙين جي جنبش سان
خواب پوپٽن جيان لھندا هئا
۽ رستا بہ ڄڻ قدمن جي
اوسيئڙي جي خوشيءَ ۾ مگن
پنھنجي آس تي هئا مرڪندا
اها بہ ڪا رت هئي جانان
جڏهن لب پاڻ ئي
مرڪي خوشبوءِ جيان مھڪي
اٿندا هئا ۽ مرڪ جي ان
مھڪ سان رستن جو ٿڪ لھندو هو
هيءُ بہ ڪا رت آهي او ساٿي
اکين ۾ اوجاڳن جو خمار ناهي
ڳلن تي خزان جو عڪس آهي
تو کان پوءِ خوابن جو ويساھہ
ويو آهي کسجي
اعتبار هو سپني جي ساڀيا جو
ان رنگين رت ۾ ڏسين ها جانان!

اُداس ڇوڪري

ٻٻر جي سائي
وڻ هيٺان
هوءَ ننڍڙي
ڇوڪري اداس
بيٺي آهي
جنھن جي مُک تي
پرھہ ڦُٽيءَ جي
تازگيءَ بدران
لھندڙ سج جي
پاڇن جو عڪس
ڦھليل آهي
هو چنڊ مان گرھہ
ٽوڙين ٿا
۽ بادلن مان اڃ
اُجهائين ٿا.
ڇو تہ
سندن گهر جي چلھہ
ڪلھہ کان ٿڌي پئي آهي
ماءُ ٿورو پرڀرو
کٽ تي بخار ۾
ڪنجهي رهي آهي
پيءُ جون اکيون
نشي ۾ ڳوريون آهن
۽ هن جا اٺ ڀيڻ ڀائر
سندس مقدر جيان
اڱڻ ۾ اکٻوٽ
کيڏي رهيا آهن!

وحشت

تنھائي جي آسمان هيٺان
گهورُ اونداهي
راھہ ۾ پري تائين
نہ ڪو جگنو
۽ نہ ئي تارو آهي
هيڏي ساري جڳ ۾
ڪير آهي ڪنھن جو!

لاٽ

زندگيءَ جي
ڪومايل مُکَ تي
تنھنجي مرڪ جي چانڊوڪي
لڳي ٿي
ڄڻ مقدر جي
اونداهين ۾
جرڪي پوي ٿي
ڪا ڏيئي جي لاٽ

اي خدا...

هوا جي لبن تي
تنھنجي نالي جو گيت آهي
۽ امر آهي هر اُهو احساس
جنھن ۾ ڌيان جي خوشبوءِ
۾ ويڙهيل انيڪ ڪومل
گل ٽڙن ٿا
تڏهن پاڻ کي وڃائي
احساس جي تارن تي
ڇيڙيل ان لئہ ۽ ساز جي
پڙلاءُ ۾ گم آهيان
جيڪو زندگيءَ جي
گھري راز جو همراز آهي
○○○
چانڊوڪيءَ جو حُسن
گُل جي خوشبوءِ
بلبل جو نغمو
لھرن جو گيت
رات جي سينڌ ۾ جرڪندڙ
ڪھڪشان جو عڪس
هڪ ئي هارموني ۾ ويڙهجي
هڪ ئي ردم تي رقص ڪندا آهن
تہ ننڊ ڌيري ڌيري اکين جو
پردو هٽائي شعور جي منزلن ڏانھن
سفر ڪندي آهي
۽ ڪائنات جي وسعت
سرمئي صبح جي تازگيءَ ۾
ڪوئل جي امر گيت جيان
ڌڙڪڻ لڳندي آهي
○○○
ز مين کان آسمان تائين
حد نظر تائين ڦھليل
تنھنجي تخليق ڪيل
هر منظرجيان وسيع
تنھنجو نالو
منھنجي من ۾ ائين آهي
ڄڻ سپ ۾ بند
موتي هجي ڪو
○○○

جڏهن سج لھندي سمي
شفق جي لالاڻ جي چنري
آسمان جي مکَ تي
ڦھلبي آهي
پکي مٺڙو ڪو گيت
آلاپيندي، پنھنجي آکيرن ڏانھن
ورندا آهن
تہ ازل کان ابد تائين
پنھنجي اصليت ڏانھن
موٽي وڃڻ جو احساس
شام جي پينگهہ ۾
سرشاريءَ سان جهومندي
سک سان سجدو ڪندو آهي.

تون ڪائنات جي مُرڪ ۾ وسين ٿو

ڳولا جي سفر جي
ڪائي نہ پڄاڻي هئي
ٻڌو هيم تہ
انسان جي اندر ئي
ڪٿي وسين ٿو
پر ڪو ڪو من ئي هو
وحدت واريءَ وائيءَ تي رقصان
هڪ ڊگهي ڳولا کان پوءِ
ملئين بہ ڪٿي
سانجهيءَ جي ٽمڪندڙ
ستاري جي ڪرڻن ۾
گل تي مرڪندڙ ماڪ ڦڙن ۾
سپ ۾ بند ڪنھن موتيءَ ۾
ان انڪشاف تي
هڪ لحظي ۾ سڄي ڪائنات
پئي هجي مرڪي
۽ تون بہ وسين ٿو
ان مرڪ ۾ ڪٿي ئي!

اُميد

جڏهن سڄي دنيا جا دروازا
بند ٿي ويندا آهن
تہ مايو سيءَ جي گهگهہ اونداهين ۾
وقت پنھنجي هٿن تي
شعور جا ڏيئا کڻي
مون تائين هلي
ائين ايندو آهي
جيئن هوائون
پھاڙن ۽ سمنڊن مان
رستو ٺاهي
اڳتي وڌنديون رهنديون آهن!

خاموشي

پنھنجون سوچون
پنھنجا احساس
جذبا ۽ سمورا خواب
جڏهن کان
چُپ جي چادر ۾ ويڙهي
روايتن جي
ڊسٽ بن ۾
اُڇلائي ڇڏيا اٿم
تڏهن کان اکيون بڻيون آهن
آرسي
۽ چھرو بہ لڳي ٿو
کليل ڪتاب ڪوئي
خاموشيءَ کي بہ
ڄڻ تہ
زبان ملي وئي آهي!

هاڻ تہ منظر بہ ستائين ٿا

ڪلھہ رات
هوائن جا هٿ
تنھائيءَ جي در تي
ڏيئي صدائون
دل کي ڇيڙيندا رهيا
سڪل پيلا پن
اڏامندا رهيا اڱڻ ۾
هئي نہ جن ۾ ڪنھن جي قدمن جي جهلڪ
پر پوءِ بہ ....
بي نام انتظار جي ساز تي
من جون تارون وڄنديون رهيون
وڻن جي خالي
ٻانھن کان مٿي
چمڪندڙ چنڊ جي
چانڊوڪي بہ لڳي هئي ميري
نميءَ جو اولڙو
هُو نيڻن منجهہ
يا هو چنڊ بہ پنھنجي ئي
روشنيءَ کان رُٺل!

بليڪ آؤٽ

جيلن جي
اونداهين کولين ۾
تشدد جي
هر مُھر تي
اميدن جا ٽھڪ ٻرن ٿا
بي بسيءَ جي
زنجيرن مان
سچ جا ڪيئي ساز ڇڙن ٿا
ڇو ته....
هر اُهو ذهن جنھن ۾
شعور جي چڻنگ ٻري ٿي
ان ۾ ڪڏهن بہ
جذبن جو
بليڪ آئوٽ نہ ٿو ٿي سگهي!

Flying Kiss

گل اڃا
پنھنجا چپ
کوليا ئي مس هيا
تہ ان گستاخيءَ تي
تيز هوائن
شاخ کان جدا ڪري
کيس زمين تي
ڪيرائي ڇڏيو!

ويهين صديءَ جو عشق

هو چوي ٿو
مان بي وفا نہ آهيان
مون تہ محبتن جي
هر نئين ڪتاب ۾
جذبن جي لفظن ۾
سدائين تنھنجي
شبيھہ ڳولي آهي
منھنجو هر نئون پيار
تنھنجي روشنيءَ جو
تسلسل آهي
غير موجود کي
موجود جي قالب ۾
ڏسڻ جي تمنا آهي
ٺيڪ سائين ٺيڪ
جو تون چوين ٿو سچ آهي
پر اهو بہ ڄاڻان ٿي مان
اهو ويھين صديءَ جو عشق آهي!

حفاظت

ائين چوڻ
ڪيڏو نہ اجايو آهي ته
اڄ جي دور جا
سڀ ماڻھو
بي قدرا آهن
ڇو تہ
پراڻي زماني جي
هٿ آيل نوادرات جيان
هنن اڄ بہ
محبت جي Antique کي
ڪيڏي چاھہ ۽ عقيدت سان
ماضيءَ جي ميوزيم ۾
سنڀالي رکيو آهي !

ويراڳي من

جوڳيءَ جھڙو
ويراڳي من
پائي درد جي
مالا ڪنٺا
ڀٽڪي ٿو بن بن
نئين موسم جي
آس کڻي
دک جي هن وستيءَ ۾
سک جي راھہ تڪي
پر وقت ويريءَ کان
ڪير پڇي
پريت جي مالا ٽوڙي
گيڙوءَ رتي رنگ ۾
سارا خواب ويڙهي
ٿو در در ڀٽڪائي
سک جي
بوند بوند لاءِ ترسائي!

کليل دريءَ کان ٻاهر ڪائي موسم نہ آ

ڪائي موسم ڇو نہ هجي
خزان رُت ۾ زرد پتن جون
هجن سرگوشيون
يا بھار جي شاخ تي هجن
گلابي شگوفن جا ستارا
گرميءَ جي گهٽ هجي
يا هجي سياري جي
اُس جو وڻندڙ ڇُھاءُ
سندس ڪمري جي دري
سدائين کليل هوندي آهي
۽ مقدر جي بند دريءَ جي
نہ کُلي سگهڻ جو ڏک
سندس نيڻن ۾
جاڳندو رهندو آهي.

تنھا پل

هلندڙ پل ۾
يا هن کان اڳ
محسوس ڪيو هيم
پنھنجي پاڻ کي
ڏاڍو اوپرو، ڏاڍو تنھا
تنھائي بہ ڪيڏي عجيب آهي!
ڪڏهن لڳي ٿي پنھنجي
تہ ڪڏهن ڪيڏي پرائي
تنھائي .... جيڪا
وجدان جو حصو آهي
عبادت جنھن جي منزل آهي
۽ گم ٿي ويل پنھنجي
وجود جي اوچتو ملي وڃڻ جو
ادراڪ بہ آهي
تنھائي .... جيڪا
ڏات جي ڏيھہ ۾
خيالن جي رنگ برنگي
۽ خوشنما گلن جي
ٽڙي پوڻ جو
هڪ اڻ وڻندڙ احساس بہ آهي
تنھائي .... جيڪا
وڇوڙي جي عذاب ۾
وصل جي راحت کي ماڻڻ
۽ درد جي ان آلاپ ۾
پنھنجو پاڻ وڃائي
وري پائڻ جو
هڪ انوکو انڪشاف بہ آهي
پنھنجي ناڪامين
لا حاصل لمحن
اڻپورين خواهشن
۽ پنھنجي گناهن جو اعتراف بہ آهي
پر پوءِ بہ
صبح کان شام تائين
اماس رات جي
گهور اُونداهين کان
سج جي سونھري نرم ڪرڻن تائين
ماڻھن جي هجوم ۾
روز جياري ۽ روز ماري ٿو
مون کي
منھنجي اندر جو
هڪ تنھا پل!

اڻ چيل ڳالھيون

اڻ چيل ڳالھيون
بي آواز صدائون
اچي لبن تائين
وري من پاتال ۾
وڃائجي وڃن ٿيون
ڪڏهن ڏاڍ جا پھرا
ڪڏهن مصلحتن جا انديشا
ڪڏهن ڪنھن جي پاڻھي
کُلي پوڻ جي آرزو
تہ ڪڏهن اڻڄاڻائيءَ جو
دستور ٽوڙڻ لاءِ
خاموشيءَ جو هٿ جهلي
ڪنھن سڏ جي انتظار ۾
پري پري تائين هلندو رهڻ...
پر وقت ان سوچ کان بي خبر
فاصلا طئي ڪندو رهيو
۽ اڻ چيل ڳالھيون
رهجي ويون من ۾
سالن کان پوءِ مليو
تہ چيائين
هيس مان بہ
ان انتظار ۾ تہ
پريت جي نديءَ ۾
اڇلائي ٿو ڪير
اقرار جو پھريون پٿر!

خود فريبي

محبتن جي
شدتن کي
بد نظر کان بچائڻ لاءِ
اعتبار جي موسم لاءِ
ضروري ٿي پوندي آهي
ڪڏهن بي يقيني بہ!

دعا

تنھنجي مرڪ
ڄڻ هر زخم جي
تلافي هجي
تنھنجو هئڻ
منھنجي لاءِ
ڄڻ ڪا خاموش دعا هجي!

ٻہ متضاد نظم

هوائن جي
سرگوشين ۾
ڀلي هجي ڪا شرارت
هاڻ تہ هن دل کي
ڪنھن جو بہ
انتظار ناهي!

انتظار جي
نالي تي هر گهڙي
هوا ڪيڏو ڇيڙي ٿي !

وڇوڙو

هن وٽ ٻہ خوبصورت
اکيون آهن
جيڪي سدائين ڪجهہ
سوچينديون رهنديون آهن
پنبڻين جي ريشمي جهالر تي
انتظار جا ماڪ ڦڙا
ڪجهہ چوڻ جي ڪوشش
ڪندا آهن
۽ اڪثر صبر جي اُس ۾
جذب ٿي ويندا آهن
موسمن جي ڦير گهير کان
هوءِ بي خبر رهي ٿي
الميو اهو آهي تہ
اکيون رکڻ جي باوجود
هوءَ ماڻھن کي
سڃاڻي نہ سگهندي آهي
هن لاءِ هر شيءِ
پاڇو بڻجي چڪي آهي
سندس چوڻ آهي تہ
هوءَ ان وقت کان گهري رات جي
سائي هيٺ آهي
وڇوڙي کان ٿورو اڳي
جڏهن چوڻ لاءِ وٽس
ڪي لفظ ئي نہ رهيا
۽ هن خاموشيءَ جي ريپر ۾
پنھنجون انتظار ڀريون اکيون
نفاست سان پيڪ ڪري
کيس گفٽ ڪري ڇڏيون!

هڪ عام سوچ

مرد جي
نظر ۾ هر اها
ڇوڪري ڪرپٽ آهي
جيڪا کيس
لفٽ جو سگنل
ڏيڻ کان انڪاري آهي!

ادراڪ

وقت جي
ڪنھن پل ۾
يو ڪلپٽس جي وڻن کي
هوائن جي سُر تي
گيت ڳائيندي ٻڌي
جهومندي ڏسي
مون کيس ٻڌايو هو تہ
وڻ مون کي ڏاڍا سُٺا لڳندا آهن
تڏهن ٻڌو هيم
چيو هو هن
ڪاش مان وڻ هجان ها!
۽ اڄ جڏهن مان
هن کي گهڻو پوئتي
ڇڏي آئي آهيان
هر ياد، هر پل ۽ لمحي تي
وقت جو ڌنڌ ڄمي ويو آهي
پر اڄ
شام سمي
ننڊ مان جاڳندي
دري کولي
لان ۾ ٻاهر
جهاتي پائي ڏٺو هيم
تہ يوڪلپٽس جي وڻ
اوچتو
هن جو روپ
ڌاري ورتو هو!

ناتو

تنھنجو
۽ منھنجو
اهڙو آهي ناتو
ڄڻ واريءَ جي
گهر ۽ لھر جو
آس جي ديپ
۽ تيز هوا جو
ڄڻ شيشي جي
دل ۽ پٿر جو!

جسٽيفڪيشن

توڙي جو هن
لَو ميرج ڪئي
پر پوءِ بہ
هو چھري جي معصوميت
۽ لفظن جي نماڻي ڪوڙڪيءَ ۾
نوجوان ڇوڪريون ڦاسائيندو آهي
۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ
فون تي ساڻن
دل لڳي ڪندو آهي
اندر جي حيوانيت لاءِ
هن وٽ ڪيئي
جواز آهن
سندس چوڻ آهي
کيس پرواھہ نہ آهي
جو سندس زال ٽي ٻار ڄڻي
(چوٿين جي تياري
۾ آهي).
بي ڊولي ٿي چڪي آهي
پر اصل شڪايت اها آهي تہ
ورڪنگ ويمن سندس زال
آفيس ۽ ٻارن ۾ سڄو ڏينھن
مٿو کپائي ٿڪجي
رات جو کيس
ريگيولر ٽائيم نہ ٿي ڏيئي سگهي!

ناسمجهي

هن جي
هڪ گُهور سان
انڪار جي ڀت ۾
ڪيئي ڏار
پئجي وڃن ٿا
پوءِ بہ
هو مون کي پٿر چوي ٿو
اي خدا!
مان هن جي
ان نا سمجهيءَ کي
ڪھڙو نالو ڏيان!

انڪم ٽيڪس

کيس مسلسل کلندي ڏسي
هوءَ املتاس جي
وڻ هيٺان بيٺل
حيران ڇوڪري
هڪ هٿ ۾ امرتا پريتم جا ڪتاب
ٻئي هٿ ۾ گلاب جو
گل جهلي
کيس رشڪ مان تڪي رهي آهي
ڀرسان وڃي کانئس پڇي ٿي
”ڇا اِها کِل ڪنھن ڊيوٽي فري شاپ تان ورتي اٿئي!“
کلندي ئي هو چوي ٿو
”ها ايڪيھين صديءَ جي
حدن ۾ داخل ٿيڻ وارا اسين
هاڻ ٽھڪن جي پڙاڏن ۾
پنھنجي بي حسيءَ جي
تجديد ڪندا رهنداسين
ڇو تہ هاڻ ضمير جي پونجي
اخلاقيات جي انڪم ٽيڪس کان
آجي ٿي چڪي آهي !

مصلحت

منھنجي خاموشيءَ
مون کي ٻين تي
ائين ظاهري ڪري ڇڏيو آ
جيئن قيد ٿيل خوشبوءِ
شيشي جي بدن مان
اوچتو آزاد ٿي وئي هجي
اکيون منھنجون
مصلحتن جي بار هيٺان
جهُڪيل رهن ٿيون
پوءِ بہ ماڻھو چون ٿا
اهي ڳالھائين ٿيون
مون گهڻو ڪجهہ ڏٺو ۽ سٺو آ
پر مون کان سچ چوڻ
۽ سچ ٻڌڻ جو اختيار کسي
پٿرن جي ديس ۾ رهندڙ پنھنجي اکين
پنھنجي سماعتن تي
ڪيئي پھرا رکي ڇڏيا آهن!

بي يقيني

بي يقيني

مون کي ڪو بہ
ڏک نہ آهي
منھنجي اکين ۾
نمي آهي جيڪا
ان جو سبب
مٽيءَ جو اڏامي
اک ۾ پوڻ آهي
منھنجي اداسيءَ پٺيان
ناهي لڪل ڪا ياد پراڻي
بس موسم جي
خشڪيءَ جو اثر آهي
منھنجي خاموشيءَ
جو سبب
ڪا خلش نہ پر
گهڻي ڪم جي ڪري
ٿڪجي پوڻ آهي
ڪيڏي اعتبار سان
چوان پئي مان
پر پنھنجي ڳالھہ جو
مون کي بہ يقين نہ آهي!

هر شيءِ مدار کان هٽيل آهي

هر شيءِ مدار کان هٽيل آهي

لفظن جي هٿن ۾
لڙڪن کي اُگهڻ لاءِ ڪو رومال ڪونھي
لفظ تہ بس هوائن ۾
وکري وڃڻ لاءِ هوندا آهن
خوابن وٽ ڪا تعبير ڪانھي
خواب تہ بس
ساحل جھڙي محبت کي
ممڪن جي مُٺيءَ ۾
بند نہ ڪري سگهڻ جي ڏک ۾
اڪثر اکين جو رستو
ڀلجي ويندا آهن
محبت وٽ بہ درد جو
ڪو درمان ناهي
محبت تہ بس خزان جي
ڏينھن سان رُلي
اداسيءَ جي شام ۾
بي وفائيءَ جي آکيري ڏانھن
موٽي ويندي آهي!

سمنڊ وٽ ڪو رستو ناهي

سمنڊ وٽ ڪو رستو ناهي

هن جي اکين ۾
هڪ گهرو سمنڊ آهي
۽ ان سمنڊ ۾
هڪ انتظار جي ٻيڙي آهي
ان ٻيڙيءَ ۾
مقدر جو ناکئو
ننڊ پيو آهي!

تضاد

تضاد

هوءَ پنھنجيءَ ڌرتيءَ
پنھنجي فرض
۽ ماڻھن سان ڪميٽڊ آهي
هن ڪيئي ڀيرا ڌرتيءَ جي موضوع تي ڌارين سان
اموشنل ٿي ڳالھايو آهي
هوءَ هر مخاطب سان
پوءِ ان جي زبان
ڪھڙي ئي ڇو نہ هجي
سنڌيءَ ۾ ڳالھائيندي آهي
سندس خيال مطابق
سنڌ ڌرتيءَ تي رهندڙ
هر ماڻھوءَ کي سنڌي اچڻ گهرجي
هونئن بہ ٻولي کي زندھہ رکڻ
هر قوم جو اهم فرض آهي
پر سندس شيلف ۾
هڪ بہ سنڌي ڪتاب نہ آهي
ڇو تہ هوءَ
امپورٽيد پرفيومز تہ خريد ڪري سگهي ٿي
پر ڪو سنڌي ڪتاب
افورڊ ڪري نہ ٿي سگهي!

انڪار

انڪار

مان توسان ملڻ نہ ٿي چاهيان
ساڳي روايت
دهرائڻ نہ ٿي چاهيان
جنھن ۾ جذبا
پيار جي وارڊ روب مان
پراڻن ڪپڙن جيان
بيڪار سمجهي اڇلائي ڇڏبا آهن
جنھن ۾ خواب
تعبير جي ٻانھن ۾
تلخ حقيقتن جون ڳالھيون ٻڌندي
بي رنگ ٿي ويندا آهن
۽ هڪٻئي جي گڏ هئڻ جو
احساس بيزاريءَ ۾
بدلجي ويندو آهي
ڇو تہ اڪثر وصل جي برسات ۾
جذبن جا رنگ
ڪچا نڪري پوندا آهن )
ڪنھن انتھا تي پھچڻ کان اڳ
مون وٽ فقط اهو احساس
باقي رهڻ ڏي
تہ اسان ملڻ جي روايت کي
نہ دهرائيندي بہ
هڪ ٻئي جا رهنداسين
بس....
مان توسان ملڻ نہ ٿي چاهيان
ساڳي روايت دهرائڻ نہ ٿي چاهيان!

الميو

الميو

تنھنجي
۽ منھنجي وچ ۾
نہ ختم ٿيندڙ
فاصلن جو ڦھلاءُ آهي
رابطي جي لائين تي
اميد جو سلسلو بہ
منقطع ٿي چڪو آهي
مان خواب ڪيئن ڏسان
جو منھنجون اکيون
روايتن وٽ
گروي رکيل آهن
۽ سوچ جي سرحدن تي
مصلحتن جا پھرا
مرڪي رهيا آهن!

پن ڇڻ

پن ڇڻ

موسم پن ڇڻ جي
آئي آ موٽي
گهُلي رهيون آهن وري
يادن جون تيز هوائون
۽ ڇڻي رهيا آهن
انتظار جي وڻ مان
آشائن جا سمورا پن
خوشبوءِ....
ڪٿي وڃائجي وئي آ
ميلي ۾ وڇڙيل
ڪنھن اُداس ٻار جيان
هوائون بہ ڄڻ تہ
چئي رهيون آهن
ڪيٽس جيان حسرت منجهان
where are the songs of spring?
Ay, where are they.
هن ڀيري بہ هميشہ جيان
دل جي خالي شاخ تي
لرزيو هڪڙو پيلو پن
هوائن جنھن جي ڪن ۾ چيو هو آهستي سان
موٽي هو نہ آيو
موٽي آئي آ پن ڇڻ!

انتظار

انتظار

هوءَ ٻہ منظر
نہ ڏسي سگهندي آهي
هڪ پڃري ۾ بند پکي
۽ ٻيو لڙاٽيل شام ۾
ڪنھن اڪيلي گهر جي
دريءَ ۾ رکيل ديپ
هڪ ڊگهي ڪوشش جي باوجود بہ
هوءَ خوابن جي
پکيءَ کي روايتن جي پڃري مان
آزاد نہ ڪرائي سگهي آهي
۽ سندس اندر جي
اونداهين ۾
ڪڏهن کان
دل جي دريءَ ۾
انتظار جو
ديپ روشن آهي!

ياد

ياد

برسات جي
ڀنل رُت ۾
هوائن جون وڻندڙ
سرگوشيون
پريت جي هڳاءَ جيان
اداس دلين جي
بند دروازن تي ڪائي مھربان دستڪ
ڏيڻ لڳن ٿيون
تہ تنھنجي ياد
گهرجي اڱڻ ۾
گل مُھر جي وڻ تي
ويٺل ڪوئل جيان
ڪوڪي پوي ٿي
۽ وڇوڙي جو درد
بسنت رُت جيان مھڪي پوي ٿو
هر سال جڏهن
سانوڻ جي مست رُت
نيڻن کي رُٺل خواب
موٽائي ڏيڻ لاءِ ايندي آهي
تہ.....
اکين ۾ ڪڏهن جو بيٺل سانوڻ
مرڪي پوندو آهي
آسمان جا لڙڪ
وسندا رهندا آهن
پر من جو سانوڻ
وسي ناهي سگهندو!

غيرت

غيرت

هو ڪيڏو نہ
غيرت مند آهي
پنھنجي ڌيئن جي
مست جوانيءَ کي
نظر انداز ڪري
ٻين جي ڌيئن جي اکين ۾
نفس جي نچندڙ
چور جي
نگراني ڪندو آهي!

وقت

وقت

مختلف روين
مختلف چھرن
مختلف صورتن ۾
تنھنجا ڏنل سمورا درد
۽ منھنجي نالي ارپيل
سموريون پيڙائون
سمورا گهاءُ
ساھہ ۾ سانڍي رکيا اٿم
ائين
جيئن ڪو پھرينءَ محبت جي
نالي تي
دل جي ڪتاب ۾
سنڀالي رکندو آهي
يادن جون اڌ کڙيل
مکڙيون-
انتظار جي علامت
نرگس جو گل
ڪو گلابي نشانن وارو
ٽشو پيپر
اي وقت!
مرڪَ پوءِ بہ
منھنجي لبن تي
صبح سمي ٽڙندڙ
ڪنھن گل جيان تازي آ
اڃا تنھنجي ترڪش ۾
مون لاءِ
ڪيترا تير باقي آهن!

اُس ۾ ڇانو جھڙو احساس

اُس ۾ ڇانو جھڙو احساس

جڏهن بہ
تنھنجو نانءُ وٺان
اُس ۾
ڪائي هير گهلي
اوندھہ ۾
ڪو ديپ جلي
رڻ ۾ ڄڻ
رابيل ٽڙي.

الوداعي نظم

الوداعي نظم

ائين آ تنھنجو
مون کان منھن موڙي وڃڻ
جيئن گل پنھنجي
پلئہ تان ڇنڊي
ڇڏيندو آهي ماڪ ڦُڙا
مون کي تنھنجو خيال آهي ايترو
جيئن اکين کي
هوندو آهي انتظار جو-
تڏهن تنھنجي مجبورين کي
خود غرضيءَ جو
نانءُ نہ ڏيئي سگهيس
بس زهر جو ڍُڪ ڀري
مرڪ جي ڇانو ۾
پناھہ وٺڻي پئي هيم
هميشہ لاءِ وڇڙي
وڃڻ کان اڳ
هن الوداعي نظم جون
آخري سٽون يادن ۾
روشن رکجانءِ
هڪ ڊگهي سفر جي
منزل تي پھچي
مون کي ياد نہ رکجانءِ
وساري ئي ڇڏجانءِ
پر موٽي اچجانءِ !

ڪمال

ڪمال

هن وٽ
ڪو جادو ڪونھي
ڳالھہ رڳو ايتري آهي
جو اکيون رکندي بہ
وڃائجي ويل
انڌن جي وچ ۾
هوءَ باطن جي
روشنيءَ ۾
بند اکين سان
منزل جا نشان
ڏسي وٺندي آهي!

خود ڪلامي

خود ڪلامي
صبح سمي

ذهن تي اجنبيت جو ڌنڌ
اکين ۽ ڳالھہ ڳالھہ تي هلڪي آلاڻ جو تھہ
لبن تي ڪوماڻيل گل جيان
بي رنگ مرڪ
مون کي ورثي ۾ ڏنا آهن
وقت اهي انمول تحفا
ڇا ڇا نہ آهي دل ۾
حسرتن جا انبار
وحشتن جا واهيرا
۽ هي سودائي من ڪيئن
وقت جي گذرندڙ هر پل سان
درد جي اکٻوٽ کيڏندي بہ
ڌڙڪندو رهي ٿو....
ڀٽڪندي رهڻ، چين نہ اچڻ جي صورت ۾
جسماني بيمارين جي مسيحا طرفان
وري هڪ نئون نسخو مليو اٿم
(ڪاش! ڪوئي روح جا زخم ڏسي
انھن جو ڪو حل
دريافت ڪري سگهي ها !)
Tranxene, Survector, Frisium
ڇا منھنجي درد جو درمان ٿي سگهن ٿيون.
ڇا ٻرندڙ روح تي
آب زم زم جا ڇنڊا وجهي سگهن ٿيون!
پر پوءِ بہ مسيحا جو اصرار آهي تہ
زندگيءَ جي گھما گهميءَ ڏانھن
واپس موٽي اچڻ لاءِ
ٻہ طريقا ئي ٿي سگهن ٿا
هڪ تہ مضبوط قوت ارادي
۽ ٻيو احساس کي برف جيان
سرد ڪندڙ خواب آور دوائون
(مضبوط قوت ارادي جي باوجود
ڏکن جي بار سان ڪلھا
ٿڪجي ڪڏهن جهڪي
بہ پوندا آهن
۽ ڪڏهن مرڪي دوکا ڏيندڙ چھرا
اوچتو لڙڪن جي ساگر ۾
لڙهي بہ تہ ويندا آهن)
وقت جي هن گهڙيءَ
پنھنجي ڪمري ۾ بستري تي ليٽي
ننڊاکڙين اکين سان دريءَ کان ٻاهر
نھاريو اٿم
(جذبن سان گڏ سمورا منظر بہ
ڄڻ تہ سرد ٿي ويا آهن)
جتي چنبيليءَ ول تي
اڇن گلن مٿان ماڪ ڦڙا
ائين جرڪي رهيا آهن
ڄڻ ڪنھن جي اکين ۾
انتظار ويساھہ بڻجي
ستارن جيان جرڪندو آهي
چنبيليءَ جي ول هوائن جي
کيچل تي خوش ٿي
جهومي رهي آهي.
(خوشبوءِ سان واسيل
صبح جي اي هوا!
روح جي بند دريءَ اندر خزان جي موسم
تنھنجي مھربان هٿن جي منتظر آهي
پر شايد تون بہ غرض جي ماريل
دلين جيان وقت تي
ڪنھن جي ڪم نہ ايندي آهين)
ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪيٽس تاريخ جي ڌنڌ مان ليئو پائي
مرڪي مون ڏانھن ڏٺو هجي:
My heart aches
and a drowsy numbness pains
my sense, as though of hemlock
I had drunk
زمان و مڪان جي احساس کان مستثنيٰ
اسان جا درد مشترڪ آهن
۽ اسان جي احساس کي
صدين جي ڌوڙ بہ نہ لٽي سگهي آهي
هڪ اک کان ٻي اک تائين
هڪ دل کان ٻي دل تائين
درد جو روپ ڌاري
احساس جو اهو سفر
ازل کان ابد تائين ائين ئي
جاري رهندو
۽ اسان مايوسي ۽ موت سان وڙهندي
زندگيءَ جا خواب ڏسندا رهنداسين
جنھن ۾ باطل تي حاوي سوڀ
اميد جي نديءَ جي شفاف
پاڻيءَ ۾ چنڊ جيان
جهرمر ڪندي رهندي آهي
اهڙي زندگيءَ ۾ دل جو درد
سرد جذبا، موت جي تمنا
احساس کي فنا ڪرڻ بدران
امر بنائي ڇڏيندا آهن-
۽ پوءِ اهو احساس
وقت جو هٿ ڇڏائي
زندگيءَ کي ڪو دلڪش عنوان
ڪا خوبصورت معنيٰ بخشي
وقت جي لئہ تي ڌڙڪندو رهندو آهي
ڇو تہ طبعي موت سان
روحاني موت جو ڪو واسطو ناهي
(جنھن ننڊ ۾ شعور
بيدار هجي
اها کليل بي تاثر اکين جي اڻڄاڻائيءَ کان بھتر آهي)
اُهو ذهن اُها دل جنھن وقت جي گذرندڙ
هر گهڙيءَ سان ڄاڻ جي سرحدن کي عبور ئي نہ ڪيو هجي
وقت جي ڍنڍ ۾ بيٺل پاڻيءَ
جيان آهي
جنھن ۾ شعور جا ڪنول
ڪڏهن بہ نہ ٽڙندا آهن
۽ جتي نہ ئي فاصلا
جداين جي راھہ تي مرڪندي
ملندا آهن
(جدائي تہ نظر جو دوکو آهي
روح جا رشتا خدا کان ڪائنات
۽ جذبن جي سچائيءَ تائين
ازل کان وصل جي ڏور سان
ٻڌل آهن)
پر اڻڄاڻ رهڻ ڌرتيءَ تي
رهڻ وارن جو سڀ کان وڏو الميو آهي
جيڪي اڻڄاڻ رهڻ چاهيندا آهن
ڏاڍ جي رات ۾ سسڪندڙ لمحن
۽ انھن آهن کان
جيڪي انسانيت جي چھري تي
زوردار چماٽ آهن
ان ڪوڙ کان، جيڪو چھرن کان سڃاڻپ کسي
وجود جي ڀتين کي کاٽ هڻي
کوکلو ڪري ڇڏيندو آهي
ان نفرت کان جيڪا وقت جي
آسمان تان
خوشين جي چادر کسڪائي
کيس روشنيءَ کان محروم
ڪري ڇڏيندي آهي
اي راز ازل! ڪجهہ تہ ٻڌاءِ
روح جي شفاف آئيني تي
منافقتن ۽ مصلحتن جا
پھرا ڇو آهن!
ڇو قتل گاهن ۾ سچ ۽ صداقت جي
پوڄارين کي سوريءَ تي
چاڙهيو ويندو آهي؟
ڇو ضمير ۽ ڌرتيءَ جي غدارن کي
سمجهوتي جي سيج تي ويھاري
انساني آدرشن سان
هٿ چراند ڪئي ويندي آهي؟
محبت کي ڇو روايتن جو
سلو پوائزن ڏيئي
ماريو ويندو آهي؟
۽ خواب ڇو تعبير جي
آزاد پوپٽن جي تعاقب ۾
ناممڪن جي ڪنڊن سان
الجهي زخمي ٿيندا رهندا آهن؟
ڇو سپنن جي ساڀيان
سچ جي آئيني ۾ ڳولھي ويندي آهي؟
(سمورا آئينا تہ سچا
ناهن هوندا)
ڪيستائين اعتماد جو نازڪ آئينو
فريب جي پٿرن سان
ٽٽندو رهندو؟
ڪيستائين دوستيءَ جي آڙ ۾
ويساھہ گهاتين جا سلسلا جاري رهندا؟
ڪيستائين انسانيت کي
رنگ، نسل ۽ مذهب جي
بنياد تي
جبر جي باھہ ۾ ساڙيو ويندو؟
۽ ڪڏهن امن ۽ آزاديءَ جا جهنڊا
بي شناخت قومن جي ايوانن ۾ لھرائيندا
۽ ڪڏهن پنھنجي ڌرتيءَ تي
جلاوطنيءَ جي روايت
ٽوڙي ويندي
ڪڏهن.... آخر ڪڏهن.....!

شام سمي
سوچون صبح کان من کي
ڏنگينديون رهيون آهن
شام سمي دريءَ ۾ بيھي
ٻاهر نھاريو اٿم
تہ وڻن جي قطار مٿان
سج ڌرتيءَ تي رهندڙن جي
مسئلن ۽ معاملن کان بي نياز
افق جي هن پار ٻڏي رهيو هو.
جنھن تي الوداعي نگاھہ وجهندي
مون کيس چيو:
جن جي دنيا ۾ اميد، پيار ۽ پنھنجائپ
جي روشني ناهي
۽ جن جون خوشيون
ڏاڍ جي مھاديو جي مضبوط پڃري ۾ قيد
آزاديءَ لاءِ واجهائي رهيون آهن
اتي هڪ نئين ۽ روشن صبح جي
موٽي اچڻ جو يقين کڻي
مايوس ۽ اونداهين دلين تي
پنھنجا نرم ۽ روشن ڪرڻا
ضرور وڇائجانءِ!
(هتي ڪيترا تنھنجي روشنيءَ ۾
چٻرن جيان انڌا ٿي پوندا آهن
اهو ڄاڻندي بہ ته
زندگي، سچ ۽ سونھن جو سفر
روشنيءَ ۾ ئي طئي
ڪري سگهبو آهي)
پکين جون قطارون
شفق جي لالاڻ ۾
پنھنجي آکيرن ڏانھن واپس
وري رهيون آهن
واپسيءَ جي ذڪر تي
نہ ڄاڻ تہ ڇو اکين ۾
اونداهيءَ جا ترورا نچڻ لڳندا آهن
ڇو تہ جنھن موڙ تي پاڻ کي وڃايو هيم
اڄ بہ ان موڙ تي پنھنجي
واپسيءَ جي منتظر آهيان
منھنجي غلطي اها هئي تہ مون
روايت کان هٽي ڪري
سفر جي ابتدا
آغاز کان ڪرڻ بدران
انتھا کان ڪئي هئي
ان انتھا کان جنھن ۾
جنون جا آثار
اظھار کان مفھوم ۽ معنائون
کسي وٺندا آهن.
پنھنجي ڳولا جي ان سفر ۾
ادراڪ جو پاڇو مستقل
اڻ ڏٺل راهن
اجنبي خطن،
۽ بي شناخت لمحن ۾
همزاد جيان ازل کان
پنھنجي وجود جو احساس ڏياريندو رهي ٿو.
هر ڪوئي پاڻ کي ڳولڻ
پاڻ کي سڃاڻڻ جي اهميت کان انحراف ڪندي
اندر جي روشنيءَ کان بي خبر
خارجي دنيا ۾ ڳولھا جي
ڪنھن نہ ڪنھن عمل ۾ مصروف آهي
(جڏهن تہ منزل ڏانھن ويندڙ رستا
من جي سچائيءَ مان ڦٽي نڪرندا آهن)
پوءِ بہ ڳولا جو عمل اڌورو
رهجي ويندو آهي
پر هر اڌوري ڪھاڻي
تڪميل جو لڪل اشارو بہ تہ ٿي سگهي ٿي!
اها ڳالھہ نہ سمجهڻ وارا اڪثر
منزل تي پھچي بہ
بي نام مسافتن جي ڏک ۾
اداس رهندا آهن......
شام جيڪا واپس موٽي اچڻ جو
اعلان آهي
گهر جو دروازو کليل آهي
کڄندڙ قدمن جا آواز
گهٽيءَ ۾ گونجي رهيا آهن
هتي ڪير ايندو......
شايد ڪوئي بہ نہ ......!
رات سمي
شام گيڙوءَ رتي رنگ ۾ ويڙهجي
ڪنھن ٿڪل جوڳيءَ جيان
اونداهيءَ جي ٻانھن ۾ وڃي
لڪي آهي
هوائون صدين جي صدائن جيان
امڪان جي سرحدن تان
تڙيل جذبن ۽وکريل خوابن جو ڏک ساڻ ڪري
اماوس رات جي هٿن ۾ منھن لڪائي
سڏڪي رهيون آهن
رات جا سوا اٺ ٿيا آهن
گذريل وقت ڪنڊي جيان
من ۾ اٽڪي پيو آهي
ان ئي سمي ڪڏهن
مڪليءَ جي قبرستان ۾ گهمندي
اجڙيل قبرن وٽان لنگهندي
مون کيس چيو هو:
”مان جڏهن بہ هتي ايندي آهيان
قبرون مون سان ڳالھائينديون آهن
انھن ۾ ستل جذبا، اڌوريون ڪھاڻيون
وڃايل مرڪون، انتظار ڀريون اکيون
۽ تاريخ جا ڊٺل اُهڃاڻ
مون سان ڳالھائيندا آهن،
قدمن سان وچڙي
هوائن ۾ اُڏامندڙ صدين جي
ڌوڙ کي مون ڪيئي ڀيرا سرگوشيون
ڪندي ٻڌو آهي،
جيڪا سدائين چوندي آهي:
ڪڏهن انھن جا قدم
منھنجي دز کي ڇُھندا هئا
جن خدا ۽ ڪائنات سان
روح جا رشتا سڃاتا هئا.
جن جي اکين ۾ ڀٽائيءَ جي
شاعريءَ جھڙو جلال ۽ سچائي هئي
جن جا من مھراڻ جي موجن جھڙا
اجرا هئا
جن جي لبن تي ساميءَ جا سلوڪ
سچل ۽ حمل جا بيت ۽
چال ۾ عظمت جا اهڃاڻ هئا-
جيڪي مون سان ملي امر ٿيا
جن تاريخ جو آواز نہ سڃاتو
جن سچ جي ساز جو سڏ نہ ٻڌو
حيف انھن جي زندگيءَ تي آهي!
سوا اٺ گذري ويا
مون سميت
هوائن بہ سک جو ساھہ کنيو
(اها ئي گهڙي هئي جڏهن
هن زندگيءَ جي سرحد اورانگهيندي
مون کي الوداعي نظرن سان
ڏٺو هو)
اهو گلاب جو گل اڄ بہ
ان ڏينھن جيان تازو آهي
جنھن کي آخري سفر ڏانھن ويندي
سمي سندس پيشانيءَ سان ڇُھي
ڊائريءَ ۾
سنڀالي رکي ڇڏيو هيم
جيڪو دل جي لڙڪن جي
سائي ۾ سندس يادن جيان
اڄ بہ سدا بھار آهي.
تڏهن کان اڄ تائين
سوچيندي رهندي آهيان
هئڻ ۽ نہ هئڻ ۾ ڪھڙو فرق آهي
ڇا ساهن جي تسلسل جو
نالو آهي زندگي!
ڇا طبعي زندگي وجود جي هئڻ جي
نشاندهي ڪري ٿي؟
ڇا رڳو ان ڳالھہ تي ويساھہ ڪري
ويھجي تہ
شين جي حقيقت اها ئي آهي
جيڪا نظر اچي ٿي؟
(روحاني موت جي
نشاندھي ٿي وڃڻ کانپوءِ بہ شان سان جيئڻ وارن تي
زندگي کلندي رهندي آهي
ڇا اُهي ٽھڪ ڪنھن ٻڌا آهن!)
جن ڳالھين جو جواب موجود هوندو آهي
اُهي ڇو چپ جي چادر
۾ ويڙهجي وينديون آهن؟
ڪڏهن ڪڏهن اظھار جو حق
کسجي وڃڻ کان پوءِ
خاموشيءَ کي زبان ملي ويندي آهي
جيڪا روح جي فريڪوئنسيءَ تي
رابطي رکڻ جي
فن کان آشنا آهي
تنھائيءَ جي وجود مان
ڦٽي نڪرندڙ خاموشي
وجدان جي ساز تي ڇيڙيل
اُهو آفاقي گيت آهي،
جنھن کي چھري، نالي ۽ شناخت کان
محروم ڪڏهن بہ نہ ٻڌي سگهندا آهن-
سمنڊ جي لھرن جو شور، هوائن جا سُر
زندگيءَ جي چرپر
پکين جا گيت، جڏهن
خاموش ٿي ويندا آهن
تہ تنھائي ننڊ سان ڀريل اکيون کولي
پڇندي آهي!
ڇا، زندگيءَ جي گهما گهميءَ سان گڏ
احساس، بہ سمھي رهيو آهي.....!
احساس جيڪو تنھا لمحن جو منتظر
شعور جي ارتقا کان
مسلسل جاڳ ۾ آهي
وجود جي حقيقت جي ڳولا ۾
۽ ان محبت جي جستجوءَ ۾
جيڪا زندگيءَ جي اونداهين ۾
ڏيئي جي لاٽ جيان
روشنيءَ جي تسلسل کي
قائم رکندي پئي اچي
محبت، جنھن جي وسعتن ۾
هڪ سحر انگيز دنيا آباد آهي
جتي سڪون جون پريون
هٿن ۾ تڪميل جو جام جهلي
وصل جي ٻانھن ۾ رقص
ڪنديون آهن
پر اهو سپنو نہ ڄاڻ تہ ڇو
اکين جي سطح تي
هڪ پل کان بہ وڌيڪ بيھندو ناهي
۽ بدلجي ويندا آهن
ڏسندي ئي ڏسندي سمورا منظر
اکيون کلڻ سان هجر جو راڪاس
شھر دل جا رستا لتاڙي
ڏيئي ويندو آهي
تحفي ۾ صرف تنھايون
(ڪاش وقت جي اسڪرين تان روائينڊ ڪري
وري موٽائي سگهجن ها
ساڳيا لمحا).
۽ اها ئي ساڳي روشنيءَ سمان مُرڪ
جيڪا زندگيءَ جي
اونداهين ۾ لڳندي هئي
ڪنھن ديپ جيان
پر خاموشيءَ کان اظھار تائين
لفظ بي يقينيءَ جي
بي ترتيب رستن تي ڀٽڪندائي رهيا
اميد ۽ روشني فاصلن جي ڌنڌ ۾
اڻڄاتل رستن تي گم ٿي وئي
شايد محبتن جي مقدر ۾ ڦھليل
تاحد نظر رڳو رستا ئي آهن
جتي مسلسل ڀٽڪندي رهڻ سان
محبت جون منزلون
وڌيڪ دلڪش ۽ سحر انگيز لڳنديون آهن.
(اڪثر منزلون پري کان پاڻي
۽ ويجهو کان
رڃ نڪري پونديون آهن!)
شايد تڏهن مقدر
دل وارن جا قافلا
راھہ ۾ رُلائي
سندن اڻڄاڻائيءَ تي
مرڪندو رهندو آهي.

رات جو پويون پھر
چنڊ ڪنھن ٿڪل
۽ اداس مسافر جيان
پنھنجي منزل ڏانھن محو سفر آهي
رات ابديت جي روشنيءَ آڏو
هٿ ٻڌي عقيدت مان
ڪنھن داسيءَ جيان
ائين بيٺي آهي
جيئن ڪو راڳي
تنبوري جي ٽٽل تارن تي
وڃائجي ويل ڪوئي گيت
جهونگارڻ جي چاهنا ۾
گم صم بيٺو هجي،
ڄڻ انتشار جي ڊگهي سفر کان پوءِ
مرڪزيت تائين پھچڻ جي ڳولھا
پڄاڻيءَ تي پھچي وئي هجي
سوچن جي لامحدود وسعتن مان
ڪنھن هڪ نڪتي تي
مرڪوز ٿي وڃڻ تائين
ان هڪ پل ۾
وقت جي چھري تي پيل
رازداريءَ جو نقاب
کسڪي رهيو آهي
هئڻ جو احساس
ڪائنات جي نبض سان گڏ
ڌڙڪي رهيو آهي
موت جي دلڪش واديءَ ۾
گھري ننڊ، جاڳ جي تعاقب ۾
مستقل ڊوڙي رهي آهي
ننڊ، پنھنجا مھربان هٿ
اکين تي رکي ڇڏيا آهن
پر لاحاصل انتظار سان گڏ
اي رات!
اکيون ٿڪجي سمھي رهيون تہ ڇا
من تہ توسان جاڳندو رهندو
درد تہ توسان ڳالھائيندو رهندو!

آخري لفظ

آخري لفظ

خوابن جي وڃايل
تعبير پٺيان ڀٽڪندي
رُڃ ۾ رُلندي
جي مري پوان اڌ راھہ ۾
تہ اي دوست!
منھنجي قبر تي
يوڪلپٽس جو وڻ
ضرور لڳائجانءِ
جنھن جي قد جيڏا اوچا
منھنجا خواب
منھنجا آدرش آهن
(۽ جنھن هوائن جي سُر تي
ڪيئي ڀيرا منھنجي غم کي
لولي ڏيئي سمھاريو آ).
بھار جي ڪنھن شام
جڏهن ان وڻ جي
لام تي
ڪا ڪوئل اچي
ڪو گيت ڳائيندي
۽ ان آواز ۾ خوشگوار
مستقبل جي اڳڪٿي
ڪنھن پيار ڀرئي
دل جون تارون ڇيڙي ڇڏيندي
۽ ڪنھن جي ويران اکين ۾
اميدن جا
روشن ڪرڻن جھڙا شيتل خواب
سجائي ڇڏيندي
تہ منھنجو روح
پري تمام پري
ڪپھہ جي پوڻين جھڙي
نرم ۽ ريشمي بادلن جو هٿ پڪڙي
خوشين جي افق کي ڇُھي وٺندو
(ڇو تہ ڪوئل جي ڪوڪ جو اثر
سپنن جي پريءَ جي هٿ ۾ جهليل
جادوءَ جي ڇڙيءَ
جھڙو ئي هوندو آهي)
جيڪا ڏک جي
بدصورت لمحن کي ڇُھي
سُک جي چانديءَ ۾
بدلائي ڇڏيندي آهي
۽ ها.....
منھنجي ڪتبي تي
هيءَ عبارت ضرور لکجانءِ؛
هتي اها دل دفن اهي
جنھن ۾ جذبن جا انيڪ ڪنول
ٽڙندا هئا
جيڪي مقدر جي لانگ بوٽ
چيڀاٽي ڇڏيا
هتي اهي اکيون دفن آهن
جن جي جنبش ۾
روز ازل جا ڪيئي اسرار
اڻ چيل ڏک
۽ ڪيترائي نوان انڪشاف
لڪل هئا
پر جن کي موت
بي رحميءَ جو ڪراس ٺاهي
هميشہ لاءِ بند ڪري ڇڏيو.
هتي اُهي هٿ دفن آهن
جن جي حرڪت سان
لفظن جو سنگ مرمر
ڏات جي چانڊوڪيءَ ۾
جرڪي پوندو هو
پر جن جي ريکائن ۾
ڪا روشني نہ هئي
پر پوءِ بہ اُهي
وجود جي بقا لاءِ وڙهندڙ
ڏتڙيل طبقن،
مايوسيءَ ۽ انديشن جي آسيب ۾ ويڙهيل
گهرن لاءِ
روشن دعائون گهرندا هئا
۽ منھنجي قبر مٿان
هڪڙو ننڍڙو
ديپ ضرور ٻاري ڇڏجانءِ
يقين اٿم تہ جنھن جي روشني
زندھہ ۽ متحرڪ دنيا جي
ان روشنيءَ کان بھتر هوندي
جيڪا سدائين
باطن جي
گهور اونداهيءَ آڏو
لڙاٽيل لڳندي آ.....
جڏهن آسمان تي چمڪندڙ
ستارن جي جهڪي روشني
منزل جو ڏسڻ ڏيڻ لاءِ
اجڙيل ۽ ڀٽڪيل قافلن جي
ڪا راهنمائي نہ ڪري سگهندي
تہ شايد.....
ڏيئي جي اها لاٽ
ڪنھن کي گم ٿيل منزل جي
ملي وڃڻ جو
ڪو اهڃاڻ ڏيئي وڃي
۽ خواهشن جي waste land ۾
ڀٽڪندڙ ڪو تنھا مسافر
(ان کان اڳ جو
اکين جا ستارا اُجهامي وڃن
جذبن جا گل ڪومائجي وڃن
۽ انتظار جون سموريون راهون
نااُميديءَ جي ڌوڙ ۾ لٽجي وڃن)
پنھنجي منزل، پنھنجي ماڳ ڏانھن
واپس موٽي وڃي
ها شايد واپس موٽي وڃي !

آٿت

آٿت

تنھائيءَ ۾ ڪو بہ نہ آهي
پاڇي جيئن آهن سھارا
ڏورانھون سفر ۽ من اڪيلو
رات جي وياڪل
خاموش پل ۾
درد سان راند
کيڏندڙ دل کي
تنھنجي آٿت جا
هٿ ڇھن ٿا
۽ اڻ ڏٺل منظرن ڏانھن
روح جي بند دري کلي وڃي ٿي

آئينا سچ ڳالھائيندا آهن

آئينا سچ ڳالھائيندا آهن

آئينا جيترا اُجرا هوندا آهن
چھرا اوترائي ڌنڌلا
ٿيندا ويندا آهن
انڪري آئينن کان
ٿورو پاسو ڪرڻ گهرجي
ڇو تہ اڪثر آئينا
سچ ڳالھائيندا آهن
هتي هڪ الميو اهو بہ آهي ته
چھرن جي روشني
۽ سڄي تازگي کسي
کين خود انحرافيءَ جو ماسڪ چاڙهي
جيئڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي
انڪري مصلحت جا ماريل
آئيني جي اکين ۾
پنھنجي وجود جي
هئڻ جو اعتراف ڏسي
روز مري جيئندا آهن
انڪري آئينن کان
ٿورو پاسو ڪرڻ گهرجي
ڇو تہ اڪثر آئينا
سچ ڳالھائيندا آهن!

منھنجي مرڪ ۾

منھنجي مرڪ ۾
لڙڪن جي خوشبوءِ آهي

مون حالتن جي زهر کي
اميد جي امرت سان ڌوئي
مرڪ جي پناھہ ۾
لڪائي رکيو آهي
منھنجي مرڪ کي
مونا ليزا جي مرڪ چوڻ وارو!
مون مرڪ جي چانڊوڪيءَ کي
پنھنجي لڙڪن سان ڌوتو آهي
مون دل ڌرتيءَ تي
درد جو جيڪو بہ
ٻچ پوکيو آهي
ان جي ڇانوَ ۾
خوشين پنھنجو ٿڪ لاٿو آهي
احساس جي نازڪ آئيني کي
جا بہ ٺيس لڳي آهي
ان جي هر وکريل ذري مان
ڌرتيءَ جي خوشبوءِ
ڦٽي نڪتي آهي
منھنجي هر غم
لاحاصل تمنائن
۽ ساڀيائن کان محروم سپنن
جي ارپنا سچ جي نالي آهي
جنھن کي ٻڌي اکيون اوپريون
۽ لھجا زهريلا ٿي پوندا اهن
شايد تڏهن منھنجي مرڪ ۾ تمنا جي گلاب
۾ لڪل ڪنڊن جي چڀن آهي
منھنجي چھري جي پس منظر ۾
جيڪا مرڪ ٽڙي ٿي
ان مرڪ ۾ لڙڪن جي خوشبوءِ آهي!

دريافت

دريافت

مون پنھنجي جذبن سان
ڏيئو ٻاري ان کي
تيز هوائن جي هٿن تي رکي ڇڏيو
مون چاهت جي گل کي
درد جي امرت سان ڌوئي
تمنا جي ساحل کي ارپيندي
منتظر نگاهون گهڙيال تان لاهي
نراشا جي لاڪر ۾ سنڀالي رکيون آهن
رستن جو ڦھلاءُ ڏسي
پيرن کان پنڌ وسري ويو
۽ من خالي رستو بڻجي پيو
توڙي جو مان ساھہ ۾ سانڍي
رکڻ جھڙو ڪو سپنو آهيان
پر مون کي آسمان مان ڪرندڙ
ڪنھن بہ ٽٽل تاري
جي ڪرڻن ۾
ڳولي سگهجي ٿو!

تجديد

تجديد

سچ جي
هر ڳالھہ تي
پٿرن جو وسڪارو ٿئي ٿو
پوءِ بہ جسم مان
زخمن بدران
سچ جا ڳاڙها گل ڦٽن ٿا!

سزا

سزا

وقت تي
ڪجهہ نہ چئي سگهڻ جي سزا
سڄي عمر
لڙڪن جا گلاب پوندا آهن پوکڻا!

تازگي

تازگي

چؤڌاري وحشتن جي باھہ هوندي بہ
زخم رات جي
نيڻن جيان
آلا آهن اڃا!

موسم جي پھرين برسات

موسم جي پھرين برسات

بادلن کي ڇھي ايندڙ هوائون
گل مھر جي ڀرسان لنگهندي
ڳلن کي ڇھي ويون آهن پيار مان
جيئن سالن پڄاڻان
ڪنھن دوريءَ جي زخمن تي
آٿت جو هٿ رکيو هجي
صبا وصل جا خواب کڻي
تمنائن جو در کڙڪائي ٿي
فضا ۾ وکريل خوشبوءِ مانوس لڳي ٿي
مون سالن کان جو سانڍي
رکيو آهي نيڻن منجهہ
ان سپني جي مھڪ آهي
اڄ موسم جي پھرين برسات آهي
روڊ جي ٻنھي پاسي
بيد، مشڪ، صند ۽ گل مھر
جي وڻن جون قطارون آهن
رستي جي ڪنارن تي ڊوڙندڙ
ٻارن جي چھري تي سڪون آهي
ڄڻ رقص ڪندڙ زندگي آهي
ننڍڙو ٻار پوپٽ پٺيان ڊوڙي ٿو
(تڪميل جا پوپٽ تمنا جي گلن کان
ڪيترو پري آهن !)
بارش جي قطرن ۾ پسندي
اندر جي تنھائين سان وڙهندي
بظاهر مرڪندي سوچيان ٿي
زندگيءَ جا سمورا منظر
منھنجي من ۾ وسندڙ
برسات کان ڇو آهن
ايڏا بي خبر!.

منھنجي سُڃاڻپ ۾ تون آهين

منھنجي سُڃاڻپ ۾ تون آهين

جي چاهين
ڪنھن دل ۾ راز جيان
لھي اچين
جي چاهين تہ
انڪشاف جي صورت
حرف حرف روشني بڻجي
فضائن ۾ وکري وڃين
جنھن بہ دل ۾ روشني آهي
ان جي عڪس سان هم آهنگ ٿي
جذبن جي ڌن تي
رڳن کي رباب ڪري ڇڏين.
۽ جي چاهين تہ
اونداهين ۾ ڀٽڪندڙ
تنھنجي نالي کان ناشنا دليون
پنھنجي محرومين جو بوجهہ کڻي
بي فيض ڌڙڪنديون رهن.
نہ انھن جي احساس ۾
لطيف جذبي جي ڪا چاشني هجي
نہ لھجي ۾ زندگيءَ جو
ڪو روح ئي محسوس ٿئي.
جسم انڌي منطق سان
هوس جي ساز تي
اڻڄاڻ بڻجي جهومندا رهن
دليون خواهشن جي زور تي
خوابن جي ساڀيا کي رکي گروي
عارضي خوشين جي سحر ۾ گم
اڻڄاڻائيءَ جي ڀنور ۾ ڀٽڪنديون رهن
جي تون چاهين تہ
حقيقت جي روشنيءَ ۾
ڪو من اُجاري ڇڏين
۽ ان من ۾ محبت جي صورت
ڪنھن نرم مکڙيءَ جيان ائين
ڦٽي نڪرين جو معرفت جي خوشبوءِ ۾
باطن جي دنيا مھڪي اُٿي.
جي چاهين تہ
وجود کي موسيقيءَ جو اُهو
عرفان عطا ڪرين
جنھن جي تارن مان
جيون لاءِ گلابي گيت
سحر انگيز سُرن جي صورت
فضائن ۾ وکري ويندا آهن
آئينو ڇا ٿو چوي؟
مان ڪيئن ٿي لڳان؟
ڪو مون کي ڪيئن ٿو سمجهي؟
وساري سڀ ڪجهہ مان
ابديت جي ان روشن راھہ
تي بيٺي آهيان
جتي طلب، جسم جي
دائري کان آزاد ٿي
مطلوب جي خيال جي
آئيني جو اولڙو بڻجي ويندي آهي
ڇو تہ جنھن پرزم مان
روشنيءَ جو هڪ ڪرڻو
لنگهي ستن رنگن ۾ بدلجي ٿو
مان انھن ستن رنگن مان
هڪ روشن رنگ آهيان!

چيٽ ۾ ڪنھن چنگ چوريو هو

چيٽ ۾ ڪنھن چنگ چوريو هو

جڏهن پنھنجي ئي وجود جي
ڄاڻ نہ هئي
تہ تنھنجي چاھہ جي
ادراڪ، بي مھر موسمن جي
رستن تي نہ ڄاڻ تہ
ڪيترا ڏيئا ٻاريا هئا
۽ جڏهن انھن ڏيئن
دامن جلايو هو
تڏهن مون ڄاتو هو
مون توکي چاهيو هو
جڏهن ٻنين ۾ سونھري سنگ
جهوميا هئا
جڏهن چيٽ ۾ ڪنھن
چنگ چوريو هو
پيلو گل هوا جي جهوٽي تي
املتاس جي وڻ مان ڪريو هو
تہ مون ڄاتو هو
مون توکي چاهيو هو
جڏهن اکيون بادل
۽ لھجي ۾ سانوڻ وسيو هو
ڪنھن واپسي جي رستي
ڏانھن مڙي الوداعي رومال
لوڏيو هو
بھار جي لام تي ڪوئل
چاھہ مان ٻوليو هو
خالي رستن قدمن کي سڏيو هو
خاموشي وڇوڙي جي
اداس ڌن تي رقصان هئي
تڏهن مون ڄاتو هو
مون توکي چاهيو هو
جڏهن آئيني ۾ چھرو
لڳو هو اوپرو
۽ مرڪ جي گلابن جي
باسي سڳنڌ هوا ۾ ڦھلي هئي
لفظن جا چھرا ٿيا هئا اجنبي
۽ سبز پتن ويس مٽايو هو
خزان ڪو نراشا جو لڙڪ لاڙيو هو
۽ مون کان ڪنھن بھارن جو ڏس پڇيو هو
تڏهن مون ڄاتو هو
مون تو کي چاهيو هو.

زندگي-؟

زندگي-؟

ڪجهہ اڻپورا خواب
ڪجهہ اوچتا عذاب
۽ ان کان بہ وڌيڪ
مري مري وري جيئڻ
ڀوڳنا جو هڪ عجيب سفر
زندگي.... شايد ڪو
تجريدي آرٽ جو
رنگن سان ڳتيل
نہ سمجهہ ۾ ايندڙ فن پارو
زندگي....
مجبوري جي آڙ ۾
خوشيون، خواب ۽ خواهشون
روايتن جي نالي
ارپڻ جو اتھاس
زندگي....
مصلحتن سان
سمجهوتو ڪري
آرزوئن کي سماج
جي قبر ۾
گهٽي ماري ڇڏڻ جو
هڪ اڻ وڻندڙ رويو
زندگي....
رات جي اونداهيءَ ۾
گناھہ جي ڊانسنگ فلور تي رقصان...
۽ ڏينھن ڏٺي جو
رولڊ گولڊ جو
خوشنما ماسڪ چاڙهي
منافقتن سان ڀرپور
زندگي....
خزان جي مند ۾
شاخن کان جدا ٿيل
هوائن جي آڌار تي اُڏامندڙ
پيلن پنن جيان
ويران ۽ بي مقصد زندگي....
ڪنھن بيواھہ جي
مري ويل جذبن
اجڙيل خوابن
۽ سندس اڇي وڳي جيان بي رنگ
زندگي-؟
زندگي-؟

نئين موسم جي ڦھلي آ خوشبوءِ

نئين موسم جي ڦھلي آ خوشبوءِ

نئين مُندَ جي ڦھلي خوشبوءِ
ڪويل ٻولي ٿي سائي لام تي
ساوڪ جو وسڪارو چؤپاسي
ٽاري ٽاري مھڪي اٿي آ

سج ورهائي ٿو شيتل ڪرڻا
ساوڪ سونو ويس ڍڪي ٿي
پکين جون مٺڙيون لاتيون سڻ
کنڀن ۾ سنسار وسي ٿو

نيري اڀ تي اڇا بادل
لھرن ۾ ڄڻ ٻگهہ ترن ٿا
بادلن ڀرسان جا هير گهُلي ٿي
هير اُها من ۾ هري ٿي
سوچ ۾ ڄڻ آڪاش وسي ٿو
ڄڻ سمورو سنسار وسي ٿو
چنڊ ستارا ۽ سج جون جهاتيون
چانڊوڪيءَ جون مٺڙيون باتيون

هڪ سمورو ڏينھن ٽڙي ٿو
هڪ سڄو سنسار مھڪي ٿو
نئين موسم جي ڦھلي خوشبوءِ
ٽاري ٽاري ٻھڪي اٿي آ

خزان جي موسم

خزان جي موسم

خزان جي سھڻي موسم آ هيءَ
خزان جي ڪھڙي ڳالھہ ڪجي
پيلا پن ٿا هر سو اڏرن
شاخن ۾ سرهائي آ
هڪ نئين موسم جو سڏ
هر شاخ ٻڌي مھڪي ٿي
ٽارين ۾ ساوڪ ڄڻ آ هر سو
خواب سرجن ٿا جهرمرجهرمر
خواب خزان جا بي رنگ آهن
تعبير ۾ گل ٽڙن ٿا ڄڻ ته
پوپٽ ڀؤنرا ڦيريون پائين
سنديسو بھار جو سڻ
خزان جي سھڻي موسم آ هيءَ
خزان جي ڪھڙي ڳالھہ ڪجي!

شعرَ جا موتي

شعرَ جا موتي

خيال جي ڌاڳي ۾ هر پل
شعر جا موتي پوئي
احساس جي مالا جوڙيان ٿي
مان سوچيان ٿي هر پل
سوچ منھنجي زهر سمان آ
امرت بہ ان جو حصو
ڪڏهن تہ ائين لڳي ٿو
ڪونج ڪا وڇڙي وڳر کان آ
ڪڏهن تہ هيءُ سنسار سمورو
وحدت جو ڪو پل لڳي ٿو
خيال جي ڌاڳي ۾ هر پل
شعر جا موتي پوئي
احساس جي مالا جوڙيان ٿي
مان سوچيان ٿي هر پل
سوچ لڳي ٿي سانوڻ ڪڪري
لفظ ڪٿي باھہ جو ڀنڀٽ
جنھن مان رک جو واس اچي ٿو
رک ۾ ڄڻ ڪا چڻنگ ٻري ٿي
جنھن ۾ سمورا خواب سموئي
هير بڻجي گهلان ٿي هر پل
باھہ جي ڀڙڪي مان ٻيھر
جيون جوت جلي اٿي ٿي
خيال جي ڌاڳي ۾ هر پل
شعر جا موتي پوئي
احساس جي مالا جوڙيان ٿي
مان سوچيان ٿي هر پل.

پرھہ ڦُٽيءَ جي منظر جھڙي

پرھہ ڦُٽيءَ جي منظر جھڙي

پرھہ ڦُٽيءَ جي منظر جھڙي
هوءَ بنگالي ناري
ڪيڏي نہ سُندر ۽ سڀاويڪ
اکين ۾ خوابن جو اڻ کٽ سمنڊ
مُرڪ جنھن جي رابيل سمان
گُلن، پوپٽن ۽ بادلن جھڙيون
سندر ڳالھيون هن جون
ڪومل احساس هو ڇانوري سمان
سو ورهائيندي نہ ٿڪبي هئي
آسمان ۾ اُڏامندڙ پکي
کيس ساڀيائُن جيان ڀاسندا هُئا
ڪو جيون ايترو سک سانت وارو
ممڪن ٿي سگهيو ٿي ڀَلا ؟
خوشيون بہ زمين جي رنگن
سان رڱيل فطرت سمان هرپل
رنگن جي ورکا ڪنديون هيون
انسانيت جي مذهب تي
ويساھہ رکندڙ هوءَ
جنھن سڄي ڄمار
سچ سونھن ۽ امن جي ڳالھہ ڪئي
هن ڪڏهن سوچيو بہ نہ هوندو تہ
انھن خوبين جي بدلي ۾ هوءَ
اونداهين جو کاڄ بڻبي
ڏاڍ جي راهن ۾ دهشت گردن هٿان
هڪ ڏينھن مارجي ويندي
موت کان ڪجهہ ڏينھن اڳي
پنھنجي اسٽيٽس تي خوبصورت
ڳالھہ لکي هُئائين،
”اڄ خوبصورت صبح مان
خوش آهيان.
عام طور تي چيو وڃي ٿو تہ:
هڪ وڻ کان ٻيلو شروع ٿئي ٿو
مرڪ سان خوشيءَ جو آغاز
هٿ، روح کي ٽيڪ ڏئي ٿو
هڪ لفظ سان مقصد جُڙي ٿو
هڪ ميڻ بتي اونداهيءَ کي
ميساري ٿي ڇڏي
هڪ ٽھڪ اداسيءَ کي
فتح ڪري ٿو وٺي،
ڇھاءُ، خيال رکڻ جو ڏانءُ آهي،
هڪ زندگي گهڻو فرق آڻي سگهي ٿي،
پوءِ ان جي شروعات اڄ کان ڇو نہ ڪجي!“.
مان سندس لفظن تي ويساھہ رکندي بہ
سوچيان ٿي تہ هڪ خوبصورت
ڏينھن جيڪو وقت جي هٿن مان
واريءَ جيان ترڪي ويندو آهي
وري ڪڏهن نہ واپس ورڻ لاءِ !

مون توکي چاهيو هو

مون توکي چاهيو هو

جڏهن پنھنجي
ئي وجود جي
ڄاڻ نہ هئي
تہ تنھنجي چاھہ جي
ادراڪ بي مھر موسمن
جي رستن تي نہ ڄاڻ تہ
ڪيترا ڏيئا ٻاريا هئا
۽ جڏهن انھن ڏيئن
دامن جلايو هو
تہ مون کي ڄاڻ پئي هئي
مون توکي چاهيو هو
جڏهن ٻنين ۾
سنگن لھرايو هو
جڏهن چيٽ ۾ ڪنھن
چنگ چوريو هو
گل ڪو هوا جي جهوٽي تي
املتاس جي وڻ مان ڪريو هو
تہ مون کي ڄاڻ پئي هئي
مون توکي چاهيو هو
جڏهن اکيون بادل
۽ لھجو سانوڻ رُت بڻيو هو
ڪنھن واپسي جي رستن
ڏانھن مُڙي الوداع جو
رومال لوڏيو هو
بھار جي لام تي ڪوئل
چاھہ مان ٻوليو هو
جڏهن خالي رستن
قدمن کي سڏيو هو
خاموشيءَ وڇوڙي جي
اداس ڌن تي رقص ڪيو هو
تہ مون کي ڄاڻ پيئي هئي
مون توکي چاهيو هو
جڏهن آئيني ۾ چھرو
لڳو هو اوپرو
۽ مرڪ جي گلابن جي
باسي سڳنڌ هوا ۾ گهُلي هئي
جڏهن لفظن جا چھرا
ٿيا هئا اجنبي
جڏهن سبز پتن پنھنجو
ويس مٽايو هو
۽ ڪنھن مون کان بھار جو ڏس پڇيو هو
تہ مون کي ڄاڻ پئي
مون توکي چاهيو هو.

تنھنجي ياد بہ هاڻ

تنھنجي ياد بہ هاڻ
پرچائڻ لاءِ نہ ٿي اچي!

جيئن پونين تاريخن
جو چنڊ پنھنجي جهڪي
روشنيءَ سميت
ڏيئي جي تيز لاٽ جيان
ٻري وري اُجهامي ويندو آهي
آسمان تان هوريان
پلئہ ڇڏائي رُسي ويندو آهي
ائين منھنجي اکين جي
بي خواب دريچن ۾
تنھنجي ياد جي ڪا لاٽ نہ ٿي ٻري
هاڻ منھنجي اکين کان رُٺل
سمورن سپنن کي نہ ڄاڻ تہ ڇو
تنھنجي ياد پرچائڻ لاءِ نہ ٿي اچي
مان ۽ منھنجون بي خواب اکيون
بي مھر موسمن ۾
روز پنھنجي ڪمري جي
ويران دري کولي
خالي رستن کي نھاريندا رهندا آهيون
خالي رستي تي هاڻ
ڪنھن بہ مهربان قدمن جو ٻيھر
ڪوئي جگنو نہ ٿو جرڪي
هاڻ تہ رستن تي بي نام اُداسي
خزان جي ويران پنن جي
مُھر هڻي ڇڏي آهي
هاڻ جڏهن اکين ۾
ماڪ جا ڪنول ٽڙندا آهن
لبن تي مرڪ جي باسي سُڳنڌ
ڦھلجي ويندي آهي
من ۾ ڪا شيءِ ڀري پوندي آهي
هر منظر ڌنڌ ۾ وڃائجي ويندو آهي
تڏهن تنھنجي ياد جي ٻانھن ۾ بہ
ڪائي پناھہ نہ ملندي آهي!
هاڻ جڏهن سپنن جي در تي
روايت جا پھرا جاڳندا آهن
لبن تي اڪثر مصلحت جي مُھر
لڳل هوندي آهي
زندگي جي گلي ۾ پيل ساهن جي مالا
وکرڻ لڳندي آهي
تڏهن تنھنجي ياد
جي ٻانھن ۾ بہ
ڪائي پناھہ نہ ملندي آهي !

مون کي سُٺو لڳندو آهي

مون کي سُٺو لڳندو آهي

جيئن ڪنول جي
گل تي
ڪو رنگين پوپٽ
ائين منھنجي لبن تي
تنھنجو نالو!

تنھنجي جذبن جي
مڌر موسيقيءَ تي
منھنجي روح جي
بدن جو...
بي خود رقص!

تنھنجي وشال
نيڻن ۾
پنھنجو وڃايل
عڪس پسي
پنھنجي وجود جي
هئڻ جو اعتراف ڪرڻ!

تنھنجي غير موجودگي ۾
تنھنجي خوشبوءِ کي
محسوس ڪندي
۽ هوائن جي
هر کڙڪي تي
پوئتي موٽي نھارڻ
۽ پنھنجي بي وسيء تي
مرڪي پوڻ !
تنھنجي يادن جي شھر ۾
ڀٽڪندي
پياليءَ ۾ چانھن اوتيندي
ڪپ جو ڀرجي
ڇلڪي پوڻ
۽ مھمانن جي سامھون
پنھنجو شرمندہ ٿيڻ!

توکي خاموشيءَ سان تڪڻ
۽ تنھنجي ڌيان تي
تنھنجي چھري تان
اکيون هٽائي
اڻڄاڻ بڻجي وڃڻ!

اعتراف جي تمنا ۾
پنھنجي جذبن جي
اظھار لاءِ
تنھنجي منتظر نگاهن سان
مخاطب ٿي
ڪجهہ چوندي چوندي
موضوع کي بدلائي ڇڏڻ!
تنھنجو ڪجهہ نہ چوڻ
بس رڳو چاھہ مان
مون کي ائين
تڪيندو رهڻ
جيئن اُس جا ڪرڻا
اکين ئي اکين ۾
سورج مُکيءَ کي
چُمندا آهن!

گلاب جو چُونڊو

گلاب جو چُونڊو

پرھہ ڦُٽيءَ سمي سونھن جي
ڇير ڇم ڇم ڪري ٿي
آسمان بہ ڄڻ تہ سرمئي رنگ
جو گيت ڪو ڇيڙي ٿو
سُرن جي برکا هوريان هوريان
وسندي رهي ٿي،
من رباب بڻجي جهومي اُٿي ٿو
هائي وي جي ڪناري کان لنگهندڙ
سندر نارين جون قطارون آهن
رنگ برنگي ڪپڙن ۾ هو
پوپٽ جا پر لڳن ٿيون
هوائن جي ڪتڪتاين، تي کلي پون ٿيون
ڀرسان لنگهندڙ انھن جي ڳچين ۾
ٻڌل چڙن جا سُر فضا ۾ وکري وڃن ٿا
نارين جي هٿن ۾ جهليل لالٽين
طلسماتي ڪرڻا وکيريندي کڙکٻيتي
جيان لڳي ٿي.
گلابن جي سُرهاڻ هوا جي جهوٽي سان
ساهن ۾ سمائجي وڃي ٿي
ماڪ ڀنل زمين ڪر ورائي جاڳي پوي ٿي
ڇوڪريون ڊوڙي فصلن ۾
ٻوٽن مٿان جهڪن ٿيون
سندن سريلا ٽھڪ بانسريءَ جيان
فضائن ۾ ٻري اٿن ٿا
چوڙين جي موسيقي جي ڇڻ ڇڻ ۾
شايد هو گلاب نہ پر ٽارين
منجهان پنھنجا خواب چونڊين ٿيون
هو بہ زندگيءَ جي ٽاريءَ تي
ٽڙندڙ گل جيان آهن.
ٻنھي جا نصيب ساڳيا آهن
گلاب بہ پن پن وکري وڃي ٿو
ڇوڪريون بہ حالتن جي
سختين ۾ مرجهائجي وڃن ٿيون
ٻئي خوبصورت آهن
ٻنھي جا نصيب ساڳيا آهن!

واريءَ جو گهر

واريءَ جو گهر

هوءَ ڪيترن سالن کان پوءِ ملي هئي.
هوءَ جيڪا ڪڏهن گلابن جيان
سرسبز ۽ شاداب لڳندي هئي،
لڳي رهي هئي ڪنھن ويران ۽ زرد پن جيان
اکين جا ديپ بہ
لڳا ٿي اجهاميل
مون کي ڏسي حيران ٿي
۽ پوءِ هوا جي خوشگوار جهوٽي جيان
اچي بيھي رهي ڀر ۾ منھنجي
”ڪيئن آهين؟“پڇيم
جواب ۾ ڦڪي ۽ بي جان مُرڪ
ڪنھن ڪوماڻيل گل جيان
چھري کي سندس ڇھي،
گنڀيرتا جي ڌنڌ ۾ ڪٿي گم ٿي وئي، چيائين؛
”زندگي مون لاءِ رياضيءَ جو
اهڙو سوال ڪو مشڪل وئي آ بڻجي
جنھن کي حل نہ ڪري سگهي آهيان اڄ تائين
بس جيون تہ سفر آهي ڀوڳنائن جو
۽ مان ٿڪجي پئي آهيان اڌ راھہ ۾ ئي
منظر سارا ٿيا هن اجنبي
۽ منزل پائڻ جي ڌن ۾
سپنن جي ساڀيان پٺيان ڊوڙندي
ٿي وئي آهيان پنھنجو پاڻ کان جدا.“
”پر اهو سڀ ٿيو ڪيئن...!؟“
لھجي ۾ منھنجي هئي حيراني.
”تون تہ ڪڏهن سمنڊ جي ڀر ۾ گهلندڙ
هوائن جيان هئينءَ آزاد
جنھن کي ڪڏهن بہ ڪو
جهٽي ناهي سگهيو، چاهڻ جي باوجود ڀي
تنھنجو اڏول لھجو تہ هو ڪنھن
مضبوط ڀت جيان
پوءِ ان ۾ روايتن جون ڏارون
پيون ڪيئن.....؟
ڪيئن خوشين جا رنگ برنگي پوپٽ
ويا تنھنجي هٿن مان اڏامي
۽ ٽِڙي پيا هن
تنھنجي ڳلن تي ڇو
سرنھن جا پيلا گل؟
پنھنجي پسند جي دنيا وسائڻ جي
ڇا هوندي آ ايڏي وڏي سزا!!“
چيائين:
”منھنجو ڏوھہ هو اهو تہ
مون معاشري کان
پنھنجي وجود جي هئڻ جي
پنھنجي وجود کي مڃائڻ لاءِ
الڳ شناخت گهري هئي.
۽ اهو بہ چاهيو هيم تہ
منھنجي ظاهري سونھن
۽ جسماني خوبصورتيءَ تي
منھنجي قابليت
منھنجي ذهانت کي
ترجيح ڏني وڃي.
مان جا ڪڏهن يونيورسٽي جي
”موسٽ ايڪٽو گرل“هيس
سدائين ”وڪٽري اسٽينڊ“ تي بيٺل
ٽرافيون، گولڊ ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ
حاصل ڪندڙ
هڪ مرد جي ڳالھين ۾ اچي
کيس ارپي ڇڏيم
پنھنجا خواب ۽ سمورا آدرش
ياد اٿم شاديءَ کانپوءِ چيو هئائين؛
”جانان! هي پارٽيون، فنڪشن ۽ سڄو سوشل ورڪ ڇا لاءِ؟
نہ ٿو چاهيان تہ رهين مون کان ايترو پري
جاب جي بہ هاڻ
ڪائي ضرورت نہ !
آفيس کان موٽان تہ مون کي
ٿڪل چھرو نہ گهرجي
اُها مرڪ گهرجي جنھن ۾
گلن جي هجي تازگي
۽ ڳالھين ۾ تنھنجي باس جي رويي
۽ آفيس جي مسئلن جو
نہ هجي ڪو ذڪر
بس رات جي راڻيءَ جي هجي سڳنڌ
ٻيو ڪجهہ بہ نہ گهرجي مون کي
تنھنجي موجودگيءَ جي احساس کانسواءِ“
سو بس اچي ويس
سندس ڳالھين ۾
ڏنم ڇڏي سڀ ڪجهہ
۽ ڇڏيم وساري پنھنجو پاڻ
خواب ۽ سمورا آدرش
۽ بڻجي ويس هڪ عام روايتي عورت
جا ڪجهہ بہ نہ هئي
رڳو ماءُ هئي، رڳو زال هئي
اهو سوچي تہ گهر ئي عورت جي اصل ڪائنات!
۽ پيار سندس ڪمزوري.“
ائين چئي هوءَ ڪي پل خالي نظرن سان مون کي تڪيندي رهي.
”پوءِ ڇا ٿيو؟“پڇيم.
چوڻ لڳي: ”سڀ ڪجهہ ڇڏي بہ ڪجهہ نہ حاصل ٿيو.
۽ هو ڏينھون ڏينھن ٿيندو ويو
مون کان پري
۽ مان لڳڻ لڳي هيس کيس
گهر جي پراڻي ۽ بي رنگ فرنيچر جيان
اچڻ لڳو هو تن ڏينھن ۾ هو رات جو دير سان
هڪ ڏينھن چيائين؛
”تنھنجي انفراديت،
تنھنجي ذهانت
وٺي آئي هئي مون کي تو تائين
پر اُها ڳالھہ نہ رهي آهي تو ۾
هڪ ڳالھہ چوڻ چاهيم ٿي
ڇو تہ صاف گوئيءَ جو
آهيان مان قائل
تون ۽ مان ٿي وڃون
الڳ تہ بھتر آ
ڇو تہ منھنجي منزل
تون نہ نازيہ آ
لھجي ۾ سندس آبشارن جي
رواني آهي
۽ هوءَ بھارن جي خوشگوار
جهوٽي سمان آهي
منھنجي جيون کي
جنھن بخشي ڇڏي آ
هڪ نئين تازگي، هڪ نئين خوشي
هوءَ ”موسٽ ايڪٽو گرل آهي
منھنجي خوابن جي منزل آهي
خوشبو آهي روشنين جو ساگر آهي.
جنھن بنا
هيءَ زندگي منھنجي ڏاڍي
اڌوري آهي“.
ٻڌي اهو سڀ ڪجهہ ٿي ويس
پٿر جيان بي جان مان
۽ تڪڻ لڳي هيس کيس
حيرت منجهان
اکين ۾ سندس پيار جي
ڪا ريکا نہ هئي
۽ چھرو بہ لڳو ٿي اوپرو اوپرو
تڏهن ٿيو هو احساس
تہ هڪ ئي ڇت هيٺان
هڪئي گهر ۾
ڪيڏا نہ هئا فاصلا هن ۽ مون ۾
هو منھنجو ٿي بہ منھنجو نہ هو
پيار تہ بس واريءَ جو گهر هو
تڏهن ڄاتو هيم
مرد جي فطرت کي
هو تہ آهي سدائين منتظر
ڪنھن نئينءَ دنيا جو
پيار محبت ناهي ڪجهہ بہ هن لاءِ
پريت تہ آهي، ڄڻ ڪو کيل هن لاءِ
چڙهندڙ سج جو پوڄاري آهي.
وفا مان هو ڇا ڄاڻي!
خبر اٿئي تہ هن جديد دور ۾
ڇا هي محبت جو مفھوم؟
ڊائننگ ٽيبل کان
بيڊروم تائين جو مختصر سفر
دوکي، فريب ۽ منافقت جي رهگذر
جتي هجي رڳو جفا جو ذڪر
اُتي ڇو اڏجي
سپنن جو ڪاڪ محل !
پر ڄاتم اهو ڏاڍي دير سان
بس منھنجو ڏوھہ هو اهو تہ
مون معاشري کان
پنھنجي وجود کي هئڻ
پنھنجي وجود کي مڃائڻ لاءِ
الڳ شناخت گهري هئي.
پر عورت جي شناخت
مرد جي رضامنديءَ جي
مھر جي هوندي آ منتظر
مان جسم ناهيان رڳو
روح بہ آ مون وٽ
ڪير تہ ڳولھي ان کي
ڪير تہ پھچي ان تائين.“
ائين چئي وئي هلي هوءَ
۽ ڇڏي وئي پٺيان
سڄي معاشري لاءِ انيڪ سوال!...؟؟؟

بئڪ ٽائيٽل

شبنم گل اها شاعرہ آهي، جنھن ۾ هن مرد جي غلبہ آور سماج جي خلاف ٻڙڪ ٻاڦڻ جي همت آهي، هن جا نثري نظم "مصلحت" ۽ "خاموشي" خوبصورت آهن. شبنم جو نثري نظم "خاموشي" برصغير ۾ جديد نظم جي صنف ۾ جاءِ والاري سگهي ٿو.

- شيخ اياز

شبنم گل سوکيم ڀاونائن، نرم احساس ۽ ڪومل جذبن جي شاعرا آهي، "هر موسم نہ ڄاڻ ڇو اُداسيءَ جي موسم آ" نظم ان جو مثال آهي. سِٽنَ جو پاڻ ۾ اهڙو تہ سَٽل آهي، جو انھن کي ڌار ڪرڻ اڻ ٿيئئي آهي. اهو پورو نظم پڙهڻ ۽ ماڻڻ جھڙو آهي. شبنم گل جا گهڻو ڪري نظم تخليقي تجربي جي اوڄي تي اُڻيل آهن. انھن مان ڪن ۾ اُداسيءَ جي ڌنڌ آهي، مُنڍ کان پڇاڙي تائين، جيڪا ڪٿي بہ نہ ئي ڇڄي تہ ڪن ۾ درد جي لھر آهي. شبنم گل هڪ آشا واري شاعرا آهي. ٿورن لفظن ۾ گهڻي گَھري ڳالھہ ڪرڻ جي هنر کي شاعرہ چئجي ٿو، شبنم گل جو نظم "اميد" ان جي مثال آهي. "درد جي لئہ" ۾ غزل، هائيڪو ۽ وائيءَ جون صنفون بہ آهن. شبنم گل جو نثري نظم کان غزل، هائيڪو ۽ وائيءَ جھڙين پابند صنفن ڏانهن لاڙو، هڪ سُٺو سَنوڻ آهي.

- امداد حسيني

جديد سنڌي شاعري ۾ شبنم گل هڪ ممتاز حيثيت رکي ٿي. "درد جي لئہ" ۾ ڏنل شاعري حساس، درد ۽ دردمندي جي حامل آهي. هن مجموعي ۾ شاعرا سنڌي ڪلاسڪي صنف وائي، غزل، نظم ۽ هائيڪو جي صنف کي ڪاميابيءَ سان اظھار جو ذريعو بڻايو آهي. وائيءَ جي ڪلاسيڪي صنف کي شبنم گل خوب نڀايو آهي ۽ غزل جا ڪامياب تجربا ڪيا اٿس. سھل ممتنع يعني گھري ڳالھہ مختصر لفظن ۾ چوڻ لاڙو اردو شاعري ۾ عام آهي. پر شبنم گل جنھن طريقي سان اهو انداز نڀايو آهي، اُهو پنھنجي مثال پاڻ آهي. "درد جي لئہ" جو مطالعو ڪندي قاري خوشگوار حسرتن منجهان لنگهي ٿو. اهو منفرد تجربو اهڙو آهي، جيئن مون کي شيخ اياز جي شعرن جو پنجابي ۾ ترجمو ڪرڻ وقت ٿيو هو. ان اعتبار سان شبنم جي شاعري، ڪمند جي فصل جيان، شيخ اياز جي شاعريءَ جو تسلسل آهي.

- احمد سليم