خواب مرندا ناھن
نور راھوجي جي ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي ترقي پسند، محب وطن ۽ اورچ سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن جي تخليقي ثمر سان لکيل ڪھاڻيون شامل آھن. انھن ڪھاڻين ۾ سنڌ جا سياسي، سماجي مسئلا، سنڌ سان ٿيندڙ سياسي ناانصافيون، شاگردن جا مسئلا، تعليم جا مسئلا ۽ ليکڪ جي علمي، ادبي ۽ سياسي سفر ۾ ايندڙ مشڪلاتن جو عڪس شامل آھي. ھن ڪتاب ۾ ڊڪٽيٽر ضياءالحق جي مارشلا واري دور کان موجودہ دور تائين جي سياسي تاريخ، فڪشن جي روپ ۾ بيان ڪيل آھي.