ٻاراڻو ادب

پوپٽ رنگ رنگيلا

ھن ڪتاب ۾ شامل هر نظم ۾ هڪڙو خوبصورت پيغام سمايل آهي. هن ڪتاب ۾ تمام سڀاويڪ انداز ۾ ٻارن کي علم پرائڻ، وڏن جي عزت ۽ ننڍن سان پيار ڪرڻ، ساهوارن تي ڪھل ۽ قياس ڪرڻ جھڙا اخلاقي نُڪتا سيکاريا ۽ سمجهايا ويا آهن.  هنن نظمن / گيتن ذريعي ٻارڙن کي وندر ۽ تفريح سان گڏوگڏ معلومات جا موتي ۽ ڪارائتا نڪتا سمجهايا ويا آهن.  اميد آهي تہ هي ڪتاب ٻارن جي لاءِ دلچسپيءَ ۽ وندرَ سان گڏ سندن ذهني تربيت ۾ پڻ ضرور ڀاڱي ڀائيوار ٿيندو.

  • 4.5/5.0
  • 31
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book پوپٽ رنگ رنگيلا

سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو ڪتاب نمبر 191

پوپٽ رنگ رنگيلا
شاعر: وفا مولا بخش
ڇاپو: پھريون، سيپٽمبر 2013ع
تعداد: 1000
قيمت: /= 100روپيا

ISBN 978-969-9098-98-7

Popat Rang Rangeela
Poet: Wafa Mola Bux
Edition: First
Year: September 2013
Quantity: 1000
Price: 100/-
Composing: M. Ibrahim Qambrani
Layout: Asadullah Bhutto
Sketches: Rabela Abro
Title: M. Ramzan Turk
Published by: Taj Joyo, Secretary,
Sindhi Language Authority
National Highway, Hyderabad, Sindh, 71000, Pakistan.
Tel: 022-9240050-3
Fax: 022-9240051
E-mail: sindhila@yahoo.com
Website: www.sindhila.org
Printed by: Pakeeza Printers, Hyderabad.

هيءُ ڪتاب، تاج جويي، سيڪريٽري، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، ميشرس پاڪيزہ پرنٽرس حيدرآباد مان ڇپرائي، اداري جي آفيس، نيشنل هاءِ وي، حيدرآباد، سنڌ مان پڌرو ڪيو.

ارپنا

پنھنجي علمي ۽ ادبي استاد
محترم اسرار ’شام‘
جي نالي

- ’وفا‘ مولابخش


سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران وفا مولا بخش جي ٻاراڻي شاعريءَ جو مجموعو ”پوپٽ رنگ رنگيلا“ اوھان اڳيان پيش آهي.
ھن ڪتاب ۾ شامل هر نظم ۾ هڪڙو خوبصورت پيغام سمايل آهي. هن ڪتاب ۾ تمام سڀاويڪ انداز ۾ ٻارن کي علم پرائڻ، وڏن جي عزت ۽ ننڍن سان پيار ڪرڻ، ساهوارن تي ڪھل ۽ قياس ڪرڻ جھڙا اخلاقي نُڪتا سيکاريا ۽ سمجهايا ويا آهن. هنن نظمن / گيتن ذريعي ٻارڙن کي وندر ۽ تفريح سان گڏوگڏ معلومات جا موتي ۽ ڪارائتا نڪتا سمجهايا ويا آهن. اميد آهي تہ هي ڪتاب ٻارن جي لاءِ دلچسپيءَ ۽ وندرَ سان گڏ سندن ذهني تربيت ۾ پڻ ضرور ڀاڱي ڀائيوار ٿيندو.
ھي ڪتاب 2013ع ۾ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون وفا مولا بخش جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ناشر نوٽ

’وفا‘ مولابخش سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي چند تمام قابل نوجوانن مان هڪ آهي، جنھن جي ٻولي ۽ شاعريءَ جو هڪ فطري انداز آهي، جيڪو وڏن کي تہ وڻي ٿو، پر ننڍڙن ٻارن کي بہ ضرور موهيندو. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ٻارن جي ادب جي ترقي ۽ ترويج لاءِ ٺھيل پراجيڪٽ ۾ جتي ٻيا ڪتاب ڇپايا ويا آهن، اتي هيءُ ڪتاب پڻ شايع ڪري رهيا آهيون، جنھن جي هر نظم ۾ هڪڙو خوبصورت پيغام سمايل آهي. هن ڪتاب ۾ تمام سڀاويڪ انداز ۾ ٻارن کي علم پرائڻ، وڏن جي عزت ۽ ننڍن سان پيار ڪرڻ، ساهوارن تي ڪھل ۽ قياس ڪرڻ جھڙا اخلاقي نُڪتا سيکاريا ۽ سمجهايا ويا آهن. هن ڪتاب جا ڪيترا نظم درسي ڪتابن ۾ شامل ڪرڻ جھڙا آهن. اسان کي اميد آهي تہ هي ڪتاب ٻارن جي لاءِ دلچسپيءَ ۽ وندرَ سان گڏوگڏ سندن ذهني تربيت ۾ بہ ضرور ڀاڱي ڀائيوار ٿيندو.


ڊاڪٽر فھميدہ حسين
چيئرپرسن

پنھنجي پاران

ڪنھن بہ ٻوليءَ جي ادب ۾ ٻاراڻو ادب پيڙھہ جي پٿر واري حيثيت رکي ٿو. ٻاراڻي ادب جا پڙهندڙ ٻار ئي اڳتي هلي تخليقي ۽ معياري ادب جا وڏا نالا بڻجندا آهن. ٻاراڻو ادب ٻارڙن جي ذهني وندر ۽ اوسر جو هڪ اهم ذريعو آهي. ترقي يافتہ ملڪن ۾ ٻارن جي عمر ۽ ذهني سطح کي سامھون رکي درجابنديءَ واري اصول تحت ٻارڙن لاءِ ادب تخليق ڪيو ويندو آهي، جنھن ۾ تفريح سان گڏوگڏ معلوماتي مواد پڻ مھيا ڪيو ويندو آهي تہ جيئن ٻار دلچسپيءَ سان بنيادي تعليم جي سکيا وارو مرحلو مڪمل ڪري سگهن ۽ ان مقصد جي حاصلات لاءِ انھن ملڪن جا وڏا وڏا ليکڪ، وقت ڪڍي ٻارڙن لاءِ ادب تخليق ڪندا آهن ۽ پنھنجي ان ڪم تي فخر محسوس ڪندا آهن، پر هتي اسان وٽ صورتحال بنھہ مختلف آهي، هڪ طرف اسان جا وڏا ليکڪ نہ رڳو ٻارڙن لاءِ ادب تخليق ڪرڻ کان لنوائن ٿا، پر ان کي غير اهم سمجهي نظرانداز پڻ ڪندا رهيا آهن. سواءِ ڪجهہ ليکڪن جي، جن ٻارڙن لاءِ ٿورو گهڻو لکيو بہ آهي تہ اهو درسي ڪتابن جي ضرورتن تحت ئي لکيو آهي. تنھنڪري سندن تحريرن جو تعداد ڪو گهڻو نہ آهي، ٻئي طرف سرڪاري سطح تي پڻ ٻاراڻي ادب جي ترقيءَ لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ نہ ورتا ويا آهن. جيتوڻيڪ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ان سلسلي ۾ پنھنجي وسيلن آهر ڪم ڪيو آهي. پر سرڪاري سطح تي اڃا تائين ڪا مڪمل اهڙي اڪيڊمي جڙي نہ سگهي آهي، جيڪا خالص ٻارڙن جي ادب جي ترقيءَ لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهي، جنھن جي بنياد تي ڪا دعويٰ ڪري سگهجي سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارڙن جي ادب جو مستقبل هاڻي روشن آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارڙن لاءِ ادب جا تخليقيڪار گهڻو ڪري ٻار ئي رهيا آهن، جن نہ رڳو ٻارڙن لاءِ ادب تخليق ڪيو آهي، پر رسالن ۽ ڪتابي سلسلن جي اشاعت وارو اهم ڪم پڻ پنھنجي ڪمزور ڪلھن تي پئي کنيو آهي ۽ نتيجي ۾ انھن رسالن ۽ ڪتابي سلسلن مان ڪيترائي اهڙا نوجوان اڳتي نڪري آيا آهن، جيڪي اڄ سنڌي ادب جي آسمان جا روشن ستارا آهن، پر جيئن هُو وڏا ٿيا تہ افسوس جو انھن ٻارن لاءِ لکڻ ڇڏي ڏنو.
ننڍپڻ ۾ روز رات جو سمھڻ کان اڳ ماسيءَ کان جنن، ديون، پرين ۽ شھزادن جون آکاڻيون ٻڌڻ سبب ڪتابن پڙهڻ جو شوق اندر ۾ ڪرموڙڻ لڳندو هو ۽ ان شوق کي هٿي تڏهن ملي جڏهن 1993ع ۾ سنڌي ٻارڙا پبلڪيشنس جو سرواڻ سائين اسرار شام اسان جي ڳوٺ ڀينڊو شريف جي مڊل اسڪول ۾ ڊرائنگ جو استاد بڻجي آيو، جنھن نہ رڳو درسي ڪتابن پڙهڻ جو مون ۾ شوق پيدا ڪيو، پر گڏوگڏ ادبي ڪتابن پڙهڻ جي ترغيب پڻ ڏني. گل ڦل ۽ سنڌي ٻارڙا رسالا هر مھيني خريد ڪري اچي اسان کي پڙهائيندو هو. انھن رسالن جي مطالعي نہ رڳو وڌيڪ ڪتابن پڙهڻ لکڻ جو چاھہ پيدا ڪيو، پر ان جي نتيجي ۾ ڪچا ڦڪا شعر لکڻ شروع ڪيم، جيڪو سلسلو تا حال جاري آهي.
ٻار ڪائنات جي سونھن آهن ۽ سندن مرڪون ۽ معصوم شرارتون مايوس چھرن تي بہ مرڪون وکيري ڇڏينديون آهن. هن مجموعي ۾ شامل سمورا نظم/ گيت منھنجي ٻارڙن ۽ ٻارڙن جي ادب سان بيحد محبت جو نتيجو آهن. هي ڪتاب لکڻ وقت مون ڪوشش ڪري موضوع اهڙا کنيا آهن، جيڪي ٻارڙن جي روزمرہ واري زندگيءَ جي گهڻو ويجهو آهن. هنن نظمن / گيتن ذريعي مون ٻارڙن کي وندر ۽ تفريح سان گڏوگڏ معلومات جا موتي ۽ ڪارائتا نڪتا سمجهايا آهن. آءٌ پنھنجي ان ڪوشش ۾ ڪيترو ڪامياب ويو آهيان، اهو اوهان پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي، جيڪڏهن ڪو هڪ ٻار بہ هن ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ ڪو هڪ نظم/ گيت پسند ڪندو ۽ ان کي بر زبان جهونگاريندو تہ اها آءٌ پنھنجي وڏي ڪاميابي سمجهندس.
آءٌ ٿورائتو آهيان پنھنجي شاعر استاد سائين آسي زمينيءَ جو، جنھن وقت ڪڍي منھنجي شاعريءَ تي اصلاحي نظر وڌي. قرب سائين قلندر شاھہ لڪياريءَ جا، جنھن پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميمبر ۽ ماهر جي حيثيت ۾ هن ڪتاب جي اشاعت جي منظوري ڏني. مھربانيون سائين نصير مرزا ۽ ادل سومري صاحب جون، جن ڪتاب جو مھاڳ ۽ بيڪ ٽائيٽل لاءِ سٽون لکيون. هن ڪتاب جا اسڪيچ ادي رابيلا ابڙو ٺاهيا، جڏهن تہ ٽائيٽل ڪئليگرافي سائين هرجي لال ڪئي، انھن جا تمام گهڻا ٿورا. ٿورا اسد ڀُٽي جا، جنھن ڪتاب جو خوبصورت لي آئوٽ ڊزائين ڪيو. خاص مھربانيون سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فھميدہ حسين، سيڪريٽري سائين تاج جويو، ڊائريڪٽر پبليڪيشن سائين امين لغاري، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايڊمن ۽ اڳوڻي پبليڪيشن آفيسر خالد آزاد، پبليڪيشن آفيسر خان محمد جروار جون، جن ذاتي دلچسپي وٺي هن ڪتاب جي اشاعت کي ممڪن بڻايو.


’وفا‘ مولا بخش

مھاڳ

ٻارڙن تان ٻلھار ٿيندڙ شاعر، محمد صديق مسافر قنبراڻي، ٽنڊي باگي ڄائو هو، جنھن جي منھنجي ڏاڏا سائين قليچ بيگ سان ڏاڍي ڪا قربت هئي، جنھن سبب پوءِ پاڻ مٿن هڪڙو ڪتاب بہ لکيو هئائون: ”قُربِ قليچ“، اجهو وري ٻاراڻن گيت جي هِن ڪتاب جو قنبراڻي مصنف، نالي ’وفا‘ مولا بخش وري، ڀينڊي شريف ڄائو آهي ۽ ان قنبراڻي قلمڪار کي وري قليچ صاحب جي هِن پوٽي، يعني ناچيز نصير سان بيحد ئي اُنسيت آهي. يعني مرزائن سان قنبراڻين جي قربت جو جيڪو سلسلو هلندڙ هو، اُهو ماضي تا حال اڄ بہ مسلسل ۽ جاري و ساري آهي. اصل ۾ ڏٺو وڃي تہ هي جيڪو قنبراڻي قبيلو آهي، انھن منجهان اسان جي شھيد هوش محمد وٽ تہ، ”جنگي حڪمت عملي“ ۽ سنڌ جي دفاع لاءِ هٿ ۾ تلوار ۽ چپن تي ”مرسون مرسون، سنڌ نہ ڏيسون“ جو نعرو هو، پر کائنس پوءِ جيڪي ٻيا ”قنبراڻي“ ظاهر ٿيا، جيئن مثال طور سائين محمد صديق مسافر، سائين ولي محمد طاهرزادو، شاعر نظير ٽکڙائي يا هاڻي هي پيارو ’وفا‘ مولا بخش...وغيرہ انھن قنبراڻي قلمڪارن وري ادب جي ميدان ۾ اهڙا کڻي ڪنؤتل ڪُڏايا آهن، جو ڇا چئجي؟ مٿان عجب اتفاق تہ انھن قنبراڻي ليکڪن منجهان...ٻن قلمڪارن ”بابا سائين محمد صديق مسافر“ ۽ اسان جي هن ”وفا مولا بخش“ وري، ٻارڙن جي شاعريءَ لاءِ جھڙوڪر پنھنجي قلم کي وقف ئي ڪري ڇڏيو آهي. اَڇا! قنبراڻي قلمڪارن ۽ ٻارن بابت اِنھن ليکڪن جي لکڻين بابت ڪجهہ لکڻ کان پھرين ڪھڙو حرج آهي، جيڪڏهن هن ناچيز وٽان اهو بہ آگاھہ ٿيندا هلو تہ خدا جي پياري نبيءَ جي فرزند ارجمند ننڍڙي حضرت ابراهيم جي والدہ ماجدہ بيبي ماريہ قِبطيہ جو تعلق بہ، ان ئي حبشي قبيلي سان هو، ۽ جتان جا پوءِ آفريڪي حبشي سنڌ وطن ۾ اچي پاڻ کي پوءِ قنبراڻي سڏرائڻ لڳا هئا. پر هي هتي آءٌ ’وفا‘ مولا بخش جي ”رنگ رنگيلن پوپٽن“ تي لکڻ جي بدران الائجي تہ ڪيڏانھن نڪري پيو وڃان. سو موٽي هاڻي ’وفا‘ مولا بخش جي هن مسودي تي ٿو اچان. اڙي واھہ ... سبحان ﷲ.. اجهو ’وفا‘ مولا بخش جِي لکيل هيءَ پھرين ئي سِٽَ ڇا تہ املھہ آهي.
اُڀُ آسمان جوڙيو، تو ئي تہ آ خدايا!
سارو جھان جوڙيو، تو ئي تہ آ خدايا!

۽ اڙي بابا... سچ پڇو، تہ ٻارڙن لاءِ ’وفا‘ جي لکيل انھن سٽن کي ڍار سان ۽ سُر ۾ پڙهندي پڙهندي مون کي اهڙو ئي لطف پئي آيو، جھڙو ننڍپڻ ۾ قليچ صاحب جي حمد: ”الاهي ڪرم ڪر اسان تي قراري“ يا بيوس سائين جي مناجات : ”جوڙيا سائين سڀ جنسار“ کي پڙهندي محسوس ٿيو هو. ۽ ان کان سواءِ جيتري قدر ان حمد ۾ معلومات جي ڳالھہ آهي... تہ ٻارن کي نيري آڪاس جا هڪ ئي هنڌ جھڙوڪر ٻہ نالا بہ معلوم ٿي ٿا وڃن. يعني هڪڙو تہ ”اُڀ“ ۽ ٻيو نالو ”آسمان.“ ۽ ان کان پوءِ مولا بخش هي جيڪا ”اونداهيءَ ۾ نُورَ جھڙي“ روشن سِٽَ لکي آهي تہ اُن منجهان وري ٻار جي تصور ۾ يڪدم ئي، اها ڳالھہ چِٽي ٿي بيھي ٿي تہ. هن ڪائنات جو خلقڻھار... خود بہ سراپا روشني ئي روشني آهي، پر انھيءَ حمد جو حاصل شعر تہ اڃا ئي ٻيو آهي ۽ اهو ڪائنات ۾ انسان جي هستيءَ بابت آهي ۽ مولا بخش ان بابت اسان کي هن ريت آگاھہ ڪيو آهي تہ:
احسان تنھنجو آهي جِن و مَلڪ کان اعليٰ،
ماڻھو ’مھان‘ جوڙيو، تو ئي تہ آ خدايا.

هاڻي اها ڳالھہ تہ ظاهر آهي تہ مسلمان هئڻ ڪري اسان جو ايمان آهي تہ اسان جو نبي پاڪ صہ :سمورن نبين جو سردار آهي. ’وفا‘... نھايت ئي اختصار سان ٻارن کي هي ڏس ڪيئن نہ جهٽ ۾ ڏئي ۽ سمجهائي ويو آهي تہ:
مِڙن کان مٿانھان، مديني جا سائين!
اسان تي عنايت ڪرين تون سدائين.

... ۽ هاڻي هتي آءٌ ٻارن جي لاءِ لکجندڙ يا ڪئي ويندڙ شاعريءَ جي هڪ اهم ڳُڻ تي روشني وجهڻ ٿو چاهيان ۽ ٻڌائڻ ٿو چاهيان... تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکجندڙ ٻاراڻن ٻولن جا جيڪي جيڪي بہ مثالي ۽ روان دوان رِدم يا ترنم آهن، اُهي آهن. ”واھہ ڙي تارا گول تارا“، ”مٺڙا گهوڙا اوري آءُ“، ”آءُ تہ لاٽونئڙو ڦيرايون“، ”جو ٿو ٿڌڙا مينھن وسائي“، ”ننڍڙا مٺڙا سھڻا ٻار“ ۽ آءٌ ڀانئيان تہ اهڙن سُرن ۽ ردمن تي آڌارڪ، جوڙيل گيتَ نظم، ٻار جڏهن جهومي جهومي پڙهندا آهن تہ انھن کي اهڙو ئي لطف ايندو آهي، جھڙو لُطف، هنن کي چَٽڻين، ڇولن، کنڊ ڀڳڙن ۽ پشم گولن وغيرہ کائڻ دوران ايندو هوندو. اجهو اهڙن اڳوڻن ٻاراڻن ٻولن کي تصور ۾ آڻي، هاڻي وفا جا هي گيت ۽ نظم جو پڙهڻ ويٺس تہ ڀاسيم، ’وفا‘ مولابخش جي ’تخيُل‘، ۽ سڀاءَ ۾ بہ اهڙي ئي سرلتا سمايل آهي، يعني قدرتي رواني، سَھج، سَڀاءُ ردم ۽ نھايت ئي ٿورڙن لفظن ۾ گهڻو ڪجهہ چئي ڏيکارڻ جي صلاحيت. مثال طور: وفا هنن سٽن ۾ ڏسو ساڻيھہ سنڌ بابت نھايت اختصار سان ڪيڏو نہ گهڻو ڪجهہ چئي ويو آهي:
ڀيڄ ڀٽائي، سچل سائين،
جيئي منھنجي سنڌ سدائين.

۽ ائين ئي موسيقيت سان معمور وفا جون هي ڪي ٻيون سٽون بہ... واھہ واه... سبحان ﷲ!
پڙهڻ لکڻ ٿو چاهيان آئون،
آتو علم لئہ آهيان آئون،
علم ادب جي واٽ وٺاءِ،
مالڪ! منھنجو علم وڌاءِ.

۽ ڪيڏا نہ چُست ۽ ڦٻِي بيٺل قافيا آهن، اِنھيءَ مٿئين نظم جا، ۽ سچ پڇو تہ هي نظم مون بہ بلڪل ائين ئي ڍار ۽ جِهيل سان پڙهيو آهي، جيئن ڪوئي اسڪولي ٻار اُن کي هاڻي ان شاء ﷲ پڙهندو.
۽ هاڻي هتي... وفا جو هي ٻيو نظم ”سنڌي ٽوپيءَ وارا ٻالڪ“ ڏسو، ۽ اهو نظم جنھن وقت مون پڙهيو پئي تہ اهو مون کي ائين ئي وڻندڙ لڳو، جيترو ننڍپڻ ۾”هل تہ ڀنڀوري ڀُڻون بازار“ يا ”اچو تہ ننڍڙي ريل هلايون“نظم پڙهي مزو آيو هو ۽ ڇا تہ رواني آهي، وفا جي انھيءَ نظم ۾:
پيارا پيارا پيارا ٻالڪ،
سنڌي ٽوپي وارا ٻالڪ.

اجهو وفا جي نظم ”موٽرڪار“ بابت ڪجهہ پڙهڻ کان پھرين هاڻي مون وٽان آگاھہ ٿيو تہ ... ”هي جڏهن اسين ننڍڙا پتڪڙا هوندا هئاسين، تڏهن ڪلاس روم ۾ اڇا ڪارا دوست هڪ ٻئي جي رنگ روپ تي هيئن پيا جملا هڻندا هئاسين: ’اڇڙو، ڪڪڙ جو ٻچڙو.‘- ’ڪارو الھہ جو پيارو‘ ۽ مون کي ياد آهي تہ جيئن تہ سائين محمد صديق مسافر بہ رنگ جو ”پڪو“ هو ۽ هن بہ پنھنجن ٻاراڻن نظمن ۾ ڪاري رنگ جو تذڪرو ڪيو آهي، سو ان پَـــرِ کي پاريندي، اسان جي هن ”وفا قنبراڻيءَ“ بہ ڪاري رنگ جي ذڪر ۽ واکاڻ کان مُنھن ناهي موڙيو. ڏسو ڪيڏي نہ حُب ۽ سِڪ منجهان ٻارن کي ٻڌائي پيو تہ:
گاڏي رنگ جي ڪاري آهي.
دل کي ڏاڍي پياري آهي.
ڦيرا پائي ڏسان هر وار،
آندي بابي موٽر ڪار.

ائين ٻالڪن جي هن شاعر ”وفا“ کي ٻلي بہ وري ان ئي رنگ جي پسند آهي. جِي ها! ڪاري رنگ جي:
آئي آئي ڪاري ٻلڙي،
ڪاري ڪاري پياري ٻلڙي.

نظم: ”ننڍڙا ٻار“ ۾ وفا جون هي سِٽون بہ ٻارن ۾ پڪ سان تہ وڏو اتساھہ ڀرينديون:
توکي دل سان پڙهڻو آهي،
بھتر ماڻھو ٿيڻو آهي.
تنھن لئہ ڪوشش ڪر تون يار،
جلدي ٿي اسڪول تيار.

هاڻي وفا جا ٻيا دلچسپ نظم ”ڪِڪڙو“، ”ٽيليفون“ ”هاري“ ۽ ”ڪبوتر“... تہ بس ان نظم ”ڪبوتر“ ۾ تہ هُو ڄڻ... ٿورن لفظن ۾ ٻارن کي گهڻو ئي پيو ٻڌائي تہ:
آھہ ڪبوتر امن علامت،
شال رهي هيءَ سنڌ سلامت!

وري پکين ۾ هي سائي مرچ ۽ ڪَڙي ڪَريلي ۽ زيتون کي دلچسپي سان ٽُڪڻ جو شوق رکندڙ پکي: ”طوطو“ ۽ اڙي بابا! اِهو پکي تہ رڳو ٻارن کي ئي ڇا؟ گهرَ جي پوڙهين پڪيُن کي بہ ڪيڏو نہ پيو وڻندو آهي، ۽ سڄو ڏينھن هن جي آڏو پٽي ويٺيون پڙهنديون آهن تہ: مِٺُو پُٽ ٻول.... مِٺُو ٻول- پٽ ٻول!! گويا اهو مِٺو گهر ۾ ڄڻ سندن وندر جو وڏو وسيلو بہ بڻيل هوندو آهي. اسان جي ”وفا“ ان پکيءَ کي هي ڏسو ڪيڏي نہ محبت سان واکاڻيو آهي:
ساون کنڀن وارو طوطو،
روپن رنگن وارو طوطو.

خير اِها واکاڻ تہ ٿي پنھنجي جاءِ تي... جو ان نظم ۾، اهم ڳالھہ تہ اڃا ئي ٻي آهي ۽ اها هيءَ معلومات... تہ ”طوطو پکي“ جنھن هنڌ تي رهڻ لاءِ جاءِ جوڙيندو آهي، اُن جو نالو ئي نرالو آهي... ڪھڙو؟ ۽ اِهو وفا جي طوطي صاحب جي نظم ۾ هي اجهو پاڻ پڙهو:
پورَ ۾ ٺاهي آکيرو،
ڪڏهن ڪين رکي ميرو.

يعني، هتي پتو پيو تہ ”طوطِي صاحبہ“. ڪنھن وڻ جي ٽاريءَ تي ڪکن وارو ڪو آکيرو نہ .... پر انب يا اهڙي ڪنھن ٻئي پراڻي وڻ جي ٿُڙَ ۾ جيڪو ”پورُ“ يا ان ۾ اندر جيڪو ننڍڙو خال هوندو آهي. ان ۾ هُوءَ رهڻ ۽ آنا لاهڻ... وڌيڪ پسند ڪندي آهي. ائين وفا جو نظم ”داڳ ڀت“ بہ ... سچ پڇو تہ ”داڳ ڀت“ وانگر ئي ذائقيدار آهي ۽ بلڪل ڪنھن نئين موضوع تي لکيل محسوس ٿيو اٿم. ۽ ڀانئيان ٿو تہ اهڙي موضوع تي لکيل اهڙو ڪوئي ٻال- گيت مون اڳي شايد ئي ڪڏهن ڪٿي پڙهيو هوندو. اجهو ان نظم جون هي سِٽون بہ ڇا تہ مزيدار آهن:
پنھنجو يارو ڀاڳ ڀلو آ،
امڙ داڳي ڀت رڌو آ،
ڀت ۾ کيرُ ملائينداسين،
گڏجي سڀ پوءِ کائينداسين.

۽ ”وفا“ پنھنجي نظم ”سنڌ ميوزيم“ ۾، مستقبل جي ٻار کي هي جيڪو نئون اطلاع ڏنو آهي، اهو بہ بابا... وڏي ئي جس جوڳو آهي:
ظفر ڪاظميءَ جو آ جوڙيل،
جهنڊو ثقافت جو ڄڻ کوڙيل،

۽ هاڻي... هن ”مھاڳ“ جي آخري ڳالھہ، تہ دنيا اندر نياڻين کي تعليم ڏيارڻ جو شعور جيتوڻيڪ تہ ٽين دنيا (ٿرڊ ورلڊ) جي ملڪن ۽ شھرن ۾ تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، پر ”سوات“ ۾ ملالا يوسف زئي واري ڏکوئيندڙ سانحي کان پوءِ، پوئتي پيل علائقن ۾... هاڻي تہ جام اهڙا خدشا پيدا ٿي چڪا آهن تہ روايتي سماج ۾ رهندڙ مردَ...پنھنجي نياڻين کي تعليم يافتہ ڪرڻ جي ڏِسَ ۾ اڃا بہ پُراڻن خيالن وارا آهن، سو اهڙن والدين کي ڪنھن باشعور ڀاءُ جي پاران مائٽن کي ڏنل ”وفا“ جو هي سنيھو بہ... ڪيڏو نہ وقتائتو پيو معلوم ٿئي:
امان! ڀيڻ کي پڻ اجازت ڏيو
پڙهڻ ٿي هوءَ چاهي رڪاوٽ نہ ٿيو.

۽ پيارا پڙهندڙؤ! هنن پيارن پيارن ۽ وڻندڙ نظمن جو نوجوان شاعر... يعني ’وفا‘ مولا بخش... مون کي فخر آهي تہ... منھنجي ذاتي دوستن منجهان آهي ۽ گڏوگڏ ڏاڍو سنجيدي سڀاءَ وارو ۽ بيحد پختو شاعر پڻ! ۽ اِن حيثيت سان پاڻ جيڪي جيڪي بہ رسيلا سُريلا روان دوان، نصيحت ڀريا، مزيدار مزيدار ۽ جهٽ ۾ نازڪ ۽ معصوم چپڙن تي چڙهي ايندڙ، هن جيڪي جيڪي بہ گيت لِکيا ۽ نظم سِرجيا آهن، انھن تي کيس جَسُ ڏيندي آخر ۾ هتي صرف آءٌ هي ئي ٿو چوڻ چاهيانس:
دادُ اسان کان- وٺندو رھہ ادا،
ھہڙا گيتَ- لکندو رھہ وفا!


نصير مرزا
حيدرآباد
2012. 10. 17

شاعري

---

حمد

اُڀ- آسمانُ جوڙيو! تو ئي تہ آ خدايا!
سارو جھان جوڙيو، تو ئي تہ آ خدايا!

اوندھہ ۾ نُور پَکڙيو، ٿِي دُور وِيو انڌيرو،
ڪامِل قُرآنُ جوڙيو، تو ئي تہ آ خدايا!

احسانُ تُنھنجو آهي، جِن و مَلڪ کان اعليٰ،
ماڻھو مھانُ جوڙيو، تو ئي تہ آ خدايا!

ڪنھن کي مجال آهي، توسان ڪُلھو مِلائي،
ڪونَ و مَڪانُ جوڙيو، تو ئي تہ آ خدايا!

تُنھنجي ثَنا لِکڻ جي، طاقت ’وفا‘ کي ناهي،
نالو نشانُ جوڙيو، تو ئي تہ آ خدايا!

نعت

مِڙن کان مٿانھان مديني جا سائين!
اسان تي عنايت ڪرين تون سدائين.

زماني ۾ جِن جو نہ ڪو واهرُو آ،
وسيلو تِنين جو فقط تون ئي آهين.

جتي ڪير ڪنھن جو سھارو نہ هوندو،
اسان کي اُتي شال پنھنجو بڻائين.

اندر ۾ اِها آس سانڍيو وتان ٿو،
حياتيءَ ۾ روضو پِرين تون پسائين!

’وفا‘! تُنھنجي رحمت مان مايوس ناهي،
ڪڏهن مھر جو مِينھن تنھن تي وسائين.

سنڌڙي

ڀيڄ ڀٽائي، سچل سائين:
جيئي منھنجي سنڌ سدائين.

شال لڳئي نہ ڪوسو واءُ:
تو ۾ جيجل جھڙو ساءُ.

جنت کان وڌ هر ڪا وستي،
قرب ڪچھرين واري بستي.

ٻار ٻُڍو تو لئہ ٻاڏائي،
شال ڌڻي سڀ پاڻ اگهائي.

منھنجي گيتن جو تون مانُ،
منھنجي جِيوَن جو تون شانُ.

ساھہ ’وفا‘ جو توسان سِنڌڙي:
جان جگر ۽ توسان جِندڙي!

مالڪ، منھنجو علم وڌاءِ!

ڌرتيءَ کان اُڀ تائين رَساءِ!
مالڪ، منھنجو علم وڌاءِ!

آکڻ جي مان لائق ناهيان-
ڄاڻين ٿو تون ڇا ٿو چاهيان؟
تُون نيڪيءَ جي واٽ وٺاءِ!
مالڪ، منھنجو علم وڌاءِ!

منھنجا تو در هٿ اُڀا،
هٿ کنيو ڪريان سڏڙا،
سائين! منھنجا سڏ ورناءِ!
مالڪ، منھنجو علم وڌاءِ!

بابو مسڪينيءَ ۾ آهي،
مون ۾ سگهہ پڙهڻ جي ناهي،
تون ئي سؤلي راھہ بڻاءِ!
مالڪ، منھنجو علم وڌاءِ!

پڙهڻ لکڻ ٿو چاهيان آءٌ،
آتو عِلم لئہ آهيان آءٌ،
علم ادب جي واٽ وٺاءِ!
مالڪ، منھنجو علم وڌاءِ!

قمبراڻي چئي: جهول ڀريم!
ڪِج ’وفا‘ تي ٻاجهہ ڪريم!
خوشيون ڏيئي شادِ بناءِ!
مالڪ، منھنجو علم وڌاءِ!

پڙهڻ هل!

ساٿي، اُٿ پڙهڻ لئہ هَل!
عِلم سندي ٻاريون مِشعل!

جيڪي ٻالڪ پڙهندا آهن،
ساجُهر مڪتب ويندا آهن،
تن کي ملندي آ منزل-
ساٿي، اُٿ پڙهڻ لئہ هل!

عِلم ذهن کي ڪَري سُجاڳ،
جاڳائي ٿو سڀ جو ڀاڳ،
جهلُ تہ آ بي پاڙِي وَل-
ساٿي، اُٿ پڙهڻ لئہ هَل!

عِلم اَملھہ هڪ دولت آهي،
عِلم بنا ماڻھو ڪجهہ ناهي،
توکي ناهي ڪائي ڪَل-
ساٿي، اُٿ پڙهڻ لئہ هَل!

ٻالڪ عِلم پرائي ويندا،
ڀاڳ ڀَلارا تڏهين ٿيندا،
ڪانہ ’وفا‘ رهندي ڪا مُشڪِل-
ساٿي، اُٿ پڙهڻ لئہ هَل!

سنڌي ٽوپيءَ وارا ٻالڪ!

پيارا پيارا پيارا ٻالڪ!
سِنڌي ٽوپيءَ وارا ٻالڪ!

ٻاتا ٻاتا ٻول جَنين جا،
ماکيءَ لارون قول جَنين جا،
اُڀ تي ڄڻ تہ ستارا ٻالڪ-
سِنڌي ٽوپيءَ وارا ٻالڪ!

عِلم ادب سان چاھہ رکن ٿا،
محنت ۾ ويساھہ رکن ٿا،
سِنڌڙيءَ جا تہ سھارا ٻالڪ-
سِنڌي ٽوپيءَ وارا ٻالڪ!

محبت جو پيغام ڏِينِ ٿا،
جڳ ۾ اوچي ڳاٽ جِينِ ٿا،
هوشوءَ، هيمونءَ پارا ٻالڪ-
سِنڌي ٽوپيءَ وارا ٻالڪ!

موٽر ڪار

وھہ وا من ۾ ٿي مھڪار،
آندي بابي موٽر ڪار!

سچل، دانش، جادو، جالب،
سوڀو، سوڍو، گوهر، غالب،
آئي ڏسڻ جي لئہ گلنار،
آندي بابي موٽر ڪار!

گاڏي رنگ جي ڪاري آهي،
دل کي ڏاڍي پياري آهي،
ڦيرا پائي ڏسان هر وار،
آندي بابي موٽر ڪار!

هلندي چاٻيءَ تي آ گاڏِي،
سمجهايو مون کي آ ڏاڏِي،
”پان پان“، ”پُون پُون“، ڪَري پُڪار!
آندي بابي موٽر ڪار!

جيڪي ٻالڪ محنت ڪن ٿا،
تحفا تن کي ئي تہ ملن ٿا،
دل سان ياد رکن سڀ ٻار،
آندي بابي موٽر ڪار!

ننڍڙا ٻار

سُستي ڇڏ تون ننڍڙا ٻار!
جلدي ٿي اسڪول تِيار!

توکي دل سان پڙهڻو آهي،
بھتر ماڻھو ٿيڻو آهي،
تنھن لهءِ ڪوشش ڪر تون يار!
جلدي ٿي اسڪول تِيار!

قُرب ننڍن سان ڪرڻو آهي،
حُڪم وڏن جو مڃڻو آهي،
مون سان اهڙو ڪر اِقرار!
جلدي ٿي اسڪول تِيار!

ڪُوڙ ڪڏهن بہ نہ چوڻو آهي،
سچ جو ساٿي رهڻو آهي،
سچ تان ڪر تون جانِ نِثار!
جلدي ٿي اسڪول تِيار!

ٽيليفون

منٽن ۾ پيغام پُڄايان،
ٻارو! ٽيليفون مان آهيان.

جوڙيو گرهام بيل اوهان لئہ،
ڪم اچان هر ويل اوهان لئہ.

جنھن سان ڀي ڳالھائڻ چاهيو،
رُڳو اُنھيءَ جو نمبر مِلايو!

ڪم ڪلاڪ جو ڪريان پَل ۾،
حاضر آهيان هر مُشڪل ۾.

منھنجا ڪم ڏِسي موچارا،
مون کي چاهن ٿا جَڳ وارا.

ها پر هيءُ بہ هڪڙو سَچُ آ،
توڙي جو مُنھنجي لئہ مَچُ آ.
هيءُ جو موبائيل بڻيو آ،
مون لئہ عزرائيل بڻيو آ!
اوسر جو هي طور طريقو:
هاڻ پتو پيو ڪيڏو اؤکو! 

ڪرڪيٽ

احمد! جلد کڻي اچ بيٽ-
آءُ تہ کيڏون اڄ ڪرڪيٽ!

بال تہ مون وٽ سَت-کَليو آ،
جيڪو تحفي منجهہ مِليو آ،
ظفر کڻي اچ تون بہ ساڻ وڪيٽ-
آءُ تہ کيڏون اڄ ڪرڪيٽ!

مئچ شروع ٿيڻ واري آ،
ٽيم تيار ٿي وئي ساري آ،
انور! آيو آهين ليٽ-
آءُ تہ کيڏون اڄ ڪرڪيٽ!

امپائر بہ اشارو ڪِيو آ،
مُنور کي بالنگ لئہ چِيو آ،
روشن! جلدي ڪر، ٿِي سيٽ-
آءُ تہ کيڏون اڄ ڪرڪيٽ!

ڇَڪا ۽ چؤنڪا بہ لڳن پيا،
ٻِڪا ۽ پڻ ٽِڪا ٺھن پيا،
پيارو پنھنجو آ رَن-ريٽ-
آءُ تہ کيڏون اڄ ڪرڪيٽ!

قاعدن ۽ قانونن واري،
راند سڀن ۾ هيءَ موچاري،
هن سان ناهي ڪنھن جي ڀيٽ-
آءُ تہ کيڏون اڄ ڪرڪيٽ!

ٻِلڙي

آئي آئي ڪاري ٻِلڙي!
ڪاري ڪاري پياري ٻِلڙي!

ڪُنڊَ ۾ ٺاهيو هُن آ ديرو،
گهر سڄي کي ڏي ٿي ڦيرو-

آئي آئي ڪاري ٻِلڙي!

گهر جي چوڪيدار وڏي آ،
ٻلڙي هيءَ هوشيار وڏي آ-

آئي آئي ڪاري ٻِلڙي!

ڪُوئا هِن کان لھرائن ٿا،
گهر ۾ ايندي گهٻرائن ٿا-

آئي آئي ڪاري ٻِلڙي!

لِڪيو لِڪيو هوءَ کِير پئي ٿي،
کِير پيئڻ سان خوش ٿئي ٿي-

آئي آئي ڪاري ٻِلڙي!
”ميائون ميائون“ راڳ ٻڌائي،
ٻارن جي ٿي دل وندرائي-

آئي آئي ڪاري ٻلڙي،
ڪاري ڪاري پياري ٻلڙي!

ڪِڪِڙو

گيت خوشيءَ جو هرڪنھن ڳايو!
گهر ۾ ننڍڙو ڪِڪِڙو ڄايو.
ساري گهر جي هِن ۾ جان،
واھہ پيارو هِي مھمان!

ماسيون چاچيون خوب کڻن ٿيون،
ماءُ ۽ ڀينر شاد ٿين ٿيون.

چاچن کي هو پيارو آهي،
مامن اک جو تارو آهي.

بابي آڻي جام مِٺائي-
ڳوٺ سڄي ۾ پاڻ ورهائي.

پاڙي واريون ڏِين مبارڪ،
وڌي ويئي آ گهر جي رونق!

ٻالڪ هيءُ آ ڀاڳن وارو،
اَبي امڙ جو ٿيندو سھارو!

ٻار تہ رب جي رحمت آهن،
ڄاڻي هرڪو نعمت آهن.

هاري

آءٌ تہ هڪڙو آهيان هاري،
مون کي ڄاڻي دنيا ساري.

پرھہ ڦٽيءَ جي ويل اُٿان ٿو،
پھرين رب جو نانءُ وٺان ٿو،
پوءِ ٻنيءَ جي ڪريان تياري،
آءٌ تہ هڪڙو آهيان هاري.

ڏينھن سمورو هر هلايان،
سڀ ڪنھن لئہ ٿو اَنُ اُپايان،
بارُ مَٿي تي آهي ڀاري،
آءٌ تہ هڪڙو آهيان هاري.

تتي ٿڌيءَ کي ڪين ڏسان مان،
محنت ۾ هر ويل گذاريان،
ڏينھن هُجي يا رات انڌاري،
آءٌ تہ هڪڙو آهيان هاري.

ٻارو! منھنجي هيءَ ڪھاڻي،
جنھن جي ناهي ڪابہ پُڄاڻي،
انسانن جي مون سان ياري!
آءٌ تہ هڪڙو آهيان هاري.

ڪَبوتر

اڇو ڪبوتر مون آ پاليو،
سُٺو ڪَبوتر مون آ پاليو.

داڻو اُن کي ٿو کارايان،
ڇِمڪيون پيرن ۾ پارايان.

مون کي ڏسي هُو ٻوليندو آ،
پَرَ خوشيءَ مان کوليندو آ.

آءٌ پکين سان پيار ڪريان ٿو،
هر پل تِن جي سار لھان ٿو.

آھہ ڪبوتر امن علامت،
شال رهي هيءَ سنڌ سلامت.

چيو هيءُ دل سان ٻار هَنڊايو،
ڪنھن بہ پکيءَ کي ڪين سَتايو!

جوت جلايو!

جاڳرتا جي جوت جلايو!
ٻارو! اڳتي وِکَ وڌايو!

سچ ڀلاري عادت آهي،
سچي تي ئي رحمت آهي،
سڀ کي ساري سچ سُڻايو-
ٻارو! اڳتي وِکَ وڌايو!

آھہ دُکن ۾ ڌرتي ساري،
سُورن ۾ سڀ هاري ناري،
قوم سموريءَ کي سمجهايو-
ٻارو! اڳتي وِکَ وڌايو!

محنت مقصد هاڻ بنايو،
ديس جي مستقبل کي ٺاهيو،
گيتَ امن جا گڏجي ڳايو-
ٻارو! اڳتي وِکَ وڌايو!

دعا گُهري ٿو ’وفا‘ خدايا!
شاد رهن شل سنڌوءَ ڄايا،
ٻالڪ ٻُڪ کڻي ٻاڏايو-
ٻارو اڳتي وِکَ وڌايو!  

ٻارو! ڀٽ شاھہ هلنداسين

ٻارو! ڀٽ شاھہ هلنداسين،
ميلو شاھہ جو گهمنداسين.

ڀٽ جي شاھہ ڀلاري جي،
سنڌ جي سونھن سھاري جي،
چائنٺ چاھہ مان چمنداسين-
ٻارو! ڀٽ شاھہ هلنداسين.

سنگت ساٿ وڃي پئي ساري،
تون بہ ڪري وٺ يار تياري،
ڀنڊالڙي کي ڀڃنداسين-
ٻارو! ڀٽ شاھہ هلنداسين.

شفيع فقير، مظھر، ذوالفقار،
ٻيا پڻ ايندا جي فنڪار،
راڳ تنين کان ٻُڌنداسين-
ٻارو! ڀٽ شاھہ هلنداسين.

سرڪس آ ۽ پڻ موت جو کوھہ،
ٻيو بہ چاهيندو جو روح،
ٽڪيٽ وٺي پوءِ ڏسنداسين-
ٻارو! ڀٽ شاھہ هلنداسين.

گهر جي سڀني ڀاتين لاءِ،
سنگتين سُٺڙن ساٿين لاءِ،
ڳانا، تحفا وٺنداسين-
ٻارو! ڀٽ شاھہ هلنداسين.

امن سدا هت شال رهي،
ڪو بہ نہ دُک ۽ درد سھي،
دعائون اهڙيون گُهرنداسين-
ٻارو! ڀٽ شاھہ هلنداسين.

ٻالڪ پيارا

اُڀ سڄي ۾ ڄڻ تہ ستارا،
سنڌي ٻالڪ پيارا پيارا.

علم ادب سان چاھہ رکن ٿا،
ڌرتيءَ تي ويساھہ رکن ٿا،
سندر سندر سوچن وارا،
سنڌي ٻالڪ پيارا پيارا.

مقصد تن جو آھہ محبت،
آھہ اندر ۾ سڀ لئہ الفت،
مٺڙا ماکيءَ جي ڄڻ ڌارا،
سنڌي ٻالڪ پيارا پيارا.

روزانو اسڪول وڃن ٿا،
ساڃاھہ وارا درس پڙهن ٿا،
ماڻڪ موتي جيئن موچارا،
سنڌي ٻالڪ پيارا پيارا.

اجرڪ ٽوپي تَنَ تي پائن،
گيت امن وارا ٿا ڳائن،
آهن سڀ ڪنھن ساھہ سھارا،
سنڌي ٻالڪ پيارا پيارا.

جُڳ جُڳ جيئن شال سدائين،
رهن سڀيئي خوشحال سدائين،
هردم همت، جُرئت وارا،
سنڌي ٻالڪ پيارا پيارا.

جَرڪِي سارو ديس پيو آ

جَرڪِي سارو ديس پيو آ،
ڌرتيءَ سائو ويس ڍَڪيو آ!

هر ماڻھو اڄ ٻَھڪي ٿو پيو،
چيھن جيئن ڏِس چھڪي ٿو پيو-

فصل بہ ٿيندا هيل سُٺا ڏِس،
ٿر بر جو هِن مينھن وُٺا ڏِس-

ڌرتيءَ اُڃَ اُجهائي آهي،
هارين ۾ سَرهائي آهي-

هر ڪنھن طرف اُجالا آهن،
ماڻھوءَ مُکَ جمالا آهن-

گُلڙن جي گُلزاري آهي،
جڳمڳ ڏِس چوڌاري آهي-

سوڪھڙي جا ڏينھن ويا ڙي،
مارو سڀ خوشحال ٿيا ڙي،

مالڪ سائين عرض اگهايا،
مُلڪ سڄي ۾ مينھن وسايا.

ناني

ناني مون کي ڀائيندي آ،
ڏاڍو دل سان چاهيندي آ.

روز ٻُڌائي ٿي آکاڻيون،
هِتان هُتان جون کوڙ ڪھاڻيون.

جڏهن بہ ڪيڏهن ويندي آهي،
خرچي کوڙ تہ ڏيندي آهي.

منھنجو ڏاڍو خيال رکي ٿي،
هردم سار سنڀال لھي ٿي.

هِن جون ڳالھيون حڪمت واريون،
هِن جون سوچون شفقت واريون.

ڏاهپ جا ٿي درس پڙهائي،
ناني رب جي رحمت آهي.

لوڪ ٿو ڄاڻي هِن حڪمت کي:
گهر ۾، ”وڏڙن سان برڪت“ کي.

ناني ساري گهر جي سوُنھن،
’وفا‘ سڀن جي وندر ورونھن.

وڏن جي عزت

وڏن جي عزت ڪريو اي ٻارو!
ننڍن سان محبت ڪريو اي ٻارو!

پنھنجي ماءُ ۽ پنھنجي پيءَ جي،
هردم خدمت ڪريو اي ٻارو!

معذورن کي دڳ لڳائي،
عين عبادت ڪريو اي ٻارو!

پکي پکڻ ۽ جانورن سان،
ڪائي اُلفت ڪريو اي ٻارو!

ﷲ رسول سندي حُڪمن جي،
عين اطاعت ڪريو اي ٻارو!

علم ادب اخلاق سندي ڪا،
حاصل سعادت ڪريو اي ٻارو!

پوپٽ

ڳاڙها ساوا پِيلا آهن،
پوپٽ رنگ رَنگِيلا آهن.

روز گُلن جو واس وٺن ٿا،
عامَ نہ پر هي خاص وٺن ٿا.

رنگ انھن جا پيارا آهن،
سونھن سراپا سارا آهن.

گُل گُل تي آ ڀيرو تن جو،
باغ سمورو ديرو تن جو.

ٽولا ٺاهي ٿا هِي نڪرن،
ڏينھن سڄو گُلڙن تي اُڏرن.

پر انھن جا نازڪ پيارا،
ڌرتيءَ جا هي آهن تارا.

باغن جي هي سونھن سراسر،
هر دل وندر ورونھن سراسر.

ٻالڪ تن سان پيار ونڊن ٿا،
محبت جو اظھار بہ ڪن ٿا.

گيت ’وفا‘ جا پوپٽ جھڙا،
صحرا ۾ ڄڻ ڪونڀٽ جھڙا!

پيٽوُ

ڏينھن ۾ ڏھہ ڏھہ مانيون کائي،
ٽَڪو بہ هڪڙو ڪينَ ڪمائي-
هي تہ صفا ڪو پيٽوُ آهي!

ڪالھہ بہ هُن کي مار مِلي آ،
سنگت ساري خوب کِلي آ،
اڄ پڻ ويٺو گنج ڪُٽائي-
هي تہ صفا ڪو پيٽوُ آهي!

جتي بہ سَڻڀو مال ڏسي ٿو،
گهڙي نہ هڪ پوءِ گهر ٽِڪي ٿو،
کاڌي ڪارڻ خلق کِلائي-
هي تہ صفا ڪو پيٽو آهي!

ڪم تہ هِن کان ڪين پُڄي ٿو،
محنت کان ڀي پري ڀڄي ٿو،
اوڌر تي پيو ڪم ٽپائي-
هي تہ صفا ڪو پيٽوُ آهي!

حلوو هِن کي جام وڻي ٿو،
چھري مان ڀي گرھہ کڻي ٿو،
جو آيو سو ڪين موٽائي-
هي تہ صفا ڪو پيٽوُ آهي!

ڪم کان آ لاچار سدائين،
چوي ٿو: ”مان بيمار“ سدائين،
گهر وارن کي پيو ستائي-
هي تہ صفا ڪو پيٽوُ آهي!

ٻارو! سُست نہ هرگز ٿيئجي،
همت ۽ جرئت سان جيئجي،
ڇڏيو ’وفا‘ آ سچ سُڻائي-
هي تہ صفا ڪو پيٽوُ آهي!

ملڪ منھنجي جا ٻار

مستقبل جا هي معمار.
منھنجي ملڪ جا سارا ٻار-

جڳ جي سونھن وڌائن ٻالڪ،
ڏُکَ ۽ غمَ مِٽائن ٻالڪ،
سُکَ جا جوڙين ٿا سنسار،
منھنجي ملڪ جا سارا ٻار.

ڪتاب کڻي اسڪول وڃن ٿا،
ڌيان سان سارا سبق پڙهن ٿا،
علم ادب سان سڀ سرشار-
منھنجي ملڪ جا سارا ٻار.

خوب وڏن جي عزت ڪن ٿا،
هردم نوڙت منجهہ رهن ٿا،
خوب لھن ٿا تن جي سار-
منھنجي ملڪ جا سارا ٻار.

امڙ

پياري امڙ! او پياري!
ڪيڏي آهين ٻاجهاري!

تنھنجي هستي ڇانوَ مثل،
تُنھنجو ثاني ڪو مشڪل!

تنھنجي پيرن هيٺ جنت،
تو تي رب جي آ رحمت.

تو ئي مون کي پاليو آ،
مون کي تو ئي سنڀاليو آ.

تنھنجا ٿورا ڳائيندس،
ور ور ڏئي ورجائيندس.

توسان رونق گهر ۾ آ،
تنھنجي سِڪَ اندر ۾ آ.

ٻاتي ٻوليءَ ۾ لولي،
آڇي مون کي تو جهولي.

تنھنجي شفقت لاثاني،
تنھنجي محبت لافاني.

پل پل مون کي دعائون ڏين،
مون لئہ هر ڪنھن ويل لُڇين.

تنھنجا هن احسانَ هزارَ،
مون کي ارپيئي پنھنجا پيارَ.

تنھنجا دُکڙا لاهيندس،
تنھنجي ٿڃ ملھائيندس.

طوطو

ساون کنڀن وارو طوطو،
روپن رنگن وارو طوطو.

ڳاڙهي چھنب جڏهن ٿو کولي،
ٽِيُون ٽِيُون ٽِيُون ٽِيُون هو ٿو ٻولي.

ميواکائي کوڙ انبارَ،
صوف ۽ ڪيلا انب انارَ.

وڻ تي ويھي ڳائي ٿو،
ٻوليون خوب ٻُڌائي ٿو.

پور ۾ ٺاهي آکيرو،
ڪڏهن ڪِين رَکي ميرو!

فضا ۾ هن جي آهي اُڏارَ،
مُرڪي هن کي جانچن ٻارَ.

ڏسندي طوطي سندي اُڏام،
ياد اچي ٿو لوڪ غلام.

ماڻھو سڀ آزاد جِيئَن،
شال نہ ڪنھن وٽ قيد ٿِيئَن!

ٻارو! ساڻن پيار ڪريو،
ڳالھہ انھيءَ تي ڌيان ڌريو!

’وفا‘ پکيئڙا پيار ونڊين،
ماڻھوءَ سان ويچار ونڊين!!

محنت

اُتم سڀن کان محنت آهي،
محنت ۾ ئي عظمت آهي.

سڀني لاءِ سڦلتا واري:
سياڻن جي ئي صحبت آهي.

مَــنرل ســـو ئي مـــاڻينـــدو،
علم سان جنھن کي محبت آهي.

سنڌ جي هر هڪ ٻالڪ اندر،
هوش، همت ۽ جرئت آهي.

ٻارو! ڪوڙ نہ هرگز ٻوليو!
هيءَ ’وفا‘ جي نصيحت آهي.

داڳُ ڀَتُ

پنھنجو يارو ڀاڳُ ڀلو آ،
امڙ داڳي ڀت رڌو آ.

داڳي ڀت آ خوشبو وارو،
سواد اُن ۾ ڏاڍو پيارو.

اَميرَ ڀاءُ تون کيرُ کڻي آ،
سڀني کي هيءَ ڳالھہ وڻي آ.

ڀت ۾ کيرُ ملائينداسين،
گڏجي سڀ پوءِ کائينداسين.

ڀت کائي جئن ڍءُ ڪَنداسين،
سڀئي گڏجي هيئن چونداسين:

مِٺڙي امڙّ جِيئي سَدائين،
سُٺڙي امڙّ جِيئي سَدائين!

صفائي

ڪيڏو پيارو آ فرمانُ:
آھہ صفائي اڌ ايمانُ!

جنھن جنھن کي خوش رهڻو آ،
بيمارين کان بچڻو آ-

تَنھن کي کائڻ کان پھرين،
ها! هٿ لائڻ کان پھرين-

هٿڙا صاف ڪرڻ گهرجن،
صابڻ سان ڌوئڻ گهرجن-

نَنھن ڪَٽجن ۽ ڏندڻ ڪَجي،
ڌيان صفائيءَ تي ڌرجي.

ساڻ صفائيءَ صحت ملي،
هر هنڌ ٻارو! عزت ملي.

ٻار

اکڙين ۾ ڪي خواب کڻي-
ٻار وڃن اسڪول پيا!

اجرا اجرا ڪپڙا پائي،
پينون کيسن منجهہ لڳائي،
هٿڙن منجهہ ڪتاب کڻي-
ٻار وڃن اسڪول پيا!

هڪڙا هوريان، هڪڙا تڪڙا،
هڪڙا ننڍڙا، هڪڙا وڏڙا،
مرڪن جا تہ گُلاب کڻي-
ٻار وڃن اسڪول پيا!

فيئر ڪاپيون سڀئي ٺاهي،
سڀني سبقن کي ساڃاهي،
سنڌي، سائنس، حساب کڻي-
ٻار وڃن اسڪول پيا!

سنڌ ميوزيم

اچو تہ ٻارو هلون گهمڻ،
”سنڌ ميوزيم“ جو سئر ڪرڻ.

سنڌي ثقافت جو هي ادارو،
ڪيڏو وڻندڙ ڪيڏو پيارو!

’ظفر ڪاظميءَ‘ جو آ جوڙيل،
جهنڊو ثقافت جو ڄڻ کوڙيل.

هيءُ تہ ڳوٺاڻو آ گهر،
ڪيڏو سھڻو سُندر منظر!

هوءَ آوي ڪنڀرّ جي آهي،
جيڪو ٿانوَ پيو ٿو ٺاهي.

ڀرت ۽ زيوَر جا تہ نمونا،
ڪيڏا سھڻا، ڪيڏا جُهونا!

ماضيءَ جون شھڪار نشانيون،
جن کي ڏسڻ لئہ گڏ ٿيا آهيون.

جنھن تي ناز ڪري جڳ سارو،
سو آ ديس اسان جو پيارو!

اچوتہ اهڙو عمل ڪريون ڪو،
ساراهي سنڌڙيءَ کي سڀڪو!

نيڪ نصيحت

گڏ ٿيو ٻارو، ڳالھہ سُڻايان،
حق جي هڪڙي واٽ ٻُڌايان.

جنھن سان جڏهين جتي ملو،
پيار محبت ساڻ کِلو!

ڪِينو، ڪُوڙ، ڪُدورت لوڌيو!
من ۾ صرف محبت پوکيو!

عِلم، هُنر سان پاڻ اُجاريو!
پنھنجو سارو ديس سنواريو!

سُورج جئن چمڪو هر ڪنھن تي،
بادل جئن بَرسو هر ڪنھن تي!

پاليو مَير نہ ڪنھن لئہ مَنَ ۾!
گهاٽو بَڙ ٿي اُڀرو بَنَ ۾!

ڪنھن کي گهٽ نہ ڄاڻو خود کان-
ساڳيو ڪِيو ورتاءُ سڀن سان!

نيڪ نصيحت تي جي هلندؤ،
مشڪل ڏينھن ڪڏهن بہ نہ ڏسندؤ!

يار ’وفا‘ جو ڏَسُ اِهو آ-
ڪاميابيءَ جو گَس اِهو آ!

بھار

آئي آھہ بھار،
چوڌاري مھڪارَ-
مھڪي منھنجي ڳوٺ ۾!

ڌرتيءَ پھريو ويس اڄ
ساوڪ جو آ يار،
چوڌاري مھڪارَ-
مھڪي منھنجي ڳوٺ ۾!

ٽليو ٽارين تي پکي،
ٻوليون ڪن هزارَ،
چوڌاري مھڪارَ-
مھڪي منھنجي ڳوٺ ۾!

جهونگارين جهرجهنگ ۾
ڌرتيءَ گيت ڌنارَ،
چؤڌاري مھڪارَ-
مھڪي منھنجي ڳوٺ ۾!

چنبيليءَ جي چوطرف،
هر ڏِس آ هُٻڪارَ،
چؤڌاري مھڪار-
مھڪي منھنجي ڳوٺ ۾!

کِليو هڪٻئي کي ڏين،
گُلَ پيا ٿا ٻارَ،
چؤڌاري مھڪارَ-
مھڪي منھنجي ڳوٺ ۾!

اقرار

آءُ تہ ادڙا! ڪيون اقرار:
هاڻي پاڻ بہ پڙهنداسين!

بابو امان روز چون ٿا،
منٿ نہ پنھنجي ڪابہ مڃن ٿا،
ڪيسين ڪنداسين چؤ انڪار؟
هاڻي پاڻ بہ پڙهنداسين!

رلڻ بُري هڪ عادت آهي،
جنھن ۾ ڪو بہ تہ فائدو ناهي،
ڪري ٿو هرڪو ئي ڦٽڪار-
هاڻي پاڻ بہ پڙهنداسين!

گڏگڏ سڀ مڪتب وينداسين،
ڪين ڪڏهن غافل ٿينداسين،
هرڪو سڏيندو ڏاهو ٻار-
هاڻي پاڻ بہ پڙهنداسين!

پڙهي لکي ٻئي ڊاڪٽر ٿيون،
يا پوءِ قابل ٽيچر ٿيون،
ڪو تہ ڪريون پيشو اختيار-
هاڻي پاڻ بہ پڙهنداسين!

ٻار

راهون ڪن ٿا جيڪي روشن،
سي ئي روشن تارا آهن-
منھنجي ڌرتيءَ جا هي ٻار!

گلاب وانگر مھڪن ٿا پيا،
موتئي جھڙا پيارا آهن-
منھنجي ڌرتيءَ جا هي ٻار!

عشق علم سان آھہ هنن کي،
سُرت ۽ ساڃاھہ وارا آهن-
منھنجي ڌرتيءَ جا هي ٻار!

هوشوءَ وانگر، هيمونءَ وانگر،
سنڌڙيءَ جا تہ سھارا آهن-
منھنجي ڌرتيءَ جا هي ٻار!

’وفا‘ وطن جا سچا سپاهي،
منھنجا جيءَ جيارا آهن-
منھنجي ڌرتيءَ جا هي ٻار!

امان!

امان! ڀيڻ کي پڻ اجازت ڏيو!
پڙهڻ ٿي هوءَ چاهي رڪاوٽ نہ ٿيو!

نہ پُٽَ وڌ آهن، نہ گهٽ ڌيئون آهن،
ٻنھيءَ کي برابر ڀلا حق ڇو ناهن؟
ٻنھيءَ ساڻ ورتاءُ ساڳيو ڪيو!
امان! ڀيڻ کي پڻ اجازت ڏيو!

اگر پُٽ گهرڙن جو سينگار آهن،
تہ نياڻيون بہ نيڻن سندو ٺار آهن،
رُڳو فرق سوچن ۾ آهي پيو!
امان! ڀيڻ کي پڻ اجازت ڏيو!

جي نياڻي پڙهي پئي ڀلو گهر جو ٿيندو،
سُگهڙ سياڻي نياڻيءَ کي سڀڪو سڏيندو،
مڃو اڄ امڙ هيءُ ’وفا‘ جو چيو!
امان! ڀيڻ کي پڻ اجازت ڏيو!

عِلم

سڀ کي عِلم پرائڻ گهرجي،
ديس جو شان وڌائڻ گهرجي.

چغلي، غيبت، ڪوڙ ڪُپت کي،
سَچ سان ڏور ڀڄائڻ گهرجي.

نيڪ نصيحت ساڻ محبت:
سڀ کي صاف سُڻائڻ گهرجي.

پنھنجي ڪوجهي عمل وسيلي،
ڪنھن جي دل نہ دُکائڻ گهرجي.

لاڙ، سَري ۽ ساري سنڌ کي،
سھڻو باغ بنائڻ گهرجي.

امن اخوت، پيار محبت،
جهرجهنگ ۾ ڦھلائڻ گهرجي.

دُعا

تون ئي اسان جا حال ٿو ڄاڻين!
گذريل، ايندڙ سال ٿو ڄاڻين!

هر شيءِ جو تون خالق آهين،
عرب و عجم جو مالڪ آهين.

هر شيءِ تنھنجي تابع آهي،
تُنھنجي حڪمت جامع آهي.

سج چنڊ تارا تو ئي بڻايا،
نوري نظارا تو ئي بڻايا.

جڳ سڄي جو والي تون ئي،
ڪون و مڪان جو مالھي تون ئي.

هر ڪنھن کي ٿو رزق رَسائين،
پنھنجي قدرت پاڻ پَسائين.

سائين تو ۾ سونھن سوائي،
هر لب تي وحدانيت وائي.

سائين! توکان جنھن بہ گهريو آ،
خالي هرگز سو نہ وريو آ.

’وفا‘ بہ توکي عرض ڪري ٿو،
توکان تنھنجو ڪرم گهري ٿو.

غفلت کي ڇڏ هاڻ، او ٻالڪ!

غفلت کي ڇڏ هاڻ، او ٻالڪ!
غفلت کي ڇڏ هاڻ !
علم جي اهميت ڄاڻ، او ٻالڪ!
علم جي اهميت ڄاڻ!

رابيلن وانگر چوڌاري-
ڦھلائج سُرهاڻ، او ٻالڪ!
ڦھلائج سُرهاڻ!
غفلت کي ڇڏ هاڻ، او ٻالڪ!
غفلت کي ڇڏ هاڻ !

علم وسيلي حاصل ٿيندئي،
ڄاڻ سندي ڪا کاڻ، او ٻالڪ!
ڄاڻ سندي ڪا کاڻ!
غفلت کي ڇڏ هاڻ، او ٻالڪ!
غفلت کي ڇڏ هاڻ !

علم ادب چاهيندڙ جيڏا-
ساٿي رکجن ساڻ، او ٻالڪ!
ساٿي رکجن ساڻ!
غفلت کي ڇڏ هاڻ، او ٻالڪ!
غفلت کي ڇڏ هاڻ !

دعا ’وفا‘ جي اها اٿيئي-
ڪاميابيون پيو ماڻ، او ٻالڪ!
ڪاميابيون پيو ماڻ!
غفلت کي ڇڏ هاڻ، او ٻالڪ!
غفلت کي ڇڏ هاڻ !