ھي ڪتاب دراصل هڪ تحقيقي ۽ تاريخي مقالو آهي جيڪو پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي جي اڍائي سالن جي مسلسل مطالعي، تحقيق ۽ جاکوڙ جو نتيجو آهي. نوح سرور سائين جن 27 رمضان 911هہ بمطابق 21 فيبروري 1506ع هن ناسوتي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ 27 ذوالقعد 998هہ بمطابق 27 سيپٽمبر 1590ع ۾ هن مجازي محلات مان اسھيا. هن تاريڪ دور ۾ سنڌ جا ڪيترا عالم، فاضل، ۽ صوفي ترڪ وطن تي مجبور ٿيا، ۽ اهڙي طرح ويا جو وري وطن نہ وريا. انھن مھاجرن ۾ درٻيلي، بوبڪ ۽ پاٽ جا صاحب هئا. ڪتاب ۾ مخدوم نوح رحہ جي دور جي سنڌ جي سڀني علائقن جي ھمعصرين، بزرگن، مشائخن، شعراءِ ڪرام، پرديسي پرين، معتقدن ۽ مريدن سميت مختلف موضوعن تي لکيو ويو آھي.
تصوف
مخدوم نوح سرور رحہ جا سھيوڳي
- 0/5.0
- 6
- 0
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي ناليواري تعليمي ماهر، ليکڪ ۽ شاعر، پروفيسر محبوب علي چنا جو لکيل تحقيقي ڪتاب ”مخدوم نوح سرور رحہ جا سھيوڳي“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
ھي ڪتاب دراصل هڪ تحقيقي ۽ تاريخي مقالو آهي جيڪو پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي جي اڍائي سالن جي مسلسل مطالعي، تحقيق ۽ جاکوڙ جو نتيجو آهي. مخدوم نوح سرور رحہ جو ڪجهہ عصر سمن جي دور جو ھيو پوءِ ارغونن ۽ ترخانن سنڌ تي قبضو ڪيو. سرور سائين جن 27 رمضان 911هہ بمطابق 21 فيبروري 1506ع هن ناسوتي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ 27 ذوالقعد 998هہ بمطابق 27 سيپٽمبر 1590ع ۾ هن مجازي محلات مان اسھيا. هن تاريڪ دور ۾ سنڌ جا ڪيترا عالم، فاضل، ۽ صوفي ترڪ وطن تي مجبور ٿيا، ۽ اهڙي طرح ويا جو وري وطن نہ وريا. انھن مھاجرن ۾ درٻيلي، بوبڪ ۽ پاٽ جا صاحب هئا. ڪتاب ۾ مخدوم نوح رحہ جي دور جي سنڌ جي سڀني علائقن جي ھمعصرين، بزرگن، مشائخن، شعراءِ ڪرام، پرديسي پرين، معتقدن ۽ مريدن سميت مختلف موضوعن تي لکيو ويو آھي.
ھي ڪتاب 1991ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف پروفيسر محبوب علي چنا
- ڇپيو ويو 1991
- ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر 0
- آن لائين ٿيو 24/Nov/2024
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 0 ڀيرا