ھن ڪتاب ۾ مخدوم امين محمد ثالث جي سوانح، شاعرن جا تاثرات، سندن معتقد ۽ مريد، درگاھہ جا مجاور، ڪلام، امين سائين جي ظرافت، تصوف ۽ شعر وشاعري، وحدت الوجود جي پيغام بابت مضمون، غزل، سنڌي ڪافيون ۽ سرائيڪي ڪافيون شامل آھن.
شاعري
ڪليات امين
- 0/5.0
- 5
- 0
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌي ٻوليءَ جي اساسي شاعر مخدوم امين محمد ثالث رحہ عرف ”پکن ڌڻي“ جي ڪلام تي مشتمل ڪتاب ”ڪليات امين“ اوھان اڳيان حاضر آهي. ڪتاب جو مرتب سنڌ جو ناليوارو تعليمي ماهر، ليکڪ ۽ شاعر، پروفيسر محبوب علي چنا آھي.
مخدوم امين محمد (ثالث ”3“)جو ڪلام، تصوف جي حقائق ۽ معارف جو گنج گرانمايہ آهي. سندن ڪلام ۾ سوز ۽ ساز بہ آهي ۽ روح ۽ راز بہ آهي. سندن ڪلام رقت انگيز بہ آهي ۽ لساني حيثيت سان شيرين ۽ دلنشين بہ آهي، سندس ڪلام ۾ روحاني ۽ وجداني ڪيفيات ۽ واردات نرالي ۽ سھڻي انداز ۾ بيان ڪيل آھي. ڪتاب ۾ مخدوم امين محمد ثالث جي سوانح، شاعرن جا تاثرات، سندن معتقد ۽ مريد، درگاھہ جا مجاور، ڪلام، امين سائين جي ظرافت، تصوف ۽ شعر وشاعري، وحدت الوجود جي پيغام بابت مضمون، غزل، سنڌي ڪافيون ۽ سرائيڪي ڪافيون شامل آھن.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1966ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1990ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف مخدوم امين محمد (ثالث ”3“)
- مُرتب پروفيسر محبوب علي چنا
- ڇپيو ويو 1990
- ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر 0
- آن لائين ٿيو 24/Nov/2024
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 0 ڀيرا