ڪھاڻيون

ھڪڙي ملندي آھي زندگي

هن ڪتاب ۾ زندگيءَ جا انيڪ حقيقي روپ پڙهندڙن لاءِ موجود آهن، جيڪي سبق آموز تہ آهن، پر حياتيون بدلائي ڇڏڻ جي سگهہ رکندڙ بہ آهن. ڪجهہ ڪھاڻيون پڙھي حساس ماڻھوءَ جي اکين جا بند ڀڄي پون ٿا. هي ڪتاب اسان کان سواءِ اسان جي اُسرندڙ نسل منجهہ ڪيتريون ئي مثبت تبديليون آڻڻ جي طاقت رکي ٿو، جن جي ڪري سوچ مَٽجي سگهي ٿي ۽ ائين ٿيڻ سان اسان جو هي موجودہ تباھہ حال سماج يقينن سٺي سوچ سان ترقيءَ ڏي وڌي سگهي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 70
  • 10
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ھڪڙي ملندي آھي زندگي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ڊراما نگار، ڪالم نگار ۽ براڊڪاسٽر محمود مغل پاران جياپي جي جاکوڙ ۾ سُندرتا جي 51 ترجمو ڪيل ڪھاڻين تي مشتمل ڪتاب ”ھڪڙي ملندي آھي زندگي“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
هن ڪتاب ۾ زندگيءَ جا انيڪ حقيقي روپ پڙهندڙن لاءِ موجود آهن، جيڪي سبق آموز تہ آهن، پر حياتيون بدلائي ڇڏڻ جي سگهہ رکندڙ بہ آهن. ڪجهہ ڪھاڻيون پڙھي حساس ماڻھوءَ جي اکين جا بند ڀڄي پون ٿا. هي ڪتاب اسان کان سواءِ اسان جي اُسرندڙ نسل منجهہ ڪيتريون ئي مثبت تبديليون آڻڻ جي طاقت رکي ٿو، جن جي ڪري سوچ مَٽجي سگهي ٿي ۽ ائين ٿيڻ سان اسان جو هي موجودہ تباھہ حال سماج يقينن سٺي سوچ سان ترقيءَ ڏي وڌي سگهي ٿو.
ھي ڪتاب فيبروري 2021ع ۾ امرتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سائين محمود مغل ۽ امرتا پبليڪيشن جي سرواڻ فقير محمد ڍول جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

سڀ حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

Amarta’s Book No. 51

هڪڙي ملندي آهي زندگي
]ترجمو: جياپي جي جاکوڙ ۾ سندرتا جون 51 ڪھاڻيون[
سنڌيڪار: محمود مغل
ايڊيٽنگ ۽ لي آئوٽ: فقير محمد ڍول
ٽائيٽل: عرفان علي ميمڻ
ڪمپوزنگ: سيد محمد رضا حسين شاهه
بئڪ ٽائيٽل فوٽوگراف: مرتضيٰ سيال
ڇاپو پھريون: فيبروري 2021ع
ڇپيندڙ: امرتا پبليڪيشنس، امرتا ڇاپ گهر،
1-باسم چيمبرس حيدر چوڪ حيدرآباد
amartachhapghar@gmail.com
ڇپرائيندڙ: ڍول فقير فائونڊيشن - سنڌ
قيمت: 300.00 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2024ع

Hikri Milandi Aa’he Zindagi
[Translations]
Mehmood Mughal
Editing & Lay Out: Faqir Muhammad Dhol
Title: Irfan Ali Memon
Composed by: Syed Muhammad Raza Hussain Shah
Back Title Photograph: Murtaza Siyal
First Edition: February 2021
Printed by: Amarta Publications, Amarta Chhap Ghar,
1-Basim Chambers, Hyder Chowk Hyderabad.
Published by: Dhol Faqeer Foundation-Sindh
Price: Rs.300.00

ارپنا

توهين پنھنجو پاڻ کي، پاڻ ڀاڪُر نٿا پائي سگهو،
پنھنجي ڪُلھي تي، پنھنجو مٿو رکي نٿا روئي سگهو،
حياتي تہ اصل ۾ هڪٻئي لاءِ جياپو آهي،
سو، انھن سان گهاريو،
جيڪي اوهان سان، بيحد پيار ڪن ٿا.

- محمود مغل

هڪ بَي بھا سُوکڙي: (اداري پاران)

يقين ڄاڻو تہ هيءُ ڪتاب ڪو عام يا روايتي ڪتاب ڪونھي، هن ڪتاب ۾ جيڪو فڪر تخليقي ترجمي سان منھنجي ڀاءُ محمود مغل پيش ڪيو آهي، تنھن جي موجودہ مدي خارج سماج ۾ تمام گهڻي ضرورت هئي. علاوہ ازين هيءُ ڪتاب پڙهندي، يقين ڄاڻو تہ الاءِ ڪيترين سِٽُن تي منھنجيون ٻئي اکيون لُڙڪن جي پاڻيءَ سان تَرُ ٿي ويون هيون ۽ اکين جون ماڻڪيون ڪتاب جي اکرن کي ڏيکارڻ کان قاصر بڻجي ٿي ويون. ساڳئي وقت الاءِ ڪيترين سِٽن تي تہ منھنجي بُت جا وارَ ڪانڊارجي ٿي ويا... ۽ دل جو ڌڙڪو وڌي ويو ٿي. عزيزو، دل بہ عجيب شئي آهي، سھڻ تي اچي تہ الاءِ ڪھڙا ڪھڙا سُور سھيو وڃي ۽ جَي نہ سھي سگهي تہ تِر جيترو بارُ بہ سھڻ کان گهڻو ٿيو پوي.
زندگي ڇا آهي ۽ ڪيئن آهي؟ اِهي ٻہ جدا سوال آهن، جن جا جواب سوَلا بہ آهن تہ ڏکيا بہ... ڇاڪاڻ جو زندگي دراصل آهي ئي سوالَ جوابَ... زندگيءَ جا ڪيئي رنگَ روپ ۽ ڏيکَ ويکَ آهن ۽ هُوءَ الاءِ ڪيئن آهي! ڪنھن مھل کِلائيندڙ آهي تہ ڪنھن مھل روئاڙيندڙ ..!
هن ڪتاب ’هڪڙي ملندي آهي زندگي‘ ۾ زندگيءَ جا انيڪ حقيقي روپ پڙهندڙن لاءِ موجود آهن، جيڪي سبق آموز تہ آهن، پر حياتيون بدلائي ڇڏڻ جي سگهہ رکندڙ بہ آهن... ۽ عزيزو! زندگيءَ جي مَٽجي وڃڻ لاءِ بس ڪو هڪڙو واقعو ئي تہ وڏي وقعت رکي ٿو، پوءِ ڀل اهو ڇو نہ معمولي هجي! هن ڪتاب کي پڙهندي ۽ جاچيندي، منھنجي دل ڄڻ تہ آلَي ڀِڳل ڪپڙي جيئن بارها نِپُوڙبي رهي آهي... سواءِ ٻہ چار ڪھاڻين جي سڀني منھنجي اکين جا بند ڀڃي ڇڏيا ها. پڙهندڙن لاءِ ڪتاب شروع ڪرڻ کان اڳ دل چاهي ٿي تہ آءٌ هن ڪتاب مان اهڙا ڪي چونڊ ٽُڪرا هن اداريي ۾ اوهان لاءِ اڳواٽ ضرور رکان، جن مون جھڙي نرم مزاج ماڻھوءَ جي مَنَ اندر کي ويتر بنھہ گهڻو ڪُنئرو ڪري ڇڏيو هو:

مون نيرن سندن ميز تي وڃي رکي ۽ آسماني اکين واري ڪُراڙي جي هٿَ تي هٿُ رکيم، جيڪو ڏاڍو ٿڌو هو. هُن ڀريل اکين سان مون ڏانھن نھاريو. منھنجي هٿَ تي ٿڦڪي ڏنائين ۽ چيائين، ”ڌڻي توکي خوش رکي.“

مون سندس هٿَ جڪڙي ورتا ۽ چيم، ”مان اهو تو لاءِ نہ پئي ڪيان. مان تہ اهو پنھنجي رب لاءِ پئي ڪيان تہ جيئن تون نااُميد نہ رهين.“
پنھنجي پُٽ ۽ مڙس ڏانھن موٽندي مان روئي رهي هئس. جڏهن مان پنھنجي مڙس جي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويھي رهيس تہ هُن هڪ وسيع مرڪ آڇي ۽ چيائين، ”ڌڻيءَ ان ڪري ئي تہ توکي، مون کي ڏنو آهي تہ جيئن مان سدائين پُراُميد رهان.“ اسان ٻنھي هڪ ٻئي جا هٿَ جهلي ورتا ۽ الاءِ ڪھڙو سڪون جو احساس اسان کي گهيري ويو.

البريخٽ پنھنجي خاص مھمان واري ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ پنھنجي ڀاءُ جي مانَ ۾ جام بلند ڪندي، سندس قربانين جو ذڪر ڪرڻ لڳو. هن پنھنجي ڳالھہ جي پڄاڻي هِن ڳالھہ تي ڪئي:
”۽ هاڻي منھنجا ڀلارا ڀاءُ البرٽ، تنھنجو وارو آهي تہ تون نيورمبرگ وڃ ۽ پنھنجي خواب جي تڪميل ڪر ۽ مان هاڻي تنھنجي لاءِ پورهيو ڪندس.“
سڀني جون اکيون البرٽ ڏانھن کڄي ويون، جيڪو ميز جي پرانھين ڪُنڊ تي ويٺل هيو. سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا ۽ مُنھن پِيلو پئجي ويو هئس. ڏک وچان پنھنجو ڪنڌ لوڏيندي ۽ روئندي هُن ورجايو پئي، ”نہ نہ...نہ نہ“ آخرڪار پنھنجو پاڻ تي ضابطو آڻيندي، هن پنھنجي ڳلن تان ڳوڙها اگهيا، ڊگهي ميز تي هڪ نگاھہ وڌائين ۽ انھن چھرن کي ڏٺائين جن سان هن کي شديد پيار هو ۽ پوءِ پنھنجي هٿن کي ڳلن جي ويجهو آڻيندي آهستڙي چيائين، ”نہ منھنجا ڀاءُ... مان نيورمبرگ نٿو وڃي سگهان. ڏاڍي دير ٿي چڪي آهي. ڏس کاڻ ۾ پورهئي ڪرڻ وارن انھن چئن سالن منھنجي هٿن جو ڇا حال ڪيو آهي. منھنجي هٿن جي هر هڏي گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو ڀيرو ضرور ڀڳي آهي ۽ هاڻي تہ مون کي سَنڌن جي سُور جي تڪليف ايڏي وڌي وئي آهي، جو مان تنھنجي خوشيءَ جو جام بہ پنھنجي هٿن ۾ جهلي نٿو سگهان. مان پين يا برش کي ڪيئن جهلي سگهندس. نہ منھنجا ڀاءُ... مون کي ڏاڍي دير ٿي وئي آهي.“

مان موٽي آيس. گُلن جي هِڪ دُڪان تان پنھنجي گهر واريءَ لاءِ گُلدستو ورتم. گل وڪڻندڙ ڇوڪريءَ پُڇيو تہ ”ڪارڊ تي ڇا لکان؟“ مان مُرڪيس ۽ پاڻ لکيم، ”مان سڄي عُمر توکي هنج ۾ کڻي هلندس، جيسيتائين موت اسان کي جُدا ڪري.“
اُن شام مان گُلن ساڻ گهر پھتس ۽ الاءِ ڪيترن ڏينھن کان پوءِ مُنھنجي مُک تي آسودي مُرڪ هُئي. ڏاڪا چڙهندو، ڊوڙندو وٽس ويس. هُوءَ بستري تي مُئل هُئي.

”بابا، توهان ڪڏهن آيئو؟“
”ڪلھہ رات راڻي... مون کي خبر آهي تہ سڀاڻي تنھنجو جنم ڏينھن آهي. مان سڄي دنيا وساري سگهان ٿو، انھي کي ڪيئن ٿو وساري سگهان.“ هُن ننڍڙيءَ کي ڪڇ ۾ کنيو ۽ جام چُميون ڏنائينس. ننڍڙي سندس ڀاڪر ۾ پاڻ کي ڀڪوڙي ڇڏيو.

”بلڪل... ۽ ها هڪڙي ٻي شئي بہ آهي... اچ مان توکي تنھنجو خط ڏيکاريان.“
”ٿي نٿو سگهي... مان ٽن سالن جي آهيان... مان خط ڪيئن ٿي لکي سگهان... سڀاڻي مان چئن سالن جي ٿينديس...“ هُن ٽھڪ ڏنا.
”ڏس... هي تنھنجي هٿن جا ڇاپا آهن... جيڪي مون تنھنجي ماءُ کان گهرايا هئا، جڏهن مان اڪيلو هوندو آهيان ۽ توکي ڪال نہ ڪري سگهندو آهيان تہ تنھنجي ننڍڙن هٿن کي ڏسندو آهيان ۽ چُمندو آهيان.“

ڪجهہ سالن کان پوءِ، ڪاليج ڏانھن ويندي، منھنجو جھاز اسان جي شهر وٽان لنگهيو هو. اتي ڪجهہ دير لاءِ ڌاٻو ڪيائين تہ مون پنھنجي گهر ۾ رهندڙ ڀيڻ سان 15 منٽ ڳالھايو ۽ الاءِ ڇو ساڻس ڳالھائڻ کان پوءِ مون شهر جي آپريٽر جو نمبر ملايو ۽ فون ملڻ ساڻ پڇيم، ”ڄاڻ ملندي“
عجيب ڳالھہ هئي، اهو ئي ڪرشماتي آواز هيو، جيڪو ڄڻ مون کي سدائين کان سڃاتل هيو، ”ڄاڻ“
مون اهو سڀ ائين ڪونہ سوچيو هو پر مون ٻُڌو، مون چيو پئي، ”ڇا توهان مھرباني ڪري مون کي ٻُڌائي سگهو ٿيون، تہ فڪس جي حجي ڪيئن ڪبي آهي؟“
هڪ ڊگهو وقفو هيو ۽ ان کان پوءِ اهو نرم آواز آيو، ”مان سمجهان ٿي تہ تنھنجي آڱر هيل تائين ٺيڪ ٿي وئي هوندي.“
مان دل کولي کِليو هئس.”تہ اڃا تائين اها تون ئي آهين... ڇا توکي خبر آهي تہ ايترو عرصو تون منھنجي لاءِ ڇا رهي آهين؟“
”ڇا توکي خبر آهي تہ تنھنجيون ٽيليفون ڪالس منھنجي لاءِ ڪھڙي اهميت رکنديون هيون.“ هُن چيو، ”مون کي ٻار ڪونہ ٿي سگهيو ۽ مان هميشه تنھنجو آواز ٻُڌڻ گهرندي هئس.“

-هي نوجوان ڇوڪرو پنھنجي پيءُ سان گڏ رهندو هو ۽ هنن ٻنھي جو پاڻ ۾ ڄڻ تہ ڪو خاص تعلق هو. جيتوڻيڪ ڇوڪرو ٻاهر بئنچ تي ويٺو هوندو هو پر تہ بہ سندس پيءُ پيو تاڙيون وڄائيندو هو، پيو رڙيون ڪندو هو، هُو ڪڏهن بہ ڪنھن راند ۾ غير حاضر نہ رهيو.
-هن اڃان پريڪٽس ڪئي ئي پئي، جو ڪوچ وٽس هڪ تار کڻي آيو، جنھن ڄڻ نوجوان کي ماٺ ڪرائي ڇڏيو. پنھنجو پاڻ کي سنڀاليندي هن ڪوچ کي چيو، ”اڄ صبح بابا وفات ڪري ويو آهي... ڇا مان اڄوڪي پريڪٽس مِس ڪري سگهان ٿو.“
ڪوچ کيس ڀاڪر پاتو، ”تون سڄو هفتو موڪل ڪري سگهين ٿو نوجوانَ... ۽ ها... ڇنڇر تي ٿيندڙ ميچ ۾ کيڏڻ بابت بہ هاڻي نہ سوچجانءِ.“
-”سر، مون کي اڄ کيڏڻ ڏيو... مھرباني ڪري، اڄ مون کي صرف هڪ ڀيرو موقعو ڏيو.“ هن ڪوچ کي منٿ ڪئي، جنھن ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏي. کيس سڀ کان بيڪار رانديگر کي اندر موڪلي ڇا ڪرڻو هو. ڇوڪري جي منٿ ميڙ لاڳيتي هلندي رهي ۽ آخرڪار سندس آزي نيزاري کي ڏسي ڪوچ چيو، ”ٺيڪ آهي وڃي کيڏ...“
-ٿوري دير ۾ سڀ حيران ٿي ويا. اڻ ڄاتل ڇوڪري ڪمال ڪري ڏيکاريو هو، جنھن اڳ ۾ ڪڏهن ڪونہ کيڏيو هو، سو ميچ ۾ تباهي ڪري رهيو هو. مخالف ٽيم کيس روڪي نہ پئي سگهي، ڪنھن عظيم الشان رانديگر جيان هن پاس ڏنا پئي، بلاڪ ڪيائين پئي ۽ لاڳيتو اڳتي وڌي رهيو هو، ٽيم جو حوصلو موٽي آيو. سُتت ئي اسڪور برابر ٿي ويو، راند جي آخري گهڙين ۾ هن پاڻ پنھنجي سر، سڀني کي پٺتي ڇڏي گول ڪري ورتو ۽ سندس ٽيم کٽي وئي.
ڪوچ چيس، ”ٻچا تو تہ ڪمال ڪري ڇڏيو، توکي ٿيو ڇا هُو؟ تو اهو سڀ ائين ڪيئن ڪري ورتو؟“
اکين ۾ ڳوڙهن ساڻ، هن ڪوچ ڏي نھاريندي چيو، ”توهان کي خبر آهي تہ بابا وفات ڪري ويو آهي، پر توهان کي اها خبر ناهي تہ هُو نابين هوندو هو.“

هاڻي هُو اچي روئڻ ۾ ڇُٽو. ايڏو رُنائين جو مان پريشان ٿي ويس. هُن مون کي ٻُڌايو، ”اڄ مون تولاءِ دُعا گهري هُئي.“ مون کي حيرت وٺي وئي. نہ هُو مون کي سُڃاڻي پيو نہ مان هُن کي! تہ پوءِ هُن مون لاءِ دُعا ڇو گهري هُئي؟ هُن پنھنجي ڳالھہ جاري رکي، ”تون مون کي سمجهين نہ پيو... اڄ مون ڌڻيءَ کان اها دُعا گهري هُئي تہ ڪنھن اهڙي ماڻھوءَ کي مون وٽ موڪل، جيڪو مون کي هڪ ويلو گرم ماني کارائي... ۽ ڌڻيءَ توکي موڪلي ڇڏيو.“
مُنھنجا لفظ ختم ٿي ويا هُئا. هُن دُعا گهري پئي ۽ سا بہ هڪ گرم ويلي لاءِ... مون ڪڏهن ائين سوچيو آهي! مون تہ ڪڏهن اهو بہ نہ سوچيو آهي تہ ڪو ويلو ٿڌو ٿيندو آهي. بلڪه، مون تہ مانيءَ لاءِ ڪڏهن ڪا دُعا ئي نہ گهري آهي. مون کي تہ بس ملندي رهندي آهي. مان ڪيڏو نہ نوازيل آهيان. شايد اڄ هي سڀ ڪُجهہ مون سان اِن ڪري ٿيو هو تہ جيئن مون کي پنھنجي حيثيت جي خبر پئي تہ ٻين جي مقابلي ۾ مون وٽ ڇا ڇا آهي.

سڄو سال ڪَيوَن جي ڪا خبر نہ رهي. هڪ ڏينھن وري ان ساهيڙيءَ اپٽا کي ٻُڌايو تہ ڪَيوَن شادي پيو ڪري ۽ اهو ٻُڌائي هُن شاديءَ جو ڪارڊ اپٽا جي حوالي ڪيو، هن ڪارڊ کوليو، ڪنوار جي جاءِ تي سندس نالو لکيل هو.
اوچتو کيس سڀ ڪُجهہ ڀريل ڀريل محسوس ٿيو، ڪَيوَن سندس سامھون اچي بيٺو هو ۽ اشارن جي زبان ۾ ڳالھائي رهيو.
”مان سڄو سال ان ڪري غائب هُئس، جو مون اها اشارن جي ٻولي، مڪمل طرح سان سکڻ پئي گهري. اڳي جڏهن وات مان نڪتل لفظ، کٽُل هوندا هُئا ۽ مان توکي صحيح نموني نہ چئي سگهندو هُئس. هاڻي هر حال ۾ مان پنھنجي باقي زندگي توسان تنھنجي ٻوليءَ ۾ ڀرپور اظھار سان گذارڻ ٿو گهران. پنھنجو واعدو پاڙي مُنھنجو هٿ جهل ۽ مون کي پنھنجا سڀ آواز سمجهہ.“ اکين جا ڳوڙها بيٺا ئي نہ پئي.
اپٽا، ڪَيون جو هٿ جهلي ورتو هاڻي کيس ڪنھن بہ اظھار جي وڌيڪ ضرورت نہ هُئي

شاءِ، ٻئين اونھاري تائين نہ رهي سگهيو، هن اُن ئي سياري ۾ وفات ڪئي. هاڻي هُو هڪ يادگار هيرو بڻجي ويو هو. جنھن پنھنجي پيءُ کي ايڏي وڏي خوشي ڏني هُئي ۽ جنھن مھل هُو فاتح بڻجي، گهر موٽيو هو تہ سندس ماءُ جا ڀاڪر ۽ ڳوڙها بہ ڏسڻ وٽان هُئا.

حيران ٻار روئڻ شروع ڪيو ۽ سندس ڳوڙها نہ پيا بيھن، سندس سڄو جسم ڏڪي پيو، هن پنھنجي پيءُ کي ڏٺو ۽ سُڏڪندي چيائين، ”مان سڀاڻي خودڪشي ڪري پاڻ کي مارڻ وارو هُئس بابا، ڇاڪاڻ تہ مون کي لڳندو هو تہ اوهان مون سان بلڪل بہ پيار نٿا ڪيو، هاڻي مون کي اهڙي ڪابہ ضرورت ناهي.“

سو بس، ڪتاب مان اها ڪجهہ چونڊ هئي، جا دل جي چوڻ تي اوس اوهان جي نذر ڪيم.
’امرتا پبليڪيشنس ۽ ڇاپ گهر‘ پاران هن ڪتاب جي صورت ۾ هڪ بي بھا سوکڙي اوهان جي مبارڪ هٿن تائين پھچائيندي، دل تمام گهڻي سَرهِي آهي، اسان جي سماج کي هن قسم جي ڪتابن جي سخت ضرورت آهي، يقينن ان ڪري جو سمجهان ٿو تہ هي ڪتاب اسان کان سواءِ اسان جي اُسرندڙ نسل منجهہ ڪيتريون ئي مثبت تبديليون آڻڻ جي طاقت رکي ٿو، جن جي ڪري سوچ مَٽجي سگهي ٿي ۽ ائين ٿيڻ سان اسان جو هي موجودہ تباھہ حال سماج يقينن سٺي سوچ سان ترقيءَ ڏي وڌي سگهي ٿو.
ڀاءُ محمود کي تمام گهڻين مبارڪن سان اهو چوڻ چاهيان ٿو تہ جيڪڏهن هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ خاص طور اُسرندڙ نسل منجهہ زندگي ۽ ان جي گذارڻ واري سوچ بابت تبديلي اچي وئي تہ سڄو سماج سندس ٿورائتو هوندو، پاڻ جتي بہ هجي سدائين آسودو ۽ آباد سلامت هجي – آمين.

فقير محمد ڍول
امرتا ڇاپ گهر
آفيس نمبر 1، ميزنائن فلور
باسم چيمبرز، حيدر چوڪ حيدرآباد
25 جنوري 2021ع

صرف هڪ ڀيرو ملندڙ حياتي..! (مترجم پاران)

حياتي گهڻا ڀيرا ملي ٿي ۽ ڪيتري ملي ٿي!؟
عام سوال جي لفافي ۾ لڪل پرچيءَ ۾، ڪھڙو جواب لکيل ٿي سگهي ٿو؟ اهو ئي تہ حياتي هڪڙو ڀيرو ئي ملندي آهي ۽ ’ڪيتريءَ‘ جي خبر وڃڻ کان پوءِ ٻين جي واتَ تي هوندي آهي. ماڻھو پاڻ تہ ڪڏهن سمجهي ئي ناهي سگهيو تہ سندس عمر، زمين جي هن گولَي تي مڪمل رِدا اوڙهي ڪيترا روپَ مڪمل ڪندي! ڇا تہ مامَ آهي! پروڙيل بہ آهي پر پروڙجي بہ ناهي سگهي.
وقت کي اسان ورهايو تہ کڻي ٽن حصن ۾ آهي: ماضي، حال ۽ مستقبل، پر اهو قصو بہ سمجهي وٺو تہ مستقبل جي خبر ناهي، حال رهي ڪونہ ٿو، هڪ پل جي هزارهين حصي ۾ ماضي بڻجي ٿو وڃي. ڪاغذ تي هي قلم جيڪي سِٽون لکي پيو، سي سڀ ماضي بڻجنديون پيون وڃن. هاڻ جڏهن رهڻو ئي ماضيءَ ۾ آهي تہ پوءِ ڇونہ ان مامَ کي پروڙڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.
حضرت علي ڪرم ﷲ وجھہ ’عقل‘ جي وصف عنايت ڪندي فرمائين ٿا، ”پنھنجي ماضيءَ ۽ تجربي کي ياد رکڻ عقل آهي.“
’هڪڙي ملندي آهي زندگي‘ اهڙو ئي هڪ اظھار آهي، جيڪو وقت ۽ تجربي، عقل جي صورت ۾ اسان تائين وڌايو آهي. احساسن جي دنيا کي، اک جي پاڻيءَ جي اوٻر تائين آڻڻ جي ڪوشش آهي تہ جيئن هڪ ڀيرو مليل حياتيءَ ۾ ماضي ۽ تجربي کي ياد رکندي، عقل جي جوڙجڪ ۾، انساني سلوڪ جي حوالي سان ڪا شرمندگي شامل نہ هجي.
هي ترجما، حياتيءَ جي گذارڻ جي سلوڪ جي ترجماني ڪن ٿا. دل جي دري کولي ويا تہ پورهيو ثاب پئجي ويندو.
ڪريم مٺڙو ربُ، اوهان کي دامَي، درمَي، ڪرمَي، سُخنَي صرف پنھنجو محتاج رکي ۽ اسان ۽ اوهان جو سلوڪ، انساني حياتين ۾ مثالي هجي - آمين.
آباد سلامت هجو.

محمود مغل

سيوستان هائوس،
سوسائٽي ڄامشورو.
25 جنوري 2021ع

ڪھاڻيون

---

منھنجا پُٽڙا

مان هي سڀ ڪُجهہ ٽن سببن جي ڪري توڏانھن لکي رهيو آهيان.
پھريون: زندگي، نصيب ۽ حادثن جي ڪا اڳڪٿي ڪونھي ڪري سگهبي، ڪنھن کي بہ خبر ڪونھي تہ هُو ڪيترو جيئندو! ڪُجهہ لفظن جو جلدي چوڻ ئي چڱو هوندو آهي.
ٻيون: مان تنھنجو پيءُ آهيان، جي مان توکي اهو سڀ ڪُجهہ نہ ٻُڌائيندس تہ ڪير ٻُڌائيندو.
ٽيون: جيڪي ڪُجهہ لکندس، اهو مُنھنجو ذاتي ڪسارو تجربو آهي، جنھن کي ڄاڻڻ کان پوءِ ٿي سگهي ٿو تہ تون انيڪ اجاين ڏُکن کان بچي وڃين. پنھنجي حياتيءَ جي سفر ۾ هي سڀ ياد رکج.
الف: جيڪي تو سان چڱا ناهن اُنھن سان ويرُ نہ رکجانءِ. تو سان ٺيڪ هلڻ صرف مُنھنجي ۽ تنھنجي ماءُ جي ذميداري آهي. اسان کان سواءِ ٻئي ڪنھن جي بہ ڪُلھي تي اهو ذمو ناهي. جيڪي تو سان چڱو هلن ٿا، اُهي تو لاءِ خزاني جيان آهن ۽ انھن جو شڪر گذار رهج. اهو بہ احتياط ڪجانءِ تہ هر ڪنھن وٽ هر ڪنھن ڪم لاءِ ڪو نہ ڪو محرڪ ضرور هوندو آهي. جي ڪو ماڻھو تو سان چڱو آهي تہ اُن جو اهو مطلب هرگز ناهي تہ هُو ڪو توکي پسند ڪري ٿو. احتياط ڪجانءِ ۽ تڪڙ ۾ کيس پنھنجو سچو دوست نہ سمجهجانءِ.
ب: ڪُجهہ بہ غير متبادل ناهي. دنيا ۾ ڪابہ اهڙي شئي ناهي، جيڪا تو وٽ سدائين رهي، تو جي هڪ ڀيرو اها سوچ سانڍي ورتي تہ پوءِ توکي اُن مھل حياتي گذارڻ سولي ٿي پوندي، جڏهن تنھنجي چوڌاري موجود ماڻھن کي تنھنجي ضرورت نہ پوندي يا وري تون ان کي وڃائي ويھين، جنھن سان تون شديد محبت ڪرين ٿو.
ت: زندگي مختصر آهي، اڄ ۽ سڀاڻي ڪندي ڪندي، جي تون وقت وڃائيندي تہ هڪ نہ هڪ ڏينھن توکي معلوم ٿيندو، تہ زندگي توکي ڇڏي رهي آهي. جيترو جلدي تون پنھنجي حياتيءَ جو خزانو سنڀاليندين، اوترو جلد ئي تون ان جو مزو ماڻڻ شروع ڪندين.
ث: محبت هڪ عارضي احساس آهي، جيڪا وقت ۽ موڊ ساڻ جهيڻي ٿيندي ويندي آهي، جي تو سان بظاهر پيار ڪرڻ وارو توکي ڇڏي وڃي تہ صبر ڪج، وقت پاڻ ئي تنھنجي درد جو درمان ڪندو. محبت جي حسناڪيءَ ۽ ميٺاج کي گهڻو اضافي نہ بڻائج ۽ نہ ئي محبت ۾ ناڪاميءَ جي ڏُک کي مٿي تي چاڙهج.
ج: ڪيترن ڪامياب ماڻھن کي بھترين تعليم نصيب نہ ٿي سگهي آهي، جنھن جو مطلب اهو ناهي تہ بنا محنت واري تعليم حاصل ڪرڻ جي، تون بہ ڪامياب ٿي ويندين. جيتري بہ ڄاڻ تون حاصل ڪندين، اُها تنھنجي حياتيءَ جو هٿيار هوندي. ماڻھو ’ڪَکَ‘ کان ’لَکَ‘ تائين پھچي ٿو، پر شروعات تہ ’ڪَکَ‘ کان ئي ٿئي ٿي نہ.
ح: مان نٿو چاهيان تہ جڏهن مان ڪُراڙو ٿيان تہ تون مُنھنجي مالي مدد ڪرين، نہ ئي مان تنھنجي مالي مدد سڄي عُمر ڪري سگهان ٿو. جڏهن تون جوان ٿي ويندين، تہ تنھنجي مدد واري مُنھنجي ذميواري پوري ٿي ويندي، تنھن کان پوءِ تون اهو فيصلو ڪندين تہ تون عوامي سواريءَ ۾ سفر ٿو ڪرين يا پنھنجي ليموزين ۾.
خ: پنھنجي لفظن جي حُرمت رکجانءِ، پر ٻين مان انھيءَ جي اميد نہ رکجانءِ. تون ماڻھن سان چڱو ٿي سگهين ٿو، پر ماڻھن مان پاڻ لاءِ چڱائيءَ جي اُميد نہ رکجانءِ. جَي توکي اهو سمجهہ ۾ نہ آيو تہ آخرڪار توکي ڪَنڊا ڪڍڻا پوندا.
د: مون الاءِ ڪيتريون لاٽريون الاءِ ڪيترا سال ڀريون، پر منھنجو ڪو هڪڙو انعام بہ نہ نڪتو. انھيءَ جو مطلب اهو ٿو نڪري تہ جي توهان امير ٿيڻ ٿا گهرو، تہ توهان کي زبردست محنت ڪرڻي پوندي. مُفت جي ماني ڪٿي بہ نٿي ملي.
ذ: مون کي خبر ناهي تہ مون وٽ تو سان گذارڻ لاءِ ڪيترو وقت آهي؟ پر پرواھہ ناهي. اچ تہ اُنھيءَ وقت جو گڏجي قدر ڪريون، اسان کي خبر ناهي تہ اسين ايندڙ حياتيءَ ۾ الاءِ ڪڏهن وري ملون.

هاڻي تہ وڃِي بادشاھہ بچي ٿو

نوجوان بادشاھہ جي پھرين تصوير، مُنھنجي ذهن ۾ 1946ع جي اچي ٿي، جڏهن مان صرف اٺن سالن جي ڄمار جي هئس.
شھنشاھہ اُن ڏينھن آزربائيجان مان واپس موٽندي، تھران مان لنگهڻ وارو هو. ماڻھو گهٽين ۾ سندس آڌرڀاءُ لاءِ بيٺل هئا. سڄو شھر نڪري آيو هو. کيس ڏسندي ئي هنن خوشيءَ وچان نعرا پئي هنيا ۽ تاڙيون پئي وڄايائون. مُنھنجي گهر جي گهٽيءَ جي ڪنڊ تي هڪ گئراج هئي، جنھن جي ڇت تي ماڻھن جي بي پناھہ پِيھہ هئي، مان بہ سڀني ٻارڙن سان، پنھنجي گهر جي بالڪُنيءَ ۾ بيٺل هئس ۽ پنھنجي بادشاھہ جي ديدار تي تاڙيون وڄائي رهي هئس. ڪھڙي خبر هئم تہ تيرنھن سالن کان پوءِ مان ان جي زال بڻجنديس.

فرانس جي اسڪول ۾ آرڪيٽيڪچر جي تعليم حاصل ڪندي، ڪجهہ ڇوڪرا مُنھنجا واقف بڻيا، ڪجهہ تہ پُرڪشش بہ هئا. مون کي لڳندو هو تہ کين مُنھنجي ان ڳالھہ تي ڪوبہ اعتبار ڪونھي تہ ”منھنجو ڪوبہ بواءِ فرينڊ ناهي...“
سندن سوالن کان بچڻ لاءِ مون اهو مشھور ڪري ڇڏيو هو تہ مُنھنجو هڪڙو بواءِ فرينڊ آهي، جيڪو سائٽَي يونيورسٽيءَ ۾ آهي.“ سائٽَي يونيوسٽيءَ وارن کي وري اهو ٻڌائيندي هئس تہ اهو اسڪول ۾ آهي... جي اهي اڃا بہ نہ مڃيندا هئا تہ مان تھران مان ڪو بواءِ فرينڊ ٻڌائي ڇڏيندي هئس... هنن سندس نالو محمود رکي ڇڏيو. هڪ ڏينھن مُنھنجي ڊيسڪ تي هڪ وڏين مُڇن واري پٽڪيدار همراھہ جي تصوير ٺاهي، ڪير هيٺان لکي ويو. ’فرح جو مڱيندو.... محمود.‘

1958ع جي بھار ۾ اسان کي خبر پئي تہ بادشاھہ راڻي ثريا کان الڳ ٿي رهيو آهي. ان شام جو مون پنھنجي ذاتي ڊائريءَ ۾ لکيو، ”شاھہ ۽ راڻي طلاق پيا وٺن... ڪيڏي نہ ڏُک جي ڳالھہ آهي.“
ڪُجهہ مھينن کان پوءِ پريس ٻڌايو تہ شاھہ کي هر قيمت تي تخت جو وارث گهرجي ٿو ۽ هُو شاديءَ لاءِ ڇوڪري ڳولي رهيو آهي.
”تون ڇو نہ ٿي شاھہ سان شادي ڪرين؟ ايڏي حَسِين تہ آهين...“ اهو مُنھنجي ڪلاسين جو پسنديدہ لطيفو هو. سڀ کِلندا هئا. مون بہ چئي ڇڏيو، ”توهان ڇو نہ ٿا کيس خط لکو ۽ ٻڌايو تہ هن لاءِ هڪ بي انتھا خوبصورت ڇوڪري هتي موجود آهي.“
۽ هنن جي ورندي هوندي هُئي، ”اهو ٻُڌاءِ، جي تون راڻي ٿي وڃي تہ پھريون ڪم ڪھڙو ڪندينءَ؟...“
”مان سڀ کان پھرين، اوهان سڀني کي پنھنجو ملڪ گهمڻ جي دعوت ڏينديس...“
مرمونَي نالي، هڪ افعاني ڇوڪرِي مُنھنجي دوست هُئي. سندس رڙ پئي پوندي هُئي، ”شاھہ کي توسان شادي ڪرڻ گهرجي، تون زبردست آهين...“

هڪ دفعي اسپين ۾ موڪلون گذاريندي، مرمونَي مون کي هڪ پوسٽ ڪارڊ ڏنو هو، جيڪو مون سنڀالي رکيو آهي. ان پوسٽ ڪارڊ ۾ هن عام ڇوڪرين وانگر لکيو هو... ”فرح ديبا = فرح پھلوي“ اها پھرين ڇوڪري هئي، جنھن مُنھنجو نالو، بادشاهي خاندان سان ڳنڍيو هو.

14 آڪٽوبر 1959ع تي مُنھنجي 21 هين سالگرھہ هئي، شاھہ مون کي رشتي لاءِ ’ها‘ ڪرائي هئي ۽ اهو راز مون کان رکيو نہ پيو ٿئي، آخرڪار مون پنھنجي سڀ کان ويجهي ساهيڙيءَ ايليءَ کي فون ڪيو:
”سڌو گهر اچ.... مون کي توکي خبر ٻُڌائڻي آهي...“
”ڇا...؟ هاڻي ئي ٻڌاءِ....“
”مان توکي فون تي نہ ٿي ٻڌائي سگهان... ٽيڪسي ڪر ۽ هتي هلي اچ... جلدي جلدي...“
”فرح... چري ٿي پئي آهين ڇا؟... ٻڌائي تہ سھي ڳالھہ ڇا آهي...؟“
”هڪ زبردست خبر آ...“
”تُنھنجي شادي پئي ٿئي ڇا؟“
”هائو...“
”زبردست.... ڪنھن سان!.... ڇا مان هن کي سڃاڻان ٿي...؟ مون کي هُن جو نالو ٻڌاءِ...“
”نہ ٿي ٻڌائي سگهان... تون ايندينءَ تہ توکي خبر پوندي. اڳ ۾ ئي تو پنج منٽ وڃايا آهن...“
”مون کان انتظار نہ ٿيندو“ هن مُنھنجي سئوٽن، ماساتن جا نالا ڳڻائڻ شروع ڪيا. ”ريزا... مان شرط سان چوان ٿي تہ اهو ’ريزا‘ آهي...“
”دماغ خراب ٿئي ڇا؟... ريزا تہ مُنھنجي ڀائرن وانگر آهي.“
”ڪامران!...؟“
”وري سوچ“
”پرويز... يحيٰ...“
”نہ ڪو پرويز... نہ يحيٰ...“
آخرڪار جيترا نالا کيس سُجهيا پئي، سي سڀ وٺڻ کان پوءِ هُن کلندي چيو، ”بس هاڻي تہ وڃي بادشاھہ بچي ٿو...“
”ها... اهو ئي آهي.“
هن کان رسِيوَر ڇڏائجي ويو، ڪُجهہ دير تہ واتان ڪجهہ بہ نہ پئي نڪتس.

(فرح پھلويءَ جي آتم ڪٿا ’اِنڊيَورِنگ لَو‘ تان ترجمو ڪيل)

نانگڻ جوڳڻ

مُنھنجي حياتيءَ ۾، قابلِ ذڪر واقعن جو گراف عجيب رهيو آهي. ڪڏهن تہ تمام مٿانھون ۽ ڪڏهن تہ بلڪل بہ اُن جي خبر ئي نٿي پوي تہ ڪھڙي ڪناري تي پھتل آهي. مان جو پھرئين ڏاڪي تي پير رکندي، ستانوي تائين وڃي پھتس، اُهو اٺانوي تي ڪيئن نانگ جي مُنھن ۾ اچي، وري ٻُڙيءَ تي پھچي ويو... سڀ ڪُجهہ خواب جيان آهي.
چارلي چپلن، جڏهن پنھنجي فلم ’لائم لائيٽس‘ جي بي پناھہ ڪاميابيءَ کان پوءِ روم آيو ۽ اٽليءَ جي حڪومت کيس شرفِ مھماني بخشيو تہ هُن ’فورو روما نوَ‘ ۾ پنھنجي مختصر تقرير ساڻ عوام آڏو صرف پنھنجي هڪ جهلڪ ڏيکارڻ جي اجازت ڏني هُئي. ماڻھو مٿس مُئا پئي، سو کين اُها کن پل جي جهلڪ بہ منظور هُئي. چارلي چپلن روم آيو تہ آفيسن ۾ ملازمن پنھنجي مرضيءَ سان موڪل ڪئي. بس هر هنڌ سندس ڳالھہ هُئي.
مان ’ويئا وينيتو‘ تان لنگهي رهيو هئس تہ مون هڪڙي هُجوم کي پاڻ ڏانھن ايندي ڏٺو. مردن ۽ عورتن جي اُن چرئي هجوم ۾، چارلي چپلن هڪ ڊنل ڪُوئَي وانگر ڊوڙي رهيو هو ۽ کيس ٻاهر نڪرڻ لاءِ جاءِ نہ پئي ملي. مون جو پنھنجي محبوب ايڪٽر کي ان حال ۾ ڏٺو تہ سَٽَ ڏئي، هجوم جي اندر پھچي، کيس پنھنجي ٻانھن ۾ ڀري ورتم ۽ هر حالت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويس. پنھنجي هڪ حمايتيءَ کي ڏسي کيس حوصلو ٿيو ۽ هُن گهٽيل آواز ۾ ”هوٽل...هوٽل“ چيو ۽ پنھنجي هوٽل ڏانھن اشارو ڪيائين. اُن هجوم ۾ هڪ سگهارو اٽالين جوان بہ اچي ويو ۽ هُن بہ مُنھنجو هٿ جهلي ورتو. هاڻي جڏهن اسان ٻہ ٿي وياسين تہ چارلي چپلن کي وڌيڪ همٿ ٿي. اسين کيس بحفاظت هوٽل وٺي آياسين. هجوم هوٽل جي ٻاهر بيٺو تہ هُن ڏڪندي ڏڪندي اسان جا ٿورا مڃيا ۽ نالا پُڇيائين. اٽالين جو نالو ’سالو توري‘ هو. چارلي چپلن اسان ٻنھي جا ٿورا هر هر ادا ڪندي چيو، ”سڀاڻي شام جو پنجين وڳي مون ساڻ چانھہ پيئجو... مُنھنجي عزت ٿيندي“ پوءِ هُن مُنھنجو نالو واضح ورتو ”ڏس اشفاق... وسارجانءِ نہ... سڀاڻي شام جو پنجين وڳي نہ تہ مان وري ڪنھن ڪم ۾ ڦاسي ويندس... ۽ ها سالو توري... تون بہ ياد ڪجانءِ...“
ايڏو وڏو اعزاز... اسان جا تہ وات ئي پَٽجي ويا هئا. ٻئي ڏينھن اسين پوڻين پنجين وڳي هوٽل پھتاسين تہ خبر پئي، چارلي چپلن، اطالوي ايڪٽرن کي خطاب ڪري رهيو آهي.
اسان چيو، ”کيس ٻُڌايو، هُو پاڻ ئي ٻاهر اچي ويندو.“
سيڪريٽريءَ چيو، ”اهو ناممڪن آهي، هن مھل هُن سان ڳالھہ ٻولھہ نٿي ڪري سگهجي.“
مون چيو، ”هُن تائين اسان جي چٺِي پھچايو“
ورندي ملي، ”انتظار ڪريو... اهڙو ڪُجهہ اسين ڪري نٿا سگهون.“
خطاب کان پوءِ ماني ٿي... رات جا سوا ڏھہ ٿي ويا، اسين ائين ئي لائونج ۾ ويٺا رسالا ڏسندا رهياسين. آخر سوا ڏهين وڳي سيڪريٽري صاحب کي عرض ڪيوسين تہ چارلي چپلن کي صرف ايترو ٻُڌايو تہ ’اشفاق ۽ سالو توري انتظار پيا ڪن... ڇا حڪم آهي!؟‘
سيڪريٽري کي اسان تي قياس اچي ويو، اندر ويو، پنجن منٽن کان پوءِ موٽيو ۽ مُرڪندي چيائين، ”مبارڪ هُجيوَ... توهان جو پيغام ڏنم، موسيو چپلن چوي ٿو تہ مان تہ انھن ٻنھي نالن وارن همراهن مان ڪنھن کي بہ نٿو سُڃاڻان“


لئنچوتي، چيني آرٽ ۽ ادب جو اسڪالر هو، مُنھنجو دوست هو ۽ فرانس وڃي رهيو هو. مون کي بہ گڏ کنيائين. اُتي ڪنھن فرانسيسي اديب سان کيس ملڻو هو. هڪ هوٽل وياسين، ”هل... سارت سان ملاقات جو ٽائيم آهي.“
هڪ اڌ کُليل در واري ڪمري تي ٺڪ ٺڪ ڪيائين. اندران آواز آيو، ”آنترَي آنترَي.“
اندر گهڙياسين تہ دريا پاسي کُلندڙ دريءَ ويجهو ميز رکيو، هڪ ماڻھو کُليل گريبان ۽ کُنجيَل ٻانھن واري قميص پھريو ڪُجهہ لکي رهيو هو. اسان کي ڏسي اُٿي بيٺو. مُنھنجي دوست مُنھنجو تعارف ڪرايو، ”مُنھنجو پيارو دوست اشفاق احمد، پاڪستان مان آيو آهي ۽ مختصر ڪھاڻيون لکندو آهي... هڪ مجموعو ڇپيو اٿس ۽ ٻيو تيار آهي.“
هُن شخص ڏاڍي گرم جوشيءَ سان هٿ ملايو، ”آن شانتي... آن شانتي...“ مُنھن بلڪل ٿڌو هُئس ۽ اکيون ٽيڏيون... ڏاڍو بور ماڻھو هو.
هُنن ٻنھي پاڻ ۾ فرينچ پئي ڳالھائي ۽ مون کي اوٻاسيون پئي آيون. هُن همراھہ اخلاقن مون کان پُڇيو، ”توهان جا ڪردار اختياري زندگي گذاريندا آهن يا اضطراري؟“ هاڻي اسان جي گفتگو شروع ٿي وئي پر مختصر. وري لئنچوتي ساڻس ڳالھائيندو رهيو. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ نڪتاسين. ان ٽيڏي سان مون هٿ ملايو ۽ ٻاهر نڪري آياسين.
ٽيوب ڏانھن ويندي، مون پنھنجي دوست تي ڇوھہ ڇنڊيا، ”هوٽل مئنيجر سان ايڏو وقت برباد ڪيئي!؟“
هن چيو، ”خُدا جي واسطي هُو مئنيجر ناهي... فرانس جو وڏو اديب آهي.“
”هوندو“ مون چيو، ”ذهين لڳو پئي پر ايترو وقت وڃائڻ جي ڪھڙي ضرورت هُئي.“
چيائين، ”خُدا جو خوف ڪر هُن جي هڪ هڪ گهڙي قيمتي هوندي آهي. هُو فل ٽائيم رائيٽر آهي ۽ هن هوٽل جي مالڪ کيس اهو ڪمرو مستقل ڏنو آهي، ڇاڪاڻ تہ اُن ۾ هوٽل جي عزت آهي. هُو رڳو فرانس جو نہ، سڄي دنيا جو وڏي ۾ وڏو ليکڪ آهي.“
مون چيو، ”مون تہ ڪڏهن اُن جو نالو ناهي ٻُڌو“
چيائين، ”جي تو سارت جو نالو ناهي ٻُڌو تہ تون جاهل آهين... چريو آهين، بيڪار آهين.“
مون کي بہ چِڙ اچي وئي، ”سارت ڪير؟!“
”سارت... مطلب سارت... هن مھل رُوءِ زمين تي ٻيو ڪو سارت ڪونھي.“
”اهو تہ سارتر آهي... مُنھنجو محبوب ليکڪ سارتر...يان پال سارتر...“ مون چيو.
هن چِڙ وچان چيو، ”تو جھڙا اڻ پڙهيل سارتر چوندا آهن... هُو سارت آهي سارت...“
مون جڏهن ٻُڌو تہ مان اهڙي عظيم ماڻھوءَ سان ملي آيو آهيان تہ مون کيس منٿون شروع ڪيون تہ هڪ ڀيرو وري وٺي هل ۽ سارتر سان ملاقات جو شرف ڏي. هڪ پوڙهي مائي وانگر چيلھہ تي هٿ رکندي هُن چيو، ”تنھنجو دماغ خراب آهي؟ توکي سارت ڇا ٿو لڳي؟ دُنيا جي هن عظيم فلسفيءَ سان ملڻ ڪو سئولو آهي ڇا...؟ هُن سان ڪير ٿو روز روز ملي سگهي....؟ تُنھنجي مٿي ۾ مغز ڳري ويو آهي اشفاق.“

]اشفاق احمد صاحب جي ’بابا صاحبا‘ تان ترجمو ڪيل[

هر ڪلاس ۾ هڪ ٽيڊي هوندو آهي

ڇنڇر ويندو، آچر ويندو، سومر ايندو ۽ اوهان واپس پنھنجي ڪلاس ۾ ويندؤ.
ائين ئي هڪ ٽيچر، مسز ٿامپسن ڪلاس ۾ داخل ٿي. سندس عادت هوندي هُئي تہ ڪلاس ۾ داخل ٿيڻ ساڻ ئي چوندي هُئي ”لَو يُو آل“...
مطلب توهان سڀني لاءِ پيار...
پر کيس خبر هُئي تہ هُوءَ ڪوڙ پئي ڳالھائي ڇاڪاڻ تہ هُوءَ ڪلاس جي هڪ شاگرد لاءِ اها محبت نہ پئي محسوس ڪري سگهي، جيڪا هُوءَ ٻين لاءِ محسوس ڪندي هُئي. اهو ٻار صفا عجيب هو. لاپرواھہ، اُجڙيل، ميرو ميرو. ان ٻار ۾ ڪُجهہ اهڙو هو ئي ڪونہ، جو هُو مسز ٿامپسن جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائي... هُوءَ بہ هن سان مختلف هُئي. هر غلط ڳالھہ تي هُوءَ، هن جو مثال ڏيندي هُئي ۽ سٺي ڳالھہ تي هن جو مثال ڏيڻ کان پاسو ڪندي هُئي.
ان سال، هن پھرين ٽماهيءَ لاءِ رپورٽ لکي ۽ هيڊ مسٽريس کي ڏياري موڪلي. اسڪول ۾ اهو نظام هو تہ هيڊ مسٽريس کي هر رپورٽ مٿان پنھنجي صحيح ڪرڻي هوندي هُئي.
هيڊ مسٽريس، مسز ٿامپسن کي گهرايو ۽ چيائين، ”ڏس مسز ٿامپسن، پروگريس رپورٽ ۾ ڪنھن جي پروگريس کي رپورٽ ڪرڻ گهرجي. اُن کي پڙهي هر مائٽ کي محسوس ٿيڻ گهرجي تہ مُنھنجي ٻار جو بہ ڪو مستقبل آهي. توهان جيڪا پروگريس رپورٽ ’ٽيڊيءَ‘ لاءِ لکي آهي، اُها اهڙي آهي جو مائٽ تہ کيس ڇڏي ڏيندا.“
ڇوڪري کي ڪلاس ۾ سڀ ’ٽيڊي‘ سڏيندا هُئا. مسز ٿامپسن هڪدم چيو، ”مان ڪُجهہ نٿي ڪري سگهان... مون وٽ هن ٻار بابت سُٺو لکڻ لاءِ تہ ڪُجهہ آهي ئي ڪونہ“
هيڊ مسٽريس اسڪول جي اسٽاف کي حڪم ڪيو تہ ٽيڊيءَ جي اڳوڻن پروگريس ڪارڊن کي ڳوليو وڃي ۽ ڳولي مسز ٿامپسن جي ڪلاس ۾ پھچايا وڃن. مسز ٿامپسن ٽئين درجي جي پروگريس رپورٽ ڏٺي. اُن تي فائنل ريمارڪس ۾ لکيو هو، ”ٽيڊي ڪلاس جو سڀ کان روشن ٻار آهي.“ هُوءَ تہ پڙهي حيران رهجي وئي. چوٿين درجي جي پروگريس رپورٽ ڏٺائين تہ اڳيان وڌندڙ پروگريس ڪارڊ ٻڌايو تہ ”ٽيڊيءَ جي ماءُ کي موتمار ڪينسر هُئو. هُوءَ ٽيڊي کي اهو ڌيان نہ پئي ڏئي سگهي، جيڪو اڳي کيس ڏيندي هُئي ۽ اهو سڀ ٽيڊيءَ جي ڪارڪردگيءَ مان ظاهر ٿي رهيو هو.“
پنجين درجي جي رپورٽ ڪارڊ ۾ لکيو هو تہ، ”ٽيڊي پنھنجي ماءُ وڃائي آهي ۽ اُن سان گڏ پاڻ بہ گم ٿي ويو آهي. هن کي مدد جي شديد ضرورت آهي، نہ تہ اسين هي ٻار وڃائي ويھنداسين.“
اهو سڀ پڙهندي، مسز ٿامپسن جي اکين ۾ ڳوڙها هُئا. هُن پرنسپل ڏانھن نھاريو ۽ چيائين، ”مون کي خبر آهي تہ مون کي ڇا ڪرڻو آهي.“
هُوءَ ڪلاس ڏانھن موٽي وئي.

شايد اهو بہ ڪو سومر هو. هُوءَ ڪلاس ۾ داخل ٿي ۽ ڊائس ڏانھن وڌي ۽ سڀني کي ڏسندي چيائين، ”لَوَ يُو آل..“ پر کيس خبر هُئي تہ هُوءَ هن ڀيري بہ ڪوڙ پئي ڳالھايو، ڇاڪاڻ تہ جيڪا محبت هاڻي هُن جي دل ۾ ’ٽيڊيءَ‘ لاءِ هُئي، سا سڄي ڪلاس کان مٿانھين هُئي.
هُن پنھنجا انداز مَٽائڻ جو فيصلو ڪيو هو. هاڻي هُوءَ هر چڱي ڪم لاءِ ’ٽيڊيءَ‘ جو نالو کڻندي هُئي ۽ ڪوبہ غلط ڪم ٽيڊيءَ جي نالي نہ ٿيندو هو.
اسڪول جو آخري ڏينھن آيو. سڀني ٻارن، استادن لاءِ تحفا آندا هُئا. صرف هڪڙو تحفو هو، جيڪو پراڻين اخبارن ۾ ويڙهيل هو. استاد کي تہ حِسَ هوندي آهي. هُن پڪ سمجهيو تہ اهو تحفو ٽيڊي ئي ڏئي سگهي ٿو. مسز ٿامپسن کولي ڏٺو، هڪ اڌ استعمال ٿيل، خوشبوءَ جي شيشي ۽ هڪ پراڻو ڪنگڻ، جنھن مان ڪُجهہ هيرا اڳ ۾ ئي ڪري چُڪا هُئا، اخبار مان نڪتا.
سڄو ڪلاس کِليو پئي، اهو ڄاڻندي تہ اُهو ٽيڊيءَ وٽان آيو آهي، پر بنا ڪُجهہ ڪُڇڻ جي، مسز ٿامپسن اُها اڌ ڪتب آندل خوشبوءَ جي بوتل کنئي ۽ پنھنجو پاڻ کي خوشبو هنيائين ۽ ڪنگڻ پائي ڇڏيائين.
هلڪڙي مُرڪ سان ٽيڊيءَ چيو، ”هاڻي تون مُنھنجي ماءُ وانگر مَھڪي ٿين، تو مان مُنھنجي ماءُ جي خوشبوء اچي ٿي. هيءَ اُها آخري خوشبوءَ جي بوتل آهي، جيڪا هُن مون کي اڪيلو ڇڏڻ کان پھرين استعمال ڪئي هُئي ۽ هي ڪنگڻ اُها آخري شئي هُئي، جيڪا دفن ڪرڻ کان پھرين سندس جسم تان لاٿي وئي هُئي.“

سال کان پوءِ، اسڪول ختم ٿيو، سيشن ختم ٿيو تہ هڪ خط مسز ٿامپسن جي ٽيبل تي رکيل هو، ”مون ٻيا بہ ڪيترائي اُستاد ڏٺا آهن، پر تون سڀني ۾ بھترين آهين... محبت مان، ٽيڊي“
هر سال، سال جي خاتمي تي مسز ٿامپسن کي ٽيڊيءَ جي پاران اُهو خط ملندو هُو، ”مون ٻيا بہ ڪيترائي اُستاد ڏٺا آهن، پر تون سڀني ۾ بھترين آهين... ٽيڊي“

سالَ گُذري ويا، سندن رابطو ڪٽجي ويو، الاءِ ڪيئن هڪ ڏينھن، هڪ ايجنٽ مسز ٿامپسن کي ڳولي لڌو، جيڪا هاڻي رٽائرڊ ٿي چُڪي هُئي. کيس هڪ خط ڏنائين، جنھن جي پويان صحيح ٿيل هُئي، ’ڊاڪٽر ٿيوڊر... پي ايڇ ڊي‘.
ٽيڊي، پي ايڇ ڊي ٿي ويو هو. هُن خط ۾ لکيو هو، ”مون حياتيءَ ۾ ٻيا بہ گهڻا ماڻھو ڏٺا آهن مسز ٿامپسن، هي تُنھنجو ٽيڊي آهي... تون سڀني کان بھترين اُستاد آهين، جيڪا مون ڏٺي آهي، مان شادي پيو ڪريان ۽ مان تُنھنجي موجودگيءَ کان سواءِ شاديءَ جو سوچي بہ نٿو سگهان.“
خط سان گڏ اچ وڃ جون ٻہ هوائي ٽڪيٽون بہ هيون. مسز ٿامپسن انڪار نہ پئي ڪري سگهي، هُن وٽ خوشبوءَ جي بوتل تہ نہ هُئي، پر اڃا تائين اُهو ڪنگڻ هُن پاڻ وٽ سنڀالي رکيو. هُن اُهو ڪنگڻ پاتو ۽ چَرچ وئي. اُتي هُن آخري قطار ۾ ويھڻ گهريو، پر والنٽيئرز کيس سُڃاڻي ويا ۽ پھرين قطار ڏانھن وٺي ويا. پھرين قطار ۾ هڪ نشست هُئي، جنھن تي ڪارڊ لڳل هُو ۽ ڪارڊ تي لکيل هو ”امڙ“.
ٿيوڊر، ذاتي طور مسز ٿامپسن کي درخواست ڪئي، تہ اُن ڪُرسيءَ تي ويھي ۽ ڪنن ۾ سُرٻاٽ ڪيائينس، ”توهان مُنھنجي ماءُ جي بلڪل ويجهو آهيو، بلڪہ اوهڙا ئي آهيو، اڄ مان جيڪي ڪُجهہ بہ آهيان صرف توهان جي ڪري آهيان.“
شادي ٿي وئي ۽ شاديءَ کان پوءِ ٿيوڊر، مسز ٿامپسن کي پنھنجي نئين ڪُنوار سان ملايو ۽ چيائين، ”هن کان سواءِ مان ڪڏهن بہ اُتي پھچي نہ سگهان ها، جتي مان اڄ آهيان.“
سندس اکين ۾ ڳوڙها هُئا. مسز ٿامپسن ڪنوار کي چيو، ”ٽيڊيءَ کان سواءِ مون کي بہ اهو احساس نہ ٿئي ها، تہ هڪ ٽيچر کي پھرين ماءُ ٿيڻ گهرجي ۽ تنھن کان پوءِ کيس اُستاد بڻجڻ گهرجي.“

بس اها ئي درخواست آهي.
توهان جي ڪلاس ۾ بہ هڪ ’ٽيڊي‘ آهي. سومر ايندو ۽ اوهان پنھنجي ڪلاس ۾ ويندؤ، تہ ڏسجو اُتي بہ هڪڙو ٽيڊي اٿوَ... توهان مسز ٿامپسن ٿي سگهو ٿا. سومر تي پنھنجي اسڪول وڃو تہ اُستاد ٿي نہ وڃو، مائٽ ٿي وڃجو، جيڪو سدائين اُستاد ٿي سگهي، جيڪو اهڙن ٻارڙن جي حياتيءَ ۾ اهم موڙ بڻجي سگهي.

اسان کي اسان جي وڏڙن ملايو

اهو مُنھنجي ماءُ جي تدفين جو ڏينھن هو.
مُنھنجي ماءُ هڪ بھترين عورت هُئي، هُوءَ سدائين ڏکئي وقت ۾ مون ساڻ هوندي هُئي، مُنھنجي لاءِ سڄي زندگيءَ ۾ دعا جو در هُئي.
جڏهن هُوءَ ڏاڍي بيمار ٿي تہ مُنھنجي وڏي ڀيڻ کي تازو ٻار ڄائو هو ۽ مُنھنجي ڀاءُ جي شاديءَ کي ڪو گهڻو وقت نہ ٿيو هو، مون وٽ وقت هو ۽ اهو مون ماءُ جي خدمت ڪرڻ ۾ گذارڻ، پنھنجي لاءِ هڪ اعزاز سمجهيو.
هاڻي جڏهن هُوءَ وڃي چُڪي هُئي تہ مان الاءِ ڪٿي گم ٿي وئي هُئس. ”مان هاڻي ڇا ڪنديس خدا؟“ مون سوچيو ۽ پنھنجي اندر کي خالي محسوس ڪيو. مُنھنجي ڀاءُ جو هٿ پنھنجي زال جي هٿ ۾ هو ۽ مُنھنجي ڀيڻ، پنھنجي ٻارڙي کي هنج ۾ کنيو بيٺي هُئي.
مان اڪيلي ويٺي هُئس. مُنھنجي شديد ڏُک جي محسوسات ڪنھن کي بہ نہ هُئي. مُنھنجي ماءُ مُنھنجي بھترين ساهيڙي هُئي. اسين گڏجي ماني تيار ڪندا هُئاسين، مان کيس ڊاڪٽر ڏي وٺي ويندي هُئس، ساڻس پنڌ ڪندي، اسين جام ڪچھريون ڪندا هئاسين. هاڻي سندس سفر پورو ٿيو هو ۽ مان اڪيلي هُئس.
اوچتو لڳم تہ دروازو کُليو ۽ فرش تي تڪڙن قدمن جو آواز اُڀريو. ڪُجهہ لمحن ۾ ئي مون هڪ نوجوان ڏٺو، جنھن جون اکيون ڳوڙهن سان تَر هيون، هُو مُنھنجي ڀرسان اچي ويٺو ۽ ڀڻڪندي چيائين، ”مون کي دير ٿي وئي...“ ڪُجهہ لمحا ترسي چيائين، ”جڏهن هن جو نالو ’ميري‘ هو تہ پوءِ سڀ کيس ’مارگريٽ‘ ڇو پيا سڏين؟“
مون ڀڻڪيو، ”ڇاڪاڻ تہ سندس نالو ’مارگريٽ‘ هو، کيس ڪوبہ ’ميري‘ نہ سڏيندو هو.“ مون کي حيرت پئي ٿي تہ هي اجنبي، مُنھنجي ڏُک ونڊائڻ مھل ڪھڙيون عجيب ڳالھيون پيو ڪري.
”هن جو نالو ميري پيٽرس هو.“ هن ضد ڪيو.
”نہ اهو صحيح ناهي.“ مون ورندي ڏني...
اوچتو ڄڻ کيس ڪو خيال آيو. هن پُڇيو. ”هي لوئرن چرچ ناهي؟“
”نہ... اهو تہ روڊ جي هُن پار آهي.“
هاڻي اهو واضح ٿي ويو هو تہ نوجوان ڪنھن غلط تدفين تي آيو هو. سندس صورت ڏسي، الاءِ ڇو مون کي کِلَ اچي وئي، هُو ايڏو مُنڌل هو. تعزيت ڪندڙ مون کي حيرت سان ڏسڻ لڳا، مون کي کِلندو ڏسي، هُو بہ کِلڻ لڳو، مون کي لڳو ڄڻ امان بہ اسان کي ڏسي رهي هجي ۽ اسان ساڻ گڏ کِلي رهي هجي.
تدفين ٿيڻ کان پوءِ اسين پارڪنگ طرف وڃي رهيا هئاسين تہ هُن مُرڪندي چيو، ”سڄو شھر اسان بابت پيو ڳالھيون ڪري، مان تہ پنھنجي ماسيءَ جي جنازي ۾ شرڪت نہ ڪري سگهيس. ڇا اسين... ڪافيءَ جو ڪوپ پِي سگهون ٿا؟“
مون هائوڪار ڪئي.
هڪ سال کان پوءِ اسان جي شادي ٿي وئي ۽ هن ڀيري اسين ٻئي هڪ ئي وقت تي صحيح جاءِ تي پھتا هئاسين. خدا مون کي منھنجي ڏک جي گهڙيءَ ۾ خوشي ۽ کِل موٽائي ڏني هئي. هاڻي اسان پنھنجي شاديءَ جي ٻاويھين سالگره ملھائي رهيا آهيون. جڏهن بہ ڪير اسان کان پڇندو آهي تہ اسين ڪيئن ملياسين تہ منھنجو مڙس کِلندي چوندو آ، ”هِن جي ماءُ ۽ منھنجي ماسيءَ... اسان کي پاڻ ۾ ملايو. اسان جي وڏڙن اسان جو رشتو ڪرايو.“

تحفو

گهڻا سال اڳ مان ٽيڪسي هلائيندو هُئس.
هڪ ڀيري مون کي هڪ مسافر رات جو کڻڻو هو. جڏهن مان ٻُڌايل ائڊريس تي پھتس تہ سڄي عمارت اوندھہ ۾ ٻُڏل هُئي. صرف گرائونڊ فلور جي هڪ دريءَ مان روشني اچي رهي هُئي. اهڙين حالتن ۾ ڪيترائي ڊرائيور رڳو ڪُجهہ لمحا انتظار ڪندا آهن ۽ تڪڙا واپس هليا ويندا آهن پر مون سوچيو تہ متان مسافر کي مُنھنجي مدد جي ضرورت هجي ۽ تنھن ڪري ئي پنھنجي عادت موجب، مان اڳيان وڃي، پھريان در کڙڪائيندو آهيان. هن ڀيري بہ مون ائين ئي ڪيو. اندران ڪنھن ڪراڙيءَ جو جهيڻو آواز آيو. ”ٿورو ترسجو... ٻہ منٽ“
در کُليو ۽ مون اسيءَ کان مٿي جي عُمر جي هڪ ننڍڙي قد جي ڪراڙي خاتون کي ڏٺو، جنھن جي ٻنھين هٿن، هڪ ننڍڙي پيتيءَ کي جهليو هو. مون سندس هٿن مان پيتي ورتي ۽ سھارو ڏئي ٽيڪسيءَ تائين آندومانس.
”تنھنجي مھربانيءَ لاءِ مھرباني“ هن چيو.
”اهڙي ڪابہ ڳالھہ ناهي.“ مون وراڻيو، ”مان پنھنجن مسافرن سان بہ اهو ئي سلوڪ ڪندو آهيان، جيڪو چاهيندو آهيان تہ مُنھنجي پنھنجي ماءُ سان ٿئي.“
”تون هڪ زبردست انسان آهين.“ هن چيو.
جڏهن اسان ٽيڪسيءَ ۾ ويٺاسين تہ هُن مون کي ائڊريس ٻُڌائي ۽ چيائين، ”پاڻ شھر جي وچان هلي سگهون ٿا؟“
مون کيس ٻُڌايو تہ اهو ڊگهو رستو آهي، ڪو ننڍو ناهي.
”مان ڄاڻان ٿي...“ هن چيو، ”پر هِن مھل ڪا گهڻي رش بہ ناهي ۽ مان هونئن بہ محتاج خاني وڃي رهي آهيان. مُنھنجو ڪو پنھنجو بچيو ئي ڪونھي.“
مون محسوس ڪيو تہ سندس اکين ۾ ڳوڙها هُئا.
مون خاموشيءَ سان ميٽر بند ڪيو ۽ پڇيومانس تہ هُوءَ ڪھڙي رستي کان مون کي وٺي وڃڻ ٿي گهري. جڏهن اسين، سندس وڻندڙ رستن تان شھر مان لنگهندا رهياسين تہ ڪراڙي سڄي واٽ مون کي اهي جايون ڏيکاريندي رهي، جيڪي سندس حياتيءَ ۾ خاص حيثيت رکنديون هيون. اها عمارت جنھن ۾ هُن نوڪري ڪئي هُئي. اهو گهر جتي هُوءَ ۽ سندس گهر وارو شاديءَ کان پوءِ ڪُجهہ عرصو مسَ رهيا هُئا. هڪ گودام، جتي اڳئين زماني ۾ هڪ ’ناچ گهر‘ هوندو هو ۽ جتي پنھنجي جوانيءَ ۾ هُوءَ دل کولي رقص ڪندي هُئي.
ٻن ڪلاڪن جي ڊرائيونگ کان پوءِ هُن مُرڪندي چيو، ”مان ٿڪجي پئي آهيان، هل تہ هاڻ هلون.“
جيڪا ائڊريس هن مون کي ٻُڌائي هُئي، اتي جيئن ئي پھتاسين تہ ٻن باوردي ملازمن کيس اتي ئي آڌارڀاءُ ڪيو. هُو اڳ ۾ ئي سندس منتظر هُئا. مون ڪراڙيءَ جي پيتي کنئين، تيستائين هُنن کيس ويل چيئر ۾ ويھاري ڇڏيو هو.
”گهڻو ڀاڙو ٿيو؟“ هُن پڇيو.
مون کيس وراڻيو تہ، ”ڪُجهہ بہ نہ ٿيو هو.“
”نہ پر، توکي بہ جيئڻو تہ آهي“ هُن چيو.
”ٻيا بہ الاهِي مسافر ملي ويندا.“ مون وراڻيو ۽ هڪ ڀاڪر پاتومانس. هُن مون کي مضبوطيءَ سان ڀاڪر ۾ ڀري ورتو.
”خوشيءَ جي انھن لمحن کي مون تائين پھچائڻ لاءِ وڏي مھرباني.“ هُن چيو.
جڏهن مان ٽيڪسيءَ طرف موٽي رهيو هُئس تہ مون در بند ٿيڻ جو آواز ٻُڌو. مُنھنجي اندر چيو تہ ڄڻ اهو آواز ڪنھن انسان جي حياتيءَ جي در بند ٿيڻ جو اشارو هُجي.
ان ڏينھن مون ٻيو ڪوبہ مسافر نہ کنيو ۽ بنان ڪنھن مطلب ۽ مقصد جي آءٌ اجايو رستن تي گاڏي ڊوڙائيندو رهيس. مون کي بس ان ڪراڙيءَ جو خيال هو. ڇا ٿئي ها جي کيس ڪو ڪاوڙيل، يا مختلف طبيعت جو ڊرائيور ملي ها! جيڪو هن شفٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ بيتاب هُجي ها. مون کي بس ائين لڳو پئي، تہ اها اڄوڪي ڊرائيو، مُنھنجي سڄي حياتيءَ جو اهم ترين واقعو هُئي.
اسين سدائين زبردست لمحن جي ڳولا ۾ هوندا آهيون، پر اُهي گهڙيون اسان کي بنان ٻُڌائڻ جي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀري وٺنديون آهن ۽ مٿان وري انھن تي ڪو اهڙو قيمتي ڪاغذ بہ ناهي ويڙهيل هوندو، جو اسين ان تحفي کي سُڃاڻي سگهون.

ڌڻي ڪيئن ملائي ٿو!

نصيب ۾ هُجي تہ انسان اڌ صديءَ کان پوءِ بہ ملي سگهي ٿو.
هڪ شام جو گهر موٽندي، هڪڙي گهٽيءَ مان هڪ ٻَٽون لڌم، جيڪو کڻي ان جي اندر جو سامان ڏٺم تہ جيئن سڃاڻپ جي ڪا نشاني ملي تہ مالڪ کي اهو پھچايان، پر ٻَٽونءَ ۾ صرف ٽي ڊالر هُئا ۽ هڪ مروڙيل سروڙيل خط هو، جيڪو لڳو پئي تہ الاءِ ڪيترن سالن کان ان ۾ پيل هو.
خط جو لفافو تباھہ حالت ۾ هو ۽ جيڪا شئي کيس ڏسندي سمجهہ ۾ اچي رهي هُئي، سا ان مٿان واپسيءَ جي ائڊريس هُئي. مون خط کوليو تہ جيئن ڪا خبر تہ پوي. خط مٿان تاريخ لکيل هُئي 1924ع. اهو خط ڪو سٺ ستر سال اڳ جو لکيل هو.
زناني خوبصورت هٿ اکريءَ سان، آسماني رنگ جي ڪاغذ تي لکيل ان خطَ ۾ کاٻي طرف هڪ سھڻو گل اُڪريل هو. شروعات ’پيارا جان‘ سان ٿي رهي هُئي. جنھن مان اندازو لڳائي پيو سگهجي تہ اهو ڪنھن ڏانھن لکيل آهي. سڄو نالو مائيڪل ظاهر ٿئي پيو. لکندڙ، جان مائيڪل کي لکيو هو تہ، ”سندس امڙ کيس منع ڪئي آهي ۽ هُو هاڻي ڪڏهن بہ ساڻس نٿي ملي سگهي، ائين هوندي بہ هُوءَ سڄي ڄمار ساڻس محبت ڪندي رهندي.“ آخر ۾ صحيح ٿيل هُئي. ’هانا‘.
بيحد خوبصورت خط هو. پر سواءِ مائيڪل جي نالي هُئڻ جي، اهڙي ڪا بہ نشاني نہ پئي ملي تہ اهو ڪنھن ڏي لکيل هو. مون سوچيو جي مان آپريٽر سان ڳالھايان تہ شايد هُو خط تي لکيل موٽ واري ائڊريس جو فون نمبر مون کي رابطي لاءِ ڏئي ڇڏي.
”آپريٽر“ مون شروعات ڪئي، ”هي هڪ عجيب درخواست آهي. مون هڪ ٻَٽون لڌو آهي، جنھن جي مالڪ جي ڳولا ۾ آهيان. ڇا توهان مُنھنجي اهڙي ڪا مدد ڪري سگهو ٿا؟ جو ان ائڊريس جو فون نمبر ملي پوي، جيڪا ائڊريس خط تي لکيل آهي!“ هُن صلاح ڏني تہ مان سندس سپروائيزر سان ڳالھايان، جيڪا پاڻ مُنجهي پئي.
”ان ائڊريس تي فون آهي تہ سھي، پر اهو نمبر مان توهان کي نٿي ڏئي سگهان.“ هن چيو. اخلاقي طور هن اها مدد ڪرڻ جي آڇ بہ ڪئي تہ هُوءَ پاڻ ان نمبر تي ڊائل ڪري ۽ کين سڄي ڳالھہ ٻُڌائي، اها پڇا ڪري تہ ڇا هُو مون سان رابطو ڪرڻ گهرن ٿا. مون هاڪار ڪئي، هُن ڪُجهہ گهڙيون مون کي انتظار ڪرايو ۽ وري مون فون تي سندس آواز ٻُڌو، ”مون وٽ ڪو مھربان آهي، جيڪو اوهان سان ڳالھائڻ گهري ٿو.“
لائن ملي تہ مون پريان ڳالھائيندڙ خاتون کان پُڇيو تہ، ”ڇا هُوءَ هانا نالي ڪنھن خاتون کي سڃاڻي ٿي؟“
هن وڏو ساھہ کنيو، ”اسان هي گهر هڪ خاندان کان ٽيھہ سال اڳ خريد ڪيو هو، هُنن جي ڌيءَ جو نالو هانا هو... پر اها تہ گهڻو اڳ جي ڳالھہ آهي.“
”توهان کي اندازو آهي تہ اهو خاندان هاڻي ڪٿي هوندو؟“ مون پُڇيو.
”مون کي ياد اچي ٿو تہ هانا ڪُجهہ سال اڳ پنھنجي ماءُ کي هڪ نرسنگ هوم ۾ داخل ڪرايو هو.“ عورت وراڻيو. ”جي توهان ان نرسنگ هوم سان رابطو ڪريو تہ شايد اوهان هانا تائين بہ پھچي وڃو.“
هن مون کي نرسنگ هوم جي ائڊريس ڏني ۽ مون اتي فون گهمائي. هُنن ٻُڌايو تہ، ڪراڙي ڪُجهہ سال اڳ گذاري وئي هُئي، پر وٽن هڪ نمبر اهڙو هو، جيڪو رابطي جو ڪم ڪري سگهيو پئي ۽ شايد ان نمبر تي اها ڇوڪري رهندي هُجي.
مون سندن ٿورا مڃيا ۽ ڏنل نمبر تي فون ڪيم، جنھن عورت فون کنئين، ان ٻُڌايو تہ هانا پاڻ هاڻي هڪ نرسنگ هوم ۾ رهي ٿي. مون کي اهو سڀ بيوقوفي پئي لڳو. مون پنھنجو پاڻ کي دڙيو، ڪھڙي ضرورت آهي ايتري ڪوشش ڪرڻ جي... هڪڙو ٻَٽون لڌو هو، جنھن ۾ ڇڙا ٽي ڊالر هُئا ۽ هڪڙو خط هو، جيڪو بہ سٺ ستر سال پراڻو هو.
بس، الاءِ ڇو اهو سڀ ائين هو. مون ان نرسنگ هوم تي فون ملائي، جنھن بابت اندازو هو تہ هانا اتي رهي ٿي، جنھن همراھہ فون کنئين، ان ٻُڌايو تہ ”ها، هانا اسان وٽ ئي رهي ٿي.“
جيتوڻيڪ رات جا ڏھہ ٿي رهيا هُئا، پر مون پُڇيو تہ، ”ڇا مان هُن سان ملڻ لاءِ اتي اچي سگهان ٿو؟“ هن هٻڪَ سان وراڻيو، ”جي توهان ڪوشش ڪرڻ ٿا گهرو، تہ هُوءَ شايد ٽيليويزن ڏسڻ واري ڪمري ۾ موجود هجي.“
مون سندس ٿورا مڃيا ۽ نرسنگ روم لاءِ نڪري پيس. نائٽ نرسن ۽ گارڊ مُنھنجو آڌرڀاءُ ڪيو. وڏي عمارت جي ٽين ماڙ تي، ٽيليوزن ڏسڻ واري ڪمري ۾، نرس مون کي هانا سان ملايو.
هُوءَ ڏاڍي پياري، چانديءَ جي وارن واري ڪُراڙي هُئي، جنھن جي مُرڪ بيحد دلڪش هُئي ۽ سندس اکين جي جوت الاءِ ڇا هُئي! مون کيس وڃايل ٻَٽونءَ جي لڀجڻ واري ڪھاڻي سربستي ٻُڌائي ۽ خط ڏيکاريومانس. جنھن گهڙيءَ هُن آسماني رنگ جو لفافو ڏٺو، جنھن جي کاٻي طرف گُل اڪريل هو تہ وڏو ساھہ کنيائين ۽ چيائين، ”نوجوانَ!هي خط، مُنھنجو مائيڪل سان آخري رابطو هو.“
هُن ڄڻ ڏُور ڪٿي نھاريو ۽ خيالن ۾ ڪُجهہ گهڙين لاءِ گم ٿي وئي ۽ پوءِ نرم لهجي ۾ چوڻ لڳي، ”مان هُن سان شديد محبت ڪندي هُئس، پر ان مھل مان رڳو سورنھن سالن جي هُئس ۽ مُنھنجي ماءُ جو خيال هو تہ مان ڏاڍي ننڍڙي هُئس... هُو... ڇا تہ حسين ماڻھو هو.... اداڪار ’شان ڪانري‘ جھڙو لڳندو هو.“ وڏو ساھہ کنيائين ۽ ڳالھہ جاري رکيائين، ”هائو... بلڪل ائين ئي هو. مائيڪل گولڊ اسٽين هڪ زبردست ماڻھو هو. جي توهان کي ڪٿي ملي وڃي تہ ٻُڌائجانس تہ مان اڪثر کيس ياد ڪندي آهيان.“ هُوءَ ٿوري هٻڪي، ”کيس ٻڌائجانءِ تہ مان اڃا تائين هن سان پيار ڪندي آهيان.“ اهو مُرڪندي هُن چيو، پر ڳوڙها سندس اکين مان ٽِمِي پيا، ”مون ڪڏهن بہ شادي ڪونہ ڪئي. سمجهان ٿي تہ ڪو بہ هن جھڙو هو ئي ڪونہ.“
مون هانا جا ٿورا مڃيا ۽ موڪلايو. پھرئين منزل تائين لفٽ تان لٿس ۽ جيئن مان ان جي در ڀرسان بيٺو هوس تہ گارڊ پُڇيو، ”ڪُراڙيءَ اوهان جي ڪا مدد ڪئي؟“
مون کيس ٻُڌايو تہ، ”هُن مون کي ڪُجهہ اشارا تہ ڏنا آهن ۽ بھرحال مون وٽ نالي جو آخري حصو تہ آهي، پر مان سمجهان ٿو تہ هاڻي بس اهو معاملو ختم ئي ڪيان. سڄو ڏينھن مون هڪ ٻَٽونءَ جي مالڪ جي ڳولا ۾ وڃائي ڇڏيو آهي.“
ڳالھين ڳالھين ۾ مون ٻَٽون ڪڍيو هو، جيڪو سادي ناسي رنگ جي چمڙي جو ٺهيل هو ۽ پاسي کان ڳاڙهي رنگ جي پامڪ (فرل) لڳل هُئس. گارڊ جي نظر جيئن ئي ٻَٽونءَ تي پئي تہ هُن رڙ ڪئي، ”ترسو هي تہ مسٽر گولڊ اسٽين جو ٻَٽون آهي. ان ڳاڙهي پٽيءَ جي ڪري مان اهو ڪٿي بہ سڃاڻي سگهان ٿو. هُو سدائين اهو ٻَٽون وڃائيندو آهي. مون گهٽ ۾ گهٽ ٽي دفعا تہ اهو ڪٿي نہ ڪٿي لڌو هو.“
”مسٽر گولڊ اسٽين ڪير آهي؟“ مُنھنجا هٿ ڏڪڻ شروع ٿيا.
”هُو اٺين ماڙ تي رهندڙ هڪ ڪراڙو آهي سائين... الاءِ ڪيترن سالن کان هتي رهي پيو، اهو ٻَٽون گولڊ اسٽين جو ئي آهي. ان جي مون کي پَڪَ آهي، هن وري اهو ڪٿي واڪ ڪندي وڃائي ڇڏيو هوندو.“
مون گارڊ جي مھرباني مڃي ۽ وري نرسن جي ڪمري ڏانھن ڀڳس. مون گارڊ واري ڳالھہ ٻُڌائي. اسين لفٽ ڏانھن واپس ورياسين ۽ مون دل ئي دل ۾ اها دعا پئي گهري، تہ مسٽر گولڊ اسٽين جاڳندو هجي.
اٺين ماڙ تي پھچندي نرس چيو، ”مون کي لڳي ٿو تہ هُو اڃان تائين جاڳندو هوندو. هُو رات جو دير تائين پڙهندو رهندو آهي، ڏاڍو زبردست پيارو ماڻھو آ.“
هڪڙي اڪيلي ڪمري جي ئي بتي ٻري رهي هُئي. اتي پھتاسين تہ هُن ڪتاب پئي پڙهيو، نرس وٽس وئي ۽ کانئس پڇيائين تہ، ”ڇا هُن کان سندس ٻَٽون گم ٿي ويو آهي؟“
مسٽر گولڊ اسٽين حيرت سان ڏسندو، پنھنجي ٽرائوزر جي پوئين کيسي تي هٿ هنيو ۽ چيائين، ”اڙي اهو تہ ڪونھي.“
”هن مھربان کي ڪو ٻَٽون مليو آهي ۽ کيس لڳي ٿو تہ شايد اهو اوهان جو هُجي.“
مون مسٽر گولڊ اسٽين کي ٻَٽون ڏنو ۽ هُن ڏسندي ئي اطمينان جو ساھہ کنيو، مرڪيائين ۽ چيائين، ”بلڪل اهو ئي آهي.... اهو منجهند جو مُنھنجي کيسي مان ڪٿي ڪريو هوندو. مان توکي انعام ڏيڻ گهران ٿو.“
”نہ نہ... مھرباني“ مون وراڻيو، ”پر مون کي توهان کي ڪُجهہ ٻُڌائڻو آهي. مون اهو ڏسڻ لاءِ تہ هي ٻَٽون ڪنھن جو آهي؟ ان ۾ رکيل خط پڙهيو هو.“
سندس مُک تان مُرڪ گم ٿي وئي، ”تو خط پڙهي ورتو؟“
”نہ صرف خط پڙهيم، پر مان سمجهان ٿو تہ مان اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ هانا ڪٿي آهي.“
هُو هڪدم پِيلو ٿي ويو. ”هانا؟ توکي خبر آهي تہ هُوءَ ڪٿي آهي؟ ڪيئن آهي؟... ڇا هُوءَ اڃان بہ ايڏي ئي سھڻي آهي، جيڏي اڳ هُئي. مھرباني ڪري مون کي ٻُڌاءِ...“ هُن منٿ ڪئي.
”هُوءَ ٺيڪ آهي ۽ اهڙي ئي سھڻي آهي، جھڙي تو ڏٺي هُئي.“ مون وراڻيو ڪراڙي هڪ گهري مرڪَ ڏني.
”تون مون کي ٻُڌائي سگهين ٿو تہ هُوءَ ڪٿي آهي؟ مان سڀاڻي کيس فون ڪرڻ ٿو گهران.“ هن مُنھنجو هٿ جهليو ۽ چيائين، ”توکي خبر آهي نوجوان، جنھن مھل اهو خط آيو هو تہ مان ان ڇوڪريءَ سان شديد محبت ڪندو هُئس. خط ملڻ سان ڄڻ مُنھنجي زندگي ختم ٿي وئي هُئي. مون شادي نہ ڪئي، مون کي لڳي ٿو تہ مون سڄي ڄمار هُن سان پيار ڪيو آهي.“
”مسٽر گولڊ اسٽين!“ مون چيو، ”مون سان گڏ اچو.“
اسان لفٽ ۾ هيٺ ٽئين ماڙ تائين آياسين. ورانڊي ۾ هلڪي روشني هُئي صرف ان ڪمري ۾ لائيٽ ٻري رهي هُئي، جتي هانا ويٺي ٽيليويزن ڏٺي. نرس هُن ڏانھن وڌي، ”هانا!“ هُن، مائيڪل ڏانھن اشارو ڪندي کيس سڏيو، ”ڇا تون هِن ماڻھوءَ کي سڃاڻين ٿين؟“
هن پنھنجي عينڪ ٺيڪ ڪئي، غور سان ڏٺائين، پر ڪجهہ نہ ڪُڇيائين مائيڪل ڄڻ سرگوشيءَ واري انداز ۾ چيو، ”هانا... مان مائيڪل آهيان... ڇا توکي مان ياد آهيان؟“
”مائيڪل“ هُوءَ ڄڻ اڀساهيءَ ۾ اچي وئي، ”مائيڪل مون کي تہ اعتبار ئي نٿو اچي. اهو تون آهين مائيڪل؟“
هُو آهستڙي هُن ڏي وڌيو ۽ ٻنھين هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. نرس ۽ مُنھنجا ڳوڙها، ڳلن تان ترڪندا رهيا، ”ڏٺوَ“ مون چيو، ”ڏٺوَ، ڌڻي چاهي تہ ڪيئن ميلاپ ڪرائي ٿو.“

تقريبن ٽن هفتن کان پوءِ مُنھنجي آفيس تي هڪ ڪال آئي، ”توهان آچر تي هڪ شاديءَ ۾ شرڪت ڪري سگهو ٿا؟ مائيڪل ۽ هانا شادي ٿا ڪن.“
اها هڪ خوبصورت شادي هُئي، جنھن ۾ نرسنگ هوم ۾ رهندڙ سڀني ماڻھن زبردست نموني شرڪت ڪئي، هانا هلڪي پيلي لباس ۾ سھڻي پئي لڳي ۽ مائيڪل آسماني ڪلر فل سوٽ ۾ بلند قامت ٿي محسوس ٿيو.
هُنن مون کي پنھنجو آنر ڪيو. اداري کين پنھنجو ڪمرو الاٽ ڪري ڇڏيو. سٺ سالن جي جدائيءَ کي ڀرپور خاتمو مليو هو.

پل پل ۾ پچار، آهي آديسين کي

الاءِ ڪيتري عرصي کان جيڪَ کيس ڏٺو ڪونہ هُئي. ڪاليج، ڇوڪريون، ڪئريئر ۽ زندگيءَ جي جاکوڙ، کيس الاءِ ڪيترو پري کڻي وئي هُئي. ڳالھہ اها بہ هُئي جو پنھنجي ڪيريئر ٺاهڻ لاءِ، جيڪ الاءِ ڪيترا جبلَ جهاڳيا هُئا. هاڻي هن مصروف ترين وقت ۾ کيس پنھنجي ماضي ياد ڪرڻ لاءِ وقت ئي ڪھڙو بچيو هو. ڪڏهن ڪڏهن تہ وٽس پنھنجي زالَ ۽ پٽ لاءِ بہ وقت نہ هوندو هو. فون تي جيڪ کي سندس ماءُ ٻُڌايو، ”ڪلھہ رات مسٽر بيسلر گذاري ويو. اربع تي سندس تدفين ٿيندي.“ الاءِ ڪيترا يادگار لمحا جيڪ جي اکين آڏو لنگهي ويا کيس پنھنجو ننڍپڻ ڏاڍو ياد آيو.
”جيڪ ڇا تون مون کي ٻُڌين پيو؟“
”معافي ٿو گهران امان... بلڪل بہ مان توهان کي ٻڌان پيو. الاءِ ڪيتري عرصي کان پوءِ مون هن کي ياد ڪيو آهي، شرمسار آهيان، پر مون کي تہ لڳندو هو تہ هُو ڪڏهوڪو گذاري ويو هو.“
”هن ڪڏهن بہ توکي نہ وساريو، جڏهن بہ مان ساڻس ملندي هُئس تہ هُو هڪدم تو بابت سوال ڪندو هو تہ تون ڇا پيو ڪرين؟ هُو ماضيءَ جا ڏينھن پيو ياد ڪندو هو. جڏهن تون هُن سان وقت گذاريندو هُئين.“
”مون کي سندس پراڻو گهر ڏاڍو وڻندو هو.“ جيڪ چيو.
”توکي خبر آهي جيڪ. جڏهن تنھنجي پيءُ وفات ڪئي هُئي اهو مسٽر بيسلر ئي هو، جنھن توکي اهو احساس ٿيڻ ئي نہ ڏنو هو تہ ڪو تون يتيم آهين.“ ماءُ چيو.
”هُو ئي تہ هو جنھن مون کي واڍڪو ڪم سيکاريو هو،“ جيڪ چيو ”مان ڪاروبار ۾ ايتري ترقي ڪري ئي نہ سگهان ها، جي هُو مون کي اهو سڀ ڪُجهہ نہ سيکاري ها... هُن الاءِ ڪيترو عرصو مون کي اهم سبقن جي سِکيا ڏيندي گذاريو... مان هن جي جنازي ۾ شرڪت لاءِ ضرور پھچندس.“
**
مصروفيت جي باوجود بہ هن وقت ڪڍيو. اڳلي اڏام وسيلي، هُو پنھنجي اباڻي شھر پھتو. مسٽر بيسلر جي تدفين سادي سودي هُئي. کيس پنھنجو ڪو ٻار نہ هو ۽ سندس الاهِي عزيز تہ اڳ ۾ ئي فوت ٿي چُڪا هُئا. جنازي ۾ ڪي ٿورا ماڻھو شريڪ ٿيا هُئا. جنھن رات جي صبح جو جيڪ کي واپس ورڻو هو. ان رات، جيڪ ۽ سندس ماءُ مسٽر بيسلر جي پراڻي گهر کي هڪ ڀيرو وري ڏسڻ لاءِ ان گهٽيءَ مان لنگهيا. گهر جي دروازي وٽ بيٺي، جيڪ ڪُجهہ لمحن لاءِ ڄڻ اٽڪي پيو ڄڻ وقت الاءِ ڪيڏو پوئتي موٽي ويو هو، ياد جا در کُلي پيا هُئا. سڀ ڪُجهہ ساڳيو هو. تصويرون، فرنيچر، سڀ ڪُجهہ... ڪُجهہ بہ تہ نہ بدليو هو.
اوچتو جيڪ ڄڻ پريشان ٿي ويو.
”ڇا ٿيو؟“ سندس ماءُ پُڇيو.
”دٻو ڪونھي ڪو اتي“ هُن وراڻيو.
”دٻو...! ڪھڙو دٻو؟“ ماءُ پُڇيس.
”او هتي سامھون هن ڪمري جي دريءَ وٽ، ٽيبل جي مٿان هڪ سوني صندوق رکيل هوندي هُئي. سونهري دٻو. مون کانئس ڪو هزار ڀيرا پُڇيو هوندو تہ ان دٻي ۾ ڇا هي؟ هُن سدائين اهو وراڻيو هو تہ ان ۾ اهو ڪُجهہ آهي جيڪو مون وٽ سڀ کان اهم آهي.“
اهو دٻو گم ٿي چُڪو هو. گهر جي هر شئي بلڪل اوئين ئي هُئي، جيئن جيڪ ڏسي ويو هو. بس دٻو ڪونہ هو. کيس لڳو تہ مسٽر بيسلر جي گهر وارن مان ڪنھن اهو دٻو کنيو هوندو.
”مون کي هاڻي ڪڏهن بہ اها خبر نہ پئجي سگهندي تہ هن جي قيمتي ترين شئي ڪھڙي هُئي؟“ جيڪ چيو، ”مان ٿوري دير ننڊ ڪري وٺان امان... مون کي صبح جو جلدي جھاز پڪڙڻو آهي.“
**
مسٽر بيسلر جي وفات کان ڪو ٻن هفتن کان پوءِ هڪ ڏينھن ڪم تان موٽندي، جيڪ کي پنھنجي ٽپال جي دٻي تي هڪ چِٽ لڳل ملي.
’هڪ دٻي تي صحيح وٺڻي آهي، گهر ۾ ڪوبہ ڪونھي مھرباني ڪري ويجهي ٽپال گهر تي ٽن ڏينھن اندر اچو ۽ پنھنجي ٽپال کڻي وڃو.‘ ٻئي ڏينھن صبح ساڻ، جيڪ اهو دٻو ورتو. ننڍڙو دٻو پراڻو پئي لڳو، ڄڻ سوين سالن جو موڪليل هُجي، هٿ اکري ڏاڍي ڏُکي هُئي، پر موٽ جي ائڊريسَ سندس ڌيان ڇڪائي ورتو، هن پڙهيو، ”هيرالڊ بيسلر“.
هن دٻو کنيو ۽ پنھنجي ڪار ۾ پھچي، ان جو ڪاغذ ڦاڙي ڇڏيائين. ان دٻي اندر سونهري صندوقڙي هُئي ۽ هڪ لفافو رکيل هو. لفافو کوليندي، جيڪ جا هَٿَ ڏڪي رهيا هُئا. اندران هڪ خط نڪتو، جنھن تي لکيل هو، ’مُنھنجي مرڻ کان پوءِ هن دٻي ۾ پيل سامان کي جيڪ بئنيٽ تائين پھچائجو. هي اها شئي آهي، جيڪا مُنھنجي لاءِ سڄي حياتيءَ اهم ترين رهي هُئي.‘
خط ساڻ، هڪ ننڍڙي چاٻي، ٽيپ وسيلي چنبڙيل هُئي. جيڪ جي دل جو ڌڙڪو تيز ٿي ويو. سندس اکين مان ڳوڙها ڪرڻ لڳا، هن ڏڪندڙ هٿن سان صندوقڙيءَ جو تالو، ان چاٻيءَ سان کوليو، جنھن ۾ هڪ خوبصورت سونهري کيسي واري واچ رکيل هُئي. مٿس هٿ ڦيريندي هُن ڏٺو، دٻي ۾ هڪ ٻيو ڪاغذ رکيل هو، جنھن تي لکيل هو.
”جيڪ، وقت ڏيڻ لاءِ مھرباني... هيرالڊ بيسلر“
جيڪ حيران ٿي ويو، ’جنھن شئي کي هُو سڀ کان قيمتي سمجهندو هو، سو مُنھنجو وقت هو؟‘
هُن ڪُجهہ منٽ، واچ هٿ ۾ جهلي ۽ پوءِ پنھنجي آفيس ورڻ ساڻ پنھنجي ايندڙ ٻن ڏينھن جون مصروفيتون منسوخ ڪرايائين. سندس سيڪريٽريءَ جينيٽ پُڇيو، ”پر ڇو سر؟“
”مون کي پنھنجي پٽ سان ڪُجهہ وقت گذارڻو آهي.“ هن چيو، ”۽ ها... جينيٽ... تُنھنجي بہ مھرباني جو تو مون کي هي وقت ڏنو.“

گُل گلاب ۽ رابيل جا گڏائي ڏي

بوبيءَ کي پنھنجي گهر جي پوئين پاسي ٺهيل لان ۾ ويٺي ٿڌ لڳي رهي هئي. کيس بوٽَ پاتل نہ هئا. بوٽَ کيس وڻندا بہ ڪو نہ هئا ۽ اها ٻي ڳالھہ هُئي جو اهي وٽس هُئا بہ ڪو نہ. سنھين چپلُن ۾ بہ سوراخ هئا، جن مان ٿڌ پيپِرن کي ٺاري رهي هئي.
هو اتي ڪلاڪ کن ويٺو هو. کيس اهو فڪر هو تہ عيد تي پنھنجيءَ امڙ کي تحفي ۾ ڇا ڏئي؟ ان تحفي ڏيڻ لاءِ هن لاڳيتو سوچ پئي ڪئي. آخر پنھنجو ڪنڌ انڪار ۾ لوڏيندي ڀڻڪيائين. ’کڻي ڪھڙا بہ خيال سوچيان، پئسا هوندم تہ ڪجهہ وٺندس نہ.‘
ٽي سال پھرين کان، جڏهن سندس پيءُ وفات ڪري ويو هو. پنجن ماڻھن جو اهو ڪٽنب، ڏکيو وقت ڪاٽي رهيو هو، ائين بہ نہ هو تہ سندس ماءُ ڪجهہ نہ پئي ڪيو، هوءَ رات جي شفٽ ۾ هڪ اسپتال ۾ نوڪري ڪندي هئي پر کيس جيڪي ڪجهہ ملندو هو ان مان ڇڪي تاڻي مھينو ڪاٽبو هو.
هن ڪٽنب ۾ سامان ۽ پئسن جي کوٽ هُئي. قرب ونڊڻ ۾ اُهي مالا مال هُئا ۽ سندن ٻَڌي واھہ جي هُئي. بوبيءَ کي ٻہ وڏيون ۽ هڪ ننڍڙي ڀيڻ هيون جيڪي سندس ماءُ جي غير موجودگيءَ ۾ گهر هلائينديون هيون.
ٽنھين ڀينرن، ماءُ لاءِ سادا سودا پر حسين تحفا ٺاهيا هُئا. هڪڙو هي ئي بچيو هو، جنھن وٽ ڪُجهہ بہ ڪونہ هو، کيس اها ڳالھہ بنھہ خراب پئي لڳي تہ ڀينرن وٽ تہ ڪُجهہ هُجي ۽ ڀاءُ ائين هٿين خالي هُجي.
اکين مان ڳوڙها اگهندي، هن برف کي لت هنئين ۽ بازار جو رُخ ڪيائين. ڇهن سالن جي ڄمار جي ٻارَ لاءِ پيءُ کان سواءِ اهو سڀ سَوَلو نہ هو. کيس شدت سان ڪنھن مرد جي کوٽ محسوس ٿي رهي هُئي، جنھن سان هُو ڳالھائي سگهي. هُو دڪان تي دڪان گهمندو رهيو. هر شيشي جي پويان حسين سامان هو. سڀ شيون سھڻيون هيون پر پھچ کان ٻاهر هيون. اوندھہ ٿيڻ شروع ٿي هُئي ۽ اُداس دل سان پنھنجي گهر ڏانھن موٽندي، سج جي لھندڙ شُعاعن ۾ هُن هڪ تِرورو ڏٺو. اتي پھچي ڏٺائين اهو ڏهن سينٽن جو سِڪو هو.
ڪنھن بہ، ڪڏهن بہ پاڻ کي ايترو امير محسوس نہ ڪيو. جيڪو انھن گهڙين ۾ بوبيءَ پنھنجو پاڻ کي محسوس ڪيو. پئسن کي هٿ ۾ جهليندي سندس سڄي وجود ۾ گرمي ڀرجي وئي هئي ۽ هُن هڪدم وري بازار ڏانھن موٽي دڪانن جو رُخ رکيو. سڄو اتساھہ ان مھل گم ٿي ويس جڏهن هڪ دُڪاندار کيس ٻڌايو تہ ’ان هڪڙي سِڪي مان کيس ڪجهہ نٿو ملي سگهي.‘
هُن گلن جو هڪ دڪان ڏٺو ۽ ان ۾ اندر وڃڻ لاءِ قطار ۾ بيھي رهيو. جڏهن سندس وارو آيو تہ گُل فروش کانئس پڇيو تہ ”ڇا خريد ڪرڻ پسند ڪندو؟“ بوبيءَ کيس ڏهن سينٽن جو سِڪو ڏيکاريو ۽ پڇائين ”ڇا ان مان، هڪ ڪَلي پنھنجي ماءُ لاءِ وٺي سگهان ٿو.؟“
گل فروش سندس ڪلھي تي هٿ رکيو ۽ سندس ڏهن سينٽن واري سڪي کي ڏٺائين. ڪجهہ پَلَ سوچي هُن چيو، ”توهان ٿورو هتي ترسو، مان ڏسان ٿو تہ مان اوهان لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان؟“
انتظار ڪندي خوبصورت گلن جي سونھن ڏانھن نھاريندي، بوبيءَ کي احساس ٿيو تہ آخر ڇوڪريون ۽ عورتون گُلن سان ايترو پيار ڇو ڪنديون آهن. دڪان مان آخري خريدار جي وڃڻ ساڻ، در بند ٿيڻ جي آواز، کيس اصلي جهان ۾ واپس آندو. سڄي دڪان ۾ اڪيلو بيٺي، کيس اڪيلائپ ۽ خوف جو احساس ٿيڻ لڳو. اوچتو گل فروش اندران ٻاهران آيو ۽ ڪائونٽر تي اچي هڪ دٻو رکيائين، جنھن ۾ ڊگهين ڏانڊين وارا خوبصورت گلابَ، ساون پنن جي جهرمر ۾ چمڪي رهيا هئا. انھن اندر وري اڇن گلن جا جهُڳٽا رکيل هئا، چانديءَ جي ان مھانگي دٻي جي سونھن حيران ڪندڙ هئي، بوبيءَ جي دل ٻڏندي وئي، جڏهن هُن ڏٺو تہ گل فروش انھن کي ڳاڙهي رِبن ۾ ٻڌو ۽ دٻو، بوبيءَ ڏانھن سرڪائيندي سڌو اڳيان ڪندي چيائين، ”هن جي قيمت سرڪار... ڏھہ سينٽ صرف.“
ڏڪندڙ هٿن سان سڪو، بوبيءَ گل فروش جي حوالي ڪيو، ڇا اهو سڀ سچ هو؟ هن سڪي جي عيوض تہ ڪا بہ شئي اچي نہ پئي سگهي. هي دٻو ڪٿان ايندو! ٻار جي ٻڏتر ڏسندي. گل فروش مُرڪي چيو، ”مون اڄ شام ئي ڪجهہ گلاب سستي اگهہ تي وڪري لاءِ رکيا هُئا. ڏهن سينٽن ۾ هڪ درجن... توکي پسند آيا؟“
هاڻي ٻار کي ڪا بہ هٻڪ نہ رهي. جڏهن گل فروش دٻو سندس هٿن ۾ رکيو تہ کيس پڪ ٿي وئي تہ اها ئي سچائي آهي. دڪان جو مالڪ هن لاءِ در کوليو بيٺو هو. دٻي کي کڻي، هن جيئن در ٽپيو تہ سندس واتان ٻُڌائين. ”عيد مبارڪ ٻچڙا...“
جيئن ئي گل فروش اندر موٽيو. سندس زال اندران ٻاهر آئي. ”ڪنھن سان پئي ڳالھايئي؟ ۽ ايڏو مھانگو ڇڳو ڪنھن جي لاءِ پئي تيار ڪيئي؟“
شيشي کان ٻاهر نھاريندي، ٻارڙي کي برفيلي رستي تي ويندي ڏسي، گل فروش پنھنجي اکين جا ڳوڙها اگهيا.
”اڄ صبح ساڻ مون کي عجيب احساس ٿيڻ لڳو، دڪان کولڻ لاءِ شيون سيٽ پئي ڪيم تہ ڄڻ مون ڪو آواز ٻڌو جيڪو چوندو هُجي تہ هڪ خاص تحفي طور هڪ ڊزن سڀ کان خوبصورت گلاب الڳ ڪري ڇڏ، مون کي لڳو تہ منھنجو دماغ تہ ڪو نہ ٿو ڦري، پر بھرحال مون اهي ڊزن گلاب پاسيرا ڪري ڇڏيا. ڪجهہ دير پھرين هڪ ٻارڙو آيو جيڪو پنھنجي ماءُ لاءِ هڪ ننڍڙي سڪي ۾ گل وٺڻ آيو هو. جڏهن مون هَن کي ڏٺو تہ مون کي ورهيه اڳ وارو پنھنجو پاڻ ياد آيو. مان پاڻ هڪ غريب ٻار هئس. جنھن وٽ پنھنجي ماءُ کي تحفو وٺي ڏيڻ لاءِ رپيو بہ نہ هو. اوچتو هڪ ماڻھو مون کي مليو هو، جنھن مون کي ڏھہ ڊالر خرچيءَ طور ڏنا هئا تہ جيئن مان امان لاءِ ڪجهہ وٺي سگهان. ان مھل هُن ڪجهہ بہ ڪو نہ ڪڇيو هو، پر اڄ مون کي لڳو تہ ڄڻ هن چيو هجي تہ پنھنجا خوبصورت گلاب اڄ تون منھنجي جاءِ تي ڏئي ڇڏ.“
ڳوڙهن ڀريل اکين سان ٻنھين زال مڙسن دڪان بند ڪيو ۽ ٿڌي شاهراھہ تي نڪري پيا پر الاءِ ڇو هاڻي کين سيءُ ڪو گهڻو نہ پئي لڳو.

محبتن جو ذائقو بہ ڪيڏو نہ عجيب هوندو آهي

ھُو ساڻس ھڪ دعوت ۾ مليو ھو.
ھُوءَ بي انتھا سھڻي ھئي ۽ سندس چاھيندڙن جو ھڪ وڏو تعداد رڳو ھن سان ڪجهہ جملن ڳالھائڻ لاءِ آتو ھو. جڏھن تہ ھُو شخص ھڪ عام انسان ھو. جنھن تي ڪنھن بہ خاص ڌيان نہ پئي ڏنو. دعوت جي پڄاڻيءَ تي اُن شخص کيس ڪافي پيئڻ جي دعوت ڏني. جيڪا کيس ڏاڍي عجيب لڳي. ھوءَ سدا ملوڪ ڇوڪري، جنھن جي مداحن جو تعداد بي انتھا ھو، تنھن کي پنھنجي طبيعت جي نرميءَ جي ڪري، ھُن جي دعوت کان انڪار ڪرڻ خراب لڳو ۽ ھُو ٻئي ھڪ ڪافي ھائوس ۾ اچي ويٺا.
ڇوڪرو، ڳالھائڻ کان لھرائي رھيو ھو ۽ سندس گهٻراھٽ جي ڪري ڇوڪريءَ کي بيچيني ٿي رھي ھئي. ھن اندر ۾ سوچيو ’ھِتي ويھڻ کان تہ چڱو آھي تہ مان پنھنجي گهر ھَلي وڃان.‘
ڪافي سَروِ ٿيڻ کان پوءِ، ڇوڪري بيري کي سڏ ڪيو ۽ چيائين ”ٿورو لوڻ ملندو؟ مون کي پنھنجي ڪافيءَ ۾ وجهڻو آھي...“
آواز مٿانھون ھو. ڪافي ھائوس ۾ ويٺل ھر ماڻھوءَ ڇوڪري کي گهُوري ڏٺو. لوڻ جو گهُرڻ ڪيڏو نہ عجيب ھو. ڇوڪري جو منھن ڳاڙھو ٿي چڪو ھو، پر بيري جي لوڻ کڻي اچڻ کان پوءِ ھُن اُھو پنھنجي ڪافيءَ ۾ وڌو ۽ پيئڻ لڳو. ڇوڪري حيران ٿي وئي. ھن تعجب وچان ڇوڪري کان پڇيو ”اِھا تنھنجي ڪھڙي عادت آھي؟“
”مان جڏھن ننڍڙو ھئس، تہ اسان جو گهر سمنڊ جي ڪناري تي ھوندو ھو.“ ڇوڪري وراڻيو، ”مون کي سمنڊ ۾ کيڏڻ وڻندو ھو، سمنڊ جو ذائقو وڻندو ھو، سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ اھڙو ئي ذائقو ھوندو ھو. جيڪو لوڻياٺي ڪافيءَ ۾ ھوندو آھي. ھاڻي مان جنھن وقت بہ لوڻياٺي ڪافي پيئندو آھيان تہ سدائين پنھنجي ننڍپڻ کي ساريندو آھيان. مون کي پنھنجو شھر ياد ايندو آھي. جنھن کي مان ڏاڍو ياد ڪندو آھيان. مون کي پنھنجا مائٽ ياد ايندا آھن، جيڪي اڃا بہ اتي رھن ٿا.“ اھو سڀ چوندي، ڇوڪري جون اکيون ڳوڙھن سان ڀرجي ويون.
ڇوڪريءَ جي اندر ۾ ڄڻ وڍَ پئجي ويا. ھُن سوچيو ’ھِن جي اندر ۾ احساسن جي ڪيڏي نہ سچائي آھي. ھي تہ دل جي گھرائيءَ سان سوچي ٿو. ھڪ مرد جيڪو پنھنجي گهر کي ياد ڪندي ڳوڙھا ڳاڙي سگهي ٿو، تنھن کي پنھنجي گهر جو ڪيڏو نہ خيال ھوندو! ھي ڪيڏو نہ ذميدار ماڻھو ھوندو.‘ اِھو سڀ سوچيندي ھُن پنھنجي باري ۾ ڇوڪرَي سان ڳالھائڻ شروع ڪيو، پنھنجيون ڳالھيون... پنھنجي ننڍپڻ جون ڳالھيون، پنھنجي ڳوٺ ۽ پنھنجي خاندان جون ڳالھيون.
اھا ڪچھري ڏاڍي حسين ھئي ۽ سندن ڪھاڻيءَ جي بھترين شروعات ھئي. ھاڻي ھُو ملڻ لڳا ھيا ۽ ڇوڪريءَ ڄاتو ھو تہ ھي اُھو ئي ڇوڪرو آھي. جيڪو سندس سوچ کي مڪمل نموني سان سمجهي سگهي ٿو. ھن ۾ برداشت جي سگهہ آھي. دل جو نرم آھي. خيال رکندڙ آھي، ۽ ھن جي محبت ۾ گرمي آھي. ھو اھڙو تہ حسين انسان آھي، جنھن جي غير موجودگي روح کي گهائي وجهي ٿي. ڇوڪريءَ کي، ڇوڪري جي لوڻياٺي ڪافيءَ شڪر گذار بڻائي ڇڏيو ھو. ھوءَ شڪر گذار ھئي ان ساٿ جي، جيڪو کيس ان ڪافيءَ وسيلي نصيب ٿيو ھو. ھاڻي تہ ڪھاڻي پرين ۽ شھزادين جي ڪھاڻين وانگر ھئي. ھڪ شھزادَي، شھزاديءَ سان شادي ڪئي ۽ ٻئي خوش گذارڻ لڳا.
ھوءَ جڏھن بہ ھُن جي لاءِ ڪافي ٺاھيندي ھئي تہ اُن ۾ لوڻ ضرور وجهندي ھئي، ڇاڪاڻ تہ ھوءَ ڄاڻندي ھئي تہ کيس لوڻياٺي ڪافي ڏاڍي پسند آھي.
چاليھہ سال گذري ويا. مڙس وفات ڪئي ۽ پنھنجي زال لاءِ ھڪ خط ڇڏي ويو ”منھنجي مِٺي! مھرباني ڪري مون کي معاف ڪر، معاف ڪر، ڇاڪاڻ تہ منھنجي توسان گذاريل سڄي حياتي ڪوڙ ھئي. جيتوڻيڪ مون توسان صرف ھڪڙو ڪوڙ ڳالھايو ھو.... لوڻياٺي ڪافيءَ جو... توکي ياد آھي تہ جڏھن اسين پھريون ڀيرو مليا ھياسين.... توسان ملڻ مھل مان ايڏو گهٻرايل ھئس جو مون کي بيري کان کنڊ گهرائڻي ھئي ۽ گهٻراھٽ وچان مون ھُن کي لوڻ چئي ڇڏيو ھو. ھاڻي اُن ڳالھہ کي مَٽائڻ منھنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو ھو، سو مان بہ اڳيان وکون کڻندو ويس. مون کي ڪڏھن بہ ائين نہ لڳو ھو تہ اھو ڪو اسان جي ملڻ جو شروعاتي طريقو ھوندو. پنھنجي زندگيءَ ۾ مون الاھي ڀيرا اھا ڪوشش ڪئي تہ توکي سچ ٻڌايان، پر مون کي ڏاڍو ڊپ ٿيندو ھو، ڇاڪاڻ تہ مون پنھنجي اندر ۾ اھو واعدو ڪيو ھو، تہ مان توسان ڪوبہ ڪوڙ نہ ڳالھائيندس، ۽ ھاڻي جڏھن مان مري رھيو آھيان تہ مون کي ڪنھن بہ شيءِ جو خوف ڪونھي ۽ مان توکي سچائي ٻڌائڻ چاھيان ٿو تہ مون کي لوڻياٺي ڪافي صفا پسند ناھي. ڪيڏو نہ خراب ذائقو آھي، پر مان سڄي حياتي اِھا پيئندو رھيس، ڇاڪاڻ تہ تنھنجي ھٿن جي ڪنھن بہ شيءِ پيئڻ کان مون کي ڪڏھن بہ نھڪار نہ ڪرڻي ھئي. توکي پنھنجو پاڻ سان رکڻ منھنجي حياتيءَ جي سڀ کان وڏي خوشي ھئي. جي مون کي ٻي حياتي ملي نہ، تہ بہ توکي ڄاڻڻ گهرندس ۽ سڄي حياتيءَ جو ھڪ ھڪ پَل توسان گهارڻ گهُرندس. ڀلي پوءِ ڇو نہ مون کي سڄي عمر اھڙي لوڻياٺي ڪافي پيئڻي پوي.“
سندس ڳوڙھن، خط کي آلو ڪري ڇڏيو ھو.
ھڪ ڏينھن ڪنھن اُن عورت کان پڇيو ”لوڻياٺي ڪافيءَ جو ذائقو ڪھڙو ھوندو آھي؟“
اکين ۾ لُڙڪ ۽ مُکَ تي مُرڪ پکيڙيندي هُن وراڻيو ”جيڪي محبت ڪندا آهن، انھن کي ان ذائقي جي خبر هوندي آهي ۽ پڪ سان اهو بھترين ذائقو آهي.“

هڪ اک جو پيار

منھنجو ماءُ کي صرف ھڪ اک ھئي ۽ مون کي ان ڳالھہ کان نفرت ھئي. منھنجي ماءُ مارڪيٽ ۾ ھڪ ننڍڙي مانڊڻي ھلائيندي ھئي، جتي ٻجَ وڪرو ٿيندا ھئا. جڏھن بہ پئسن جي ضرورت ٿيندي ھئي تہ کانئس گهُرڻ ڏاڍو عجيب لڳندو ھو. بلڪہ مون کي تہ ھن سان گڏ رھڻ بہ ڏاڍو عجيب لڳندو ھو.
مون کي ياد آھي تہ ھڪڙي ڏينھن ھوءَ منھنجي اسڪول ھلي آئي. مون کي ڏاڍو عجيب لڳو، ھوءَ مون سان ائين ڪيئن ڪري سگهي ٿي! مون ھُن تان اکيون ھٽائي ڇڏيون ھيون ۽ اسڪول مان ڀڄي ويو ھئس. ويندي ويندي بہ ھڪ نفرت ڀري نگاھہ وڌي ھئي مانس. ٻئي ڏينھن تي منھنجي ھر ڪلاس فيلو، اسڪول ۾ مون تي کِلندي چيو ھو، ”اڙي.... تنھنجي ماءُ کي تہ صرفَ ھڪ اک آھي. ھن کي ٻي اک ڇو ڪونھي؟“
مون پنھنجو پاڻ کي دفن ڪرڻ پئي گهريو ۽ منھنجي اِھا بہ وڏي خواھش ھئي تہ منھنجي ماءُ ڪٿي گم ٿي وڃي، اُن ڏينھن مون ھُن سان زبردست جهيڙو ڪندي چيو ھو ”جي تون سڄي دنيا جي سامھون مون کي کل جو سامان پئي ٿي بڻائين تہ ان کان اِھا ڳالھہ چڱي ناھي تہ تون مري وڃين؟“
منھنجي ماءُ ڪابہ ورندي ڪونہ ڏني ھئي، مون ھڪڙو سيڪنڊ بہ ڪونہ سوچيو ھيو تہ مان کيس ڇا پيو چوان. مون کي مٿس ڏاڍي ڪاوڙ ھئي ۽ سندس ڪنھن بہ جذبي جو مون کي ڪوبہ احساس ڪونہ ھو.
ان رات جو مان اوچتو ننڊ مان جاڳي پيس، اُڃ لڳي ھئم، رڌڻي ڏانھن ويس تہ جيئن فرج مان پاڻي ڪڍي سگهان، تہ مون ڏٺو تہ منھنجي ماءُ اڪيلائيءَ ۾ روئي رھي ھئي. ھن پنھنجي آواز کي گُهٽي رکيو ھيو تہ جيئن مان جاڳي نہ سگهان. مون کيس ھڪ نگاھہ ڏٺو ۽ موٽي آيس. مون ھن سان ڏاڍو بيدرديءَ سان ڳالھايو ھو ۽ اھا ڳالھہ منھنجي دل کي لڳي رھي ھئي، پر تنھن ھوندي بہ مون کي ان ڳالھہ کان شديد نفرت ھئي تہ منھنجي ماءُ کي ھڪ اک ڇو آھي؟ ساڳيءَ جاءِ تي مون کي پنھنجي غربت کان بہ شديد نفرت ھئي.
مون کي بس ان گهر کان نڪرڻو ھيو. ھُن سان ڪوبہ تعلق نہ رکڻو ھيو. تنھن جي ڪري مون ڏاڍي محنت سان پڙھائي ڪئي ۽ پرڏيھہ پڙھڻ لاءِ نڪري آيس. سَيول يونيورسٽيءَ ۾ مون کي اسڪالرشپ ملي ۽ مون بي انتھا محنت سان پنھنجي پڙھائي مڪمل ڪئي.
پوءِ مون شادي ڪئي، پنھنجو ھڪ گهر ورتو. مون کي ٻار ٿيا ۽ پنھنجي خاندان ۽ پنھنجي خوبصورت گهر ۾ مان ھڪ آسودي حياتي گذارڻ لڳس. حياتيءَ ۾ خوشيون وڌ کان وڌ اچي رھيون ھيون. جو ھڪ ڏينھن اوچتو امان ان نئين گهر تائين اچي پھتي، مون کي لڳو ڄڻ منھنجي مٿان آسمان اچي ڪريو، مون رڙ ڪئي ”تون ڪير آھين؟“
پنھنجيءَ ھڪ اک جي ڪري ھُن منھنجي ڌيءَ کي بہ ڊيڄاري ڇڏيو ھو، جيڪا رڙيون ڪري ڀڄي وئي ھئي. مون پنھنجي ڪاوڙ کي سچو ڏيکارڻ لاءِ کانئس وري پڇيو ”تون ڪير آھين...؟ مان توکي نٿو سڃاڻان.“
ھن سالن کان مون کي ڪونہ ڏٺو ھو ۽ ھوءَ پنھنجن پوٽن پوٽين سان بہ ڪونہ ملي ھئي. جنھن مھل ھوءَ در وٽ آئي تہ منھنجا ٻار مٿس کلڻ لڳا ۽ مون رڙ ڪري کانئس پڇيو تہ ھوءَ بنا سڏ جي ڇو آئي آھي؟ رڙيون ڪندي چيم، ”منھنجي گهر تائين اچڻ جي تو ھمت ڪيئن ڪئي؟ مٿان وري تو منھنجي ٻارن کي ڊيڄاري ڇڏيو... نڪر ھتان... ھاڻي جو ھاڻي....“
منھنجي ان عمل تي منھنجي ماءُ ڏاڍو آھستڙي چيو ”معافي گهران ٿي، مون کي لڳي ٿو تہ شايد مان غلط ايڊريس تي پھتي آھيان.“ ھوءَ مڙي ۽ منھنجين نگاھن کان غائب ٿي وئي. ڌڻيءَ جو شڪر جو ھُوءَ ٽري وئي ۽ ھن مون کي ڪونہ سڃاتو. مون کي ڏاڍو اطمينان ٿيو ھو، مون پنھنجو پاڻ کي سمجهايو تہ ھاڻي اھڙي قسم جي حادثي کي مان ڪڏھن بہ ياد ڪونہ ڪندس.
ھڪ ڏينھن اسڪول مان دعوت نامو آيو تہ پراڻا شاگرد اچي ملي وڃن. مون پنھنجي زال سان ڪوڙ ڳالھايو تہ مان ھڪ ڪاروباري دوري تي وڃي رھيو آھيان ۽ پنھنجي شھر ۾ وڃي اسڪول جي سنگتي ساٿين سان ملي آيس. اتان موٽندي الائي ڇو مان پنھنجي پاڙي مان بہ گهمندو آيس. منھنجي پاڙي وارن ٻڌايو تہ منھنجي ماءُ مري چڪي ھئي. مون کان ھڪڙو ڳوڙھو نہ نڪتو ٿيو. پاڙي وارن مون کي ھڪ خط ڏنو، جيڪو ھوءَ مون لاءِ ڇڏي وئي ھئي.
”منھنجا پُٽ، مون کي لڳي ٿو تہ منھنجي زندگي ڏاڍي وڏي ٿي وئي آھي ۽ شايد مان ھاڻي سيُول اچي نہ سگهان ۽ توکي پاڻ وٽ گهرائڻ جي ھمت مان نٿي ڪري سگهان. مان ھر وقت تو بابت سوچيندي رھندي آھيان، مان معافي ٿي گهُران تہ مان تنھنجي گهر آيس ۽ تنھنجي ٻارن کي اچي ڊيڄاريم. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، جڏھن اِھا خبر پيم تہ تون ھتي پنھنجي اسڪول جي دعوت تي ايندين، پر مان بيماريءَ جي ڪري شايد بستري تان اٿڻ جي لائق نہ ھجان. مان شرمسار آھيان، جو مان سڄي عمر تنھنجي لاءِ پريشانيءَ جو سبب بڻيس ۽ تنھنجي جواني سدائين پريشان رھي.... ڏِس... جڏھن تون ننڍڙو ھئين تہ تنھنجو ھڪڙو حادثو ٿيو ھيو، ۽ تنھنجي ھڪ اک وڃائجي وئي ھئي، ھڪ ماءُ جي حيثيت ۾ مان ڪيئن پئي ڏسي سگهان تہ تون ھڪ اک سان جوان ٿين، تنھن ڪري مون پنھنجي ھڪڙي اک توکي ڏئي ڇڏي. مان پنھنجي اُن پٽ لاءِ بيحد فخرمند آھيان، جيڪو نئين دنيا کي پنھنجي ٻنھي اکين سان ڏسي ٿو ۽ منھنجي جاءِ تي ھر منزل پَسي ٿو. تون الاھي ڀيرا مون تي ڪاوڙئين، پر مون سوچيو تہ اِھو سڀ تون مون سان پنھنجي محبت جي ڪري ڪرين ٿو.
منھنجي مڙني محبتن ساڻ... تنھنجي ماءُ.“
منھنجي دنيا ختم ٿي وئي. مون ان ماڻھوءَ سان نفرت ڪئي پئي، جيڪو صرف منھنجي ڪري جي رھيو ھيو. مون کي لڳو تہ منھنجي ٻنھي اکين ۾ ڄڻ ڪا روشني ئي ناھي.

رشتن کي وقت ڏيو

شاديءَ جي 21 سالن کان پوءِ منھنجي زال آخر مون کي هڪ ٻي عورت سان رات جي ماني کائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. رات جي ماني کائڻ جي ان پروگرام ۾ ماني کائڻ کان پوءِ فلم ڏسڻ بہ شامل هو. منھنجي زال چيو، ”مان تو سان بيحد پيار ڪريان ٿي، پر ڄاڻان ٿي تہ اها ٻي عورت بہ تو سان پيار ڪري ٿي ۽ تو سان ڪجهہ وقت گذارڻ چاهي ٿي.“
اُها ٻي عورت جنھن جي لاءِ، منھنجي زال مون کي اجازت ڏني هئي، سا منھنجي ماءُ هئي، جيڪا 19 سالن کان رن زال هئي. مون تي ڪم جو دٻاءُ گهڻو هيو ۽ تنھن کان سواءِ 3 ٻار بہ پالڻا هئا، تنھن ڪري امان سان ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿيندي هئي. تنھن ڏينھن جڏهن مون کيس رات جي مانيءَ جي دعوت ڏني تہ هُن هڪدم پڇيو، ”ڇا ٿيو آهي، تون ٺيڪ تہ آهين نه!؟“
منھنجي ماءُ سدائين اهو سمجهندي آهي تہ رات جو دير سان فون جي گهنٽي وڄڻ يا ڪنھن پاران اوچتي فون اچڻ سدائين بدشگوني هوندي آهي. سندس آواز ۾ هن مھل بہ اهو سڀ محسوس ٿي رهيو هو. مون کيس دلداري ڏيندي چيو، ”امان مون کي لڳي ٿو تہ اسان کي هڪ ٻئي سان ڪجهہ وقت گذارڻ گهرجي. جنھن ۾ رڳو اسان ٻہ ئي هجون.“
ٽيليفون جي پريان جھڙو هُن ڪجهہ سوچيو پئي، پوءِ چيائين، ”مون کي بہ اها ڳالھہ ڏاڍي وڻي آهي.“
جمعي جي ڏينھن ڪم تان موٽڻ کان پوءِ مان جڏهن کيس وٺڻ لاءِ وڃي رهيو هوس، تہ ڪجهہ مُنڌل هئس، جڏهن مان سندس گهر تي پھتس تہ مون محسوس ڪيو تہ امان پاڻ بہ ڪجهہ پريشان هئي. هُوءَ دروازي تي مون لاءِ بيٺل هئي ۽ اهي ساڳيا ڪپڙا پاتا هئائين، جيڪي هُن پنھنجي شاديءَ جي آخري سالگره تي پاتا هئا. سندس مُنھن تي مُرڪ ڏاڍي سھڻي هئي. ”مون پنھنجي ساهيڙين کي ٻُڌايو آهي، تہ اڄ مان پنھنجي پُٽ سان رات جي ماني کائڻ پئي وڃان ۽ هُنن تي ان خبر جو زبردست اثر پيو آهي.“ هُوءَ گاڏيءَ ۾ ويٺي ۽ ڳالھہ جاري رکيائين، ”هن مانيءَ بابت سوچيندي سوچيندي صبح تائين تہ هُو چريون ٿي پونديون.“
اسين هڪ ريسٽورنٽ ۾ وياسين، جيڪو گهڻو مھانگو تہ ڪونہ هيو، پر سُٺو هيو. ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿيڻ مھل امڙ منھنجي ٻانھن جهلي ۽ وڏي لاڏ سان اندر داخل ٿي. جڏهن اسين ويھي رهياسين ۽ مون کاڌي جو مينيُو پڙهيو تہ محسوس ڪيم، تہ امان کي رڳو وڏا اکر پڙهڻ ۾ پئي آيا. مينيُو اڌ تائين پڙهيم تہ محسوس ڪيم، تہ پاسي ۾ ويٺل ماءُ مون ڏانھن گُهوري رهي هئي ۽ سندس چپن تي هڪ اداس مُرڪ پکڙيل هئي، ”توکي ياد آهي، جڏهن تون ننڍو هوندو هئين، تہ مان تولاءِ مينيُو ڪارڊ پڙهندي هئس. هاڻي بہ اهو ڪم مون کي ئي ڪرڻ ڏي. ڀلي ننڍا اکر نٿي پڙهي سگهان، پر هتي جي کاڌن کي تہ ڄاڻان ٿي.“
ماني کائڻ دوران اسان جام ڪچھري ڪئي. حالت اها ٿي جو اسان کان فلم ڏسڻ واري ڳالھہ بہ وسري ويئي. هڪ ٻئي جون ڳالھيون، هُن جي ۽ منھنجي حياتيءَ جا قصا، الاءِ ڇا ڇا اوري جڏهن مان کيس سندس گهر تي ڇڏڻ آيس تہ هُن چيو، ”جي تون مون کي وري دعوت ڏيندين تہ مان خوشيءَ خوشيءَ تو سان هلنديس.“ مون کيس پڪ ڏياري تہ ضرور دعوت ڏيندوسانس.
گهر پھتس تہ منھنجي زال پڇيو، ”تنھنجي دعوت ڪيئن رهي؟“
مون وراڻيو، ”اهڙي دعوت جو تہ مون سوچيو ئي ڪونہ هو.“
ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ امان اوچتو گذاري وئي. سندس وفات ايڏي اوچتي ٿي جو مون کي تہ ڪجهہ سمجهہ ۾ ئي نہ آيو. هُن جي گذاري وڃڻ کان ڪجهہ ڏينھن پوءِ مون کي اُن هوٽل جي پاران هڪ لفافو مليو، جتي اسان اُها آخري ماني کاڌي هئي. لفافي ۾ ادائيگيءَ جي رسيد هئي، جنھن سان گڏ هڪ چٺي بہ هئي. هُن لکيو هو، ”مون اهو بلُ تہ پھرين ئي ڀري ڇڏيو هو. جڏهن تو مون کي مانيءَ جي دعوت ڏني تہ مون کي پنھنجي طبيعت جي خبر هئي تہ متان مان اُتي پھچڻ لاءِ جيئري نہ هجان، تہ بہ مون ٻن ماڻھن جي مانيءَ جي ادائيگي ڪئي هئي. هڪ تون ۽ ٻي تنھنجي زال... تون اهو ڪڏهن بہ ڄاڻي ڪونہ سگهندين تہ اها رات مون لاءِ ڪيڏي اهم هئي. پُٽن کي ڪھڙي خبر تہ هُنن جي هڪ گهڙي بہ ماءُ لاءِ ڇا هوندي آهي! منھنجا پُٽَ، مان توسان سدائين محبت ڪندي رهنديس، پوءِ تون دير سان اچين يا جلدي... ياد رکين يا وساري ڇڏين.“

محبت عمر جي محتاج نہ هوندي آهي

هڪڙي وڏي بازار مان شاپنگ ڪندي، هڪ دوڪان جي ڪائونٽر تي مون هڪ ڪيشيئر کي پنجن ڇھن سالن جي ڄمار واري هڪ ٻارڙي سان بحث ڪندي ڏٺو.
ڪيشيئر چيس پئي، ”مان ڇا ڪريان؟ تو وٽ ايترا پئسا آهن ئي ڪونہ، جن سان تون اها پنھنجي پسند واري گُڏي خريد ڪري سگهين.“
ٻارڙي هڪدم ڪنڌ ورايو، مون کي ڏٺائين ۽ پڇيائين، ”چاچا، ڇا توهان کي بہ پڪ آهي تہ مون وٽ ايترا پئسا ڪونھن، جو مان اها گُڏي وٺي سگهان!“
مون سندس پئسا ڳڻيا، گڏيءَ تي لکيل قيمت جو ڪاغذ ڏٺم ۽ چيم، ”ننڍڙا، توکي خبر آهي تہ هي پئسا هن گڏيءَ جي قيمت لاءِ ڪافي ناهن.“
ننڍڙو اڃا تائين بہ گڏيءَ کي پنھنجي هٿن ۾ جهليو بيٺو هو. مان ڏانھس وڌيس ۽ پڇيومانس تہ، آخر هُو اها گڏي وٺڻ لاءِ ضد ڇو پيو ڪري؟
هُن وراڻيو، ”اها گڏي، منھنجي ڀيڻ کي ڏاڍي وڻندي هئي. منھنجي دل چوندي هئي تہ مان اها گڏي پنھنجي ڀيڻ کي جنم ڏينھن تي تحفي طور ڏيان، پر هاڻ هيءَ گڏي مون کي پنھنجي ماءُ کي ڏيڻي آهي تہ اها جڏهن اوڏانھن وڃي تہ منھنجي ڀيڻ کي پڄاءِ.“ سندس اکيون اُداس ٿي ويون، ”منھنجي ڀيڻ ڌڻيءَ سان ملڻ هلي وئي آ. بابا چئي ٿو تہ منھنجي ماءُ بہ تمام جلدي ڌڻيءَ ڏي وڃي رهي آهي. منھنجي دل چئي ٿي تہ مان اها گڏي وٺان، پنھنجي امان کي ڏيان تہ جيئن اها هيءَ گڏي منھنجي ڀيڻ ڏانھن کڻي وڃي.“
منھنجي دل ڄڻ بيھجي وئي هئي.
ننڍڙي ٻارڙي مون ڏي نھاريو ۽ چيائين، ”مون بابا کي چيو، تہ امان کي چوي تہ اڃا نہ وڃي ۽ اوسيتائين انتظار ڪري، جيسيتائين مان بازار مان هيءَ گڏي وٺي موٽان.“
هُن هڪ خوبصورت فوٽو مون کي ڏيکاريو. جنھن ۾ هُو کِلي رهيو هو ۽ ٻُڌايائين، ”مان چاهيان ٿو تہ منھنجي ماءُ هي فوٽو بہ کڻي وڃي تہ جيئن منھنجي ڀيڻ مون کي نہ وساري. مون کي امان سان ڏاڍو پيار آ ۽ منھنجي خواهش آهي تہ هُوءَ بہ مون وٽان نہ وڃي، پر بابا چئي ٿو، تہ امان کي وڃڻو ئي پوندو، ڇاڪاڻ تہ منھنجي ننڍڙي ڀيڻ اُتي اڪيلي آهي.“ هُن وري اداس اکين سان گڏيءَ ڏي نھاريو ۽ ماٺ ٿي ويو.
مون هڪدم پنھنجو ٻٽون ڪڍيو ۽ ننڍڙي کي چيم، ”ڏسون ٿا متان ڪجهہ پئسا گڏي وٺڻ لاءِ نڪري اچن.“
مون هن جي پئسن سان پنھنجا پئسا ملايا تہ اها رقم گڏيءَ جي قيمت کان ڪجهہ وڌيڪ نڪري پئي.
ننڍڙي ٻارڙي چيو، ”ڌڻي پئسن ڏيڻ لاءِ مھرباني.“ ۽ پوءِ مون ڏي ڏسندي چيائين، ”گذريل رات سمھڻ کان پھرين مون ڌڻيءَ کان پڪ ورتي هئي تہ هُو مون کي ايترا پئسا ضرور ڏيندو، جو مان هيءَ گڏي خريد ڪريان تہ جيئن امان، اديءَ کي هيءَ گڏي پھچائي سگهي. هُن منھنجي ڳالھہ ٻُڌي... منھنجي تہ اها خواهش بہ هئي تہ مون وٽ ايترا پئسا بہ هجن، جو پنھنجي ماءُ لاءِ هڪ اڇو گلاب وٺي سگهان، پر مون ۾ همٿ نہ ٿي تہ مان ڌڻيءَ کان ايترو گهڻو گهران... پر ڏس تہ هُن مون کي ايترا پئسا ڏياري ڇڏيا، جو مان گڏي بہ وٺي سگهان ٿو ۽ اڇو گلاب بہ. منھنجي ماءُ کي اڇا گلاب ڏاڍا پسند آهن.“
خريداري ختم ڪرڻ کان پوءِ موٽندي، مان تہ ڄڻ ڪو ٻيو ماڻھو هوس. ننڍڙو ٻار تہ منھنجي دماغ مان نڪتو ئي نہ پئي. اوچتو مون کي ياد آيو تہ ٻہ ڏينھن پھرين مقامي اخبار ۾ هڪ آرٽيڪل ڇپيو هو، جنھن ۾ هڪ حادثي جي خبر هئي تہ نشي ۾ ڌُت هڪ ڊرائيور پنھنجي ٽرڪ، هڪ بيٺل ڪار ۾ هنئي هئي، جنھن ۾ هڪ ننڍڙي ڇوڪري ۽ سندس ماءُ ويٺل هيون. ننڍڙي ڇوڪري تہ اتي ئي گذاري وئي هئي. ماءُ جي حالت خطري ۾ هئي. ان خاندان کي اهو فيصلو ڪرڻو هو تہ ان عورت جون مشينون هٽائي، کيس دنيا مان رخصت ٿيڻ ڏنو وڃي يا اڃا اها هٿراڌو زندگي وڌيڪ وقت هلائجي.
جڏهن اهو آرٽيڪل ياد آيم تہ مان سوچيندو رهيس تہ ڇا اهو خاندان ان ننڍڙي ٻار جو هو؟
ساڻس ملڻ کان ٻہ ڏينھن پوءِ مون اخبار ۾ خبر پڙهي تہ اها نوجوان عورت بہ گذاري وئي هئي. مان پاڻ کي روڪي نہ سگهيس، اڇن گلابن جو گلدستو ورتم ۽ جنازي تي پھچي ويس.
مون ڏٺو ننڍڙي ڇوڪريءَ جو فوٽو، اُها ساڳي گڏي جا هُن ٻارڙي پسند ڪئي هئي سا ۽ هڪڙو اڇو گلاب تابوت ۾ رکيل هئا.
مان روئندو اُتان واپس موٽي آيس.
بس منھنجي حياتي سدائين لاءِ بدلجي وئي. پنھنجي ماءُ ۽ پنھنجي ڀيڻ لاءِ اُن ٻار جي محبت اڄ تائين منھنجي دماغ ۾ تازي آهي. اهڙي محبت جنھن کي نشو ڪري ڊرائيونگ ڪندڙ کسڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي.

زندگيءَ ۾ ساٿَ جھڙي اهم شئي تہ ڪا آهي ڪانہ

”ڌيان ڪر... تو ذري گهٽ اُن گاڏيءَ کي ٽڪر هنيو هو!“ مُنھنجي پيءُ مون تي رڙ ڪئي، ”تو کان ڪڏهن ڪا شئي ڍنگ سان ٿي بہ آهي؟“
لفظ، هٿيارن کان وڌيڪ ڏُکائيندا آهن. مون پنھنجي ڀر ۾ ويٺل ڪُراڙي ڏانھن ڏٺو. دِل ۾ آيم تہ ڪا سخت ورندي ڏيانس، پر هاڻي مون ۾ ڪنھن ٻئي جهيڙي ڪرڻ جي ڪابہ طاقت ڪونہ هُئي.
”مون گاڏي ڏٺي هُئي بابا... ۽ مھرباني ڪري، جڏهن مان ڪار هلايان تہ مون تي رڙيون نہ ڪندو ڪر.“
بابا مون ڏي گُهوري نھاريو ۽ وري مُنھن موڙي دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳو.
گهر پھچي مون بابا کي ٽيليوزن جي سامھون ويھاريو ۽ ٻاهر نڪري، پنھنجن خيالن کي گڏ ڪرڻ لڳس. ڪارا ڪڪر ڄڻ وسڻ لاءِ تيار هُئا. پريان گوڙ بہ ٿي رهي هُئي ۽ مُنھنجي دل ۾ بہ هڪ گوڙ هُيو تہ مان هِن جو ڇا ڪيان؟
بابا، سدائين ٻاهر نوڪري ڪئي هُئي. هُو وڏا وڏا وڻ ڪپيندو هو ۽ مضبوط ٿُڙن کي ڪُلھن تي کڻي ايندو هو. کيس قدرت سان پيار هو ۽ هُو هِڪ سگهارو مرد هو. هُن الاءِ ڪيترا طاقت جا مقابلا کٽيا هُئا ۽ اسان جو گهر سدائين ٽرافين سان ڀريل رهيو هو.
وقت ڏاڍو تيزيءَ سان گذري ويو هو. جنھن ڏينھن هُو پھريون ڀيرو هڪ وڏو ٿُڙ کڻي نہ سگهيو هو تہ مون کيس ٻاهر هڪ بئنچ تي اڪيلو ويٺل ڏٺو هو. کيس پنھنجي وڌندڙ عُمر تي چِڙَ هُئي ۽ هاڻي جڏهن کانئس اِهو سڀ نہ پئي ٿيو تہ هُو ڏاڍو بيزار پئي ٿيو. پنھنجي ستھٺھين سالگره جي چوٿين ڏينھن تي کيس دل جو دورو پيو. تڪڙو اسپتال پھچايوسينس ۽ خوشقسمتيءَ سان هُو بچي بہ ويو، پر سندس اندر ۾ ڄڻ ڪير مري ويو هو. جياپي لاءِ سندس سَڌ ڄڻ ختم ٿي وئي هُئي. هُن ڊاڪٽرن جا مشورا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ موٽ ۾ ڊاڪٽر تي ڪاوڙ ۽ ٽوڪون بہ ڪندو هو. وٽس ايندڙ ماڻھن جو انگ گهٽجندو ويو ۽ هڪڙي ڏينھن هُو بلڪل اڪيلو رهجي ويو هو.
مُنھنجي مُڙس ڊِڪ ۽ مون کيس پاڻ سان گڏ رهائڻ لاءِ سوچيو. اسان وٽ هڪ ننڍڙو فارم هائوس هو ۽ اسان سمجهيو پئي، تہ ٿي سگهي ٿو تہ تازي هوا ۾ کيس بھتر ماحول ملي سگهي. صلاح ڪرڻ کان هفتو کن پوءِ هُو اسان وٽ آيو، پر اسان ٻنھي کي لڳو تہ ڄڻ اسان کيس اها صلاح اجائي ڪئي هُئي. هُو مُنھنجي هر ڳالھہ تي تنقيد ڪندو هو. آهستي آهستي مان بہ بيزار ٿيڻ لڳس ۽ پنھنجي ڪاوڙ پنھنجي مُڙس تي لاهڻ لڳس، نتيجي ۾ اسان ٻنھي جا جهيڙا وڌڻ لڳا.
ڊڪ اسان جي ماهرِ نفسيات سان صلاح ڪئي، جنھن چيو تہ توهان جي پيءُ وٽان برداشت جي قوت ختم ٿي وئي آهي ۽ ٿي سگهيوَ تہ کيس ڪنھن ڪُراڙن جي مددگار سينٽر تي ڇڏي اچو. مون ٻئي ڏينھن کان نفسياتي ادارن جا نمبر ملائڻ شروع ڪيا، هر اداري مُنھنجو مسئلو ٻُڌڻ کان پوءِ اِن حالت ۾ مدد ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ تہ کين ڊپ هو تہ متان اِهو طاقتور ڪُراڙو اُتي اچي ڪو نقصان نہ ڪري وجهي.
جنھن مھل مُنھنجي اُميد بلڪل ختم پئي ٿي ۽ مون آخري سينٽر سان فون تي پئي ڳالھايو تہ هِڪ سنهڙي آواز مون کي چيو، ”ترس... مون هِڪ آرٽيڪل پڙهيو آهي توکي ٻُڌايان ٿي... شايد اِن مسئلي جو حل نڪري اچي.“
هُن آرٽيڪل پڙهي ٻُڌايو، جنھن ۾ اها تحقيق ڪئي وئي هُئي تہ جيڪي بہ مريض ذهني دٻاءُ جو شڪار هُئا، اُنھن جي حالت تڏهن سُڌرڻ لڳي هُئي جڏهن هُنن هڪڙو هڪڙو ڪُتو پالڻ شروع ڪيو هو.
مان اُن مھل ئي جانورن جي هڪ مرڪز ڏانھن ڀڳس. جڏهن مون سوال نامو ڀري ورتو تہ هِڪ يونيفارم واري ملازم مون کي ڪُتڙن جي گهرن تائين پھچايو. هر گهر ۾ پنج کان ست ڪُتا هُئا، جن مان هر ڪو مون تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. مان هِڪ هِڪ کي ڏسندي ويس ۽ هر ڪنھن کي رد ڪندي ويس. اوچتو مون کي پريان هِڪ ڪُنڊ ۾ هڪڙو ڪُتو نظر آيو، جيڪو ڄڻ پنھنجي پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. سندس اکين ۾ الاءِ ڇا هو. اُهي ماٺڪيون هيون، صاف هيون ۽ ڄڻ ڪو پيغام ڏئي رهيو هيون. مون عملدار کي ڪُتي ڏانھن اشارو ڪندي پُڇيو، ”مون کي اِن جي باري ۾ ٻُڌائيندين؟“
عملدار پنھنجو ڪنڌ حيرت ۾ لوڏيو ۽ چيائين، ”اِهو تہ عجيب ڪُتو آهي، الاءِ ڪٿان کان آيو ۽ اچي اسان جي مرڪز جي ٻاهران در وٽ ويھي رهيو. اسان کيس اندر وٺي آياسين ۽ سوچيوسين تہ ڪو نہ ڪو سندس مالڪي ڪرڻ لاءِ ايندو. ٻہ هفتا ٿي ويا آهن پر ڪوبہ نہ آيو آهي. هِن جو وقت بہ اچي سڀاڻي تائين پورو ٿيو آهي.“
سندس آواز ۾ عجيب بيوسي هُئي ۽ سندس آخري جملي مون کي ڇرڪائي ڇڏيو. مون پُڇيو، ”تُنھنجو مطلب تہ سڀاڻي هِن کي اوهان ماري ڇڏيندؤ؟“
”ميڊم“ هُن نرميءَ سان وراڻيو، ”اِها اسان جي پاليسي آهي. جيڪڏهن ڪنھن بہ ڪُتي لاءِ ڪو مالڪ نٿو هُجي تہ اُن کي ماري ڇڏبو آهي.“
مون ڪُتي ڏانھن وري نھاريو. خاموش ناسي اکيون، ڄڻ مُنھنجي فيصلي جون منتظر هيون. مون عملدار کي چيو، ”مون کي اِهو ڪُتو گهرجي.“
پنھنجي گاڏيءَ ۾ ڪُتي کي کڻي، گهر ٻاهران هارن ڏنم ۽ سامھون ويٺل بابا کي ڏسندي رڙ ڪيم، ”بابا ڏسو مون توهان لاءِ ڇا آندو آهي.“
بابا نھاريو ۽ سندس مُنھن ۾ گهنج پئجي ويا هُئا. ”جي مون کي ڪُتو کپي ها تہ مان پاڻ نہ وڃي وٺي اچان ها ۽ ٻي ڳالھہ تہ هِي تو جيڪا هڏين جي مُٺ آندي آهي، اُنھي کان تہ ڪو سٺو ڪُتو وٺي اچين ها. اِهو پاڻ وٽ رک... مون کي نٿو کپي.“ هُو اُٿيو ۽ گهر ڏانھن وڃڻ لڳو. مون ڪاوڙ وچان رڙ ڪئي، ”بابا... پنھنجو پاڻ کي هيرائي ڇڏ... هي ڪُتو هاڻي هِن گهر ۾ رهندو.“
بابا مون تي ڪوبہ ڌيان ڪونہ ڏنو مون وري رڙ ڪئي، ”تو مون کي ناهي ٻُڌو ڇا بابا؟“ مُنھنجي ٻي رڙ تي بابا مُٺيون ڀڪوڙيون ۽ اڃا ڪُجهہ چوڻ وارو ئي هو، جو اوچتو ڪُتو مون کان رسي ڇنائي، ڀڳو ۽ وڃي سندس پيرن ۾ ويٺو. پُڇ لوڏيندي آهستي آهستي هُن پنھنجا چنبا مٿي ڪيا ۽ بابا جي بُوٽن تي ڦيرڻ لڳو. بابا جي ڄاڙي ڏڪڻ لڳي. کيس ڄڻ محبت جو عجيب احساس ٿي رهيو هو. ڪُتڙو اڃا تائين سندس پيرن کي پيار ڪري رهيو هو. بابا جُهڪيو ۽ ڪُتي کي پنھنجي هنج ۾ کڻي ورتائين.
هِڪ بھترين دوستيءَ جي اها شروعات هُئي. بابا ڪُتي جو نالو ’چائني‘ رکيو ۽ هاڻي بابا ۽ چائني جتي ڪٿي گڏ نظر ايندا هُئا. هُو سمنڊ ڪناري گڏ گهمندا هُئا. بئنچن تي گڏ ويھندا هُئا، باغن ۾ گڏ ويندا هُئا ۽ هاڻي تہ آهستي آهستي چائني بابا سان گڏ بستري ۾ بہ سُمھڻ لڳو. هُنن گڏجي پنھنجا ڪيترائي دوست بہ ٺاهي ورتا هُئا. ڪڏهن ڪڏهن مون کي ۽ ڊڪ کي سندن ٽھڪن جا آواز ٻُڌڻ ۾ ايندا هُئا تہ ڏاڍي خوشي ٿيندي هُئي.
ٽي سال الاءِ ڪيئن گذُري ويا. هِڪ رات جو اوچتو مون کي محسوس ٿيو تہ چائني ڄڻ اسان جي بيڊ روم جو در کڙڪائي رهيو هو، مون ڊڪ کي اُٿاريو ۽ اسين بابا جي ڪمري ڏانھن وياسين. بابا وفات ڪري چُڪو هو.
ٻن ڏينھن کان پوءِ مُنھنجي ڏُک ۾ اڃا بہ واڌ اچي وئي، ڇاڪاڻ تہ بابا جي پلنگ جي پاسي کان چائني بہ گُذاري ويو.
مُنھنجي مُڙس ۽ مون چائني کي سندس محبوب باغ جي پاسي کان دفن ڪيو ۽ مون کي ڏاڍي حيرت ٿي، جڏهن مون ڏٺو تہ بابا ۽ چائني جا الاءِ ڪيترا دوست هُنن کان سواءِ ويڳاڻا ٿي ويا هُئا.

هي ڳوڙها دراصل اسان جون مُرڪون آهن

مان ٽن ٻارن جي ماءُ آهيان، جن جون عمريون 14 سال، 12 سال ۽ 3 سال آهن. تازو ئي مون پنھنجي ڪاليج جي ڊگري مڪمل ڪئي آهي، جيڪو آخري ڪلاس مون ورتو هو، سو سماجيات جو هو. استاد جنھن محبت سان پڙهائي رهي هئي، تنھن مون کي هر هر سمجهايو پئي تہ، ’انسانيت ڇا هوندي آهي؟‘ سڀ کان آخري پروجيڪٽ، جيڪو هُن اسان کي ڏنو، اهو ’مُرڪ‘ هيو. سڄي ڪلاس کي اهو چيو ويو تہ اسان ٻاهر وڃون، ڪن بہ ٽن ماڻھن ڏانھن نھاري مُرڪون ۽ موٽ ۾ سندن ردِعمل کي نوٽ ڪري اچون.
منھنجي طبيعت ڏاڍي سادي ۽ دوستاڻي آهي. مان تقريبن سڀني ماڻھن کي ڏسي مرڪندي آهيان ۽ سلام ڪندي آهيان. مون کي لڳو اها اسائنمينٽ تہ ماڳھين مکڻ آهي، چپٽي وڄائي ٿي ويندي.
مارچ جي هڪ روشن صبح جو مان، منھنجو مڙس ۽ منھنجو سڀ کان ننڍو پُٽ کاڌي جي هڪ دُڪان تي پھتاسين. اسان جو خيال پنھنجي ننڍڙي پُٽ کي راند کيڏائڻ جو هيو ۽ منھنجي مَنَ ۾ اهو خيال بہ هيو، تہ مان پنھنجي پروجيڪٽ کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش، اڄ ئي ٿي ڪري وٺان. پھرين اسان سوچيو تہ ڪجهہ کائي وٺون ۽ ان کان پوءِ ٻار کي راند رهايون ٿا.
ماني وٺڻ لاءِ اسين قطار ۾ بيٺل هياسين، جو مون کي لڳو تہ ڄڻ هر ڪو پنھنجي جاءِ تان کسڪي رهيو هو. اها حرڪت منھنجي مڙس بہ ڪئي تہ مون کي ڏاڍي حيرت ٿي. مون پوئتي مُڙي ڏٺو تہ منھنجي اندر ۾ ڄڻ ڊپ ڀرجي ويو ۽ مون کي سمجهہ ۾ اچڻ لڳو تہ هُو سڀ ڇو پري ٿي ويا هئا. سڄو ماحول بدبوءَ سان ڀرجي ويو هو، ڇاڪاڻ تہ منھنجي پويان ٻہ بي گهر ڪُراڙا کاڌي وٺڻ لاءِ اچي بيٺا هئا. مون پنھنجي پويان بيٺل ننڍي قد واري پوڙهي ڏانھن نھاريو، جيڪو منھنجي بلڪل ويجهو بيٺو هيو ۽ جنھن مان بدبوءَ جا ڄڻ اُلا نڪري رهيا هئا، پر حيرت انگيز ڳالھہ اها هئي تہ سندس آسماني رنگ جي اکين ۾ عجيب جوت هئي. مُک تي مُرڪ هئس، جنھن سان هُن مون کي سلام ڪيو، ’سُکي هجين‘ دعا ڪندَي، هُن پنھنجي هٿ ۾ جڪڙيل ڪجهہ سِڪن کي وري ڳڻيو. سندس پويان بيٺل ٿورو ڊگهيرڙي ڪُراڙي الاءِ ڇا ڀُڻڪيو، مون کي لڳو تہ جيڪو ٻيو پوڙهو هيو، تنھن جو ذهني توازن ڄڻ ٺيڪ نہ هيو ۽ هي آسماني اکين وارو ڪراڙو سندس همراھہ ٿيو بيٺو هيو. منھنجي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ مان هُنن جي ڀر ۾ ئي بيٺي رهيس. ڪائونٽر پويان بيٺل ڇوڪريءَ کانئن پڇيو، ”ڇا ٿو گهرجيوَ؟“
هُن وراڻيو، ”صرف ڪافي وٺي سگهون ٿا مِس.“
سندس جملي ۾ جيڪو درد هو، سو پاڻ ڏانھن ڇڪيندڙ هيو. ٻاهر شديد سيءُ هيو ۽ وٽن مناسب اوڇڻ بہ ڪونہ هيا، جو پاڻ کي سيءَ کان بچائي سگهن ۽ شايد ان ڪري ئي هُو اندر، ريسٽورينٽ ۾ ٿورو وقت گذارڻ پيا گهرن تہ جيئن ڪجهہ وقت گرم رهي سگهن. مون ڄڻ اهو سڀ ڪجهہ محسوس ڪري ورتو. اندر ۾ الاءِ ڪھڙي ڪيفيت جاڳي پيم. هڪدم اڳيان وڌيس ۽ آسماني رنگ جي اکين واري ڪُراڙي کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتم. اها ئي گهڙي هئي، جڏهن مون کي احساس ٿيو، تہ ريسٽورينٽ ۾ ويٺل هر ماڻھو مون ڏانھن نھاري رهيو هو ۽ منھنجي هر حرڪت کي جانچي رهيو هو. مان مرڪيس ۽ ڪائونٽر پويان بيٺل نوجوان نينگريءَ کي ٻن اضافي ناشتن کي الڳ الڳ پليٽن ۾ پيش ڪرڻ لاءِ چيم. مون ڏٺو تہ هُو ٻئي ڄڻا، هڪ ڪُنڊائتي ٽيبل چُونڊي وڃي ويٺا هئا.
مون نيرن سندن ميز تي وڃي رکي ۽ آسماني اکين واري ڪُراڙي جي هٿَ تي هٿُ رکيم، جيڪو ڏاڍو ٿڌو هو. هُن ڀريل اکين سان مون ڏانھن نھاريو. منھنجي هٿَ تي ٿڦڪي ڏنائين ۽ چيائين، ”ڌڻي توکي خوش رکي.“
مون سندس هٿَ جڪڙي ورتا ۽ چيم، ”مان اهو تو لاءِ نہ پئي ڪيان. مان تہ اهو پنھنجي رب لاءِ پئي ڪيان تہ جيئن تون نااُميد نہ رهين.“
پنھنجي پُٽ ۽ مڙس ڏانھن موٽندي مان روئي رهي هئس. جڏهن مان پنھنجي مڙس جي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويھي رهيس تہ هُن هڪ وسيع مرڪ آڇي ۽ چيائين، ”ڌڻيءَ ان ڪري ئي تہ توکي، مون کي ڏنو آهي تہ جيئن مان سدائين پُراُميد رهان.“ اسان ٻنھي هڪ ٻئي جا هٿَ جهلي ورتا ۽ الاءِ ڪھڙو سڪون جو احساس اسان کي گهيري ويو.
ڪاليج موٽيس ۽ پنھنجي آخري ڪلاس تي، پنھنجو پروجيڪٽ جڏهن ٽيچر جي حوالي ڪيم تہ هُن پڙهڻ کان پوءِ پڇيو، ”مان محبتن جو اهو قصو، ٻين کي ٻُڌائي سگهان ٿي؟“
مون جهڪيل ڪنڌ سان ’ها‘ ڪئي.
هُن پڙهڻ شروع ڪيو، پڙهندِي بہ رهي ۽ روئندي بہ رهي. سندس آخري جملو مون کي ياد آهي. هُن چيو، ”هي ڳوڙها دراصل اسان جون مُرڪون آهن.“

محبت بہ ڪنھن دعا کان گهٽ ناهي

15 صديءَ ۾ نيورمبرگ جي ويجهو هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ هڪ ڪٽنب رهندو هو. جنھن ۾ 18 ٻار شامل هئا. کاڌي جي ميز تي ٻارن جي ان هجوم کي خوراڪ پھچائڻ لاءِ سندن پيءُ ڊيورر کي شديد محنت ڪرڻي پوندي هئي. هُو پيشي جي لحاظ کان هڪ سونارو هيو ۽ تقريبن 18 ڪلاڪ ڪم ڪندو هو. تنھن کان سواءِ بہ هُو مختلف ڪم ڪندو هو تہ جيئن گهر جو چرخو هلندو رهي. سندن حياتي ڏاڍي تڪليف ۾ گذري رهي هئي. 18 ٻارن مان ٻن پٽن البريخٽ ۽ البرٽ جي ذهن ۾ هڪ خيال آيو، هنن جي خواهش هئي تہ هُو پنھنجي ذهانتن کي آزمائڻ لاءِ آرٽ جي تعليم حاصل ڪن، جيڪا نيورمبرگ ۾ حاصل ٿي پئي سگهي، پر کين ڄاڻ هئي تہ هنن جو پيءُ سندن تعليم جو بار کڻڻ جي لائق نہ هيو. هُو ان ڳوٺ ۾ ئي ڏکيائيءَ سان گذران ڪندا هيا، تہ سندن پيءُ کين ڪٿان نيورمبرگ جھڙي شھر ۾ موڪلي پيو سگهي. رات جو پنھنجي پُرهجوم بسترن تي ليٽندي، ٻنھي ڀائرن هڪ فيصلو ڪيو. هنن سوچيو تہ اکر ڀوري ڪيون ٿا، جيڪو هارائيندو، اهو ڳوٺ جي ڀر واري کاڻ ۾ وڃي پورهيو ڪندو ۽ پنھنجي ڀاءُ جي مالي مدد ڪندو تہ جيئن اهو تعليم حاصل ڪري سگهي... پوءِ جڏهن اهو ڀاءُ چار سال پورا ڪري تعليم مڪمل ڪندو تہ پوءِ پورهيو ڪندڙ ڀاءُ جي مدد ڪندو تہ جيئن اهو بہ تعليم حاصل ڪري سگهي. هاڻي جي ان کي پنھنجي هنر جي ڪري ڪجهہ اهڙو وسيلو ملي ويو، جنھن مان ڪمائي ڪري سگهي تہ ٺيڪ نہ تہ بھرحال کاڻ ۾ پورهيو ڪري بہ تعليم حاصل ڪيل ڀاءُ، ٻئي ڀاءُ جي تعليم پوري ڪرائيندو.
هنن آچر جي ڏينھن صبح جو اکر ڀوري ڪئي. البريخٽ ڊيورر اها اکر ڀوري کٽي ۽ نيورمبرگ روانو ٿي ويو. البرٽ خطرناڪ کاڻين ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ايندڙ چار سال پنھنجي ڀاءُ جي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪيائين. جنھن جو ڪم پنھنجي اداري ۾ مثال جوڳو هيو. سندس هٿ جو هنر، ڪاٺ تي ڪاريگري ۽ ڪينواس تي آئل جو ڪم پنھنجي ڪيترن استادن کان بہ وڌيڪ حسين هو. جڏهن هن پنھنجي تعليم مڪمل ڪئي تہ پنھنجي ڪم جي ڪري سٺا پئسا ڪمائڻ لڳو. جڏهن اهو فنڪار پنھنجي ڳوٺ واپس موٽيو تہ سندس ڪٽنب هُن جي اچڻ جي خوشيءَ ۾ هڪ زبردست دعوت رٿي. بھترين ماني ۽ موسيقيءَ جي محفل کان پوءِ البريخٽ پنھنجي خاص مھمان واري ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ پنھنجي ڀاءُ جي مانَ ۾ جام بلند ڪندي، سندس قربانين جو ذڪر ڪرڻ لڳو. هن پنھنجي ڳالھہ جي پڄاڻي هِن ڳالھہ تي ڪئي:
”۽ هاڻي منھنجا ڀلارا ڀاءُ البرٽ، تنھنجو وارو آهي تہ تون نيورمبرگ وڃ ۽ پنھنجي خواب جي تڪميل ڪر ۽ مان هاڻي تنھنجي لاءِ پورهيو ڪندس.“
سڀني جون اکيون البرٽ ڏانھن کڄي ويون، جيڪو ميز جي پرانھين ڪُنڊ تي ويٺل هيو. سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا ۽ مُنھن پِيلو پئجي ويو هئس. ڏک وچان پنھنجو ڪنڌ لوڏيندي ۽ روئندي هُن ورجايو پئي، ”نہ نہ...نہ نہ“ آخرڪار پنھنجو پاڻ تي ضابطو آڻيندي، هن پنھنجي ڳلن تان ڳوڙها اگهيا، ڊگهي ميز تي هڪ نگاھہ وڌائين ۽ انھن چھرن کي ڏٺائين جن سان هن کي شديد پيار هو ۽ پوءِ پنھنجي هٿن کي ڳلن جي ويجهو آڻيندي آهستڙي چيائين، ”نہ منھنجا ڀاءُ... مان نيورمبرگ نٿو وڃي سگهان. ڏاڍي دير ٿي چڪي آهي. ڏس کاڻ ۾ پورهئي ڪرڻ وارن انھن چئن سالن منھنجي هٿن جو ڇا حال ڪيو آهي. منھنجي هٿن جي هر هڏي گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو ڀيرو ضرور ڀڳي آهي ۽ هاڻي تہ مون کي سَنڌن جي سُور جي تڪليف ايڏي وڌي وئي آهي، جو مان تنھنجي خوشيءَ جو جام بہ پنھنجي هٿن ۾ جهلي نٿو سگهان. مان پين يا برش کي ڪيئن جهلي سگهندس. نہ منھنجا ڀاءُ... مون کي ڏاڍي دير ٿي وئي آهي.“
تقريبن ساڍا چار سئو سال ٿي چڪا آهن. البريخٽ ڊيورر جا هزارين شاهڪار واٽر ڪلر، چارڪول، ڪاٺ جي گهڙائي ۽ پتل جي نقشڪاريءَ سان دنيا جي اهمر ترين عجائبخانن ۾ موجود آهن، پر سڄي دنيا البريخٽ ڊيورر جي ڪم کي ٻن هٿن جي هڪ نقش سان ڄاڻي سڃاڻي ٿي، جيڪو سڄيءَ دنيا ۾ مختلف گهرن جي ڊرائنگ رومن ۽ آفيسن جي ڀتين تي لڳل آهي. هن پنھنجي دل جي درد سان پنھنجي ڀاءُ جي هٿن جو چِٽُ چِٽيو، جنھن ۾ ڏُٻريون آڱريون آسمان ڏانھن کڄيل آهن ۽ پنھنجي شاهڪار کي هُن ’هٿن‘(Hands) جو نالو ڏنو. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ هن خراجِ عقيدت کي ماڻھن ’دعائيندڙ هٿن‘ جو نالو ڏنو آهي.
توهان جي نگاھہ جڏهن بہ انھي شاهڪار تي پوي تہ اهو ضرور ياد رکجو تہ اهڙن هٿن کي ڪوبہ اڪيلو نٿو ٺاهي سگهي. اهي هٿ کڄندڙ دل جي دُعا سان ٺهي سگهن ٿا.

شاديءَ جھڙو ٻنڌڻ ڪو ٻيو آهي؟

اُن رات مان جڏهن گهر موٽيس ۽ مُنھنجي گهر واريءَ رات جي ماني ميز تي رکي تہ مون سندس هٿ جهليو ۽ چيم، ”مون کي توسان ڪُجهہ ضروري ڳالھيون ڪرڻيون آهن.“
هُوءَ ماٺ ڪري ويھي رهي. مون کي سندس اکين ۾ الاءِ ڇو ڏاڍو ڏُک نظر آيو.
هڪدم الاءِ ڇا ٿي ويو هو. مُنھنجو وات ڄڻ کُليو ئي نہ پئي، پر مون کي، کيس پنھنجي سوچ ٻُڌائڻي هُئي تہ مون کي کائنس طلاق پئي گهرجي.
مون موضوع کي آهستڙي آهستڙي اُڀاريو. مُنھنجن اکرن مٿس الاءِ ڪھڙو اثر پئي ڪيو، هُن ماٺ ڪري مون کي ٻُڌو ۽ نرم آواز ۾ پُڇيائين، ”طلاق ڇو؟“
مون سندس سوال کي لنوائي ڇڏيو، جنھن ڳالھہ ڄڻ کيس ڪاوڙائي وڌو. هُن ٿانوَ اڇلائي ڇڏيا ۽ مون کي رڙ ڪري چيائين، ”تون انسان ئي ناهين.“
اُن رات اسان ٻنھي رات جو پاڻ ۾ اکر بہ نہ ڳالھايو. هُوءَ سڄي رات روئندي رهي، مون ڄاتو پئي تہ هُوءَ ڄاڻڻ گهري ٿي تہ اسان جي شاديءَ کي ڇا ٿيو هو، پر مون وٽ کيس مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪو مضبوط جواب تہ هو ئي ڪونہ. مان پنھنجي دل ’جين‘ کي ڏئي چُڪو هُئس ۽ هاڻي مون کي هِن سان قطعي محبت ڪونہ هُئي.
دِل اندر ڏوھہ جي احساس کي محسوس ڪندي، مون طلاق نامو تيار ڪرايو، جنھن ۾ کيس اسان جو گهر، اسان جي ڪار ۽ اسان جي ڪمپنيءَ جو ٽيھہ سيڪڙو حصو آيا پئي. هُن طلاق نامي ڏانھن نھاريو ۽ اُن کي ٽُڪر ٽُڪر ڪري ڇڏيائين. اُها عورت جنھن مون سان ڏھہ سال گُذاريا هُئا. هاڻي مون لاءِ اجنبي پئي ٿي. مون کي سندس وقت، ذريعن ۽ جوانيءَ جي زيانيءَ تي قياس پئي آيو، پر مان هاڻي ڇا پئي ڪري سگهيس، جڏهن مون کي جين سان شديد محبت ٿي چُڪي هُئي. آخرڪار هُن مُنھنجي سامھون رڙيون ڪري رُنو. مون کي اِن ڳالھہ جو اندازو هو. سندس اهڙي انداز جو روئڻ مُنھنجي لاءِ راحت هو. طلاق ڏيڻ جو خيال ڪيترن ئي هفتن کان مُنھنجي مَنَ ۾ هو ۽ حالتن جي هِن رُخ ۾ تہ اُهو وڌيڪ مضبوط بڻجي ويو.
ٻئي ڏينھن مان ڪم تان دير سان موٽيس تہ ڏٺم، هُوءَ ٽيبل تي ويٺي ڪُجهہ لکي رهي هُئي. مون رات جي ماني ڪونہ کاڌي هُئي، پوءِ بہ مان سِڌو سمھڻ هليو ويس ۽ جلدي سُمھي پيس، ڇاڪاڻ تہ مون جين سان هڪ زبردست مصروف ڏينھن گُذاريو هو. رات وچ ۾ مان جيڏي مھل بہ جاڳيس پئي تہ ڏٺم پئي تہ هُوءَ اُتي ئي ويٺي هُئي ۽ ڪُجهہ لکي رهي هُئي. مون کي هاڻي هُن جي رتي ڀر بہ پرواھہ ڪونہ هُئي. ڀلي پئي لکي، مان ڪنڌ ورائي وري سمھي پيو هُئس.
صبح ساڻ هُن طلاق بابت پنھنجون شرطون مُنھنجي سامھون رکيون. کيس مون کان ڪُجهہ بہ نہ پيو گهرجي. بس سندس خواهش هُئي تہ کيس طلاق کان پھرين هڪ مھيني جو نوٽيس گهرجي. هُن عرض ڪيو هو تہ اُن هڪ مھيني ۾ اسين ٻئي هڪ عام رواجي حياتي گذارڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪيون. سندس سبب ڏاڍو سادو هو. هِن مھيني ۾ اسان جي پُٽ جا امتحان ٿيڻا هُئا ۽ هُن نہ پئي چاهيو تہ اسان جي پُٽ جو امتحان، اسان جي شادي ٽُٽڻ جي ڪري خراب ٿئي.
اها ڳالھہ مون لاءِ قابلِ قبول هُئي، پر هُن هڪ ٻي ڳالھہ لاءِ بہ فرمائش ڪئي هُئي. هُن چيو هو تہ ڇا مون کي ياد آهي تہ پنھنجي شاديءَ واري ڏينھن مان ڪيئن کيس هنج ۾ کڻي، شاديءَ واري بيڊ روم تائين پھچايو هو. هُن اهو عرض ڪيو تہ اِهو سڄو مھينو مان روز کيس پنھنجي بيڊ روم مان ٻاهرئين دروازي تائين کڻي اچان. مون کي تہ هُوءَ چري لڳي، ڏاڍي کِل آيم پر پوءِ پنھنجن آخري ڏينھن جي ساٿ کي فضيلت سان گذارڻ لاءِ، مون سندس اها عجيب شرط بہ قبول ڪئي.
مون جين کي پنھنجي زال جي طلاق بابت شرطن جي خبر ڏني تہ هُوءَ ڏاڍو کِلي ۽ چيائين تہ، ”مائي چري ٿي پئي آهي.“ ڏاڍي سختيءَ سان جين اِهو جملو چيو، ”هُوءَ کڻي ڇا بہ ڪري، طلاق تہ کيس ٿيڻي ئي آهي.“
جڏهن کان مون کيس طلاق ڏيڻ جو سوچيو هو تہ الاءِ ڇو مون کي هُن سان گڏ گذارڻ لاءِ لمحن جي ضرورت ئي ڪونہ پئي هُئي. هاڻي جڏهن هيترن ڏينھن کان پوءِ مان کيس پنھنجين ٻانھن ۾ کڻي ڪمري کان ٻاهر آيس تہ مُنھنجي پُٽ تاڙيون وڄايون ۽ کِليو تہ بابا امان کي هنج ۾ کنيو پيو اچي. ڪمري کان مھمان خاني تائين، وري ٻئي در تائين، وري ٻئي ڪمري جي در تائين تقريبن 15 ميٽر مان کيس ٻانھن ۾ کڻي گهمندو رهيس. هُن پنھنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون ۽ مُنھنجي ڪَن ۾ سرگوشي ڪندي چيو هُئائين، ”اسان جي پُٽ کي اسان جي طلاق جي خبر نہ پوڻ گهرجي.“
گهر جي در تان هُوءَ بس پڪڙڻ لاءِ بيھي رهي ۽ مان اڪيلو ئي پنھنجي آفيس هليو ويو هُئس. ٻئي ڏينھن، هنج ۾ کڻي هلڻ جو اِهو عمل ڪُجهہ سَوَلو ٿي ويو. کڻي هلڻ دوران مون کي احساس ٿيو تہ مون تہ ڪيترن ڏينھن کان کيس ڏٺو ئي ڪونھي. هُوءَ هڪدم پوڙهي ٿي وئي هُئي، سندس چھري تي گهنج پئجي ويا هُئا ۽ سندس وار اڇا ٿي رهيا هُئا، اسان جي شاديءَ ڄڻ کيس پيڙهي رکيو هو. هڪ لحضي لاءِ مون سوچيو تہ مون هِن سان ڇا ڪري ڇڏيو.
چوٿين ڏينھن جڏهن مون کيس هنج ۾ کنيو تہ لڳم تہ ڄڻ چاھہ موٽي پيو ٿو. هيءَ اُها ئي عورت هُئي، جنھن پنھنجي حياتيءَ جا ڀرپور 10 سال مون کي ڏنا هُئا.
پنجين ۽ ڇھين ڏينھن بہ مون کي اِهو ئي احساس ٿيو تہ اسان جي پنھنجائپ وڌي پئي. مون جين کي اِن بابت ڪُجهہ بہ نہ ٻُڌايو. لڳم پئي تہ مھينو ڄاڻ ڪِي گُذريو. هر گذرندڙ ڏينھن مون کي طلاق لاءِ طاقتور بڻائي رهيو هو.
هڪ صبح جو هُوءَ پائڻ لاءِ ڪپڙن جي چونڊ ڪري رهي هُئي. ڪيترائي وڳا ڏٺا هُئائين، پر کيس لڳو پئي تہ اُهي سڀ کيس ويڪرا ٿي رهيا هُئا، مون کي احساس ٿيو تہ هُوءَ تہ وزن ۾ ڪرِي پئي آهي ۽ پوءِ مون سوچيو، تڏهن تہ مان کيس ايڏو سوَلائيءَ سان کڻي سگهان ٿو. اوچتو مُنھنجي اندر کي ڌڪ لڳو تہ هُن پنھنجي اندر ۾ ڪيڏو نہ درد ۽ ڪاوڙ لڪائي رکي آهي. لاشعوري طور مان اڳيان وڌيس ۽ سندس مٿي کي ڇھيم.
تنھن مھل ئي اسان جو پُٽ آيو ۽ چيائين، ”بابا امان کي ڪڇ ۾ کڻڻ جو وقت اچي ويو آهي.“ هُو روز پنھنجي پيءُ کي اهو عمل ڪندي ڏسندو هو ۽ هرِي ويو هو. مُنھنجي زال، ننڍڙي کي پاڻ ڏانھن سڏيو ۽ ڇِڪي ڀاڪر پاتائينس. مون پنھنجو مُنھن ڦيري ڇڏيو تہ متان هِن گهڙيءَ مان ڪمزور ٿي وڃان ۽ طلاق بابت پنھنجو فيصلو بدلائي نہ ڇڏيان.
مون کيس هنج ۾ کنيو ۽ روز جيان اِن ڪرت کي مُڪمل ڪيو. اڄ الاءِ ڇو سندس وزن اڃا بہ هلڪو پئي لڳو.
آخري ڏينھن تي جڏهن مون هُن کي پنھنجين ٻانھن ۾ کنيو تہ مان الاءِ ڇو هِڪ وک بہ نہ پيو هلي سگهان، اسان جو پُٽ اسڪول ويو هو. مون پنھنجي زال کي ٻانھن ۾ سگهارو جهليو ۽ چيم، ”مون کي ڪڏهن خيال ئي نہ آيو تہ اسان جو اتساھہ ختم ٿي ويو آهي.“
مان آفيس ويس، ڪار مان ٻاهر نڪتس ۽ بنا گاڏيءَ جي لاڪ ڪئي اندر ڀڳس تہ جيئن مان پنھنجو فيصلو نہ بدلايان. ڊوڙندي ڏاڪا چڙهيس. جين در کوليو ۽ مون کيس چيو، ”سوري جين... مون کي هاڻ طلاق نٿي کپي.“
هُن مون ڏي نھاريو، حيرت سندس مُنھن تي واضح هُئي. مُنھنجي نرڙ کي ڇھيائين ۽ پُڇيائين، ”توکي بُخار تہ ناهي؟“ مون سندس هٿ پنھنجي پيشانيءَ تان هٽايو ۽ چيم، ”سوري جين... چيم نہ... تہ مون کي هاڻي طلاق نٿي کپي، مُنھنجي شادي شدہ زندگي شايد اِن ڪري خراب ٿي وئي هُئي، جو اسان هِڪٻئي تي ڌيان نہ پئي ڏنو ۽ هاڻي جڏهن مون کي اهو احساس ٿو ٿئي تہ مان کيس شاديءَ واري ڏينھن پنھنجي هنج ۾ کڻي گهر وٺي ويو هُئس تہ مون کي موت تائين اِهو ساٿ نہ ٽوڙڻ گهرجي.“
جين ڄڻ جاڳي پئي. هُن مون کي چماٽ وهائي ڪڍي ۽ روئڻ ويھي رهي. مان موٽي آيس. گُلن جي هِڪ دُڪان تان پنھنجي گهر واريءَ لاءِ گُلدستو ورتم. گل وڪڻندڙ ڇوڪريءَ پُڇيو تہ ”ڪارڊ تي ڇا لکان؟“ مان مُرڪيس ۽ پاڻ لکيم، ”مان سڄي عُمر توکي هنج ۾ کڻي هلندس، جيسيتائين موت اسان کي جُدا ڪري.“
اُن شام مان گُلن ساڻ گهر پھتس ۽ الاءِ ڪيترن ڏينھن کان پوءِ مُنھنجي مُک تي آسودي مُرڪ هُئي. ڏاڪا چڙهندو، ڊوڙندو وٽس ويس. هُوءَ بستري تي مُئل هُئي.
مُنھنجي زال کي الاءِ ڪيترا مھينا اڳ ڪينسر ٿي هُئي ۽ مان جين جي حُسن ۾ ايترو تہ محوِ هُئس، جو مون مٿس ڪو ڌيان ئي ڪونہ ڏنو. کيس خبر هُئي تہ هُوءَ تمام جلدي مري ويندي ۽ تنھن ڪري ئي هُن اسان جي پُٽ کي، اسان جي ساٿ جي ٽُٽڻ کان بچائڻ پئي گهريو. پنھنجي پُٽ جي سامھون هُوءَ مون کي سدائين لاءِ هڪ وفادار ۽ محبت ڪندڙ مُڙس ثابت ڪري وئي هُئي.

بابا، اوهان ڪٿي هوندا آهيو؟

ليُونا ننڊ مان جاڳي تہ دريءَ مان ٿڌي هوا اندر اچي رهي هئي ۽ پردا هوا ۾ لُڏي رهيا هئا. سندس محبوب ترين گڏي ۽ ننڍڙو پانڊا هر ڏينھن جيان سندس وهاڻي جي ڀر ۾ هو. ڪھڙي شئي نہ هئي؟ هُن پنھنجو ڪنڌ چئني رُخن ۾ ڦيرايو ۽ ڳولڻ لڳي تہ امان ڪٿي آهي؟ کيس لڳو تہ امان ڄڻ ڪٿي لڪي وئي آهي ۽ هاڻي اتان جهاتي پائي چوندي، ”مان هتي آهيان.“ پر اهڙو ڪجهہ بہ نہ ٿيو. هُن پنھنجيون اکيون مَھٽيون، هنڌ تان لٿي ۽ سڌو رڌڻي ڏانھن آئي. امان اتي بہ ڪانہ هئي، هُن ڏٺو اتي سندس پيءُ ڪافيءَ جو ڪوپ ٺاهي رهيو هو.
”بابا“ هُن رڙ ڪئي.
”اڙي ليُونا... منھنجي راڻي... تون ڪيئن آهين...؟ ڇا تو ننڊ سُٺي ڪئي؟“
”بابا، توهان ڪڏهن آيئو؟“
”ڪلھہ رات راڻي... مون کي خبر آهي تہ سڀاڻي تنھنجو جنم ڏينھن آهي. مان سڄي دنيا وساري سگهان ٿو، انھي کي ڪيئن ٿو وساري سگهان.“ هُن ننڍڙيءَ کي ڪڇ ۾ کنيو ۽ جام چُميون ڏنائينس. ننڍڙي سندس ڀاڪر ۾ پاڻ کي ڀڪوڙي ڇڏيو.
”امان ڪٿي آهي بابا... اڄ تہ اسان کي سالگره جي شاپنگ لاءِ نڪرڻو آهي.“
”تنھنجي نانيءَ جي طبيعت خراب ٿي وئي آهي ليُونا... مميءَ کي تڪڙو اوڏانھن نڪرڻو پيو.“
”او نو...“ سندس مُنھن لھي ويو، ”مون کيس ٻُڌايو هو تہ مون کي پنھنجي سالگره لاءِ ڇا ڇا ٿو گهرجي... هاڻي مان ڇا ڪريان.“
”پريشان نہ ٿي... پھرين پاڻ ناشتو ٿا ڪريون... ڏس مون تنھنجي لاءِ ڪيلي جو ڇا تہ مزيدار ڪيڪ ٺاهيو آهي.“
”بابا! توهان کي خبر ناهي تہ مون کي ڪيلا ناهن وڻندا... مان اهو ڪونہ کائينديس.“
”ڪائي ڳالھہ ڪانھي... مان توکي ٻيو ڪجهہ ٿو ٺاهي ڏيان...“
”مون کي وهنجڻو آهي.“
”هلي آ.“
ليُونا کي وهنجڻ ڏاڍو وڻندو آهي. هُن ٽب ۾ پاڻ ساڻ پنھنجي بدڪ بہ رکي. پاڻيءَ جا ڇنڊا اُڏايائين... خوب مستي ڪيائين. سندس پيءَ کيس ٽوال ۾ ويڙهيو ۽ بيڊ روم ۾ کڻي آيس. ”ڏسون تہ اڄ ليُونا ڇا ٿي پائي؟ ڳاڙهو فراڪ يا اڇو فراڪ؟“
”نہ بابا... مون کي گلابي وڻندو آهي.“
”ٺيڪ آهي راڻي... گلابي ٿا پائي وٺون.“
”نہ پر منھنجا وارَ ڪير سنواريندو...؟ مون کي پنھنجن ڪپڙن سان ميچنگ هيئر ڪلپس کپن... اهي ڪير ڳوليندو؟! مون کي خبر آهي، اوهان کان تہ ڪونہ لڀنديون.“ ليُونا صفا ڪاوڙجي وئي هئي.
سندس پيءُ ڪٻٽ جي خانن ۾ هڻ وٺ مچائي ڇڏي. ڳولا ڪندي کيس ان ڳالھہ جو ڪوبہ احساس ڪونہ هو تہ خانن کولڻ سان ڪٻٽ لُڏيو پئي ۽ ان مٿان رکيل مڇين جي برني آهستي آهستي سرڪي رهي هئي. اوچتو هڪ وڏو آواز ٿيو، برني هيٺ ڪري، شيشي جا ذرا چوڌاري پکڙجي ويا ۽ مڇيون هيڏانھن هوڏانھن ڦٿڪڻ لڳيون. ليُونا رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. پيءُ رڌڻي ڏانھن ڀڳو ۽ هڪ بالٽيءَ ۾ ڪجهہ پاڻي کڻي آيو. هُن احتياط سان مڇيون کنيون ۽ بالٽيءَ ۾ وجهي ڇڏيون. ليُونا رڙيون ڪندي روئي رهي هئي.
”توهان ذري گهٽ منھنجيون سڀ مڇيون ماري ڇڏيون هيون بابا... توهان کي مون سان ذرو بہ پيار ناهي... توهان کي منھنجي ڪابہ خبر ناهي... توهان مون کي اسڪول ڇڏڻ ڪونہ ويندا آهيو... منھنجي اسڪول جي پروگرامن ۾ ڪونہ ايندا آهيو... مون کي اوهان کان نفرت آهي... مون کي پنھنجي امان کپي...“
پيءُ کي وڏو جهٽڪو لڳو هو، هُن ڪڏهن سوچيو بہ ڪونہ هيو تہ سندس ڌيءَ وٽ هن جو ڪو اهڙو عڪس هوندو! سندس نوڪري اهڙي هئي، جو هُو پنھنجي گهر وارن کي گهڻو وقت نہ پئي ڏيئي سگهيو، پر کيس ان ڳالھہ جو احساس هيو. هُن پنھنجي خوابن ۾ بہ ڪونہ سوچيو هو تہ ڪو سندس غيرحاضري هنن جي وچ ۾ ايڏو فاصلو پيدا ڪري ڇڏيندي.
هُو آهستڙي آهستڙي پنھنجي ڌيءَ ليُونا ڏانھن ويو. سندس هٿَ جهليائين ۽ چيائين، ”جي توکي ڏک ٿيو آهي تہ مان معافي ٿو گهران، پر مون توکي اهو ڏک ڏيڻ نہ پئي گهريو ڌيءَ... تون مون سان ڪجهہ گهڙيون ايندينءَ تہ مان توکي ڪجهہ ڏيکاريان...“ ليُونا پنھنجي پيءُ سان گڏ وئي، جيڪو کيس لائبريريءَ وٺي آيو. اُتان هڪ آلبم ڪڍيائين ۽ ليُونا کي پنھنجي ڪڇ ۾ ويھاري ڏيکارڻ شروع ڪيائين. ”راڻي، تنھنجو بابا سدائين توسان گڏ رهيو آهي، هي ڏس جڏهن تون ڄائي هئينءَ تہ ڪيئن نہ ڪپھہ جو ويڙهو پئي لڳين... ڪيئن نہ مون توکي پنھنجي هٿن ۾ کنيو ۽ سڄيءَ دنيا کان وڌيڪ توسان پيار ڪرڻ شروع ڪيو. هيءَ تصوير ڏس... تون ڪيئن مون کي گهوڙو ٺاهي مٿان سواري ڪري رهي آهين. ڪيئن نہ پاڻ مشڪري ڪري رهيا آهيون. هيءَ تصوير ڏس، تو ڪيئن پنھنجين آڱرين سان منھنجي مُنھن تي رنگ هنيا آهن. ڏس مان ڪيڏو عجيب پيو لڳان... مشڪرو ٿو لڳان نہ...؟“
تصويرن کي ڏسي ليُونا کِلڻ لڳي...
”۽ امان هي ڏس، هي تنھنجو اهو ڏينھن جڏهن تو پھريون ڀيرو سائيڪل هلائي هئي... هي پھريون ڏينھن جڏهن تو ترڻ سکيو هو... هي تنھنجي اسڪول جو پھريون ڏينھن... هي تنھنجي سالگره...“
”ها پر، انھن سڀني فوٽن ۾ توهان تہ ناهيو... امان آهي. امان ئي اهي فوٽو ڪڍيا آهن...توهان ڪڏهن بہ مون سان گڏ ڪونہ آيئو...توهان ڪٿي هوندا آهيو بابا...؟ توهان ڇو نہ ايندا آهيو؟“
”نوڪري... نوڪري امان...پر تون مون سان سدائين گڏ هوندي آهين.“
هُن پنھنجو ٻٽُون ڪڍيو ۽ پھرئين ڏينھن کان وٺي سندس آخري سالگره تائين جون تصويرون پنھنجي ٻٽُونءَ مان ڪڍيون. سندس ٻٽُونءَ ۾ پئسا گهٽ تصويرون گهڻيون هيون.
”توکي خبر آهي ليُونا، جڏهن تنھنجي ماءُ توکي سمھارڻ مھل لولي ڏيندي آهي، تہ مان اُن مھل تنھنجي تصوير هٿن ۾ جهلي ويھندو آهيان تہ ڄڻ مان پيو توکي سُمھاريان. مون کي شايد اها خبر نہ هجي تہ توکي ڪيلن جا ڪيڪ نہ وڻندا آهن، پر ايتري خبر ضرور اٿم تہ توکي اوندھہ کان ڊپ ضرور ٿيندو آهي. مون کي کڻي اها خبر نہ هجي تہ تنھنجي پسند جو رنگ ڪھڙو آهي؟ پر ايتري ڄاڻ ضرور هوندي اٿم تہ منھنجي راڻي ڌيءَ پنھنجي پانڊا کان سواءِ هنڌ ۾ سُمھندي ناهي. تنھن ڪري مان جڏهن بہ ايندو آهيان، تہ تولاءِ نئون پانڊا وٺي ايندو آهيان ۽ جي نہ اچي سگهان تہ توکي ڪنھن جي هٿان اهو موڪلي ڏيندو آهيان.“
”اڇا...! تہ انڪل ڊيوڊ جيڪي پانڊا کڻي آيو هو، سي توهان موڪليا هئا؟“
”بلڪل... ۽ ها هڪڙي ٻي شئي بہ آهي... اچ مان توکي تنھنجو خط ڏيکاريان.“
”ٿي نٿو سگهي... مان ٽن سالن جي آهيان... مان خط ڪيئن ٿي لکي سگهان... سڀاڻي مان چئن سالن جي ٿينديس...“ هُن ٽھڪ ڏنا.
”ڏس... هي تنھنجي هٿن جا ڇاپا آهن... جيڪي مون تنھنجي ماءُ کان گهرايا هئا، جڏهن مان اڪيلو هوندو آهيان ۽ توکي ڪال نہ ڪري سگهندو آهيان تہ تنھنجي ننڍڙن هٿن کي ڏسندو آهيان ۽ چُمندو آهيان.“
”توهان ڇو نہ ايندا آهيو بابا...“
”مون کي خراب ماڻھن سان وڙهڻو هوندو آهي ليُونا... مون کي رڳو تنھنجي حفاظت ناهي ڪرڻي، پر ٻيون بہ ڪيتريون ئي ليُونائون آهن، جن جو بچاءُ ڪرڻو آهي. هاڻي جڏهن مان هتي آهيان تہ ڏس پاڻ ڪيئن ٿا تنھنجي سالگره ملھايون.“
ليُونا خوشيءَ مان هڪ وڏي رڙ ڪئي، سندس ڪڇ مان لٿي ۽ پنھنجي ڪمري ڏانھن ڀڳي. واپس موٽي تہ سندس هٿن ۾ کٽمٺڙن جي برني هئي، ”بابا... هي منھنجيون زبردست ٽافيون آهن، توهان کي خبر آهي تہ جڏهن امان ڪو بھترين ڪم ڪندي آهي، تہ مان کيس صرف هڪ ٽافي ڏيندي آهيان...“
”اڇا!“ هُو کِليو.
”توهان کڻو...“
”ٺيڪ آهي... هڪڙي کڻان ٿو.“
”نہ بابا... سڄي برني کڻو... توهان سڄيءَ دنيا ۾ بھترين بابا آهيو.“

مائٽن جي محبت جو وڻ، ڪيترو ڪم اچي سگهي ٿو

مائٽ تہ ڄڻ هوندا ئي محبت ڪرڻ لاءِ آهن.
اولاد ٿيو ناهي ۽ زندگيءَ جو سلسلو مَٽيو ناهي. جيڪي ڪُجهہ پنھنجو هوندو آهي اُهو سڀ پرايو لڳندو آهي. پنھنجي اولاد جي خوشي پاڻ کان مٿي محسوس ٿيندي آهي ۽ سندن انگل آرا، حياتيءَ جي سونھن محسوس ٿيندا آهن. اولاد فرمائش ڪري ۽ مائٽ پوري نہ ڪري يا پوري ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪري، اِهو تہ ٿي نٿو سگهي. هر مائٽ حسبِ حال پنھنجو پاڻ کي پتوڙيندو آهي تہ جيئن سندس اولاد جون آسون پوريون ٿي سگهن. اُها ٻي ڳالھہ آهي تہ اولاد مان ڪيترن کي اُن ڳالھہ جي خبر بہ ڪانہ پوندي آهي.
گهڻا سال اڳ صوفن جو هڪ وڏو وڻ هيو، جنھن سان هڪ ٻارڙو ڏاڍو پيار ڪندو هو. هُو روز ان وڻ جي چوڌاري اچي راند رهندو هو. ڪڏهن هن جي مٿان ڏارن تي چڙهي ويندو هو تہ ڪڏهن سندس ڇانوَ ۾ سمھي رهندو هو. کيس وڻ سان ڏاڍي محبت هئي ۽ وڻ کي بہ هن سان ڏاڍو پيار هو. وقت گذرندو ويو. ننڍڙو ٻار هاڻ وڏو ٿي ويو هو ۽ وٽس هاڻ وڻ جي چوڌاري راند رهڻ جو وقت نہ هيو.
هڪ ڏينھن اهو ڇوڪرو وڻ وٽ آيو تہ وڻ ڏاڍو اداس هيو. هُن ٻارڙي کي چيو تہ، ”اچ مون سان راند کيڏ.“
ڇوڪري وراڻيو، ”مان هاڻي ٻار ناهيان. مان هاڻي وڻن جي چوڌاري وڌيڪ نٿو کيڏڻ گهران. مون کي رانديڪا کپن ۽ انھن رانديڪن لاءِ وري پئسا کپن.“
وڻ چيس، ”مون وٽ پئسا تہ ڪونھن، پر تون ائين ڪر جو منھنجا سڀ صوف پٽي وٺ ۽ اهي وڃي وڪڻ. تو وٽ پئسا ٿي پوندا.“ ٻار کي تہ ڄڻ خوشي ورائي وئي. هن سڀئي صوف پٽيا ۽ خوش خوش روانو ٿي ويو. تنھن کان پوءِ هُو ڳچ عرصو نہ موٽيو. وڻ وڌيڪ اداس ٿي ويو. هڪ ڏينھن اهو ڇوڪرو جيڪو هاڻي مرد بڻجي چڪو هو، سو وڻ ڏانھن موٽي آيو. وڻ هُن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. وڻ چيس، ”اچ مون سان راند رھہ.“
همراھہ وراڻيو، ”مون وٽ راند کيڏڻ لاءِ وقت ڪونھي. مون کي پنھنجي ڪٽنب لاءِ ڪم ڪرڻو آهي. اسان کي مٿي لڪائڻ لاءِ هڪ گهر گهرجي. تون منھنجي ڪا مدد ڪري سگهين ٿو؟“
وڻ جواب ۾ چيو، ”مون وٽ ڪو گهر تہ ڪونھي، پر تون منھنجا سڀئي ٽارَ ڪپي سگهين ٿو تہ جيئن پنھنجو گهر ٺاهي سگهين.“
همراھہ سندس سڀئي ٽارَ ڪپيا ۽ خوش خوش روانو ٿي ويو. وڻ کيس خوش ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، پر اهو شخص وري وٽس موٽي نہ آيو. وڻ وري اڪيلو ٿي ويو هو ۽ اداسي کيس وڪوڙي ويئي هئي.گرمين جي هڪ ڏينھن جو اهو شخص موٽيو تہ وڻ وري خوش ٿي ويو. ”اچ ۽ مون سان راند رھہ.“ وڻ چيس.
همراھہ وراڻيو، ”مان پوڙهو پيو ٿيان، پاڻ کي آرام ڏيڻ لاءِ ٻيڙيءَ جو سفر ڪرڻ ٿو گهران، ڇا تون مون کي هڪڙي ٻيڙي ڏئي سگهين ٿو؟“
”منھنجو ٿُڙ ڪَپِ ۽ وڃين ٻيڙي ٺاھہ، تون پرانھان سفر ڪري سگهين ٿو ۽ خوش رهي سگهين ٿو.“
همراھہ ٿُڙ ڪٽيو تہ جيئن ٻيڙي ٺاهي سگهي. ٻيڙي ٺاهي سمنڊ ۾ نڪري ويو ۽ الاهي وقت وري واپس نہ موٽيو. آخرڪار ڪافي سالن کان پوءِ جڏهن هُو موٽيو، تہ وڻ چيس، ”منھنجا ٻچا، مون وٽ توکي ڏيڻ لاءِ هاڻي ڪجهہ بہ ڪونھي. صوف تہ هاڻ مون وٽ آهن ڪونہ.“
همراھہ وراڻيو، ”ڪائي ڳالھہ ڪانھي. مون وٽ بہ تہ هاڻي ڏند ڪونھن.“
وڻ چيو، ”مون وٽ ٿُڙ بہ ڪونھي جنھن تي تون چڙهي سگهين.“
همراھہ چيو، ”وڻ تي تہ هاڻ مان بہ چڙهي ڪونہ ٿو سگهان.“
وڻ روئندي چيس، ”مان سچي بہ توکي ڪجهہ ڪونہ ٿو ڏئي سگهان. بس منھنجيون پاڙون بچيون آهن، جيڪي بہ هاڻي مري رهيون آهن.“
همراھہ چيو، ”هيترن سالن جي سفر مون کي ٿَڪائي وڌو آهي، مون کي هاڻ ڪجهہ بہ نٿو گهرجي. بس آرام ڪرڻ لاءِ ڪا جاءِ کپي ٿي.“
وڻ ڳوڙها اگهيا ۽ چيائين، ”آرام ڪرڻ لاءِ پراڻي وڻ جون پاڙون زبردست جاءِ هونديون آهن. اچ انھن تي ويھہ ۽ آرام ماڻ.“
ٻئي ڏاڍا خوش هيا ۽ ٻنھي جا ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا.
***

وڻ اصل ۾ اسان جا مائٽ هوندا آهن، جڏهن اسين ٻار هوندا آهيون تہ سندن چوڌاري کيڏڻ گهرندا آهيون. جڏهن وڏا ٿيندا آهيون تہ کين ڇڏي ويندا آهيون ۽ تڏهن وٽن موٽندا آهيون، جڏهن اسان کي ڪنھن شئي جي گهرج هوندي آهي يا وري اسين ڪنھن مصيبت ۾ ڦاٿل هوندا آهيون. ڪجهہ بہ ٿي پئي، مائٽن وٽ سدائين اسان کي ڏيڻ لاءِ ڪجهہ نہ ڪجهہ ضرور هوندو آهي تہ جيئن اسين خوش ٿي سگهون.
ڪھاڻي پڙهندي شايد توهان کي لڳو هجي تہ ٻار وڻ لاءِ ظالم هيو، پر اهڙا تہ اسين سڀ هوندا آهيون ۽ اهڙي ئي نموني پنھنجن مائٽن سان سلوڪ ڪندا آهيون. اسين هر ڳالھہ ۾ کين ذميوار سمجهندا آهيون. بس ساراھہ رڳو ان مھل ڪندا آهيون، جڏهن الاهِي دير ٿي ويندي آهي.
اِن دير کان جان ڇڏايو. زندگي جڏهن بہ مھلت ڏئي ٿي تہ ائين ڇو نٿا ڪيو تہ کين وقت ڏيو، ساڻن گڏ ويھو ۽ اُنھن سڀني احسانن جي مڃتا ڪيو، جيڪي اُنھن اسان سان ڪيا آهن. اسين هُنن جا ٿورا لاهي تہ نٿا سگهون، ڳائي تہ سگهون ٿا.

جي اُلفت آهي تہ اظھار ضروري آ

ڏهون ڪلاس:
مان جيئن ئي انگريزيءَ جي ڪلاس ۾ ويٺس، تہ مون پنھنجي ڀر ۾ ويٺل ڊيسڪ تي نھاريو ۽ نھاريندو ئي رهجي ويس. هُوءَ هڪ لحظي ۾ مُنھنجي ’بھترين دوست‘ بڻجي وئي. مون سندس ڊگهن، لچڪدار وارن ڏانھن نھاريو ۽ چمڪدار اکين جي نظر کي محسوس ڪندي سوچيم، ’ڪاش هُوءَ مُنھنجي هُجي‘ لڳم تہ هن کي تہ اهڙو ڪُجهہ بہ محسوس نہ پئي ٿيو. جيڪِي ڪُجهہ مان هڪدم محسوس ڪري رهيو هُئس. سندس ان ڳالھہ جي ڄاڻ مون کي پئجي رهي هُئي تہ هُوءَ اهڙو ڪُجهہ سوچڻ واري ئي نٿي لڳي. ڪلاس کان پوءِ هُوءَ مون وٽ آئي ۽ اڳوڻي ڪلاس ۾ ٿيل ڪم بابت نوٽس گهريائين. هُوءَ ڪالھہ ڪونہ آئي هُئي ۽ کيس انھن نوٽس جي شديد ضرورت هُئي. مون کيس نوٽس ڏنا تہ هن هٿ ملايو ۽ مھرباني مڃي.
مون کيس ٻُڌائڻ پئي گهريو تہ، مان رڳو ’خاص دوست‘ نٿو ٿيڻ گهران، مان هن سان پھرين نظر ۾ پيار ڪرڻ لڳو آهيان، پر الاءِ ڇو ايڏو شرميلو آهيان جو چئي نٿو سگهان. مون کان اهو سڀ چيو نہ ٿيو، الاءِ ڇو چيو نہ ٿيو.

يارنھون ڪلاس:
فون وڳي، پريان هُوءَ هُئي ۽ روئي رهي هُئي. ٻُڌايائين پئي تہ جنھن سان هُن پيار ڪيو آهي، ان ڪيئن سندس دل ٽوڙي آهي. هُوءَ اڪيلائپ محسوس ڪري رهي هُئي ۽ مون کي سڏي رهي هُئي. مان وٽس هليو ويس. سندس ڀر ۾ ويٺي نيڻن ۾ نھاريندي مون سوچيو، ’جي هُوءَ مُنھنجي هجي ها...‘
ٻن ڪلاڪن کان پوءِ هڪ فلم ڏسڻ ۽ چپس جي ٽن پيڪٽن جي کائڻ کان پوءِ هن موڪلايو. مون ڏي نھاريائين ۽ چيائين، ”مھرباني“ ۽ ڀاڪر پاتائين. مون کيس ٻُڌائڻ پئي گهريو، ’مان چاهيان ٿو تہ مان رڳو ’خاص دوست‘ نہ هُجان. مان هن سان محبت ٿو ڪيان... شديد...‘ پر مان الاءِ ڇو ماٺ ڪري اتان اٿي آيس.

سينيئر سال:
هڪ خوبصورت ڏينھن جو هُوءَ مون وٽ هلي آئي، ”اڄ مُنھنجو دوست بيمار آهي، هُو ناهي آيو“
مون وٽ تہ ڪا دوست هُئي ئي ڪانہ. ستين گريڊ ۾ ئي اسان واعدو ڪيو هو تہ جي اسان مان ڪنھن جو بہ دوست نہ آيو تہ اسين هڪٻئي کي ٻُڌائينداسين ۽ ’خاص دوست‘ وانگر هڪ ٻئي جو ساٿ ڏينداسين.
اسان ائين ئي ڪيو. ان رات جو سندس گهر جي ڏاڪڻين تي بيھي، مون سندس اکين ۾ نھاريو. هُوءَ مُرڪي. سندس مُرڪ ۽ اکيون بيحد حسين هيون.
هن چيو، ”زبردست وقت گذاريوسين. تنھنجي مھرباني.“ ۽ مُنھنجو هٿ جهلي ورتائين.
مون هن کي ٻُڌائڻ پئي گهريو تہ، ’کيس اها خبر پوڻ گهرجي تہ مان رڳو ’خاص دوست‘ نٿو رهڻ گهران، مان هن سان بيحد پيار ڪيان ٿو. بس کيس چئي نہ ٿو سگهان.‘

گريجوئيشن:
ڏينھن لنگهيو، پوءِ هفتو ۽ مھينا گذري ويا. مون اک اڃان ڇنڀي بہ ڪونہ هُئي جو گريجوئيشن ٿي وئي. ان ڏهاڙي مون سندس حسين سراپا کي، اسٽيج تي ڊگري وٺندي ڏٺو. مون هُن کي پنھنجو ڪرڻ پئي گهريو، پر هُن وٽ مون لاءِ اهڙو ڪوبہ تصور نہ هو. اهو مون ڄاتو پئي.
سڀئي گهر ويا پئي. وڃڻ کان اڳ هُوءَ مون وٽ، گريجوئيشن گائون ۽ ٽوپلي ۾ آئي. سندس حسناڪي وڌي وئي هُئي. اکين ۾ لُڙڪ هُئس، مون کيس ڀاڪر ۾ ڀري ورتو.
”تون سڄو عرصو مُنھنجو بھترين دوست رهئين“ سندس آواز ۾ ڏڪڻي هُئي.
مون کيس ٻُڌائڻ پئي گهريو، ’تون ڄاڻ... مھرباني ڪري ڄاڻ تہ مان توسان پيار ڪيان ٿو.‘ مان چئي نہ سگهيس. ان شرم جو مان ڇا ڪيان.

شادي:
مان ڄڃ ۾ ويٺل هُئس، سندس شادي ٿي رهي هُئي، هُوءَ ڪنھن ٻئي جي ٿي پئي. مون کيس پنھنجو ڪرڻ گهريو هو، پر هُوءَ هاڻي، ڪنھن ٻئي جي رفيقِ حيات هُئي، کيس اهو احساس ئي ڪونہ ٿيو هو تہ مُنھنجا ڪھڙا احساس هُئا، گاڏيءَ ۾ ويھندي هن مون کي ڏسي ورتو ۽ حيرانيءَ مان پڇيائين:
”تون آيو هُئين؟“
سوچيم، چوانس. ’ڪيئن نہ اچان هان...‘
مُنھنجي ماٺ کي ڏسندي هُن چيو، ”تُنھنجي مھرباني“ ۽ سڀني جي سامھون مون کي ڀاڪر پاتائين، مون سوچيو چوانس، ’مان توکي پنھنجو ڪرڻ پئي گهريو. تون مُنھنجي محبت آهين.‘ پر مان سدائين جيان چپ چاپ سندس گاڏيءَ کي ويندو ڏسندو رهيس.

مؤت:
سال گذريا، مان ان تابوت ڏانھن نھاريان ٿو، جنھن ۾ اها ڇوڪري ليٽيل آهي، جنھن جو مان ’خاص دوست‘ هوندو هُئس.
چرچ ۾، سروس دؤران، هُو سندس ڊائريءَ مان هڪ اقتباس پڙهن ٿا، جيڪو هن پنھنجي هاءِ اسڪول جي زماني ۾ لکيو هو:
”مان هن ڏي نھاريندي رهان ٿي ۽ شدت سان چاهيان ٿي تہ هُو مُنھنجو هُجي، پر کيس اهو سڀ الاءِ ڇو نٿو محسوس ٿئي، مان کيس ٻُڌائڻ ٿي گهران تہ مان چاهيان ٿي تہ هُو ڄاڻي تہ مان سندس ’خاص دوست‘ نٿي بڻجڻ گهران. مان هن سان بيحد پيار ڪيان ٿي. بس شرم روڪي ٿو. مان کيس چئي نٿي سگهان. مُنھنجي دل چوي ٿي، هُو مون کي ٻُڌائي تہ هُو مون سان پيار ڪري ٿو.“
مون سوچيو... ’کڻي چئي ڇڏيان ها ‘.... ۽ بس روئيندو رهيس.

اضافي ٻوجھہ ٿولھہ جو نہ، اُن جي فڪر جو هوندو آهي

هڪ عورت، مُنھنجي ڀر واري سيٽ ڏي نھاريندي، مون کي کيڪاريو. هن آهستي آهستي پنھنجي جسم کي هيٺ ڪيو، تہ جيئن هُو ڪرسيءَ ۾ ماپي سگهي. وري بہ سندس ٿولھہ اڃان جاءِ گُهري پئي.
سيٽ تي ويھي، هن اسان جي ڪرسين جي وچ واري هٿئي تي پنھنجي ٿلھي ٿنڀري ٻانھن رکي، سندس سراپو اهڙو هيو، جو مان پنھنجي سيٽ سميت ڄڻ ڪٿي گم ٿي وئي هُئس. مان سڄي سُسي، دريءَ ڏي جهڪي وئي هُئس.
هُوءَ مون ڏانھن جهڪي ۽ وري پنھنجي کيڪار دوستاڻي انداز ۾ ورجايائين. سندس مک مون مٿان جهڪي آيو هو.
مجبورن مون کي بہ کيس ورندي ڏيڻي پئي، ”هاءِ..!“
مان اجايو دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳس. چڙ پئي آيم تہ هن هوائي سفر ۾ ايندڙ ڪيترائي ڪلاڪ، مون کي گوشت جي هن پھاڙ ساڻ گذارڻا پوندا، جيڪو مُنھنجي ڀر واري سيٽ تي اچي نازل ٿيو هو.
هن پنھنجي ٿلھي ٿنڀري ٻانھن سان مون کي لوڏيو، ”مُنھنجو نالو لارا آهي. انگلينڊ جي آهيان، تون ڪٿان جي آهين؟... جاپانڻ؟“
”ملائشيا“ مون ڄڻ کيس ڏاڙهيو.
”معافي ٿي گهران... مُنھنجي دلي معذرت قبول ڪر. اچ مون سان هٿ ملاءِ. اسان کي جي هاڻي اهي ڇھہ ڪلاڪ گڏ گذارڻا آهن تہ ڇو نہ پاڻ دوست ٿي وڃون! تنھنجو ڇا خيال آهي!“ مُنھنجي مُنھن آڏو هڪ هٿ تري گهمي وئي. ٻُڏتر واري انداز ۾ مون ساڻس هٿ ملايو ۽ ماٺ ٿي ويس.
لارا مون سان ڳالھہ ٻولھہ شروع ڪئي. کيس ڪابہ پرواھہ ڪانہ هُئي تہ ساڻس مُنھنجو ملڻو ڪو دوستاڻو نہ هو. هُوءَ وڏي اتساھہ سان مون کي هانگ ڪانگ جي سفر بابت ٻُڌائڻ لڳي تہ ڪيئن اتي سندس دوستن سان سندس ملاقات ٿيندي. هن مون کي فرمائشن جي اها لسٽ بہ ٻُڌائي، جيڪا سندس اسڪولي شاگردن کيس هانگ ڪانگ مان وٺي اچڻ لاءِ لکرائي هُئي. اهي شاگرد سندس اسڪول ۾ پڙهندا هُئا. مون کيس هر سوال جو جواب هڪ اکر ۾ پئي ڏنو. مُنھنجي ٿڌي سلوڪ جي هن ڪابہ پرواھہ نہ پئي ڪئي، بلڪہ مُنھنجي هر ننڍڙي ورنديءَ جي موٽ ۾ وڏا وڏا جملا پئي ڳالھايائين. هن مُنھنجي هر جواب تي ڪنڌَ کي بہ لوڏيو پئي ۽ سندس آواز آسائتو ۽ خيال ڪندڙ هو. جڏهن اسان کي مشروبات پيش ڪيا ويا تہ هن هر لحاظ کان اهو خيال رکيو تہ مون کي پنھنجي سيٽ تي سامان رکڻ ۾ ڪابہ ڏُکيائي نہ اچي بيحد خلوص وچان هن چيو، ”مان نٿي گهران تہ مُنھنجي هاٿيءَ جھڙي جسم جي ڪري توکي ڪا ڏُکيائي پيش اچي.“ مون کي حيرت ٿيڻ لڳي هُئي تہ سندس مُنھن جيڪو ڪُجهہ ڪلاڪ پھرين مون کي زهر لڳو پئي، هاڻي مون لاءِ نيون مُرڪون آڻي رهيو هو. سندس سلوڪ اهڙو تہ محبتاڻو هو، جو آءٌ آهستي آهستي وگهري رهي هُئس.
هُوءَ زبردست ڳالھائُو هُئي. کيس فلسفي کان وٺي سائنس تائين انيڪ مضمونن جي ڄاڻ هُئي. ڪنھن غير اهم موضوع کي بہ هن جي گفتگوءَ زبردست بڻائي پئي ڇڏيو. سندس جملا مزيدار ۽ وڻندڙ هُئا. جڏهن اسان جو موضوع ثقافت ڏانھن مُڙيو تہ مان سندس تجزيا ۽ خيال ٻُڌي ڏاڍي حيران ٿيس. ڇا تہ وٽس ڪمال جي ڄاڻ هُئي.
ڳالھہ ٻولھہ دوران، هن خدمت ڪندڙ عملي سان بہ کل ڀوڳ ڪئي پئي. ڪوبہ پاسي کان لنگهي پيو تہ هُوءَ چرچو ضرور پئي ڪري. جڏهن هڪ فلائيٽ اٽينڊنٽ اسان جون پليٽون صاف ڪري رهيو هو تہ لارا، سندس سنھين بدني جوڙجڪ تي ٽي چار لطيفا ٻُڌائي ڇڏيا. فلائيٽ اٽينڊنٽ کل ۾ ٻُٽ هُئي. آخرڪار هن لارا جي ٻانھن جهلي ۽ چيائين، ”اوهان تہ مُنھنجو ڏينھن ٺاهي ڇڏيو.“ ايندڙ ڪُجهہ لمحن ۾ لارا ڌيان سان سندس ڳالھيون ٻُڌيون ۽ سندس ڪمزور هاٺيءَ کي ڏسندي، صحت ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪُجهہ ترڪيبون بہ ٻُڌايون. ٿورائتي اٽينڊنٽ، وڃڻ کان پھرين کيس چيو، ”مون کي ڪم آهي، پر مان موٽي اچي توهان سان ان باري ۾ ڪُجهہ وڌيڪ ضرور ڳالھائيندس.“ مون لارا کان پُڇيو، ”توهان ڪڏهن وزن گهٽائڻ بابت سوچيو آهي؟“ ”نہ نہ.... اهڙي ٿيڻ لاءِ ئي تہ مون جام ڪوشش ڪئي آهي. مان پنھنجي ٿولھہ ڇو ڇڏيان؟“
مان حيران ٿي وئي هُئس، ”وزن وڌڻ ساڻ، دل جون بيماريون ٿينديون آهن، ٻيا مسئلا ٿيندا آهن، ٻيون بيماريون ٿي سگهن ٿيون. توکي انھن جي ڳڻتي ڪانھي؟“
”بلڪل بہ نہ... توهان کي بيماري تڏهن ئي لڳي سگهي ٿي، جڏهن توهان سمورو وقت ان جي ڳڻتي ڪندا رهو يا ان بابت سوچيندا رهو. توهان ڪڏهن وزن گهٽائيندڙ اداري جي اشتھار تي غور ڪيو آهي؟ اهي سدائين چوندا آهن تہ پنھنجو پاڻ کي اضافي ٻوجھہ کان آزاد ڪجو... اهو سڀ بڪواس آهي. توهان آزاد تڏهن ٿيندا آهيو، جڏهن اوهان کي اهو سڪون حاصل هجي تہ اوهان ڪير آهيو ۽ ڏينھن ۽ سال جي ڪنھن بہ گهڙيءَ ۾ اوهان ڪيئن ٿا لڳو. مان ڇو سنھين ٿيڻ جي ترڪيبن بابت ويچاريندي وقت وڃايان؟ جڏهن تہ مون کي الاهِي ٻيا اهم ڪمَ ڪرڻا آهن. اهم ماڻھن کي دوست بڻائڻو آهي، مان صحتمند کاڌو کائيندي آهيان ۽ روز پنڌ ڪندي آهيان، مان هن جُسي جي آهيان ڇاڪاڻ تہ مان اهڙي ئي ڄائي آهيان. حياتيءَ ۾ ٿولھہ کان سواءِ سوچڻ لاءِ جام مواد آهي.“ هن پنھنجي گلاس مان ڍُڪ ڀريو، ”۽ تنھن کان سواءِ، ڌڻي مون کي ايڏي تہ گهڻي خوشي ڏئي ٿو، جو مون کي اها سنڀالڻ لاءِ هڪ ڳرو بدن گهرجي. مان پنھنجي بُت کي جهڪو ڪري پنھنجي خوشي ڇو گهٽايان؟“
سندس سببَ مون کي وڌيڪ حيران ڪري ڇڏيو. سندس ڳالھہ اڃان هلي پئي، ”ماڻھو مون کي رڳو ٿُلھي سمجهندا آهن. اهڙي ٿُلھي جنھن تي شايد ڪو مرد نگاھہ وجهڻ بہ پسند نہ ڪري... کين لڳندو آهي تہ مان سست آهيان. مون ۾ ڪو جيئڻ جو اتساھہ ڪونھي. اهي غلط آهن.“ هن جوس ڪُجهہ وڌيڪ پيتو ۽ پريان لنگهندڙ فلائيٽ اٽينڊنٽ کي گلاس هٿ ۾ ڏيندي چيائين، ”زبردست خدمت ٿا ڪيو، ٿورو ٻيو آڻي تہ ڏي، شل ڌڻي خوش رکيوَ.“
وري مون ڏانھن مُڙي، ”مان دراصل اندران نازڪ آهيان، نازڪي تہ اندر ۾ هوندي آهي. مون ۾ ايتري تہ ڦڙتي ۽ طاقت آهي، جو ماڻھو مون سان پھچي ناهن سگهندا. هي اضافي چرٻي تہ مون کي آهستڙي ڪرڻ لاءِ آهي، نہ تہ مان تہ سڄو ڏينھن مردن پويان ڊوڙون پائيندي وتان.“
مون مشڪري ڪندي چيومانس، ”مرد تنھنجي پويان ڊوڙندا آهن؟“
”ڇو نہ... مان پنھنجي شاديءَ مان ڏاڍي خوش آهيان، پر وري بہ مون لاءِ رشتا ايندا رهندا آهن. انھن مان گهڻن کي تعلق رکڻ ۾ مسئلا هوندا آهن ۽ کين ڪو اعتبار جوڳو ساٿي گهربو آهي. عورتون، مردن جي پوڄا ڪنديون آهن ۽ کين ’مٺا‘ سڏينديون آهن، تان جو کين خبر پوندي آهي تہ مردن تہ هنن سان ڪوڙ پئي ڳالھايو ۽ پوءِ اهي ڏائڻ ٿي پونديون آهن. مردن کي وري عورتن سان ايترو عشق هوندو آهي، جو کين پنھنجو روح سڏيندا آهن، تان جو کيسو خالي ٿيندو اٿن ۽ پوءِ اهي کين ڏائڻيون لڳنديون آهن.“
لارا جي گفتگوءَ ڊگهي اُڏام کي مزيدار بڻائي ڇڏيو هو. مون کي حيرت ٿي رهي هُئي تہ ڪيئن هرڪو مٿس موهت ٿي رهيو هو. اُڏام جي آخر ۾ تہ تقريبن اڌ عملو، هن جي چوگرد بيٺل هو. کل، خوشي، مستي... هاڻي تہ ڪيترائي مسافر بہ ان ۾ شريڪ ٿي ويا هُئا. هن ماحول ۾ ڇا تہ خوشي ڀري ڇڏي هُئي. هانگ ڪانگ جي ’ڪائي تَڪ‘ ايئرپورٽ تي، جڏهن اسان هڪٻئي کان موڪلايو پئي تہ مون ڏٺو، هن لاءِ ٻارن، نوجوانن ۽ بزرگن جو هڪ وڏو گروپ اوسيئڙي ۾ هو. سڀني کيس ڀاڪر پائڻ شروع ڪيا. هن ڪنڌ ورايو ۽ مون کي اکين ئي اکين ۾ پيار ڪندي کِلي ڏنائين.
مون کي حيرت وڪوڙي وئي هُئي. هُوءَ مُنھنجي حياتيءَ ۽ سفر جي حوالي سان سڀ کان بھترين ساٿي بڻجي چُڪي هُئي. سندس ٿولھہ واقعي سندس نازڪي هُئي.

بابا، امان وارَ ڇو نٿي ڪَٽرائَي؟

”مان پنھنجو ٻار ڏسي سگهان ٿي؟“ خوشيءَ مان سرشار ماءُ پڇيو.
نرس هڪڙو گوشت جو گولڙو، ڪمبلن ۾ ويڙهيل سندس حوالي ڪيو ۽ هُن پاٻوھہ وچان پنھنجي نئين ڄاول ٻار کي، ڪمبلن مان ڳولھي لڌو ۽ هڪ وڏو ساھہ کنيائين.
ڊاڪٽرن هڪدم رُخ موڙي ورتو ۽ ڪمري جي وڏين درين مان ٻاهر نھارڻ لڳا. مڙس سندس هٿ جهلي ورتو ۽ پيار مان ڏانھس ڏٺائين. ٻارڙو، بنا ڪَنن جي پيدا ٿيو هو.
وقت ٻُڌايو تہ ٻارَ جي ٻُڌڻ جي قوت بلڪل معياري هئي، بس منھن تي ڪَنن وارين جاين تي ٻہ سوراخ هئا ۽ ڪَنن جون پاپڙيون ۽ ٻاهريان حصا اڻ ٺھيل هئا. هڪ ڏينھن جڏهن هُو اسڪول مان ڊوڙندو آيو ۽ سِڌو اچي پاڻ کي ماءُ جي هنجَ ۾ اُڇلايائين تہ هُوءَ تہ هڪدم سمجهي ويئي تہ اهو سڀ تہ ائين ئي ٿيڻو آهي. ننڍڙي ٻار ڏک وچان سُڏڪندي چيو، ”هڪ ڇوڪرَي... وڏَي ڇوڪرَي مون کي اَڍنگو سڏيو.“
ٻارڙو جوان ٿيو ۽ پنھنجي بدقسمتيءَ جي ڪري وڌيڪ مشھور هيو. جيتوڻيڪ هُو ڪلاس جو صدر هيو، پر وري بہ مٿس کِل ٺٺول جاري هئي. قدرت کيس موسيقيءَ ۽ ادب جي حوالي سان بي انتھا ڄاڻ ڏني هئي، پر هُو ٻين کان لھرائيندو هو. ”تون ٻين ٻارن سان ڪيئن ملندين؟... پنھنجي اڳين حياتي ڪيئن گذاريندين؟“
ماءُ سدائين فڪر ڪندي هئي. ڇوڪري جي پيءُ خانداني معالج سان مشورو ڪيو. ”ڪجهہ ٿي سگهي ٿو... ڇا اسين ڪجهہ ڪري سگهون ٿا.“ ڪَنن جي ماهر ڊاڪٽر وراڻيو، ”مان سمجهان ٿو تہ مان ٻاهرين ڪَنن کي جراحيءَ وسيلي لڳائي سگهان ٿو، جي اُهي ڪٿان حاصل ٿي سگهن.“
هاڻي اُن شخص جي ڳولھا شروع ٿي، جيڪو هن نوجوان لاءِ اهڙي قسم جي قرباني ڏيئي سگهي. ٻہ سال گذري ويا، هُن اوچتو پنھنجي ماءُ کي ڊوڙندي اچي ٻُڌايو، ”امان مون کي اسپتال گهرايو اٿن. ڪو اهڙو مھربان شخص آهي، جنھن مون کي پنھنجا ڪَنَ ڏيڻا ڪيا آهن. ٻُڌائي سو نٿو تہ ڪير آهي؟ پر هُن بھرحال واعدو ڪيو آهي.“
ماءُ ڏاڍي خوش ٿي، هُن پنھنجي پُٽ کي هڪ وڏو ڀاڪر پاتو ۽ چيائين، ”هاڻي تو مان هڪ ٻيو ڪامياب شخص اُڀرندو.“
ائين ئي ٿيو. هڪ باڪمال شخص زندگيءَ ۾ اڳيان نڪري آيو. هُو بي انتھا ذهين هو ۽ ڪاميابين سندس قدم چُميا. آپريشن کان پوءِ سُتت ئي هُو ٻاهرئين ملڪ پڙهڻ هليو ويو هو. گهر وارن سان ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿيندي هئي ۽ سدائين هُو اهو ئي سوال پڇندو هو تہ، ”مون لاءِ اها قرباني ڪير ڏيئي سگهي ٿو؟!“
سندس پيءُ انھيءَ سوال تي سدائين کِلندو هيو، ”ڇڏ کڻي... جي ڪير ٻُڌائڻ نٿو گهري تہ ڀلا زوريءَ پڇبو ڇا؟“
”نہ پر مون کي خبر تہ هئڻ گهرجي نہ... ايڏو خزانو مون کي ڪنھن ڏنو؟... مان هُن جو احسان تہ نٿو لاهي سگهان، پر هُن بابت ڄاڻي تہ سگهان ٿو نہ...“ ”بلڪل نہ...“ پيءَ وراڻيو، ”توکي ٻُڌائڻ جي اجازت ئي ڪانھي. هُن اسان سان اهو معاهدو ڪيو هو، تہ اسين ڪڏهن بہ توکي هُن بابت ڪونہ ٻُڌائينداسين.“
نيٺ اُهو ڪارو ڏينھن بہ اچي ويو، جيڪو پُٽن جي زندگيءَ ۾ ايندو آهي. پنھنجي پيءُ جي ڀر ۾ بيٺي، هُن پنھنجي ماءُ کي تابوت ۾ ليٽيل ڏٺو. آهستي آهستي سندس پيءُ، هُن جي ماءُ جا اڇا وار پرتي ڪيا ۽ کيس ڏيکاريائين... سندس ٻئي ڪَنَ ڪپيَل هئا.
کيس ياد آيو، الاءِ ڇو هُن گذريل ڀيري، پنھنجي پيءُ کان پڇيو هو، ”بابا، امان وارَ ڇو نہ ڪَٽرائيندي آهي؟“ ۽ سندس پيءَ کيس ڪابہ ورندي ڪونہ ڏني هئي، جڏهن تہ ماڻس پريان بيٺي مُرڪيو هو. ڀرسان بيٺل پيءُ سندس ڪَنن ۾ سُرٻاٽ ڪيو، ”تنھنجي ماءُ چوندي هئي، تہ کيس ڏاڍي خوشي آهي تہ هُوءَ هاڻي وارَ نٿي ڪٽرائي ۽ ڪڏهن بہ ڪنھن کي اهو خيال بہ نہ آيو تہ ڪو هُوءَ ڪا گهٽ خوبصورت لڳي ٿي.“
اصل حُسن، دل جو هوندو آهي ۽ اصل خزانو اهو ناهي، جيڪو اسان کي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اصل حُسن پاڻهي نظر ايندو آهي ۽ اصل خزانو لڪل هوندو آهي.

جُهونگارڻ لاءِ ٻيون دنيائون بہ هونديون آهن

جڏهن مان ننڍڙو هوندو هئس، تہ منھنجي پيءَ اسان جي پاڙي ۾ پھريون ڀيرو فون آندي. مون کي ياد اچي ٿو تہ سڀئي پاڙي وارا اسان جي گهر فون ڏسڻ آيا هئا، جيڪا ساڳوان ڪاٺ جي هڪ خوبصورت دٻي ۾، ڀت ۾ فڪس ٿيل هئي. چمڪندڙ رسيوَر سندس پاسي کان اٽڪيل هيو.
تنھن زماني ۾ ٽيليفون تائين پھچڻ لاءِ منھنجو قد تمام ننڍو هو، پر جڏهن بہ اها وڄندي هئي ۽ منھنجي ماءُ ان تي ڳالھائيندي هئي تہ مان يَڪ ٽِڪ ويٺو کيس ڏسندو رهندو هئس... پوءِ هڪ ڏينھن مون کي خبر پئي تہ ان زبردست مشين جي اندر هڪ بھترين ماڻھو بہ ويٺل آهي، جنھن جو نالو آهي، ’ڄاڻ ملندي؟‘ ۽ اُهو ماڻھو ايڏو ذهين آهي، جيڪو اوهان جي ڪنھن بہ سوال جي درست ورندي ڏيئي سگهي ٿو. اوهان کي صحيح وقت ٻُڌائي سگهي ٿو ۽ ڪنھن جو بہ نمبر اوهان تائين پھچائي سگهي ٿو. ڄڻ تہ بوتل ۾ بند ڪو جِنُ هيو.
ان آواز سان منھنجي پھرين ملاقات تڏهن ٿي هئي، جڏهن منھنجي ماءُ پاڙي ۾ هڪ ساهيڙيءَ جي گهر ويل هئي. مون گهر هيٺ تهخاني ۾ راند پئي ڪئي، جو اوچتو پنھنجي هڪ آڱر جي ننھن تي هٿوڙو وهائي ڪڍيم. سُور ڏاڍو هو، پر گهر ۾ ڪير هو، جنھن کي رڙيون ڪري ٻُڌايان هان. تڪڙو مٿي چڙهيس تہ نگاھہ پيم... اڙي ٽيليفون تہ موجود آهي. مون هڪ ننڍڙو اسٽول گهليو، مٿان چڙهي، مون ٽيليفون جو رسيوَر کنيو ۽ ڪَنَ سان لڳائيندي چيم، ”ڄاڻ ملندي؟“ مائوٿ پيس منھنجي مُنھن کان بہ مٿاهون هيو، پر مون کي ٻُڌڻ ۾ آيو پئي. هڪ صاف آواز مشين مان آيو، ”ڄاڻ!“
”مون پنھنجي آڱر زخمي ڪئي آهي.“ مون وٺي رڙ ڪئي. هاڻي ڳوڙها ڳڙڻ لڳا هئا، ڄڻ کين ڪو همدرد ملي ويو هو.
”تنھنجي ماءُ گهر ۾ ڪانھي ڇا؟“ سوال آيو.
”مون کان سواءِ گهر ۾ ڪوبہ ڪونھي.“ مون زور سان وراڻيو.
”ڇا تنھنجي آڱر مان رتُ پيو وهي؟“ آواز پڇيو.
”نہ.“ مون وراڻيو، ”مون پنھنجي آڱر کي هٿوڙو هنيو آهي ۽ هاڻي اُن ۾ ڏاڍو سُور آهي.“
”ڇا تون فرج جو برف وارو خانو کولي سگهين ٿو؟“ زناني آواز پڇيو، مون هاڪار ڪئي، ”تہ پوءِ اتان برف جو هڪ ٽُڪر کڻ ۽ پنھنجي آڱر تي مهٽيندو رھہ.“ آواز چيو.
هاڻي تہ ’ڄاڻ ملندي.‘ مون لاءِ هر ڳالھہ جو سبب بڻجي ويو. مون جاگرافيءَ جي مضمون ۾ سندس مدد گهري، هُن مون کي ٻُڌايو تہ فلاڊيلفيا ڪٿي آهي. هُن حسابن ۾ منھنجي مدد ڪئي. هُن مون کي اهو بہ ٻُڌايو تہ منھنجو پاليل نوريئڙو ڇا ڇا کائي سگهي ٿو.
۽ پوءِ اهو ڏينھن بہ آيو، جڏهن اسان جو لات لنوندڙ، توتِي پکي ’پيٽِي‘ گذاري ويو. مون ’ڄاڻ ملندي.‘ کي فون ڪري اها ڏک واري ڪھاڻي ٻُڌائي. هُوءَ ٻُڌندي رهي ۽ پوءِ اهي ئي ڳالھيون ڪيائين، جيڪي وڏا ننڍن ٻارن کي سمجهائڻ لاءِ ڪندا آهن... پر مون کي الاءِ ڇو قرار نہ پئي آيو. مون کانئس پڇيو، ”ائين ڇو ٿيندو آهي، جو پکي سڄي خاندان کي خوش ڪرڻ لاءِ مٺيون ٻوليون ٻوليندا آهن ۽ آخر ۾ پڃري جي پَٽَ تي رڳو پکيءَ جا پَرَ وڃي بچندا آهن؟“
کيس منھنجي ڏک جو احساس ٿي ويو هو. ڇاڪاڻ تہ هُن تڪڙو وراڻيو، ”پال! سدائين اها ڳالھہ ياد رکجانءِ تہ جهونگارڻ لاءِ ٻيون دنيائون بہ هونديون آهن.“ منھنجي ڏک ۾ هُن جي ڳالھہ ٻُڌڻ کان پوءِ الاءِ ڇو گهٽتائي اچي وئي هئي.
هڪ ٻئي ڏهاڙي مون ٽيليفون تي پڇيو، ”ڄاڻ ملندي؟“
”ڄاڻ“ هاڻي ساڳئي سڃاتل آواز پڇيو.
”فڪس جي هِجَي ڪيئن ڪبي آهي؟“ مون پڇيو
ڳالھيون اجايون ڪندو هوس ۽ اهو سڄو قصو هڪ ننڍڙي شھر ۾ ٿي رهيو هو. جڏهن مان 9 سالن جو ٿيس تہ اسين بوسٽن جي وڏي شھر ۾ اچي رهياسين. مان ڪاٺ جي دٻي ۾ بند پنھنجي دوست ’ڄاڻ ملندي‘ کي ڏاڍو ياد ڪندو هوس. اهو چمڪندڙ ڪاٺ جو دٻو، اهو لڙڪندڙ رسيوَر. فون جيتوڻيڪ هن گهر ۾ بہ هئي، پر پنھنجي وڌندڙ ڄمار سان مان ننڍپڻ جي ڳالھين کي ياد ڪندو هئس. مھينن جا مھينا اها ياد مون کي ايندي رهندي هئي تہ اُن آواز سان ڳالھائيندي مان ڪيڏو نہ پُرسڪون، اڪيلو ۽ پاڻ کي آرامي محسوس ڪندو هئس ۽ هُوءَ ڪيڏي نہ سمجُهو، پُرسڪون ۽ هڪ ننڍڙي ڇوڪري سان وقت گهارڻ واري خاتون هئي.
ڪجهہ سالن کان پوءِ، ڪاليج ڏانھن ويندي، منھنجو جھاز اسان جي شھر وٽان لنگهيو هو. اتي ڪجهہ دير لاءِ ڌاٻو ڪيائين تہ مون پنھنجي گهر ۾ رهندڙ ڀيڻ سان 15 منٽ ڳالھايو ۽ الاءِ ڇو ساڻس ڳالھائڻ کان پوءِ مون شھر جي آپريٽر جو نمبر ملايو ۽ فون ملڻ ساڻ پڇيم، ”ڄاڻ ملندي“
عجيب ڳالھہ هئي، اهو ئي ڪرشماتي آواز هيو، جيڪو ڄڻ مون کي سدائين کان سڃاتل هيو، ”ڄاڻ“
مون اهو سڀ ائين ڪونہ سوچيو هو پر مون ٻُڌو، مون چيو پئي، ”ڇا توهان مھرباني ڪري مون کي ٻُڌائي سگهو ٿيون، تہ فڪس جي هِجَي ڪيئن ڪبي آهي؟“
هڪ ڊگهو وقفو هيو ۽ ان کان پوءِ اهو نرم آواز آيو، ”مان سمجهان ٿي تہ تنھنجي آڱر هيل تائين ٺيڪ ٿي وئي هوندي.“
مان دل کولي کِليو هئس. ”تہ اڃا تائين اها تون ئي آهين... ڇا توکي خبر آهي تہ ايترو عرصو تون منھنجي لاءِ ڇا رهي آهين؟“
”ڇا توکي خبر آهي تہ تنھنجيون ٽيليفون ڪالس منھنجي لاءِ ڪھڙي اهميت رکنديون هيون.“ هُن چيو، ”مون کي ٻار ڪونہ ٿي سگهيو ۽ مان هميشه تنھنجو آواز ٻُڌڻ گهرندي هئس.“
مون کيس ٻُڌايو تہ اهو سڄو عرصو مون کيس ڪھڙيءَ طرح پئي ياد ڪيو. مون کانئس پڇيو تہ وري جڏهن مان هتان لنگهان تہ کيس فون ڪري سگهان ٿو؟ هُن چيو، ”ضرور ڪج... ۽ ها، جي پڇين تہ ’سَيلِي‘ نالو کڻجانءِ.“
ٽن مھينن کان پوءِ مان وري اُتي ڪنھن ڪم سان ويو هئس. فون ملايم تہ هڪ مختلف آواز جواب ڏنو، ”ڄاڻ“
مون سَيلِيءَ لاءِ پڇيو. زناني آواز چيو، ”ڇا تون ڪو دوست آهين؟“ مون وراڻيو، ”هائو... ڏاڍو پراڻُو دوست آهيان.“
”مون کي توکي اهو سڀ ٻُڌائيندي ڏاڍو ڏک ٿئي پيو“ هُن چيو، ”سَيلِي هتي ڪجهہ سالن کان پارٽ ٽائيم نوڪري ڪندي هئي، ڇاڪاڻ تہ هُوءَ بيمار هئي. هُوءَ پنج هفتا پھرين گذاري ويئي.“ اُن کان پھرين جو مان فون رکان، هُن چيو، ”ترسَ ڪر... اهو ٻُڌاءِ تہ تنھنجو نالو پال تہ ڪونھي؟“
”هائو“
”سَيلِيءَ تنھنجي لاءِ هڪ نياپو ڇڏيو آهي. هُوءَ لکي ويئي هئي تہ جي تون فون ڪرين تہ توکي ٻُڌائجي، مان توکي پڙهي ٿي ٻُڌايان. نياپي ۾ لکيل آهي. ”کيس ٻُڌائجانءِ تہ مان اڃا تائين ائين چوندي آهيان تہ جهونگارڻ لاءِ ٻيون دنيائون بہ هونديون آهن. هُو پاڻ ئي سمجهي ويندو. تہ منھنجو مطلب ڇا هو؟“
مون آواز جا ٿورا مڃيا ۽ فون رکيم. مان سمجهي ويو هئس تہ سَيلِي ڇا چئي وئي هئي.

هر ڏينھن، هر منٽ، هر ساھہ، حياتيءَ جو مزو ماڻجي!

مُنھنجي ڀيڻويي، ڪٻٽ جو هيٺيون خانو کوليو ۽ اتان هڪ نئون وڳو ڪڍي ڏيکارڻ لڳو.
”هي ڏس...“ هن هڪ وڏو ساھہ کنيو، ”هي ڪپڙا هن اڃان گذريل هفتي ورتا هُئا. اڃان پاتا ئي ڪونہ هُئائين.“ هن اکين تي ٽِشو رکي، ڳوڙها اگهيا، مون وڳو هٿ ۾ کنيو. ان ۾ تازن، نَون ڪپڙن جي خوشبو هُئي. جيئن نوان وڳا ٿيندا آهن، جيستائين ڌوپجن. وڳي تي قيمت واري پرچي بہ لڳل هُئي.
”هن اهو وڳو تڏهن ورتو هو، جڏهن اسان پھريون ڀيرو نيويارڪ ويا هُئاسين. ست اٺَ سال ٿي ويا. ورتيون تہ جام شيون هُئائين، پر هي وڳو خاص هو، پر الاءِ ڇو هن ڪڏهن اهو پاتو ڪونه!“
سندس اکيون ڀرجڻ لڳيون، ”سدائين ڪنھن خاص موقعي جي ڳالھہ ڪندي هُئي، تہ ڪو خاص موقعو ايندو تہ اهو پائينديس.“
هن وري ڪپڙي جي مٿان هٿ ڦيريا.
”مون کي لڳي ٿو، اڄ خاص موقعو آهي، رنگ بہ ملي ٿو. هن وڳي کي بہ انھن ڪپڙن ۾ رکون ٿا، جيڪي تابوت ساز ڏي کڻي هلڻا آهن.“
هن ٻين وڳن سان، ان اڻ پاتل وڳي کي بہ رکيو، سندس هٿَ ڏڪي رهيا هُئا. شاپرز ٺاهيندي، هن هڪدم مون ڏانھن مُڙي چيو، ”ڪنھن بہ خاص موقعي لاءِ ڪُجهہ نہ رکندا ڪيو. اوهان جيڪو ڏينھن جيئو ٿا، اهو سدائين خاص آهي. جيڪا گهڙي جيئو ٿا، اها سدائين خاص آهي.“
تدفين جي سڄي عمل دؤران، مُنھنجن ڪنن ۾ مُنھنجي ڀيڻويي جا لفظ گونجندا رهيا. مان ساڻس ۽ پنھنجي ڀاڻيجيءَ سان گڏ بيٺل هُئس. مُنھنجي وڏي ڀيڻ جو مؤت اوچتو ٿيو هو، جڏهن مون کي اطلاع مليو هو تہ مان فلائيٽ پڪڙي هيڏانھن آيس پئي، تہ سڄي واٽ مون کي سڀ ڪُجهہ ياد ايندو رهيو. اسان جو ننڍپڻ، رانديون، سندس شادي، سندس خواهشون، عادتون مون کي انھن سڀني شين جو خيال بہ آيو، جيڪي هن اڃان تائين نہ ڏٺيون نہ ٻُڌيون هونديون. مون کي انھن شين جو بہ خيال آيو، جيڪي هن اهو سوچي نہ ڪيون هونديون تہ اهي بہ ڪي خاص ٿي سگهن ٿيون. مون کي پنھنجي ڀيڻيويي جي لفظن بدلائي ڇڏيو. اها گهڙي ئي شايد بدلائڻ واري هُئي. هاڻي مان گهڻو پڙهڻ لڳي هُئس ۽ مُنھنجا ٻيا بہ ڪيترائي عمل مَٽجي ويا هُئا. هاڻي مون، باغ ۾ بئنچ تي ويھي دل ئي دل ۾ نظرن جي تعريف ڪرڻ شروع ڪئي. اڳ مان ڪِنجهندي ڪُرڪندي هُئس تہ هي صفائي ناهي. هُو چڱو ناهي. هاڻي هڪ عجيب ماٺ مُنھنجي اندر ۾ اچي وئي. هاڻي مُنھنجيون ڪميٽيءَ جون گڏجاڻيون بہ گهٽجڻ لڳيون ۽ مان گهر وارن ۽ دوستن کي وڌيڪ وقت ڏيڻ لڳي هُئس.
جيترو بہ ممڪن ٿي سگهي، حياتي، بچاءَ جي لمحن جو تجربو هُئڻ گهرجي. مون هاڻي لمحن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش شروع ڪئي هُئي ۽ سندن ساراھہ مون کي سمجهہ ۾ اچڻ لڳي هُئي، هاڻي مان ڪُجهہ ’بچايان‘ نہ ٿي. پنھنجي خاص مھمانن لاءِ رکيل ٿانوَ يا اهي شيون جيڪي خاص موقعن تي نڪرنديون هيون، مون عام استعمال ۾ آڻڻ شروع ڪيون. هاڻي مون پنھنجا سٺا ڪپڙا وڌيڪ پائڻ شروع ڪيا، جيڪي مان خاص موقعن لاءِ رکندي هُئس. خاص دعوتن لاءِ لڪائي رکيل خوشبوئون، هاڻي ڊريسنگ ٽيبل تي سامھون رکيل هونديون هيون. آخرڪار مُنھنجي آفيس جي ساٿين ۽ ملڻ ملائڻ وارن جي نڪن ۾ بہ سونگهڻ جي اها ئي طاقت آهي، جيڪا مُنھنجي ساهيڙين ۾ آهي، مُنھنجي ڳالھہ ٻولھہ مان ’ڪڏهن، ڪنھن ڏينھن يا ڪنھن خاص موقعي‘ وارا لفظ گهٽجندا ٿا وڃن. جي ڪُجهہ ٻڌڻو آهي، ڏسڻو آهي. محسوس ڪرڻو آهي تہ اهو مان هن گهڙيءَ، هاڻي جو هاڻي ٻُڌڻ، ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ گهران ٿي. مون کي پڪ ناهي تہ مُنھنجي ڀيڻ ڇا ڪري ها، جي کيس اها خبر پوي ها تہ هُوءَ ٻئي ڏينھن جيئري نہ هوندي. ٿي سگهي ٿو، هُوءَ ويجهن مائٽن يا ساهيڙين سان ملڻ گهري ها يا وري ڪُجهہ پراڻين ساهيڙين سان ملي معافي تلافي ڪري ها. ائين بہ تہ ٿي سگهي ٿو تہ هُوءَ پنھنجي پسنديدہ کاڌي چائنيز کائڻ لاءِ ڪنھن هوٽل وڃي ها. مان رڳو اندازو لڳائي سگهان ٿي.
جي مون کي اهو اندازو ٿي وڃي تہ مون وٽ وقت محدود آهي، تہ اهي ننڍيون شيون آهن، جن جو اڻ پورو هجڻ مون کي ڪاوڙائي سگهي ٿو. ڪاوڙائي ان ڪري جو مون ڇو اهڙن دوستن سان ملڻ لاءِ خاص ڏينھن رکيا، جن سان مان سدائين ملي پئي سگهيس. ڪاوڙائي ان ڪري جو مون اهي خطَ ڇو ڪونہ لکيا، جيڪي مون رڳو خاص موقعن تي لکڻ پئي گهريا. ڪاوڙائي ان ڪري بہ جو مان پنھنجي اولاد ۽ مڙس کي سواءِ ڪن خاص موقعن جي ڪڏهن بہ اهو ٻُڌائي نہ سگهيس تہ مان ساڻن ڪيترو پيار ڪيان ٿي.
هر صبح جو مان اکيون کوليندي پنھنجو پاڻ کي ٻُڌائيندي آهيان، ”اهو خاص ٿئي، هر ڏينھن، هر منٽ، هر ساھہ، رب جي هن تحفي کي سانڍي رکڻ جي ڪوشش ڀلي ڪر، پر ان کي ڀرپور بہ گذار.“

رشتا رڳو جياپي سان ئي ٿورئي هوندا آهن!

اڳوڻو پول والٽ چئمپين باب رچرڊس هڪ ٻارڙي جي ڪھاڻي ٻُڌائي ٿو، جيڪو ٻارڙو، فٽبال راند تي جند جان سان عاشق هو.
”ڪوشش مٿان ڪوشش.... هن بس ڄڻ تہ سڄي حياتي فٽبال کي ارپي ڇڏي هُئي، مصيبت اها هُئي جو هُو قد جو ننڍو هو ۽ ڇوڪرن جي مقابلي جو جهڙوڪر ڏسڻ ۾ ئي ڪونہ ايندو هو. ان ڪري گهڻو ڪري سڀني راندين ۾ هُو ٻاهر بئنچ تي ويٺل نظر ايندو هو ۽ کيس کيڏڻ جو موقعو تمام گهٽ ملندو هو.
هي نوجوان ڇوڪرو پنھنجي پيءُ سان گڏ رهندو هو ۽ هنن ٻنھي جو پاڻ ۾ ڄڻ تہ ڪو خاص تعلق هو. جيتوڻيڪ ڇوڪرو ٻاهر بئنچ تي ويٺو هوندو هو پر تہ بہ سندس پيءُ پيو تاڙيون وڄائيندو هو، پيو رڙيون ڪندو هو، هُو ڪڏهن بہ ڪنھن راند ۾ غير حاضر نہ رهيو.
هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو تہ بہ هي ڇوڪرو سڄي ڪلاس ۾ ننڍڙو هو. سندس پيءُ وري بہ کيس سدائين همٿائيندو هو ۽ اهو بہ چوندو هُئس تہ جي سندس دل نٿي چوي تہ ضروري ناهي تہ هُو فٽبال کيڏي، پر نوجوان کي وري بہ جنون هو ۽ هُو لاڳيتو پريڪٽس ڪندو رهندو هو. کيس اميد هُئي تہ هڪ نہ هڪ ڏينھن هُو بھترين رانديگر بڻجندو ۽ سينيئرن جي ٽيم ۾ شامل ٿيندو.
هاءِ اسڪول جا چار ئي سال هن سڀني پرئڪٽس سيشنس ۾ حصو ورتو، هر راند ۾ بھرو ورتائين، پر سندس نصيب وري بہ اهو بئنچ تي ئي ويھڻ رهيو. سندس پُرخلوص پيءُ سدائين هن کي اتساهيندو رهيو، سدائين ٻاهر اسٽينڊ تي ويٺل رهيو.
نوجوان جڏهن ڪاليج ويو تہ هن اهو پڪو پھہ ڪري ورتو تہ هُو فٽبال ٽيم ۾ ’ضرورت آهر طلب‘ واري حصي ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو. اهو رزرَو رانديگرن لاءِ هڪ دلداريءَ جيان هو تہ ڪنھن بہ وقت کين کيڏڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو. سڀني کي پَڪ هُئي تہ کيس اتي بہ جاءِ نہ ملندي، پر سندس لاڳيتي ڪوشش ۽ ڪارڪردگيءَ کي ڏسندي، ڪوچ سندس نالو فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو. هُو نہ صرف پاڻ موجود هوندو هو، پر ٻين لاءِ بہ سدائين اتساھہ جو محرڪ هوندو هو. ان خبر تہ کيس ’ضرورت آهر‘ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، کيس ايترو تہ اتساهيو، جو هن ڊوڙي وڃي فون ڪري پنھنجي پيءُ کي اها خوشخبري ٻُڌائي، سندس پيءُ ڏاڍو خوش ٿيو، ڇاڪاڻ جو کيس بہ ڪاليج جي سڀني راندين ۾ شرڪت لاءِ ان بھاني دعوت ملي هُئي. هن نوجوان، سالن جا سال ڪاٽيا هُئا، هاڻي بہ ائين ئي ٿيو جو سندس سينئر ڪاليج جي ڏينھن ۾ بہ، بس آخري ميچ کان اڳ، شامل ٿيڻ لاءِ ڪو وجھہ مليو. هن اڃان پريڪٽس ڪئي ئي پئي، جو ڪوچ وٽس هڪ تار کڻي آيو، جنھن ڄڻ نوجوان کي ماٺ ڪرائي ڇڏيو. پنھنجو پاڻ کي سنڀاليندي هن ڪوچ کي چيو، ”اڄ صبح بابا وفات ڪري ويو آهي... ڇا مان اڄوڪي پريڪٽس مِس ڪري سگهان ٿو.“
ڪوچ کيس ڀاڪر پاتو، ”تون سڄو هفتو موڪل ڪري سگهين ٿو نوجوانَ... ۽ ها... ڇنڇر تي ٿيندڙ ميچ ۾ کيڏڻ بابت بہ هاڻي نہ سوچجانءِ.“
ڇنڇر آيو ۽ راند ۾ هنن جي ٽيم لاءِ مزو نہ هو، ڇاڪاڻ تہ ٽئين حصي ۾ ٽيم ڏهن پوائينٽس سان پوئتي هُئي، اهو ئي وقت هو، جو هي خاموش نوجوان، ماٺ ڪري لاڪرز تائين پھتو. ڪِٽ ڪڍيائين ۽ گرائونڊ ۾ هليو آيو، کيس ڏسي ڪوچ ۽ رانديگر حيران ٿيا.
”سر، مون کي اڄ کيڏڻ ڏيو... مھرباني ڪري، اڄ مون کي صرف هڪ ڀيرو موقعو ڏيو.“ هن ڪوچ کي منٿ ڪئي، جنھن ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏي. کيس سڀ کان بيڪار رانديگر کي اندر موڪلي ڇا ڪرڻو هو. ڇوڪري جي منٿ ميڙ لاڳيتي هلندي رهي ۽ آخرڪار سندس آزي نيزاري کي ڏسي ڪوچ چيو، ”ٺيڪ آهي وڃي کيڏ...“
ٿوري دير ۾ سڀ حيران ٿي ويا. اڻ ڄاتل ڇوڪري ڪمال ڪري ڏيکاريو هو، جنھن اڳ ۾ ڪڏهن ڪونہ کيڏيو هو، سو ميچ ۾ تباهي ڪري رهيو هو. مخالف ٽيم کيس روڪي نہ پئي سگهي، ڪنھن عظيم الشان رانديگر جيان هن پاس ڏنا پئي، بلاڪ ڪيائين پئي ۽ لاڳيتو اڳتي وڌي رهيو هو، ٽيم جو حوصلو موٽي آيو. سُتت ئي اسڪور برابر ٿي ويو، راند جي آخري گهڙين ۾ هن پاڻ پنھنجي سر، سڀني کي پٺتي ڇڏي گول ڪري ورتو ۽ سندس ٽيم کٽي وئي.
تماشائي اُٿلي پيا، سندس رانديگر ساٿين کيس ڪُلھن تي کڻي ورتو، جڏهن سڄو گوڙ جهڪو ٿيو تہ ڪوچ محسوس ڪيو تہ هُو، ائين ئي اڳ جيان، ڪنڊ کان هڪ بينچ تي ماٺ ڪيو ويٺو هو.
ڪوچ چيس، ”ٻچا تو تہ ڪمال ڪري ڇڏيو، توکي ٿيو ڇا هو؟ تو اهو سڀ ائين ڪيئن ڪري ورتو؟“
اکين ۾ ڳوڙهن ساڻ، هن ڪوچ ڏي نھاريندي چيو، ”توهان کي خبر آهي تہ بابا وفات ڪري ويو آهي، پر توهان کي اها خبر ناهي تہ هُو نابين هوندو هو.“ هن ڳيت ڏني، ”هُو مُنھنجي هر راند تي ايندو هو، پر ڏسي ڪونہ سگهندو هو. پر اڄ اها پھرين راند هُئي، جنھن ۾ مون کي لڳو تہ هُو مون کي ڏسي سگهي ٿو ۽ مون کيس اهو ڏيکارڻ پئي گهريو تہ مان اهو سڀ ڪري سگهان ٿو.“

ڏيکُ

سادن سودن ڪپڙن ۾ هڪ اڌڙوٽ جوڙو بوسٽن جي اسٽيشن تي ريل مان لٿو ۽ هڪ آفيس جي سربراھہ وٽ پھچي ويو.
کين ڏسندي ٻاهر ويٺل سيڪريٽريءَ هڪ لمحي ۾ سوچي ڇڏيو تہ، اهڙي سادي ۽ پراڻي نموني جي لباس وارن ماڻھن جو هاروَرڊ ۾ ڪھڙو ڪم آهي. اهي تہ ڪئمبرج تائين بہ رسي نٿا سگهن.
سيڪريٽريءَ جي کڄيل ڀِرُن کي ڏسندي مرد، نرم آواز ۾ چيو، ”اسان کي صدر سان ملڻو آهي.“
”هُو سڄو ڏينھن مصروف آهي.“ سيڪريٽريءَ وڏائيءَ مان چيو.
”اسين سڄو ڏينھن انتظار ڪري سگهون ٿا.“ عورت وراڻيو.
سانده چار ڪلاڪ، سيڪريٽري هُنن کان لنوائيندي رهي. هُن سمجهيو پئي، تہ اِهي مھمان بيزار ٿي پوندا ۽ هليا ويندا پر هُو نہ ويا. سيڪريٽري هاڻي پاڻ بيزار ٿيڻ لڳي، کيس مُونجهہ بہ ٿيڻ لڳي هُئي ۽ وٽس ٻيو ڪوبہ حيلو نہ بچيو هو سواءِ اِن جي تہ هُو صدر کي وڃي ٻُڌائي.
”سر، ڪُجهہ منٽن لاءِ اوهان سان ملندا ۽ هليا ويندا.“
صدر بہ الاءِ ڇا سمجهي وڏائيءَ سان هاڪار ڪئي، پر کيس اِهو ٻُڌي ڏاڍو عجيب لڳو هو تہ سندس ملاقاتي پُراڻي انداز جي لباس ۾ ٻاهر ويٺل آهن. جڏهن هُو اندر آيا تہ پنھنجي چھري تي فخر ڀريندي، وڏي وڏائيءَ سان مھمانن کي چيائين، ”ڪم ڪھڙو آهي؟“
عورت ٻڌايو، ”اسان کي هڪڙو پُٽ هو، جيڪو هڪ سال هاروَرڊ ۾ رهيو هو. کيس اُن سان ڏاڍو پيار هو پر سال کن اڳ هُو هڪ حادثي ۾ گُذاري ويو. مان ۽ مُنھنجو مُڙس سندس ياد جي حوالي سان، ڪئمپس ۾ ڪٿي بہ ڪو يادگار جوڙڻ چاهيون ٿا.“
صدر کي ڳالھہ دل سان تہ لڳي هُئي، پر وري بہ هُن پنھنجو پاڻ سنڀاليو پئي.
”محترمه، اسان هر اُن ماڻھوءَ لاءِ تہ ڪو يادگار نٿا ٺاهي سگهون، جيڪو هِتي هڪڙو سال رهيو هُجي يا وري ڪنھن حادثي ۾ گُذاري ويو هُجي. جي اسين ائين ڪندا وتون تہ اسان جي يونيورسٽي تہ ڪو قبرستان لڳندي.“
”نہ نہ“ عورت تڪڙي وضاحت ڪئي. ”اسان ڪو مجسمو کڙو نٿا ڪرڻ چاهيون، اسان تہ سوچيو پئي تہ اسان هارورڊ کي ڪا عمارت تحفي ۾ ڏيون.“
صدر جا تارا ڦري ويا، هُن هڪ نگاھہ وري هِنن ٻنھي اڌڙوٽ زال مُڙس کي ڏٺو، سندن سادن سودن ڪپڙن کي گهوري ڏٺائين ۽ چيائين، ”عمارت؟... توهان کي خبر آهي تہ هڪ چڱي عمارت ڪيتري رقم ۾ ٺھندي آهي. اسان هارورڊ ۾ رڳو هڪ پلانٽ لڳائڻ تي پنجهتر لک ڊالر خرچ ڪيو آهي... توهان کي سمجهہ ۾ اچي ٿو؟“
سڀ ڄڻ ماٺ ٿي ويا هُئا. صدر کي لڳو تہ هاڻي هِنن ديسي ماڻھن مان جان ڇُٽندي.
زال پنھنجي مُڙس ڏي ڪنڌ ورائيندي چيو، ”تہ ڇا ڪنھن يونيورسٽي شروع ڪرڻ لاءِ ايترا ٿورا پئسا کپندا آهن!؟ ڇو نہ پاڻ پنھنجي يونيورسٽي شروع ڪيون؟“
مُڙس هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ صدر جو مُنھن ڏسڻ وٽان هو.
بيگم ۽ مسٽر ليلينڊ اسٽانفورڊ اُتان اُٿيا. سِڌو پالو آلٽو ڪيليفورنيا ويا ۽ پنھنجي نالي سان اُتي هڪ يونيورسٽي قائم ڪيائون، جيڪا سندن پُٽ جي ياد جو حوالو آهي ۽ جنھن کي ’اسٽانفورڊ يونيورسٽي‘ سڏيندا آهن.

تو سي هٿَ ڏٺا آهن!

هڪ وڏي ڪمپنيءَ ۾ مئنيجر جي پوسٽ لاءِ هڪ ذهين نوجوان انٽرويو ڏيڻ آيو. مختلف مرحلا طئه ڪرڻ کان پوءِ آخر ۾ ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽر وٽ سندس فائنل انٽرويو ٿيڻو هيو. جنھن وٽ ئي فيصلي ڪرڻ جو اختيار هيو.
ڊائريڪٽر نوجوان جي تعليمي رڪارڊ کي ڏسندي، اهو محسوس ڪيو تہ هُو سدائين مٿاهان نمبر کڻندو رهيو آهي ۽ ڪوبہ درجو اهڙو ڪونھي، جنھن ۾ سندس مارڪون گهٽ آيون هجن.
ڊائريڪٽر نوجوان کان پڇيو، ”توکي اسڪول ۾ ڪا اسڪالرشپ ملندي هئي؟“
نوجوان وراڻيو، ”نہ.“
ڊائريڪٽر وري پڇيو، ”ڇا تنھنجي پڙهائيءَ جو خرچُ تنھنجو والد ڀريندو هو؟“
نوجوان چيو، ”مان سال کن جو هئس تہ بابا گذاري ويو هو. منھنجي تعليم جو سڄو خرچ منھنجي ماءُ کنيو آهي.“
ڊائريڪٽر وري سوال ڪيس، ”تنھنجي امان ڪھڙو ڪم ڪندي آهي؟“
هُن وراڻيو، ”منھنجي ماءُ ڪپڙن ڌوئڻ جي دوڪان تي ڪم ڪندي آهي... ڌوٻياڻي آهي.“
ڊائريڪٽر کيس پنھنجا هٿَ ڏيکارڻ لاءِ چيو. نوجوان هٿَ ڏيکاريا تہ اهي ڪُنئرا ۽ صاف هئا. ڊائريڪٽر وري ڳالھايو، ”ڇا تو ڪڏهن پنھنجي ماءُ کي ڪپڙن ڌوئارڻ ۾ مدد ڪئي آهي؟“
نوجوان وراڻي ڏني، ”ڪڏهن بہ نہ.... منھنجي ماءُ سدائين مون تي اهو زور رکيو آهي تہ مان وڌ کان وڌ پڙهان. تنھن کان سواءِ امان مون کان وڌيڪ تڪڙو ڪپڙا ڌوئي سگهندي آهي.“
ڊائريڪٽر چيس، ”مون کي توکي هڪ درخواست ڪرڻي آهي، اڄ جڏهن تون پنھنجي گهر وڃين تہ پنھنجي امڙ جا هٿَ ڌوئارجانءِ ۽ پوءِ سڀاڻي مون سان اچي ملجانءِ.“
ڇوڪري کي لڳو تہ کيس نوڪري ملڻ جو موقعو ڄڻ پڌرو ٿي چڪو هو. گهر وڃي هُن خوشيءَ وچان پنھنجي ماءُ کي چيو تہ، ”مان اوهان جا هٿَ ڌوئارڻ ٿو گهران.“
ماءُ کي ڏاڍو عجيب لڳو ۽ هُن خوشيءَ گاڏڙ جذبن وچان، پنھنجا هَٿَ، پنھنجي پُٽ جي آڏو سِڌا ڪيا، نوجوانَ، آهستڙي آهستڙي سندس هٿَ ڌوتا ۽ سندس اکين مان ڳوڙها ڪرندا رهيا. اهو پھريون ڀيرو هيو، جو هُن اها ڳالھہ محسوس ڪئي تہ امڙ جي هٿن ۾ ڪيترا نہ گُهنج پيل هئا ۽ تنھن کان سواءِ ڪيترين رهڙن جا نشان بہ هئا. ڪجهہ رهڙون تہ اهڙيون بہ هيون، جن تي جڏهن پاڻي ڪريو پئي تہ سندس ماءُ سُور وچان ڏڪِي ٿي وئي.
حياتيءَ ۾ اهو پھريون موقعو هيو، جو نوجوان کي ان حقيقت جو احساس ٿيو تہ هٿن جو اهو جوڙو، جيڪو روز ڪپڙا ڌوئندو هو، تہ جيئن سندس پڙهائيءَ جو خرچ پورو ٿي سگهي، سو اهڙي حال ۾ ڪم ڪندڙ هو. هٿن تي رهڙون ۽ زخمَ اها قيمت هئا، جيڪا سندس امڙ، سندس تعليم، خوشيءَ ۽ ايندڙ وقت لاءِ ادا ڪئي هئي. ماءُ جا هٿَ ڌوئڻ کان پوءِ ڇوڪري، باقي بچيل سڀ ڪپڙا بہ ڌوئي ڇڏيا. اها ئي رات هئي جڏهن ماءُ ۽ پُٽ پاڻ ۾ ڊگهي ڪچھري ڪئي.
ٻئي ڏينھن جڏهن ڇوڪرو ڊائريڪٽر جي آفيس ۾ پھتو تہ ڊائريڪٽر محسوس ڪيو تہ ڇوڪري جي اکين ۾ لڙڪ هئا. هُن پڇيس، ”مون کي ٻُڌائيندين تہ ڪالھہ تو پنھنجي گهر ۾ ڇا ڪيو ۽ ڇا سِکيو؟“
”مون پنھنجي ماءُ جا هٿَ ڌوئاريا ۽ تنھن کان سواءِ بچيل ڪپڙا بہ ڌوتم.“
ڊائريڪٽر وري چيس، ”مون کي اهو ٻُڌاءِ تہ تو محسوس ڇا ڪيو؟“
”پھريون نمبر تہ مون اهو ڄاتو تہ ساراهڻ ڇا هوندو آهي. پنھنجي امڙ کان سواءِ مان اڄ ايترو ڪامياب ٿي نہ سگهان هان. نمبر ٻہ تہ امڙ سان گڏجي ڪم ڪرڻ سان ۽ سندس مدد ڪرڻ سان ئي مون کي محسوس ٿيو تہ ڪجهہ بہ ڪرڻ ۾ ڪيڏي نہ ڏکيائي محسوس ٿئي ٿي ۽ نمبر ٽي تہ مان هاڻي خانداني تعلق جي قيمت سمجهي ويو آهيان ۽ مون کي سندس اهميت جي ساراھہ ڪرڻ بہ اچي وئي آهي.“
”مون پنھنجي مئنيجر ۾ اهڙيون ئي خاصيتون ڏسڻ پئي گهريون. مون اهڙي ماڻھوءَ کي ڀرتي ڪرڻ پئي گهريو، جيڪو ٻين جي مدد کي ساراهي سگهي، جيڪو سمجهي سگهي تہ ٻين کي ڪنھن بہ ڪم ڪرڻ ۾ ڪيتري تڪليف پيش اچي ٿي ۽ جنھن لاءِ زندگيءَ جو مقصد رڳو پئسو ڪمائڻ نہ هجي. مان توکي نوڪريءَ تي رکان ٿو.“
۽ پوءِ وقت ڏٺو تہ هن نوجوان ڏاڍي محنت سان ڪم ڪيو ۽ پنھنجن ماتحتن وٽان عزت ڪمايائين. هُو جڏهن بہ ڪنھن سان محنتن جو ڪو ذڪر ڪندو هو ۽ پوءِ جڏهن ڪنھن کي بہ ڀرتي ڪرڻ لاءِ ڪو سوال ڪندو هو تہ سڀ کان پھرين سندس چپن تي ايندو هو، ”توکي هن مقام تائين جن پھچايو آهي، تو سي هٿَ ڏٺا آهن؟“

محبتن جو بار ڪير کڻي سگهندو آهي؟

شروعات کان ئي اُپٽا جي گهر وارن کي پاڙي جو هي ڇوڪرو ناپسند هو ۽ هنن ساڻس ڪوبہ تعلق نہ پئي رکڻ گهريو. کين پنھنجي خانداني حسب نسب تي ناز هو ۽ هنن ڇوڪريءَ کي اهو ٻُڌائي ڇڏيو هو تہ جي هُوءَ اهو تعلق جوڙيندي تہ سڄي عُمر پڇتائيندي. گهر وارن جي لاڳيتي دٻاءَ جي ڪري هُوءَ گهڻو ڪري ڪَيوَن سان وڙهندي رهندي هئي. کيس الاءِ ڇو اظھار جي شدت سان گهرج هوندي هُئي.
”توکي مون سان ڪيتري محبت آهي؟“
ڪَيون کي ڳالھائڻ ۾ هٻڪ ٿيندي هُئي. اظھار ۾ ڪمزور هوندو هو. رڳو جيڪِي پڇبو هئس، ان جو ئي جواب ڏيندو هو، پر اپٽا جو پارو چڙهيل ئي رهندو هو. هُوءَ ڄاڻندي هُئي تہ هُو پيار شديد ڪري ٿو، پر اهو سڀ ٻڌڻ بہ گهرندي هئي، مٿان وري گهر وارن جا طعنا تُنڪا... هُوءَ سڄي ڪاوڙ مٿس ڇنڊيندي هُئي. ڪَيوَن بس پيو مرڪندو هو. هن ڪڏهن بہ کيس اهو نہ چيو تہ تون اهو ڇو ٿي ڪرين؟ هُو بس، ساڻس شديد ترين پيار ڪندو هو.
يونيورسٽي مڪمل ٿي ۽ ڪَيوَن پنھنجي پڙهائي، ٻئي ملڪ ڪرڻ لاءِ پئي ويو تہ وڃڻ کان پھرين هُن، اپٽا کان سندس هٿ گهريو.
”مون کي هي سڀ چوڻ نٿو اچي اپٽا... خبر ناهي ڪيئن چئجي پر بس. مان سڄي عمر تنھنجو خيال رکڻ ٿو گهران، مان سڄي عمر توسان گهارڻ ٿو گهران، مان تنھنجي گهر وارن جي راءِ بہ ڄاڻان ٿو، پر انھيءَ کي بدلائڻ لاءِ مان شديد محنت ڪندس.“
الاءِ ڪھڙيون گهڙيون هيون، اپٽا مَڃي وئي، سندس دل ۾ بہ محبت تہ هُئي ئي هُئي، عمر بہ وڌي پئي، سندس مائٽن سندس چاھہ ڏسندي ۽ اهو بہ ڏسندي تہ اهو رشتو سالن کان هلي پيو، هنن سان راضي ٿيا. ڪَيوَن کي ٻئي ملڪ وڃڻو هو، سندس وڃڻ کان پھرين رسم ڪئي وئي، اپٽا اتي ئي رهي ۽ سماجي خدمتن جي هڪ اداري سان واڳجي وئي. جڏهن تہ ڪَيوَن ٻاهر هليو ويو.
خطن ۽ فون وسيلي اهو رابطو قائم رهيو، محبت جي ڌُن، وقت جي تارَ تي وڄندي رهي.
هڪ ڏينھن ڪم تان موٽندي، هڪ بس اسٽاپ ويجهو روڊ ڪراس ڪندي هڪ بي قابو ڪار، اپٽا کي ڌڪي وڌو، کيس اسپتال پھچايو ويو، هُوءَ لاڳيتي بيھوش رهي ۽ جڏهن هوش آيس تہ سڀني گهر وارن کي پڪ ئي نہ پئي اچي. هُوءَ موت جي مُنھن مان بچي نڪتي هُئي، ڇاڪاڻ تہ حادثو شديد هو. جاڳڻ کان پوءِ هن مائٽن جي اکين ۾ ڳوڙها ڏٺا، همٿ پڪڙيندي هُن کين آٿت ڏيڻ گهري، پر کيس احساس ٿيو تہ سندس آواز تہ هو ئي ڪونہ. هُوءَ گُونگي ٿي وئي هُئي. ڊاڪٽرن سندس مائٽن کي اڳ ۾ ئي ٻُڌايو هو تہ حادثي جي ڪري سندس دماغ تي ڌڪ لڳو آهي ۽ هُوءَ هاڻي سڄي عمر ڳالھائي ڪونہ سگهندي.
مائٽن جي دلداريءَ جي باوجود، هُوءَ هاڻ لاڳيتو روئندي رهندي هُئي. ڊاڪٽرن بہ کيس ڏاڍو سمجهايو، پر سندس ڏُک جَهڪو نہ پيو ٿئي، آخر کيس اسپتال مان گهر موڪليو ويو. جتي هر شئي ساڳي هُئي. اهو ئي آرام، اطمينان ۽ قرب هُو، پر هاڻي فون جي گهنٽي هڪ عذاب بڻجي وئي هُئي، بيل تي بيل وڄندي هُئي پر هُوءَ هاڻي ڪَيوَن کي ٻُڌائي نہ پئي سگهي تہ هن سان ڇا ٿيو آهي. هن فيصلو ڪيو ۽ ڪَيوَن کي خط لکيائين تہ هي رشتو هاڻي ختم آهي. هُوءَ مٿس بار ٿيڻ نہ ٿي گهري. خط ساڻ هن مڱڻيءَ جي مُنڊي بہ واپس موڪلي ڇڏي.
ڪَيوَن جا خط لاڳيتا آيا پئي. فونون آيون پئي، پر اپٽا، سڀني کي روڪي ڇڏيو هو تہ ڪوبہ اٽينڊ نہ ڪندو، ڪوبہ ڪا چٺي نہ لکندو.
سندس پيءَ، اپٽا جو درد ڄاتو پئي، هن گهر مَٽائي، ٻيءَ جاءِ تي ورتو تہ جيئن ماحول مَٽجي ۽ اپٽا خوشين ڏانھن موٽ کائي. اتي اچي اپٽا، ڪُجهہ پاڻ سنڀاليو، اهو پاڙو ئي ڇڏي آئي هُئي، جنھن سان اهي سڀ يادون سلھاڙيل هيون، نئين گهر اچي هُن اشارن جي زبان سکي. ڪَيون کي وسارڻ جي ڪوشش ۾، هن پاڻ کي معذورن جي اسڪول ۾ مصروف ڪري ڇڏيو.
هڪ ڏينھن سندس هڪ ساهيڙيءَ ٻُڌايو تہ ڪَيوَن موٽي آيو آهي ۽ کيس هر هنڌ ڳوليندو رهي ٿو. کيس رشتي جو ٽُٽڻ قبول ناهي، اپٽا پنھنجي ساهيڙيءَ کي چيو تہ، ”ڪَيوَن کي بلڪل بہ خبر نہ پوڻ گهرجي تہ هُوءَ هاڻي ڪٿي آهي. جي هُو ملي بہ ٿو تہ کيس چئي تہ هُو هاڻي اپٽا کي وساري ڇڏي.“
سڄو سال ڪَيوَن جي ڪا خبر نہ رهي. هڪ ڏينھن وري ان ساهيڙيءَ اپٽا کي ٻُڌايو تہ ڪَيوَن شادي پيو ڪري ۽ اهو ٻُڌائي هُن شاديءَ جو ڪارڊ اپٽا جي حوالي ڪيو، هن ڪارڊ کوليو، ڪنوار جي جاءِ تي سندس نالو لکيل هو.
اوچتو کيس سڀ ڪُجهہ ڀريل ڀريل محسوس ٿيو، ڪَيوَن سندس سامھون اچي بيٺو هو ۽ اشارن جي زبان ۾ ڳالھائي رهيو.
”مان سڄو سال ان ڪري غائب هُئس، جو مون اها اشارن جي ٻولي، مڪمل طرح سان سکڻ پئي گهري. اڳي جڏهن وات مان نڪتل لفظ، کٽُل هوندا هُئا ۽ مان توکي صحيح نموني نہ چئي سگهندو هُئس. هاڻي هر حال ۾ مان پنھنجي باقي زندگي توسان تنھنجي ٻوليءَ ۾ ڀرپور اظھار سان گذارڻ ٿو گهران. پنھنجو واعدو پاڙي مُنھنجو هٿ جهل ۽ مون کي پنھنجا سڀ آواز سمجهہ.“ اکين جا ڳوڙها بيٺا ئي نہ پئي.
اپٽا، ڪَيون جو هٿ جهلي ورتو هاڻي کيس ڪنھن بہ اظھار جي وڌيڪ ضرورت نہ هُئي

ڪوبہ ماڻھو مڪمل نہ هوندو آهي

ڊگهي مڱڻَي کان پوءِ هڪ جوڙي جي شادي ٿي هُئي، شادي ڏاڍي ڌام ڌوم سان ٿي هُئي. سندن سڀئي دوست، مِٽ مائٽ ۽ خيرخواھہ، هڪ هڪ تقريب ۾ شرڪت لاءِ آيل هُئا. هر رسم زبردست ٿي. سڀني ڏاڍو مزو ماڻيو. ڪنوار جو اڇو جوڙو ڏسڻ وٽان هو ۽ گهوٽ جو لباس وري مرداڻي حُسن لاءِ شاهڪار هو. هر ڪنھن کين ڏسي ساراهيو پئي، تہ سڀني کي سندن، پاڻ جي وچ ۾ محبت، مثالي پئي لڳي. عورتن ۽ مردن هن نئين جوڙي جي هڪٻئي لاءِ نگاھہ ۾ چمڪ کي ساراهيو پئي... مطلب تہ ڇا تہ شادي هُئي ۽ ڇا تہ جوڙو هو! سڀ ڪُجهہ مثالي هو. مثال بڻجڻ لاءِ ڪافي هو.
عورت ڪتابي گهڻي هُئي. هُوءَ جيڪي ڪُجهہ پڙهندي هُئي، سو پاڻ تي سوار ڪري ڇڏيندي هُئي. سندس خيالن جي اُڏام اونچي هوندي هُئي ۽ هُوءَ تصور جا ڏاڪا چڙهڻ ۾ پٺتي پير نہ رکندي هُئي.
ڪُجهہ مھينن کان پوءِ زال، مڙس وٽ هڪ تجويز کڻي آئي، ”مون ڪُجهہ دير پھرين هڪ رسالي ۾ پڙهيو آهي، تہ ڪيئن پنھنجي شاديءَ کي وڌيڪ سگهارو بڻائجي.“
مڙس اتساھہ مان ڏانھس نھاريو، ”اڇا.“
”اسان ٻنھي کي هڪ لسٽ تيار ڪرڻ گهرجي.“
”ڇا جي؟“ مڙس پُڇيو.
”انھن سڀني عملن جي جيڪي اسان کي پسند نہ هُجن، مُنھنجو مطلب آهي تہ اهي سڀ عمل، جيڪي مون ۾ اهڙا آهن، جيڪي اوهان کي پسند ناهن يا وري اوهان ۾ آهن، جيڪي مون کي سخت ناپسند آهن. اهڙن عملن جي لسٽ ٺاهي، اسان کي هڪٻئي کي ٻڌائڻ گهرجي.“
مڙس ڏانھس ڏسندو رهيو، هن ڳالھہ جاري رکي.
”ائين ڪرڻ سان خبر ٿوَ ڇا ٿيندو؟ جيڪي شيون اسان کي نٿيون وڻن نہ... انھن بابت پاڻ ڳالھائي سگهنداسين. انھن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ عملي سوچ ڪنداسين ۽ ان نموني يقينن اسان جي حياتين ۾ وڌيڪ بھتري ايندي ۽ اسين وڌيڪ سٺا ڏينھن گڏجي گهارينداسين.“
مڙس بس ماٺ ڪيو کيس ڏسندو رهيو، زال جو اتساھہ ڏسڻ وٽان هو.
”ڪڏهن ڪڏهن، ننڍڙا ننڍڙا امتحان، مثالي هوندا آهن ۽ وڏا وڏا نتيجا ظاهر ڪندا آهن. پاڻ کي اهو سڀ ائين ضرور ڪرڻ گهرجي ۽ پوءِ نتيجن مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪرڻ گهرجي.“
مڙس هائوڪار ڪئي، ٻئي الڳ الڳ ڪمرن ۾ ڪاغذ قلم کڻي هليا ويا تہ جيئن انھن عملن جي فهرست کي ترتيب ڏئي سگهجي، جيڪي هڪٻئي لاءِ اڻ وڻندڙ هجن يا وري هڪٻئي بابت نہ وڻندا هُجن. سڄو ڏينھن هُو سوچيندا رهيا تہ ڇا ڇا لکجي. مانيءَ تي گڏيا تہ بہ ماٺ ماٺ هُئا.
مڙس ڪُجهہ چوڻ گهريو پر نہ چئي سگهيو. زال جي مٿي تي سوالنامو ۽ ڪاغذ سوار هُئا.
ٻئي ڏينھن صبح جو هُنن فيصلو ڪيو تہ نيرن کائڻ کان پوءِ هُو پنھنجو پنھنجو لکيل ڪاغذ پڙهندا.
”مان ٿي شروع ڪيان“ زال آڇ ڪئي ۽ پنھنجي فهرست ڪڍيائين، جنھن ۾ الاهي ساريون شيون لکيل هيون، هن تہ پورا ٽي پَنا ڀريا هُئا.
جڏهن هن ننڍين ننڍين ڳالھين کي پڙهڻ شروع ڪيو تہ کيس محسوس ٿيو تہ مڙس جي اکين ۾ پاڻياٺ اڀري رهي هُئي.
”ڇا ٿيو؟“ هن مڙس کان پُڇيو.
”ڪُجهہ نہ...“ هُو مرڪيو، ”تون پڙهندي رھہ ۽ فهرست مڪمل ڪر.“
زال کي پنھنجو جنون هو. هن ٽئي پنا پڙهي پورا ڪيا، جنھن ۾ 30 کن شڪايتون لکيل هيون. اهي سڀ نقص، عادتون ۽ عمل لکيل هُئا، جيڪي کيس پنھنجي مڙس ۾ پسند نہ هُئا يا وري جن کي هن بدلائڻ پئي گهريو. هن فهرست پڙهي پوري ڪئي ۽ اها ويڙهيندي مڙس کي چيائين، ”هاڻي توهان پنھنجي فهرست پڙهو. تنھن کان پوءِ پاڻ ٻئي گڏجي ڏسنداسين تہ اهي ڪھڙا عمل آهن، جيڪي پاڻ گڏجي چونڊيا آهن يا وري انھن کي ٺيڪ ڪيئن ٿو ڪري سگهجي.“
ڏاڍي اطمينان سان مڙس وراڻيو، ”مُنھنجي فهرست ۾ ڪُجهہ بہ لکيل ناهي... مُنھنجي خيال ۾ تہ تون جيئن بہ آهين، زبردست آهين. مان نٿو گهران تہ تون مون لاءِ، پنھنجو پاڻ ۾ ڪُجهہ بہ بدلائين. تون بھترين آهين ۽ مون کي ڪڏهن بہ، ڪوبہ اهڙو خيال ناهي آيو تہ توکي بدلائجي... تون مُنھنجي لاءِ محبت جو تحفو آهين، مان توکي بدلائڻ لاءِ ڇو سوچيان.“
هاڻي، ڳوڙهن جو وارو، زال جي اکين ۾ اچڻ جو هو. مڙس جي سچائيءَ، محبت ۽ خلوص کيس ڪيترائي مثال سمجهائي ڇڏيا هُئا.
حياتي انھن لمحن ۾ بيحد حسين هوندي آهي، جڏهن اسين پنھنجي جِيوَن ساٿيءَ جي خوبيءَ تي سندس ساراھہ ڪندا آهيون ۽ سندس غلطين کي درگذر ڪندا آهيون. ڪوبہ ماڻھو مڪمل نہ هوندو آهي، اهو سمجهڻ ۾ ئي سڄي زندگي لڪل آهي.

ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ، مان تہ ڪاڻون ڪڍان ڪن جون

هُو عمر جو ننڍو ڇوڪرو هو ۽ پنھنجي ماءُ جو آخري اولاد هو. سندس پيءُ ڪافي عرصو پھرين گُذاري ويو هو. وڏا ڀائر ۽ ڀيڻون پنھنجي پنھنجي حوالي سان زندگي گُذاري رهيا هُئا. باقي هُو هئو جيڪو پنھنجي ماءُ سان گڏ رهندو هو.
سندن حياتيءَ جا سلسلا بہ عجيب هُئا. هڪ گهر جو ڪرايو ايندو هو، جنھن مان خرچن جو پورائو ٿيندو هو، پڙهائيءَ جو خرچ بہ هلندو هو، تہ زندگي بہ اڳيان سفر ڪندي وئي.
سندس ماءُ کي پيانو وڄائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. هُوءَ پاڻ تہ نہ وڄائي سگهندي هُئي، پر کيس اها حسرت هُئي تہ هُوءَ پنھنجي پُٽ جو وڄايل پيانو ٻُڌي سگهي.
رَوبيءَ کي پنھنجي ماءُ جي خواهش جو علم هو ۽ اُن ڪري ئي جڏهن سندس ماءُکيس موسيقي سيکاريندڙ اُستاد وٽ وٺي آئي تہ هُن ڪا بہ چُون چران نہ ڪئي.
سيکاريندڙ اُستاد کي، روبيءَ کي سيکارڻ ۾ ڏاڍي ڏُکيائي پيش اچڻ لڳي، ڇاڪاڻ تہ موسيقي، روبيءَ جي ڄاڻ وٽان نہ هُئي. سندس سُر ڦريل هوندا هُئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن هُو بي تالو بہ ٿي ويندو هو. اُستاد کيس سيکارڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، هُو پاڻ بہ محنت ڪندو هو، پر اُستاد جو اعتبار حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويو هو.
ماءُ جو اتساھہ مثالي هو. هُو هر هفتي روبيءَ کي پيانو سيکاريندڙ ٽيچر وٽ موڪليندي هُئي. گهر تي کائنس سبق ٻُڌندي هُئي ۽ کيس پَڪَ هوندي هُئي تہ هِڪ ڏينھن سندس پُٽ هڪ وڏو پيانسٽ ٿيندو ۽ شاهڪاريءَ سان پيانو وڄائيندو.
هڪ ڏينھن رَوبي، پيانو سکڻ نہ آيو. استاد سمجهيو تہ هاڻي رَوبي بہ ڳالھہ کي سمجهي ويو آهي ۽ شايد سِکي سِکي ٿڪجي پيو آهي. کيس اهو بہ اطمينان ٿي ويو تہ ٻارڙو هاڻي کان ئي سمجهي ويو، ڇاڪاڻ تہ هُن جي وڄائڻ ۾ ڪي خاص اُميدون تہ ڪونہ هيون.
ڪُجهہ ئي ڏينھن ۾، پيانو ٽيچر کي شھر ۾ پيانو وڄائڻ جو هڪ زبردست پروگرام مليو. هُن پنھنجي سڀني شاگردن کي تيار ڪيو. اوچتو وٽس رَوبيءَ جي فون آئي، جنھن منٿ ڪئي پئي تہ کيس بہ وڄائڻ جو موقعو ڏنو وڃي. ٽيچر، رَوبيءَ کي ٻُڌايو تہ هُو وڄائڻ ۾ ايڏو سُٺو ڪونھي ۽ ٻي ڳالھہ تہ هاڻي هُو شاگرد بہ ناهي رهيو، ڇاڪاڻ تہ ڪافي ڏينھن کان هُن سبق سکڻ بند ڪري ڇڏيو آهي.
رَوبي کيس منٿون ڪندو رهيو تہ، ”رڳو هڪڙو موقعو ملي، مان اوهان جي عزت گهٽ ٿيڻ ڪونہ ڏيندس.“
ٻار جي منٿ ميڙ وڌندي وئي ۽ آخرڪار ٽيچر ان ڳالھہ تي راضي ٿي تہ هُوءَ کيس هڪڙو موقعو تہ ڏيندي، پر اهو موقعو اُن محفل جي سڀ کان آخري لمحن ۾ هوندو. ٽيچر سمجهيو تہ جڏهن محفل ۾ ٻيا سڀ بھترين نموني سان وڄائيندا تہ اُنھن سڀني جي ڪارڪردگي ڏسي، محفل جي آخري لمحن ۾، رَوبي پاڻ ئي ماٺڙي ڪري وڄائڻ کان پاسو ڪندو.
محفل جو ڏينھن آيو. سڄو هال ماڻھن سان کڇا کڇ ڀريل هُو ۽ هر ٻار بھترين پرفارمنس ڏني.
رَوبي هر ڪنھن کي ڏسي رهيو هو. ٽيچر جو خيال هو تہ هُو چُپ چاپ هليو ويندو، پر هُو ويٺو رهيو ۽ آخر سندس ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو بہ وارو آيو. جڏهن سندس نالو ورتو ويو تہ سندس ڪپڙا بہ موقعي مھل جي حساب سان مناسب نہ هُئا ۽ مٿان وري وار بہ ڦٽل هُئس.
ٽيچر ڏاڍي پريشان ٿي وئي. کيس لڳو تہ سڄي شام جي بھترين ڪارڪردگي خاڪ ٿي ويندي. هُن پردي جي پويان اشارو ڪرڻ چاهيو، پر هاڻي دير ٿي چُڪي هُئي ۽ روبي سڀني جي سامھون اچي ويو هو.
هُن جيئن ئي وڄائڻ شروع ڪيو تہ سڄي هال ۾ ماٺ ٿي وئي. سندس وڄائڻ جو هُنر باڪمال هيو. ماڻھو هِن ننڍڙي ڄمار جي پيانسٽ کي ڏسي حيران هُئا. سندس هڪ هڪ سُر تي تاڙيون وڄي رهيون هيون ۽ اِهو ثابت ٿي چُڪو هو تہ هُن، هِن شام جي سڀ کان بھترين پرفارمنس ڏني هُئي. سندس وڄائڻ جي خاتمي تي، ٽيچر سميت سڄو هال، سندس احترام ۾ اُٿي کڙو ٿيو.
ماڻھن، رَوبيءَ کان ايڏي بھترين وڄت جو سبب پُڇيو تہ هُن مائيڪرو فون تي اچي چيو، ”مان، پيانو سکڻ جا هفتيوار سبق وٺڻ نہ اچي سگهندو هُئس، ڇاڪاڻ تہ مون کي هِتي موڪلڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هو. امان ڏاڍي بيمار ٿي وئي هُئي. کيس ڪينسر وڪوڙي وئي هُئي. اڄ صبح جو جڏهن هُوءَ گُذاري وئي تہ مُنھنجي دل چيو تہ مان کيس يادگار پيانو ٻُڌايان. ڏسو هي پھريون ڀيرو آهي، جڏهن هُوءَ مون کي مڪمل نموني ٻُڌي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ تہ جيئري هوندي هُوءَ ٻوڙي هوندي هُئي. جڏهن مان سمجهان ٿو تہ هُوءَ مون کي ٻُڌي سگهي ٿي تہ پوءِ مون کي يقينن سڀني کان بھترين پرفارمنس ڏيڻ گهرجي.“

سُونھن جي قيمت ڇا ٿي سگهي ٿي!

اُها هڪ ڊگهي رات هئي.
مان ۽ منھنجي گهر وارِي، پنھنجي ڪُتِيءَ لاءِ ڏاڍا پريشان هئاسين. هُن گُلرَ ڄڻيا پئي ۽ انھن جو انگُ وڌندو پئي ويو. آخرڪار مون ڳڻي بس ڪيا ۽ هيٺ وڃي پنھنجي زال جُوڊيءَ کي چيم، ”پنج گُلرَ ڄاوا آهن.“
هُوءَ هڪدم مون سان گڏ هلي آئي ۽ اسان جي گهر ۾ ٺھيل جانورن جي خاص حصي ۾ اچي، اسان جي ڪُتيءَ ’پرِيشس‘ کي پيار ڪيائين. گُلرن مان پھريون اڇو ڪارو هو، ٻيو ۽ ٽيون گهاٽي ناسي رنگ جا هئا، چوٿون ۽ پنجون اڇن ڪارن ٽِڪن سان هئا.
جُوڊيءَ کي انھن جا رنگَ ڏاڍا وڻيا. ڄمڻ ساڻ ماءُ کي چنبڙيا پئا هئا. اسان ٻئي واپس مڙياسين تہ اوچتو، منھنجي نگاھہ پڃري جي ڪُنڊ تي پئجي وئي ۽ مون ڏٺو تہ اتي ڇھون گُلر بہ موجود هو. اسان ٻنھي کي ڏاڍي حيرت ٿي. مون اڳتي وڌي ان گلر کي کنيو ۽ ٻين ڄاول گلرن جي گروھہ مٿان رکيو، پر مون کي اُن گهڙيءَ ڏاڍي حيرت ٿي، جڏهن پريشس هڪدم کيس پاڻ کان پري ڪري ڇڏيو. هُن، ان گلر کي پنھنجو اولاد سمجهڻ کان ڄڻ انڪار ڪيو هو.
”ڪا گڙ ٻڙ ضرور آهي.“ جُوڊيءَ ڀڻڪيو.
مان پريان ڪيل گلر وٽ پڳس، هڪ ڀيرو وري هٿن ۾ کنيومانس تہ احساس ٿيو، اڙي... هن جو تہ تارون ڪپيل آهي ۽ مٿان وري چپ بہ ڪپيل اٿس، جنھن جي ڪري، هُو پنھنجو مُنھن نہ ٿو بند ڪري سگهي. انھيءَ گهڙيءَ ۾ ئي مون اهو فيصلو ڪري ورتو تہ مون کي ڪيترو بہ خرچ ڪرڻو ڇو نہ پوي، مان ان گلر کي بچائڻ جي پوري ڪوشش ڪندس.
مان کيس جانورن جي ڊاڪٽر وٽ کڻي ويس، جنھن مون کي صاف ٻُڌايو، تہ ڪجهہ بہ نٿو ڪري سگهجي. جي اسين هزارين ڊالر خرچ ڪري سگهون تہ پوءِ ان نقص کي ڏُور ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري سگهجي ٿي. هُن اسان کي اهو بہ ٻڌايو تہ ڇاڪاڻ تہ وات پورو بند نہ ٿيڻ جي ڪري، اهو ڪُتڙو، ماءُ جي ٿڃ چُوسي نہ سگهندو، سو تمام جلدي مري ويندو.
گهر پھچڻ کان پوءِ مون ۽ جُوڊيءَ اهو فيصلو ڪيو تہ ڇاڪاڻ تہ ڊاڪٽر پاران جانور جي حياتي بچڻ جي خاطري ناهي ملي، تنھن ڪري ايتري ڳري رقم خرچ نٿي ڪري سگهجي، پر بھرحال اها سوچ مون کي هڪ ننڍڙي سرنج وٺڻ کان روڪي نہ سگهي، جيڪا وٺي کير ڀري مون سندس وات ۾ وجهڻ شروع ڪيو. لاڳيتا 10 ڏينھن، ڏينھن ۽ رات، مان هر ٻن ڪلاڪن کان پوءِ کيس سرنج ذريعي کير پياريندو رهيس ۽ اهو گُلر بچي ويو ۽ آهستي آهستي نرم کاڌو کائڻ لڳو.
سوا مھيني کان پوءِ مون اخبار ۾ اشتھار ڏنو ۽ هڪ هفتي اندر شوقين ماڻھن اسان جي سڀني گلرن لاءِ آڇون ڏيڻ شروع ڪيون. سواءِ اُن هڪڙي گلر جي، جنھن جو چَپُ ۽ تارُون ڪپيَل هئا.
هڪ منجهند جو گهر جو سِيڌو وٺي موٽندي، مون کي پنھنجي ريٽائرڊ اسڪول ٽيچر نظر آئي، جيڪا ڪجهہ گهٽيون پريان رهندي هئي. هُن بہ اشتھار ڏٺو هو ۽ پنھنجي پوٽَي لاءِ هڪڙو گلر وٺڻ پئي گهريائين. مون کيس ٻُڌايو، تہ تقريبن سڀني گلرن جو سودو ٿي چڪو آهي. خالي هڪڙو ناسي گلر بچيو آهي ۽ ٻيو ڪپيَل تارونءَ وارو آهي. هُن چيو، مون کي ڪنھن ٻئي کان پڇي ٻُڌائجانءِ منھنجي پوٽَي کي ڪتو ضرور گهرجي ٿو.
هڪڙو همراھہ مون سان ناسي رنگ واري بچيل گلر جو سودو ڪري ويو هو، پر ٻہ ڏينھن ٿيا هئا تہ سندس ڪابہ خبر ڪانہ هئي. مون ٽيچر کي فون ڪري ٻُڌايو تہ جي هُوءَ اهو گلر ڏسڻ چاهي تہ اچي سگهي ٿي.
ان رات جو ساڍي ستين بجي ناسي گلر جي سودي وارو همراھہ اچي ويو ۽ سودي جا اصول پڙهي، گلر وٺي ويو. هاڻي مون کي ۽ جُوڊيءَ کي اهو سمجهہ ۾ نہ پيو اچي تہ جي اسڪول ٽيچر اچي وئي تہ اُنھيءَ کي ڪھڙو جواب ڏينداسين. ٿيو بہ ائين، هيڏانھن هي همراھہ نڪتو، هوڏانھن هُوءَ پنھنجي پوٽَي ساڻ اچي وئي. مون کيس ٻُڌايو تہ سڀ گلر کپي ويا. ٽيچر پنھنجي پوٽَي کي چيو، ”جيفري آءِ ايم سورِي، هاڻي ڇا ڪجي؟!“ ان ئي مھل ان آخري گلر رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون، جن کي ٻڌي جيفري هڪدم ڊوڙيو ”منھنجو ڪتو...منھنجو ڪتو...“
ٻارَ ڏانھن نگاھہ ڪيم تہ حيران ٿي ويس. سندس چپ بہ ڪپيَل هيو. هُن هڪدم ڊوڙي وڃي، گلر کي هنج ۾ کنيو هو. پنھنجي ڏاڏيءَ کي ڏيکاريندي چيائين، ”ڏس هي مون جھڙو ٿو لڳي نہ... هي منھنجو آهي.“
ڏاڏيءَ مون ڏي نھاريو، ”اهو وڪڻندئو؟“
ٻارڙي پنھنجي ڀاڪر کي مضبوط ڪري ڇڏيو هو. ”ڏاڏيءَ چيو پئي تہ هن قسم جا ڪتا ڏاڍا مھانگا ۽ مخصوص هوندا آهن. ڏسو مان بہ تہ مخصوص آهيان نہ.“
ڏاڏيءَ جون اکيون ڀرجي آيون ۽ چيائين، ”هن جا گهڻا پئسا ٿيندا؟“
جُوڊيءَ سندس هٿُ جهليندي چيو، ”محبت جي ڪھڙي قيمت ٿيندي آهي. جيڪو پيار هن مھل جيفريءَ وٽان پريشس جي هن ٻار کي ملي پيو، اها ئي تہ اصل سونھن آهي ۽ اوهان جي خيال ۾ سُونھن جي قيمت ڇا ٿي سگهي ٿي.“

تو وٽ گهڻا بلورَ آهن؟

مان جيئن جيئن ڪُراڙو ٿيندو پيو وڃان، تيئن تيئن ڇنڇر جي صبح جو مزو وڌيڪ ماڻڻ لڳو آهيان. ٿي سگهي ٿو تہ اها صبح جي ماٺ هجي، جيڪا مون کي لطف ڏيندي هجي يا وري ائين هجي تہ ان ڏينھن تي ڪابہ پابندي ڪونھي ۽ ڪم تي وڃڻو ڪونھي. ڳالھہ کڻي ڪھڙي بہ هجي، ڇنڇر جي صبح جا پھريان ڪلاڪ منھنجي لاءِ سدائين پُرلطف ۽ بھترين هوندا آهن.
ڪجهہ هفتا پھرين، مان رڌڻي مان نڪري رهيو هوس، منھنجي هڪ هٿَ ۾ ٻاڦ ڇڏيندڙ ڪافيءَ جو ڪوپ ۽ ٻئي هٿَ ۾ تازي اخبار هئي. اهو منھنجي لاءِ هڪ مخصوص ڇنڇر جو صبح هو، پر ان ڏينھن مون هڪ اهڙو سبق سِکيو، جيڪو رهندڙ حياتيءَ تائين مان ڪڏهن وساري ڪونہ ٿو سگهان.
مان توهان کي ان بابت ٻُڌائڻ ٿو گهران... ڪافيءَ ۽ اخبار سان گڏوگڏ، مون پنھنجي عادت مطابق ريڊيو بہ چالُو ڪري ڇڏيو هو، تہ جيئن مان ڇنڇر جي صبح وارو هفتيوار ٽاڪ شو ٻُڌي سگهان. ريڊيي مان هڪ ڀرپور آواز اچي رهيو هو. لڳو پئي تہ ڪو وڏي عمر وارو سونهري آواز گونجي رهيو هجي، ڪڏهن ڪڏهن ڪي آواز ٻُڌي توهان جي دل چوندي آهي، تہ انھن آوازن جا مالڪ ريڊيي تي ڪم ڇو ڪونہ ٿا ڪن.
هُو، ’هڪ هزار بلورن‘ بابت ڪنھن انائونسر سان ڳالھائي رهيو هو، جنھن جو نالو ’ٽام‘ هيو. هُو شايد ان شو ۾ مھمان هو. سندس لهجو، پاڻ ڏانھن ڇڪيندڙ ۽ ڀرپور هو ۽ ٻُڌڻ وارن کي ڄڻ محصور ڪري رهيو. ”ڏس، ڏس ٽام، مون کي لڳي ٿو تہ تنھنجي نوڪري ڏکي آهي ۽ تون بيحد مصروف بہ آهين. مون کي پڪ آهي تہ توکي پگهار بہ چڱي ملي ٿي، پر اها ڪيڏي نہ شرم ۽ ڏک جھڙي ڳالھہ آهي تہ توکي پنھنجي گهر ۽ گهروارن کان ايترو گهڻو پري رهڻو پوي ٿو. اها حقيقت ڪيڏي نہ ڪڙي آهي تہ هڪ نوجوان، پنھنجي گهرجن جي پورائي لاءِ هڪ هفتي ۾ 60 کان 70 ڪلاڪ ڪم ڪري... ڏس... ڪيڏي نہ ڏک جي ڳالھہ آهي تہ تو پنھنجي ڌيءَ جي سالگره واري تقريب ۾ بہ شرڪت ڪانہ ڪئي.“ هُن ڳالھہ جاري رکي، ”ٽام مان توکي هڪڙي ڳالھہ ٻُڌايان... مون سان زندگيءَ ۾ هڪ شئي اهڙي ٿي آهي، جنھن ان ڳالھہ ۾ منھنجي بي انتھا مدد ڪئي آهي، تہ مان ڪھڙين ڪھڙين شين کي ترجيح ڏيان ۽ ڪھڙين کي ترسائي ڇڏيان ۽ اها سڄي حڪمت مون بہ ڪنھن جي واتان ٻُڌي آهي، جنھن کي هُن ’هزارين بلور حڪمت‘ جو نالو ڏنو هو.“
”ڏس، مان هڪ ڏينھن پنھنجي پاڻ سان ويٺس ۽ ويھي ٿورڙو حساب ڪتاب ڪيم، هڪ ماڻھو سراسري طرح تقريبن 75 سال جيئي ٿو. مان ڄاڻان ٿو تہ ڪن کي ان کان بہ وڌيڪ ڄمار ملي ٿي ۽ ڪي گهٽ بہ جيئن ٿا، پر سراسري طرح اها وڃي 75 سال بيھي ٿي. هاڻي انھن 75 سالن کي جڏهن 52 سان ضرب ڪبي تہ معنيٰ 3 هزار 9 سئو ڇنڇرَ، هڪ سراسر عمر ۾ اچن ٿا.“
”هاڻي مون کي ڌيان سان ٻُڌ ٽامَ... مان توسان هن ڳالھہ جو اهم حصو بيان ڪرڻ وارو آهيان... اها سڄي سوچَ، مون کي تڏهن آئي جڏهن مان 55 سالن جي ڄمار جو ٿي چڪو هئس.“ هُن ڳالھہ جاري رکي، ”۽ انھن 55 سالن ۾ مان 28 سوَن کان مٿي ڇنڇرَ وڃائي چڪو هئس. مون پنھنجو پاڻ کي سمجهايو تہ جي مان 75 سالَ جيئان ٿو تہ هاڻي باقي مون وٽ وڃي ڪو هزار کن ڇنڇرَ حياتيءَ جو لطف ماڻڻ لاءِ بچيا هوندا. مان تڪڙو هڪ رانديڪڙن جي دُڪان ڏانھن ڀڳس ۽ اتان وڃي، هڙ بلورَ خريد ڪيم، جنھن کان پوءِ ٻين دُڪانن جو بہ چڪر هنيم ۽ نيٺ هزار بلورَ پورا ڪيم. اهي کڻي گهر آيس ۽ شيشي جي هڪ وڏي برنيءَ ۾، پنھنجي ورڪشاپ ۾ شوڪيس جي سامھون، ريڊيي جي ڀرسان رکي ڇڏيم. تنھن ڏينھن کان وٺي، هر ڇنڇر تي، مان ان برنيءَ مان هڪڙو بلور ڪڍي اُڇلائي ڇڏيندو آهيان.“
“مون ڄاتو تہ بلورن جي گهٽ ٿيڻ سان مون حياتيءَ جي حقيقتن تي وڌيڪ غور ڪرڻ شروع ڪيو ۽ صحيح معنيٰ ۾ اصلي اهم شين بابت سوچڻ لڳس. هن ڌرتيءَ جي گولَي مٿان، ان کان وڌيڪ ڪابہ اهم ڳالھہ ناهي تہ اوهان پنھنجي ترجيحات کي سِڌو ڪريو ۽ هڪ نظم و ضبط سان اهو ڪم ڪريو... آخر ۾، هن شو مان وڃڻ کان پھرين ۽ پنھنجي پياري زال کي نيرن ڪرائڻ لاءِ هڪ خوبصورت هوٽل ۾ وٺي وڃڻ کان پھرين، مان توکي هڪڙي ڳالھہ ٻُڌائي ڇڏيان، تہ اڄ صبح جو مون ان شيشي جي بوتل مان آخري بلور بہ ڪڍي اُڇلائي ڇڏيو آهي، مان سمجهان ٿو تہ جيڪڏهن مان ايندڙ ڇنڇر تائين جيئرو هوندس تہ معنيٰ ڌڻيءَ مون کي اهو اضافي وقت ڏنو آهي، جيڪو مان پنھنجي پيارن ساڻ گذاري سگهان... تو سان ڳالھائڻ ڏاڍو سُٺو لڳو ٽام، مون کي اميد آهي تہ تون بہ پنھنجن پيارن کي ڪجهہ وقت ڏيندين... اميد تہ وري ملنداسين... صبح بخير“
هُن جي ڳالھہ ختم ڪرڻ کان پوءِ چوطرف ماٺ ٿي وئي هئي. ڪجهہ لمحن لاءِ تہ، هن شو جي ميزبان وٽ بہ ڄڻ تہ چوڻ لاءِ ڪجهہ بہ ڪونہ هو. مون کي لڳو تہ هن مھمان اسان سڀني کي گهڻو ڪجهہ سيکاري ڇڏيو هو. مون سوچيو هو تہ صبح ساڻ ڪجهہ ڪم ڪندس ۽ پوءِ جِم ويندس...پر هاڻي مان ڏاڪا چڙهي پنھنجي بئڊروم ۾ ويس ۽ پنھنجي زال کي اُٿاري چيم، ”اُٿي گُڏي... مان توکي ۽ ٻارن کي نيرن تي وٺي وڃڻ ٿو گهران.“
سندس ننڊاکڙي مُک تي مُرڪ تري آئي. ”توکي صبح ساڻ ڇا ٿي ويو؟!“
”ڪجهہ بہ خاص نہ ٿيو آهي.“ مون وراڻيو، ”وڏو عرصو ٿيو آهي، جو اسان ٻارن ساڻ ڪو ڇنڇر گڏ ناهي گذاريو ۽ ها ٻاهر هلنداسين تہ ڇا پاڻ ڪنھن رانديڪڙن جي دُڪان تي بيھي سگهون ٿا؟ مون کي ڪجهہ بلورَ وٺڻا آهن.“

محبوب ڏيکار تہ خبر پوي تہ تون ڪيئن آهين...

جان بيلانچرڊ هڪ دفعو وري بئنچ تان اٿي بيٺو. پنھنجن ڪپڙن جي استري ٺيڪ ڪيائين ۽ گرانڊ سينٽرل اسٽيشن ۾ ماڻھن جي ايندڙ ويندڙ هجوم ۾ نھارڻ لڳو. هزارين ماڻھن جي اچ وڃ جاري هُئي. ڪلھو ڪُلھي سان لڳي رهيو هو. سندس نگاھہ جو ڀٽڪڻ ان حسينہ لاءِ هو، جنھن کي هن ڪڏهن بہ اڳ ۾ ڪونہ ڏٺو هو ۽ هُن کيس چيو هو تہ سندس هٿ ۾ گلاب جي ڳاڙهي ڪَلي هوندي.
سندس چاھہ، فلوريڊا جي هڪ لائبريريءَ ۾ تيرنھن مھينا پھرين پيدا ٿيو هو، خاني مان هڪ ڪتاب کڻندي ۽ ان جا ورق ورائيندي، کيس ڪتاب جي مواد نہ موهيو هو بلڪہ انھن لفظن گهائل ڪيو هو، جيڪي پينسل سان حاشين تي لکيا ويا هُئا. خوبصورت تحرير، لکڻ واري جي اندر جي سونھن کي ظاهر ڪري رهي هُئي. ڪتاب جي شروعاتي صفحي تي هن اڳوڻي مالڪ جو نالو ڳولي لڌو هو... ’مس هولس مائينل...‘ هن هڪ ڊگهي جاکوڙ ڪئي ۽ نيٺ سندس ائڊريس هٿ ڪري ورتائين. هُوءَ نيويارڪ شھر ۾ رهندي هُئي. بلانچرڊ کيس هڪ خط لکيو، جنھن ۾ پنھنجو تعارف ڪرائيندي، کيس ورندي ڏيڻ لاءِ عرض ڪيو هُئائين.
ٻئي ڏينھن تي ئي سندس جھاز ٻي مھاڀاري لڙائيءَ ۾ حصو وٺڻ لاءِ بندرگاھہ ڇڏي ويو هو. ايندڙ سال ۽ هڪ مھيني تائين، هنن خطن وسيلي هڪٻئي سان رابطو رکيو. هر خط ڄڻ تہ دل جي زرخيز زمين ۾ پوکجندڙ ڪو ٻج هو. هڪ رومان، چاھہ، پرورش وٺي رهيو هو. بلانچرڊ کائنس هڪ تصوير جي فرمائش ڪئي، پر هن انڪار ڪري ڇڏيو هو. سندس خيال هو تہ جي هُو دل سان ساڻس چاھہ رکي ٿو تہ ان سان ڪوبہ فرق نٿو پوي تہ هُوءَ ڪيئن لڳي ٿي.
آخرڪار اهو ڏينھن آيو، جڏهن هُو يورپ موٽيو ۽ هُنن نيويارڪ جي گرانڊ سينٽرل اسٽيشن تي شام جو ستين وڳي جي ملاقات طئه ڪري ڇڏي. ”تون مون کي سڃاڻي وٺندين؟“ هولس، بلانچرڊ کي لکيو، ”مُنھنجي هٿن ۾ ڳاڙهي گلاب جي ڪَلي هوندي.“
هاڻي شام جا ست ٿيا هُئا ۽ هُو سينٽرل اسٽيشن تي بيٺل، ان ڇوڪريءَ لاءِ واجهائي رهيو هو، جنھن جي دل سان کيس شديد محبت هُئي، پر جنھن جو چھرو هن ڪھن بہ ڪونہ ڏٺو هو. هاڻي اڳتي جي ڪھاڻي، بلانچرڊ جي پنھنجي واتان ٻُڌو.
”هڪ نوجوان عورت مون ڏانھن اچي رهي هُئي. سندس جسم مناسب ۽ قد ڊگهو هو. ڪنن جي پاپڙين وٽ ڀورا گهنڊيدار وار، ڪرِي رهيا هُئس. سندس اکيون نيري رنگ جون هيون. سائي لباسَ ۾ هُوءَ ائين لڳي رهي هُئي ڄڻ بھار جيئري ٿي وئي هُجي. مان هن ڏانھن وڌڻ لڳس ۽ مون کان اهو بہ وسري ويو تہ ڪو سندس هٿن ۾ ڳاڙهي گلاب جي ڪا ڪَلي ڪانہ هُئي. مان جيئن ئي هُن ڏي وڌيس تہ هڪ شرارتي مُرڪ سندس چپن تي آئي.
”مُنھنجو رستو ٿو روڪين ڇا، خلاصي“ هن ڀڻڪيو. مون کي ڄڻ پاڻ تي ڪو ضابطو نہ هو ۽ مان الاءِ ڇو ساڻس ڪافي ويجهو ٿي ويو هُئس، جو اوچتو مُنھنجي نگاھہ سندس بلڪل پويان بيٺل هڪ اڌڙوٽ عورت تي پئي، جيڪا چاليھن جي عُمر ٽپيَل هُئي ۽ جنھن جا اڇا وار، سندس ٽوپ ۾ بہ جرڪي رهيا هُئا. هُوءَ ٿلھي ٿنڀري هُئي ۽ سندس ٿُلھا مُرا، ننڍي کڙيءَ واري سينڊل ۾ ڦاٿل پئي لڳا، سائي وڳي واري ڇوڪري هڪدم اڳيان رواني ٿي وئي.
مون کي لڳو ڄڻ مُنھنجا ٻہ اڌڙ ٿي ويا هُئا. مُنھنجي خواهش سائي وڳي واريءَ جي پويان وڃڻ جي هُئي ۽ ٻئي طرف مُنھنجي سامھون اهو وجود بيٺل هو، جنھن جي چاھہ صحيح نموني سان جُدائيءَ جي ڏُکين گهڙين ۾ مون کي سھارو ڏنو هو ۽ هاڻي هُوءَ مون سامھون بيٺل هُئي. سندس پيلو نرم مُک احساساتي ٿَي لڳو ۽ سندس اکين ۾ محبت جي چمڪ هُئي. مون هڪ لمحو بہ ڪونہ لڳايو. مُنھنجي هٿن، آسماني رنگ جي چمڙي ۾ مڙهيل، انھيءَ ڪتاب کي آڏو ڪيو، جيڪو مُنھنجي پاران ساڻس ملڻ لاءِ هڪ نشاني هو.
هيءَ محبت نہ هُئي. هي تہ ان کان بہ ڪو وڏو قيمتي جذبو هو، ڪُجهہ ٻيو هو، جنھن کي محبت سان ڀيٽي نٿو سگهجي. هڪ اهڙو ساٿ هڪ اهڙي دوستي، جنھن جي شُڪر گُذاري مون کي سڄي ڄمار ڪرڻي هُئي. مون پنھنجا ڪُلھا سڌا ڪيا. کيس سليوٽ ڪيو ۽ آسماني رنگ جو ڪتاب وڌائيندي چيم، ”مان ليفيٽينيٽ جان بلانچرڊ آهيان ۽ اوهان پڪ سان مس مائينل آهيو. مان ڪيڏو نہ خوشقسمت آهيان، جو پنھنجي ملاقات ٿي آهي پاڻ ماني کائڻ هلون.“ لڳو پئي، مايوسيءَ جي ڪري نڙي گُهٽجي رهي هُئي، پر بھرحال مون پاڻ سنڀالي ورتو هو. عورت جو مُک، هڪ ڀرپور مُرڪ سان ڀرجي ويو.
”مون کي خبر ناهي پُٽ تہ هي سڀ ڇاهي!“ هن چيو، ”پر اها جيڪا سائي وڳي واري ڇوڪري هاڻي هاڻي تو اڳيان لنگهي وئي آهي نہ، انھيءَ مون کي منٿ ڪئي هُئي، تہ مان ٿوري دير لاءِ گلاب جي اها ڳاڙهي ڪَلي هٿن ۾ کڻان ۽ هن چيو تہ جي تون مون کي ماني کائڻ جي آڇ ڪرين تہ مان توکي ٻُڌايان تہ هُوءَ روڊ پريان، هڪ وڏي ريسٽورينٽ ۾ تُنھنجي انتظار ۾ ويٺل آهي. هن مون کي اهو چيو تہ اهو هڪ قسم جي امتحان جو نمونو آهي.“
مائينل جي ذهانتن کي ساراهڻ ڪو ڏُکيو ڪم نہ هو. دل جي اصل حالت تہ اها آهي تہ هُو غير ڇڪيندڙن ڏانھن مائل ٿئي، جڳ مشھور ليکڪ هُوسائِي لکي ٿو:
”مون کي پنھنجو محبوب ڏيکار، مان توکي سڀ ٻُڌائي ڇڏيندس تہ تون ڪيئن آهين.“

منھنجي ماءُ، دنيا جي خودغرض ترين امڙ هئي!

مُنھنجي ماءُ دُنيا جي اُنھن مائرن منجهان هڪ هُئي، جيڪي صرف خودغرضي ڄاڻنديون آهن.
جڏهن ٻار نيرن ۾ چاڪليٽ کائيندا آهن، تہ مان رٻَ پيو کائيندو هُئس يا وري بيدا ۽ ڊبل روٽي مُنھنجو نصيب هوندا هُئا. جڏهن ٻيا لنچ ۾ بوتلون پيا پيئندا هُئا يا برگر پيا کائيندا هُئا تہ مون وٽ سدائين گهر جو ٺھيل سينڊوچ هوندو هو. بس توهان حال ڄاڻي سگهو ٿا، مان ٻين ٻارن کان مختلف هوندو هُئس، پر اُن ڀوڳنا ۾ مان ڪو اڪيلو ڪونہ هُئس. مُنھنجي ڀيڻ ۽ ٻہ ٻيا ڀائر بہ اِن خودغرض ماءُ کي ائين ئي ڀوڳيندا هُئا، جيئن مان ڀوڳيندو هُئس.
امان جو ان ڳالھہ تي زور هوندو هو تہ کيس خبر هُئڻ گهرجي، تہ اسين سڀ ڪٿي آهيون. ائين لڳندو هو ڄڻ ڪنھن زنجير سان ٻڌل هُجون. کيس ان ڳالھہ جي پَڪَ ڪرڻي هوندي هُئي تہ اسان جا دوست ڪھڙا ڪھڙا آهن ۽ اسين ڪيڏانھن ڪيڏانھن وڃون ٿا. سندس ان ڳالھہ تي اصرار هوندو هو تہ جي اسين هِڪ ڪلاڪ جي موڪل وٺي گهران وڃون ٿا تہ اهو هڪ ڪلاڪ کان گهٽ تہ ٿي سگهي ٿو، هڪ ڪلاڪ کان هڪ منٽ بہ مٿي ٿي نٿو سگهي. مون کي اهو سڀ تسليم ڪندي، شرم اچي ٿو پر هُوءَ واقعي بہ سڀ ائين ئي ڪندي هُئي.
ائين بہ ٿيندو هو تہ ڪڏهن ڪڏهن اسين پنھنجي منَ ماني ڪندا هُئاسين ۽ پوءِ بابا جي سُوٽَ جو پراڻو پَٽو اسان جي مرمت ڪندو هو. ڇا توهان ان ڳالھہ جو تصور ڪري سگهو ٿا، تہ هڪ پٽو ٻارن کي ڪُٽي ٿو صرف ان ڪري جو اُنھن نافرماني ڪئي هُئي!؟ هاڻي توهان کي سمجهہ ايندي هوندي نہ تہ امان ڪيڏي نہ خودغرض هُئي.
اسان کي صاف ڌوتل ڪپڙا پائڻا پوندا هُئا ۽ اُن کان اڳ وهنجڻو ضرور پوندو هو. ٻيا ٻار ساڳيا ساڳيا ڪپڙا الاءِ ڪيترا ڏينھن لاڳيتا پيا پائيندا هُئا. اسان لاءِ بي عزتيءَ جو شديد ترين احساس اهو بہ هوندو هو، تہ هُوءَ اسان جا ڪپڙا پاڻ سبندي هُئي تہ جيئن پئسا بچائي سگهجن. اسان جي ماءُ الاءِ ڇو اهڙي هُئي! جيڪا ٻين کان الڳ الڳ پئي لڳندي هُئي.
اڃان اُن کان وڌيڪ بدتر ڳالھہ ٻُڌو. اسان کي هر رات نائين وڳي کان اڳ سمھڻو پوندو هو ۽ هر صبح جو اٺين وڳي اُٿڻو لازم هو. پنھنجي دوستن جيان اسان ٻپھريءَ تائين ننڊون نہ ڪري سگهندا هُئاسين. اُن مھل جنھن مھل هُو ننڊن جا مزا ماڻيندا هُئا، اسان جي ماءُ اسان کان ڪم ڪرائيندي هُئي. اسان کي ٿانوَ ڌوئڻا پوندا هُئا، بسترن جون چادرون سِڌيون ڪرڻيون پونديون هيون. هر قسم جو کاڌو رڌڻ سِکڻو پوندو هو. اسان کي لڳندو هو تہ هُوءَ سڄي رات جاڳي، اسان تي مختلف ظلم ڪرڻ لاءِ سوچيندي رهندي هُئي. سمھندي ئي ڪونہ هُئي. هُوءَ سدائين اسان کي صرف ۽ صرف سچ ڳالھائڻ لاءِ چوندي هُئي، پوءِ ڀلي اُن ۾ موت ڇو نہ اچي.
جڏهن اسان مُڇن جي ساوَڪ سان ٿياسين تہ هُوءَ اڃان وڌيڪ هوشيار ٿي چُڪي هُئي ۽ اسان جون حياتيون اڃان وڌيڪ ڏُکيون بڻجي ويون هيون. اسان جو ڪوبہ دوست گهٽيءَ ۾ گاڏيءَ جو هارن ڪونہ وڄائيندو هو، ڇو جو هُوءَ سوچيندي هُئي تہ متان ڪو پاڙي ۾ آرام ڪندو هُجي يا وري بيمار هُجي. سڀني دوستن کي گهر جي در تي اچي سڏڻو پوندو هو، جيڪو اسان کي ڏاڍو شرمسار ڪندو هو. مون کي ميڪسيڪو فرار ٿيڻ جو وجھہ بہ نہ پئي مليو ۽ مٿان وري جڏهن مُنھنجا دوست پنھنجين ڇوڪرين دوستن سان ٻارنھن تيرهن سالن جي عُمر ۾ گڏجي گهمي ڦري سگهيا پئي، تہ امان مون کي اها اجازت پندرنھن سالن جي عُمر کان پوءِ ڏني، جڏهن مان ڏاگهہ ٿي چُڪو هُئس.
اُنھن سالن ۾ اسان ڪابہ واڌ ويجهہ نہ ڪئي. اسين پنھنجن دوستن وانگر، ڪوڙ بدوڙ هڻي، هنڌ ۾ سمھي، بيمار هُئڻ جي اداڪاري نہ ڪري سگهندا هُئاسين ۽ اسڪول کان ڀڄي نہ سگهندا هُئاسين. هُو تہ ڳالھہ ڳالھہ تي موڪل ڪندا هُئا ۽ اسان کي ضرور بہ ضرور سُٺيون مارڪون ۽ فُل حاضري وٺڻي هوندي هُئي. اسان جي دوستن جا رزلٽ ڪارڊز مختلف رنگن سان ڀريل هوندا هُئا، فيل ٿيڻ لاءِ ڳاڙهو رنگ ۽ پاس ٿيڻ لاءِ ڪارو. اها بہ مصيبت هُئي، جو امان کي اهو ڪارو رنگ ڏاڍو پسند هو ۽ اسا جا ڪارڊز سدائين ڪارا رهيا. ڪاري کان سواءِ ڪوبہ ٻيو رنگ انھن تي چِٽجي نہ سگهيو.
جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو، اسان سڀ شرمناڪيءَ جي حالتن مان گُذرندا رهياسين. سڀني ٻارن هاءِ اسڪول مان گريجوئيٽ ڪيو. امڙ اسان جي، ڪُجهہ داٻا، ڪاوڙ ۽ سختيون ڪندي رهي ۽ ڪير بہ اسڪول مان، سواءِ عزت جي، ٻيو ڪُجهہ بہ حاصل نہ ڪري سگهيو. اسان کي تہ ڪڏهن ڪنھن ڪلاس مان بہ ڪونہ ڪڍيو.
امان، ماءُ جي حيثيت سان مُڪمل ناڪام وئي. سندس چئن ٻارن مان سڀني اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. اسان مان ڪوبہ ڪڏهن گرفتار نہ ٿيو، نہ ڪا طلاق ڏنائين ۽ نہ وري زال يا مُڙس تي هٿ کنيائين. اسان مان هر هَڪ ڀاءُ وطن جي خدمت ۾ حصو ادا ڪندو رهيو. هاڻي اُن سڄي شرافت لاءِ اسان ڪنھن کي ڏوهي چئون؟! بلڪہ ٺيڪ... سڄو ڏوھہ اسان جي خودغرض ماءُ جو ئي آهي... ڏسو نہ ڪھڙيون ڪھڙيون شيون اسان نہ ڪري سگهياسين! ڪڏهن احتجاج ۾ شريڪ ٿي نہ سگهياسين، نہ ڪٿي باھہ ڏنيسين نہ ڀڃ ڊاھہ... نہ ڪا چوري نہ گوڙ، جيڪو لکين ماڻھو ڪندا آهن.
هُن اسان کي خُدا جو خوف محسوس ڪرائيندي، پرورش ڪئي ۽ ايماندار ماڻھو ٺاهيو. اُن ڳالھہ کي بُنياد بڻائيندي، مان پنھنجن ٽن ٻارڙن جي پرورش ڪري رهيو آهيان ۽ مُنھنجو قد ٿورو اوچو ٿئي پيو، ڇو جو مان بہ اُن مھل فخر محسوس ڪندو آهيان، جڏهن مُنھنجا ٻار، مون کي، خودغرض پيءُ سڏيندا آهن.
مان ڌڻيءَ جو بيحد شڪرگُذار آهيان، جنھن مون کي دُنيا جي خود غرض ترين ماءُ ڏني.

تولاءِ پيارُ سدائين آهي!

هڪ ماءُ، پنھنجي نئين ڄاول ٻار کي هنج ۾ کنيو ۽ تمام آهستڙي آهستڙي لوڏڙا ڏيندي رهي... هيڏانھن هوڏانھن... هيڏانھن هوڏانھن... ۽ اهو سڀ ڪندي هُوءَ جهونگاريندي رهي:
تولاءِ پيار سدائين آهي، تولاءِ چاھہ سدائين آهي،
مان جيسين جيئري آهيان، مون لاءِ ننڍڙو تون ئي آهين.
***

ٻار وڏو ٿيو، هُو وڏو ٿيو، وڏو ٿيو، وڏو ٿيندو رهيو.
ٻن سالن جو ٿيو تہ سڄي گهر ۾ ڊُڪون پائڻ لڳو. ڪٻٽن مان ڪتاب ڪيرائي ڇڏيندو هو، ريفريجريٽر مان کاڌو ڪڍي هيٺ اُڇلائيندو هو. ماءُ جي واچ کڻندو هو ۽ باٿ روم ۾ ڇڏي ايندو هو. ڪنھن ڪنھن مھل امڙ چوندي هُئي، ”هي مون کي چريو ڪري ڇڏيندو.“ پر جنھن مھل رات ٿيندي هُئي ۽ ٻن سالن جو ٻارڙو ننڊ جي ڪڇ ۾ هليو ويندو هو، تہ هُوءَ سندس ڪمري جو در کوليندي هُئي، فرش تي بانبڙا پائيندي ايندي هُئي ۽ کيس گهري ننڊ ۾ ڏسي، هنج ۾ کڻندي هُئي ۽ تمام آهستڙي آهستڙي لوڏڙا ڏيندي هُئي... هيڏانھن هوڏانھن.... هيڏانھن هوڏانھن ۽ اهو سڀ ڪندي جهونگاريندي هُئي:
تولاءِ پيار سدائين آهي، تولاءِ چاھہ سدائين آهي،
مان جيسين جيئري آهيان، مون لاءِ ننڍڙو تون ئي آهين.
***

ننڍڙو ٻار وڌيو، وڌيو ۽ اڃان بہ وڏو ٿيو. هاڻي هُو نَوَن سالن جو ٿيو هو. هُو رات جي ماني نہ کائڻ لاءِ ضد ڪندو هو، کيس وهنجڻ نہ وڻندو هو ۽ جڏهن ناني وٽن ايندي هُئي تہ هُو گهٽ وڌ ڳالھائيندو هو. سندس ماءُ ايڏي تہ بيوس ٿي ويندي هُئي، جو ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي هُئي تہ کيس راڻي باغ ۾ وڃي وڪڻي اچي، پر رات ٿيندي هُئي ۽ هُو سُتل هوندو هو تہ امڙ چُپ چاپ سندس ڪمري ۾ ايندي هُئي، فرش تي بانبڙا پائي. سندس ننڊ جي پَڪَ ڪندي هُئي ۽ پوءِ کيس هنج ۾ کڻي وٺندي هُئي ۽ تمام آهستڙي آهستڙي لوڏا ڏيندي هُئي. هيڏانھن هوڏانھن.... هيڏانھن هوڏانھن ۽ اهو سڀ ڪندي هُوءَ جهونگاريندي هُئي:
تولاءِ پيار سدائين آهي، تولاءِ چاھہ سدائين آهي،
مان جيسين جيئري آهيان، مون لاءِ ننڍڙو تون ئي آهين.

ٻار وڏو ٿيو، وڏو ٿيو ۽ ٿيندو رهيو. هاڻي هُو مُڇن جي ساوَڪ سان هو. سندس دوست بہ عجيب و غريب هُئا، عجيب ڪپڙا پائيندو هو ۽ الاءِ ڪھڙي موسيقي ٻُڌندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ماءُ کي لڳندو هو تہ هُوءَ ڄڻ راڻي باغ ۾ رهندي هُجي، پر رات ٿيندي هُئي تہ هُوءَ ماٺ ميٺ ۾ سندس ڪمري جو در کوليندي هُئي، بانبڙا پائي اندر ايندي هُئي. هُو سُتل هوندو تہ هيڏي ساري ڏانگهي کي، هنج ۾ کڻي وٺندي هُئي ۽ تمام آهستڙي آهستڙي لوڏا ڏيندي جهونگاريندي هُئي:
تولاءِ پيار سدائين آهي، تولاءِ چاھہ سدائين آهي،
مان جيسين جيئري آهيان، مون لاءِ ننڍڙو تون ئي آهين.
جيتوڻيڪ هاڻي کيس اُڀ ساهي بہ ٿيندي هُئي.
***

نوجوان وڏو ٿيو، وڏو ٿيندو ويو. هاڻي هُو مرد بڻجي چُڪو هو. هُن گهر ڇڏيو ۽ شھر ۾ ٻي جاءِ ورتائين، پر ڪڏهن ڪڏهن امڙ رات جو اونداهيءَ ۾، پنھنجي ڪار پاڻ ڊرائيوَ ڪري، پُٽ وٽ ايندي هُئي. جي سندس گهر جون سڀ بتيون بند هونديون هيون تہ هُوءَ دري ٽَپي ايندي هُئي. بانبڙا پائي سندس بيڊروم مان لنگهندي هُئي، هُوءَ پَڪَ ڪندي هُئي تہ هُو سُتل آهي تہ کيس هنج ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪندي هُئي، جيڪا ڪوشش کانئس مُڪمل نہ ٿيندي هُئي، پر وري بہ هُوءَ کيس لوڏڙا ڏيندي هُئي، هيڏانھن هوڏانھن... هيڏانھن هوڏانھن ۽ جهونگاريندي هُئي.
تولاءِ پيار سدائين آهي، تولاءِ چاھہ سدائين آهي،
مان جيسين جيئري آهيان، مون لاءِ ننڍڙو تون ئي آهين.
***

ماءُ هاڻي ڪُراڙي ٿي وئي هُئي. هُوءَ پوڙهي پئي ٿي، اڃان وڌيڪ پوڙهي پئي ٿي. هڪ ڏينھن هُن پُٽ کي فون ڪئي ۽ چيائين، ”مون وٽان ٿي وڃ ابا، مان ڏاڍي بيمار آهيان، پوڙهي تہ هونئن ئي آهيان“ سو پُٽ کيس ڏسڻ آيو. پھريون ڀيرو هُن امڙ کي هنج ۾ کنيو ۽ لوڏا ڏيڻ لڳو، آهستڙي آهستڙي، هيڏانھن هوڏانھن... هيڏانھن هوڏانھن ۽ سندس ڪَنن ۾ جهونگارڻ لڳو.
تولاءِ پيار سدائين آهي، تولاءِ چاھہ سدائين آهي،
مان جيسين جيئري آهيان، مون لاءِ ننڍڙو تون ئي آهين.
***

اُن رات، پُٽ پنھنجي گهر موٽيو تہ اندر بيڊ روم ڏانھن ويندي، ڏاڪڻ تي الاءِ ڪيتري دير چُپ چاپ بيٺو رهيو ۽ پوءِ هڪدم مُڙي اُن ڪمري ڏانھن ويو، جتي سندس نئين ڄاول ڌيءَ، پنھنجي پينگهي ۾ سُتل هُئي. هُن آهستي آهستي وکون کنيون، پَڪ ڪيائين تہ ننڍڙي گهري ننڊ سُتل آهي ۽ آهستي کيس هنج ۾ کڻي ورتائين ۽ لوڏا ڏيڻ لڳس. هيڏانھن هوڏانھن.... هيڏانھن هوڏانھن ۽ جهونگارڻ لڳو.
تولاءِ پيار سدائين آهي، تولاءِ چاھہ سدائين آهي،
مان جيسين جيئري آهيان، مون لاءِ ننڍڙو تون ئي آهين.
***

پريان، پُراڻي گهر ۾، سندس ماءُ جون اکيون ٻُوٽجي ويون هيون.
هوءَ جھان ڇڏي وئي هئي.

ها، مان روز مٺو ضرور کائيندس

توهان سوال ڪيو آهي تہ، ”مون کي پوڙهو ٿيڻ ڪيترو پسند آهي؟“ تہ مُنھنجي ورندي آهي تہ، ”پنھنجي حياتيءَ ۾ پھريون ڀيرو، مان اُهو شخص بڻيو آهيان، جيڪو مون بڻجڻ پئي گهريو.“
”نہ نہ... بدني لحاظ کان نہ... مون کي ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي بدن تي مايوسي ٿيندي آهي. گهنجَ، سُڄيل اکيون ۽ اُنھن جي هيٺان لڙڪندڙ چمڙي. ڪڏهن ڪڏهن تہ مان آئيني ۾ نظر ايندڙ ڪُراڙي کي ڏسي پوئتي ٿي ويندو آهيان، پر بھرحال اُنھن شين بابت مون کي ڪا گهڻي فڪرات ناهي ٿيندي. مان هاڻي اُهو بڻجي ويو آهيان، جيڪو مون بڻجڻ پئي گهريو.“
مان پنھنجن حيرت انگيز دوستن کي، پنھنجي بھترين حياتيءَ کي ۽ پنھنجي محبت ڪندڙ ڪُٽنب کي ڪارن وارن يا سِڌي پيٽَ سان مَٽائڻ نٿو گهران. مُنھنجي عُمر جيئن جيئن وڌي آهي، تيئن تيئن مان پنھنجو پاڻ تي تنقيد گهٽ ڪرڻ لڳو آهيان يا کڻي ائين چوان تہ وڌيڪ مھربان ٿي ويو آهيان. مان پنھنجو دوست پاڻ بڻجي ويو آهيان. هاڻي مان ڪنھن اضافي بسڪوٽ کائڻ تي پاڻ کي ڇنڀيندو ناهيان يا وري جي مُنھنجو بسترو فضيلت ۾ ٺھيل ناهي هوندو، تہ بہ مان ڪو گهڻو بگاڙ ناهيان ڪندو، نہ ئي وري ڪنھن اجائي شئي جي اوچتو خريد ڪرڻ کان پوءِ، اُنھيءَ جي اجائي هُئڻ تي گهڻي دير مغز ماري ڪندو آهيان. مون کي لڳندو آهي تہ مون کي وڌيڪ کائڻ، بي ترتيب رهڻ ۽ لاپرواھہ رهڻ جو پورو حق حاصل ٿي چُڪو آهي. مون پنھنجا ڪيترائي محبوب دوست، وقت کان اڳي دُنيا ڇڏيندي ڏٺا آهن ۽ هُنن اها دنيا، اُهو سڀ ڄاڻڻ کان اڳ ئي ڇڏي تہ اصل آزادي ڇا هوندي آهي، جيڪا وڌندڙ عُمر سان حاصل ٿيندي آهي.
ڪنھن جو ڇا ٿو وڃي جي مان، صبح جو چئين وڳي تائين جاڳان يا ويھي ڪتاب پڙهان ۽ ٻنپھرن تائين سُتل هُجان؟ مان سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪي جي حسين ڌُنن تي نچي بہ سگهان ٿو، تہ پنھنجي وڃايل محبت تي روئي بہ سگهان ٿو. هاڻي، هڪ ڪُراڙيءَ چمڙيءَ ۽ وڏي پيٽ سان، چڍو پائي، جڏهن مان سامونڊي لھرن سان کيڏان ٿو تہ سمارٽ نوجوانَ مون ڏي نھارين ٿا ۽ سندن اکين ۾ ڄڻ ڏُک ڀريل هُجي... چريا هِن... ڇا هُو مون وانگر پوڙها ڪونہ ٿيندا؟ ڇا سندن پيٽَ ڪونہ نڪرندا؟
مان ڄاڻان ٿو تہ ڪنھن ڪنھن مھل مان ويسارو بڻجي ٿو وڃان پر وري بہ، اهو تہ سوچيو نہ، تہ زندگيءَ ۾ ڀلا سڀ ڪُجهہ ياد رکڻ ضروري هوندو آهي ڇا؟ بس اهم اهم ڳالھيون ياد هُجن، ٻيو سڀ خير آهي. ها، سالن جا سال گُذاريندي، مُنھنجي دل الاهِي ڀيرا ٽُٽي آهي. دِل ڪيئن نہ ٽُٽندي سائين! جي اوهان ڪو پنھنجو پيارو وڃايو، يا ڪنھن ٻار کي ڪا بيماري هُجي يا اوهان جي پالتو جانور کي ڪنھن گاڏيءَ ڌَڪيو هُجي... دل ڪيئن نہ ٽُٽندي يارَ!؟ پر ڀڳل دليون ئي تہ اهڙيون هونديون آهن، جيڪي اسان کي سمجهہ، همٿ ۽ حوصلو ڏينديون آهن، جيڪا دل ٽُٽي نٿي سگهي، تنھن کي ڪڏهن بہ اها خبر پئجي نہ سگهندي تہ درد ڇا هوندو آهي يا نقص جو ڪھڙو ڪمال هوندو آهي.
مان ڪيڏو نہ احسانمند آهيان، جو ايترو جِيئو آهيان، جو مُنھنجا ڪارا وار اڇن ۾ تبديل ٿيا آهن ۽ مُنھنجي جوانيءَ جا ٽھڪ، مُنھنجي مُنھن تي ٺھيل لڪيرن ۾ ڀرجي ويا آهن. الاءِ ڪيترا ماڻھو ڪڏهن نہ کِلي سگهيا يا وري ڪڏهن ايترو نہ کِلي سگهيا، جيترو مان کِليو آهيان ۽ الاءِ ڪيترا تہ ڪارن وارن ۾ ئي جھان ڇڏي ويا، کين اُهي اڇا ڪرڻ جي مھلت ئي نہ ملي.
مان ’نه‘ چئي سگهان ٿو ۽ اُن جو چوڻ سمجهان ٿو. مان ’ها‘ بہ چئي سگهان ٿو ۽ اُن جو بہ چوڻ سمجهان ٿو. توهان جيئن جيئن پوڙها ٿيندا ويندا آهيو، تيئن تيئن مثبت ٿيندا آهيو. توهان ٻين ماڻھن جي، پاڻ بابت سوچ جي پرواھہ بہ ناهيو ڪندا. مان پنھنجو پاڻ کان هاڻي گهٽ سوال ڪندو آهيان، مون کي تہ هاڻي غلط ٿيڻ جو حق بہ حاصل ٿي چُڪو آهي، سو هاڻي، اوهان جي سوال جي جواب ۾، ”ها، مون کي ڪُراڙو ٿيڻ وڻي ٿو. اُنھيءَ مون کي آزادي ڏني آهي، مان جيڪي بڻيو آهيان، سو مون کي پسند آهي.“
مان سدائين جيئڻ وارو تہ ناهيان. پر جيستائين هِتي آهيان تہ ڪڏهن بہ اِن سوچ ۾ پنھنجو وقت نہ وڃائيندس تہ مان ڇا ڇا ڪري پئي سگهيس يا وري اها فڪرات ويھي ڪريان تہ مان ڇا ڇا هٿِ ڪري پئي سگهيس.
ها، مان روز مِٺو ضرور کائيندس.

شاءِ

معذور ٻارن جي سِکيا جي هڪ مرڪز ۾ هڪ رات جو چندي گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ تقريب ٿي رهي هُئي، جنھن ۾ هڪ خاص ٻار جي پيءَ جيڪا تقرير ڪئي، سا ٻُڌندڙَ سڄي عُمر وساري نٿا سگهن.
اسڪول جي محبت ڪندڙ عملي ۽ عظيم الشان ڪارڪردگيءَ کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ کان پوءِ هن پڇيو، ”جي ٻاهرئين اثر جي دخل اندازي نہ وٺي تہ قدرت هر شئي باڪمال نموني سان ڪري ٿي، مُنھنجو پُٽ شاءِ، ٻين ٻارن وانگر هر شئي سکي نہ سگهندو هو. کيس ٻين ٻارن وانگر شين جي سمجهہ نہ ايندي هُئي، مُنھنجي ٻار ۾ قدرت پاران ترتيب ڪٿي هُئي!“ هن ڳالھہ جاري رکي، ”مان سمجهان ٿو تہ جي ڪو ٻار، مُنھنجي شاءِ جيان هجي ۽ جسماني ۽ ذهني حوالي سان معذور بڻجي هن دنيا ۾ اچي، تہ اصلي انسانيت کي پيش ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو ڄڻ هٿ اچي وڃي ٿو ۽ اهو موقعو خاص ان مھل سامھون اچي ٿو، جڏهن ٻيا ماڻھو ان خاص ٻار سان پنھنجي سلوڪ جو اظھار ڪن.“
هن ڪُجهہ لمحا سڀني ڏانھن نھاريو ۽ پوءِ هيءَ ڪھاڻي ٻُڌايائين:
”شاءِ ۽ سندس پيءُ هڪ باغ وٽان لنگهيا، جتي شاءِ جا ڪُجهہ ڄاتل سُڃاتل ڇوڪرا، بيس بال راند کيڏي رهيا هُئا. شاءِ پُڇيو، ”بابا... ڇا تون سمجهين ٿو تہ هُو مون کي پاڻ سان کيڏڻ ڏيندا؟“ شاءِ جي پيءُ کي خبر هُئي تہ سڀني ٻارن کي خبر آهي تہ شاءِ هڪ خاص ٻار آهي ۽ انھن مان گهڻا، کيس پاڻ سان گڏ هرگز بہ کيڏڻ ڪونہ ڏيندا، پر اتي هن اهو بہ ڄاتو پئي تہ جي سندس پُٽ کي کيڏڻ لاءِ هڪ موقعو مليو تہ سندس اعتماد وڌي ويندو ۽ هُو پنھنجائپ محسوس ڪندو ۽ کيس اهو احساس ٿيندو تہ معذوريءَ جي باوجود، هُو پنھنجن دوستن وٽ قابلِ قبول آهي.
جيتوڻيڪ کيس گهڻي اميد ڪونہ هُئي، پر تہ بہ شاءِ جي پيءُ، گرائونڊ ۾ موجود هڪ رانديگر سان ڳالھائڻ لاءِ اڳتي وڌيو تہ ڇا شاءِ کيڏي سگهي ٿو؟
ڇوڪري هيڏانھن هوڏانھن ڄڻ صلاح خاطر نھاريو ۽ پوءِ چيائين، ”اسين ڇھن رنسن تان هارايون پيا ۽ راند پنھنجي اٺين واريءَ ۾ آهي، مُنھنجي خيال ۾ هُو اسان جي ٽيم ۾ شامل ٿي سگهي ٿو ۽ اسين ڪوشش ڪنداسين تہ نائين واريءَ ۾ کيس بيٽنگ لاءِ موڪلي سگهون.“
شاءِ، ٽيم جي شرٽ پائي، هڪ وڏي آسودي مُرڪ سان ٽيم لاءِ ٺھيل بئنچن تي ويھي رهيو. پيءُ اکين ۾ لڙڪ ۽ دل ۾ محبت سموئي پريان کيس ڏسندو رهيو. پُٽ کي بہ پيءَ جي اها خوشي سمجهہ ۾ آئي پئي، تہ هُو کيڏڻ لاءِ قبوليو ويو هو.
اٺين واري جي پڄاڻيءَ ۾ شاءِ جي ٽيم ڪُجهہ رنسون ٺاهيون، پر وري بہ ٽن رنسن جي کوٽ هُئي. نائين واري جي وچ ۾ شاءِ گِلَوز پاتا ۽ ميدان ۾ لٿو. جيتوڻيڪ هُو پريان بيٺل هو ۽ ڪابہ شاٽَ سندس حصي ۾ نہ پئي آئي، پر اتي بيھڻ لاءِ سندس اتساھہ بہ ڏسڻ وٽان هو. کيس ڄڻ پڪ ئي نہ پئي ٿئي تہ هُو ڪو گرائونڊ ۾ ٻين ساڻ بيھي سگهي ٿو. پريان سندس پيءُ جي هٿن جا لوڏا تيز تر هُئا، نائين واريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ شاءِ جي ٽيم وري اسڪور ڪيو، هاڻي ٻہ آئوٽ ۽ چانس ساڻ، شاءِ کي ئي اڳلي شاٽ کيڏڻي هُئي. هن جو وارو اچي ويو هو.
هاڻي عجيب حالت هُئي! ڇا هُو شاءِ کي بيٽنگ ڪرڻ ڏين ها ۽ پنھنجي کٽڻ جو موقعو هٿان وڃائين ها! حيرت انگيز نموني هنن شاءِ کي بيٽ ڏني. هر ڪنھن کي خبر هُئي تہ صرف هڪ ڌڪ جي ضرورت هُئي. جيڪو شاءِ لاءِ جھڙوڪر ناممڪن هو. کيس تہ اها بہ خبر نہ هُئي تہ بيٽ ڪيئن جهلبي آهي، بال کي ڌڪ هڻي، پري اڇلائڻ تہ اڃان بہ پري جي ڳالھہ هُئي.
بھرحال، شاءِ مرڪز تي پير رکيو. بالر، اهو ڄاڻندي تہ اڳلي ٽيم رڳو شاءِ جي همٿ وڌائڻ لاءِ پنھنجي جيت تان هٿ کنيو آ، ڪُجهہ وکون کنيون ۽ آهستڙي بال، شاءِ ڏانھن اڇلايائين تہ جيئن هُو بيٽ بال کي هڻي سگهي، پھريون بال آيو، شاءِ ڪوشش ڪئي پر گُسي ويو. بال اڇلائيندڙ پِچَر، وري ڪُجهہ قدم کنيا ۽ آهستڙي سان بال شاءِ ڏي اڇلايائين، هن واري شاءِ بيٽ سان ڌڪ هنيو هو، شاٽ زوردار نہ هُئي. بال، واپس پچر يعني بالر ڏانھن سڌو ويو راند بس جھڙي ختم هُئي. بالر لاءِ ڏاڍو سولو هو تہ هُو بال کي هٿ سان روڪي ها ۽ پھرئين بيس مئن ڏانھن اڇلائي ها تہ جيئن شاءِ رن آئوٽ ٿئي ۽ مقابلو ختم ٿي وڃي. ان جي ابتڙ، پِچَر، اهو بال، پھرئين بيس مئن جي مٿن کان پريان اڇلائي ڇڏيو تہ جيئن سندس ڪوبہ رانديگر ان کي پھچي نہ سگهي. هاڻي ويٺلن ۽ ٻنھين ٽيمن جي رانديگرن، رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. ”شاءِ... پھرئين ڏانھن ڊوڙ.... پھرئين ڏانھن ڊوڙ...“ پنھنجي حياتيءَ ۾ شاءِ ڪڏهن بہ ايڏو ڪونہ ڊُڪيو هو، پر بھرحال هن پھرئين بيس تائين ڊوڙي ورتو، سندس ساھہ ڀرجي ويو هو. هر ڪنھن هاڻي رڙيون پڻ ڪيون، ”ٻئين ڏانھن ڊوڙ.... ٻئين ڏانھن ڊوڙ...“ پنھنجو ساھہ سنڀاليندي شاءِ، ٻئين بيس ڏانھن ڀڳو، هُو ٻئين بيس تائين پھچڻ وارو ئي هو تہ صحيح فيلڊر وٽ بال پھچي چُڪو هو. اهو ننڍڙي قد جو ڇوڪرو هو، جنھن وٽ حياتيءَ ۾ پھريون ڀيرو اهو موقعو آيو هو تہ هُو شاءِ کي رن آئوٽ ڪري، پنھنجي ٽيم کي کٽرائي ۽ هيرو بڻجي، پر هن بہ شايد پچر جي ذهني اُڏام ۽ موقعو سمجهي ورتو هو. هن بہ ٽئين بيس مئين جي مٿن کان بال پريان اڇلائي ڇڏيو تہ جيئن اهو بہ ڪئچ نہ ڪري سگهي ۽ شاءِ آئوٽ نہ ٿئي. هاڻي، سھڪندو سھڪندو شاءِ، حدف ڏانھن وڌي رهيو هو، چئن ئي پاسي رڙيون هيون، ”شاءِ.... شاءِ... پورو ڪر... پورو ڪر...“
هُو ٽئين بيس تي پھتو، جتي هن کي وڪڙ وٺي، آخر ڏانھن اچڻو هو، اتي بيٺل مخالف رانديگر، رڙ ڪئي، ”شاءِ... ٽئين ڏانھن ڊوڙ... ٽئين ڏانھن ڊوڙ....“
جيئن هُو ٽئين ڏانھن ڀڳو تہ ٻنھين ٽيمن جا رانديگر، سڀ تماشائي پنھنجي پيرن تي بيٺا هُئا ۽ رڙيون ڪري رهيا هُئا، ”شاءِ، ڪري وٺ.... شاءِ... کٽي وٺ....“ شاءِ حدف تي پھتو. پير رکيائين تہ گوڙ مچي ويو. سڀ ڀڳا ۽ پنھنجي هيرو کي ڪُلھن تي کڻي ورتائون. آخر هُن پنھنجي ٽيم کي مئچ کٽرائي هُئي.“
”اُن ڏينھن“ ڳلن تي ڳڙندڙ ڳوڙهن کي محسوس ڪندي، پيءُ ڳالھہ جاري رکي، ”ٻنھين ٽيمن جي رانديگرن هن دنيا کي سچي محبت ۽ خلوص جو هڪ اعليٰ مثال ڏيکاري ڇڏيو. هنن ڏيکاريو تہ محبت ڇا هوندي آهي ۽ اها ڪيئن ڏئي سگهجي ٿي.“
شاءِ، ٻئين اونھاري تائين نہ رهي سگهيو، هن اُن ئي سياري ۾ وفات ڪئي. هاڻي هُو هڪ يادگار هيرو بڻجي ويو هو. جنھن پنھنجي پيءُ کي ايڏي وڏي خوشي ڏني هُئي ۽ جنھن مھل هُو فاتح بڻجي، گهر موٽيو هو تہ سندس ماءُ جا ڀاڪر ۽ ڳوڙها بہ ڏسڻ وٽان هُئا.
اهو سڀ محبت جو اعجاز هو. محبت، جيڪا ڪجهہ بہ ڪري سگهي ٿي ۽ ڪير بہ ڪري سگهي ٿو.

”توهان مون لاءِ ڇا آهيو!“ وڏو فرق آڻي ٿو!

نيويارڪ جي هڪ ماسترياڻيءَ، هاءِ اسڪول جي سينيئر شاگردن کي، حياتيءَ جا گُرَ پئي سيکاريا. اهو هُنن جو اسڪول ۾ آخري سال هو ۽ سِکيا بنھہ ضروري هُئي.
هن هر هڪ کي پاڻ وٽ اڳيان سڏيو. پھرين هن هر ڪنھن کي اهو ٻُڌايو تہ هُو، پنھنجي استاد لاءِ ۽ سڄي ڪلاس لاءِ ڇا هو ۽ هن سڄي ماحول ۾ ڪھڙي انفراديت پئي رکي، تنھن کان پوءِ هُن هر هڪ کي آسماني رنگ جي هڪ پٽي ڏني، جنھن تي سونهري اکرن سان لکيل هو، ’مان ڪير آهيان، فرق آڻي ٿو.‘ تنھن کان پوءِ، ٽيچر سڄي ڪلاس کي هڪ پروجيڪٽ ڏنو تہ ڏسجي تہ سڄي معاشري تي سڃاڻپ جي هن انداز جو ڪھڙو فرق پوي ٿو. هر هڪ شاگرد کي ٽَي ٽَي اضافي ربنون ڏنائين ۽ هدايت ڪيائين تہ اهي معاشري ۾ وڃن ۽ حياتيءَ جي هن رُخ جي پکيڙ ڪن. کين ان وجود کي اها ربن پارائڻي هُئي، جنھن سندن حياتيءَ ۾ فرق آندو هُجي ۽ پارائڻ کان پوءِ انھيءَ کي ئي ٻہ ربنون بہ ڏيڻيون هيون تہ اُهو، ڪنھن کي ٿو پارائڻ گهري. سڀني ربنن جو تفصيل گڏ ڪرڻو هو ۽ پوءِ آخر ۾ نتيجو ٺاهڻو هو. ان سڄي ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ مڪمل هفتو ڏنو ويو هو.
ڪلاس جو هڪڙو ڇوڪرو، پاسي واري ڪمپنيءَ جي هڪ جونيئر ڪارڪن کي اها ربن ڏيڻ ويو، ڇاڪاڻ تہ ان ڪارڪنَ، سندس ڪيريئر جي منصوبہ بنديءَ ۾ وڏي مدد ڪئي هُئي. تعليمي لحاظ کان مددگار رهيو هو ۽ سندس ڪوششن واقعي بہ هن شاگرد جي حياتيءَ ۾ معياري فرق آندو هو.
ڇوڪري، ورڪر جي شرٽ تي آسماني ربن لڳائي ۽ پوءِ ٻہ ٻيون ربنون ڏيندي چيائين، ”اسين مڃتا جي حوالي سان هي پروجيڪٽ ڪري رهيا آهيون، چاهينداسين تہ توهان بہ حصو بڻجي وڃو ۽ وڃي ڪنھن اهڙي ماڻھوءَ کي اها ربن ڏيو، جنھن کي اوهان مڃتا لائق سمجهو ٿا ۽ پوءِ اضافي ربن کيس ڏئي ٻُڌايوس تہ کيس بہ اها ربن، ڪنھن اهڙي ماڻھوءَ کي پارائڻي آهي، جيڪو وٽس مڃتا لائق آهي، مھرباني ڪري اهو سڀ نوٽ ڪري مون تائين واپس پڄائجو تہ جيئن خبر پئي تہ اهي ربنون ڪيترو ۽ ڪھڙو سفر طئه ڪن ٿيون.“
ان شام جو، ڪمپنيءَ جي ان جونيئر ورڪر کي پنھنجي باس وٽ وڃڻو هو، جنھن لاءِ مشھور هو تہ مددگار، نيڪ دل ۽ بھترين انسان آهي. ورڪر، باس کان ڪُجهہ گهڙيون گهريون، کيس ٻُڌايائين تہ هُو سندس حياتيءَ ۾ ڪيترو نہ مددگار ۽ اهم رهيو آهي. باس تہ حيران ٿي ويو، ورڪر عرض ڪيس تہ ڇا هُو آسماني رنگ جي ربن، قبول ڪندو ۽ ڇا هُو کيس اجازت ڏيندو تہ اها سندس شرٽ تي لڳائي وڃي؟ حيران باس چيو، ”ضرور... ڇو نہ...“
ورڪر، ربن، صاحب جي سيني جي کاٻي پاسي، شرٽ تي لڳائي، بلڪل سندس دل جي مٿان... ۽ کيس آخري آسماني ربن ڏيندي چيائين، ”سر، ڇا توهان مون تي مھرباني ڪندؤ ۽ هي ربن قبول ڪري، ڪنھن اهڙي ماڻھوءَ جي شرٽ تي لڳائيندؤ، جيڪو اوهان وٽ ان اعزاز جي لائق آهي؟ هڪ نوجوان اسڪولي شاگرد مون کي هي ربنز ڏئي ويو آهي، جيڪو عمل اسڪول جي هڪ پراجيڪٽ جو حصو آهي ۽ اسين سڀ هن مڃتا ڏيڻ جي عمل کي جاري رکڻ ٿا گهرون ۽ اهو ڏسڻ ٿا گهرون تہ اهو عمل ڪھڙي نموني ماڻھن تي اثر انداز ٿئي ٿو.“
ان رات، ڪمپنيءَ جو اهو صاحب، گهر موٽيو تہ پنھنجي 14 سالن جي ڄمار واري پُٽ کي ويھاري چيائين، ”اڄ مون سان هڪ حيرتناڪ عمل ٿيو آهي، مان پنھنجي آفيس ۾ ويٺو هُئس ۽ مُنھنجو هڪ جونيئر ماتحت، ميٽنگ لاءِ آيو. ٻڌايائين تہ هُو سدائين مُنھنجي ساراھہ ڪندو آهي. مون کي مڃيندو آهي ۽ هڪ زبردست ماڻھوءَ جي حيثيت سان مڃيندي، هن مون کي هي آسماني ربن ڏني، ٿورو سوچ ته... هُو مون کي زبردست ۽ ذهين ۽ الاءِ ڇا ڇا پيو سڏي... تنھن کان پوءِ اها ربن مُنھنجي شرٽ تي لڳايائين، جنھن تي لکيل آهي، ’مان ڪير آهيان، فرق آڻي ٿو‘ دل جي بلڪل مٿان لڳائي هن مون کي هڪ اضافي ربن ڏني تہ مان اها ڳولي ڳولي ڪنھن اهڙي ماڻھوءَ کي مڃتا طور ڏيان، جيڪو مون لاءِ بيحد اهم آهي.“
”مان جيئن گاڏي هلائيندو گهر پئي آيس تہ مون سوچڻ شروع ڪيو تہ آسماني ربن جو اهو اعزاز مون کي ڪنھن کي ڏيڻ گهرجي ۽ هڪدم مون کي تنھنجو خيال اچي ويو، مان توکي اهو اعزاز ڏيڻ ٿو گهران. مُنھنجو ڪم ڏاڍي مصروفيت وارو آهي ۽ جڏهن مان ٿڪجي ٽُٽجي گهر اچان ٿو تہ توکي بلڪل بہ ڌيان نٿو ڏيان. ڪڏهن ڪڏهن تُنھنجي اسڪول جي سٺن گريڊن نہ اچڻ تي يا تُنھنجي ڪمري جي بي ترتيبيءَ تي مان توکي دڙڪا بہ ڏيندو آهيان، پر بھرحال اڄ رات مون اهو چاهيو پئي تہ توکي پنھنجي ڀر ۾ ويھاريان ۽ توکي ٻُڌايان تہ تون مون لاءِ ڪيترو نہ اهم آهين ۽ مون لاءِ ٻين شين جي مقابلي ۾ ڪيترو نہ فرق ٿو رکين. تُنھنجي ماءُ کان سواءِ تون ئي مُنھنجي حياتيءَ جي اهم ترين هستي آهين، تون هڪ زبردست ٻار آهين ۽ مان توسان شديد پيار ڪيان ٿو.“
حيران ٻار روئڻ شروع ڪيو ۽ سندس ڳوڙها نہ پيا بيھن، سندس سڄو جسم ڏڪي پيو، هن پنھنجي پيءُ کي ڏٺو ۽ سُڏڪندي چيائين، ”مان سڀاڻي خودڪشي ڪري پاڻ کي مارڻ وارو هُئس بابا، ڇاڪاڻ تہ مون کي لڳندو هو تہ اوهان مون سان بلڪل بہ پيار نٿا ڪريو، پر هاڻي مون کي ائين ڪرڻ جي ڪابہ ضرورت ڪونھي.“

پُٽُ ڪنھن کي کپي؟

ورهيہ گذريا، هڪ امير ماڻھو پنھنجي محبوب پُٽ ساڻ حياتي گذاريندو هو. ٻنھي ڄڻن کي هڪڙو گڏيل شوق هوندو هو، تہ هُو آرٽ ۽ ثقافت جون مختلف شيون گڏ ڪن. هنن گڏجي سڄيءَ دنيا جو سئر ڪيو هو ۽ چُونڊي چُونڊي املھہ ماڻڪ هٿ ڪيا هئائون. سندن اباڻي محلات ۾ جڏهن بہ ڪير ايندو هيو تہ ڀتين تي لڳل شاهڪار سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪيندا هئا. ان شخص جي گهر واري ڪڏهوڪو گذاري وئي هئي ۽ هاڻي هي ٻئي پيءُ پُٽ هڪٻئي کي ڏسي جيئندا هئا. ڪراڙي کي اها مسرت حاصل هئي تہ سندس پُٽ شهپارن چُونڊڻ ۾ خاص ذوق رکي ٿو. جڏهن تہ پُٽ جي تربيت ورتل اکين ۾ سدائين واپار، شين جي اگهہ ۽ قيمتن جي حيثيت جو رنگُ سمايل هوندو هو.
سيارو آيو تہ ملڪ تي جنگ مڙهجي آئي. نوجوان کي محاذ تي وڃڻو پيو ۽ ڪجهہ هفتن کان پوءِ ڪراڙي کي هڪ تار ملي تہ سندس پُٽ غائب ٿي ويو آهي. ڪراڙو پيءُ وڌيڪ خبرن لاءِ انتظار ڪندو رهيو ۽ کيس اهو خوف ورائي ويو تہ هاڻي هُو پنھنجي پُٽ کي ڪڏهن بہ ڏسي ڪونہ سگهندو. ڪجهہ ئي ڏينھن ۾ سندس خوف يقين ۾ مَٽجي ويو. پنھنجي هڪ ساٿي سپاهيءَ کي بچائيندي، هُن جو پُٽ مري چڪو هو. اداس ۽ اڪيلي پيءُ ڏک ۾ گهڙيون گهارڻ شروع ڪيون.
خوشين جا اهي لمحا جيڪي اڳ هوندا هيا، هاڻي نہ رهيا. عيد جي هڪ ڏينھن صبح جي ويل سندس در تي ٺڙڪو ٿيو. جنھن مھل هُو در ڏانھن وڃي رهيو هو تہ سامھون لڳل هڪ شاهڪار تصوير کيس ياد ڏياريو تہ سندس پُٽ گهر نہ پيو اچي. هُن در کوليو ۽ ڏٺائين تہ هڪ سپاهي پنھنجن هٿن ۾ هڪ وڏو دٻو کنيو بيٺو آهي.
سپاهيءَ ڪراڙي سان پنھنجو تعارف ڪرائيندي چيو، ”مان اوهان جي پُٽ جو دوست آهيان ۽ اهو ئي ماڻھو آهيان جنھن کي بچائيندي هن جان ڏني. ڇا مان ڪجهہ لمحن لاءِ اندر اچي سگهان ٿو؟ مون کي اوهان کي ڪجهہ ڏيکارڻُو آهي.“
جڏهن ٻنھي پاڻ ۾ ڪچھري شروع ڪئي تہ سپاهيءَ کيس ٻُڌايو، تہ ڪيئن نہ سندس پُٽ آرٽ ۽ ثقافت سان پنھنجي پيءَ جي محبت کي دوستن ۾ بيان ڪندو هو. ”مان پاڻ بہ هڪ آرٽسٽ آهيان“ سپاهيءَ چيو، ”۽ توهان کي هي تحفو ڏيڻ ٿو گهران.“
ڪراڙي جيئن ئي تحفي تان ڪاغذ پري ڪيا تہ ڏٺائين تہ اها سندس پُٽ جي تصوير هئي. جيتوڻيڪ ڪنھن وڏي مصور جو ڪم نہ هو، پر وري بہ ڇوڪري جا نقش چِٽا هئا.
پنھنجي جذبن کي قابوءَ ۾ رکندي، ڪراڙي، سپاهيءَ جا ٿورا مڃيا ۽ ساڻس واعدو ڪيو تہ تصوير کي آتشدان جي مٿان ٽنگيندو. سپاهيءَ جي وڃڻ کان ڪجهہ ڪلاڪ پوءِ ڪراڙي پنھنجو ڪم پورو ڪيو ۽ لکين ڊالر مھانگين تصويرن کي سِرڪائي وچ ۾ اها عام رواجي تصوير ٽنگي وئي. هاڻي روز هُو ان تصوير جي سامھون اچي ويھندو هو ۽ کيس لڳندو هو تہ ڄڻ سندس پُٽ هزارين ماڻھن جون حياتيون بچايون هجن. آهستي آهستي کيس ٻين هنڌن تان بہ سندس پُٽ جي بھادريءَ جا قصا معلوم ٿيا ۽ سندس پُٽ جي تصوير ڄڻ تہ هُن لاءِ املھہ خزانو بڻجي وئي.
هُن پنھنجي پاڙي وارن کي ٻُڌايو تہ اهو سڀ کان اهم تحفو آهي. بھار آئي تہ هُو بيمار ٿيو ۽ گذاري ويو. پويان سندس شاهڪارن جو خزانو رهجي ويو. سنڀاليندڙن اهو فيصلو ڪيو تہ سندس ميڙي چُونڊيءَ کي نيلام ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ عيد جي ڏينھن کي چُونڊيو ويو. آخر اهو ڏينھن بہ آيو، جنھن ڏينھن وڏا وڏا شوقين ان خزاني کي هٿ ڪرڻ لاءِ دولتن جا انبار کڻي آيا. نيلام هڪ تصوير سان شروع ٿيو، جنھن جو نالو فھرست ۾ شامل نہ هيو. اها تصوير ڪراڙي جي پُٽ جي هئي. نيلام ڪندڙ شروعاتي ٻولي لڳائڻ لاءِ سڏ ڪيو، پر چوطرف ماٺ هئي. ”سئو ڊالرن سان ٻولي ڪير شروع ڪندو؟“ هن زور سان پڇيو، پر ڪٿان بہ ڪو جواب ڪونہ آيو.
پويان ڪٿان ڪنھن چيو، ”هن تصوير جي ڪنھن کي ضرورت آهي. هي تہ رڳو هن جي پُٽ جي تصوير آهي. انھي کي ڇڏيو ۽ چڱين شين جو نيلام شروع ڪيو.“ ان آواز ۾ ڪيترا ٻيا آواز بہ شامل ٿي ويا، پر نيلام ڪندڙ زور سان چيو، ”نہ... اسان کي پھرين هيءَ تصوير ئي وڪڻڻي آهي. هاڻي ٻُڌايو تہ پُٽ ڪنھن کي کپي؟“
آخرڪار، ڪراڙي جي هڪ پراڻي دوست چيو، ”اها تصوير ڏهن ڊالرن ۾ ملي سگهندي؟ مون وٽ تہ بس ايترا ئي پئسا آهن.“
”ڪو ان کان مٿي ٻولي هڻندو؟“ نيلامي ڪندڙ پڇيو.
ڪجهہ دير جي ماٺ کان پوءِ هُن چيو، ”هڪ، ٻہ... وڪجي وئي.“
سڄو ڪمرو آوازن سان ڀرجي ويو. ڪٿان ڪنھن چيو، ”جان ڇُٽي، هاڻي پاڻ قيمتي شين جي نيلامي ڪري سگهون ٿا.“
نيلام ڪندڙ حاضرين ڏي نھاريو ۽ ٻُڌايائين تہ نيلامي ختم ٿي چڪي آهي. سڄي ڪمري ۾ ڄڻ تہ بي اعتباري ۽ حيراني ڀرجي وئي. ڪنھن ڳالھايو ۽ پڇيائين، ”ڇا مطلب آ تہ نيلامي ختم ٿي وئي؟! اسين هتي ڪنھن ڪراڙي جي پُٽ جي تصوير وٺڻ ڪونہ آيا هئاسين. ٻين شاهڪارن بابت ڇا خيال آهي... هتي تہ ڪروڙين روپين جون قيمتي شيون پيل آهن. اسان کي وضاحت ڏني وڃي.“
نيلامي ڪندڙ وراڻيو، ”ڳالھہ بلڪل سادي آهي. پيءَ جي وصيَت موجب جيڪو پُٽ کڻندو، تنھن کي سڀ ڪجهہ ملندو.“
ان ڏينھن کان ئي اهو نياپو اڃا تائين حيات آهي، اهو هڪ محبت ڪندڙ پيءَ جو اهڃاڻ آهي. اُهو پيءُ جنھن جي پُٽ ٻين مٿان پنھنجي جان گهوري هئي.

محبت جي سِڪن جو آواز ڪڏهن ٻُڌو ٿوَ؟

مون کي جيستائين ياد اچي ٿو، آچار جي اُها خالي شيشي، مُنھنجي مائٽن جي بئڊروم ۾ ڪپڙن جي الماريءَ پاسي رکيل هوندي هُئي. بابا جڏهن بہ سمھڻ جي تياري ڪندو هو تہ پنھنجن ڪپڙن جا کيسا خالي ڪندو هو ۽ سِڪن کي ان خالي بوتل ۾ وجهي ڇڏيندو هو.
بوتل ۾ سِڪن جي ڪرڻ مھل پيدا ٿيندڙ آواز مون کي سدائين موهيندا هُئا. بوتل خالي هوندي هُئي تہ آواز ڄڻ موسيقيءَ سان ڀرپور هوندا هُئا. جيئن جيئن بوتل ڀرجندي ويندي هُئي، تيئن تيئن آواز مَٽبو ويندو هو ۽ آخرڪار اهو هڪ ٿُلھو، بي ڊولو ۽ گهٽ ٻُڌجندڙ آواز بڻجندو هو. صبح جو جڏهن دريءَ مان سج جا ڪرڻا، ان خالي ميز تي پوندا هُئا، جيڪا ڪپڙن جي ڪٻاٽ جي ڀرسان رکيل هُئي ۽ جنھن تي اها بوتل سِڪن کي سنڀالي ويٺي هوندي هُئي، تہ مان انھن چلڪندڙ سڪن ۾، سج جي ترورن کي ڏسي حيران ٿي ويندو هُئس. لڳندو هو تہ ڄڻ ڪنھن جھازي، بحري قزاق، وڏو ڪو خزانو ميڙي رکيو هُجي.
جڏهن بوتل ڀرجي ويندي هُئي تہ بابا رڌڻي ۾ ويھي، بينڪ وڃڻ کان پھرين، سڪن کي ڦيرائيندو هو ۽ پوءِ ڳڻيندو هو. بئنڪ ڏي سڪا کڻي وڃڻ بہ هڪ عجيب جھان هو. هڪ خوبصورت پاٺي جي دٻي ۾ سھڻي سٽاءَ سان انھن کي رکي، بابا سدائين پراڻي ٽرڪ جي سيٽ تي ويھندي، اهو پاٺي جو دٻو پنھنجي ۽ مُنھنجي وچ ۾ رکندو هو. هر واري جڏهن اسان بينڪ ڏانھن ويندا هُئاسين تہ بابا، پُراميد نگاهن سان مون ڏانھن نھاري چوندو هو. ”اهي سڪا، توکي ڪپڙي جي مل ۾ ڪم ڪرڻ کان سدائين بچائيندا مُنھنجا پُٽَ، تون مون کان چڱي حال ۾ جيئندين، هي پراڻيءَ مل وارو شھر توکي ڪڏهن بہ پاڻ وٽ رهڻ لاءِ مجبور نہ ڪندو.“ تنھن کان سواءِ هر ڀيري، جڏهن هُو سڪن وارو اهو دٻو، بئنڪ جي ڪيشيئر ڏانھن سرڪائيندو هو تہ چوندو هو. ”هي مُنھنجي پُٽ جي ڪاليج ۾ خرچ ڪرڻ لاءِ بچايل آهن، هُو سڄي عُمر مون وانگر مل مزوري ڪونہ ڪندو.“
اسين هر واري، پئسن جمع ڪرائڻ جي جشن کي آئسڪريم کائڻ سان ملھائيندا هُئاسين. مان سدائين چاڪليٽ ۽ بابا ونيلا آئسڪريم کائيندا هُئاسين. جڏهن آئسڪريم وارو، پئسا ڪٽي بچيل ريزگاري بابا کي ڏيندو هو تہ هُو پنھنجي مٺ تريءَ ۾ ڦاٿل سِڪا مون کي ڏيکاريندي چوندو هو، ”گهر پڄندي ئي اسين برنيءَ کي وري ڀرڻ شروع ڪنداسين.“
هُو سدائين بوتل ۾ پھريون سڪو ڪيرائڻ جو موقعو مون کي ئي ڏيندو هو، جڏهن اهو بوتل جي ترَي ۾ ڪرندي جِهڻ جِهڻ ڪندو هو تہ اسين ان مختصر عرصي ۾ هڪٻئي ڏانھن نھاريندا هُئاسين. ”تون هنن آڌين، رپين، سِڪن تي ئي سھي، پر ڪاليج ضرور پھچندين... ڏسجانءِ، مان اهو ڪري وٺندس.“
ڏينھن لنگهي ويا. مون ڪاليج پاس ڪيو ۽ ٻئي شھر ۾ نوڪريءَ تي لڳي ويس، هڪ ڏينھن بابا وارن وٽ گهمڻ آيس تہ ڏٺم تہ سندس بئڊروم مان آچار جي برني غائب هُئي. ان شايد پنھنجو مقصد پورو ڪيو هو ۽ هاڻي اتان هٽائي وئي هُئي. جنھن جاءِ تي اها رکيل هوندي هُئي ان کي خالي ڏسي مُنھنجي نڙيءَ ۾ ڄڻ ڪُجهہ اٽڪڻ لڳو. مُنھنجو پيءُ گهٽ ڳالھائُو هو. هن ڪڏهن بہ مون کي مستقل مزاجيءَ ۽ يقينيءَ بابت ڪا نصيحت ڪانہ ڪئي هُئي. اهو سڀ تہ مون کي ان خالي برنيءَ مان مليو هو، جيڪي ڪُجهہ گُلن جھڙا لفظ بہ نہ سمجهائي سگهن ها.
جڏهن مُنھنجي شادي ٿي تہ مون پنھنجي زال سوزن کي پنھنجي حياتيءَ ۾ ادا ڪيل، آچار جي برنيءَ جي اهم ڪردار بابت تفصيل سان ٻُڌايو، مُنھنجي دماغ ۾ ان جي ساراھہ سڀني کان اتم هُئي ۽ مون کي خبر نہ هُئي تہ بابا ان سان ڪيترو پيار ڪندو هو. گهر ۾ کڻي ڪھڙيون بہ حالتون هُجن، بابا برنيءَ ۾ سِڪا ڪيرائڻ نہ وساريندو هو. حد تہ اها هوندي هُئي تہ گرمين جي موسم ۾ مل بند ٿيڻ جي ڪري بابا گهر ويھندو هو ۽ اسان کي هفتي ۾ الاهي ڀيرا سُڪل چڻن جي ڀاڄي تيار ڪرڻي پوندي هُئي تہ بہ ان برنيءَ مان هڪڙو سِڪو بہ نہ ڪڍيو ويندو هو. بلڪہ ان جي جاءِ تي بابا مون کي چوندو هو، ”جڏهن تون ڪاليج پڙهي پورو ڪندين تہ توکي وري چڻا کائڻا نہ پوندا، ايستائين، جيستائين تُنھنجي دل نہ چوي.“
اسان جي ڌيءَ جيسيڪا جي ڄمڻ کان پوءِ پھرين عيد اسان مائٽن سان گڏ ڪئي، رات جي ماني کائڻ کان پوءِ امان ۽ بابا، ننڍڙيءَ کي صوفَي تي ويھاري ساڻس راند رهڻ لڳا. جيسيڪا آواز ڪڍڻ شروع ڪيا تہ سوزن کيس بابا جي ٻانھن کان ورتو، ”شايد ڊائپر مٽائڻ جي ضرورت آ“ هُوءَ ننڍڙي کي بابا امان جي ڪمري ۾ کڻي وئي تہ جيئن ڊائپر مَٽائي اچي ۽ جنھن مھل اهو مَٽائي موٽي تہ سندس اکين ۾ عجيب آب هو، هن جيسيڪا کي پنھنجي ڏاڏي جي حوالي ڪيو ۽ مُنھنجو هٿ جهلي، مون کي بابا وارن جي ڪمري ۾ وٺي آئي. ”ڏس“ هن اکين سان، ڪپڙن جي ڪٻاٽَ ڀرسان رکيل ٽپائيءَ ڏانھن اشارو ڪيو ۽ مُنھنجي حيرت جي انتھا نہ رهي. جڏهن مون ڏٺو تہ اها برني اتي ئي رکيل هُئي، ڄڻ تہ اتان ڪڏهن غائب ٿي ئي ڪانہ هُئي. هيٺيون اڌ اڳ ۾ ئي سڪن سان ڀريل هُئس. مان برنيءَ وٽ پھتس، کيسي ۾ هٿ وڌم ۽ اتي رکيل سڪن جي مٺ ڀري ٻاهر ڪڍيم، الاءِ ڇا پئي ٿيم. برنيءَ ۾ سڪا وڌم تہ ٺيڪ ان مھل بابا جيسيڪا کي ڪڇ ۾ کڻي ڪمري اندر داخل ٿيو، اسان جون نگاهون مليون تہ هن مرڪيو ۽ جيسيڪا ڏي نھاريندي چيائين، ”هاڻي هن کي بہ تہ ڪاليج وڃڻو آهي.“

منھنجا هٿَ دنيا جا سڀ کان سھڻا هٿ آهن

مان جڏهن ننڍي هوندي هئس تہ پنھنجا نُنھن کائيندي هئس. ياد ٿو اچيم تہ ڏهن سالن جي ڄمار ڌاري هڪ ڏينھن بابا منھنجي هٿن کي ڏٺو ۽ چيائين، ”تنھنجا هٿ ڏاڍا سھڻا آهن، تون انھن سان هي ڇا پئي ڪرين؟“
ان گهڙيءَ کان وٺي مون ڪڏهن بہ نُنھن ۾ چڪ نہ هنيو. مون بابا کي مايوس نہ پئي ڪرڻ گهريو، پر مون کي حيرت ٿيندي هئي تہ کيس منھنجن هٿن ۾ ڇا ڏسڻ ۾ آيو هو، جو هُن کين سھڻا هٿَ سڏيو هو. منھنجي ڀيڻ جي هٿن جون آڱريون ڏاڍيون سھڻيون ۽ نُنھن ڏاڍا سھڻا هوندا هئا ۽ منھنجي بہ اها خواهش هوندي هئي تہ منھنجا هٿ هن جي هٿن جھڙا سھڻا هجن. بابا جي ڳالھہ کان پھرين مون شايد ڪڏهن پنھنجي پاڻ سان ڪا خاطري نہ ڪئي هئي پر هاڻي مون سوچيو تہ منھنجي هٿن کي سُٺو لڳڻ گهرجي.
وقت گذرڻ ساڻ منھنجا نُنھن وڌندا ويا ۽ زنانن نازڪ هٿن ۾ ڊگهن نُنھن جي جيڪا سونھن هوندي آهي، اها جرڪڻ لڳي هئي، پر مون کي اڃا بہ اهو احساس هو تہ اهي منھنجي ڀيڻ جي نُنھن جيان خوبصورت نہ هئا. خبر ناهي ڇو، اهي سدائين يا تہ ڀڄي پوندا هئا يا وري ڦٽل نظر ايندا هئا. مون کي لڳندو هو تہ مان انھن جي حفاظت پنھنجي ڀيڻ جيان نٿي ڪري سگهان. مون کي چمڙيءَ جي بيماري بہ هئي، جنھن جي ڪري نشان ٺھي پوندا هئا ۽ انھن ڳاڙهن نشانن ۾ سُور جي ڪري آڱريون صحيح نموني سان مُڙي نہ سگهنديون هيون. منھنجا هٿ سدائين ڏکندا رهندا هئا. جيتوڻيڪ منھنجي مائٽن سندن سُور گهٽائڻ لاءِ ڇا نہ ڪيو هوندو، پر لڳندو هو تہ ڄڻ هُنن لاءِ ڪو علاج ئي ڪونھي. بس منھنجي ننڍپڻ ۾ شرم جو احساس هئا. مان ڪيترائي ڀيرا پنھنجي هٿن تي ويھي رهندي هئس تہ جيئن ماڻھو منھنجا سُڄل هٿَ نہ ڏسن ۽ مون کان سوال نہ ڪن. اوچتو جيڪڏهن ڪو منھنجا هٿ ڏسي وٺندو هو تہ سوال ڪندو هو، ”تنھنجن هٿن کي ڇا ٿيو آهي؟“ ۽ هڪ لڄِيلي ٻار جيان جيڪو سڀني کان لڪندو وتي، اهو سوال پريشان ڪندڙ هوندو هو. جنھن جي ڪري مون کي هٿ لڪائڻا پوندا هئا.
ويھارو سالن جي ڄمار ۾ نوجوان عورت بڻجندي منھنجي چمڙيءَ جي بيماري ايتري وڌي وئي، جو ڪڏهن ڪڏهن سِيڌو سامان وٺڻ لاءِ بازار ويندي، مان هٿن تي پٽيون ٻڌي ڇڏيندي هئس تہ جيئن ڪوبہ منھنجن ڪوجهن هٿن تي ڪو جملو نہ هڻي. ائين لڳندو هو ڄڻ اهي ٽئين درجي جا سڙيل هٿَ هجن. اهو زمانو هٿن جي معاملي ۾ منھنجي لاءِ سڀ کان ڏکيو وقت هو. آخرڪار هڪ ڊاڪٽر مون کي هڪ سگهاري ڪارٽيزون ڪريم ڏني، جنھن منھنجي هٿن جي نشانن کي ٺيڪ ڪيو، پر پنھنجي اندر ۾ هٿن کي ناپسند ڪرڻ جو منھنجو خيال الاءِ ڪيترا سال هلندو رهيو. مان اڃا بہ ڪيترو ئي عرصو پنھنجا هٿَ لڪائيندي رهيس، جن تي طبعي نشان رهجي ويا هئا. ڪڏهن ڪڏهن مان تصويرن ۾ پنھنجا هٿَ ڏسندي هئس ۽ سوچيندي هئس تہ منھنجا هٿ ڪيڏا نہ پيارا آهن. منھنجيون آڱريون ننڍيون، ڊگهيون ۽ نازڪ آهن. منھنجن نازڪ هٿن تي مُنڊيون سدائين سونھنديون آهن ۽ اهو سڀ محسوس ڪندي، ٽيھارو سالن جي ڄمار ۾ مون پنھنجن نُنھن تي پالش لڳائڻ شروع ڪئي ۽ پنھنجن هٿن جو خيال رکڻ شروع ڪيو. هاڻي مون کي انھن هٿن جي لاءِ ساراھہ محسوس ٿيڻ لڳي هئي، جن هيترا سال مون کي شرمسار رکيو هو. آخرڪار مان ماڻھن سان هٿَ ملائڻ لائق ٿي وئي هئس ۽ اهو مون کي سٺو لڳڻ لڳو هو. ان قسم جون شيون توهان ڪڏهن ڪونہ سوچيندا آهيو، جڏهن خوبصورت هٿَ سڄي عمر توهان ساڻ هوندا آهن، پر چمڙيءَ تي ٿيندڙ هڪ ننڍڙو زخم بہ گهڻو ڪجهہ ڪري سگهي ٿو. مون کي هاڻي پنھنجي هٿن جي آزادي محسوس ٿيڻ لڳي هئي ۽ ڪيڏو نہ سٺو پئي لڳي تہ انھن کي لڪائڻ بدران ڳالھائڻ دوران وڌيڪ استعمال ڪيو وڃي.
ڪجهہ سال پھرين مون کي محسوس ٿيو تہ منھنجا هٿَ بدلجڻ لڳا هئا. منھنجي کاٻي هٿ جي ننڍڙي آڱر جا جوڙ سُڄڻ لڳا هئا ۽ انھن ۾ سُور بہ ٿيڻ لڳو هو. مون ڪجهہ تحقيق ڪئي تہ مون کي خبر پئي تہ طاقتور ڪارٽيزون جو علاج اهڙي قسم جو ردعمل ظاهر ڪري سگهي ٿو. جيتوڻيڪ مون ويھارو سالن جي ڄمار ۾ ڪارٽيزون استعمال ڪيو هو، پر هاڻي شايد ان جي موٽ پئي ٿي ۽ ٻئي قسم جو سُور شروع ٿي رهيو هو. مون کي پڪ تہ نہ هئي پر لڳم پئي تہ معاملو ڪجهہ اهڙو ئي آهي.
پنھنجي خوبصورت ننڍڙي آڱر کي سُڄندو ڏسي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو، پر انھي کان وڌيڪ هاڻي اهو سُور محسوس ٿيڻ لڳو هو، جيڪو ٿانوَ ڌوئندي ۽ ماني پچائيندي ٿيندو هو. سال کن کان پوءِ سُور تہ ختم ٿي ويو، پر اهو جوڙ سڄيل ئي رهيو. هاڻي چيچ تي ڄڻ ڪا ڳنڍ رکيل هجي. مٿان وري ساڄي هٿ جي چيچ بہ ائين ئي ڪرڻ شروع ڪيو. منھنجي نرم چمڙي سخت ٿيڻ لڳي هئي ۽ نسون اڀري آيون هيون. منھنجن هٿن عمر ڏيکارڻ شروع ڪئي هئي. اهي هاڻي نازڪ نہ رهيا هئا. اهي تہ اُن عورت جا هٿَ بڻجي چڪا هئا، جنھن ٺيڪ ٺاڪ زندگي ڏٺي هجي.
پنھنجن هٿن کي بدلجندي ڏسڻ ڪا سَوَلي ڳالھہ نہ هئي. مون کي انھن جي ساراھہ ڪرڻ ۾ ۽ انھن کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ سالَ لڳا هئا ۽ جڏهن مون انھن کي اهڙو ڪري ورتو هو تہ مون کي خبر پئي تہ هُو مَٽجن پيا. هي ماڻھن کي تہ عجيب لڳي سگهي ٿو، پر اها عورت جنھن عمر جو وڏو حصو ڪا شرمساري محسوس ڪئي هجي ۽ پوءِ انھي شرمساريءَ کي ختم ڪيو هجي، ان لاءِ اها حقيقت ڏاڍي تلخ آهي تہ هاڻي منھنجا هٿَ مٽجن پيا، مون کي انھن کي ڪنھن ٻي نگاھہ سان ڏسڻو پوندو.
ان خواهش پٽاندڙ جو مان هر شئي ۾ سونھن ڳوليندي آهيان. مان هاڻي پنھنجن هٿن ۾ سونھن ڳولينديس، پوءِ کڻي اهي ڪيترا بہ پوڙها ڇو نہ ٿي وڃن يا کڻي ڪيترو بہ سُور ڇونہ ڪن. ڇاڪاڻ تہ انھن هٿن الاءِ ڪيترين حياتين کي ڇھيو آهي. اهي ئي هٿ آهن، جن منھنجن نوَن ڄاول ٻارن کي ڇھيو هوندو، جڏهن هنن پنھنجي حياتيءَ جا اوائلي ساھہ کنيا هئا. انھن ئي تہ ان مرندڙ ساهيڙيءَ جي هٿن کي جهليو هو، جيڪي ڪئنسر وگهي فوت ٿيندي ڏڪِي رهيا هئا. انھن ئي تہ روئندڙ ٻارن کي پيار جو پلئه ڏنو آهي ۽ انھن لاءِ مٺيون مانيون پچايون آهن. انھن ئي تہ محسوس ڪيو، جڏهن اسان جي محبوب ڪتي آخري ساھہ کنيا ۽ وري جڏهن سندس ٻلونگڙن اهي هٿ چَٽيا. انھن هٿن ئي تہ شادين ۽ سالگراهن لاءِ ڪيڪ تيار ڪيا. انھن هٿن ئي تہ منھنجي گهر واري جي وارن ۾ آڱريون ڦيريون آهن، جڏهن هُو ڊگهي سفر تان يا مصروف ڏينھن تان موٽندي ننڊ ڪندو هجي. انھن هٿن ئي تہ ڪيترن خاص موقعن لاءِ ميزن کي سينگاريو آهي. انھن ڀاڪر پاتا آهن. آسيس ڏني آهي. ڳوڙها اُگهيا آهن. صفائي ڪئي آهي. اميد جي آڇ ڪئي آهي. خيالن کي لکيو آهي. چانھہ ٺاهي آهي. ٻُوٽا لڳايا آهن. آسمان کي ڇھيو آهي. سمنڊ کي محسوس ڪيو آهي.
هي هٿَ سونھن کان واقف آهن، ڇاڪاڻ تہ هُنن زندگيءَ کي ڇھيو آهي. منھنجا هٿ ڏاڍا سھڻا هٿ آهن.

انڊلٺ جا رنگَ، سڀاڻ لاءِ اُميد جو اظھار آهن

هڪ ڀيري سڀئي رنگ پاڻ ۾ اٽڪي پيا. هر رنگ جو خيال هو تہ هُو سڀني کان بھترين آهي، اهم آهي، ڪارائتو آهي ۽ هر ڪنھن جو پسنديدہ آهي.
سائَي چيو، ”اها ڳالھہ بلڪل پڌري آهي تہ مان سڀني کان وڌيڪ اهم آهيان. مان اميد ۽ زندگيءَ جي نشاني آهيان ۽ مون کي وڻن ٽڻن، گاھہ ۽ پنن لاءِ چونڊيو ويو. مون کان سواءِ جانور مري ويندا. ڳوٺاڻن علائقن ڏانھن نھاريو، اوهان کي وڌ کان وڌ مان ڏسڻ ۾ ايندس.“
آسمانِي رنگ وچ ۾ دخل ڏنو، ”توکي رڳو زمين جو خيال آهي، پر ٿورو آسمان ۽ سمنڊ ڏانھن ڏس. اهو پاڻي ئي آهي، جيڪو زندگيءَ جو احساس آهي ۽ گهَرن سمنڊن مان ڪڪرن ڏانھن وڃي ٿو. آسمان، سڪون ڏئي ٿو. امن ۽ اطمينان جي نشاني آهي. منھنجي امن کان سواءِ تہ توهان سڀ ڪجهہ بہ ناهيو.“
پِيلَي پنھنجا ڳل دٻايا، ”توهان سڀ ڏاڍا سنجيده آهيو. مان دنيا ۾ گرمي، خوشي ۽ کِل آڻيان ٿو. سج پِيلو آهي، چند پِيلو آهي، تارا پِيلا آهن، جنھن گهڙيءَ توهان سورج مُکي کي ڏسو ٿا تہ سڄو جھان ڄڻ مرڪڻ شروع ڪري ٿو. مون کان سواءِ تہ ڄڻ ڪو مزو ئي ڪونھي.“
هاڻي وري نارنگيءَ پنھنجو گيت ڳائڻ شروع ڪيو، ”مان صحت ۽ طاقت جي نشاني آهيان. مان ڀلي ٿورو هجان، پر قيمتي آهيان، ڇاڪاڻ تہ مان انساني زندگيءَ جي ضرورتن جي خدمت ڪريان ٿو. مون ۾ اهم ترين وٽامنز آهن. ٿورو گجرن، ڇانھين، نارنگين ۽ انبن ۽ ٻين ميوَن ڏانھن نھاريو. مان کڻي هر وقت ڏسڻ ۾ نٿو اچان، پر جڏهن بہ سج اُڀرڻ ۽ لھڻ مھل منھنجو حسن سامھون اچي ٿو تہ ڏسڻ وارن لاءِ مزو ٻيڻُو ٿي وڃي ٿو.“
ڳاڙهي کان ڪٿي پئي سَٺو ٿيو، هُن وٺي رڙ ڪئي، ”مان اوهان سڀني تي حڪمران آهيان. مان رت آهيان... زندگيءَ لاءِ رت...مان خطري ۽ بھادريءَ جو نشانبر آهيان. مان ڪنھن بہ سببان وڙهت لاءِ تيار آهيان. مان رت ۾ باھہ ڀڙڪايان ٿو، مون کان سواءِ زمين ائين خالي ٿي ويندي، جيئن چنڊ خالي آهي. مان محبت ۽ تاثير جو رنگ آهيان.“
واڱڻائي، پنھنجي پوري جوڀن تي اُٿي بيٺو. هُو ڊگهو هيو ۽ اطمينان سان ڳالھائي رهيو هو. ”مان شھنشاهيت ۽ حاڪميت جو رنگ آهيان. بادشاهن، اڳواڻن ۽ راهبن سدائين منھنجي چونڊ ڪئي آهي، ڇاڪاڻ تہ مان ذهانت ۽ حاڪميت جي نشاني آهيان. ماڻھو مون کان سوال ناهن ڪندا بلڪِ مون کي ٻُڌندا آهن ۽ منھنجي فرمانبرداري ڪندا آهن.“
سڀني کان آخر ۾ نيرَي رنگ ڳالھايو، جيتوڻيڪ سندس آواز جهيڻو هيو، پر لھجي ۾ يقين تمام گهڻُو هيس، ”ڪجهہ مون بابت بہ سوچيو، مان ماٺ جو رنگ آهيان. توهان ڀلي مون تي ڌيان نہ ڏيو، پر مون کان سواءِ توهان سڀ سطحي بڻجي ٿا وڃو. مان خيال، سوچ، عڪس ۽ گهِرن پاڻين جي نشاندهي ڪريان ٿو ۽ توهان سڀني کي منھنجي ضرورت پوي ٿي تہ جيئن توازن ۽ تفاوت ڪري سگهو ۽ اندر جو اطمينان ماڻي سگهو.“
جهيڙو هلندو رهيو ۽ ڪنھن بہ پنھنجي وڏائيءَ تان هٿ نہ کنيو، سندن آواز وڌندو ويو، جو اوچتو وڄ چمڪي، ڌماڪو ٿيو ۽ مينھن تيزيءَ سان وسڻ شروع ڪيو. سڀ رنگ ڊڄي ويا ۽ خوف وچان هڪٻئي کي چنبڙي پيا.
مينھن تيزيءَ سان وسندَي ڳالھايو، ”بيوقوف رنگو، هڪٻئي سان وڙهندي، هڪٻئي تي حاڪم ٿيڻ جي چڪر ۾ ڇو آهيو؟ ڇا توهان سڀني کي ڄاڻ ڪونھي تہ توهان مان هر هڪ کي مختلف ۽ خاص مقصد سان بڻايو ويو. هڪٻئي سان هٿُ هٿ ۾ ڏيو ۽ مون ڏي اچو.“
جيئن کين چيو ويو، تيئن هُنن ڪيو ۽ هڪٻئي سان هٿُ هٿ ۾ ڏيئي مينھن جي سامھون اچي بيٺا، مينھن پنھنجي ڳالھہ جاري رکي، ”اڄ کان وٺي جڏهن بہ مينھن وسندو تہ توهان مان هرڪو آسمان ۾ هڪٻئي جو هٿُ جهلي ظاهر ٿيندو ۽ ان ڳالھہ جي ياد ڏياريندو تہ توهان سڀ امن ۽ ڀائپيءَ سان رهي سگهو ٿا. اها انڊلٺ سڀاڻ جي لاءِ اميد جو نشان آهي.“
تنھن ڪري چيو ويندو آهي، تہ جڏهن بہ سٺو مينھن ڌرتيءَ کي ڌوئندو آهي تہ انڊلٺ آسمان ۾ ظاهر ٿيندي آهي تہ جيئن اسين اهو ياد رکي سگهون تہ هڪٻئي جي ساراھہ ۾ ڪيڏو نہ مزو آهي.

محبت جو رنگُ سدائين گُلرنگ هوندو آهي

مان ڪا ڌُر تہ نٿو ٿيان، پر اِسٽيوي کي نوڪريءَ تي رکندي مان الاءِ ڪيترن وهمن جو شڪار ٿيو هئس. کيس مون وٽ رکائيندڙ همراھہ چيو هو تہ، ”هُو هڪ زبردست اعتبار جوڳو ملازم ثابت ٿيندو“ پر مون کي اڳ ۾ ڪڏهن بہ ڪنھن دماغي حوالي سان ڪمزور ماڻھوءَ کي رکڻ جو اتفاق نہ ٿيو هو. مون کي پڪ بہ نہ هُئي تہ مُنھنجا گراهڪ اِسٽيوي سان الاءِ ڪھڙو سلوڪ ڪندا. هُو ننڍڙي قد جو صاف چھري وارو نوجوان هو جنھن کي دماغي مرض ’ڊائُونز سِنڊروم‘ هو. مون کي پنھنجن گهڻن ٽرڪ ڊرائيور گراهڪن جو فڪر نہ هو، جيڪي مُنھنجي ڍاٻي تي ايندا هُئا تہ هُو ڪو گوڙ ڪندا، ڇاڪاڻ تہ جَي ماني سٺي ۽ گرم هُجي تہ کانئن سڀ وسري ويندو آهي. مون کي ڳڻتي هُئي تہ ڪار وارن مسافرن جي. وات ڳاڙها ڪاليجي ڇوڪرا يا اهي مغرور ماڻھو، جيڪي ڳالھہ ڳالھہ تي رومال گهرن ۽ جراثيمن ۽ جِيوِڙن جي ڊپَ ۾ هُجن يا وري اهي ڪاروباري مھربانَ، جيڪي ماني کائڻ تہ اچن پر اهو سمجهندا هُجن تہ هتي ڪم ڪندڙ هر عورت سان دلپِشَوري ڪري سگهجي ٿي.
مون کي اندازو هو تہ اهڙي قسم جا ماڻھو اِسٽيوي جي هوندي بيچيني محسوس ڪندا، جنھن ڪري شروعاتي ڪُجهہ هفتا مون مٿس گهري نظرَ رکي. مون کي ڳڻتي ڪرڻ جي ڪا ضرورت ئي نہ هُئي، ڇاڪاڻ تہ رڳو هڪ هفتي اندر مُنھنجو سڄو عملو ڄڻ سندس آڱرين جي اشارن تي هلڻ لڳو هو ۽ هڪ مھيني اندر وري مُنھنجي ٽرڪ ڊرائيورن ۽ ٻين مسافرن لاءِ هُو هڪ مزيدار ’وجود‘ هو. هاڻي مون کي ڪابہ پرواھہ نہ هُئي تہ مُنھنجا باقي گراهڪ ڇا ٿا سوچين. آسماني رنگ جي جينز، مٿان شرٽ ۽ پيرن ۾ جاگر. مٿان وري هتي هُتي ڦرندو، کلندو، ڳالھائيندو ۽ فٽافٽ آرڊرس سروَ ڪندو اِسٽيوي هر اک جو تارو بڻجي ويو.
لوڻ داني، کنڊ داني، پنھنجي جاءِ تي ڀريل موجود هوندي هُئي، ميز تي مانيءَ جو ڀور يا ٻيو ڪُجهہ ڪريل، هاڻي ڏسڻ ۾ نہ ايندو هو ۽ اها چلڪاٽ ڪندي پاڻ پَسائيندي هُئي. اسان جو اڪيلو مسئلو رڳو اهو هوندو هو تہ کيس سمجهائجي تہ جيستائين ماڻھو کائي پورو نہ ٿا ڪن تيستائين هُو ٽيبل صاف ڪرڻ جو انتظار ڪري.
هُو هڪ ٽنگ کان ٻي ٽنگ تي لڏندو، سڄي ڊائننگ روم ۾ پيو ڦرندو هو تہ ڪا ٽيبل خالي ٿئي ۽ هُو اها چمڪائي وٺي. پھرين احتياط سان ٿانوَ، ٽراليءَ ۾ شفٽ ڪندو، پوءِ صاف ڪپڙي سان ٽيبل ٽاپ صاف ڪندو. جي کيس اهو احساس ٿي وڃي تہ ڪو گراهڪ ڏانھس نھاري پيو تہ سندس ڀرون ڳُتجي ويندا هُئا ۽ ڌيان وڌي ويندو هُئس، پنھنجي ڪم کي بلڪل صحيح ڍنگَ سان ڪندي هُو فخر محسوس ڪندو هو.
وقت گذرڻ ساڻ اسان کي خبر پئي تہ هُو پنھنجي بيواھہ ماءُ ساڻ رهندو هو جيڪا ڪئنسر جي مرض جي ڪري لاڳيتن آپريشنن مان گذري هُئي. هُو اسان جي ڍاٻي کان ٻہ ڪلوميٽر پريان عوامي گهرن ۾ سوشل سيڪيورٽي تي آڌاريل حياتي گذاريندا هُئا. سندن هٿ تنگ هوندو هو ۽ اسان پاران مليل پگهار، بس جياپي ۾ مددگار هُئي.
گذريل آگسٽ جي هڪ صبح جو ٽن سالن کان پوءِ هوٽل اداس هو ڇاڪاڻ تہ اِسٽيوي ڪونہ هو. کيس هڪ اسپتال ۾ دل ۾ وال لڳڻو هو. سندس سماجي خدمتگار ٻُڌايو تہ ڊائون سئنڊروم جا مريضَ گهڻو ڪري ننڍي عُمر ۾ دل جي بيمارين جو شڪار ٿي ويندا آهن. سو اهو سڀ اوچتو نہ هو ۽ مٿان اها بہ اميد هُئي تہ هُو جلدي ٺيڪ ٿي اچي ڪم تي چڙهندو.
هوٽل جي عملي ۾ خوشيءَ جي لھر ڊوڙي جڏهن سڀني ٻُڌو تہ سندس سرجري ڪامياب ٿي آهي ۽ هُو صحتياب ٿي ويندو. مُنھنجي پنجاھہ سالن کان وڏي ڄمار واري وئٽريس فرئني سڀني جي وچ ۾ ناچ ڪيو ۽ ٽرڪ ڊرائيور ۽ ماني کائيندڙ بہ جهومڻ لڳا. مُنھنجي گراهڪ ٽرڪ ڊرائيور بيلي رنگر، فرئنيءَ کان پُڇيو، ”ايڏي خوشي ڇا جي آهي؟“
” اِسٽيوي جي سرجري ڪامياب ٿي آهي.“ هن مُرڪيو.
”اڙي تڏهن هُو ڏسڻ ۾ ناهي آيو؟“ ٻن ٻين ڊرائيورن پُڇيو.
”هائُو“ فرئنيءَ چيو، ”پر مون کي پريشاني آهي تہ اسپتال جي ڳرن بلن کي ماءُ پُٽ ڪيئن مُنھن ڏيندا اهُي تہ جھڙو آڻين ۽ چاڙهين ٿا.“
بيلي رنگر ڌيان سان سندس ڳالھہ ٻُڌي ۽ فريني وري ٻي ميز تي هلي وئي.
مون کي نہ ڪو اهو خيال آيو تہ اسٽيو جي جاءِ تي ڪنھن ٻئي کي رکان نہ ئي مون رکڻ پئي گهريو. ڇوڪريون پنھنجن پنھنجن ميزن تي ڪم ۾ هيون. صبح جي رش کان پوءِ فرئني مُنھنجي آفيس ۾ آئي. هٿ ۾ ڪُجهہ ڪاغذي رومال هُئس ۽ مُک تي مُرڪ.
”ڇا ٿيو؟“ مون پُڇيومانس.
”مون ڊرائيورن جي وڃڻ کان پوءِ ميزون صاف پئي ڪيون تہ ڏٺم هي رومال ويڙهيل هُئا ۽ مٿان ڪافيءَ جا خالي ڪوپ رکيل هُئن.“
هن رومال جيئن مون کي ڏنو تہ ان مان ويھہ ڊالر هيٺ ڪري پيا، ۽ رومال تي ٻاهران وڏن اکرن ۾ لکيل هو، ” اِسٽيوي لاءِ“
هُوءَ مُرڪي. ”هڪڙي ڊرائيور سان مون، اِسٽيوي ۽ سندس ماءُ جي ڳالھہ ڇا ڪئي، سڀئي هڪٻئي سان حوالي ٿي ويا. هِن هُن کان پُڇيو، هُن هن کان...“ هن وري پنھنجي کيسي مان اهڙو هڪڙو ٻيو رومال ڪڍيو. ان مان وري پنجاھہ ڊالر نڪتا عجب وچان نھاريندي چيائين، ”ٽرڪ ڊرائيور بہ عجيب ٿيندا آهن.“
اها ٽي مھينا پھرين جي ڳالھہ هُئي ۽ اڄ اِسٽيوي ٺيڪ ٿي ڪم تي چڙهڻو هو. هن ڪم تي اچڻ لاءِ ڏينھن پئي ڳڻيا. گذريل هفتي هن ڏھہ ڀيرا فون ڪري اسان کي پڪَ ڪرائي هُئي تہ هُو اچي پيو. کيس ڊپ هو تہ شايد اسان کيس وساري نہ ڇڏيو هُجي ۽ سندس نوڪري خطري ۾ نہ هُجي.
مون کيس ۽ سندس ماءُ کي دعوت ڏني تہ اِسٽيوي جي موٽ تي هُو گڏ اچن. محفل ملھائين ۽ هُو ڪم تي چڙهي.
اِسٽيوي ڪمزور ۽ سنھو ٿي ويو هو. اچڻ ساڻ ئي هُو تيار ٿيڻ واري ڪمري ۾ ويو تہ جيئن پنھنجو ائپران پائي ۽ ٽرالي کڻي اچي.
”ترس اِسٽيوي، ايتري تڪڙ ڇا جي آ“ مون کين ٻانھن کان ورتو، ”ڪم ٿورو ترسي بہ ٿيندو، في الحال تہ توهان ٻئي پنھنجي مؤٽ جو جشن مون ساڻ ملھائيندو. هڪ ميز تي نيرن توهان جو انتظار پئي ڪري.“
مان کيس ڪُنڊائتي ميز ڏانھن وٺي آيس ۽ مون کي لڳو تہ سڄو عملو پويان اچي رهيو هو، ٽيڏي اک سان ڏٺم، هر ٽيبُل تان ڊرائيوَر اٿي، اسان ڏانھن اچي رهيا هُئا.
اسين وڏي ميز وٽ پھتاسين جنھن جو مٿاڇرو ڪافيءَ جي ڪوپن، ساسرن ۽ پليٽن سان سٿيل هو ۽ جن جي هيٺان سليقي سان ڪاغذي رومال رکيل هُئا.
مون سخت آواز ۾ چيو، ” اِسٽيوي سڀ کان پھرين تہ تون اها ميزَ صاف ڪندين، ڏس ڪيترو سامان اتي رکيل آهي.“
اِسٽيوي، مون ڏي نھاري، ماءُ ڏانھن ڏٺو ۽ ڪوپ هٽائي هڪ رومال ڪڍيائين جنھن تي لکيل هو، ” اِسٽيوي لاءِ“ ٻيو رومال کڻڻ ساڻ ئي ڏهن ڏهن ڊالرن جا ٻہ نوٽ ڪري پيا، اِسٽيوي پئسن کي گهُوريو، هر رومال تي سندس نالو لکيل هو. مون سندس ماءُ ڏانھن نھاريندي چيو.
”هن ميز تي ڏَھہ هزار ڊالرن کان مٿي جي رقم جا نوٽ ۽ چيڪَ رکيل ٿوَ جيڪي سڀ ٽرڪ ڊرائيورن ۽ ٽرڪ ڪمپنين اِسٽيوي لاءِ موڪليا آهن، جڏهن کين اوهان جي تڪليف جي خبر پئي تہ هُنن پنھنجي اِسٽيوي جي اها مدد ڪئي آهي.“
گوڙ هئو، ڳوڙها هُئا، سڀ هڪٻئي کي ڀاڪر پائي رهيا هُئا. ۽ مزي جي ڳالھہ تہ اِسٽيوي ان سڄي گوڙ ۾ بہ رڳو پنھنجو ڪم ڪري رهيو هو... هُو ميز صاف ڪري رهيو هو، پنھنجي سڀ کان بھترين ڪارڪن تي مون کي بيحد فخر آهي.

هڪ قدآور ياد دريءَ ساڻ هلندي رهي ٿي

هُو گورنمينٽ جو آفيسر هو ۽ سندس بدلي هڪ شھر کان ٻئي شھر ٿي تہ هُن ريل گاڏيءَ وسيلي اوڏانھن وڃڻ جو فيصلو ڪيو. اسٽيشن تي پھتو، ٽڪيٽ ورتائين. گاڏي جنھن لائين تي بيٺي هُئي کيس اُتي پھچڻو هو جنھن جي ڪري هُن سامان کڻڻ لاءِ قُليءَ کي سڏيو ۽ چيائينس تہ ”مُنھنجو سامان گاڏيءَ تائين پھچاءِ.“
قُليءَ سامان کنيو ۽ صاحبَ جي پويان پويان هلڻ شروع ڪيائين، ڇاڪاڻ تہ وقت گهٽ هو تنھنڪري صاحب ڏاڍو تڪڙو پليٽ فارم ڏانھن وڌي رهيو هو. پويان قُلي بہ سامان کڻي ڀڳو پر مسافر جا قدم وڌيڪ تِکا هُئا ۽ هُو جلدي بوگيءَ جي دروازي وٽ پھچي ويو.
پليٽ فارم تي رش ڏاڍي هُئي جنھن جي ڪري قُلي سامان سوڌو ماڻھن جي هجوم ۾ ڦاسي ويو. صاحب هر هر رستي ڏانھن نھاري رهيو هو پر قُليءَ جو نالو نشان ئي ڪونہ هو. ايتري ۾ گارڊ سيٽي هنئين ۽ ريل هلڻ شروع ڪيو. صاحب جي حالت عجيب هُئي. چڙهي بہ نہ پيو سگهي ڇاڪاڻ تہ سندس سامان پوئتي رهجي وڃي ها. آخرڪار کيس ريل ڇڏڻي پئي.
گاڏي ڇڏڻ جي ڪري صاحب کي ڏاڍو ڏُک ٿيو تہ سڄو پروگرام خراب ٿي ويس. گاڏي پريان ويندي رهي ۽ مسافر هٿ لوڏي پنھنجن عزيزن کي اشارا ڪندا رهيا. پليٽ فارم تي رش گهٽ ٿي تہ سامھون ئي پگهر ۾ ٻُڏل قُلي اچي بيھي رهيو. سندس مُنھن تي پاڻيءَ جي قطرن کان سواءِ افسوس ۽ شرم جا پڌرا اهڃاڻ هُئا ”سائين، مون کي معاف ڪجو... ڪڏهن ائين ٿيو ڪونھي. وقت تي پھچڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪيم پر رش ۾ سامان ڦاسي پيو.“
صاحب کي ڪاوڙ تہ ڏاڍي هُئي پر سوچيائين تہ گاڏي تہ نڪري وئي، جي هاڻي هِن قُلي کي ماري بہ ڇڏيان تہ بہ ڪھڙو فرق پوندو. ريل موٽي تہ ڪونہ ايندي، تنھن ڪري ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڪوبہ فائدو ڪونھي. ”ڪائي ڳالھہ ڪانھي... ڌڻيءَ کي ائين منظور هو... مان اڄ نہ تہ سڀاڻي هليو ويندس.“ هُن مُرڪندي قُليءَ کي جواب ڏنو. سندس اهو رويو ڏسي قُليءَ جي مُنھن تي مُرڪ آئي ۽ هُن چيو، ”مان توهان جو سامان کڻان ٿو ۽ ويجهو ئي هڪ ريسٽ هائوس آهي اُتي توهان جي رهڻ جو بندوبست ڪيان ٿو.“
قُليءَ ريسٽ هائوس ۾ صاحب جو سامان رکيو ۽ ٻاهر نڪري آيو. کيس خبر هُئي تہ صاحب کي سڀاڻي وري ان اسٽيشن ڏانھن وڃڻو آهي. تنھن ڪري هُن سڄي رات اسٽيشن تي گُذاري. ٻئي ڏينھن صاحب اسٽيشن تي پھتو تہ قُلي پھرين ئي اُتي بيٺل هو، جنھن وڌي اچي وڏي قرب سان ساڻس هٿ ملايو، ڄڻ ٻئي ڪي ويجها مائٽ هُجن. سامان کڻندي چيائين، ”سائين، اوهان جي ايڊوانس بُڪنگ ٿي وئي آهي اچو.“
مٿي تي سامان کڻي، هُو صاحب ساڻ پليٽ فارم ڏانھن هليو. ريل تي پھچي صاحب ٻٽونءَ مان پئسا ڪڍي قُليءَ کي ڏنا تہ هُن وٺڻ کان نهڪار ڪئي، ”سائين نہ... اهي پئسا مون کي نہ کپن، ڇاڪاڻ تہ مُنھنجي غلطيءَ جي ڪري ڪالھہ توهان جي گاڏي نڪري وئي هُئي.“
صاحب ڏاڍي ڪوشش ڪئي تہ هُو ريل جو ڀاڙو تہ گهٽ ۾ گهٽ ادا ڪري، پر قُلي ڪنھن بہ صورت ۾ مڃڻ تي راضي نہ هو، هُن صاف صاف چئي ڇڏيو هو تہ جي مون کي پئسا نہ ڏيندؤ تہ مان وڌيڪ خوش ٿيندس.
قُليءَ کيس گاڏيءَ ۾ ويھاريو. ڀرسان بيھي ڪچھري ڪئي ۽ وري ٻاهران اچي دريءَ مان ساڻس ڪچھري ڪرڻ لڳو. هُو ايڏي احسانمنديءَ سان صاحب ڏانھن نھاري رهيو هو جيڪا ڏسڻ وٽان هُئي. گاڏيءَ چُرڻ شروع ڪيو تہ هُو آهستي آهستي هلندي صاحب سان ڳالھيون ڪرڻ لڳو. ٽرين جي رفتار تيز ٿي تہ هُن پنھنجي جاءِ تي بيٺي بيٺي هٿ لوڏڻ شروع ڪيا ڄڻ صاحب کان موڪلائيندو هُجي.
صاحب دريءَ مان هٿ لوڏي سندس موڪلاڻيءَ جو جواب ڏنو تہ کيس محسوس ٿيو تہ ايڏي محبت، مان ۽ چاھہ سان تہ ڪڏهن ڪنھن پنھنجي بہ کيس خُدا حافظ ناهي چيو. ريل هلي وئي تہ قُليءَ سوچو تہ صبح کان وٺي ڪُجهہ کاڌو ناهي. نيرن ئي ڪري وٺان. کيسي ۾ هٿ وڌائين تہ الاءِ ڪيترا نوٽ نڪري آيس. ڳڻيائين تہ پورا ٽي هزار رپيا هُئا. سندس اکيون ڀرجي آيون ۽ هُن ڌڻيءَ جو شڪر ادا ڪندي صاحب کي دُعا ڏني جنھن بنا کيس محسوس ڪرائڻ جي، ايڏي رقم سندس کيسي ۾ وڌي هُئي.
ويھہ سال پوءِ صاحب پنھنجي ڊائري ڪڍي ۽ لکيائين، ”هُن قُليءَ جي ڪري ليٽ ٿيڻ جو جيڪو ڏُک مون کي هو اهو تہ اُن رات ئي ختم ٿي ويو هو پر سندس محبت ڀريل الوداعي نگاهون اڄ ويھہ سال گذرڻ کان پوءِ بہ، مُنھنجيءَ دل ۾ ٺار پيدا ڪري ڇڏين ٿيون. مون کي ٽرين مس ٿيڻ جو ڪوبہ ڏُک ناهي. افسوس رڳو اِن ڳالھہ جو آهي تہ زندگيءَ ۾ هڪڙو محبت سان ڀرپور انسان مليو هو جنھن کي مان اُن اسٽيشن تي ڇڏي آيس.“

مان اوهان لاءِ دعاڳو آهيان

گذريل هفتي مان پنھنجي بئنڪ تي هڪ چيڪ جمع ڪرائڻ لاءِ ترسيو هُئس. مان اَي ٽي ايم بہ استعمال ڪري پئي سگهيس، پر مون کي خوشي آهي تہ مون اها استعمال نہ ڪئي، جي ڪيان ها تہ مان شايد ’هيرالڊ!‘ سان نہ ملي سگهان ها.
قطار ۾ مون کان اڳيان ڪي ٽي چار ماڻھو هُئا. سمجهيم تہ اڳيان سرڪڻ ۾ ڪُجهہ دير لڳندي، تنھن ڪري مون بئنڪ جي ڀتين تي لڳل ٽيليويزنن تي کاڌي جي ترڪيبن جا مختلف پروگرامَ ائين ئي ڏسڻ شروع ڪيا. اندر بئنڪ ۾ ڪوبہ آواز نہ هو ۽ مون لاءِ اهو سڀ ڏاڍو سولو هو تہ مان هيٺان لکيل ٽِڪر پڙهندو وڃان. مون کي ڏاڍو مزو پئي آيو، مُنھنجو ڪنھن خاص شئي تي ڌيان نہ هو، بس پنھنجي واري جو منتظر هُئس.
ڪُجهہ لمحا گذريا تہ مُنھنجي بلڪل اڳيان واري هڪ سنهڙي سيپڪڙي ڪراڙي عورت، جيڪا هاڻي قطار ۾ پھريون نمبر هُئي. هڪ کڙڪيءَ ڏانھن وڌڻ شروع ڪيو. لڳو پئي تہ کيس پنھنجي ڪم مڪمل ڪرڻ جي تڪڙ هُئي، جيئن ئي سندس اڳيان وارَي، جاءِ ڇڏي تہ هُوءَ هڪدم اتي پھچي وئي. سندس چُرپُر ۾ مون کي اهو گراهڪ ڏسڻ ۾ اچي ويو، جيڪو اسان ٻنھين جي بلڪل اڳيان هو. سندس مُنھن ڪائونٽر ڏانھن هو ۽ مان رڳو هن جا اڇا وار ۽ ڳاڙهي قميص ڏسي سگهيو هُئس.
مون ٻُڌو تہ هن، کڙڪيءَ پار، ملازم کي گهري، مضبوط آواز ۾ چيو ”ڀلائي هُجئي... مان تولاءِ دُعاڳو آهيان“ ۽ اندران کڙڪيءَ مان ڪنھن کيس وراڻيو، ”تو وٽ بہ ڀلائي هُجي هيرالڊ.... وري ايندڙ هفتي ملنداسين.“
مُنھنجي اڳيان اُٻھري ڪراڙيءَ وري حرڪت ڪئي ۽ هيرالڊ جي ڇڏيل جاءِ وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. کيس ايتري تہ تڪڙ هُئي، جو هن ذري گهٽ هيرالڊ کي ٽڪر هنيو هو. هُوءَ جيئن ئي سندس ڀرسان لنگهي تہ هيرالڊ سنئون سڌو مون ڏانھن نھاريو. سندس اکيون نڀُور ڪاريون، چمڪندڙ ۽ اندر ۾ لھي ويندڙ هيون. بنا ڪنھن وقت وڃائڻ ۽ هٻڪ جي هن مون کي چيو، ”توهان هڪ حسين شخص آهيو سائين“ مون کي سندس جملي حيران ڪري ڇڏيو هو پر سندس لھجي جي گرمي ۽ خلوص ڀرپور هو.
مون ڄڻ ڀُڻڪيو، ”ڇو؟... مھرباني سائين“ ۽ هڪدم سندس هٿ ملائڻ لاءِ اڳتي وڌيس. مون تہ اهو بہ ڪونہ ڏٺو هو تہ هُو لٺ جي سھاري سان هلي رهيو هو. هن پاڻ سنڀاليندي، پنھنجي لٺ، کاٻي هٿ ۾ منتقل ڪئي ۽ ساڄو هٿ گرمجوشيءَ سان مون ساڻ ملايائين.
سندس اکين مُنھنجي اکين کي ڇڏيو ئي نہ پئي ۽ هن وري چيو، ”مان اوهان لاءِ دُعاڳو آهيان.“ اهو سڀ ايڏو تڪڙو ٿيو، جو مون کي سمجهہ ۾ ئي نہ آيو. مون تہ بس اهو ڏٺو تہ هن مُنھنجو هٿ ڇڏڻ کان پوءِ قطار ۾ بيٺل، هڪ ٻئي شخص سان هٿ ملايو ۽ کيس بہ چيائين، ”مان اوهان لاءِ دُعاڳو آهيان.“
مان جڏهن دريءَ وٽ پھتس تہ پنھنجن خيالن ۾ هئس ۽ مون کي دريءَ پريان ويٺل ملازم جو آواز بہ ڏاڍو جهيڻو ٻُڌڻ ۾ آيو... ”مان اوهان جي ڪھڙي مدد ڪيان!“
هوڏانھن هيرالڊ، قطار ۾ هڪ هڪ سان ملندو، اڳتي وڌي رهيو هيو ۽ هيڏانھن مون ملازم عورت سان بئنڪ جا معاملات طئہ ڪيا. هي شخص هڪ جملي ۾ مون کي هڪڙو سادو تحفو ڏئي ويو هو. سندس وجود ۾ خلوص هو... قرب هو. هُو تہ چئن سالن جي ان حسين ٻار جيان هو، جيڪو ڪنھن وٽ بہ وڃي سگهي ٿو ۽ ڪنھن کي بہ پاڻ سان راند رهڻ لاءِ راضي ڪري سگهي ٿو.
مون يڪو پاڻ تي ويٺي سوچيو، اسين ائين ڇو نہ ڪندا آهيون. اسين پنھنجي معصوميت هيرالڊ وانگر بچائي ڇو نہ رکندا آهيون؟ هن ڪُجهہ بہ نہ پئي ڪيو. بس رڳو انساني رشتي ۾ خيال رکڻ جي فڪر کي ورجائي رهيو هو. دُنيا جي هن بحر ۾، هن پنھنجي ٻيڙَي کي خيال، دعا ۽ احساس جي سامان سان سٿيو هو ۽ اهو ٻيڙو اڻ ڄاتل ڪنارن تي بہ محبت جي ڄاڻ سان سفر ڪري رهيو هو. هن مُنھنجي وجود تي ڄميل برف ۾ ڄڻ ڪا چڻنگ ٻاري هُئي. کيس مون ۾ ڪھڙو ڪم هو يا ٻين ۾ ڪھڙو ڪم هو..! هُو بس سڀني کي خيال جو احساس ڏياري رهيو هو. مُنھنجي دل چوي ٿي... مان بہ سڀني کي چوان... ”مان اوهان لاءِ دعاڳو آهيان“ پر مان شايد اهو هڪڙو جملو چوڻ جي همٿ اوتري نہ ساري سگهان. جيتري هيرالڊ وٽ آهي. ڇو تہ سڀ کلندا تہ هن کي دعا ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي. پر بھرحال ٿي ويندو... جڏهن اسين هر ڪنھن جو خيال رکڻ جي عادت سکنداسين تہ اسان جي واتان بہ اهو ئي نڪرندو، ”مان اوهان لاءِ دُعاڳو آهيان.“

عمر جو وڌڻ لازم آهي، پنھنجو وڌڻ اختياري آهي

هن چيو، ”هاءِ هئنڊسم، مُنھنجو نالو روز آهي. مان 87 سالن جي آهيان، ڇا مان توکي هڪڙو ڀاڪر پائي سگهان ٿي؟“
مون کليو ۽ اتساھہ وچان وراڻيم، ”ڇونہ... ڀلي“ ۽ هن مون کي هڪ زوردار ڀاڪر پاتو.
”تون هن معصوم عُمر ۾ ڪاليج ۾ ڇا پئي ڪرين حسينه؟“ مون پُڇيو.
هن کلندي، مزاحيہ انداز ۾ موٽ ڏني، ”مان هتي هڪ امير مڙس ڳولڻ آئي آهيان، شادي ڪيان، ڪُجهہ ٻارَ ڄڻيان.“
”نہ... نہ.... سچي پچي...“ مون پُڇيو. مون کي سچ بہ اهو ڄاڻڻو هو تہ 87 سالن جي ڄمار ۾ هن ڪاليج ۾ داخلا جو ڪيئن سوچيو هو!
”مون کي سدائين ڪاليج ۾ پڙهائي ڪرڻ جو خواب تنگ ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻي مان اهو خواب ماڻيان پئي“ هن مون کي ٻُڌايو. ڪلاس کان پوءِ اسين اسٽوڊنٽس يونين بلڊنگ ڏانھن وياسين ۽ گڏجي چاڪليٽ ملڪ شيڪ پيتوسين، بس هڪ لحظي ۾ ڄڻ تہ دوست بڻجي ويا هُئاسين. ايندڙ ٽن مھينن تائين اسين روز ڪلاس ۾ گڏ ويندا هُئاسين ۽ اتان نڪري ڪُجهہ نہ ڪُجهہ کائيندي پيئندي جام ڪچھري ڪندا هُئاسين. مان سدائين حيرانيءَ سان هن ”ٽائيم مشين“ کي ويٺو ٻڌندو هُئس، جيڪا پنھنجي سڄي ڄمار جا تجربا ويٺي مون کي ٻڌائيندي هُئي.
سال اندر ئي روز، سڄي ڪئمپس جو اهڃاڻ بڻجي وئي. جيڏانھن وک کڻندي هُئي تہ ڏاڍي سولائيءَ سان دوست ٺاهي وٺندي هُئي. هوءَ خوش لباس هُئي ۽ ٻين شاگردن جو ڌيان ڇڪائڻ ۾ سدائين ڪامياب ويندي هُئي. هوءَ ڇا تہ جِي رهي هُئي.
سئمسٽر جي خاتمي تي اسان کيس خاص تقريب ۾ ڳالھائڻ جي دعوت ڏني. هن جيڪي سيکاريو سو مان ڪڏهن بہ وساري نٿو سگهان. سندس تعارف ڪرايو ويو ۽ کيس ائين تي سڏيو ويو. جڏهن هن پنھنجي لکيل تقرير پڙهڻ شروع ڪئي تہ پنھنجن پنجن ڪارڊن مان ٽي ڪارڊَ، هيٺ ڪيرائي ويٺي. مونجهہ ۽ پشيمانيءَ وچان هن مائڪرو فون تي چيو، ”معافي گهران ٿي، مان ٿوري بدحواس آهيان، ڪاغذ مون کان ڪرِي پيا آهن ۽ انھن کي واپس ترتيب ڏيڻ مون لاءِ ڏُکيو ٿيندو، بس مان ڳالھايان ٿي، جيڪو ڪُجهہ مون کي سمجهہ ۾ اچي ٿو.“
اسين کلياسين پئي، هن پنھنجي نڙي صاف ڪئي ۽ چيائين، ”اسين راند کيڏڻ ان ڪري بند ڪونہ ڪندا آهيون، جو اسين پوڙها ٿي ويندا آهيون... اسين دراصل ان ڪري پوڙها ٿيندا آهيون جو اسين راند کيڏڻ بند ڪري ڇڏيندا آهيون. نوجوان رهڻ، خوش رهڻ ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جا رڳو چار راز آهن، روز کِلو ۽ مزاح ڳولي لھو.
توهان وٽ هڪ خواب جو هُئڻ ضروري آهي. جڏهن اوهان خواب وڃايو ٿا تہ ئي اوهان گذاري وڃو ٿا. الاءِ ڪيترا ماڻھو اوهان جي چوڌاري گهمندا ڦرندا رهن ٿا، جيڪي اصل ۾ تہ جيئرا ئي ناهن، مُئل آهن.
وڏي عُمر جو ٿيڻ ۾ ۽ وڏي ٿيڻ ۾ الاهي فرق آهي، جي توهان 19 سالن جا آهيو ۽ سڄو سارو سال، هنڌ بستري ۾ ليٽي پيٽي گذاريو ٿا ۽ ڪوبہ ڪم نٿا ڪيو تہ بہ توهان ويھن سالن جا تہ ٿي ويندؤ. جي مان 87 سالن جي آهيان ۽ لاڳيتو هڪ سال بستري ۾ گذاريان تہ بہ مان 88 سالن جي تہ ٿي وينديس نہ.... پوءِ....
ڪوبہ ماڻھو وڏي عُمر جو ٿي سگهي ٿو. پر اهو عمل، ڪا ذهانت، يا ڪو هنر نٿو کسي. ڳالھہ اصل ۾ اها آهي تہ تبديليءَ ۾ جاءِ ڳوليندي، عُمر ۾ اڳتي اچڻ گهرجي. ڪوبہ پڇتاءُ نہ رکو، اسان کي ڪراڙپ ۾ ڪنھن بہ اهڙي ڳالھہ تي پڇتاءُ ناهي رهندو، جيڪا اسان ڪئي هجي، پر پڇتاءُ ان ڳالھہ جو رهندو آهي، جيڪا اسان نہ ڪري سگهياسين تہ ڇو نہ ڪري سگهياسين. موت کان صرف اهي ماڻھو ڊڄندا آهن، جن کي پڇتاءُ هوندو آهي.“
هن پنھنجي تقرير جي پڄاڻي ’’روز‘ نالي گيت جهونگاريندي ڪئي. هن اسان سڀني کي ٻولَ سمجهڻ جو چتاءُ ڏنو تہ جيئن اهي اسان جي حياتين ۾ اسان کي ڪم اچن. سال جي پڄاڻيءَ تي، روز، ڪاليج جي ڊگري مڪمل ڪئي، جيڪو خواب هن سالن کان ڏٺو پئي.
گرئجوئيشن کان هڪ هفتو پوءِ، هُوءَ ماٺ ميٺ ۾ ننڊ ڪندي گذاري وئي. ڪاليج جي ٻن هزارن کان مٿي شاگردن کيس خراجِ عقيدت پيش ڪندي، سندس جنازي ۾ شرڪت ڪئي، جنھن بيحد شانائتي انداز ۾ اسان کي مثالي نموني اهو سيکاريو هو تہ اوهين جيڪي ڪُجهہ ڪري سگهو ٿا، ان لاءِ ڪڏهن بہ دير نٿي ٿي سگهي.
هي سڀ پڙهڻ کان پوءِ مھرباني ڪري، پنھنجن دوستن، خاندان ۽ ويجهن کي اها صلاح ضرور ڏجو تہ، ’ياد رکجي تہ عُمر جو وڏو ٿيڻ لازم آهي، پنھنجو وڌڻ اختياري آهي.‘

گرم ويلو ڇا هوندو آهي

اڄ شام جو جيئن ئي مان پنھنجي آفيس مان واپس اچي رهيو هُئس تہ گهٽيءَ مان لنگهندي مون ڏٺو تہ هڪڙو پوڙهو ماڻھو، هڪ دُڪان جي ٻاهران پيل گند جي دٻن مان ڪُجهہ ڳولي رهيو هو. پنھنجي ڪار ڏانھن ويندي مون کي محسوس ٿيو تہ اُتي ئي ڪُجهہ ٿيلھين ۾ بچيل کاڌو بہ پيل هو، جنھن کي هُن اُٿلائي پُٿلائي ڏٺو پئي. هڪ ٿيلھي مان کيس ڪُجهہ تريل پٽاٽا مليا، جيڪي ڪيچ اپ ۾ ٻُڏل هُئا. جڏهن تہ هڪ ٻيءَ ٿيلھيءَ مان هُن هڪ بچيل سينڊوِچ ڳولي لڌو.
مان الاءِ ڇو پنھنجي گاڏيءَ کي ٽيڪ لڳائي بيھي رهيو هُئس. هُن کاڌي جون شيون ڳوليون پئي ۽ اُنھن کي ڇنڊيندو پاسي کان رکندو پئي ويو. هِن گهڙيءَ تائين نہ هُن ڪنھن ڏانھن هٿ ڊگهيريو هو ۽ نہ ئي ڪنھن کان ڪُجهہ گهرڻ لاءِ ڏانھس واجهايو هُئائين. دٻي کي چڱي طرح چڪاسڻ کان پوءِ هُن سڄي زمين وري صاف ڪئي. پاسي کان رکيل هڪ پُراڻي ڪاغذي ۾ چونڊيل کاڌو ميڙيو. مُنھنجي دل ۾ الاءِ ڇا ٿي رهيو هو. لڳم پئي ڄڻ هُن جو ڏُک مون کي ويڙهي رهيو آهي. مان ڪو اهڙو شخص ناهيان جيڪو غريبن جي مدد ڪرڻ ۾ گهڻو اعتبار رکندو هُجي، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي بي گهر ماڻھو اصل ۾ بي گهر نہ هوندا آهن. مون کي لڳو تہ اِن کان پھرين مون ڪڏهن بہ ڪنھن کي ائين گند جي دٻي مان کاڌو ڳوليندي ڪونہ ڏٺو آهي. مون کي لڳو تہ سندس مدد ڪرڻ گهرجي. مان ڏانھنس وڌيس ۽ پُڇيومانس تہ، ”ڇا مان توکي کائڻ لاءِ ڪُجهہ وٺي ڏيان؟“ هُن وراڻيو تہ، ”جيڪڏهن وٺي ڏيندوسانس تہ، کيس خوشي ٿيندي.“ مون کي پوءِ محسوس ٿيو تہ وٽس هڪ موٽر سائيڪل بہ هُئي. مون کيس چيو تہ، ”مُنھنجي ڪار جي پويان اچ تہ جيئن مان اڳيان، کاڌي جي دُڪان تان توکي ڪُجهہ وٺي ڏيان.“
هُو مُنھنجي پويان آيو ۽ اُن کاڌي جي دُڪان تان مون کيس سڀ کان وڏي ڊيل وٺي ڏني. هُن مون کي رڳو هڪڙي درخواست ڪئي تہ، ”جيڪڏهن اِن مانيءَ ساڻ چانھہ جو هڪڙو ڪوپ ملي پوي تہ مزو اچي وڃي.“
جڏهن مون کيس سندس کاڌو آڻي ڏنو تہ هُن مُنھنجا ڏاڍا ٿورا مڃيا. هُن ٻُڌايو تہ سندس نالو اسٽيوَ آهي ۽ هُو گذريل سيپٽمبر کان وٺي بي گهر آهي جڏهن کان سندس ڀيڻ وفات ڪري وئي آهي. هاڻي بس گهٽين ۾ سندس گذران آهي. هُن وري بہ مُنھنجا ٿورا مڃيا ۽ مان ڳري دل سان پنھنجي ڪار ڏانھن هليو آيس.
مون گاڏي اڳتي وڌائي تہ لڳم تہ ڄڻ مان سندس مدد مڪمل نموني سان نہ ڪري سگهيو آهيان. مان موٽي آيس ۽ ڏٺم تہ هُن پنھنجي ماني کائي بس ڪئي هُئي ۽ هاڻي موٽر سائيڪل تي سوار ٿي ڪيڏانھن وڃڻ وارو هو. پُڇيومانس، ”ڇا مان ڪنھن ٻئي نموني سان تُنھنجي مدد ڪري سگهان ٿو؟“ هُن چيو، ”اهڙي ڪا خاص ضرورت ناهي.“ هُن مون کان پئسا نہ گهريا مون کانئس پُڇيو تہ، جيڪر مان کيس ڪُجهہ وڌيڪ مانيون وٺي ڏيان ۽ هڪڙو گفٽ ڪارڊ بہ وٺي ڏيان تہ؟... هُن وراڻيو تہ ”اها تہ ڀلائي ٿي پوندي.“ مان وري کاڌي جي هڪ دُڪان تي آيس ۽ کيس ڪُجهہ مانيون ۽ گفٽ ڪارڊ وٺي ڏنم.
هاڻي هُو اچي روئڻ ۾ ڇُٽو. ايڏو رُنائين جو مان پريشان ٿي ويس. هُن مون کي ٻُڌايو، ”اڄ مون تولاءِ دُعا گهري هُئي.“ مون کي حيرت وٺي وئي. نہ هُو مون کي سُڃاڻي پيو نہ مان هُن کي! تہ پوءِ هُن مون لاءِ دُعا ڇو گهري هُئي؟ هُن پنھنجي ڳالھہ جاري رکي، ”تون مون کي سمجهين نہ پيو... اڄ مون ڌڻيءَ کان اها دُعا گهري هُئي تہ ڪنھن اهڙي ماڻھوءَ کي مون وٽ موڪل، جيڪو مون کي هڪ ويلو گرم ماني کارائي... ۽ ڌڻيءَ توکي موڪلي ڇڏيو.“
مُنھنجا لفظ ختم ٿي ويا هُئا. هُن دُعا گهري پئي ۽ سا بہ هڪ گرم ويلي لاءِ... مون ڪڏهن ائين سوچيو آهي! مون تہ ڪڏهن اهو بہ نہ سوچيو آهي تہ ڪو ويلو ٿڌو ٿيندو آهي. بلڪہ، مون تہ مانيءَ لاءِ ڪڏهن ڪا دُعا ئي نہ گهري آهي. مون کي تہ بس ملندي رهندي آهي. مان ڪيڏو نہ نوازيل آهيان. شايد اڄ هي سڀ ڪُجهہ مون سان اِن ڪري ٿيو هو تہ جيئن مون کي پنھنجي حيثيت جي خبر پئي تہ ٻين جي مقابلي ۾ مون وٽ ڇا ڇا آهي.
هُن چيو، ”ڏس، مون کي ڪئنسر آهي.“ هُن پنھنجي قميص مٿي ڪئي ۽ پنھنجي وڌيل پيٽ ڏانھن اشارو ڪيائين، ”مان ڄاڻان ٿو تہ مون وٽ گهڻو وقت ڪونھي، بس ائين آهي تہ چاهيان ٿو تہ جيڪو بہ وقت هُجي، اُهو بس ٿورو چڱو گُذري.“
هاڻي وري ڳوڙها مُنھنجي اکين مان نيسارا ڪري وهي رهيا هُئا. اسٽيوَ جي ڪھاڻي هڪ عام ڪھاڻي هُئي، پر سندس اثر خاص هُو. هُن مون کان موڪلايو ۽ چيائين، ”جڏهن مٿان ٻاجهہ ٿيندي رهي تہ اُن ٻاجهہ جو سدائين شڪر گُذار رهڻ گهرجي ۽ اها ڳالھہ رڳو ڪتابي ناهي تہ پاڻ کان هيٺئين تي نگاھہ رکڻ گهرجي. عملي زندگي بہ اهو ئي گُهري ٿي.“
ڇا اها ڳالھہ عجيب ناهي تہ اسان کي اها بہ خبر نہ هُجي تہ گرم ويلو ڇا هوندو آهي؟

اسان وٽ سدائين ٻہ موقعا هوندا آهن

جيري اهڙي قسم جو انسان آهي، جنھن سان شدت سان محبت وچان نفرت ڪري سگهجي ٿي. هُو سدائين بھترين مزاج ۽ موڊ ۾ هوندو آهي ۽ سدائين وٽس چوڻ لاءِ سٺي ۽ مثبت ڳالھہ هوندي آهي. جڏهن بہ کانئس پُڇبو تہ ڪھڙا حال آهن تہ سندس ورندي هڪدم هوندي هُئي. ’جي اڃان وڌيڪ چڱو هُجان ها تہ کڻي جاڙو هُجان ها.‘ معنيٰ وڌيڪ چڱو هُجان هان.
هُو هڪ ريسٽورنٽ ۾ مئنيجر هو ۽ مئنيجر بہ بيحد عجيب... ڇاڪاڻ تہ الاءِ ڪيترا بيرا، سندس پوئلڳ هوندا هُئا. هُو ڪا هوٽل پڪڙيندو هو تہ سڀ اتي اچي ويندا هُئا. ڪنھن هوٽل تان ڪم ڇڏيندو هو تہ اها لوڌ بہ ساڻس ٻئي ڪنھن نگر جو رُخ ڪندي هُئي. اهي سڀ سندس سلوڪ جي ڏور ۾ ٻڌل هوندا هُئا. هُو ڄڻ تہ قدرتي طور اتساهيندڙ هو. جي ڪنھن ڏينھن ڪنھن تي ڪو خراب وقت ايندو هو تہ جيري هڪدم وڃي سندس هٿ جهليندو هو ۽ کيس ٻُڌائيندو هو تہ ”ڏسو هن مشڪل جو هي مثبت رُخ بہ تہ ٿي سگهي ٿو نہ.“
سندس ڳالھيون، مون کي الاءِ ڇو توائي ڪنديون هيون. هڪ ڏينھن مون وڃي سندس دڳ جهليو ۽ پُڇيومانس ”مون کي تون سمجهہ ۾ نٿو اچين. تُنھنجو طريقو ڏسي، مُنھنجو تہ ساھہ ٿو مُنجهي، تون هر وقت تہ ائين مثبت نٿو رهي سگهين... پر اهو آخر تون ڪندو ڪيئن آهين؟“
هن وراڻيو، ”هر صبح جو جڏهن مان جاڳندو آهيان تہ پنھنجو پاڻ کي چوندو آهيان، ڏس جيري اڄ تو وٽ ٻہ موقعا آهن. تون سٺي موڊ ۾ رهڻ جي چونڊ بہ ڪري سگهين ٿو ۽ خراب موڊ ۾ رهڻ جو فيصلو بہ ڪري سگهين ٿو. پوءِ مان سٺي سڀاءُ، سٺي موڊَ جي چونڊ ڪندو آهيان. هر ڀيري جڏهن بہ ڪُجهہ خراب پيش ايندو آهي يا غلط ٿيندو آهي تہ مان ان ۾ مظلوم بڻجڻ چونڊيان يا وري ان مان ڪو سبق سکان. مان اُن مان سبق سکڻ جو فيصلو ڪندو آهيان. هر واري جڏهن بہ ڪو مون وٽ شڪايتون کڻي ايندو آهي تہ يا تہ مان سندن شڪايتن کي قبولڻ چونڊيان يا وري حياتيءَ جي مثبت رخ ڏانھن اشارو ڪيان. مان مثبت روخ ڏانھن اشارو ڪرڻ پسند ڪندو آهيان.“
”نہ پر اهو سڀ ڪو ايڏو سولو تہ ناهي.“ مون ڄڻ احتجاج ڪيو آهي. ”ڏاڍو سولو آهي“ هن زور ڏنو. ”حياتي تہ بس رڳو چونڊ ئي آهي. جڏهن بہ توهان فالتو شيون ڪري ڇڏيو ٿا تہ هر صورتحال بس چونڊ ئي آهي. توهان ئي اهو چونڊيندا آهيو تہ ڪنھن عمل کي ڪيئن ٿا مُنھن ڏيو. توهان ئي چوندا آهيو تہ ماڻھو اوهان جي سڀاءُ کي ڪيئن متاثر ڪندا.. توهان ئي سٺي ۽ خراب سڀاءُ جي چونڊ ڪندا آهيو. تہ رڳو اهو آهي تہ اوهان ڪيئن گذاريندا رهو، اوهان پاڻ چونڊيندا آهيو.“
مون کي سندس ڳالھيون اندر ۾ لھندي محسوس ٿيون. ڪُجهہ عرصو ترسي مون هوٽل انڊسٽري ڇڏي پنھنجو ڪاروبار شروع ڪيو ۽ اسان جو رابطو جھڙوڪر ڪٽجي ويو پر مان بھرحال هن جي ڳالھين کي ياد ڪندو هُئس ۽ حياتيءَ ۾ ردِعمل ڏيڻ بجاءِ ’چونڊ‘ واري ڳالھہ تي گهڻو ڌيان ڏيندو هئس. ڪُجهہ سالن کان پوءِ مون کي خبر پئي تہ جيريءَ جي هوٽل تي ڪُجهہ هٿياربند ڦورن حملو ڪيو هو، کيس ٽجوڙي کولڻ لاءِ چيائون. پريشانيءَ وچان هُو تال ميل ڀلجي ويو. ڦورن کي ڪاوڙ آئي ۽ هنن کيس گوليون هڻي ڇڏيون. خوشقسمتيءَ سان کيس جلدي اسپتال پھچايو ويو. 18 ڪلاڪن جي ڊگهي آپريشن ۽ انتھائي نگهداشت جي يونٽ ۾ انيڪ هفتا رهڻ کان پوءِ کيس گهر وڃڻ جي ان صورتحال ۾ موڪل ملي جو گولين جا ڪُجهہ ڇيرا، اڃان بہ سندس جسم ۾ رهيل هُئا.
حادثي کان تقريبن 6 مھينا رکي مان ساڻس مليس ۽ پڇيومانس، ”ڪيئن آهين؟“ تہ اها ئي ورندي ڏنائين، ”جي اڃان وڌيڪ چڱو هُجي ها تہ کڻي جاڙو هُجان ها. تون مُنھنجا نشان ڏسندين؟“
مون کي ڊپ پئي لڳو، مون اهي تہ نہ ڏٺا پر کائنس پُڇيم ضرور تہ جنھن مھل ڌاڙو لڳو پئي تہ کيس ڇا محسوس ٿي رهيو هو.
”پھرين شئي جيڪا مُنھنجي ذهن ۾ آئي، سا اها هُئي تہ مون کي در بند ئي رکڻ گهرجي ها.“ هن وراڻيو، ”۽ پوءِ جڏهن مان فرش تي ڪريل هُئس تہ مون سوچيو مون وٽ ٻہ موقعا آهن، يا مان جيئڻ چونڊيان يا مري وڃان... مون جيئڻ چونڊيو.“
”توکي ڊپ نہ ٿيو هو، تو هوش نہ وڃايو هو؟“ پُڇيم.
هن جواب جاري رکيو، ”طبي عملي وارا زبردست هئا، پر جنھن مھل هُو مون کي اسٽريچر تي کنيو پئي ويا تہ مون ڊاڪٽرن، نرسن ۽ ٻئي عملي جي مُنھن تي ڄڻ اهو ٻڌي ورتو تہ بس ”همراھہ تہ ويو“... پوءِ مون کي ڊپ ٿيڻ لڳو، مون کي لڳو تہ هاڻي عملي سوچ جو وقت آهي. هڪ گهنڊيدار وارن واري نرس مون کان پُڇيو، ”توکي ڪا الرجي بہ آهي.؟“ مون چيو، ”ها“ سڀني ساھہ روڪيو، مون کي ڏسي رهيا هُئا. مون چيو، ”مون کي گولين کان الرجي آهي.“ سڀ کڻي کِليا چيومانِ، ”مان جيئڻ چونڊيان ٿو. مُنھنجي آپريشن ائين ڪجو، جيئن مان جيئرو هُجان مُئل نہ.“
جيري، ڊاڪٽرن جي مھارت جي ڪري بچي ويو پر ان کان وڌيڪ حيرتناڪ سندس سلوڪ آهي. مون کائنس ئي سِکيو آهي تہ هر نئين ڏهاڙي اسان کي بھترين نموني سان جيئڻ جي هر حال ۾ چونڊ ملندي آهي، سلوڪ ڪمال حيثيت رکي ٿو.

خوشي تہ لاڳيتو سفر آهي، منزل ٿورئي آهي

اسين پاڻ کي سمجهائيندا آهيون تہ حياتي ان مھل ڏاڍي سَوَلِي ٿي ويندي، جڏهن اسان شادي ڪنداسين، جڏهن اسان کي ٻارُ ٿيندو، وري ٻيو ٻار ٿيندو مٿان وري اها چِڙَ اچي ٿي تہ ٻار اڃان وڏڙا ناهن ٿيا.
وري خيال اچي ٿو تہ جوان پيا ٿين. گهاٽي نگاھہ رکجي، مٿن ڪَرڙي اک رکجي، ڌيان جو ذرو بہ نہ هٽائجي.... وري... وري... وري.
سٺي گاڏي وٺجي تہ سولائي ٿيندي، الاهي پئسا ملندا يا هوندا تہ سولائي ٿيندي، هي ملندو تہ سولائي ٿيندي، هُو ملندو تہ سولائي ٿيندي!
اسين سولائيءَ جي چڪر ۾، هلندڙ وقت کي ڏکيائيءَ ۾ مٽائيندا آهيون. اها گهڙي جيڪا اسان وٽ هوندي آهي ڏکي گذرندي آهي ۽ سولي گهڙيءَ جو انتظار سدائين پاڻ ساڻ کنيو وتندو آهي. اسين، ايندڙ وقت جي چڪرن ۾ ڳرندا رهندا آهيون. برف جيان حياتي رِجندي ويندي آهي، چوڌاري لاحاصل جھڙو يا ڪڏهن ڪڏهن حاصلات جهڙو، ساڳيو برف جو پاڻي گڏ ٿيندو ويندو آهي ۽ بس.... هڪ ڏينھن حياتيءَ جي اها برف جي سِرَ رِجِي ختم ٿي ويندي آهي.
بغداد جي بازار ۾، هڪ برف فروش صدا هڻي رهيو هو، ”رحم ڪيو، ان جي مُوڙيءَ تي، جيڪا ڳري رهي آهي.“ ساڳيو حال، حياتيءَ جو آهي، اسين ڇو نہ هلندڙ وقت جي ڳرندڙ لمحي تي رحم ڪندا آهيون. جڳ مشھور ڏاهو ’الفريڊ ڊي سوزا‘ چوي ٿو:
”الاءِ ڪيترو عرصو مون کي ائين لڳندو هو تہ حياتي اڃان هاڻي شروع ٿيندي... اصلي حياتي... پر سدائين راھہ ۾ ڪا نہ ڪا روڪ تہ رهي ئي رهي. ڪا اهڙي شئي جنھن سان پھرين نبرڻ، جھڙوڪر لازم بڻجي ويندو هو. اها سوچ ايندي هُئي تہ پھرين ان کي مُنھن ڏئي وٺون، پوءِ ٿا اڳيان هلون، ڪو نامڪمل ڪاروبار، ڪو اڌيڪو منصوبو، ڪا اوڌر ادا ڪرڻ... ۽ پوءِ وڃي اصلي حياتيءَ تائين پھچڻ جو ڪم وري شروع ڪجي... پر الاءِ اصلي حياتي گذاريسين بہ الاءِ نہ...“
حياتيءَ ۾ دولت، جاھہ، حشمت مرتبو پنھنجي جاءِ تي الڳ الڳ ۽ اهم حيثيت رکن ٿا، جن کان ڪوبہ انڪار نٿو ڪري سگهجي، پر خوشيءَ جي خريد ڪُجهہ ٻي آهي. خوشي ان گهڙيءَ ۾ هوندي آهي، جنھن گهڙيءَ ۾ اها هُجي... دولت ۽ ٻيا مانَ مرتبا کڻي ڪُجهہ عرصو جٽاءُ بہ ڪن، پر اها ڪيڏي نہ عجيب ڳالھہ آهي تہ خوشي، هڪ پاڇي جيان ايندي آهي ۽ گم ٿي ويندي آهي. جي اهو سڀ ائين لڳي ٿو تہ اسين ان گهڙيءَ جو مزو ڇو ڪونہ ٿا ماڻيون.
سَوَلِي حياتيءَ لاءِ، سولو لمحو گهرجي ۽ لمحو سَوَلو، تڏهن بڻجي ٿو، جڏهن خوشيءَ جو ساٿ هُجي. خوشي، جيڪي ان هلندڙ وقت جو ڀرپور ساٿ ڏئي، ان کي جاودان بڻائي سگهي ٿي. اها خوشي، جيڪا حياتيءَ ۾ ٻين جي مدد، ٻين جي احساس، ٻين سان لاڳاپي جي صورت ماڻي ۽ پاڻ کي بہ خوش ڪري.
اها ڪيڏي نہ اهم ڪيفيت آهي تہ جڏهن اسين مُرڪون ٿا تہ اسان جو پنھنجو چھرو بيحد حسين بڻجي وڃي ٿو، جيتوڻيڪ اها مُرڪ ٻين لاءِ هوندي آهي. ڪيڏي نہ اهم ڳالھہ آهي تہ تحفو تہ ڪنھن ٻئي کي پيش ڪجي پيو پر اُن جو مُور پاڻ کي حاصل ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن اها سوچ دل ۾ گهر ڪري وڃي تہ زندگيءَ جي سونھن ڪيڏي نہ وڌي وڃي.
اهو ئي سفر آهي. جنھن جون منزلون طئہ ٿين ٿيون، پر سفر جاري رهي ٿو. ڀلي رستي تي ڪيترائي سوچن جا مائل اسٽون ايندا رهن، نگاھہ وري بہ منزل ڏي ئي رهي ٿي. جنھن کي ’خوشي‘ چئبو آهي.

هاڻي ڪيترائي سوالَ لاجواب آهن

مان، سمنڊ ڪناري، وڻ جي هڪ پراڻي ٿُڙ کي ٽيڪ لڳايو، سامھون نھاري رهيو آهيان. آڪٽوبر جي تپت ۾ ريتي گرم آهي. سج سڄو ڏينھن گهوريندو رهي ٿو. هوا مُنھنجا وار اڏاري ٿي ۽ مُنھنجي نوٽ بُڪ تي واري ڇڻڪي ٿي. مون سامھون سمنڊ گجگوڙ ڪري ٿو ۽ سندس اونھو آواز ۽ ڪنھن ڪنھن مھل ڊگهي ساهي، ڌيان ڇڪائينِ ٿا. مُنھنجي پاسي ۾ ئي هڪ ٽڪرِي، پنھنجا پير، سمنڊ ۾ پُسائيندي ٿي رهي ۽ سمونڊ آهي جو وڌ کان وڌ مٿي ٿي، ڄڻ کيس چيڀاٽڻ ٿو گهري. مان سندن ڳالھہ ٻولھہ ٻُڌندو رهان ٿو. ٽڪري سمنڊ کي چوي ٿي، ”نہ ڪر ائين، گوڙ بند ڪر، مان هتي ئي آهيان ۽ توکي چڱيءَ طرح ٻُڌي سگهان ٿي.“
”مان توکي مڪمل محسوس ڪرڻ ٿو گهران. تُنھنجي ويجهو ٿيڻ ٿو گهران.“
”مان ڄاڻان ٿي.“
”مان پھرين نظر ۾ ئي توسان محبت ۾ جڪڙجي ويو هُئس. مون کي اهو ڏينھن ياد آهي، جڏهن مون توکي پھريون ڀيرو ڏٺو هو. پيريَن اگهاڙي ... تون هتي آچي ويٺي هُئين. پاڻيءَ ۾ پير ٻوڙيا هُيئي، گوڏن تي کاڏي رکي هيئي ۽ اکيون مون تي کُپايون هيئي. حياتي ڄڻ بيھجي وئي هُئي. آوازَ گم ٿي ويا هُئا. حياتيءَ ۾ پھريون ڀيرو پنھنجي روح جي شرمائڻ ۽ اتساهجڻ کي محسوس ڪندي مان ڄڻ ڄمي ويو هُئس، مفلوج ٿي ويو هُئس.“
”مون کي اهو سڀ ياد آهي، تون طاقتور ۽ زبردست هُئين ۽ آسماني رنگ جا سڀ عڪس تو ۾ جرڪيا پئي، جيڪو مُنھنجو محبوب ترين رنگ آهي. مون کي تنھنجي موٽَ سمجهہ ۾ نہ پئي آئي، تہ ائين ڇو پئي ٿيو! تو مُنھنجي پيرن تي ڌڪ پئي هنيا ۽ تُنھنجي گجي ٽڪرائجي رهي هُئي.“
”مون توکي احساس ڏيارڻ ٿي گهريو. مون توسان محبت ڪرڻ پئي گهري. مُنھنجي دل تو لاءِ ڪڍي پئي، مون توکي پڪڙڻ پئي چاهيو سڄي عُمر لاءِ، پر مون کي پنھنجي فطرت کان ڊپ پئي ٿيو.“
”ڄاڻان ٿي. توکي ياد آهي، تون ڪنھن کي بہ مون تائين پھچڻ ناهين ڏيندو.“ ٽڪري مُرڪي ٿي.
”هائو... بس مون کي اهو خوف هوندو آهي تہ هُو توکي مون کان چورائي ويندا.“
”چريا، مون کي تو کان سواءِ ڪنھن جي ضرورت ئي ناهي. ماڻھو، جانور، پکي، ايندا ويندا رهندا آهن. سال لنگهي ويا. سج مُنھنجا ڪلھا تپائيندو هو ۽ آسمان، سج لھڻ سان ٻرڻ لڳندو هو... مون کي بس تون ئي هر حال ۾ نظر ايندو آهين.“
”ڪاش اهو سڀ مان ڄاڻان ها... تولاءِ وڙهندي مون الاءِ ڪيترا غوراب ٻوڙي ڇڏيا.“ سمنڊ ٿڌو ساھہ ڀري ٿو.
”توکي ياد آهي، جڏهن پھريون ڀيرو پاڻ دوست بڻياسين؟“
”ڇو نہ... سج لٿو پئي ۽ تُنھنجي حسناڪي وڌي پئي، مُنھنجي پاڻيءَ گوڙ وڌايو هو ۽ هڪ هڪ لھر توکي ٻوڙڻ پئي گهريو. مُنھنجي لھر جو هڪ هڪ ڦڙو، توکي ڇھڻ پيو گهري، محبت سان، عقيدت سان.“
”مون کي بہ ياد آهي، توسان ملي جيڪا مون کي نئين خوشي ملي هُئي سا بيان نٿي ڪري سگهجي. مون کي پڪ ٿي تہ تون مون سان پيار ڪندين ۽ ڪڏهن بہ مون کي نہ ڏُکوئيندين. پاڻ ملياسين تہ ڪيڏو کِلياسين. ٽھڪ ڏناسين، رڙيون ڪيوسين. کِلي کِلي کيرا ٿي پياسين.“
”هاءِ راڻي، مون کي هڪ هڪ گهڙي ياد آهي ۽ لڳندو ٿم تہ هر گهڙيءَ پنھنجي محبت وڌندي ئي پيئي رهي.“
”لڳندو ڇو ٿئي، ائين بلڪل آهي.“
”محبت، ازل ابد جو ناتو آهي. ڀلي ان ۾ مون وانگر گوڙ هجي يا تو وانگر ساٿ... اهو رشتو وقت مضبوط ڪندو ويندو آهي.“
”هائو. تون صحيح ٿو چوين.“
”پر مان سوچيندو آهيان... اها سدائين جي محبت، جيڪا تو مون وچ آهي. انسانن ۾ ڇو نٿي رهي! هُو تہ سڀ سمجهن ٿا، پوءِ رڳو هڪ ڀيرو ملن ٿا ۽ بار بار وڇڙن ٿا. هُو اسان وانگر هڪ ڀيرو ملي، سدائين وانگر نہ وڇڙڻ جي سوچ ڇو نٿا رکن!؟“
ٽڪري ۽ سمنڊ مون ڏانھن نھاريندا رهن ٿا، هُو پاڻ ۾ ئي سوال جواب ڪن تہ چڱو آ... مون وٽ وري هنن جي سوالن جو ڪھڙو جواب آهي.!

اسين ڪھڙي قسم جا ماڻھو آهيون

زندگي بہ عجيب فلسفو آهي.
هتي حياتي اڪيلي بہ گذري ٿي تہ وري اوسي پاسي نگاھہ ڪجي تہ هڪ هجوم بہ اسان ساڻ هوندو آهي. مائٽ، هم جماعت، دوستَ، سنگي ساٿي، عزيزَ، سِکيا ڏيندڙَ، گڏ نوڪري ڪندڙَ، مطلب هر قسم جو انسان اسان جي حياتي ۾ اچي ٿو. اسان ساڻ وقت گذاري ٿو ۽ پنھنجو مدو پورو ڪري ٿو. حياتي گذارڻ جي ان عرصي ۾، اسين ڪڏهن ڪڏهن، ڪنھن کان گهڻو ڪجهہ پرائيندا آهيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ اسان کي هڪ سٽ بہ سمجهہ ۾ ڪونہ ايندي آهي. زندگي جتي ساٿ جو سبق ڏئي ٿي اتي ڪڏهن ڪڏهن جدائيءَ جي موسم بہ سامھون اچي ٿي.
گڏ هلندي، زندگي الائي ڪيترا راز اسان جي سامھون کوليندي آهي. چيو ويندو آهي تہ جيڪڏهن ڪنھن کي پرکڻو آهي تہ کيس ڪاوڙ جي حالت ۾ ڏسو يا وري ساڻس ڪڏهن ڪو سفر ڪري ڏسو. سڄو اندازو ٿي ويندو تہ شخصيت ڪھڙي قسم جي آهي. انسان اڪيلو بہ سفر ڪري سگهي ٿو پر جيڪڏهن کيس رفاقتن جي دولت نصيب هجي تہ چيو ويندو آهي تہ حياتيءَ جو سفر سَولو بڻجي وڃي ٿو. اهي تہ دراصل اهي ماڻھو هوندا آهن جيڪي پنھنجي ساٿ سان اسان جي سفر کي سَولو بڻائيندا آهن.
پنھنجي حياتي گذارڻ ۾، ڪڏهن اسان سوچيو آهي تہ اسين ڪھڙي قسم جا ماڻھو آهيون. اسان ميلَ جو پٿر آهيون، راھہ ڏسَيندڙ آهيون يا منزل آهيون. اهو عرصو جيڪو اسين ساڻ رهون ٿا ان عرصي ۾، اسان ساڻ رهندڙ، اسان تي ڪيترو ڀروسو ڪن ٿا يا وري جي سڪي جي ٻئي رخ کي ڏسجي تہ اهو اندازو لڳائجي تہ اسين انھن تي ڪيترو ڀروسو ڪيون ٿا. زندگي تہ اصل ۾ ڀروَسي جو ٻيو نالو آهي. جيتوڻيڪ ساھہ تي ڀروسو نہ بہ هوندو آهي پر تہ بہ هڪ اڻ ڄاتل ڀروسي ساڻ حياتي گذري ويندي آهي.
مشھور ڏاهو ’ٽيلڪس‘ ماڻھن جا ٽي قسم ٻڌائي ٿو.
1. پَنُ ماڻھو
2. ٽارِي ماڻھو
3. پاڙَ ماڻھو

پَنُ ماڻھو:
اوهان جي حياتي ۾ رڳو هڪ موسم لاءِ ايندا آهن. توهان انھن تي پيڙھہ نٿا رکي سگهو، نہ ئي مٿن انحصار ڪري سگهو ٿو. ڇاڪاڻ تہ اهي ڪمزور هوندا آهن ۽ رڳو ڇانورو ئي ڏئي سگهندا آهن.
پنن وانگر اهي رڳو پنھنجي ضرورتن جي ڪري موجود هوندا آهن ۽ جيئن ئي اوهان جي حياتين ۾ گرم يا ٿڌي هوا لڳي تہ ڇڻي پوندا. توهان انھن تي ڪاوڙجي نٿا سگهو ڇا ڪاڻ تہ اهي، ائين ئي هوندا آهن.

ٽاري ماڻھو:
ڪجهہ اهڙا ماڻھو بہ هوندا، جيڪي اسان جي حياتين ۾ وڻن جي ٽارين جيان ايندا آهن اهي پنن کان سگهارا هوندا آهن پر توهان کي انھن سان رهڻ لاءِ احتياط کان ڪم وٺڻو هوندو آهي. اهي ڪيتريون ئي موسمون ساڻ هوندا آهن پر جي اوهان هڪ بہ خطرناڪ طوفانن کي منھن ڏنو تہ ٿي سگهي ٿو تہ اوهان انھن کي وڃائي ڇڏيو. گهڻو ڪري حالتون ڏکيون هجن تہ اهي ڀڄي پوندا آهن جيتوڻيڪ پنن کان وڌيڪ سگهارا هوندا آهن. انھن کي وڃائڻ کان پھرين، يا مٿن پنھنجو پورو بار وجهڻ کان پھرين، سندس چڪاس ڪريو. گهڻن مثالن ۾ هو گهڻو وزن کڻي ناهن سگهندا پر وري بہ، توهان مٿن بگڙجي نٿا سگهو. هو تہ بس اهڙا ئي هوندا آهن.

پاڙَ ماڻھو:
جي اوهان پنھنجي حياتيءَ ۾ ڪجهہ اهڙا ماڻھو حاصل ڪري سگهو جيڪي وڻن جي پاڙن جيان هجن تہ پوءِ اوهان سمجهي سگهو ٿا تہ اوهان ڪجهہ خاص حاصل ڪري ورتو آهي. وڻن جي پاڙن جيان، اهي لڀجڻ ۾ ڏکيا هوندا آهن ڇاڪاڻ تہ کين نظر اچڻ جو ڪو شوق نہ هوندو آهي. سندن ڪم رڳو اهو هوندو آهي تہ توهان کي مضبوطي سان جهلي بيھن ۽ هڪ صحتمند خشگوار زندگي گذارڻ ۾ مدد ڪن. جي اوهان سوگهارا ٿيو ٿا تہ اهي اوهان لاءِ خوش آهن. هو سدائين هيٺائين تي رهندا آهن ۽ دنيا کي اهو ڄاڻڻ نہ ڏيندا تہ هو ڪو اتي موجود آهن ۽ جي اوهان ڪنھن طوفان مان لنگهو ٿا تہ اهي اوهان کي مضبوطي سان جهلين ٿا. سندن ڪم اوهان کي سگهارو بڻائڻ آهي. کڻي ڇا بہ ٿي پوي، هو ائين ڪندا. اهي اوهان کي کاڌو ڏيندا، پاڻي ڏيندا ۽ طاقت ڏيندا، ائين ئي جيئن هڪ وڻ ۾ ڪيتريون ئي ٽاريون ۽ ڪيترائي پن هوندا آهن پر پاڙون ٿورڙيون هونديون آهن.

پنھنجي حياتيءَ ڏي نھاريو
توهان وٽ ڪيترا پن، ٽاريُون ۽ پاڙُون آهن؟ ۽ اوهين ٻين ماڻھن جي حياتي ۾ ڇا آهيو. پن آهيو، ٽاريُون آهيو يا پاُڙون آهيو!؟
جي سمجهو ٿا تہ ڪجهہ ماڻھو اوهان وٽ پاڙن جيان آهن تہ ساڻن گڏ رهو ۽ سندن ٿورا مڃو.