لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ
ھي ڪتاب ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ڊي فل (سنڌيءَ) لاءِ 1971ع ۾ پيش ڪيل ٿيسز تي مشتمل آھي. ھن ڪتاب ۾ لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي سونھن ۽ قديم تاريخ جي ھر پھلوءَ جي ڀرپور اپٽار ٿيل آھي. ھي مقالو اٺن بابن تي مشتمل آھي جنھن ۾ لاڙ جي جاگرافي، لاڙ جي تاريخ ۽ قديم آثار، لاڙ جي لوڪ ادب، لاڙ جي عالمن، فاضلن، اوليائن، مشاھيرن ۽ فقراء سميت مختلف پاسن تي تحقيقي مواد شامل آھي.