شخصيتون ۽ خاڪا

سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

ڪتاب  ۾ سائين زوار نقويءَ جي شخصي، ادبي، علمي، صحافتي ۽ سماجي پھلوئن جو مڪمل نچوڙ شامل آھي.ڪتاب ۾ سيد زوار نقوي جي فن ۽ شخصيت بابت مختلف اديبن ۽ شعوروندن جون لکڻيون، سيد زوار نقوي جا لکيل ڪجهه مضمو، بيان ۽ ڪالم، خاڪا، تاثر، تعزيت ناما. انٽرويوز، روح ڪھاڻي، شاعري، جيون خاڪو، سيلف انٽرويو ۽ سيد زوار نقويءَ باب لکيل ڪجهہ ايڊيٽوريل شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 7
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: ]اينٿالاجي[ سيد زوار نقوي-فن ۽ شخصيت
موضوع: سوانح ۽ ادبي خدمتون
مرتب: وفا مولا بخش
ڇاپو پھريون: 2022ع
لي آئوٽ: فيصل ميمڻ
ٽائيٽل: فيض محمد
ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
دوآٻو پوليس لائين سامهون عبرت پريس گاڏي کاتو حيدرآباد


مُلھہ: 600


ANTHALOGY
(Syed Zawar Naqvi Fun Ain Shakhsiat)
Compiler: Wafa Mola Bux
First Edition: 2022
Title Design: Faiz Muhammad
Lay Out: Faisal Memon
Published By: Sambara Publication Hyd
Email: sambara. publication@gmail. com
0300-3513966

اَرپنا

حضرت قبلہ سيد ويڌل شاھہ جھانيانرحہ
حضرت قبلہ سيد دادن شاھہ جھانيانرحہ
جي نالي
وڏي وٿ هيام، ٻاروچا ڀنڀور ۾!

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گلھر پاران وفا مولا بخش جو ترتيب ڏنل ڪتاب ”سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)“ اوھان اڳيان آڻجي ٿو.
سيد زوار نقوي جي انٿالاجيءَ ۾ سندس متعلق ٻين جا دلچسپ ويچار ھن ڪتاب جي سونھن آھن. جنھن ۾ سائين زوار نقويءَ جي شخصي، ادبي، علمي، صحافتي ۽ سماجي پھلوئن جو مڪمل نچوڙ شامل آھي.ڪتاب ۾ سيد زوار نقوي جي فن ۽ شخصيت بابت مختلف اديبن ۽ شعوروندن جون لکڻيون، سيد زوار نقوي جا لکيل ڪجھہ مضمو، بيان ۽ ڪالم، خاڪا، تاثر، تعزيت ناما. انٽرويوز، روح ڪھاڻي، شاعري، جيون خاڪو، سيلف انٽرويو ۽ سيد زوار نقويءَ باب لکيل ڪجهہ ايڊيٽوريل شامل آھن.
ھي ڪتاب 2022ع ۾ سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون وفا مولا بخش ۽ سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ ساجد چانڊيو جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گلھر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

اداري پاران

ھونئن تہ اسان سنڌي ٻوليءَ جي قدامت پسنديءَ ۽ تاريخي حقيقتن تي نازان ٿيڻ جو حق تہ رکون ٿا پر ٻوليءَ جي بڻ بڻياد ۽ سنڌو لکت جي اصلوڪين جي وارثي کان نابري واري ويٺا آھيون. خاص طور نثري صنفن ۾ مروج ۽ ڌارين لفظن جو استعمال ججهو ٿيندو پيو وڃي. جنھن کي ٻنجو ڏيڻ جي ضرورتن کي محسوس ڪندي وقت بوقت سائين زوار نقويءَ وت آھر پاڻ ملھايو آھي. ھونئن تہ سندس لفظن جي سحرانگيزي ڪنھن بہ نئين پڙھندڙ کي پاڻ سان گڏ وٺي ھلڻ جي سگهہ سان سرشار محسوس ٿيندي. پوءِ کڻي ان جو موضوع ڪھڙو بہ ھجي سيد زوار نقوي جي قلم ۽ زباني ڪلام ۾روايتي لتاڙ جو پاڇو نظر نہ ايندو. سندس انداز بيان ۽ منفرد لکڻيون حساس دلين جون ترجمان ۽ تڪڙي اثرانداز ٿيڻ جي مقناطيسي ڪشش سان ھمڪنار آھن. پاڻ زندگيءَ جي تلخ تجربن دوران ھر مڪتب فڪر جي شخصيتن سان ويجهڙائپ سبب سندن عملي ڪردار کان تہ بخوبي واقف آھي. پر سندس متعلق ٻين جا دلچسپ ويچار ھن ڪتاب جي سونھن آھن. جنھن ۾ سائين زوار نقويءَ جي شخصي، ادبي، علمي، صحافتي ۽ سماجي پھلوئن جو مڪمل نچوڙ شامل آھي.
سيد زوار نقوي جي انٿالاجيءَ مان اھي ڀلي ڀت پروڙ پوي ٿي تہ پاڻ مختلف سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي اھم ذميوارين باوجود لاڳاتار علمي ادبي سرگرمين ۾ متحرڪ رھندي بہ پنھنجي تخليقي پورھئي کي پڙھندڙن تائين رسائيندو رھيو آھي. يقينن ان جي اعترافي جهلڪ وفا مولابخش جي ھن سھيڙ سان سامھون اچي ٿي. جنھن نھايت سچائيءَ سان پنھنجي تفصيلي نوٽ سميت سائين زوار نقويءَ جي ادبي ۽ علمي خدمتن کي نہ فقط ڀيٽا طور پيش ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي پر ھن ڪنھن بہ اھم شخصيت کي سندس زندگيءَ ۾ مڃتا نہ ڏيڻ جي روايت کي بہ ٽوڙيو آھي ۽ ان ۾ ڪوبہ شڪ ناھي تہ سائين زوار نقويءَ جي سنڌي ٻولي ۽ ادب سان عشق کيس گهڻن کان ممتاز بڻائي ٿيو.

ساجد سنڌي
سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد

پنھنجي پاران: وڏو ماڻھو وڏو ليکڪ، سيد زوار نقوي

ڪنھن بہ فرد جو ڪنھن بہ شعبي ۾ پنجاھہ سال مسلسل خدمتون سر انجام ڏيڻ معنيٰ سڄي زندگي ان شعبي جي خدمت ڪرڻ برابر آهي. سيد زوار نقوي بہ گذريل پنجاھہ سالن کان سنڌي ادب جي ميدان ۾ پنھنجي قلمي پورهيي ذريعي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. انھن پنجاھہ سالا خدمتن جي عيوض کيس ڇا مليو ۽ ڇا نہ مليو، پاڻ ان تي بحث ڪنھن الڳ تحرير ۾ ڪنداسين پر هتي آئون ايترو ضرور چوندس تہ انھن پنجاھہ سالا خدمتن جي عيوض پڙهندڙن وٽان جيڪا محبت کيس موٽ ۾ ملي آهي، اها گهٽ ماڻھن جي حصي ۾ ايندي آهي ۽ اها محبت کيس ملڻ بہ ڇو نہ کپي ڇاڪاڻ تہ پنھنجي ذات ۾ هو پاڻ پڻ سڄي ڄمار محبتن جو سفير رهيو آهي ۽ هن پنھنجي زندگيءَ ۾ جيڪڏهن ڪجهہ ڪمايو بہ آهي تہ اها عزت ۽ محبت ئي آهي.
سيد زوار نقويءَ سان منھنجي پھرين غائبانہ ملاقات 1990ع واري ڏهاڪي جي ابتدائي سالن ۾ سندس ڪتاب “پل آ پل” ۽ سندس اخبارن ۾ ڇپجندڙ ڪالم “ڳالھہ هڪ دور جي” جي ذريعي ٿي ۽ روبرو پھرين ملاقات غائبانہ ملاقات جي تقريبن 10 سالن کان پوءِ 2003ع ۾ ان وقت ٿي جڏهن آئون “روزاني ڪاوش” اخبار ۾ سندس ئي سربراهيءَ ۾ هلندڙ هڪ شعبي ۾ پارٽ ٽائم نوڪري ڪرڻ لڳس، جتان ئي ساڻس دوستيءَ ۽ نيازمنديءَ جو سلسلو جڙيو، جيڪو وقت گذرڻ سان گڏ هاڻ هڪ اڻکٽ احترام ۾ تبديل ٿي ويو آهي.
سيد زوار نقوي صحيح معنيٰ ۾ اها شخصيت آهي، جيڪا واقعي ڪنھن تعارف جي محتاج نہ آهي، پنھنجي ننڍي ڄمار ۾ پنھنجي خوبصورت تحريرن ۽ روح کي گرمائي ڇڏيندڙ تقريرن ذريعي دانشور جو خطاب ماڻيندڙ هند سنڌ ۾ مريدن ۽ معتقدن جو هڪ وڏو حلقو رکندڙ سنڌ ۾ موجود جھانيان خاندان جي هن سجادہ نشين جي دوستيءَ جو دائرو بہ انتھائي وسيع آهي، جنھن ۾ ذاڪر کٽي، دلدار جانوري، لياقت پنجتني جھڙن فقير منش ماڻھن کان وٺي سائين سردار شاھہ، اياز لطيف پليجو، سيد فرمان علي شاھہ رضوي، مشتاق باگاڻي، آغا سليم، سوز هالائي، تاج جويو، طارق عالم ابڙو، انعام شيخ ۽ جامي چانڊيو جھڙيون نامور ادبي شخصيتون پڻ شامل آهن، جن کي هو بنا ڪنھن فرق جي هڪجھڙي عزت، محبت ۽ اهميت ڏيندو رهيو آهي ۽ اهو ڪنھن بہ انساني شخصيت جو اعليٰ گڻ تصور ڪيو ويندو آهي. مون کيس اڀرن ۽ اٻوجهن سان بہ نھايت محبت ۽ شفقت سان پيش ايندي ڏٺو آهي. ڪڏهن وقتي طور ڪنھن سان جي تکو مٺوٿي بہ ويندو آهي تہ ٻئي لمحي ان کي سڏي “سوري” Sorry بہ ڪري وٺندو آهي. ڪا غلطي ٿي ويندي اٿس تہ ان جو فراخ دليءَ سان اعتراف بہ ڪري وٺندو آهي. ڳالھہ کي ڳنڍ ٻڌي نہ بيھندو آهي، درگذر ڪندو آهي.
سيد زوار نقوي منھنجو منٽور، محسن ۽ صحافتي دنيا ۾ استاد آهي. منھنجي خوشقسمتي آهي تہ مون کي ٻہ دفعا آفيشلي ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. هڪ دفعو هڪ خانگي اداري ۾ ۽ ٻيو دفعو هڪ سرڪاري اداري ۾. مون ٻنھي ادارن ۾ کيس شفيق ۽ مھربان ڏٺو آهي. پنھنجي ماتحتن سان سندس رويو دوستاڻو ۽ پنھنجائپ وارو هوندو آهي. هن ڪڏهن بہ محسوس ناهي ڪرايو تہ هو “باس” آهي. پنھنجي ماتحتن کان ڪيئن ڪم وٺبو آهي ۽ کين ڪيئن گڏ کڻي هلبو آهي، اهو هنر کيس خوب اچي ٿو. هو جتي جتي بہ رهيو آهي اتي هن پنھنجي بيپناھہ انتظامي صلاحيت، محبت، شفقت ۽ توجھہ سان اهڙو دوستاڻو ماحول قائم ڪيو آهي. جو اتي ڏکيا ڪم بہ نھايت خوش اسلوبيءَ سان ٿي ويا آهن. ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ ساٿين يا دوستن کان پڇبو تہ ڏيو خبر زوار سائين اوهان مان ڪنھن تي گهڻو مھربان آهي تہ هر ڪو اها دعويٰ پيو ڪندو تہ هو مون تي وڌيڪ مھربان آهي.
سيد زوار نقويءَ سان منھنجي نياز منديءَ کي لڳ ڀڳ 20 سالن جو عرصو ٿي ويو آهي. انھن ويھن سالن دوران هو سترهين گريڊ جي ليڪچرر مان ويھين گريڊ جي پروفيسر جي عھدي تي پهتو ۽ ڪيترن ئي اهم انتظامي عھدن تي رهيو. سندس انتظامي عھدا وقت سان گڏ بدلبا رهيا پر جيڪڏهن ڪاشيءَ نہ بدلي تہ اهو سندس سڀاءُ آهي. هو ويھہ سال پھرين بہ ساڳيو شفيق ۽ مھربان سيد زوار نقوي هو، ويھن سالن بعد اڄ بہ ساڳيو مھربان ۽ محبتي زوار نقوي آهي. اسان وٽ عام طور ٿيندو ايئن آهي تہ جيڪڏهن ڪنھن ماڻھوءَ کي ڪا نوڪري يا گريڊ ملندو آهي تہ اهو ڪنڌ ۾ ڪلي هڻي ڇڏيندو آهي، پنھنجي مٽن مائٽن، دوستن ۽ واسطيدارن کان منھن مٽي ويندو آهي ۽ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي تہ هو هاڻ ڪا آسماني مخلوق بڻجي ويو آهي. پر هن حساس دل رکندڙ شخص تي انھن گريڊن ۽ عھدن ڪوبہ اثر نہ ڇڏيو ۽ هن پنھنجو فقيري رنگ “پائي منھن مونن ۾ غربت ساڻ گذار” جو دامن نہ ڇڏيو. اوڻيھون، ويھون گريڊ ۽ اهم انتظامي عھدا ۽ سرڪاري گاڏي ۽ ڊرائيور هوندي بہ هن پنھنجي ذاتي پراڻي “ڦٽ ڦٽي” تي سفر ڪرڻ ۾ ڪڏهن بہ هٻڪ يا لڄ محسوس نہ ڪئي. هن ھميشہ ثابت ڪيو آهي تہ ڪنھن بہ منصب کان وڌيڪ اهم انسانيت آهي ۽ ان جو دامن انسان کي ڪڏهن بہ ڇڏڻ نہ گهرجي.
سيد زوار نقوي منتطم بہ نھايت اعليٰ قسم جو آهي، هن مختلف انتظامي عھدن تي رهڻ دوران پنھنجي ذهانت، تجربي، دلچسپي ۽ صلاحيتن سبب ڪيترائي اهڙا ڪم بہ ڪيا آهن، جيڪي انھن عھدن تي اڳ موجود صاحبن لاءِ تصور ڪرڻ بہ ممڪن نہ هئا. ان ڏس ۾ گورنمينٽ سنڌ ڪاليج آف ڪامرس اينڊ پوسٽ گريجوئيٽ سينٽر ۾ بحيثيت پرنسپال جي سندس ايامڪاريءَ واري دور کي مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو. جنھن ۾ ڪاليج ۾ تعليمي سرگرمين سان گڏ غير نصابي سرگرمين ۽ ڪاليج جي تعليمي ماحول جي بھتريءَ لاءِ پاڻ جيڪي سخت اپاءُ ورتائين سي ڪنھن کان بہ ڳجها نہ آهن. چوڻ وارا تہ اهو بہ چون پيا تہ سندس ايامڪاريءَ وارو دور ڪاليج جي تاريخ جو هڪ حسين ۽ يادگار دور آهي.
سيد زوار نقوي پنھنجي فرائض منصبيءَ کي پنھنجن رشتن، ناتن ۽ دوستين کان ھميشہ مٿانھون رکيو، اهو ئي سبب آهي جو ڪيترن ئي دوستن يا واسطيدارن جا چيل ڪم جيڪڏهن قاعدي موجب نہ هوندا هئا تہ هو کين انڪار ڪري ڇڏيندو هو، تنھنڪري ڪيترن ئي ماڻھن کي کائنس شڪايتون بہ ٿي سگهن ٿيون. هن دوستن جون ناراضگيون برداشت ڪيون پر پنھنجي فرضن جي ادائگيءَ ۾ ڪڏهن بہ ڪوتاهي نہ ڪئي.
سيد زوار نقويءَ جي ادبي سڃاڻپ جا بہ ڪيترائي حوالا آهن. هو هڪ ئي وقت شاعر، ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ ايڊيٽر آهي. سندس هر حوالو نھايت سگهارو ۽ جاندار آهي پر کيس گهڻي شھرت ايڊيٽر ۽ ڪالم نويس طور ملي آهي. هو جڏهن نوي واري ڏهاڪي ۾ پي آئي ڊي طرفان نڪرندڙ مشھور رسالي “نئين زندگي” جو ايڊيٽر مقرر ٿيو تہ بقول ان دور جي معتبر ادبي حلقن جي تہ هن نئين زندگيءَ جي مئل جسم ۾ ساھہ وجهي ان کي هڪ معياري ادبي رسالو بنائي شھرتن جي بلندين تي پھچائي ڇڏيو ۽ ان دور جي نشانبر اديبن کي نئين زندگيءَ ۾ مستقل لکڻ لاءِ قائل ڪري ورتو. پر بدقسمتيءَ سان سامراجي حلقن کان سندس اها شھرت هضم نہ ٿي، جن سياسي بنيادن تي کيس برطرف ڪري پنھنجو هانءُ حلقو ڪيو.
سيد زوار نقويءَ کي جڏهن ڪاوش گروپ آف پبليڪيشن جي سرواڻ محترم علي قاضيءَ طرفان “ڪھاڻي ڪتاب” ڪڍڻ جي ذميواري ڏني وئي تہ پاڻ نہ رڳو سنڌ جي وڏن پر گهڻي وقت کان ڪھاڻيءَ کان ڪنارا ڪشي اختيار ڪيل ليکڪن کان نيون ڪھاڻيون لکرايون پر لي آئوٽ ۽ ڇپائي جي لحاظ کان پڻ اهڙو معياري ڪتاب آندو جو ٻٽيھہ هزار کان مٿي ڪاپيون هٿو هٿ وڪامي ويون ۽ پوءِ ڪھاڻي ڪتاب 2 ۽ ڪھاڻي ڪتاب 3 بہ شايع ٿيا جيڪي اڄ بہ سنڌي ادب جي تارخ ۾ خاص اهميت ۽ حيثيت رکن ٿا. وري هڪ دفعو ٻيھر ڪاوش گروپ طرفان جڏهن کيس ٻارڙن لاءِ مئگزين ڪڍڻ جو “ٽاسڪ” ڏنو ويو تہ پاڻ “ٻارڙن جي دنيا” نالي مئگزين نہ رڳو ڪڍيائين پر ٿوري ئي وقت ۾ ان جي سرڪيوليشن 25 هزار ڪاپين تائين پھچائي ڇڏيائين ۽ اها منھنجي خيال ۾ سنڌ ۾ نڪرندڙ سنڌي ٻولي جي ڪنھن ٻارڙن جي رسالي جي وڌ ۾ وڌ سرڪيوليشن آهي. ائين جڏهن ڪي ٽي اين کُلي ۽ کيس لطيفيات جو پروگرام ۽ مذهبي پروگرام ڪرڻ جن ۾ محرم ۽ ربيع الاول جا پروگرام پڻ شامل هئا جي ذميواري ملي تہ پاڻ ان ڏس ۾ بہ ڀرپور محنت ڪري اهڙا پروگرام تيار ڪيائين جن کي هر مڪتب فڪر جي ماڻھن نہ رڳو ڏٺو پر پسند پڻ ڪيو. مطلب تہ اهڙا ڪيترائي فخر جوڳا ڪم آهن، جن جو سھرو سندس سر تي آهي پر هن ڪڏهن بہ ان جي بنياد تي نہ رڳو پاڻ پڏايو آهي نہ وري ڪٿي پاڻ کي ڪيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد زوار نقويءَ جي ادبي سڃاڻپ جو سڀ کان مضبوط حوالو سندس ڪالم نگاري آهي، هن جڏهن شاعري، ڪھاڻي ۽ ناوليٽ لکڻ کانپوءِ ڪالم نگاريءَ جي ميدان ۾ پير پاتو تہ ٿوري ئي عرصي ۾ پاڻ کي وڏن ڪالم نگارن جي صف ۾ آڻي بيھاريو. ادبي ۽ احساساتي ڪالم نگاريءَ جي ميدان ۾ هو پنھنجو مٽ پاڻ آهي. بلڪہ جيڪڏهن کيس ادبي ڪالم نگاريءَ جو “ٽرينڊ سيٽر” ليکڪ سڏجي تڏهن بہ وڌاءُ نہ ٿيندو. هن پنھنجي منفرد اسلوب، سگهارين تشبيھن ۽ وڻندڙ ٻوليءَ جي ذريعي ڪالم نگاريءَ ۾ جيڪا بيپناھہ سونھن ڀري آهي اها مثالي آهي. سيد زوار نقويءَ جي ڪالمن ۾ محبوبا جي پھرئين خط جھڙي دلڪشي ۽ حسن آهي. سندس نہ رڳو ڪالم لا جواب هوندا آهن پر انھن جا عنوان بہ اهڙا تخليقي، وڻندڙ ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ هوندا آهن، جو ماڻھو عنوان پڙهڻ کانپوءِ مڪمل ڪالم پڙهڻ کان پاڻ کي روڪي نہ سگهندو آهي.
سيد زوار نقويءَ جي ڪالمن جي خاص ڳالھہ اها آهي تہ سندس ڪالم عام ماڻھن جي مسئلن بابت آهن. هن ڪڏهن بہ ڪنھن خاص طبقي جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪالم نہ لکيا آهن. سندس ڪالمن جو موضوع ھميشہ اهڙا مظلوم ۽ پيڙهيل طبقا رهيا آهن، جيڪي ٻين لاءِ غير اهم رهيا آهن. اوهان سندس ڪالم پڙهندا تہ اوهان کي سندس ڪالمن ۾ پورهيت ۽ معاشي مسئلن جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ انسانن جي درد ڪٿا ملندي. هن ھميشہ اهڙن مسئلن تي لکڻ کي ترجيح ڏني آهي. جيڪي عام ماڻھن جي روزمرہ واري زندگيءَ سان گھرو لاڳاپو رکن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪالمن ۾ اقتداري ايوانن ۾ ويٺل صاحبن کان وڌيڪ ٻاڪڙا هوٽلن تي ويٺل “اڌڙي” پي پنھنجي جياپي جي جنگ جاري رکندڙ مسڪين ماڻھن جو وڌيڪ ذڪر ملي ٿو. هن لاءِ ڪنھن ايم پي اي جي گهر ۾ نرينہ اولاد جي پيدائش کان وڌيڪ خوشيءَ واري خبر ڪنھن غريب جي ٻار طرفان انٽر جي امتحان ۾ پھرين پوزيشن کڻڻ آهي. هن لاءِ پريشانيءَ واري ڳالھہ نوجوانن طرفان ٽريفڪ رولز جي پوئواري نہ ڪرڻ ۽ ميڊيڪل اسٽورن تي وڪامندڙ نقلي ۽ غير معياري دوائون آهن، جنھن تي هو پنھنجي ڪالمن ۾ نہ رڳو ڪاوڙ جو اظھار ڪري ٿو پر عملي زندگيءَ ۾ بہ اهڙن مسئلن بابت گفتگو ڪندي ڏکارو ٿي وڃي ٿو. مطلب تہ عام ماڻھو ۽ سندن مسئلا سيد زوار نقويءَ جي پھرين ترجيح رهيا آهن. تنھنڪري ئي سندس ڪالمن ۾ توهان کي انھن جو تذڪرو جا بجا ملندو. اوهان کي ڪن ۾ دُر پاتل فقير حيدر بخش قمبراڻي، ماتلي جي تعلقي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي موجود نہ هجڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويل منير خاصخيلي، لجپت روڊ تي کٽي واري ٻاڪڙا هوٽل تي ويھندڙ ۽ قاضي اڪبر سان بيپناھہ محبت ڪندڙ سومر فقير سولنگي، واڻڪي وسي جي ممن لغاري، اسير ملاح، ماٺيڻي اوٺي ۽ ٻين اهڙن کوڙ سارن ڪردارن جو ذڪر فقط سيد زوار نقوي جي ڪالمن ۾ ئي ملندو. سندس ڪالم نگاري وارو پاسو ايڏو وسيع ۽ سگهارو آهي جو ان تي تفصيلي لکجي تہ الاءِ ڪيترا صفحا ڀرجي سگهن ٿا پر طوالت کان بچڻ لاءِ هتي اختصار تي ئي اڪتفا ڪجي ٿو.
سيد زوار نقوي هڪ بھترين انسان ۽ بھترين ليکڪ آهي. سندس شخصيت گهڻ رخي ۽ گونا گون آهي. هن سڄي زندگي بنا ڪنھن ساهيءَ جي علم، ادب، تعليمي ۽ صحافتي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ ڪڏهن بہ ڪنھن مڃتا يا اجوري جي طمع نہ ڪئي آهي. سندس زندگيءَ جي عڪاسي ڪنھن شاعر جون هيٺيون سٽون ڪن ٿيون ته:
انھيءَ دُک جي پيڙا جي قيمت نہ ٿا گهرون
عيوضي ۾ ڪنھن اجوري جي طلب بہ ناهي
نہ ئي ڪنھن ڪئلينڊر جي تصوير
بڻجڻ گهرون ٿا
بس اسان کانپوءِ جي اچن
کين ايترو چئجو
هڪ تصوير، هڪ ڪلپنا
هڪ مورت گهڙيندا رهياسين
اونداهيءَ ۾ روشنيءَ لئہ جاکوڙيندا رهياسين.
سيد زوار نقوي پنھنجي سڄي زندگي اونداهيءَ ۾ روشنيءَ لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي ۽ سندس پختو ويساھہ آهي تہ هڪ ڏينھن ضرور باک ڦٽڻي آهي.
مون هن اينٿالاجيءَ ۾ سيد زوار نقويءَ جي ادبي ڪم ۽ زندگيءَ جي هڪ جهلڪ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. آئون ان ۾ ڪيترو ڪامياب ويو آهيان، اوهان جي مانائتي موٽ ان سلسلي ۾ منھنجي رهنمائي ڪندي. آئون اهو پڻ سمجهان ٿو تہ سيد زوار نقوي جھڙي وڏي ليکڪ ۽ وڏي ماڻھوءَ جي ڪم جو احاطو ڪرڻ لاءِ هي اينٿالاجي محض هڪ ابتدائي وک آهي، ان سلسلي ۾ اڃا گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. آخر ۾ آئون ٿورائتو آهيان جناب حافظ احمدالدين انڍڙ جو جنھن هن ڪتاب جا ڪجهہ مضمون گڏ ڪري ڏنا. سيد سجاد حسين شاھہ جھانيان جو جنھنجي دلچسپي سان هي ڪتاب اشاعت جي مرحلن ۾ آيو. نوجوان اردو قوي محمد رضا حيدري جو جنھنجو بہ هن ڪتاب ۾ حصو آهي، جنھن هن ڪتاب جو خوبصورت ٽائيٽل ڊزائن ڪرائي ڏنو. علامہ الله بچايو ناصري جو جنھن مذهبي مضمونن جي نہ فقط نظر ثاني ڪئي پر پروف بہ ڏسي ڏنا. ۽ خاص ڪري پنھنجي دوست خوبصورت شاعر ۽ پبلشر ساجد سنڌيءَ جو جنھن هي ڪتاب ڇپائي اوهان جي هٿن تائين پھچايو.


وفا مولا بخش
حيدرآباد
2022-3-16

اندر جي اور: سيد زوار نقوي جا لکيل ڪجهہ مضمون ۽ ڪالم

---

شھادت حضرت علي عليہ السلام

سچ بہ تہ اها ڪا عام رواجي ۽ معمولي قسم جي ڳالھہ نہ هُئي جو جڏهن محترمہ خاتون فاطمہ بنت اسد ڪعبة ﷲ جي طرف آئي تہ ڪعبة ﷲ جي ديوار ۾ شگاف پئجي ويو ۽ هو اندر داخل ٿي وئي ۽ ٿورڙي ئي دير کان پوءِ هڪڙو ننڍڙو شھزادو سندس هنج ۾ سمھيل هيو. اهو جمعي جو ڏينھن، رجب جي 13 تاريخ ۽ سن 600ع هو. چون ٿا تہ ان ننڍڙي شھزادي ان وقت تائين پنھنجون اکيون نہ کوليون، جيستائين حضرت رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وآلہ وسلم سندس اکين آڏو نہ آيا. تاريخ ان ننڍڙي شھزادي کي حضرت علي ابن ابي طالبعہ جي نالي سان ياد ڪري ٿي، جنھن تي هلندڙ صدي جي هڪ غير مسلم دانشور ڊي ايف ڪراڪا Then Came Hazrat Ali ڪتاب لکي پنھنجي عقيدت جا گل نڇاور ڪيا آهن. اهو شھزادو جيڪو اڳتي هلي مسجد ڪوفہ جي منبر تي ويھي چوندو تہ، “سلوني قبل ان تفقدوني” يعني “منھنجي حياتي ۾ جيڪو چاهيو پڇي وٺو نہ تہ اوهان کي عليعه معلومات ڏيڻ وارو نہ ملندو.”
هاشمي خاندان ۾ اک کوليندڙ ان شھزادي کي ساري دنيا جي تاريخ شجاعت ۽ علميت ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ٿي سمجهي، جنھن جي خطبن جي ڪتاب “نھج البلاغہ” جي هر هڪ جملي تي اڄ ايڪيھين صدي ۾ داخل ٿيندڙ هر ڏاهو ۽ داناءَ انسان سوچ ۽ ويچار ڪري رهيو آهي تہ اهو ڪھڙو ڪمال علم هو جو عرب جو اهو ننڍڙو شھزادو بنا هڪ لمحي سوچڻ جي ورندي ڏيندو هو. اسلام جي تاريخ ٻڌائي ٿي تہ جڏهن ڪنھن شخص کانئن اهو سوال ڪيو هو تہ “ڪھڙا جانور ٻچا ڏيندا آهن ۽ ڪھڙا آنا ڏيندا آهن!” تہ ماڻھن جي هڪ وڏي هجوم ڏٺو تہ ان جواب طلب سوال تي ابو تراب سوال ختم ٿيڻ کان اڳ ئي جواب ڏيندي چيو، “جن پکين جا ڪن ٻاهر نڪتل هوندا آهن، اهي ٻچا ڏيندا آهن ۽ جن جا ڪن اندر هوندا آهن اُهي بيضا ڏيندا آهن.”
اڄ کان چوڏهن سئو سال اڳ مديني ۾ اسلام جي تاريخ لکندڙ هڪ مورخ جڏهن ڏٺو تہ شھر ۾ رهندڙ ڪجهہ شخص پاڻ ۾ گڏجي ساقي ڪوثر وٽ آيا ۽ کانئن پڇيائون تہ، “اسان اهل مدينہ هڪ سوال کڻي آيا آهيون اوهان کان ان جا مختلف جواب گهرجن!!” حضرت عبدالمطلب جي پوٽي چيو، “پڇو” ۽ پوءِ انھن مان هڪ شخص چيو، “علم بھتر آهي يا مال!” پاڻ فرمايائون، “علم بھتر آهي، ان ڪري جو مال گهڻي وقت رکڻ کانپوءِ خراب ٿي ويندو آهي ۽ علم ڪڏهن بہ پراڻو نہ ٿيندو آهي.” ٻي شخص جي ساڳئي سوال پڇڻ تي کيس چيائون، “علم بھتر آهي، ڇاڪاڻ جو علم نبين جو ورثو آهي ۽ مال فرعون ۽ نمرود جو ورثو آهي.” انھن مان ٽئين شخص جي ساڳئي سوال پڇڻ تي کيس چيائون، “علم بھتر آهي، ڇاڪاڻ جو علم خرچ ڪرڻ سان وڌي ٿو ۽ مال خرچ ڪرڻ سان ختم ٿئي ٿو.” جڏهن اهو ساڳيو سوال چوٿين شخص کانئن پڇيو تہ کيس ورندي ڏنائون تہ “علم بھتر آهي، ڇاڪاڻ جو علم واري سان دوستي رکي ويندي آهي ۽ مال واري جا دشمن ٿيندا آهن.” پنجين ڄڻي اهو سوال پڇيو تہ پاڻ چيائون، “علم بھتر آهي، ڇاڪاڻ جو علم، صاحب علم جي حفاظت ڪندو آهي ۽ مال واري جي حفاظت مال واري کي ڪرڻي پوندي آهي.” انھن ڏهن ڄڻن مان جڏهن ڇهين ڄڻي اهو سوال ورجايو تہ پاڻ چيائون، “علم بھتر آهي، ڇاڪاڻ جو مالدار مال جي زوال سان فنا ٿي ويندو آهي پر عالم پنھنجي علم جي ڪري ھميشہ زنده رهي ٿو.” ستين ماڻھو جي سوال پڇڻ تي پاڻ فرمايائون تہ “علم بھتر آهي، ڇاڪاڻ جو علم جي گڏ ڪرڻ وارو انھيءَ وقت تائين باقي رهندو، جيستائين دنيا قائم آهي ۽ مال جمع ڪرڻ وارو دنيا جي عذابن ۾ گرفتار رهي ٿو.” اهڙي نموني سان باقي ٻين کي جواب ڏنائون.
سندن فرمان آهي تہ، “ڳالھائڻ سکو ۽ ڳالھائيندا ڪريو تہ ماڻھو اوهان جي قدر و قيمت معلوم ڪري سگهن. ڇاڪاڻ انسان زبان جي پردي ۾ لڪل آهي.” سندن انھن علمي فضيلتن جي ڪري سرور ڪائنات فرمايو آهي تہ، “انا مدينة العلم و علي بابھا.” آئون علم جو شھر آهيان ۽ عليعہ ان جو دروازو.”
هڪ طرف عبادت الاهي جو اهو عالم آهي جو پاڻ فقط هڪ رات ۾ هزار رڪعت نوافل اداڪن ٿا تہ ٻئي پاسي پاڻ محنت ڪندي نظر اچن ٿا. تاريخ ٻڌائي ٿي تہ ان پورهئي جي عيوض جيڪو اجورو ملي ٿو، ان مان غلام خريد ڪري انھن کي آزاد ڪن ٿا ۽ پاڻ جون جي سڪل ماني پاڻي ۾ ڀڄائي کائن ٿا. پاڻ خليفتہ المسلمين آهن پر پاڻ پنھنجي هٿن سان پنھنجي ڦاٽل ڪپڙن کي چتيون هڻن ٿا ۽ تاريخ جي صفحن تي مسلمانن لاءِ سادگي ۽ محبت جو بي مثال سبق ڇڏين ٿا.”
“رب العزت!! اسان تنھنجي انھيءَ ورهاست تي خوش ۽ راضي آهيون جو توهان اسان کي علم ۽ جاهل کي مال ڏنو.” جھڙا جملا ادا ڪري پنھنجي علمي فضيلت جا گوهر ٻڌائڻ کان سواءِ جنگ خيبر کان خندق جي جنگ تائين پنھنجي شجاعت سان اسلام مخالفن جي دلين کي دهڪائڻ واري هن فصيح، بليغ، بھادر ۽ عادل عليعه ابن ابي طالب کي رمضان المبارڪ جي مھيني جي 19 تاريخ تي فجر جي وقت ان گهڙي ابن ملجم تلوار جي ضرب هڻي زخمي ڪري وڌو، جنھن وقت پاڻ سجدي ۾ هيا. مورخين لکن ٿا تہ جنھن فجر جو کين ضرب هڻي زخمي ڪيو ويو اها ساري رات فجر تائين پاڻ ننڊ ڪري نہ سگهيا هيا. تاريخ لکي ٿي تہ اها ساري رات سندن ائين گذري هئي جو پاڻ ٿوري ٿوري دير کانپوءِ مصلي تان اٿي صحن ۾ ٿي آيا ۽ آسمان جي طرف ڏسندي چيائون ٿي تہ، “منھنجي آقا سرور ڪائنات سچ فرمايو آهي تہ آئون شھيد ڪيو ويندس.” مورخين پنھنجن ڪتابن ۾ لکن ٿا تہ جنھن وقت پاڻ فجر جي نماز لاءِ پنھنجي گهر کان ٻاهر نڪري رهيا هُئا تہ صحن ۾ بدڪن سندن عبا کي پنھنجن چھنبن سان جهلي ورتو ۽ زور زور سان شور مچائڻ شروع ڪري ڏنائون ۽ پوءِ جڏهن ڪنھن بدڪن کي روڪڻ چاهيو تہ پاڻ ان کي منع ڪندي چيائون، “هنن کي منع نہ ڪيو، هي ويچارڙيون تہ مون تي نوحا پڙهي رهيون آهن.” ۽ پوءِ پاڻ پنھنجي گهر کان ٻاهر نڪتا ۽ ڪوفي جي ور وڪڙ ڏيندڙ رستي تان ٿيندا مسجد ڪوفہ ۾ آيا ۽ اذان ڏيڻ شروع ڪيائون. چوڻ وارا چون ٿا تہ ان ڏينھن سندن آواز ۾ اهڙو تہ درد هو جو ٻڌڻ سان هانءُ ۾ جهٻي ٿي اچي وئي، جنھن کانپوءِ نماز ۾ مشغول ٿي ويا. اڃان پاڻ پھرين سجدي ۾ ويا هئا تہ ابن ملجم سندن سر مبارڪ تي تلوار سان وار ڪيو ۽ تلوار اتي ئي لڳي جتي ٽيھہ ورهيه اڳ خندق جي جنگ ۾ عمرو بن عبدود جي تلوار لڳي هئي. تلوار لڳڻ شرط پاڻ زمين جي طرف آيا ۽ چوڻ لڳا، “خدا جو قسم! مون حيات ابدي ماڻي.” ضرب هڻڻ کانپوءِ جيئن ئي ابن ملجم فرار ٿيڻ لڳو تہ ماڻھو سندس پويان ڊڪيا ۽ ڪجهہ ماڻھو زارو قطار روئڻ لڳا. پاڻ هڪ لمحي لاءِ روئندڙن کي ڏٺائون ۽ پوءِ ساڻن مخاطب ٿيندي چيائون، “مون کي گهر وٺي هلو.” ۽ پوءِ حضرت امام حسن عليہ السلام، حضرت امام حسين عليہ السلام ۽ حضرت عباس علمدار کين گهر کڻي آيا ۽ هر پاسي سندن زخمي ٿيڻ جي خبر پھچي وئي. خبر ٻڌڻ شرط سندن محبن تي غم و الم جي ڪيفيت طاري ٿي وئي. سارو ماحول غمزدہ ۽ هر ماڻھو جو چھرو افسردہ ٿي ويو ۽ پوءِ ابن ملجم کي بہ گرفتار ڪري آندو ويو.
حارث ابن همدان چوي ٿو تہ جڏهن اسان امير المؤمنينعه کان پڇڻ وياسين تہ پاڻ وهاڻي کي ٽيڪ ڏيو ويٺا هئا ۽ ڪپڙو سندن زخم تي ٻڌل هو پر ان جي باوجود بہ رت اهڙي طرح وهي رهيو جو ان ڪپڙي مان نڪري پيرن تائين ٿي آيو. حضرت علي عليہ السلام کي ٻہ ڏينھن انھيءَ حالت ۾ گذري ويا ۽ ويھين رمضان جي ڏهاڙي سندن نياڻين سندن آڏو هڪ کير جو پيالو ٻہ جون جون مانيون ۽ ٿورو لوڻ آڻي رکيو. پاڻ انھن مان کير جو پيالو حضرت ام ڪلثوم سلام ﷲ عليہا کي واپس ڏيندي چيائون، “ڌيءَ! اوهان جي زخمي پيءُ دنيا جون ٻہ نعمتون هڪڙي ئي وقت ڪڏهن بہ نہ کاڌيون آهن.” سندن ائين فرمائڻ کان پوءِ حضرت ام ڪلثوم سلام ﷲ عليہا سندن آڏو لوڻ کڻڻ گهريو تہ پاڻ کين منع ڪندي کير جو پيالو پنھنجي آڏو هٽائي ڇڏيائون ۽ پوءِ جڏهن سانجهي وقت سندن آڏو شربت جو پيالو آندو ويو تہ پاڻ حضرت امام حسين عليہ السلام سان مخاطب ٿيندي چيائون تہ، “پٽ! هي شربت منھنجي قاتل کي پھچائي ڏيو ۽ هن سان مھرباني سان پيش اچو، ڇاڪاڻ جو هو اوهان جو قيدي ۽ مجبور آهي.”
سانجهي ٿيڻ سان پنھنجي اصحابن کي پاڻ وٽ گهرايائون ۽ پوءِ ساڻن مخاطب ٿيندي چيائون، “سلوني قبل ان تفقدوني” ۽ پوءِ اتي موجود ماڻھن کي کائن جيڪو ڪجهہ پڇڻو هو اهو هو پڇندا رهيا ۽ حق جو هي امام کين جواب ڏيندو رهيو. جنھن کانپوءِ پاڻ کين هدايتون ۽ سمجهاڻيون ڏيندا رهيا ۽ پوءِ هڪ لمحي لاءِ خاموش ٿي ويا ۽ سڀني تي هڪ نظر وڌائون ۽ پوءِ ساڻن مخاطب ٿي فرمائڻ لڳا، “آئون ثنا ڪيان ٿو ان خدا جي جيڪو اهڙي تعريف جي لائق آهي ۽ هو اهڙي مدح کي پسند ڪري ٿو. آئون هن جي حڪمن جو هن وقت تائين مطيع ۽ فرمانبردار آهيان ۽ هن جي واحد ۽ بي مثال هئڻ جي گواهي ڏيان ٿو. اوهان قدر جي مسئلي ۾ زيادہ فڪر نہ ڪريو، ڇاڪاڻ جو اهي خدا جي ڳجهہ علم آهي. پاڻعه ھميشہ خدا جي ڪتاب، حضرت رسول صلي ﷲ عليہ وآلہ وسلم جن جي سنت تي ڪاربند رهيا ۽ فرمايائون تہ منھنجي اهلبيتن ۽ حسنين (عليہ السلام) کان غافل نہ رهجو. ڪالھہ جيڪو اوهان جو امام ۽ صاحب هو اهو اڄ اوهان جي لاءِ عبرت گاھہ آهي ۽ سڀاڻي اوهان وٽان رحلت ڪري ويندو. جيڪڏهن مون کي هن زخم کان شفا ملي وئي تہ خدا جو شڪرانو ادا ڪندس. آئون هن ناپائيدار دنيا ۾ اهڙي طرح رهيس جھڙي طرح ڪو وڻ جي ڇانوَ هيٺ رهندو آهي. اوهان کي گهرجي تہ اوهان منھنجي حال مان عبرت جو سبق حاصل ڪيو. ڇاڪاڻ جو مون کان وڌيڪ فصيح، بليغ ۽ سچي نصيحت ڪرڻ وارو اوهان کي نہ ملندو. آئون هاڻي اوهان کان موڪلايان ٿو ۽ اميد ٿو ڪريان تہ قيامت جي ڏينھن منھنجي ۽ اوهان جي ملاقات ٿئي جو انھيءَ وقت منھنجي قدر ۽ منزلت جيڪا اڃان تائين اوهان جي اکين کان لڪل آهي، اها اوهان کي معلوم ٿي وڃي.”
سندن ان مختصر خطبي کانپوءِ اتي ويٺل ماڻھو هڪ هڪ ٿي هليا ويا ۽ پوءِ پاڻ پنھنجي اهلبيت عليہ السلام کي پاڻ وٽ گهرايائون ۽ حضرت امام حسن عليہ السلام سان مخاطب ٿي فرمايائون، “آئون اوهان کي تقويٰ ۽ پرهيزگاري جي نصيحت ڪيان ٿو. اوهان پنھنجي ڀائرن سان نيڪ سلوڪ رکجو ۽ هنن تي بہ واجب آهي تہ هو بہ اوهان جي اطاعت ۾ ھميشہ سرگرم ۽ تيار رهن. سچ چوڻ ھميشہ پنھنجو پيشو رکجو ۽ ضعيفن جي مدد ۽ مظلومن سان رعايت ڪجو.” ان کانپوءِ پاڻ محمد حنفيه ڏانھن متوجھہ ٿي کين چيائون تہ، “اوهان کي وصيت ڪيان ٿو تہ اوهان بہ پنھنجن ڀائرن جي تعظيم و تڪريم ڪندا رهجو، ڇاڪاڻ جو هنن جا اوهان تي وڏا حق آهن.”
چوڻ وارا چون ٿا تہ ان ڏينھن زمين تپي ٽانڊو ٿي وئي، آسمان ياقوت جيان سرخ ٿي ويو، پکين پنھنجا آکيرا ڇڏي ڏنا ۽ ماڻھو زارو قطار روئڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ “امير المؤمنين شھيد ٿي ويو، امير المؤمنين شھيد ٿي ويو.” تاريخ لکي ٿي تہ اهو 21 رمضان جو ڏينھن هو.

(20 جنوري 1998ع روزاني ڪاوش حيدرآباد)

موٽي آيو محرم، آيا تان نہ امام

چون ٿا تہ جڏهن آسمان تي محرم جو چنڊ اڀرندو هو تہ تمر جو مرشد ڪراڙ تان پنھنجو منھن مونن مان کڻي بيت چوندو هو، هن جي انھن بيتن ۾ اهڙو تہ درد سمايل هوندو هو، جو پنھنجا گهر گهاٽ ڇڏي هن جي سيوا ۾ ويٺلن جون اکيون اشڪبار ٿي پونديون هيون. تاريخ سان دلچسپي رکندڙن جو چوڻ آهي تہ ان وقت کيس ڪارا ڪپڙا پاتل هوندا هيا ۽ سندس اکين مان نير وهندا رهندا هئا. چون ٿا تہ ذوالحج جي آخري پھر کان پوءِ ڪنھن بہ هن جي منھن تي مُرڪ نہ ڏٺي ڄڻ ڏکن جي هڪ اهڙي ڳالھہ شروع ٿي وئي هجي، جنھن ۾ خوشيءَ جو ڪو بہ لفظ، جملو ۽ سٽ نہ هئي. شايد سندس اهڙي ئي ڪيفيت کي آڏو رکندي دور حاضر جي نامور چترڪار محمد علي ڀٽي سندس پورٽريٽ ٺاهيو هيو. جنھن ۾ درد سندس اکين ۾ اوتجي آيل ڏسجي ٿو ۽ سندس مورخن سندس انھن بيتن کي ڪيڏارو جو نالو ڏنوهو.
“موٽي آيو محرم آيا تان نہ امام،
مديني جا ڄام، مولا مون کي ميڙئين.”
ڪيڏارو- جنھن ۾ هن درد جي هڪ ڪائنات اوتي ڇڏي هُئي، جنھن کي جڏهن مائي نعمت تحت اللفظ ۾ پڙهندي هُئي تہ هر ٻڌندڙ دل پنھنجو پاڻ کي درد جي صحرا ۾ محسوس ڪندي هئي. “جي تو بيت ڀانيان سي آيتون آهن.” جھڙيون سٽون سرجيندڙ شاھہ حبيب جو پٽ انھي مھيني جا شروعاتي ڏھہ ڏينھن ڀٽ جي پٽ تي نک وڇائي ويھندو هو ۽ هو چوڏهن سئو سال اڳ نينوا جي رڻ ۾ بتول جي لخت جگر جي وهايل خون ناحق تي رت جا ڳوڙها ڳاڙيندو هو. اڄ اهو ئي محرم آهي ۽ ٽي سئو سال اڳ ڀٽ جي پٽ تي وڇايل نک تاريخ جي صفحن تان ٿيندي اڄ اتي اچي پھتي آهي جو هاڻي اها نک هر گهر جي آڳنڌ ۾ وڇائي پئي آهي.
سن 60 هجري جي تاريخ ٻڌائي ٿي تہ جڏهن ابن علي عہ کي مدينو ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ پاڻ ڏکويل دل سان نانا جي روضي کي الوداع چئي مڪي پھتا ۽ اتي بہ کين سُک جو ساھہ کڻڻ نہ ڏنو ويو ۽ مجبورن کين حج کي عمري ۾ تبديل ڪرڻو پيو، ڇاڪاڻ جو حق جي هن امامعہ نہ ٿي چاهيو تہ ڪنھن سازش جي تحت خانا ڪعبہ ۾ سندن خون وهايو وڃي ۽ پوءِ پاڻ ڪوفي ڏي روانا ٿيا. اها اٺين ذوالحج جي تاريخ هئي.
سڀني ڄاتو ٿي تہ ڪوفين بي وفائي ڪئي آهي پر پوءِ بہ سيدن جو هي ننڍڙو قافلو ڪوفي ڏي وڌندو ٿي رهيو ۽ پوءِ جڏهن آل رسولصہ ۽ سندن رفيق صفاح ۽ حاجز تي منزلون ڪندا زرود جي مقام تي پھتا تہ اسد قبيلي جي هڪ راهگير سان هم ڪلام ٿيا، جنھن کين ٻڌايو تہ ڪوفي جون حالتون بدلجي چُڪيون آهن. حضرت مسلم بن عقيل ۽ کين پاڻ وٽ رهائيندڙ محب آل رسولصہ هاني بن عروہ کي شھيد ڪيو ويو آهي. پاڻ اها سڄي حقيقت ٻڌي اهل خانہ کي ٻڌايائون. تاريخ لکي ٿي تہ ان سڄي سفر ۾ پھريون ڀيرو سيدن جي خيمن مان روئڻ جو آواز اچڻ لڳو. سڄو ماحول افسردہ ٿي ويو ۽ پوءِ جڏهن رات ٿي تہ ڪوفي جي مسجد ۾ “سلوني، سلوني قبل ان تفقدوني” چوندڙ نھج البلاغہ جي خالق جي جانشين خطبو ڏيڻ شروع ڪيو ۽ خداوند ڪريم جي حمد و ثنا ڪرڻ کان پوءِ چيائون تہ، “هي ماڻھو منھنجي خون جا پياسا آهن ۽ مون کي شھيد ڪندا. ان لاءِ آئون اوهان تان پنھنجي بيعت جو بار لاهيان ٿو، اوهان مان جيڪو شخص وڃڻ چاهي اهو وڃي سگهي ٿو.” تاريخ لکي ٿي تہ دنيا وارا تہ واپس هليا ويا. مگر ديندار ساڻن گڏ رهيا. صبح ٿيندي ئي پاڻ ڪوفي ڏي روانا ٿيا ۽ منزل زباله، قصر بني مقاتل، ثعلبيہ، قطقطانيہ کان ٿيندا، جڏهن قبيلا بني سڪون تي پھتا تہ اهو اطلاع ابن زياد کي ڏنو ويو، جنھن حر ابن رياحي کي هزار سپاهين جو لشڪر ڏئي کين گرفتار ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو ۽ پاڻ پنھنجي سفر جو سلسو جاري رکندي اتان انتھائي اطمينان واري ڪيفيت ۾ ڪوفي جي طرف بدستور روانا ٿي ويا ۽ رستي تي ئي کين اطلاع مليو تہ قادسيہ ڪن عنديب تائين سڄي زمين سندن مخالفن جي لشڪر سان ڀري پيئي آهي ۽ هر طرف مياڻن مان نڪتل تلوارون ۽ انڌ جي گهوڙي تي سوار لشڪر موجود آهي پر پاڻ سڀني امڪانن، خدشن ۽ اطلاعن جي بحثن ۽ نتيجن کان بي خوف پنھنجي منزل ڏي وڌندا رهيا ۽ پوءِ پاڻ جڏهن منزل شرف تي پھتا ۽ اتي منزل ڪرڻ لاءِ خيما هنيائون تہ اتي ئي پاڻ 61 هجري جي محرم مھيني جو چنڊ ڏٺائون، چنڊ هر مھيني جي چنڊ جھڙو هو، وار جيان سنھو، خوبصورت ۽ دلڪش، پر ڪنھن کي خبر هئي تہ ان مھيني جو اهو چنڊ آل رسول صہ جي مردن لاءِ آخري ڀيرو اڀريو آهي ۽ ڏهن ڏينھن کان پوءِ جڏهن اهو پنھنجي جوڀن ۾ داخل ٿيندو هوندو تہ فرات ندي جي ڪنڌي تي ٽن ڏينھن جي بک ۽ اڃ تي بتول جو گهر اجڙي ويندو. مگر حق جي امام عہ اهو سڀ ڪجهہ ڄاتو ٿي، ڇاڪاڻ جو کين خبر هئي تہ هو پنھنجي مقتل گاھہ ڏي وڃي رهيا آهن. تڏهن بہ ابن علي عہ نينوا جي اها زمين سٺ هزار درهمن ۾ خريد ڪئي.
“نينوا جي بينوا بيڪس ڀلارن تي سلام،
بي خطا مظلوم قيدي بي سھارن تي سلام،
تير هڪ لاش ۾ ۽ تيرن تي ٻيو لاشو ٽنگيل،
رت جي ڦوهارن ڪفن جي تند تارن تي سلام،
هي اٿو سادات جا خيما ۽ هي نھر فرات،
برلب دريا سہ روزہ اڃارن تي سلام.”
تاريخ ان کي 61 هجري جي پھرين محرم جو واقعو ٻڌائي ٿي.

(19اپريل 1992ع روزاني عبرت، حيدرآباد)

ڪربلا جي تاريخ جو ٻيون ڏينھن

مان سمجهان ٿو تہ لفظن جي ڊڪشنري ۽ نالن جي فھرست ۾ ڪربلا اهڙو لفظ، نالو آهي، جنھن ۾ درد جي هڪ ڪائنات سمايل نظر اچي ٿي. اهو تاريخ جي صحرا جو اهو ٿوهر آهي، جنھن ۾ ڏکن کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نہ آهي. ان جي وٺڻ سان درد رکندڙ دل غمگين ۽ اکيون اشڪبار ٿي پونديون آهن ۽ ائين لڳندو آهي ڄڻ سڄي ڪائنات جو درد ان ۾ سمائجي ويو هجي ۽ اهو درد جي علامت بڻجي اسان جي سامھون آيو هجي. جنھن ۾ ڏکن جو ساگر ۽ پيڙاءَ جو پڙلاءُ محسوس ٿيندو هجي، جيڪو نسل در نسل، سيني بہ سيني منتقل ٿيندو رهيو آهي.
چون ٿا تہ عرب جي ريگستان واري زمين جي هڪ حصي، جنھن کي تاريخ نينوا جي نالي سان ياد ڪري ٿي، ان جي بلڪل ڀرسان هڪ ندي وهندي آهي، جنھن کي علقمہ چيو ويندو آهي، درختن ۽ کوهن کان خالي ان بستيءَ ۾ سيدن جي ڪٽنب کي ٽن ڏينھن جي اڃ ۽ بک تي شھيد ڪيو ويو. چون ٿا تہ سيدن جي ان مھندار لاءِ ڪڏهن جبرئيل امين درزي بڻجي ايندو هو تہ ڪڏهن هن کي ۽ هن جي ڀاءُ کي رحمت العالمين جنت جي جوانن جو سردار ڪوٺيندو هو. هن جي والد خيبر ۽ خندق جا معرڪا فتح ڪيا هئا، هن جي والدہ سڀني عورتن ۾ افضل ۽ حضرت رسولِ خدا صہ جي لختِ جگر هئي ۽ شھيد ٿيندڙ سيدن جي ان ويڙهي جي پاڪ سيدزادين کي بنا ڪجاون وارن اٺن تي سوار ڪري ڪوفي آندو پئي ويو تہ انھن اٺن جي مھار بيمار سيد سجاد عہ جي هٿن ۾ ڏني وئي هئي، تاريخ لکندڙ چون ٿا تہ سيد سجاد جي ڳچيءَ ۾ طوق، پيرن ۾ ٻيڙا ڏنڊيون ۽ هٿن ۾ هٿڪڙيون پيل هيون، سندن هٿڪڙي سان سندن پنجن ورهين جو معصوم پٽ حضرت امام محمد باقر عہ پڻ ٻڌل هئا. ڏکن، دردن ۽ پيڙائن جي اها تاريخ لکندڙ چون ٿا تہ ان حالت ۾ جيڪڏهن سيد سجاد عہ سڌا ٿي هلندا هئا تہ حضرت محمد باقر عہ جا پير پٽ تي نہ لڳندا هئا ۽ جيڪڏهن جهڪي هلندا هئا تہ سندن چيلھہ ۾ تڪليف ٿيندي هئي. چون ٿا تہ سيد قيد ڪاٽي مديني جي بنو هاشم محلي ۾ پھتو هيو تہ پوءِ جڏهن ڪير ساڻن ڪربلا جي ڳالھہ ڪندو هو تہ سيد جي اکين ۾ رت جا ڳوڙها تري ايندا هئا. انھيءَ ڪري ئي مان سمجهان ٿو درد جي هن ڪھاڻيءَ جو نالو ڪربلا آهي. جنھن جي وٺڻ سان وجود تي غم جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي. ان ڪربلا ۾ اڄ رسول ڪريم صه جن جي ڪٽنب کي آئي ٻيو ڏينھن ٿيو آهي ۽ محرم جي تاريخ لکي ٿي تہ ٻين محرم تي جڏهن حضرت امام حسين عليہ السلام جو اهو ننڍڙو قافلو ڪربلا جي سرزمين تي پھتو هو تہ سندن خاص گهوڙي، (جنھن کي تاريخ ذوالجناح جي نالي سان ياد ڪري ٿي) ان اڳتي هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. تاريخ جا ڪتاب اهو بہ لکن ٿا تہ حضرت حسنعه جي ڀاءُ ڪيترائي گهوڙا بدلايا پر جڏهن هر سواري اڳتي وڌڻ کان نابري واري تہ پاڻ اتان جي رهواسين کي گهرائي، ان زمين جو نالو معلوم ڪيائون، ڪنھن نينوا چيو، ڪنھن غاضريہ، ڪنھن سقيہ تہ ڪنھن ماريہ تہ وري ڪنھن ارض الطف، شط الفرات چيو پر جڏهن ڪنھن ڪربلا جو نالو ورتو تہ پاڻ ڪجهہ دير لاءِ خاموش ٿي ويا ۽ پوءِ پاڻ چيائون تہ، “خدا جو قسم هيءَ ئي زمين مصيبت جي زمين آهي ۽ هيءَ ئي اها زمين آهي، جتي اسان جي مردن جو خون وهايو ويندو ۽ هيءَ ئي اها زمين آهي، جتي اسان جي پرديدار عورتن کي قيد ڪيو ويندو ۽ هيءَ ئي اها زمين آهي جتان قيامت جي ڏينھن اسان کي اٿاريو ويندو ۽ انھن سڀني ڳالھين جي خبر مون کي منھنجي بزرگوار ڏني هئي ۽ اهو چئي پاڻ پنھنجي گهوڙي تان لٿا هئا ۽ فرات نديءَ جي ڪناري تي خيما نصب ڪرڻ جو حڪم ڏنائون. جيڪي بعد ۾ حر جي مزاحمت تي هن صابر سيد اتان کڻائي، ٽن يا پنجن ميلن جي مفاصلي تي نصب ڪرايا ۽ پوءِ ان زمين جي مالڪ کي گهرائي زمين 60 هزار درهمن ۾ خريد ڪيائون ۽ ان ئيءَ ڏينھن هن سيدن جي ننڍڙي ويڙهي جي مدِمقابل ابنِ سعد 22 هزار پيادن ۽ سوارن جو لشڪر وٺي پھچي ويو ۽ هن امام پاڪ سان تبادله خيال ڪرڻ جي خواهش ڪئي تہ هو هن طرف ڇو آيا آهن ۽ سندن ڪھڙو ارادو آهي، ليڪن سندن لشڪر مان ڪير بہ حق جي امامعه وٽ وڃڻ لاءِ تيار نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هي اهي ئي شخص هئا، جن کين اچڻ لاءِ خط لکيا هئا، نيٺ قره بن قيس ابنِ سمد جي سوالن جا جواب طلبيا تہ پاڻ فرمايائون تہ مونکي اوهان ئي خط لکي اچڻ جي دعوت ڏني هئي ۽ هاڻي جڏهن اوهان ڦري ويا آهيو تہ آئون واپس هليو وڃان ٿو، قاصد اهو جواب کڻي اِبنِ سعد وٽ آيو ۽ ابنِ سعد اها ورندي هڪ ايلچيءَ جي هٿان اِبنِ زياد ڏي اماڻي، جنھن چيو تہ امام حسين عہ کي اوهان اهو واضح ڪري ڇڏيو تہ هو پنھنجي عزيزن ۽ قريبن سان يزيد جي بيعت ڪن يا قتل ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ۽ پوءِ ٻاهتر ماڻھن جو هي قافلو شھيد ٿيڻ لاءِ تيار ٿي ويو. سنڌ جي سخن شناس شاعر هِز هائينيس مير حسن علي خان ٽالپر پنھنجي هڪ مرثيي ۾ چيو آهي:
“آفت ۾ پئي آلِ رسول مدني هئي،
هت عزم سواريءَ جو هو، هت سينہ زني هئي،
ذڪر ان جي زبانن تي تہ ٻئي ڪنھن جو نڪو هو،
هو شور فقط هاءِ حسين ابنِ عليءَ جو.”

فرات جنھن مان پڇتاءُ جو پاڻي وهي ٿو

موسمون موسمن جھڙيون، راتيون راتين جھڙيون ۽ ڏينھن ڏينھن جھڙا هوندا آهن. قدرت جو اهو قانون آهي تہ سياري کانپوءِ بھار ايندي آهي، رات جو آسمان تي چنڊ چمڪندو ۽ تارا کڙنا آهن ۽ سج جي روشني ڏينھن هئڻ جي علامت هوندي آهي. سيڪنڊن کانپوءِ منٽ، منٽن پڄاڻان ڪلاڪ، ڪلاڪن بعد پھر هوندا آهن. ائين ڪائنات جو ڪارونھوار هلندو اچي پر سچ تہ اسلامي ڪئلينڊر جي پھرئين مھيني جي ستين تاريخ جو ڏينھن تاريخ جو عجيب ڏينھن آهي. ستين محرم جو ڏينھن ڪائنات جي سيني اندر دکندڙ ڪنھن درد جيان محسوس ٿيندو آهي. ڄڻ ڪنھن تاريخ جي دل ۾ تازي گهاءَ جو ڏک سموئي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اوهان اسلام جي تاريخ جو مطالعو ڪندو ۽ ان ۾ ڪربلا جي واقعي وارو باب پڙهندو تہ ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي ويٺل تمر جي مرشد ڀٽائيءَ جي گنج ۾ موجود ڪيڏاري جو هر هڪ لفظ عڪس ٿي اکين اڳيان ايندو.
“محرم موٽي آيو، آيا تان نہ امام،
مديني جا ڄام، موليٰ مونسين ميڙيئين.”
مون جڏهن اسلام جي تاريخ جي ڪتاب ۾ ڪربلا جي واقعي واري باب ۾ جڳ مشھور جرمن ڏاهي آر اين ولسن جا هي جملا پڙهيا تہ، “جيئن تيز ۽ سخت اونداهيءَ جو زور جبل سان ٽڪرائڻ شرط ختم ٿي وڃي ٿو، تيئن عرب جي هاشمي خاندان ۾ حضرت علي عہ جھڙي بھادر جي شجاعت جي سامھون وڏن وڏن بھادرن جي بھادريءَ جو خاتمو ٿي وڃي ٿي ۽ ان ۾ ڪوبہ شڪ نہ آهي تہ عرب جي تاريخ حضرت علي عہ جھڙا بھادر پيدا ڪري نہ سگهي، پر سندن ننڍي فرزند حضرت حسين عليہ السلام جنھن جي مصيبت ۾ دنيا جي وڏي حصي جا مسلمان اڄ ڏينھن تائين روئندا رهن ٿا، عاشور جي ڏينھن اهي بھادريءَ جا جوهر ڏيکاريا جو سندس بھادري هڪ نہ پر ڪيترن ئي نمونن ۾ حضرت علي عہ جي بھادريءَ کان وڌي وئي.
انھن جملن جي آخري سٽن ۾ جرمن جو هي پڙهيو چوي ٿو تہ، “دنيا ۾ ڪنھن بہ بھادر اهڙي بي سرو سامان غم ۽ الم جي عالم ۽ بک ۽ اڃ جي لا انتھا تڪليف هوندي ايڏي وڏي فوج جو مقابلو عربستان جي سخت اُس ۽ گرميءَ ۾ نہ ڪيو ۽ نہ ڪري سگهيو ٿي، جيئن حسين عہ ڪيو.”
عربستان جي سرزمين تي اڃ، بک ۽ تتل ڌرتيءَ تي پنھنجي چند جانثارن سان گڏجي سچ ۽ حق جي جنگ لڙندڙ حسين عہ اِبنِ علي عہ کي تاريخ جي اکين ڏٺو تہ هن نازن پلئي سن 60 هجريءَ جي 28 رجب المرجب واري ڏينھن مديني کان سفر شروع ڪيو، هرهڪ ضرورت جي موافق درهم ۽ دينار کنيائون، پنھنجي حرمن محترمن جي لاءِ محملون تيار ڪرايائون ۽ پوءِ جڏهن سج غروب ٿيو تہ حسين عہ اِبنِ علي عہ مديني جي بني هاشم محلي مان اٺ پلاڻي سفر تي اسھيو. سندس مقدس هٿن آخري ڀيرو پنھنجي ناني جي قبر کي الواع ڪيو ۽ ڪيڏاري جي سرجڻھار چيو :
“چنڊ وهاڻي چڙهيا، ملھہ مدينئا مير،
ان سين طبل، باز، تبرون، ڪنڌ ڪٽارا ڪير،
علي پٽ امير، ڪندا راڙو رڪ سين.”
امام پاڪ جو پنھنجي رفقاءِ سان گڏ هي مختصر قافلو پھريائين منزل ابطح پوءِ منزل تنعيم-صفاح-وادي عتيق-وادي صفراء-ذات عرق-الحاجز – فيد - اجفر - خزيميہ - شقوق-زرود-ثعلبيہ-زبالہ-القاع-بطن عقبہ -شراف-دو حسم (حر سان ملاقات)-بيضہ-قطقطانيہ-قصر بني-مقاتل-نينويٰ-پھتا تہ:
پاڻ سن 61 هجريءَ جي پھرئين مھيني محرم جي پھرين تاريخ جو چنڊ ڏٺائون، اڄ بہ پھرين محرم جو چنڊ ڪائنات ۾ درد جي الم جيان اڀرندو آهي ۽ هر شيءَ کي پنھنجي ڏک جي دامن ۾ سموئي ڇڏيندو آهي. تڏهن تہ ٽي سئو سال اڳ ڀٽائيءَ چيو هو:
“ڏٺو محرم ماھہ، سنڪو شھزادن ٿيو،
ڄاڻي هڪ ﷲ، پاڻ وڻنديون جو ڪري.”
۽ پوءِ تاريخ لکي ٿي تہ پاڻ اهارات منزل شرف تي گذاري، صبح جو سوير روانا ٿيا، جڏهن اڌ ڏينھن تائين هلندا رهيا تہ ڪنھن ساٿي ﷲ اڪبر جي صدا بلند ڪئي، پاڻ بہ تڪبير چيائون ۽ پوءِ پاڻ تڪبير هڻندڙ شخص کان تڪبير هڻڻ جو سبب پڇيائون تہ هن ورندي ڏني تہ کيس پري کان کجين جا وڻ نظر اچي رهيا آهن ۽ پوءِ پاڻ سڀني کي ان طرف ڏسڻ لاءِ چيائون تہ سڀني چيو خدا جو قسم اسان کي تہ گهوڙن جون ڳچيون نظر اچي رهيون آهن، پوءِ پاڻ اڃان اتي خيما کوڙيائون تہ هڪ هزار جو لشڪر اچي ساڻن مدمقابل ٿيو، حضرت جن جڏهن حر جي لشڪر کي پياسو ڏٺو تہ حڪم ڪيائون تہ هنن کي پاڻي پياريو وڃي، اهڙيءَ طرح فوج ۽ گهوڙن کي پاڻي پياريو ويو ۽ حر، حضرت امام حسين عليہ السلام جي سامھون بيٺو رهيو، ايسيتائين جو ظھر جي نماز جو وقت اچي ويو، پاڻ نماز ادا ڪيائون ۽ تاريخ لکيو تہ حر بہ سندن امامت ۾ نماز ادا ڪئي ۽ پوءِ پنھنجي جاءِ ڏي هليا ويا، پوءِ پاڻ نماز عصر پڙهي قافلي کي هلڻ لاءِ تياريءَ ڪرڻ جو حڪم ڏنائون تہ حر ورندي ڏني تہ، “مونکي حڪم ڪيو ويو آهي تہ جڏهن آئون اوهان سان ملاقات ڪريان تہ اوهان کان پري نہ ٿيان ۽ اوهان کي ڪوفي وٺي اچان.” ۽ پوءِ امام پاڪ پنھنجي قافلي کي واپس هلڻ لا چيو ۽ وري بہ حر مداخلت ڪئي، جنھن تي پاڻ کيس چيائون تہ، “تون ڇا ٿو چاهين؟” حر چيو تہ، “اوهان کي امير عبيدﷲ وٽ وٺي هلان” پوءِ پاڻ فرمايائون تہ، “خدا جو قسم آءُ ڪڏهن بہ تنھنجي پٺيان نہ هلندس” اهو تڪرار جاري هيو تہ حر ساڻن مخاطب ٿيندي چيو تہ، “مون کي اوهان سان جنگ ڪرڻ جو حڪم نہ مليو آهي، مون کي تہ فقط ايترو حڪم آهي تہ اوهان کان پري نہ رهان ۽ اوهان کي ڪوفي وٺي هلان پر اوهان انڪار ڪيو ٿا تہ پوءِ اهڙو رستو اختيار ڪيو، جيڪو اوهان کي نہ ڪوفي وٺي وڃي ۽ نہ مديني، جيڪو منھنجي ۽ اوهان جي درميان منصفانہ هجي، ايسيتائين جو آئون امير عبيدﷲ کي خط لکان، شايد ڪو خدا اهڙو طريقو ٻڌائي وٺي تہ مون کي عافيت بخشي، جو آءُ اوهان جي معاملي ۾ دخل نہ ڏيان، اوهان عذيب ۽ قادسيہ جي کاٻي طرف هليا وڃو.” اهڙي طرح حضرت امام حسين عليہ السلام هلندا رهيا ۽ حر بہ ساڻن هلندو رهيو، جڏهن پاڻ قصر بني مقاتل تائين پھتا ۽ اتي قيام ڪرڻ کان پوءِ جڏهن رات جو آخري پھر آيو تہ پاڻ پاڻي ڀري هلڻ لاءِ چيائون ۽ پوءِ جڏهن صبح جو وقت ٿيو تہ پاڻ پنھنجي گهوڙي تان لٿا، نماز پڙهيائون ۽ پوءِ وري سوار ٿي کاٻي طرف هلڻ لڳا، پاڻ چاهيندا هئا تہ جيئن هو حر جي لشڪر کان الڳ ٿي وڃن پر حر آيو ٿي ۽ امام پاڪ جي قافلي کي ڪوفي جي طرف موٽائي ٿي ڇڏيائين، جڏهن هو سختيءَ سان ڪوفي جي طرف هلڻ لاءِ چوندو هو تہ پاڻ انڪار ڪري ڇڏيندا هئا ۽ انھيءَ کاٻي طرف وڌندا ٿي رهيا جو هڪ اهڙو مقام آيو جو سندن گهوڙي اڳتي وڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوءِ پاڻ گهوڙي تان لٿا ۽ ڪنھن شخص کان پڇيائون تہ، “هن زمين کي ڇا چوندا آهن؟” هن ورندي ڏني تہ “هن علائقي کي نينوا چوندا آهن.” اتي موجود ڪنھن ٻئي شخص چيو تہ، “هن علائقي کي ڪربلا بہ چوندا آهن، هي ڏاڍو مصيبتن وارو علائقو آهي.” اهو ٻڌندي ئي پاڻ پنھنجي قافلي کي اتي ئي خيما کوڙڻ جو حڪم ڏنائون :
“ڪربلا جي پڙ ۾، خيما کوڙيائون،
جهيڙو يزيد سامھون، جنبي جوڙيائون،
منھن نہ موڙيائون، پسي تاءُ ترار جو.”
۽ 61 هجري سن جي محرم مھيني جي ان ٽين تاريخ تي ڪربلا جي زمين سٺ هزار درهمن ۾ خريد ڪري. فرات نديءَ جي ڪناري تي خيما نصب ڪيائون پر حر جي مزاحمت تي حضرت عباس علمبردارعه جھڙي بھادر ۽ هم شڪل پيغمبر حضرت علي اڪبر عہ پنھنجي جذبات تي قابو پائيندي پنھنجي قافلي جي سالار جي حڪم تي لبيڪ چوندي لڳل خيما کولي فرات کان پري وڃي نصب ڪيا. هاڻي ڪوفين جا ڪٽڪ ڪربلا پھچڻ شروع ٿي ويا، چوٿين محرم تائين هڪ هزار فوج پھچي چڪي هئي. پنجين محرم تي شبث ابنِ ربعي کي چار هزار، سنان ابنِ انس کي ڏھہ هزار جو لشڪر ڏئي، ڪربلا روانو ڪيو ويو، ڇھين محرم تي خولي ابنِ يزيد اصبھي کي ڏھہ هزار، ڪعب ابنِ المحد کي ٽي هزار، حجاج ابنِ حر کي هڪ هزار جو لشڪر ڏئي ڪربلا روانو ڪيو ويو، ان کان پوءِ ڪيئي ننڍا وڏا لشڪر روانا ڪرڻ کان پوءِ ابنِ زياد، اِبنِ سعد کي لکيو تہ هيسيتائين تہ توکي گهرجي تہ تون بنا ڪنھن وقت وڃائڻ جي امام حسين عہ کي قتل ڪري ڇڏ.
ڪير چوي يا نہ چوي مگر مورخ چون ٿا، انھن ڏينھن تي خولي ابنِ يزيد ابنِ زياد ٻي روايت ۾ شمر بن ذوالجو شن کي هڪ خط لکيو، جنھن ۾ هن عمر ابنِ سعد لاءِ لکيو تہ هو امام حسين عليہ السلام سان لڪي ملندو آهي ۽ ساڻس ڳالھہ ٻولھہ ڪندو آهي. اهو خط ملندي ئي ابنِ زياد عمر ابنِ سعد کي موٽ ۾ لکيو تہ، “مون کي تنھنجي سڀني حرڪتن جي خبر پئجي وئي آهي، تون هن خط ملڻ شرط امام حسين عليہ السلام جو پاڻي بند ڪري ڇڏ ۽ هن لاءِ زندگي مختصر ڪرڻ جي ڪوشش ڪر.”
۽ پوءِ ستين محرم تي سيدن جو پاڻي بند ڪيو ويو، سيدن ستين محرم کان فقط پنج ڏينھن پھريان پاڻي بند ڪندڙن جي لشڪر جي نہ صرف فردن مگر جانورن لاءِ پنھنجي مشڪن جون ڳنڍيون کولي ڇڏيون هيون. حضرت عباسعه کي حڪم ڪيو ويو هيو تہ حر جي گهوڙن جي اڳيان ان وقت تائين پاڻي نہ کنيو وڃي، جيسيتائين هو مڪمل سيراب ٿي نٿا وڃن. ان ڳالھہ جو خاص خيال رکيو وڃي تہ گهوڙا ڪجهہ پاڻي پيئڻ کان پوءِ پاڻيءَ مان منھن ڪڍي وٺندا آهن، اوهان اهو نہ سمجهجو تہ انھن پاڻي پي بس ڪيو آهي، وري هنن جي اڳيان پاڻي رکي ڇڏجو ۽ فقط پنج ڏينھن کان پوءِ انھن ئي لشڪرين سيدن جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو.
۽ ها هاڻي اوهان هڪڙي لمحي لاءِ تصور ڪريو تہ ڪربلا جي رتيلي زمين جي مٿان سج پنھنجي پوري شباب ۾ چمڪي رهيو آهي، ڌرتي تپي ٽامو ٿي وئي آهي، بقول علامہ اسفائنيءَ جي تہ سيدن جا خيما فرات نديءَ کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي آهن. ٻارڙن، ٻڍڙن ۽ سيدزادين جي هن ننڍڙي مختصر قافلي جي مقابلي ۾ اسي هزار جي فوج ننگين تلوارن سان بيٺي آهي ۽ عمر ابنِ حجاج کي پنج سئو سوارن سان ان نديءَ تي فقط ان لاءِ بيھاريو ويو آهي تہ جيئن اتان سيدن جي خيمن طرف پاڻيءَ جو هڪ قطرو بہ نہ وڃي سگهي ۽ پوءِ تاريخ جا ڪتاب شاهد آهن تہ حجر کي چئن هزارن جو لشڪر ڏئي ۽ شبث ابنِ ربعي کي هڪ هزار جو لشڪر ڏئي، پاڻيءَ تي بيٺل پھريدارن جي مدد لاءِ موڪليو ويو ۽ ها! ان ڪري مون کي ھميشہ ستين محرم جو ڏينھن ڏاڍو عجيب لڳندو آهي تہ جڏهن اڄ کان تيرنھن سئو ايڪونجاھہ ورهيه اڳ فرات تان ڪِوِلين کان وٺي پکين پرندن تائين سڀني کي سيراب ٿيڻ جي اجازت هئي، مگر جي ڪير اهو پاڻي نہ پئي پي سگهيو تہ اهو فقط آلِ محمد صہ جو گهراڻو هيو ۽ ها، ان ڏينھن تي انھن خيمن ۾ ڇھن مھينن جو هڪڙو ننڍڙو کيرپياڪ ٻارڙو بہ هيو، تاريخ جنھن کي علي اصغرعه جي نالي سان ياد ڪري ٿي، پاڻيءَ بنا ان جي ڪھڙي ڪيفيت هوندي! اهو فقط ڪا دردمند ماءُ ئي ٻڌائي سگهي ٿي، جنھن جي سيني ۾ ماءُ جي دل ڌڙڪندي هجي، جو سج جيئن جيئن پنھنجي تيز رفتاري سان ڊڪڻ شروع ڪري ٿو تيئن تيئن خيمن مان پاڻي ختم ٿيڻ شروع ٿئي ٿو. جڏهن سج اولھہ تي پنھنجا ڳاڙها عڪس ۽ اولڙا ڇڏي لھي ٿو تہ سيدن جي خيمن مان العطش العطش جون صدائون بلند ٿين ٿيون ۽ ان ڪري مان چوان ٿو تہ ستين محرم جو ڏينھن تاريخ جو ڏاڍو عجيب غمزدہ ۽ اداس ڏينھن هوندو آهي.

(15 مئي 1997ع روزاني ڪاوش حيدرآباد)

هَل مِن ناصِر يَنصُرنا (آهي ڪو منھنجي مدد ڪري!)

اڄ يومِ عاشور آهي، ڏکن ۽ تڪليفن جو ڏينھن. ھميشہ اهو ڏينھن تاريخ جي صفحن تي ڪنھن تازي گهاءَ جيان ياد ڪيو ويندو آهي، جنھن جي پلئہ ۾ صرف آه و پڪار جي ڳنڍ ٻڌل آهي، جنھن ۾ رڳو لڙڪ ۽ سڏڪا نظر اچن ٿا. اڄ کان تيرنھن سئو ٻاونجاھہ سال اڳ اڄوڪي ملڪ عراق جي تڏهو ڪي شھر ڪوفي کان سڏ پنڌ پري هڪ ندي وهندي هئي، جنھن کي تاريخ علقمہ جي نالي سان ياد ڪري ٿي، جنھن جي ڪنڌيءَ تي حسين عہ اِبنِ علي عہ جا سٺ هزار درهمن ۾ چوڏهن چورس ميل خريد ڪيل زمين جي ٽڪري کي جڏهن سج جي سخت تپش تپائي ٽامو ڪري ڇڏيو هو، تڏهن رسول صه جي لختِ جگر ٻٽيھن سوارن ۽ چاليھن پيادن جي ننڍڙي فوج جي زهير کي ميمنہ جي ڪمان ڏئي، ٻڍڙي حبيب ابنِ مظاهر کي ميسرہ تي مقرر ڪيو ۽ علم ابوالفضل عباس عہ کي عطا ڪيو. هڪ پاسي ٽن ڏينھن جي اڃ ۽ بک تي آلِ علي عہ ۽ سندن محبتين جي ٻاهتر ڄڻن جو لشڪر آهي ۽ ٻئي پاسي هزارن جي تعداد ۾ ڪوفين جا ڪٽڪ آهن:
“ڪربلا جي پڙ ۾ خيما کوڙيائون،
جهيڙو يزيد سين جنبي جوٽيائون،
منھن نہ موڙيائون پسي تاءُ ترار جو.”
اڃان جڏهن جنگ شروع نہ ٿي هئي تہ نہ معلوم حضرت امام حسين عليہ السلام کي ڪھڙو خيال آيو جو پاڻ پنھنجي گهوڙي کي اڙي هڻي، لشڪر يزيد آڏو آيا، شايد تاج امامت پنھنجي حجت پوري ڪرڻ ٿي چاهي ۽ پوءِ پاڻ بلند آواز ۾ مخاطب ٿيندي چيائون، “اي لوڪو! منھنجي ڳالھہ ٻڌو ۽ منھنجي قتل ۾ جلدي نہ ڪيو، جيئن آءٌ پاڻ تي واجب حق نصيحت ادا ڪري وٺان ۽ هتي اچڻ جا سبب اوهان جي سامھون بيان ڪري سگهان ۽ جيڪڏهن اوهان منھنجا جواب قبول ڪيا۽ منھنجي قول جي تصديق ڪئي ۽ منھنجي معاملي ۾ دادِ انصاف ڏنو، تہ ان جي ڪري اوهان نيڪ ٿي ويندو ۽ مون تي ظلم ڪرڻ جو رستو نہ ملندو ۽ جيڪڏهن اوهان منھنجن جوابن کي قبول نہ ڪيو ۽ انصاف جي طريقي کي اختيار نہ ڪيو تہ اوهان پنھنجي ڪم کي درست ۽ پاڻ سان گڏ شامل ٻين شخصن کي گڏ ڪيو، جيئن اوهان تي اهو ڪم ۽ ان جي حقيقت لڪل نہ رهي ۽ پوءِ اوهان کي جيڪي مون سان ڪرڻو هجي، اهو ڪيو ۽ مونکي مھلت نہ ڏيو. منھنجو ولي اهو خدا آهي جنھن قرآن نازل ڪيو ۽ صالحين کي دوست رکي ٿو.
تاريخ لکي ٿي تہ فصيح ۽ بليغ ابنِ علي ابنِ ابي طالب جا اهي خطبا جاري هيا ۽ هنن جا ڪنڌ شرم ۾ جهڪي ويا هئا، هنن تي سڪتو طاري ٿي چڪو هيو تہ عمر سعد پنھنجي لشڪر وارن کي زور زور سان پڪاري چوڻ لڳو تہ، “هاڻي دير نہ ڪريو ۽ حسين عہ ۽ اصحاب حسين عہ تي حملو ڪيو.” ۽ پوءِ ڪربلا جي ميدان ۾ جنگ شروع ٿي وئي ۽ حضرت امام حسين عليہ السلام جا جانثار شھيد ٿيندا ويا ۽ حضرت امام حسين عليہ السلام مقتل گاھہ مان لاش کڻندا خيمن ۾ رکندا ٿي ويا تہ اوچتو اهڙو لمحو آيو جو سيرت ۽ صورت ۾ رسالت ماب صہ سان سڀني کان وڌيڪ مشابھت رکندڙ ارڙنھن ورهين جو جوان حضرت علي اڪبر ابنِ حسين عہ خيمن مان رخصت ٿيڻ لاءِ اجازت وٺڻ اچن ٿا تہ حرم سرا ۾ڪھرام برپا ٿي وڃي ٿو ۽ مظلوم امام غمگينيءَ سان پنھنجي هٿن سان کين سينگارين ٿا، کين حضرت علي عہ جي تلوار ڏين ٿا ۽ رسول پاڪ صہ جي زرھہ ۽ عمامو پارائي آلين اکين سان جڏهن عقاب نالي گهوڙي تي سوار ڪري الوداع ڪيو ٿو وڃي ۽ جڏهن پاڻ ميدانِ جنگ ۾ پھچي رجز پڙهن ٿا ۽ جنگ شروع ٿئي ٿي تہ وقت جو مورخ لکي ٿو تہ جنھن وقت هن شھزادي طارق بن شيش، عمر طارق، طلحہ بن طارق، مصرع بن غالب جھڙن بھادرن کي موت جي منھن ۾ اڇلائي ڇڏيو پر پياس جي شدت کين ميدانِ جنگ کان خيمن ڏي وٺي وئي ۽ پاڻ نھايت ئي عاجزي ۽ نماڻائيءَ مان حق جي امام عہ کي چيائون، “بابا جان اُڃ ڏاڍي تڪليف ٿي ڏي”، تاريخ لکي ٿي تہ اڃان پاڻ جملو پورو ڪيو هيائون تہ سالارِ قافلي ورندي ڏني هئي تہ “پٽ! صبر ڪر!! ٿوري دير ۾ توکي تنھنجو نانا پاڻي پياريندو،” اهو جواب ٻڌڻ هيو تہ حضرت علي اڪبر هڪ ڀيرو ٻيھر ميدان ۾ اچن ٿا ۽ هڪ ٻئي پويان ٻہ سئو چار ڪوفين کي جھنم حوالي ڪن ٿا تہ منقذ بن مرہ عبديءَ جو نيزو سندن معصوم سيني ۾ پيوست ٿي وڃي ٿو ۽ سندس زبان مبارڪ مان بي ساختہ طور “يا ابتاہ ادرڪني، يا ابتاہ ادرڪني” جون صدائون بلند ٿين ٿيون. خيمن ۾ ننڍڙن ننڍڙن ٻارن کي ٽن ڏينھن جي اڃ بيتاب ڪري رهي هئي ۽ چئني پاسن کان “العطش، العطش” جون صدائون اچي رهيون هيون، اڃايل ٻارڙن جي انھن آوازن حسيني لشڪر جي علمبردار کي بي چين ڪري ڇڏيو ۽ تاريخ لکي ٿي تہ جڏهن پاڻ دشمن جي فوج جي ڪٽڪن سان مقابلا ڪندا فرات نديءَ تائين پھتا ۽ ٽن ڏينھن جي اڃ جي شدت ڪري پنھنجي هٿن جي ٻڪن ۾ پاڻي ڀريائون تہ کين پنھنجي آقا حسين عہ ابنِ علي عہ جي سيني تي سمھڻ واري معصوم نياڻي بي بي سڪينہ جي اُڃ ۽ بني هاشم گهراڻي جي خيمن جي درن تي پاڻيءَ لاءِ ٿانو کڻي بيٺل ٻارن جا مرجهايل چھرا، خشڪ چپ ۽ وکريل ۽ اڻڀا وار، خاڪ سان ڀريل ڪپڙا ۽ اکين ۾ آس جون ٻرندڙ ڏياٽيون ياد اچي وڃن ٿيون ۽ پاڻ پنھنجي هٿن جي ٻڪن کي کولي ٿا ڇڏين ۽ پاڻي هڪ ئي پل ۾ فرات نديءَ ۾ ڪِري ٿو پوي ۽ پاڻ خيمن ۾ پاڻي پھچائڻ کان پھريان جامِ شھادت نوش ٿا فرمائين.
سج آسمان جي اولھہ طرف وڌڻ شروع ڪيوآهي، ڪربلا جي ريت تپي ٽامو ٿي چڪي آهي، حضرت حسين عہ جا سڀئي اصحاب ۽ احباب هڪ هڪ ٿيندا شھيد ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي مردن مان فقط حضرت علي زين العابدين عہ بيماريءَ جي بستري تي نيم بيھوشيءَ جي حالت ۾ سمھيل آهن ۽ سندن سيرانديءَ کان سندن معصوم پٽ حضرت محمد باقر عہ ويٺل آهن. سيدن جي خيمن مان هڪ خيمي ۾ ڇھن مھينن جو صغير ٻار اڃ ۽ بک جي ڪري تڙپي رهيو آهي ۽ هاڻي فقط حضرت امام حسين عليہ السلام ئي وڃي بچيا هئا، جن کي دين جي بقا لاءِ پنھنجي خون جو نظرانو پيش ڪرڻو هيو.
تاريخ لکي ٿي تہ جڏهن حضرت امام حسين عليہ السلام خيمي کان ميدانِ جنگ ۾ آيا آهن ۽ هڪ لمحي لاءِ چئني طرفن کان دشمن جي بيٺل لشڪر جي ڪٽڪن تي نظر وڌي اٿن ۽ پوءِ سڀن سان مخاطب ٿي کين هدايت ۽ نصيحت لاءِ خطبا چيا اٿن، پاڻ خطبا چئي چند لمحن لاءِ خاموش ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ حجت تمام ڪرڻ لاءِ، “هل من ناصر ينصرنا، هل من ناصر ينصرنا” “آهي ڪو جو منھنجي مدد ڪري، آهي ڪو جو منھنجي مدد ڪري” جون صدائون بلند ڪن ٿا تہ تاريخ جي ڪتابن ۾ لکيل آهي، زعفر جن پنھنجي ساٿين سميت سندن مدد لاءِ پھچي وڃي ٿو، مگر پاڻ کيس دعائون ڏئي واپس ڪندي چون ٿا تہ، “اي زعفر! مون کي شھادت جي سعادت حاصل ڪرڻي آهي پر فقط حجت پوري ڪرڻ لاءِ اها صدا بلند ڪئي اٿم جيئن هنن وٽ منھنجي مدد نہ ڪرڻ جو ڪو بھانو نہ رهي” ۽ پوءِ پاڻ خيمن ڏي نگاھہ ڪئي اٿئون تہ سيدزادين جي آھہ و زاريءَ جا آواز سندن ڪنن سان ٽڪرايا آهن، جيڪي صدا تي روئي رهيون هيون، پاڻ اها صورتحال ڏسي مستورات کي آٿت ڏيڻ لاءِ پنھنجي گهوڙي کي خيمن ڏي موڙي ٿا ڇڏين ۽ پوءِ خيمن ۾ سڀن کي نصيحتون ۽ هدايتون ڪرڻ لڳن ٿا ۽ ائين ئي آٿتون ڏيندا، جڏهن هڪ خيمي ۾ پھچن ٿا تہ ڇھن مھينن جي معصوم حضرت علي اصغر جي اڃ جي شدت جي ڪري بي حالي ڪنھن کان ڏٺي نٿي ٿي، هو اڃ ۽ بک جي شدت جي ڪري تڙپي رهيو هو پر سندس والدہ ماجدہ کيس کير پيارڻ کان لاچار آهي، ڇاڪاڻ جو معصوم جو والد بزرگوار کيس پاڻي پيارڻ کان مجبور هيا.
هڪڙي لمحي لاءِ خبر ناهي تہ ڪھڙو خيال ايندي ئي حضرت امام حسين عليہ السلام اُمہ المصائب حضرت بي بي زينب سلام ﷲ عليہا کي چيو تہ “ڀيڻ اصغر مون کي کڻي ڏيو! آئون هنن تي آخري حجت پوري ڪرڻ ٿو چاهيان” ۽ پوءِ معصوم علي اصغر کي سندن آغوش ۾ ڏنو وڃي ٿو ۽ نہ معلوم ڇو اهو ننڍڙو معصوم ٻارڙو پنھنجي پدر بزرگوار جي هنج ۾ ايندي ئي خاموش ٿي وڃي ٿو، ڄڻ هن ابدي سڪون پنھنجي اکين سان ڏسي ۽ دل سان قبول ڪري ورتو هو ۽ پوءِ تاريخ لکيو تہ حضرت امام حسين عليہ السلام هڪ نظر معصوم ٻارڙي تي وڌي ۽ ٻي نظر مقتل گاھہ تي!! ۽ پوءِ پاڻ آهستي آهستي مقتل گاھہ ۾ آيا ۽ هڪ دڙي تي چڙهي بيٺا ۽ لشڪرِ يزيد سان مخاطب ٿيندي چيائون، “ڏسو! آءٌ پنھنجي ڇھن مھينن جي معصوم پٽ کي پاڻي پيارڻ لاءِ اوهان وٽ کڻي آيو آهيان، خيمن ۾ پاڻيءَ جي نہ هئڻ جي ڪري هن جي والدہ جي ٿڃ خشڪ ٿي چڪي آهي ۽ هن جي زبان سڪي وئي آهي، خدارا هن کي پاڻي پياري هن جي زندگيءَ کي بچائي وٺو. ۽ ٻڌو! اوهان جي ناقص عقل ۾ جيڪڏهن آئون اوهان جو خطادار ٿي سگهان ٿو ليڪن هي تہ معصوم آهي، هي تہ بي خطا آهي،” اڃان پاڻ ايترو مس چيو هيائون تہ لشڪرِ يزيد ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي، شقي القلب لشڪرين روئي ڏنو، جڏهن ابنِ سعد پنھنجي لشڪر جي اها حالت ڏٺي تہ هن فوري طور تي حرملا ابنِ ڪاهل کي حڪم ڏنو “اقطع ڪلام الحسين عہ” يعني حسين عہ جي ڪلام کي تير جي نوڪ سان خاموش ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ هن تير ڪمان ۾ وڌو ۽ معصوم حضرت علي اصغر جي گلي جو نشان ورتائين ۽ هڪ لمحي کان پوءِ تير حضرت علي اصغر جي گلي مان ٿيندو حضرت امام حسين عليہ السلام جي ٻانھن ۾ وڃي لڳو، معصوم هڪ هڏڪي ڏني، هن جون اکيون ٻوٽجي ويون ۽ هن جي زبان دهن ۾ خاموش ٿي وئي ۽ سندس گلي مان وهندڙ خون سان امام پاڪ عہ جا هٿ ڀرجي ويا ۽ پوءِ پاڻ اهو خون پنھنجي چھري مبارڪ تي هڻي ڇڏيائون ۽ پنھنجو چھرو مبارڪ آسمان ڏي کڻي چيائون، “آئون ان طرح پنھنجي جد نامدار حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وآلہ و صلعم جن جي خدمت ۾ ويندس” ۽ پوءِ پاڻ مقتل کان ٿورو پرڀرو تلوار سان هڪ ننڍڙي قبر کوٽي ان ۾ حضرت علي اصغر کي دفن ڪري ڇڏيائون، ڪربلا جي تاريخ لکي ٿي تہ ڪربلا جو پھريون شھيد هيو، جنھن جي لاش خيمن جي طرف نہ آندي وئي، ها! شايد سيد زادين ۾ ان لاش ڏسڻ جي سگهہ نہ هئي، ها! شايد سندن اکيون هن درد کي ڏسي نٿي سگهيون.
حضرت امام حسين عليہ السلام مقتل گاھہ کان خيمن جي طرف اچن ٿا ۽ پوءِ پاڻ اسم اعظم ۽ ٻين انبيا جي تاريخي ورثي واريون شيون بيمارِ ڪربلا امام زين العابدين عہ جي سپرد ڪن ٿا ۽ پوءِ خيمن ۾ جيڪي بہ مستورات ۽ يتيم ٻار موجود هئا، انھن سڀني کي گهرائي بلند آواز ۾ چون ٿا، “منھنجو فرزند علي زين العابدين اوهان تي منھنجو خليفو آهي ۽ هو مونکان پوءِ وقت جو امام آهي، جنھن جي اطاعت اوهان تي فرض ۽ لازم آهي.” پوءِ پاڻ پراڻو لباس پائي، ان جي مٿان رسولِ خدا صہ جي چادر پائن ٿا، ڪاراڻ مائل رنگ واري قيمتي ڪپڙي جو جبو مبارڪ اوڍين ٿا ۽ عمامو سرِ اقدس تي رکن ٿا، رسول پاڪ جي زرھہ بدن تي سينگارين ٿا ۽ هٿ ۾ حمائل ۽ تلوار کڻن ٿا ۽ آخري ڀيرو حسرت ڀرين نگاهن سان خيمي ۾ موجود اهلِ خانہ کي ڏسن ٿا ۽ پوءِ بلند آواز سان چون ٿا، “يا زينب! يا امِ ڪلثوم، يا فاطمہ يا رباب يا سڪينہ عليڪن مني سلام، سلام اي بيبيو! الوداع، اي! ڀينرو، ڌيئرو، بيبيو الوداع الوداع. هي منھنجي آخري ملاقات آهي، خدا تعاليٰ اوهان جو حامي ۽ مددگار آهي، ڀيڻ زينب! هر مصبت ۽ تڪليف جي گهڙيءَ ۾ خدا تعاليٰ کي ياد رکجانءِ. پنھنجي رحيم ۽ ڪريم خالق کي نہ وسارجان ءِ. اي ڀيڻ زينب! هي يتيم ٻار ۽ اسير اهلبيتن جو قافلو توسان گڏ آهي.”
۽ پوءِ پاڻ ميدانِ جنگ ۾ اچن ٿا ۽ لشڪرِ يزيد مان هڪ هڪ ٿيندو سندن مدِمقابل اچي ٿو ۽ فناءَ جھنم ٿئي ٿو، اها حالت ڏسي، ابنِ سعد مٿن حملي ڪرڻ جو حڪم صادر ڪري ٿو، پاڻ مٿائن ٿيندڙ حملي جو مقابلو ڪندي جوابي حملو ڪن ٿا. پھريون، ٻيو ۽ ٽيون حملو، تاريخ لکي ٿي تہ حسين ابنِ علي عہ جي ٽئين حملي کان پوءِ لشڪرِ يزيد کي ڪوفي جي بازار ۾ ڀڄندي ڏٺو ويو ۽ پوءِ ڪوفين ۽ شامين ڪنن ۾ سرٻاٽيون ڪندي چيو: بس! هاڻي حضرت شھيد ٿيڻو آهي، ڇاڪاڻ تہ رسولِ خدا صہ چيو هو تہ حسين ٽي حملا ڪندو ۽ اهو ٽيون حملو هو ۽ پوءِ حضرت امام حسين عليہ السلام کي بارگاھہ الاهي مان غيبي الھام ٿيو تہ هاڻي وعدي وفائيءَ جو وقت اچي ويو آهي ۽ پوءِ پاڻ تلوار مياڻ ۾ رکي ڇڏيائون ۽ هر طرف کان مٿن تيرن، نيزن ۽ بڙڇين سان حملا ٿيڻ شروع ٿي ويا ۽ ٿوري دير ۾ پاڻ زين کان زمين تي آيا ۽ شمر کين شھيد ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو تہ پاڻ ساڻس مخاطب ٿيندي چيائون تہ، “اي! شمر نماز جو وقت ٿي ويو آهي، مون کي نماز پڙهڻ ڏي” پاڻ اڃان پھرين سجدي ۾ ويا هئا تہ شمر کين شھيد ڪري ڇڏيو. تاريخ لکي ٿي تہ ان وقت اوندھہ انڌوڪار ٿي وئي، سج کي گرهڻ لڳي ويو جو ڏينھن جو تارا نظر اچڻ لڳا، فرات نديءَ جو پاڻي اڇلجڻ لڳو، راوي روايت ڪري ٿو تہ، “مون حسين عليہ السلام جي لاش مبارڪ کي شھادت کان پوءِ ڏٺو، سڄو جسم رت ۾ غلطان هو، ٻيو ڪوبہ شھيد اهڙو رت ۾ غلطان نہ هو، جھڙا پاڻ هئا ۽ سندن جسد اطھرجو نور مبارڪ آسمان تائين روشن هو: نمازِ عشق ہوتی ہے، ادا محرابِ خنجر میں.
سج اولھہ ڏي پنھنجو پاسو ڦيري ٿو، نينوا جي تتل زمين ٿڌي ٿيڻ شروع ٿئي ٿي، حق ۽ باطل جي وچ ۾ شروع ٿيل جنگ پنھنجي پڄاڻيءَ تي پھچي ٿي. تڏهن تہ انصاف جي تاريخ اڄ بہ چوي ٿي تہ ازل کان ابد تائين حق ۽ باطل جي وچ ۾ شروع ٿيل جنگ جي انتھا يومِ عاشور تي ڪربلا ۾ ٿي. جتي حضرت حسين ابنِ علي ٽن ڏينھن جي اڃ ۽ بک تي پنھنجن احبابن ۽ اصحابن جي جان جو نذرانو ڏئي، ان کي فتح جي چائنٺ تي اچي بيھاريو. ڪنج بھاري ايڊوڪيٽ لکي ٿو تہ، “اي ڪربلا جي جاءِ توتي خدا جون هزارين رحمتون هجن جو تنھنجي سيني ۾ خدا جي مقدس امانت دفن ٿيل آهي، تنھنجي ذرڙن تي معصوم خون جا ڦوهارا آهن!”
“حسن عہ مير حسين کي رنو ٽن ٽولن،
گهر ماڻهئين، جهنگ مروئين، اڀ ۾ ملڪن،
پکين پاڻ پڇايو، لڏيو هوت وڃن،
ﷲ شھزادن سوڀون ڏئين سچا ڌڻي.”

(18 مئي 1997ع روزاني ڪاوش، حيدرآباد)

حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي رحہ (سُر مارئي)

حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي رحہ 1152ع هجري مطابق 1689-1690ع ۾ شاھہ حبيب جي گهر هالا حويلي ۾ جنم ۾ورتو ۽ 14 صفر سن 1165 هجري بمطابق 1752ع ۾ هن جھان مان لاڏاڻو ڪيو. ان حساب سان سندن عمر 63 ورهيه ٿي. زندگي جي ان عرصي ۾ دنيا جو هي وڏو شاعر جڏهن وجد ۾ ايندو هو تہ بي اختيار ٿي بيت چوندو ويندو هو، جيڪي اتي موجود فقير بر وقت لکندا ويندا هئا. عام اعتقاد آهي تہ شاھہ صاحب وفات کان ٿورو اڳ رسالي جا نسخا فقيرن کان وٺي ڪراڙ ڍنڍ ۾ اڇلائي ڇڏيا. چون ٿا تہ نسخن کي ڪراڙ ڍنڍ ۾ اڇلڻ تي شاھہ صاحب جي فقيرن کي ڏاڍو ڏک رسيو، جنھن تي شاھہ صاحب کان فقيرن جو اهنج ڏٺو نہ ٿيو ۽ پنھنجي هڪ فقيرياڻي مائي نعمت جنھن کي شاھہ صاحب جا انيڪ بيت بر زبان ياد هوندا هئا، کي گهرائي چيائون تہ اهي سڀ بيت فقيرن کي لکرائي، مائي نعمت فقيرن کي اهي بيت لکرايا ۽ اهو قلمي نسخو تيار ٿيو ۽ هاڻي ان نسخي کي گنج ڪري ٿا سڏين، اوائل ۾ اهو گنج شاھہ صاحب جي وڏي مريد تمر فقير وٽ هو، جنھن بعد چون ٿا تہ سندس پونئير اڃان بہ سندس حفاظت ڪندا اچن ٿا. گنج ۾ شاھہ صاحب جا بيت بنا ڪنھن ترتيب جي درج ٿيل هئا، جيڪي شاھہ صاحب جي وفات کانپوءِ فقيرن مضمون جي موافق بيھاري سُرن جي صورت ۾ آندا.
سنڌي ٻولي جي عالمي شاعر ۽ ڏات ڌڻي شاھہ صاحب جي تخليقي سرچشمي “شاھہ جو رسالو” ۾ سر مارئي انساني حقن جي جدوجھد جي الف ب آهي، جنھن جو اندازو شاھہ صاحب جي هن بيت مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو.
“جي لوڻ لڱين لائين، چيري چيري چم،
مون ڪر اڳي نہ ڪيو، اهڙو ڪوجهو ڪم،
جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنھوارن سين.”
عمر مارئي ڏهين عيسوي صديءَ جو هڪ تاريخي واقعو آهي، عمر ذات جو سومرو ۽ عمر ڪوٽ جو بادشاھہ هو، جڏهن تہ مارئي ملير جي چوڏهين جي چنڊ جھڙي سھڻي، سلڇڻي ۽ سٻاجهي نينگري هئي، جنھن کي عمر بادشاھہ ويس بدلائي کوھہ تان پاڻي ڀريندي زوري کڻي وڃي قيد ڪيو، جتي عمر بادشاھہ کيس لوڀ ۽لالچ ڏئي پنھنجي محل ۽ راڄ جي راڻي ڪرڻ گهُريو پر مارئي جي من ۾ عمر جي تخت ۽ تاج، محل ۽ ماڙين، پٽ ۽ڪيمخوابن کان وڌيڪ ملير جي پلي ۽ پالڪ، جهوپا ۽ جهانگي، مٽِ ۽لوئي وڌيڪ عزيز هئا، مارئي مرڻ تہ پسند ڪيو ٿي پر پنھنجي ديس جي مٽي تان دستبردار ٿيڻ نٿي چاهيو. شاھہ صاحب مارئي جي پنھنجي مٽي سان محبت، پنھنجي ڌرتي سان نہ ٽٽندڙ رشتي ۽ وطن جي حب کي پنھنجي بيتن ۾ آڻي ان تاريخي واقعي کي ھميشہ ھميشہ لاءِ امر ڪري ڇڏيو ۽ مارئي کي پنھنجي وطن سان بي انتھا محبت جو اهڃاڻ ڪري پيش ڪيو، جنھن جو اندازو شاھہ صاحب جي هن بيت مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو.
“واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساھہ،
بت منھنجو بند ۾، قيد مَ ڪريجاه،
پرڏيھياڻي پرين ري، ڌار مَ ڌريجاه،
ٿڌي وسائجانءِ ٿرن جي، مٽي مئي مٿاه،
جي پويون ٿئي پساھہ، تہ نجانءِ مڙھہ ملير ڏي.”
شاھہ صاحب هن سُر ۾ مارئي جي پنھنجي ديس ملير سان محبت، عمر جي ارڏاين ۽ مارو ماڻھن جي مسڪيني جو بيان ڪيو آهي. هر سُر ۾ شاھہ صاحب مارئي جي وطن ملير سان ازلي رشتي جو ذڪر ڪندي ملير جي مٽي کي سون برابر سمجهيو آهي ۽ مارئي جي واتان چوائي ٿو تہ اڃان دنيا جو وجود ئي نہ ٿيو هو، ان وقت کان بہ اڳي منھنجو مٽي جي ماڻھن سان روح جو نہ ٽٽندڙ رشتو قائم هو، جنھن جو اندازو سر مارئي جي هن بيت مان ڪري سگهجي ٿو.
“نڪا ڪن فيڪون هُئي، نڪو لڱ لحم،
بنيو هو نہ بت ۾، اڃان ڪي آدم،
مون توهين سين سنڱ، اها ساڃاءِ سپرين.”
مارئي، عمر، مارو، ملير، ٿر، ڀالوا اهي سمورا ماڻھو ۽ مڪان سُر مارئي ۽ شاھہ صاحب جي فن ۽ فڪر جي حوالي سان عام ڪردار ۽ ماحول نہ آهن پر اهو شاھہ صاحب جھڙي حساس ۽ انسان دوست ڏاتار شاعر جي فن ۽ فڪر جو معراج آهي تہ هن مارئي کي رهندي دنيا تائين حب الوطني ۽ انساني حقن ۽ عمر کي ظلم ۽ ڏاڍ جي علامت بنائي ڇڏيو آهي. اها رڳو لفاظي ڪونھي پر ٺيڪ ٽي صديون گذري وڃڻ کانپوءِ بہ اڄ جي جديد دنيا جي جديد علمن جي ماهرن ۽ شاگردن لاءِ سڀ کان وڏو اڀري ايندڙ سوال آهي، تہ نيٺ اهي ڪھڙا ڪارڻ ۽ سبب هئا جن شاھہ صاحب جھڙي عظيم شاعر ۽ ڏات ڌڻي کي سر مارئي جھڙو عظيم شھپارو تخليق ڪرڻ لاءِ اتساھہ ڏنو؟ يقينن ان جو جواب شاھہ صاحب جو پنھنجي ڌرتيءَ سان محبت هو، جنھن جو اظھار پاڻ هن بيت ۾ ڪيو اٿائون.
“الست بربڪم جڏهن ڪن پيوم،
قالو بليٰ قلب سين تڏهن تت چيوم،
تنھن وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.”
شاھہ صاحب جو سُر مارئي عالمي ادب جي شھپارن ۾ شامل هوندي بہ ڪاليداس جي “شڪنتلا” شيڪسپيئر جي “ميق بٿ” “هيمليٽ” ۽ گوئٽي جي “دي فائوسٽ” کان بنھہ مختلف آهي. عمر جھڙو ڏاڍ مڙسي ۽ زور آوري وارو ڪردار ادا ڪندڙ اڄ ٿر تان تہ مٽجي ويو آهي پر ٿر، مارئي، ملير، ڀٽون ۽ ڀالوا اڄ بہ پنھنجي جاءِ تي قائم آهن ۽ ڳائجن پيا. ايئن چوڻ ۾ ڪو بہ وڌاءُ نہ ٿيندو تہ جديد دنيا ۾ جتي بہ ڏاڍ مڙسيءَ جو راڄ آهي ۽ انساني بدن ۽ روح تي زنجيرون کڙڪن ٿيون، اتي انساني حقن ۾ يقين رکندڙ قوتن کي سر مارئي اپيل ڪندو رهندو پر ڇا انساني آزادي لاءِ خواهش ۽ پنھنجي ماڻھن سان الست بربڪم کان وٺي ڳانڍاپي جي تصور جو سمورو مظھر شاھہ صاحب جي ڏات ۽ ذات کان سواءِ ڇا ڪا معنيٰ رکي ٿو؟ ان جو اندازو هن بيت مان لڳائي سگهجي ٿو:
“جو ڏيھہ ڏاڏاڻيان آيو، پيرنھن تنھن پئان،
سانگائتو سيد چئي، سنديون چت چنان،
هتي تان نہ هئان، حرف لٿي هيڪڙي”
حڪمران طبقي پاران هڪ تنھا، مسڪين ۽ بيوس عورت کي طاقت جي آڌار تي طرح طرح سان لالچائڻ، ڊيڄارڻ، باندي ۽ بيوس بنائڻ واري عمل کي شاھہ صاحب هڪڙي حد تائين نٿو وٺي پر هو انھيءَ ڳالھہ کي ٿر جي حدن مان ڪڍي سموري سنڌي سماج جي ڪالھہ ۽ سڀاڻي وارن حالتن سان لاڳو ڪري ان جو دائرو ۽ عمل وڌائي ٿو ڇڏي، اهو هن جي فن ۾ ماڻھن سان لاڳاپي جو ڪمال آهي.
“واجهائي وطن کي ساري ڏيان ساھہ،
هي سر ساڙيھہ سامھون منھنجو نج ميان!
متا مياڻي مارئين، وڃي ٿر ٿيان،
ميائي جيان، جي وڃي مڙھہ ملير ڏي.”
مارئي ۽ عمر هڪ دور جي تاريخ جي عدالت ۾ هڪ فريادي ۽ جوابدار جي حيثيت ۾ هر دور جي منصف عوام آڏو پيش ٿيندا رهندا. ڇاڪاڻ جو شاھہ صاحب مارئي جي واتان منصف عوام آڏو هڪ محب وطن ڇوڪريءَ جي حيثيت ۾ چورايو آهي.
“عمر ٿيم اپار وره وٽيان ڪن سين؟
ڏوٿيئڙا ڏور ٿيا، تڳان جن تنوار،
سٽائون سنگهار، کوهن تان کڻي ويا.”
عمر ۽ مارئي جي وچ ۾ تضاد غير حب الوطني ۽ حب الوطنيءَ جو تضاد آهي. جيڪو اسان کي شاھہ صاحب سُر مارئي ۾ واضح ڪري ڏيکاريو آهي، نہ فقط ايترو پر زمان ۽ مڪان جي حد مان نڪري شاھہ صاحب سُر مارئي کي ڌرتي جي گولي تي انساني حقن لاءِ وڙهندڙ قومن جي جدوجھد جي پڌرنامي طور پيش ڪيو آهي.
“اي نہ مارن ريت، جو سيڻ مٽائين سون تي،
اچي عمر ڪوٽ ۾ ڪنديس ڪانہ ڪُريت،
پکن جي پريت، ماڙين سين نہ مٽيان.”
سُر مارئي جي مٿين بيت جي دائري ۾ قيد زندگي جو انڪار ۽ زندگي آزاد ۽ عصمت سان گذارڻ جو سبق آهي ۽ اهو سبق شاھہ صاحب جھڙي قومي شاعر ئي سيکاريو آهي.
سُر مارئي توڙي سمورو شاھہ جو رسالو ان حوالي سان قومي شاعري ۽ مارئي جو ڪردار قومي ڪردار جي شاهدي ڏين ٿا.
“ننگا آهيون نگيا، اسين مارو لوڪ،
ٿر کي ڀانيون ٿوڪ، جو ڍڪ ڍاٽيڙن جي.”

(20 آڪٽوبر 1989ع روزاني عبرت حيدرآباد)

سچل سرمست (سچو عشق نہ ٻڍڙا هوئي)

سنڌ جي عظيم صوفي شاعر سچل سرمست 1739ع ۾ خيرپور جي درازن شھر ۾ ميان صلاح الدين جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ڏاڏي جو نالو ميان صاحبڏنو هو، جيڪو پڻ پنھنجي دور جو نامور شاعر هو. سچل جي ڄمڻ وقت سنڌ ۾ ڪلھوڙن جي حڪومت جا پڇاڙڪا پھر هئا ۽ پوءِ سچل جي بلوغت تائين سنڌ تي ميرن جي صاحبي ٿي چُڪي هُئي ۽ مير درازن جي درگاھہ جا وڏا معتقد هوندا هئا، ايتري قدر جو دعا ڌاڳي لاءِ بہ اچي درگاھہ تي حاضري ڀريندا هئا ۽ ان وقت جو حاڪم مير رستم خان ٽالپر جيڪو پڻ شاعر هو، تنھن جا تہ سچل سائين سان نھايت ئي گھرا واسطا هوندا هئا. هو ڏکئي سکئي هڪٻئي وٽ پيا ايندا ويندا هئا. گڏجي شعر چوندا ۽ راڳ جون محفلون منعقد ڪندا هئا ۽ ان ئي زماني ۾ مير رستم علي خان ٽالپر سچل سائين جي فارسي شاعري جو مجموعو “ديوان آشڪار” ڇپائي پڌرو ڪيو.
سچل سائين اڃان ڇھن ورهين جو مس ٿيو تہ سندس والدين فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا ۽ پوءِ سندن پالنا سندن چاچي ڪئي، جنھن سچل سائين کي درسي تعليم ڏيارڻ لاءِ حافظ عبدﷲ قريشي وٽ ويھاريو، جنھن کين قرآن شريف، سنڌي ۽ فارسي پڙهائي باقي عربي، فلسفو ۽ تصوف جو علم، ديني ۽ دنوي مسئلن جي معلومات پنھنجي چاچي ميان عبدالحق کان حاصل ڪيائون، جن کي پنجابي، اردو، سرائيڪي، زبانن تي پڻ عبور هوندو هو.
سچل سائين ننڍي هوندي کان ئي گهٽ ڳالھائو ۽ اڪيلائي پسند هوندا هئا. پاڻ اڪيلائي اڪيلا گهران نڪري جهر جهنگ وٺي هليا ويندا هئا ۽ وڃي قدرتي نظارن جو روح پرور منظر پسندا هئا. حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي پڻ درازن ۾ ايندا هئا ۽ سچل سائين جي ڏاڏي ميان صاحبڏني سان پڻ سندن ڪچھري ٿيندي هئي ۽ جڏهن سچل سائين جو چاچو ميان عبدالحق درازن جي درگاھہ جي گادي تي ويٺو تڏهن بہ ڀٽ ڌڻي ٻہ ڀيرا درازن ۾ آيا هئا ۽ هڪڙي ڀيري جڏهن ميان عبدالحق پنھنجي ٻارن (جن ۾ سچل سائين بہ شامل هئا) کي ڀٽ ڌڻي آڏو حاضر ڪيو. تڏهن ئي ڀٽ ڌڻي پنھنجو شفقت ڀريو هٿ سچل سائين جي مٿي تي رکي چيو “جيڪا ڪُني اسان چاڙهي آهي، ان جو ڍڪ هي لاهيندو.” ان مان ڀٽ ڌڻي جي اها مراد هئي تہ وحدت ۽ ڪثرت جي جا ڳالھہ پاڻ مام ۾ رکي اٿن ان کي عالم آشڪار هي تصوف جو بزرگ ڪندو. سچل سائين جا بيت اناالحق جو نعرو آهن، جن ۾ سرمد شھيد کان وٺي صوفي شاھہ عنايت تائين وارا گهٽ ۽ گهيڙ آهن. سندن بيتن مان انسانيت لاءِ بي انتھا محبت بکندي نظر اچي ٿي. ڀٽ ڌڻي وانگر سچل سائين جي بہ ساز ۽ سنگيت سان انسيت هوندي هُئي. پاڻ بہ شعر چوندا هئا ۽ راڳ ڳائيندا هئا پر جيڪڏهن ڪو ٻيو سنگيت جي سُرن کي ڇيڙيندو هو تہ سچل سائين جي اکين ۾ پاڻي تري ايندو هو. سچل سائين جي سڄي شاعري ۾ هڪ عجيب قسم جو درد سمايل آهي. جيئن جيئن سچل سائين جي شاعري پڙهبي وڃبي، تيئن تيئن درد اندر جي پاتال ۾ اوتجندو ويندو.
سچل سائين پنھنجي سڄي ڪلام ۾ شاعري جي مڙن ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. جن ۾ بيت، ڏوهيڙا، ڪافيون، وايون، غزل، نظم، مرثيه، مدحون، مثنويون، سحرفيون، گهڙولي، جهولڻ، قطعہ ۽ ڪبت شامل آهن. ڪجهہ مورخن جي راءِ آهي تہ سچل سائين رڳو سنڌي، اردو، سرائيڪي ۽ فارسي ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي، جڏهن تہ ڪجهہ مورخن جي وري اها راءِ آهي تہ سچل سائين انھن ٻولين کان سواءِ هندي، پنجابي، عربي ۽ ريحنتون ٻولين ۾ بہ شاعري ڪئي آهي. جڏهن تہ مورخن جي اها پڻ راءِ آهي تہ سچل سائين نو لک ڇٽيھہ هزار ڇھہ سو بيت چيا جيڪي مختلف صورتن ۾ موجود آهن، جن مان ڪجهہ ڪتابي صورت ۾ پڻ موجود آهن پر ضرورت ان ڳالھہ جي آهي تہ سچل سائين جي سموري شاعري کي سھيڙي مختلف زبانن ۾ چيل شاعري کي صنفن جي حوالي سان مڪمل ڪئي وڃي جيئن سائين جا پاٺڪ صحيح ڄاڻ ۽ علم حاصل ڪري سگهن.
سچل سائين جوانيءَ ۾ پنھنجي مرشد ۽ چاچي ميان عبدالحق جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي هئي پر بيبي صاحبہ فقط ٻہ سال جيئري رهي ۽ کيس ڪو بہ اولاد نہ ٿيو.
سچل سائين جي همعصر شاعرن ۾ نانڪ يوسف، گھرام جتوئي، غلام حيدر شر، خير شاھہ، حيدر شاھہ، فقير محمد ملاح دونھين وارو، روحل فقير، سامي، بيدل فقير ۽ سيد ثابت علي شاھہ شامل آهن.
سچل سائين اٺاسي ورهين جي ڄمار ۾ 1827ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.

(21 جنوري 1990ع روزاني عبرت حيدرآباد)

غلام رباني آگرو (صفحن ۾ منظر)

آئون ڪتاب خريد ڪرڻ ۾ ڏاڍو سست آهيان. يا وري ائين بہ آهي تہ منھنجون مالي حالتون مونکي ائين ڪرڻ جي ڪجهہ گهٽ اجازت ڏين ٿيون. هونئن بہ سنڌيءَ ۾ شايع ٿيندڙ ڪتاب گهڻي ڀاڱي مروج روايت موجب ٻين جيان مون کي بہ اعزازي ڪاپيءَ جي صورت ۾ ملندا آهن، جيڪي ڪتاب خريد ڪري ڪونہ سگهندو آهيان ۽ اعزازي ڪاپيءَ جي صورت ۾ بہ نہ ملندا آهن، سي وري دوستن وٽان پڙهڻ لاءِ کڻي ايندو آهيان. ڪجهہ ڪتاب ڪڏهن گاڏي کاتي وٽان مٽيندي، گاڏڙن تي پيل سستي اگهه تي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو آهيان. ائين پنھنجي پڙهڻ واري خواهش جي پورائي ڪندو رهندو آهيان.
علم حاصل ڪرڻ لاءِ درپيش انھن سڀني مسئلن کان پوءِ بہ مون وٽ پنھنجي ذاتي لائبرريءَ ۾ چڱن چوکن ڪتابن جو تعداد موجود آهي ۽ ڪافي دوست حوالي لاءِ گهربل ڪتاب منھنجي لائبرريءَ مان حاصل ڪندا آهن، جيڪي آئون کين ڏيڻ ۾ سرهائي محسوس ڪندو آهيان.
آئون انھيءَ راءِ جو آهيان تہ علم کي وڌ کان وڌ علم دوستن تائين پھچائڻ گهرجي. ان جي باوجود بہ آءٌ سمجهان ٿو تہ مون تہ علم جو اڃا اڀياس ڪيو ئي ڪونھي، پر پوءِ بہ پنھنجي مطالعي کي پنھنجي اندر جي نقاد آڏو رکندي، آئون ائين چئي سگهان ٿو تہ اڄ ڪلھہ جي “انيڪ نالي وارن نالن” کان مڙئي ڪجهہ وڌيڪ لاڀ حاصل ڪري سگهيو آهيان. شايد اهو ئي سبب آهي جو مون کي تمام گهٽ ليکڪن جون لکڻيون متاثر ڪري سگهيون آهن. يا انھن لکڻين لاءِ ائين چئي سگهان ٿو تہ انھن سنڌي ادب کي زرخيز ڪندي، پنھنجن پڙهندڙن جي ذهني تربيت ڪئي آهي.، باقي ڪجهہ ليکڪن جون لکڻيون يا تہ منھنجي معيار کان مٿانھيون آهن! يا تہ وري منھنجو معيار انھن کان مٿانھون آهي! سو ڪوشش ڪري آئون ان ڪتاب جو مطالعو ڪندو آهيان، جنھن مان مون کي اميد هجي تہ پڙهڻ کان پوءِ منھنجي شعوري سگهہ ۾ اضافو ٿيندو.
تازو مون برادرم الطاف حسين آگري کان غلام رباني آگري صاحب جو لکيل ڪتاب “جھڙا گل گلاب جا” پڙهڻ لاءِ ورتو، ڪتاب ملڻ وقت مان نوجوان شاعرہ ارم محبوب، احمد سولنگي، منظور سولنگي، آسي زميني، مصطفيٰ نانگراج، علي اظھار سومري ۽ اختر رند جي شاعريءَ تي اڀياس لکي رهيو هوس، اڀياس لکڻ کان فارغ ٿيندي ئي مون مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ٻن ڏينھن ۾ پڙهي پورو ڪيو، اتي اها ڳالھہ ياد رکڻ گهرجي تہ ڪتاب 688 صفحن تي پکڙيل آهي ۽ اها ليکڪ جي خوبي آهي، جنھن ڪتاب مڪمل ٿيڻ تائين پڙهڻ لاءِ مون کي اتساهيو.
مقدمي پڙهڻ کان پوءِ خواهش ٿي تہ اهو ڪتاب خريد ڪري لائبرريءَ ۾ رکجي. پر، ڪتاب جي ملھہ پڙهڻ کان پوءِ اها خواهش مڪمل ٿيڻ کان اڳ ختم ٿي وئي.
ڪتاب ۾ مختلف شخصيتن تي خاڪا لکيل آهن، جن ۾ علامہ آءِ آءِ قاضي، عبداللطيف آگرو، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، پير حسام الدين راشدي، سيد ميران محمد شاھہ، عثمان علي انصاري، شيخ عبدالمجيد سنڌي، غني خان، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد ابراهيم جويو، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، سيد غلام مصطفيٰ شاھہ، مولانا غلام محمد گرامي، مولانا عبدالواحد سنڌي، ٻيڙو فقير ڪنڀر، رشيد ڀٽي، صديق سالڪ، ايڇ ٽي ليمبرڪ ۽ ٻيا شامل آهن. ليکڪ جيئن انھن شخصيتن کي ڏٺو، ٻڌو ۽ پڙهيو آهي، انھن تي هن پنھنجي پوري علمي قابليت ۽ فني سگهہ سان خاڪا لکيا آهن.
رباني صاحب جي لکڻيءَ جي اها خصوصيت رهي آهي جو هو جيڏيءَ مھل مولانا عبالواحد سنڌيءَ جي سنڌالاجيءَ ۾ ڪيل آخري تقرير جو عڪس چٽي ٿو تہ اکين ۾ پاڻي تري اچي ٿو ۽ وري جيڏي مھل رشيد ڀٽيءَ سان ڪيل کل ڀوڳ جو ذڪر ڪري ٿو تہ پڙهندڙ پنھنجي منھن مسڪرائڻ لڳي ٿو.
اهو لکڻ جو فن ۽ ليکڪ جي قابليت آهي، جو پڙهندڙ سندس لکڻي پڙهڻ وقت ائين ٿو محسوس ڪري تہ هو اکر نہ پڙهي رهيو آهي پر سندس آڏو ڪتاب جي صفحن ۾ اهي منظر ڏسي رهيو آهي.
ڪتاب ۾ جن شخصيتن تي خاڪا لکيا ويا آهن، انھن جي پڙهڻ کان پوءِ انھن شخصيتن، ساڻن ڳانڍاپيل واقعن ۽ ان دور جي تاريخي پسمنظر جي چڱي ريت پروڙ پوي ٿي، پر اصل ۾ ڪتاب جو “مقدمو” وڏي علمي حيثيت رکي ٿو. جنھن ۾ محترم ليکڪ مختلف تاريخي واقعن، حوالن ۽ مشاهدن جي صورت ۾ لاڀ حاصل ڪرڻ جھڙو بحث ڪيو آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ شخصيتن تي لکيل ڪتاب ڪي گهڻا نہ آهن : سائين جي ايم سيد جو ڪتاب “جنب گذاريم جن سين”، عبدالقادر جوڻيجو جو ڪتاب “شڪليون”، طارق اشرف جو ڪتاب “جيل گهاريم جن سين” يا هڪ اڌ ٻيو ڪتاب آهي، جيڪي سنڌي ادب ۾ شخصيتن تي لکيل خاڪن تي مشتمل آهن.
آءٌ سمجهان ٿو تہ جيڪڏهن سنڌي ادب ۾ شخصيتن تي خاڪا لکيا وڃن تہ هڪ طرف ان شخصيت جي گڻن ۽ اوگڻن جي ڇنڊڇاڻ ڪري سگهبي تہ ٻئي طرف اسان کي هڪ جيئري جاڳندي تاريخ ملي پوندي ۽ ان سلسلي ۾ اسان جي اڄ جي ٽھيءَ کي آڏو اچڻ گهرجي. ان طرف خصوصي طور تي تاج جويو، انعام شيخ، نصير مرزا ۽ طارق عالم کي توجھہ ڏيڻ گهرجي، جن جا مختلف شخصيتن تي جاندار خاڪا پڻ لکيل آهن.

(نامور ليکڪ غلام رباني آگرو جي ڪتاب جي اڀياس تي ڇپيل ڪتاب “سڏ پڙاڏو” شاھہ عبداللطيف سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچي)

ڪھاڻيءَ جي ارتقا

جڏهن کان انسان پھريون ڀيرو پٿر تي ليڪو پائي لکڻ جي شروعات ڪئي هئي، تڏهن کان اڄ ڏينھن تائين هن ارتقا جا مختلف مرحلا طئہ ڪيا آهن. هن وقت اهو جديد سائنسي دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي. انسان پنھنجي شعور جي ان ڊگهي تاريخ ۾ ڪيترائي ڏکيا مرحلا طئہ ڪيا آهن، چالڊيءَ جي علائقي مان سر هينري لايرڊ جي ڳولي هٿ ڪيل اها سليٽ جنھن تي چار هزار سال قبل مسيح انسان جي پھرين تحرير لکيل هئي. ان کان اڄ ايڪيھين صديءَ تائين هن انسان فڪر جون ڪيتريون ئي منزلون ۽ مرحلا طئہ ڪيا آهن، ان جو اندازو اهلِ علم انسان بخوبي لڳائي سگهن ٿا ۽ آئون ادب جي ادنيٰ شاگرد جي حيثيت سان سمجهان ٿو تہ سڄي دنيا ۾ لکڻ جي هن ڊگهي تاريخ ۾ سنڌي ادب جي تاريخ صرف هڪ هزار سالن کان چوڏهن سئو ورهين تائين پکڙيل نظر اچي ٿي. محققن جي راءِ مطابق انھيءَ جي ابتدا شاعريءَ سان ڪيل آهي. جڏهن تہ يونان انھيءَ کان گهڻو اڳ يعني ٽن کان پنج سئو ورهيہ قبل مسيح ۾ سيفو ۽ هومر جھڙا شاعر پيدا ڪري، سڄي دنيا ۾ فڪر جي هڪ نئين لھر پيدا ڪري ڇڏي هئي ۽ هن دور ۾ اڃا ڪھاڻي تصور جون سرحدون اورانگهي نہ سگهي هئي. مؤرخن جي راءِ مطابق ڪھاڻي جديد ادب جي صنف آهي. البتہ ڪھاڻيون مھا ڪھاڻين، ڏند ڪٿائن ۽ قصن جي صورت ۾ ضرور موجود/مروج هيون ۽ ان جي اثر هيٺ سنڌيءَ ۾ عشقيہ داستانن جنم ورتو ۽ ان سلسلي ۾ سسئي پنھون، عمر مارئي، مومل راڻو، ليليٰ چنيسر، سھڻي ميھار، سورٺ راءِ ڏياچ يا مورڙو مانگر مڇ وارا قصا اچي وڃن ٿا، جن لاءِ پڻ هڪ اها راءِ آهي تہ اهي مھا ڪھاڻين جا حصا آهن. مھا ڪھاڻيون جيڪي دنيا ۾ ڪيئي سال اڳ چيون وينديون هيون. انھن جو اسان جي داستانن تي گھرو اثر پيل نمايان نظر اچي ٿو. جيئن مثال جي طور تي ويدن جي پرو راءِ ۽ اروسيءَ جي ڪھاڻي يا هڪ ٻي ڪھاڻي جيڪا ڪيوپڊ ۽ سائيڪيءَ جي آهي. ان ڪھاڻيءَ ۾ ڪيوپڊ هڪ بادشاھہ ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو هرروز سائيڪيءَ سان ملڻ ويندو هو، ائين جيئن اسان وٽ مومل ۽ راڻي جو قصو آهي، جنھن ۾ پڻ راڻو هرروز مومل سان ملڻ ويندو هو ۽ سائيڪيءَ جيئن مومل وٽ بہ ماڙي هوندي هئي يا وري ٻي هڪ مھا ڪھاڻي آهي، جنھن کي ڊايانا ۽ اينڊيمين جي ڪھاڻي چيو ويندو آهي. اينڊيمين چنڊ جي پري آهي ۽ هوءَ هرروز آسمان تي سفيد گهوڙي گاڏي هلائيندي آهي ۽ پوءِ هوءَ اينڊيمين تي عاشق ٿي پوي ٿي ۽ روزانو آسمان تان گهوڙي گاڏي جي پري زمين تي لھي ايندي هئي ۽ اينڊيمين سان ملي وري واپس آسمان تي هلي ويندي هئي، پوءِ هڪ ڏينھن ڊايانا کي اچي خوف ٿيو تہ ڪٿي اينڊيمين جو حسن ختم نہ ٿي وڃي، ان ڪري اينڊيمين تي اهڙو جادو ڪيو وڃي جو هو ھميشہ لاءِ ننڊ سمھي پوي ۽ آئون سمجهان ٿو تہ انھن ڪردارن کي مختلف زاوين ۾ ڏسڻ کان پوءِ اسان جي ذهن ۾ سھڻي ۽ ميھار جي قصي جو تصور جنم وٺي ٿو. ان کان پوءِ جڏهن سڄي دنيا ۾ فڪري اٿل پٿل ٿي ۽ 1762ع ۾ روسو سماجي عھدنامو لکيو، ڊارون ۽ مارڪوس جو فلسفو سڄي دنيا آڏو آيو ۽ 1871ع ۾ والٽ وِٽمن جدت پسنديءَ جو نظريو ڏنو تہ ادب جيڪو مصر کان هندستان، چين ۽ پوءِ يونان ۾ سرجيو هو، ان مان هڪ تبديلي برپا ٿي وئي ۽ سڄي دنيا ۾ هڪ نئون بحث شروع ٿي ويو، جنھن جو اثر سڄي دنيا جي روشن ضمير ليکڪن تي پيو ۽ ان کان پوءِ ئي سڄي دنيا ۾ ڪھاڻيءَ کي صنف طور معروضي حالتن، ليکڪن جي خارجي ڪيفيتن تحت جدت سان پيش ڪيو ويو ۽ لوڪ قصن، مھا ڪھاڻين ۽ عشقيہ داستانن کان پوءِ نئين فڪر، فهم، فلسفي ۽ اسلوب سان ڪھاڻيءَ کي تخليق ڪيو ويو. جيڪو ڪئين سرحدون اورانگهي برِ صغير جي هن خطي ۾ داخل ٿي ويو ۽ برِصغير ۾ رهندڙ هن قوم سان ان جي واقفيت امر لعل هنگوراڻي، نادر بيگ مرزا، آسانند مامتو راءِ ۽ ڪجهہ ٻين ڪرائي ۽ پوءِ جڏهن ستت ئي برِصغير جي ورهاست ٿي وئي تہ ان ڌرتيءَ تي وسندڙ هن قوم جي ان جديد صنف کان ذري گهٽ وانجهجهڻ واري هئي تہ شيخ اياز، “سفيد وحشي” ۽ جمال ابڙي، “پشو پاشا” لکي، ان صنف ۾ نئين سر ساھہ ڦوڪي ڇڏيو. نہ صرف اهي پر ان دور ۾ساقي سجاولي، سليم هالائي، ابنِ حيات پنھور پنھنجون شاهڪار ڪھاڻيون تخليق ڪري هن صنف ۾ساھہ ڦوڪڻ وارو ارتقائي مرحلو طئہ ڪيو ۽ پوءِ تاريخ جي مختلف مرحلن مان ٿيندي اها ڪھاڻي وڌندي ويندي ترقيءَ جي اِن منزل تي پھتي آهي. آئون سمجهان ٿو تہ سنڌي ڪھاڻيءَ کي ٽن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، پھريون دور ورهاڱي کان اڳ جو دور، ٻيو دور ورهاڱي کان ون يونٽ ۽ ٽيون دور ون يونٽ کان اڄ تائين اچي بيھي ٿو ۽ انھن ٽنھي دورن ۾ سنڌي ڪھاڻي جاگيرداريءَ سماج مان نڪري سرمائيداري سماج مان ٿيندي، سڄي دنيا جي اثرن هيٺ قومي حقن جي حاصلات واري جدوجھد ۾ داخل ٿي چڪي هئي. سنڌي ڪھاڻي تي اهي اثر سڄي دنيا جي اٿل پٿل تان سڌي طرح پيل محسوس ٿين ٿا، ڇاڪاڻ جو اهي ٽئي دور انسان جي دل و دماغ تي اثرانداز ٿيا آهن. ان کان سواءِ دنيا جي مختلف سماجن سان گڏ اسانجي خطي جا بہ داخلي مسئلا رهيا آهن. جيئن مثال طور تي ترقي يافتہ ملڪن ۾ اسان وانگر پيرن، ميرن جو طبقو نہ هوندو آهي. دنيا جي ترقي يافتہ ملڪن ۾ اسان وانگر پيار جو مسئلو نہ هوندو آهي. اُتي روزگار جو مسئلو ايڏي شدت سان نہ هوندو آهي. اتي اڻبرابريءَ وارو مسئلو ايڏو سگهاري نموني سان موجود نہ هوندو آهي پر اهي صرف اسان جا مسئلا آهن. انھن تي صرف اسان جي ليکڪن لکيو آهي پر جيڪڏهن ڪي عالمي مسئلا آهن، مثال جي طور تي جاگيرداري نظام، سرمائيداري نظام، جمھوريت، جنگ يا امن تہ آئون سمجهان ٿو تہ انھن يونيورسل مسئلن تي اسان جي ليکڪ بہ وڏي جرئت ۽ همت سان لکيو آهي نہ صرف ايترو پر جيڪڏهن لبيا ۾ ڪرنل قذافي جي نوي ڏينھن جي نياڻيءَ کي آمريڪي جارحيت ۾ شھيد ڪيو وڃي ٿو يا بينجمين مولائيز کي ڦاهيءَ چاڙهيو وڃي ٿو تہ اسان جو ليکڪ عالمي وايومنڊل تي نظر ڦيريندي پنھنجي ليکڪ ساٿين سان يڪجهتيءَ جو مظاهرو پنھنجي لافاني ڪھاڻين ۾ ڪري ٿو ۽ ان حوالي سان آءٌ اهو چوڻ ۾ ڪا هٻڪ محسوس نٿو ڪريان تہ اسان وٽ بلند سطح جون ڪھاڻيون تخليق ڪيون ويون آهن. فرانس جي البيئر ڪامو جي ڪھاڻي “دي گيسٽ” يا ڏکڻ آفريڪي ليکڪ رونالڊ وِ ليَمس جي ڪھاڻي “دي پاس ائنڊ دي هوم گرل” تہ اسان وٽ سراج جي ڪھاڻي “ڪارونجهر جا مور”، نجم عباسيءَ جي ڪھاڻي “سڙڪ” لکيون ويون آهن، جن کي حوالي طور پيش ڪري سگهجي ٿو يا جانسن جي ڪھاڻي “برادر” جي آڏو ماهتاب محبوب جي ڪھاڻي “مٺي مراد” زبردست نموني سان پيش ڪري سگهجي ٿي. مان تہ ائين چوڻ ۾ بہ هٻڪ محسوس نٿو ڪريان تہ امر جليل جي ڪھاڻي “سرد لاش جو سفر” ۽ نورالهديٰ شاھہ جون ڪھاڻيون “ناگا ساڪي، پاروٿو گوشت ۽ شريف زادي” اسان جي معروضي حالتن جو جيئرو جاڳندو مثال آهن ۽ اهو ياد رکڻ گهرجي تہ اسان جون حالتون سڄي دنيا کان الڳ آهن. ان ڪري اسان جا موضوع، اسان جي دور جا موضوع هوندا آهن.
يا آءٌ سمجهان ٿو تہ ليڊِي چيٽر ليز لور غلام نبي مغل جي ڪھاڻي “ريشمي وار” جي مقابلي جي ڪھاڻي آهي يا طارق عالم جي ڪھاڻي “رات سانت ۽ سوچون” پڻ ان سلسلي ۾ حوالي طور پيش ڪري سگهجي ٿي، آئون سمجهان ٿو تہ جيڪي عالمي مسئلا آهن، انھن تي اسان جي ليکڪ ڀرپور انداز سان لکيو آهي ۽ جيڪي اسان جا اندروني مسئلا آهن، انھن تي پڻ هنن جون ڪھاڻيون ڀرپور ۽ سگهاريون آهن پر ٻي ڳالھہ تہ اڄڪلھہ اسان وٽ سنڌي ڪھاڻي نہ هئڻ جي برابر لکي وڃي ٿي، ان ڪري اسان کي پنھنجي پوري فني، فڪري ۽ شعوري سگهہ سان سڄي عالم ۽ پاڻ تي گَهري نظر رکندي پنھنجي داخلي ڪيفيتن تي پنھنجون لافاني تخليقون، پنھنجي مڪمل سچاين سان لکڻ گهرجن، ائين جيئن هڪ ڀيري دوستو وسڪي ڪريم زو برادر، جيڪو پنھنجي خوبصورت ليڊي سيڪريٽري جي پسمنظر ۾ ان ئي سيڪريٽريءَ کان ڊڪٽيٽ ڪرائيندي، جڏهن ناول جي آخري لمحي ۾ پھتو، جڏهن هو هڪٻئي جي سامھون ويٺا هئا تہ ساڻس مخاطب ٿيندي چيو “هاڻي وڌيڪ ڇا لکجي” سندس خوبصورت ليڊي سيڪريٽري کيس غور سان ڏٺو ۽ مسڪرائي ڏنو. دوستو وسڪي ڪجهہ دير خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ چيائين،“آءٌ هي ناول تنھنجي مرڪ تي ختم ڪريان ٿو”. مون کي يقين آهي تہ حيدرآباد جي اڄوڪي ٿڌي هير جديد سنڌي ڪھاڻي ۾ هيءَ هير ٿي گهلندي.

(9 مئي، 1992ع روزاني سرواڻ حيدرآباد)

سنڌي ادبي پڌرنامو

“اسين سڀ مختلف قسمن جي ڪتابن جا موضوع آهيون، لفظ تاريخ جا باب، انگ اکر ۽ رپورٽون.”- قرت العين حيدر
هاڻوڪي صدي جيڪا دنيا ۾ نت نئين تبديلين، ايجادن، کوجنائن، تنظيمن، انقلابن ۽ اڪيچار تبديلين جي صدي هئي. انھيءَ جي پڄاڻي ۾ فقط يارنھن سال وڃي بچيا آهن ۽ اسان جو هي سنڌي سماج فقط گذريل يارهن سالن واري اونداهي دور ۾ اڌ صدي کان بہ وڌيڪ عرصي ڏانھن ڌڪيو ۽ موٽايو ويو آهي. پٺتي نھارڻ سان اسين ڏسون ٿا تہ اسان جي سنڌ، هاڻوڪي صدي جي هنن پڇاڙڪن ڏهاڪن ۾ اڄوڪي دنيا ۾ ڄڻ تہ هڪ اڪيلي ۽ اونداهي ٻيٽ مثل آهي ۽ اسين سنڌي ماڻھو دنيا جي لاوارث ۽ مظلوم ترين مخلوق آهيون. ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳي ٿو تہ ايندڙ صديءَ ۾ پنھنجي اچڻ وارن نسلن لاءِ ڇڏي وڃڻ لاءِ اسان وٽ ڪو بہ تاريخي ۽ تخليقي ورثو ڪونھي. بس! رڳو جاگيرداڻو سماج آهي. ادبي غربت آهي، زندگي جي هر شعبي ۾ قبائلي طرز جون رقابتون آهن، اخباري بيان آهن، ٿڙندڙ، ٿاٻڙجندڙ، ٿڪ ۽ مار کاڌل قافلا آهن، ڊنل، هيسيل، ڪاوڙيل ۽ دکي نسل آهن. (تاريخ لکي يا نہ لکي تہ ڪو هنن وٽ موهن جو دڙو ۽ ڀٽائي بہ هوندا هئا) پر ڇا اسان سنڌي ادب پاٺڪ جي حيثيت سان سنڌ جي مٽيءَ جو سوڳنڌ کڻي ٻڌائي سگهون ٿا تہ هن صدي جي حوالي کانسواءِ ۽ ڪجهہ نالن جي باقي اسان وٽ ڪو ايڏو وڏو شعر، ڊرامو، ڪھاڻي، چتر، ڪتاب ۽ ناول آهي، جنھن کي کڻي اسين پئبلو نرودا، لورڪا، ناظم حڪمت، محمود درويش، شولو خوف، دوستو وسڪي، ڪاميو، ڪانڊيرا، پڪاسو، ڊالي جي تخليقن سان ڀيٽي سگهون؟ ائين هرگز ڪونھي تہ ڪو اسان جي سنڌ ۾ ارتقا ۽ تاريخ جو سفر رڪجي ويو آهي پراسان جي ڌرتي اڄ بہ پنھنجي ڦيرن گهيرن مان زندگي ۽ ڪائنات جي دستور پٽاندڙ گذري رهي آهي ۽ ان تي ڪجهہ لکجي بہ رهيو آهي، پر ڇا اهو سڀ ڪجهہ اوتروئي شدت ۽ گهرائي سان قلمبند ٿي رهيو آهي، جيڪو اڳتي هلي قومن جي شاندار ۽ مانائتي تاريخ جي شاهدي ڏيندو آهي؟ ڇا اسان جا ايندڙ نسل بہ اهڙي طرح اسانجي دور جي تخليقن تي ڳاٽ اچو ڪري سگهندا، جيئن اسان ڀٽائي، سچل، سامي، بيدل ۽ بيڪس تي ڪيون ٿا؟ ڇا اسان سنڌي اديب پنھنجي ۽ پنھنجي قوم جي عملي ۽ تخليقي تربيت ڪري سگهيا آهون، جنھن جي آڌار تي اسين هڪ جھڙو تاريخي مقدر رکندڙ همعصر قومن ۽ ٻولين جي ترقي پسند ۽ اعليٰ ترين تخليقي ۽ تنقيدي ادب جي قطار ۾ اڄوڪي سنڌي ادب ۽ فن کي صحيح معنيٰ ۾ آڻي ۽ بيھاري مدلل بحث ۽ مباحثي سان موجود هونداسين ۽ اسين پنھنجو پاڻ ۾ ٿورڙي ضد ۽ مباحثي کان پوءِ متفق بہ ٿي وينداسين پر سنڌي ادب ۽ فن جي هاڻوڪي صورتحال ايڏي اطمينان جوڳي ڪونھي، جيتري اسين سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا، ڇا اسان سنڌي اديب ۽ پاٺڪ هڪ ٻئي کان پڇي سگهون ٿا تہ اسان وٽ ڪھڙا شاعر ڪيترا طويل نظم لکن ٿا؟ اسان وٽ ڪيترا سنڌي اديب فڪشن ۽ ڊراما لکن پيا؟ اسان وٽ تنقيدي ادب جا ڪيترا واليومز موجود آهن؟ اسان جي ادب جا ڪھڙا ڪھڙا شاهڪار ڪھڙين ڪھڙين ٻولين ۾ ترجمو ٿيا آهن؟ اسان حفيظ شيخ، غلام محمد گرامي، حيدر بخش جتوئي، عالماڻي، ثميره زرين، محمد عثمان ڏيپلائي، الطاف عباسي، رشيد ڀٽي، مولائي شيدائي، گدائي، پير علي محمد شاھہ راشدي، پير حسام الدين راشدي، ماڻڪ، اياز ۽ ٻين جي رچنائن جا گهڻا ايڊيشن باقاعدہ ڇپرايا آهن؟ اسان وٽ تخليقي ادب تي ڪيترو تحقيقي ڪم ٿيو آهي؟ ڇا اسين ڀٽائيءَ جي سموري ڪلام جي ڪائنات کي عمر خيام جي رباعين وانگر باقاعدہ مصور ڪري سگهيا آهيون؟ اسان سنڌي اديبن ۽ پاٺڪن جي همعصر ادب جي پڙهڻ جي رفتار ڪيتري آهي؟ ڇا اسان اڄ تائين سموري ڪلاسيڪل ۽ جديد شاعري ۽ ادب تي جديد علمن جي اصولن تي ڪو باقاعدہ تحقيقي ڪم ڪري رهيا آهيون؟ سنڌي نثر ۽ نظم اڄ ڪھڙين فڪري ڌارائن مان لنگهي رهيا آهن؟ ون يونٽ ٽُٽڻ کان پوءِ سواءِ چند نالن جي باقي اسين سنڌي نثر ۽ نظم ۾ ڪھڙا وڏا نانءُ پيدا ڪري سگهيا آهيون؟ سنڌ جي سموري ترقي پسند اديبن پاٺڪن ۽ ادبي تحريڪن کي سندن ڪردار ۽ دائره عمل موجب مڃتا ڏيندي اسان سڀ سنڌي ليکڪ ۽ اڄوڪي دنيا جي ادب جا پڙهندڙ ۽ سنڌي ادب ۽ آرٽ جا گهڻگهرا، سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي قوم، سنڌي ادب ۽ آرٽ جي اڄوڪي دنيا جي تقاضائن پٽاندڙ ادب جي واڌ ويجهہ ۽ بقا جي واسطي سنڌ جي جديد ۽ وسيع پسمنظر ۾ ادب ۽ آرٽ جي صحتمند ۽ ترقي پسند عالمي معيارن ۽ ضرورتن موجب پنھنجي وت ۽ وس آهر مٿين سوالن جي حل لاءِ گڏيل ڪوشش ڪرڻ، هڪٻئي جي ويجهو ويھي ڪُجهہ ويچارڻ تي زور ڀريون ٿا تہ جيئن اسان سنڌي اديب ۽ پاٺڪ گڏ ويھي سنڌي علم، ادب، آرٽ کي اڃان بہ وڌيڪ سگهارو بڻائي عالمي ادب ۽ آرٽ جي مدمقابل آڻي بيھاري سگهون. جيئن اسان سنڌي اديب ۽ پڙهندڙ هڪ روشن خيال، ترقي پسند، جمھوريت پسند ماحول ۾ پنھنجو تخليقي ۽ تنقيدي عمل ۽ ڪردار قائم رکي ۽ ڀرپور نموني ادا ڪري سگهون.

(12 نومبر 1989ع روزاني عبرت حيدرآباد)

ابراهام لنڪن (دل جي درپن ۾ کليل خط)

اها حقيقت آهي تہ ان کان پھريائين مون کي ان ڳالھہ جو قطعي طور تي احساس نہ هيو تہ هن جي سيني اندر ڌڙڪندڙ دل شاعرن ۽ شاعري سان بي انتھا محبت ڪندي آهي. غالب کان وٺي رشيد تبسم تائين جا لامحدود شعر هن جي ذهن جي اسڪرين تي اُڪريل آهن. بس! مان تہ فقط اهو سمجهندو رهيس تہ راضي جي ڪيل ڏينھن رات جي محنت جي نتيجي ۾ نت نيون تبديليون وٺي ايندڙ رياضي واري ايڪ ڏون ڏون ٻہ ڏون چار واري حسابن تائين فقط هن جي دلچسپي آهي پر ان رات جڏهن اڃان پھريون پھر شروع ٿيو هيو تہ هن جي موٽرڪار جي ڊرائيونگ سيٽ تان لٿل شيشي مان هن جون خاموش مگر پيار ڪندڙ اکيون منھنجي وجود کي ٽنڊو جھانيان پوءِ سول لائين ۽ ان کان پوءِ گل سينٽر تي ڳولينديون رهيون ۽ ٺيڪ ان وقت جڏهن مان پنھنجي هر روز وارو سادي خوشبو پان ۽ گولڊن ليف جي سگريٽ خريد ڪري عياشي ڪرڻ واري وڏي شاھہ خرچي ڪري رهيو هيس تہ منھنجي اکين هن کي ڇھي ورتو ۽ سڏ منھنجي نڙي جا ٿوهر اورانگهيندي ٻاهر نڪري آيو. هڪ ئي لمحي ۾ هن جو ساڄو پير ايڪسيليٽر تان کڄي بريڪ تي پئجي ويو ۽ ٿورڙِ ئي زور ڏيڻ سان گاڏي سڙڪ جي هڪ پاسي رڪجي وئي.
ان ئي رات جو ٻيو پھر هيو جو اسان ڪلھوڙن جي ٻيو ڀيرو آباد ڪرايل شھر جي ديالداس ڪلب جي آڳنڌ ۾ اميد فاضلي جو رومانوي غزل ٻڌي رهيا هئاسين. ان لمحي آسمان تي چمڪندڙ چنڊ ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ٽڪ ٻڌي بيٺل ستارن تي جڏهن منھنجي نظر پئي تہ ماضي منھنجي اکين ۾ اڀري آيو ۽ هڪ لمحي لاءِ مون کي ڪنھن جي اکين جي زلفن جون زنجيرون پاڻ ڏي ڇڪيندي محسوس ٿيون ۽ مون سوچيو تہ “اي شاعري تو ۾ اها ڪھڙي شڪتي آهي جيڪا مون کي پنھنجو ماضي ياد ڏياري ڇڏيندي آهي. منھنجو ماضي جنھن ۾ منھنجي پريمڪا سان منھنجي رسڻ، پرچڻ ۽ پيار ڪرڻ جون نہ معلوم ڪيتريون ڪھاڻيون موجود آهن.” اهو احساس ٿيندي ئي مونکي راشد جون هي سٽون پنھنجي پوري شدت سان ياد پيون.
“نقل لي لون، اصل دي ڊالون تجهي،
اپني جسم و روح مين، “مين” کي طرح پالون تجهي.”
۽ پوءِ هڪ ڏينھن ان شخص جنھن جي اکين ۾ مير ۽ ذوق جو عڪس ليئاڪا پائيندي نظر ايندو آهي، جنھن کي اڄ جي تعليم واري تاريخ سيد قيصر رضا جي نالي سان ياد ڪندي آهي ان جي مختصر مگر شاندار لائبريري کي ڏسندي مون کي ابراهام لنڪن جو هڪ خط نظر آيو.
ابراهام لنڪن جنھن 1809ع ۾ ڪينٽڪي جي هڪ ڪکائين جهڳي ۾ جنم ورتو ۽ 1864ع ۾ هن پنجونجاھہ ورهين جي ڄمار ۾ واشنگٽن جي پريزيڊنٽ هائوس ۾ لاڏاڻو ڪيو. هڪ ڪکائين جهڳي کان صدارتي محل تائين هن ڪھڙن ڪھڙن ور وڪڙ ڏيندڙ ڏکين رستن تان اهو سفر طئي ڪيو هوندو. اهو فقط اهي ئي ڄاڻي سگهن ٿا جن جي آڏو هڪ خوبصورت مقصد ۽ سيني اندر هڪ پرخلوص ۽ محبت ڪندڙ ٻاجهاري دل ڌڙڪندي آهي.
ابراهام لنڪن آمريڪا جھڙي سگهاري ۽ پاڻ ڀري ملڪ جي سورهون صدر هيو، جيڪو 1861ع کان وٺي 1865ع تائين چار ورهيہ صدر رهيو ۽ سندس انھن چئن سالن کي تاريخ جا شاگرد ھميشہ ياد ڪندا آهن. هن لاءِ ايمل لڊوگ پنھنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي تہ “هو هڪ ڪامياب وڪيل، ماهر جرنل، بااصول سياستدان ۽ هر دلعزيز صدر مملڪت رهيو آهي.“
ابراهام لنڪن کي پنھنجي اولاد مان ٿامس لنڪن وڌيڪ عزيز هوندو هو. هن جو اهو پٽ جيڪو 1853ع ۾ ڄائو هيو ۽ ارڙهن سالن واري پيار ڪرڻ ۽ خوابن ڏسڻ واري عمر ۾ ارڙهين صدي جي ايڪهترهين سال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. جنھن جي وڇوڙي جو درد ھميشہ هن کي ڪنھن ڀوائتي خواب جيان ستائيندو رهيو. کيس پاڻ کان بہ وڌيڪ پياري ٿامس جو ايترو تہ اونو هوندو هيو، جو هڪ ڀيري هن سندس استاد کي هڪ خط لکيو هيو جنھن مان سندس دل جي ڪيفيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن ان خط ۾ لکيو هيو:

پيارا استاد محترم!
منھنجي هن پٽ کي پڙهڻو آهي. مان ڄاڻان ٿو تہ سڀئي ماڻھو درست نہ هوندا آهن ۽ نہ ئي وري سڀئي ماڻھو سچا هوندا آهن پر اوهان هن کي ٻڌايو تہ هر بدمعاش ۽ لوفر لاءِ ڪو نہ ڪو شريف بھادر بہ هوندو آهي. هر خود غرض سياستدان جي مقابلي لاءِ پاڻ ارپيندڙ جانثار اڳواڻ بہ موجود هوندو آهي.
اوهان هن کي پڙهايو تہ جتي دشمن هوندا آهن اتي دوست بہ موجود هوندا آهن. مان ڄاڻان ٿو تہ ان ۾ وقت لڳندو پر جيڪڏهن اوهان هن کي ٻڌائي سگهو تہ پوءِ ٻڌائجوس تہ محنت، مزدوري ۽ پورهئي سان ڪمايل هڪ ڊالر رستي تي پيل پنجن ڊالرن کان وڌيڪ سٺو ۽ بھتر هوندو آهي. اوهان هن کي پڙهايو تہ ڪيئن هارايو ويندو آهي ۽ ڪيئن فتح جو لطف ورتو ويندو آهي. هن جي ذهن جو رخ حسد ۽ ڪيني کان هٽائي هن کي خاموش ٽھڪ جو راز ٻڌايو. هن کي جلد کان جلد اهو ٻڌائي ڇڏيو تہ غنڊن سان مقابلو ڪري کين شڪست ڏيڻ تمام سولو ڪم آهي. جيڪڏهن ٿي سگهي تہ هن کي ڪتابن جي حيرت انگيزي کان واقف ڪيو پر ان سان گڏوگڏ هن کي ڪجهہ وقت ڏيو تہ جيئن هو آسمان ۾ اڏامندڙ پکين جي ازلي راز، آسمان ۾ اڏامندڙ ماکي جي مکين ۽ پھاڙن جي اونچائين تي ٽڙندڙ گلن تي سوچي سگهي.
اوهان اسڪول ۾ ئي هن کي پڙهايو تہ ڪاپي ڪرڻ جي مقابلي ۾ ناپاس ٿي وڃڻ وڌيڪ عزت وارو اعزاز آهي. هن کي ٻڌايو تہ هن کي پنھنجو پاڻ تي يقين رکڻ گهرجي پوءِ ڇو نہ ٻيا سڀئي هن جي خيالن کي غلط سمجهندا هجن. هن کي ٻڌايو تہ نرم مزاج ماڻھو سان نرمي سان ۽ سخت مزاج ماڻھو سان سختي سان پيش اچڻ گهرجي. اوهان اها ڪوشش ڪيو تہ جيئن منھنجي پٽ ۾ اها سگهہ پيدا ٿي سگهي تہ جيئن هو لڪير جو فقير نہ ٿئي يا ماڻھن جي وهندڙ سمنڊ ۾ شامل نہ ٿي وڃي پر هن کي ٻڌايو تہ هو هر ماڻھو جي ڳالھہ ضرور ٻڌي پر اها ڳالھہ هن جي ذهن جي پردي مان ڇنڊ جي ڇاڻجي فقط حقيقت تي ٻڌل ۽ سٺي ڳالھہ ئي هن جي ذهن تائين پھچي سگهي.
جيڪڏهن اوهان هن کي پڙهائي سگهو ٿا تہ اهو پڙهايو تہ ڏکن ۾ ڪيئن مسڪرايو ويندو آهي ۽ هن کي ٻڌايو تہ ڳوڙهن ڳڙڻ ۾ ڪا بہ شرم جي ڳالھہ نہ هوندي آهي. هو بدمزاج ماڻھن جي طنز ۽ خوشامدي ماڻھن کان بچي. هن کي ٻڌايو تہ هو پنھنجي ذهن ۽ روح کي فقط اعليٰ تصورات وٽ ئي وڪرو ڪري پر ان جو اهو هرگز مطلب نہ آهي تہ ڪو هو پنھنجي دل ۽ روح جو ڪو ملھہ مقرر ڪري ڇڏي. هن کي اهو بہ ٻڌايو تہ هو پنھنجا ڪن هجوم لاءِ بند ڪري ڇڏي ۽ جيڪڏهن هو سمجهي ٿو تہ هو حق تي آهي تہ پوءِ هن کي ڄمي مقابلو ڪرڻ گهرجي.
اوهان هن سان نرمي سان پيش اچو پر تمام گهڻي نرمي بہ نہ ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ جو سون تپجڻ کانپوءِ ئي قندن ٿي سگهندو آهي. هن ۾ خبر هئڻ جي همٿ هئڻ گهرجي ۽ هن ۾ بھادري جو صبر بہ هئڻ گهرجي. هن کي گهرجي تہ هو پنھنجو پاڻ ۾ بلند يقين رکي، ڇاڪاڻ جو پوءِ ئي هو ھميشہ انسانيت جي بُلندي ۾ يقين رکي سگهندو.
اهو سڀ ڪجهہ هڪ وڏو ۽ عظيم ڪم آهي پر اوهان اهو ڏسو تہ اوهان ان مان ڇا ڇا ڪري سگهو ٿا. منھنجو پٽ ڏاڍو سلڇڻو، سٻاجهڙو ۽ سھڻو نينگر آهي.
ڪاش؟! اهو خط فقط ڪاٺ جي ڪٻٽ جي لائبريري ۾ نہ پر اسان جي دل جي درپن ۾ ھميشہ کليل رهي.

(11 مارچ 1997ع روزاني ڪاوش حيدرآباد)

ڳالھہ هڪ دؤر جي

ٽئگور لکيو آهي تہ: لھندڙ سج ڌرتيءَ تي آخري نظر وجهندي چيو تہ “ڪو آهي؟ جيڪو مون کان پوءِ روشني ڪري؟” ڪکائين جهڳيءَ ۾ ٽمڪندڙ ڏيئي چيو، “مان ڪوشش ڪندس” شايد 1991ع جي آخري سج لھڻ وقت جڏهن ائين چيو هوندو تہ ڪنھن ڪکائين جهڳيءَ ۾ ٽمڪندڙ ڏيئي جو جواب “نيو ايئر نائيٽ” جي آجيان ۾ٿيندڙ زوردار ڌماڪن ۽ ٺڪائن جي آوازن ۾ دٻجي گهٽجي گم ٿي ويو هوندو. انھن زوردار ڌماڪن ۽ ٺڪائن ۾ ڪيترن ئي اگهن جي اک کلي وئي هوندي، جن جي اک اگهائيءَ وچان اڃا هاڻ لڳي هوندي. هنن جا ڦٽ فراق جيان اٿلي پيا هوندا. ڪيترن ئي دل جي درد ۾ مبتلا انسانن جي دلين جي ننڊ ڇِڄي پئي هوندي ۽ نيو ايئر جي جشن جي شور ۾ هنن جي شامِ غريبان جون دانھون دٻجي ويون هونديون. هن معصوم ۽ ابهم ٻارڙن جي جهڳين ۾ ڪُني ڪانہ چڙهي هوندي ۽ سندن مائرن کين مٺڙيون لوليون ڏئي سمھارڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي، اهي ننڊ جي گهيرٽ مان ڇرڪ ڀري جاڳي پيا هوندا ۽ نيو ايئر جي جشن جي شور ۾ هنن جي اکين جي هڪ اڻڀي لولي لاءِ دانھن پنھنجي معنيٰ وڃائي ويٺي هوندي. هو ڪجهہ هٻڪيا، سسڪيا ۽ سڏڪيا هوندا. پنھنجي قسمت تي هنن جي اکين مان لڙڪ ڇپرن جون سرحدون اورانگهي ڳلن تي ٽپڪيا هوندا. چلھہ جي ٺريل ڦلھيار هنن جي اميدن جو آخري ڏيئو بہ اجهائي ڇڏيو هوندو ۽ هنن ساري رات اميد ۽ نا اميد جي ٻہ واٽي تي زوردار ڌماڪن، ٺڪائن ۽ پرشور آوازن ۾ گذاري ڇڏي هوندي ۽ شايد پل لاءِ هنن جي معصوم ذهنن ۾ اهو خيال بہ آيو هوندو تہ، جيڪڏهن انھن سڀني رنگينين، خوشين ۽ شادمانن جو هڪڙو تمام ننڍڙو حصو اسان ۽ اسان جھڙن ٻين انيڪ ٻارڙن تي خرچ ڪيو وڃي ها تہ هوند نيو ايئر جي رات اسان بہ پيٽ ڀري ماني گرھہ کائي سگهون ها! نيو ايئر جيڪو هنن لاءِ ڪابہ معنيٰ نٿو رکي.
نيو ايئر جي رات اهي خيال منھنجي اکين ۾ شيشي جي ٽڪرن جيان چڀندا منھنجي روح کي گهايل ڪندا رهيا ۽ مان کليل اکين سان ٻوٽيل سپنا ڏسندو رهيم. اها ساري رات ۽ ان ساري رات جا اهي سڀئي پل ۽ پھر جن ۾ مون جيڏا، خوبصورت ۽ عمدا لباس پائي، شھر جي محل نما بنگلن جي جهرمر ڪندڙ رنگينين، روشنين ۾، مرڪن، ٽھڪن ۽ خوشبوئن جون رنگين محفلون سجائيندا، ٻوٽجندڙ، کلندڙ ۽ خاموش ٿيندڙ نگاهن سان زير لب مرڪندا، مسڪرائيندا ۽ نگاهن ئي نگاهن ۾ البيلا اشارا ڪندا رهيا هئا. تڏهن مان اڪيلو، بلڪل اڪيلو پنھنجي گهر جي بند ڪمري ۾ سوچيندو ۽ بنا ڪنھن معنيٰ جي مرڪندو رهيو هيم. مان ان رات پنھنجي ٽيليفون جو پلڪ ڪڍي ڇڏيو هو، ڇاڪاڻ جو منھنجو گهايل من عام رواجي سطحي جملو (Happy New Year) ٻڌڻ لاءِ شايد تيار نہ هيو. مان اها ساري رات ۽ ان ساري رات جو هر پل ۽ پھر اکين ۾ ڪٽي ڇڏيو. اکيون جن ھميشہ سپنا ڏٺا آهن، سپنا جيڪي منھنجي اکين ۾ فقط امن، سلامتي ۽ سک جا هوندا آهن. جن جي ساڀيان دور، دور ۽ تمام دور ۽ تمام گهڻو دور نظر اچي ٿي پر انھن سپنن جي ساڀيان هڪ نہ هڪ ڏينھن ضرور ٿيڻي آهي. اهو مون کي يقين آهي.
جڏهن ان 1991ع جي آخري رات جي ان تاريڪي جو غوراب پنھنجي ڪنڌيءَ تي پھتو تہ پکين پنھنجا پَرَ سوهيا، بک کان پاھہ انسانن پنھنجي معصوم ۽ ابهم ٻارن جي پيٽ ڀرڻ لاءِ پوتڙو ڇنڊي ڪلھي تي رکي شھر جو رخ رکيو ۽ مون جيڏا، جيڪي نيو ايئر جي جشن جي شور و غل جي گگهہ گفائن ۾ گم هيا، انھن جون اکيون ٿڪ مان ٻوٽجي ويون ۽ هو وري ٻي رات جاڳڻ لاءِ پنھنجي خواب گاهن ۾ وڃي آرامي ٿيا، تڏهن ڪيترين ئي اميدن سان نئين سال جي پھرئين سج جي ڪڪوريل ڪرڻن ڌرتيءَ تي پنھنجا چپ رکيا ۽ ڪائنات ۾ اڇي، اجري امن جھڙي صبح جي روشني ڦھلجي وئي ۽ ٻئي ڏينھن اخبارن وڏين وڏين سرخين سان ليک لکيو، “ڪراچيءَ ۾ نئين سال جو جشن 100 ڄڻا گرفتار” “نئين سال جي آمد تي فائرنگ ۾ 35 ڄڻا ڦٽجي پيا” “نئين سال جي خوشيءَ ۾ حيدرآباد ۾ گولين جا وسڪارا” “11 ڪلاڪن ۾ اتر سنڌ مان 27 ڄڻا اغوا ڪيا ويا” “لطيف جي نگريءَ تي ڌاڙيلن جي ڪاھہ، 7 ڄڻا اغوا” “بمبئيءَ ۾ ملاوٽي شراب، 66 ماڻھو ماريا” “منيلا ۾ 7 ۽ سڊنيءَ ۾ 2 ماڻھو مارجي ويا” ۽ ان ئي ڏينھن هڪ اخبار منھنجو چيل هي جملو پنھنجي سروي ۾ ڇھہ ڪالمن هڪ انچ جي مين هيڊنگ ۾ ڇپيو، “ڇا 1992ع ۾ توب جي نالين ۾ پکي آکيرا جوڙي سگهندا؟؟“

(8 جنوري 1992ع روزاني هلال پاڪستان ڪراچي)

مان ڇو ٿو لکان

مان ڇو ٿو لکان؟ اهو سوال گذريل ڪيترن سالن کان منھنجي ذهن جي ڪينواس تي اڀرندو رهيو آهي ۽ مان ان سوال جو جواب خوابن، خيالن ۽ ڪتابن ۾ ڳوليندو رهيو آهيان ۽ اهو سوال شايد تڏهن کان مون کان جواب گهرندو رهيو آهي، جڏهن کان مان لکڻ شروع ڪيو هو. ان سوال جي حوالي سان منھنجي ذهن ۾ هي بہ سوال اڀرندا رهيا آهن تہ ماياڪو وسڪي، ڪامو، ڪافڪا، سارتر ڇو لکندا هئا؟ يا هو ڇو لکڻ تي مجبور ٿيندا هئا؟ يا وري اها ڪھڙي ڪيفيت هوندي هئي، جيڪا هنن کي لکڻ لاءِ اتساهيندي هئي؟ حالانڪہ لکڻ جي عيوض وقت جي منصف، مصنف کي عجيب و غريب پاداشون ڀوڳڻيون پيون آهن. جنھن جو اندازو ان مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو تہ جماليات ۾ ڊگري حاصل ڪندڙ ڏکڻ ڪوريا جي شاعر ڪم چِي ها کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي، لورڪا کي قتل ڪيو ويو، عشقي جا چپ سِبيا ويا، بينجمن مولائيز ۽ فيوچڪ کي ڦاهي ڏني وئي، ابو سلميٰ کان نوڪري کسي وئي ۽ ٻيا کوڙ سارا مثال تاريخ جي ڪتابن جي صفحن تي پکڙيل آهن، پر پوءِ بہ انھن لکيو. ۽ نہ صرف لکيو پر پنھنجي پوري فني، فڪري ۽ شعوري سگهہ سان لکيو. پر پوءِ بہ مٿي ذڪر ڪيل سوال سالن جا سال منھنجو پيڇو ڪندو رهيو ۽ پوءِ مون کي پنھنجي مختصر مطالعي جي آڌار تي اهو معلوم ٿيو تہ هر ليکڪ جي لکڻ جو ڪونہ ڪو محرڪ هوندو آهي. مثال جي طور تي ناظم حڪمت شايد نہ لکي ها جيڪڏهن سندس ديس آپيشاهي ۽ بربريت جي باھہ ۾ بولاٽيون نہ کائيندو هجي ها. شايد لورڪا بہ نہ لکي ها، جيڪڏهن جنرل فرانڪو اسپين جي فطري حسن تي حملي آور نہ ٿئي ها. گلن جھڙي نازڪ ۽ معصوم دل رکندڙ خليل جبران بہ نہ لکي ها جيڪڏهن سلميٰ ڪريميءَ جي ياد سندس سوچن جي پاتال ۾ پيھجي نہ وڃي ها. روح جي اندر شديد اضطراب جي ڪيفيت رکندڙ دوستو وسڪي بہ شايد نہ لکي ها جيڪڏهن سماجي ناانصافيون سندس مشاهدي جي ذريعي سندس رڳ رڳ ۾ سمائجي نہ وڃن ها. شايد يانگ مو جو قلم بہ جنبش ۾ نہ اچي ها، جيڪڏهن ثقافتي انقلاب کان اڳ جي چين جو انسان طبقاتي ۽ سامراجي جبر جي جنڊ ۾ نہ پيسجندو هجي ها. 1504ع جي شھزادي ميران محل، ماڙيون، راجا ۽ راجڪماريون بہ شايد نہ ڇڏي ها ۽ ساڌوئن جي سنگ ۾ لڪ، لوڙها ۽ لنگهہ لتاڙي ها، جيڪڏهن ڪرشن جو مک سندس من ۾ چندرما جيان نکري نروار نہ ٿئي ها ۽ پوءِ ئي سندس من رابيل جي گلن جي هڳاءَ جھڙا لافاني گيت سرجيا، شايد رابندرناٿ ٽئگور گيتا نجلي کي سرجي نہ سگهي ها، جيڪڏهن سندس ڌرتي فرنگين جي لانگ بوٽن هيٺان چِٿجي ۽ چيڀاٽجي نہ ها ۽ بک، بيروزگاري ۽ بدحاليءَ ۾ ابهم ۽ معصوم ٻارن جون اڀ ڏاريندڙ ڪيڪون حساس دلين کي گهائي نہ وجهن ها. هو انگلينڊ جو ڪبوترن جھڙو نازڪ هيانءُ رکندڙ ۽ سچ، سونھن ۽ سندرتا جا گيت لکندڙ شيلي شايد اڇن، اجرن ڪاڳرن تي خوبصورت خيالن جي هڪ حسين دنيا منتقل ڪري نہ سگهي ها، جيڪڏهن سندس ٻالڪپڻو غير يقيني ۽ بي چيني وارين ڪيفيتن مان نہ گذري ها.
منھنجي خيال ۾ اهي ئي اهي محرڪ هيا، جن دنيا جي انھن اعليٰ انسانن کي لکڻ تي اتساهيو ۽ پوءِ هنن جون لکڻيون پوپٽن جي پرن تي چڙهي، سڀيئي جاگرافيائي حدون اورانگهي ڪائنات جي مڙنئي اهلِ علم ۽ باشعور انسانن جي دلين تائين پھتيون ۽ سندن دلين تي ڪڏهن بہ نہ مٽجندڙ نشان ڇڏيائون ۽ اهي ئي ڪيفيتون آهن، وقت جي ڳالھہ ڪندڙ، انصاف پسند ۽ حساس دل رکندڙ مصنف سچ، سونھن ۽ سندرتا تي پنھنجون پنھنجون تخليقون سرجيون، جيڪي يقينن لافاني آهن ۽ مان سمجهان ٿو تہ انھن ڪيفيتن مان ڪنھن ڪڻي جيتري ڪائي ڪيفيت هن ڪائنات جي انيڪ ڏاهن، داناءَ ۽ سچن ليکڪن جيان منھنجي من ۾ بہ مانڌاڻ مچائيندي آهي ۽ پنھنجا ڪڏهن بہ نہ ختم ٿيندڙ اثر ڇڏيندي آهي. ڇاڪاڻ جو مان بہ حساس دل انسان آهيان، جيئرو جاڳندو ۽ ساھہ کڻندڙ انسان، جيڪو ڏينھن جي روشنين ۾ گهٽ، ٻوسٽ ۽ پيٽرول جي دونھين ۾ ساھہ کڻندو آهي ۽ رات جي تاريڪ گگهہ گفائن ۾ پنھنجي آدرشي دنيا جا سپنا ڏسندو آهي ۽ سچ بہ تہ مان انھن سپنن ۾ سورج جي ڪڪوريل ڪرڻن کي پنھنجي چپن سان ڌرتيءَ کي چمندي ڏٺو آهي. رات جي راڻيءَ جي هڳاءَ بہ چوڏهينءَ جي چنڊ جون روشنيون ۽ رنگتون ڏٺيون آهن، گنگا جمنا، ٽيمس، ٿامس ۽ ڪينجهر جي لھرن تي هڪ ئي وقت چنڊ جي چھري ۾ محبوب جي مرڪ لڏندي، لمندي ۽ رقص ڪندي ڏٺي آهي. ستن ئي کنڊن ۾ بيدمشڪن جي وڻن هيٺان جوڙن کي جيون جا سُنھن کڻندي ڏٺو آهي ۽ سچ تہ مون انھن سپنن ۾ توب جي نالين ۾ پکين کي آکيرا ڪندي ڏٺو آهي ۽ منھنجي آدرشي دنيا جا اهي سندر سپنا تڏهن ٽٽي ڀور ڀور ٿي پون ٿا، جڏهن گوليءَ جي ٺڪاءَ سان نوي ڏينھن جي نياڻي حنا جو روح قفس عنصريءَ مان پرواز ڪري وڃي ٿو ۽ پنھنجو روح پوپٽن جي پرن تي چڙهي جاگرافيائي سرحدون اورانگهي حنا جو رت ۾ لت پت لاش ڏسي روئي ٿو ۽ پوءِ منھنجا سپنا ڇِڄي پيل هار جي موتين جيان هڪ هڪ ٿي وکري وڃن ٿا ۽ مان ڇرڪ ڀري پنھنجي آدرشي دنيا مان اٿي پوان ٿو ۽ سوچيان ٿو تہ مون ڪھڙي دنيا جا ڪھڙا سپنا پئي ڏٺا ۽ هن دنيا ۾ منھنجو کُليل ۽ سجاڳ اکيون ڇا پيون ڏسن ؟
منھنجي سپنن واري آدرشي دنيا ۾ تہ روشنيون، رنگتون ۽ پيار ڪھاڻيون هيون، محبتون، چاهتون، سک، سلامتي ۽ امن هيو پر جاڳ جي هن دنيا ۾ تہ جاگيرداراڻو سماج آهي، ادبي غربت آهي، زندگيءَ جي هرشعبي ۾ قبائلي طرز جون رقابتون آهن، اخباري بيان آهن، ٿڙندڙ، ٿاٻڙجندڙ، ٿڪل ۽ مار کاڌل قافلا آهن، ڊنل، هيسيل، ڪاوڙيل ۽ دکي نسل آهن. پوپٽ، پيار، گل ۽ خوشبوءِ ڪابہ معنيٰ نٿيون رکن. مجبوريون، محروميون، ناڪاميون ۽ نااميديون روح کي زخمي ڪري رهيون آهن. اکين ۾ ڪاوا ٽنبي، سپنن جي آدرش جي دنيا جي ساڀيان لاءِ لکان ٿو. امن، سلامتي، سک ۽ سانت لاءِ لکان ٿو ۽ مان سمجهان ٿو تہ پنھنجي سپنن جي ساڀيان لاءِ ماياڪو وسڪي، ڪامو، ڪافڪا۽ سارتر بہ لکيو هو ۽ شايد ڪم چي ها، لورڪا، عشقي، بينجمن مولائيز، فيوچڪ ۽ ابو سلميٰ بہ ان لاءِ لکيو هو. ناظم حڪمت، خليل جبران، دوستو وسڪي، يانگ مو، ميران، ٽئگور ۽ شيلي بہ ان لاءِ ئي لکيو هو. هنن بہ اهي ئي سپنا ڏٺا هيا، هنن بہ پنھنجن سپنن ۾ اهيا ئي آدرشي دنيا ڏٺي هئي، جيڪا مان ۽ ٻيا مون جھڙا انيڪ باشعور، حساس دل ۽ اهلِ علم ليکڪ ڏسندا آهن ۽ پوءِ هو ان جي ساڀيان لاءِ لکندا آهن ۽ جڏهن مان بہ سپني ۽ جاڳ جي دنيا کي ڏسان ٿو تہ منھنجو من گهائجي پوي ٿو ۽ ڀري پوي ٿو، ڀڄي پوي ٿو ۽ پوءِ مان پنھنجي پوري سگهہ سان لکان ٿو ۽ سچ بہ تہ جيڪڏهن مون وٽ پنھنجي احساسن جو هي ذريعو نہ هجي تہ هوند مان، مان نہ رهان، مان مري وڃان،، ختم ٿي وڃان، ان ئي ڪري مان لکان ٿو. منھنجي سوال جو شايد اهو ئي جواب آهي.

(1992ع روزاني هلال پاڪستان ڪراچي)

شعور جي ڪينواس تي

”زندگيءَ جي پڄاڻي ڇاتي ٿي ٿئي؟” منھنجي ذهن ۾ هڪ سوال دور ڪٿان، خلائن مان اڀري ٿو.
”موت تي” منھنجي ذهن ۾ منھنجي سوال جو جواب لاشعور جون سرحدون اورانگهي شعور جي ڪينواس تي ظاهر ٿئي ٿو.
هر انسان کي پنھنجي حياتيءَ جو وقت پورو ڪري، مرڪندي يا روئنيدي هڪ نہ هڪ ڏينھن زندگيءَ کي الوداع چوڻو آهي. هي روشنيون، هي رنگينيون ۽ کلندڙ، ڳالھائيندڙ حسين چھرا، گلاب، موتي، رابيل ۽ رات جي راڻيءَ جو هڳاءُ! هي محبتون، نفرتون ۽ ڪدورتون انسان جي آخري ڀيرو اکيون ٻوٽڻ سان اجهامجي ختم ٿي وينديون. زندگي جر تي ڦوٽي جيئن آهي، جن پيارن سان زندگيءَ جو ڪجهہ حصو روئيندي، کلندي، ڳالھائيندي، رسندي ۽ پرچندي گذرندو آهي. اهي زندگي پڄاڻان ڪجهہ وقت روئندا آهن، منجهائس جنميل نسل فقط کيس نالي سان سڃاڻندا آهن ۽ وري انھن مان جنميل نسل کي تہ سندس نالي جي بہ خبر نہ هوندي آهي، اهو سچ آهي تہ اسان انيڪ انسانن کي پنھنجا شجرا ياد نہ رهندا آهن سواءِ چند ويجهڙ ۾ گذري ويل پيڙهين جي، ڄڻ هو ڪڏهن پيدا ئي نہ ٿيا هيا. پر ڪي انسان نہ مرندا آهن، هو جسماني طور تي تہ مري ويندا آهن پر فني، فڪري ۽ شعوري سگهہ سان ھميشہ زندھہ رهندا آهن. هو جاگرافيائي حدون اورانگهي نسل درنسل دلين جي ايوانن ۾ زندھہ هوندا آهن، هو تاريخ جي ڪتاب جي صفحن تي ھميشہ کلندا، مسڪرائيندا ۽ ماڳ ڏسندا رهندا آهن. هو ڀٽائيءَ جي وائي، ميران جي بيت، شڪنتلا جي ناٽڪ جو ڪوئي ڪردار ڀاسندا آهن. ايڊيسن بلب ايجاد ڪري هن سڄي ڪائنات کي رات جي تاريڪيءَ جي گگهہ گفائن مان ڪڍي اڇي، اجري، امن جھڙي صبح جھڙي روشني ڏئي ڇڏي. هو جسماني طور تي تہ مري سگهي ٿو پر هو ھميشہ ڪائنات جي انيڪ پڙهيل لکيل انسانن جي دلين ۾ زندھہ رهندو.
وليم جيمس ماتا جو ٽُڪو ايجاد ڪري انسان جي فطري حسن کي ھميشہ لاءِ بگڙجڻ کان بچائي ورتو، هو جسماني طور تي مري سگهي ٿو پر هو ھميشہ ڪائنات جي انيڪ، باشعور انسانن جي ذهن تان وسري نٿو سگهي. ھميشہ هن جي ياد محبوب جي ڇھاءَ ٿي ڪر موڙي اڀرندي رهندي.
دنيا جو داناءُ انسان ڊيڪارٽي جيڪو اهو سوچيندو رهيو تہ ڇا مان آهيان؟ جي آهيان تہ ڇا آهيان؟ ۽ سندس ان سوچ هن کي مان سوچيان ٿو، تڏهن مان آهيان، جھڙو ڪتاب تخليق ڪرڻ جي سگهہ ڏني، ڇا ان ڪتاب جو مصنف ڪڏهن مري سگهي ٿو؟ ڇا لطيف، حافظ، شيڪسپيئر، سچل، فيوچڪ ڪڏهن مري سگهن ٿا؟

(2 جنوري 1992ع روزاني هلال پاڪستان ڪراچي)

ادبي ۽ ثقافتي ادارا قد ننڍو ۽ پاڇولا ڊگها

ڪَتيءَ جي مند ۾ ڏينھن گرم ۽ راتيون ٿڌيون ٿيندوين آهن، اها مُند اُن ڇوڪريءَ جي طبيعت جھڙي هوندي آهي. جنھن کي انگريزيءَ ۾ Wanton (ڇيڳري) چيو ويندو آهي. جنھن تي اکيون ڪڏهن بہ اعتبار نہ ڪنديون آهن.
“ڪئي رتو سي ميري نيم وا دريچون مين،
ٺهر گيا هي تيري انتظار ڪا موسم،
رفاقتون ڪي نئين خواب خوشنما هين مگر،
گذر چُڪا هي تيري اعتبار ڪا موسم.”
ان ڇوڪريءَ جي طبيعت پنھنجي جواني جي هر بدلجندڙ ڏينھن جھڙي ٿيندي آهي، هن موسم ۾ ڪڏهن هوائون بند ٿي وينديون آهن ۽ گهٽ ٻوسٽ ٿي پوندي آهي تہ وري ڪڏهن آسمان تي نيرا ڀورا بادل وسڻ لاءِ رقص ڪرڻ لڳندا آهن. انھيءَ مند کي ياد ڪندي الائي ڇو ابراهيم منشي ڪنھن سان ملڻ جو واعدو ڪندي چيو هو: “ڪتيون ڪئين قيد ۾ گذريون، چڱو چيٽن ۾ ملنداسين.”
چون ٿا تہ هن ئي مند ۾ ٻاجهر پچندي آهي ۽ سر نسرندا آهن، سر جيڪي غريبن جي گهرن اڏڻ ۽ وڏن ماڻھن جي ڊرائنگ رومن ۾ سجڻ لاءِ لڻبا آهن، مائي نعمت جي مرشد ڀٽائي جنھن ٿر کان وٺي تاري تائين ڪائنات ۾ موجود هر ان تخليق کي پنھنجي شاعري ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنھن کي هن جي اکين جي نھار ۽ سوچ جي اڏار ڇھيو آهي، تڏهن تہ اڄ کان ٽي سئو سال اڳ هن ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي پنھنجو منھن مونن مان ڪڍي چيو هو:
“سر نسريا پاند، اتر لڳا آءٌ پرين،
مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سھسين سکائون ڪيون.”

ان ڦرندڙ گهرندڙ ۽ بي اعتبار مند جي هڪ شام جو جڏهن بي مندائتي اُتر جي هوا گهلي پئي هُئي، تڏهن حيدرآباد جي اولھہ ۾ انڊس هاءِ وي تي واقع سنڌ عجائب گهر جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ سنڌ جي سدا بھار مصور ۽ ڪھاڻيڪار ع-ق شيخ جي اٺين ورسي سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي، سنڌ عجائب گهر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي سھڪار سان مرحوم جي گهر ڀاتين ملھائي. مون کي خبر ناهي تہ مٿي ذڪر ڪيل ادارن مرحوم جي گهرڀاتين سان ڪھڙو سھڪار ڪيو، توڻي جو اهي ادارا بنا ڪنھن سان سھڪار ڪرڻ جي بذات خود بہ اهو ۽ اهڙا ٻيا کوڙ سارا پروگرام منعقد ڪرڻ جي سگهہ ساري سگهن ٿا.
اهو 24 آگسٽ جو ڏينھن هو، حالانڪہ زندگي ڪنھن بي وفا محبوبا جيان کانئس 15 آگسٽ تي رسي وئي هُئي ۽ هن جي جيون جو ڏيئو ھميشہ ھميشہ لاءِ اجهامي ويو هو پر هن جو فن ۽ سڀاءُ اڄ بہ زندہ سلامت آهي ۽ ڇا ڪڏهن فن بہ مرندو آهي؟
“تو اپني عصر مين ممتاز هي يھي هي بھت،
چراغ ڪس ڪا وگر نہ جلا هي تا بہ ابد.”
هال ۾ منھنجي ڀرسان ويٺل هڪ نامعلوم شخص پنھنجي منھن ڀڻڪي ٿو، “اهو ڪيڏو نہ عجيب اتفاق چئبو جو جنھن ڏينھن هي فنڪار گذاري ويو هو، اهو ڏينھن محمد ابراهيم جويي جو جنم ڏينھن هو.” ايم اين راءِ جي ريڊيڪل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اثر هيٺ رهندڙ محمد ابراهيم جويو جيڪو انھن ڏينھن ۾ پرائمري ماستر ۽ ڊرائنگ ٽيچر ع-ق شيخ جو دوست هو، هو هن وقت سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين آهي.
اصل ۾ هئڻ تہ ائين کپندو هو جو خاموشي سان لنگهي ويل هن چترڪار جون ست ورسيون ڄامشوري/حيدرآباد جي ٿڌين هوائن ۾ ٺھيل ادارن پاران ملھائڻ کپنديون هيون، جنھن جي ڪتابن ۽ رسالن جا ٽائيٽل هو پنھنجي انھن هٿن سان ٺاهيا هُئا، جن فقط پورهيو ڪرڻ سکيو هو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، عجائب گهر، سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري، ٽريننگ ڪاليج يا سندس شاگردن پاران هن فنڪار جون ورسيون ملھائڻ کپنديون هيون پر اهي هن جون اهي ورسيون ملھائي نہ سگهيا.
اُهي ڪھڙا بنيادي سبب آهن جن جي ڪري مٿي ذڪر ڪيل ادارن اهو ڪم نہ ڪيو؟ ان لاءِ فقط هڪڙو ئي جواب سجهي ٿو ۽ اهو آهي مالي وسيلن جي کوٽ! انھن ادارن ۾ ايترو تہ لشڪر ظفر ڀرتي ٿي چُڪو آهي، جو اهي ادارا فقط پگهارن ۾ پورا آهن. ڪنھن دوست ٻڌايو تہ سنڌ جي هڪ علمي ادبي اداري کي سنڌ حڪومت پاران ساليانہ چاليھہ لک رپيا گرانٽ طور ڏنا وڃن ٿا. جڏهن تہ لڳ ڀڳ اڻهٺ لک رپيا ملازمن کي پگهار جي مد ۾ ڏنا وڃن ٿا ۽ بجلي، فون ۽ پئٽرول جا بل الڳ آهن. اداري بچت جي مهم هلائيندي اديبن کي پنھنجي ڪتابن جون اعزازي ڪاپيون ڏيڻ بہ بند ڪري ڇڏيون آهن ٻيو تہ ٺھيو پر اهو قانون انھن ليکڪن تي بہ لاڳو ٿئي ٿو، جن جا مضمون، ڪھاڻيون ۽ شاعري انھيءَ اداري پاران نڪرندڙ ٽہ ماهي رسالي ۾ شايع ٿينديون آهن. توڻي جو اداري جي ناخدائن کي اها خبر آهي تہ هاڻي بنا معاوضي جي ڪو بہ ليکڪ نہ لکندو آهي. چوڻ وارا اهو بہ چون ٿا تہ ع-ق شيخ جي ورسي تي پڌري ڪيل سندس ڪھاڻين جي مجموعي “محبت جي راھہ تي” کي ڇپرائي پڌري ڪرڻ ۾ ڪھاڻيڪار جي گهرڀاتين جو وڏو هٿ آهي. چوڻ وارا اهو بہ چون ٿا تہ ان سلسلي ۾ شيخ فيملي سورهن هزار رپيا اداري کي ڏنا هُئا پر پوءِ بہ ان تي مونوگرام اداري جو ڇپيل آهي. هونئن بہ جنھن اداري جي آمدني کان سندس خرچ وڌيڪ هُجي، اهو ڪري بہ ڇا ٿو سگهي! نہ صرف اهو پر مادري علمي جي حدن ۾ خوبصورت عمارت ۾ واقع انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي بابت خبر پئي آهي تہ سندس سالياني گرانٽ لڳ ڀڳ ٻارنھن لک رپيا آهي ۽ فقط سندس ملازمن جي پگهار سورهن لک رپيا آهي، جنھن ڪري ٻيو تہ ٺھيو پر لائبريري لاءِ اخبارن جي خريداري بہ بند ڪئي وئي آهي. البتہ ان جي ميوزم ۾ ايڏي وڏي عملي جي موجودگي جي باوجود بہ بقول پريس پڌرائي جي تہ هڪ ٻارڙي پاران “حاجت” پوري ڪري وڃڻ واري چمتڪار جو پاڻ هتي ڪو بہ ذڪر نٿا ڪيون.
ٻئي طرف سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي بجيٽ جي سلسلي ۾ انگ اکر حاصل ڪيا ويا تہ خبر پئي تہ گرانٽ پندرهن لک رپيا آهي. جڏهن تہ ان اداري جي پگهار جو خرچ بہ ايترو ئي آهي. ماڻھن کي سنڌي سيکارڻ واري ڪم لاءِ ٺاهيل هن اداري پنھنجي پوري آفيس ۾ “الف-ب-ٻ” وارا بورڊ هڻي ڇڏيا آهن. جڏهن تہ اداري جو هڪ اهڙو بہ ڪمرو آهي، جنھن ۾ سنڌ جي سڀني “وڏن ماڻھن” جون يادگار تصويرون بہ آويزان ڪيون ويون آهن.
جڏهن ذڪر ڪيل اداري جي گرانٽ پگهارن ۾ ئي پوري هجي تہ اهي ادارا ڀلا ڪھڙا ڳاڻيٽي جھڙا ڪم ڪري سگهن ٿا. ان لاءِ مان ھميشہ پنھنجي دوست پروفيسر يعقوب چانڊئي کي چوندو آيو آهيان تہ سندس والد ۽ سنڌ جي نالي واري براڊڪاسٽر مرحوم سرور بلوچ جي ڪيل ڪم لاءِ هو ئي هڪ يادگار ڪاميٽي ٺاهي ۽ اهڙي ئي صلاح مان پنھنجي دوست محبوب ڏيٿو کي ڏيندو رهيو آهيان، جنھن جي والد بزرگوار مرحوم پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿي ورهاڱي کانپوءِ ڀٽائي تي ايترو ڪم ڪيو، جيترو پروفيسر عبدالعلي قلباڻي ڪيو. اهڙين حالتن ۾ انھن مڙني ادارن پاران مرحوم ع-ق شيخ جي ورسي ڏانھن اختيار ڪيل ايپروچ سمجهہ ۾ اچي وڃي ٿي.
چون ٿا تہ ڪنھن زماني ۾ اهڙن ادارن ۾ جذبي جي بنياد تي ڪم ڪيو ويندو هو ۽ هاڻي نوڪري ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو ويندو آهي ۽ شايد ان ئي ڪري آڳاٽي زماني ۾ وسيلن جي کوٽ جي باوجود بہ ادارن جي فقط ڇپايل ڪتابن ۽ نوادرات جي لسٽ بہ اڄ جي دور ۾ ٿيل حاصلاتن کان تمام وڏي آهي.
مٿي ذڪر ڪيل صورتحال جي روشنيءَ ۾ اسان ڀلا انھن ادارن پاران خان محمد پنھور جي سھائتا لاءِ ڪھڙي اميد رکي سگهون ٿا؟ پر اچو تہ نااميدي کي ڇڏي اميد جا ڏيئا روشن ڪريون:
“وري ورندو واءُ، وري وسندا مينھن،
سندا ڏکن ڏينھن، رهي رهندا ڪيترو.”

(10 سيپٽمبر 1998ع روزاني ڪاوش حيدرآباد)

مين تہ ڪوئي خيال هان

مون اوڻيھہ سئو ٻاهٺ جي جنوري مھيني جي پندرهين تاريخ تي جھانيان جي ٽنڊي ۾ ساري سنڌ جي جھانيان سيدن جي پڳدار قبلہ سيد ويڌل شاھہ جي گهر جنم ورتو. قبلہ سيد امداد علي شاھہ عرف سيد دادن شاھہ ڏاڏو هيم. جيڪو پنھنجي دور جو هڪ وڏو بزرگ ۽ درويش هو، سندس نالو اڄ بہ ساري سنڌ ۾ وڏي عزت ۽ احترام سان ورتو ويندو آهي. پرائمريءَ جا پنج درجا جھانيان جي ٽنڊي ۾ پڙهيم، مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول، انٽر سچل سرمست آرٽس ڪاليج ۽ ايم اي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيم ۽ هينئر ايل ايل بي جو شاگرد آهيان. چوندا آهن تہ دک ۽ درد ٻڌائڻ سان ختم تہ نہ ٿيندا آهن پر دل جو بار هلڪو ضرور ٿيندو آهي ۽ ان ڪري مان بہ اوڻويھہ سئو ڇاهتر کان مسلسل دل جا درد لکي پڙهندڙن آڏو پيش ڪري رهيو آهيان.
آءٌ دل جي دنيا جو ماڻھو آهيان، حساس دل ۽ اندر جو اجرو. جيڪي من ۾ ايندو اٿم اهو چئي ڏيندو آهيان، ۽ شايد ان ڪري ڏک بہ ڏاڍا ڏٺا اٿم، ڪڏهن بہ منافقت ڪانہ ڪئي اٿم، جي محبت ڪئي اٿم تہ کلي عام ڪئي اٿم ۽ جي نفرت ڪئي اٿم تہ اها بہ کلي عام ڪئي اٿم. لڪ لڪاڻي ڪرڻ، بزدل ۽ گيديءَ جو ڪم هوندو آهي ۽ مون کي انھن لفظن کان نفرت آهي. محبتن ۽ نفرتن جي وچ واري سلسلي ۾ هن پٿرن جي شھر ۾ ڪافي ڪجهہ ڀوڳيو اٿم، ماسڪ ويڙهي گو ائنڊ ٽيڪ جي بنياد تي جي رهيا آهن، اهڙي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ مون جھڙي حساس دل ماڻھوءِ جو جيئڻ مشڪل هو ۽ سچ بہ تہ جڏهن هرهنڌان مايوس ٿي نفرتن جا زخم کائي زندگيءَ کي الوداع چئي موت جي آخري ڏاڪي تي پير ڌريم تہ ڪنھن جي مقدس وجود منھنجي قميص جي ڪالر کان جهلي مون کي موت جي آخري ڏاڪي تان هيٺ لاهي ورتو ۽ اڄ تائين هن جو هٿ مون کي زندگيءَ جو دڳ ڏسي رهيو آهي.
جڏهن آءٌ سڀني ماڻھن کان مايوس ٿيندو آهيان ۽ جڏهن مون کي سڀئي رشتا ناتا ڪوڙا لڳندا آهن، هن دوکي ۽ دولاب جي دنيا مان ڪَڪ ٿي پوندو آهيان تہ هن وٽ ويندو آهيان. هن جون مٺڙيون مٺڙيون ڳالھيون ٻڌندو آهيان. هن جي وجود جي مڌر خوشبو وجود ۾ اوتيندو آهيان ۽ پوءِ جڏهن لوڪ لڪاءُ سمھي پوندو آهي تہ مان موٽي ايندو آهيان، جڏهن کان هي پنا لکڻ شروع ڪيا اٿم، تڏهن کان خبر نہ آهي تہ ڪھڙي بدنظر جي نظر لڳي آهي جو اسان کلندي ملندا آهيون ۽ روئيندي موڪلائيندا آهيون.
الائي ڇو ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو اٿم تہ مان زندگيءَ جو بدنصيب ماڻھو آهيان جيڪو زندگيءَ جي آخري مورچي ۾ پنھنجي شڪست جي اعلان جو انتظار ڪري رهيو آهيان. سچ بہ تہ جڏهن کان جواني ماڻي اٿم تڏهن کان ڏکن ۽ دردن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿيو آهي. ڏکن جي ان سفر ۾ جتي پراون اهنج ڏنا آهن اتي پنھنجن بہ ڪين گهٽايو آهي، پنھنجا زندگيءَ جي سفر ۾ ڪجهہ وکون گڏ هلي پراوا ٿيندا ويا آهن. ان ۾ ڏوھہ ڪنھن جو آهي؟ انھن جو، منھنجو يا وقت ۽ حالتن جو. ڪالھہ جن سان گڏ ٽھڪ ڏيندا هئاسين، اڄ انھن کي ڏٺي ڪونہ ٿا وڻون پر سچ بہ تہ جڏهن اهي سڀ ياد پوندا آهن تہ مان سوچيندو آهيان تہ هي ڪائنات ڪيڏي وسيع ۽ مان ڪيترو هيڪلو آهيان. حقيقت تہ اها آهي جو هر وقت دوستن جي گهيري ۾ رهندڙ زوار نقوي هينئر اڪيلو آهي، بلڪل اڪيلو سواءِ هن جي جنھن جو وجود منھنجي تنھاين جي رياضت ۽ موجودگي منھنجي موجودگي جي ضمانت آهي.
مان پنھنجي زندگيءَ جا چوويھہ ورهيہ ڪائنات ۽ ان جي حسناڪين کي محبت جي اکين سان ڏسندي گذاريا آهن. منھنجي من ۾ ڪئين خوبصورت گلاب جا گل ٽڙيا آهن ۽ مان انھن ٽڙيل گلن کي پنھنجي من جي شوڪيس ۾ سجائي رکيو ۽ پوءِ هڪ هڪ ٿي ڇڻندا ويا، سواءِ هڪ گل جي، جنھن جي خوشبوءِ اڄ بہ منھنجي وجود کي واسي رهي آهي. ابي امان، سنڌ ۽ سونھن کان سواءِ هن ڪائنات ۾ منھنجو ٻيو ڪجهہ بہ ڪونھي، ابو، جيڪو ايڏي تہ وڏي ڪيليبر جو ماڻھو آهي جو مان جڏهن سندس چھري ۾ ڪراڙائپ جي ڪري پيل گهنج ڏسندو آهيان تہ مونکي انھن گهنجن جي لڪيرن ۾ سنڌ جو نقشو نظر ايندو آهي ۽ دل چوندي آهي تہ هن جا پير ڌوئي پيان. امڙ، جنھن جي هنجهہ ۾ جيون جا ويھہ ورهيہ گذاريم ۽ جڏهن بہ هن ڪوڙن ماڻھن جي نگريءَ ۾ ساھہ ٻوساٽبو هيم تہ امڙ جي هنجهہ ۾ ننڊ کڻي ويندي هيم، ايڏو سڪون مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ نہ ماڻيو ۽ هاڻ جڏهن امڙ مون کان، بابا کان ادن ۽ اديءَ کان مٽن ۽ مريدياڻين کان ھميشہ ھميشہ لاءِ موڪلائي وئي آهي تہ ڪڏهن وڏي درگاھہ واري قبرستان وٽان مٽيندي دل چوندي آهي تہ وٽس وڃان، سندس بٺيءَ کي ڀاڪر پائي روئان ۽ دل کولي روئان پر پوءِ اکين جي ڇپرن ۾ اٽڪي پيل لڙڪ اگهي هليو ويندو آهيان، شايد ان ڪري جو امڙ جي قبر تي دل جهلي نہ سگهان ۽ سڏڪي سڏڪي مري وڃان. سنڌ، جند آهي، ڌرتيءَ سان محبت ازلي ۽ الستي آهي. ماترڀومي سان بي انتھا محبت جو رشتو ازل کان آهي ۽ ابد تائين رهندو ۽ ڪائنات جو حسناڪيون منھنجي انسپائريشن جو ذريعو آهن. ڪائنات جا مڙئي ماڻھو منھنجي سر جا سائين آهن، سچ تہ اهو آهي تہ مون حسن کي گل بڪاولي جي هنج ۾ سڪون جي ننڊ سمھندي ڏٺو آ ۽ سندس انھن روپن مون کي آدرشي انسان بنايو ۽ انھن حالتن منھنجي دل ۾ جنگين لاءِ نفرت ۽ امن لاءِ بي انتھا محبت پيدا ڪئي، تڏهن تہ اڄ آئون وڏي واڪ چوان ٿو تہ اچو تہ ڪائنات مان نفرتن جي سلن کي ختم ڪري محبتن جا ٻج ڇٽيون ۽ انھن جذبن مون کي لکڻ لاءِ اتساهيو ۽ اڄ مان دل کولي اهلِ دل انسانن آڏو هنن ڪاغذن تي وکيري ڇڏي آهي ۽ مون کي پڪ آهي تہ مون کي منھنجي فن تي نہ پر منھنجي حسين ۽ خوبصورت احساسن ۽ جذبن جي ڪسوٽي تي پرکيو ويندو، بقول اياز جي تہ “ڏات وڏي شيءِ ناهي، پر سچ وڏي شيءِ آهي.”

(1987ع ۾ شايع ٿيل شعري ڪتاب “پل اَپل” تي لکيل پنھنجي پاران، جھانيان ادبي اڪيڊمي حيدرآباد)

ڪھاڻيءَ جي ڪھاڻي

سچ بہ تہ اها حقيقت آهي تہ محمد علي قاضي هڪ پڙهيو لکيو، تخليقي ذهن رکندڙ صحافي ۽ ليکڪ آهي، مون کي ذاتي طور تي خبر آهي تہ هن کي نہ صرف لفظن جي صحيح ۽ وقتائتي استعمال جي سڌ آهي پر هر ماڻھوءَ تي هڪ نظر وجهڻ کان پوءِ گهڻي ڀاڱي سندس متعلق صحيح راءِ جوڙي سندس ڪم جو تعين ڪري وٺندو آهي. اداري ۾ ڪير ڪٿي هجي، ڪنھن کي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنھن کان ڪيئن ڪم وٺجي؟ اهو ڀلي ڪوئي کانئس سکي. منھنجي ان ڳالھہ جو مظھر روزاني ڪاوش حيدرآباد جي نيوز نيٽ ورڪ کان وٺي نيوز ڊيسڪ آهي، ڄڻ هڪ هڪ ڪري مالھا ۾ پويل موتي هجن.
سالن جي تعلق کان پوءِ هڪ ڏينھن کيس نوڪري ڏيڻ لاءِ چيم، هن عجب مان هڪ نظر مون تي وڌي ۽ سگار مان هڪڙو وڏو ڪش هڻي، پنھنجي چيئر تي اهلي پيو، ڄڻ ڪنھن گھري سوچ ۾ پئجي ويو هجي. “اوهان ڪھڙو ڪم ڪندؤ ؟” هن پڇيو. “ڪوبہ” مون ورندي ڏني ۽ ڳالھہ اتي اچي فل اسٽاپ ٿي وئي، ادب کان وٺي سماج تائين، سڀئي موضوع ان گفتگوءَ ۾ ايندا رهيا، “اوهان کي ڪھڙو ڪم ڪرڻ گهرجي؟” موڪلائڻ وقت هن منھنجي آڏو ئي منھنجو سوال رکيو. پندرنھن ڏينھن هڪٻئي کي سوچڻ لاءِ ڏئي، ان کان پوءِ ملڻ جو فيصلو ڪري، اسان هڪ ٻئي کي الوداع ڪيو، جيئن هو ۽ مان منھنجي ڪم متعلق ڪنھن فيصلي تي پھچي سگهون، اهي سياري جي مند جا آخري رومينٽڪ ۽ وڻندڙ ڏينھن هيا، جن ۾ پنھنجي ارد گرد گهلندڙ سڀئي هوائون ۽ موسمون وڇڙي ويل محبوبائون لڳنديون آهن.
وقت ڄڻ جوانيءَ جيان اک ڇنڀ ۾ گذري ويو، جھڙا پت جهڙ ۾ املتاس مان ڇڻيل پيلا پن. وري جڏهن ملياسين تہ جھڙوڪ فيصلو ٿي چڪو هيو، پر پوءِ بہ ڳالھائڻ ضروري هيو، فيصلو اهو ٿيو تہ ڪتابي سلسلو شروع ڪيو وڃي، جنھن جو پھريون ڪتاب ڪھاڻين جو ڪتاب هجي، جنھن ۾ سڀني نالي وارن ڪھاڻيڪارن کان سندن نيون ڪھاڻيون لکرائي شامل ڪيون وڃن ۽ پوءِ ان ڪتاب جو نالو، سائيز، لي آئوٽ، ٽائيٽل ۽ ٻيون لاڳاپيل ڳالھيون غور هيٺ آيون.
واقعي مون کي انھن ڏينھن ۾ اها خبر نہ هئي تہ اسان جي ليکڪن کان نيون ڪھاڻيون وٺڻ ڪا معمولي ڳالھہ نہ هئي، بلڪہ رڪ جا چڻا چٻڻا هئا، خط، فون ۽ روبرو ملاقاتن جو ساڻن سلسلو شروع ڪري ڏنم پر ان کان بہ پھريائين هئي ڪتاب جي نالي جي چونڊ! ۽ اهو مسئلو اوچتو ئي اوچتو هڪ ڏينھن محترم امر جليل حل ڪري ڇڏيو، چيائين، “ڪتاب جو نالو رکو ڪھاڻي” اسان ٿورڙي غور ويچار کان پوءِ سندس صلاح اکين تي رکندي ڪتاب جو نالو طئہ ڪيو.
“مان زوار نقوي ٿو ڳالھايان، ادي تنوير جوڻيجو آهي!حسبِ دستور هڪ شام جو ڪھاڻيءَ لاءِ کيس فون ڪيو هيم،” “نہ ڪانھي ڪا” تنوير جوڻيجو ورندي ڏني ۽ پوءِ فون جي ٻنھي پاسي هيا ٽھڪ. “ڪنھن سان ڳالھائڻو آهي؟” مئڊم نسيم ٿيٻو چوندي هئي، “اوهان سان” مان ورندي ڏيندو هيم ۽ پوءِ بنا ڪنھن ٻي ڳالھہ ڪرڻ جي پريان آواز ايندو هيو، “ٻہ ڏينھن رکي، پوءِ فون ڪجو” ۽ اهي ٻہ ڏينھن ٻن هفتن کان بہ وڌي ويا ۽ مان هيس ڄامشوري وارو روڊ هيو ۽ منھنجي گاڏيءَ ۾ غمزدہ ڪري ڇڏيندڙ جگجيت ۽ چترا جاغزل هيا.
“يي دولت ڀي لي لو، يي شھرت ڀي لي لو،
ڀلي ڇھين لو مجهہ سي ميري جواني،
مگر مجهہ ڪو لوٽا دو بچپن ڪا وو ساون،
وو ڪاغذ ڪي ڪشتي، وو بارش ڪا پاني.”
۽ ڳوڙها اکين جون سرحدون اورانگهي ايندا هيا، جواني، شادي، ٻارڙا، ڏکڻ ايشيا جي ماڻھن لاءِ محبتن سان گڏ اهي مسئلا بہ هوندا آهن، جن جي شروعات مرڪن سان ٿيندي آهي ۽ پڄاڻي....!
پر اهو ورچائي ڇڏيندڙ ڪم ڪندي اها خوشي ضرور ٿيندي هيم تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريون ڀيرو ايڏي وڏي تعداد ۾ نالي وارن ڪھاڻيڪارن کان سالن بعد نيون ڪھاڻيون لکرائي هي ڪتاب ترتيب ڏئي رهيو آهيان....... ۽ ها سچي اڃا هڪڙو وڏو ڪم رهيل هو، اهو هو نورالھديٰ شاھہ کان ڪھاڻي وٺڻ، اها جدا ڳالھہ آهي تہ هوءَ مون جھڙي لا ابالي شخص تي ھميشہ مھربان رهي آهي پر پوءِ بہ کيس چئي ڪير؟ “نصير پليز! تون فون ڪري منھنجي پاران چئو؟” هڪڙي ڏينھن حيدرآباد واري ريڊيو اسٽيشن تي سندس آفيس ۾ کيس چيم، نصير ۽ ڪنھن کي نھڪر ڪري اهو تہ ممڪن ئي ڪونھي! هن کيس فون ڪيو ۽ ٻئي ڏينھن السلام عليڪم اسان وڃي سندس ڊرائينگ روم ۾ سھڙياسين. اڙي هي تہ اها ئي شفيق، مھربان ۽ سٻاجهڙي نورالهديٰ شاھہ هئي، جيڪا لڳ ڀڳ ڏھہ ورهيہ اڳ هوندي هئي ۽ سندس گهر جي ڊرائينگ روم کان وٺي دسترخوان تائين اسان لاءِ کليل هوندا هئا، الائي ڇو ڪڏهن ڪڏهن احترام ماڻھوءَ جي من ۾ هڪڙو عجيب خوف ۽ وسوسا پيدا ڪري ڇڏيندو آهي. ها! ان ڪري جو اهو ماڻھوءَ جو من هوندو آهي، ڪا ريموٽ تي هلندڙ مشين نہ! “ڪڏهن من ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيھر شينھن” چانھہ بسڪٽ سان خاطر تواضع ڪيائين ۽ هڪ اڌ پنڌ کان پوءِ سندس نئين نڪور ڪھاڻي منھنجي هٿن ۾ هئي. ان گهڙيءَ خوشيءَ مان منھنجي اکين جا تنرا پاڻيءَ سان ڀرجي آيا هيا.
قمر شھباز جھڙي وڏي ڪھاڻيڪار تہ فون تي ئي ڀال ڀلايا ۽ پياري طارق عالم تہ ڀاڄائي رضيہ، هالار ۽ لاهوت سان گڏجي پاڻ اچي ڪمپيوٽر تي پروف پڙهيا، باقي جيجي زرينہ بلوچ جھڙي واعدي جي پڪي ليکڪہ توڙي ليکڪ مون ٻيو نہ ڏٺو، لنڊن فون ڪيم، خبر پئي تہ پاڪستان اچي پئي، ٻہ چار ڏينھن رکي ڪراچيءَ فون ڪيم، پتو پيو تہ حيدرآباد لاءِ رواني ٿي چڪي آهي ۽ پوءِ هڪڙي ڏينھن اياز لطيف پليجي سان گڏجي وڃي روبرو حاضر ٿيس، چيائين “سال ٿيا آهن مون ڪھاڻي لکڻ ڇڏي ڏني آهي” “جن سالن کان ڪھاڻيون نہ لکيون آهن، انھن کان ئي تہ ڪھاڻيون لکرايان پيو، رشيدہ حجاب، مدد علي سنڌي، شوڪت حسين شورو، مشتاق احمد شورو، حليم بروهي، هدايت پريم، شرجيل، جن جي ڪا گذريل ڏهاڪي ۾ ڪھاڻي پڙهيوَ؟ پر اسان جي خاص گذارش تي هنن لکيو آهي، هاڻي اوهان بہ لکو، پليز!” وڏي بحثا بحثيءَ کان پوءِ وعدو ڪيائين تہ فلاڻي ڏينھن ڪھاڻي کڻي وڃجانءِ، وڃان تہ ڇا ڏسان اصل دنگ رهجي ويس تہ پھرئين ئي وعدي تي ڪھاڻي تيار ۽ ڪھاڻي بہ واھہ واھہ، باقي جيترا پنڌ قاضي خادم ڪرايا، اهي قدرت جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.
انھيءَ سڄي رام ڪھاڻي بيان ڪرڻ جو مطلب هيو پنھنجن معزز پڙهندڙن کي هن ڪتاب جي سلسلي ۾ آگاهي ڏيڻ تہ ڪيئن نہ اسان ڪشالا ڪٽي هي ڪتاب مارڪيٽ ۾ آندو ۽ جيڪو عام طور پڙهندڙن لاءِ ۽ خاص طور تي جديد سنڌي ڪھاڻيءَ لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو. جنھن سان سڌي طرح سنڌي ادب جي پڇاڙڪن پھرن ۾ پھتل سنڌي ڪھاڻي وري نئين سر وڌندي، ويجهندي ۽ تاريخ ۾ پنھنجو مقام حاصل ڪندي. سنڌ جي سڀني ليکڪن مون کي مان ڏيندي پنھنجون نڪور ڪھاڻيون مون کي ڏنيون نہ صرف اهو پر پھرئين ڀيري مظھرالاسلام جھڙي بلند پايي جي ڪھاڻيڪار جي ڪنھن سنڌي ڪتاب لاءِ ڏنل نئين ڪھاڻي پڻ هن ڪتاب جي صفحن تي پڙهڻ لاءِ ملندي. سچ بہ تہ هي ڪھاڻي کيتر جا اهي گل آهن، جن جي پنھنجي پنھنجي خوشبوءِ آهي، بس! مون فقط انھن گلن کي ميڙي چونڊي هڪ گلدستو سجايو آهي، جنھن جي خوشبوءِ جو هڳاءُ يقيناً سالن تائين سنڌي ڪھاڻيءَ جي تاريخ ۾ محسوس ٿيندو رهندو.
اسان کي اميد آهي تہ اسان جا مان وارا پڙهندڙ اسان جي هن محنت کي مان ڏيندا ۽ سندن صلاحون ھميشہ اسان جي رهنمائي ڪنديون رهنديون.

(مئي 2020ع مھاڳ ڪھاڻي ڪتاب، روزاني ڪاوش حيدرآباد)

ڪھاڻي- ادب جي سگهاري صنف

ڪھاڻي ادب جي اها سگهاري صنف آهي، جنھن ۾ ليکڪ پنھنجي جذبن ۽ احساسن کي نھايت ئي سگهاري نموني سان پيش ڪري سگهندو آهي. سڄي دنيا ۾ناول جھڙي پرڪشش صنف جي اسري اچڻ کان پوءِ بہ ڪھاڻي اڄ بہ اوتري ئي اهميت سان ۽ اونئين جو اونئين موجود آهي، ٻيو تہ ٺھيو پر اليڪٽرانڪ ميڊيا جو طوفان بہ ڪتاب پڙهندڙ مان ڪھاڻيءَ جو چس ڇڏائي نہ سگهيو آهي، توڙي جو ٽيليويزن جي ننڍڙي اسڪرين تي ناٽڪ پنھنجي مڙنئي اثرن سان نظر اچي رهيو آهي پر ڇا سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ اها فني، فڪري ۽ شعوري سگهہ آهي؟ جيڪا پڙهندڙ کي اهو چس ڏئي سگهي؟
ان سوال جا کوڙ سارا جواب ٿي سگهن ٿا، جيڪي مٿيون سوال پڇندڙ کي مطمئين بہ ڪري سگهن ٿا پر ڇا ائين واقعي بہ آهي؟ ۽ اهو “ڇا ائين واقعي بہ آهي” جو اسان وٽ فقط هڪڙو ئي جواب آهي تہ سنڌي ٻوليءَ جي سرموڙ ڪھاڻيڪارن جون نڪور ڪھاڻيون سھيڙي مانوارن پڙهندڙن کي پڙهڻ لاءِ ڏجن تہ جيئن اهي ئي هن جو صحيح فيصلو ڪري سگهن، ان لاءِ اسان “ڪھاڻي” ڪتاب نمبر 3 شايع ڪندي سچ بہ سرهائي محسوس ڪري رهيا آهيون، ان کان اڳ اسان ڪھاڻي ڪتابي سلسلي پاران “ڪھاڻي” ۽ “مزاحيه ڪھاڻيون” شايع ڪري چڪا آهيون، جن کي اسان جي مانوارن پڙهندڙن بيحد پسند ڪيو. اسان کي اميد آهي تہ هي ڪتاب پڻ کين پسند ايندو ۽ هو سنڌي ڪھاڻيءَ جي سلسلي ۾ راءِ جوڙي سگهندا، جيڪا يقيناً مٿي اٿاريل سوال جي سلسلي ۾ ڪنھن لاڀائتي جواب لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندي.
اسان هن ڪتاب ۾ جتي هنن سنڌي ٻوليءَ جي سرموڙ ڪھاڻيڪارن جون نڪور ڪھاڻيون شامل ڪيون آهن، جن جو سنڌي ڪھاڻي جي تاريخ ۾ بلند ۽ بالا مقام رهيو آهي، اتي اسان اڄ جي ٽھيءَ جي ليکڪن جون ڪھاڻيون پڻ شامل ڪيون آهن . جيئن سنڌي ڪھاڻيءَ جي ڪالھوڪي ۽ اڄوڪي دور کي اسان جا معزز پڙهندڙ گڏوگڏ پڙهي سگهن .
اسان کي اميد آهي تہ اسان جا معزز پڙهندڙ اسان جي هن محنت کي ضرور مان ڏيندا.

(2020ع پنھنجي پاران ڪھاڻي ڪتاب II روزاني ڪاوش حيدرآباد)

اخبارون ڳالھائن ٿيون (اخباري بيان ۽ خبرون)

---

نامياري شاعر سوز هالائي جي پھرين ورسي

لفظن جي ڀيٽا

هالا: سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعر سوز هالائيءَ جي پھرين ورسي، شاعرن ۽ اديبن سميت مختلف فڪرن سان تعلق رکندڙ شخصيتن پاران کيس لفظن ۽ سرن جي ڀيٽا، سوز جو اڻ ڇپيل مواد ڇپرائڻ جو مطالبو. خبر موجب سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعر سوز هالائيءَ جي پھرين ورسي سندس اباڻي ڳوٺ هالا پراڻا ۾ ملھائي وئي. حاجي يار محمد اڪيڊميءَ جي ميزبانيءَ هيٺ منعقد مختصر ورسي تقريب ۾ نامور اديب ۽ شاعر نصير مرزا، زوار نقوي، حبيب سنائي، جاويد سوز، فدا سنجراڻي، ڪوثر هالائي، امان ﷲ صدر ۽ آخوند عباس سميت مختلف فڪرن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي. ورسي تقريب دوران سوز هالائيءَ کي سرن ۽ لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي . ورسي تقريب کي خطاب ڪندي نصير مرزا چيو تہ سوز جي وڇوڙي تي ڳالھائڻ منھنجي وس ۾ نہ آهي. سوز اها شخصيت آهي، جيڪا هرپل ياد آهي. هن چيو تہ لڳي ٿو سوز هالائي منھنجي لاءِ ۽ آئون سوز جي دوستيءَ لاءِ پيدا ٿيا هئاسين ۽ اها دوستي جيڪا محبت ۾ تبديل ٿي وئي.
تقريب کي خطاب ڪندي زوار نقويءَ ڇيو تہ سوز هالائي لاءِ وڏو اعزاز اهو آهي جو هن جو علمي ۽ ادبي پورهيو هن جي گهر ۾ موجود آهي. هن تي ڳالھائڻ لاءِ سندس اولاد موجود آهي. سوز اهو خوش بخت انسان آهي، جنھن جي علمي ۽ ادبي پورهئي جي وارثي ڪرڻ لاءِ هڪ نسل موجود آهي ۽ ٿي سگهي ٿو تہ ان نسل مان ٻيو نسل جنم وٺي. هن چيو تہ سوز گهڻ رخي شخصيت هو. هن کي موسيقيءَ تي بہ وڏي مھارت هئي ۽ سوز کوڙ سارن ماڻھن جي فڪري پرورش ڪئي، سوز جيڪو پنھنجي اولاد جي صورت ۾ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ھميشہ زندھہ رهندو. حبيب سنائي چيو تہ سوز هالائي طبعي طور تي اسان کان وڇڙيو آهي پر هن جو علمي ۽ ادبي پورهيو، اسان جي ۽ اسان جي نسلن جي رهنمائي ڪندو رهندو، سوز جھڙيون شخصيتون ڪڏهن بہ نہ مرنديون آهن. جاويد سوز هالائيءَ چيو تہ غزل ۾ جدت جو عنصر سندس شاعريءَ جي حسناڪي هئي، هو شاعر سان گڏ هڪ نقاد بہ هو. هن چيو تہ بابا شاعري خاص طور جديد سنڌي غزل جي دنيا ۾ وڏو نالو هو. سنڌ ۾ اهڙا گهٽ شاعر آهن، جن کي علمي ۽ ادبي دنيا ۾ ايڏي وڏي پذيرائي ملي هجي. امان ﷲ صدر چيو تہ سوز هالائي هڪ پھترين شاعر سان گڏ محبتون ورهائيندڙ شخص هو، جيڪو ھميشہ اسان جي دلين ۽ ذهنن ۾ سلامت رهندو. ورسي تقريب دوران آخوند عباس، دل جي حالت عجيب تر آهي، شھر جانان مان ٿيو گذر آهي، شاعري پيش ڪري زبردست داد حاصل ڪيو. حبيب سنائي ۽ ڪوثر هالائي پڻ سوز هالائي جي شاعري پيش ڪئي. ورسي تقريب کي امتياز سوز، غلام حسين ميمڻ ، غلام مجتبيٰ ساگر هالائي ۽ طارق سنائي پڻ خطاب ڪيو. ورسي تقريب ۾ شمس الحق ميمڻ. محمد هاشم کوکر ۽ ٻيا پڻ موجود هيا. ورسي تقريب دوران مطالبو ڪيو ويو تہ سوز هالائيءَ جو سنڌي ادبي بورڊ وٽ ڇپائيءَ جي انتظار ۾ پيل ڪتاب ”من اندر جي موسم“ ۽ ثقافت کاتي سنڌ وٽ استاد جمن تي لکيل ڪتاب فوري طور ڇپائي پڌرا ڪيا وڃن، ان کان پوءِ اديبن ۽ شاعرن توڙي سوز هالائي جي وارثن سندس آخري آرام گاھہ تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي.

(21 فيبروري 2019ع روزاني ڪوشش حيدرآباد)

حيدرآباد ۾ شاعر ۽ اديب زوار نقويءَ سان رهاڻ

زوار پنھنجي ذات ۾ وڏو انسان آهي (نصير مرزا)
زوار بھترين ليکڪ، استاد ۽ مقرر آهي (نياز پنھور)
وڏي ماڻھو نہ ٿيڻ تي ڳڻتي ناهي (زوار نقوي)
تقريب کي تاج جويو، جاويد سوز ، مھيش ڪمار ۽ ٻين جو خطاب
حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد پاران ڪالھہ خانہ بدوش رائٽرس ڪيفي حيدرآباد ۾ نالي واري اديب ۽ شاعر سيد زوار نقويءَ سان شام ملھائي وئي.
***

سيد زوار نقوي وڏو اديب ۽ ڀلو استاد

حيدرآباد ۾ سالگرھہ ملھائي وئي
ٽنڊي جھانيان ۾ ٿيل تقريب دوران سيد زوار نقوي لاءِ گلن ۽ اجرڪن جا تحفا
جنم ڏينھن ملھائڻ سٺي روايت آهي، ان بھاني هڪ ٻئي سان ملاقاتون ٿين ٿيون ؛ زوار نقوي
سيد زوار نقوي سنڌي ادب ، علم ۽ صحافت جو هڪ وڏو ڪردار آهي: جاويد سوز ۽ ٻيا

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ برک اديب شاعر، استاد ۽ تعليم کاتي جي عملدار سيد زوار نقوي جي سالگرھہ تقريب ملھائي وئي، ان موقعي تي ڳالھائيندي زوار نقويءَ جي دوستن ۽ ساڃاھہ وندن جو چوڻ هو تہ سيد زوار نقوي هڪ وڏو اديب ۽ ڀلو استاد آهي پر ان سان گڏوگڏ هڪ تمام سٺو انسان پڻ آهي ، جيڪو ھميشہ دوستن کي ياد ڪندو رهندو آهي. رپورٽ موجب ٽنڊي جھانيان ۾ ٿيل سالگرھہ تقريب دوران زوار نقويءَ کي گلن جا تحفا ڏنا ويا. پروگرام ۾صحافين، ساڃاھہ وندن ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سيد زوار نقوي کي اجرڪون پڻ اوڍايون ويون. پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي زوار نقويءَ جو چوڻ هو تہ جنم ڏينھن ملھائڻ سٺي روايت آهي، ان بھاني هڪ ٻئي سان ملاقاتون ٿين ٿيون، اهڙي قسم جون خوشيون ھميشہ وکيرڻ گهرجن، تقريب دوران ڳالھائيندي، جاويد سوز هالائي، مھيش ڪمار، فاروق سومرو، اختر شيخ، پون ڪمار ۽ ٻين چيو تہ زوار نقوي سنڌي ادب، علم ۽ صحافت جو هڪ وڏو ڪردار آهي، جنھن جو وڏيون خدمتون آهن. ساڃاھہ وندن جو چوڻ هو تہ هي اڄوڪي سنڌ جو ڀاڳ ۽ بخت آهي جو زوار نقويءَ جھڙا ماڻھو اسان سان گڏ آهن.

(18 جنوري 2020ع روزاني ڪوشش حيدرآباد)

ساڃاھہ سپيرين جي (خاڪا، تاثر، تعزيت ناما)

---

وقت خواب وانگر آ (شيخ اياز)

سچ بہ تہ مون کي خبر ناهي تہ جنھن وقت هن،
“جهومندڙ هوائن ۾،
رات ڄام شوري جي،
ڪنھن رباب وانگر آ،
عمر ائين اڏامي ٿي،
ڄڻ پکي پرن تي آ،
وقت خواب وانگر آ.”

ڇھہ سٽو لکيو هو، ان وقت هن جي من ۾ ڇا هيو؟ پر سٽن مان لڳي ٿو تہ ڄامشوري جي ان خوبصورت رات جو بہ هن کي وهي ائين وهندي نظر آئي هُئي، جيئن املتاس لاءِ خزان جا پھريان پھر هوندا آهن!
شڪارپور کان شروع ٿي ڪراچي جي ساحل تي ختم ٿيندڙ هن جي زندگي جي هڙ ۾ ايترين محبتن جون ڳنڍيون ڏنل هيون، جيتريون هن صديءَ جي ڪنھن بہ شاعر جي ڀاڱي ۾ نہ آيون هونديون. حقيقت اها آهي تہ شڪارپور جي شاهي باغ ۾ ڪنول جا گل ڇندي انھن گلن کي ڪنھن جي چوٽي ۾ هڻي ڇڏڻ جي خواهش ڪندي پنھنجن جيڏن سان رنگبرنگي پوپٽن پويان ڊڪندي ڊوڙندي پنھنجو ٻالڪپڻو گذاريندڙ سمنڊ جيڏي ان شاعر جي ڀاڱي ۾ جيڪي محبتون آيون، انھن جي فقط خواهش ۾ ڪيئي شاعر پنھنجون زندگيون تئي تي تپندي گذاري ويا. پر اهو بہ سچ آهي تہ جيترا لفظن جا زخم هن کي ڏنا ويا، اوترا زخم شايد ڪنھن ٻئي شاعر کي نہ ڏنا ويا هجن، پر پوءِ بہ:
“ساري شھر وسايا پٿر، جن سان چڪناچور هيو،
پوءِ بہ هن ٿي نعرا ماريا، مڙس تہ ڪو منصور هيو.”

جھڙيون سٽون لکي خاموش ٿي ويندڙ، ڪنھن دور ۾ ايم اين راءِ کان متاثر حشو جو هي شاعر دوست، اڄ ھميشہ ھميشہ لاءِ خاموش ٿي ويو آهي. بسنت رت ۾ هاٿي در وٽان گذرندي پنھنجي سمور جھڙن سپرين کي ياد ڪري ڪئين شعر چوندڙ هن شاعر محبتن نفرتن جي لفظن جي پلصراط تي لڳ ڀڳ مني صدي تائين سفر ڪري اڄ سڀني مسرتن ۽ مھڻن کي پنھنجي سار ۾ سانڍي، ساهيوال جيل جون صعوبتون سھندڙ سنڌ کي سواليہ نگاهن سان ڏسندو هليو ويو ۽ اڄ هن جي وڃڻ تي (حالانڪہ هو ڪافي وقت کان الوداعي گيت لکي چُڪو هو) تن جي اکين جا تنرا بہ پاڻي سان ڀرجي آيا آهن، جن جي ڏنل ڏکن کي ياد ڪندي چيو هيو:
“آئون اڪيلو سامھون سٿ،
خنجر خنجر ڪيئي هٿ،”
حيدرآباد جي سنڌ عجائب گهر جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران منعقد ڪيل گولڊن جوبلي پروگرام جيڪو بعد ۾ تعزيتي اجلاس ۾ تبديل ڪيو ويو هو، جي هڪ ڪنڊ ۾ بيٺل هڪ ليکڪ چوي ٿو، “ڪاش! سندس حياتي ۾ اهي لڙڪ کيس محبتن جا گل آڇين ها تہ هوند کيس پنھنجي بيوفائي جي درد جا گهاءُ زخمي ڪري نہ وجهن ها!” هو جيڪو گهڻ پڙهيو شاعر هيو ۽ ڪائنات جي هر شيءِ کي شاعر جي اک سان ڏسندو هو، خوبصورت دنيا جي رعنائين ۾ پاڻ وڃائي موٽ ۾ لفظن جا ياقوت کڻي ايندو هو. ان جي سيني اندر هڪ معصوم ۽ پيار ڪندڙ دل جاڳندي هُئي. جيڪا فقط رسڻ، پرچڻ ۽ پيار ڪرڻ ڄاڻندي هُئي، جنھن کي منافقت ۽ مڪر ڪرڻ نہ ايندو هو. اها پنھنجي ڌڙڪن ۾ جيڪي ڪُجهہ محسوس ڪندي هُئي، اهو وڏي واڪ چئي ڏيندي هُئي ۽ هن کي اها پرواھہ نہ هوندي هُئي تہ ان جي موٽ ۾ هن کي گل آڇيا وڃن ٿا يا پٿر؟ ۽ ڇا ڪڏهن چوڏهين جي رات، آسمان ۾ چمڪندڙ چنڊ اهو سوچيو آهي تہ هن جي روشني، محبوبا جي چوٽين ۾ سجندڙ گلن ۽ هٿن ۾ پوندڙ گجرن تي پئجي رهي آهي. يا حيدرآباد جي وچ مان وهندڙ ڊومڻ واھہ تي پئجي رهي آهي! چنڊ جو ڪم آهي پيار ڪرڻ جھڙي روشني ڏيڻ ۽ شاعر جو ڪم آهي پنھنجي سيني اندر موجود احساسن ۽ جذبن جي خوشبوءِ کي پنھنجي پوري سچائي ۽ ايمانداريءَ سان ماڻھن ڏي آڇڻ ۽ هن پنھنجي جهول ۾ پيل شاعري جا گل آڇيا ۽ ڀاڳن وارن اهي کڻي ورتا.
اڄ جڏهن سياري جي برسات کانپوءِ اروڙ تي مدن مست اڀري آيا هوندا، تڏهن سندس مرتئي تي سوچيندي مون کي اها ڳالھہ سمجهہ ۾ نٿي اچي تہ هن کي پرھہ جو وقت ۽ پاڻي ڇو پسند هوندا هُئا؟ هن جو پرھہ ۽ پاڻي سان ڪھڙو رشتو هوندو هو، جيڪو هن جي ساري حياتي ۾ اڻ ٽُٽ رهيو. جنھن جي ڪري هن جي پيشاني ۾ پرھہ ۽ اکين ۾ پاڻي نظر ايندو هو ۽ هن جي شاعري ۾ انھن جو عڪس ۽ اولڙو ليئاڪا پائيندي محسوس ٿئي ٿو.
“مٺي تي جيئن باک ڦٽي ٿي.
ڀٽ ڀٽ آ ڳاڙهي گل گلاب جيان،
هن ڌرتي جي خواب جيان،
پاڻي کي ڇلڪائي ٿي،
مور ٽلن ٿا،
پاڻياري جي ٽور ٽلن ٿا.”

ڀنڀرڪي جو اٿي پراڻي سکر لڳ جهلي بند تي گهمندڙ هن شاعر جو روح قفس عنصري مان 27 ڊسمبر جي پرھہ ڦٽي ويل پرڙو سوئي ويو ۽ مڊ ايسٽ اسپتال جي سڏ پنڌ تي ڪراچي جي سمنڊ جون خاموش ۽ پراسرار لھرون هيون، جن ۾ انداهين راتين جي ڪري نہ شور هيو ۽ نہ ئي وري ڪا اڻ تڻ هُئي مگر پوءِ بہ انھن ۾ ڪنھن طوفان جو انديشو محسوس ٿي ٿيو:
“کنڀي کڻ!
سمنڊ منھوڙي تان مون کي تون، کنڀي کڻ!
دور دور ساحل تي هڻ!
جيئن ڇوهي ۾ جهوني وڻ جا،
ڇڻ ڇڻ پتا،
مون کي ائين اڏاري هل،
مون کان منھنجي سار کسي وٺ،
پيار کسي وٺ!”

هن کي سنڌو ۽ سمنڊ سان ايتري محبت ڇو هوندي هُئي؟ هو چوندو هيو تہ: “جي مان مري وڃان تہ مون کي ڪلفٽن جي پھاڙ تي پوريو وڃي، سمنڊ جي سامھون، جو منھنجو آهي.” ۽ پوءِ سندس زندگي ڪراڙ جي ڀرسان شروع ٿئي ٿي. ڪراڙ. جنھن جي ڀرسان ويھي اڄ کان ٽي سئو سال اڳ تمر جي مرشد ڀٽائي پنھنجا بي بھا بيت چيا هُيا، جيڪي مائي نعمت جي دل جي دفتر تي حفظ ٿي ويا هُئا ۽ لڳ ڀڳ پنجويھہ ورهيہ اڳ هن بہ چيو هو:
“ٿئي سٺا ڀلي جو ڀلوڙي،
وري ڀٽ پاسي هلو ڙي هلو.”

هو جيڪو هڪ دور جي تاريخ هيو ۽ پنھنجي سيني ۾ علم جو سمنڊ کڻي هن ڪوڙي دنيا کان هڪ سچي دنيا جي طرف هليو ويو آهي ۽ هاڻي جڏهن هن کي تعريفن ۽ تنقيدن جي ڪا بہ ضرورت نہ رهي آهي پر پوءِ بہ وقت جو مورخ اهو ثابت ڪري چڪي آهي تہ هو شاعريءَ جي ڪائنات جو اهو سج هيو، جنھن جي ڪرڻن جي روشني شاعري جي تاريخ تائين زندہ ۽ سلامت رهندي. ان لمحي، مان جيڪو فقط سندس هڪ پاٺڪ آهيان، اهو سندس لحد ۾ لھڻ وقت فقط اها ڳالھہ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان تہ هن کي پرھہ ۽ پاڻي ڇو پسند هوندا هُئا؟ ڇا ڪٿي ائين تہ ناهي تہ پرھہ نئين ڏينھن جي شروعات هوندي آهي ۽ نئون ڏينھن آسن، اميدن ۽ ڪلپائن جي ڪئنواس تي اڀرندو آيو آهي ۽ هن ان پرھہ کي اکين سان ڏسي لفظن جي برش سان شاعري ۾ چٽي ڇڏيو هيو! ۽ شايد اهو ئي سٻنڌ هيو، سمنڊ، پرھہ ۽ هن جي وچ ۾! مان سوچيان ٿو.

(18 فيبروري 1998ع روزاني عبرت حيدرآباد)

درد جي هڪ ڪھاڻي (شيخ اياز)

ڪراچي جي ساحل تي پنھنجي سمور جھڙي سپرين کي ياد ڪندي زندگي جا آخري ڏينھن گذاريندڙ هن صدي جي وڏي شاعر شيخ اياز جو اڄ ٻارهو آهي. وقت خواب جيان گذري ويو، ڄڻ ڪالھہ ڪالھوڻي ڳالھہ آهي جو جڏهن سج ڌرتي جيڏي هن شاعر جي گهاتوءَ جھڙي گهور هن سان گڏ سفر ڪندي رهندي هُئي ۽ پوءِ جڏهن سندس ۽ سج جي وچ ۾ آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ عمارتون اڀيون ٿي وينديون هيون تہ ان لمحي هن کي ڏاڍي بڇان لڳندي هئي ۽ پوءِ جڏهن آسمان تي جڳمڳائيندڙ ستارا، ٽيڙو ۽ ڪتيون اڀرنديون هيون تہ هو پنھنجي ڪراچي واري فليٽ جي بالڪونيءَ مان انھن کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو هيو پر روشنين ۾ اهي روشنيون الائي ڪاڏي وڃائجي وينديون هيون، ڄڻ ڪي ماڻھو هجن! چوڏهين جو چنڊ جيڪو هن کي پاڻ ۽ پنھنجي شاعري جيان عزيز هيو. ان کي تہ هن سکر پڄاڻان ڪڏهن ڏٺو ئي ڪين هيو. جنھن لاءِ هن ڪڏهن “اڀر چنڊ! پس پرين” لکيو هيو. تڏهن تہ هن جي احساسن جي اهڙي لمحي ۾ هن کي سکر واري المنظر ياد پوندي هُئي، جنھن جي ڀڪ ۾ وهندڙ سنڌو درياءَ مان چنڊ لڪ لڪوٽي کيڏندو رهندو هيو. جتي ڪڏهن هو پاڻ جيڏن سان گڏجي مدهوشيءَ مان آسمان ڏي ڏسندو هيو ۽ هن کي هر ستارو وڇڙي ويل محبوبا جيان لڳندو هيو ۽ پوءِ ٽھڪن، تاڙن ۽ آوازن ۾ ماضي، حال ۽ مستقبل جون ڪئين ڪھاڻيون کلي پونديون هيون.
شڪارپور جي ان شيخ شھرت جون اُهي سڀئي منزلون ماڻيون، جن جون ريکائون ٻالجتيءَ ۾ هن جي هٿ ترين تي ليئاڪا پائينديون رهنديون هيون. هن پنھنجي ٻالڪپڻي ۾ لکي در جي ان جوتشي جون اهي سڀئي ڳالھيون سچ ڪري ڏيکاريون، جن تي ڪڏهن ڪير اعتبار بہ نہ ڪندو هيو. ٻارهن ورهين جي عمر ۾ جڏهن ٻار اسڪول وڃڻ کان نٽائيندا آهن ۽ بلور، لغڙ، ونجهہ وٽي ۽ ڏائي کيڏڻ هنن جون پسنديده رانديون هونديون آهن، تڏهن ڪاليداس کان متاثر هي شاعر شڪارپور جي شاهي باغ ۾ ڪتاب پڙهندو ۽ شاعري ڪندو هيو ۽ انھيءَ سمي ڪنھن ٿي چيو تہ مبارڪ علي دور حاضر جو وڏي ۾ وڏو شاعر ٿيندو.
شڪارپور جي سڙڪن تي پنھنجي يادگيرين جا ياقوت ڇڏي پڙهڻ لاءِ غوراب جھڙي شھر ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيندڙ ايم اين راءِ جي ريڊيڪل ڊيموڪريٽڪ پارٽي کان متاثر حشو ڪيولراڻي جي ان دوست جي انھن ڏينھن واري اردو شاعري جڏهن سندس همعصرن جي ڪنن تي پئي تہ هن سميت سڀ ان ڳالھہ تي متفق ٿيا تہ شاعر پنھنجي فن کي منطقي نتيجي تي رڳو پنھنجي مادري زبان ۾ ئي پھچائي سگهندو آهي ۽ هو پنھنجي احساسن ۽ جذبن جو اظھار پنھنجي ئي ٻولي ۾ ڪري سگهي ٿو ۽ پوءِ ڪاڪاهو کان ڪاماهو تائين ادب جي افق تي هن جي شاعري جي انڊلٺ اڀري آئي. شاعري سان عشق ڪندڙ خوش ٿيا. ساڻس جک کائيندڙ ڪاوڙيا ۽ ٻيا عجب ۾ پئجي ويا، باقي سڄي سنڌ جهومي رهي هُئي. ڄڻ سرءُ جي موسم ۾ سرهين.
ڪراچي کان پوءِ سکر جي ڪوئينس روڊ، لب مھراڻ ۽ المنظر تي گذاريل وقت هن جي شاعري لاءِ بھار جي مند جھڙو ثابت ٿيو، جنھن ۾ هن جي خوابن جي جل پري هن جي شاعري مان جهاتيون پائڻ لڳي، “وڄون وسڻ آيون” کان وٺي “ڪلھي پاتم ڪينرو” تائين ان ٽھيءَ کي بر زبان ياد هوندو هيو ۽ رڌم تي جڏهن سندس شاعري آلاپجندي هُئي تہ “ڪامريڊن” کان وٺي “پيارن” تائين سڀني جي بت جا وار ڪانڊارجي ويندا هُئا ۽ هو ستارن سان جڳمڳائيندڙ رات جو قسم کڻي پنھنجي آدرشن سان پريم نڀائڻ جو وچن ڪندا هيا ۽ انھن ئي ڏينھن ۾ مائرن پنھنجي ٻارن جا نالا هن جي ناءُ پويان رکڻ شروع ڪيا هُئا. سچ بہ تہ هو هڪ اهڙو ديو مالائي ڪردار بڻجي ويو هيو. جيڪو فقط لوڪ ڪھاڻين ۾ نظر ايندو آهي ۽ پوءِ “سنڌ جو آواز، شيخ اياز، شيخ اياز” جا نعرا هڻندڙ نوجوان کيس ٽول پلازه کان مادر علمي جي تخلص سان اڃان مشھور نہ ٿيندڙ سنڌ يونيورسٽي ۾ وٺي آيا هيا ۽ پوءِ ڪنھن خراب خواب جيان اهو سمورو وقت هن کي راس نہ آيو. توڻي جو هو ان دوران “لڙيو سج لڪن ۾” لکي چڪو هيو، بقول ماهتاب محبوب جي، “ڪنھن قيمتي هيري يا پٿر جي ڀانءِ نہ پوڻ جيان وائيس چانسلري اياز کي کڻي راس نہ آئي پر گهٽ ۾ گهٽ ساڌن سان سنمک تہ پئنچن سان بہ پورا جھڙن دوست نما دشمنن جي ڄاڻ تہ کيس ڏيئي وئي، جيڪي پاڻ تہ سرخرو ٿي وڃي چوڏول چڙهيا، پر هن لاءِ ڄڻ ڏکن جو ڏيج ڇڏي ويا.”
سون جي تعداد ۾ پنھنجي پويان روئندڙ شاهڪار شعر ڇڏي ويندڙ ان شاعر کي اهو سرڪاري عھدو کڻي راس نہ آيو پر هن جو پنھنجي سنگ تان ويساھہ کڄي ويو، تڏهن تہ تازو فضلي سنز پاران سندس شاعري جي اردو ۾ ترجمو ڪري ڇپايل ڪتاب جي مهڙ ۾ سندس هي سٽون ڏنيون ويون آهن، جيڪي هن جي دل جي ڪيفيت جي ترجماني ڪن ٿيون:
“اگر ڪوئي مجهہ سي ڪھي ڪي،
ڊڪشنري سي تم ڪوئي لفظ نڪال دو،
تو مين دوستي لفظ نڪال دون.”
لڳ ڀڳ مني صدي کي پنھنجي اکين سان ڏسندڙ گيتا راج جي ان دوست جو من وان گاگ وانگر ديوانو ۽ ماياڪو وسڪيءَ وانگر بيوس هوندو هيو، تڏهن اعتبار جي صليب تي لفظن جا زخم کائيندي نظمن جا ڳوڙها ڳاڙيندو هيو. ڪير مڃي يا نہ مڃي پر اها حقيقت آهي تہ ساڌن هن جي روپوشي وارن ڏکين ڏينھن ۾ اهو چئي هن لاءِ پنھنجي گهر جا در بند ڪري ڇڏيا هيا تہ “اوهان ڏاڍا وڏا ماڻھو آهيو ۽ منھنجو گهر ڏاڍو ننڍڙو آهي.” سندس درد جي اها ڪھاڻي رڳو اتي اچي ڪونہ ٿي فل اسٽاپ ٿئي پر “ڀڄ ڀٽائي گهوٽ، ثاني آيا سنڌ ۾” جھڙا طنزيہ شعر بہ هن جي لاءِ سرجيا ويا، جن سان هن شاعر جو من گهايل ٿي پيو ۽ ڪڏهن پنھنجن جيڏن سان ٻٽا ٻٽا ٽھڪ ڏيندڙ ائين خاموش ٿي ويو، ڄڻ ڪارونجهر!
هن جي زخمن تي وقت پنھنجا پھا رکندو رهيو ۽ بظاهر هو ڏسڻ ۾ ٺيڪ ايندو هيو پر اصل ۾ هن جو اندر کاڄندو ۽ کامندو ويو. ڪالھہ جن هن کي ڏسي ريڊ اينڊوائيٽ ڇڪڻ شروع ڪيو هيو. جيئن هو فقط محسوس ڪري سگهي تہ هن جي ۽ هنن جي پسند هڪ جھڙي آهي، بدلجندڙ وقت سان گڏ هو هڪ هڪ ٿي هن کان الڳ ٿيندا ويا ۽ پوءِ هن سگريٽن کي ڇڏي ڏنو هيو ۽ دوستن هن کي!
“يہ فتنہ آدمي ڪي خانہ ويراني ڪو ڪم ڪيا هي،
هوئي تم دوست جس ڪي، دشمن اس ڪا آسمان ڪيون هو،”
(غالب)
جيڪڏهن هن سان ايترو پيار سندس حياتي ۾ ئي ڪيو وڃي ها، جيترو سندس مرڻ کان پوءِ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي، تہ شايد هو من جي شانتيءَ جي ڪري ڪُجهہ وقت ٻيو بہ جي سگهي ها ۽ هو سنڌي شاعريءَ کي اڃان بہ وڌيڪ شھپارا ڏئي سگهي ها پر هن تہ پاڻ ئي چيو هيو:
“آئون اڪيلو سامھون سٿ،
خنجر خنجر ڪيئي هٿ.”
اڄ بہ هن جي مرتئي کان پوءِ هن جي قبر اڏائڻ سان گڏ هن جي ڇپيل شاعري، ڇپائي ڇا ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي؟ ڇا سندس شاعري کي دنيا جي ٻين سڌريل ۽ شاهوڪار ٻولين ۾ ترجمو ڪري سڄي دنيا کي اهو نٿو ٻُڌائي سگهجي تہ ايڪويھين صدي ۾ داخل ٿيندڙ سنڌ وٽ هيڏو وڏو شاعر موجود هيو؟ پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تہ اهو سڀ ڪجهہ ڪري تہ ڪير ڪري؟ هتي فقط ٻئي جي نالي جي پويان پنھنجو نالو چنبڙائي پنھنجو قد ڪاٺ وڌائڻ جو رواج پئجي ويو آهي. ان لاءِ جيستائين اهي نفسياتي مسئلا حل نٿا ٿين. تيستائين ڪا توقع رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي پر پوءِ بہ اهڙين حالتن ۾ اسان پنھنجي ان محبوب شاعر کي پنھنجي دل جي ستور سان بي انتھا پيار ڪيون ٿا ۽ شايد اسان لاءِ اهو ئي ڪافي آهي تہ اسان ساڻس عشق ڪندڙ آهيون.
“بادلون ڪي ڇائون ۾ ڪيا بات ٿي،
ياد جانان بار بار آني لگي.”
(مير عبدالحسين سانگي)

(28 ڊسمبر 1998ع روزاني ڪاوش حيدرآباد)

علي بابا عالمي امن جو ليکڪ

جڏهن سج نيزي پاند اچي بيھندو آهي ۽ ڌرتي، ڌرتيءَ واسين لاءِ ٽامو بڻجي پوندي آهي، انسان جا پير پچڻ شروع ٿيندا آهن، جڏهن ڪائنات تي اونداهيءَ جو راڪاس پنھنجي پوري طاقت، قوت ۽ سگهہ سان اونداهيءَ جا پر پکيڙي ڇڏيندو آهي ۽ جڏهن ان اونداهيءَ ۾ ٻليءَ جا تارا ٻرڻ لڳندا آهن، ليسوڙي تي ويٺل چٻري جون چيھاٽيون خوفناڪ آوازن سان ڪنن ۾ چڀڻ لڳنديون آهن، تڏهن تاريخ، وقت جا مکيه، اهم ۽ وڏا فيصلا ڪندي آهي ۽ اهي فيصلا سچ جي ان پسمنظر ۾ ٿيندا آهن، جتي ۽ جڏهن سماج جي حيوانيت پڻي ۾ مسيح کي ٽياس تي ٽنگيو ويندو آهي ۽ سقراط کي زهر جو پيالو پياريو ويندو آهي ۽ پوءِ هر دور جي ڏاهي، داناءَ ۽ اڪابر ليکڪ جا سچ لکڻ جي پاداش ۾ سرِبازار هٿ ڪپيا ويندا آهن، وڍيل آنڱرين مان وهندڙ رت ڦڙن سان جنم وٺندڙ تاريخ سچ جا قدم بڻجي، نسل درنسل تاريخ جي ڪتابن جي ورقن جيان ڪائنات جي انسانن جي دلين ۾ بہ هر دور لاءِ محفوظ ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ ڪائنات جي هر دور جي ڏاهي، داناءَ ۽ اڪابر ليکڪ جي ڏنل قرباني مان جنم ورتل لافاني تخليقون، هن ڪائنات جي چئن ارب انسانن جي اڪثريت جي دکن، دردن ۽ پيڙائن ڀريل زندگيءَ کي سڦلتا بنائڻ جو سبب بڻبيون آهن ۽ پوءِ ڌرتيءَ تي رابيل جا گل ٽڙي پوندا آهن، ڌرتي ڪينجهر هندورو بڻجي پوندي آهي. ارفيوس جو اوسيئڙو، صدين جو سفر پلن ۾ پورو ڪري وجهندو آهي. جمنا ڪپر تي ويٺل سيتا وستيءَ جو هٿ ڀرشو جي چپن جي چائنٺ اورانگهي وجهندو آهي ۽ وقت جو تماچي تڙ ڌڻي نجهري نماڻي نوريءَ جي پيرن جي پڻي ٿي پوندو آهي ۽ پوءِ تاريخ پنھنجي پيٽ مان ڌرتي ڌڪاڻا جي خالق کي علي بابا جي نانءُ سان جنم ڏيندي آهي.
محترم ساٿيو !
مان ادب جي ادنيٰ طالب علم جي حيثيت سان جڏهن هن ڪائنات جي ازل کان جنم ورتل سچ جي تاريخ جي ڪتابن کي پڙهان ٿو تہ مون کي معلوم ٿئي ٿو تہ جڏهن اوڻويھين صديءَ ۾ هن ڪائنات کي ڏاهپ ۽ دانائيءَ جي ضرورت پوي ٿي تہ جرمن جي گلين ۽ گهٽين مان ڪارل مارڪس جنم وٺي ٿو، مظلوم، محڪوم ۽ مجبور فلسطينين جي ڌرتي جڏهن سندن پيرن هيٺان کسڪڻ شروع ٿئي ٿي تہ فلسطينين جي گلين ۽ گهٽين کان وٺي جهنگلن ۽ پھاڙن تائين سميع القاسم جي لافاني گيتن جي گونج جنم وٺي ٿي، جڏهن آفريڪا جي انسانن جي وات مان گرھہ کسي، سندن پيٽ تي نسل پرستيءَ جي لت هنئي وڃي ٿي تہ بينجمين مولائيز جنم وٺي ٿو، جڏهن چِليءَ جي گهٽين مان پنوشيءَ جي پيرن جي کڙڪي جي ڪري جمھوريت جا ڳيرا ٽاھہ کائي اڏامن ٿا تہ پيبلو نرودا جا شعر وڏڦڙا ٿي وسن ٿا. سنڌ ۾ جڏهن پنج هزار ساله تاريخي ورثو سم ۽ ڪلر جي لپيٽ ۾ اچي ڀرڻ ۽ ڀڄڻ لڳي ٿو تہ ڪوٽڙيءَ جي تنگ گلين جي ڇيڙي ۾ هڪ جاءِ اندر لالٽين جي ڏيئي جي روشنيءَ ۾ عالمي امن جو ليکڪ علي بابا جنم وٺي ٿو.
محترم ساٿيو!
منھنجو اڀياس ٻڌائي ٿو تہ تاريخ جي ڊگهي سفر ۾ ھميشہ وقت جي داناءَ ۽ ڏاهي ليکڪ مرڪندڙ چھري سان وقت جي ٽياس تي چڙهڻ وقت پنھنجي سچ لکڻ جي پاداش ۾ ڪپيل آنڱرين مان وهندڙ رت سان سچ جي تاريخ کي لکيو آهي. جيڪا تاريخ ڪتابن جيان نسل درنسل اسان جي دلين ۾ محفوظ آهي. جنھن کي ڪوبہ چور چورائي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ جو وقت جا چاليھہ چور تاريخ جي عدالت ۾ مجرمن واري ڪٽهڙي ۾ بيٺل آهن ۽ علي بابا اسان سان گڏ آهي.
محترم ساٿيو !
مان انتھائي ذميواري ۽ دعويٰ سان چوان ٿو تہ دنيا جا اهي ليکڪ جن هن ڪائنات جي چئن ارب انسانن جي دکن، دردن پيڙائن ڀري زندگين کي سڦلتا بڻائڻ جا سپنا ڏٺا ۽ اعليٰ آدرش جي حاصلات لاءِ ڪم چي ها عمر قيد جي سزا ڀوڳي، لورڪا قتل ڪيو ويو، عشقي جا چپ سبيا ويا، فيوچڪ کي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو، فردوسيءَ جو شاهنامو جلائي رک ڪيو ويو پر پوءِ بہ هو عالمي سامراج لاءِ پنھنجي بي انتھا نفرتن جو اظھار پنھنجي لافاني تحريرن ۾ ڪندا رهيا ۽ تاريخ جي انھيءَ ڊگهي تسلسل ۾ منصور جيان شبليءَ هٿان گل جو کاڌل گهاءُ سھي علي بابا بہ مرڪي، ملي ۽ لکي رهيو آهي. بقول منظور سولنگيءَ جي علي بابا پنھنجي لافاني تخليقن ذريعي سنڌ سميت ڌرتيءَ جي هن گولي تان دهشت جي ديو جو پاڇو هٽڻ تائين وقت جي ابليس کي لفظن جا پٿر هڻندو رهندو ۽ پنھنجي رت مان ٻوڙيل قلم سان تاريخ جي سندر خوابن جو تصور ڪندو رهندو ۽ يقيناً فتح گلاب جي گلن سان سندس آجيان ڪندي، ڇاڪاڻ جو اياز چيو آهي تہ :
“جڏهن آسمان ۾ پکي ۽
ڌرتيءَ تي شاعر نہ هوندا،
تڏهن قيامت ايندي.”
نوٽ: هي مقالو سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙيءَ پاران سنڌي ٻوليءَ جي ارڏي ڪھاڻيڪار علي بابا سان رچايل شام واري موقعي تي پڙهيو ويو.

(30 نومبر 1991ع روزاني سرواڻ حيدرآباد)

غلام حسين رنگريز (اڱڻ اسان جي گُل ٽڙيو)

سنڌي ادبي سنگت پاران هوٽل فٽاز حيدرآباد ۾ محترم غلام حسين رنگريز سان شام ملھائي وئي. ان موقعي تي پڙهيل مقالو اڄ پنھنجي ڪالم ۾ شامل ڪري رهيو آهيان!
“وري ڪا موٽي بھار ايندي،
اڱڻ اسان جي گلاب ٽڙندا،”
ڪئين سال پھريائين مون يانگ مو جو لکيل هڪ چيني ناول پڙهيو هيو، اهو ناول چين جي اوڀر واري علائقي تي جاپانين جي قبضي خلاف چيني قوم جي مزاحمتي جنگ جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. ان ناول ۾ هڪ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر وانگ هونگ جو ڪردار 1921ع کان 1925ع تائين چيني قوم جي ان مزاحمتي جنگ واري ان دور ۾ جدوجھد ڪندڙ مڙنئي ڪارڪنن لاءِ مزاحمت جو سبب بڻيل آهي. مون جڏهن اهو ناول پڙهي پورو ڪيو هيو تہ مشھور فلسطيني شاعر سميع القاسم جو هي نظم منھنجي ذهن تي وڄ جيان اڀري آيو هيو، جنھن ۾ هن لکيو آهي تہ:
“او منھنجي ڌرتيءَ جا دشمنو وڃو،
وڃي منھنجي ڌرتيءَ جو آخري چپو ڦٻايو،”
منھنجي نوجوانن کي جيل جي اونداهين ڪوٺين ۾ قابو ڪيو،
منھنجي ساري ميراث لٽيو،
منھنجا ڪتاب، منھنجا شعر ساڙي رک ڪري ڇڏيو،
پنھنجي ڪتن کي منھنجي ٿانون ۾ کارايو،
وڃو ڀلي وڃي منھنجي ڳوٺن جي گهرن مٿان،
ظلم ۽ ڏاڍ جو ڄار وڇايو،
او انسانيت جا دشمنو،
آئون هزارن سورن سھڻ کان پوءِ بہ اوهان سان ٺاھہ نہ ڪندس،
اوهان جي آڻ نہ مڃيندس.
۽ آخري پساهن تائين ڌرتيءَ جي دشمنن سان وڙهندو رهندس.
۽ انھن ئي ڏينھن ۾ منھنجي وطن جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺڙي لاکاٽ تي بارود جي بوءِ جا مينھن وسايا ويا، انھي بوءِ وسائيندڙ انسان جيڪو انسان نہ رهيو هيو، ۽ پنھنجي هٿ گرنيٽ سان انسانن کي قتل ڪندو رهيو. سڄي دنيا جي وات تي چپ جو تالو لڳل هيو، ان وقت اڪارڊ گاڏين ۾ ٽِيروز پرفيوم هڻي گهمندڙ دانشور پنھنجي ڪمرن جي ايئر ڪنڊيشن جي ٿڌي هير ۾ ستل هيا پر رات جي تاريڪيءَ ۾ لالٽين جي ڌيمي روشنيءَ ۾ سمھيل منھنجو همعصر منظور سولنگي ڇرڪ ڀري ننڊ مان اٿي پيو ۽ مَنھن ڇَپرن لوڙهن، گهر گهر ۾ گوليون، “جھڙو لافاني نظم تخليق ڪري منھنجي ٽھيءَ جي پراعتماد، پراميد، اهلِ دل ۽ اهلِ فڪر هئڻ جو ثبوت پيش ڪيو. منھنجي ٽھي، جنھن سچ سان لائون لھي، تاريخ جي تسلسل کي ڳنڍيو آهي، فردوسيءَ کان وٺي حسن درس تائين، ميران ٻائيءَ کان وٺي ميران تائين ڊگهي تاريخ جو سفر طئہ ڪيو آهي، تاريخ جي هن دور جي انھن ڏينھن ۾ هڪ ڏينھن منھنجي آفيس جي ڪمري ۾ مدد علي سنڌيءَ سان گڏجي هڪ شخص آيو، جنھن جي اکين مان ان دک جو اولڙو ليئاٽيون پائي رهيو هيو، جنھن جي پيشانيءَ تي ان دک، درد ۽ پيڙاءَ جا نقش چٽيل هيا،جنھن جي دل ۽ دماغ تي ان پيڙاءَ جا گهاوَ پڌرا هيا، هن جي هلڻيءَ مان ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هو پيرين پنڌ ڪنڊن جو سفر طئہ ڪري کن پل لاءِ ٿَڪ لاهڻ آيو هجي، ان ويل هو يانگ مو جي ناول جي ڪردار پروفيسر وانگ هونگ جھڙو سڀاويڪ ۽ سميع القاسم جي نظم جو رفليڪشن لڳي رهيو هيو. شايد ان ويل خيالن ئي خيالن ۾ هو، پنھنجو هي لافاني نظم سوچي رهيو هيو:
“تاريخ جي تاريڪين تي شبِ خون، منھنجو قلم،
روزِ ازل کان توڙ تائين، جِهل ۽ هر جبر جو مخالف،
جنگ جي ميدان ۾، هر مورچي ۽ محاذ تي،
منھنجو قلم، منھنجو قلم،
هو جو ڪڪوريل ڪنڌ آهي، سوئي پنھنجو پنڌ آهي،
سگهہ جي ساري سگهين۽.......،
ڏاڍ کي ڏاري سگهين، پيرا کڻي اچجانءِ هليو.
..... ۽ اهو هو لاڙ جي زرخيز مٽيءَ مان جنم وٺندڙ غلام حسين رنگريز.”

(غلام حسين رنگريز سان ملھايل شام ۾ پڙهيل مقالو، 25 جولاءِ 1991ع روزاني عبرت حيدرآباد)

ظفر حسن (بھار جا پڇاڙڪا پھر)

هيءُ ڪھڙي بھار جا پڇاڙڪا پھر آهن جو وڻن ۾ نوان گئونچ ڦٽي ۽ ادب جي درخت جا گل هڪ هڪ ٿي ڇڻي رهيا آهن! هي تہ جھڙي خزان هجي، جنھن جي مارچ جي اڀاڳي اٺين تاريخ تي سنڌي ادب جي ڪائنات جو ڪنول ڪومائجي ويو ۽ اخبار پنھنجي لوئر هاف جي ڊبل ڪالم واري خبر ۾ هن آڏو “مرحوم” وڌائي ڇڏيو. ڇا ظفر حسن گذاري ويو؟ منھنجي اندر ۾ سوال جو پکي پرڙا سوئي ٿو. ڪالھہ تہ گُڏيءَ جي تعزيتي گڏجاڻي ۾ منھنجي آڏو ويٺو هو.
“جر تي ڦوٽو جيئن، لھرن لڳي اڌ ٿئي،
تون پڻ آهين تيئن، دنيا ۾ ڪو ڏينھڙو.”
اڄ جڏهن وڻن مان پيلا پن ڇڻي رهيا آهن، جيڪي اداس موسمن جا اکين ڏٺا شاهد ۽ درد ڀريل دلين جا درد خوان هوندا آهن. (ٽڙڻ جا ڏينھن آيا، اسان ڇڻيا آهيون.)
لڳ ڀڳ اڌ صدي پنھنجي اکين ۾ پنھنجي اصولن جي ساڀيان جا سپنا ڏسندڙ سيد گهراڻي جو اهو شھزادو هيءُ روءِ زمين ڇڏي هليو ويو پر پنھنجي آدرشن تان نہ هٽيو. هن درد جو هڪ ڊگهو سفر طئي ڪيو پر نہ ڪٿي ٿڪو ۽ نہ ڪٿي ٽُٽو، جيڪو سچ سمجهائين ان تي بيھي رهيو ۽ پوءِ هڪ پل لاءِ بہ پوئتي نہ هٽيو.
هن جي من ۾ ڇا هو؟ پنھنجي ڪھاڻين جھڙي ڪائنات! جيڪا هن جي اکين، هٿن ۽ دل جيان صاف هجي، جنھن جو ماڻھو سڳنڌ کڻي سگهي. پر ڇا ڪڏهن آکاڻيون بہ حقيقت ٿي سگهيون آهن؟ هر ماڻھو پنھنجي اندر ۾ هڪ درد کڻي زندھہ رهي ٿو. (درد جنھن جي هڪ جدا آکاڻي هوندي آهي.)
“دک جو ناهي ڪو دنگ،
جيون ڄڻ ڪاريھر جو ڏنگ.”
پر هن جي دل ۾ ڪھڙو درد هو، جنھن هن کي زندھہ رهڻ نہ ڏبنو ۽ ڪنڊو بڻجي هن جي هيانءُ ۾ چڀندو رهيو، هو پنھنجي ڇهري ۽ مٿي جي وارن جيان روح ۾ بہ اڇو اجرو هوندو هو. سچ جھڙو Gracefull تڏهن تہ هو هن ڪائنات کي پڻ ايترو ئي خوبصورت، حسين ۽ دلڪش ڏسڻ چاهيندو هو ۽ اها ئي سندس خواهش هُئي، جنھن جي ساڀيان لاءِ هن پنھنجي زندگي جا اصول ٺاهي ڇڏيا هئا ۽ هو زندگي جي آخري لمحي تائين انھن تي بيٺو رهيو ۽ انھن جي ساڀيان نہ ٿيڻ جو درد اهو درد هو، جيڪو کيس اندر ئي اندر ۾ اڏوهي جيان کائيندو ٿي رهيو ۽ آخر هڪ ڏينھن هن جو انت اچي ويو.
علي قاضي پنھنجي هڪ مضمون ۾ لکيو هو تہ، “وڏا ماڻھو اهي آهن جيڪي پنھنجي مرڻ کان پوءِ بہ گهٽ ۾ گهٽ پنجاھہ سالن تائين زندہ رهن” ۽ مان سمجهان ٿو تہ ظفر حسن پنھنجي مري وڃڻ کان پوءِ بہ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو سالن تائين زندہ رهندو. ڇاڪان جو هو وڏو ماڻھو هو ۽ ياد رهي تہ وڏا ماڻھو مرندا ناهن.

(13 مارچ 1998ع روزاني ڪاوش حيدرآباد)

لفظن جيان احترام جوڳي خير النساءِ جعفري

“تخليق جو موت” جي سرجڻھار خيرالنساءِ جعفري سان منھنجا ٽي رشتا هيا. پھريون، هوءَ سنڌ يونيورسٽي جي نفسيات واري شعبي ۾ پڙهائيندي هُئي ۽ مان پڙهندو هيس. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ ان اداري ۾ علم جي ورسٽي جو ڏيئو روشن ڪندڙ جي مرتئي تي ان اداري هڪ ڏينھن جي بہ موڪل تہ نہ ڪئي پر تعزيتي گڏجاڻي بہ نہ گهرائي. چيئر قائم ڪرڻ ۽ ڪارنر بنائڻ تہ پري جي ڳالھہ آهي!
ٻيو، هوءَ “حويلي کان هاسٽل تائين” ۽ ٻين شاهڪار ڪھاڻين جي ليکڪا هُئي ۽ مان بہ لکندو آهيان ۽ ٽيون، هوءَ غم حسين ابن علي عليہ السلام ۾ ڪارا ڪپڙا پائي مجلسن ۾ روئندڙ مومنياڻي هُئي ۽ آئون پڻ! (يا ﷲ سائين! اسان کي غم حسين عہ کان سواءِ ٻيو غم نہ ڏي).
“هڪڙي ڀيري مان هن جي آفيس ۾ ويس. هن هڪ نظر مون تي وڌي ۽ پوءِ چيائين، “دروازو بند ڪر” مون دروازو بند ڪيو. پوءِ هن مون کي چيو، “ڪرسي اورتي ريڙهي اچ.” مان ڪرسي ريڙهي سندس ويجهو وڃي ويٺس. هن پنھنجو ٺونٺون ميز تي رکيون ۽ پنھنجي منھن کي پنھنجي هٿن جي ٻڪن ۾ رکي نھايت ئي رازداري مان چيو، “مولائي سگريٽ تہ ڇڪاءِ.”
ماڻھو چون ٿا تہ خواجن جي ڪٽنب سان تعلق رکندڙ خيرالنساءِ جعفري وڏي ڪھاڻيڪار هُئي، مون کيس پڙهيو آهي. مان بہ چوان ٿو تہ هوندي ۽ يقينن آهي، پر منھنجي خيال مطابق وڏو ليکڪ ٿيڻ وڏي ڳالھہ ناهي پر وڏو ماڻھو ٿيڻ وڏي ڳالھہ آهي ۽ هوءَ وڏو ماڻھو هُئي.
سچ بہ تہ هوءَ ڏاڍي Grace واري بولڊ خاتون هوندي هُئي، ڇاڪاڻ جو اسان جو سماج جيڪو عام طور تي مردن جو سماج تصور ڪيو ويندو آهي، ان ۾ هڪ عورت جو پنھنجي پير تي کڙو ٿيڻ ڪنھن تلوار جي ڌار تي هلڻ کان گهٽ نہ آهي، اتي هڪ عورت جي ڪنھن مرد سان خلوص سان ئي سھي فقط ڪنڌ کڻي ڏسڻ بہ معيوب سمجهيو ويندو آهي. اتي هن ڪائنات کي لفظن جا گل آڇيندي پنھنجي بولڊنيس سان عورت جو مقام پيدا ڪيو، جنھن جي آڏو احترام جو ڪوٽ کڙو ٿيل هوندو هيو، پر پوءِ بہ هن جو پوپٽ جھڙو من ھميشہ گهايل رهندو هيو. هوءَ جيڪا پنھنجي هنج ۾ صائما کي کڻي هلندي هُئي ان جي هر وک عورت جي دکن، دردن ۽ پيڙائن جي هڪ جيئري جاڳندي ڪھاڻي هُئي، پر ان جي باوجود بہ هوءَ هن سماج کي جملن جا موتي ۽ خلوص جا رشتا ڀيٽا ۾ ڏيندي هُئي پر افسوس جو موٽ ۾ “هو هڪ شخص” صائما جي مٿي تي شفقت ڀريو هٿ رکي، هن کي محبت ڏئي نہ سگهيو.!
“بھت ملا نہ ملا زندگي سي غم ڪيا هُئي،
متاع درد بهم هُئي، تو يش و ڪم ڪيا هُئي.”
(فيض احمد فيض)
مان پنھنجي دل جي سڀني سچائين سان چوان ٿو تہ هوءَ هڪ اها ليکڪا هُئي، جنھن کي مان پنھنجي سيني تي هٿ هڻي وڏي واڪ “ادي” چئي سگهان ٿو. سچ بہ تہ هوءَ لفظن جيان احترام جوڳي هُئي ۽ هڪڙي غريب ليکڪ جي پاران هن کي عقيدت ڀرين لفظن کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي ڀيٽا ڏئي سگهجي ٿي.
“جو فنا هُئي غم عشق مين، انھين زندگي ڪا غم نہ هوا،
جو نہ اپني آگ مين جل سڪي، وه پرائي آگ ۾ جل گئي.”

(24 مارچ 1998ع روزاني خادم وطن حيدرآباد)

اياز لطيف پليجو هڪ نسل جو درمان

(هي مقالو نوجوان دانشور زوار نقوي اعزازي مھمان جي حيثيت سان نامياري ليکڪ اياز لطيف پليجي سان 8 جنوري 1992ع تي سنڌ ريسرچ ڪائونسل پاران پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ ملھايل هڪ شام ۾ پڙهيو. –انچارج: ادبي صفحو روزاني سرواڻ حيدرآباد.

ڪجهہ سال اڳ مون ڪرشو فرنڪول جو ناول “دي ريٽون” پڙهيو هو، اهو ناول 18 آگسٽ 1923ع واري رات آفريڪا جي اڀرندي ساحل ۾ گورن خلاف سندن شيدي غلامن جي ڪيل بغاوت جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. ان بغاوت ۾ چار سئو کن نيگروز مارجي ويا هيا، ظاهري طور تي اها تحريڪ ناڪام ٿي چڪي هئي، پر ان هلچل سڄي دنيا ۾ ذهني توڙي جسماني غلامي خلاف هلندڙ جدوجھد کي وڏي هٿي ڏني هئي. اهڙيءَ ريت 1921ع کان 1935ع تائين چين جي اوڀر واري علائقي تي جاپانين جي ڪيل قبضي خلاف چيني قوم جي مزاحمت جي پسمنظر ۾ “يانگ مو” جو لکيل ناول “سانگ آف يوٿ” عالمگير حيثيت رکي ٿو. اهڙي طرح دنيا جي ٻين داناءَ ليکڪن پڻ پنھنجي سماج جي ثقافتي، سماجي ۽ سياسي صورتحال تي پنھنجي پوري فني، فڪري ۽ شعوري سگهہ سان لکيو آهي. بعد ۾ اهي تخليقون سڄي دنيا جي اهلِ علم ۽ باشعور انسانن آڏو تاريخ جي هڪ دکي باب جي حيثيت سان کلن ٿيون. پوءِ چاهي اهي تخليقون پاسٽرنڪ جون هجن يا زولٽن زيلڪ جون، پشڪن جون هجن يا فيوچڪ جون، منھنجي ماتر ڀومي جي عظيم شاعر شيخ اياز جون هجن يا اياز لطيف پليجو ۽ سندس ٽھيءَ جون هجن. ڇاڪاڻ تہ دنيا جي ٻين داناءَ ليکڪن جيان منھنجي ديس جا هي دکي شاعر اهو سمجهن ٿا تہ اسان جو سماج هاڻوڪي صديءَ جي هن پڇاڙڪي ڏهاڪي ۾ اڄوڪي دنيا ۾ ڄڻ تہ هڪ اڪيلي ۽ اونداهي ٻيٽ مثل آهي ۽ اسين سنڌي ماڻھو دنيا جي لاوارث ۽ مظلوم ترين مخلوق آهيون. منھنجي ديس جا هي دکي شاعر ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي لکڻين ۾ چون ٿا تہ ايندڙ صديءَ ۾ پنھنجي اچڻ وارن نسلن لاءِ ڇڏي وڃڻ لاءِ اسان وٽ ڪوبہ تاريخي ۽ تخليقي ورثو ڪونہ آهي. بس رڳو جاگيرداراڻو سماج آهي، ادبي غربت آهي، زندگيءَ جي هر شعبي ۾ قبائلي طرز جون رقابتون آهن، اخباري بيان آهن، ٿڙندڙ ٿاٻڙجندڙ، ٿڪل، مار کاڌل قافلا آهن، ڊنل، هيسيل، ڪاوڙيل دکي نسل آهن.(تاريخ لکي يا نہ لکي تہ ڪو هنن وٽ موهن جو دڙو ۽ ڀٽائي بہ هوندا هيا) پر پوءِ بہ هڪ اميد آهي، هڪ آس آهي، جيڪا منزل جي حاصلات لاءِ جستجو ڪرائي رهي آهي. جنھن لاءِ اسان جي هن دوست کي يقين آهي تہ فتح اسان جي ٿيندي، جنھن جو اظھار هن پنھنجي نظم “شھيدن جو قافلو” ۾ هن ريت ڪيو آهي:

“ڏور ڪيٽي جي ڪنڌي تان آواز ٿيا،
۽ ڪارونجهر تان ڪنھن مور مرڪي چيو:
او اسان جي فتح،
تون اسان کان پري،
ڀل تہ ڪيڏو ڀڄين،
فيصلو ٿي چڪو، توکي ڇڏڻو نہ آ،
منزل حق جي خوبصورت پري،
مون کي ويساھہ آ،
جي اسين قتل ٿياسين تہ ڇا ٿي پيو،
اسان جا جوان عزم هي سورما،
توکي حاصل ڪندا،
۽ پوءِ ڀاڪر جهلي،
چپ چپن تي رکي،
تنھنجي ساهن جي مستي ۽ سرهاڻ کي،
نيٺ پنھنجو ڪندا، نيٺ پنھنجو ڪندا.”

هي دکي شاعر جيڪو پنھنجي من ۾ انيڪ دک، درد ۽ پيڙائون کڻي پوءِ بہ مک تي مرڪ سجائي اڄ هتي اسان جي وچ ۾ ويٺو آهي. ان سان منھنجي آشنائي تڏهن ٿي هئي، جڏهن ايسٽ جرمني ۽ ويسٽ جرمنيءَ جي وچ ۾ ديوارِ برلن اڃان باقي هئي. روس جو جهنڊو سويت يونين جي نالي سان اقوام متحده تي اڃان ڦڙڪي رهيو هيو، اهو چٽيءَ طرح ياد اٿم تہ هو پٺاڻ ڪالونيءَ جي پھرين نمبر گهٽيءَ جي مھڙ واري جاءِ ۾ رهندو هيو. هو ان وقت ٻار هيو ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل هيو، هن جون ڳالھيون، ڳالھين پويان دليل ۽ ان دوران سندس هوائن ۾ هلندڙ هٿن، مون کي ايترو تہ موهي وڌو هيو جو مان اڪثر ساڻس ڪچھري ڪرڻ سندس گهر ويندو هيم. هو گهر ۾ تہ ڪڏهن ڪڏهن ويھاريندو هيو پر اڪثر ڪري سندس گهر جي ٻاهران نالي مٿان سيمينٽ جي رکيل سليب تي ويھاريندو هيو. مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي تہ هڪ ڀيري ڪنھن موضوع تي اسان جو پاڻ ۾ بحث ڇڙي پيو، مون کيس چيو تہ “فلاڻو ماڻھو تمام وڏو داناءُ ماڻھو آهي”، چيائين “اهو ڪير ٿو چوي؟” مون چيو، “ساري دنيا ٿي چوي”، يڪدم وراڻيائين “سڄي دنيا ٿي چوي؟ يعني آمريڪا، آفريڪا، روس، چين، سڀ ٿا چون؟
مون چيو، “نہ پنھنجا هم وطن ٿا چون”
چيائين، “پوءِ ائين چئو نہ تہ پنھنجا ماڻھو ٿا چون. پنھنجا ماڻھو سڄي دنيا ۾ تہ رهن ٿا پر سڄي دنيا تہ نہ ٿي ويا.”
ان وقت منھنجي ذهن ۾ ٽي ايس ايليٽ جو هي جملو هري آيو تہ، “جيڪو ليکڪ پنھنجي دور ۾ تمام گهڻو مقبول ٿي وڃي، انھيءَ لاءِ اهو ضروري ڪونھي تہ واقعي هو چڱو لکندو هجي، ٿي سگهي ٿو تہ چوڻ لاءِ هن وٽ ڪابہ نئين ڳالھہ نہ هجي ۽ جيڪو ليکڪ پنھنجي دور ۾ مقبول نہ هجي، انھيءَ لاءِ اهو ضروري ڪونھي تہ اهو چڱو نہ لکندو هجي. اهو بہ ٿي سگهي ٿو تہ اهو نئين ڳالھہ ڪندو هجي.” اهڙي طرح جڏهن هن دکي شاعر جي عمر جو اڌ سال گذري چڪا آهن، ايسٽ جرمني ۽ ويسٽ جرمنيءَ جي وچ ۾ ديوارِ برلن ڊهي چڪي آهي، سوويت يونين پنھنجي پڄاڻيءَ تي پھچڻ کان پوءِ روس جو تشخص وري بحال ٿي چڪو آهي، تڏهن پٺاڻ ڪالونيءَ جي پھرئين نمبر گهٽيءَ مان هي نوجوان نينگر نڪري سارتر جي پيرس، ڊڪنز ۽ شيڪسپيئر جي لنڊن، هيمنگوي ۽ والٽ وٽمين جي آمريڪا، ڪاليداس ۽ ميران ٻائيءَ جي هندستان جي سرزمين تي پنھنجو نہ مٽجندڙ يادگيريون ڇڏي پنھنجي وطن موٽي آيو ۽ اتان جون سڀيئي يادگيريون ميڙي سيڙي پنھنجن ڪتابن، “سارون، سپنا، آزادي”، “ٽي مسافر ٽي شھر”، ۽ “دنيا پنھنجي ديس پرايا” ۾ شامل ڪري پنھنجي معزز پڙهندڙن جي ادبي اڃ اجهائي.، نہ صرف سندس نثر پر نظم ۾ بہ يورپ ۽ ٿرڊ ورلڊ جي انسانن جي وچ ۾ موجود طبقاتي ڇڪتاڻ واري صورتحال تي هن پنھنجا انيڪ نظم لکيا آهن، جن ۾ هن پنھنجي احساسن ۽ جذبن جو ڀرپور انداز سان اظھار ڪيو آهي، جيئن هي پنھنجي هڪ نظم ۾ چوي ٿو:

“هڪ معصوم نينگر هئس جن ڏينھن،
هڪ ميلي ۾ تڏهن مان پھتو هئس،
دل چيو ٿي هڪ شيءِ مان ڳنھان.
کيسو خالي هيو سو ڪجهہ ڳنھي نہ سگهيس،
موٽي آيس کڻي حسرتون گڏ سوين.”

صرف اياز لطيف پليجو نہ پر هن جي سڄي ٽھي ۽ ان ٽھيءَ جا سڀيئي سچا ليکڪ، لفظ جن کان سھارو وٺي ڪاغذن تي اوتجن ٿا، انھن سڀني هن سماج ۾ اڪثريتي طبقي جي ڏکن ۽ ڏولاون ۽ سڄي ڪائنات ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ پنھنجون لافاني تخليقون سرجيون آهن. هي ٽھي جنھن اسان جي ادب کي انعام شيخ، نصيرسارنگ، ارم محبوب، حسن درس، منظور سولنگي، احمد سولنگي، آسي زميني، اياز جاني، اختر رند ۽ مسعود لوهار جھڙا ليکڪ ڏنا آهن، جيڪي پنھنجي لکڻين جي ذريعي اڄوڪي سنڌي سماج کي سڄي ڪائنات سان ائين ڳنڍي رهيا آهن، ڄڻڪه هنن جي لکڻين جي سگهہ ديوارِ برلن جي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏي هجي. انسان جيڪو فقط انسان آهي، اهو وقتي ويڇن کي وساري هڪ ٻئي سان ائين ڳلي ملي رهيو آهي، جيئن سياري جي رت ۾ سائيبيريا جا پکي ڀٽائيءَ جي هن سٽ جيان سنڌ ۾ ايندا آهن : “وڳر ڪيو وتن، پرت نہ ڇنن پاڻ ۾”
ساٿيو! اڄ جنھن موسم ۾ پاڻ سڀ گڏجي، اياز لطيف سان هيءَ شام ملھائي رهيا آهيون، ان موسم ۾ ڪتا ڇتا ٿي پوندا آهن، اٺ مست ٿي پوندا آهن ۽ عاشق شاعر ٿي پوندا آهن، (اياز لطيف شاعر بہ آهي) ڪتو ڪنھن سان گڏ رهڻ کان پوءِ بہ ڀؤنڪندو آهي، اٺ مستيءَ ۾ مالڪ تي بہ اُلرون ڪندو آهي ۽ عاشق روس جي جلاوطن رقاص نجنسڪيءَ وانگر ڪو عالمگير ادب تخليق ڪري وٺندو آهي يا وري ماياڪو وسڪي ۽ عرفان مهديءَ وانگر خودڪشي ڪري ڇڏيندو آهي. ٻنھي صورتن ۾ هن جو سماج ڏي رويو ڏک، ڏوراپي، اميد ۽ احتجاج جو هوندو آهي. تڏهن تہ امداد حسينيءَ چيو آهي :
“صدين پڄاڻان ڄمندا آهن، ڪوي ڪھاڻيڪار،
پر هو ماريا ويندا آهن، منٽن ۾ هروار.”
ان لاءِ مون کي اميد نہ پر پڪ آهي تہ اياز لطيف سان ملھائجندڙ هي شام سڄي سنڌي ادب جي سچي، اجري، امن جھڙي صبح کي جنم ڏيندي، جنھن جي روشنيءَ ۾ ڇتا ڪتا ميونسپل جي زهر سان مري ويندا، اٺ مالڪ سڃاڻڻ لڳندا ۽ عاشق سرمستيءَ ۾ لافاني گيت سرجيندا، جيڪي پوپٽن جي پرن تي چڙهي، سڀيئي جاگرافيائي حدون اورانگهي، هن سڄي ڪائنات جي باشعور ۽ اهلِ علم انسانن سان پنھنجي ڌرتي ۽ ان جي ماڻھن جو نہ ٽٽندڙ رشتو ڳنڍيندا، ان لاءِ اچو تہ پاڻ سڀ گڏجي هن سڄي ٽھيءَ کي دنيا آڏو پيش ڪيون ۽ ٻڌايون تہ اسان جو دکي نسل هڪ هٿ ۾ زيتون جي ڏاري ۽ ٻئي هٿ ۾ قلم کڻي عالمي امن لاءِ لکي رهيو آهي.

(18 جنوري 1992ع روزاني سرواڻ حيدرآباد)

ليڊي ڊيانا (عشق جي راهن مٿي ڪاوا اڀا)

ليڊي ڊيانا ان تخت جي شھزادي آهي، جنھن تخت برصغير تي ورهين تائين حڪومت ڪئي. اهو تخت ڪاٺڙي ٻيلي مان وڍيل ڪاٺ مان واڻڪي وسي واري هاشم واڍي جو ٺاهيل نہ آهي. جنھن تي واڍن جي ڪنھن ڇوڪري لائون لڌيون هجن پر هي تہ اهو تخت آهي، جنھن تي ويٺل شخص جي هڪ ئي اشاري سان، سڄي برصغير ۾ هل مچي ويندو هيو. اڄ بہ سنڌ ۾ موجود کوڙ سارا جهور ٻڍڙا انگريز بھادر جا قصا ڪندا آهن. انھن قصن ڪرڻ وقت هنن جي اکين ۾ عجيب رنگ اڀري ايندا آهن، جن کي شايد ڪو بہ ڪاتب پڙهي نہ سگهندو. حيدرآباد جي ڪورٽ واري عمارت کان وٺي سکر واري پل تائين، سڀئي انھن تخت نشينن جا تحفا آهن.
ليڊي ڊيانا 1996ع کان پندرهن سال اڳ، جڏهن لڳ ڀڳ سڄي دنيا جا تخت فقط تختا ٿي رهيا هُيا، تڏهن برطانيہ جي تخت نشين جي شيرين اکين واري شھزادي جي وني ٿي هُئي، ان تخت برصغير جي هڪ حصي (سنڌ) کي ڏاڍا ڏک ڏنا هيا. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ ان ئي تخت ڪُجهہ هتان جي پسنديدہ شھزادن کي سر ۽ خانبھادر جا بہ خطاب ڏنا هُئا پر چون ٿا تہ مجموعي طور تي ڏکن جو پلڙو ڀاري هيو ۽ انھن ئي ڏينھن ۾ سنڌ جي هڪ شھزادي نہ سر جو لقب ورتو ۽ نہ ئي وري ڪو خانبھادر جو لقب قبوليو هي پنھنجي سر سان ڪفن ٻڌي ڦاهي جي ڦندي تائين تخت نشين سان جنگ جوٽي اهو ڪو ٻيو نہ پر پير صبغت ﷲ شاھہ راشدي هيو. شايد اهو سيد جي فطرت ۾ شامل هو تہ هو نہ ڪنھن تي ظلم ڪندو ۽ نہ ئي وري ڪنھن تي ظلم ٿيندي سھندو هو.
ڊيانا جنھن جي تخت ڌڻين سان اڄ بہ حيدرآباد جي اولھہ وٽان وهندڙ سنڌو درياھہ جي ڀڪ ۾ ويٺل ميرن جي وڏڙن دٻي ۽ مياڻي جي ميدانن تي جنگيون جوٽيون ۽ پوءِ جڏهن سج جي آخري ڪرڻن ڌرتي کي چمي ڏني هُئي. ان وقت انھن گورن جي لشڪر فتح جا طبل وڄايا هيا ۽ پوءِ ميرن جي درٻار جي فيصلن بجاءِ سر چارلس نيپيئر گورنر کان وٺي جيمس ڪمشنر تائين جا فرمان جاري ٿيڻ لڳا. ايسٽ انڊيا ڪمپني کان وٺي 1947ع تائين جو وقت اک ڇنڀ جيان گذري ويو ۽ انگريز بھادر جي گهوڙي جي سنب مان نڪتل نال جيان برصغير جي پرڳڻي تان هنن جي صاحبيءَ جو ڏونڪو لھي ويو.
اڄ کان ٺيڪ پندرهن ورهيہ اڳ جڏهن مون کي اڃان شھپرن جي مس ساوڪ اڀري آئي هُئي ۽ مون پنھنجي گهر جي آڳنڌ ۾ پنھنجي ارڙهين سالگرھہ جو ڪيڪ ڪپيو هيو. تڏهن ڊيانا پنھنجي اکين ۾ مستقبل جا انيڪ سپنا سمائي چارلس جي وني ٿي ۽ هو شاهي محل جي چانئٺ اورانگهي شھزادي بڻجي وئي هُئي. شھزادي جنھن جي خواب ۾ بہ اڀاڳ لکيل نہ هوندو آهي ان جي وهانءَ جا ساٺ ۽ سنوڻ ڪافور ٿي پيا ۽ هن جو هٿ چارلس جي هٿ کان ڇڄي ويو. لڳ ڀڳ ٽن کان چئن سالن تائين جون راتيون هنن رسڻ کان پوءِ پرچڻ جا خواب ڏسندي ڪٽي ڇڏيون پر خواب تہ خواب ٿيندا آهن ۽ ڇا ڪڏهن خواب بہ ساڀيان ٿيا آهن؟ نہ امر جليل جي ناٽڪ “مٽيءَ جا ماڻھو” جي شھزادي، شھزادي ٿي سگهي ۽ نہ شھزادي ڊيانا ملڪا ٿي سگهي.
ڊيانا جنھن جي سونھن ۽ سندرتا لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي سر موڙ شاعر شمشير الحيدري جو هي نظم لکي سگهجي ٿو تہ:
“چوي ڪير ٿو،
تہ تون ڪُجهہ نہ ڪر؟
ڀلا ڪير ٿو توکي روڪي،
تہ تون پنھنجي حسن دوروزہ تي نازان نہ ٿي.
جواني جي دولت تي شادان نہ ٿي.
چوي ڪير ٿو؟
تہ تون پنھنجي جوڀن جياريل بھارن جي بخشيل.
سريلي ۽ شفاف نرمل ۽ نازڪ گلابي بدن تي،
سدا صاف، ريشم ۽ ڪمخواب وبخمل جي زرتار پوشاڪ
پھرڻ ڇڏي ڏي.
نہ ڪر سينڌ سرمون،
۽ پنھنجي خيالن کي دل جي ئي ويران خانن ۾ جڪڙي،
تبسم جي چپڙن تي شوخي جي سرخي لڳائي ڇڏي ڏي!”

اڄ جڏهن بھار جي رت شروع ٿي چڪي آهي، جنھن ۾ گلن جيان ماڻھن جا من بہ ٽڙي پيا آهن ۽ پنجاب جي گادي واري هنڌ لاهور ۾ بسنت جو ميلو پنھنجي سڀني جوڀن ڀريل رنگن ۽ رعنائين سان شروع ٿي چڪو آهي، ٻارن ۽ ٻڍڙن جي هٿن ۾ ڳاڙها، ڪارا ۽ سادا مانجها ۽ چرخيون آهن ۽ آسمان جي ڇٽ تي رات جي چمڪندڙ رنگبرنگي ستارن جيان اڏامندڙ لغڙ آهن ۽ انھي بسنت رت ۾ ان تخت ڌڻي جي وني ست سمنڊ پار ڪري پنجاب جي گادي واري هنڌ پھتي ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽر عمران خان پاران ملڪ ۾ ڪيل وڏي ڀلائي جي ڪم ڪينسر اسپتال ۾ زندگي ۽ موت سان اکيون اکين ۾ ملائي جيئندڙن ۾ ميوو ۽ مٺايون ورهايون (پاڻ هن سڄي مضمون ۾ ڊاڪٽر حسنات جو ڪو بہ ذڪر نٿا ڪيون ۽ ان جي نالي آڏو فقط سوال جي نشاني ۽ عجب جي نشاني ڏئي ٿا ڇڏيون.)
نفسيات سان دلچسپي رکندڙن جو خيال آهي تہ سياري کانپوءِ شروع ٿيندڙ بھار جي موسم ۾ ماڻھو جو مک مکڙي مان ٽڙي گلاب ٿي پوندو آهي. موسمون ماڻھو جي من تي پنھنجا اثر ڀرپور نموني سان ڇڏينديون آهن. آرهڙ وارن مھينن جي جون جولاءِ وارن ڏينھن ۾ جڏهن سنڌي چوڻي مطابق ڪانوَ جي اک پئي نڪرندي آهي تڏهن ٻيو تہ ٺھيو پر پنھنجي پاڻ کان بہ وڌيڪ پياري محبوبا بہ نہ وڻندي آهي ۽ خزان جي رت ۾ جڏهن پن ڇڻ شروع ٿيندي آهي ۽ وڻن مان پيلا پن ڇڻڻ لڳندا آهن تڏهن ماڻھو جو من بہ ڏاڍو اداس ٿي ويندو آهي ۽ وري سياري جي سيزن ۾ ماڻھو پاڻ کي ٺاهيو پيو ٺاهيندو آهي ۽ بھار جي رت ۾ تہ ماڻھو پنھنجي پاڻ کي بہ پيو وڻندو آهي. ڪائنات جي هر شيءَ ايئن کلي، چٽي ۽ ٽڙي بيھندي آهي، جيئن برسات کان پوءِ دامن ڪوھہ جا درخت!
اڄ جڏهن سڄي دنيا جون اخبارون ان شاهي خاندان جي شھزادي ڊيانا ۽ کانئس ٽي ورهيہ اڳ عليحدگي اختيار ڪندڙ نيرين اکين واري شھزادي چارلس جي هڪٻئي تي غير ماڻھن سان جنسي تعلقاتن جون خبرون وڏي شد ۽ مد سان شايع ڪري رهيون آهن. تڏهن منھنجي آڏو ڪاوش اخبار پيل آهي جنھن پنھنجي عيوضيءَ جي حوالي سان خبر شايع ڪئي آهي تہ سنڌياڻي تحريڪ پاران ڪاروڪاري واري رسم ڪانفرنس ۾ انگن اکرن سان ٻُڌايو ويو آهي. تہ سنڌ ۾ کوڙ ساريون عورتون ڪارو ڪاري واري الزام تحت قتل ڪيون وينديون آهن. ان وقت مان سوچيان ٿو تہ جيڪڏهن شاهي خاندان جي اها گلن ۾ تُرندڙ ڇوڪري منھنجي ديس جي ڪنھن ڳوٺ ۾ جنم وٺي ها ۽ جيئن هو اڄ ڪنھن غير مرد سان جنسي تعلقاتن جو اعتراف ڪري رهي آهي ۽ ايئن اعتراف ڪري ها ۽ اهو بہ وري ڇپجي ها تہ ڇا سندس سسي سلامت رهي سگهي ها؟ پر مسئلو اهو آهي تہ هو سنڌ جي ٻهراڙي جي ڪنھن اهڙي ڳوٺ جي ڇوڪري نہ آهي جنھن لاءِ ڀرت سان ڀريل رومال، مساڳ ۽ سوپاريون ڪل ڪائنات هونديون آهن پر ان تخت نشين جي وني آهي، جنھن جي فقط هڪ نگاھہ کڻڻ سان ٻيون نگاهون جهڪي پونديون آهن ۽ سڀاڻي جڏهن سڄي دنيا 8 مارچ جو ڏينھن عورتن جو عالمي ڏينھن ڪري ملھائيندي، تڏهن ان ڏينھن تي منھنجي ديس جي آبادي جو پنجونجاھہ سيڪڙو معذور عورتون ڊيانا ٿيڻ جو خواب تہ نہ ڏسنديون پر ڇا هو کانئن سندس فقط هڪ مرڪ جي خواب ڏسڻ جي خواهش ڪري سگهن ٿيون؟ مرڪ جنھن سان ڪائنات جون خوشيون سلھاڙيل هونديون آهن. ڇا اسان ۽ ٻيا سڀ هنن کي هڪ مرڪ جو فقط هڪ خواب ڏئي سگهون ٿا؟

(7 مارچ 1997ع روزاني ڪاوش حيدرآباد)

قاضي محمد اڪبر هڪ پارليامينٽرين

حيدرآباد جو لجپت روڊ جنھن کي اڄ بہ دوآٻو (جيڪو قاسم آباد ٺھڻ کان پوءِ ائين وسرندو ويو جيئن سنڌ کان مسڪين جھان خان کوسو) جا ماڻھو صدر چوندا آهن، تنھن جي ساڄي پاسي واري گهٽي جيڪا ميونسپل ڪارپوريشن جي حدن اندر اڪثر محلن جيان صفائي کان محروم نظر ايندي آهي، ان جي هڪ ڪنڊ تي هڪڙي ٻاڪڙا هوٽل آهي، جنھن تي اڄ بہ اڪثر ڪري دوآٻي جا ماڻھو ويٺل نظر ايندا آهن، ڇاڪاڻ جو هو شھر جي ان گنجان آباد واري علائقي کي ئي “شھر” چوندا آهن توڻي جو هاڻي هنن جا پنھنجا علائقا بہ شھر ۾ آهن. اڪثر ڪري ان هوٽل تي اکين تي نظر جو چشمو پاتل وڏن پر خوبصورت شھپرن وارو هڪ شخص ڪيڏي مھل پنھنجي خيالن ۾ گم تہ ڪيڏي مھل هوٽل تي ايندڙ اخبار ۾ ڇپجندڙ خبرن تي بحث ڪندي نظر ايندو آهي. ماڻھو ان پرئي مڙس کي سومر فقير سولنگي چوندا آهن. هوٽل تي ويھندڙ گراهڪ جيڪي گراهڪ گهٽ پر اوطاقي ڪچھري ڪندڙ وڌيڪ محسوس ٿيندا آهن، اهي اڄ بہ ان هڪ هٿ کان محروم ڪراڙي همراھہ کي “قاضين جو ماڻھو” سمجهندا آهن. لڳ ڀڳ اڌ صدي کان بہ وڌيڪ وقت جو اهو اکين ڏٺو شاهد اڄ بہ حيدرآباد جي قاضي صاحبان جو ذڪر ڪندي نہ ڄاڻ ڪھڙن خيالن ۾ گم ٿي ويندو آهي، ڄڻ هو ماضي جي تاريخ مان ڪي ساروڻيون ياد ڪندو هجي. پيشانيءَ تي پريشانيءَ جا گهنج کڻي جيئندڙ ان شخص پنھنجي زندگي جو ڳچ عرصو قاضي صاحبان مان “وڏي صاحب” يعني، مرحوم قاضي محمد اڪبر جي خدمت ۾ گذاريو ۽ اڄ بہ جڏهن وڏي صاحب جي ڳالھہ ٿيندي آهي تہ هن جي هيانءُ مان هڪ درد ڀريو ساھہ نڪرندو آهي. جنھن ۾ هن جي وڏي صاحب لاءِ ڪڏهن بہ نہ کٽندڙ محبت سمايل هوندي آهي ۽ ها! هو محبت ڇو نہ ڪري! ان محبت جو گل هن جي من ۾ هن جي وڏي صاحب ئي تہ پوکيو هو. هو جنھن جي محبت ۾ هالن واري مخدومن جي مريد ۽ دوآٻي ۾ اثر رسوخ رکندڙ مرحوم رئيس ڪرن خان شوري کان وٺي ڪيترائي ماڻھو شامل هُئا. جيڪي هن جا سياسي پوئلڳ ۽ ساٿي هُئا، نہ تہ اهو ڪٿي ممڪن آهي جو سيوهڻ جي شھر سان واسطو رکندڙ قاضي خاندان جي هڪ بزرگ حڪيم عبدالقيوم (جنھن جي نالي سان اڄ بہ حيدرآباد جي حيدر چوڪ کان نئين پل ڏي ويندڙ رستو منصوب آهي) جو وڏو پٽ حيدرآباد ۾ حلقه انتخاب ٺاهي وٺي پر اها هن جي محبت جي موٽ هُئي. چون ٿا تہ جڏهن گهڻي ڀاڱي سياستدانن ۾ پنھنجي در تي ڪمن ڪارين سان ايندڙن کي چانھن جي ڪوپ سان خاطري بعد وري ٻيھر اچڻ جي شنوائي ڏيڻ جي عادت هوندي هُئي تڏهن هو ان کي عيب سمجهندو هو ۽ اهڙي عمل تي پنھنجي غم ۽ غصي جو اظھار ڪندو هو. اڄ بہ حيدرآباد جي قديم وسندين سان تعلق رکندڙ ڪراڙا هن کي ياد ڪندي چوندا آهن تہ، “هن ۾ اها وڏي خصوصيت هوندي هُئي تہ جنھن جو ڪم جائز ۽ ٿيڻ جوڳو هوندو هو تہ ان کي هو پنھنجي گاڏي ۾ کڻي وڃي ڪم ڪرائيندو هو ۽ جنھن جو ڪم نہ ٿيڻ جوڳو هوندو هو تہ ان کي فورن جواب ڏئي ڇڏيندو هو.” هڪ همراھہ تہ اهو بہ چئي ڏنو، “سائين! جيڪي وڏا ماڻھو، ڪمن لاءِ ايندڙ ويچارڙن غريب ۽ اٻوجهہ ماڻھن کي رڳو پيا تاريخون ڏيندا هُئا. انھن تي هو نہ صرف ڪاوڙبو هو پر ڪڏهن ڪڏهن تہ انھن کي منھن تي بہ ائين نہ ڪرڻ لاءِ چئي وجهندو هو.” ان جملي سان گڏ هنن جي اکين جا تنرا ڀرجي اچن ٿا، جن ۾ محبتن جا موتي نظر اچن ٿا. اڄ بہ وڏي صاحب جو اخبار ۾ فوٽو ڏسي اسان سنڌ جي جھانيان ساداتن جي پڳدار سائين ويڌل شاھہ قبلہ جون اکيون اشڪبار ٿي وينديون آهن حقيقت تہ اها آهي تہ هو نہ صرف پنھنجي حلقه احباب لاءِ وڏو ڏڍ هو پر هر ان تعلق واري شخص لاءِ آٿت ۽ آسرو هو جيڪو فقط وٽس پھچي ويندو هو، ضرورت صرف درد بيان ڪرڻ جي هوندي هُئي، درمان موجود هوندو هو.
“وڏي وٿ هيام، ٻاروچا ڀنڀور ۾”
“اهي ئي بنيادي سبب هئا. جو سئو ڪوھہ لتاڙي حيدرآباد جھڙي مخصوص ماحول واري شھر ۾ رهندڙن جي دلين ۾ هن پنھنجي لاءِ اڻ مئي محبت پيدا ڪري ڇڏي هُئي. هڪ اخبار رپورٽ ڪندي لکيو هو تہ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ واري جنرل سيڪريٽري پير مظھر الحق هڪ ڀيري تقرير ڪندي چيو هو تہ، “مان اليڪشن کان اڳ اليڪشن جي تياري وارو طريقه ڪار اهو ئي اختيار ڪندو رهيو آهيان. جيڪو مون نانا کي اختيار ڪندي ڏٺو.” چون ٿا تہ قاضي صاحب چونڊ وڙهڻ کان پھرين پنھنجي فيملي ميمبرن سان صلاح ڪندو هو، پوءِ دوستن ۽ پوءِ حلقه انتخاب وارن سان ۽ پوءِ سڀني جون صلاحون ٻڌي اهو ڪندو هو، جنھن کي هو صحيح ۽ درست سمجهندو هو.
منھنجو هڪ دوست، دوست محمد هاليپوٽو جيڪو پيشي جي لحاظ کان پروفيسر آهي ۽ تازو لنڊن مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺي واپس آيو آهي. ان هڪ ڀيري ڪچھري ڪندي ٻُڌايو هو تہ هڪ ڏينھن اسان ڪُجهہ دوست بيچ تي پڪنڪ ڪري رهيا هُئاسين تہ اسان جي هڪ انگريز دوست سان اڌڙوٽ عمر جو هڪ پاڪستاني مليو. جنھن سان هن منھنجي واقفيت ڪرائيندي چيو تہ، Halepoto from Hyderabad Pakistan اڃا هن پنھنجو جملو پورو ئي نہ ڪيو هو تہ عمر جو اڌ حصو لنڊن ۾ گذاريندڙ ان شخص چيو تہ “حيدرآباد ئي هن کي ان منزل تي پھچايو آهي” پوءِ هن ڪچھري ڪندي ٻُڌايو هو تہ مرحوم قاضي محمد اڪبر ئي هن کي پڙهائي لکائي ان جاءِ تي رسايو هو. هن نہ صرف ملڪ ۾ سياسي طور تي پنھنجي جدا ۽ اثرانداز ٿيندڙ حيثيت مڃرائي پر سماجي طور تي ماڻھن جا ڪئين ڪم ڪري هنن جي دلين ۾ پنھنجي لاءِ عزت، احترام ۽ محبت جا ٻج ڇٽي ڇڏيا. محبت تہ ڇا پر مان انھن ماڻھن کي بہ پنھنجي اکين سان ڏٺو. جن هن جي محبت ۾ پنھنجي وجود ۾ وڍ وجهي ڇڏيا. نہ صرف اهو پر هن پنھنجي لاڏلي پٽ مرحوم سليم اڪبر قاضي جي سنڌ آبزرور واري خواب کان ويندي سنڌ نيوز جي اجراءُ تائين نہ صرف هڪ پيءُ جي پٽ سان رشتي وارو ساٿ نڀايو پر ڪئين راتيون اکين ۾ ڪٽي سنڌ نيوز کي سنڌ نيوز ثابت ڪري ڇڏيو. يعني، هو هڪ ئي وقت سياستڪار، سماجي اڳواڻ ۽ صحافي وارو ڪردار ادا ڪندڙ هم گير شخصيت جو مالڪ هو، جنھن وٽ ڪائنات کي ڏسڻ لاءِ فقط خوبصورت خواب هُئا.
“سيئي جوڀن ڏينھن، جڏهن سڄڻ سَفر هليا!
رئان رهن نہ سپرين، آيل! ڪريان ڪيئن؟
مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري.”
ڀٽائي جي انھن سٽن جيان سومر فقير سولنگي جو “صاحب وڏو” ۽ پاڪستان جي سياست ۾ پنھنجي جدا حيثيت رکندڙ قاضي محمد اڪبر بھار جي مند شروع ٿيڻ کان فقط ٻہ ڏينھن اڳ ھميشہ ھميشہ لاءِ اکيون ٻوٽي ڇڏيون پر هن پنھنجي گهر جي آڳنڌ ۾ جيڪي قلم هنيا هُئا اهي هينئر وڌي وڻ ٿي چُڪا آهن ۽ انھن ۾ ٽڙندڙ گل خوشبو ڏئي رهيا آهن جيستائين دليون زندھہ رهنديون. تيستائين عام طور تي سنڌ ۽ خاص طور تي حيدرآباد ۾ هن جا جيڏا من کي ھميشہ پيار ڪرڻ وارن لفظن ۾ ياد ڪندا رهندا، ڇاڪاڻ جو منھنجو ان ۾ پڪو بختو ويساھہ آهي تہ محبتون ڪڏهن بہ مرنديون نہ آهن، پر اهي روپ بدلائي ھميشہ زندھہ رهنديون آهن.
(15 فيبروري 1998ع روزاني ڪاوش حيدرآباد)

احمد سولنگي (ڪنھن ڪنھن پل کي ڪنچن ڪايا)

ڪجهہ وقت اڳ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙي پاران سنڌي ٻولي جي نامور اديب محترم علي بابا سان شام ملھائي وئي هئي. ان شام منعقد ڪرڻ ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙي جي سيڪريٽري اختر رند ۽ ٻين عھديدارن، اديبن ۽ ڪارڪنن گل ملاح، خالد ناريجو، جعفر ميمڻ، اسير ملاح ۽ ٻين وڏي جاکوڙ ڪئي، جنھن لاءِ هو جس لھڻن پر علي بابا جي ادبي قد ۽ شخصيت جي حوالي سان اها ڳالھہ منھنجي سمجهہ ۾ نہ آئي هئي تہ جن شخصيتن کي علي بابا جي فن ۽ شخصيت تي مقالا پڙهڻا هئا اهي نہ آيا، سواءِ منھنجي ۽ برادرم غلام حسين رنگريز جي! باقي جن علي بابا تي ڳالھايو انھن يقينن چڱو ڳالھايو، پر ان ڳالھائڻ کي مقالو نہ پر تقرير چئي سگهجي ٿي ۽ “موهن جي دڙي” جھڙي ناول کي تخليق ڪندڙ تي فقط تقريرن نہ پر مقالن جي ضرورت آهي ۽ شدت سان ضرورت آهي ۽ مقالا پڙهندڙ ڇو نہ آيا؟ اهو سوال اڄ بہ مون آڏو جواب جو منتظر آهي. پر پوءِ بہ اها شام ڪوٽڙي ۽ مقامي سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۾ ھميشہ خوبصورت لفظن ۽ جملن سان ياد رهندي.
علي بابا سان ملھايل ان شام ۾ مقالن ۽ تقريرن سان گڏ مشاعرو بہ جاري رهيو، حالانڪہ ان شام جي ڪارڊ مطابق مشاعري جي جدا ويھڪ ٿيڻي هئي، جنھن جي صدارت سنڌي ٻولي جي سرموڙ شاعر امداد حسيني کي ڪرڻي هئي پر ان جي نہ اچڻ جي ڪري مقالن ۽ مشاعري کي گڏ هڪ ئي ويھڪ ۾ هلايو ويو. جنھن لاءِ خاص مھمان نامياري دانشور ۽ اديب غلام حسين رنگريز ۽ اعزازي مھمان ڀلوڙ ناول نويس، ڊراما نگار ۽ ڪھاڻيڪار طارق عالم ابڙو کي مقرر ڪيو ويو، جڏهن تہ اسٽيج سيڪريٽري جا فرض برک شاعر ۽ اديب محترم نصير مرزا نڀايا. مان پنڊال جي اڳين قطار ۾ محترم عبدالڪريم بلوچ جي ڀر ۾ ويٺو هيم تہ اوچتو نصير مرزا شعر پڙهڻ لاءِ احمد سولنگي کي سڏ ڪيو، نصير، احمد کي سڏ ڇا ڪيو، ڄڻ مون کان ڇرڪ نڪري ويو، پوئتي مڙي ڏٺم تہ گلاب، چنبيلي ۽ موتي جي هڳاءُ جھڙي شاعري ڪندڙ هي شاعر پنڊال کي پنھنجي مُرڪن سان مھڪائيندو تاڙين جي زوردار شور ۾ اسٽِيج تي چڙهيو ۽ جڏهن هن پنھنجو نظم “سک جي بستي مان اسان جو گذر ڪڏهن ڪو ٿيو ئي ناهي، اسان جي قافلن ڪٿي پرين ڪو سفر ۾ ڊاٻو ڪيو ئي ناهي،” پڙهيو تہ عبدالڪريم بلوچ مون کي ٺونٺ هڻندي چيو “يار! ڇوڪري واھہ جو شعر پڙهيو.” مون کيس چيو تہ “سائين اڄ جي ٽھي نہ صرف فن ۾ پر فڪر ۽ شعور جي سگهہ سان ايڏيون تہ ڀرپور ۽ سگهاريون تخليقون سرجي رهي آهي جو دل چوي ٿي تہ ڪاش وقت ۽ حالتون اجازت ڏين تہ هنن جي شاعري سڄي دنيا اڳيان پيش ڪجي ۽ ٻڌائجي تہ امن جا گيت لکندڙ هي دکي شاعر ايندڙ نسلن لاءِ سک، امن ۽ سلامتي جا سپنا ڏسي رهيا آهن. اوهان اچو ۽ هنن جو ساٿ ڏيو، جيئن هنن جا سپنا ساڀيان ماڻي سگهن.” هو جو منھنجي ڳالھہ غور سان ٻڌي رهيو هو تنھن ڪنڌ ڌوڻي منھنجي ڳالھہ جي تائيد ڪئي، مون ان وقت هن جي اکين ۾ ڏٺو تہ ڇرڪي پيس تہ هن جون اکيون بہ تہ اهي ئي سپنا ڏسي رهيون آهن!! مون هن کي پنھنجي ڳالھہ غور سان ٻڌندو ڏسي وڌيڪ چيو تہ “بلوچ صاحب! حسن درس، بخشڻ مھراڻوي، آسي، زميني، منظور سولنگي، نياز پنھور، ارم محبوب، اياز جاني، منير احمد، مصطفيٰ نانگراج، جمن سوهو ۽ ٻيا کوڙ سارا هن ٽھيءَ جا شاعر عالمي امن جو سڏ ڏيندڙ آهن. هو دک تي بہ مرڪ سجائي انھن سپنن جي ساڀيان لاءِ لکي رهيا آهن، جيڪي پوپٽ پنھنجي ديس ۾ ڏسندا آهن، هو اسان جي اڇي اجري آس جھڙي صبح جي علامت آهن، مون اڃان پنھنجي ڳالھہ پوري ئي نہ ڪئي هئي تہ نصير تکيون مٺيون وکون کڻندي مون وٽ آيو ۽ پنھنجا چپ منھنجي ساڄي پاسي جي ڪن جي ويجهو آندائين ۽ انتھائي آهستي رازداريءَ مان چيائين “زوار! پليز منھنجو گهر تمام پري آهي ۽ ڪافي رات گذري چڪي آهي مان وڃڻ ٿو چاهيان، باقي پروگرام تون هلاءِ.”
ايئن چئي هن منھنجي اکين ۾ ڏٺو ۽ مون مُرڪي ڏنو ۽ پوءِ جڏهن مان باقي پروگرام جي ڪمپيئرنگ لاءِ شاعرن ۽ تقرير ڪندڙن جي نالن جي ترتيب ڏئي رهيو هيس، تہ سائين عبدالڪريم بلوچ چيو “يار احمد کي وري گهرائجان ٻڌونس، نوجوان واھہ جي شاعري ٿو ڪري” ۽ مون پنھنجي ڪمپيئرنگ دوران مختلف شاعرن کي گهرائڻ کانپوءِ جڏهن منظور سولنگي کي ڪلام ٻڌائڻ لاءِ درخواست ڪئي تہ هن پنھنجو جڳ مشھور ڪلام “منھن ڇپرن، لوڙهن، گهر گهر ۾ گوليون” ترنم ۾ پڙهيو تہ ڄڻ وقت بيھي رهيو ۽ ويٺل انسان پنڊ پھڻ ٿي ويا ۽ ان پنڊ پھڻ ٿي ويل انسانن ۾ ان وقت چرپر پيدا ٿي وئي، جڏهن مون بلوچ صاحب جي حڪم جي تعميل ڪندي احمد سولنگي کي پنھنجي شعر پڙهڻ لاءِ اسٽِج تي اچڻ جي دعوت ڏني.
احمد سان آئون هن کان اڳ فٽاز هوٽل ۾ منعقد ٿيندڙ هڪ سيمينار ۾ بہ ملي چڪو هيس، جتي هن پنھنجو ڪلام ٻڌايو هو ۽ ويٺلن کيس خوب داد ڏنو هو. ياد ٿو پويم تہ هڪ ڀيري جڏهن آئون ماهوار “نئين زندگي” حيدرآباد جو ايڊيٽر هيس تہ هڪ ڀيري محترم مدد علي سنڌي نامور شاعر سليمان سولنگي آيو هو، ان سان گڏ هڪڙو سنھڙو سپيڪڙو نوجوان بہ گڏ هيو، ساڻس سليمان واقفيت ڪرائيندي چيو هو، “هي آهي نوجوان شاعر احمد سولنگي” ۽ مون کيس اکين ئي اکين ۾ وش ڪندي مسڪرايو هو اها کيس منھنجي پھرين ڀليڪار هئي، ڇاڪاڻ جو هو آئون ۽ سڀ ليکڪ هڪ گهر جي ڀاتين جيان آهيون. دوست، ڀائر، ڀينرون ۽ بزرگ ۽ اسان سڀ ڪنھن نہ ڪنھن دور ۾ هڪ ٻئي سان گڏ رهيا آهيون. پنڊال ۾ زوردار تاڙيون وڄن ٿيون، منھنجي خيالن جو سلسلو ٽٽي ٿو ۽ احمد سولنگي پنھنجو شعر مڪمل ڪري اسٽِج تان لھي ٿو، آئون مائيڪ آڏو اچان ٿو ۽ اعزازي مھمان کي پنھنجي خيالن جي اظھار ڪرڻ لاءِ درخواست ڪيان ٿو ۽ وري واپس پنھنجي ڪرسي تي اچي ويھان ٿو. ڪاش! جيڪڏهن اسان پنھنجي جديد توڙي قديم شاعرن جا چونڊ شعر کڻي جيڪڏهن سڀني ٻولين ۾ ترجمو نہ بہ کڻي ڪيون پر گهٽ ۾ گهٽ انگريزي ۾ ضرور ڪيون ۽ ان جو هڪ ڪتاب ڇپرائي سڄي دنيا جي اديبن، شاعرن، دانشورن، علمي، ادبي تنظيمن، جماعتن ۽ ادارن ڏي فقط هڪ هڪ اعزازي ڪاپي رواني ڪيون تہ جيئن کين خبر پئجي سگهي تہ اسان جي ديس جو دکي شاعر پنھنجي اکين ۾ امن لاءِ آدرش کڻي پنھنجي پوري سگهہ سان لکي رهيو آهي ۽ آئون ادب جي هڪ ادنيٰ شاگرد جي حيثيت سان سمجهان ٿو تہ عالمي امن لاءِ لکندڙ اسان جي ليکڪ جون تخليقون ڪنھن کان گهٽ نہ آهن، پر مسئلو اهو آهي تہ ان طرف توجھہ ڏي تہ ڪير ڏي؟ ۽ تاڙين جي شور ۾ هڪ ڀيرو ٻيھر منھنجي اڻپورين ۽ اڌورين سوچن جو سلسلو جڙي ۽ ٽٽي ٿو.

(7 فيبروري 1992ع روزاني خادم وطن حيدرآباد)

هڪ کل مک چھرو مولا بخش کٽياڻ

گهڻا سال اڳ جڏهن آئون اڃان ادب ۾ نئون نئون آيو هئس ۽ پنھنجا ڇڙوڇڙ خيال ڪاڳرن تي اوتڻ شروع ڪيا هُئم ۽ ساهت کيتر ۾ الف ب ت وارين حدن ۾ هئس تہ ڪنھن ڪتاب ۾ ڪنھن ڏاهي جو هڪڙو قول پڙهيو هيم، جنھن جو سنڌي ۾ ترجمو اهو هو تہ “آئون سوچيان ٿو تہ ماڻھن کي نفرت ڪرڻ لاءِ ڪيئن ٿو وقت ملي جڏهن تہ پيار ڪرڻ لاءِ بہ هي زندگي تمام مختصر آهي.” آئون اهو جملو پڙهي ڪيترو وقت ان جملي تي سوچيندو رهيو هئس ۽ پوءِ جڏهن محبت منھنجي پوري وجود ۾ سمائجي وئي هئي ۽ زندگيءَ جا سڀئي فطور دل جي اڱڻ تان ڌوپجي ويا هئا، تڏهن آئون محبتن جا جهول ڀري ماسٽر چندر جي هي ڪافي ورجائيندو رهيس تہ “دل آهي هٿن ۾ خريدار ٿو ڳوليان” پر گوتم چواڻي “سروم دکم دکم” هن حياتي ۾ ڪجهہ بہ نہ آهي، سواءِ ڏک جي، درد جي سو خريدار تہ نہ مليا پر ڏک مليا، درد مليا، پيڙائن جو هڪ اڻ کُٽ سلسلو مليو، ۽ مان پنھنجي بي انتھا محبتن جي موٽ ۾ مليل ڏکن، دردن، پيڙائن ۽ نفرتن کي ساڻ ڪري پنھنجي جنم ڀومي کي الوداع چئي اسلام آباد هليو آيس. منھنجي شھر ۾ منھنجي ڪيل محبت جي موٽ ۾ مون کي مليل نفرتن جا نشان اڄ بہ منھنجي روح تي موجود آهن، جن تي دوستن جي شفقت جا پھا رکي رهيو آهيان. منھنجي ڏکن ۽ دردن کي سکن ۽ سڦلتا ۾ بدلائڻ ۾ ڄام امجد علي سهتو ۽ محترم نواب مھدي جو بہ هٿ آهي. نواب جيڪو حيدرآباد کان پنڊي ۽ اتان اسلام آباد تائين منھنجو رفيق رهيو ۽ ان ئي نواب مھدي جي ڪري منھنجي ملاقات پٿرن جي شھر ۾ ميڻ جھڙي ماڻھو مولا بخش کٽياڻ سان ٿي.
مولا بخش ماڻھو جھڙو مور هجي هتي وڏن شھرن ۾ جتي ڏسڻا وائسڻا ماڻھو بہ منھن مٽي ويندا آهن. جتي رشتن ۽ ناتن جو ملھہ چانھہ جي ڪوپ کان وڌيڪ نہ هوندو آهي، جتي لڳ لاڳاپا جر تي ڦوٽي جيئن هوندا آهن، جتي ماڻھو کي مٿي کنھڻ جي بہ واندڪائي نہ هوندي آهي، جتي سندن هر وک رشتن کي اورانگهي پنھنجي مفادن ڏي وڌندي رهندي آهي ۽ سندن آڏو “مان” کان مٿي ڪجهہ بہ نہ هوندو آهي، ڪجهہ بہ نہ هوندي سڀ ڪجهہ هئڻ جي هام هڻندا آهن. اصل ۾ انھن جو شعوري طور ميڪاولي سان روح جو رشتو ڳنڍيل هوندو آهي. اهڙي ماحول ۾ مولا بخش کٽياڻ جو دردوندن لاءِ کليل ٻانھون،، ڏکن ۽ دردن ونڊڻ لاءِ سندس دل ۽ لڙڪن کي اگهڻ لاءِ هٿ، گلي لڳائڻ لاءِ کليل سينو هوندو آهي، هو ڪو آسمان جيڏو آفيسر نہ پر صوفي وحدت الوجود جي انسان دوستي واري نظرئي جو قائل، انتھائي حساس دل ۽ ڏاهو علم ۽ ادب دوست آهي، جو تاريخ جي ڪتابن ۾ راجا بڻجي جمنا ڪپر تي پنھنجي پريمڪا جو اوسيئڙو ڪندو رهيو هجي ۽ هاڻ هو پريمين جي ڏکن ۽ دردن ونڊڻ لاءِ هن جڳ ۾ هن ڌرتي تي موٽي آيو هجي.
آدرش جي حاصلات جي جستجو ۾ سرگردان هن ڪلاڪار سان جڏهن آئون پھريون ڀيرو مليو هيس، تڏهن آسمان تي ڀورا ناسي بادل وسڻ جا ويس ڪري رهيا هئا. اتر جي ٿڌي هير وڇڙي ويل محبوبا جي ياد ڏياري رهي هُئي ۽ مان ڪوھہ مري مان گهمي دنيا جي تمام تر خوبصورتي پنھنجي اکين ۾ اوتي موٽيو هُئس تہ نواب مھدي منھنجو ساڻس تعارف ڪرايو هو. مون پنھنجو هٿ هن سان ملائڻ لاءِ اڳتي وڌايو تہ هن منھنجي هٿ ۾ پنھنجو هٿ ڏيندي هٿ کي ٿورڙو زور ڏنو تہ منھنجون اکيون هن جي اکين سان مليون ۽ مون کي سندس اکين جي ڪارين ماڻڪين ۾ اداسي جو پاڇو نظر آيو، ڄڻ تہ پنھنجي يورڊس جي حاصلات جي جستجو ۾ شام جي لھندڙ پاڇن جيان ٿڪي ٽُٽي موٽيو هجي. ان ويل هو مون کي ڪنھن ديو مالائي ڪتاب جو ڪو ڪردار لڳو هو ۽ الاءِ ڪٿان ۽ الاءِ ڪيئن ان ويل منھنجي اکين آڏو آغا سليم جي ناول “اونداهي ڌرتي روشن هٿ” وارو سارنگ، سراج جي ناول “پڙاڏو سوئي سڏ” وارو سانوڻ، امر جليل جي ڪھاڻي “سنڌي گدڙ ان اسلام آباد” وارو گولي کاڌل سنڌي نظر آيو، جو ازل جو ابد سان تسلسل ڳنڍي رهيو هو ۽ پوءِ جڏهن هو سگريٽ جو آخري سوٽو هڻي سگريٽ جي ٽوٽي کي ايشٽري ۾ اجهائي ڪرسي تي رهي پيو تہ صدين جي ٿڪ هئڻ جي باوجود مُرڪ ڪنھن وڇڙيل محبوبا جيان سندس چھري تي وکري وئي ۽ هو يڪ ٽڪ ڇت کي تڪيندو رهيو، شايد هن جون نظرون ڇت کي ڇھندي نيري آسمان کي تڪڻ لڳيون هيون “جڏهن آسمان تي پکي ۽ ڌرتي تي شاعر نہ هوندا، تڏهن قيامت ايندي.”

(1988ع روزاني عبرت حيدرآباد)

ماٺيڻي جي ماٺ جھڙو ماٺيڻو اوٺو

(ٻارن جي محفل سنڌ طرفان مرڪزي اردو سائنس بورڊ منظور چيمبرس گاڏي کاتو حيدرآباد ۾ ماٺيڻي اوٺي جي ياد ۾ گهرايل تعزيتي گڏجاڻيءَ ۾ پڙهيل مقالو)

“ڪالھہ هتي ڪو مئخانو هو، اڄ جتان پئي خاڪ اڏاڻي ”
(ماٺيڻو)

ان ڏينھن هتان کان پري سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٿڌي شام ۾ ڪجهہ دوست هوٽل تي ويٺل هياسين تہ هڪڙو سنھڙو، سيپڪڙو بلبل نالي ڀلوڙ شاعر اچي ڏسيو تہ اڄ عبرت اخبار ۾ هڪ لاوارث لاش جو فوٽو آيو آهي، جنھن جو ڪيپشن آهي، “سنڌ يونيورسٽيءَ وٽان درياھہ مان لڌل هڪ لاوارث لاش” ۽ چيائين تہ “مون کي شڪ آهي تہ ڪٿي اهو فوٽو ماٺيڻي جو تہ نہ آهي؟” ۽ پوءِ اسان بہ اهو فوٽو ڏٺو ۽ اسان ويٺلن مان عابد مظھر، بلبل کورواهي، نثار حسيني ۽ مان پنھنجا پنھنجا رايا ڏنا . ڪنھن چيو تہ هن جا وار تہ ماٺيڻي جھڙا آهن تہ ڪنھن چيو تہ چپ بہ اُهڙا ئي اٿس ۽ پوءِ ٻئي ڏينھن ڪراچيءَ ويندي بس ۾ روزاني عبرت حيدرآباد ۾ ٻن ڪالمن جي سوال واري نشانيءَ سان خبر پڙهيم تہ اوچتو ئي اوچتو زبان مان رڙ نڪري ويم تہ ڇا ڪالھوڪو فوٽو واقعي ماٺيڻي جو ئي هو ؟
ها! ڪالھوڪو فوٽو ماٺيڻي جو ئي تہ هو، تڏهن تہ اڄ اسان سڀ اچي هتي سھيڙيا آهيون، ماٺيڻي يار جي ياد ۾. ۽ ياد نٿو پوي تہ خليل جبران ڪٿي لکيو آهي تہ، “هي اهو شاعر آهي، جنھن کي زندگيءَ ۾ ڪير بہ ڪونہ سڃاڻي ۽ هن دنيا کي ڇڏڻ بعد جڏهن هو پنھنجي حقيقي ديس طرف هليو وڃي ٿو ، تڏهن سندس پوڄا شروع ٿئي ٿي“. “ها! هي اهو ئي شاعر آهي، جو انسان کان هڪ مرڪ بنا ٻي ڪنھن بہ شيءِ جي تمنا نٿو رکي ۽ هي اهو ئي آهي جنھن جون سرد آهون آڪاش ۾ سندر روپ ڌارڻ ڪري اڏامنديون رهن ٿيون، ليڪن هتي جا انسان هن کي روٽي ۽ ڪپڙي ڏيڻ ۾ بہ ڪنجوسائي ڪن ٿا.”
ها! واقعي خليل جبران سچ چيو آهي، اڄ جڏهن اسان وٽ اسان جي ئي ٽھيءَ جو شاعر ماٺيڻو اوٺو اسان وٽ موجود نہ آهي، تڏهن ئي سندس لاءِ تعريفن جون پلون ٻڌجڻ شروع ٿي ويون آهن. ڪاش اها تعريف اڳ ڪئي وڃي ها سندس ئي حيات ۾ هن جي سڏ تي ، جڏهن هن سڏڪن مان سڏ ڪيو هو ۽ سندس درديلي آواز چيو هو:
“روح جا ريلا هاءِ اڪيلا، توکي سڏڪي ساريان،
ڏور نہ گهاريو، وعدا پاريو، قاصد ڪانگ اڏاريان. ”
پر ڪوبہ نہ آيو سندس سڏ تي ۽ جيڪڏهن آيو بہ تہ صرف موت وارو ملائڪ، جو کيس پريم مان ڳڙاٽڙي پائي وٺي ويو، ان منزل طرف جتان سندس اسان ڪاڻ موٽڻ محال آهي. هاڻي صرف ڪيترائي مون جيان ايندا ۽ ويندا مختلف اسٽيجن تي، اخبارن جي آفيسن ۾ ۽ سندس مرتئي تي وڇايل پٿر تي ، پونئيرن سان همدرديءَ جا ٻہ چار اهي ئي پراڻا رٽيل جملا چوڻ.
اسان جي هن معاشري جي هن ڍانچي ۾ اسان سڀ جي آهيون ، اهي سڀ ائين ئي مري وينداسين ، ماٺيڻي جيان ماٺيڻي جو هي شعر چوندا:
“نڪو تون نڪو آئون سڀاڻي،
مٺا! اچ تہ مرڪي ڪريون موڪلاڻي.”
سڀ مرندا وڃن کتري، ڏيپلائي، گدائي، الطاف، استاد منظور ، مراد، ثميرہ ۽ اڄ.
“غم وڇوڙي ۾ گڏي دل گل بدن ويندو رهيو،
يار پرڏيھي وري پنھنجي وطن ويندو رهيو.”

ستار سروهي (ستارن جي پلئہ ۾ پلجندڙ شاعري)

جديد سنڌي شاعريءَ جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تہ جتي سنڌي شاعرن پنھنجي ٻولي جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪندي شهڪار شاعري تخليق ڪئي آهي اتي انھن دنيا جي ٻين ٻولين جي شاعري جي صنفن کي پڻ سنڌي ءَ ۾ متعارف ڪرايو آهي. اڳتي هلي اهي صنفون جديد سنڌي شاعري جو خوبصورت حصو بنجي ويون آهن. اهڙين ئي صنفن مان فارسي شاعري معرفت غزل، فرانسيسي شاعري معرفت ترائيل، آزاد نظم ۽ جاپاني شاعري مان هائيڪو شامل آهي.
هائيڪو جاپاني شاعري جي خوبصورت صنف آهي.جيڪا سنڌي ۾ سڀ کان پھرين تہ نارائڻ شيام متعارف ڪرائي پر پوءِ ان تي شيخ اياز، شمشيرالحيدري ، امداد حسيني، طارق عالم، مولابخش چانڊيو، جاويد سوز هالائي ۽ وسيم سومرو تائين جي جديد شاعرن خوبصورت هائيڪا تخليق ڪيا آهن.
زير نظر ڪتاب “سمنڊ، آئون ، سپون” اسان جي نوجوان دوست ۽ سنڌي ٻولي جي نھايت ئي خوبصورت شاعر ستار سروهي جي هائيڪن تي مشتمل آهي.هو جيڪو پنھنجي اندر ۾ هڪ فقير منش شخصيت جو مالڪ آهي.جنھن جي فڪري اوسر سندس والد بزرگوار ۽ منھنجي عزيز شخصيت صوفي فقير عبدالحق سروهي جي هٿن ۾ ٿي. جنھن جي سٻاجهڙي شخصيت جو اثر هن جي لائق پٽن ۽ پوٽن تي بہ چٽو نظر اچي ٿو. صوفي فقير عبدالحق شاھہ عبداللطيف ڀٽائي کان ويندي چيزل سائين تائين جي سمورن بزرگن جي شاعري جو سچو عاشق ۽ تصوف جو پرچارڪ هو.فقير عبدالحق صوفي فقير جي تصوير جو حقيقي عڪس ۽ اولڙو هيو ۽ سندس من “هو چونئي تون مَ چئو، واتان ورائي” جي مصداق هر وقت پيو پنھنجي رب سائين جي تنوار تنواريندو هو. سندس من پنھنجي نفي ۽ مقصد جي حصول جا خواب اُڻندو رهندو هو. اها سندن ئي پرورش هئي جو سندن خانوادي جا سڀئي دوست پنھنجو مٽ پاڻ آهن. هي دوست وڏ ماڻهپائپ، غرور ۽ تڪبر جهڙين بيمارين کان ڪوهين ميل ڏور “ سڀ جو ڀلو، سڀ جو خير” آهن. جيڪڏهن مونکي ڪير چوي تہ شرافت جي تصوير ٺاهي ڏيکار تہ مان صوفي فقير عبدالحق جي خانوادي جي ڪنھن بہ فرد کي وٺي اچي سندس آڏو بيھاريان. سچ تہ فقير عبدالحق جي وڏي فرزند ۽ ستار جي وڏي ڀاءُ عبدالرزاق سروهي سان جڏهن محبت جو رشتو جڙيو هو تہ ان مان بہ اها ئي سُٻنڌ آئي هئي. رزاق سروهي جو شمار سنڌ جي انھن چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن صحافين ۾ ٿئي ٿو، جن جو مان قابليت، ايمانداري ۽ سھڻي سڀاءَ جي ڪري دل جي ستور سان احترام ڪندو آهيان.
ستار سروهي جي ڪتاب ۾ شامل هي هائيڪا سندس چھري جيان معصوم ۽ هن جي دل جيان نھايت حسين آهن.هي، جيڪو اکين، هٿن ۽ دل جو صاف سٿرو شخص آهي، اهو ئي عڪس سندس هنن هائيڪن ۾ ڏسي سگهجي ٿو.هن جا هي هائيڪا ٻوٽيل اکين ۾ جاڳندڙ خوابن جيان آهن. جيڪي حسين بہ آهن تہ خوبصورت به! جيڪي ڪيفيتن کي تبديل ڪرڻ جو هُنر بہ رکن ٿا تہ سگهہ به! ۽ سچ تہ جنھن شاعريءَ ۾ ڪيفيتن کي تبديل ڪرڻ جو هُنر ۽ سگهہ ناهي تہ اها ٻيو تہ سڀ ڪجهہ ٿي سگهي ٿي پر شاعري نہ!.
سمور جھڙي سُپرين جي دل ۾ لھي ويندڙ نگاهن جھڙا ستار سروهي جا تخليق ڪيل هائيڪا سنڌ جي سينڌ تي طلوع ٿيندڙ سج جي پھرين ڪرڻي جي مانند آهن.جيڪي جديد سنڌي شاعري جي هائيڪن واري تاريخ ۾ منفرد ۽ مٿانھون مقام ماڻيندا. جنھن کي سنڌ سالن تائين ڪنھن خوبصورت خوشبوءِ جيان ياد رکندي. جيئن هي هائيڪا آهن:
“سمنڊ، آئون، سپون
ڪير نہ سمجهي ٿو سگهي
پيار ۽ پروليون”
ستار سروهي جا هائيڪا هڪ ئي وقت مختلف ڪيفيتن جو مظھر آهن.
“اکڙين مان سپنو
اڏري ويو ٽاريءَ تان
ڄڻ ڪو پکيئڙو.”
ڪنھن مھل وري هن جي اندر ۾ ويٺل پورهيتن سان پيار ڪندڙ انسان دوست شاعر چوي ٿو تہ:
“پورهيت ننڍڙو ٻار
هٿ ۾ مانيءَ جو گِرنھن
اک ۾ لڙڪن لارَ!”
ستار سروهي وٽ مشاهدي جي ڪمال واري اک آهي. پنھنجي اندر جي تڙپ کي ڪيئن خوبصورت نموني چٽي ماڻھن تائين پھچائجي، اهو هنر ستار سروهي خوب ڄاڻي ٿو. هي هائيڪا پنھنجي اندر ۾ ڪيتري گونا گونيت رکن ٿا. ڪيترو اسرار رکن ٿا، ڪيترو حسن رکن ٿا؟ اهو هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ئي ڪير محسوس ڪري سگهندو، ڇو تہ هنن هائيڪن ۾ ستار پنھنجي اک سان بيشمار منظر چٽي انھن کي لفظن جو روپ ڏئي اسان آڏو پيش ڪيو آهي.مڪمل احساسن ۽ جذبن سان ڀريل هنن هائيڪن ۾ تجنيس حرفي بہ نظر اچي ٿي تہ تشبيھون بہ.جيڪي شعر جي حسن کي نہ رڳو اڃا بہ وڌيڪ خوبصورت بڻائين ٿيون پر انھن ۾ رڌم ۽ موسيقيت بہ پيدا ڪن ٿيون.
“مُکَ تي موهيئڙا
سکي ڄڻ سمونڊ تي
ويٺا پکيئڙا.”
*
“ٽھڪن جو ٽولو،
يونيءَ جي ڇوڪرين کي
ڀئو نہ ڪي ڀولو.”
*
“هيءُ ڪھڙو پيغام؟
ناهي منھنجي ديس ۾
پکيئڙن لئہ لامَ.”
*
“ٻالڪ اڌ ننگو،
هٿ ۾ لغڙ ڏور ۽
پويان پيءُ جڏو.”
*
“پوائنٽ ۾ بيھڻ،
الا! وسري ئي نہ ٿو
تنھنجو ڳالھائڻ.”
*
ستار سروهي جا هي هائيڪا سندس وسيع مشاهدي ۽ وسيع مطالعي جو نچوڙ آهن.جيڪي پنھنجي پوريءَ سگهہ سان بھار جي رُت جيان پڙهندڙ جي دلين کي ڇھن ٿا. هائيڪن ۾ جتي هن پنھنجي دل جي داخلي ڪيفيتن جو اظھار ڪيو آهي اتي هن خارجي ڪيفيتن، سماجي اٿل پٿل، ناانصافين، انياءَ ۽ عوامي مسئلن تي بہ زبردست نموني سان اظھاريو آهي.نہ رڳو ايترو پر هن ميرا ڪوئي ديس نھين، ميرا ديس جهان” جيان هن دنيا جي دُکن، سورن، دردن ۽ پيڙائن کي پنھنجا درد محسوس ڪندي بين الاقوامي مسئلن کي بہ پنھنجي درد جي احساسن جي ڳنڍ ڏئي ڇڏي آهي. جنھن جو اظھار سندس ڪيترن ئي هائيڪن م ملي ٿو.
“شامي ٻالڪڙا
بارودن جي ڍير تي
ڄڻ ڪي ڪاغذڙا.”
*
“بم جا ڌماڪا،
اڏريا ڪک پن جيئن
ماڻھن جا لاشا.”
ستار جا هائيڪا پڙهڻ کانپوءِ ائين لڳي ٿو تہ هي حسن جو شاعر آهي. هي درد جو شاعر آهي. هي اوجاڳن ۽ خوابن جو شاعر آهي. هيءُ پٿريلن رستن جو مسافر آهي. اهي يونيءَ جا پٿريلا رستا هجن يا وري زندگي جو سفر.....هي الهڙ جوانين جا درد بہ لکڻ ڄاڻي ٿو تہ پوپٽن ۽ ڀنڀورين جي رنگن جھڙا هائيڪا بہ سندس سڃاڻپ بڻجي وڃن ٿا. هن جي هائيڪن ۾ تصوف جو رنگ بہ آهي تہ مزاحمت جو عڪس بہ. هن پنھنجي قلم سان سماج جي انھن اوڻاين ۽ اڪيلاين جو بہ اظھار ڪيو آهي، جنھن جو اظھار عام طور تي هائيڪي جھڙي صنف ۾ ڪرڻ عام شاعر لاءِ مشڪل بڻجي ويندو آهي پر ستار وٽ ٿورن لفظن ۾ گهڻي ۽ وڏي ڳالھہ ڪرڻ جو بہ ڪمال فن آهي. جنھن جو منظر سندس هيٺيان هائيڪا ڀرپور نموني پيش ڪن ٿا.
“پوکي ٽھڪ الا!
لڻندا ئي ويا سي،
ڳوڙها ئي ڳوڙها!”
*
“ڳوڙهن جون ڳالھيون،
هيڏي ساري گهر ۾
پوڙهن جون ڳالھيون.”
*
“چانڊوڪيءَ چولي،
ڪيڏي سھڻي ٿي لڳي
تارن جي ٽولي.”
*
“رقص سنبارا جو،
منھنجي من ۾ آهي ڄڻ
عڪس سنبارا جو.”
*
“سمبارا سڏڪي،
منھنجون نانءُ پڪاريو
آئي جو هڏڪي.”
*
“ڪنگ پريسٽ ۽ مان،
اوچو ڳاٽ عالم ۾
موهن دڙي تان..”
*
“پٿريلو رستو،
وڻ نہ ڪائي ڇانو آ
ڪونھي ڪو پنھنجو.”
*
“ڳالھايون ڪنھن سان،
ماڻھو ماڻھوءَ کان خفا
ملون ٿا جنھن سان. ”
سچ تہ ستار سروهي جا هائيڪا پڙهڻ کانپوءِ ان ڳالھہ جو شدت سان احساس ٿئي ٿو تہ هن وٽ پيار جو احساس زندگيءَ جي خوبصورت خواب جيان آهي. جنھن ۾ خوشيون بہ آهن تہ خلش به! ۽ ٻيو احساس اهو ٿئي ٿو تہ هائيڪي جو جيڪڏهن حق ادا ڪجي تہ بلڪل ائين ئي لکجي جيئن ستار سروهي هائيڪا لکيا آهن، نہ تہ لکجن ئي نہ!!

(ستار سروهي جي هائيڪن جي مجموعي “سمنڊ، آئون، سپيون” لاءِ لکيل مھاڳ)

پٿرن جي شھر ۾ ماکيءَ جھڙو ماڻھو اڪبر ساگر

اهو ياد ڪونہ ٿو پويم تہ هن سان پھريون ڀيرو ڪڏهن ۽ ڪٿي مليو هيم، پر ساڻس ملڻ کان پوءِ هن جي چھري ۾ معصوميت ۽ هن جي پنھنجائپ واري رويي جو شدت سان احساس ٿيو هيم . هن جي معصوم چھري ۽ پنھنجائپ واري رويي تي منھنجي ذهن تي ڪنھن ڏاهي جو چيل هي جملو هُري آيو هو تہ: “مان سوچيان ٿو تہ ماڻھن کي نفرت ڪرڻ لاءِ ڪيئن ٿو وقت ملي، جڏهن تہ پيار ڪرڻ لاءِ بہ هيءَ زندگي تمام مختصر آهي.” ۽ پوءِ جڏهن بہ اڪبر مون سان ملندو هيو، تہ مان هن جي اکين ۾ هڪ عجيب قسم جي بي چيني ۽ هن جي اندر ۾ هڪ عجيب قسم جي آنڌ مانڌ محسوس ڪندو هيم، مون کي لڳندو هيو تہ هن ڪائنات جا مڙئي دک ۽ درد هن جي اندر ۾ موجود آهن، جنھن جي شاهدي هن جي ڪارين اکين جون ماڻڪيون ڏئي رهيون آهن . هڪ ڏينھن اوچتو ئي اوچتو هو مون وٽ آيو ۽ سندس زيرِ نظر شاعريءَ جو ڪتاب پڙهڻ لاءِ مون کي ڏئي ويو، مان اها ساري رات سندس هڪ هڪ شعر پڙهندو رهيس ۽ ائين ئي ساري رات لڙي وئي ۽ جڏهن رات جو پويون پھر ختم ٿيو تہ مون بہ هن جو مجموعو پڙهي پورو ڪيو ۽ ان ويل اهو احساس شدت اختيار ڪري ويو تہ، ڪائنات تان اونداهي رات کي ختم ڪرڻ لاءِ امن، سلامتي، سچ، سونھن ۽ سندرتا لاءِ هن جي قلم نامعلوم ڪيتريون راتيون جاڳي گذاريون هونديون، اڪبر جي ان ڪلام پڙهڻ کان پوءِ مون کي هن جي هر لفظ مان موهن جي دڙي جي مٽيءَ جي اهڙي تہ خوشبوءِ آئي جو اڄ بہ منھنجو من ان خوشبوءِ جو احساس محسوس ڪري رهيو آهي ۽ ان کان پوءِ ئي منھنجي آڏو هن جي چھري جي معصوميت، هن جي رويي ۾ پنھنجائپ، هن جي اندر ۾ ڪل ڪائنات جي مڙنئي دکي ماڻھن جو سمايل درد، هن جي حساس پڻي جو سبب بڻيو ۽ هن جي حساس پڻي هن جي سگهاري تخليقي عمل کي جنم ڏنو ، جنھن جو پاٺڪ اندازو هن جي هن مجموعي مان لڳائي سگهن ٿا . پٿرن جي هن شھر ۾ ماکيءَ جھڙو هي ماڻھو سچ بہ تہ سچ، سونھن ۽ سندرتا جو شاعر آهي ۽ سندس نانءُ آهي اڪبر ساگر.
اڪبر ساگر پنھنجي پوري ڏات ۽ ذات سان “مون ۾ آهين تون” ۾ موجود آهي . سنڌ جي مھا ڪوي شيخ اياز هڪ هنڌ لکيو آهي تہ، “ڏات وڏي شيءِ ناهي پر سچ وڏي شيءِ آهي.” پر مان سمجهان ٿو تہ جنھن ڏات ۾ ڏانءُ بہ هجي ۽ ڏانءَ ۾ سچائي بہ هجي ، تہ اها تخليق امر هوندي آهي ۽ ايندڙ دور مڃيندو تہ اڪبر وٽ ڏات بہ آهي، ڏانءُ بہ آهي ۽ سچائي بہ آهي ، جا امر آهي.

(1991ع اڪبر ساگر جي شعري مجموعي “مون ۾ آهين تون” تي لکيل مھاڳ، ساگر اڪيڊمي B/3 حيدرآباد ٽائون فيز ون قاسم آباد حيدرآباد)

منجهان منھنجي روح ڪھاڻي

---

جيون جي گهٽَ

اولڊ ڪيمپس جو گهنڊ رات جو ٻارنھن ٿيڻ تي ٻارنھن ڌڪ هڻي ٿو ۽ ماحول تي ڇانيل جمود ڪوريئڙي جي ڪچي اڻيل آر جيان ٽٽي ٿو پوي. مان خاموش، بلڪل خاموش پنھنجن ٿڪل قدمن کي آهستي آهستي گِهليندو سيشن ڪورٽ وٽان ٿيندو، سول لائين جي وڏي ويڪري، خاموش، خاموش ۽ اداس رستي تي پھچان ٿو.
اونداهي چئني طرفن پنھنجا پر پکيڙي ماحول کي پنھنجي قبضي ۾ ڪري چڪي آهي. هر طرف چپ چپات ۽ خاموشيءَ جو راڄ آهي، سواءِ آسمان ۾ ٽڙيل پکڙيل ٽمڪندڙ تارن جي يا ڪنھن بنگلي ۾ ٻرندڙ بجليءَ جي هلڪي هلڪي روشني جي، جا ٻاهر ليئو پائي منھنجي اکين جي ماڻڪين سان ٽڪرائجي پنھنجي قائم ڪيل وجود جو احساس ڏياري ٿي. مان پنھنجي ٽٽل ڦٽل جذبن ۽ ارمانن سان پنھنجي خيالن ۾ گم، پنھنجي گهر ڏانھن قدم قدم ۾ ملائي، ڄڻ پنھنجي ئي پاڇولي تي پير رکي وڌي رهيو آهيان. هن ڏامر جي وڏي ويڪري ۽ ڊگهي رستي تي منھنجي بوٽن جو آواز چوطرف چٽڪمرن بنگلن سان ٽڪرائجي، منھنجي ڪنن ۾ اجنبي آوازن جيان گونججي رهيو آهي. اهڙي ٻوساٽيل، من کي منجهائيندڙ ۽ دل کي ڇيھون ڇيھون ڪندڙ ماحول جنھن ۾ چئني ڪنڊن کان موت جھڙي ماٺ ۽ هڪ عجيب سانت سوار آهي. مان وڃي رهيو آهيان...... مان هلي رهيو آهيان....... قدم قدم تي ساٿ نڀائڻ وارا پنھنجي پاڇي کان بہ مون کي پري ڪري ويا آهن. نينھن نڀائڻ وارا نينھن جا مڙئي ناتا ٽوڙي ويا آهن. هي سارو ڏيھہ مون کان منھن مٽي ويو آهي. هرڪو منھنجي لاءِ اجنبي بنجي ويو آهي ۽ هرڪنھن لاءِ مان اجنبي بنجي ويو آهيان.
اندر ئي اندر ۾ هڪ پيڙاءُ پئي ٿي محسوس ٿئي جا منھنجي کوکلي وجود کي کائي رهي آهي. چئني طرفن کان تنھايون وڪوڙي ويون آهن. اندر ۾ عجيب اڌمان مچي رهيا آهن. پراڻيون يادون جسم ۾ هلندڙ ڳاڙهي رت جيان گردش ڪري رهيون آهن. منھنجا ٽٽل ڦٽل خيال، منھنجي ڪچي ڦڪي ذهن ۽ منھنجي سنگسار ٿيل وجود سان زمين ۽ آسمان تي خلا ۾ لٽڪي رهيا آهن.
منھنجي ذهن ۾ ماضيءَ جي هڪ اڻ کٽندڙخيالن جي لھر اڀري ٿي. منھنجي هن سان گهاريل گهڙيون اڄ بہ منھنجي من ۾ مانڌاڻ مچائي رهيون آهن. منھنجي ذهن ۾ ڦرموٽي جيان ڦري رهيون آهن. هن جو کلندڙ، مسڪرائيندڙ، سدا بھار چھرو جنھن جي چانڊاڻ چنڊ کان بہ تکي آهي، جيڪو بھار جي ڪنھن گل جيان منتظر نہ پر ھميشہ ھميشہ ٽڙيل ۽ خوشبودار هجي. هن جا هلڪا هلڪا ٽھڪ يڪتاري جي تندن جيان هلڪڙي هلڪڙي پيدا ٿيندڙ موسيقي جيان اڄ بہ ڪنن ۾ گونجي رهيا آهن. هن جون مون سان کلندڙ، گهمندڙ پياريون شامون اڄ بہ ذهن نشين آهن. حيدر چوڪ کان وٺي آرٽس فيڪلٽيءَ جي سڪل ڇٻر تائين، سينيمائن جي پيھہ پيھان کان وٺي، يونيورسٽيءَ جي ڀڳل بس پويان ڊڪڻ تائين، ويل وقت ڪيڏو نہ پيارو ٿيندو آهي. هڪ وڏي اوٻاسي ڏيان ٿو. خيالن جي دنيا کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ اکڙين جي پنبڻين ۾ گڏ ٿيل ڳوڙهن کي هٿن سان ڇھان ٿو ۽ لڙڪ لڙي پون ٿا. منھنجي اڻڀن ڳلن تي ۽ هٿ جي آنڱرين سان اگهي ٿو ڇڏيان. خيال پوءِ بہ جند نٿا ڇڏين. جيڏي بہ قدم ورايان ٿو پاڇي جيان پويان پويان ڊڪندا پيا اچن. مان ماحول سان ايڊجسٽ ڪرڻ لاءِ کيسي مان ريڊ ائنڊ وائيٽ جو پاڪيٽ ڪڍي سگريٽ دکايان ٿو ۽ ٻرندڙ تيليءَ سان پنھنجي ساڄي هٿ تي ٽڙيل پکڙيل ۽ ابتين سبتين ريکائن تي هڪ گهري نظر وجهان ٿو ۽ تيلي اجهامي ٿي وڃي ۽ سگريٽ جو هڪ وڏو ڪش هڻي نڪ ۽ وات مان لڳاتار دونھون ڪڍان ٿو. سگريٽ جو دونھون منھنجي سڙيل وجود کي ويتر دونھاٽي رهيو آهي. منھنجو کوکلو ذهن ائين ڦري رهيو آهي، جيئن مست مھراڻ جي موجن ۾ ملاحن سان ڀريل بتيلو تکن ڀنورن جي ڇولين ۾ پيو ڇلندو آهي.
خيالن جو ٽٽل سلسلو آهستي آهستي ڳنڍجڻ لڳي ٿو. اڄ صبح جو چيو هئم تہ ڄامشوري واري پل تان يا آرٽس فيڪلٽيءَ جي ڇت تان ٽپو ڏئي ھميشہ ھميشہ لاءِ پنھنجي زبان ۽ اکين کي بند ڪري ڇڏيان، جيڪي اڻ ٿيڻا خواب ٿيون ڏسن پر ڏک اٿم تہ دل جي چاهڻ باجود ائين ڪري نہ سگهيس، الائي ڇو؟ جڏهن تہ اها بہ خبر اٿم تہ منھنجو وجود هن ڌرتيءَ تي هڪ بار آهي پر پوءِ بہ پيو جيئان. اوچتو ڇرڪ ٿو ڀريان، خيال ٿا ٽٽن، هڪ گاڏي جي اوچتي ڀريڪ تي. ۽ وري اکيون ڇنڀي هلڻ ٿو شروع ڪريان گهر ڏي. اڄ بہ ذهن ۾، منھنجي ساري وجود ۾ ۽ منھنجي سوچ ۾ تون آهين. تون ئي تون. تنھنجا خيال ور ور ڏئي وڪوڙي رهيا آهن.مان نہ سوچيندي بہ تو متعلق سوچيان ٿو، مان پنھنجو پاڻ کي هڪ پکي جيان بنائي ڇڏيو آهي، جيڪو هوائن جي لھرن جي آڌار تي پيو چڪر ڪاٽيندو آهي اڀ ۾ تنھنجا واعدا ڪاڏي ويا، تنھنجا قسم ڪاڏي ويا. تنھنجا اکڙين ئي اکڙين ۾ کنيل سنھن ڪيڏانھن ويا، جيڪي خيالن ۾، آنڌ مانڌ مچائي ڇڏيندا هئا. “تون ۽ مان نہ ملي سگهنداسين، اهو مان توکي اڳ چيو هو. پر تو نہ مڃيو.” مان تنھنجو وڏو بنگلو ڏسي ڪار ڏسي، توکي چيو هيم “سندرتا تون هڪ امير پيءُ جي ڌيءُ آهين ۽ مان........! مان هڪ غريب جنھن وٽ ڪار ۽ بنگلو تہ ٺھيو پر خودڪشي ڪرڻ لاءِ زهر لاءِ بہ ڏوڪڙ ناهن.” مان توکي چيو هو سندرتا تہ “پاڻ ريل جي پٽڙين جيان هڪ ٻئي سان گڏ تہ هلي سگهون ٿا، هڪ نئين ايندڙ اسٽيشن تائين پر اهي پٽڙيون ڪڏهن بہ گڏجي نٿيون سگهن، جيڪڏهن گڏجي پون تہ هڪ وڏو ايڪسيڊنٽ ٿي پوندو. جنھن ۾ توکان ۽ مون کان سواءِ ٻئي خاندان بہ تباھہ ٿي ويندا.” پر تون هر ڀيري پنھنجون نازڪ نازڪ آنڱريون پنھنجي چپن تي رکي مون کي خاموش ڪندي هئينءَ! پر هينئر تو ئي تہ پنھنجن وعدن کي ٽوڙيو آهي ۽ پنھنجن قسمن کي ڀلايو آهي. پنھنجي پريم کان منھن موڙيو آهي. هينئر مون سان گڏ توکي بہ خودڪشي ڪرڻ گهرجي، ان ڪري جو بيوفا تون آهين. مان تہ بي مقصد بيڪار وجود کان تنگ ٿي انت طرف ويندم.
اڄ صبح تنھنجو موڪليل تنھنجي شاديءَ جو ڪارڊ مليو اٿم، ڄڻ تہ ڪو موت جو پروانو ملي ويو هجيم. موت رڳو ٽن ننڍڙن اکرن مان جڙيل هڪ لفظ نہ آهي پر ڪيڏو نہ وڏو لفظ آهي! جنھن ۾ جيون جون مڙيئي ناڪاميون ۽ ڪاميابيون سميٽيل آهن، پر اهو بہ نٿو پيو اچي مون ڏي ۽ مون کي گلي سان لائي پنھنجي پيار لاءِ. ڪاش! مان صبح تنھنجي رواني ڪيل شاديءَ ڪارڊ ملڻ کان اڳ هي ديس ڇڏي وڃان ها! ۽ اهي سڪرات جھڙا لمحا نہ نصيب ٿينم ها، هن دکياري جيون ۾.
ذهن ۾ ڊڪندڙ خيالن جو تسلسل سگريٽ جي سيڪ تي ٽٽي ٿو پوي ۽ ڪوريئڙي جي ڪچي آر جيان ڍرو ٿو ڪري ڇڏيان آنڱرين کي سگريٽ ڪيرائڻ لاءِ ۽ ڪريو ٿو پوي ٽوٽو سگريٽ جو روڊ تي.
پنھنجي اڏوهي کاڌل وجود کي دونھين سان ڀري ڇڏيو اٿم، سگريٽ مان سگريٽ دکايان ٿو ۽ پاڪيٽ جي آخري سگريٽ کي چپن ۾ جهليندي، خالي پاڪيٽ کي پٽ تي ڦٽو ڪندي، دکايان ٿو نئين سگريٽ کي، اڳوڻي سگريٽ جي ٽوٽي مان ۽ ڪش ٿو هڻان وڏا وڏا سگريٽ مان ۽ ٺاهيان ٿو گولا سگريٽ جي دونھين جا ۽ جي هوا ۾ ملي منھنجي نظرن کان غائب ٿيو ٿا وڃن. هاڻ تہ چپن ۾ بہ تہ پيو سور محسوس ٿئي ۽ نڙيءَ ۾ سنھڙا ڪنڊا چڀندي ڀانيان ٿو، مٿي کي هلڪڙا هلڪڙا چڪر ايندي محسوس ڪريان ٿو. ڪٿي ڪينسر تہ نہ ٿي پيو اٿم گلي ۾! جنھن جو هتي ڪوبہ علاج نہ آهي. لاعلاج مرض! ها لا علاج مرض!! جنھن ۾ الائي ڪيترا مريض موت جي منھن جي حوالي ٿي ويندا آهن. ڪينسر لاءِ اها بہ پروڙ اٿم تہ اهو موذي مرض سگريٽن مان ٿيندو آهي. رياض! منھنجو پيارو دوست بہ تہ ان مرض جي مروڙ ۾ اچي ويو هو.جنھن کي پڻ موت وارو ملائڪ آيو هو وٺڻ ڪينسر جو روپ ڌاري. پر مان تہ منتظر آهيان موت جو. الائي ڪڏهن ايندو مون لاءِ موت! موت جيڪو منھنجا مڙيئي ارمان منھنجي نئين نڪوري ڪفن سان لوڙهي دفن ڪري ڇڏيندم هڪ قبر ۾ مٽيءَ جي مڻن جي هيٺان ۽ پوءِ مان ڪنھن سان بہ، ڪابہ شڪايت ڪين ڪندم. نہ سعيد سان........ نہ اشوڪ سان........ اياز سان.....!!! مان... ها مان......... ڪنھن سان بہ ڪابہ شڪايت ڪونہ ڪندم. توکي ڪوبہ ڏوراپو نہ ڏيندم، مان تہ پنھنجن ارمانن ۽ جذبن کي پاڻ ۾ سميٽي کڻي ويندم. پنھنجي مٽيءَ جي قبر ۾ پنھنجي شھر کان بہ ڏور، ڪافي ڏور ۽ مان خاموش بلڪل خاموش پيو هوندم، توکان پري ات جتي ڪير بہ نہ هوندو سواءِ منھنجي. خيالن جا جڪڙيل ڪڙين جا سلسلا ٽٽي ٿا پون هڪ ئي سٽ سان، ٺيڪ ان ويل جنھن ويل روڊ تي ڇانيل موت جھڙي ماٺ ۽ چئني پاسن کي قبضي ۾ ڪيل خاموشيءَ جي راڄ کي سيٽين جي تيز گجندڙ آواز چيريندو، روڊ جي ڀرسان وڏن وڏن بنگلن کان ٿيندو، اڀ ۾ گونججي ٿو ۽ اک ڇنڀ ۾ ئي پوليس وارا، پھريدار چؤطرف ائين ٿا گڏ ٿيو وڃن، جيئن سانوڻ جي موسم ۾ کنوڻ جي هڪ ئي چمڪاٽ سان ڪارا ڪڪر وسي پوندا آهن. ۽ گهيرو ٿا ڪري بيھن اهڙي طرح جھڙي طرح چوڏهينءَ جي چنڊ جي چانڊاڻ ڀري رات ۾ چنڊ جي چوگرد گڏ ٿيندا آهن اڀ ۾ انيڪ تارا، ۽ وٺيو ٿا وڃن رات جو رول پارٽيءَ سمجهندي لاڪ اپ ۾ ۽ رات جو ڇانيل تاريڪيءَ ۾ چئني طرفن رات جي وڳڙي ۾ سانت ئي سانت ۾ صبح ٿيڻ کان اڳ وڃان ٿو وائڙن جيان مون جھڙن جي وڳر ۾.... “چور آهين؟... ڊاڪو آهين؟ کاٽ هڻڻ پئي وئين؟” صوبيدار چوي ٿو مان ورندي ڏيانس ٿو “نہ سائين مان شآگرد آهيان، يونيورسٽي ۾ پڙهندو آهيان.” صوبيدار گجندڙ آواز ۾ چوي ٿو، “ڪھڙي پارٽي سان تعلق اٿئي؟” “دل جي دنيا واري پارٽي سان” مان چوان ٿو ۽ هو ڪاوڙ ۾ باھہ ٿي وڃي ٿو. “ڪوڙ ٿو ڳالھائين؟ شاگردن کي تون ئي حڪومت جي خلاف ڀڙڪائيندو آهين. ڀتين تي چاڪنگ ڪندو آهين، پوسٽر هڻندو آهين، اڙي هنگامي پريس ڪانفرنس جو انتظام ڪيو تہ وڏي جدوجھد کانپوءِ هڪ وڳوڙي پڪڙيو اٿئون.” لاڪ اپ جي ڪوٺڙي ۾ گهڙندي ٻاهر ڦھليل روشنيءَ ۾ هڪ ڀيرو نظر ڦيرايان ٿو ۽ هڪ وڏو ٿڌو شوڪارو ڀريندي تنھنجن پيارين يادن کي ھميشہ ھميشہ لاءِ پنھنجي دل ۾ دفن ڪري ڇڏيان ٿو، ان اميد سان تہ ڪڏهن تہ صبح ٿيندو، اڇو اجرو صبح، ۽ آهستي آهستي پنھنجا چپ چوري چوان ٿو “سندرتا! مون کي معاف ڪجان. مان اڳواٽ توکان معافي ٿو وٺان، تنھنجي شاديءَ ۾ نہ شرڪت ڪرڻ تي ۽ هليو ٿو وڃان اونداهي بدبودار ڪوٺيءَ ۾.”

(مئي 1980ع روزاني سنڌ ٽائيمس جو ماهوار سنڌ دوست ڊائجيسٽ)

سڄڻن ياد ڪيو (سيد زوار نقوي کي ڏنل قلم جي ڀيٽا/مڃتا)

---

زوار نقوي

مشھور ليکڪ زوار نقويءَ جو تعلق جھانيان جي سادات گهراڻي سان آهي. سندس مڪمل نالو سيد زوار حسين شاھہ آهي. هن 1962ع ۾ سيد ويڌل شاھہ جھانيان نقويءَ جي گهر ٽنڊو جھانيان حيدرآباد ۾ جنم ورتو، زوار نقوي پرائمري تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ ٽنڊي جھانيان مان ئي حاصل ڪئي. مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان 1977ع ۾، انٽر ۽ بي اي سچل سرمست آرٽس ڪاليج تلڪ چاڙهي حيدرآباد مان ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪرڻ کان پوءِ سنڌ لاڪاليج مان ايل ايل بي ڪيائين. سچل سرمست آرٽس ڪاليج جي شاگرد يونين جو جوائنٽ سيڪريٽري ٿي رهيو ۽ حيدرآباد ضلعي جي ڪاليج يونين مان چونڊجي آيلن جي انٽرميڊيٽ ڪاليجز باڊي ٺاهڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، جنھن جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. هن “ٻارن جي محفل سنڌ” جو بنياد وڌو ۽ ٻارن لاءِ ڪتابي سلسلو بہ شروع ڪيو. زوار نقويءَ جا مضمون، ڪالم، ڪھاڻيون، ۽ شاعري مختلف اخبارن، رسالن ۾ شايع ٿيا. سندس ڪھاڻين جو مجموعو “زندگي او زندگي” شاعريءَ جا ڪتاب “پل اَپل ۽ چراغ شام” ۽ ناوليٽ “رات رني ڪوٽ ۾” شايع ٿي چڪا آهن. هن ڪيترائي رسالا ۽ ڪتاب ترتيب ڏنا، جن ۾ روزاني ڪاوش حيدرآباد، پاران شايع ٿيندڙ “ڪھاڻي” ڪتابي سلسلي وڏي مقبوليت ماڻي.
زوار نقوي ماهوار “نئين زندگي” حيدرآباد جو ڪيتري عرصي لاءِ ايڊيٽر بہ رهي چڪو آهي. پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏيڻ بعد ليڪچرار مقرر ٿيو، ان کان پوءِ اسسٽنٽ پروفيسر، ايڊيشنل ڊئريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد ريجن، ڊي اي او ايليمينٽري ڄامشورو، ايگزيڪيوٽو ڊسٽرڪٽ آفيسر ايجوڪيشن ٿرپارڪر، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪاليجز ميرپور خاص ريجن پڻ رهي چڪو آهي. زوار نقوي سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو جو سيڪريٽري بہ رهيو.
زوار نقوي ريڊيو حيدرآباد تي پروگرام ڪرڻ کانسواءِ اسٽيج ناٽڪ بہ ڪري چڪو آهي. زوار نقوي روزاني “آفتاب” “عبرت” “سنڌو” “مھراڻ” ۽ “ڪاوش” اخبارن سان وڏو عرصو لاڳاپيل رهيو آهي. هن سنڌي ادبي فورم قائم ڪري ڪيتريون ادبي تقريبون منعقد ڪرايون، زوار نقوي سنڌي ادب جو سگهارو نالو هئڻ سان گڏ سجادہ نشين مخدوم جھانيان سنڌ پڻ آهي.

(سنڌيانا انسائيڪلوپيڊيا، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو حيدرآباد)

ڳالھہ هڪ دور جي (مدد علي سنڌي )

سيد زوار نقويءَ جو هي ڪتاب “ڳالھہ هڪ دور جي” سندس تحرير ڪيل ڪالمن تي مشتمل آهي. 60 جي لڳ ڀڳ هن جا لکيل ڪالم هڪ هنڌ تي ڪتابي شڪل ۾ اچڻ هڪ سٺي ڪوشش آهي. دراصل هڪ اديب جي زورِ قلم مان نڪتل ڪالم بہ ادب جو ئي هڪ ڀاڱو آهن. ڇاڪاڻ تہ ليکڪ جڏهن، هو تخليقي ادب جو سرجڻھار بہ آهي تہ سندس لکيل معروضي حالتن بابت تحرير ڪيل ڳالھيون دائمي هونديون آهن. مشھور اديب نگار برٽيل گارسيا مارڪيز هڪ هنڌ لکيو آهي تہ، “هن محبت جون اهڙيون ڪھاڻيون ئي تحرير ڪرڻ چاهيون جن جو انت خوشگوار هجي!” سچ پچ تہ اسان جي چئوگرد ڏک گهڻا ۽ خوشيون ڪوهين دور وسن ٿيون. اهڙين حالتن ۾ پڙهندڙ کي هڪ مختصر ڪالم زندگيءَ جي اوڙاھہ ۾ اُلاءَ اڇلائيندڙ سج جي هيٺان هوا جي ٿڌڙي جهوٽي وانگر محسوس ٿيندو آهي.
سيد زوار نقوي دل کي موهيندڙ نثر تخليق ڪندو رهي ٿو. اهو سندس اعليٰ ذوق هن جي ڪيترن ئي ڪالمن جي عنوانن مان اوهان کي بخوبي محسوس ٿيندو. مثال جي طور تي هن جي ڪجهہ ڪالمن جا عنوان آهن. “۽ اکين جون سرحدون اورانگهي ايندڙ لڙڪ“، “مون خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا آهن” يا وري “ڪويل آڪاس ۾ ڇا ٿي ڏسي” ۽ “سچ جي پاڇولي ۾ پلجندڙ خواب”.
بنيادي طور تي زوار نقوي ڪريئيٽو ليکڪ آهي ۽ سندس اندر ۾ هڪ ليکڪ ويٺل آهي. خبر ناهي گهڻي وقت کان هن پنھنجي اندر ۾ ويٺل سرجڻھار کي ڇو سمھاري ڇڏيو آهي جو سندس لکڻيون اڄڪلھہ نظر نٿيون اچن. هو قلم جو ڌڻي آهي ۽ لکڻ جو ڏانءُ کيس چڱيءَ ريت اچي ٿو، صحافت سان بہ پراڻو تعلق اٿس تہ حيدرآباد جي ادبي انڊسٽريءَ جو بہ پراڻو پانڌيئڙو آهي. ان ڪري کيس پنھنجي يادگيرين کي بہ تحرير ڪرڻ گهرجي.
مشھور آمريڪي اديب ارنيسٽ هيمنگوي اڪثر چوندو هو تہ “ڪنھن بہ موضوع تي لکڻ ۾ گهڻي تڪڙ يا گهڻي دير اصل نہ ڪرڻ گهرجي” پر زوار نقويءَ جي هنن ڪالمن سان قطعي طور تي هيمنگوي جي ان ڳالھہ کي لاڳو نٿو ڪري سگهجي، کيس شابس هجي جو پاڻ پنھنجي ڪالمن کي سنڀالي رکيو، جيڪي اڄ “ڳالھہ هڪ دور جي” ڪتاب جي شڪل ۾ پڙهندڙن آڏو آهي. منھنجي خيال ۾ زوار نقويءَ جي ڪالمن جو هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ خوبصورت ڪتاب جي شڪل ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

(2020ع سيد زوار نقوي جي ڪالمن جي ڪتاب “ڳالھہ هڪ دور جي” تي لکيل تعارف سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد)

نوجوانن جو ساهت ڏانھن لاڙو (مدد علي سنڌي)

زوار نقويءَ ساهت جي هر کيتر ۾ قدم رکيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ هو پنھنجون ڪوششون جاري رکندو بہ پيو اچي، پوءِ اهو کيتر ڪھاڻيءَ جو هجي، شاعريءَ جو يا صحافت جو! زوار پنھنجي انھن ڪوششن ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ويو آهي، ان سموري ڳالھہ جو تاڃي پيٽو وڃي بيھي ٿو نوجوانن جي ساهت ڏانھن لاڙي تي. ۽ پوءِ اهو سڀاويڪ آهي تہ جيڪڏهن اڄ نئين ٽھيءَ جي نوجوانن جي ڪوتائن، ڪھاڻين تي تنقيد ٿئي ٿي تہ سڀاڻ اها تعريف ۾ بدلجي سگهي ٿي. منھنجو انھيءَ ڳالھہ تي پورو پورو وشواس آهي تہ نوجوانن جيڪڏهن لکڻ سان گڏ پنھنجو توڙي پرائو ساهت جو مطالعو ڪيو تہ پوءِ اهو ڏينھن پري نہ آهي، جو اڄ جو نوجوان سڀاڻ جو ناميارو ۽ ذهين ليکڪ نہ ٿي سگهي........ ۽ زوار نقوي ۾ منھنجي اهائي اميد آهي.

(1981ع سيد زوار نقوي جي شعري ڪتاب “چراغ شام” تي لکيل تعارف ٻجم پبلشرز پوسٽ باڪس نمبر 161 حيدرآباد)

سنجيدہ ۽ ماٺيڻي طبيعت وارو (حسن مجتبيٰ)

اڄوڪي اپريل جي چوڏنھين تاريخ جي هڪ سورج ونسي پر ٿڌيري منجهند جڏهن ڪلھي ۾ ٿيلھو ۽ ٿيلھي ۾ هڪ لئپ ٽاپ ۽ مشھور ۽ مونکي سدائين وڻندڙ آمريڪي هفتيوار جي مشھور ليکڪا ليلين راس جي مضمونن وارو ڪتاب جنھن ۾ هڪڙو سندو ورتل انٽرويو جڳ مشھور عظيم آمريڪي اديب ارنيسٽ هيمنگوي کان بہ شامل آهي، کڻي نڪتس تہ زوار نقوي جي ياد اچڻ لاءِ هيٺيون ٽي ڳالھيون ڪافي هيون، هن جي ۽ هن جھڙن يارن جي ياد ٻيڙيءَ جي ٻاڙ وانگر لڳندي اٿم، انھن يارن ۾ سائين ذوالفقار شاھہ، معنيٰ پپو شاھہ بہ شامل آهي، پپو شاھہ کي اوهان بدين واري وڏيري پپو شاھہ سان نہ منجهائجو مون لاءِ پپو شاھہ ۽ زوار جھڙا يار معني حيدرآباد سنڌ، عظيم پپو شاھہ ٻن سون سالن کان بہ قديم گاڏي کاتي جي گل شاھہ امام بارگاھہ (جتان مشھور ميندي نڪرندي آهي، محرم جي ستين واري رات) هاڻي باني مجلس آهي، پپو شاھہ ۽ زوار نقوي ۽ سندن ڪٽنبن جي مون سان غير مشروط محبت ۽ منھنجي ساڻن حب مون جھڙي بي پير ماڻھو کي (جيڪو هاڻ شايد بلھي شاھہ واري “ڪي جاڻان مين ڪون” ۾ بدلجي ويو آهي) بہ گهٽ ۾ گهٽ محرم جا ڏھہ ڏينھن مولائي عزادار بڻائي ڇڏيندو هو يا آهي.
اهي جيڪي ٽي ڳالھيون زوار نقوي جي ياد هزارين ميل ڏکڻ جي ٿڌڙين هوائن ۾ ويڙهي کڻي آيون سي هيون نيويارڪ جي ٽرين سيون (جنھن کي مان نيويارڪ جي اورئينٽ ايڪسپريس سڏيندو آهيان جو هن ٽرين تي وڻ وڻ جي ڪاٺي چڙهندا آهن.) ۽ واٽ تي ٻہ جيڪي ٻيون ڳالھيون مون سوچيون سي هيون منھنجو مون کان ئي پڇيل سوال، زوار نقوي ڇا آهي؟ زوار نقوي مون لاءِ نيويارڪ ۾ اڄوڪن ڏينھن اسٽار بڪس ڪافي گهر ۾ ڪافي ۽ پراڻن انگريزي ڪتابن جي خوشبوءِ آهي.
پر سچي ڳالھہ تہ اها آهي تہ هو الائجي ڇا ڇا آهي، هو سنڌ جون اهي چار ئي موسمون بہ آهي جيڪي مون هتي گذاريون هيون، ڪئين راتيون ۽ ڏينھن اڻ ڳڻيا انھي ٽنڊي جھانيان جي زوار چواڻي وشال ۾، جتي سائين سيد ويڌل شاھہ جھڙو ٻاجهارو ۽ درويش صفت مرشد پنھنجي تمر فقير جھڙي مريد فقير حيدر بخش سان پسار ڪندو رهندو هو، مون سان ڪچھريون بہ ڪندو هو، سائين سيد ويڌل شاھہ قبلا ۽ سندس مريد فقير حيدر بخش نہ ڄاڻ ڪھڙي اڄاتي ديس ويا پر مون کي يقين آهي تہ ٽنڊي جھانيان جي هوائن ۾ اڄ بہ هنن کي ياد ڪري اهي ورلاپ ايندا هوندا، “آيا ڪين مارو... الائي ڇو اباڻن وساريو وطن کي.” چاپئين ڏاڙهي، گهرين ڪارين اکين ۽ سھڻي پيشاني ۽ مٿي تي ڪراڪلي ٽوپي وارو سائين سيد ويڌل شاھہ، دادن شاھہ سرڪار جو فرزند ۽ سنڌ جي جھانيان جو سجادہ نشين، زوار نقوي سان ئي حيدرآباد ۾ منھنجي پڪي پھرين دوستي ٿي، هو منھنجو ٽين ايج لاڪون جو دوست آهي. حسن درس چواڻي جڏهن جهمپير ۾ جواني موٽ کائيندي هوندي تہ تڏهن بہ اڄ هن سان اهي ئي دليون آهن، اهڙي دوستي آهي جو ملون نہ ملون قائم دائم آهي، سنڌو درياھہ بادشاھہ وانگر، اهو زوار ئي هو جنھن مون کي حيدرآباد سنڌ جي ادبي هاليووڊ جي دنيا انھي جي سمورين شخصيتن ۽ سنڌ جي عرفان مھدي جھڙن سان سڃاڻپ ڪرائي.
سو زوار سان سنگت پھريون ڀيرو سچل ڪاليج ۾ ٿي جتي مون ڊبيٽ ۾ پھريون انعام خدا بخش ابڙي جي سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار واري خطاطي وارو فريم انعام ۾ کٽيو هو، زوار سان ڏيٺ ويٺ هن جي ئي مائٽي ۾ سوٽ معرفت ٿي هئي، جڏهن سندس سوٽ ۽ مان رسيس ۾ تلڪ چاڙهي تي شامن جو بيھي ديدار بازي ڪندا ۽ سگريٽ پيئندا هئاسين، اتي هڪ سدائين، لک مک، سانورو، ڊگهو، سنھڙو ڇوڪرو جينز جي جيڪٽ ۽ پينٽ ۾ بلڪل ماڊرن ڪڏهن ڪڏهن اچي سگريٽ ڇڪڻ جي ڪمپني ڪندو هو ۽ اهو سيد زوار نقوي، جنھن لاءِ هن ٻڌايو هو تہ هو سندس رشتي ۾ سوٽ ٿئي، هو سنجيدہ ۽ ماٺيڻي طبيعت وارو پيراڻو ٻار هو پر شانائتو شخص، جڏهن تہ اسان ٻيئي، فقير طبع، زوار ۽ منھنجي جلد ئي لڳي ويئي، زوار سان گھرائپ تڏهن ٿي جڏهن اسان جي ڊبيٽينگ ۽ ڪاليج جي ادبي سنگت واري استاد ۽ شاعر سائين فيروز الدين احساس هڪڙي محرم واري ڏينھن چيو تہ مان ۽ زوار ريڊيو پاڪستان وڃي “محفل مسالمہ” ۾ منقبتون لکي وڃي پيش ڪيون، تڏهن اهو “مسالمہ” لفظ عجيب لڳو هوم! انھن ڏينھن ۾ مون جھڙي ننڍي شھر مان آيل ماڻھو لاءِ ريڊيو پاڪستان وڃڻ، گهمڻ هڪڙي رومانس کان گهٽ ڪو نہ هو، وري سوني تي سھاڳو اهو تہ ريڊيو تان سندءِ آواز نشر ٿيڻ! زوار منھنجي گهر مون کي ريڊيو تي هلڻ لاءِ وٺڻ آيو ۽ هو ڪاري لباس ۾ هو پر ڏاڍو مھڪندڙ ۽ چھڪندڙ، ريڊيو ۽ اخباري دنيا زوار لاءِ ان مھل بہ ڪا اوپري دنيا نہ هئي، هو انھن ڏينھن ۾ بہ حيدرآباد جي اسٽيج تي ڪم ڪندڙ ايڪٽر هو، ٻارن جي تنظيم، “ٻارن جي محفل” جو مرڪزي صدر هو ۽ شيخ علي محمد جي اخبار روزاني “آفتاب” ۾ ٻارن جي دنيا نالي صفحي جو ايڊيٽر هو وغيرہ وغيرہ، هن سان دوستي ڪنھن اسٽار سان دوستي کان گهٽ نہ هئي، ها، سچي، هو اڳ ۾ ئي ريڊيو تان ڊراما بہ ڪري چڪو هو.
سو اسان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو ڦاٽڪ پاس ڏيکاري پار ڪري عمارت ۾ داخل ٿياسين، ساري لئہ فقيرن جي هئي، هڪ ديدار اهو ٿيو جو سنڌ جو مھا ڪوي شِخ اياز جيڪو انھن ڏينھن ۾ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هو سو ريڊيو جي ڏاڪڻين تان هڪ وڏي وقار سان لھي رهيو هو ۽ ريڊيو جي ڏاڪڻين تان هن جي ئي امر وائي “سنڌڙي تي سِر ڪير نہ ڏيندو” ڳائيندڙ امر فنڪار فقير عبدالغفور انھن ڏاڪن تي وائي جي خالق کي پيرين پئي ملي رهيو هو، پوءِ پاٻوھہ مان نوڙي فقير عبدالغفور زوار سان بہ اتي مليو هو، پوءِ زوار مون کي ٻڌايو هو فقير عبدالغفور بہ سندن عقيدتمند آهي.
انھن ڏينھن ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر سنڌي ادب ۽ فنڪارن جو خدمتگذار، شيخ اياز جو ويجهو دوست، ڀٽائي جي شاعري ۽ سنڌي ادب جي ڪيترن ئي شاهڪار لکڻين کي اردو ويس ڍڪائيندڙ، محب سنڌ الياس عشقي هو، (اڳتي هلي جوڌن اهڙي سنڌ جي سڄڻ سان ڪھڙو سلوڪ ڪيو اهو جو هن کي نوي واري ڏهاڪي وارن سالن ۾ سندس قاسم آباد وارو گهر ڇڏي لڏڻو پيو، انھن جي ڏاڍ مڙسي واري جوڌائپ جا ٻيا نشان ڊاڪٽر حسن منظر، ڊاڪٽر مبارڪ علي بہ بڻيا، جھڙي ريت لساني بندوقبازن جي دهشتگردي سبب نور الھديٰ شاھہ، ڊاڪٽر ﷲ داد ٻوهيو، ارم نما کان ماهتاب محبوب جن کي لطيف آباد ڇڏي اچڻو پيو.)
تہ مون ڳالھہ پئي ڪئي اسان جي (منھنجي پھريون ڀيرو) زوار سان ريڊيو تي وڃڻ جي. انھي پروگرام جو انائونسر گل حسن قريشي ۽ پروڊيوسر سليم قريشي هو، ڇا تہ ماڻھو هئا، زوار اتي مون کي هڪ ٻئي ماڻھو سان بہ ملرايو هو، جيڪو سندس مائٽاڻو بزرگ هو، جيڪو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ٻڌندڙن جي دنيا جو مستقل نان هو جيئن فتح خان جي ڪچھري، جيئن اسان جو اڄوڪو يار بخشڻ مھراڻوي (جنھن سان بہ پھريون ڀيرو زوار ئي ملرايو هو، هڪڙي پوھہ ڦوھہ سياري واري رات ڳوٺ موري منگر ڏي موٽرسائيڪل جو سفر ۽ مچ تي بخشڻ جو تڏهن بہ سندس گيت جو ٻرندڙ آواز “ٿي جند جلي“) پر اصل اتساھہ تہ زوار ۽ اسان لاءِ انھي ريڊيو واري پروگرام ۾ منقبتون پڙهڻ کانپوءِ وارو هو، جڏهن ڄڻ ڪنھن ڪاڄ لاءِ سڏ ڏيڻ وانگر زوار کي شھر حيدرآباد ۾ سڀني سندس دوستن (منھنجو تہ هو ئي تڏهن هڪڙو ئي دوست زوار)، مريدن، تان جو واقفڪارن کي ڄاڻ ڪرڻ لاءِ سائيڪل ڪرايي تي کڻڻي هئي تہ اڄ رات اٺين وڳي کانپوءِ اهو پروگرام ٻڌڻ نہ وساريندا، انھي ڄاڻ يا پڙهي وارو سفر ڏاڍو مزيدار ۽ يادگار هو، زوار گهر گهر پاڙي پاڙي ويو هو جتي بہ سندا يار، دوست، مريد يا واقفڪار هئا، پوءِ اهو عبرت اخبار ۾ پروانو ڀٽي صاحب يا غني درس هئا. سنڌ نيوز ۾ اسرار شام هو، گاڏي کاتي ۾ سندس دوست هئا سندس يار غار ۽ ڪامريڊ نور محمد ڀٽو، يا سري گهاٽ ۾ هڪ درزڪي دڪاندار جي ڪاريگر ڀائر جيڪي زوار سان گڏ حيدرآباد جي اسٽيج جا زبردست ايڪٽر هيا، پوءِ ٽنڊي ولي محمد ۾ اشرف بلوچ هو يا گاڏي کاتي ۾ رشيد بلوچ يا ابو بلال، يا هير آباد ۾ سليم سومرو ۽ نند ڪمار همايون، يا اسانجا سچل ڪاليج وارا دوست استاد بلاول پرديسي صاحب جھڙا يا پيارو شمس ميمڻ جنھن جا گاڏي کاتي ۾ ٻرندڙ ٽھڪ ۽ چرچا اڄ بہ منھنجي ڪنن ۾ ٻرن ٿا، يا پوءِ “آفتاب” اخبار ۾ سائين لائق ٿيٻو هو يا امتياز اوستو، يا زاهد سمون، زوار سندس ريڊيو تان منقبت ٻڌڻ جو سڏ ڏيڻ ائين نڪتو هو ڄڻ اليڪشن ۾ بيٺل هجي، اها هئي پياري زوار جي نيٽ ورڪنگ، زوار جي نيٽ ورڪنگ جو مزو اهو هو جو انھن سمورن مٿي ذڪر ڪيل ماڻھن ۽ سندن ماڳن مڪانن تي انھن مان گهڻن ئي اسان کي چانھن، ٻيڙي تانجو ماني يا ريفريشمينٽ کانسواءِ ڇڏيو نہ ٿي.
ڪٿي ڪٿي تہ انھن مان پنھنجي اسٽيج فنڪارن سان ننڍڙي ريھرسل بہ ٿي ڪيائين، پوءِ اهي اي آر بلوچ جھڙا فنڪار هيا يا نادر بلوچ جهڙا.
پر زوار پنھنجي انھي نيٽ ورڪ سان ملڻ کان اڳ هڪ ٻاجهاري شخصيت کان دعا وٺڻ ڪاڻ ضرور هليو هو، لجپت روڊ تي مرغي مارڪيٽ واري گهٽي جي هڪڙي هوٽل تي پنھنجي پنجڪڙي سان ويٺل اها شخصيت سندس والد سائين سيد ويڌل شاھہ هئا، ڪاري ويس ۽ چاپئين ڪاري ڏاڙهي سان، هڪڙو نھايت ئي ٻاجهارو ماڻھو جيڪو مون سان ڏاڍي پيار سان مليو هو پوءِ اهو پيار سندس آخري ڏينھن منھنجن ايندڙ ويھن سالن تائين برقرار رهيو، بلڪہ ويران وڌ ئي رهيو، سُٺن توڙي خراب ڏينھن ۾ زوار نقوي جو پڌر ۽ هن جي اوطاق منھنجو ٻيو گهر رهيو، هنن جا در دل جي تاڪين وانگر کليل رهيا هئا، درويشي جا سبق مون کي هنن وٽان ۽ انھي در تان مليا، جو مون جھڙي بي يقين شخص ۾ جيڪو صوفي ويٺل آهي، ان ۾ وڏي وٿ سائين ويڌل شاھہ ئي آهي، هو ڪنھن زماني ۾ الاهي فيشن ايبل شخص هو، سياست سان بہ دلچسپي هئين، پر درويشي ۽ مخدومي، شاعري سان لڳا ۽ جيڪو هنن کي پنھنجي والد سرڪار دادن شاھہ کان مليو هو، مون هنن کان ئي جھان گردي بہ پرائي جيڪا ئي هن جھان گرد جھانيان زادي جو ورثو هو، هتي ئي هن ئي پڙ ۽ نمن واري پڌر ۽ هنن جي ڇپر ڇان ۾ منھنجي ملاقات پياري اوشو جي روح جھڙي ارشاد لغاري سان ٿي، هن ئي پڌر تي سيف ٻنوي ۽ محمد حنيف جھڙا منھنجا پيارا پيارا دوست ڪئين ڀيرا ڀڃي چڪا آهن، زوار جا ڀائر پيارا سجاد شاھہ ۽ آفتاب شاھہ سڀ مون کي پنھنجو ڀاءُ سمجهندا هئا.
تڏهن بہ آئون هتي ئي هوس جڏهن شھر حيدرآباد مٿان گوليون ٿي وٺيون ۽ مون اخبار خادم وطن ۽ فرنٽير پوسٽ ۾ ڪم ٿي ڪيو، جڏهن پڪي قلعي وارو خوفناڪ واقعو ٿيو هو ۽ اهو ئي زوار هو جيڪو مون کي ۽ منھنجي تڏهن فرنٽيئر پوسٽ جي ميگزين جي ساٿي لياقت عديل کي ڪرفيو ۾ متاثر علائقن جي رپورٽنگ لاءِ سندس ئي سوزوڪي ڪار ۾ کڻي ويو هو، زوار فرنٽيئر ڪانسٽيبلري واري چوڪي تان فرنٽيئر پوسٽ ائين چئي مٽي ويندو هو، زوار! توکي شايد ڄاڻ نہ هجي پاڻ وارو يار لياقت عديل تازو گذاري ويو، هو آسٽريليا جي ميلبورن يونيورسٽي ۾ پڙهائيندو رهيو هو، جتان هن سنڌي قومپرست تحريڪ تي پي ايڇ ڊي ڪئي هئي.
زوار انھي ڏينھن بہ مون سان گڏ هو، جڏهن صبح جو اٿڻ تي چانھہ پي منھن تي گلاس پاڻي جو هڻي تڏهوڪي وزير اعظم بينظير ڀٽو جي پڪي قلعي تي پريس ڪانفرنس ڪور ڪرڻ ويو هئس، جڏهن هن کان پڪي قلعي تي حيدرآباد جي اردو ڳالھائيندڙ صحافين سخت سوال ڪيا هئا ۽ مون کان يارن پڇاڻو ڪيو هو تہ تون وزير اعظم کان سنڌين جي حق ۾ سوال ڇو نہ ڪيو؟ ڄڻ ڪڪڙن جو ڪو ميل هو جنھن ۾ مون جھڙي ڪڪڙ ڪو جوهر ڪو نہ ڏيکاريا. وري هڪ وقت اهڙو بہ آيو جڏهن حيدرآباد جي پيارن سنڌي صحافين منھنجو سوشل بائيڪاٽ يا هٿ بند اڍائي مھينن تائين ڪيو جو مون هڪ صحافي جي حيثيت ۾ هڪ پريس ڪانفرنس اٽينڊ ڪئي هئي، جنھن جو هنن بائڪاٽ ڪيو هو، زوار منھنجي جان جوکن واري صحافت ۾ بہ منھنجو ڀرجهلو يار هو هن جو پڌر آخري ٺڪاڻو هو هن کي پپو شاھہ وانگر يار جي ياري سان ڪم هو، هن جي ڪمن سان ڪانہ هو، اهو سڀ ڪجهہ هن پنھنجي والد سائين ويڌل شاھہ کان سکيو هو، جيڪو فقيري ۾ اميري ۽ اميري ۾ فقيري رکندڙ هو، سائين ويڌل شاھہ شايد انھن درويشن جھڙو هو جيڪو ڪنھن بہ حاڪم جي حڪم تي انھن وٽ ملڻ لاءِ نہ پر پنھنجي جتي ۾ شعر وجهي موڪليندا آهن، ڇو جو بقول نظام الدين اوليا جي هن پنھنجن پيرن کي توڪل جي ميندي لڳائي ڇڏي هوندي آهي، ڇو جو اصل حڪمراني تہ انھن پڙن ۽ پٽن جي آهي جتي اهي دونھين دکايل ويٺل هوندا آهن، سائين ويڌل شاھہ جھڙو توڪلي درويش مون ڪڏهن ڪو نہ ڏٺو، زوار کي اهو سڀ ڪجهہ ورثي ۾ مليو آهي، انھي ڪري تہ هو انھي ڌر کان ٿورڙو پرتي هڪڙو مئخانو اڏي ويٺل دادو جي پير مجيب جو بہ دوست هو، جيڪو صوفي شاعر شرف علي جو هڪ عجيب روح کي رنگ ۽ اکين تي لالي چاڙهيندڙ ڪلام ڳائيندو هو، جڪيو اڄ بہ ڪڏهن ڪڏهن موج ۾ اچي منھنجو سھڻو دوست زاهد مخدوم ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ ڳائيندو آهي.
زوار اين جي اوز واري جھان کان اڳ واري دنيا جو ماڻھو آ جڏهن اڃان پيار پروجيڪٽ نہ ٿيو هو، اهو پيار جيڪو چوٽان چوٽ هنن وٽ عشق وانگر پيڙهين کان هلندو اچي.
بلڪل اهو جيڪو ڏهين محرم واري ڏيھاڙي قدم گاھہ موليٰ علي عہ کان انجمن حيدري واري ڪربلا دادن شاھہ تي نھر ٿيندڙ مرڪزي جلوس ۾ انجمن حيدري جي ماتمي دستي وارا پڙهندا ايندا آهن.
“دو عالم مين اسي ڪا تذڪره هي،
دو عالم مين اسي ڪا تذڪره هي.”

ڳالھيون هر دؤر جون (پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر )

ليکڪن جون پنھنجون ترجيحون هونديون آهن، ڪڏهن ڪي ليکڪ پنھنجو وقت سيڙائي هڪ منھون ٿي صرف هڪ خاص موضوع تي تحقيق ڪري لکندا آهن. اهڙن ڪتابن جي ان ڪري اهميت هوندي آهي، جو اهي تحقيق وسيلي لکيل هوندا آهن. ائين ڪجهہ ڪتاب مختلف موضوعن تي لکي ڇپرائبا آهن تہ جيئن انھن اديبن جو پورهيو محفوظ ٿي وڃي ۽ پڙهندڙن کي معلومات سان مالامال ڪجي.
سنڌ جي يگاني ليکڪ زوار نقويءَ جو هي ڪتاب “ڳالھہ هڪ دور جي” ڪالمن جو مجموعو آهي. جيڪي هن 1998ع يا ان کان پوءِ روزاني ڪاوش ۾ لکيا هئا، جيڪي هاڻي ترتيب ڏئي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايا ويا آهن. ياد رهي تہ هن ڪتاب ۾ 60 ڪالم آهن ۽ گهڻو ڪري هي ڪالم/ڪھاڻيون اڄ کان 22، 23 سال اڳ جون آهن، جيڪي اسان پڙهي رهيا آهيون ۽ پوئتي ڏسي تصور ڪريون ٿا تہ حيدرآباد جو اهو زمانو موسم، ماحول، هوائون ۽ پاڻي ڪيئن هئا. هن ڪتاب جي ٽائٽل مضمون “ڳالھہ هڪ دور جي” ۾ ليکڪ حيدرآباد شھر کي هن طرح ياد ڪري ٿو، “برسات جي موسم آهي، جهڙ چڙهي آيو آهي، شديد گهٽ ۽ ٻوسٽ کان پوءِ برسات پئي آهي،” هي ڊاڪٽر الھداد ٻوهئي جي لاڏاڻي جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو کيس ڏکارو ڪري وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ ٻوهئي صاحب سان هن جي دوستي يا سکڻ واري واٽ هئي، هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن جي ڇپجڻ واري عرصي ۾ بہ گهڻي وٿي آهي. هڪ ڪالم 1994ع ۾ شايع ٿيو تہ ٻيو 1995ع ۾ ڇپيو پر ليکڪ پنھنجي ڊائريءَ کي سنڀاليو آهي ۽ تاريخون ۽ مھينا ڏئي انھن جو دور ٻڌايو آهي.
هڪ ڪالم “اکين جون سرحدون اورانگهي ايندڙ لڙڪ” ڏاڍو خوبصورت آهي، جنھن جي شروعات ۾ ليکڪ وضاحت ڪندي لکي ٿو تہ “ماڻھن کي نفرتون ڪرڻ لاءِ ڪيئن ٿو وقت ملي، ڇاڪاڻ تہ هيءَ زندگي تہ پيار ڪرڻ لاءِ بہ مختصر آهي،” ان خيال کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هي ڀٽائيءَ جي هن بيت جو سھارو وٺي ٿو، “هلو هلو ڪورئين، نازڪ جنھين نينھن، ڳنڍين سارو ڏينھن، ڇنڻ مور نہ سکيا” ليکڪ جو خيال آهي تہ محبت ئي هڪڙو اهڙو احساس آهي، جنھن ذريعي نفرتن ۽ ڪدورتن کي ختم ڪري سگهجي ٿو، هن جي ڪالمن ۾ محبت جو درس نمايان آهي. جيڪو کيس وڏن کان ورثي ۾ مليو آهي تہ ڪنھن جي ڳالھہ کي ننڍو نہ سمجهڻ گهرجي ۽ هرماڻھوءَ سان پيار ۽ شفقت سان پيش اچجي ۽ انھن کي مان ڏجي تہ جيئن انھن جي دلين ۾ پاڻ لاءِ جاءِ پيدا ڪجي.
هنن ڪالمن ۾ گهڻو ڪري شروعات ڪالمن لکڻ سان ٿئي ٿي ۽ پوءِ اڳتي هلي ان ۾ ليکڪ پنھنجون ڳالھيون شامل ڪري ٿو. جنھن سان ڪھاڻي جو رڌم مختلف ٿي وڃي ٿو، حيدرآباد شھر، ان جون گهٽيون، اتي رهندڙ دوست، اديب ۽ شاعر، فنون، فلم انڊسٽري ۽ موسيقيءِ کي هو پنھنجن ڪالمن ۾ ياد ڪري ٿو، ان کان پوءِ هو سنڌ جي شھرن، هتان جي ماڻھن، اديبن، شاعرن ۽ مختلف ملڪن جا حوالا ڏئي، پنھنجي دوستن سان هم ڪلام ٿئي ٿو، گڏوگڏ هي انھن ۾ شبلي، غالب، مئي خانن، ۽ خوشين جا رنگ ڀريندو، اڳتي وڌندو هلي ٿو، پڙهندڙ بہ ساڻس گڏ هلن ٿا ڇاڪاڻ جو هن جي لکڻين جو ذائقو پڙهندڙن کي سٺو لڳي ٿو.
شعر هئڻ سبب سندس لکڻين ۾ تشبيھون بہ ڪمال جون آهن، “ڪينجهر تنھنجي ڪنڌيءَ تي” جي عنوان واري مضمون ۾ اونھاري ۾ شديد گرميءَ کان پوءِ برسات جي رونق جو ذڪر ڪندي پڙهندڙن کي بہ ان مينھن جون رنگينيون ڏيکاري ٿو. گرميءَ جي شدت ۾ جڏهن ماڻھو مرڻ لڳندا آهن تہ آسمان ڪڪرن سان يتيم ٻارن جي مٿان شفقت جي هٿ وانگر بڻجي ايندو آهي، ٺيڪ ائين اتر جون هوائون وڇڙي ويل محبوبا جون سرٻاٽن ۾ ڪيل ڳالھيون محسوس ٿينديون آهن.
زوار نقوي درگاھہ جھانيان جو گادي نشين پڻ آهي پر هن جي طبيعت ۽ روين ۾ اهڙي ڪابہ ڳالھہ نہ آهي، جيڪا کيس مرشد وانگر ٺٺ ٺانگر واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري، هي هڪڙو ملنسار شخص آهي، جيڪو بہ ساڻس ملڻ ايندو آهي، اهو سندس مھمان نوازيءَ کان متاثر ٿيندو آهي. هن پنھنجي ملازمت استاد جي حيثيت سان ڪئي ۽ پوءِ ڪاليج جي استاد ۽ ڪاليج جي ڊائريڪٽوريٽ تائين بہ پھتو.
آءٌ سمجهان ٿو تہ هي ڪتاب “ڳالھہ هڪ دور جي” ان دور جي تاريخ آهي، جيڪا هن ليکڪ سھيڙي آهي ۽ جيڪا ايندڙ نسلن لاءِ ڪارآمد ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ناميارن قلمڪارن نورالھديٰ شاھہ، تاجل بيوس، تاج جويو، مدد علي سنڌي، اياز لطيف پليجو، نصير ميمڻ، منظور سولنگي ۽ جاويد سوز جا تبصرا پڻ ڏنل آهن، جيڪي بہ ساراھہ جوڳا آهن.

(8 جون 2021ع روزاني ڪاوش مئگزين حيدرآباد)

زوار نقويءَ فيشن طور نہ لکيو (نثار حسيني)

مھاڳ لکڻ، لکرائڻ جو رواج تمام پراڻو آهي ۽ مھاڳ لکندڙن ۽ لکرائيندڙن جا ڪيترائي قسم آهي ۽ انھيءَ لحاظ کان مھاڳن جا بہ ڪيترائي قسم ٿيا. مان هتي مھاڳ لکندڙن، لکرائيندڙن ۽ مھاڳ جي ٻين پھلوئن کي ڇڏي صرف مھاڳ جي قسمن تي لکندس.
هونئن تہ مھاڳ جا ڪيترائي قسم آهن پر موجودھہ سنڌي ساهت ۾ ٽن قسمن جو رواج آهي تہ مان بہ هتي انھن مکيه ٽن قسمن جي باري ۾ مختصر نموني پڙهندڙن کي ڪجهہ ٻڌائيندس.
مھاڳ جو پھريون يا اصلوڪو قسم اهو آهي، جنھن کي ڪنھن نامياري برک نقاد، دانشور يا ليکڪ لکيو هجي. مھاڳ جي هن قسم ۾ گهڻو ڪري ليکڪ جي فن ۽ شخصيت تي گهٽ لکيو ويندو آهي پر مھاڳي پنھنجو پاڻ بابت ۽ پنھنجي ڄاڻ جي باري ۾ ڌاڪو وڌيڪ ڄمائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
مھاڳ جو ٻيو قسم جيڪو اڄڪلھہ شروع آهي، اهو آهي “مٽا سٽا وارو مھاڳ” يعني “تون مون تي لک مان توتي لکان“. يا “تون عظيم آن ۽ مان کي عظيم چئہ” يا “اي لوڪو اسان جي مھانتا کي مڃو” مھاڳ جو هي قسم تمام تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. ڏسجي تہ ڪٿي ٿو پھچي.
مھاڳ جو ٽيون قسم جيڪو مٿين ٻنھي قسمن کان نرالو بہ آهي ۽ اڄڪلھہ ڏاڍو تڪڙو ڦھلجي بہ رهيو آهي، سو آهي، “پنھنجين لکڻين تي پنھنجي ئي طرفان پاڻ مھاڳ لکڻ......” مان بہ زوار کي کوڙ ڀيرا انھيءَ قسم جي وڌندڙ ۽ تڪڙي مقبوليت حاصل ڪندڙ مھاڳ لکڻ جي صلاح ڏني ۽ چيو تہ هو پنھنجي ڪتاب جو مھاڳ پاڻ لکي ۽ مرتبو پائي، پر خبر ناهي زورآور زوار هر دفعي منھنجي انھيءَ سريلي صلاح کي ٺڪرائي ڇڏيو ۽ ضد ڪيائين تہ مان ئي کيس مھاڳ لکي ڏيان! مون کي سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ زوار کي انھيءَ پھرئين يعني پراڻي خارج ٿيل قسم جي مھاڳ لکرائڻ مان ڪھڙو فائدو پھچندو، سو بہ مان جھڙي اڻ ڄاڻ ماڻھوءَ کان! ڇوتہ مان جي مھاڳ لکڻ سان نہ تہ زوار جي شخصيت ۽ فن ايڏو بلند ٿي ويندا جو ماڻھو سندس ڪتاب کي اسٽالن تان قطارون ٻڌي خريد ڪندا ۽ نہ ئي وري مان سندس فن ۽ شخصيت جي اهڙي ڇنڊڇاڻ ڪندس جو هو ان کي مشعل بنائي، ان جي روشنيءَ ۾ پنھنجي لکڻين ۽ شخصيت کي اڳتي وڌائيندو ۽ سنواريندو. پر پوءِ بہ خبر ناهي زوار هرون ڀرون منھنجي ڪڍ ڇو آهي تہ صرف مان ئي سندس ڪتاب تي مھاڳ لکان!!
مان کيس اهو بہ چيو تہ زوار تنھنجو سيلف انٽرويو ئي تنھنجو ڪتاب جو سٺو مھاڳ ٿي سگهي ٿو، پر زوار اها ڳالھہ بہ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي، نتيجي ۾ سندس ڪتاب منھنجي مھاڳ نہ ملڻ جي صورت ۾ هڪ مھينو وڌيڪ ليٽ ٿي ويو ۽ ماڻھن جي تجسس ۾ انھيءَ هڪ مھيني جو وڌيڪ اضافو ٿي ويو، جيڪي کانئس ڪتاب جي اچڻ جو پڇي پڇي ٿڪجي پيا آهن ۽ هي پڻ بيزار ٿي پيو آهي، مان وري بہ آخري هڪ دفعو زوار کي گذارش ڪئي تہ هو پنھنجي ڪتاب جو مھاڳ پاڻ لکي ڇوتہ ائين ڪرڻ سان هو وڌيڪ فائدي ۾ ويندو، هڪ تہ اهڙي قسم جي مھاڳ جو رواج نئون آهي ۽ ڏينھون ڏينھن مقبول ٿي رهيو آهي. ٻيو تہ ائين ڪرڻ سان کيس ٻيا بہ ڪيترائي فائدا ملي ويندا. جھڙوڪ زوار پنھنجي ڇاتيءَ تي هٿ رکي وڏي واڪي پنھنجين لکڻين جي سلسلي ۾ چئي سگهندو تہ “ٻڌو اي لوڪو! اوهان لاءِ ئي مان پنھنجو ڪنڌ ڪپي ساڄي هٿ جي تريءَ تي سجائي رکيو آهي، سوني روپي سج سمان“....... ۽ هو اهو بہ چئي سگهي ٿو تہ “ لوڪو منھنجون هي لکڻيون......... انقلاب جو پھريون پل آهن ۽ اهي مون سچ سان لانئون لھي منصور جو محبوب بنجي اوهان لاءِ آنديون آهن“
...... پر زوار ۾ شايد اها جرئت نہ آهي جو هو اناالحق جي نعري هڻڻ کان ڪيٻائي ٿو، هو سج کي کاري جي هيٺان لڪائڻ کان گهٻرائي ٿو،...... ۽ انھيءَ ڪري هو باربار چئي رهيو آهي تہ مان ئي سندس مھاڳ لکان.
....... تہ لوڪو مان زوار جي انھيءَ ڪتاب جو مھاڳ لکان پيو: “....... تہ مان دعويٰ سان چوان ٿو تہ زوار هن ڪتاب ۾ ڪابہ ٻٽاڪ نہ هنئي آهي........ تہ زوار جون هن ڪتاب ۾ آيل سڀئي لکڻيون سندس پنھنجون آهن، ان ڪابہ چوري ڪانہ ڪئي آهي...... تہ زوار فيشن طور ڪونہ لکيو آهي، جنھن جو اڄڪلھہ چرچو عام آهي، جي ائين ڪري ها تہ سندس لکڻيون بہ فيشن ايبل هجن ها. زوار جو ڪجهہ لکيو آهي، اهو ڪچو ڦڪو ئي سھي ان ۾ ڏات ۽ ڏانءُ جي ڪمي ئي سھي پر هن پاڻ لکيو آهي ۽ هن پنھنجي ضرورت سمجهي لکيو آهي، جيڪا ضرورت سندس هر ڪھاڻي ۽ سيلف انٽرويو ۾ پڌري آهي ۽ اها ضرورت هر نئين ٽھيءَ جي ماڻھوءَ جي آهي ۽ زوار جي اها ضرورت “هوءَ” آهي، جيڪا سندس آئيڊيل آهي، آدرش آهي، زندگي آهي، جنھن جي لاءِ هو پنھنجو پاڻ کي ڪڏهن ماري ٿو، ڪڏهن جياري ٿو، سپنن ئي سپنن ۾،.......! پر “هوءَ “ آهي جيڪا زوار کان دور بہ ٿيندي وڃي پر زوار کيس زندگي او زندگي سڏيندو، کيس ماڻڻ جا جتن ڪندو اڳتي وڌي رهيو آهي...... ۽ اڳتي وڌيندو رهندو، جيسيتائين کيس ماڻي مھانتا نٿو ماڻي تيسيتائين ”
(1987ع ۾ شايع ٿيل سيد زوار نقوي جي ڪھاڻين جي ڪتاب “زندگي اور زندگي” تي لکيل مھاڳ)

معصوم ۽ حساس دل ليکڪ (نثار حسيني)

هيءَ ڳالھہ ان دور جي آهي جڏهن هو ڪنھن پيار ڪندڙ وجود جي تلاش ۾ هيو. سيارو هجي يا اونھارو، حيدرآباد جي گاڏي کاتي واري پرشن هوٽل جي ڪنڊ واري ميز هن جي بلي هوندي هئي. هر وقت مٿس دوستن جا هجوم هوندا هئا ۽ هو پنھنجي چھري تي مرڪ وکيري چانھہ مان سرڪي ڀري سگريٽ جو هڪڙو وڏو ڪش هڻي دونھون اندر ۾ اوتي پنھنجي ڳالھہ ۾ مصروف هوندو هو. خوبصورتي هن جي ڪمزوري ۽ فلسفه عشق هن جو موضوع هوندا هئا. بيدل ۽ سرمد جا دليل ڏيندو، ڀٽائي ۽ اياز جا شعر مثال جي طور تي پيش ڪندو، گڏوگڏ امرجليل، مدد علي سنڌي جي ڪھاڻين جا ڪوٽيشنس بہ چوندو. علم، ادب، فن، سياست، مذهب ۽ فلسفي تي بہ ٻہ چار اکر ڳالھائي پنھنجي ڄاڻ جو اثر وجهندو تڏهن تہ ماڻھن جو خيال آهي تہ هن وٽ خوبصورت لفظن، جملن ۽ ڳالھين کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونھي. مان چوان ٿو هن وٽ خوبصورت احساس آهن، حسين جذبا آهن ۽ حسن لاءِ بي انتھا محبت آهي. هو هر موضوع تي علم جي آڌار ڳالھائيندو هو، ان همراه پرشن جو ميز تڏهن ڇڏي جڏهن محبوب جي مک جي مرڪ پسيو پر، اڃا بہ سندس ڳالھيون، موضوع، لفظ ۽ جملا اهي ئي آهن. اهي تہ ڳالھيون آهن جيڪي ماڻھن کي هن ڏي متوجھہ ڪنديون آهن. مک تي مرڪ وکيري ان مرڪ جي واس سان ساري شھر کي واسيندڙ اسان جو اهو دوست سچ بہ تہ ڏاڍو ڏکويل آهي، سندس جو سھارو “هن” جو وجود آهي، جيڪو هن لاءِ سڀ ڪجهہ آهي، سندس زندگي جي هن ڊگهي دڳ ۾ رڳو ڪنڊا ئي ڪنڊا وکيريل آهن، سندس من ۾ برپا ماتمِ عشق جي باوجود بہ سندس چپن تي معصوم مرڪ وکريل هوندي آهي ۽ اهو ئي آهي پٿرن جي هن شھر ۾ رهندڙ معصوم ۽ حساس دل ليکڪ ۽ منھنجو دوست زوار نقوي.

(1987ع ۾ شايع ٿيل سيد زوار نقوي جي شعري ڪتاب “پل آپل” تي لکيل تعارف)

نثري نظم جو خوبصورت شاعر (تاج جويو)

اڄ يارن زوار نقويءِ سان شام ملھائي آهي، جڏهن تہ زوار ھميشہ يارن سان شامون ملھايون آهن. زوار جي شخصيت جا ڪيئي پھلو آهن، پر زندگيءَ جي هر پھلوءَ ۾ هو ٻيو ڪجهہ نظر اچي نہ اچي پر انسان ضرور نظر اچي ٿو ۽ اڄوڪي دور جي ماڻھوءَ ۾ انسان ڳولڻ ڏاڍو مشڪل آهي. انسان يعني انس وارو انسان ورلي ڪو لڀي ٿو. زوار گوناگون شخصيت ۽ رنگين طبيعت جو مالڪ، حساس تخليقڪار آهي، اهڙو حساس جيڪو “کلندي ملندو آهي ۽ روئيندي موڪلائيندو آهي.” زوار سندس چواڻي دل جي دنيا جو ماڻھو آهي ۽ دل جي دنيا جا ماڻھو اهلِ دل سڏبا آهن.
هن اهلِ دل نوجوان، پنھنجي زندگيءَ جي ٽيھن سالن واري وقت جو وڏو حصو، سونھن ۽ سچ جي عبادت ۾ گذاريو آهي ۽ راشد مورائي جا هيٺيان شعر سندس اِن عبادت ۽ ڪيفيت جا ترجمان آهن :
“زندگي، بي بندگي، شرمندگي،
سونھن آڏو سيس کي نوڙائجي،
سڄي رات جاڳي عبادت ڪجي،
ڪچھري رڳو سونھن بابت ڪجي.”

زوار پنھنجي شعري مجموعي “پل اپل “ ۾ لکيو آهي تہ “ابي، امان، سنڌ ۽ خوبصورتيءَ کان سواءِ منھنجو ڪوبہ ڪونھي،” جنھن ماڻھوءَ وٽ ابي، امان، سنڌ ۽ خوبصورتيءَ جو قدر هجي، جنھن جي زندگيءَ جي حاصلات ۽ ورثو اهي ئي وٿون هجن، ان کان وڏو ڀاڳ وارو دنيا ۾ ڪير چئبو؟
خوبصورتي زوار جي ڪمزوري آهي، پوءِ اها جسماني انگن مان اڀرندڙ خوبصورتي هجي يا فطرت جي منظرن جي. موسيقيءَ جي سرن مان ڦٽي نڪرندي هجي يا مصوريءَ جي فن مان.
کيمچند شرما جھڙن دوستن زوار کي پريم جي پاٺشالا سڏيو آهي، پريم جي پاٺشالا زوار خود آهي يا زوار جو آستانو، منھنجي نظر ۾ زوار جھڙي محبتي ماڻھن جو آستانو پريم پاٺشالا آهي، جتي تاجل بيوس کان انعام شيخ تائين، منير ٻٻر کان سارنگ شاھہ تائين، آسي زمينيءَ کان احمد سولنگيءَ تائين، جامي چانڊئي کان جمن سوهوءَ تائين، ذاڪر کٽيءَ کان طارق قريشيءَ تائين، اعجاز منگيءَ کان اياز لطيف پليجو تائين، منظور سولنگيءَ کان رشيد راڄڙ تائين ۽ ناز سهتي کان مون تائين محبت ۽ دوستي جا پرجام پيئڻ ايندا آهن. زوار شاعريءِ ۾ مون کان ڏھہ سال جونيئر، ليڪچررشپ ۾ ست سال جونيئر آهي.
زوار ڳالھائيندو آهي تہ جملن جي خوبصورتي لفظن جي ادائگي ۽ گفتگوءَ جو انداز ٻڌندڙ کي محو ڪري ڇڏيندو آهي. شاعرانہ مبالغه آرائي جيڪڏهن نثر جي صورت ۾ ڏسڻي ۽ ٻڌڻي هجي تہ زوار جي هڪ عدد تقرير ضرور ٻڌو پر ائين بہ ڪونہ آهي تہ هن وٽ رڳو خوبصورت جملا ۽ لفظ آهن پر هن جا خيال خوبصورت آهن تہ جذبا بہ جماليات سان پُر.
فني ۽ ادبي حوالي سان زوار جو مقام ڪھڙو آهي؟ سندس شاعري، مقالن ۽ ڪالمن جي ادبي حيثيت ڇا آهي؟ اها ڪٿ وقت ۽ وقت جو مؤرخ ڪندو پر حسين خيالن، جذبن ۽ احساسن جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ سان ئي اسين ساڻس انصاف ڪري سگهون ٿا. محبت ۽ نفرت جي معاملي ۾ زوار ھميشہ انتھا پسند رهيو آهي. اعتدال واري واٽ هن وٽ ڪانھي (جي آهي تہ ٿوري وقت لاءِ) زوار يارن جو يار، کلڻو ملڻو، اوکيءَ ۾ ڪم اچڻ وارو، کيسي خالي بہ خان، ڏک بک ۾بہ ڏِکَ ڏيندو تو نگر جي. توڪل جي تُرهي تي تَري زندگيءَ جي سفر مان ھميشہ پار پيو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو “پل اپل” ۾ ڇپيل هن جي موزون شاعري منھنجي نظر ۾ ايتري معياري نہ آهي، البتہ زوار نقوي نثري نظم جو خوبصورت شاعر آهي. هن جي نالي، پھريون، ٻيون ۽ ٽيون نثراڻو نظم عنوان وارا نثري نظم، هن جي خوبصورت تخليق مان آهن.
شفق جي هن پار،
سورج غروب ٿي ويو آ،
آڪاش تي ٽيڙو ٽڙي پيا هن،
۽ ڪَتيون کِڙي پيون هن،
۽ مان پنھنجي هٿن جي ٻڪن ۾،
تنھنجي ڪتابي چھري کي ڏسان ٿو،
جنھن جي هر ريکا تي وکريل هن،
منھنجا گيت، غزل،
ڪوتا ۽ ڪھاڻيون،
*
مان تنھا، وياڪل وياڪل،
آرٽس فيڪلٽيءَ آڏو،
بيد مشڪ جي وڻ هيٺان بيٺو سوچيان،
ڪالھہ هتي لوڪ کان لڪي ملندا هياسين،
پکين جي ٻولي ٻڌندا هياسين،
چپ چمندا گيت لکندا هياسين.
زوار سجاڳ ذهن جو ڪوي آهي، سماج ۾ موجود نا انصافين تي وقت جو سقراط ٿي قلم کڻي ٿو. “پل اپل” ۾ ڇپيل تجريدي نظم، تجريدي نہ پر خوبصورت نثري نظم آهن.
منھنجي گهر مان ويندڙ اڪيلو، منھنجي پيرن جو کڙڪو،
ٽڪ...... ٽڪ........ ٽڪ،
رات جي چپ چپات ۾ پاڇو،
منھنجي ئي تنھا وجود جو پاڇو،
گونگو، ماٺو، مدهم ۽ اڻ چٽو پاڇو،
ساري شھر ڏانھن ويندڙ بوٽن جا کڙڪا،
ڪيترن ئي وجودن جا پاڇا،
ٺا ٺا.....ٺاٺا.....ٺاٺا،
چونڪ چونڪ ۾،
ڪيتريون ئي اگهاڙيون پٺيون،
ڦٽڪن جو آواز،
ٺاٺا......ٺاٺا......ٺاٺا،
ماڻھن جا رانڀاٽ،
هي ديس چڻ نازي ڪيمپ آ

(سيد زوار نقويءَ سان ملھايل شام ۾ پڙهيل مقالو، 2 آڪٽوبر 1992ع تي روزاني خادمِ وطن حيدرآباد ۾ ڇپيل)

روم شھر جو اداس شھزادو (نصير مرزا)

حيدرآباد جي اولھہ کان اُداس ۽ کُڙ کٻڙ پيچرن وارو هڪ ڳوٺ آهي. نِمن جي نرمل ڇانءَ ۽ ڪٻڙين کَجين جي وڻن ۾ گهيريل ٽنڊو جھانيان جنھن جي آس پاس واري وشال ميدانن مان ڌوڙ جا بادل، هوا جي هلڪي جهونڪي سان، ڦيٿن وانگي ڦرندا ماڻھن جي مٿان چڙهندا ايندا آهن. زوار نقوي انھيءَ اتھاسڪ ڳوٺ ۾ جنم ورتو آهي. ڪھاڻيءَ جي اوجهڙ رستي تي هو ايڏي تيزي سان، ڌوڪيندو اچي، جيترو تيزي سان هو شھر جي رستن تي پنھنجي موٽرسائيڪل هلائيندو آهي. زوار اڃان انھيءَ سدا ملوڪ ايج ۾ آهي. جڏهن آس پاس هلندڙ سڀ خوبصورت ڇوڪريون پنھنجون محبوبائون لڳنديون آهن (۽ نمن ۾ ڀٽڪندڙ سڀ اداس موسمون زوار جون وڇڙيل محبوبائون آهن.) مون زوار جي بند مُٺ ۾ شھرت جون ريکائون بہ ڏٺيون آهن تہ ڏات ۽ ڏانءَ جا موتي بہ. زوار سنڌي ڪھاڻيءَ جو نئون ۽ نرمل آواز آهي. پنھنجي نيچر جي لحاظ کان هو اڃان “گليمر بواءِ” لڳندو آهي. پر ساڳي وقت هن ۾ سنجيدگي ۽ نماڻائي بہ آهي. هو نئين رُت جو نئون گل آهي. مون کيس سدائين سونھن جي ڳولا ۾ ڀٽڪندو ڏٺو آهي. هڪ ڏينھن “نئين ٽھي” جي آفيس ۾ شام سمي ٽيبل ليمپ جي پيلي ۽ ڌيمي روشني ۾ هو ڪنھن کي رومينٽڪ خط لکي رهيو هو. ان سمي هو، روم شھر جو ڪو اداس شھزادو لڳو هوم. سندس ڪھاڻين ۾ فڪر، گهرائي ۽ آرٽسٽڪ اڻت جو روشن عڪس موجود آهي. زوار رومينٽڪ موضوعن تي گهڻو لکيو آهي. هو پنھنجي ڪھاڻين ۾ ڪٿي ڪنٺا ۽ ڪٺمال پائي ڪوھہ ڪاف جي جبلن ۽ جهنگن ۾ جوڳين وانگر ڳائيندو ڀٽڪندو نظر اچي ٿو، تہ ڪٿي پيڙا جي گهُگهہ گُفائن مان لنگهندو نظر اچي ٿو تہ ڪٿي وري پال گوگين وانگي برش ۽ رنگن جو باڪس کڻي سمنڊ جي ڪناري تي، ستارن ڀري سانجهہ ۾، پنھنجي پرينءَ جو پورٽريٽ جوڙيندو نظر اچي ٿو. پنھنجي ڪھاڻين ۾ پيارا پيارا، ۽ خوبصورت اميجز ۽ عڪس، ڏيڻ وارو هي نوجوان ڪلاڪار، اڃان ادب جي اُڀ تي پھرين جي چنڊ جيان آهي. اڃان هن کي چوڏهينءَ جو چنڊ ٿيڻو آهي ۽ هو ضرور اهو ٿيندو. اهڙو وشواس مون کي آهي.

(1981ع ۾ شايع ٿيل سيد زوار نقوي جي ڪھاڻين جي ڪتاب “زندگي او زندگي” تي لکيل تعارف)

لڙ، لھرون ۽ واءُ (حسن درس)

محترمہ بينظير ڀٽو جي حڪومت جا ڏينھن کٽا تہ ٻيا گهڻا بہ اِن لُڙ ۾ لڙهي ويا. ڪئين سڪن سان گڏ ساوا بہ سڙي ويا. سنڌي وڏيرن تي اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ جي موسم ڳري ٿي پئي، گهڻن جي دل جي بيماري اٿل کاڌي ۽ پاڻ کٽن جا پاسا وٺڻ لڳا تہ ڪيترن وري ان مٿي ڦريل ماحول کي پنھنجي حق ۾ سازگار بڻائي وڌو. اسان جو دوست زوار نقوي بہ ان وقت جي عتاب جو شڪار بنيو، پاڻ نڪو اسيمبلي ميمبر بنيو ۽ نہ ئي ڪا وزارت ماڻيائين، ڪنھن فيڪٽريءَ جو اجازت نامو بہ ڪونہ وٺي سگهيو ۽ نہ ئي پنھنجي ڪنھن ويجهي عزيز لاءِ ڪنھن چڱي چوکي ٺيڪي جو بندوبست ڪري سگهيو. زوار نقوي هونئن تہ راڄن جو سنگتي آهي۽ سندس بہ راڄ سنگتي آهن پر اهي سڀ اديب، صحافي، سياسي ڪارڪن ۽ وچولي طبقي جا ماڻھو آهن. اهائي مصيبت آهي جو زوار نقوي سڌو سنئون اسسٽنٽ ڪمشنر يا ڊي ايس پي نہ ٿي سگهيو.
جيئن سڀ سنڌي بيروزگار نوجوان نوڪرين لاءِ هٿ پير هڻندا رهندا آهن، زوار بہ انھن سڀن جيان پاڻ ڦٿڪائيندو رهيو ۽ نيٺ هڪ ڏينھن پراپر پنھنجي ڊگري، صحافتي تجربي ۽ ادبي ڪم جي ڪري ماهوار نئين زندگي جو ايڊيٽر ٿي ويو، کيس ڪنھن وزير جي آشيرواد بہ حاصل ڪونہ هئي ۽ نہ ئي ڪنھن پليسمينٽ بيورو مٿس ٻاجهہ ڪئي پر هن اها نوڪري پنھنجي صلاحيتن جي آڌار تي پاڻ حاصل ڪئي ۽ پوءِ جڏهن پ پ پ حڪومت ڊٺي ۽ سنڌي نوجوان آفيسن مان گهر موٽڻ لڳا تہ زوار نقوي بہ انھن واپسيءَ وارن پانڌيئڙن مان هڪ هيو. حڪومت ڏٺو تہ زوار نقوي شاهي قلعو فتح ڪيو ۽ ان تي جهنڊو هنيو ويٺو آهي، سو هنن ضروري سمجهيو تہ هن کان اها والار خالي ڪرائجي. زوار جا احمد فراز وانگر اسلام آباد جي طاقتور حلقن سان ڪي تعلقات ڪونہ آهن، جيڪي اڄڪلھہ وڃائجي ويل جنتن کي ڳولھي واپس ڏيارڻ ۾ مددگار ٿي رهيا آهن. سنڌ ۾ اخبارن رڙيون ڪيون، ايڊيٽوريل ڇاپيا، اديبن بيان ڪڍيا ۽ زوار جي واپسيءَ جي لاءِ اپيلون ڪيون پر حڪومت جي ڪن تي جون ئي نہ ٿي سري.
توهان، اسان سڀني کي خبر آهي تہ هڪ سنڌي رسالي جو ايڊيٽر ڇا ٿي سگهي ٿو، هن جو ڪھڙو انتظامي امور ۾ عمل دخل هوندو آهي ۽ هو ڪھڙين تبديلين جي پويان محرڪ آهي، پوءِ بہ الائي ڇو طاقت جي سرچشمن زوار کي لاهڻ ضروري سمجهيو. زوار نقوي جنھن رسالي جو ايڊيٽر هيو، اهو وفاقي حڪومت جي دائري ۾ اچي ٿو ۽ جن جي قسمت جا لکيا، اسلام آباد جي ڄاڱري ٻير ۾ اٽڪبا آهن، انھن جو ڌڻي سائين ئي والي هوندي آهي. خبر ناهي ڇو انھن اسلام آباد جي ارڏين هوائن سان سينو ساهي، زوار نقويءَ جي تہ ايڊيٽري وئي هلي آهي پر گهڻن مڙسن جا تہ انھيءَ هوا سان مٿو ٽڪرائيندي سر هليا ويا. زوار سان سڀ دوست ۽ قلم ڀائي ٻيو ڪري بہ ڇا ٿا سگهن سواءِ ان جي تہ هن جي کسيل حق لاءِ ٻہ اکر لکن ۽ ماٺ جي هن ڍنڍ ۾ هڪ ننڍڙو پٿر اڇلائين.

(6 فيبروري، 1991ع، روزاني عبرت حيدرآباد)

سونھن ۽ سڪ جو گداگر (اشفاق آذر)

مرڪندڙ چپن جي مٿان گهاٽين مڇن جي مالڪ سيد زوار نقوي سان منھنجي واقفيت جيتوڻيڪ ڪا گهڻي پراڻي تہ نہ آهي پر ڪنھن باقاعدي ملاقات کان اڳ ۾ سندس ڪالمن وسيلي ساڻس ڄاڻ سڄاڻ رهندي آئي آهي. پنھنجي اندر ۾ هڪ معصوم ٻار جھڙي دل کڻي هلندڙ زوار جي وڏين ۽ ڪشاده اکين ۾ ھميشہ هڪ عجيب قسم جي حيرانگي رهندي آئي آهي. اها حيرانگي جيڪا تجسس سان ڀريل هجي ٿي ۽ جيڪا چھرن، منظرن، لقائن ۽ واقعن پٺيان لڪل وارتائن کي پڌرو ڪري سندس لکڻين جو روپ وٺي آڏو ايندي رهي ٿي ۽ اڪثر پڙهندڙن کي بہ حيران ڪري ڇڏي ٿي.
منھنجي سائين زوار نقوي جي ڪالمن سان باقاعدہ ڏيٺ ويٺ تڏهن ٿي، جڏهن مون ڪاوش جو اندريون پيج سنڀاليو. ڪاوش آفيس جون ڏاڪڻيون چڙهي هڪ عدد وڏي ڀاڪر سان فيضياب ڪرڻ کانپوءِ وڃڻ وقت هڪ عدد ڪالم ڏيڻ تائين ساڻس گفتگو، ٽھڪن جو ذائقو، آفيس جي ڪم ڪار واري ڳوري فضا کي ڪافي حد تائين هلڪو ڪندو رهيو آهي. سندس ڪالمن جي بيھڪ ۽ جوڙجڪ اهڙي هوندي آهي، جيئن ڪو ڪنڀار ڏاڍي پيار ۽ پاٻوھہ مان مٽي ڳوهي ان کي چڪ تي چاڙهي ۽ پوءِ ڪنھن خوبصورت ٿانءُ جي شڪل ڏيندو آهي. هو پنھنجي ڪالم جي شروعات ۾ فيض جي نظم جي ڪنھن خوبصورت سٽ جيان پڙهندڙن جي اندر ۾ لھندي سندس احساسن کي ڇھي پل ۾ کلائي، پل ۾ اداس ڪري ڇڏيندو آهي. سندس ڪالمن جا موضوع سياسي گهٽ ۽ سماجي وڌيڪ رهيا آهن، ڇو تہ سياست جنھن جوڙ توڙ، پيداگيري، حرفت ۽ چالاڪي جو نالو ٿي پيو آهي. سا هن حساس دل ماڻھوءَ جي مزاج وٽان ناهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪالمن ۾ توهان کي ايوانن جي ڪرسين تي ننڊ ڪندڙ اسيمبلي ميمبرن، پيجارو ۽ لينڊ ڪروزر ۾ گهمندڙ سياستدانن کان وڌيڪ هوٽلن تي بيراگيري ڪندڙ “ڇوٽا“، مردن جي تشدد جو شڪار مظلوم عورتون، بيروزگاري کان تنگ ٿي آپگهات ڪندڙ ۽ نشي ۾ پناھہ ڳوليندڙ نوجوان، چند ٽڪن عيوض وڪامجندڙ نينگريون ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي ڪردار نظر ايندا. جيڪي سماجي ظلم، ڏاڍ، ناانصافي ۽ جبر ۽ طبقاتي استحصال جي فريم ۾ ٽنگيل تصويرن وانگر هوندا آهن. هي انھن تصويرن جو درد پنھنجي اندر ۾ سھيڙي کين ڪالمن جي شڪل ۾ سڀني کي ورهائي ٿو. جيتوڻيڪ نيرنگيءَ سياست جي درن ديوارن جون بہ هن پنھنجي قلم سان چٿيون لاٿيون آهن، پر ذاتي طور تي آئون سمجهان ٿو تہ اها سندس اوريجنلٽي ناهي. سندس سماجي پس منظر وارا ڪالم وڌيڪ شڌ، وڌيڪ خالص آهن، ڇو تہ انھن ۾ عام ماڻھن جون ڪٿائون هونديون آهن. اهي ئي عام ماڻھو جن جي سڃاڻپ لکندي اردو جي مشھور مزاح نگار مشتاق يوسفي پنھنجي بايوگرافي “زرگذشت” ۾ لکيو هو تہ، “عام ماڻھو جي زندگيءَ ۾ فقط ٽي موقعا اهڙا ايندا آهن، جڏهن کيس مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي. هڪ پنھنجي ڇٽي وقت، ٻيو نڪاح مھل ۽ ٽيون تدفين ڀيري. فقط انھن ٽنھي موقعن تي ئي هو سمورن ماڻھن جي نگاهن جو مرڪز هوندو آهي.“
زوار جا آئيڊيل اهڙا ئي ڪردار آهن، جن کي معاشرو ٺڪرائي ٿو ۽ هو انھن ٺوڪر لڳل ماڻھن کي کڻي پنھنجي ڇاتيءَ سان لائي ٿو.
مون کي سائين زوار کان هڪڙي شڪايت آهي تہ آخر سندس اڪثر ڪالمن ۾ اداس شامن، چانڊوڪي راتين، ڇيڳرين هوائن، ريشمي زلفن، بادلن ۽ خوشبوئن جو ذڪر ايڏي ڪثرت سان ڇو هوندو آهي؟ ان جو سبب شايد اهو هجي تہ هو نہ صرف خوبصورت شين سان وڏي حد تائين پيار ڪندڙ آهي پر بنيادي طور تي هڪ پيار ڪندڙ شخص پڻ آهي. جيڪو خوابناڪ گهٽين ۾ آوارگي کان وٺي غمناڪ رستن جي رولاڪيءَ تائين پنھنجي اندر ۾ اڻ ڳڻين حسين چھرن ۽ خوبصورت منظرن جو البم کڻي هلندو رهي ٿو. بھرحال مجموعي طور تي سندس ڪالم ڪافي جي هڪ ڪوپ ۽ سگريٽ جي هڪ ڀرپور ڪش کان وڌيڪ بہ ذهن تي ڪجهہ اثر ڇڏين ٿا. هن ڪتاب جا پنا اٿلايو، توهان کي سڪ ۽ سونھن جو گداگر خوابن ۽ دردن جي سئن هڻندي ملندو.

(سيد زوار نقوي جي ڪالمن جي ڪتاب لاءِ لکيل مھاڳ)

فيميلز جو فيورٽ رائيٽر (مظھر لغاري)

جيتوڻيڪ هو پروفيسر آهي پر سپلا جي سياست کان پرڀرو رهي ٿو ۽ چوي ٿو تہ ڊاڪٽر ۽ ماستر اڄڪلھہ گريڊن جي چڪرن ۾ پئجي سياست جي ور چڙهي ويا آهن، کين سترهين گريڊ واري ڪوڙي انا کي سترهن طلاقتون ڏيئي پنھنجو پروفيشنل فريضو نڀائڻ گهرجي. بظاهر زوار نقوي هڪڙو ڦڏائي مڙس نظر اچي ٿو ۽ سندس باري ۾ اهڙيون انيڪ ڪھاڻيون بہ گردش ڪنديون رهن ٿيون، پر جن کيس ويجهي کان ڏٺو آهي تن جو چوڻ آهي تہ هن جھڙو صابرين ۽ سهپ وارو ماڻھو ڪو ٻيو مشڪل هجي. ها البت جتي کيس ڪير اخلاقي طرح جڏو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو تہ زوار نقوي اهڙو ڦڏو ڪندو جو راڄ ڏسندا. ان پس منظر جي باوجود هو “مڙس تہ ڦڏو” واري چوڻيءَ کي بيوقوف بزدلن جو خوبصورت خواب سمجهي ٿو. هن جو پٽ کانئس وڌيڪ خوبصورت ۽ ذهين آهي، تنھن ڪري ڪي بنھہ وڏا ۽ يادگار ڪم ڪرڻ جون اميدون هاڻي ان منجهان ئي رکي سگهجن ٿيون. مثال طور، عشق، محبت وغيرہ وغيرہ. زوار نقوي کي سندس فيميل ريڊرس ڏاڍا رومينٽڪ خط لکنديون آهن پر هو اشراف ماڻھو ڀاڄائي سان Betray ڪرڻ جو سوچي بہ نٿو سگهي. اهي رنگين ۽ سنگين مخطوطات سندس گهر مان نڪرندڙ سامان ۾ شامل هوندا. (منھنجي گواهي گهر ۾ سندس ريپوٽيشن بہ بھتر بنائي سگهي ٿي، جنھن لاءِ کيس منھنجو ٿورائتو ٿيڻ گهرجي.) محبت ۽ عشق هڪڙا ڪمائيندا آهن ۽ ٻيا کپائيندا آهن. هو فقط تماشائي آهي. البتہ دوستي ڄڻ تہ هن جو رليجيئن آهي. سڀني وڏن اديبن جي زوار نقويءَ سان ويجهڙائي ۽ دوستي آهي. توڻي جو هو سندن قبيلي سان تعلق نٿو رکي ۽ مولائي مڙس آهي. سندس داٻو، صحافت، سياست ۽ هر شعبي تي هلي ٿو. هلي تہ هن جي اها ڪار بہ پئي جنھن کي ڪجهہ دوست “بسنتي” سڏين ٿا ۽ انعام شِخ ان تي اهو شعر ڪشيو هو تہ “هي عشق جو گاڏو آهي پرين، ڪڏهن تون ٿو ڌڪين، ڪڏهن مان ٿو ڌڪيان!” ان گاڏي کي هن بہ هلايو آهي پر گاڏي بہ کيس اوتروئي هلايو آهي. ان گاڏي جي شان ۾ گستاخي لاءِ مان معافي جو طلبگار آهيان جو مان بہ ان مان مستفيض ٿيندڙن ۾ شامل آهيان.
مون کي تہ زوار نقوي ان ڪري بہ وڻندو آهي، جو هن جي (نھايت ناقص) راءِ ۾ آرٽ آف ايڊٽنگ اچي مون تي ڇيھہ ڪري ٿو. هو چوي ٿو تہ تنھنجي ايڊٽنگ منھنجي لکڻين جو پٽڪو بچائي ٿي ۽ اهي شاندار ٿي وڃن ٿيون ۽ مان سمجهان ٿو تہ سندس شاندار لکڻيون منھنجي ايڊيٽنگ جي ڀوائتن نتيجن سان ان حال کي رسيون آهن. حليم بروهي منھنجي ان راءِ سان سهمت آهي، جنھن جو خيال آهي تہ بندي ۽ مالڪ جي وچ ۾ ٽپڻ شريف ماڻھن جو ڪم ناهي، تنھن ڪري ليکڪ ۽ پڙهندڙن جي وچ ۾ ٽپي پوندڙ ايڊيٽر بہ ساڳئي ڪردار وارو ماڻھو هجي ٿو.
زوار نقوي وڏي دل گُڙدي وارو ماڻھو آهي. هو پنھنجي مرضي ۽ دل وٽان ڪالم لکي ڏيئي ويندو آهي ۽ اهو نہ پڇندو آهي تہ سندس ڪالم هلندو بہ يا اخبار جي پاليسي جي ڄاڱري ٻير ۾ ڦاسي پوندو. ڪو بہ پروفيشنل ايڊيٽر زوار سان ورڪنگ رليشن شپ ۾ ھميشہ At ease ئي رهندو، جڏهن تہ ٻي خلق عذاب ۾ وجهيو ڇڏيندي آهي. همراهن ڪالم لکيو ۽ ايڊيٽر اڙيو. منھنجي خواهش آهي تہ کيس اخباري اداري پاران صبر ۽ شڪر جو ايوارڊ ملڻ گهرجي. ڪالم لکڻ هن لاءِ نيڪي جو ڪم آهي ۽ هو انھن سان “ڪالم لک دريا مين ڊال” وارو حشر ڪندو آهي.
هن مجموعي ۾ شامل سندس ڪالمن مان اڪثر منھنجي ايڊيٽنگ جي پلصراط ٽپي پار پيا آهن، جنھن ڪري هن جو خيال آهي تہ مان انھن بابت ڪجهہ نہ ڪجهہ لکان. جڏهن تہ منھنجو خيال آهي تہ منھنجي ايڊيٽنگ پاڻ انھن بابت منھنجي راءِ آهي. مان پاڻ کي انتھائي اعليٰ پائي جو اناڙي (سب) ايڊيٽر سمجهان ٿو، البتہ هو مون کي خوشونت سنگهہ ۽ خير محمد نظاماڻي سمجهي ٿو، جنھن تي مون کي ڪا بہ خوشي ڪو نہ ٿي ٿئي جو ٻئي “خ” وارا نالا آهن.

(سيد زوار نقوي جي ڪالمن جي ڪتاب لاءِ لکيل مھاڳ)

هڪ دور جي حيدرآباد ۽ زوار نقوي (جاويد سوز هالائي)

وقت کي فليش بيڪ ڪريان ٿو تہ ماضيءَ جا ڪيترائي روشن لمحا اکين اڳيان اچي وڃن ٿا ۽ هڪ عجيب حسناڪي مون کي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺي ٿي. ڪيترائي سال پھريان هالا مان بيروزگاري ۽ شاگرديءَ واري زماني ۾ حيدرآباد جا حسين رستا بہ مون کي اردوءَ جي هن شعر وانگر لڳندا هئا :
“اجنبي شھر ڪي اجنبي راستي،
ميري تنھائي پر مسڪراتي رهي.”
تڏهن مون لاءِ نصيرمرزا جي ريڊيو پاڪستان واري آفيس ڄڻ آخري پناھہ گاھہ هوندي هئي. بلڪل اهڙي طرح جھڙي طرح ڪنھن زماني ۾ “ آگم پبليڪيشن” جي آفيس سنڌي ادب سان واڳيل هڪ نسل لاءِ پناھہ گاه هوندي هئي، اها “آگم” جي آفيس ۽ اهو سائين نثار حسيني، جنھن لاءِ مون 2000ع ۾ ساڻس ملھايل شام جي موقعي تي لکيل مقالي ۾ لکيو هو تہ “اها هڪ نسل جي آخري پناھہ گاھہ هئي، جتي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ مليا تہ نصير مرزا، زيب نظاماڻي، لياقت رضوي، سوز هالائي، اڪبر سومرو، حسن مجتبيٰ، نياز پنھور، عرفان مھدي ۽ ٻيا ڪيترائي اديب.” اتي علم، ادب، جديد سنڌي شاعري ۽ جديد سنڌي ڪھاڻيءَ تي ٿيندڙ بحث مباحثا، هاڻي فضائن ۾ گم ٿي ويل قصو لڳن ٿا. انھن ۾ هڪڙو نالو زوار نقوي جو بہ آهي، اها آگم واري جاءِ تہ گهڻو وقت اڳ پنھنجو عروج وڃائي ويٺي... ۽ ان تي ويھندڙ سڀ پکي هڪ هڪ ٿي اڏامي وڃي نہ ڄاڻ ڪھڙن وڻن تي ويٺا ۽ انھن مان ڪي پکي تہ وڃي پرديس وسائي ويٺا.
وقت پنھنجي سيني ۾ هڪ اهڙو يادداشت نامو لکي رڙهندو رهي ٿو، جيڪو صرف اکين پورڻ سان، پراڻا ڪاغذ ڳولڻ سان ۽ ڪتابن ۾ رهجي ويل گلن جي ۽ ٽشو پيپرن تي چپن جي نشاني سان ئي اکين آڏو تري اچي ٿو. ان سٿ ۾ زوار نقوي بہ حيدرآباد جي ادبي حلقي جو هڪ متحرڪ ڪردار ٿي اڀريو هو، جيڪو هڪ ئي وقت شاعري، ڪھاڻي ۽ ناوليٽ جي اعتبار کان پنھنجي مڪمل جاءِ ٺاهي چڪو هو. هن وٽ هڪ ئي “جھانيان هائوس” جي هڪ پناھہ گاھہ هوندي هئي، جتي دير سوير سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اديب، شاعر سياسي ڪارڪن ۽ وطن دوست تحريڪن جا متحرڪ ڪارڪن اچي گڏ ٿيندا هئا، جتي سائين ويڌل شاھہ جي پاٻوھہ واري انداز مان پيا فيض پرائيندا هئا، ڪي دوست تہ سالن جا سال رهيا ۽ ڇا تہ حسين امتزاج هو، قومي تحريڪ ۽ کاٻي ڌر جي تحريڪ مان جنم وٺندڙ ادب جو انھن ڏينھن ۾!! هڪ عجيب سحر انگيزي هڪ پوري نسل لاءِ اتساھہ جو سبب رهي پر ادب تہ هونئن بہ هر دور ۾ اتساهيندڙ هوندو آهي.
ٺيڪ آهي تہ ان دور جون سياسي، سماجي ۽ معروضي حالتون ڪھڙيون بہ هيون پر حيدرآباد ناسي شامن جو هڪ شھر رهيو آهي. ان سان گڏ اهو سنڌ جي جديد ادب ۽ جديد سياست جو بہ مرڪز ۽ محور رهيو آهي. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ حيدرآباد جون ادبي سرگرميون هن خوبصورت نثري نظم جي شاعر، پرجوش انداز ۾ ڳالھائيندڙ ۽ ادبي مقرر زوار نقوي کان سواءِ اڌوريون هونديون هيون.
سنڌ ۾ نثري نظم لکجڻ جو رجحان شروع ٿيو هو تہ جديد ادب ۾ شامل ٿيندڙ نوجوان اديب اهو ڏسڻ کان سواءِ تہ مٿن ڪھڙي تنقيد ٿيندي، نثري نظم جي صنف ۾ لکندا ۽ پنھنجا تجربا ڪندا رهيا. جيتوڻيڪ ان دور ۾ نعيم دريشاڻي، مدد علي سنڌي ۽ ٻيا بہ ڪيترائي شاعر هن صنف ذريعي جديد سنڌي ادب ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ويا هيا ۽ زوار نقوي پڻ انھن مان هڪ هو، جنھن هن صنف کي اڳتي وڌائڻ ۾ “پَل اپل” “چراغ شام” جي عنوان هيٺ نثري نظمن جا ڪتاب سنڌي ادب کي تحفي طور ڏنا. ڪنھن بہ نئين صنف جو ادب ۾ شامل ٿيڻ خود روايتي لکندڙ ادب جي مخالفت ۾ پيدا ٿيندڙ تنقيد کي منھن ڏيڻ جي سگهہ رکندو آهي. اڳتي هلي نثري نظم نقادن جي تنقيد باوجود سنڌي ادب ۾ پنھنجي هڪ اهم جاءِ والاري ۽ جنھن وقت گذرڻ سان نوان رخ، نوان رستا ۽ نوان موضوع ڳوليا آهن.
زوار نقوي جيڪڏهن رڳو نثري نظمن جو شاعر هجي ها تہ شايد هو اڄ گهڻن ماڻھن کان وسري چڪو هجي ها پر هن شاعري سان گڏ ناوليٽ لکڻ جو بہ ڪامياب تجربو ڪيو، جنھن جو عنوان “رات رني ڪوٽ ۾” رکيو، جڏهن ڪاوش اخبار سنڌي صحافت جي ميدان تي آئي تہ ان تي بہ سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جا گهرا اثر مرتب ٿيڻ لڳا، ان جي ڪالمن جو انداز نج ادبي هو ۽ تجزياتي رايا ايترا مقبول نہ ٿيا هئا. ان دور ۾ حسن مجتبيٰ، اعجاز منگي، امتياز ابڙو، عنايت مگسي، نصير مرزا ۽ ٻيا ڪيترائي اديب نثر جو سھارو وٺي سنڌ ۾ ٿيندڙ سماجي اٿل پٿل کي رومينٽيسائيز انداز ۾ ڪالم لکندا هئا. زوار نقوي بہ ادبي مزاج وارا ڪالم لکندڙن ۾ اڳيان اڳيان رهيو هو. هاڻي اهو سحرانگيز دور بہ ناهي رهيو، هاڻي سنڌي صحافت مڪمل طور تجزياتي صحافت ڏانھن وڌڻ سان گڏ جديد صحافتي قدرن ۽ لاڙن ڏانھن گامزن آهي.
زوار نقوي سنڌي ادب ۾ هڪ وڏي عرصي تائين هڪ متحرڪ ڪردار طور موجود رهيو پر پوءِ اوچتو خاموشيءَ جي چادر ويڙهي نہ ڄاڻ ڪھڙين اماس راتين جي رستن ۾ گم ٿي ويو. سندس خاموشي پٺيان ڪھڙا سبب هئا، اهي تہ سائين زوار پاڻ ئي ٻڌائي سگهي ٿو پر جڏهن آءٌ سندس ڇانو ۾ ڪاوش اخبار ۾ آيس تہ اتي مون گهڻو ڪجهہ پرايو. هيءُ هڪ ئي وقت ڳالھائڻ جو انتھائي شانائتو انسان ۽ ڏکين مرحلن ۾ ڀرجهلو ٿي رهندڙ شخص آهي. هن وٽ مون هڪ جهڙائي جو احساس ڏٺو آهي، تنھن ڪري زوار نقوي جھڙن اديبن کي هر صورت ۾ پنھنجو ادبي ڪردار بحال رکڻ گهرجي.

(20 جنوري 2019ع روزاني ڪاوش حيدرآباد)

سيد زوار نقوي جي نثر ۾ نظماڻي خوشبوءِ! (واحد ڪانڌڙو)

“زندگيءَ جي سادگيءَ جو روپ ٿورن ماڻھن جي چھرن کي ڏسي محسوس ڪري وٺبو آهي، اهي ماڻھو پنھنجي ذات ۾ وڏا هوندا آهن ليڪن پنھنجي روين، اُٿڻي ويھڻي، هلت چلت ۾ نھايت ئي سادا، هي زندگيءَ ۾ عام هوندي بہ خاص هوندا آهن ۽ خاص ڪڏهن بہ عام ٿي نہ سگهندا آهن. اخباري دنيا ۾ هزارين ڪالمنگارن جي قطار ۾ اک ڦيرائبي تہ، زوار نقوي سڀني ۾ نمايان نظر ايندو، هي گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪالمنگار آهي، وڏو ليکڪ ٿيڻ جي خواهش گهڻن ڪالمنگارن جي هوندي آهي، ليڪن ڪي ٿورائي پڙهندڙن لاءِ آئيڊيل رائيٽر بڻجي ويندا آهن، سائين زوار نقوي جي نثر ۾ نظماڻي خوشبوءِ آهي، جملن جي رواني آبشارن وانگر هوندي آهي، ائين ئي هن جي زندگيءَ ۾ بہ پيار محبت جي هڪ رواني آهي، ٻين کي پنھنجو ڪرڻ جو هن وٽ ڏانءُ آهي. هو آرٽ جو ماڻھو آهي، محفلن ۾ هن جا ٽھڪ بہ آرٽ معنيٰ ڏيندا آهن.
خوشي آهي تہ، سائينءَ جي اينٿالاجي تيار ٿي رهي آهي، پڙهندڙن کي سائين زوار نقوي هڪ هنڌ ملي ويندو، منھنجي راءِ آهي تہ، سنڌي ادب جي هيءَ هڪ نرالي اينٿالاجي هوندي.

مرڪ جي هٻڪار سان واسيندڙ (عابد مظھر)

زوار نقويءَ جو سدائين مک تي مرڪ کڻي ٽنڊي جھانيان کان حيدرآباد جي روڊن ۽ نئين ٽھيءَ جي آفيس کي مرڪ جي هٻڪار سان واسيندو وتندو آهي، سندس هرڪھاڻيءَ ۾ شڪست کاڌل ڪردار هوندي بہ هو مون کي پنھنجي ذاتي جيون ۾ ڏاڍو خوش نظر آيو آهي. مون کي سندس ان طبيعت تي ڏاڍي ريس آهي. منھنجي کيس دعا آهي تہ شل کيس ڪنھن اداس پل جي نظر نہ لڳي.
پڙهندڙ کيس پھرين جي چنڊ جيان انھيءَ اميد تي ڏسي رهيا آهن تہ هڪ نہ هڪ ڏينھن سندس لکڻين ۾ کير جھڙي سفيد ۽ سوني روشني بہ ڏسندا. مان ساڻس جڏهن بہ ڪمپني ڪندو آهيان ۽ سندس هر ها ۾ ها ملائيندو رهندو آهيان.
لکڻ جي ڏانءَ هئڻ ڪري سندس هر لکڻي ۾ پختگي ايندي رهي ٿي پر زوار کي ايترو ضرور چوندس تہ لکڻ سان گڏ گهڻو پڙهڻ هن جي ان عمر ۾ تمام ضروري آهي.

(1987ع ۾ شايع ٿيل سيد زوار نقوي جي ڪھاڻين جي ڪتاب “زندگي او زندگي” تي لکيل پڇاڙڪا اکر)

ڪھاڻيڪار، شاعر، ڪالم نويس سيد زوار نقوي (مظھر “امر”)

“تون اڪيلو تہ ناهين،
رڃ جي هن سفر ۾،
سڃ جي هن سفر ۾،
ڪيئي جوانيون لڙهي ئي وڃن ٿيون،
هر دور جي بروٽس جو خنجر،
سيزر جھڙو سينو ٿو ڳولھي،
۽ ماڪ جي ڪٽوري ۾ ڪوئي،
زهر جو ڍڪ ڍڪ اوتي پيئي ٿو،
تون اڪيلو تہ ناهين درد جي شام ۾،
ڍڪ ڍڪ جام ۾،
ڪافر دلين کي ڀلا ڪير گهوري،
هرڪو وڃي ٿو فنا جي قبر ۾،
انا جي قبر ۾
تون اڪيلو تہ ناهين گلا جي گهٽين ۾،
تھمتن جي سنگباري،
ائين ئي تہ ٿيندي،
۽ ٿيندي ئي رهندي،
تون اڪيلو تہ ناهين،
تون اڪيلو تہ ناهين.”

اهي سٽون مون سيد زوار نقويءَ لاءِ لکيون آهن، جنھن جي سيني ۾ هڪ معصوم دل ڦٿڪندي رهندي آهي، جنھن کي اسان جي پياري دوست نصير مرزا روم شھر جي گهٽين ۾ وڃائجي ويل شھزادي جي روپ ۾ ڏٺو، روم شھر ۾ هڪڙو سيزر بہ هئو، جنھن سان سندس دوست بروٽس بيوفائي ڪئي، سيد زوار نقويءَ جو پورٽريٽ ڇا آهي؟ هڪ اداس وڻ جي ڇانو. ڪا وڃايل پروڪي سار، هوا ۾ گم ٿي ويل هڪ مرڪ، پنھنجي جهوليءَ ۾ تنھائيءَ کي سانڍيندي هي ڇا سوچيندو آ، دوستي ڇا آهي ؟ اها جنھن جي افلاطون تشريح ڪئي يا منافقين جي لباس ۾ ويڙهيل ڪو خنجر؟ ڪڏهن ڪنھن ماڪ کان پڇيو آ تہ تون گلن جو مک تہ اگهاريندي آهين پر ڪنڊا توکي ڇو وڻندا آهن ؟
اهڙيءَ ريت ڪنھن ڪڏهن زوار نقويءَ کان بہ اهو ڪونہ پڇيو آهي تہ يار توکي خبر هوندي آهي تہ فلاڻو شخص جيڪو تنھنجي دوست هجڻ جي دعويٰ ڪندو آهي سو تہ مھا منافق آهي، تڏهن بہ تون کيس عزت ڇو ڏيندو آهين؟ چنڊ گٽر جي مٿان بہ چمڪندو آهي تہ چشمي جي مٿان بہ، چنڊ کي ڪھڙي خبر تہ مان ڪٿي بيٺو آهيان، زوار نقويءَ جي دوستن جو هڪ وڏو حلقو آهي، پر انھن مان چند اهڙا آهن جن سندس دل ۾ جهاتي پائي، ان معصوم شخص کي سڃاڻي ورتو آهي، جيڪو تنھائيءَ ۾ پنھنجي اداسيءَ تي بہ کلي ويھندو آهي.
زوار نقوي پنھنجي ذات ۾ هڪ گهرو سمنڊ آهي پر مون کي افسوس سان چوڻو پوي ٿو تہ هن جيترو قلمي پورهيو ڪيو آهي، کيس اوتري موٽ نہ ملي آهي، جيئن سياستدان پنھنجي مخلص ڪارڪن سان ڌوڪي بازي ڪندا آهن، تيئن ادب جي دنيا ۾ پڻ اسان جا ڪي اديب اهو ڪردار ادا ڪندا آيا آهن. ورهاڱي کان پوءِ هن وقت تائين جيڪو اسان جي جهونن اديبن جو ڪردار رهيو آهي، انھيءَ مان نئين ٽھي قطعي طور مطمئن ناهي، ڇاڪان تہ انھن محترمن ادب کي مصلحت پسنديءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنھن جو وڏي ۾ وڏو اثر نئين ٽھيءَ جي ليکڪن تي پيو، جيڪي اشوز هوندي بہ تحريڪ ۾ اچڻ لاءِ تيار نہ ٿيا، نتيجو اهو ٿيو جو پراڻا گسيل رڪارڊ، پراڻن سياستدانن جيان اسان تي مڙهجي ويا، ادبي ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو، اسان جا محترم جيڪي ڪنھن دور ۾ انقلابي ڳالھيون ڪندا هئا، انھيءَ پسمنظر ۾ نثر توڙي نظم تحرير ڪندا هئا، سي عھدن جي چڪر ۾ مصروف ٿي ويا. اهڙي ريت انھن نہ صرف ادبي بي ايماني ڪئي پر هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت نئين ٽھيءَ جي ليکڪن کي پڻ پوئتي ڌڪيو، نتيجي ۾ ادب جي ٻيڙي ٻڏي وئي، پر اسان جا محترم تري ويا، نوجوان ليکڪن جيڪو لکيو، انھن جي ڪنھن بہ همت افزائي نہ ڪئي. جنھن جي ڪري انھن لکڻين جي ڪابہ حيثيت نہ رهي.
جڏهن تہ محترم پنھنجو قد وڌائڻ لاءِ هر ميڙاڪي، هر فنڪشن ۾ اهو چوندا رهيا تہ ستر واري ڏهاڪي کان پوءِ سنڌ ۾ سٺو ادب سرجي نہ سگهيو آهي، تاج جويي کان زوار نقويءَ تائين، زوار نقويءَ کان اياز گل ۽ ادل سومري تائين، ادل سومري کان وسيم سومري، احمد سولنگي ۽ حسن درس تائين، اهي سڀ ليکڪ ۽ شاعر ڪيڏانھن ويا ؟ ڇا انھن ڪجهہ تحرير نہ ڪيو؟ جڏهن تہ مان دعويٰ سان چوان ٿو انھن سڀني جون لکڻيون انھن ڪامورن اديبن کان گهڻيون مضبوط آهن ، جن جا ٻئي پير قبر ۾ ۽ هٿ ڪرسين ۾ آهن، پوءِ ڪي ڪنھن ڪرسيءَ ۾ هٿ وجهيو ويٺا آهن تہ ڪي سنڌي ادب، علم ۽ ٻوليءَ جي واڌاري جا مالڪ ٿيو ويٺا آهن. اهو غلط رواج ڄاڻي واڻي وڌو ويو آهي ۽ حڪومت کي اهو احساس ڏياريو ويو آهي تہ سنڌ ۾ادب جي خدمت ڪندڙ صرف هي آهن. جيڪڏهن هي هتان هليا ويا تہ چرخو هلڻ ڇڏي ڏيندو. نتيجي ۾ رٽائرڊ ماڻھو اعليٰ عملدارن جي درن جا چڪر هڻي ايڪسٽينشن وٺي وري بہ اسان جي مٿان مسلط آهن. جيڪي نہ صرف ادبي حوالي سان کوکلا آهن پر عمر جو ڪافي حصو گهارڻ ڪري انھن مان خوداعتمادي ۽ ڊسيشن پاور پڻ ختم ٿي ويو ، اهڙي حالت ۾ اهي آرام ڪرڻ واري عمر ۾ ڪھڙو ڪم سرانجام ڏيندا ۽ نتيجو سڀني جي سامھون آهي. ٿيڻ ائين گهرجي تہ نوجوان ليکڪن کي اڳيان آندو وڃي. جيڪڏهن سچائيءَ سان اڄ بہ انھيءَ صلاح تي عمل ڪيو وڃي تہ اسان وڃايل وقت جو ڪفارو ادا ڪري سگهون ٿا انھيءَ ڏس ۾ مون ڪجهہ ڏينھن اڳ سنڌ جي سخن شناس وزير اعليٰ سيد عبدﷲ شاھہ کي گذارش ڪئي هئي تہ سنڌ جي بيروزگار ليکڪن کي روزگار ڏنو وڃي تہ انھيءَ کان وڌيڪ سنڌ جي ٻي ڪائي خدمت نہ ٿيندي ڇوتہ انھيءَ سان نہ صرف سنڌ جو ادب مضبوط ۽ سگهارو ٿيندو بلڪہ نوجوان ليکڪ مالي مشڪلاتن جو حل هجڻ ڪري عالمي ادب پڻ چڱيءَ ريت پڙهي سگهندا، نتيجي ۾ اسان جو ادب پڻ سگهارو ۽ مضبوط ٿيندو، جيڪو ديوارِ چين جو ڪم ڏيندو. انھيءَ تي جيڪڏهن سنجيدگيءَ سان غور ڪيو وڃي تہ رزلٽ جلدي سامھون اچي ويندي، اسان وٽ نوجوان باصلاحيت ليکڪ موجود آهن پر انھن کي صحيح موٽ ڏني ئي نہ وئي آهي. انعام شيخ کان سيد زوار نقويءَ تائين، ڊاڪٽر محمود مغل کان رشيد راڄڙ تائين ۽ ٻين هڏ ڏوکي ليکڪن کي جيڪڏهن ذميواريون سونپيون وڃن تہ ان ۾ ڪوبہ شڪ ناهي تہ اهي پنھنجي بي پناھہ صلاحيتن سان سنڌي ادب کي مالامال ڪري ڇڏيندا، نتيجي ۾ سٺا ڪتاب، بين الاقوامي ادب جا ترجما ۽ اهڙا ٻيا کوڙ ڪتاب پڙهڻ لاءِ ملندا. هڪ ڳالھہ واضح آهي تہ جيڪڏهن تاج جويو هڪ پروفيشنل اخباري اداري ۾ بڪ ڪلب نالي هڪ پليٽ فارم تان معياري ادب ڏئي سگهي ٿو تہ اسان جا محترم وڏن ادارن ۾ رهندي اهو ڪم سرانجام ڇو نٿا ڏئي سگهن.
ثابت ٿيو تہ صحيح دڳ طئي نہ ٿي رهيو آهي. هڪڙو مخصوص حلقو آهي، جنھن کي گاڏي گهرجي، ٺٺ ٺانگر گهرجن، ادب ٻڏي يا تري، پرواھہ ناهي، ڪرسي بچائڻي آهي تہ جان جي پرواھہ بہ نہ ڪبي، “چمڙي جائي مگر دمڙي نہ جائي” واري ڪاروباري ترقيءَ تي ڀرپور عمل ڪيو.
منھنجو هن وقت اهو سوال آهي تہ ڇا علي بابا ڪنھن اداري جو سيڪريٽري نٿو ٿي سگهي ڇا؟ پر ڇو ٿئي، سچو کرو ماڻھو آ، ڪونہ ٿيندو. يونيورسٽيءَ جو ڪو لائق ماڻھو جيڪڏهن وائيس چانسلر ٿئي تہ سٺو يا ڪو اِبن الوقت سياسي سفارش تي اسان تي مسلط ڪيو وڃي تہ بھتر ٿيندو؟ جيڪو ماڻھن جون حقارتون برداشت ڪندو پر ڪرسي اصل نہ ڇڏيندو! افسوس سان چوڻو ٿو پوي تہ اسان جو سمورو سرشتو ائين ئي هلي رهيو آهي.
جيڪڏهن حڪومت واقعي ڪجهہ سڌارا چاهي ٿي تہ ان کي هنن مسئلن ڏانھن پڻ سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏيڻو پوندو نہ تہ حڪومت جي ڳچيءَ ۾ گلا ئي هوندي. جيڪي رٽائرمينٽ کان پوءِ بہ ايڪسٽينشن وٺي ويٺا آهن، چرخو پيو هلي واري ڪار لڳي پئي آهي.
مان جڏهن علي بابا ۽ انھن رٽائرڊ محترمن کي ڏسندو آهيان، تہ جيون ٻير جي ڊينگهري جيان لڳندو اٿم، هڪڙا ماڻھو جيڪي ڪجهہ بہ ناهن، جيڪي سطحي آهن، سي مالڪ لڳا پيا آهن پر علي بابا کان وٺي نوجوان ليکڪن تائين آدرشِي ماڻھو پنھنجي گناهن جي صليب تي لٽڪي رهيا آهن، خبرناهي جزا ۽ سزا جو ڏينھن ڪھڙو ٿيندو؟ سونھن ڪنھن جي ڪک مان جنم وٺندي؟ خوابن جي نيلامي ڪڏهن ختم ٿيندي؟ ڪوئي تہ جواب ڏئي؟ ڪوئي تہ ماڻڪ جي ناول “لڙهندڙ نسل” جو مھاڳ ٿي پوي.؟

(30 ڊسمبر 1995ع روزاني عوامي آواز ڪراچي)

سيد زوار نقوي ۽ ڪتاب پَل اَپل (شفيع چانڊيو)

”پَل.... اَپل” منھنجي يار، منھنجي دوست، پاڙيسري، پياري مرشد سائين زوار نقوي لکي پنھنجي اندر جي اڌمن کي اڇن پنن تي چٽيو آهي. مون پل اپل کي پل پل ۾ پڙهيو آهي ۽ پڙهندو بہ رهندس، ڇو جو ان ۾ آءٌ زوار نقويءَ کي ڳوليان پيو تہ ڪٿي ۽ ڪھڙي صفحي تي پنھنجو پاڻ کي ظاهر ڪيو اٿس يا بس رڳو يارن جو يار آهي! جنھن نظر سان مون زوار کي ڏٺو آهي، سو ڪتاب ۾ ڪونھي، مون سندس پھريان ڇپيل ٻہ ٽي ڪتاب هڪڙو افسانن جو ميڙ زندگي او زندگي ۽ ٻيون رات رني ڪوٽ ۾ سفرنامو بہ پڙهيو هو پر اتي بہ ڪونھي. آءٌ ڀانيان ٿو تہ اڃان بہ جيڪڏهن چُر ڪبيس تہ ايندڙ ڪنھن ڪتاب ۾ زوار نقوي نڪري نروار ٿي پوي، ڇاڪاڻ تہ چوويھہ ورهيہ ڪا عمر ڪانھي، مرشد لطيف سائينءَ جي چوڻ مطابق:
پتنگ چائين پاڻ کي، تہ مچ ڏسي نہ موٽ،
اڃان تون اروٽ، خبرون کامڻ جون ڪرين.
(شاھہ)
حقيقت ۾ منھنجي مرضي هئي تہ سندس ڪتاب تي ڪا ٽوڪ ٽڙي، ڪا ٽيڪاٽپڻي ۽ ڪا نوڪ جهوڪ کڻي ڪريان پر نہ سائين! بقول سندس تہ ڪتاب تي ٻيا کوڙ سارا اديب دوست ڳالھائيندا، آءٌ صرف سندس شخصيت تي ڳالھايان، ڇاڪاڻ تہ هو منھنجو ذاتي دوست بہ آهي. گڏ ننڍو ٿي وڏو ٿيو آهي، تنھن ڪري مون جيئن کيس ڏٺو تيئن ٿو پڌرو ڪريانس تہ مزو اچي ويندو، باقي سندس شاعري تي ڪِن ڳالھايو آهي تہ ڪي دوست اڃان ڳالھائيندا.
زوار نقوي جماليات جو جليل ٻوٽو آهي، ائين آهي جو بس: “جتي منھنجا مارو اتي.....!”
زوار سائينءَ جو تڪيو موٽر سائيڪل هجيس تہ بہ هڪ ٻہ يار ساڻ، جي ڪار ۾ آهي تہ بہ ٻہ چار يار گڏجي حيدر چوڪ واري پرشن هوٽل جي ڪنڊ واري ميز تي ويٺو آهي تہ بہ ٽھڪڙو، جي عبرت پريس واري الم وٽ بيٺل آهي تہ بہ ساڳيو حال، اهڙي طرح گل سينٽر واري ٽي ٽي ڪول ڪارنر ۽ گاڏي کاتي واري نظام لاج هاسٽل سڀ سندس تڪيه ۽ ڀاڻ آهن.
زوار نقوي اٿندي ئي ننڍي ٽھيءَ جي ادبي اشتياق کي اڀارڻ ۾ جنبجي ويو ۽ سوڀون حاصل ڪندو اڳتي وڌندو آيو آهي، آءٌ کيس سندس انھيءَ اڻٿڪ محنت تي جس ۽ مبارڪون ٿو ڏيانس، ڇاڪاڻ تہ ھہڙو چنچل ۽ حرڪتي ٻار ڳالھہ ڳالھہ ۾ يڪي ساهي ڳالھائڻ ۽ وري مٿان شاهد سو پل اپل ۾ الائي ڪھڙن اندر جي اڌمن کي ڪڍي وڃي مٿي چڙهندو آهي، تڏهن چيم تہ آءٌ کيس پل اپل ۾ ڳوليان پيو پر سچ پچ مون کي ان ۾ لڀي نہ ٿو.
ڳالھہ ۾ ڪجهہ هجي نہ هجي پر جڏهن بہ مون تي نظر پئيس تہ يڪدم هڪل ڪندو، جي ڪار ۾ ڪنھن يارن جي ميڙاڪي سان پيو ويندو ۽ مون کي ڏٺائين تہ ڪار جي بريڪ ڏئي، ڦڙتيءَ سان ڪار جو در کولي ٻاهر نڪري ايندو، پوءِ بس ڪا ڳالھہ دل ۾ هوندس تہ يڪدم ڪڍي ٻاهر ڪندو، آءٌ وري کيس وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ شرارتي نظرن سان رڳو پيو منھن ۾ نھاريندوسانس ۽ معمول مطابق پيو مرڪندس تہ پاڻ سمجهندو تہ شايد هن (شفيع) کي وسوسو آهي،...... پڇ قمرالدين ترڪ کان يا مقبول ميمڻ کان پڇي ڏس، اجهو هي ويٺو اٿئي علي بخش مئو، انھيءَ کان پڇ، اڙي مڃ نہ يار، اوهو! هيڏانھن وري يارن ڏي کڻي نھار تہ مجال جو چون تہ نه، چوندا ها ادا، زوار سائين بلڪل صحيح پيو چئي. اها ئي ڳالھہ آهي، اها ئي حقيقت آهي، جيڪا زوار سائين توهان سان ڪري پيو...... پوءِ بحث هلندي هلندي ٽھڪڙن ۽ تاڙين تي وڃي پورو ٿيندو. دوستن کي جو ڪنھن ڳالھہ جي ڪا ڪل ئي ڪانہ هوندي تہ بہ بنا هٻڪ يڪدم چوندا هائو ادا... اها ئي ڳالھہ آهي، ايڏا سياڻا! ايڏا ڏاها، جو بس ڇا چئجي، پوءِ بحث اتي ڇٽو...... فيصلو ڪو ڪونه....... هرڪو پنھنجي هٿ تي هليو ويندو. منھن کنيو نہ اٿس تہ پڪ سمجهي ويندو آهيان تہ هاڻ مڃائڻ کانسواءِ نہ ڇڏيندو.
خانداني لحاظ کان زوار نقوي حسبي، نسبي اديب، شاعر هئڻ سان گڏ باذوق نوجوان آهي، منجهس بي پناھہ صلاحيتون آهن، جن جي کيس اڳيان هلي سڌ پوندي، جڏهن تہ هن وقت بہ هڪ جيڏن ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو ۽ باشعور آهي ۽ سندس ئي خاندان ۾ چوٽيءَ جا شاعر، اديب، دانشور ٿي گذريا آهن ۽ اڄ بہ موجود آهن، جيڪي، سنڌ ۽ هند جا وڏا مڃيل شاعر ۽ اديب ٿي گذريا آهن ۽ هن وقت بہ آهن.
زوار نقوي جو ڏاڏو سائين سيد دادن شاھہ جھانيان سنڌ جو مشھور، معروف عالم ۽ فاضل ٿي گذريو آهي، پاڻ ڪاني ڪرامت جو بہ صاحب هو، مولا جا حبدار، پنجتن جا پوئلڳ آهن، دادن شاھہ ڪربلا، دادن شاھہ جو پاڙو ۽ ٽنڊو جھانيان سڀ سندن ڏي اشارا آهن.
زوار نقوي جو والد سائين سيد ويڌل شاھہ جھانيان بہ پنھنجو مٽ پاڻ آهي، جڏهن تہ انھن ڳري ڳالھہ ڇيڙي آهي، معياري شاعريءَ ۾ محو رهيا آهن پر زوار نقوي پنھنجي منزل جو رخ ڦيرايو آهي. وقت جي هلندڙ انقلابي دور کان متاثر ٿيو آهي ۽ پنھنجي نفيس ۽ لطيف احساس جو کلي اظھار اجهو هينئن ڪيو اٿس :
“ننڍڙي نياڻي ابھم پٽڙو، جون مھينو، تتل ڪاڙهو،
ليڙون ليڙون ڦاٽل ڪپڙا، پيٽ پٺا مٿو اگهاڙو،
آهي حوا ۽ آدم جو اولاد، ويچارو سورن ۾،
مانيءَ لاءِ پنن پيا ٻئي، شھر سڄي جو اوڙو پاڙو.”

سندس احساسن جي عڪاسي ڪن ٿا، وري مٿان:
“مٺا تات تنھنجي اٿم تن تپايو،
ڪري قيد قابو تو قيدي بنايو.”
سندس فطرت پرستي ۽ سونھن جي ديويءَ اڳيان پاڻ کي صفا ماٺو محسوس ڪرڻ، اهي سڀ سندس لھرون ۽ موجون آهن، جيڪي زوار نقويءَ کي ڪڏهن آڻيو ڪنڌيءَ لائين تہ ڪڏهن تار وچ سِير ۾ وڃيو ڇڏين.
آخر ۾ آئون کيس مبارڪ ٿو ڏيان انھيءَ تي جو پل اپل ڪتاب نہ صرف لکي پنھنجي واقفيت پاڻ ڪرائي اٿس ۽ اميد آهي تہ اڃا هي گل ٽڙندو، ٻهڪندو، چمڪندو ۽ چھڪندو، لڏندو لمندو ۽ ديس کي پنھنجي هٻڪار جو واس وٺائيندو رهندو.

(2019ع ۾ شايع ٿيل شفيع چانڊيو جي ڪتاب “سڄڻ ساھہ پساھہ ۾”)

سنڌ جو نامور تعليمي ماهر پروفيسر سيد زوار نقوي (نُور محمد ڀٽو)

پروفيسر زوار نقوي 15 جنوري 1962ع تي سيد ويڌل شاھہ جھانيان جي گهر ٽنڊو جھانيان حيدرآباد ۾ جنم ورتو. پرفيسر سيد زوار نقوي پنھنجي اباڻي ڳوٺ مان پرائمري پاس ڪرڻ بعد 1977ع ۾ مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪئي ۽ 1979ع ۾ انٽر ۽ بي اي سچل سرمست آرٽس ڪاليج تلڪ چاڙهي حيدرآباد مان، جڏهن تہ ايم اي سنڌي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائون ۽ ايل ايل بي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائون.
سچل سرمست آرٽس ڪاليج جي شاگرد يونين جا جوائنٽ سيڪريٽري رهي چڪا آهن. ٻارن جي محفل سنڌ جو بنياد رکيائون، ٻارن جي محفل ڪتابي سلسلو جاري ڪيائون.
سندس مضمون، ڪالم، ڪھاڻيون، شاعري مختلف اخبارن، رسالن ۾ شايع ٿيا. سندس ڪھاڻين جو مجموعو “زندگي او زندگي” شاعريءَ جو مجموعو “پل اَپل ۽ چراغ شام” ۽ ناوليٽ ڪھاڻي “رات رني ڪوٽ ۾” شايع ٿي چڪا آهن. زوار نقوي نئين زندگي حيدرآباد جو ايڊيٽر رهي چڪو آهي. پروفيسر زوار نقوي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرار سنڌيءَ ۾ ٿيو ۽ پوءِ اسسٽنٽ پروفيسر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج قاسم آباد، مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد ٿيڻ بعد ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد ريجن ۽ ڊي او ايليمنٽري ڄامشورو ٿيڻ بعد هن وقت سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو جا سيڪريٽري آهن.
پاڻ ريڊيو تي پروگرام ڪرڻ کان علاوہ اسٽيج تي ناٽڪ ڪري چڪا آهن. پاڻ روزانو “آفتاب” “عبرت” “سنڌو” “مھراڻ” ۽ “ڪاوش” سان لاڳاپيل رهيا آهن. پاڻ سنڌي ادبي فورم قائم ڪري ادبي تقريبون ڪيائون. نورمحمد ڀٽو سان منظور چيمبرس گاڏي کاتي ۾ شام ملھايون.
هن وقت شاھہ صاحب سنڌي ٻوليءَ جو نامور اديب، شاعر، ڪالم نويس، ڪھاڻيڪار هجڻ سان گڏوگڏ سجادہ نشين مخدوم جھانيان سنڌ حيدرآباد آهن.

(نومبر 2010ع سنڌ جا تعليمي ماهر سج پبليڪيشن حيدرآباد)

سيد زوار نقوي محفل جو مور-ڪچھري جو ڪوڏيو (خواجہ لياقت علي “پنجتني”)

سيد زوار نقوي جي شخصيت ڪنھن بہ تعارف جي محتاج نہ آهي، آءٌ زوار نقويءَ کان تڏهن ئي متاثر ٿيس جڏهن سائين هفتيوار اخبار “پنجتني” ۾ ايڊيٽر هئا، اها منھنجي پھرين ملاقات هئي پر ان پھرين ملاقات مون کي ايترو تہ متاثر ڪيو جو آءٌ ڪنھن بہ اخبار يا رسالي ۾ سائين زوار جو ڪو شعر يا آزاد نظم يا ڪالم، ڪھاڻي، انٽرويو ڏسندو هوس تہ ضرور پڙهندو هوس. انھيءَ کان پوءِ آئون باقاعدگيءَ سان سائين زوار نقويءَ جو شيدائي بڻجي ويس. ان کان پوءِ سائينءَ سان ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون، نيشنل سينٽر ۾ ٿيندڙ ادبي محفلن ۾ ۽ هڪ ڀيري شيخ علي محمد جي ياد ۾ هڪ تعزيتي گڏجاڻي ٿي ان ۾ زوار نقوي اسٽيج تي اچي جڏهن شيخ صاحب جي زندگيءَ تي ڳالھايو، تڏهن مون سمجهيو تہ سائين زوار هڪ بھترين مقرر پڻ آهي. سائين هڪ بي باڪ صحافي، ڪالم نويس، ڪھاڻيڪار، شاعر، خاص ڪري آزاد نظم گهڻا لکيا اٿس، بمقابل پابند شاعري جي آزاد نظم تي عبور حاصل اٿس.
سندس ڪيترين ئي اخبارن سان پڻ واسطو رهيو آهي، جن ۾ سنڌ ٽائيمس ۾ انچارج ادبي صفحو، خادمِ وطن، آفتاب، مھراڻ، عبرت، عوامي آواز، جاڳو، ڪاوش، هلال پاڪستان، عبرت مئگزين ۾ سندس ڪيترا ئي انٽرويو ڇپجي چڪا آهن. انھيءَ کان سواءِ هڪ انٽرويو خادمِ وطن ۾ ادي ارم محبوب جو ورتل جيڪو هڪ انگريزي رسالي مان ترجمو ٿيل هو. انھيءَ کان سواءِ سائين زوار ڪجهہ عرصو نئين زندگي ماهوار رسالي جو پڻ ايڊيٽر رهي چڪو آهي. سائين زوار نقويءَ جو هڪ مشھور ڪالم “ڳالھہ هڪ دور جي” عبرت مئگزين ۾ نظر مان گذرندو رهيو، جنھن جو مجموعو تازو ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي رهيو آهي. تنھن کان سواءِ سائين زوار نقويءَ جي مان ۾ ڪيترائي آجياڻا ڏنا ويا.
سنڌي ادبي سنگت پاران ٽنڊو محمد خان ۽ ڪوٽريءَ ۾ تازو سنڌ سڀيتا سنگت پاران آجياڻو ڏنو ويو. هن تقريبن ۾ وڏن وڏن اديبن، دانشورن، شاعرن شرڪت ڪئي ۽ سندس فن ۽ شخصيت تي مقالا ۽ شعر پڙهيا، نيشنل سينٽر حيدرآباد ۽ ٻين ڪيترن ئي تقريبن جا پاڻ صدر، مھمان خاص ۽ اعزازي مھمان جا اعزاز حاصل ڪري چڪا آهن. سائين زوار نقويءَ ۾ مون کي جيڪا خاص خوبي نظر آئي اها هيءَ هئي تہ سندس دوستيءَ جو دائرو تمام وسيع آهي. پاڻ هڪ کل مک طبيعت جا، محفل جا مور، ڪچھريءَ جو ڪوڏيو آهي، سندس يارن دوستن جو تعداد نھايت وڏو آهي، سندس رهائش گاھہ واقع جھانيان هائوس ٽنڊو جھانيان (حيدرآباد) ۾ آهي، اتي هروقت علم وادب سان چاھہ رکندڙ شاعر حضرات رات جو دير تائين ساڻس ڪچھريون ڪندي نظر ايندا آهن، جن ۾ خاص سندس دوستن يارن جا نالا قابلِ ذڪر آهن، تاج جويو، انعام شيخ، جمن سوهو، احمد سولنگي، غلام حسين رنگريز، سارنگ شاھہ، مقبول حسين ميمڻ، اختر رند، دلدار جانوري، نصير مرزا ۽ ذاڪر کٽي. اهي سڀ انھيءَ ڪري جو سائين زوار جي ڪچھريءَ ۾ بوريت محسوس نہ ٿيندي آهي انھن سڀني مذڪوره اديبن شاعرن ۾ سيد زوار نقوي هڪ صرف نہ هجي تہ هي سڀ ڇِڙ وِڇڙ ٿي وڃن، ڪچھريون قائم نٿيون رهن، مون کي پاڻ ان تقريب ۾ مزو ئي نہ ايندو آهي، جنھن ۾ زوار نقوي نہ هجي. پاڻ محب اهل بيت حضرت علي عليہ السلام جو عاشق آهي، جڏهن ڪنھن مؤمن ڀاءُ ڏي خط لکندو آهي تہ آخر ۾ لکندو آهي (خاڪ پا آل عبا) زوار نقوي ٽنڊو جھانيان. پاڻ ھميشہ اهل بيت (آلِ محمد صہ) جي پيرن جي خاڪ سڏائڻ ۾ فخر سمجهندو آهي. رستي پنڌ هلندي يا ڪنھن تقريب ۾ سائينءَ جي نظر جيڪڏهن ڪنھن علمي ادبي دوست تي پوندي آهي تہ پري کان وڏي آواز سان نالو کڻي بمع تخلص جي چوندو آهي تہ ڀلي ڪري آيا، وڏي پيار سان آڌر ڀاءُ ڪندو آهي، ڪھڙا حال اٿَوَ، ڏاڍي پيار، قرب مان پاڻ نھايت سنجيدہ طبيعت ۽ سادگي پسند، نہ هٺ، نہ وڏائي فخر بلڪل نه. پاڻ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پڻ ڪيترا ڀيرا پروگرام ڪري چڪو آهي ۽ ريڊيو تي مشاعرن ۾ پڻ حصو وٺندو رهندو آهي.
آئون هڪ ڀيرو وٽس رهائش گاھہ تي هلي ويس، مون چيو سائين اسان جي ماسي خاتون شاعرہ آهي، سندس ڪتاب ڇپرائي رهيا آهيون، جنھن جو نالو “گلزارِ ڪربلا” آهي، انھيءَ جو ديباچو توهان کان لکرائڻ چاهيون ٿا، تمام گهڻيون مصروفيات هئڻ جي باوجود سائين مون کي چيو، “حاضر، پنجتني، حاضر، ٻيو حڪم” مون چيو “ٻيو حڪم نہ پر عرض آهي تہ هينئر لکي ڏيو ديباچو” مون کي چيائين، “ويھہ منھنجي گاڏيءَ ۾ هلئون ٿا گلستانِ سجاد، سنڌو آفيس ۾ اتي هلي ٿا لکون” آءٌ سائين سان گڏ گاڏيءَ ۾ چڙهي اچي سنڌو آفيس وٽ لٿاسين، گاڏي سائين ٻاهر بيھاري ۽ لاڪ پڻ ڪئي، اسين اندر آفيس وياسين، اتي ويھي سائينءَ ڪتاب “گلزارِ ڪربلا” جو ديباچو لکي مون کي ڏنو، آئون ديباچو کڻي ڳوٺ پھتس، شام واري اخبار ۾ پڙهيو تہ زوار نقويءَ جي ڪار سنڌو آفيس وٽان چوري ٿي وئي، خبر پڙهي ڏاڍو ڏک ٿيو، وري جڏهن سائينءَ سان ملاقات ٿي تہ سائين زوار چيو تہ “پنجتني” خبر اَٿَو تہ ان ڏينھن پاڻ جيڪو ديباچو ويھي لکيو هو، سنڌو جي آفيس ۾ تہ ٻاهران منھنجي ڪار ڪير چوري ڪري ويو، مون چيو ها سائين مون ڳوٺ وڃي اخبار ۾ پڙهيو. آءُ حيران ٿي ويس توهان جي ڪار ۾ آئون آخري سوار ئي هئس.

(29 مئي 1992ع روزاني سنڌو حيدرآباد)

اسان جو هڪ شاعر، هڪ ڪھاڻيڪار (پروانو سيوهاڻي)

سيد زوار حسين شاھہ ادبي دنيا ۾ زوار نقوي جي نالي سان سڃاتل، پندرهين جنوري اوڻويھہ سئو ٻاهٺ عيسوي تي پنھنجي اباڻي ڳوٺ ٽنڊو جھانيان حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. زوار مختلف ٻارڙن جي تنظيمن ۾ سٺن عھدن تي ڪم ڪرڻ کان سواءِ پنھنجي اسڪول ۽ ڪاليج ۾ بہ مختلف ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ دلچسپي وٺندو آيو آهي. هن اٽڪل ويھارو کن ڪتاب/رسالا ٻارن ۽ وڏن جي لاءِ مختلف موضوع تي لکيا، سھيڙي ڇپرايا آهن، پاڻ اسٽيج، ٽي وي، ريڊيو تي ناٽڪ ۽ مختلف پروگرامن ۾ حصي وٺڻ کان سواءِ فلمن ۾ پڻ ڪم ڪري چڪو آهي. هو ڪھاڻيڪار کان سواءِ هڪ اڀرندڙ شاعر پڻ آهي. زوار مختلف اخبارن، رسالن ۽ پبليڪيشن ۾ ملازمت بہ ڪئي آهي ۽ هن وقت بہ هو هڪ مقامي اخبار ۾ سب ايڊيٽر ٿي ڪم ڪري رهيو آهي. هتي زوار جي نموني طور شاعري ڏجي ٿي.

(1981ع، سرهاڻ پبليڪيشن سيوهڻ، مرتب: پروانو سيوهاڻي)

منھنجو سائين، پروفيسر سيد زوار نقوي (مُڪيش بارٿاڻي)

مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد ۾ جڏهن فِرسٽ اِيئر جو امتحان ڏئي 2005ع ۾ اِنٽر ڪلاس: اي ۾ آياسين. تڏهن سنڌي جو سبجيڪٽ پروفيسر زوار نقوي پڙهائيندا هئا. مسلم ڪاليج جي ٻارهين ڪلاس ۾ سائين زوار نقوي سان پھرين ملاقات ٿي هُئي. انھيءَ وقت مسلم سائنس ڪاليج جو پرنسپال سائين نصرﷲ شيخ صاحب هو. سائين زوار نقوي، هڪ اثرائتي شخصيت، وڏين اکين وارو، رعب دار چھرو، داٻي وارو آواز هجي، پر جڏهن ڳالھائي تہ دل چئي سائين ڳالھائيندو رهي ۽ اسين ٻُڌندا رهون.
ياد پيو اچي تہ هڪ ڀيري سائين پنھنجي ليڪچر ۾ تُلسي داس جي شاعري جو هڪ ڇند ٻُڌايو هو. اهو ڇند ڄڻ تہ منھنجي ذهن تي يادگيري جا نقش ڇڏي ويو. ڪجهہ سالن تائين ڇند جي پھرين سٽ تہ ياد هُئي، پر ٻي سٽ ذهن تان وسري وئي. وقت جو چرخو تيزي سان هلندو آهي. آئون سنڌ يونيورسٽي ۾ اڳتي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيس. تنھن کان پوءِ پرائيويٽ اسڪولن ۾ نوڪري ڪندي ، ٽِيوشن سينٽرز تان چڪر ڪاٽيندي، بس رڳو پيٽ گذر لاءِ ڊوڙون ڊُڪون ڪندي اک ڇنڀ ۾ وقت جي گهڙيال جو ڪانٽو ساڳئي رفتار سان هلندو ويو. 16 سالن کان پوءِ هڪ ڏينھن پنھنجي دوست ساجد سنڌي وٽ سمبارا پبليڪيشن جي آفيس ۾ ملڻ ويس، اُتي سائين زوار نقوي صاحب سان ملاقات ٿي پئي. پروفيسرسيد زوار نقوي سنڌ جي عظيم شخصيت آهي. پاڻ استاد، اديب ۽ شاعر آهن. خير جيئن ئي سمبارا پبليڪيشن جي آفيس ۾ داخل ٿيس، ڏسان تہ ساجد سنڌي جي آفيس ۾ سائين پروفيسر زوار نقوي صاحب ويٺا هجن، هنن جون پاڻ ۾ ڳالھيون هلنديون رهيون. آئون ساجد سنڌي سان هاءِ هيلو ڪري، سائين سيد زوار نقوي صاحب سان مخاطب ٿيس. ڪچھري ۾ تمام سُٺا حال احوال ڪياسين.ڪاليج جي وقت کي خوب ياد ڪيوسين.
جڏهن سائين کان ادبي حوالي سان ڪچھري ٿي، تڏهن مون سائين کي چيو تہ پيارا سائين! تُلسي داس جي شاعري جو اُهو ڇند جيڪو توهان هڪ ڀيرو مسلم ڪاليج جي ڪلاس ۾ پڙهائيندي، هڪ ليڪچر دوران ٻُڌايو هو. تنھن تي سائين زوار نقوي صاحب چيو تہ “ٻڌايو مُڪيش ڪھڙو؟ “تڏهن مون چيو تہ سائين اها تلسي داس جي شاعري آهي. جنھن جي پھرين سٽ تہ منھنجي ذهن ۾ آهي، باقي ڇند توهان پورو ڪري ڏيو. بھرحال! مون سائين کي پھرين سٽ ٻُڌائي تہ “چندن بيچارا ڪيا ڪري” ڪجهہ انھيءَ طرح سان شاعري هُئي. پر مون کي اهو ياد آهي تہ شاعري تُلسي داس جي آهي. تڏهن سائين زوار نقوي صاحب پنھنجي من موهيندڙ انداز ۾ پوري شاعري ٻُڌائي. جيڪا هن ريت آهي تہ،
“چَمار ڪي گهر چندن گيا، نِت نِت ٽانگي چام
چندن بيچارا ڪيا ڪري، پَڙا جو نِيچ سي ڪام”
(تُلسي داس)
مون انھيءَ وقت ئي قلم ۽ ڪاغذ کڻي سائين زوار نقوي کان شاعري لکائي ڪاغذ کي پنھنجي کيسي ۾ رکي ڇڏيو. شام جو گهر اچي شاعري کي پنھنجي ڊائري ۾ نوٽ پڻ ڪئي. انھيءَ وقت ڪچھري دوران سمبارا جي آفيس ۾ سائين سان گڏ مون ۽ فيصل ميمڻ چانھہ پڻ پيتي هُئي. موڪلائيندي وقت سائين زوار نقوي کي سوکڙي طور مون پنھنجو ڪتاب “سُوريه اَست، نيپال مَست” (سفرنامو) پڻ ڏنو. پروفيسر سيد زوار نقوي، هڪ ناميارو اديب، شاعر، ڪالم نگار آهي. جنھن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن. تنھن کان سواءِ سنڌ جي مختلف اخبارن، رسالن ۽ مئگزينن ۾ خوب لکندا رهيا آهن. ويجهڙائي ۾ منھنجي نظر ۾ سائين جو تازو ڇپجي آيل ڪتاب “ڳالھہ هڪ دؤر جي” مطالعي هيٺ رهيو آهي. انھيءَ ڪتاب کي مون بخار واري حالت ۾ بستري تي پڙهيو. جڏهن آئون چار ڏينھن بخار ۾ کٽ تي پيو هئس. سچ پڇو، جيئن ئي مضمون پڙهيا تہ اِنھن مضمونن منھنجي دماغ جا تاڪ کولي ڇڏيا. منھنجي وجود کي لوڏي ڇڏيو. ڪنھن اُردو ٻوليءَ جي شاعر چيو آهي تہ،
“هر ايڪ لفظ مين چنگاري نِڪلتي هي
قليجه چاهي خط کو پڙهني مين”
سائين جو هِي ڪتاب مختلف سنڌي ڪالمن تي مشتمل آهي. تمام بھترين ڪتاب جيڪو هڪ ئي وقت توهان کي ماضي، حال ۽ مستقبل جا پار پتا ڏيندي ماضي سان ملائي ڇڏيندو آهي. ڪتاب ۾ لفظن جي چُونڊ ۽ اندازِ بيان اهڙو آهي جو نرم دل انسان جي رُوح کي ولوڙي ڇڏي. سائين جو ڪتاب “ڳالھہ هڪ دؤر جي” سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ڪيو ويو آهي. ڪتاب تي سنڌ جي عظيم شخصيتن جا رايا لکيل آهن. جنھن ۾ نور الھديٰ شاھہ، تاجل بيوس، سائين تاج جويو، اياز لطيف پليجو صاحب، نصير ميمڻ، منظور سولنگي، ۽ جاويد سوز هالائي جا شخصيت تي لکيل ويچار پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. هن ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل سائين مدد علي سنڌي لکيو آهي. سائين جي ڪتابن ۽ قلم سان دوستي تمام پراڻي آهي. هن وقت سائين پروفيسر سيد زواري نقوي صاحب پرائيويٽ اسڪولز حيدرآباد ۾ 20 گريڊ تي ڊائريڪٽر جي عھدي تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. سندس شاگردن جو وڏو تعداد ڏيھہ توڙي پرڏيھي ملڪن ۾مختلف شعبن ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.

سيد زوار نقويءَ جي فن ۽ شخصيت تي رايا

نورالھديٰ شاھہ:
“هڪ ليکڪ جي وجود کي انيڪ جنگيون لڙڻيون پون ٿيون. پنھنجي وجود جي بقا جي جنگ کان وٺي اجتماعي سطح تي تبديلي آڻڻ واري جنگ تائين ۽ نوجوان سنڌي ليکڪ ۽ شاعر زوار نقوي ان سلسلي ۾ پنھنجي جدوجھد کي سگهارو رکيو آهي. هو هڪ دکي دل ۽ درد رکندڙ انسان آهي.”

تاجل بيوس:
“زوار نقوي جي لکڻين ۾هڪ شاعر جي دل ڌڙڪندي نظر اچي ٿي. هن دور ۾ جڏهن ماڻھن وٽ پنھنجن مسئلن کي منھن ڏيڻ لاءِ بہ وقت نٿو رهي تڏهن زوار نقوي جو ماڻھو سان رويو انسانيت ۾ ويساھہ وڌائي ٿو ۽ زوار جون تخليقون هڪ حسين فنڪار جون تخليقون آهن.“

اياز لطيف پليجو:
“پراسرار ۽ وڏين اکين واري زوار نقوي جا ڪالم بہ سندس شخصيت جيان ڪئين رنگ ۽ روپ رکن ٿا. مون کيس هڪ دفعي چيو هو، تہ تنھنجي اکين کي ڏسي ايئن محسوس ٿيندو آهي تہ اهي ايڪسري وانگر اندر ۾ لھيو وڃن. سندس ڪالم بہ تخليقي سوچ رکندڙ ماڻھن جي دلين کي ڌونڌاڙڻ جي سگهہ رکن ٿا.”

منظور سولنگي:
“ماڻھپي کان وڏي وٿ دنيا ۾ ڪھڙي ٿي سگهي ٿي؟ زوار نقوي ۾ ماڻھپي جون هڙئي مڻيائون آهن، جيڪي سندس سڃاڻپ آهن ۽ اهي ئي سندس زندگي آهن.”

مدد علي سنڌي:
“زوار نقوي کي ڏسندي مون کي پنھنجو ماضيءَ وارو دور ياد ايندو آهي”

ساقي عالم ابڙو:
“مانوارو سائين زوار شاھہ انسانيت جو پوئلڳ”

عاجز عبدالرحمان سومرو:
“ادا زوار نقوي صاحب شال توهان جي ادب ۾ عزت هجي ۽ ڪاميابي اوهان جا قدم چمي، ڪوشش ڪريو، همت ڪريو. ڪوشش ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي، اهو ڏينھن پري نہ آهي جو سنڌ جو هر نوجوان، هر ننڍو، هر وڏو توهان جو نالو وڏي سڏ زبان تي آڻي زندہ آباد چئي آجيان ڪندو .”

عزيز گوپانگ:
“توکي ڇا ٻڌايان تہ دنيا ڪيتري ڪوڙي ۽ تون ڪيترو سچو آهين، مان دوست جي حيثيت سان ھميشہ توکي قبول ڪيو آهي. توڻي ڪجهہ اختلافن جي”

ظفر اقبال قاضي:
زوار نقويءَ جو نالو ذهن ۾ ايندي ئي هن نوجوان ساٿيءَ جا ادبي ميدان ۾ ڪيل ڪارناما قابلِ فخر آهن ۽ جيڪڏهن ائين چئجي تہ سندس ادبي ڪاوشن سان گڏ مختلف موقعن تي ڪيل تقريرون بہ سندس جوش، جذبي ۽ همت کي واضح ڪن ٿيون تہ اهو وڌاءُ نہ ٿيندو.”

روشن سُندر چانڊيو:
“زوار نقوي ۽ سندس مچايل محفل تي ڪئين الزام هنيا ويا، ڪئين ڇوھہ ڇنڊيا ويا، ڪيترن ئي بھتانن کي جنم ڏنو ويو پر مون جڏهن بہ سنڌ جي تاريخ طرف نظر ڦيري هوندي تہ زوار ڪنھن گهاٽي بڙ جيان ڀاسيو هوندو ۽ سندس ڇانو ۾ ويٺل ٻجم جا ساٿي ۽ هن گهاٽي بڙ جي ڇانو ۾ اچي اڄ اوهان بہ تہ سھڙيا آهيو، سندس مڃتا مڃڻ ڪاڻ”

کيمچند شرما:
“مجموعي طور تي سوچبو تہ سائين زوار نقوي پريم سيکارڻ جي وڏي پاٺ شالا آهي، جتي پريم جي پچار کان سواءِ ٻيو ڪوبہ سبق نہ سيکاريو ويندو آهي. سائين سرمد کان بي انتھا متاثر آهن، عمومن تقريرن ۽ ذاتي ڪچھرين ۾ سرمد جو اول ذڪر ڪندو آهي. سيد زوار نقوي ننڍڙي وهي ۽ ٿوري عرصي ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، آشا آهي تہ سائين ادبي کيتر ۾ هماليه جيڏو مقام ماڻيندو.”

رفيق ڪيريو:
“سيد زوار نقوي صاحب هونئن تہ سنڌ جو سائين آهي پر منھنجي لاءِ تہ موصوف ابو امڙ جو درجو رکي ٿو ۽ اهو آئون ڪيترا ڀيرا اقرار ڪري چڪو آهيان.”

گل محمد راٺوڙ:
“منھنجو ننڍپڻ جو ساٿي، منھنجو ننڍپڻ جو عظيم دوست، سيد زوار نقوي، جنھن لاءِ مان تمام سھڻي سٺي ۽ نيڪ راءِ رکان ٿو،”

خواجہ ڪلب علي:
“سچ پچ تہ مان تنھنجي مذهبي توڙي ادبي جذبن کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان، تنھنجو لکڻيون پڙهيون اٿم، سٺو ٿو لکين.”

سيد زوار نقوي جي ڪجهہ چونڊ شاعري

---

بنا عنوان جي

مون پنھنجي گهر جي آڳنڌ ۾،
هڪڙو گلاب جو قلم هنيو هو،
سو پَر ڪَر کڻي نسريو هو،
هن ۾ ڪئين ڪماڻل گل هيا،
ڪئين مکڙيون اڃان نکريون ڪين هيون،
۽ انھن مڙنئي جي مٿان،
هڪڙو گلاب جو گل ٽڙيل هو،
تو اهو ٽڙيل گل ٽاريءَ کان ڇني،
ان جي هڪ هڪ پتي پٽي،
انھن کي هوا ۾ وکيري ڇڏيو هو،
جي هوا جي ڪلھن تان ٿينديون پٽ تي ڪريون هيون،
توکان مون کان پوءِ،
ڪئين پير انھن کي لتاڙي ويا هئا،
۽ مان اهو سڀ ڪجهہ ڏسندو رهيو هئم،
۽ هيل جي تون اهو گل نہ پٽين،
تہ ان جي خوشبوءِ منھجي ساري گهر کي واسيندي رهندي،
۽ مان ان خوشبوءِ ۾ ٽڙيل گل کي ڏسي،
امن جو سال ملھائيندم.
***

هن جي نالي پھريون نثراڻو نظم

شفق جي هن پار، سورج غروب ٿي ويو آ،
آڪاس تي ٽيڙو ٽڙي، ۽ ڪتيون کڙي پيون هن،
۽ مان پنھنجي هٿن جي ٻڪن ۾،
تنھنجي ڪتابي چھري کي ڏسان ٿو،
جنھن جي هر ريکا تي وکريل هن،
منھنجا گيت، غزل،
ڪوتا ۽ ڪھاڻيون، جن کي هر روز،
صبح ۽ سانجهہ، خوابن ۽ خيالن ۾،
تنھنجي مک تي وکريل ڏسان ٿو مان،
ڄڻ تنھنجا چپ چمان ٿو مان،
چپ چمان ٿو يا ڪوئي گيت لکان ٿو مان،
۽ ان ويل شفق جي هن پار کان ڪوئي آواز ٻڌان ٿو مان،
ڪوئي من پرڀائي رهيو آ،
ڳائي رهيو آ،
”اوم شانتي .... اوم شانتي.....اوم شانتي”
***

هن جي نالي ٻيو نثراڻو نظم

جڏهن وڻن جي لامن تان،
پکي آڪاس ڏي اڏريا ها،
۽ جڏهن توب جي نالين ۾،
پکين آکيرا ڪيا ها،
تڏهن تنھنجي چپن جي ترن تي،
مان پنھنجا چپ رکيا ها،
ڪجهہ هٻڪي، ڪجهہ ڇرڪي،
تون مون کان پري ٿي وئي هئينءَ،
۽ هوريان هوريان پنھنجي ڪنن تي هٿ رکي،
تو ڪوئي آواز ٻڌو هو،
گولين جو ڪوئي ساز ٻڌو هو،
هِن ڪائنات جي، هُن سفيد هاٿيءَ،
هڪ ڀيرو ٻيھر،
آزاد فضا ۾ اڏندڙ پکين کي ماريو هو،
ٺڪ ٺڪ ٺڪائن تي،
اک کلي اهو سپنو هو،
سپني جو ڀي ڪوئي سپنو هو،
۽ صبح سوير اخبار جي شھہ سرخيءَ تي ليک لکيل هو:
”آمريڪا لبيا تي حملو ڪيو هو“
***

هن جي نالي ٽيون نثراڻو نظم

مان تنھا وياڪل وياڪل آرٽس فيڪلٽيءَ آڏو،
بيد مشڪ جي وڻ هيٺان بيٺو سوچيان،
ڪالھہ هتي لوڪ کان لڪي ملندا هئاسين،
پکين جي ٻولي ٻڌندا هئاسين،
چپ چمندا، گيت لکندا هئاسين،
ساڳيا ڪاريڊور، ساڳيا رستا،
جن تي هٿ هٿ ۾ ڏئي هلندا هئاسين،
تنھنجي شھر جا چھرا رهيا ساڳيا چھرا،
اسان جي اکين جي صليبن ۾ لٽڪيل سپنا، سپنا ئي رهيا،
ڪئين ڏينھن لڙيا ۽ شامون آيون،
سورج ڪيترائي ڀيرا ڌرتيءَ تي پنھنجا چپ رکي،
گم ٿيندو ويو، اڀرندو رهيو، وقت گذرندو ويو،
۽ تون بہ ائين پراڻي ياد ٿي وئينءَ،
وقت جو ڦيٿو، تاريخ جي صفحن تي،
پنھنجو پيٽو ڇڏي گذري ويو،
آڪاس جي ڇٽ تان ٽٽل تاري جيان،
تنھنجو هٿ منھنجي هٿ کان ڇڄي ويو،
من جي رڃ ۾ روح رڙي پيو،
وڇوڙي جي وير، عشق جي عبادت گاھہ کي لٽي ڇڏيو،
ڪوبہ نانءُ نہ رهيو، ڪوبہ نشان نہ رهيو،
تنھنجي منھنجي پيار جو،
ورهين پڄاڻان بسنت رت ۾ هوا جي ڪنھن جهونڪي سان،
تنھنجي لال گلابي لبن منھنجو نانءُ ائين اُتو هو،
جيئن ايٿوپيا ۾ بکي وگهي،
ڪنھن ٻالڪ هڏڪي ڏئي، پنھنجي ماءُ کان موڪلايو هو،
پنھنجي ماءُ کان موڪلايو هو.
***

تون ۽ مان

ياد تنھنجي ڪاريھر جو ڏنگ،
سانورو سانورا تنھنجو رنگ،
مک تنھنجي منجهہ اروڙ،
جنھن سان ڍوليا منھنجو ونگ،
ڌوپا دڌڪي پئي ڪالھہ،
چوريو تو جي چنگ،
ڦڙڪي اک آ اڄ ۽،
لوئين پيو ڇو ڪارو ڪنگ،
يادن سھاري هلبو رهبو،
منھنجو ناهي ڪوئي دنگ،
هٿ ريکائون ويون مٽجي،
چڙهيو جي توتي زنگ،
ساز آواز کان دور،
هي ڪا اندر جي آهي جنگ.
***

ٽيڙو

ماني ڳڀو،
مون کي ڏجو،
جي ڪٿان لڀو،
*
گول اکيون، جاڙا ڀرون،
وئشا جي پويان،
ماڻھو ڄڻ مرون.
*

میں اخبار بند کرکے سوچتا ہوں

میں اخبار بند کرکے سوچتا ہوں
اخباروں کی تمام شہ سرخیاں
جذام کے مریض کی طرح
سفید و سیاہ
کاغذ کے ٹکڑے پر چسپاں ہیں
جن پر قتل غارتگری چوری اور ڈاکہ زنی
ظلم، جبر، اغوا، فریب دہی
نیوٹران- ائٹم بم
بارود، گولیوں اور دھماکوں کے ساتھ
خلاؤں میں اڑنے والے شٹلز
اندرونی ، بیرونی
جنگوں اور نفرتوں کے الفاظ کنندھ میں
ان میں کوئی محبت کا لفظ نہیں
پیام امن آشتی کا نہیں
میں اخبار بند کرکے سوچتا ہوں
یہ جنگوں اور نفرتوں کا سال ہے یا
محبت اور امن کا ؟
ترجمہ:نیاز ہمایونی

(ستمبر 1987؁ اکادمی ادبیات اسلام آباد کتاب سندھی شاعری)

روبرو/تاريخ سان ملاقات (سيد زوار نقوي جا ڪجهہ انٽرويو)

---

هن وٽ اظھار جو ذريعو فقط ادب آهي (اِرم محبوب)

(سنڌ جي نوجوان اديبن ۽ قلم ڌڻين لاءِ همعصر انگريزي رسالاس/مئگزين، اڃا تائين اوپرا ۽ بند دروازا بنيل آهن، ان هوندي بہ ڪجهہ پرچا سنڌي زبان جي نوجوان اديبن ۽ قلم ڌڻين کي شايع ڪندا رهن ٿا. انگريزي زبان هڪ سڌريل زبان آهي، جنھن جي پڙهندڙن جو دائرو جيتوڻيڪ پاڻ وٽ محدود آهي پر اهو ڪافي سگهارو آهي. همعصر انگريزي ماهوار رسالي TEEN AGER ۾ سنڌ جي نوجوان اديب زوار نقويءَ جو هڪ انٽرويو شايع ٿيو، جيڪو سنڌ جي هڪ نوجوان شاعرہ ارم محبوب ورتو آهي، اسين هتي ان انٽرويوءَ جو ترجمو ان مقصد سان شايع ڪري رهيا آهيون تہ سنڌيءَ ۾ لکندڙ نوجوانن ۾ بہ انگريزي رسالن، اخبارن ۽ پرچن ۾ لکڻ ۽ ڇپجڻ جو اتساھہ پيدا ٿئي.)

هي نوجوان ڪير آهي؟ ۽ سندس هن دنيا ۾ ڪھڙي حيثيت آهي؟ اهي سوال منھنجي ذهن ۾ اڀرندا رهيا، جيسيتائين آءٌ زوار نقويءَ سان آشنا نہ ٿي هئس، مون کي ڪو بہ رسالو يا اخبار ڪو نہ ٿي سجهيو، جنھن ۾ هن جو نالو ڪنھن ڪھاڻي، ڪالم، مضمون يا شعر جي حوالي سان شايع نہ ٿيو هجي، هن کي صحيح معنيٰ ۾ ڇا سڏڻ گهرجي، هڪ سٺو ڪالم نگار، عمدو شاعر، بھترين ڪھاڻيڪار؟ اهي سوال جوابن لاءِ منھنجي ذهن ۾ هرندا رهيا، جڏهن سندس گهڻ رخو قلمي پورهيو منھنجي نظر مان گذريو تہ مون کي اهو احساس ٿيو تہ هو ادب جي مختلف صنفن ۾ اعليٰ مھارت رکي ٿو، ان ڪري آءٌ هن کي هر فن موليٰ چوان ٿي. زوار نقويءَ جو ڳاڻيٽو انھن خوش نصيب انسانن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي ذهين ۽ باصلاحيت هوندا آهن ۽ انھيءَ ڪري هو پنھنجي سڀني ذميوارين سان انصاف ڪري سگهيو آهي.
زوار نقويءَ جي لکڻين ۾ گھرائي ۽ سنجيدگي نمايان نظر اچي ٿي، هو گذريل پندرهن ورهين کان لکي رهيو آهي ۽ هن پنھنجي لکڻين جي ذريعي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي تہ انسان جي مسئلن تي چٽائيءَ سان لکي سگهي ٿو ۽ انھيءَ ڪري هن جي پڙهندڙن پاران هن کي زبردست موٽ ملندي رهي آهي.
زوار نقويءَ جو نالو نئين ٽھيءَ جي ليکڪن ۽ شاعرن ۾ سرواڻ جي حيثيت سان لکيو ۽ ورتو وڃي ٿو. هن نوجوانيءَ جي عمر ۾ ئي ڪئين لاها ۽ چاڙها ڏٺا آهن پر ستاري جي لحاظ کان جدي هئڻ جي ناتي هو ڪڏهن بہ مايوس ۽ نااميد نہ ٿيو آهي پر هر ڀيري هڪ نئين اميد ۽ آس سان اڳتي وڌيو آهي. هو هڪ عملي انسان آهي، ادب هن جي زندگي آهي. آءٌ هن کي هڪ سٺو انسان ۽ اعليٰ آدرش رکندڙ فرد سمجهان ٿي. هن جون ادب لاءِ ڪيل خدمتون هن ريت آهن. هو روزاني مھراڻ حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر، روزاني آفتاب ۾ ڪالم نويس، روزاني عبرت ۾ ڪالم نويس ۽ انچارج ادبي صفحو، روزاني سنڌ ٽائمس حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر، روزاني سرواڻ حيدرآباد ۾ ڪالم نويس، روزاني هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ڪالم نويس، ماهوار نئين زندگي حيدرآباد جو ايڊيٽر ۽ هفتيوار پنجتني حيدرآباد جو بہ اعزازي ايڊيٽر رهي چڪو آهي، هن حيدرآباد ۾ هڪ اسٽيج ڊرامو پروڊيوس ڪيو ۽ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي، هن جا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڪيترائي ڀيرا شعر ۽ مضمون پيش ڪيا ويا، هو سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جو سيڪريٽري، سنڌي ادبي فورم جو سيڪريٽري جنرل ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن حيدرآباد جو پريس سيڪريٽري رهي چڪو آهي، هن جا ڪيترائي مضمون، ڪھاڻيون ۽ شعر مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. هو ڪيترن ئي رسالن کي پڻ ترتيب ڏئي چڪو آهي، ساڻس ڪيل ڳالھہ بولھہ هتي پيش ڪجي ٿي:

ارم : اوهان پنھنجي زندگيءَ متعلق اسان کي آگاھہ ڪيو؟
زوار: آءٌ پندرهين جنوري اوڻيھہ سئو ٻاهٺ عيسوي (15 جنوري 1962ع) تي حيدرآباد جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ٽنڊو جھانيان ۾ جنميس، جدي منھنجو ستارو آهي، مون ايم اي، ايل ايل بيءَ تائين تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ گذريل پندرنھن ورهين کان ادب جي مختلف صنفن ۾ لکي رهيو آهيان.

ارم: اوهان جو ادب ڏانھن لاڙو ڪيئن ٿيو؟
زوار: منھنجي نظر ۾ لکڻ جا ڪيترائي عوامل ٿي سگهن ٿا پر منھنجي ليکڪ هجڻ ۾ منھنجو اندر جو احساسپڻو شامل آهي، مان مڃان ٿو تہ مون وٽ لکڻ کان سواءِ اظھار جي ذريعي لاءِ ٻيو پليٽ فارم ناهي، جتان آئون پنھنجي احساسن ۽ جذبن جو اظھار ڪري سگهان. جڏهن آئون اڄ جي انسان جا ڏک، درد، پيڙائون ۽ لڙڪ ڏسان ٿو تہ منھنجو من گهايل ٿي پوي ٿو ۽ مون کي مجبور ڪري ٿو تہ آئون سندن ڏکن، دردن ۽ پيڙائن تي قلم کڻان.

ارم: اوهان هن وقت تائين ڪيتراڪتاب لکيا آهن؟
زوار: مون هن وقت تائين چار ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ “زندگي او زندگي”، ڪھاڻين جو مجموعو، “چراغ شام” ۽ “پل اَپل”شاعريءَ جا مجموعا ۽ “رات رني ڪوٽ ۾” مختصر ناوليٽ شامل آهن.

ارم: اوهان صحافت ۽ ادب جي مختلف صنفن ۾ لکيو آهي، جھڙوڪ: ڪھاڻيون، شعر، مضمون، ڪالم نويسي، مقالا ۽ ڊراما، اوهان کي انھن صنفن مان ڪھڙي صنف وڌيڪ پسند آهي ؟
زوار: ڪالم نگاري منھنجي پسند جي صنف آهي، ڇاڪاڻ جو هڪ ئي وقت منھنجي ذهن ۾ خيال ايترا تہ گهرا ۽ گهڻا اڀرندا آهن، جن کي آءٌ ٻين صنفن ۾ تڪڙو ۽ تکو لکي نہ سگهندو آهيان، ان کان سواءِ تازن پيدا ٿيل واقعن تي پڻ پنھنجي خيال مطابق ڪالم جي ذريعي وڌيڪ سگهاري انداز ۾ لکي سگهجي ٿو ۽ ان ئي ڪري ڪالم منھنجي پسند جي صنف آهي، جنھن ۾ آئون پنھنجي احساسن ۽ جذبن جو اظھار سگهاري نموني ڪري سگهندو آهيان.

ارم : اوهان ڪھڙي قسم جي شاعري ڪرڻ پسند ڪندا آهيو؟
زوار: اسان پنھنجي شعور جي اکين سان هرروز زندگيءَ جا نوان رنگ ۽ روپ ڏسندا آهيون ۽ اهي اسان جي دل ۽ دماغ تي پنھنجو ڀرپور اثر ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ انھن اثرن کي هر انسان پنھنجي اثرن جي ذريعي بيان ڪندو آهي، آئون دل ۽ دماغ تي بي انتھا اثر ڇڏيندڙ زندگيءَ جي حقيقتن ۽ تلخ تجربن تي لکندو آهيان ۽ منھنجي ھميشہ اها ڪوشش رهي آهي تہ آئون زندگيءَ جي مختلف پھلوئن تي ڀرپور انداز سان لکي سگهان ٿو پر منھنجي شاعريءَ جو اڪثر محور محبت ۽ امن هوندو آهي ۽ آئون سمجهان ٿو تہ اها هر انسان جي اولين گهرج آهي.

ارم: اوهان شاعريءَ کي لفظن ۾ بيان ڪري ٻڌايو، شاعري ڇا آهي؟
زوار: منھنجي خيال مطابق شاعري سچن جذبن ۾ خيالن جي مترنم احساس جو نالو آهي، جنھن ذريعي شاعر جي سچن حقيقي جذبن، احساسن، خوابن، خيالن ۽ آدرشن جي حقيقي ۽ چٽي تصوير ڏسي سگهجي ٿي.

ارم: اوهان هن وقت تخليق ٿيندڙ سنڌي ادب کان مطمئن آهيو؟
زوار: ها اڄ جي دور ۾ تخليق ٿيندڙ سنڌي ادب کان آئون مطمئن آهيان ۽ آئون سمجهان ٿو تہ اسان خوشنصيب آهيون جو اڄ جي دور ۾ اڳ جيان اعليٰ ۽ معياري تخليقون پنھنجي پوري فني، فڪري ۽ شعوري سگهہ سان سرجي رهيون آهن، اسان وٽ سٺا ناول نگار، ناٽڪ نويس، شاعر، ڪھاڻيڪار، ڪالم نويس ۽ سفرناما لکندڙ موجود آهن، جيڪي ڀرپور نموني سان لکي رهيا آهن ۽ انھن جي لکڻين کي آڏو رکندي، اهو فخر سان چئي سگهون ٿا تہ اسان وٽ تخليق ٿيندڙ ادب ڪنھن بہ ريت عالمي ادب جي معيار کان گهٽ نہ آهي.

ارم : اوهان پنھنجي لکڻين مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟
زوار: اڄ بہ آئون پنھنجو پاڻ کي ادب جو شاگرد ۽ سکيا حاصل ڪندڙ محسوس ڪندو آهيان، مون کي اڃا بہ وڌيڪ محنت ڪري سکڻو ۽ ڪجهہ حاصل ڪرڻو آهي.

ارم: آئون سمجهان ٿي تہ اها اوهان جي ڪثر نفسي آهي؟
زوار: نہ قطعي نہ!! (ٽھڪ)

ارم: اوهان وٽ هڪ سٺي ليکڪ لاءِ ڪھڙا معيار آهن؟
زوار: هر اهو ليکڪ جنھن جي اکين سان گڏ دل ۽ دماغ بہ کليل هجي، جيڪو زندگيءَ جون ڏکوئيندڙ حقيقتون بي ڊپائيءَ سان لکي سگهي، جيڪو ڪنھن بہ مونجهہ ۽ گهٻراهٽ کان سواءِ سچ چوڻ جي جرئت رکندو هجي، جنھن جو پنھنجي ڌرتي، وطن ۽ انسان ذات سان اڻ ٽٽ رشتو هجي، مون وٽ اهو سٺو ليکڪ آهي.

ارم: اوهان جي خيال ۾ ليکڪن کي ڪھڙيون تڪليفون درپيش آهن ۽ اوهان وٽ انھن جو ڪھڙو حل آهي ؟
زوار: ڪائنات جي هر ڪنڊ ۾ موجود ليکڪ ۽ فنڪار کي امن جو پيغام پھچائيندڙ تصور ڪيو ويندو آهي ۽ کين وڏي عزت، احترام، مان ۽ مرتبي جي نگاھہ سان ڏٺو ويندو آهي، گهڻي ڀاڱي سندن معاشي مسئلا پڻ حل ٿيل هوندا آهن، (سواءِ اسان سنڌ جي ليکڪن جي)، اسان جا ليکڪ تہ زندگيءَ جي اجهاڳ سفر ۾ زندگيءَ کي الوداع چوڻ جي انتظار ۾ ويٺا هوندا آهن پر سندن پرگهور لھڻ وارو ڪير بہ نہ هوندو آهي، ليڪن ڪڏهن ڪڏهن سندن پرگهور لھڻ لاءِ جڏهن ڪوششون پنھنجي انتھا تي پھچنديون آهن تہ پوءِ لاڀ يقيناً حاصل ٿيندو آهي، پر اهو سڀ ڪجهہ وڏي پيماني تي نہ ٿي رهيو آهي، ان طرف اڃا بہ وڌيڪ توجھہ ڏيڻ جي ضرورت آهي، خاص طور تي غريب، مسڪين ۽ معاشي بدحاليءَ ۾ مبتلا ليکڪن جي ترت ۽ باقاعدہ پرگهور لھڻ جي سخت ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ اسان جي ادارن کي پڻ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

ارم: اوهان ڪھڙن اديبن ۽ شاعرن کي پسند ڪيو ٿا؟
زوار: ارنيسٽ هيمنگوي، ڀٽائي، ڪاليداس، شيخ اياز، ڪبير، غالب ۽ ٻيا کوڙ سارا.

ارم: اوهان جو تنقيد نگارن ڏي ڪھڙو رويو آهي؟
زوار: والٽيئر هڪ هنڌ چيو آهي تہ، “آئون اوهان جي ان حقن لاءِ ھميشہ جدوجھد ڪندو رهندس تہ اوهان مون سان اختلاف راءِ رکي سگهو.” ان ڪري منھنجو تنقيد نگار ڏي رويو مثبت ۽ محبت ڀريو رهيو آهي، آئون انھن کان مدد حاصل ڪري پاڻ ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.

ارم: ڇا اوهان ان ڳالھہ سان اتفاق ڪندو تہ ليکڪن جون زندگيون اڪثر ڪري سندن حلقي جي محور تائين محدود هونديون آهن، هو هر وقت ڪتابن پڙهڻ، لکڻ ۽ ڪڙڪ چانھہ پيئڻ ۾ مصروف رهندا آهن ۽ هو پنھنجي گهر کي گهربل توجھہ نہ ڏئي سگهندا آهن؟
زوار: آءٌ اوهان جي ان سوال جي پھرئين حصي سان ڪافي حد تائين اتفاق ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ جو واقعي اسان جا ڪافي ليکڪ پنھنجي حلقي جي محور ۾ ئي موجود رهندا آهن، ڇاڪاڻ جو هو ڪتابن پڙهڻ، لکڻ ۽ ڪڙڪ چانھہ پيئڻ کان سواءِ پنھنجي زندگي گذاري نہ سگهندا آهن، باقي آئون اوهان جي سوال جي ٻئي حصي کي ڪافي حد تائين درست نٿو سمجهان، ڇاڪاڻ جو اسان جو ليکڪ نہ صرف هن سماج جو باشعور فرد آهي پر هو انتھائي حساس پڻ آهي. ان لاءِ اسان وٽ اهڙا کوڙ سارا مثال موجود آهن تہ اسان جا ليکڪ پنھنجي گهر کي گهربل توجھہ ڏئي، پنھنجي گهرو زندگي خوشحال گذاري رهيا آهن.

ارم: اوهان هن وقت ڇا ڪري رهيا آهيو ۽ اوهان جو مستقبل ۾ ڇا ڪرڻ جو ارادو آهي؟
زوار: آئون هن وقت استاد آهيان ۽ اها فيلڊ مستقل جاري رکندس.

ارم: اوهان واندڪائيءَ جي وقت ڇا ڪندا آهيو؟
زوار: آءٌ واندڪائيءَ جي وقت دوستن سان ڪچھريون ڪندو آهيان، ادبي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو آهيان ۽ ڪتاب پڙهندو آهيان.

ارم: اوهان پنھنجي شخصيت کي ٽن لفطن ۾ بيان ڪريو؟
زوار: امن، پيار، سچ.

ارم: اوهان جي خواهش ؟
زوار: هن ڪائنات ۾ ڪوبہ انسان بک وگهي نہ رهي، ڪنھن جي بہ اکين مان درد جا لڙڪ نہ وهن، ڪوڙ، منافقتن ۽ جنگين جو خاتمو ٿئي، خوبصورت چھرن جي مُرڪن جو هڳاءُ هجي، هر انسان امن، سک ۽ سلامتيءَ سان ساھہ کڻي سگهي، اهو سڀ ڪجهہ ممڪن ٿي سگهي ٿو بشرطيڪہ اسان باشعور انسان ان لاءِ پنھنجي مڪمل سچاين سان ڪوشش ڪيون.

ارم: اوهان جي سڃاڻپ؟
زوار: منھنجون تخليقون.

ارم: اوهان کي ڪھڙيون ڳالھيون پسند آهن ؟
زوار: سچائي، وفاداري ۽ ذهانت،.

ارم: اوهان وٽ زندگيءَ جو ڪھڙو تصور آهي؟
زوار: ڪنھن ڏاهي چيو آهي تہ “آئون سوچيان ٿو تہ ماڻھن کي نفرت ڪرڻ لاءِ ڪيئن ٿو وقت ملي، جڏهن تہ هي زندگي پيار ڪرڻ لاءِ بہ ڏاڍي مختصر آهي.”

ارم: اوهان تعليم جي موجودہ معيار کان مطمئن آهيو؟
زوار: اسان جي تعليمي معيار کي اڃا بہ وڌيڪ معياري ڪرڻو پوندو، اسان کي پنھنجن تعليمي ادارن مان ڪاپي ڪلچر ختم ڪرڻو پوندو، تعليم کي علم سمجهي حاصل ڪرڻو پوندو، علم جنھن کي نہ چور چورائي سگهن ٿا ۽ نہ ڌاڙيل اغوا ڪري سگهن ٿا. ان لاءِ استادن، شاگردن ۽ والدين کي گڏيل صلاح مشوري سان سهپ ۽ برداشت ڪري برابريءَ واري ماحول ۾ ڪي جوڳا ۽ ڪارگر اپاءَ وٺڻا پوندا. جيئن اسان پنھنجي تعليمي معيار کي اڃا بہ وڌيڪ اعليٰ ۽ معياري بنائي سگهون.

ارم: تعليم کي علم سمجهي حاصل ڪرڻ جي خيال ۾ پڙهيل لکيل نوجوانن ۾ فرسٽريشن جا ڪھڙا سبب آهن ؟
زوار: آءٌ سمجهان ٿو تہ ان جو خاص سبب بيروزگاري آهي.

ارم: پر پڙهيل لکيل نوجوان ان جو ذميدار سماج کي سمجهن ٿا ؟ ان بابت اوهان جي ڪھڙي راءِ آهي؟
زوار: هر سماج جيان اسان جي سماج ۾ بہ منفي ۽ مثبت رويا موجود هوندا آهن، جن جو هر پيڙهيءَ تي اثر پوڻ فطري عمل آهي ۽ سمورا نوجوان اهڙن لاڙن جي اثر هيٺ آهن تہ پوءِ نوجوان نسل کي ان جو ڏوھہ ڇو ٿو ڏنو وڃي.

ارم : اوهان جي امن بابت ڪھڙي راءِ آهي؟
زوار: فڪري آزادي.

ارم: اوهان جو نوجوانن لاءِ ڪو پيغام؟
زوار: محنت ڪريو، علم حاصل ڪريو ۽ پنھنجو مستقبل روشن ڪريو.

(جنوري 1992ع ۾ ماهوار انگريزي رسالي Teen Ager ۾ شايع ٿيل انٽرويو جيڪو نامياري ليکڪا ارم محبوب ورتو، جنھن جو سنڌي ترجمو 2 فيبروري 1992ع روزاني خادم وطن حيدرآباد، روزاني سرواڻ حيدرآباد، روزاني عبرت حيدرآباد ۽ ٻين اخبارن ۾ شايع ٿيو.)

نامياري ليکڪ سيد زوار نقويءَ سان ملاقات (منصور سوراج ۽ سيد سارنگ شاھہ)

سوراج: اوهان ڪافي تنظيمن ۾ حصو ورتو آهي، سڀ کان اڳ اوهان ڪنھن کان شروعات ڪئي؟
زوار: 1977ع ۾ آئون “ٻارن جي محفل” جو مرڪزي عھديدار هيس، جيڪا روزاني آفتاب حيدرآباد جي سرپرستيءَ هيٺ هلندي هئي، انھن سان ڪن اختلافن ڪري مون ٻارن جي محفل کي اخبار کان الڳ ڪيو ۽ 10 آڪٽوبر 1978ع تي حيدرآباد ۾ پھريون ڪنوينشن ڪري ٻارن جي محفل سنڌ جو باقاعدگيءَ سان بنياد وجهي ڪم شروع ڪيم.

سوراج: اوهان ڪھڙي صنف کان لکڻ جي شروعات ڪئي؟
زوار: مون سڀ کان پھرين ڪھاڻي لکڻ سان ادب ۾ شروعات ڪئي.

سوراج: اوهان ڪھڙي صنف جي اظھار جي سگهاري صنف سمجهو ٿا؟
زوار: آئون ڪھاڻي/ڪالم کي اظھار جي سگهاري صنف سمجهان ٿو، ڇو تہ ڪھاڻيءَ جي ذريعي نھايت چٽائي ۽ آزادي سان پنھنجن جذبن جو اظھار ڪري سگهجي ٿو ۽ هن جديد مشينري واري دور ۾ ڪھاڻي ماڻھو چاھہ سان پڙهن ٿا.

سوراج: ادب ۾ اوهان جي ڪنھن رهنمائي ڪئي؟
زوار: ادب ۾ منھنجي ڪنھن بہ رهنمائي نہ ڪئي، مون جيڪو ڪجهہ حاصل ڪيو، اهو مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي مان حاصل ڪيو.

سارنگ: اوهان پنھنجين ڪھاڻين ۾ اڪثر ڪري هندي لفظ استعمال ڪندا آهيو؟
زوار: مون پنھنجين ڪھاڻين ۾ هندي لفظ لازمي سمجهي استعمال نہ ڪيا آهن، جيڪڏهن ڪو لفظ استعمال ٿيو هوندو تہ اهو لفظ ان جملي جي خوبصورتيءَ لاءِ استعمال ٿي ويو هوندو.

سوراج: سماجي اوسر ۾ ادب جي ڪردار ۾ اوهان جو ويساھہ آهي؟
زوار: سماجي اوسر ۾ ادب جو ڀرپور ڪردار هوندو آهي پر اها ٻي ڳالھہ آهي تہ سنڌي ادب، ٻہ ڪروڙ سنڌي ماڻھن مان فقط هڪ هزار ماڻھو پڙهي ٿو.

سوراج: 1943ع کان وٺي 1989ع تائين اسان جو ليکڪ يا دانشور پڙهندڙن جو وڏو تعداد پيدا ڪري نہ سگهيو آهي؟
زوار: اهو هڪ وڏو بحث آهي پر جيڪڏهن پنھنجي پوري سچائيءَ سان اديب جي قول ۽ فعل ۾ تضاد نہ رهي ۽ هو پاڻ کي ٻہ ڪروڙ سنڌي ماڻھن آڏو جوابده سمجهي تہ هوند پڙهندڙن جو تعداد وڌي وڃي! ۽ جيڪڏهن پڙهندڙن جو تعداد وڌندو تہ انھن جي ذهني نشونما ٿيندي پر جيڪڏهن پڙهندڙ ئي نہ هوندا تہ سماجي اوسر ڪيئن ٿيندي؟ اسان وٽ تخليقي عمل اديبن جي سرڪل ۾ ڦري رهيو آهي. پھريون سوال آهي تہ سنڌي ادب کي سنڌي ماڻھن تائين پھچائڻ ۽ سنڌي ماڻھن ۾ سنڌي ادب پڙهڻ لاءِ چاھہ پيدا ڪرڻ، جيسيتائين انھن ٻنھي رخن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو نہ رهندو، تيسيتائين اسان جو ادب سماج ۾ ڪابہ تبديلي آڻي نہ سگهندو.

سوراج: اوهان ڪڏهن سنڌي ادبي سنگت جي مرڪز ۾ اچڻ لاءِ سوچيو آهي؟
زوار: آئون سنڌي ادبي سنگت جي گذريل مرڪزي اليڪشن ۾ “آڊيٽر” جي عھدي لاءِ بيٺو هيس، جتان ڪجهہ ووٽن تان مون هارايو.

سارنگ: سنڌي ادبي سنگت جو موجودہ حالتن تي ڪوبہ چٽو موقف نہ آهي، ان باري ۾ اوهان جو ڇا رايو آهي؟
زوار: اهو سوال سنئون سڌو س-ا-س جي مرڪزي قيادت جي حوالي سان آهي، جيئن تہ آئون مرڪز جي نمائندگي نٿو ڪيان. ان ڪري ڇا ٿو چئي سگهان.

سارنگ: ڇا سنڌي ادبي سنگت ۾ گروھہ بندي آهي؟
زوار: منھنجي خيال ۾ تہ سنڌي ادبي سنگت ۾ ڪابہ گروھہ بندي نہ آهي.

سوراج: اوهان ڪافي شاعري ڪئي آهي، ان ڏس ۾ ڪھڙو متحرڪ جذبو رهيو آهي؟
زوار: مون ڪڏهن بہ ادب ۾ ٻيائي نہ ڪئي آهي، مون جيڪو ڪجهہ لکيو آهي، اها جيئري جاڳندي حقيقت آهي، منھنجي لکڻيءَ پٺيان منھنجا احساس ۽ جذبا هوندا آهن.

سوراج: اوهان ادب ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن مان ڪنھن کي وڌيڪ اهميت ڏيو ٿا؟
زوار: مان عرض ڪيان تہ سچو ليکڪ اهو ئي آهي جيڪو ڪجهہ هو ڏسي ٿو، محسوس ڪري ٿو يا ڀوڳي ٿو تہ ان تي لکي ٿو، پوءِ چاهي اها داخلي ڪيفيت هجي يا خارجي ڪيفيت.

سوراج: اوهان عورت جي آزاديءَ ۾ ڪيترو يقين رکو ٿا؟
زوار: آئون عورت کي سماج جو اهم حصو سمجهان ٿو ۽ اهڙي آزادي جنھن ۾ عورت پنھنجي سمجهہ، عقل ۽ سگهہ سان جيون گهاري، ان ۾ يقين رکان ٿو.

سوراج: اسان وٽ سنڌي ليکڪائون ڪافي تعداد ۾ لکي رهيون آهن پر انھن جو سنڌي ادبي سنگت سان واسطو نہ آهي، ان جو ڪھڙو سبب آهي ؟
زوار: اسان وٽ سنڌي ليکڪائن جو ڪافي تعداد موجود آهي، ان مان ڪجهہ ليکڪائون سنڌي ادبي سنگت جون ميمبر آهن ۽ جيڪي نہ آهن انھن کي اسان جي وينتي آهي تہ هو سنڌي ادبي سنگت ۾ شامل ٿي، سماجي اوسر ۾ گڏجي ڪم ڪن.

سارنگ: اوهان سماجي سرگرمين ۾ گهڻو سرگرم رهو ٿا، ان لاءِ وقت ڪيئن ٿا ڪڍو؟
زوار: آئون موجودہ دور ۾ بي انتھا مصروفيت ۾ پنھنجو وقت گذاري رهيو آهيان ۽ هاڻي آءٌ پنھنجو پورو وقت سنڌي ادبي سنگت کي سرگرم ڪرڻ تي صرف ڪري رهيو آهيان.

سارنگ: اوهان جا پسنديدہ ليکڪ ڪھڙا آهن ؟
زوار: شيخ اياز، امر جليل پسنديدہ ليکڪ آهن.

سارنگ: اڻوڻندڙ ليکڪ ڪھڙا آهن ؟
زوار: مون کي سنڌ جا سڀئي ليکڪ پنھنجي ڀائرن جيان عزيز آهن، اسان سڀني جو روح جو رشتو آهي.

سارنگ: اوهان جا ڪيترا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن؟
زوار: منھنجا اڄ تائين چار ڪتاب ڇپيا آهن، ٻہ شاعريءَ جا، هڪ ڪھاڻين جو ۽ هڪ ناوليٽ آهي، ۽ ٻہ ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهن ، جيڪي ترت پڌرا ٿيندا.

سارنگ: آخر ۾ سنڌي اديبن لاءِ ڪو پيغام ؟
زوار: سنڌ جي سڀني اديبن کي سنڌي ادبي سنگت جي سگهاري پليٽ فارم کي مضبوط ۽ متحرڪ ڪرڻ گهرجي، پنھنجو پاڻ مان انا پرستي ۽ خودثنائي ختم ڪري سهپ وارو مادو پيدا ڪرڻ گهرجي. پنھنجو پاڻ کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن آڏو ذميدار ڪرڻ گهرجي.

(پندرهن روزا عبرت مئگزين حيدرآباد)

ڪلھہ جو ٻالڪ اڄ جو ساهتڪار: سيد زوار نقوي (روشن سُندر چانڊيو)

سوال: سڀ کان پھريائين مھرباني ڪري اوهان پنھنجو تعارف ڪرايو؟
جواب: مان 15 جنوري 1962ع تي، سنڌ ۾ موجود جھانيان خاندان جي سجادہ نشين سيد ويڌل شاھہ جي گهر جنم ورتو، پرائمري تعليم ٽنڊو جھانيان. سيڪنڊري، گورنمينٽ نور محمد هاءِ اسڪول، انٽرميڊيٽ سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد، ايم اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيم ۽ هاڻي ايل ايل بي جو شاگرد آهيان.

سوال: اوهان پنھنجو علمي ۽ ادبي سفر ڪڏهن کان ۽ ڪيئن شروع ڪيو؟
جواب: مون پنھنجي ادبي زندگيءَ جو آغاز روزانو آفتاب حيدرآباد جي ٻارن جي صفحي کان 1977ع ۾ شروع ڪيو ۽ سڀ کان پھريائين ٻارن جي محفل جو ڊپٽي آرگنائيزر مقرر ٿيس ۽ بعد ۾ روزانو آفتاب حيدرآباد جي ٻارن جي صفحي ۾ هفتيوار ڪالم لکڻ شروع ڪيو.

سوال: اوهان سنڌي ادب ۾ ڪھڙيون صنفون لکيون آهن؟
جواب: مان هيل تائين ڪھاڻيون، شعر، مضمون ۽ ڪالم لکيا آهن ۽ هيل تائين منھنجي ڪھاڻين جو مجموعو “زندگي او زندگي” شاعريءَ جا ٻہ مجموعا “چراغ شام” ۽ “پل اپل” ۽ ننڍڙو ناوليٽ “رات رني ڪوٽ ۾” پڌرا ٿي چڪا آهن.

سوال: اوهان ڪھڙي صنف کي پنھنجي پسند جي تخليق طور لکندا آهيو؟
جواب: مان ڪھاڻيءَ کي پنھنجي پسند جي صنف محسوس ڪندو آهيان.

سوال: سنڌي ليکڪن ۾ اوهان ڪنھن کان متاثر آهيو ؟
جواب: مان جديد سنڌي ادب ۾ شيخ اياز، امر جليل، آغا سليم، سراج، مدد علي سنڌي کان متاثر آهيان.

سوال: نئين ٽھيءَ جي باري ۾ اوهان ڇا ٿا چئو؟
جواب: موجودہ دور ۾ نئين ٽھي پنھنجي پوري علمي، ادبي سگهہ ۽ ڏاهپ سان جيڪو تخليقي عمل طئہ ڪري رهي آهي، اهو قابلِ فخر آهي، موجودہ دور جي پيڙهيءَ ۾ انعام شيخ، شاهد ڀٽو، حسن درس، حسن مجتبيٰ، اعجاز منگي ۽ ارم محبوب پنھنجي پيڙهيءَ جي نمائندگي ڪري رهيا آهن.

سوال: سنڌي اديبن جي گروپ بندي هجڻ ڪري سنڌي ادب تي ڪھڙي قسم جو اثر ٿي سگهي ٿو؟
جواب: سنڌي ادب ۾ گروپ بندي آهي ئي ڪانہ، سڀ پاڻ ۾ ڀائر ۽ ڀينرن جيان هلي رهيا آهن.

سوال: جيئن تہ هن وقت اوهين هڪ علمي ادبي اداري ۾ ويٺا آهيو، ان حوالي سان اوهين ڪجهہ چوڻ پسند ڪندا؟
جواب: منھنجي اها ڪوشش رهي آهي تہ وڌ کان وڌ سنڌ جي ڏاهن ليکڪن جو سھڪار حاصل ڪجي ۽ نئين ٽھي جي همت افزائي پڻ ڪجي ۽ ان ٻنھي ڳالھين کي آڏو رکي آءٌ ماهوار “نئين زندگي” حيدرآباد ۾ نواڻ آڻي پڙهندڙ آڏو پيش ڪري رهيو آهيان ۽ يقيناً منھنجو پورهيو سجايو ٿي رهيو آهي.
(17 نومبر 1990ع روزاني آفتاب حيدرآباد)

اداس لکڻين جو اداس ليکڪ (رفيق ڪيريو)

ڪھاڻيڪار، شاعر، فنڪار، نوجوان سنڌي اديب، سيد زوار نقوي
رفيق ڪيريو

موجودہ دور جي پرعزم نئين ٽھيءَ ۾ ڪھاڻيڪار، شاعر، صحافي، فنڪار ۽ پبلشر سيد زوار نقويءَ جو بہ شمار ٿئي ٿو، جيڪو نئين ٽھيءَ جو نرمل آواز آهي ۽ خشڪ چھري، اڻڀن وارن، ميرن لٽن، وڌيل ڏاڙهيءَ ۾ پنھنجن وکريل سوچن ۾ هروقت گم سم، ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين خيالن جي پرواز ڪندو وتندو آهي. ان ويل هو ڪوئي روم شھر جو اداس شھزادو لڳندو آهي ۽ ان ڪري کيس اداس لکڻين جو اداس ليکڪ سڏيو ويندو آهي.
سيد زوار نقوي اڄ کان ٻاويھہ ورهيہ اڳ حيدرآباد شھر ۾ واقع ٽنڊو جھانيان ۾ سيد ويڌل شاھہ نقوي، سجادہ نشين مخدوم جھانيان سنڌ جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ ابتدائي تعليم اتان حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ گورنمينٽ نور محمد هاءِ اسڪول مان سائنس گروپ ۾ پاس ڪيائون ۽ ان دوران هن تحريري مقابلن ۾ حصو وٺي سنڌي ساهت کيتر ۾ قدم رکيو، جتي عبدالغني درس، زاهد سمون، احمد خان شيخ، رشيد صابر ۽ نور محمد ڀٽو ۽ نثار حسيني سندس همت افزائي ڪئي، جنھن بعد هو مسلسل لکندو رهيو ۽ هيل تائين سندس ڪھاڻين جو مجموعو “زندگي او زندگي” شاعريءَ جو مجموعو “چراغ شام” ۽ ناوليٽ “رات رني ڪوٽ ۾” پڌرا ٿي چڪا آهن. جڏهن تہ ڪھاڻين جو مجموعو “آدم جو اولاد”، شاعريءَ جو مجموعو “ڦٽل ماڻھو، ٽٽل جذبا” ۽ تقريرن جو مجموعو “ڏاهيون ڏک ڏسن” ترت ڇپجي پڌرا ٿيڻ وارا آهن.
سيد زوار نقوي ڪاليج جي زماني ۾ فنونِ لطيفہ سان دلچسپي رکي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پھتو ۽ ان بعد اسٽيج جي مختلف ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. هن جون هن وقت تائين تقريبن پنجاھہ کن ڪھاڻيون، سئو کن شعر، ڏيڍ سئو کن ڪالم ۽ ڏھہ کن مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. ان کان سواءِ سنڌي زبان جي ڪن اخبارن ۾ بہ ڪم ڪيو آهي ۽ گڏوگڏ مختلف ڪتابي سلسلن جو بہ سرواڻ رهي چڪو آهي ۽ مختلف سماجي تنظيمن ۾ پڻ ڪم ڪيو اٿس.
زوار ايم اي سنڌِي ۾ ڪرڻ بعد هن وقت ايل ايل بي ڪري رهيو آهي. هيءُ سنڌي ادب جو اهو ماٺيڻو پانڌيئڙو آهي، جيڪو زندگيءَ جو سفر اڪيلي سر جهاڳي رهيو آهي.

(عبرت مئگزين حيدرآباد)

اندر جو آواز (شخصيتن جون بي تڪلف ڳالھيون )

سوال: نالو (سڄو)
جواب : زوار نقوي (سيد زوار حسين شاھہ نقوي)

سوال: سڃاڻپ ؟
جواب: انسان دوستي.

سوال: پيدائش جي تاريخ؟
جواب : 15 جنوري 1962ع، ٽنڊو جھانيان حيدرآباد.

سوال: پنھنجي ڪھڙي تخليق تي ناز اٿوَ ؟
جواب: مون کي نٿي سجهي پر ڪا تخليق ضرور آهي، جيڪا منھنجي لاشعور ۾ موجود آهي. جڏهن اها شعور جون سرحدون اورانگي ايندي تہ مان ان کي سفيد ڪاغذن تي لاهيندم ۽ مون کي يقين آهي تہ اها تخليق پنھنجي دور جو وڏي ۾ وڏو سچ هوندي.

سوال: مستقبل ۾ ڪھڙا ارادا اٿو؟
جواب: پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو.

سوال: توهان جي روزاني زندگيءَ جو بنيادي اصول؟
جواب: پاڻ وٽ موجود علم روشن خيال دوستن کي منتقل ڪرڻ ۽ انھن وٽ موجود علم حاصل ڪرڻ.

سوال: سونھن توهان جي نظر ۾؟
جواب: منھنجون اکيون، جيڪي ڪائنات جي حسين هئڻ جو احساس ڏيارين ٿيون.

سوال: اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
جواب: پڙهندو آهيان، لکندو آهيان ۽ دوستن ڏي ويندو آهيان، اداس رستن تي آواره انسانن جيان ڀٽڪندو آهيان ۽ جڏهن سَنڌ سَنڌ چور ٿي پوندو آهي تہ موٽي ايندو آهيان ۽ ننڊ کڻي ويندي اٿم.

سوال: مختلف ميدانن ۾ پسند جون ڪي بہ ٽي شخصيتون ؟
جواب: نورالھديٰ شاھہ، سليم گل شيخ، ايم بي کٽياڻ.

سوال: پسند جو ڪتاب، ٽي وي، ريڊيو پروگرام؟
جواب: شاھہ جو رسالو، ٽي وي ڪونہ ڏسان، ريڊيو بہ ڪونہ ٻڌان.

سوال: موسيقي ڪھڙي ٻڌندا آهيو؟
جواب: جنھن ۾ زندگيءَ جي اميد هجي.

سوال: فلمون ڪھڙيون ڏسندا آهيو؟
جواب: جن ۾ خوشيون، ٽھڪ، مرڪون هجن، ڇاڪاڻ تہ اهي منھنجون ضرورتون آهن.

سوال: اڪيلائيءَ ۾ ڪھڙا ماڻھو گهڻو ياد ايندا اٿو؟
جواب: جيڪي وڇڙي ويا آهن.

سوال: انسان کي ڪھڙو ڪم زندگيءَ ڏانھن مائل رکي ٿو؟
جواب: اميد

سوال: ڪھڙي ڳالھہ تي خوش ٿيندا آهيو؟
جواب: جڏهن بہ نيڪيءَ جو ڪم ڪندو آهيان.

سوال: ڪھڙي ڳالھہ تي چڙ لڳندي اٿو؟
جواب: جڏهن ڪير منھنجي ڳالھہ سمجهي نہ سگهندو آهي.

سوال: ڪھڙين ڳالھين تي روئڻ ايندو اٿو؟
جواب: جڏهن منھنجي خلوص، سچائي ۽ پيار کي قبول نہ ڪيو ويندو آهي.

سوال: موت؟
جواب: هڪ حقيقت آهي.

سوال: ڏک ۽ خوشي؟
جواب: انسان جون ٻہ جبلتي ڪيفيتون آهن.

سوال: دوستي ۽ دشمني؟
جواب: انساني احساسن جون ٻہ متضاد انتھائون.

سوال: پسند جو شعر؟
جواب: ماڻھو ڏيندم مھڻا، مون کي ڪندا ڪوھہ، ڇپر منجهان ڇوھہ، سڀئي رنگينديس رت سين. (شاھہ)

سوال: ڪو واقعو جيڪو توهان کي ڪنڊي جيان چڀندو آهي ؟
جواب: جڏهن هن پنھنجا سڀئي نفرت ڀريا لفظ مون لاءِ استعمال ڪيا هيا، ان لمحي لڙڪ منھنجي اکين جي ڇپرن جون سرحدون اورانگهي آيا هيا ۽ پوءِ جڏهن حقيقتون سامھون آيون هيون تہ هوءَ پنھنجي ڪيئي تي پشيمان ٿي هئي پر شايد اسان جا رستا بدلجي چڪا هيا.

(22-28 اپريل 1992ع هفتيوار سنڌو حيدرآباد)

اسان جا اديب: سيد زوار نقوي (محبوب علي سمون)

سيد زوار نقوي 15 جنوري 1962ع تي ٽنڊو جھانيان ۾، سجادہ نشين مخدوم جھانيان سنڌ سيد ويڌل شاھہ جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم اتان ئي حاصل ڪرڻ بعد گورنمينٽ نُور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ سائنس ۾ پاس ڪيائين ۽ بي اي گورنمينٽ سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين ۽ ان ئي دوران ڪاليج يونين جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ انٽر ڪاليجز باڊيءَ جو سينئر ڊپٽي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. ان بعد ايم اي سنڌيءَ ۾ ڪري، اڄڪلھہ ايل ايل بي ۾ پڙهي رهيو آهي. سندس ڪھاڻين جو مجموعو “زندگي او زندگي”، شاعريءَ جو مجموعو “چراغ شام” ۽ ناوليٽ “رات رني ڪوٽ ۾” پڻ پڌرا ٿي چڪا آهن ۽ موجودہ وقت ۾ سندس شمار نئين ٽھيءَ جي ناميارن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو.

سوال: اوهان جو ننڍپڻ ڪيئن گذريو؟
جواب: ادا چوندا آهن تہ ٻار بادشاھہ هوندا آهن ۽ واقعي منھنجو ٻالڪپڻ ڏاڍو سٺو گذريو، بلڪل ان چوڻيءَ وانگر.

سوال: اوهان ٻارن لاءِ لکيو آهي يا نہ؟
جواب: ها، ادا منھنجي لکڻين جي ابتدا ئي ٻاراڻين لکڻين کان ٿي آهي، مان روزاني آفتاب حيدرآباد پاران نڪرندڙ ٻارن جي صفحي جو مددگار هوندو هئس ۽ پاڻ بہ ٻارن جي محفل پبليڪيشن جي نالي تي هڪ ٻاراڻو ڪتابي سلسلو ڪڍندو هئس ۽ متعدد ٻاراڻا ڪتاب ترتيب پڻ ڏئي چڪو آهيان ۽ ان کان سواءِ ٻارن لاءِ لکيل ڪافي مضمون، شعر، ڪھاڻيون ۽ ڪالم مختلف اخبارن ۾ شايع ٿي چڪا آهن.

سوال: اڄڪلھہ ٻارن لاءِ جيڪي ڪجهہ لکجي پيو ان مان مطمئن آهيو؟
جواب: ها ادا اڄڪلھہ ٻارن جي ادب ۾ ٻارن کان سواءِ وڏا اديب بہ مسلسل ٻارن لاءِ لکي رهيا آهن ۽ سندن مجموعا بہ ڇپجي رهيا آهن، البتہ مان سمجهان ٿو تہ هن وقت گل ڦل کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ٻارن جو رسالو نٿو نڪري ان لاءِ اسان جي دوستن کي ٻين ادارن جي ذريعي بہ ٻارن جي رسالن جي اشاعت لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن.

سوال: اوهان ٻارن جي تنظيمن ۾ رهيا آهيو، ڇا ٻارن جون تنظيمون ٻارن ۾ جاڳرتا آڻين ٿيون يا نہ؟
جواب: ادا مان پاڻ ٻارن جي تنظيمن ۾ رهيو آهيان ۽ جھڙوڪر اتان ئي مون لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ صرف مان نہ پر اڄ جا ڪيترائي نوجوان ليکڪ ٻارن جي تنظيمن جي ذريعي ادبي کيتر ۾ آيا. ۽ مان سمجهان ٿو تہ هن وقت جيڪي بہ ٻارن جون تنظيمون آهن، انھن سڀني جو ٻارن ۾ ادبي چاھہ پيدا ڪرڻ ڏانھن رجحان آهي ۽ انھيءَ ذريعي اسان جي ٻارن جي صحيح علمي ۽ ادبي پرورش ٿئي ٿي ۽ پوءِ جڏهن ٻاراڻيون تنظيمون اسان جي ٻار کي پنھنجي ادب جي ذريعي سجاڳ ڪن ٿيون تہ پوءِ اڳتي هلي ٻار پنھنجي منزل پاڻ ئي چونڊيو ٿو وٺي.

سوال: اوهان جو ٻارن لاءِ ڪھڙو پيغام آهي؟
جواب: ادا اسان جي ٻارن کي پنھنجي قومي تاريخ، پنھنجي علم ۽ ادب کي پڙهڻ ۽ پروڙڻ گهرجي ۽ پنھنجي وس ۽ وت آهر پنھنجي وطن، ڌرتيءَ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ گهرجي ۽ اڳيان هلي ڪري سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي علم ذريعي چٽا ڀيٽيءَ وارن امتحانن ۾ ويھڻ جا سانباها ڪرڻ گهرجن.
(مئي 1986ع ماهوار “گل ڦل” سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو)

سٺو سماج اڏڻ لاءِ فڪري تربيت ضروري آهي: سيد زوار نقوي

تخليق ليکڪ جي ذهن جو تصور آهي، هن کي جيڪا شيءِ پسند اچي، اها لکي ٿو.
شاعري اظھار جو ذريعو آهي، سنڌي شاعرن عالمي امن ۽ خوشحالي جي ڳالھہ ڪئي آهي.
شاعر جي دل معصوم هوندي آهي.
شيخ اياز، امداد حسيني، تنوير عباسي ۽ استاد بخاري تمام وڏا شاعر آهن : عوامي آواز سان ڳالھيون

حيدرآباد (ڳالھہ ٻولھہ: مقبول ملاح) سنڌ جي نامياري شاعر، اديب، ليکڪ ۽ تعليمي ماهر پروفيسر سيد زوار نقويءَ چيو آهي تہ شاعري اظھار جو ذريعو آهي، سنڌي شاعرن عالمي امن ۽ خوشحاليءَ جي ڳالھہ ڪئي آهي. شاعر جي دل معصوم هوندي آهي، شاعر کي رسڻ، پرچڻ ۽ پيار ڪرڻ ايندو آهي، سماج ۾ جيترا شاعر گهڻا هوندا سماج بھتريءَ طرف ويندو. سنڌ ۾ تمام بھترين ادب تخليق ٿئي پيو. سنڌي شاعرن جي سوچ دنيا سان ڳنڍيل آهي، لکندڙ ۽ پڙهندڙ جي تعداد وڌڻ سان سماج ۾ بھتري ايندي. نوجوانن ۾ پڙهڻ جو رجحان وڌيو آهي، اڄ جي دور جو هرڪو ماڻھو ڪجهہ سٽن ۾ سڄي ڳالھہ سمجهي سگهي ٿو، ٻين ٻولين جو ادب سنڌي ۾ تہ ترجمو ٿئي ٿو پر سنڌي ادب ٻين ٻولين ۾ ترجمو نٿو ٿئي، اهڙو اظھار هن حيدرآباد ۾ عوامي آواز ٽي وي سان ڳالھائيندي ڪيو. هن چيو تہ سٺو سماج اڏڻ لاءِ فڪري تربيت جي ضرورت هوندي آهي. هن چيو تہ هڪ سٺو استاد هڪ سٺي سماج جي اڏاوت ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، هن چيو تہ اسان سڀني کي گهرجي تہ پنھنجي اولاد کي تعليم ڏياريون پر تعليم ان لاءِ نہ تہ صرف ڊگري حاصل ڪن ۽ نوڪري ملي وڃي پر تعليم شعور حاصل ڪرڻ جي لاءِ هجي، روزگار ملي ويندو، سنڌ ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو رجحان ٻارن ۾ وڌندو تہ اهو ٻار هر فيلڊ ۾ نمايان رول ادا ڪري سگهندو. شاعرن ۽ شاعريءَ جي حوالي سان ڪيل سوال جي جواب ۾ زوار نقوي چيو تہ سنڌ ۾ اياز پيدا ٿيڻ ۾ وڏو وقت لڳندو، شيخ اياز، امداد حسيني، تنوير عباسي، استاد بخاري، ابراهيم منشي سميت سرويچ سجاولي پنھنجي دور جا تمام وڏا شاعر آهن. هن چيو تہ پوئين دور ۾ سنڌ ۾ تمام سٺا مئگزين نڪرندا هئا، جن ۾ نئين زندگي، نئون نياپو، سھڻي، پيغام، روح رهاڻ شامل آهن. ان وقت لکڻيون ڇپجڻ جا ڪيترائي ذريعا هئا پر هاڻي اهي ذريعا ڪونہ رهيا آهن تہ جيئن نون لکندڙ کي موقعو ملي سگهي. هن چيو تہ اڳ بوڪ اسٽال جتي آمدنيءَ لاءِ لڳندا هئا، اتي ڪجهہ ماڻھو تعليم جي بھتري ۽ خدمت لاءِ بہ اسٽال کوليندا هئا پر هاڻي ماڻھن روزگار جا ذريعا تبديل ڪيا آهن. هن چيو تہ 78ع جي دور ۾ هر اخبار ۾ مختلف شعبن جي حوالي سان صفحا نڪرندا هئا، جيئن ٻارن جو صفحو، عورتن جو صفحو، ايتري تائين جو ڊاڪٽرن جو صفحو بہ موجود هوندو هو. ان دور جي اها ضرورت هئي پر هاڻي ترجيح تبديل ٿي وئي آهي. زوار نقوي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو تہ تخليق ليکڪ جي ذهن جو تصور آهي، هن کي جيڪا شيءِ سماج ۾ پسند اچي ٿي ۽ اها وري ان تي ڪو اثر ڇڏي ٿي تہ ان تي هو لکي ٿو. هن چيو تہ ماڻھو هر وقت هڪ ڪيفيت ۾ نہ هوندو آهي. انسان جون مختلف ڪيفيتون هونديون آهن، جيڪڏهن هن جي دل خوش هوندي آهي، جيڪا کيس بہ خبر نہ هوندي آهي تہ هو خوش ڇو آهي پر ڪڏهن بي سبب غم ۾ ورتل هوندو آهي، پوءِ جيڪا ڪيفيت ماڻھو تي حاوي هوندي آهي، لکڻين ۾ بہ ان جو اظھار ڪندو آهي. هن چيو تہ شاعر جيترا وڌندا انھن جي فڪري ليول وڌندي. حسن درس سٺو شاعر هيو، موجودہ دور ۾ احمد سولنگي سٺو شاعر آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو تہ شاگردن ۾ پڙهائيءَ جو رجحان وڌيو آهي. سياست کان وٺي فلسفي تائين مختلف ٻولين جو لٽريچر هاڻي ڪورسن ۾ موجود آهي، اڳ جي ڀيٽ ۾ ٻار وڌيڪ پڙهڻ کي ترجيح ڏئي ٿو، ايتري تائين جو سنڌ جي هر ڳوٺ مان ٻار ڪميشن پاس ڪئي آهي يا ڪميشن جي تياري ڪري رهيو آهي. ڪيترائي نوجوان علم جي بنياد تي جيڪو ڳالھائين ٿا، اچرج ۾ اچيو وڃون. ان مان ظاهر ٿئي ٿو تہ نوجوان پڙهن ٿا، ايتري تائين جو اسان نوجوانن کي روڊن، رستن ۽ هوٽلن تي بلبن جي روشنيءَ هيٺان پڙهندي ڏٺو آهي. هن چيو تہ مختلف ٻولين جي ادب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو آهي، ان ۾ ولي رام ولڀ ۽ يوسف سنڌيءَ جو وڏو ڪم آهي پر سنڌي ادب جو ٻين ٻولين ۾ ترجمو نہ ٿيو آهي، جنھن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو تہ هڪ دور ۾ شارٽ اسٽوريءَ کي اوليت نہ ڏني ويندي هئي ۽ چيو ويندو هو تہ شارٽ اسٽوريءَ بدران ناول لکو پر اڄ جي دور ۾ ماڻھن وٽ وقت ناهي، ناول بدران شارٽ اسٽوريءَ کي وڌيڪ ترجيح ڏني وڃي ٿي، گهٽ وقت ۾ وڌيڪ شيون پڙهي ۽ ڏسي سگهي، گهڻو علم حاصل ڪري سگهجي. اڄ جي سوشل ميڊيا جي دور ۾ لکندڙ ٻن سٽن ۾ پنھنجي ڳالھہ ڪري ٿو.
***

80 جي ڏهاڪي ۾ آزاد نظم کي شاعري نہ سمجهيو ويندو هو : سيد زوار نقوي

حيدرآباد : زوار نقوي چيو تہ اهم شيءِ لکڻ آهي، گهاڙيٽو ناهي، جڏهن شيخ اياز لکندو هو تہ اهو سوچي نہ لکندو هو تہ ڪھڙي فارميٽ تي لکجي پر هن جي ذهن ۾ جيڪو آيو، اهو لکندو هو. اهڙي نموني نموني مختلف صنفون ايجاد ٿيون، گذريل ڪجهہ عرصي کان نئين صنف متعارف نہ ٿي آهي. هن چيو تہ مون غزل بہ لکيا آهن پر اڪثر نثري نظم لکيا آهن. هن چيو تہ 80ع واري دور ۾ آزاد نظم کي شاعري نہ سمجهيو ويندو هو پر بعد ۾ آزاد نظم کي شاعري تصور ڪيو ويو ۽ راڳين ان کي ڳايو، جنھن کان پوءِ آزاد نظم پنھنجي حيثيت مڃرائي آهي.
***

سيد زوار نقوي ريڊيو جي مشھور پروگرام ڪچھري ۾ بہ شامل رهيو

حيدرآباد: سيد زوار نقوي صحافت کي بہ تمام گهڻو وقت ڏنو، هن اخبار ۽ ٽي وي تي پڻ ڪم ڪيو، هن جو صحافت ڏانھن تمام گهڻو لاڙو رهيو آهي. جھانيان خانقاھہ جي گادي نشين جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سيد زوار نقوي چيو تہ منھنجي ڏاڏي جي نالي تي حيدرآباد ۾ دادن شاھہ ڪالوني آهي، هن چيو تہ منھنجي والد جو ڪتابن پڙهڻ سان تمام گهڻو شوق هيو، ان جي صحبت جي ڪري منھنجو بہ ڪتاب پڙهڻ سان لڳاءُ ٿيو. هن چيو تہ اٺين درجي ۾ پڙهڻ دوران لکڻ شروع ڪيو ۽ سڀ کان پھريان مون ڪھاڻي لکي، جيتوڻيڪ اها لکڻي اثرائتي نہ هئي پر ان وقت ايڊيٽنگ ڪري سٺو ڪري پيش ڪيو ويو تہ جيئن لکڻ جو اتساھہ پيدا ٿئي، اهو ئي سبب آهي تہ اڄ ڏينھن تائين آئون لکندو پيو اچان، هن چيو تہ لکڻ کان علاوہ مون ريڊيو، ٽيلي ويزن، اسٽيج ڊرامن سميت مختلف شعبن ۾ ڪم ڪيو، جڏهن تہ ڪجهہ وقت تائين ريڊيو تي صداڪار جي حيثيت سان بہ ڪم ڪيو. مرحوم صالح محمد شاھہ جي فتح خان جي ڪچھريءَ ۾ بہ شامل رهيس پر ڪجهہ وقت کان پوءِ مون ان فيلڊ کي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ مون چاهيو پئي تہ منھنجي سڃاڻپ هڪ ليکڪ طور ئي هجي.
***

سيد زوار نقوي جا ڪيترائي ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي چڪا

حيدرآباد: زوار نقويءَ جا ڪيترائي ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن، جڏهن تہ سندس سوانح حيات جلد مارڪيٽ ۾ اچڻ واري آهي. هن ٻڌايو تہ سندس پھريون ڪھاڻين جو ڪتاب “زندگي او زندگي” 1980ع ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو، جنھن کان پوءِ شاعري جو ڪتاب “چراغ شام” ۽ “پل اپل” ڇپيو، جڏهن تہ “رات رني ڪوٽ ۾” هڪ بوڪ ليٽ پڻ لکيون. هن چيو تہ جڏهن مون رني ڪوٽ جو سفر لکيو هو تہ ان وقت سفري سھولتون نہ هيون ۽ سن کان رني ڪوٽ پنڌ وڃي مطالعو ڪيو. هن چيو تہ هر ماڻھو جي هڪ تاريخ ٿيندي آهي ۽ مان اڌ صديءَ جي نالي پنھنجي آٽو بايوگرافي لکان پيو، جيڪا منھنجي پنجاھہ سالن جي زندگيءَ تي هوندي، جڏهن تہ پنجاھہ سالن کان پوءِ جي ٻئي حصي تي بہ لکڻ شروع ڪيو آهي. ان کان علاوھہ مختلف وقتن تي جيڪي مون مضمون لکيا، انٽرويو ڏنا يا مون بابت جيڪي آرٽيڪل لکيا ويا، انھن تي مشتمل پڻ هڪ ڪتاب ڇپجي رهيو آهي. هن پنھنجي والد سان محبت جو اظھار ڪندي چيو تہ پنھنجي والد صاحب تي ڪتاب “منھنجو بابا سائين” ڪتاب سھيڙي، جيڪو پڻ ڇپائي واري مرحلي ۾ آهي، جيڪو جلد مارڪيٽ ۾ اچڻ وارو آهي، جڏهن تہ هن وقت پنھنجي ڊائري کي پڻ ڪمپائيل ڪري رهيو آهيان، جنھن ۾ مختلف وقتن تي مختلف ڪيفيتن ۾ جيڪو ڪجهہ لکيو، جنھن کي ڪمپائيل ڪري ڪتابچي جي صورت ۾ آڻيندس.

(7 جولاءِ 2018ع روزاني عوامي آواز ڪراچي)

سيلف انٽرويو-سيد زوار نقوي

مان، درسني آڏو.

منھنجو نانءُ؟
زوار نقوي.

منھنجي جنم ڀومي ؟
وشال شھر حيدرآباد جي الھندي پاسي پيلين پيلين جبلن جي ٽڪرين جي هيٺان، ڪلراٺي ڌرتي، ٽنڊو جھانيان ۾ ڪنھن لھندڙ سج جي پيلن ڪرڻن ۾ اڄ کان اڻويھہ ورهيہ اڳ، ڪنھن دکياري ڏينھن تي.

منھنجون رچنائون؟
منھنجي من پاتال ۾ موجود ڪنھن ڀٽڪندڙ بي نام انسان جون آتم ڪھاڻيون.

منھنجون ڪوتائون؟
۽ ان ئي انسان جي درديلي آواز جي سڏڪن جو پڙاڏو.

منھنجون لکڻيون ڇو؟
پنھنجن دکن کي ٻين آڏو آڻڻ.

منھنجي ڪھاڻين ۾ فرسٽريشن ڇو؟ جڏهن تہ مان ڏاڍو کل مک آهيان؟
اسان ماڻھو اندران کوکلا هوندا آهيون. پنھنجي منھن تي خوشيءَ جا ماسڪ چاڙهي، کن پل لاءِ کل مک بڻجي پوندا آهيون.

ڇا جديد دور جي محبتن ۾ منھنجو ويساھہ آهي؟
ڪڏهن واريءَ جا گهر بہ ٺھي سگهن ٿا!؟

منھنجو تڪيہ ڪلام ؟
اهو پنھنجو.

منھنجي ماضيءَ جو اهو پل جنھن ۾ ڏاڍو عذاب ڀوڳيو هجيم؟
جڏهن هن چيو هيو تہ هاڻ مان توسان نہ ملي سگهندم.

منھنجي ذهن ۾ ڪھاڻين جا پلاٽ ڪيئن سرجندا آهن؟
جنھن ويل هن جي بي رخي ڏسندو آهيان.

سنڌي ادب بابت منھنجي راءِ؟
هرڪو پنھنجا سور پاڻ ٿو سلي ۽ اهڙو اتھاس آهي سنڌي ادب ۾.

منھنجي خوشي؟
....... ۽ جنھن ويل کيس پنھنجي گول گول اکين جي وِنڊ اسڪرين آڏو ڏسندو آهيان........

منھنجو دک؟
آرٽس فيڪلٽيءَ جي ڪنھن ونگ مان تنھا مٽيندي، اکين کي ٻوٽي سندس کي هٿ هٿ ۾ جڪڙي پاڻ سان هئڻ جو سپنو ڏسندو آهيان، ۽ ڇرڪي پوندو آهيان. اکين کولڻ شرط. ۽ ان ويل منھنجي اکين جي ڪارين ماڻڪين جي هيٺان ٻہ ٽي لڙڪ ڦڙا تري ايندا آهن.

منھنجي ضرورت؟
جنھن ساڻ جيون جا هي اڙانگا پيچرا ساڻ هلي سولائيءَ سان ڪاٽي سگهان.

منھنجو دک؟
يونيورسٽيءَ جي آرٽس فيڪلٽيءَ کان حيدرآباد جي روپ محل ۽ گاڏي کاتي کان وحدت ڪالونيءَ جي هر اها جاءِ من منھنجي کي موهي وجهندي آهي. جتان هر ويل هلندي، هن کي پاڻ سان هئڻ جو ڪجهہ وڌيڪ شدت سان احساس ٿيندو اٿم.

اعتراف؟
مان وڏو ڊپلوميٽ آهيان! سارو ڏينھن ڊپلوميسي ٿو ڪيان! ڪنھن سان بہ سنسيئر نہ آهيان! اهو ڪنھن نہ وڻندڙ شام جو تو مون کان موڪلائيندي چيو هو، ۽ تڏهن تہ مان اهو هينئر اعتراف ڪري رهيو آهيان، اڄ هت، هن ۾، حالانڪہ ايئن ناهي.

منھنجي نفرت؟
هر ان ماڻھوءَ کان جيڪو ڪجهہ بہ نہ هوندي پنھنجو پان کي الائي ڇاڇا محسوس ڪندو آهي.

منھنجي وڻندڙ سٽ؟
“پرچن شال پنھوار، ڍوليا مارو مون سان”
منھنجي پسند جي ڪائي رچنا؟
اها ڪائي بہ، ڪنھن جي بہ رچيل هجي، جنھن جو ٿاٽ مون جھڙن انيڪ سارن دکيارن تي ٻڌل هجي.

وڻندڙ آواز؟
جنھن ۾ نئين جيون گهارڻ جو سڏ هجي.

منھنجي محرومي ؟
هن جو مون کان وڇڙڻ.

مون تي الزام آهي تہ مان هندي لفظ گهڻا ٿو استعمال ڪريان ڇو؟
اهو الزام تہ اڳ ۾ ڪيترن ئي تي لڳي چڪو آهي پر مان انھن لفظن کي کڻي پنھنجو نئون اسٽائيل ٿو ٺاهيان.

منھنجي آخري خواهش؟
ڪاش منھنجي مرڻ بعد منھنجي قبر هن جي گهر آڏو جڙي.
منھنجي پنھنجي ڊائريءَ جي ورقن جي اسڪرين تان منھنجن پنھنجن لاءِ منھنجا پنھنجا رايا:

نثار حسيني:
جنھن ويل آڪاش تي ڀورا ناسي بادل ڀرجي ايندا آهن ۽ وسڻ جا ويس ڪندا آهن ، اهڙي ئي رت جھڙو ڀاسندو آهي مون کي.

عبدالغني درس:
کيس کي ڏسڻ بعد الائي ڇو من ئي من ۾ سندس لاءِ پنھنجائپ جو گهرو سمنڊ ڇوليون هڻندي ڏسندو آهيان.

نصير مرزا:
سندس ئي ڪوتائن ۾ گم سم ڪڏهن ڪڏهن سندس گونجندڙ هلڪڙن ٽھڪڙن ۾ محسوس ڪندو آهيان، ڄڻڪ وڇڙي ويل هجي ڪائي، منھنجي محبوبا.

خدا بخش ابڙو :
هي آهي، منھنجو پنھنجو، هي ئي آهي حريف، منھنجو.

عابد مظھر:
دل چوندي آهي تہ ڏاڍو پيار ڪيانس ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري سندس لالي پاپ جھڙن ڳاڙهن ڳلن تي زور زور سان ڌڪ هڻڻ ڪاڻ من چاهيندو آهي. صرف سندس بدلجندڙ موڊن جي ڪري.

الھہ بچايو مرڻاس :
“اڇي پڳ مَ پس، اندر مڙيو ئي اڳڙيون”

شفيع چانڊيو :
اديب گهٽ، وڏيرو وڌيڪ.

ڪرم الاهي چنا:
دوست هوندي بہ الائي ڇو صرف ڪاروباري ايڊيٽر لڳندو آهي.

قاسم حيدر:
“ڊن”! ۽ صرف “ڊن”!! هر ڳالھہ ۾ “ڊن”! ڏاڍو پيارو لڳندو اٿم، جنھن ويل ڏند ڪڍي ”ڊن“ چوندو آهي، هونئن بہ وڻڻ جھڙو مھانڊو آهي.

نور محمد ڀٽو:
“اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ئي ڏورينديون.”

علي نواز ڦل:
الائي ڇو هرون ڀرون بہ نہ وڻندو اٿم.

رياض انور ميمڻ:
“رٺا ئي رهن، هجن شال حياتي.”

مظھر ڪاظمي :
مک تي ھميشہ مرڪ، چريو (مون جيئان).

امان ﷲ زرداري:
الائي ڇو، هرون ڀرون جو بہ وڻندو اٿم.

عبدالخالق سرڪي:
سندس هر وقت صلاحون ٻڌي ٻڌي هاڻ ڪو پرائمري ماستر لڳندو اٿم (حالانڪہ ماستر ڪونھي)

علي بخش مئو:
سواءِ ٻن ٽن ڳالھين جي باقي منھنجي ڊٽو ڪاپي.

پير شھاب :
مون کي صلاحون ڏيندڙ مفيد صلاحون ۽ پياريون پياريون.

علي گوهر شاھہ :
ڄڻڪ ڪوئي سورج مکي.

اسرار شام:
ڏاڍو ٿو کلائي.


(1987ع ۾ سيد زوار نقوي جي شايع ٿيل ڪھاڻين جي ڪتاب “زندگي او زندگي” تان ورتل)

وقت جو آواز (سيد زوار نقويءَ باب لکيل ڪجهہ ايڊيٽوريل)

---

ماهوار نئين زندگيءَ کي زندگيءَ جو دان ڏيو

سنڌ سرڪار جي تعاون سان سنڌي زبان جو ماهوار رسالو “نئين زندگي” جيڪو، پنھنجي اوائلي دور کان پوءِ پنھنجي “نئين زندگي” جي نالي سان نا انصافي ڪندي هڪ مخصوص مذهبي جماعت جي هٿ هيٺ مخصوص ادب، مخصوص ليکڪن ۽ مخصوص ماڻھن جي آڳاپيڇيءَ کان سواءِ ڪجهہ بہ نہ رهيو هو، تنھن جي نالي جي ڀرم رکڻ ۽ حڪومت جي لکين روپين جي بجيٽ کي ڪار جي بنائڻ لاءِ گذريل حڪومت سنڌي زبان جي ۽ نئين ٽھي جي شاعر زوار نقوي کي ان جون واڳون عطا ڪري نئين زندگي کي زندگي بخشڻ جو فرض سونپيو هو! پر شايد ان ئي ڏوھہ ۾ هو بہ ان احتساب جو شڪار ٿي ويو، جنھن ۾ سنڌ جا هزارين ماڻھو پنھنجي نوڪرين تان هٿ ڌوئي ويٺا آهن. زوار پنھنجي صلاحيتن کي نئين زندگي جي مختصر وقت ۾ مڃائي ڏيکاريو، جيڪا ڳالھہ شايد بيوروڪريسي ۽ پوڙهن ذهنن کي نہ آئڙي!
اسين سنڌ جي هزارين نوڪرين مان بي دخل ڪيل ماڻھن جي واپسيءَ جي گهر سان گڏ زوار نقويءَ جي روزگار جي بحالي بہ چاهيون ٿا ۽ اتي اهو بہ چاهيون ٿا تہ ماهوار “نئين زندگي” کي، زندگي جو دان ڏنو وڃي.

(6 ڊسمبر 1990ع روزاني ڪاوش حيدرآباد، ايڊيٽر علي قاضي)

قلم ڪارن جو قدر ٿيڻ گهرجي!

سنڌ جي نئين ٽھيءَ جي مڃيل ليکڪن، شاعرن، اديبن، صحافين ۽ قلمڪارن، اخباري بيانن ذريعي افسوس ۽ حيرت جو اظھار ڪيو آهي تہ سنڌ جي ڪيترن ئي ملازمن کي نوڪرين مان جواب ڏنا ويا آهن ۽ اهڙي بي دخليءَ جو دائرو قلمڪارن ۽ ليکڪن تائين پکيڙيو ويو آهي، جنھن جو مثال نئين ٽھي جو مڃيل ۽ سڄاڻ ليکڪ سيد زوار نقوي بہ آهي، جنھن کي تازو ماهوار رسالي “نئين زندگي” جي ايڊيٽر جي حيثيت تان بي دخل ڪيو ويو آهي.
نھايت افسوس ۽ رنج سان چوڻو ٿو پوي تہ سنڌي ٻولي جنھن دور مان اڄ گذري رهي آهي، شايد ئي اهڙو ڀوائتو دور مٿس آيو هجي. پنھنجي ٻولي، ادب ۽ شعوري سجاڳي کي پکيڙيندڙ ليکڪن جي جيڪا معاشي حالت آهي، اها تہ هڪ جڳ پڌري حقيقت آهي، سنڌي ليکڪ پنھنجي هڙان وڙان ڀري، رت ست ڏئي، ٻوليءَ جي خدمت ڪن ٿا يا ادب لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا پر جڏهن اهڙن ڏاهن نوجوانن سان ناانصافيون ڪيون وڃن ٿيون، تڏهن افسوس ٿئي ٿو. سيد زوار نقوي معاشري جي سمورين اوڻاين کي ڪھاڻين، مضمونن ۽ شاعريءَ ذريعي ھميشہ چٽو ڪندو رهيو آهي، هو هڪ سڄاڻ صحافي بہ آهي تہ ڏاهو ليکڪ پڻ، قلمڪار ڪڏهن بہ عھدن، مٿانھين منزل جي گهر تہ نہ ڪئي آهي پر کيس جائز عھدي تان هٽائڻ هڪ شرمناڪ عمل آهي، سيد زوار نقوي ڪنھن بہ ڀوتار يا پليسمينٽ بيورو جي معرفت ان عھدي تي فائز نہ ڪيو ويو هيو بلڪہ هو پنھنجي قلمڪاريءَ جي بھتر ساک جي بنياد تي ايڊيٽر بنايو ويو هو.
اسان وزيرِ اعظم جي صلاحڪار علي نواز وفائي ۽ ٻين سمورن ڏاهن ماڻھن کي گذارش ٿا ڪريون تہ سيد زوار نقويءَ کي ساڳئي عھدي تي ٻيھر بحال ڪري هڪ سچي قلمڪار سان انصاف ڪيو وڃي تہ جيئن نوجوان ليکڪن ۽ اديبن ۾ مايوسي ۽ ناراضگي ختم ٿي سگهي.

(12 ڊسمبر 1990ع، روزاني سنڌ نيوز حيدرآباد، ايڊيٽر مدد علي سنڌي)

سيد زوار نقويءَ کي نوڪريءَ تي بحال ڪيو وڃي!

سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن طرفان اهو مطالبو ڪيو پيو وڃي تہ “نئين زندگي” حيدرآباد جي ايڊيٽر سيد زوار نقويءَ کي ٻيھر سندس عھدي تي بحال ڪيو وڃي. واضح رهي تہ زوار نقوي کي تازو سندس عھدي تان هٽايو ويو آهي ۽ اهو قدم اڳوڻي حڪومت جي مقرر ڪيل ماڻھن کي هٽائڻ جي سلسلي تحت کنيو ويو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ايڪونجاھہ اديبن، شاعرن، صحافين ۽ دانشورن حڪومت جي انھيءَ قدم کي ننديو آهي ۽ فوري طرح زوار نقويءَ جي بحاليءَ جو مطالبو ڪيو آهي.
زوار نقوي هڪ نوجوان ليکڪ آهي، جنھن کي پنھنجي اهليت ۽ صلاحيت جي بنياد تي “نئين زندگي” جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو هو ۽ هو پنھنجو ذميواريون نھايت خوبيءَ، صلاحيت ۽ اعليٰ معيار مطابق ادا ڪري رهيو هو. هن کي سندس عھدي تان هٽائڻ جو ڪوبہ جواز ۽ ڪارڻ ناهي، جيڪڏهن هن جو تقرر اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ ٿيو هو تہ اهو ڪو غلط ۽ بي جا تقرر نہ هو. اڄڪلھہ اديبن، شاعرن، صحافين ۽ دانشورن جو وڏو تعداد بيروزگار آهي، اهڙي وقت ۾ زوار نقويءَ کي بہ بيروزگارن جي فھرست ۾ شامل ڪرڻ ڪا سٺي ۽ تعريف جوڳي ڳالھہ ناهي، خاص ڪري ان حالت ۾ تہ هو پنھنجي عھدي لا سموريون صلاحيتون رکي ٿو.
زوار نقويءَ جي برطرفيءَ، علمي ۽ ادبي حلقن ۾ جيڪا بي چيني پيدا ڪئي آهي، حڪومت کي ان جو اندازو ٿي ويو هوندو. اسان وفاقي حڪومت تي زور ڏينداسين تہ زوار نقوي کي سندس عھدي تي بحال ڪري، علمي ۽ ادبي حلقن جي بي چيني دور ڪرڻ کپي. جيئن هڪ غريب اديب پنھنجي روزگار سان لڳو رهي. اسان صوبائي حڪومت کي بہ گذارش ڪنداسين تہ هوءَ هن معاملي کي وفاقي حڪومت وٽ کڻي ۽ زوار نقوي کي برطرف ڪرڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ آماده ڪري.

(16 ڊسمبر 1990ع، روزاني عبرت حيدرآباد، ايڊيٽر خير محمد کوکر)

نوڪريءَ تي بحال ڪيو وڃي

اخباري اطلاعن مان معلوم ٿيو آهي تہ سنڌ جي نوجوان ليکڪ ۽ ادبي حلقي سان تعلق رکندڙ جناب زوار نقويءَ کي “نئين زندگي” رسالي جي ايڊيٽريءَ تان فقط ان ڪري برطرف ڪيو ويو آهي، جو کيس پ پ دور ۾ ملازمت ملي هئي.
اسان جي خيال ۾ زوار نقويءَ جي برطرفي ڪنھن بہ ريت صحيح نہ آهي، ڇوتہ اخبار يا رسالي جي ايڊيٽريءَ لاءِ جناب زوار نقويءَ جي ايڊيٽري انتھائي موزون هئي ۽ هو صاحب پنھنجا فرض بہ نھايت ايمانداري ۽ جانفشانيءَ سان ادا ڪري رهيو هو. حقيقت ۾ حڪومت جي ادارن کي اهڙن ماڻھن بابت حڪومت کي اڳواٽ ڄاڻ ڏيڻ کپندي هئي، جيڪي مقرر تہ پ پ دور ۾ ٿيا هئا پر سندن مقرري قابليت مطابق ئي ٿي هئي.جيڪڏهن ائين ڪيو وڃي ها تہ اڄ اهڙن ماڻھن کي ذهني ۽ مالي طرح پريشان ڪرڻ ۽ ان سان گڏ علمي، ادبي ۽ صحافتي حلقن ۾ بي چيني پيدا ٿيڻ جي نوبت ئي نہ اچي ها.
ان ڪري اسان وفاقي حڪومت کي مؤدبانہ نموني پرزور گذارش ٿا ڪريون تہ جناب زوار نقوي کي ترت پنھنجي نوڪريءَ تي بحال ڪري، سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ صحافين ۾ پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪرڻ سان گڏ هڪ حقدار کي پنھنجو حق ۽ روزگار ٻيھر ڏنو وڃي.

(17 ڊسمبر 1990ع، روزاني مھراڻ حيدرآباد، مئينجنگ ايڊيٽر حاجي محمد ابراهيم هنڱورجو)

سيد زوار نقويءَ جي برطرفي

ماهوار “نئين زندگي” حيدرآباد جي ايڊيٽريءَ تان زوار نقويءَ جي برطرفيءَ سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ بي چيني پيدا ڪري وڌي آهي، پنجاھہ کان وڌيڪ اديبن، شاعرن ۽ صحافين پنھنجي گڏيل بيان ۾ وفاقي حڪومت جي انھيءَ قدم تي سخت مايوسيءَ جو اظھار ڪندي زوار نقويءَ جي برطرفيءَ وارو حڪم واپس وٺڻ ۽ کيس ملازمت تي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، چيو وڃي ٿو تہ کيس انھيءَ ڪري هٽايو ويو آهي جو سندس مقرري اڳوڻي حڪومت جي ڏينھن ۾ ڪئي وئي هئي. زوار نقوي هڪ ذهين نوجوان، سڄاڻ ليکڪ ۽ صحافي آهي ۽ سندس مقرري بہ ڪنھن سفارش يا پلئسمينٽ بيورو معرفت نہ پر لياقت ۽ صلاحيتن جي بنياد تي ٿي هئي. تنھن کان سواءِ ايترو وقت هو نھايت خوش اسلوبي ۽ محنت سان پنھنجي ذميواري بہ نڀائي رهيو هو. انھيءَ باوجود کيس رڳو انھيءَ ڪري ايڊيٽريءَ تان هٽائڻ تہ هن جي مقرري اڳوڻي حڪومت ڪئي هئي، سراسر بي انصافي آهي، اهڙيون شڪايتون اڳي ئي ٿي رهيون آهن تہ اڳوڻي حڪومت طرفان مقرر ڪيل ملازمن جي وڏي تعداد ۾ برطرفين وارو جيڪو عمل شروع ڪيو ويو آهي، ان ۾ لياقت ۽ اهليت جو لحاظ ڪرڻ کان سواءِ سڀني ماڻھن جي مقررين تي منڌيئڙو ڦيرايو ويو آهي، زوار نقويءَ جي برطرفيءَ سان يقيناً انھيءَ تاثر کي تقويت ملندي تہ اهي برطرفيون محض سياسي بنيادن تي ٿي رهيون آهن. هوڏانھن سنڌي اديبن ۽ ليکڪن جي حالت اڳي ئي رحم جوڳي آهي، جن کي پنھنجي ذهن ۽ قلم جي پورهئي مان ٻہ ويلا ماني بہ ميسر نٿي ٿئي، انھيءَ ڪڙم جي ڪنھن فرد کي بيروزگار بنائڻ سان اديبن ۽ صحافين ۾ بي چيني پيدا ٿيڻ فطري ڳالھہ آهي. انھن حقيقتن جي روشنيءَ ۾ اسين وفاقي حڪومت کي درخواست ڪنداسون تہ زوار نقويءَ جي برطرفيءَ وارو غيرمنصفانہ حڪم واپس وٺي، کيس ملازمت تي بحال ڪيو وڃي تہ جيئن هن قدم جي ڪري پيدا ٿيل بي چيني ختم ٿئي. اميد ٿي ڪجي تہ اطلاعات و نشريات واري وفاقي وزارت هن طرف ترت ڌيان ڏئي، زوار نقويءَ سان ٿيل بي انصافيءَ جو ازالو ڪندي.

(21 ڊسمبر 1990ع، روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، ايڊيٽر اقبال دل)

ڇا اوهان کي خبر آهي تہ ......

ماهوار نئين زندگي وفاقي اطلاعات کاتي طرفان شايع ٿيندڙ اڪيلو سنڌي رسالو آهي، جيڪو آفيسرشاهيءَ جي هٿ هيٺ اچڻ کان اڳ سنڌ ۾ ڏاڍو مقبول هو، پر هاڻي ان رسالي لاءِ اهڙيون حالتون پيدا ڪيو وڃن ٿيون، جو نہ معياري بنجي سگهي ۽ نہ وقت سر ڇپجي سگهي. تازو هن رسالي جي نوجوان ۽ اورچ ايڊيٽر “زوار نقويءَ” کي رڳو ان ڪري نوڪريءَ مان لاٿو ويو آهي، جو بالا آفيسر ائين چاهين ٿا. هاڻي هڪ ڀيرو وري هي سنڌي رسالو رلي ويندو.

(22 ڊسمبر 1990ع، روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، ايڊيٽر اقبال دل)

سنڌ جي صحافين، اديبن ۽ شاعرن جو جائز مطالبو

موجودہ سنڌ سرڪار جي عمل ۾ اچڻ سان ئي سنڌ ۾ صوبائي توڙي وفاقي سطح تي برابر وڏيون خوشگوار تبديليون سامھون آيون آهن، جن کي ساراهي تہ سگهجي ٿو پر گڏوگڏ سنڌ جي اديبن ۽ سمورين سنڌي اخبارن ۽ خود قلمڪارن کي اکين ڏٺو شاهد سمجهندي فقط ايتري چوڻ جي گذارش ڪنداسين تہ جتي ايڏيون وڏيون خوشگوار ۽ نمايان تبديليون آيون، اتي سنڌ جي قلمڪار سنڌي ذهنن کي ڪنھن حد تائين بہ رسيا آهن، جن جو ازالو ڪرائڻ تي اسان سنڌ سرڪار جي قلم، علم ۽ ادب دوست هئڻ جي اعتراف ۾ واکاڻ ۽ زبردست آجيان ڪنداسين.
ڪنھن بہ ملڪ جي مرڪزيت يا وفاقي ڍانچي ۾ صوبائي حڪومتون پنھنجي صوبن جي ڀلائي ۽ ترقيءَ واسطي جيڪي بہ مثبت ۽ اثرائتا ڪم ڪرائينديون آهن، انھن جي هر ذي شعور فرد کي آجيان ڪرڻي پئي آهي. هنن ئي ڪالمن ۾ کلئي عام اسان موجودہ سنڌ سرڪار جي انھن سمورن ڪمن جي ساراھہ ڪري چڪا آهيون. سنڌ اندر وفاقي کاتن جي نگرانيءَ هيٺ قائم مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ متعدد ذهنن کي گهاءُ ملڻ تي اسان جو ضمير بہ تڪليف محسوس ڪري ٿو. ان حوالي سان سنڌ سرڪار آڏو ايترو چوڻ جي جسارت ڪنداسين تہ سنڌ جي قلمڪارن ۽ سڄاڻ ذهنن سان اڄ کان ڪيئي ورهيہ اڳ يا تازو جيڪي بہ ناانصافيون ٿيون آهن، انھن جو ازالو ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ تہ اهي ئي سنڌ جا سڄڻ ذهن يا قلمڪار آهن، معاشري جي اوڻاين ۽ ڏوهن تي بي ڊپا ٿي قلم هلائيندا آهن، جنھن سان خود حڪومت جي اعليٰ عملدارن ۽ وزارتن تائين معاشرتي اوڻاين جي نشاندهي ٿئي ٿي. ايڏي وڏي سماج سڌار ذميداريءَ کي حياتيءَ تان هٿ کڻي نڀائڻ اسان جي خيال ۾ وڏي جرئت ۽ همت آهي، جنھن جو اعتراف حڪومتي ادارن کي پڻ ڪرڻو پوندو. سنڌ جي مختلف اخبارن، اڪيچار اديبن، ۽ ادب دوست سڄاڻ ڌرين تازو وفاقي کاتي جي اهتمام هيٺ نڪرندڙ ماهوار رسالي “نئين زندگي” جي ايڊيٽر جي عھدي تان سنڌ جي هڪ باشعور ۽ سڄاڻ صحافي، اديب ۽ شاعر سيد زوار نقويءَ کي هٽائڻ خلاف اخلاق ۽ ضمير جي قدرن تحت جائز احتجاج پئي ڪيو آهي پر اڃا تائين مذڪوره وفاقي کاتي جي ٻوڙن عملدارن ڪوبہ مثبت عمل نہ ڪيو آهي، جنھن تي جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي. ڇاڪاڻ تہ سمورين سنڌي اخبارن، اديبن، ليکڪن، شاعرن ۽ نوجوان سڄاڻ ذهنن جي تاءَ ۽ جائز احتجاج کي ڪابہ اهميت اڄ تائين نہ ملي آهي. ان صورتحال ۾ اسان جو خدشو ڪٿي ساڀيان تہ نٿو ٿئي، جو سنڌ جي اديبن، اخبارن، شاعرن ۽ سڄاڻ ذهنن جي اپيلن ۽ مطالبن کي مان نٿو ملي؟ اسان سنڌ سرڪار کي هڪ ڀيرو ٻيھر گذارش ڪنداسين تہ هو پنھنجي انھن ڪوششن ۾ سنڌ جي ڏاهن ذهنن جو مطالبو تسليم ڪري نہ رڳو نئين زندگي رسالي جو ايڊيٽر مقرر ڪيو وڃي پر سنڌ جي سمورن سڄاڻ نوجوان اديبن ۽ قلمڪار پورهيتن جي جائز مسئلن ڏانھن ڌيان ڏنو وڃي. ڇاڪان تہ هتي پوليس ۽ مختلف کاتن پاران اختيار ڪيل سلوڪ انتھائي شرمناڪ پئي رهيو آهي! ايتري تائين جو حيدرآباد جي عامل صحافين کي سندن پراڻن پلاٽن ۽ گهرن مان بي دخل ڪرڻ جھڙا ڪڌا عمل يا ارھہ زورايون ٿيڻ لڳيون آهن، گڏوگڏ سنڌ جي هڪ نوجوان ۽ سڄاڻ شاعر کي ڪينٽومينٽ پوليس جي اهلڪارن ڏاڍ طور ڪجهہ دير لاڪ اپ ۾ بند رکيو، ٻهراڙين ۾ سڄاڻ ڌرين سان ڏوهارين پوليس وارن ۽ ڀوتارن جون ڏاڍايون ٿينديون رهيون آهن، سنڌ جي اعليٰ عملدارن کي ڪڏهن بہ ڪهڪاءُ نہ آيو آهي، جنھن جي جيتري بہ مذمت ڪجي يا افسوس ڪجي اها گهٽ آهي. اميد اٿئون تہ سنڌسرڪار جا اعليٰ عملدار وفاقي حڪومت جي مذڪوره کاتي جي اعليٰ عملدارن کي هدايت ڪن تہ هو سنڌ مان وفاقي اطلاعات کاتي جي اهتمام هيٺ نڪرندڙ رسالي “نئين زندگيءَ” جي ايڊيٽر طور سيد زوار نقويءَ کي بحال ڪن، جنھن سان سنڌ جون سموريون سنڌي اخبارون، اديب، شاعر ۽ قلمڪار پورهيت مطمئن ٿيندا، پر ان جائز مطالبي جي حل جي زبردست آجيان ڪندا ۽ وفاقي حڪومت وٽان اهڙا مسئلا حل ڪرائڻ کي سنڌ سرڪار جي ادب ۽ اديب دوست ڪردار کي ساراهيو ويندو.
اسان سنڌ سرڪار جي اڳواڻ ڄام صادق علي خان جي سنڌ لاءِ ڪيل سمورين خدمتن کي جت ساراهيون ٿا. اتي مذڪوره مطالبي کي ٻيھر ورجائڻ کان رهي نٿا سگهون تہ مذڪوره ناانصافيءَ جي ازالي خاطر وفاقي سرڪار سان رابطو ڪري سنڌ جي سمورين اخبارن ۽ سڄاڻ ذهنن کي مان ڏئي مذڪوره نا انصافيءَ کي ختم ڪيو ويندو، جنھن جي يقينن هر ذي شعور فرد آجيان ڪندو.

(22 ڊسمبر 1991ع، روزاني سنڌ نيوز حيدرآباد، ايڊيٽر قاضي سعيد اڪبر)

سيد زوار نقويءَ کي بحال ڪيو

حڪومت پاڪستان جي انفارميشن کاتي سنڌ جي نوجوان نامياري اديب ۽ ليکڪ جناب زوار نقويءَ کي سنڌي ۾ شايع ٿيندڙ سرڪاري رسالي “نئين زندگي” جي ايڊيٽر جي فرائض تان سبڪدوش ڪري ڇڏيو آهي، ان قدم تي سنڌ جي تمام اديبن، دانشورن، نہ صرف سخت احتجاج ڪيو آهي پر ان قدم تي انتھائي رنج و غم جو اظھار ڪندي مطالبو ڪيو آهي تہ محترم زوار نقويءَ کي سندس فرائضن تي ٻيھر بحال ڪيو وڃي.
حڪومت جي محڪمہ اطلاعات جي ان قدم کي غيرمناسب ۽ بنا جواز ڪوٺيندي سنڌ جي صحافين توڙي سنڌ جي تمام روزاني اخبارن بہ انھيءَ ئي خيال جو اظھار ڪيو آهي تہ زوار نقويءَ جي سبڪدوشي جو جڏهن تہ ڪوبہ جواز نہ آهي تڏهن کيس ٻيھر بحال ڪرڻ ۾ ڪنھن بہ قسم جي ڪوتاهي وغيرہ نہ ڪئي وڃي.
حڪومت پاڪستان جي اشاعتي سلسلي ۾ سنڌ جي عوام لاءِ اهو ئي هڪ رسالو “نئين زندگي” ادبي معيار جي لحاظ کان بلڪل بھترين ۽ سٺي معيار جو حامل آهي، اهڙي رسالي جي افاديت ۽ معياري ادب جي اشاعت لاءِ ضروري آهي تہ ان جو ايڊيٽر پڻ ادب جي هر روايتن کان واقف هجي جيئن ان جو معياري سلسلو جاري رهي سگهي، اسان سمجهون ٿا تہ اهي سڀ خوبيون مسٽر زوار نقويءَ ۾ موجود هيون، جنھن کي اطلاعات کاتي اڻ ڄاڻائيءَ سبب سبڪدوش ڪري نہ صرف هن معياري رسالي جي اشاعت کي وڏو ڌڪ پھچايو آهي، پر سنڌ جي عوام کي پڻ سخت مايوس ۽ بي چين ڪري ڇڏيو آهي.
مسٽر زوار نقوي جي رسالي نئين زندگي ۾ مقرري بلڪل قانوني هئي ۽ کيس سرڪار جي احڪامن مطابق ضرورت جي لحاظ کان مقرر ڪيو ويو هو. هن جي مقرري نہ پلئسمينٽ بيورو تحت ٿيل هئي ۽ نہ وري ڪنھن وزير ورڙي جي سفارش يا پيپلز پارٽي جي سابق حڪومت طرفان سڌي يا اڻ سڌي طرح سان ٿي هئي، جڏهن تہ اها مقرري بلڪل قانوني طرح سان ٿيل هئي تہ پوءِ ان کي بنا ڪنھن سبب جي سبڪدوش ڪرڻ ڇو ضروري هو؟ اسان ان سلسلي ۾ محڪمہ اطلاعات جي انھيءَ قدم کي بلڪل بي جا ۽ نامناسب سمجهون ٿا ۽ ان ڏس ۾ وري بہ ارباب اختيار کي گذارش ڪنداسون تہ هو مسٽر زوار نقويءَ کي ٻيھر بحال ڪن تہ جيئن سنڌي ادب جي پڙهندڙ کي بدستور نئين زندگي جھڙو معياري رسالو پنھنجي روايتي ادب ۽ معيار مطابق ملي سگهي ۽ سنڌ جي عوام ۽ ادبي حلقن مان پڻ مايوسي ۽ بي چيني جو خاتمو اچي. توقع آهي تہ محڪمہ اطلاعات جا ارباب اختيار اسان جي هن گذارش کي قدر جي نگاھہ سان ڏسندا.

(11 جنوري 1991ع، روزاني نواءِ آسمان حيدرآباد)

سنڌي ايڊيٽر جي نئين زندگيءَ جو مسئلو

عام سنڌي ماڻھو وانگر سنڌي ايڊيٽر بہ انھيءَ ڀوڳنا مان گذري رهيا آهن، جيڪا موجودہ دور ۾ سنڌ تي ڳڙي جيان وسي رهي آهي، اها ٻي ڳالھہ آهي تہ هن ڀوڳنا کي هڪ حساس انسان وانگي سنڌي ليکڪ، دانشور ۽ صحافي ڪجهہ وڌيڪ محسوس ڪري رهيا آهن. زوار نقوي خاص ڪري سنڌي ادب ۽ صحافت جي دنيا ۾ اڄڪلھہ اهڙي ڀوڳنا جو شڪار ٿي چڪو آهي، هو ماهوار نئين زندگي حيدرآباد جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو هو، اهو گناه اڳوڻي پ پ حڪومت ڪيو هو، جنھن هن کي سنڌ سرڪار جي اطلاعات واري کاتي جي هڪ ماهوار رسالي جو ايڊيٽر مقرر ڪيو هو ۽ جيئن تہ پ پ کي پنھنجن ڪيل، اڻ ڪيل گناهن جي سزا طور اقتدار تان هٽايو ويو، ان ڪري زوار نقويءَ کي بہ نئين زندگي جو ايڊيٽر مقرر ڪرڻ واري گناھہ جو ڪفارو ادا ڪندي ايڊيٽر جي عھدي تان هٽايو ويو، موجودہ حڪومت جي اها دعويٰ تہ ان هزارين سنڌي ملازمن ۽ آفيسرن کي ڪنھن انتقامي جذبي وچان نہ هٽايو آهي. گذريل سال يعني 1990ع جو وڏي ۾ وڏو لطيفو آهي. بھرحال موجودہ نواز حڪومت جو چوڻ آهي تہ پ پ پارن ڀرتي ڪيل صرف اهڙن ملازمن ۽ آفيسرن کي هٽايو ويو آهي، جن کي ملازمت وارن قاعدن ۽ قانونن جي پوئواري ڪرڻ بنا مقرر ڪيو ويو هو، جيڪڏهن ان سرڪاري دعويٰ ۾ ڪا سچائي آهي تہ پوءِ اسان معلوم ڪرڻ گهرنداسين تہ زوار نقوي کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو بھتر ايڊيٽر آهي جيڪو حڪومت ماهوار نئين زندگي حيدرآباد کي مھيا ڪيو آهي.
سنڌ جي سرڪاري اخبارن ۽ ادبي رسالن جي تاريخ شاهد آهي تہ انھن جيڪڏهن عوامي مقبوليت حاصل ڪئي بہ آهي تہ صرف ان صورت ۾ جڏهن انھن جي ادارت جا فرض ڪنھن ترقي پسند يا قوم پرست سنڌي ايڊيٽر پورا ڪيا آهن. نئين زندگي رسالي جا پرچا جيڪي هن وقت بہ سنڌي ماڻھو وٽ سانڍيل آهن سي يا تہ مولانا عبدالواحد سنڌي جي ادارت هيٺ ڇپيا آهن يا انھن جي ايڊيٽرشپ شمشيرالحيدريءَ جي هٿ هيٺ ٿي آهي، ان لحاظ کان ڏٺو وڃي تہ محسوس ٿيندو تہ حڪومت هن سرڪاري رسالي کي سنڌ ۾ عوامي مقبوليت ڏيڻ لاءِ ان جي ايڊيٽر طور سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي اديب زوار نقويءَ جو انتخاب ڪيو هو پر چوندا آهن تہ ڪڏهن ڪڏهن چڱائي ڪندي هٿ سڙندا آهن ۽ ٿيو بہ ائين جو هٿ وٺي نئين زندگيءَ کي جوکم رسايو ويو، موجودہ سنڌ حڪومت اهو سوچڻ بنا تہ سنڌ حڪومت جي ادبي رسالي جي نئين زندگي، نئين ٽھيءَ جي هڪ سنڌي اديب زوار نقوي جي ڪري آهي. پ پ دشمنيءَ ۾ اچي رسالي جي ايڊيٽر کي هٽائي ڇڏيو آهي، ان تي سڄي ادبي حلقن ۾ بي چيني جو ڦھلجڻ فطري ڳالھہ آهي. اڄ تائين وڏي پيماني تي سنڌي اديبن احتجاج ڪيو آهي ۽ 55 سنڌي اديبن ان سلسلي ۾ گڏيل بيان پڻ جاري ڪري سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو تہ برطرف ڪيل سنڌي ايڊيٽر کي هڪدم بحال ڪيو وڃي. ان کان وڌيڪ خبر ناهي تہ سنڌ حڪومت کي ڪھڙو ثبوت کپي ٿو، جنھن مان کيس اندازو ٿي سگهي تہ زوار نقويءَ کي برطرف ڪري غلطي ڪئي وئي آهي.
اسان سنڌ سرڪار جي اطلاعات کاتي کي هلائيندڙ ۽ وڏي وزير کي پرزور اپيل ڪنداسين تہ ماهوار نئين زندگي توڙي برطرف ڪيل سنڌي ايڊيٽر جي حق ۾ پنھنجو فيصلو واپس وٺي، هڪ سنڌي رسالي کي ٻڏڻ کان بچائڻ جو ڪو بلو ڪيو وڃي ۽ نئين زندگيءَ کي واقعي نئين زندگي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

(23 جنوري 1991ع، روزاني عوامي آواز ڪراچي، ايڊيٽر سھيل سانگي)

وفاقي وزارت جو شڪار سيد زوار نقوي

ملڪ پاڪستان جي وفاقي وزارت هڪڙو تير ماريو آهي، اهو آهي نوجوان سنڌي اديب زوار نقويءَ کي پريس انفارميشن ڊپارٽمينت (پي آءِ ڊي) جي رسالي نئين زندگيءَ جي ايڊيٽريءَ تان هٽائڻ جو ڪارنامو! سورهين گريڊ جي ڪل پوسٽ آهي، زوار نقويءَ کي سندس ملازمت جي خاتمي وارو جيڪو ليٽر مليو آهي، ان ۾ لفظ ئي اهي آهن تہ وفاقي وزارت کيس هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي! ڪيڏو نہ وفاقي وزارت (معنيٰ سڄي وفاقي ڪابينا) پنھنجو شان ڪيو آهي!
پاڪستان سرڪار سنڌيءَ جي هن تاريخي رسالي سان گذريل ڪئين سالن کان جيڪا ويڌن ڪئي آهي، اها نہ رڳو سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب تي هڪ وار جو درجو رکي ٿي پر اها روش ٻڌائي ٿي تہ سنڌي ماڻھو جي ٻوليءَ ڏانھن وفاق جو ڇا رويو آهي.
”نئين زندگي” مرحوم عبدالواحد سنڌيءَ جي “دلبريءَ” واري عرصي ۾ يا پوءِ محترم شمشيرالحيدري جي ادارت هيٺ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي جيڪا خدمت ڪئي، جيترن ليکڪن کي اڳتي آندو، جيترو ادب شايع ڪيو، سو سنڌي ادب جي تاريخ جو هڪ روشن مثال آهي پر سنڌ جي عوام مخالف آمرن جي چائنٺن تي گيسيون ڪندڙ ٽولن جي ڪلھي تي بندوق رکي هن روشن مثال جي ڏياٽي اجهائي ڇڏي وئي ۽ نئين زندگي وري اهو اوج نہ ماڻي سگهي.
سال ڏيڍ کان نوجوان اديب زوار نقوي رسالي ۾ جان وجهڻ جون ڪوششون ڪيون ۽ اهي ڪوششون اڃان ڪنھن منطقي نتيجي تي ئي نہ پھتيون تہ زوار نقوي وفاقي وزارت جو شڪار بنجي ويو. اسان مطالبو ڪيون ٿا تہ نہ رڳو زوار نقويءَ کي بحال ڪيو وڃي پر نئين زندگيءَ کي ان جو اوج بہ موٽائي ڏنو وڃي.

(روزاني جاڳو ڪراچي، ايڊيٽر فقير محمد لاشاري)

فيس بوڪ / سوشل ميڊيا سرگرميون

---

سائينءَ ۾ عزت ۽ پيار ڏيڻ جو گڻ ڪمال جو آهي

سنڌ جي مخدوم جھانيان درگاھہ جو سجادہ نشين پروفيسر سيد زوار نقوي منھنجو پراڻو دوست آهي، ڪاوش اخبار ۾ ملازمت دوران سائين جي شفقت ۽ ويجهڙائي نصيب ٿي هئي،جنھن کي ڪڏهن بہ وساري نٿو سگهان. سدائين منھن تي مسڪراهٽ رکندڙ زوار نقوي جو ٻين کي عزت ۽ پيار ڏيڻ وارو گڻ ڪمال جو آهي، ٻئي جي ساراھہ جا واهڙ وهائي ڇڏڻ اصل ۾ سائين زوار جي وڏائي آهي، ۽ سچ تہ اهو آهي تہ سندس اهو گڻ مونکي ڪڏهن ڪڏهن ايڏو شرمندو ڪيو وجهي جو سندس آڏو شرم ٻوٽي جيان سُسُڻ ۽ لڪڻ ۾ پورو هوندو آهيان، ڇاڪاڻ تہ مون جھڙي فقير ۾ تہ اوگڻ اپار آهن، سائين مون کي گهڻي تعريف ڪري آسمان تي پھچائي ڇڏيندو آهي.
سائين زوار جڏهن بابا صوفي عبدالحق فقير جي طبيعت پڇڻ لاءِ اسان جي گهر ايندو هو تہ سچ تہ سندس ڪچھري سبب بابا سخت تڪليف باوجود فرحت ۾ اچي ويندو هو. زوار نقوي ڄاڻ جو خزانو آهي، ڪراچيءَ جڏهن بہ ايندو آهي تہ مون وٽ بہ ڀيرو ڀڃندو آهي. مونسان تازو ملاقات ڪيائين ۽ جلد راڳ جي رهاڻ رٿڻ ۽ آفيس جي ماحول کان پري ڪا تفصيلي ڪچھري ڪرڻ جي دعوت ڏنائين. سندن وڏا وڙ جو ڀيرو ڀَڳائين. مولا کيس سلامت رکي.. آمين.

(نامور صحافي عبدالرزاق سروهي جي وال تان 2-6-2021ع

جو گذر گئی کل کی بات تھی، عمر تو نہیں!

ڊائريڪٽر ايجوڪيشن حيدرآباد جي آفيس-
ڪار مان در کولي هيٺ لٿس....
يڪدم چيائين،
او-ڪي.. مان گاڏي ٿوري پوئتي ٿو ڪريان.
چيم، گاڏي کي ڇڏ پھرين هٿ تہ ملائي!
آڏو ابتو هٿ ڏنائين
وضاحت يا معذرت ڪندي تہ، ڪووڊ جي ڪري ڪنھن سان بہ هٿ ملائڻ کان لنوائيندو آهيان.
پڇيم، سڃاتئي؟
چيائين، ها.
نالو ٻڌائي؟
ها، يار-او!
سائين زوار نقوي منھنجو نالو ٻڌائي؟
يار وسري ويو...
جمن سوهو.
اڙي... جمن؟!
تون تہ صفا پوڙهو ٿي وئين؟!
سڃاتم ئي ڪون؟!
ڏس آئون ساڳيو ٽپ ٽاپ... هتي ڪيئن؟
ڪنھن ڪم سان آيس.
هلي آ... چانھہ پي.
نہ سائين ٻي واري، تڪڙو آهيان.
نہ 30 سالن کان پوءِ مليو آهين... ايئن ڪو نہ ٿيندو.

آخر نامياري ليکڪ، هن وقت ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪولز حيدراباد ريجن ۽ محبتي ماڻھو سيد زوار نقوي پنھنجي آفيس ۾ سڪ مان چانھہ پياري ۽ پنھنجي ڪتاب “ڳالھہ هڪ دؤر جي” جي آنرري ڪاپي ڏني.
سندس مھربانيون
مختصر پر سٺي ڪچھري ٿي.
اهو وقت ياد ڪيوسين،
جڏهن مون وٽ رڪشي جي ڪرائي جا پئسا بہ نہ هوندا هئا ۽ آئون ۽ سرور خاصخيلي پنڌ تلڪ چاڙهي کان ٽنڊو جھانيان سائين جي اوطاق تي ساڻس ملڻ ويندا هئاسين...
گلزار چيو آهي:
جو گذر گئی
کل کی بات تھی
عمر تو نہیں
جيتوڻيڪ پاڻ هن وقت 20 گريڊ جو آفيسر آهي پر منجهس اها مڻيا ۽ سڃاڻپ ساڳي آهي.
جيڪا ڳالھہ اڄ جي دؤر ۾ اڻلڀ آهي.
ﷲ پاڪ کيس آباد رکي...

(نامور شاعر جمن سوهو جي وال تان 20-9-2021ع)

نثر کا بادشاہ

جہانیاں سادات سے ہمارا محبت و عقیدت کا رشتہ بہت پرانا ہے مگر میں یہ بات پورے وثوق سے کہہ سکتا ہوں کہ موجودہ دؤر میں ایک ایسی شخصیت بھی موجود ہے جو سجادہ نشین ہونے کے ساتھ ساتھ علم و ہنر کا بحر بیکراں بھی ہے۔ میری مراد ماہر تعلیم اور وادی سندھ کے مشہور و معرف شاعر و ادیب پروفیسر مخدوم زوار حسین شاہ نقوی ہیں جو کسی تعارف کے محتاج نہیں۔ علم و ادب کے لیے ان کی خدمات ناقابل فراموش ہیں۔ صوبہ سندھ کا ایسا کوئی علمی و ادبی حلقہ نہیں ہوگا جو ان کی خدمات اور کاوشوں سے بے خبر ہو۔ یہ مبالغہ آمیز بات نہیں بلکہ میرا ذاتی مشاہدہ ہے اور میں نے اس بات کو شدت سے محسوس کیا ہے کہ وہ جتنے بڑے ادیب ہیں اتنے بڑے انسان بھی ہیں۔ جو احباب زندگی میں ایک مرتبہ بھی ان سے ملاقات کر چکے ہیں وہ میری اس بات کی تائید کریں گے۔ مختلف شعبہ جات میں انہوں نے خلوص دل اور دیانتداری سے اپنی ذمے داریوں کو نبھایا ہے۔ بلاشبہ ان کی پُر اسرار شخصیت کے کئی پہلو ہیں جنہیں کُلّی طور پر بیان کرنے سے قاصر ہوں۔ لہٰذا اپنی بات کو اختصار کا جامہ پہنانے کی کوشش کرتا ہوں۔
دوستو! کچھ ہی دن پہلے ان کی نئی کتاب (بات ایک دؤر کی) شائع ہو چکی ہے جس میں ان کے شاہکار کالمز کو یکجا کرکے کتابی صورت میں منظرِ عام پر لایا گیا ہے۔ اس کتاب میں 1994 تا 1999 تک ان کے 60 سے زائد کالمز شامل ہیں جو انہوں نے مختلف سندھی اخباروں کے لیے تحریر کیے تھے۔ ان کے کالمز کا مطالعہ کرکے سندھ خصوصاً حیدرآباد کے اُس دؤر کے متعلق جاننے کا موقع ملا ہے جس دؤر کی انہوں نے اپنے کالمز میں عکاسی کی ہے۔ ان کے کالمز مختلف موضوعات پر مبنی ہیں جو بے حد معلوماتی بھی ہیں۔ ان کے ایک رات تھی کالمز و دلچسپ و رنگین مضامین، خوبصورت الفاظ، تشبیہات و استعارات اور دیگر تمام خوبیوں سے سرشار ہیں جو ایک نثر میں ہونی چائیں۔ انہوں نے ایک نشست میں کتاب کی اشاعت کے متعلق اپنی خوشی کا اظہار کرتے ہوئے فرمایا تھا کہ "مجهے اپنی کتاب کی اشاعت کے موقع پر اتنی خوشی ہوتی ہے جتنی کسی ماں کو اس کے پہلے بچے کی پیدائش کے موقع پر ہو" جبکہ اس کتاب سے پہلے انکی شاعری کے دو مجموعے، ایک ناولٹ اور افسانوں کا ایک مجموعہ بھی شائع ہوچکا ہے۔ ان کی نوازش وار ان کی اعلیٰ ظرفی ہے کہ وہ خود ہمارے غریب خانے پر تشریف لے آئے اور اپنی کتاب عنایت فرمائی۔ میں تو دل سے ان کی خدمت میں مبارک باد پیش کرتا ہوں اور ان کا تہہ دل سے شکر گذار ہوں۔ پروردگار ان کو سدا شاد و آباد رکھے۔

قبلہ سائين لک لک مبارڪون هجن.

(اردو جي نامور نوجوان شاعر محمد رضا حيدري جي وال تان 28-5-2021ع)

پوتاميل / جيون خاڪو

---

1. پوتا ميل

نالو: سيد زوار حسين شاھہ نقوي
والد جو نالو : سيد ويڌل شاھہ
ڄم جي تاريخ: 15 جنوري 1962ع
ڄم جو هنڌ: جھانيان هائوس ٽنڊو جھانيان حيدرآباد.
پرائمري تعليم : گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽنڊو جھانيان.
سيڪنڊري تعليم: گورنمينٽ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد.
هاير سيڪنڊري/گريجوئيشن تعليم: گورنمينٽ سچل سرمست آرٽس ڪاليج تلڪ چاڙهي، حيدرآباد.
پوسٽ گريجويشن تعليم: سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.
قانون جي تعليم: سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد
***

2. تنظيمون

باني چيئرمين : ٻارن جي محفل سنگت سنڌ.
جوائنٽ سيڪريٽري : شاگرد يونين گورنمينٽ سچل سرمست آرٽس ڪاليج تلڪ چاڙهي حيدرآباد.
جوائنٽ سيڪريٽري، قائم مقام سيڪريٽري: سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد.
باني چيئرمين : سنڌي ادبي فورم سنڌ حيدرآباد
صدر: انجمن سفينہ اهلبيت ٽنڊو جھانيان حيدرآباد.
چيئرمين: جھانيان ادبي اڪيڊمي سنڌ.
صدر، سرپرست: انجمن اماميه سنڌ
منتظم و متولي، قدم گاھہ موليٰ علي عليہ السلام حيدرآباد
سرپرست: انجمن حيدري چمبڙ
***

3. ترتيب ڏنل رسالا

ٻانھن ٻيلي، ٻارن جي محفل، ٻارن جو هفتيوار صفحو روزاني آفتاب حيدرآباد
مرتب: ٻارن جي محفل پبليڪيشن حيدرآباد
سب ايڊيٽر: روزاني سنڌ نيوز حيدرآباد.
اعزازي ايڊيٽر : هفتيوار پنجتني حيدرآباد
ايڊيٽر: ماهوار نئين زندگي حيدرآباد، منسٽري آف انفارميشن ائنڊ براڊ ڪاسٽنگ گورنمينٽ آف پاڪستان اسلام آباد ايٽ حيدرآباد.
مرتب: سوچ جو سفر هفتيوار مئگزين روزاني عبرت حيدرآباد
مرتب: سنڌ رويو، سنڊي ايڊيشن روزاني عبرت حيدرآباد.
چيف ايڊيٽر: قاسم آباد ڪاليج مئگزين حيدرآباد
ڪوآرڊينيٽر: مسلم ڪاليج مئگزين حيدرآباد.
مرتب: ڪھاڻي ڪتابي سلسلو، روزاني ڪاوش حيدرآباد
اعزازي ايڊيٽر: ماهوار ٻارن جي دنيا حيدرآباد.
اعزازي ايڊيٽر: ماهوار منفرد حيدرآباد
سب ايڊيٽر: روزاني ڪاوش حيدرآباد
***

4. ڇپيل ڪالم

روزاني آفتاب حيدرآباد، روزاني سنڌ نيوز حيدرآباد، روزاني مھراڻ حيدرآباد، روزاني عبرت حيدرآباد، روزاني بختور حيدرآباد، روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، روزاني ڪاوش حيدرآباد.
***

5. ڇپيل ڪتاب

* رات رني ڪوٽ ۾ __ ننڍڙو ناوليٽ، 1981ع ٻجم پبلشرز حيدرآباد
* چراغ شام __ شاعري، 1981ع ٻجم پبلشرز حيدرآباد
* زندگي او زندگي __ڪھاڻيون، 1981ع آگم پبلشنگ ايجنسي حيدرآباد
* پل اَپل __شاعري، 1987ع جھانيان ادبي اڪيڊمي حيدرآباد
* ماڻھو مڻيا دار (ترتيب ڏنل) 2012ع سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
* منھنجو بابا سائين (سرڪار سيد ويڌل شاھہ جھانيان) (ترتيب ڏنل) 2019ع سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد
* ڳالھہ هڪ دور جي (ڪالم) 2020ع سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
***

6. ايندڙ ڪتاب

* اڌ صدي ____ (جيون ڪٿا)