شاعري

سنڌي حائِڪُ

حائڪُ اصل ۾ دنيا جي سڀ کان ننڍي جاپاني شاعريءَ جي ھڪ مشھور صنف آھي. ھن ۾ ٽي سٽون ٿينديون آھن، پھرين سٽ ۾ پنج اکر، ٻي سٽ ۾ ست اکر ۽ ٽين سٽ ۾ بہ پنج اکر (ڪُل 17 اکر) ٿيندا آھن. مايا وسنداڻيءَ پنھنجي ھن شاعراڻي ڪتاب ۾ سماج، ڪائنات، فطرت، قدرت ۽ سونھن نگر تي شاعري ڪري پاڻ مڃايو آھي.

Title Cover of book سنڌي حائِڪُ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ھند جي شاعرہ مايا وسنداڻيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”سنڌي حائِڪُ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
حائڪُ اصل ۾ دنيا جي سڀ کان ننڍي جاپاني شاعريءَ جي ھڪ مشھور صنف آھي. ھن ۾ ٽي سٽون ٿينديون آھن، پھرين سٽ ۾ پنج اکر، ٻي سٽ ۾ ست اکر ۽ ٽين سٽ ۾ بہ پنج اکر (ڪُل 17 اکر) ٿيندا آھن. مايا وسنداڻيءَ پنھنجي ھن شاعراڻي ڪتاب ۾ سماج، ڪائنات، فطرت، قدرت ۽ سونھن نگر تي شاعري ڪري پاڻ مڃايو آھي.
ھي ڪتاب 2024ع ۾ ھند ۾ ڇپيو آھي، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي مايا وسنداڻيءَ جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي