سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري عالم، لسانياتي ماهر ۽ محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل تحقيقي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھن ڪتاب کي ڪل تيرهن بابن ۾ ورهايو ويو آهي، جيڪي ھن ريت آهن: (1) زبان، معاشرو، انسان ۽ ثقافت، (2) ٻولي، ان جي ابتدا ۽ اوسر، (3) سنڌي ٻوليءَ جي ابتدائي اوسر ۽ عربن جي سنڌ تي حڪومت ۽ ابتدائي دور ۾ سنڌي زبان جي حيثيت، (5) سنڌي ٻوليءَ جي معياري حيثيت، (6) سنڌي ٻوليءَ جي اعليٰ معياري حيثيت، (7) شاهہ لطيف جو زمانو، (8) سچل سرمست ۽ ساميءَ جو زمانو، (9) چؤ مورتيءَ واري زماني ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، (10) پاڪستاني دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، (11) ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جدوجھد، (12) سنڌي ٻوليءَ جو موجودہ مقام، (13) سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل ۽ ان لاءِ ڪي تجويزون.
هر باب ۾ ڌار ڌار ننڍن عنوانن سان سنڌي ٻوليءَ جي ارتقائي تاريخ، سنڌي سماج ۾ ان جي واهپي، فروغ، استعمال ڪندڙ جاين، مختلف مڪتبہ فڪر جي ماڻھن جي بيان سميت سنڌي ٻوليءَ جي وهنوار، صوتي نظام، ودوان، شاعرن، عالمن، مشائخن، پھچ، پکيڙ، ديني ادب، لوڪ ادب ۽ انھن جي صنفن، ٻوليءَ جي سياسي حيثيت جي تسليمي لاءِ اٿيل تحريڪن، تعليمي نظام جي ضرورتن، حالتن ۽ ان جي سڌاري سميت ان جي واڌاري لاءِ تدبيرن وغيرہ تي مشتمل مواد لکيو ويو آهي.
ھي ڪتاب 2006ع ۾ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي