شاعري

گلستان پانڌي

ڄارڪي تعلقي ٽنڊي الھيار سان تعلق رکندڙ لوڪ شاعر فقير پانڌي آريسر ننڍي ھوندي کان ئي فقيرن جي صحبت ۾ رھيو. ھن، سنڌ، پاڪستان ۽ ھندستان جي سفر ۾ اوليائن ۽ درويشن کان فيض حاصل ڪيو. فقير پانڌي آريسر جي ھن ڪتاب ۾ شامل سندس ڪلام مداحن، مناجاتن، معجزن، ڪافين، مناقبن ۽ مولودن تي ٻڌل آھي، جنھن جو ايڊيٽر محمد خان آريسر آھي. 

Title Cover of book گلستان پانڌي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران پانڌي فقير آريسر جي مداحن، مولودن ۽ ڪافين  تي مشتمل ڪتاب ”گلستان پانڌي“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
ڄارڪي تعلقي ٽنڊي الھيار سان تعلق رکندڙ لوڪ شاعر فقير پانڌي آريسر ننڍي ھوندي کان ئي فقيرن جي صحبت ۾ رھيو. ھن، سنڌ، پاڪستان ۽ ھندستان جي سفر ۾ اوليائن ۽ درويشن کان فيض حاصل ڪيو. فقير پانڌي آريسر جي ھن ڪتاب ۾ شامل سندس ڪلام مداحن، مناجاتن، معجزن، ڪافين، مناقبن ۽ مولودن تي ٻڌل آھي، جنھن جو ايڊيٽر محمد خان آريسر آھي. 
ھي ڪتاب 1970ع ۾ فقير رمضان سھتي پاران فردوس پريس حيدرآباد مان ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.