سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران محمد موسيٰ ڀٽو جو لکيل ڪتاب ”جيڪي ڏٺو آھہ مون“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھي ڪتاب سائين جي ايم سيد جي لکيل ڪتاب ”جيئن ڏٺو آھہ مون“ ۾ آيل دين ۽ مذھب، اسلامي عقيدن ۽ شعائر باب اٿاريل مونجهارن ۽ اعتراضن جي جواب ۾ لکيل تنقيدي ۽ عملي ڇنڊڃاڻ تي مشتمل آھي. ھي ڪتاب سائين جي ايم سيد جي ڪتاب جو ڀرپور علمي جواب آھي جنھن ۾ ھر جواب دليلن سان ڏنل آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1989ع ۾ ۽ چوٿون ڇاپو 2021ع ۾ سنڌ نيشنل اڪيڊمي ٽرسٽ حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حزب ﷲ آءِ سومري صاحب جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.