اڄ کان ويھارو ورھيہ اڳ، ديوان ميوارام ڀمڀاڻيءَ جو ڏيھان ڏيھہ مشھور ناول ”غريبن جو ورثو“ نظر مان گذريو. جنھن ۾ ناول نگار ساھتي پرڳڻي جي دل ”ڪنڊيارو“ ۽ ان جي چؤگرد تاريخي ڳوٺن جو چٽو پٽو نقش چٽي منظر نگاري ڪئي ھئي. پر جن ڳوٺن جو تذڪرو ناول ۾ آيل ھو، تن جون صورتخطيون انتھائي غلط لکيل ھيون. محمد عثمان گهانگهرو جو ڳوٺ جتي ناول جو مرڪزي ڪردار، حميد ڍڪ منشي ھو، تنھن کي صرف ”گهنگهرا“ لکيو ويو آھي. حالانڪ اھو ڳوٺ تعلقو ڪنڊيارو ۾ گهانگهرا قوم جو وڏي ۾ وڏو ڳوٺ آھي، جنھن ڪري کيس عام طور ”پڪا گهانگهرا“ ڪري لکيو ۽ پڙھيو وڃي ٿو، ان سان لڳولڳ ٻن ڪوھن جي پنڌ تي ھڪ ٻيو ڳوٺ ”بازيد پور“ جو احوال آيل آھي، جو 1929ع واري ٻوڏ وقت سورن جي ستايل، غمن جي گهايل پيرو مڱڻھار جي زال ۽ دادن جي ماءُ سچل، پنھنجي رضائي ۽ پاليل پٽ حميد جي تلاش ۾ رات جو پيرين پنڌ وڃي بازيدپور پھتي ھئي. مٿي ڄاڻايل ڳوٺ جي پڻ صورتخطي بازيدپور جي بدران ”بزيداپور“ لکيل ھئي، ممڪن آھي تہ اھي پروف جون غلطيون ھجن. جڏھن تہ ناول جي آڳاٽن ڇاپن ۾ مذڪورہ صورتخطيون بلڪل درست ۽ صحيح لکيل آھن، تنھن کان پوءِ جن بہ ھن ناول تي ڪم ڪيو آھي، تن صورتخطين کي پئي وڌيڪ بگاڙيو آھي. تنھن کان سواءِ ناول ۾ ڪجهہ الفاظ جھڙوڪ وگيان، تياڳ، اوس، سرجيت ۽ اصطلاح جيئن ويساکيءَ جو ميالو، ويساکيءَ جو سنان، بحراڻو ۽ اپواس وغيرہ، اھڙيءَ طرح سان ھنڌن ماڳن ۾ نصرت واھہ، محراب واهہ ۽ فاطمہ واھہ جڏھن تہ شھرن ۾ ڇاڇرو، ٿرپارڪر، نوابشاھہ، سکر، لاڙڪاڻو، پڊعيدن، ٺارو شاھہ، ڪنڊيارو ۽ ڳوٺن ۾ ھالاڻي، خانواھڻ، پير مھدي شاھہ، گهانگهرا ۽ بازيدپور بيان ٿيل آھن.
ائين ئي ويٺي ويٺي دل ۾ جوڀن جاڳيو تہ، ناول ”غريبن جو ورثو“ ساھتي پرڳڻي جو اھم سرمايو آھي، ڇو نہ ان کي سينگاري سنواري نئين سر ڇپائجي، جنھن ۾ اھڙن سنسڪرت ۽ ھندي الفاظن جون وضاحتون ڪيون وڃن، جيڪي ھن وقت ناپيد ۽ متروڪ ٿي چڪا آھن. ان کان علاوہ ذڪر ڪيل شھرن ۽ ڳوٺن جون صحيح صورتخطين سان گڏ سندن مختصر تعارف پڻ ڏنو وڃي. ڇو تہ ناول جو مطالعو ڪندڙ لازمي نہ آھي تہ اھو ساھتي پرڳڻي جو رھاڪو ھجي، جو کيس انھن مڙني ماڳن جي واقفيت ھجي، ممڪن آھي تہ، پڙھندڙ ڀارت سميت دنيا جي ڪنھن بہ خطي جو ٿي سگهي ٿو، تنھن کي ڪھڙي خبر تہ ويساکيءَ جو ميلو ڇا آھي، ھالاڻي ۽ خانواھڻ ڪھڙي بلا آھي، اھو حقيقي طور ناول مان، تڏھن ئي چس ۽ حظ حاصل ڪري سگهي ٿو، جڏھن کيس انھن ماڳن مڪانن جي اڳ ۾ ئي آگاھي ھجي.
اھڙو اظھار روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو جي مالڪ برادرم علي نواز گهانگهرو سان ڪيم، جنھن ناول ڇپائڻ تي راضپو تہ ڏيکاريو پر ڪيترائي سال ٻنھي ڌرين جي مٿان سستيءَ جو غلبو مڙيو ئي سرس رھيو. ان وچ ۾ علي نواز بہ ڪنڊيارو کان حيدرآباد لڏي ويو. ھاڻي اوچتو اچي کيس عشق اڀريو، جو منھنجي علمي ۽ ادبي استاد ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو جي ذريعي مون ڏانھن سنيھو موڪليائين تہ ”غريبن جو ورثو“ ترتيب ڏئي ڏيو تہ، جلد ڇپائڻ جو انتظام ڪجي. وري پاڻ بہ مون سان فون تي ان بابت ڳالھہ ٻولھہ ڪئي تہ ستت ئي سنڌ يونيورسٽيءَ جو امتحان رکيل آھي ۽ مذڪورہ ناول بي. اي جي نصاب ۾ شامل آھي، تنھنڪري جيترو سوير ڀرو ٿي سگهي تہ ڪم کي مڪمل ڪري وٺو. ڪم ڪٺن ۽ محنت طلب ھو، ڇاجي ڪري تہ سنڌي ادب ۾ ناول جھڙي اھم صنف تي ڪم ڪرڻ انتھائي ڏکيو ۽ نازڪ پڻ آھي. پوءِ بہ ھمت نہ ھاريم، توڪل جو ترھو ٻڌي ڪم کي لڳو رھيس ۽ اھو پڻ دل ۾ ڌيان ڌريم تہ، ”غريبن جو ورثو“ پڙھندڙن کي ڪنھن بہ قسم جي ڪا شڪايت يا ابھام نہ رھي. حالانڪ ھن ان کان اڳ ۾ پڙھندڙن کي ناول ۾ درج ٿيل شھرن، ڳوٺن ۽ اصطلاحن کان اڻ واقفيت ڪري ضرور تڪليف ٿيندي ھوندي، پر ھاڻي انھي اھنجائي جو مڪمل طور خاتمو ڪري، ضروري وضاحتون ڏئي سھنجائي ڪئي وئي آھي.
مٿين مڙني ڳالھين کي ڳڻ ۾ ڳڻي، اھڙي طرح سان سٽاءُ ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي جنھن سان پڙھندڙ کي مھاڳ جي مطالع سان ئي ھڪ ڌڪ ۾ ناول، ڊرامو، افسانو مطلب تہ سمورين نثري صنفن بابت سڀ ڪجهہ کيس ٻني تي ٻار ملي وڃي، ايستائين جو انھيءَ فن بابت پڙھندڙ کي ٻئي ڪنھن بہ ڪتاب جي ورق گردائي نہ ڪرڻي پوي. انھيءَ ڏس ۾ مختصر وضاحت ھيٺ ڏجي ٿي.
سنڌي ادب:
جيئن ئي انسان ھن فاني دنيا ۾ پير پاتو آھي، تيئن سندس واھپو ھتان جي رھڻي ڪھڻي، اٿڻي ويھڻي، شادي غمي ۽ تعليم ۽ تاديب سان رھيو آھي. ڇو تہ ادب ساري انسانيت جو اخلاقي ملڪو ۽ ڌن آھي. (1) ادب کان سواءِ ڪنھن بہ قوم جي سڃاڻپ ۽ شناسائي نہ آھي. رھيو سوال تہ ادب ڇا آھي؟ انھيءَ جي تعريف علامہ امداد علي قاضي ھن طرح ڪئي آھي:
”ادب جي لغوي معنيٰ آھي ريڙھيون ڏيندڙ ٻار کي پنڌ سيکارڻ، يا پنھنجي سنڌي اصطلاح موجب اڻ گهڙئي ڪاٺ کي رندو ھڻي سينگاري سنواري سڌو ڪرڻ. انھيءَ مقصد سان اسان جي معاشري ۾ استاد مقرر ڪيا ويندا آھن، جنھن کي پڻ اديب چئبو آھي، ڇو تہ سندس ذمي تعليم ۽ تربيت کان سواءِ تاديب بہ ھوندي آھي.“
علمي حوالي سان ادب جي اصطلاحي معنيٰ وڃي ھي نڪتي تہ:
”اھا تحرير جيڪا ادب، لطافت طبع، زيب ۽ زينت واري عمل ڏانھن اشارو ڪري ۽ انھن مڙني خوبين حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري.“ (2)
ھونئن بہ اسان جي ھيءَ سنڌ سونھاري علم ادب سان ٽنڊريل ۽ ٽمٽار آھي، سندس ٻوليءَ ۾ ادب ۽ ساھتيہ جو وڏو ذخيرو موجود آھي، ڇو تہ ڪنھن بہ ملڪ جي ٻوليءَ ۾ گذريل زماني يا ھلندڙ زماني جي علم وارن ماڻھن جا جيڪي خيال نظم ۽ نثر ۾ لکيل ھجن، تن لکڻين کي چئجي ان ٻوليءَ جو علم ادب يا لٽريچر، دنيا ۾ اھڙي ڪابہ قوم ڪانھي. جنھن کي پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڪجهہ نہ ڪجهہ علم ادب يا ساھتيہ نہ ھجي. سڌريل قومن جو علم ادب سڌريل ۽ گهڻو ٿئي ٿو ۽ اڻ سڌريل قومن جو علم ادب وري ان قوم جي حالت سارو ٿئي ٿو. جيڪڏھن ڪنھن قوم ۾ پنھنجي ديس جي گذريل حالتن بابت نظم يا نثر ۾ ڪجهہ بہ موجود نہ ھجي، تہ اھا قوم گهور اوندھہ ۾ ھٿوراڙيون ڏيندي نظر اچي. دنيا جي ڪھڙي بہ اڻسڌريل قوم، جا لکي پڙھي بہ نہ ڄاڻندي ھجي، تنھن وٽ پنھنجي وڏن جي بھادريءَ جا داستان، غم ۽ خوشيءَ کي ھمٿائڻ وارا ڪلام لکيل صورت ۾ نہ، تہ بہ زباني روايتن طور نظم يا نثر ۾ ضرور موجود ھوندا. گذريل زماني جو علم ادب يا ساھتيہ ھلندڙ زماني وارن ماڻھن لاءِ ھلندڙ زماني جو علم ادب ۽ ايندڙ زماني وارن ماڻھن لاءِ نھايت سچي رھبري ۽ رھنمائي ڪري ٿو. (3)
سنڌي ادب ۾ نثر نويسي
روزمرہ جي ٻوليءَ ۾ جيڪي لفظ استعمال ڪيا ويندا آھن. انھن کي ادبي زبان ۾ موتين سان تشبيھہ ڏني ويندي آھي، ان ڪري ٻولي آھي موتين جي ميڙ جو نالو. جن جي مدد سان پنھنجا خيال ۽ انھن جي روشني ٻين تائين پھچائبي آھي. (4) پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جو پڻ خيال آھي تہ، نثر بہ نظم کان ڪنھن طرح گهٽ نہ آھي. ڇو تہ جھڙي طرح شاعر الفاظن کي پوئي شعر بنائي ٿو، تہ نثر نويس بہ الفاظن جي ميڙا چونڊي ڪري ڪڙي ڪڙي سان ملائي بيان جي ھڪ لڙھي تيار ڪري ٿو. (5)
باقي نثر کي نثر ڇو ٿو چيو وڃي، اھو ھن ڪري تہ، انسان پنھنجي دماغ جي خيالن جو اثر لفظن ۾ مڙھي ٻين تائين پھچائي تہ، اھڙي اثر کي نثر چئبو آھي. (6) مطلب تہ نثر معنيٰ اثر ڪندڙ. ٻين لفظن ۾ نثر معنيٰ پکڙيل موتي. ھرھڪ زبان جو وڏو حصو نثر ۾ ھوندو آھي. ڇو تہ پنھنجي خيالات جي تشريح ڪرڻ لاءِ لفظن جو وڏو ذخيرو گهرجي. ان ڪري نثر جو حصو نظم کان گهڻو ھوندو آھي. ڪنھن بہ زبان جو ڊھڻ يا ٺھڻ گهڻو ڪري نثر جي پاڪيزگيءَ تي ٻڌل آھي جنھن قوم جو نثر مٿاھون نہ آھي ۽ منجهس دنيا جي سڀني معاملات کي کولي سمجهائڻ جي لاءِ صحيح ۽ صاف الفاظن جو ذخيرو موجود نہ آھي، تہ اھا قوم بلندي کان ھيٺ ليکي ويندي آھي. (7)
سنڌي قوم دنيا جي نھايت آڳاٽين قومن مان ھڪ آھي. سندس تھذيب بہ پراڻي آھي، سنڌي زبان کي بہ ان ڪري دنيا جي قديم زبان جو شرف حاصل آھي. اھڙي حالت ۾ ان وقت جي رواج مطابق ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا ھوندا، مگر قديم وقت جي سنڌي لکڻين جي ڪابہ خبر ڪانہ ٿي پوي، تنھنڪري چئي نٿو سگهجي تہ ان دؤر ۾ سنڌي نثر جي حالت ڪھڙي ھئي ۽ سندس معيار ڪيتري حد تائين مٿاھون ھو.
سنڌ جا ماڻھو عربن جي اچڻ کان اڳ پنھنجي ٻولي ديوناگري، شاستري يا سنسڪرت ۽ ھندوسنڌي اکرن ۾ لکندا ھئا، جڏھن سنڌ ۾ عرب آيا، تڏھن عربي ٻوليءَ جا الفاظ نھايت گهڻي تعداد ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ملي ويا. انھن لفظن جي صحيح صورت ۽ اچار ديوناگري ۽ سنسڪرت خواه ھندو سنڌي صورتخطي سان ظاھر ڪرڻ ناممڪن ھيو. ڇو تہ عربيءَ جا ڪيترا آواز، ان وقت سنڌ جي قديم زبان ۾ موجود ڪين ھئا، ان ڪري اھڙن آوازن وارن لفظن جي صحيح صورت قائم رھي نٿي سگهي. مثلا فضيلت، حضرت، غريب، زيارت ۽ حفاظت وغيرہ لفظن کي ھندو سنڌي ديوناگري يا سنسڪرت صورتخطيءَ ۾ ڦجليت، ھجرت، گريب، جيارت ۽ ھڦاجت لکيو ۽ پڙھيو وڃي ھا، جنھنڪري انھن الفاظن جي ھيئت خواه معنيٰ ئي بدلجي وڃي ھا. عربن وٽ پنھنجي سڌريل صورتخطي ھئي. تنھنڪري انھن سنڌ جو ريڪارڊ بہ عربي ٻوليءَ ۾ رکيو ۽ ھتي جي ماڻھن کي تعليم بہ عربيءَ ۾ ڏيڻ لڳا. (8) عربيءَ کان پوءِ فارسي زبان جو رواج سنڌ ۾ پيو، ڇاڪاڻ تہ حاڪم اھڙا آيا، جن جي ٻولي فارسي ھئي ۽ انھن پنھنجي دفتري زبان بہ فارسي رکي. ان جو نتيجو ھي نڪتو جو، سنڌ جا مسلمان عربي ۽ فارسيءَ جا ماھر ٿي ويا ۽ ڪيترا ھندو بہ مٿين ٻنھي ٻولين جي ڄاڻ وارا ٿي ويا، تنھنڪري لکڻ جو ڪم عربي ۽ فارسي ۾ ڪرڻ لڳا. (9)
سومرن جي دؤر 1051ع کان اڳ سنڌي نثر جي ابتدا ٿيل معلوم ٿئي ٿي پر ان وقت ڪھڙي خطي صورت ڪم آندي ويندي ھئي، سا خبر نہ آھي. حالانڪ ان کان اڳ اٽڪل 270ھہ بمطابق 883ع ۾ سنڌ جي ھڪ راجا منصورہ جي حاڪم نالي عبدﷲ بن عمر کي لکيو تہ، کيس سنڌيءَ ۾ اسلامي عقائد ۽ تعليم تي مشتمل ڪتاب گهرجي، جنھن جي پوئواري ڪندي شيخ عبدﷲ بن عمر، ھڪ عراقي عالم، جو منصورہ ۾ ڳچ عرصو رھڻ ڪري سنڌي زبان جو ماھر ٿي چڪو ھو، کي حڪم ڪيو تہ، راجا لاءِ اھڙي قسم جو ڪتاب لکي کيس موڪليو وڃي ۽ اھو راجا ڏانھن موڪليو ويو، جيڪو کيس بيحد پسند آيو.
ديوان گنگارام سمراٽ پنھنجي مقالي ”سنڌ جا قديم شاعر ۽ عالم“ ۾ لکي ٿو تہ، راجا انھيءَ عالم کي گهرائي پنھنجي درٻار ۾ رکيو ۽ کانئس قرآن مجيد جو سنڌي ترجمو ڪرايائين، جنھن جو راجا تي تمام گهڻو اثر پيو. (10)
ان کان علاوہ اسان کي چچ نامي مان پڻ پروڙ پوي ٿي تہ راجا ڏاھر پنھنجي عملدارن، دوستن، فوجي آفيسرن ۽ تعلقدارن ڏانھن خط لکيا آھن. ظاھر آھي تہ، اھي خط سندس مادري ۽ وطني ٻوليءَ ۾ ھوندا.
انھيءَ مان اسان کي ڀليءَ ڀت پتو پوي ٿو تہ، سنڌي نثر تمام آڳاٽي دؤر کان لکيو ۽ پڙھيو وڃي رھيو آھي، پر ھن وقت تائين اسان کي ان جي ڪابہ خطي صورت نہ ملي سگهي آھي.
• سمن جي دؤر ۾ قاضي قادن جھڙو عالم، شاعر ۽ مفتي، ان وقت جو قاضي القضات (Chief Justice) ھو، تنھن جون ضرور فتوائون پڻ لکيل صورت ۾ ھونديون، سو پڻ نثر جو آڳاٽو نمونو ھوندو.
• ارغونن جي شروعاتي دؤر ۾ مخدوم نوح سرور ھالائي، شاھہ عبدالڪريم بلڙائي ٿي گذريا آھن، انھن بزرگن جا خطبا، ملفوظات ۽ مڪتوبات پڻ سنڌيءَ ۾ ھوندا.
ھن ئي سمي مخدوم جعفر بوبڪائي (وفات 998ع) وڏو متبحر عالم ٿي گذريو اھي، جو ھڪ ئي وقت مدرس، محدث ۽ اعليٰ پائي جو مصنف پڻ آھي. تنھن طلاق بابت پنھنجن ھيٺ ڏنل ڪتابن ۾ عربيءَ سان گڏ سنڌي جملا آندا آھن، جو پڻ نثر جو ابتدائي نمونو آھي.
مخدوم جعفر پنھنجي ھڪ رسالي ”البيان المبرم في قول السنود ڇڏي او ڇڏيم“ ۾ مڙس پاران زال کي طلاق ڏيڻ بابت ھي جملو نقل ڪيو آھي:
”تون چھدي آنھين- ون توکھي چھديم“
(تون ڇڏي/ ڇڏيل آھين. وڃ توکي ڇڏيم) (11)
اتي مخدوم صاحب ”وڃ“ کي ”ون“ ڪري لکيو آھي.
مخدوم جعفر پنھنجي ٻئي رسالي ”استفتاء في ماتعارف قوم الطلاق“ ۾ پڻ مڙس پاران زال کي طلاق ڏيڻ بابت ھي جملا لکيا آھن:
”جي اون توسين کھاريان تہ توکي طلاق آھن- تہ مون طلاقن، ترن طلاقن اتي سنوه“ (12)
(جي آءٌ توسان گهاريان تہ توکي طلاقون آھن- تہ مونکي طلاقن – ٽن طلاقن جو اٿي سونھن/ قسم)
علامہ بوبڪائي پنھنجي ٽئين ڪتاب ”الحجة القوية“ ۾ بہ اھڙي ئي ھڪ مسئلي بابت لکيو آھي تہ:
”مون توکي طلاقون ڏنيون“ (مون توکي طلاقون ڏنيون)
”طلاق اتي سنوه جين ھيو کم کندس نکندس – جين ھيو کم کريان – نکريان“ (13)
(طلاقن جو اٿئي قسم جي ھي ڪم ڪندس نڪندس، جي ھي ڪم ڪريان نہ ڪريان)
• ڪلھوڙن جي دؤر ۾ ڪيترن ئي عالمن، سنڌي نثر ۾ طبع آزمائي ڪئي آھي، جيئن مولوي عزيز ﷲ متعلويءَ جو قرآن مجيد وارو تحت اللفظ ترجمو ۽ ٺٽي جي ٻين عالمن کان سواءِ مخدوم محمد زمان لنوارائي، مخدوم مڱريو عبدالرحيم گرھوڙي، درٻيلي ۽ کھڙن جي مخدومن جون تحريرون ان وقت عام ھلندڙ ھيون، جي نثر جا چڱا نمونا پيش ڪن ٿا. ان دؤر جي سنڌيءَ مان ھت اسين صرف علامہ عبدالرحيم گرھوڙيءَ جي قافيہ دار گفتن مان نثري نمونو پيش ڪري رھيا آھيون.
”ٻہ پھاڄيون پرچاءِ، ٿلھو مھرلو گهڙاءِ، وڏو کوھڙو کوٽاءِ رزق ڪنھن پر اچي، جيئن مينھڙو وسي.“ (14)
• ميرن جي دؤر ۾ پڻ ڪيترائي عالم ۽ فاضل ٿي گذريا آھن مثلا پير محمد بقا، پير محمد راشد وغيرہ، ٿي سگهي ٿو تہ سندن مريدن مٿين بزرگن جون ملفوظات سنڌيءَ ۾ نقل ڪيون ھجن، جيڪڏھن ائين آھي تہ، مذڪورہ لکڻيون پڻ سنڌي نثر جو انوکو اھڃاڻ آھي، حالانڪ ان دؤر ۾ اسان کي پير محمد راشدي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن مجيد جو تفسير ملي ٿو، جو تفسير ڪوثر جي نالي سان مشھور آھي. انھيءَ مٿين سڄي سرگذشت بابت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جو رايو آھي تہ، اسان جي سنڌي نثر جي حقيقي شروعات انگريزن جي دؤر کان ئي ٿي آھي. ان کان اڳ راجا ڏاھر جا خط، عراقي عالم جو قرآن مجيد سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ، شاھہ بلڙائي ۽ مخدوم ھالائيءَ جي شعرن کان سواءِ مخدوم جعفر بوبڪائي جي طلاق بابت سنڌي نثر جي تحقيقي پرک کان پوءِ کين سنڌي نثر نٿو چئي سگهجي، البت آخوند عزيز ﷲ متعلوي جو قرآن شريف وارو سنڌي ترجمو، سنڌي نثر جو بنياد تسليم ڪري سگهجي ٿو. (15)
• انگريزن جي دؤر ۾ سن 1853ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر کي سرڪار حڪم ڏنو تہ، سنڌي الف – ب ٺھرائي وڃي، ڇو تہ ھن کان اڳ ۾:
(الف) سنڌي ٻوليءَ کي مستقل الف – ب ڪانہ ھئي.
(ب) سنڌيءَ ۾ ڪوبہ معياري ڪتاب لکيل ڪونہ ھو.
(ج) جيڪي قلمي يا ڇاپي ڪتاب ھئا، تن جو پڙھڻيون جدا جدا ھيون.
مذڪورہ صاحب پنھنجي اسسٽنٽ مسٽر ايلس صاحب جي صدارت ھيٺ الف – ب تيار ڪرڻ لاءِ ھيٺن ميمبرن تي مشمتل ھڪ ڪاميٽي تشڪيل ڏني.
راءِ بھادر نارائڻ جڳنناٿ، ديوان نندارام سيوھاڻي، ديوان پرڀداس انندرام حيدرآبادي، مرزا صادق علي بيگ (مرزا قليچ بيگ جو وڏو ڀاءُ)، ميان محمد حيدرآبادي، قاضي غلام علي ٺٽوي ۽ ميان غلام حسين ٺٽوي. (16)
ھنن صاحبن جون سنڌي صورتخطيءَ بابت ڪيتريون گڏجاڻيون ٿينديون رھيون، انھن ۾ ٻين ڪيترن مسئلن سان گڏ ھيءَ ڳالھہ بہ سامھون آئي تہ، سنڌيءَ لاءِ صورتخطي ديوناگري ڪجي يا عربي؟ سر بارٽل فريئر ھن فيصلي لاءِ ايلس صاحب کان سواءِ چار ٻيا بہ يورپي عملدار منتخب ڪيا ھئا، جنھن ۾ ڪئپٽن رچرڊ برٽن بہ ھو، جنھن سنڌ ۾ رھي سنڌي ٻوليءَ جو چڱو محاورو ڪيو ھو. تنھن رٿ ڏني تہ سنڌي آئيويٽا عربي اکرن تان ٺاھي وڃي. ڪئپٽن جارج اسٽئڪ نالي ھڪ انگريز، جو ان وقت ڊپٽي ڪليڪٽر ھو، جنھن پڻ سنڌ ۾ رھي سنڌي زبان جو چڱو اڀياس ڪيو ھو. پاڻ سنڌيءَ ۾ ٻہ ڪتاب: سنڌي وياڪرڻ ۽ سنڌي انگريزي ڊڪشنري ٺاھي چڪو ھو، ان جو خيال ھو تہ، سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط ديوناگري ٿئي. (17) ۽ فطري تقاضا پڻ اھا ھئي.
انھن مٿين ٻن عملدارن جي ضد سبب سر بارٽل فريئر تشويش ۾ پئجي ويو، تہ جيڪڏھن عربي رسم الخط اختيار ڪيو ويو تہ ھندو ناراض ٿيندا ۽ ديوناگريءَ کي ترجيح ڏني ويندي تہ مسلمان ڪاوڙبا. آخر 1853ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني ڪلڪتي مان ڊائريڪٽرن جي ھڪ جيوري اھو فيصلو ڪيو تہ، سنڌي آئيويٽا عربي اکرن تان ٺاھي وڃي. (18)
پوءِ مسٽر ايلس سنڌي عالمن جي مدد سان عربي زبان جا 28 اکر وڌائي ھيٺن طرح 51 اکر ٺاھيا:
عربي ٻولي
نج عربي
فارسي
پراڪرت
نج سنڌي
|
: ابجد ھوز خطي ڪلمن سعفص قرشت
: ثخذ ضظغ
: پ ، چ، گ
: ڀ، ٿ، ٽ، ٺ، ڦ، ڙ، جهہ، ڇ، ڃ، ڌ،
ڊ، ڍ، ک، گهہ، ڱ، ڻ
: ٻ، ڄ، ڏ، ڳ
|
22
06
03
16
04
|
|
|
51
|
اھڙيءَ طرح سان 1853ع کان وٺي سنڌي نثر ۽ نظم جا ڪتاب انھيءَ آئيويٽا ۾ لکجڻ لڳا ۽ اھو سلسلو اڄ تائين جاري آھي. سنڌي ٻولي روز بروز پنھنجي ادبي خوبين سان وڌندي ۽ ويجهندي رھي ٿي ۽ ترقي جي طرف سندس سفر جاري آھي.
ائين بہ ڪونھي تہ، ڪو الف-ب جي جديد صورت ٺھڻ کان اڳ ۾ اسان وٽ سنڌي ادب بنھہ ڪونہ ھو، ان کان پھريان بہ سنڌي ادب جا ماھر موجود ھئا پر سندن ان وقت جو سنڌي نثر بہ نظم تي مائل مقفيٰ ۽ مسجع ھو. (19) ليڪن ان کان بہ اڳ ۾ ڏھين صدي ھجريءَ ۾ اسان کي مخدوم جعفر بوبڪائي جي سنڌي نثر جو نمونو پڻ ملي ٿو، جنھن جو اسان مٿان ذڪر ڪري چڪا آھيون. سنڌي ٻوليءَ جي ماھرن مخدوم بوبڪائيءَ جي لکت کي سنڌي نثر جو بلڪل ابتدائي نمونو قرار ڏنو آھي.
سنڌي ادب جون مکيہ صنفون تہ ٻہ آھن ھڪ نثر ٻيو نظم، پر ھتي اسان جو بحث نثر سان آھي. جيئن تہ نثر جون ڪيتريون ئي صنفون ۽ انھن جون شاخون پڻ آھن، جھڙوڪ:
• مضمون (تاريخ نويسي، تنقيد نگاري، سفرنامو، سوانح نگاري ۽ واقع نگاري وغيرہ)
• مقالو (تحقيقي، حوالہ جاتي، تنقيدي ۽ دفاعي وغيرہ)
• آکاڻي (آتم ڪھاڻي، آتم ڪٿا، آپبيتي، خودڪٿا، جيون چرتر، پنھنجي جيون، َصہ گوئي، داستان گوئي، لوڪ ادب، ڌرمي ادب ۽ ٻاراڻو ادب وغيرہ)
• ڊرامو
• افسانو
• صحافت (ڪالم نگاري، اصلاحي، مزاحي، اسلامي ۽ معلوماتي مضامين، حالاتِ حاضرہ ۽ ڪارٽون نگاري وغيرہ)
• مکتوبات (خطوط، دستاويزات، دستخط، بياض، آٽوگراف، تصويرات ۽ قبرن تي ڪتبا وغيرہ)
• ملفوظات (احوال، آثار ۽ اقوال وغيرہ)
• ناول (ناوليٽ وغيرہ)
• ناٽڪ
نثر جا مٿيان قسم ھيئت (Form) جي لحاظ کان آھن، جڏھن تہ معنيٰ جي لحاظ کان عالمن نثر جا ھيٺيان قسم بيان ڪيا آھن:
نثر سليس، دقيق، مرجز، مقفيٰ، مسجع، عاري، ادبي، اخباري، خطوطي ۽ تقريري وغيرہ. (20)
جيئن تہ ھتي اسان جي بحث جو موضوع ناول ئي آھي پر ان جي باوجود ٻين نثري صنفن جي پڻ تعريف ڪرڻ ضروري ڀانئجي ٿي.
مضمون
ھي لفظ عربي جي اکر ضمن مان ورتل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي گڏ ڪرڻ ۽ مضمون اسم مفعول جو صيغو آھي. ان جي معنيٰ آھي گڏ ڪيل. ڪنھن بہ موضوع تي گڏ ڪيل خيالن کي مضمون چيو وڃي ٿو. مضمون اھو علمي ۽ ادبي پارو آھي، جنھن جي وسيلي انسان پنھنجي دل جا امنگ، جذبا، خيال ۽ پنھنجو فلسفو ٻين تائين آسانيءَ سان پھچائي سگهي ٿو. تنھنڪري ھرھڪ عالم ھن ادبي صنف کي پنھنجي خيالن جي تبليغ ۽ پکيڙ لاءِ چونڊيو آھي.
جڏھن تہ مضمون عربي لفظ آھي، تنھنڪري يقين آھي تہ، مضمون لکڻ جو رواج سڀ کان اڳ عربيءَ جي ڄاڻن کان پيو ھوندو.
تحقيق جي پارکن جو خيال آھي تہ، مضمون لکڻ جو ڪم پھريان ”بديع الزمان ھمداني“ نالي ھڪ عرب ڪيو. ھو ٩٦٩ع ۾ ھمدان ۾ ڄائو ۽ 1008ع ۾ وفات ڪيائين. (21) 1156ع ۾ حميد الدين ابوبڪر عمر بلخي حميدي، نالي ھڪ عالم پارسيءَ ۾ مضمون جو ھڪ ڪتاب ”مقامات حميدي“ لکي ڇپايو، جو نھايت مٿاھين درجي جو ڪتاب ھو.
مغرب جا ماھر چون ٿا تہ، مضمون لکڻ جو رواج مانتين (Montaigne) نالي ھڪ فرينچ عالم وڌو، جنھن جا مضمون جڏھن انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيا، تڏھن انھن کان متاثر ٿي مشھور انگريزي اديب لارڊ بيڪن پنھنجي مضمونن جو ڪتاب لکيو، جو بيڪن جا مضمون (Becon Essays) سان مشھور آھي. ان ڪتاب جي مضمونن جو ترجمو دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ٿيو.
Eassy اصل ۾ فرينچ ٻوليءَ جو لفظ آھي، جنھن جو مطلب آھي ڪوشش.
سنڌي ٻوليءَ ۾ انگريزن جي زماني کان اڳ ۾ بہ ضرور علمي ادبي ۽ تاريخي مضمون لکجڻ ۾ آيا ھوندا، مگر انھن جو ڪو نالو نشان ڪونہ ٿو ملي. موجودہ سنڌي صورتخطي ۾ پھريون مضمونن جو ڪتاب ”مقالات الحڪمت“ آھي، جو مرزا قليچ بيگ، لارڊ بيڪن جي مضمونن جو ترجمو ڪري تيار ڪيو ھو. اھڙيءَ طرح مرزا بيگ مضمونن جو رواج وڌو، تنھن کان پوءِ ھندو توڙي مسلمان قلم کڻي ميدان ۾ ڪاھي پيا، جن ڪيترا علمي، تحقيقي ۽ تفريحي مضمون لکيا ۽ اھو سلسلو اڄ تائين ھلندو پيو اچي.
مرزا قليچ بيگ جي مذڪورہ مجموعي کان سواءِ، تنھن وقت شايع ٿيندڙ اخبارن ۽ رسالن جھڙوڪ تحفة احباب، بھار اخلاق، سرسوتي، الامين، الوحيد ۽ الڪاشف وغيرہ ۾ ڪيترن ئي اديبن بھترين مضمون لکيا، جيئن شمس الدين بلبل، ڄيٺمل پرسرام، مولوي دين محمد وفائي، مولوي عبدالڪريم چشتي، محمد ھاشم مخلص ۽ محمد عثمان ڏيپلائي مضمون جي صنف کي وڌيڪ ھٿي ڏني.
مضمون نگاريءَ جي ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ ادبي واڌ ۽ ترقي ٿي ۽ ڪئين مضمونن جا مجموعا وجود ۾ آيا، مثلا رام پرتابراءِ پنجواڻي ۽ نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻي جو ”ادبي غنچو“، تيرٿ بسنت جو ”چڻگون“، ليکراج عزيز جو ”ادبي آئينو“، لال چند امر ڏنومل جو ”سدا گلاب“، لال سنگ ھزارو مل جو ”ويچار“، سيد عطا حسين شاھہ موسوي جو ”ڪچ ڪوڏيون“، نھالچند چئناڻي ۽ ميوارام ڀمڀاڻي جو ”ادبي گلشن“، محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو ”خيال و خاطر“ ڊاڪٽر رگهومل جو ”گلابي گل“ ۽ عثمان علي انصاريءَ جو مجموعو ”درس عمل“ شايع ٿيو، انھن کان سواءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، ڪاڪو ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، پرمانند ميوارام، پير علي محمد راشدي، سندس ڀاءُ پير حسام الدين راشدي، ميران محمد شاھہ، علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مولانا غلام محمد گرامي ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جا نالا سنڌي مضمون نويسيءَ جي اوسر ۾ ڳڻڻ جي لائق آھن.
موجودہ دؤر جي مضمون نگارن ۾ ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو، پنھل ڏھر ۽ ڊاڪٽر محمد انور ھڪڙو کان سواءِ ٻين ڪيترن نئين ٽھيءَ جي اديبن جا نالا سنڌي رسالن جو سينگار بڻيل آھن.
مقالو
ماھرن جي ميڙيل چونڊيل اقوالن کي مقالو چئبو آھي، عام اصطلاح ۾ ڪنھن موضوع بابت عالمن ۽ مفڪرن جي قولن کي ڪٺو ڪري، انھن جو تنقيدي ۽ تحقيقي اڀياس ڪرڻ کان پوءِ، حڪيمانہ تبصرو ڪري، ڪنھن نتيجي تي پھچجي تہ انھيءَ کي مقالو چئبو آھي. عمومي طور مضمون ۽ مقالي ۾ فرق نہ سمجهيو ويندو آھي ۽ انھن ٻنھي صنفن کي ھڪ ئي ڀانئيو ويندو آھي، ليڪن بنيادي طور مضمون ۽ مقالو ٻہ جدا شيون آھن، مضمون لکڻ لاءِ ايتري تحقيق ڪانہ ڪبي آھي مگر مقالو تحقيقي آھي، ان ۾ حاصل ڪيل حوالن جي تحقيقي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ، ڪنھن نتيجي تي پھچبو آھي، جڏھن تہ مضمون مختصر ھوندو آھي، پر مقالو صخيم ھوندو آھي، جيڪو 20، 25 صنفن تي مشتمل ھوندو آھي، پر ڪن حالتن ۾ ان کان جهجها صفحا بہ والاري سگهي ٿو.
آکاڻي
ڪوبہ اھڙو موضوع يا پلاٽ، جيڪو حقيقتن يا ڏندڪٿائن تي ئي مشتمل ڇو نہ ھجي، پر منجهس معاشري جي اصلاح، وندر ۽ ان ۾ ماضيءَ جا تاريخي واقعات ھجن، تہ اھڙي قسم جي بيان کي عرف عام ۾ آکاڻي/ ڪھاڻي چئبو آھي.
دنيا ڀر جي ٻولين جو ادب نظم سان شروع ٿيو آھي، تہ انھن جو نثر اڪثر ڪھاڻيءَ سان شروع ٿيو آھي. ھر ٻوليءَ ۾ ڪھاڻيءَ جي شروعات ڏندڪٿائن سان ٿيندي آھي، جي ڏاڏيون ۽ نانيون، مائر ۽ ماسيون، ٻالڪن کي رات جي ماني کارائي سمھارڻ کان اڳ بر زبان ٻڌائينديون آھن. تنھن کان سواءِ اوطاقن ۽ اوتارن ۾ بہ قصا ۽ ڪٿائون کڻندڙ ايندا ھئا، جي جنن ڀوتن، ديون پرين ۽ راجائن، سورمن جون دل اڀاريندڙ ڪھاڻيون ٻڌائيندا ھئا. (22) پر اڄ نہ رھيون آھن اھي اوطاقون، نہ محبت نہ مزو نہ اھي ڪھاڻيون نہ آکاڻيون.
سنڌيءَ ۾ پھرين نثري آکاڻي ھئي ”راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي“ جا پھريان ديوناگريءَ لپيءَ ۾ ڇپي ھئي، سا ھئي منشي اڌارام ٿانورداس جي. ھن دؤر ۾ اڃا سنڌي ٻوليءَ جي الف-ب تيار ئي ڪانہ ٿي ھئي. سنڌي ٻوليءَ جو عربي آئيويٽا ۾ اچڻ کان پوءِ ڪھاڻي جي ترقي وارو دؤر شروع ٿئي ٿو ۽ اڄ اسان جي سنڌي ادب ۾ ڪھاڻي وڏي اوج ۽ ترقيءَ تي رسيل آھي.
ڊرامو
ڊراما (Drama) اصل يوناني ٻوليءَ جي ”ڊراءِ“ (Dry) لفظ مان نڪتل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي عمل يا ايڪشن.
ڊرامي جي تاريخ تمام قديم آھي، جيئن تہ اسان وٽ ڊرامي جي
صنف انگريزن کان آئي آھي، جڏھن تہ انگلستان وارن کي بہ ڊرامو قديم يونان وارن کان مليو آھي. پر ڏسڻو اھو آھي تہ، تنھن وقت ھندستان جھڙي عظيم ۽ سڌاريل براعظم ۾، جتي دنيا جون بھترين تھذيبن جنم ورتو، تہ انھن ڊراما، ڪوتا، نرتڪ ۽ سنگيت ۾ دنيا وارن کي ڇا ڏنو؟ ان ڳالھہ جو اعتراف خود يورپي محقق بہ ڪري رھيا آھن تہ کين ڊراما جو فن يونان وارن کان مليو، جڏھن تہ يونانين کي وري سنگيت ۽ نرتڪ (ڳائڻ، نچڻ، ڪڏڻ ۽ ناٽڪ) اند (Ind) وارن کان حاصل ٿيو. (23) ھيءَ حقيقت مسلم آھي تہ اِند اصل ۾ سنڌ آھي، سنڌ مان ڦري ھند ٿيو، پوءِ يورپ وارن کيس انڊ، انڊيڪا ۽ انڊيڪوس سڏيو، جو پوءِ بلاٽيون کائيندو اچي انڊيا بڻيو. (24) انھيءَ کان پوءِ اسان کي ڀليءَ ڀت مڃڻو پوندو تہ، يورپ وارن کي سنگيت ۽ ڊراما (نرتڪ جي ھڪ معنيٰ ناچ ۽ ٻي ناٽڪ) يونانين جي معرفت واديءَ سنڌ وارن کان مليا. انھيءَ جو ثبوت اڄ کان پنج ھزار سال پراڻي تھذيب موھن جي دڙي مان نرتڪ مورتيءَ جو ملڻ آھي.
ڊرامو دراصل انساني زندگيءَ جي عملي تصوير آھي. عام طرح سان ائين چيو ويندو آھي تہ، دنيا ھڪ اسٽيج آھي ۽ انسان ڪردار آھن. انسان جي پيدائش مان مراد آھي اسٽيج تي اچڻ ۽ موت مان مراد آھي پنھنجي اداڪاري ختم ڪري گذاري وڃڻ. انسان دنيا جي اسٽيج تي ھڪ اداڪار وانگر ھلي، گهمي، کلي ۽ ڳالھائي ٿو. انسان ۽ دنيا جي تعلق کي سامھون رکي، انھيءَ ڳالھہ تي جيڪڏھن غور ڪبو تہ، پتو پوندو تہ، ڊرامي ۽ سماج جو پاڻ ۾ گھرو تعلق آھي.
ڊرامي جي سمجهاڻيءَ بابت ڊاڪٽر محمد اسماعيل عرساڻيءَ پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ڊراما ۽ ناول“ ۾ آزاديءَ جي امام مولانا عبيدﷲ سنڌي رحہ جو ھڪ واقعو آندو آھي، ھڪ دفعي سبق پڙھائيندي حضرت سنڌي رحہ جي خدمت ۾ ڪنھن شاگرد سوال ڪيو تہ، سائين! ھي جو قرآن پاڪ ۾ ارشاد آھي تہ، قيامت ۾ ھرھڪ انسان جا اعمال سندس سامھون اچي بيھندا ۽ ھن جا عضوا خود ھن جي ڪردار ۽ گفتار، جيڪي ھن فاني دنيا ۾ ڪيا ھوندا، تن بابت شاھدي ڏيندا. اھا ڳالھہ اسان کي سمجهہ ۾ نہ آئي آھي، تنھنڪري مھرباني فرمائي ان مسئلي تي روشني وجهڻ فرمايو. انھيءَ تي حضرت سنڌيءَ جن فرمايو تہ، ”ابا اوھان ڪڏھن سئنيما ڏٺو آھي؟“ طالب جواب ۾ باادب اعتراف ڪيو، تہ ھن سئنيما ڏٺو آھي. تڏھن پاڻ فرمايائون تہ، ڪوبہ اداڪار جيڪو بہ عمل اسٽوڊيو ۾ ڪئميرا جي اڳيان ڪري ڏيکاري ٿو، اھو ساڳيو اداڪار، فلم ٿي وڃڻ بعد پاڻ بہ ڪنھن سئنيما ھائوس ۾ ويھي انھيءَ ساڳي فلم کي ڏسي سگهي ٿو يا نہ؟ طالب وراڻيو تحقيق سائين ھو پنھنجي اداڪاري پنھنجي اکين سان عام تماشبين وانگر ڏسي سگهي ٿو، تڏھن پاڻ فرمايائون تہ، بس اوھان جي سوال جو جواب اوھان کي ملي ويو. طالب وري بہ وضاحت ڪئي، جنھن تي حضرت سنڌي صاحب جن فرمايو تہ، ابا! ھي ساري ڪائنات ھڪ عظيم اسٽوڊيو وانگر آھي، جنھن ۾ قدرت جي ڪئميرا انساني اعمالن جو لڳاتار فلم ڀريندي رھي ٿي ۽ ھن دنيا جي اسٽيج تي سڀئي انسان ايڪٽرن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندا نظر اچن ٿا ۽ جزا واري ڏينھن کين پنھنجي ڪيل ڪردارن ۽ گفتارن جو نھايت چٽيءَ طرح نظارو ڪرايو ويندو، جنھن کان ھو ھرگز انڪار نہ ڪري سگهندا. اھڙي ريت ھنن جا عضوا مٿن شاھد ھوندا. ھٿن ۽ پيرن سان جيڪو ڪيو ھوندائون، زبان سان جيڪو چيو ھوندائون، اکين سان جيڪي ڏٺو ھوندائون، ڪنن سان جيڪي ٻڌو ھوندائون، اھو سڀ سندن اڳيان عيان ھوندو. (25)
مٿيون مثال صرف ان ڪري ڏنو ويو آھي تہ اوھان پڙھندڙن کي يقين ٿئي تہ، ھيءَ ڪائنات ھڪ سچو پچو ڊرامو آھي ۽ انساني زندگي اداڪاريءَ کان زيادہ اھميت نہ ٿي رکي. ھن دنيا جي اسٽيج تي ويچارو انسان محض ھڪ ايڪٽر جي حيثيت ۾ پنھنجي چرپر ڪري رھيو آھي.
ڊرامو اخلاق ۽ معاشري جي عڪاسي ۽ آئينہ دار ھجڻ سان گڏوگڏ قوم لاءِ سجاڳي، تفريح، تلقين، تبليغ، تعليم ۽ تھذيب جو ذريعو پڻ ھجڻ گهرجي. غير مھذب ۽ فاحش ڊرامن مان بجاءِ اصلاح جي بڇڙائي وڌي ٿي، تنھنڪري ڪوششون وٺي انھن ۾ مناسب تبديليون آڻجن، جيئن عوام جا اخلاق نہ بگڙجن، جھڙيءَ طرح اڄڪلھہ ٽي وي چئنلن تي اخلاق کان عاري ۽ رڳو عشقيہ ڊراما ڏيکاري قوم جي نونھالن جي ستياناس ڪئي پئي وڃي، جنھن ۾ ڊرامي کي جاچي ڏسبو تہ، ڪانہ ڪا ڇوري ھوندي ۽ پٺيانس عاشقن جو وڏو ٽولو ھوندو، عشق بہ وري اھڙو سستو ھوندو، جو ڪنھن تالاب جي ڪناري تي گهاگهر ڀريندي يا سمنڊ ڪناري گهمندي اکيون اٽڪي وينديون يا ڪنھن ريل گاڏي ۾ بيگ بدلجي وڃڻ ڪري نيھن جو ناتو لڳي ويندو يا ڪنھن جهنگل ۾ سير ڪندي طوفان ۾ رئو اڏامي وڃي ڪنھن بدنام عاشق جي ڪلھن ۾ پوندو تہ، حضرت عشق اچي حاضر ٿيندو يا ڪنھن اسڪول يا ڪاليج ۾ عشق جو انڌ چڙھي ويندو يا ڪنھن گاڏي جي ايڪسيڊنٽ وقت يا ڪنھن ھوٽل جي ڪمري ۾ لؤن لڳندي يا ڪنھن اسپتال ۾ آپريشن جي ٽيبل تي اکيون اڙجي وينديون. مطلب تہ اھڙا ڊراما معاشري جي اخلاقي بگاڙ جو سبب آھن، ڪنھن وقت ڊراما، علم ادب جي واڌاري، لغت جي بھتري ۽ تعليمي ترقيءَ جو سبب ھئا، پر اڄ اھا ڳالھہ نہ رھي آھي.
ڊرامي جا مکيہ قسم صرف ٻہ ٿيندا آھن، جن کي طربيہ (Comedy) ۽ حزنيہ (Tragedy) چئبو آھي. سنڌي زبان ۾ ڪاميڊي اھو ڊرامي جو قسم آھي، جنھن جي سڄي ڪھاڻيءَجي پڇاڙي طرب يا خوشي ۾ ختم ٿئي، ان کي ٻين لفظن ۾ خوش انجام ڊرامو چئجي، جڏھن تہ ٽرئجڊي اھو ڊرامي جو قسم آھي، جنھن جي ساري قصي جي پڇاڙي حزن يا غم ۾ پوري ٿئي، ان کي ٻين لفظن ۾ غم انجام ڊرامو سڏجي.
ڊرامي ۾ ھنن جزن جو پڻ ھجڻ ضروري آھي:
1- ڪھاڻي، 2- ڪردار، 3- ڪشمڪش يا تصادم،
4- عروج، 5- اختتام.
ڊرامي جي صنف ۾ بہ ابتدائي پيڙھہ جو پٿر رکندڙ مرزا قليچ بيگ آھي. جنھن 1880ع ۽ 1885ع ۾ ”ليليٰ مجنون ۽ خورشيد“ نالي ڊراما لکيا. (26) ان کان پوءِ ھندو اديبن پڻ ڌڙا ڌڙ ڊراما لکڻ شروع ڪيا پر مسلمان اديبن بہ ھن صنف ۾ ڪا گهٽتائي ڪين ڪئي آھي. سندن تفصيل تمام ڊگهو آھي، ھن وقت سڌي ادب ڊراما جي صنف ۾ پڻ اڳين کان اڳرو آھي.
افسانو
لغوي لحاظ کان ھر ڪھاڻيءَ کي افسانو چئي سگهجي ٿو. پر افسانو ڪنھن طرح سان ڪھاڻيءَ کان مختلف بہ آھي. افساني جو فن خارجي ۽ عوامي آھي. تہ داخلي ۽ روحاني بہ آھي انھيءَ ڪري افسانو پراثر ۽ دلڪش ٿئي ٿو. ڇو تہ ھن ۾ فقط ڪنھن ھڪ ڪردار جو ھڪڙو رخ يا وقتي خصوصيت ڏيکاري سگهجي ٿي. جڏھن تہ ناول ۾ ڪردار گهڻا ھوندا آھن، ناول ڊگهو ھوندو آھي ۽ افسانو ننڍو ٿيندو آھي. آسان لفظن ۾ تہ ناول ھڪ وڏي آکاڻي ۽ افسانو ننڍي آکاڻي ٿيندي آھي. ناول ۾ انساني زندگيءَ جو مڪمل نقشو ڪڍبو آھي ۽ افساني ۾ ڪنھن حد تائين ھڪڙي موقعي يا واقعي جي تصوير پيش ڪبي آھي.
افسانو يورپ ۾ بہ گهڻو قديم نہ آھي. عام خيال آھي تہ، اڻويھين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ صنعتي انقلاب جي اثر ھيٺ انساني زندگيءَ کي، جن حالتن سان واسطو پيدا ٿيو، انھن ئي مختصر افساني کي جنم ڏنو. (27)
ورھاڱي کان پوءِ ھتان جي ھندو ليکڪن جي لڏپلاڻ جي ڪري ٿورو وقت ادب جي تخليقي ڪوشش ۾ ڪجهہ ماٺار اچي وئي، جنھن کي سکر جي مالڪ جناب غلام رسول ولد محمود خان ڪيھر، پنھنجي اداري حبيب پرنٽنگ پريس فريئر روڊ سکر جي ذريعي، ڪنھن حد تائين پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ھن اداري طرفان شيخ اياز جي افسانن جو مجموعو ”پنھل کان پوءِ“ شيخ عبدالرزاق راز جي افسانن جو مجموعو ”ڊاک بنگلو“ ۽ ٻين افسانا نگار جا لکيل ”گل مکڙيون“ شايع ٿيا. اھي مجموعا افساني جي ترقيءَ جو سبب بڻيا، ان کان سواءِ افساني جي ترقيءَ جي سلسلي ۾ ٽماھي ”مھراڻ“ پڻ اھم ڪردار ادا ڪيو. (28)
سنڌي زبان ۾ پھريائين افسانو غلام حسين قريشيءَ لکيو، جنھن جو عنوان ھو ”ڀنڀي زميندار جي ڳالھہ“ ان کان سواءِ سيد ميران محمد شاھہ ”سڌا توري ۽ ڪڌا توري“ جي ڳالھہ افساني طور لکي. ڪن جو خيال آھي تہ، افساني جي شروعات بہ مرزا قليچ بيگ جي افساني ”شريف بيگم“ سان ٿئي ٿي.
افساني جي ترقي ۽ ترويج جا ٽي دؤر تصور ڪيا ويندا آھن:
• 1916ع کان 1925ع تائين، واري دؤر ۾ افسانہ نگارن اخلاقي پھلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سماج جون خوبيون ۽ خاميون بيان ڪيون آھن. عثمان علي انصاريءَ جو افسانو ”ململ جو چولو“ وفاداري ۽ بي رحميءَ جي ٻن ڪردارن کي اجاگر ڪري ٿو.
• 1932ع کان 1939ع واري دؤر ۾ لطف ﷲ بدوي ”غربت“ عبدﷲ عبد جو افسانو ”اسڪول ماسترياڻي“ ۽ ”ويچارو ماستر“ قابل ذڪر آھن.
• 1940ع کان 1947ع واري دؤر ۾ افساني تي ترقي پسند رجحانن جو اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو، انھن افسانا نويسن ۾ شيخ اياز، شيخ عبدالرزاق راز، شيخ عبدالستار، گوبند مالھي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ سوڀو گيانچنداڻيءَ جھڙن اديبن جا نالا ذڪر ڪرڻ جي لائق آھن. تنھن کان پوءِ افسانن جي ترقيءَ جو دؤر شروع ٿئي ٿو ۽ اڄ تائين ڪيترائي افسانا وجود ۾ اچي چڪا آھن. جن مان سياسي، سماجي، اخلاقي، قومي ۽ گهڻ قومي مسئلن تي ھڪ صحتمند فڪر جو انداز ملي ٿو، فني لحاظ کان اڄ جو سنڌي افسانو بين الاقوامي معيار جي برابري ڪري ٿو، جنھن ۾ سماجي حقيقين جو سچو پچو عڪس ملي ٿو، اھڙي قسم جا افسانا اسان جي سنڌي نثر ۾ اھم ادبي سرمايو آھن.
صحافت
صحافت ۾ روزمرہ جي زندگيءَ جا واقعات، حالات، حادثات ۽ حالاتِ حاضرہ کان عوام کي واقف ڪرايو ويندو آھي، عام طور تي اخبارون مقامي، ڏيھي ۽ پرڏيھي خبرن سان گڏوگڏ سفرنامن جون قسطون، ايڊيٽوريل ڪالم، مختلف ڏڻن تي نڪتل خصوصي اشاعتون ۽ خاص نمبر گهڻي قدر ادبي مواد مھيا ڪندا آھن.
صحافت ٻہ قسم آھي ھڪ ورقي ابلاغ (Print Media)، ٻيو برقي ابلاغ (Electonic Media).
صحافت جي باري ۾ سنڌ جي ڏاھي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو چوڻ آھي تہ، موجودہ دؤر ۾ صحافت ئي ڪنھن ٻوليءَ جي لغت کي زندھہ جاويد رکڻ جو ثبوت آھي، ھڪ سڄاڻ صحافي پنھنجي ٻوليءَ جي سرمايي مان موزون لفظ ۽ اصطلاح چونڊي ٿو. سنڌي صحافت جي تاريخ شاندار آھي. اڄ کان ڏيڍ سؤ سال اڳ سنڌي صحافت جو بنياد پيو، انھيءَ دوران ڪيتريون ئي اخبارون ۽ رسالا نڪتا، جن ادبي دنيا ۾ وڏي خدمت ڪئي آھي، جيئن ”سرسوتي“ 1890ع ۾ ساڌو ھيرانند جي اڳواڻيءَ ۾ جاري ٿي، ”جوت“ 1896ع ۾ ”ڊي- جي- سنڌ ڪاليج مسلني“ ٿانورداس واسواڻيءَ جي نگرانيءَ ۾ 1901ع ۾ ڪاليج طرفان شايع ٿي. ”اخبار تعليم“ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان ديوان تارا چند شوقيرام جي سھاري ھيٺ 1902ع ۾ نڪتي، ”ڀارت واسي، ھند واسي“ 1905ع ۾ جاري ٿيون، 1920ع ڌاري ڄيٺمل پرسرام ”روح رھاڻ“ ڪڍي، 1924ع ڌاري ”ڦليلي“ شروع ٿي. 1925ع ۾ ”ديش متر“ مارڪيٽ ۾ آئي. 1932ع ۾ ”سنڌو“ اخبار آندي وئي. انھن مڙني اخبارن مان ڪي ماھوار، ڪي دو ھفتي تہ ڪي وري ھفتيوار ھيون.
سنڌي صحافت بہ ڪيترائي لاھا ۽ چاڙھا ڏٺا ۽ ڪيترن ئي دؤرن مان گذري آھي. جنھن جو ھت اسين تفصيل پيش نٿا ڪري سگهون. بھرحال موجودہ دؤر ۾ سنڌي صحافت سٺي ترقي ڪئي آھي. ھاڻي تہ اخبارون انٽرنيٽ تي پڻ اچي رھيون آھن، جي پوري دنيا ۾ ڏسي ۽ پڙھي سگهجن ٿيون، تنھنڪري سنڌي صحافت کي بغير ڪنھن لوڀ لالچ ۽ ڊڄ ڊپ جي پنھنجون ذميواريون نڀائڻ گهرجن.
مڪتوبات
مڪتوبات عربي ٻوليءَ جي باب ”کتبَ يکتبُ کتبا“ مان ورتل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي ”لکيتون“. ھي بہ نثري ادب جي ھڪ صنف آھي، جنھن کي اسين پھريون دفعو متعارف ڪرائي رھيا آھيون. ھن صنف ۾ ڪنھن اھم شخصيت جيئن بزرگ، پير فقير، سياستدان يا ڪنھن معتبر سماجي ڪارڪن جا مڪتوبات محفوظ ڪيا ويندا آھن. مثلا مذڪورہ شخصيت جا خط، دستاويز، دستخط، بياض، آٽوگراف ۽ تصويرات وغيرہ کي مڪتوبات چئبو آھي. انھن جزن تي مشتمل ڪيترائي ڪتاب لکيل آھن، جن کي عام طور مڪتوبات جي نالي سان سڏيو ويندو آھي.
ملفوظات
ھن نثري صنف ۾ پڻ مٿين قسمن جي شخصيت جا احوال، آثار ۽ سندن اقوالن کي قلمبند ڪيو ويندو آھي، ان قسم جي نثر کي ملفوظات چئبو آھي، اھڙي قسم جا بہ ڪيترائي ڪتاب لکيل آھن.
ناول
ناول انگريزي زبان جو لفظ آھي، جنھن جي لغوي معنيٰ آھي ”عجيب شيءِ“ يا ”نئين شيءِ“. ناول جي اصطلاحي معنيٰ آھي انساني ڪردارن جو نثر ۾ بيان ڪرڻ. ناول ادب جو ضروري ڀاڱو آھي، جنھن کان سواءِ جيڪر ادبي دنيا مڪمل ٿي نہ سگهي.
ناول ۾ ڪھاڻي ۽ سيرت نگاري اھڙي مزيدار ۽ حال جي موافق ھجي ۽ منجهس اھڙي ڪشش ھئڻ گهرجي، جو پڙھندڙن جو خيال شروعات کان وٺي آخر تائين، اھڙو تہ قيد ڪري وٺي، جو جيستائين ناول کي ختم نہ ڪري، تيستائين کيس آرام نہ اچي. جيئن پڙھندو وڃي تيئن منجهس خواھش پيدا ٿيندي وڃي. ناول ۾ بہ شعر وانگر فصاحت، بلاغت ۽ زبان جي محاورن، اصطلاحن ۽ صنعتن کان ڪم ورتو وڃي. ناول انساني جذبات جو آئينو آھي، تنھنڪري منجهس فرضي ڪردار اھڙا ھجن، جنھن مان انسانيت لاءِ سبق ۽ رھنمائي ھجي.
ناول ۾ ڪھاڻي، ڪردار يا سيرت نگاري، گفتگو، پلاٽ، مڪان ۽ زمان، ھيئت، موضوع ۽ منظر نگاري تمام اھم حصا آھن. ھونئن تہ بنيادي طور ناول ٻن قسمن جا ٿيندا آھن.
1- مشاھداتي، ۽ 2- تصوراتي.
پر ادب جي ماھرن ان جا ڪيترائي قسم لکيا آھن. مضمون جي لحاظ کان ناول جا ھيٺيان قسم آھن:
مذھبي، عشقي، جنسي، قومي، افسانوي، منطقي ۽ تصويري وغيرہ ۽ ھيئت (Form) جي لحاظ کان ناول جا ھي قسم بيان ڪيا ويا آھن:
واقعاتي، ڪرداري، ڊرامائي، عصري ۽ نفسياتي وغيرہ.
جڏھن تہ عام طور ناول جا ڪيترائي قسم ٻڌايا وڃن ٿا:
اصلاحي، اخلاقي، معاشي، سماجي، سياسي، تاريخي، سفري، جاسوسي، رومانوي، جنگي، سائنسي، نفسياتي، تبليغي، علمي، معماتي، تمثيلي، اسراري، مھماتي، سياحتي، حقيقت پسندانہ، ھمدردانہ ۽ فلسفيانہ وغيرہ. (29)
سنڌي ادب ۾ ناول جي شروعات ترجمن سان ٿي آھي. سڀ کان پھريان مشھور انگريزي اديب ڊاڪٽر جانسن جي ناول ”راسيلاس“ جو ترجمو 1870ع ۾ ساڌو نولراءِ ۽ منشي اڌارام ٿانورداس گڏجي ڪيو، ھن ۾ انساني زندگيءَ جي مختلف مسئلن بابت ويچار ڏنل آھي.
1891ع ۾ ساڌو ھيرانند، والٽر اسڪاٽ جي تاريخي ناول ”طلسم“ جو ترجمو ڪيو، جو 1927ع ۾ ڪاڪي ڀيرو مل مھرچند آڏواڻي مڪمل ڪري ڇپايو، ھي ناول صليبي جنگين بابت آھي.
طبع زاد ناولن ۾ مرزا قليچ بيگ جو ناول ”دلارام“ 1888ع ۾ ڇپيو، ان کان پوءِ سندس ٻيو اصلاحي ناول ”زينت“ 1890ع ۾ ڇپجي ظاھر ٿيو. مرزا قليچ بيگ کان پوءِ لالچند امرڏنو مل جو نالو اچي ٿو، سندس ناول ”چوٿ جو چنڊيا ڀرم جي ڀلائي“ 1905ع ۾ شايع ٿيو. ان سان گڏ ڀيرومل آڏواڻيءَ جا ناول ”آنند سندريڪا“ ۽ ”موھني ٻائي“ بالترتيب 1910ع ۽ 1911ع ڌاري ڇپيا، انھن ناولن ۾ ھندو معاشري جون اوڻايون بيان ٿيل ھيون. 1915ع ۾ سندس وري ٻيو ناول ”وريل ۽ نعمت“ منظر عام تي آيا. انھيءَ سال ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي جو ناول ”نورجھان“ سامھون آيو. 23-1922ع ڌاري محمد بن قاسم جي فتح بابت حڪيم عبدالخالق ”خليق“ مورائي جو ”سندري“ ناول ڇپيو. ان کان سواءِ سندس ٻيا تاريخي ناول ”ستيءَ جي ستيا“ ۽ ”چتر پتي“ ھڪ ٻئي پٺيان سنڌي سڄڻن کي پڙھڻ لاءِ مليا. 1931ع ۾ عبدالرزاق ميمڻ جو ناول ”جھان آرا“ ڏاڍو مقبول ٿيو. 1946ع ۾ نارائڻداس ميورام ڀمڀاڻيءَ جو ناول ”غريبن جو ورثو“ وڏي مقبوليت ماڻي. ھن وقت تائين سندس ڪيترا ڇاپا نڪري چڪا آھن.
آزاديءَ کان پوءِ ڪيترائي ناول وجود ۾ آيا. اھڙن ناول نگارن ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو نالو مڙني کان مٿاھون آھي. سندس ناول ”سانگهڙ“ وڏي مشھوري ماڻي. مٿين ناول نگارن کان سواءِ محمد اسماعيل عرساڻي، ڊاڪٽر نجم عباسي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو (30) پڻ ناول جي صنف ۾ پاڻ ملھايو آھي. ناول نگاري جو اھو سلسلو اڄ تائين جاري آھي. ھن وقت اسان جو سنڌي ادب ناول جي صنف ۾ تمام آسودو آھي.
ناٽڪ
ناٽڪ جي باري ۾ دنيا جي مشھور ناٽڪ نويس وليم شيڪسپيئر جو چوڻ آھي تہ:
”اسان فاني انسان، ناٽڪ جي ڪردارن وانگر، ھن دنيا جي اسٽيج تي، عارضي عرصي لاءِ اچون ٿا ۽ پنھنجو پنھنجو رول ادا ڪري، ھميشہ لاءِ غائب ٿي وڃون ٿا.“
ڏٺو وڃي تہ، انساني زندگي ۽ ناٽڪ ۾ وڏي مماثلت آھي. اھوئي سبب آھي جو دنيا جي عظيم فنڪارن پنھنجي خيالن جي اظھار لاءِ ادب جي ٻين صنفن کان ناٽڪ کي گهڻي اھميت ڏني آھي.
ناٽڪ جو آغاز انسان جي تھذيب ۽ تمدن جي شروعات کان ئي معلوم ٿئي ٿو، جنھن جو ثبوت اسان کي پنج ھزار سال آڳاٽي موھن جي دڙي واري سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا مان ملي ٿو، جتان ھٿ آيل مکيہ مجسمن مان نرتڪي يعني ناچڻي ڇوڪري (Dancing Girl) سان گڏ ان جي ناچ کي ڏسندڙ (Auidences) مجسما پڻ مليا آھن، جيڪي ان دؤر جي آڳاٽي نرنيہ يا ناچ- ناٽڪ جا اھم اھڃاڻ آھن. اھڙي قسم جي ناٽڪ کي زنيہ يا ناچ- ناٽڪ (Ballet) چيو ويندو آھي. (31) اھڙي طرح سان قديم سنڌي راڳ وارين ڪافين جي ڳائڻ دوران ڳائيندڙ قصي ۾ بيان ٿيندڙ ڪردار جي اداڪاري ھٿن جي اشارن ۽ آواز جي لاھن چاڙھن سان ڪئي ويندي ھئي. مثال طور ليلا چنيسر جي داستان پيش ڪرڻ وقت، فنڪار قصي کي سانگ واري سٽاءَ (ڊرامائي انداز) ۾ پيش ڪندو آھي ۽ ڳائڻ ذريعي ٻولن کي ائين پيش ڪندو آھي، جو ڄڻ ليلا پاڻ چئي رھي آھي. (32) ھن قسم جي ناٽڪ کي راڳ- ناٽڪ (Opera) چئي سگهجي ٿو.
مٿين ٻن قسمن کان سواءِ ناٽڪ جو ٽيون قسم بہ اسان جي سنڌ ۾ مروج رھيو آھي. جنھن کي سانگ (حڪايتي ناٽڪ) چئبو آھي. ان بابت سنڌي لوڪ ادب جي ڄاڻو ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو چوڻ آھي تہ، سانگ سنڌ جو ناٽڪ آھي. سنڌ جا مڱڻھار، ڀٽ، شيدي ۽ ٻيا خاص حرفتي ۽ ھنرمند گروھہ شادين ۾ محفلن جي موقعن تي سانگ وجهندا ھئا، جنھن ۾ مختلف ڪردارن جا روپ اختيار ڪري واقعي يا سماجي منظر جي جيئري جاڳندي تصوير پيش ڪندا ھئا. ھنرمند عورتون وري عورتن جي مجلسن ۾ سانگ وجهنديون ھيون، اڃان تائين ڪن جاين تي اھي سانگ رچايا ويندا آھن. (33)
سنڌي ادب ۾ سنڌي ناٽڪ جو دؤر 1880ع کان شروع ٿئي ٿو، سڀ کان پھريون ناٽڪ مرزا قليچ بيگ ”ليلا مجنون، نالي ھڪ راڳ – ناٽڪ لکيو، پوءِ 1885ع ۾ ”خورشيد“ ناٽڪ لکيائين، جيڪو ھڪ گجراتي ناٽڪ ”سونا نامول ني خورشيد“ جو ترجمو ھو، تنھن کان پوءِ 1888ع ۾ ديوان ڪوڙومل چندن مل ”رتناولي“ ناٽڪ لکيو، جو اصل ۾ سنسڪرت جي مشھور ناٽڪ نويس راجا ھرش ديو جو لکيل ھو، ان کان پوءِ مرزا قليچ بيگ جو ٽيون ناٽڪ ”بڪاولي“ ڇپيو. (34)
1894ع تائين رڳو سنڌي ناٽڪ ڇپيل صورت ۾ پڌرا ٿيا، پوءِ ترت ئي سنڌي ناٽڪ کي اسٽيج جي زينت بڻايو ويو ۽ اھا ابتدا بہ پيشبہ ور ناٽڪن جي ھٿان نہ پر سنڌ جي پڙھيل لکيل طبقي ۽ سلجهيل ذھنن جي ڪوششن سان ٿي. انھيءَ ۾ حصو وٺندڙ بہ گهڻو ڪري استاد، شاگرد، پروفيسر ۽ تعليمي ماھر ھئا. انھيءَ ڪري سنڌي ناٽڪ زيادہ طور تعليمي ادارن جي احاطن ۾ يا وري پڙھيل طبقي جي سماجي تنظيمن جي پروگرامن تحت ٿيندا رھيا، جن جو اسٽيج تي پيش ٿيڻ جو مقصد گهڻو ڪري تعليمي جي ترقي خاطر ھو. (35)
جيئن تہ ميوارام ڀمڀاڻي بنيادي طور ھڪ ناولنگار ۽ ناٽڪ نويس ھو، تنھنڪري ھاڻي اچون ٿا سندس جيون چرتر طرف.
مصنف جا حالاتِ زندگي
نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻي انگريزي ادب جو ڄاڻو ۽ ماھر ھو. ايم. اي انگريزيءَ ۾ ڪيل ھئس. پاڻ ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ڪراچي، جنھن کي ھن وقت ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪري ڪوٺيو ويندو آھي، ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر ھو. تنھن ھوندي بہ سنڌي ادب سان گهڻو نيھن ھئس. انگريزيءَ ۾ پڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائين. سنڌيءَ ۾ سماجي ناول لکڻ جي عمدي مشق ھئس، سندس عبارت جي طرز ڏاڍي سلوڻي ۽ رنگين آھي. کيس ناول ۾ منظر نگاري بہ حد درجي جي آھي، جو ڄڻ تہ اھي ماڳ ۽ مڪان گهمائي رھيو ھجي.
ڪاڪو ڀيرومل مھرچند آڏواڻي ۽ ٻيا اعليٰ پائي جا اديب سندس لکڻي، علميت، ادبيت ۽ ڏاھپ جا مداحي ھئا. پاڻ بھترين مترجم بہ ھو تہ ان سان گڏوگڏ سٺا طبع زاد ناول لکي سنڌي ادب کي ڏنائين، ھو سنڌي علم ادب جي اعليٰ ناول نگارن مان ھڪ آھي. ھن جا ناول فني توڙي ادبي لحاظ کان اعليٰ شمار ڪيا ويا آھن. ھر ڪا ادبي لکڻي وقت جي آئينہ دار ھوندي آھي، جنھن ۾ حالتن جي عڪاسي ڪئي ويندي آھي، اھي ٻئي خوبيون ڀمڀاڻيءَ جي ناولن ۾ ملن ٿيون.
ڀمڀاڻيءَ جا وڏا اصل ھنڱورجن جا رھاڪو ھئا، جي پوءِ لڏي اچي پڊعيدن ۾ رھيا ۽ تنھن کان پوءِ سندس ڪجهہ مائٽ ٺارو شاھہ ۽ ٺٽِ ڳوراو ۾ وڃي ويٺا. ممڪن آھي تہ ڀمڀاڻي صاحب پاڻ پڊعيدن، ٺارو شاھہ يا ٺٽِ جو ئي ھجي، پر ان جو اسان کي اڃان تائين ڪو واضع ثبوت نہ ملي سگهيو آھي، باقي ايترو سو معلوم ٿئي ٿو تہ، پاڻ ”غريبن جو ورثو“ ۾ ٺارو شاھہ، ڪنڊيارو، ھالاڻي، گهانگهرا ۽ بازيدپور جو ذڪر واضع طور ڪري ٿو ۽ پاڻ ناول جي پلاٽ ۾ ڪنڊيارو ۽ ان جي پسگردائي ۾ گهمي، ڦري ۽ لامارا ڏئي ٿو. مطلب تہ سندس خيالن جي اپٽار سمنڊ جي ڇولين وانگر آھي، جو ڪڏھن پير مھدي شاھہ تہ ڪڏھن خانواھڻ تہ وري ڪڏھن گهانگهرا گهمي ٿو. انھيءَ مان معلوم ٿيو تہ پاڻ ھن علائقي جو ئي آھي، تنھنڪري کيس ھتان جي وستين واھڻن، ماڳن مڪانن ۽ ڳوٺن ۽ شھرن بابت ڳوڙھي ڄاڻ آھي.
سنسڪرت ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ماھر ڀيرومل مھرچند آڏواڻي ڀمڀاڻين بابت لکي ٿو تہ:
”ڀمڀاڻين جو وڏو ڏاڏو ديوان نارائڻداس ميرن جي صاحبيءَ ۾ ھنڱورجن ۾ زميندار ھو ۽ ديوان عيدن مل ھنگوراڻيءَ جي نياڻي پرڻيو ھو، ڪنھن وقت ديوان نارائڻداس جو پنھنجي ڀائرن سان ملڪيت تان تڪرار ٿيو تہ، پنھنجي سھري ديوان عيدن مل کي چيائين تہ، اھڙي ڪنھن ھنڌ ھلي رھجي، جتي نہ ڀائر ڏسن، نہ کٽ پٽ ٻڌجي. ديوان عيدن مل وڏي پڌارت وارو ھو، تنھن سندس مرضي رکڻ لاءِ نوشھري فيروز تعلقي ۾ ڳوٺ ”چِيھو“ کان ڏيڍ ڪوھہ پري ھڪ ويران پٽ وڃي وسايو، جڏھن تہ ڪيترن ھندن کي ھمٿائي اتي آندائين ۽ کين جايون بہ پنھنجي خرچ تي جوڙائي ڏنائين، جنھن ڪري اھو نئون ٻڌل ڳوٺ سندس نالي پٺيان ”پٽ عيدن“ ۽ پڊعيدن“ سڏجڻ ۾ آيو.“ (36)
ڀمڀاڻين جي آڪھہ، ديوان نارائڻ داس جي پوٽاڻ ۽ ديوان عيدن مل ھنڱوراڻيءَ جو ڏوھٽاڻ ديوان ڀمڀومل جي نالي پٺيان ڀمڀاڻي سڏجن ٿا.
تصنيفات
ڀمڀاڻي صاحب جو لکڻ پڙھڻ جي دنيا ۾ وڏو نالو آھي. پاڻ 1944ع کان 1945ع تائين سنڌ جي مشھور ليکڪن جا نثر ۽ نظم تي مشتمل ٽي ڀاڱا ادبي گلشن نالي مرتب ڪيائين، جن جي خصوصيت ديوان ڏيارام وسڻمل جي انتخاب وانگر اھا ھئي جو ھرھڪ ليکڪ جي ساھتڪ جيوت ۽ رچنائن جو مختصر احوال پڻ ڏنل ھو. (37) جنھن جي مھاڳ ۾ ڀمڀاڻي صاحب پاڻ ئي لکي ٿو تہ:
”ادبي گلشن جي ٽن ڀاڱن مان، ھرھڪ ۾ نثر خواھہ نظم جا چونڊ ٽڪرا کنيل آھن ۽ ھرھڪ مصنف جو ٿورو ڪي گهڻو ذڪر ڪيو ويو آھي، ھڪڙي ئي ڪتاب ذريعي گهڻن لکندڙن سان واقفيت صرف ھھڙن انتخابن دوران ئي ٿي سگهي ٿي. (38) انھيءَ ادبي گلشن جي ٻئي ڀاڱي ۾ ڀمڀاڻيءَ جا ليک ”پرائي ماس ۾ ڪاتي“ جيڪو حقيقتا سندس ناول ”وڌوا“ تان ٽڪرو کنيل آھي، جنھن ۾ ھڪ عورت ”گومي“ پنھنجي پٽ ”اجيت“ کي شادي ڪرائڻ جو اونو رکي ٿي پر کيس وٽ شاديءَ جو خرچ ۽ ڪنوار جي واسطي زيور گهڙائڻ لاءِ ڪجهہ بہ نہ آھي، پر اجيت کيس چئي رھيو آھي تہ امان! زيورن پائڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي؟ جنھن تي گومي کيس چوي ٿي تہ، اجيت! مڻين بنا نئين ڪنوار ڪيئن سھڻي لڳندي؟
”عورت جي سونھن سادگيءَ ۾ آھي ۽ نہ سون ۾، مڻيا زال کي من لڀائيندڙ نہ ٿا بنائين پر ھن جا لڇڻ، عورت جا اخلاق ئي ھن جا بي بھا ڳھڻا آھن.“ اجيت اھا وراڻي ڏئي ٿو.
جنھن تي ماڻس کيس چوي ٿي تہ:
”ائين پرائي ماس ۾ ڪاتي وجهڻ سٺو ڪم ڪين آھي.“ (39)
سندس ٻيو ليک ”نالا“ آھي، جنھن لاءِ مصنف لکي ٿو تہ:
”ماڻھو نالا لکي پاڻ کي امر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن تہ جيئن ھو ھميشہ دنيا وارن کي ياد رھن، انھيءَ لاءِ شاگرد ھاسٽل جي ڀتين تي نالا، لائبرري جي ڪتابن تي نالا، ڌنار جهنگ ۾ وڻن تي نالا، ميت جا مائٽ قبرن تي نالا لکائيندا آھن، پر انھن نالن کي ڪوبہ جٽاءُ ۽ ھميشگي نہ آھي، جڏھن تہ شاعر ۽ اديب امر ٿي سگهن ٿا، پر جتي وڏا بزرگ ۽ شاعر ئي ياد ڪونھن، اتي اسان جھڙا ادبي عابد ڪنھن کي ياد رھندا. سنڌ بي قدرن جو ملڪ آھي، منھنجو نالو تہ پاڻيءَ تي لکڻ ۾ ايندو، جو اتي ئي لکجي اتي ئي ڊھيو وڃي. مگر پاڻ کي اھو دلاسو ڏيندو آھيان تہ، ٻين وندرن کان ادب جي وندر وري بہ بھتر آھي.“ (40)
1942ع ۾ ڀمڀاڻيءَ جو ناول ”مالھڻ“ ڇپجي ظاھر ٿيو، جنھن جو پس منظر سنڌ جي ”سن“ ۽ ”مانجهند“ شھرن تي ٻڌل آھي پر اھو جهوني زماني وارن موتن ۽ خودڪشين سان ٽمٽار آھي، توڻي جو منجهس خيال فيلسوفاڻا ۽ عبارت علميت واري اٿس.
1943ع ۾ مصنف جو ھڪ ٻيو ناول ”وڌوا“ ڇپيو، جنھن جو پس منظر ڪراچي، حيدرآباد ۽ نوابشاھہ جھڙن شھرن تي ٻڌل آھي، ھن ۾ ھندو قوم جون ڪميون ڪوتاھيون ۽ غلط رسم و رواج بيان ڪيا ويا آھن، گڏوگڏ ھڪ نوجوان تعليم يافتہ ھندو وڌوا جا ڏک ۽ امنگ چٽيل آھي. ھي ناول ھندستان ۾ تعليمي نصاب تي رکيل آھي.
1945ع ڌاري پروفيسر ڀمڀاڻي ”ادبي غنچو“ شايع ڪيو، جنھن ۾ سندس ئي ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جي ساٿي پروفيسر رام پرتابراءِ پنجواڻي جي ليکن جو انتخاب بہ ھو. ان ۾ ڀمڀاڻيءَ جا ليک ھي ھئا:
عبارت (ادبي ليک) نالا (خيال ليک) جنھن جو مٿي ذڪر ڪري چڪا آھيون، عظيم غلطي (مذاقي مضمون) ھري (جنھن ۾ مائٽن جا ابھم ٻارن تي ظلم ڏيکاريل آھن) ۽ فقيرن لاءِ قاعدو (جنھن ۾ فقيرن جي سقيم حالت لاءِ سماج کي جوابدار قرار ڏنو ويو آھي.) تنھن کان سواءِ سندس تصنيف ۾ ”شاھہ جون سورميون“ تصويرن سان گڏ سنڌي ڪتاب گهر حيدرآباد طرفان ۽ ٻيو ڇاپو 1957ع ۾ ڇپيو، لازمي آھي تہ ان کان اڳ ۾ بہ ڇپيل ھوندو پر اھو نسخو ھن وقت اسان جي سامھون نہ آھي، شاھہ جي سورمين کان سواءِ ٻيارن لاءِ آکاڻيون پڻ لکي ٻاراڻي ادب ۾ اضافو ڪيائين. (41) وري جڏھن 1932ع ۾ ديوان بولچند راڄپال مشھور ماھوار علمي مخزن ”سنڌو“ برپا ڪئي (42) تہ ان ۾ پروفيسر ڀمڀاڻي صاحب جو ادبي ليک ”سنڌي ساھتيہ جا ٽيھہ سال 1916ع کان 1946ع“ ڇپيو. (43)
ساڳي ئي سال يعني 1945ع ۾ سندس ٽيون ناول ”پاڪ ۽ پاڪيزگي“ ڇپجي ظاھر ٿيو، جو اصل ۾ انگريزي جي ناول (Tess of Durber Willes) تان ترجمو ٿيل آھي، ھن ناول ۾ ماحول ۽ معاشري جي خرابين کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، جيئن تہ ھي ناول سنڌ جي حالتن سان ٺھڪندڙ ھو، تنھنڪري ھن جو ترجمو سنڌيءَ ۾ ڪري مٿس نالو رکيائين ”پاڪ ۽ پاڪيزگي“. ھن ناول بابت خود مصنف لکي ٿو تہ:
”ھن ڪتاب جو بنيادي ويچار ڪھڙو آھي؟ انسان جي جيڪڏھن صرف ٻاھرين رھڻي ڪھڻي پاڪ آھي تہ، اھو ڪافي نہ آھي، رھڻي ڪھڻيءَ کان وڌيڪ ضرورت آھي تہ، سندس خيالن ۾ ڪوبہ ناپاڪ جزو نہ ھجي.“
ھيءُ ناول پھريان 1930ع ۾ ڇپيو ھو ۽ سندس ٻيو ڇاپو 1945ع ۾ منظر عام تي آيو.
1935ع ۾ چوٿون ناول ”غريبن جو ورثو“ لکيائين، جو ديوان موتي رام راماڻي 1946ع ۾ پھريون ڀيرو سنڌي ادبي گهر ڪراچيءَ مان شايع ڪيو. ھن جي پس منظر ۾ ڪنڊيارو ۽ ان جي آس پاس جا شھر ۽ ڳوٺ آھن. جنھن ۾ ناول نگار ھڪ ڍڪ منشيءَ جي ڏکن ڏولائن سان گڏوگڏ، اھو پڻ تصور ڏنو آھي تہ ويچارو غريب ھميشہ تڪليفن ۽ اھنجن ايذائن ۾ رھي ٿو.
”غم غريبن جو ورثو آھي، ساندھہ ڏکن سھڻ ڪري سندن سيرت گهڙجيو پوي. جيتوڻيڪ کين ڏيڻ ۾ ھرڪو ڪيٻائي ٿو، تہ بہ ھو ڏئي ڄاڻن. ٻيو ڪجهہ ڏيڻ لاءِ نہ اٿن، تہ پنھنجو پاڻ تہ اٿن. جيڪڏھن ڌن نہ اٿن، تہ تن ۽ من جو تياڳ تہ ڪو ھنن کان سکي.“
ھت اسان جو تعلق پڻ مصنف جي انھيءَ ناول سان آھي، تنھنڪري ھاڻي ناول ”غريبن جو ورثو“ ۾ آيل ڪردارن جو وچور ڏئي رھيا آھيون.
ڪردارن جو تعارف
1. جان محمد: ھڪ زميندار آھي، جنھن سان پيرو مڱڻھار جي پراڻي نيازمندي ھئي. ھالاڻيءَ ۾ ويساکي جي ميلي تي ھر سال مڱڻھارن ۽ راڳيندڙن جي مجلس لڳائيندو ھو.
2. پيرو مڱڻھار: ٿر ۾ ڏڪار سبب لڏي اچي تڏھوڪي ضلعي نوابشاھہ ۽ ھاڻوڪي ضلعي نوشھروفيروز جي حدن ۾ اچي ويٺو، ناولنگار پڻ ضلع نوابشاھہ لکيو آھي پر 1989ع ۾ سنڌ سرڪار نواب شاھہ کي ٻہ اڌ ڪري، دولتپور، قاضي احمد، سڪرنڊ ۽ خود نوابشاھہ تعلقن تي مشتمل ھڪ ضلعو نوابشاھہ جي نالي سان، جڏھن تہ محرابپور، ڪنڊيارو، ڀريا سٽي، مورو ۽ خود نوشھروفيروز تعلقن کي شمار ڪري ضلعو نوشھروفيروز جوڙيو ويو.
پيرو مڱڻھار شرنانين وڄائڻ جو ملوڪ ۽ طبيعت جو سخي ھو، ڀڳت ڪنور رام وانگر، جيڪا گهور ملندي ھئس، سا اتي جو اتي فقيرن کي ڏئي ڇڏيندو ھو. بھرحال صحيح معنيٰ ۾ فنڪار ۽ سخي دل انسان ھو.
3. حياتان: مٿين پيرو مڱڻھار جي زال، ٿر مان پير مھدي شاھہ ڳوٺ ڏانھن لڏي اچڻ وقت، رستي ۾ ھٿ پير لڌائين ۽ حميد کي جنم ڏئي پاڻ چالاڻو ڪري وئي.
4. بخشڻ کٽي: پيروءَ سان گڏ ٿر مان لڏي اچي ساڻس گڏ رھيو، پيروءَ جي پٽ ”حميد“ جي سنڀال ڪيائين. پڇاڙيءَ ۾ بري صحبت ۾ ڦاسي شرابي ٿيو ۽ نشي سببان ڪنھن حادثي جو شڪار ٿي ويو.
5. سچل: ھيءَ بخشڻ کٽيءَ جي زال، حميد جي ماءُ (حياتان) مري وڃڻ کان پوءِ کيس نپايائين. انتھائي محنتي، رحمدل ۽ وفادار مائي آھي.
6. حميد: ھن ناول جو ھيرو ۽ سورمو آھي. پاڻ سمجهو، سياڻو ۽ محنتي ۽ فرض شناس، علم جو ڳولائو ۽ انسان ذات سان ھمدردي رکڻ وارو، ٿڃ پياريندڙ ماءُ ”سچل“ جي خدمت ڪندي سلھہ (Tuber Culosis) جھڙي موذي مرض ۾ گرفتار ٿي، پنھنجي زندگي قربان ڪري ٿو، پر پنھنجي رضائي ماءُ جي خدمت ۾ ڪابہ ڪسر ڪين ٿو ڇڏي.
7. جمال: حميد جو ھم ڪلاسي، ڪنڊيارو جي انگريزي اسڪول ۾ ساڻس گڏ پڙھندو ھو.
8. جنت: ناول جي ھيروئن ۽ سورمي آھي، ٻھراڙيءَ جي ڳوٺ گهانگهرن جي سدا ملوڪ، سلڇڻي، سٻاجهڙي، سادي ۽ ھڪ پاڪيزہ اڻ پڙھيل ڇوڪري آھي، جا ھڪ ڳوٺاڻي ٿي ڪري فقط حميد جي محبت ۾ گرفتار ٿئي ٿي. ھو تحمل سان پنھنجي نفس تي ضابطو آڻڻ واري، وفاداري ۽ پاڪدامن ڇوڪري آھي. جيڪا ھڪ دفعو ڪنھن سان پيار ڪرڻ جي آڌار تي، ان لاءِ ساري جيون قربان ڪري، پنھنجي پريمي حميد جي مرڻ کان پوءِ بہ سندس قبر تي گل چاڙھيندي رھي ٿي.
9. دادن: بخشڻ کٽيءَ جو پٽ، ھڪ صاف ۽ سادي طبيعت وارو ڇوڪرو آھي. ھي بہ جنت جي محبت ۾ جڪڙجي وڃي ٿو پر پنھنجي ٿڃ شريڪ ڀاءُ حميد جو ڀرم رکندي ڳچ عرصو گمناميءَ جو گذاري ٿو.
10. قادر بخش: گهانگهرن جي ڳوٺ جو رھاڪو، جنت جو پيءُ، رحمدل، سخي ۽ ھڪ مھمان نواز ڳوٺاڻو ھاري آھي.
11. صادق علي: ڪنڊيارو جو علم دوست، غريبن جو ھڏڏوکي، خدمتگار ۽ مددگار زميندار آھي، جنھن جي سھائتا سان حميد پڙھيو ۽ پوءِ وڃي ڊڪ منشيءَ جي عھدي تي رسيو.
مٿين ڪردارن تي سرسري نظر وجهبي تہ سمورا ڪردار پنھنجي پنھنجي جاءِ تي موزون نظر ايندا. ڪوبہ ڪردار غير ضروري نہ آھي. جيڪڏھن پلاٽ مان ڪنھن بہ ڪردار کي جدا ڪبو تہ ڪھاڻيءَ جو سلسلو ئي ٽٽي پوندو. سمورا ڪردار ھڪ ٻئي جا ڄاتل سڃاتل آھن ۽ ھڪڙي ئي ماحول جي پيداوار آھن. جڏھن تہ پڙھندڙ ناول جي مطالع ۾ اھڙو تہ محو ٿي وڃي ٿو، جو ھو پاڻ کي بہ ناول جو ھڪ ڪردار تصور ڪري ٿو.
ناول ۾ ڪوبہ ڪردار جا مدنظر نٿو اچي. سڀئي ڪردار پنھنجي عمل ۽ ردعمل جي نتيجي ۾ ڦرندا رھن ٿا، ان ڪري پڙھندڙ مٿان پنھنجو گھرو اثر ڇڏين ٿا. (42)
ناول جو پس منظر
نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻي ھي ناول پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ لکيو آھي ۽ ان ۾ سنڌ جي تڏھوڪي ضلعي نوابشاھہ ۽ موجود نوشھروفيروز جي ماحول ۽ واقعن کي پيش ڪيو ويو آھي. پر پڙھڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو تہ ھي ناول سنڌ جي سمورن بلڪ دنيا جي غريبن جي ترجماني ڪري ٿو.
ھي ناول ڏيکاري ٿو تہ ”غم ۽ فڪر غريبن جو ورثو آھي“ پر غريبن وٽ اڃا ڪجهہ ٻيو بہ آھي جنھن کي پيار، خلوص ۽ قرباني بہ چئبو آھي.
مصنف کي ڪھڙي ڳالھہ ھن ناول لکڻ تي آمادہ ڪيو، تنھن بابت پاڻ لکي ٿو تہ:
”ھڪ رات ستو پيو ھوس تہ رڙين جو آواز آيو. جاڳي ڏسان تہ، ڪراچي ميونسپالٽيءَ جا ملازم فقيرن ۽ سندن عورتن کي شھر جي کليل جاءِ تان اٿاري رھيا آھن تہ ھتي نہ سمھو. غريب ويچارا آزيون نيزاريون ڪندا رھيا تہ اڄوڪي رات مھلي ڏيو مگر ملازمن کين ھڪالي ڪڍيو.“
غريبن جي اھا حالت ڏسي مصنف جي دل تي گهڻو اثر ٿيو ۽ سندس دل ۾ اھي خيال اٿيا تہ:
• غريبن برابر ۾ دنيا ۾ گند ڪيو آھي؟
• پٽ تہ ڌڻيءَ جو آھي، پوءِ ھي انھن کي سمھڻ ڇو نٿا ڏين؟
• غريب بہ تہ سماج جو جزو آھي.
• جي غريب ٿيڻ گناھہ آھي، تہ پوءِ انھن جي سڌاري لاءِ ڪو قدم ڇو نٿو کنيو وڃي؟
• دولتمندن جا ڪتا بہ ڪوٺين ۾ قابو آھن پر غريبن کي کليل ميدانن تي سمھڻ جي بہ اجازت نہ آھي.
• اي انسان! خيرات اھا نہ آھي تہ، تون اسپتالون ۽ مسافر خانا ٺھرائين پر غريبن جو ٻار رستي ۾ ھڪ پيسو گهري تہ ان کي ڇڙٻون ڏين.
• اي انسان! تون جيئن علم ۽ عقل ۾ ترقي ٿو ڪرين، اوتريو دل جو سخت ڇو ٿو ٿين؟
• غريب جڏھن ساندھہ ڏک سھي ٿو تہ، سندس سيرت گهڙجي ٿي.
• قدرت انسان کي پنج حواس ڏنا آھن، پر غريبي ڇھون حواس آھي.
• چون ٿا تہ غريبن ۾ علم پرائڻ لاءِ چاھہ ڪونھي، ھاڻي جيڪي ماڻھو کائڻ لاءِ پريشان ۽ ڍڪڻ لاءِ اٻاڻا نيڻ کڻي نھارين تہ اھي علم لاءِ ڪيئن اڳڀرا ٿيندا؟
• مٿيان خيال ليکڪ جي ذھن ۾ انھيءَ ڪري اڀريا، جو ھن ميونسپالٽيءَ جي ملازمن جو غريبن مٿان ظلم، پنھنجي اکين سان پيسو، مصنف انھيءَ واقعي جو گھرو اثر قبول ڪيو تہ سندس ذھن ۾ اھڙا ٻيا بہ واقعا تري آيا ۽ انھن کي ترتيب ڏيئي ناول ”غريبن جو ورثو“ تيار ڪيائين.
ھن مان معلوم ٿيو تہ، جيڪي واقعا انساني ذھن تي اثر انداز ٿين ٿا ۽ زندگيءَ سان گهاٽو تعقل رکن ٿا، انھن کي ترتيب ڏئي لفظي جامو پھرائي ناول تيار ڪري سگهجي ٿو.
ناول جو تنقيدي اڀياس
پروفيسر ميوارام ڀمڀاڻيءَ جو ھيءُ ناول ”غريبن جو ورثو“ ھونئن تہ 1935ع جو لکيل آھي، پر ورھاڱي کان اڳ پھريون ڀيرو 1946ع ۾ ديوان موتي رام راماڻي ڇپائي ظاھر ڪيو، ٻيو ڇاپو 1960ع ۾ ان کان پوءِ ٽيون ڇاپو بہ ڇپجي پڌرو ٿيو. چوٿون ڇاپو 1974ع ۾ زيب ادبي مرڪز حيدرآباد طرفان شايع ٿيو، سنڌي ساھت گهر حيدرآباد طرفان 2005ع ۾ پنجون ڇاپو بہ نڪري نروار ٿيو، ھي ان جو ڇھون ڇاپو آھي، جيڪو اسان روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو طرفان سينگاري، سنواري نئين انداز سان ترتيب ڏئي شايع ڪري اوھان جي ھٿن ۾ پھچائي چڪا آھيون.
ھاڻي اسان رخ رکون ٿا تہ ناول جي صحت، ٻولي، سٽاءُ ۽ سندس خوبين خامين طرف:
• پروفيسر ميوارام ڀمڀاڻيءَ جو ھيءُ ناول دکدائڪ نظر اچي ٿو، جنھن ۾ ڏکن کي غريبن جو ورثو ڪري کنيو ويو آھي، پر انھن ڏکن تي غالب پوڻ جو حل نہ ٻڌايو ويو آھي ۽ انھن کي ڪاٿي بہ اھڙو غريب نہ ڏيکاريو ويو آھي، جو اھي اٽي، لٽي ۽ اجهي جا محتاج ھجن، حالانڪ غريب اھو آھي، جنھن کي انھن ٽن شين جي لوڙ ھجي. ناول نگار جيڪي حالات لکيا آھن، تن مان ائين پيو سمجهجي تہ پيروءَ جو خاندان مڇيءَ مانيءَ وارو ھو.
• ناول تمام عمدي نموني سان سٽيو ويو آھي. منجهس ڪردار ۽ واقعن جي ھڪ ٻئي سان مناسبت ڏيکاري وئي آھي پر ڪاٿي ڪاٿي بي اڻت، بي ربط ۽ اڻٺھندڙ واقعا بہ آندا ويا آھن جيئن:
”واءُ لڳندي واٽ تي ڪتاب جي پنن جو اچي حميد جي ٽنگن ۾ وچڙڻ ۽ انھن ڪاڳرن ۾ وري آکاڻيون ڇاپيل ھئڻ يا حميد جو درويش وٽ وڃڻ ۽ اتي تختيءَ تي ھدايتون لکيل ھئڻ ۽ پکاليءَ جي پاڻمرادين ڳالھين مان حميد جو مطمئن ٿيڻ وغيرہ.“
مٿين جملن جو ناول جي پلاٽ سان ڪو تعلق ئي ڏسڻ ۾ نٿو اچي.
• ناول ۾ زبان تمام سليس، سادي ۽ ٺيٺ ٻھراڙي واري ادا ٿيل آھي. پر ھڪ اڌ جاءِ تي مصنف ٻوليءَ جو انداز واڻڪو پڻ ڪري ويو آھي. جيئن:
”ان سال ويساکيءَ جي ميلي تي ڪن نامور ڀڳتن کي نينڊ ڏئي گهرايو ويو ھو. پر ڪئين ماڻھو تہ ويساکيءَ جي سنان لاءِ آيا ٿي ڏٺا، جو سنان ميلي جي پھرين ڏينھن پرھہ ڦٽيءَ مھل درٻار جي کوھہ تي ڪيو ويندو آھي، ان سنان کي اڃا تائين وڏي اھميت ڏني وڃي ٿي. چون ٿا تہ جن ڇوڪرين کي ور نہ ملڻ ۾ مشڪلات ٿئي ٿي، سي جيڪڏھن ويساکيءَ جو سنان ڪنديون ۽ اھو ۽ اڳيون ڏينھن اپواس رکنديون، تہ سندن راھہ ۾ جيڪي بہ رنڊڪون ھونديون، سي دور ٿي وينديون.“
• ان کان سواءِ لوازمو، مفتون، رابہ راست ۽ بي خار جھڙن عربي ۽ فارسي حدفن کان علاوہ سنسڪرت ٻوليءَ مان اپواس، ڪشٽ، ڀسم، روٽي، وگيان ۽ تياڳ جھڙا الفاظ ڪم آڻي ٻوليءَ کي سادو ۽ سولو بنائڻ بدران منجهيل ڪري ڇڏيو اٿس.
• ناولنگار غريبن جو ڏاڍو ھمدرد ڏسجي ٿو، ان کي واقعي غريبن سان ھمدردي بہ آھي ۽ چوي ٿو تہ، عملي طور تي ڪي اھڙا اثرائتا قدم کنيا وڃن، جن مان غريبن جي حالت سڌاري وڃي پر غربت ختم ڪرڻ لاءِ مصنف ڪوبہ ٺوس حل نہ ٻڌايو آھي. اڃا بہ تصور ملي رھيو آھي تہ، غريب بس سورن لاءِ ئي ڄائو آھي ۽ سورن ۾ زندگي گهارڻ کان سواءِ ڪجهہ نٿو ڪري سگهي.
• ناول ۾ حميد ۽ جنت جي وچ ۾، جيڪي مڪالما ڪرايا ويا آھن، سي پڻ ڪنھن ٻھراڙيءَ جي ڇوڪر ۽ ڇوڪريءَ جا نٿا لڳن، جڏھن تہ ناولنگار کين سادو ۽ سٻاجهڙو ڪري پيش ڪيو آھي. ناول مان اھو سبق ملي رھيو آھي تہ، ھو ٻئي ذھين ۽ چالاڪ آھن. ان کان سواءِ گهانگهرن جي ھڪ ٻھراڙيءَ جي ڇوڪريءَ جو اھڙي طرح سان ھڪ اڻ ڀئين ماڻھوءَ سان عشق ڪرڻ، پاڻ ۾ ڪچھريون ڪرڻ، حميد جو سندس گهر اچڻ، راتيون رھڻ ۽ مٽن مائٽن جي سامھون گڏ کائڻ پيئڻ، ٻھراڙيءَ جي ماحول ۽ سنڌ جي تھذيب جي بلڪل ابتڙ پيو لڳي. سنڌ جي ڪابہ عورت اھڙي بي پرواھيءَ سان والدين جي روبرو پنھنجي پيارل سان قرب ونڊي نٿي سگهي.
• حميد جو پنھنجي ٿڃ پياريندڙ ماءُ کي بيگانو ڪرڻ، کانئس ڳچ زمانو غافل رھڻ ۽ پنھنجي نوڪريءَ ۾ مشغول رھڻ ۽ رڳو پريما جنت جو انتظار ڪاٽڻ، حميد جي خدمتگذاري، فرمانبرداري ۽ ماءُ جي رکوالي واري تصور کي ڇيھو رسائي ٿو، ناولنگار کانئس اھڙي غفلت نہ ڪرائي ھا، تنھنڪري اھڙي تصور بجاءِ مصنف حميد ۽ سندس ماءُ کي ويجهو رکي ھا تہ ڏاڍو ڀلي ٿئي ھا.
• ناول ۾ ڀمڀاڻي صاحب ڪجهہ تاريخي حقيقتون بہ ڏنيون آھن، جيڪا ھڪ سٺي ڳالھہ آھي تہ، جيئن پڙھندڙ تاريخي واقعن ۽ حادثن کان واقف ٿين، جيئن 1929ع واري ٻوڏ جو منظر ھن طرح چٽيو اٿس:
”1929ع وارو سال سنڌ لاءِ ڪافي نقصانڪار ثابت ٿيو، سکر، لاڙڪاڻو ۽ نوابشاھہ ضلعن ۾ تہ ٻوڏون قھر ڪري ڇڏيا. ڇر جي پاڻيءَ ھيٺ سون جي تعداد ۾ ننڍا ڳوٺ ۽ واھڻ ناس ٿي ويا. ڪيتريون پڪيون ۽ ڪچيون جڳھيون پاڻيءَ ھيٺ اچي ويون. جان ۽ مال جو نقصان بہ اڪيچار ٿيو.“
• ناول ۾ ڪردار نگاري، منظر نگاري ۽ اسلوب بيان جي لحاظ کان اعليٰ قسم جو آھي، منجهس پھاڪا ۽ اصطلاح سٺا ڪتب آيل آھن جيئن:
”نہ ٿيو آھيان ڏھڻ جو نہ ڪھڻ جو“، ”غريب جو تہ واءُ بہ ويري“، ”وھلور وڃڻ“ ۽ ”گهڙي گهڙي جا وڍ پوڻ“ ڏيئي تي وٽ چڙھي تہ ڏينھن ٺري، سگهو کائي ان ۽ اگهو کائي ڌن، لڳو وا، ويو ساھہ ساھہ تي ڪھڙو آھي ويساھہ، ميان جي مڏي، ٻہ ڏندڻ ھڪ تڏي، ڪڇڻ ڪم ڪچن جو، اڻڀا سڻڀا نہ ڪري، سونھن وڃايم سور، آنڊي جي ڄر ۽ ڀاڙا ڏيڻ وغيرہ.
ان کان سواءِ مصنف پيروءَ جي جذبي مان ظاھر ڪيو آھي تہ، غريب وڏيءَ دل وارا آھن ۽ حميد جي ماءُ جي خدمت ۾ جان ڏيڻ وارو جذبو پڻ اعليٰ ڪردار آھي.
بھرحال ”غريبن جو ورثو“ ڀمڀاڻي صاحب جو طبع زاد ناول آھي، جيڪو ورھاڱي کان اڳ جي سنڌي ادب، خاص ڪري ساھتي پرڳڻي بابت ھندو اديبن جي لکيل ادبي خدمتن جي ھڪ بھترين سوکڙي آھي. حالانڪ سنڌي لکڻ جو جيڪو ڏانءُ ھندو اديبن کي آھي ۽ منجهن عبارت جي پختگي آھي، سا ٻين ۾ گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
جيئن تہ ھر ناول ۾ ٿوريون ڪي گهڻيون خوبيون، خاميون ضرور ھونديون آھن، پر ان ھوندي بہ ھي ناول فني لحاظ کان پنھنجي عروج تي پھتل آھي ۽ سنڌي ادب ۾ ھڪ وڏو وکر آھي.
پڄاڻي
سنڌي ٻوليءَ جي ھڪ ادنيٰ خادم جي حيثيت سان، مون پنھنجي وت آھر ادب جي باغ مان ڇڳا چونڊي، ميڙا چونڊي ڪري مھاڳ ۾ گهڻو ڪجهہ ادبي مواد مھيا ڪيو آھي. ھيءَ منھنجي ننڍڙي ڪوشش ضرور آھي پر ادبي دنيا سان واسطو رکندڙن لاءِ وڏي وٿ آھي. آس اٿم تہ منھنجو ھيءُ پورھيو صاب پوندو ۽ ادب جي دنيا ۾ لاڀائتو ٿيندو. وڌيڪ پڙھندڙن تي ڇڏيو ويو آھي، تہ آءٌ پنھنجي مقصد ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ويو آھيان، پڙھندڙ پوءِ بہ جيڪڏھن منھنجي ڪم ۾ ڪا اوڻائي پوڻائي پائين تہ منھنجي ناقص علمي سمجهي درگذر ڪن ۽ بنا ڌڙڪ مونکي ان کان آگاھہ ڪن تہ دلي طور شڪريو بجا آڻيندس.
ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو
بازيدپور
ڪنڊيارو- نوشھروفيروز
سنڌ
2006-6-01
مھاڳ جا حوالا ۽ سمجهاڻيون
(1) بلياوي عبدالحفيظ مولانا: مصباح اللغات، قديمي ڪتب خانہ رام باغ ڪراچي، ص- 30,29.
(2) علامہ امداد علي بن امام علي قاضي، صدارتي تقرير دادو، سنڌ.
(3) ميمڻ محمد صديق خانبھادر: سنڌ جي ادبي تاريخ، آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس، تلڪ چاڙھي حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ڏھون، سال 1976ع، ص- 1.
(4) عرساڻي محمد اسماعيل: سنڌي ٻولي ۽ ان جي تعليم، رونق پبليڪيشن اتمچنداڻي گهٽ حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ٻيو، سال 1970ع، ص- 32.
(5) ملڪاڻي منگهارام پروفيسر: سنڌي نثر جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سال 1993ع.
(6) عرساڻي محمد اسماعيل: سنڌي ٻولي ۽ ان جي تعليم، رونق پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ٻيو، سال 1970ع، ص- 32.
(7) ايضا عرساڻي: ص- 32.
(8) ايضا عرساڻي: ص- 12.
(9) ايضا عرساڻي: ص- 12.
(10) ايضا عرساڻي: ص- 33,32 (تلخيص).
(11) بوبڪائي جعفر مخدوم: البيان المبرم في قول السنود ڇڏي او ڇڏيم (قلمي)، ص- 23، موجود قاسميہ لائبريري ڪنڊيارو
(12) بوبڪائي جعفر مخدوم: اِستفتاءُ في ما تعارف قوم القوم الطلاق (قلمي)، ص- 66، موجود قاسميہ لائبريري، ڪنڊيارو
(13) بوبڪائي جعفر مخدوم: الحجة القوية جواب الرسالة الحلفيہ (قلمي)، ص- 3/ب، 5/پ، 6/ب، موجود قاسميہ لائبريري، ڪنڊيارو.
(14) دائود پوٽو عمر بن محمد ڊاڪٽر: (مرتب) ڪلام گرھوڙي، ڇاپو چوٿون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سال 2005ع، ص- 296.
(15) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر: سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، ڇاپو ٽيون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سال 1994ع، ص- 142.
(16) عرساڻي محمد اسماعيل: سنڌي ٻولي ۽ ان جي تعليم، ڇاپو ٻيو، رونق پبليڪيشن، حيدرآباد، سال 1970ع، ص- 15.
(17) عرساڻي محمد اسماعيل: سنڌي ڊراما ۽ ناول، آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس، شاھي بازار حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، سال 1955ع، ص- 29-28.
(18) ايضا عرساڻي، ص- 29.
(19) مقفيٰ: اھو نثر آھي، جنھن ۾ قافيو ھوندو آھي پر وزن نہ ھوندو اٿس جيئن: دوست مھربان، قدردان، بلند مڪان، عالي شان، ميان علي خان.
مسجع: اھو نثر آھي، جنھن ۾ ٻنھي جملن جا الفاظ وزن ۾ برابر ھجن. جيئن: ڪج رفتار، پنھنجي اخبار، گوھر بار، ڪالم نگار.
(20) عرساڻي محمد اسماعيل: سنڌي ٻولي ۽ ان جي تعليم، ڇاپو ٻيو، رونق پبليڪيشن، حيدرآباد سنڌ، سال 1970ع، ص- 39,38 (تلخيص)
(21) ايضا عرساڻي: ص- 48-47.
(22) ملڪاڻي منگهارام پروفيسر: سنڌي نثر جي تاريخ، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، ڇاپو ٽيون، سال 1993ع، ص- 37.
(23) مرزا حبيب ﷲ پروفيسر: ڊراما جي تاريخ ۽ تنقيد، ڇاپو پھريون، نسيم بڪ ڊيپو حيدرآباد، سال 1968ع، ص- 7,6، حوالو ورتل:
Northern Indian Musi, ByE Alain Danielou, 1949, P. 21
(24) (الف) مولائي شيدائي رحميداد خان: جنت السنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ٽيون، سال 1993ع، ص- 4.
(ب) آڏواڻي ڀيرومل مھرچند: قديم سنڌ، ڇاپو ٽيون، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سال 1992ع، ص- 37.
(25) عرساڻي محمد اسماعيل: سنڌي ڊراما ناول، ڇاپو ٻيو، آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس، حيدرآباد، سال 1900ع، ص- 2-1.
(26) نظاماڻي مير محمد: سنڌي ڊراما، ڇاپو ٻيو، آر. ايم فتح اينڊ برادرس حيدرآباد سنڌ، سال 1970ع، ص- 72.
(27) ميمڻ عبدالمجيد ڊاڪٽر: سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس، ڇاپو پھريون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سال 1996ع، ص- 179,178.
(28) ايضا ميمڻ: ص، 182.
(29) پٺاڻ غلام حسين ڊاڪٽر: سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ، ڇاپو پھريون، سنڌالاجي ڄامشورو، سال 1982ع، ص- 145,138 (تلخيص).
(30) ميمڻ عبدالمجيد ڊاڪٽر: سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس، ڇاپو پھريون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سال 1996ع، ص- 138,132 (تلخيص).
(31) پنھور محمد يوسف ڊاڪٽر: سنڌي ناٽڪ جي تاريخ، ڇاپو پھريون، سنڌالاجي ڄامشورو، سال 1992ع، ص- 15.
(32) بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر: سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ثقافتي مرڪز، حيدرآباد، سال 1978ع، ص- 268.
(33) بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر: مناظرا، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سال 1961ع، ص- 19.
(34) ملڪاڻي منگهارام پروفيسر: سنڌي نثر جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سال 1993ع، ص- 110,109.
(35) پنھور محمد يوسف ڊاڪٽر: سنڌي ناٽڪ جي تاريخ، سنڌالاجي ڄامشورو، سال 1992ع، ص- 22,21 (تلخيص).
(36) آڏواڻي ڀيرومل مھرچند: سنڌ جي ھندن جي تاريخ، جلد پھريون، ڇاپو ٻيو، گلشن پبليڪيشن، حيدرآباد، سال 2002ع، ص- 160.
(37) ملڪاڻي منگهارام پروفيسر: سنڌي نثر جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سال 1993ع، ص- 251.
(38) ڀمڀاڻي ميوارام پروفيسر: ادبي گلشن، ڀاڱو ٻيو، ڇاپو ٻيو، ايل دوارکا داس اينڊ برادرس، ڪراچي، سال 1946ع، مھاڳ.
(39) ايضا ڀمڀاڻي: ص، 70,69,68.
(40) ايضا ڀمڀاڻي: ص- 81,73.
(41) ملڪاڻي منگهارام پروفيسر: سنڌي نثر جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سال 1993ع، ص- 270.
(42) ايضا ملڪاڻي: ص- 226.
(43) ايضا ملڪاڻي: ص- 232.
(44) انصاري محمد ابراھيم: مطالعو غريبن جو ورثو، ڇاپو پھريون، عجائب اسٽور فريئر روڊ سکر، سال 1978ع، ص- 56,57.