ڪھاڻيون

پيار ڪھاڻيون

ھي ڪتاب امرتا ڪلاسڪس جي پھرين ڪڙيءَ طور ڇپايو ويو آھي جنھن ۾ محبتن جون ٽي تحريرون، پنهنجي اندر کي ڪوري اوهان جي هٿن تائين پھچي رهيون آهن. لکڻ جو ڪمال، ڪاغذ تي اندر جي ڄَرَ ۽ احساس جي سگهاري ڪيفيت کي اکيين ڏسو، اهو ئي هنن تحريرن جو ڪمال آهي. هنن پيار ڪھاڻين جو ’پيارُ‘ اوهان جي اکين، ذهنن ۽ دلين تي دستڪ ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ڪتاب ۾  موهن ڪلپنا جي ڪھاڻي ”مان اپمان“، طارق اشرف جي ڪھاڻي ”درد جا ڏينھن، درد جون راتيون“ ۽ خيرالنساء جعفريءَ جي ڪھاڻي ”1967ع، 1968ع ۽ 1969ع“ شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 8
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book پيار ڪھاڻيون

سڀ حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

Amarta’s Book No. 42

پيارَ ڪھاڻيون
]امرتا ڪلاسڪس-I [
سھيڙيندڙ: محمود مغل
ڇاپو پھريون: آڪٽوبر 2019ع
لي آئوٽ: فقير محمد ڍول
ٽائيٽل: عرفان علي ميمڻ
ڪمپوزنگ: راز محمد لغاري
ڇپيندڙ: امرتا پبليڪيشنس، امرتا ڇاپ گهر،
1- باسم چيمبرس حيدر چوڪ حيدرآباد
amartachhapghar@gmail.com
ڇپرائيندڙ: ڍول فقير فائونڊيشن- سنڌ
قيمت: 100.00 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع

Piyar’a Kaha’n’yoon
[Amarta Classics-I
A Collection of Sindhi Stories]
Compiled By: Mehmood Mughal
First Edition October 2019
Lay Out by: Faqir Muhammad Dhol
Title: Irfan Ali Memon
Composed by: Raaz Muhammad Laghari
Printed by: Amarta Publications, Amarta Chhap Ghar,
Basim Chambers, Hyder Chowk Hyderabad.
Published by: Dhol Faqir Foundation-Sindh
Price: Rs.100.00

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ڊراما نگار، ڪالم نگار ۽ براڊڪاسٽر محمود مغل جو سھيڙيل پيار ڪھاڻين تي مشتمل ڪتاب ”پيار ڪھاڻيون“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھي ڪتاب امرتا ڪلاسڪس جي پھرين ڪڙيءَ طور ڇپايو ويو آھي جنھن ۾ محبتن جون ٽي تحريرون، پنهنجي اندر کي ڪوري اوهان جي هٿن تائين پھچي رهيون آهن. لکڻ جو ڪمال، ڪاغذ تي اندر جي ڄَرَ ۽ احساس جي سگهاري ڪيفيت کي اکيين ڏسو، اهو ئي هنن تحريرن جو ڪمال آهي. هنن پيار ڪھاڻين جو ’پيارُ‘ اوهان جي اکين، ذهنن ۽ دلين تي دستڪ ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ڪتاب ۾ موهن ڪلپنا جي ڪھاڻي ”مان اپمان“، طارق اشرف جي ڪھاڻي ”درد جا ڏينھن، درد جون راتيون“ ۽ خيرالنساء جعفريءَ جي ڪھاڻي ”1967ع، 1968ع ۽ 1969ع“ شامل آھن.
ھي ڪتاب آڪٽوبر 2019ع ۾ امرتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سائين محمود مغل ۽ امرتا پبليڪيشن جي سرواڻ فقير محمد ڍول جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

اداري پاران

پيارَ ڪھاڻين جو پيارُ

سنڌي علم و ادب شروع کان نروار رهيو آهي. نثر هجي يا نظم، ليکڪن ۽ شاعرن پنھنجي وسان ڪڏهن بہ ڪونھي گهٽايو. هلندڙ دور ۾، ڇپائي سوَلي ٿي وئي آهي، پورهئي جي قوت گهٽجي وئي آهي. ائين ناهي تہ ڪو اڄ ڪلھہ تحرير جي حُسناڪي گهٽجي وئي آهي، پر جيڪڏهن دل تي هٿُ رکي ڏسجي تہ اهڙا ’ڪلاسڪس‘ هاڻي سامھون نٿا اچن، جيڪي ڪنھن دور ۾ لڳاتار هڪ ٻئي جي پويان ايندا هئا.
هڪ دور هيو، جو نالي پٺيان نالو، دل اندر ڌمال پيدا ڪندو هو. موضوع ڪهڙو بہ هجي، ليکڪ جي قلم جي طاقت، پنھنجي اندر ۾ اوتبي محسوس ٿيندي هئي. هاڻي اُهي زمانا شايد ’زمانا‘ ٿي ويا.
’امرتا پبليڪيشنس‘ پنھنجي اداري ’امرتا ڇاپ گهر‘ وسيلي اوهان تائين سُرهاڻ، ساءَ، احساسَ، اُڪيرَ ۽ دل جي حُضور سان ويَل ويلُن ۾ علم و ادب تائين پهتل ڪجهہ ’شھپارن‘ کي هڪ ڀيرو وري اوهان تائين پھچائڻ چاهي ٿي. اِها پڪ اٿئون تہ هلندڙ نسل مان پڙهندڙن جو گهڻو انگُ انھن ’اسمن‘ کان ناواقف هوندو.
ڪلاسڪس جي پھرين ڪڙيءَ ۾ محبتن جون ٽي تحريرون، پنھنجي اندر کي ڪوري اوهان جي هٿن تائين پھچي رهيون آهن. لکڻ جو ڪمال، ڪاغذ تي اندر جي ڄَرَ ۽ احساس جي سگهاري ڪيفيت کي اکيين ڏسو، اهو ئي هنن تحريرن جو ڪمال آهي. هنن پيار ڪھاڻين جو ’پيارُ‘ اوهان جي اکين، ذهنن ۽ دلين تي دستڪ ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
اسان کي اوهان جي راءِ جو اوسيئڙو رهندو.

فقير محمد ڍول
10.10.2019

موهن ڪلپنا

---

تعارف

موهن بُولچند لالا سان ملو، جنھن کي سنڌي ادب پيار مان ’موهن ڪلپنا‘ سڏيو.
22هين نومبر 1930ع تي ڪوٽڙيءَ ۾ ڄاوَل موهن ڪلپنا، سنڌي ڪھاڻيڪاري ۽ ناول نگاريءَ ۾ سگهاري حيثيت رکي ٿو. پنھنجي لکڻين جي شروعات هُن 1948ع ڌاري ’آتم هٿيا‘ نالي ليک لکڻ سان شروع ڪئي هئي. جنھن کان پوءِ هُن ڄڻ تہ ڪڏهن بہ پوئتي مُڙي نہ ڏٺو. تقريبن ٻہ سئو ڪھاڻين، ڪجهہ شاعري ۽ تنقيد نگاريءَ کي سيني ۾ سانڍي، موهن هڪ ڊگهو سفر طئہ ڪيو. ’اڃا رات باقي آ‘، ‘آوارہ‘، ’بک، عشق ۽ ادب‘، ’چانڊوڪي ۽ زهر‘، ’درد جو در ياھہ‘، ’فنڪار ۽ فيلسوف‘، ’فرشتن جي دنيا‘، جھاز جي ڊيڪ تي‘، ’ماءُ‘، ’سورج جي ڳولا‘، ’تون منھنجي سُندرتا جو آرنڀ آهين‘، ’اُها شام‘ سندس ادبي ڳُٽڪن جي سُونھن آهن.
1984ع ۾ ’اُها شام‘ تي ساهتيہ اڪيڊمي ايوارڊ ماڻيندڙ موهن جي شادي ’ڪمل‘ سان ٿي هئي ۽ کين هڪ نياڻي ’گيتا‘ جو اولاد ٿيو. پنھنجي آتم ڪٿا ’بُک، عشق ۽ ادب‘ ۾ سندس حياتيءَ جون وارتائون پڙهڻ لائق آهن.
19 جون 1992ع تي هُن لاڏاڻو ڪيو.
ڪھاڻي ’مانُ اپمانُ‘ موهن ڪلپنا جي تحرير جو ’ڪلاس‘ پيش ڪري ٿي.

مانُ، اَپمانُ

مانُ، اَپمانُ

- موهن ڪلپنا

رات جي خاموشيءَ جڏهن آڌي رات جي سرحد پار ڪئي، تڏهن شيکر پنھنجي نئين گهر جي سجايل ڪمري ۾ پير رکيو. شادي تي آيل دوست نيڪ تمنائن جا هوڪا ڏيئي وڃي چڪا هئا. ڪي مٽ مائٽ پاسي وارين ڪوٺين ۾ هئا، جيڪي گهيرٽ کائيندي پنھنجا پنھنجا شاديءَ جا قصا ٻڌائي رهيا هئا. بئنڊ وارا ويندي ويندي خاموشيءَ جي موسيقيءَ کي صفا بيھوش ڪري ويا هئا.
سڄو ڪمرو جوانيءَ جي رومانوي خوابن جي طرز تي سجايل هو. ريشمي سيج ڪنھن هِل اسٽيشن تان خاص گهرايل گلاب ۽ موتين جي گلن سان سينگاريل هئي ۽ سيج تي خاص هندستاني ڍنگ سان ويٺي هئي ريکا. گوڏن تي هٿ ۽ هٿن تي کاڏي رکي.
ريکا، شيکر کي ڏسي اکيون بند ڪري هڪ ڊگهو ساھہ کنيو ۽ جڏهن شيکر سندس ڀر ۾ اچي ويٺو، تڏهن اکيون چمڪائي هن چيو، ”ڪيئن، ٿي ويئي نہ اسان جي شادي.“
اُداس شيکر جي پيشانيءَ تي فڪر جون هلڪيون ريکائون ظاهر ٿيون. شيکر جي خاموشيءَ تي خفي ٿي ريکا چيو، ”ڇا ٿو ڏسين؟“
شيکر مرڪيو، ريکا هن جي سامھون هئي. هن بہ هڪ ڊگهو ساھہ کنيو. اوچتو هن کي لڳو تہ ڪمري ۾ فقط گلن جي خوشبو نہ هئي. هڪ ٻي بہ سڳنڌ هئي. ڪچي اَنبڙيءَ جي خوشبوءِ جيان بنھہ مخصوص. جسم جي ماس جي خوشبوءِ.... هن اکيون بند ڪري ڇڏيون، ڄڻ اُن خوشبوءِ جي موجودگيءَ کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ٿي ڪيائين.
ريکا پنھنجون ٽنگون سڌيون ڪري، ساڄي پير جي آڱوٺي سان شيکر کي ڪتڪتائي ڪئي. شيکر اچرج ۾ ڀرجي هڪ اَجنبيءَ جيان ريکا ڏانھن نھارڻ لڳو.
سياري جي سرد ۽ ڊگهي رات هئي.
ريکا پلنگ تان اُٿي کڙي ٿي. اڳيان وڌي هن اوڀر واري دريءَ جو پردو هٽايو. پورنماسي جي چنڊ کي ڏسي، ٻانھون مٿي ڪري آرس ڀڳائين. هوا جو هڪ سرد جهوٽو آيو ۽ ريکا جي جسم کي ڇُهي، ان جي مخصوص هڳاءَ کي کڻي ڪمري ۾ ڦهلجي ويو.
’هاءِ‘ چئي، ريکا واپس وري ۽ اچي شيکر جي پاسي ۾ ويٺي. هن جي گلي ۾ ٻانھون وجهي چيائين، ”ڇا ٿيو آهي منھنجي شيکر کي؟“
لڳو، هوا جو اُهو سرد جهوٽو ڪمري ۾ نہ، شيکر جي شرير ۾ گهڙي ويو هو. هن ريکا جي ٻانھن کي دشمن جون تلوارون سمجهي، انھن کي هٽائيندي چيو، ”تنھنجي شرير ۾ موه ڪونھي، پوءِ هيءُ ناٽڪ ڇا جو؟“
هڪ ڏينھن ريکا چيو هو: ”شيکر، آتما جو نہ، شرير جو پوڄاري آهي. هن لاءِ پريم، روپ جو جادو آهي.“
پلڪون بنا ڇنڀڻ جي ريکا حيران رهجي ويئي.
شيکر پلنگ تان اُٿي وڃي دريءَ جي پاسي واري آرام ڪرسيءَ تي ويٺو. هن کيسي مان سگريٽ ڪڍي دکايو ۽ شروعاتي ڊگهن ڪشن سان پاڻ کي ۽ سڄي آرام ڪرسيءَ کي دونھي جي چوکٽ ۾ گهيري ڇڏيائين. دونھي جو اهو گهيرو جڏهن هٽيو، تڏهن هن ڏٺو تہ ريکا سندس سامھون بيٺي هئي.
”ڇا توکي منھنجو صفا خيال ڪونھي؟“ سوال ۾ شڪايت هئي ۽ بيعزتيءَ جي چوٽ جو درد هو.
شيکر نرموه لھجي ۾ چيو، ”صفا خيال ڪونھي، ائين تہ مون چيو ڪونہ!“
”ڳالھہ ڇا ظاهر ڪانھي؟“
”ظاهر ڳالھہ اها آهي تہ اسان ٻنھي هڪ ٻئي سان شادي ڪئي آهي.“
”۽ شاديءَ جي پھرين رات تون پٿر بڻجي ويو آهين.“
”مان آهيان ئي پٿر ريکا. اها تنھنجي غلطي هئي جو تو مون کي روپ جو متوالو ڪوٺيو هو.“
”اڇا، تہ تون هاڻ اُن جو بدلو وٺي رهيو آهين؟“
”چئي نٿو سگهان. سوچيو هوم، هن هٺيليءَ سان شادي ڪنھن بہ حالت ۾ ڪندس، سا ڪئي اٿم. مون کي ٻيو ڪجهہ کپندو ئي نہ هو ۽ ڪجهہ کپي بہ ڪونہ. تون منھنجي زال آهين، ان کان ڪوبہ انڪار ڪري نٿو سگهي. مون لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي.“
پيرن کان سر ڏانھن ويندڙ تلوار جي وار جيان سکر کي اوچو ڪندي، هن سخت ڪٽيندڙ نوع ۾ چيو، ”تنھنجي ڇاتيءَ ۾ منھن لڪائي آرام ڪرڻ جو خيال مون کي بہ ڪونھي، اهو مون کي ڪڏهن بہ ملي سگهي ٿو، ڪٿي بہ ملي سگهي ٿو.“
نھايت پريشانيءَ وچان شيکر پنھنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون.
اِها ئي پريشاني هئي، جيڪا هميشہ ريکا کي شيکر جي نزديڪ ڇڪي ويندي هئي. هڪ پلڪ لاءِ ريکا کي لڳو تہ پاڻ اهڙي ڳالھہ چئي ڄڻ هڪ پاپ ڪيو هئائين، پر ٻيءَ گهڙيءَ، هُوءَ پاپ جي اِن جذبي کي پنھنجي ڪمزوري سمجهي، موٽي وڃي پلنگ تي ويٺي. هن جي اکين جي سامھون نہ معلوم ڪيترن خوابن جا منظر ڦري آيا. اُهي خواب، جي هن شاديءَ کان مھينو کن اڳ، روز، هر رات ڏٺا هئا. انھن خوابن ۾ هر چيز گلن جي ٺهيل هئي. گلن جي اُن ماحول ۾ هن جا سواس سرد ۽ هلڪا بڻجي ٽٽي پوندا هئا. پر هاڻ هن جو هر سواس نھايت ڳورو بڻجي ويو هو. هن جي من جي تار ٽٽي پيئي هئي ۽ اوچتو هن جي آتما ۾ وڄندڙ سنگيت بند ٿي ويو.
مٿي تي هٿ رکي هن تڙپي چيو، ”مان چئي نٿي سگهان تہ تون مون کي چاهين ٿو يا نٿو چاهين، پر مان توکي چاهيان ٿي. تو ۾ روپ جو موه ڪونھي، ٺيڪ آهي. اڄ رات کان، رات جي هن هلندڙ گهڙيءَ کان، مان تنھنجي پريم جي وس ٿي، فيصلو ٿي ڪريان تہ جنھن شرير ۾ تنھنجو موه ڪونھي، مان اِن شرير جي روپ جو ڪوبہ خيال نہ رکندس. جيڪڏهن منھنجو شرير تنھنجي هٿ جي ڇھاءُ جي لائق ڪونھي، تہ مان خود بہ ڪڏهن ان کي تنھنجي هٿ جي ڇھاءُ جي لائق بڻجڻ نہ ڏينديس.“
شيکر ڪوبہ جواب نہ ڏنو.
ريکا پلنگ تان اٿي کڙي ٿي. هن پلنگ تي پکڙيل گل ميڙي، پاسي واري ٽيبل تي رکي ڇڏيا. چيلھہ وٽ ٽائيٽ ٿيل ساڙهيءَ کي ڍلو ڪري، هن وارن مان ڪانٽا ۽ بڪل لاهي ساڳي ٽيبل تي رکيا ۽ پوءِ هڪ دفعو وري بہ شيکر ڏانھن منھن ڪري چيائين، ”تون منھنجو پتي آهين، اها ڳالھہ مان رڙيون ڪري دنيا کي ٻڌائي سگهان ٿي، پر هڪ ڳالھہ ٻڌي ڇڏ شيکر! مان زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ توکي پنھنجي جسم کي هٿ لائڻ نہ ڏينديس.“ ائين چئي هوءَ پلنگ تي ليٽي پيئي ۽ پاسو ورائي ڇڏيائين.
هڪ هڪ ڪري پاسي وارن ڪمرن جون ۽ گهرن جون بتيون وسامي چڪيون هيون. بند اکين جي انڌڪار ۾ شيکر فقط يادن جي ٽانڊاڻ جي پل پل کوِندڙ ۽ ٻجهندڙ روشني ٿي ڏٺي. اوچتو هن جي اکين ۾ هلڪي جلن ٿي.... ڇا لڙڪ؟.... هاءِ، ڪھڙو آهي هيءُ من...
هن اُٿي بتي وسائي ڇڏي ۽ اچي ساڳي آرام ڪرسيءَ تي ليٽي پيو. ٻاهر سخت ٿڌ هئي، پر شيکر کي لڳو، هن جي من ۾ جو ايڏو دُک آهي، اُهو ان ٿڌ کي هن ڪمري ۾ گهڙڻ جو حق ئي نہ ڏيندو. پلنگ ڀرسان لنگهندي، هن هڪ دٻيل سڏڪو ٻڌو هو. هن جي من ۾ آيو، پاڻ ريکا جي ڀر ۾ وڃي ليٽي. آخر تہ هُوءَ سندس پريتما آهي... پتني آهي... نہ، هن شاديءَ کان اڳ منھنجي بيحد بيعزتي ڪئي آهي... بيحد بيعزتي...
۽ ريکا...
هوءَ سوچي رهي هئي: ”ظالم، تو ڪڏهن بہ مون کي ايترو پنھنجو نہ سمجهيو آهي، جو ڪڏهن مون تي حق ڄمائين، مون تي ڪو حڪم هلائين، مون کي پنھنجي پيار جي ٻنڌن ۾ جڪڙين... سڀ دک تو اڪيلي سر ڀوڳيا آهن. تو ڪڏهن بہ منھنجي ڪلھي تي سر رکي انھن کي ظاهر نہ ڪيو آهي.... تنھنجي ان نرموه، تنھنجي ان بيرحميءَ، تنھنجي ان بيپرواهيءَ، تنھنجي ان هٺ، سدائين مون کي جلايو آهي... منھنجي من ۾ آگ لڳائي آهي...“

ريکا ۽ شيکر جي پھرين ملاقات هڪ ٿئيٽر ۾ ٿي هئي. ريکا جڏهن پنھنجي هڪ ساهيڙيءَ سان اڳين سيٽ تي اچي ويٺي هئي، تڏهن شيکر هڪ ٿڌو ساھہ کڻي چيو هو: ”اوه، ڇا تہ اکيون آهن! اکيون آهن يا شيلي جي ڪوتا آهي...!“
رمارڪ ٻڌي ريکا ڇرڪ ڀريو. ڪجهہ چوڻ لاءِ هن پنھنجي ساهيڙيءَ ڏانھن نھاريو. ساهيڙي، اسٽيج تي تقرير ڪندڙ ناٽڪ منڊليءَ جي سيڪريٽري جي ادائن کي ڏسڻ ۾ محو هئي، ريکا مشڪي ڏٺو تہ شيکر ڀر ۾ ويٺل دوست کي چيو، ”ديپڪ، اڄ جيڪڏهن هن ڇوڪريءَ هڪ سيڪنڊ لاءِ بہ پٺيان نھاريو تہ مان هن کي نمستي ڪندس.“
ديپڪ چيو، ”مون کي خبر آهي تہ جيڪڏهن هن توڏانھن مُرڪيو تہ تون هن کي نمستي ڪرڻ کان پيرين پوڻ بہ بھتر سمجهندين، ڇو جو ائين ڪرڻ سان، توکي هن جي جتيءَ جي سخت يا نرم هئڻ جي بہ خبر پئجي ويندي.“ ائين چئي ديپڪ راڪاسن وانگر ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳو.
ديپڪ جي پاسي ۾ ويٺل هڪ بزرگ اعتراض اُٿاريو، ”اوهين ناٽڪ تي آيا آهيو يا بازار ۾؟“
ديپڪ مختصر جواب ڏنو، ”معاف ڪجو، مان اڃا بہ نوجوان آهيان.“
شيکر هلڪو کلندي چيو، ”ڏس ديپڪ، مان تہ هڪ نظر سان هن تي موهت ٿي پيو آهيان. تون جيڪڏهن هن انداز سان ڳالھائيندي تہ پوءِ هُوءَ مون تي نہ، توتي عا....“
ديپڪ هن کي وچ ۾ ڪٽيو، ”نتيجي ۾ منھنجي شريمتي گهر جون چاٻيون منھنجي حوالي ڪري، مون کي چاٻين جي نہ، آهُن جي حوالي ڪري ويندي.“
ريکا اچرج وچان پٺيان نھاريو. پھرين ديپڪ ڏانھن ۽ پوءِ شيکر ڏانھن. شيکر چيو، ”ڏسو، هن طرح پٺيان نہ نھاريو. مون پنھنجي دوست سان وعدو ڪيو آهي تہ اوهين جيڪڏهن پٺيان نھاريندا تہ مان اوهان کي نمستي ڪندس. مان اوهان کي نمستي ڪري سگهان ٿو، پر هي بزرگ جو منھنجي ڀر ۾ ويٺو آهي، ان کي اها غلط فھمي ٿي چڪي آهي تہ اسين ٻئي دوست ٺيڪ ماڻھو نہ آهيون. ٿي سگهي ٿو، هو اعتراض طور اها سيٽ ڇڏي وڃي ۽ ڪنھن والنٽيئر کي وڃي اسان جي دانھن ڏئي. پوءِ اوهان کي نمستي ڪرڻ جي ڏوھہ ۾، ممڪن آهي، اسان کي هن ٿيٽر مان ئي ڪڍيو وڃي.“
ريکا ڪوبہ جواب نہ ڏيئي ڪنڌ ورائي ڇڏيو. ساهيڙيءَ پڇيس، ”ڇا، سڃاڻينس؟“
ريکا ڪن گهڙين جي سوچ بعد مشڪي چيو، ”ڪجهہ ڪجهہ.“
ٻئي طرف شيکر چيو، ”اوھہ، هن جي اکين ۾ نہ فقط شيلي آهي بلڪ برائوننگ، ٽينسن، بائرن، ڪِيٽس.... سڀ آهن!“
ديپڪ طنز ڪئي، ”ڄڻ اکيون ڪونھن، هڪ مڪمل لئبرري آهي.“ ۽ ائين چئي وري کِلڻ لڳو، پر هن دفعي هن يڪدم پاڻ سنڀالي ورتو ۽ ڀر ۾ ويٺل بزرگ ڏانھن منھن ڪري چيائين، ”معاف ڪجو سائين، غلطي ٿي ويئي، ائين تہ ٿي نٿو سگهي تہ اوهين مون کي ڏسي پنھنجو ماضي ياد ڪريو ۽ مان اوهان کي ڏسي پنھنجو مستقبل.“
بزرگ ٺاھہ لاءِ ميدان صاف ڏسي مشڪي انگريزيءَ ۾ چيو، ”اها اسان جي بدقسمتي آهي جو اسان جي ڏينھن ۾ سنڌ ۾ هڪ بہ سٺو ٿئيٽر نہ هو.“

شيکر، ديپڪ کي ٻانھن کان پڪڙي وڃي گيٽ جي سامھون واري فٽ پاٿ تي بيٺو. ماڻھو گيٽ مان ٻاهر نڪري رهيا هئا. هن جي نظر ڪنھن کي ڳولھي رهي هئي. ديپڪ بي فڪر سگريٽ ڇڪيندي تماشو ڏسي رهيو هو.
ريکا جڏهن ساهيڙيءَ سان ٻاهر نڪتي، تڏهن ساهيڙيءَ مشڪي چيس، ”ڏس، سامھون فٽ پاٿ تي بيٺو اٿيئي هُو.“
”ڇا پاڳل آهين؟“ هن بناوٽي غصو ظاهر ڪيو.
”خاص برو ڪونھي. ٻانھن جا ڪف مٿي اٿس، ظاهر آهي تہ ڪلارڪ آهي. ٻانھن ۾ واچ اٿس پر ٽائيم نٿو ڏسي. لڳي ٿو تہ صبر جو مادو جام اٿس ۽ گهر سويل موٽڻ جو عادي ڪونھي. بوٽ ۾ چمڪو ڪونہ اٿس، ان مان ظاهر آهي تہ اڳ ۾ ڪنھن سان پريم ۾ ڪونھي. چپ چاپ بنا چُرپُر ۾ بيٺو آهي، ان مان ظاهر آهي تہ من ۾ هڪ مستقل سوچ اٿس، جيڪڏهن هُو توکي ڏسي مُشڪَي تہ سمجهي وڃ تہ هُو تو تي موهت ٿي چڪو آهي.“
”چُپ بہ ڪندينءَ يا بڪندي ويندينءَ. پريم جي معاملن ۾ پنڊتياڻي آهين، اهو ان مان ظاهر آهي تہ تنھنجو شري چوويھہ ئي ڪلاڪ توتي فدا آهي، پر هيءُ جو سڀ تون چئي ويئينءَ، ڇو؟...“
ساهيڙيءَ چيو،” You see, it is youth, beautiful youth.“
”هٽ.“ ائين چئي هن آهستگيءَ سان پنھنجو پرس پنھنجي ساهيڙيءَ جي ٻانھن تي ٿي هنيو، پر هن جو هٿ مٿي ئي روڪجي ويو. سامھون شيکر ڏانھنس نھاري مُشڪي رهيو هو.
ساهيڙيءَ چيس، ”پاسي ۾ اوول پارڪ آهي، هل تہ اتي هلون. جيڪڏهن هُو پٺيان اچن تہ سمجهہ تہ.... ڊڄ نہ.... تون مون سان گڏ آهين. گهر دير سان پھچڻ لاءِ ناٽڪ وڏي هئڻ جو بھانو مان ئي بڻائيندس.“
ريکا شيکر ڏانھن نھاري مشڪيو ۽ پوءِ ساهيڙيءَ سان اوول پارڪ طرف وڃڻ لڳي.
ديپڪ، شيکر ڏانھن نھاريو. چيائين، ”ڀائي توکي تہ Invitation بہ ملي ويئي. بيعزتي جي ڊپ کان پريشان ٿي، مان هڪ سيڪنڊ بہ هتي ترسي نٿو سگهان ۽ ڏس نہ، مون کي تہ پنھنجي هڪ خوبصورت زال آهي، او باش ماڻھن جيان ڀٽڪڻ، ٿڌا ساھہ کڻڻ، ڇوڪرين جو پيڇو ڪرڻ تہ منھنجو سڀاءُ ڪونھي. تنھنجو سڀاءُ آهي، ان ڪري تون ان سان نباھہ.“ وري کلي چيائين، ”منھنجي دعا هميشہ تنھنجي حفاظت ڪندي، پُٽ.“ ائين چئي بلز جو تازو پرچو شيکر جي ڪلھي تي ٺڪاءُ ڪندي، هو هليو ويو.
شيکر پٺيان رڙ ڪئي، ”تون وڃي ڪلا ڀاڀيءَ جي آنچل ۾ منھن لڪائي آرام ڪر، دغاباز دوستَ! اڄ کان تنھنجي منھنجي دوستي ختم.“
ديپڪ هڪ زوردار ٽھڪ ڏنو، پر هن جو اهو ٽھڪ اڌ ۾ ئي ڪٽجي ويو، جڏهن هن ڏٺو تہ پاسي ۾ هلندڙ ۽ هن کي گُهور گُهور ڪري نھاريندڙ شخص ساڳيو ئي ٿئيٽر وارو بزرگ هو.

سمنڊ ڇوليون ماري رهيو هو. رات جي ڪاراڻ ۾ فقط ڇولين جي اڇاڻ ئي نظر ٿي آئي. بيچ (beach) وارين بلڊنگن جي اڳيان جيڪا هڪ وڏي پٿر جي ديوار هئي، ريکا اُن کي ٽيڪ ڏيئي ويٺي هئي ۽ شيکر هن جي پھلوءَ ۾ ليٽيو پيو هو. بيچ تي ٻيا بہ ڪيترا جوڙا ويٺا هئا، البت پنھنجي پنھنجي دنيا ۾ گم.
شيکر جيئن ريکا جي پھلوءَ ۾ ليٽيو تيئن هن جي نظر پھرين ريکا جي ڪياڙيءَ جي ان حصي تي پيئي جتان زلفن جي هڪ قطار وڪڙ کائي هيٺ سيني ڏانھن هلي ٿي ويئي ۽ پوءِ هن جي نظر زلفن جي ان ڏاڪڻ تان مٿي چڙهي، ٿَمُ کائي، ڪارَي ڪارَي تِرَ تي ڄمي بيٺي ۽ هن نھايت ڌيري ڌيري اُن تي پنھنجي سنيھہ جي مھر هنئي، پر هُو جڏهن وري ريکا جي پھلوءَ ۾ ليٽيو تڏهن هن جي چھري ڏانھن نھاريندي ئي دنگ رهجي ويو. تارن جي جهڪي روشنيءَ ۾، هن ريکا جي اکين ۾ موتين جي لَڙين کي چمڪندو ڏٺو. هُو ٺونٺين ڀر ٿي ويٺو. چيائين، ”هي ڇا ريکا... لڙڪ... تنھنجي اکين ۾؟“
ريکا، شيکر جي منھن کي پنھنجي ٻنھي هٿن ۾ آڻيندي چيو، ”ساگر ۾ ڪيترو پاڻي آهي، ڪير بہ ان تي نٿو سوچي. هڪ انسان جي اکين ۾ پاڻي جون فقط ٻہ بوندون ڏسي، ٻيو انسان ايترو پريشان ڇو ٿو ٿئي؟“ پوءِ شيکر کي پنھنجي گود ۾ ليٽائيندي چيائين، ”من آهي، ڪير بہ ان جو انت ڄاڻي نٿو. بَھڪِي ٿو وڃي سنيھہ جو امرت پائي.“
۽ نہ معلوم ڪيترو وقت هُو ٻئي چپ رهيا.
”هڪ ڳالھہ پڇان؟“
”پڇ.“
”شايد ٺيڪ نہ ٿيندو.“
”ڀلي نہ ٿئي.“
”تون...“
”مان...“
”تون آتما جو پوڄاري آهين يا جسم جو؟“
شيکر وري ٺونٺين ڀر اُٿي ويٺو. چيائين، ”پر مان پوڄاري آهيان، اهو توکي ڪنھن چيو؟“
”چاهي ڪنھن بہ نہ چيو هجي. نہ چوڻ سان تہ سوال رد نٿو ٿئي.“
”تہ ٻڌ.“ شيکر پيشانيءَ ۾ ريکائون ٺاهي چيو، ”مان شاديءَ کان پھرين جسم جو پوڄاري آهيان ۽ شاديءَ کان پوءِ آتما جو.“
”ڇـ..... آ.....“
”ريکا.... مان تنھنجي ’پھلوءَ‘ ۾ ليٽيو پيو آهيان ۽ نہ تنھنجي ’آتما‘ جي. مون تنھنجي منھن کي چميو آهي ۽ نہ تنھنجي آتما کي، پر تنھنجي گود، تنھنجو منھن، تنھنجو شرير ڪنھن جو آهي؟... تنھنجو! پر تون خود ڇا آهين... فقط جسم؟ ان ڏينھن پارڪ ۾ وداعيءَ جي وقت تو چيو هو: I love to be loved اُن ‘I’ جو مطلب ڇا هو؟... ’تون!‘.... تون، جا آهين، جا سوچيندي آهين، مشڪندي، لڙڪ وهائيندي آهين، پر اُها ’تون‘ ڇا آهي جيڪڏهن توکي مشڪڻ لاءِ چَپَ، لڙڪن لاءِ اکيون ۽ سوچڻ لاءِ عقل نہ هجي؟ تنھنجي هستي صرف ڪا ’ياد‘ ڪانھي ۽ نہ فقط تنھنجو جسم ئي تنھنجي ملڪيت يا دولت آهي. تون اُها آهين، جو تنھنجو جسم آهي، تنھنجو من، تنھنجي دل آهي، تنھنجو عقل، تنھنجو مانپڻو. تون اُها بہ آهين، جي تنھنجا جذبات، تنھنجيون يادون، تنھنجون ڪلپنائون ۽ تنھنجا سپنا آهن. ۽ مان اُنھن سڀني کي چاهيان ٿو.“
”پر تون تہ شاديءَ کان اڳ جسم جو پوڄاري آهين.“
”ان ۾ ڪھڙي برائي آهي. گل جو گڻ روپ نہ، پر ان جي سڳنڌ آهي، اهو مڃان ٿو، پر پھرين گل جو روپ ئي آهي جو اسان کي ان جي نزديڪ وٺي ويندو آهي ۽ پوءِ ئي ان جي سڳنڌ اسان کي معطر ڪندي آهي. اهو تنھنجو روپ آهي، جنھن مون کي تنھنجي قريب آندو آهي، باقي تنھنجي آتما جي سڳنڌ، ان جو قدر ڪرڻ لاءِ منھنجي باقي عمر ڪافي آهي.“
هڪ ڊگهو ساھہ کڻي ريکا پنھنجو سر ديوار سان لڳايو ۽ شيکر وري بہ پنھنجو سر ريکا جي گود ۾ رکي ڇڏيو.
”ڪجهہ سال ٿيا، هڪ شخص آيو هو منھنجي جيون ۾...“
شيکر اچرج وچان هن ڏانھن نھاريو.
”ٻيءَ طرح ٺيڪ هو. ٿورو شراب پيئندو هو. هن مون سان شادي ڪرڻ جو واعدو ڪيو. سوچيم، شاديءَ بعد هن کي سڌاريندس. مون بنا هن کي هڪ پل بہ چئن نہ ايندو هو. هو منھنجي اکين تي مست هو. وارن تي بہ... چوڻ نہ گهرجي، پر چوان ٿي، جو ڄاڻان ٿي تہ پريم ۾ سچ چوڻ گهرجي. مون کي ڏاڍو ڀائيندو هو. هر روز گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو منھنجو منھن ضرور چمندو هو. مون کي ڪوبہ اعتراض نہ هو، جو اهو تہ مون کي ڪڏهن بہ خيال نہ آيو تہ هُو مون کي ڇڏي ڏيندو، پر جڏهن شاديءَ جو وقت آيو، وشواس ڪندين شيکر، هن منھنجي مائٽن کي ڇا چيو؟ چيائين: ”مون پنھنجي تعليم تي هزارين رپيا خرچيا آهن. مان پوزيشن وارو ماڻھو آهيان. مون کي شاديءَ بعد سڄي گهر کي ايئرڪنڊيشن ڪرائڻو آهي.“ نڄاڻان ڪيترا پهاڙ ڪريا منھنجي سر تي... هي جو چوندا آهن نہ پريم ۾ ماڻھو قرباني ڪندا آهن. سا ڇا فقط ڪتابن ۾ لکڻ جي ڳالھہ آهي؟ پريم ۾ تہ ماڻھوءَ کي Selfish بڻجڻ نہ گهرجي. هُو منھنجي اکين تي متوالو ٿيو هو. سوچيم انھن اکين کي جيڪڏهن ڪڍي ڇڏيان ته؟ وري سوچيم، هن سماج ۾ مرد اڪثر عورتن تي ظلم ڪري ٿو ۽ اسين عورتون ان جو مقابلو نٿيون ڪريون. نہ معلوم هن دنيا ۾ ڪيترين عورتن مردن جي ان ظلم جو شڪار ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي هوندي. هي سڀ ڇا آهي؟ ظلم بہ عورتن تي ٿئي ۽ عورتون سزا بہ پاڻ کي ئي ڏين! مرد جي ڀيٽ ۾ استريون جلد وشواس ڪنديون آهن ۽ هنن جي پريم ۾ لالچ نہ هوندي آهي، پر اهو ئي ڪارڻ آهي جو پريم ۾ ڀوڳڻو بہ استرين کي ئي پوندو آهي... تنھن ڏينھن فيصلو ڪيو هوم تہ مان زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ ڪنھن سان پريم نہ ڪنديس ۽ جيڪڏهن ڪو مرد منھنجي نزديڪ آيو بہ تہ هن کي خوب حيران ۽ پريشان ڪنديس. ڪنھن هڪ مرد جي بيوفائيءَ جو بدلو، ڪنھن ٻئي مرد کان وٺنديس. ان ڏينھن جڏهن تو منھنجو پيڇو ڪيو هو، تڏهن منھنجي من ۾ اها ئي ڳالھہ هئي.“
شيکر ڇرڪ ڀريو.
”پر پوءِ سوچيم، سڀ مرد تہ برابر نٿا ٿين. هڪ جو بدلو ٻئي کان وٺڻ انصاف تہ نہ ٿيو، پر هڪ ڳالھہ چونديس شيکر. مون کي هي شرير جي پوڄا جون ڳالھيون اصل پسند ڪونھن... تو منھنجي منھن کي چميو، ان ۾ ڪا بُرائي ڪانھي، پر مون کي تہ اهو وڻيو ڪونہ... ياد اچي ويئي هُن ظالم جي. تڏهن ئي اکين ۾ لڙڪ....“
”مان تنھنجي ان ٽُٽل وشواس کي جوڙيندس، ريکا. تنھنجو وشواس نہ، پنھنجي قسمت جوڙيندس، پنھنجو آئيندو...“

ڪلا چانھہ جو پيالو شيکر جي اڳيان رکيو تہ هن چيو،
”ڪلا ڀاڀي، منھنجو جنم مرڻ جي ڦيري ۾ بنھہ وشواس ڪونھي. منھنجو عقل اصل ان کي قبول نہ ڪندو آهي، پر جڏهن تون چانھہ جو پيالو کڻي منھنجي اڳيان اچي بيھندي آهين، تڏهن مان قبول ڪرڻ لڳندو آهيان تہ پُنر جنم آهي، ضرور آهي.“
ديپڪ ڏاڙهي لاهي رهيو هو. هن رڙ ڪري چيو، ”اڙي، ري ري.... زال منھنجي ۽ جنم جنم جو ناتو توسان!... ڪلا کي هڪ دفعي ڪنھن پامسٽ Palmist چيو هو تہ تنھنجي قسمت ۾ ٻن مردن جو پيار لکيل آهي. مان نہ معلوم ڪيترا مھينا کيسي ۾ چاقو کڻي گهمندو رهيس، پر نہ ڪڏهن ڪٿي ڪلا جو پريمي مليو ۽ نہ اُهو حرامزادو پامسٽ.“ سيفٽيءَ وارو هٿ سڌو ڪري چيائين، ”ڏس شيکر.... اهو سڀ هن گهر ۾ نہ هلندو. تون سڀاڻ کان هن گهر ۾ اچڻ بند ڪري ڇڏ.“
”چڱو، ڪلا ڀاڀي.“ شيکر چيو، ”سڀاڻ کان مان تنھنجي گهر نہ ايندس، تون منھنجي گهر اچج.“
”دئٽ از رائيٽ، دئٽ از رائيٽ.“ ائين چئي ديپڪ وري آرسيءَ ۾ نھاري ڏاڙهي لاهڻ ۾ جُنبي ويو ۽ انگريزيءَ ۾ زور زور سان ڳائڻ لڳو، ”راڪ، راڪ، راڪ، راڪ، راڪ راڪ.“ ڳائيندي ٻہ بئٺڪون بہ ڪڍيائين.
ڪلا چيو، ”هنن کي ڀاءُ ڪونھي، اها ڳالھہ غلط آهي، مون کي بہ لڳندو آهي تہ تون منھنجو جنم جنم جو ڏير آهين.“
ديپڪ اتان رڙ ڪئي، ”تمام ٿورن ڏينھن ۾ توکي جنم جنم جي هڪ ڏيرياڻي بہ ملڻ واري آهي.“
”اڇا ڏيکاري تہ نٿو،“ ڪلا شڪايت ڪئي.
”ڏيکاريندو ڪيئن، هن تي هلندِي بہ هجيس. صاحب هڪ دفعو صاحبزاديءَ کي ڏٺو ۽ عاشق ٿي پيو. پارڪ ۾ پٺيان پيس. صاحبزادي ساهيڙيءَ کي چيو: ”ٻہ منٽ ترس تہ هن سان ڳالھائي وٺان.“ ساهيڙي نڪ صاف ڪندي پارڪ جي ٻاهر واري فٽ پاٿ تي اڪيلي وڃي ويٺي ۽ سڙڪ جي روشنيءَ ۾ اسٽئنلي گارڊنر جو ناول پڙهڻ لڳي.
شيکر صاحبزاديءَ جي اڳيان وڃي چيو: ”نمستي.“
صاحبزاديءَ چيو: ”هن طرح سان پيڇو ڪرڻ مان ڇا اهو ظاهر ڪونھي تہ اوهين سٺا ماڻھو نہ آهيو؟“
صاحب جواب ڏنو: ”پيڇي ڪرڻ مان برابر اهو ظاهر آهي، پر پيڇي بعد جيڪڏهن هڪ ئي ملاقات جو شرف حاصل ٿيندو تہ ممڪن آهي ڪا ٻي ڳالھہ بہ ظاهر ٿي وڃي.“
صاحبزاديءَ کي جواب وڻي ويو. چيائين، ”پر ملاقات ڇا هن نموني سان ٿيندي آهي؟“
صاحب جواب ڏنو، ”ائين ئي تہ ٿيندي آهي. پارڪ آهي، اڪيلائي آهي، تنھنجي اکين ۾ سپنا آهن، منھنجي اکين ۾ حقيقتون آهن.“
صاحب ويو اردوءَ جا شعر چوندو، ”تنھنجي ڳل تي تر ڪونھي، منھنجي دل جليل آهي، تون ڪانہ ٿي هلين زمين ٿي هلي، آسمان ٿو هلي.“ صاحبزاديءَ هڪ چرچو بہ ڪري ورتس: ”اوهين ڇا ڪنھن ڊرئمٽڪ سوسائٽي جا ائڪٽر آهيو؟“ صاحب جواب ڏنو، ”تون مون کي پنھنجي دل ۾ جڳھہ ڏي، پوءِ تنھنجي دل جي اسٽيج تي گهڻيئي پارٽ ڪرڻ شروع ڪندس.“ ان طرح بہ چار ملاقاتون پارڪ ۾ ٿين. ٻہ چار دفعا سئنيما تي ويا، هڪ دفعو گڏ ميوزيم ۾ ويا، جھانگير آرٽ گئلري ۾ ويا، وڪٽوريا گارڊن ۾ ويا، پليس آف بيوٽي ۽ ونڊرس ڏسي آيا. هڪ دفعو سُندر ٻائي هالَ ۾ سياسي تقريرون ٻڌي آيا، ٻئي دفعي برلا متشري مان ٿي آيا. ڀروسي جوڳن مرڪزن مان تازو اهو بہ پتو پيو آهي تہ صاحب ۽ صاحبزادي هڪ دفعو سمنڊ جي ڪناري بہ ويا، جتي ٻہ چار ڪلاڪ روئي سمنڊ جو پاڻي وڌائي آيا، هينئر ڏينھن ٻن ۾ آفيشل ڳالھيون هلڻيون آهن. اها آهي صاحب جي لو- هسٽري Love- history.“
ڪلا ۽ شيکر کِلي کِلي ٿڪجي پيا. شيکر چيو، ”آڻيندس. شاديءَ کان اڳ ۾ هن کي هڪ دفعو هتي ضرور آڻيندس.“


”سڀ مرد اهڙا آهن... مطلبي- ڍونگي،“ ريکا ڄڻ چِلائي چيو.
”پر ٿيو ڇا؟“ سکيءَ راڌا پڇيس.
”هون... منھنجو من وشواس ڪري ويو. پر هن بہ وشواس ٽوڙي ڇڏيو. دادا ويو هو هن جي چاچي سان ملڻ. سڀ ڳالھيون طئہ ٿيون. پڇاڙيءَ ۾ دادا پڇيس، ڀلا ڪجهہ ڏي وٽ. چيائين، پنھنجي نياڻيءَ کي جيترو ڏيندا، اوترو هُوءَ خوش رهندي. دادا چيس: پر شيکر تہ ان جي برخلاف آهي. جواب مليو، هر نوجوان فئشن جي خيال کان ائين چوندو آهي. دادا کي وڌيڪ چيائين: ڏيتي ليتي مون بہ ورتي هئي ۽ منھنجي پيءُ بہ. ڪير آهي جو نٿو وٺي... ڏسو زماني ديدہ ماڻھوءَ کي کپي نہ حقيقتن کي سمجهي.“
”اِن کي اٽڪل ڇھہ مھينا ٿيا، جڏهن شيکر پھرين دفعو مون کي ڪس Kiss... تنھن بعد مون ان خلاف ناپسند جو اظهار ڪيو. ٻہ ٽي مھينا هو نھايت ٺيڪ نموني سان ملندو هو، پر پوءِ وري هن منھنجي اکين کي، ڪنن کي، چپن کي ٻانھن کي، آڱرين کي... ڏس اهو سڀ چوڻ نہ گهرجي. پر هُو چوندو هو تون جڏهن آهين ئي منھنجي، پوءِ هيءَ ناپسندي ڇو.“
”هاڻ ڇا ارادو اٿيئي؟“
”مان هن جو منھن بہ ڏسڻ نٿي چاهيان.“
”چڱيءَ طرح سوچيو اٿيئي؟“
”ها.“
”ان واقعي بعد اوهين گڏيا آهيون؟“
”هڪ دفعو هن منھنجي آفيس ۾ فون ڪئي هئي ۽ چيو هئائين تہ ان ۾ سندس ڪو ڏوھہ ڪونھي. اها هن جي چاچَي جي غلطي هئي.“
”ائين ٿي بہ سگهي ٿو.“
”منھنجو من نٿو مڃي.“
”ان بعد هو ڇا توسان نہ گڏيو آهي؟“
”هڪ دفعو خط لکيو هئائين، چوي ٿو، هن پنھنجون نشانيون وڃائي ڇڏيون آهن.“
”اهو سچ ٿي سگهي ٿو.“
”نہ راڌا.... مون کي خبر آهي، هو آهي ئي روپ جو پوڄاري. هن جو پريم، پريم ڪونھي، روپ جو جادو آهي. اها منھنجي غلطي هئي جو مان پنھنجي پھرين آزمودي مان نہ سکيس. مون کي سِکڻ کپندو هو. منھنجو هڪ ڪم ڪندينءَ راڌا؟ هڪ دفعو شيکر سان مل، کيس چئه تہ سڀ ڪجهہ وساري ڇڏي ۽....“
”۽ ڇا؟“
”۽ هڪ ڪوڙ ڳالھائج.“
”ڪوڙ... ڪھڙو ڪوڙ؟“
”کيس چئج تہ ريکا جو پھريون پريمي واپس موٽي آيو آهي ۽ چئجانس تہ اهو توکان گهڻو بھتر آهي.“
”ان ڪوڙ ڳالھائڻ مان فائدو؟“
”ممڪن آهي پوءِ هُو مون کي آسانيءَ سان ڇڏي سگهي. مرد ٻيو سڀ ڪجهہ برداشت ڪري سگهندو آهي، پر هُو اهڙي ڳالھہ ڪڏهن بہ سھي نہ سگهندو آهي. ممڪن آهي تہ هن جو سڄو پريم نفرت ۾ بدلجي وڃي ۽ مان ائين ئي ٿي چاهيان.“

شيکر چيو، ”راڌا ڀيڻ نہ معلوم ڪيترو وڃايو آهي مون. روشني آهي نہ، ان ڪري اکيون بلڪل چُپ آهن، پر هڪ ڳالھہ چوندس. ضرور چوندس. ريکا پنھنجي زندگيءَ ۾ ٻن پرشن کي پيار ڪيو آهي. ٻئي کي نہ ملي تہ ڇا ٿيو؟ منھنجو درد ممڪن آهي مون کي نھوڙي ڇڏي، پر منھنجو من اهو بہ ٺيڪ ٿو سمجهي تہ ريکا آخر ان کي پاتو، جنھن کي هن ڪڏهن چاهيو هو. هُوءَ منھنجي خانگي ملڪيت تہ هئي ڪانہ... سوچيان ٿو، جيڪڏهن مون کي پنھنجي پريم جي هن نتيجي جي اڳواٽ خبر پوي ها تہ مان ريکا جي جسم کي هٿ بہ نہ لڳايان ها. نہ ان ڪري تہ هڪ مرد جي هٿ جي ڇھاو سان عورت جو جسم ناپاڪ ٿو بڻجي. نہ، البت هٿ جو اهو ڇھاو، استريءَ لاءِ هڪ مصيبت ڀري ياد بڻجي وڃي ٿو... مصيبت ڀري ان ڪري جو وڇوڙو مليو، جيتوڻيڪ وڇوڙي کان اڳ، وصل جي گهڙين ۾ اهو سڀ فطري هو ۽ فطري هو ان ڪري سندر هو. وڇوڙي سبب اهو اَسندر پوءِ بہ نٿو بڻجي، جيڪڏهن ڪو وڇوڙي کي بہ سهج سڀاويڪ قبول ڪري.“

ڪمري ۾ خاموشي ڇانيل هئي.
شيکر جي اڳيان چانھہ رکي هئي. هُو سگريٽ ڇڪي رهيو هو. ڪلا مشين تي ڪجهہ سبي رهي هئي. ديپڪ چُپ چاپ پلنگ تي ليٽيو پيو هو ۽ خيالي نگاهن سان ديوار تي ٽنگيل تاج محل جي تصوير ڏانھن نھاري رهيو هو. شيکر چانھہ جو هڪ ڍڪ ڀريندي چيو، ”ڪلا ڀاڀي، تنھنجي ساهيڙي شايد منھنجي وڃڻ کان اڳ نہ ايندي.“
هن ڳالھہ کي ڪجهہ ان ڍنگ سان پيش ڪيو، ڄڻڪ ڪلا جي ساهيڙيءَ سان هن جو ڪوبہ واسطو نہ هو. پھرين پھرين هُو ئي هُن کي هِن گهر ۾ وٺي آيو هو. تنھن بعد ڪلا جي اها ساهيڙي هن جي زندگيءَ مان هلي ويئي هئي، پر ڪلا سان هن جو پڪو سنٻنڌ جڙي چڪو هو. ڪيترائي دفعا هُو پاڻ ۾ مليون هيون، پر جنھن شخص جي معرفت هو مليون هيون، ان شخص جو هنن ٻنھي جي وچ ۾ ڪڏهن بہ ذڪر نہ نڪتو هو.
شيکر کي جڏهن خبر پيئي تہ ان شام جو ريکا اتي اچڻي آهي، تڏهن هُو بنا ترسڻ جي واپس موٽڻ لاءِ تيار ٿي ويو تہ ممڪن آهي تہ ريکا تي اهو اثر پوي تہ ڪلا ڀاڀي ڪنھن طرح ٻنھي کي ملائڻ چاهي ٿي. ممڪن آهي تہ پوءِ هُوءَ ڪلا کان بہ دُور ٿي وڃي. ريکا پنھنجي دنيا ۾ خوش آهي. مان هن تي پنھنجي ڇايا بہ وجهڻ نٿو چاهيان.
ڪلا هن کي چيو، ”شيکر، مان برابر توکي روڪي نٿي سگهان، پر هن طرح سان تون واپس موٽي وڃين، اهو مون کي ٺيڪ نٿو لڳي. گهٽ ۾ گهٽ چانھہ تہ پي وڃ.“
۽ جڏهن چانھہ پي شيکر پيالو ٽيبل تي رکيو تہ چيائين، ”اچ، اچ.“
ديپڪ بہ پلنگ تان اُٿي پاسي واريءَ ڪرسيءَ تي اچي ويٺو.
ريکا ڪمري ۾ شيکر کي ڏسي هڪ پلڪ لاءِ سهمجي ويئي. ٻيءَ گهڙي هلڪي هلڪي خوشي بہ ٿيس. هن کي ڪيترن ڏينھن بعد ڏٺو هئائين، پر شيکر بڻجي ڇا ويو آهي! ايترو اُداس.... ايترو پريشان... پر اهو ئي ٺيڪ آهي... ظالم مرد ڪافي ڀوڳيو ٿو ڏسجي.
هُوءَ اڃا پلنگ تي ويٺي تہ شيکر اٿي چيو، ”هاڻ تہ اجازت ملندي، ڀاڀي؟“
”۽ ٻيو ڪوپ!...“ ڪلا چيو، ”۽ ٻيو ڪوپ جو تون هميشہ پيئندو آهين!“
”نہ ڀاڀي، گهڻن ڏينھن کان هاڻ بس هڪ ڪوپ ئي پيئندو آهيان.“
هڪ پلڪ لاءِ ريکا ۽ شيکر جون اکيون مليون. ان هڪ پلڪ ۾ شيکر جي اکين ڄڻ ائين چيو، ”جنھن جي نالي ۾ ٻيو ڪوپ چانھہ جو پيئندو هوس، هاڻ اُها ئي جا نہ رهي آهي.“ ان هڪ پلڪ ۾ ريکا جي اکين بہ ڄڻ ائين چيو، ”جنھن جي نالي سان تون ٻيو ڪوپ چانھہ جو پيئندو آهين، اُها خود تنھنجو ٻيو ڪوپ پيئندي، شيکر.“
اُهو هڪ پلڪ جو جادو هو.
شيکر هليو ويو. ريکا جو شيکر سان ڪو بہ سنٻنڌ نہ رهيو هو، پوءِ بہ ريکا کي لڳو، ڄڻ ڪجهہ هو، جو هن جي من کان، آتما کان ڪٽجي دور ٿي ويو هو. هن کي لڳو، ڄڻ شيکر هن طرح سان اتان وڃي سندس سڄي هستيءَ کي نظر انداز ڪري ويو هو.
۽ هن دٻيل سُر ۾ ڄڻ شڪايت ڪئي، ”ڪلا، مون کي لڳي ٿو تہ هن شخص کي هتان وڃڻ تي اصل دل ڪانہ هئي.“
جواب ڪلا نہ ڏيئي، ديپڪ ڏنو ۽ سوال جي روپ ۾ ڏنو، ”ڇو؟“
”مان جو هتي آئي آهيان.“
”جيڪڏهن غلط نہ سمجهين تہ هڪ ڳالھہ چوان؟“
”چئو.“
”هو ويو ئي ان ڪري آهي، ڇاڪاڻ جو تون هتي آئي آهين.“
”ڇا اوهان کي منھنجي هتي اچڻ تي اعتراض آهي؟“
”نہ.“ ديپڪ چيو، ”مون کي اعتراض شيکر جي هتان وڃڻ تي آهي.“
”ڇا هن جو هليو وڃڻ وڏي ڳالھہ آهي؟“
”وڏي نہ، تمام وڏي ڳالھہ آهي.“
”معاف ڪندا، جيڪڏهن هڪ ڳالھہ چوان؟“
”جيڪڏهن اُها منھنجي دوست جي خلاف هوندي تہ مان توکي تہ ڇا، پر ڪنھن کي بہ معاف ڪري نہ سگهندس.“
”ڇا آهي هن ۾...“
”ڏس، تون هن گهر ۾ مھمان آهين، ان ڪري توکي ڪجهہ بہ چوڻ جو حق اسان کي ڪونھي، پر هڪ ڳالھہ جو خيال رک تہ هي گهر پھرين شيکرجو آهي ۽ پوءِ ئي منھنجو ۽ ڪلا جو آهي. هن گهر ۾ منھنجي خلاف ڳالھائڻ جي آزادي ملي سگهندي، منھنجي زال خلاف بہ ڳالھائڻ جي آزادي ملي سگهندي، پر منھنجي دوست جي خلاف ڳالھائڻ جي آزادي ڪنھن کي بہ نہ ملندي. توهان جي سڀيتا ۽ توهان جي تعليم توهان کي انسان کي انسان جي ڀڳتي ڪرڻ سيکاري آهي يا نفرت. ڪنھن وقت تو هُن سان پيار ڪيو هو، ڪنھن کي عزت ڏيڻ لاءِ ڇا ايترو ڪافي ڪونھي.“
ريکا ڪوبہ جواب نہ ڏنو.
ديپڪ اُٿي کڙو ٿيو. ڪلا ڏانھن منھن ڪري چيائين ”مان وڃان ٿو.“ ۽ هُو چمپل پائي سينڌ ڪڍي هليو ويو.
”ڪيڏانھن ويو؟“ ريکا پڇيو.
”ويو هوندو شيکر جي پٺيان.“
”ڇا هُو شيکر کي ايترو ڀائيندو آهي؟“
ڪلا اچي ريکا جي ڀر ۾ ويٺي. چيائين، ”جڏهن شيکر بيروزگار هوندو هو، تڏهن اڪثر هتي اچي وهندو هو. هڪ دفعي هن کي چيم، ”اوهان جو دوست تہ بلڪل نڪمو ماڻھو آهي.“ ٻڌي ايترو تہ بگڙجي ويو جو مان وائڙي ٿي ويس. ٻئي گَھِرا دوست آهن. هڪ ٻئي کي هر ڪا ڳالھہ ٻڌائيندا آهن. او ويندي من جون اڌوريون اڻچِٽيون سوچيل ڳالھيون بہ ٻڌائيندا آهن.“
”تہ پوءِ هڪ ڳالھہ پڇان؟“
”پڇ.“
”ڇا، شيکر پئسي جو پوڄاري ڪونھي؟“
”هي ٻئي شخص نرالا آهن. پروفيسر ڪونھن، فيلسوف ڪونھن، ڪلاڪار ڪونھن، انجنيئر يا ڊاڪٽر ڪونھن، پر پوءِ بہ وڏا ماڻھو آهن. ڇو جو هُو پنھنجي غرض لاءِ مطلبي نہ بڻجندا آهن.“
”پر هن جي چاچَي جو چيو هو.“
”توکي شادي هُن سان ڪرڻي هئي يا هُن جي چاچَي سان؟“
”ڪلا!“
”تو منھنجي ڏير کي هن طرح رُلائي ڪيڏو وڏو ڏوھہ ڪيو آهي، توکي ان جي خبر آهي؟“
”ڪلا!“
”شڪايت نٿو ڪري، برابر. پر ڪڏهن ڪنھن هن کان پڇيو بہ آهي تہ هن کي ماني ڇو نہ وڻندي آهي.“
”ڇا اهو سچ آهي؟“
”هُو ماني کائيندو آهي، ڇاڪاڻ جو جيئڻ لاءِ ماني کائڻ ضروري آهي. پر جيئڻ لاءِ ٻيو ڇا ضروري آهي اهو هن کان پڇڻ وارو ڪو ڪونھي.“
”تڏهن مون کان وڏو پاپ ٿي ويو آهي؟“
”ها ريکا، پر هاڻ ڇا ٿيندو.“
”نہ ڪلا، اهو ڪوڙ هو.“
”ڇا ڪوڙ هو.“
”اهو تہ ڪو شخص منھنجي زندگيءَ ۾ واپس موٽي آيو آهي.“
”اهو ڪوڙ هو؟“
”ها.“
”سچ؟“
”ها سچ.“
”پر تو اهو ڪوڙ ڳالھايو ڇو؟“
”مون چاهيو ٿي تہ شيکر مون کي وساري ڇڏي.“
”ريکا، تڏهن مون توکي غلط سمجهيو هو.“
ريکا پنھنجا ٻئي هٿ وڌائي ڪلا جي منھن تائين آندا ۽ چيائين، ”تون منھنجي منھن ۾ ڏس، منھنجي اکين ۾ ڏس. ڏس، ڪيترو درد آهي، ڪيتري پيڙا آهي. وڇوڙي جي هر رات، ڪلا، مون لُڇندي ڦٿڪندي گذاري آهي.“

سگريٽن جو سڄو پاڪيٽ ختم ٿي چڪو هو. شيکر واچ ۾ وقت ڏٺو. رات جا ٽي ٿيا هئا. شاديءَ جي پھرين رات مُني گذري چڪي هئي. ڪمري جي اندر، ڪمري جي ٻاهر خاموشي هئي. ڪمري جي ٻاهر چانڊوڪي هئي، پر ڪمري ۾ اونداهي هئي، جھڙيءَ طرح شيکر جي ذهن ۾ اونداهي هئي.
ان ڏينھن ريکا شيکر کي فون ڪيو هو، ”منھنجي غلط فھمي دور ٿي ويئي آهي. ديپڪ، دادا سان ڳالھائي طئہ ڪري ويو آهي. جيڪڏهن پنھنجي لائق سمجهين تہ....“
شيکر آرام ڪرسيءَ تان اٿي ڪمري جي بتي باري. ڪنڊ مان پاڻيءَ جو گلاس کڻي هٿ منھن ڌوتائين ۽ پوءِ اچي پلنگ وٽ بيٺو. ريکا ڏانھن نھاريندي سوچيائين، ’مان- اَپمان (عزت، بي عزتي) جي جهڳڙي ۾ ڇا ھھڙا خوبصورت جسم ناس ٿي ويندا؟ نہ... نہ....‘
بي عزتيءَ جي جوش وچان ريکا چيو هو: مان زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ توکي پنھنجي جسم کي هٿ لڳائڻ نہ ڏينديس. شيکر کي ائين لڳو تہ هن پنھنجي زال جي وڏي بي عزتي ڪئي هئي. ريکا جيڪڏهن هن کي روپ جو پوڄاري سمجهو هو تہ اهو سچ هو، اُهو سچ هو. اهو انھن حالتن جو سچ هو، جن حالتن مان ريکا گذري هئي.
پريم وس ٿي شيکر ٽيبل تي رکيل گلن مان هڪ ٻُڪ ڀريو ۽ اڳيان وڌي هن اُهي ريکا جي پيرن وٽ رکيا. بتي ٻرڻ سان ريکا پنھنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون. پيرن ۾ ڪومل گلن جو ڇھاءُ پائي هن اکيون کوليون. هن پھريون دفعو شيکر جي اکين ۾ لڙڪ ڏٺا. هُو ٽپ ڏيئي اٿي ۽ شيکر جي ٻانھن ۾ هٿ وجهي چيائين، ”هٺيلا، ڇا سڀ دُکَ تون اڪيلو سھندين؟ مون کي پنھنجو هڪ بہ دُکُ نہ ڏيندين؟“
شيکر، ريکا جي ڪلھي تي هٿ رکي چيو، ”عزت بي عزتيءَ جي سوال تي جهڳڙو... مان صفا ٽُٽي ويو آهيان ريکا، مون کي معاف ڪر. هن طرح منھنجي شڪايت ڪري مون کي پاپ جو حصيدار نہ بڻاءِ.“
۽ ريکا ساڙهيءَ جي پلاند سان پھرين شيکر جا ۽ پوءِ پنھنجا لڙڪ اُگهي ڇڏيا.

طارق اشرف

---

تعارف

سيد طارق اشرف المعروف ’طارق اشرف‘ سنڌي علم و ادب ۾ ڪھاڻيڪار، مترجم، نقاد، محقق ۽ مبصر هئڻ کان سواءِ هڪ اهم ’ايڊيٽر‘ جي حيثيت ماڻي ٿو.
حيدرآباد ۾ 1940ع ڌاري ڄاوَل طارق اشرف، سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1969ع ۾ ايم اي ڪئي. جڏهن تہ لکڻ جي شروعات هُو 1959ع کان ڪري چڪو هو. جڏهن حيدرآباد سنڌ جي ’عبرت‘ اخبار جي ماهانہ ايڊيشن ۾ سندس پھرين ڪھاڻي ’دري‘ شايع ٿي هئي. ساڳئي سال هُن مشھور ڪھاڻيڪار غلام نبي مغل سان گڏجي، ’ادارہ ادبِ نَو‘ جي نالي هيٺ هڪڙو ادبي ادارو قائم ڪيو، جنھن سنڌيءَ ۾ چوڏنھن کن بھترين ڪتابَ ڏنا.
1960ع ۾ سندس ٻي ڪھاڻي ٽماهي ’مھراڻ‘ ۾ ڇپي. جنھن کان پوءِ سندس ڇپجڻ جو سلسلو لاڳيتو شروع ٿي ويو. 1964ع ۾ سندس ڪھاڻين جو مجموعو ’سونھن، پٿر ۽ پيار‘، ’جيل ۾ ٻاويھہ مھينا‘، ’ميرُو ڌاڙيل‘ شايع ٿيو. سندس ڪيتريون ئي ڪھاڻيون اردوءَ ۾ ترجمو ٿيون ۽ تنھن کان سواءِ لاڳيتو ورجاءَ سان مختلف رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپجنديون رهيون. جنوري 1966ع کان هُن جڳ مشھور رسالو ’سھڻي‘ ڪڍيو ۽ هڪ اهم ايڊيٽر جي حيثيت ماڻي.
ڪھاڻي ’درد جا ڏينھن، درد جون راتيون‘ پيارَ ڪھاڻين ۾ اکين ۾ سوزش ۽ دل کي هورا کورا ارپي ٿي.

درد جا ڏينھن، درد جون راتيون

درد جا ڏينھن، درد جون راتيون

- طارق اشرف

رات فيروز جيڪا پيشڪش ڪئي، انھيءَ منھنجي سوچ جو انداز ئي بدلي ڇڏيو. جيڪي ڳالھيون هاڻ مون سوچيون پئي، اُهي هن کان اڳ شايد ڪڏهن بہ نہ سوچيون هوندم. جيڪڏهن سوچيون بہ هونديون، تہ گهٽ ۾ گهٽ انھيءَ انداز سان نہ سوچيون هئم، اهڙي پَڪَ اٿم.
مان ڪو فيصلو نہ پئي ڪري سگهيس تہ مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي. فيروز جي آڇ قبول ڪريان يا انڪار. جيڪڏهن سندس آڇ قبول ڪري وٺان، تہ جا جوابداري مون تي عائد ٿيندي، ڇا مان انھيءَ سان نباهي سگهندس. ڇو تہ مون کي پاڻ تي اعتبار نہ رهيو آهي. بلڪ ائين چوان تہ مون ۾ هاڻ ڪنھن بہ ڪم ڪرڻ جو حوصلو باقي نہ رهيو آهي، تہ هاڻ جيڪو ڪم ڪندس، انھيءَ ۾ ڪامياب ٿيندس يا نہ. پر جيڪڏهن فيروز جي آڇ نٿو قبوليان تہ پوءِ ڇا ڪريان؟ زندگي ڪيئن گذاريان. زندگي گذارڻ لاءِ کاڌي، ڪپڙي جي ضرورت آهي. زندگيءَ لاءِ رکُ رکاءُ بہ رکڻو پوي ٿو. ٻين سان گڏ نہ چاهيندي بہ اُٿڻو ويھڻو پوي ٿو. جيڏي وسيع دنيا آهي، ايتريون وسيع گهرجون. انھيءَ کان سواءِ اڪيلو بہ تہ نہ آهيان. ماءُ بہ تہ آهي. انھيءَ جو واحد سھارو بہ مان آهيان. هن پنھنجي جواني مون کي قابل بنائڻ ۾ ڳاري ڇڏي، هاڻ هن جا بہ ڪجهہ حق مون تي آهن. هن جون آرزوئون، اُميدون پوريون نہ ڪري سگهيس، گهٽ ۾ گهٽ پيٽ ڀرڻ لاءِ ماني ۽ جسم ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو تہ هن کي بہ گهرجي. جيڪڏهن هُوءَ نہ گهري، تہ بہ اخلاقي طرح سندس اهي گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ مان ٻڌل آهيان.
شايد اهو فرض پورو ڪرڻ لاءِ ئي مان اڃا جيئرو آهيان. ڇو تہ منھنجي ماءُ جيئري آهي. هن مون کي جيئرو رکڻ لاءِ پاڻ ماريو ۽ هاڻ هن کي جيئرو ڏسڻ لاءِ مون کي جيئڻو آهي. نہ تہ شايد مان ڪڏهن ڪو مري چڪو هجان ها. اهو موت قدرتي هجي ها، يا هٿرادو، پر هن دنيا مان ڇوٽڪارو ملي وڃي ها. انھيءَ زندگي جي عذابن کان تہ نجات ملي وڃي ها. اها دنيا، جنھن کي رنگين سڏيو وڃي ٿو، اها زندگي، جنھن کي حسين چيو وڃي ٿو، سا منھنجي آڏو فريب کان سواءِ ڪجهہ بہ ڪانھي. دنيا ۾ زندگيءَ ۾، لاتعداد خوشيون آهن، بي حساب وڻندڙ شيون آهن، پر پنھنجي مرضيءَ سان ڪابہ حاصل نٿي ڪري سگهجي ۽ جيڪا حاصل نٿي ڪري سگهجي تنھن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ تقدير ۾ لکيل ڪونھي.
تہ پوءِ ڇو اهڙي تقدير جي آسري تي ويٺو هججي. ڇو انھي تي يقين ڪجي. ڇو اهڙي زندگيءَ جي گُهرَ ڪجي، ڇو اهڙي دنيا ۾ رهڻ جي تمنا ڪجي، جنھن دنيا ۾، جنھن زندگيءَ ۾، انسان جي وَسَ ۾ پاڻ کي خوش رکڻ بہ نہ هجي. جنھن کي چاهي، انھيءَ کي حاصل ڪرڻ هن جي اختيار ۾ نہ هجي. جن شين کان کيس نفرت هجي، اهي ئي هن تي مڙهيون وڃن. جيڪي ڪم ڪرڻ هُو نہ چاهيندو هجي، تن کي ڪرڻ لاءِ هو مجبور هجي.
تہ پوءِ ڇا انھيءَ کان موت حسين ڪونھي. جنھن ۾ ابدي سڪون آهي. موت کان پوءِ ڪا بيچيني ڪانھي. اهو ڊپ تہ نڪريو وڃي، تہ ڪو هُن کان اهو سڀ ڦري ويندو، جيڪو هو ڪنھن کي بہ ڏيڻ نٿو چاهي. موت اها شيءِ آهي، جنھن کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪجهہ بہ حاصل ڪرڻ جي تمنا باقي نٿي رهي. هر ڊپ موت کان اڳ آهي، ڊپ جي آخري شڪل موت آهي. پر زندگي، ۾ موت ڪئين ڪئين، شڪليون ڌاريو اچي. اها زندگي، جنھن ۾ هزارين نقلي موت هجن، جيڪي نہ چاهڻ جي باوجود اسان جي آڏو اچيو ٿا بيھن، تنھن کان ڇو نہ اصلي موت قبول ڪجي، جيڪو حقيقت آهي. بيشڪ موت هڪ اوندھہ آهي، مستقل اوندھہ... پر اها اوندھہ زندگي جي پُر فريب روشنين کان لکين ڀيرا وڌيڪ روشن آهي.
ذهني طور مان ڪڏهو ڪو موت قبولي چڪو آهيان پر ظاهري طور تي اڃا جيئرو آهيان، ڇو تہ مون کي اهو احساس آهي تہ منھنجي زندگيءَ جي سھاري، هڪ ٻي زندگي بہ ساھہ پئي کڻي. پنھنجي زندگيءَ جي ڏور کي تہ مان ٽوڙي وجهان، پر هن کي نہ ڄاڻ ڪيترو وقت عذاب سھڻو پوي. مون کي جيئرو رکڻ لاءِ هن جيڪو عذاب سَٺو آهي، سو ايترو گهڻو آهي، جو مان جيڪڏهن انھيءَ عذاب کي گهٽائي نٿو سگهان، تہ وڌائڻ جو بہ مون کي ڪو حق ڪونھي.
هن پنھنجي جوانيءَ کي انھيءَ آسري تي خوشيءَ سان رخصت ڪيو، تہ منھنجو پٽ قابل ٿيندو ۽ پوءِ ٻڍاپو بہ جوانيءَ ۾ تبديل ٿي ويندو. پر جڏهن مان قابل ٿيڻ جي باوجود بہ ناقابل ٿي پيس، تہ هن حالات سان سمجهوتو ڪري ورتو. هوءَ تقدير جي قائل آهي، پنھنجي قسمت ۾ ڪجهہ نہ هئڻ سمجهي، خاموشي اختيار ڪري ورتائين. هوءَ جيئري تہ آهي، ڇو جو مرڻ سندس اختيار ۾ ڪونھي، پر دنيا سان هاڻ ڪوبہ واسطو نہ رهيو اٿس.
جيڪڏهن هُوءَ مون کي ڪجهہ چوي ها، مون سان وڙهي ها، پنھنجي جواني مون لاءِ وڃائڻ جا طعنا ڏي ها، تہ شايد مان ڪجهہ سُڪون محسوس ڪريان ها، تہ هوءَ مون کان پنھنجي احسانن جو بدلو وٺي رهي آهي، پر هُو تہ ائين خاموش آهي، ڄڻ مون کان ڪجهہ گهرڻ ئي نٿي چاهي.
۽ هن جي انھيءَ خاموشي مون کي زندھہ رهڻ تي مجبور ڪيو آهي، نہ تہ شايد مان ڪڏهوڪو خودڪشي ڪري چڪو هجان ها.
۽ هاڻ تہ مون کي زندگيءَ جو ڪو مقصد ئي سمجهہ ۾ نٿو اچي. پريشاني، بيچيني، گهٻراهٽ، ذهني مونجهارو ۽ ذهني اذيت جو نالو ئي جيڪڏهن زندگي آهي، تہ مون کي اهڙي زندگيءَ جي گهرج ڪانھي. مون ڪئين دفعي سنجيدگيءَ سان خودڪشيءَ لاءِ سوچيو آهي. انھيءَ جيئڻ کان تہ موت بھتر آهي. هن مسلسل اذيت کان تہ ڇوٽڪارو ملندو. فقط اميءَ جو خيال ٿيندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن تہ سندس خيال بہ نہ رهندو اٿم. سوچيندو آهيان، مون کي تہ هن عذاب کان نجات ملي. اميءَ جا ڀاڳ اميءَ ساڻ.
مون رات جو اڪيلائيءَ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنھنجي موت جي باري ۾ سوچيو آهي، تہ مون کي ڪيئن مرڻ گهرجي. پستول مون وٽ ڪونھي، جو گولي هڻي پاڻ پورو ڪريان. درياھہ ۾ ٻڏان... نہ ڄاڻ ڪڏهن ساھہ ٻوساٽجي ۽ ڪڏهن دمُ نڪري. هٿرادي سڪرات جو سوچي ڏڪي ويندو هوس. خودڪشي منھنجي نزديڪ بزدلاڻو فعل ڪونھي. اهو انسان، جيڪو هڪ معمولي ڇيت لڳڻ تي بہ ڦٿڪيو پوي، ڪنھن ڇريءَ سان گلو ڪَٽي، باھہ ۾ پاڻ ساڙي، يا دريا ۾ ٻڏي مري، اها بزدلي آهي! نہ نہ، مان انھيءَ کي بزدلي نٿو مڃان. پر مان پاڻ ۾ ايتري بھادري نٿو محسوس ڪيان، جو خودڪشي ڪريان.
جيتوڻيڪ مان پاڻ کي خودڪشيءَ لاءِ تيار ڪندو رهيو آهيان. ننڊ جون گوليون منھنجي نزديڪ سڀ کان آسان موت آڻيندڙ هيون. ۽ مون فيصلو ڪيو، تہ اُهي گوليون ئي مون کي زندگيءَ جي عذاب کان نجات ڏيارينديون.
چون ٿا تہ خودڪشي حرام آهي. خودڪشي ڪرڻ وارو دوزخ ۾ ويندو. دوزخ، ڇا هن دنيا کان بہ وڌيڪ دوزخ ۾ عذاب هوندو! ناممڪن. هن دنيا کان تہ گهٽ هوندو ۽ خدا ايڏو تہ ظالم ڪونہ هوندو، جو هن دنيا ۾ بہ عذاب ڏي ۽ هُن دنيا ۾ بہ.
تصور ئي تصور ۾ مون پاڻ کي ڪئين دفعا مرندي ڏٺو. پنھنجي موت کان پوءِ اميءَ جو تصور مون ڪرڻ نٿي چاهيو. البت انھن دوستن کي ڏسي رهيو هوس، جن زندگيءَ ۾ مون کي ڪڏهن پڇيو بہ ڪونہ، ڏک ۾ ڪڏهن ڪم نہ آيا ۽ هاڻ منھنجي جنازي ڀرسان بيھي مون کي دنيا جو عظيم انسان سڏي رهيا آهن. اُهي اديب، جن مون کي ڪڏهن اديب تسليم نہ ڪيو، هاڻ ادبي ميڙ سڏي، مون کي خراج تحسين پيش ڪري رهيا آهن. ڪن تہ مون تي رسالن ۾ مختصر مضمون لکي، منھنجي موت کي ادب لاءِ ’سخت نقصان‘ چئي پنھنجو فرض پورو ڪيو آهي. هڪ ايڊيٽر فرض سمجهي، پنھنجي ايڊيٽوريل کي ڪارو بارڊر ڏئي، منھنجي موت تي ڏکُ جو اظھار ڪيو آهي. ڪيڏي نہ بناوٽ، ڪيڏو نہ ڪوڙ. زندگيءَ ۾ مون سان نفرت ڪندڙ، هاڻ ڪيئن نہ پنھنجي محبت جو اظھار ڪري رهيا آهن. جيڪر اها محبت منھنجي زندگيءَ ۾ مون سان ڪن ها، تہ مان موت کي ڇو ڳلي لڳايان ها.
ماءُ کان علاوہ فقط هڪ ماڻھوءَ کي ئي منھنجي موت دلي صدمو رسايو آهي. فيروز روز مون وٽ شام جو گهر ايندو هو. هاڻ بہ روز ايندو آهي. هاڻ مان گهر ۾ نہ آهيان، قبرستان ۾ روز ايندو آهي. منھنجي قبر تي اگربتيون ٻاري، ياسين شريف پڙهندو آهي. مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ سندس اکين ۾ ڳوڙها نہ ڏٺا هئا، پر هاڻ دُعا گهرڻ وقت سندس اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون، جن کي هُو پنھنجي رومال سان اُگهي ٿو ۽ پوءِ رومال کي ٽن تھن ۾ ويڙهي، پينٽ جي کيسي ۾ رکي ٿو، بوٽ پائي خاموشيءَ سان هليو ٿو وڃي. سندس آليون اکيون ڏسي، مان قبر ۾ ليٽي ليٽي ئي خوش ٿيان ٿو. چاهڻ جي باوجود هُن منھنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ پنھنجي چاهت جو اظھار نہ ڪيو هو. هاڻ جڏهن مان دنيا ۾ موجود نہ آهيان تہ هن جون اکيون منھنجي لاءِ آليون ٿيون آهن.
قبر ۾ اونداھہ آهي. عجيب قسم جا جيت ۽ ڪِينئان پيا مون کي پَٽين. ڀوائتو ماحول آهي. عجيب آواز پيا اچن. قبر جي پاڻيٺ واري آلي ٿڌي مٽي ناقابل برداشت آهي. سخت گُهٽَ آهي. مون ڇو پاڻ کي ماريو. مان اڪيلائي پسند هوس، خاموشيءَ کي چاهيندڙ. پر ايتري خاموشي، ايتري اڪيلائي. مان سڏَ ٿو ڪريان. رڙيون ٿو ڪريان، پر ڪوبہ جواب ڪونہ ٿو ڏي. مَڻين مٽيءَ جي هيٺان دٻيل لاش جي سڏ تي ڪير جواب ڏيندو. ڪنھن تائين اِهو آواز پھچندو. ڪير بہ نہ ٻڌندو اِهو آواز. هاڻ قيامت تائين مون کي اتي اڪيلو سڌو ئي سڌو پيو رهڻو آهي. مان چُري بہ نٿو سگهان، سڄو ڪفن ۾ ويڙهيو پيو آهيان.
نہ نہ. مون کي مرڻ نہ کپندو هو. مون کي روشنيءَ جي گهرج آهي. مان گوڙ ٻڌڻ چاهيان ٿو. مان ماڻھن جي انبوھہ ۾ رهڻ چاهيان ٿو. مان اميءَ جي ڪَڇَ جي گرمائش چاهيان ٿو. مان فيروز جھڙي دوست جي ويجهڙائي چاهيان ٿو. مان جيئرو رهڻ چاهيان ٿو.
۽ تصور جو سلسلو ٽُٽيو پوي..... وري مرڻ لاءِ.


مون کي فيروز چيو هو: ’تون ٿڌي دل سان سوچ ۽ پوءِ مون کي آخري فيصلي کان واقف ڪجان....‘ ۽ انھيءَ آخري فيصلي مون کي ايترو منجهائي وڌو هو، جو مان ڪوبہ فيصلو نہ پي ڪري سگهيس. شايد انھيءَ فيصلي لاءِ مون کي ايتري سوچ ويچار جي ضرورت نہ پوي ها، جيڪڏهن زندگيءَ ۾ مون هڪ وڏي ٺوڪر نہ کاڌي هجي ها. مان جيڪو هر ڳالھہ ڪرڻ کان پوءِ سوچڻ جو عادي هوس، هاڻ هر ڳالھہ کان اڳ سوچڻ لاءِ مجبور آهيان.
اڄ جي زماني ۾، جڏهن ذهن سوچڻ جي قابل ٿئي ٿو، تہ پھرين ڳالھہ جيڪا ذهن ۾ اچي ٿي، اُها آهي ’وڏو ماڻھو‘ ٿيڻ. انھيءَ لاءِ ڪي محنت ڪري، پڙهي لکي سي- ايس- پي ۽ پي- سي- ايس جھڙيون وڏيون نوڪريون حاصل ڪندا آهن ۽ ڪي ناجائز طريقا استعمال ڪري دولت ڪٺي ڪن ٿا. بھرحال هن دور ۾ (۽ اِهو دور هڪ طويل عرصي کان هلندو پيو اچي) گهڻو ڪري سڀني جي آڏو زندگيءَ جو مقصد وڏو ماڻھو ٿيڻ هوندو آهي، ۽ وڏو ماڻھو معنيٰ دولتمند. پر مان اهڙي دؤر ۾ ڄمڻ جي باوجود بہ اهڙي ذهنيت ساڻ نہ کڻي آيس. منھنجي آڏو زندگيءَ جو هڪڙو ئي مقصد هو، ۽ اهو مقصد هو پنھنجي قوم ۽ ٻوليءَ جو بچاءُ. ۽ انھيءَ مقصد کي پوري ڪرڻ جا ٻہ طريقا مون کي سُجهيا ٿي. هڪڙو طريقو هو ادب. اهڙو ادب پڙھڻ لاءِ ڏيڻ، جنھن سان اسانجي ٻولي زندھہ رهي، ترقي ڪري ۽ قوم ۾ سجاڳي پيدا ٿئي. ٻيو طريقو هو تعليم. جيڪڏهن استاد پنھنجي جوابداري محسوس ڪري پڙهائين، تہ پيڙھہ مضبوط ٿيندي. ٻار قوم جي پيڙھہ جي حيثيت رکن ٿا. ۽ ٻار جي شعور ۾ اها ڳالھہ ويھي رهندي، تہ سڀاڻي اسان کي ئي پنھنجي قوم جو ٻار سنڀالڻو آهي، ملڪ جون واڳون سڀاڻي اسان جي ئي هٿن ۾ هونديون.
جيئن تہ مون کي ادب سان دلچسپي هئي، تنھن ڪري مناسب سمجهيم تہ مان ادب جي ذريعي ئي ٻولي ۽ ملڪ جي خدمت ڪريان. مون کي اها ڳالھہ نٿي وڻي، تہ مان فقط ڪھاڻيون لکي اهو فرض پورو ڪريان. جيئن اسان وٽ ڪن ڪھاڻيڪارن اِهو طريقو اختيار ڪيو آهي. پھرين مان اهڙن ڪھاڻيڪارن جي ڏاڍي عزت ڪندو هوس، جيڪي قومي قسم جون ڪھاڻيون لکي رهيا هئا، پر جڏهن ويجهي کان ڏسڻ جو اتفاق ٿيو، تہ پتو پيو، قوميت تي ڪھاڻيون لکڻ فقط شھرت جو ذريعو هو. انھن کي پنھنجي قوم يا ٻوليءَ سان ڪابہ دلچسپي، ڪابہ همدردي ڪانھي، انھن جي لکڻين ۽ فعل ۾ ايڏو وڏو تضاد ڏسي مان دنگ رهجي ويس.
تنھن ڪري مون سوچيو تہ مان هڪڙي مخزن ڪڍان، جنھن جو مقصد هجي صحت مند ادب پيش ڪرڻ. پنھنجي قوم ۾ قوميت جو جذبو جاڳائڻ. اِها مخزن ڪنھن بہ گروھہ جي نہ هجي. ڪوبہ هن کي استعمال نہ ڪري سگهي. انھيءَ مخزن جي ذريعي اهڙو ادب پيش ڪجي، جنھن تي اسان جو ايندڙ نسل بہ فخر ڪري ۽ ڪجهہ پرائي سگهي. انھيءَ مخزن ۾ شخصيت کي نہ، بلڪ سٺي تخلق کي اهميت ڏجي.
۽ جڏهن مون ڪن دوستن سان صلاح ڪئي، تہ انھن منھنجي تجويز کي ساراهيو ۽ منھنجي مدد ڪرڻ جو پورو يقين ڏياريو. هڪ دوست جنھن جو شمار وڏن ليکڪن ۾ ٿيندو هو، تنھن تہ ايترو بہ چيو تہ: ’تون پرواھہ نہ ڪر، مان تنھنجي پوري مدد ڪندس. ايترا اشتھار وٺرائي ڏيندس جو پوري مخزن اشتھارن سان ڀرجي ويندي‘، مون کي سوچ ۾ ٻڏل ڏسي چيائين: ’دلبر تون پرواھہ نہ ڪر. سر جي ضرورت پئي تہ اُهو بہ ڏيندس، تنھنجي رستي ۾ جبل ايندو تہ انھيءَ کي بہ ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندس‘. سندس اهي ڳالھيون ٻڌي منھنجي همت وڌي وئي ۽ مون پڪو پھہ ڪيو تہ مخزن ضرور ڪڍندس.
مون مخزن لاءِ ڊڪليريشن ڀريو ۽ ڊوڙ ڊُڪ ڪيم، پر ڊڪليريشن منظور نہ ٿيو. مجبور ٿي هڪ ’ڪتابي سلسلو‘ ڪڍيم. ڇھہ ست ڪتاب پوريءَ طرح وڪرو نہ ٿيا ۽ سخت نقصان ٿيو، پر تنھن هوندي بہ همت نہ هاريم، ڇاڪاڻ تہ انھيءَ ڪتابي سلسلي کي سنجيدہ طبقي تمام گهڻو پسند ڪيو هو. منھنجي لاءِ اها ڳالھہ ئي خوشيءَ جو باعث هئي، جو منھنجو کٽيو ثاب پيو هو، پر مالي حالت ڏينھون ڏينھن خراب ٿيندي پي وئي، دوست پاسو ڪندا ويا ۽ ڪي تہ ڦري دشمن ٿي پيا. جنھن دوست چيو هو تہ: سر بہ ڏيندو. هاڻ هن جي شڪل بہ نظر نٿي آئي. دوست تيزيءَ سان ساٿ ڇڏيندا ويا، پر مون ڪنھن کي بہ ساٿ ڏيڻ لاءِ مجبور نہ ڪيو. مان ڪنھن سان پنھنجي اصولن تي سودو ڪرڻ لاءِ تيار نہ هوس. هن نعري بازيءَ واري دؤر ۾ بہ مون صحت مند ادب، بنا ڪنھن گروھہ بندي جي ڏيڻ ٿي چاهيو.
۽ پوءِ محسوس ڪيم تہ مان اڪيلو رهجي ويو آهيان. ڪتابي سلسلي کي ساراهڻ جي باوجود، ڪوبہ اديب منھنجو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار نہ هو. ڇو تہ انھيءَ سلسلي کي هلائڻ لاءِ پئسو گهربو هو ۽ مون وٽ پئسو ڪونہ هو، ۽ پوءِ آهستي آهستي سڀئي اديب دوست کسڪي ويا، سواءِ هڪ اڌ جي.
۽ پوءِ اهڙو وقت آيو، جو اڌ پنڌ تان موٽڻو پيو. ڪتابي سلسلي کي هلائڻ لاءِ مون وٽ وسيلا نہ هئا. منھنجو وار وار قرض ۾ ڦاسي پيو. سون زيور، جيڪو اميءَ منھنجي ڪنوار لاءِ پيٽ کي تسيا ڏيئي ڪَٺو ڪيو هو، اُهو وڪامي ويو، اميءَ سڀ ڪجهہ ڏٺو پئي، پر خاموش رهي ۽ پوءِ مان بہ خاموش ٿي ويس. هڪ ٻہ جيڪي منھنجا همدرد هئا، تن کي فيصلي کان آگاھہ ڪيم، انھن کي افسوس ٿيو، پر ڇا ٿي ڪري سگهيا.
۽ پوءِ مون سوچيو، مان پنھنجي پھرين مقصد ۾ ڪامياب نہ ٿيس. هن نعري بازي واري دؤر ۾، هن پاڻ کي شھرت ڏيڻ واري دؤر ۾، هڪ اهڙي مخزن جي ضرورت ڪانھي، جيڪا ڪنھن مخصوص حلقي جي ترجماني نہ ڪري. جنھن ۾ اديبن کي نمائش ڪرڻ جو موقعو نہ ملي. جنھن مان کين ڪوبہ مالي فائدو نہ پھچي، بلڪ هڙائُون ڏيڻو بہ پوي. ڀلا اهڙي مخزن ڪيئن هلي سگهي!


فيروز مون کي پيشڪش ڪئي هئي، هڪ ٽيوشن جي. اها ڪا اهڙي ڳالھہ نہ هئي، جنھن لاءِ ايڏي پريشاني ٿئي، پر مون سان ٻي ڳالھہ هئي. مخزن جي ناڪاميءَ مون کي ذهني طور مفلوج ڪري وڌو هو. مون تہ انھيءَ لاءِ پنھنجي زندگي وقف ڪئي هئي. پر زندگي بہ منھنجي مقصد کي ڪامياب نہ ڪري سگهي. تنھن ڪري مون سوچيو پنھنجي پھرين مقصد ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ هاڻ مون کي ماستر ٿي پنھنجي ٻئي مقصد ڏانھن عملي قدم کڻڻ گهرجي. ماستري ڪيڏي نہ ننڍي نوڪري. اڄ جي سي. ايس. پي ۽ پي. سي. ايس واري دور ۾ ماستر سڏائڻ بہ گهٽتائيءَ جھڙي ڳالھہ آهي. اسڪول جي ٻارن کان سواءِ ڪوبہ ماستر کي مانُ نہ ڏيندو آهي ۽ نہ ئي اهميت جي لائق سمجهندو آهي. ماستر کي ڪا سماجي حيثيت حاصل ڪانھي، پر مون اها ئي نوڪري ڪرڻ ٿي چاهي. ڪنھن بہ ٻئي دوست جي سامھون اها ڳالھہ نہ ڪري، فقط هڪ دوست فيروز جي سامھون اها ڳالھہ ڪيم. ڇو تہ فقط انھيءَ کي پنھنجو همدرد ۽ خيرخواھہ سمجهيم. ڄاتم ٿي، منھنجي دُک درد جو فقط انھيءَ کي احساس آهي، اِهو ئي پوريءَ طرح محسوس ڪري ٿو، تہ منھنجو روح ڪيترو نہ زخميل آهي، ۽ مان ڪھڙي تڪليف دہ زندگي گذاريان پيو. ٻين دوستن کي (جيڪي ڪنھن بہ حالت ۾ دوست ڪونھن، پر لاچار انھن کي بہ ’دوست‘ جي معزز نالي سان سڏڻو پوي ٿو) جيڪڏهن اِهو ٻڌايان ها تہ.... مان ماستر ٿيڻ چاهيان ٿو، تہ اُهي مون تي کِلن ها. مسخري اُڏائِن ها منھنجي ۽ شايد اِهو رايو بہ قائم ڪن ها تہ مان پنھنجو ذهني توازن وڃائي چڪو آهيان. ڇاڪاڻ تہ مان پنھنجي زندگيءَ جي اهم مقصد ۾ ناڪام ٿيو آهيان. نہ تہ پوزيشن کڻي ايم اي ڪيل، ڪير ماستر ٿيڻ پسند ڪندو!
درحقيقت ڳالھہ اها هئي تہ مان حالات سان ڪنھن بہ حال ۾ سمجهوتو ڪرڻ لاءِ آمادہ نہ هوس. مون ۾ ايڏي قابليت هئي، جو چڱي نوڪري ڪرڻ چاهيان ها، تہ شايد ملي بہ وڃي ها... پر مون تہ چڱي نوڪريءَ لاءِ سوچيو بہ ڪونہ ٿي. مان فقط پاڻ کي هڪڙي نوڪري ڪرڻ لاءِ ذهني طور تيار ڪري سگهيو هوس ۽ اها هئي ماستري. ۽ نوڪري ضرور ڪرڻي هئم، ڇاڪاڻ تہ زنده رهڻ لاءِ زندگيءَ جون سڀئي گهرجون پوريون ڪرڻيون ٿيون پون. منھنجا وڏا تہ ڪجهہ ڇڏي نہ ويا هئا، جنھن جي آسري آرام سان زندگيءَ جا ڏينھن گذاريان ها.
مان نوڪريءَ جي سخت خلاف هوس. نوڪري معنيٰ پنھنجي اَنا کي ٺيس پھچائڻ ۽ اهو مون کان ٿي نٿي سگهيو. مون ۾ اُهي خوبيون هيون ڪونہ جيڪي هڪ ملازم پيشہ شخص ۾ هجن. اڄوڪي دؤر ۾ هڪ ملازم لاءِ ضروري آهي تہ هن جي پنھنجي سوچ نہ هجي، هن جو پنھنجو ذهن نہ هجي. هن جون پنھنجيون خواهشون نہ هجن. هو جيڪو ڪجهہ سوچي يا ڪري، فقط پنھنجي مٿين آفيسرن جي خواهش مطابق ڪري. ۽ ملازمت ۾ اُهو ئي ڪامياب ٿيندو، جنھن پنھنجي آنا کي، پنھنجي روح کي، پنھنجي ضمير کي چيڀاٽي ڇڏيو هجي.
مون وٽ اَنا سالم آهي. روح جيئرو اٿم، مان پنھنجي ضمير کي سمھارڻ لاءِ تيار نہ آهيان، تہ پوءِ مون کي ڪيئن ملازمت راس ايندي؟ تنھن ڪري مون ڪڏهن نوڪريءَ جو تصور ئي نٿي ڪرڻ چاهيو. وڏي يا ننڍي نوڪريءَ جو تہ سوال ئي ڪونہ هو.
البت ماستريءَ سان منھنجو مقصد ئي ٻيو هو.


جڏهن فيروز سان ڳالھہ ڪيم تہ مان ماستر ٿيڻ ٿو چاهيان، تہ هُو ڇرڪي پيو. هن جو ڇرڪڻ حق تي هو. هن کي خبر هئي تہ مون کي نوڪريءَ کان نفرت آهي. مان ڪنھن جي غلاميءَ ۾ رهي نٿو سگهان، نہ ئي ڪنھن جي سرداري برداشت ڪري سگهندس. هن مون کان پڇڻ چاهيو ٿي، پر پڇي نہ سگهيو. مون ئي ٻڌايو.
”تون حيران آهين، مان جيڪو غلاميءَ کان ڀڄندو آهيان، پاڻ غلاميءَ ۾ وڃڻ لاءِ ڪيئن تيار ٿيس.“
”انھيءَ ڪري، جو مان ڄاڻان ٿو تہ اسان وٽ ڇا پيو پاڙهجي ۽ ڪيئن پيو پاڙهجي. وڏن اسڪولن جي ڳالھہ نٿو ڪريان، جتي وڏن ماڻھن جا ٻار پڙهن ٿا. اهڙن اسڪولن جي ڳالھہ ڪري رهيو آهيان، جن ۾ وچولي ۽ ننڍي درجي جي ماڻھن جا ٻار پڙهن ٿا. منھنجي توجھہ جا مرڪز اُهي ٻار آهن، جيڪي ننڍي درجي جي ماڻھن جا آهن. اُهي ماڻھو اسڪولن ۾ ٻارن کي پڙهڻ لاءِ نٿا موڪلين، پر پنھنجي جند ڇڏائڻ لاءِ موڪلين ٿا، پوءِ ٻار اسڪول ۾ ڇا ٿا پڙهن، ڇا ٿا ڪن. انھيءَ سان انھن جو واسطو ڪونھي ۽ ماسترن جو رڳو اِهو ڪم هوندو آهي تہ ٻار فيُون ڏين، پڙهن نہ پڙهن، اچن نہ اچن. انھيءَ سان سندن واسطو ڪونھي. جڏهن.... ڪڏهن ڪڏهن کين اهو احساس ٿئي ٿو، تہ هنن تي بہ ڪي جوابداريون عائد ٿين ٿيون، تڏهن ڏنڊو کڻي يڪ ساهي سڀني تي وهاڻي، مطمئن ٿيو ڪرسيءَ تي ويھو رهن.“
”ٻار قوم جي امانت آهن. ٻار ملڪ جو مستقبل آهن. اسان کي انھيءَ جو احساس ڪونھي، تہ اسان جي ملڪ جو مستقبل خراب ڪرڻ ۾ اسان جي استادن جو ڪيڏو نہ هٿ آهي. ٻارن جا مائٽ پنھنجي امانت انھن جي حوالي ڪن ٿا، ۽ اِهي انھيءَ ۾ خيانت ڪيو وجهن.“
”سُڌرڻ جي عمر فقط اسڪول ۾ هوندي آهي، پر اسان جا ٻار اتي ئي کرندا آهن. ۽ اهو سڀ استادن جي لاپرواهيءَ کان. اسان جي تعليم جي ناقص انتطام کان. اسان جي ماسترن کي اهو احساس ئي ڪونھي، تہ انھن کي ڪيڏو وڏو فرض سونپيو ويو آهي. ملڪ جو مستقبل سڌارڻ انھن جي هٿ ۾ آهي.“
”پر انھن کي، انھيءَ سان ڪھڙو واسطو. فيروز، تون حيران ٿيندين، مون هڪ ماستر کي اهو چوندي ٻڌو آهي تہ.... اسان کي ڪھڙو گهڻو پگهار ٿا ڏين جو اسين بہ انھن تي مغز خوري ڪيون. ڀل پيا جکَ مارين. اسين فقط هڪ ڳالھہ چوندا آهيون: ”ڪلاس ۾ گوڙ نہ ڪريو، باقي جيڪو وڻيوَ سو ڪريو. اسين مزي سان ويھي ٿا آرام ڪريون.“
مون فيروز ڏانھن ڏٺو. هن منھنجي تائيد ۾ ڪنڌ لوڏيو. هُو منھنجي ڳالھين سان متفق هو. جڏهن ڏٺم تہ هُو منھنجون ڳالھيون ڌيان سان ويٺو ٻڌي تہ مون سلسلو وڌايو.
”مڃان ٿو تہ ماسترن کي تمام ٿورو پگهار ملي ٿو. جنھن جي ذمي ملڪ جو مستقبل سڌارڻ هجي، انھيءَ کي ايترو بہ پئسو نٿو ملي جو هو پنھنجو مستقبل تہ ٺھيو، پر حال بہ عزت سان گذاري سگهي. پر تنھن هوندي بہ هڪ ماستر تي اِها جوابداري اخلاقي طرح عائد ٿئي ٿي، تہ جيڪو فرض هن کي سونپيو ويو آهي، انھيءَ ۾ غفلت نہ ڪري. پنھنجي مشڪلن جو بدلو معصوم نَسل کان نہ وٺي، جيڪو قوم ۽ ملڪ جو مستقبل آهي. پر ڪير هنن کي سمجهائي. ڪنھن کي ايتري فرصت آهي جو قوم جي مستقبل تي نظر رکي. اڄ تہ هر ڪنھن کي فقط پنھنجي مستقبل جو فڪر آهي.“
”اهو ئي سبب آهي فيروز.“ مون سندس نالي تي زور ڏيندي چيو. ”جو مان ماستر ٿيڻ ٿو چاهيان. مان چاهيان ٿو تہ ٻارُ.... جيڪو پيڙھہ جي حيثيت ٿو رکي. اِها پيڙھہ جيڪڏهن مضبوط نہ هوندي، تہ پوءِ عمارت ڪيئن پختي ٿيندي، ڊهي نہ پوندي. پيڙھہ مضبوط هوندي تہ عمارت بہ جٽاءُ ڪندي. مان چاهيان ٿو تہ ماستر بڻجان. ٻارن کي انھن جي معصوم ذهنن ۾ اهو احساس ويھاريان، تہ ايندڙ وقت اوهان جو هوندو. جيئن اوهان چاهيندا، ائين ٿيندو. ايندڙ وقت جا حاڪم اوهين آهيو. قوم جو مستقبل اوهان جي هٿن ۾ هوندو. انھيءَ ڪري اوهان کي سڌرڻو آهي.“
مان پنھنجي طويل تقرير ختم ڪري، ڪرسيءَ تان اُٿيس، غير ارادي طور پوري ڪمري ۾ چڪر هنئيم ۽ وري ڪرسيءَ تي ويھي رهيس. فيروز ڳلَ تي هٿ رکيو گھريءَ سوچ ۾ گُم هو. مون ئي وري ڳالھايو، ”ڪھڙيءَ سوچ ۾ آهين؟..... شايد منھنجي بڪواس تنھنجي مَٿي ۾ سور وجهي ڇڏيو يا بور ٿي وئين.“ ڦِڪي مُرڪ منھنجي چپن تي ڦھلجي ويئي.
فيروز منھن مٿي کنيو، سندس ڊگهن، گهاٽن ڪارن ڇپرن مان چمڪندڙ اکيون، منھنجي چھري تي کپي ويون. هن جي چپن تي هلڪي مُرڪ اڀري، چيائين، ”تنھنجا اهي اونچا خيال ئي تہ آهن، جن جي ڪري مان تنھنجو قدر ڪندو آهيان. تو جيڪو ڪجهہ چيو مون اهو غور سان ٻڌو آهي، سوچيندو بہ ويو آهيان. توسان متفق بہ آهيان. پر هڪ ڳالھہ فڪرمند ڪري ڇڏيو اٿم.“
”ڪھڙي؟“ مون پڇيو.
”اِها پھرين نوڪري آهي، جنھن کي ڪرڻ لاءِ تون آمادہ ٿيو آهين، سو بہ پاڻمرادو.“ وري ٿورو ترسي چيائين، ”ڄاڻان ٿو، هڪ سٺي مقصد ڪارڻ. پر اها نوڪري توکي ملندي بہ سھين؟“
”ڇو نہ ملندي“، مون پوري يقين سان چيو. ”مان ايجوڪيشنل انسپيڪٽر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سان ملندس. انھن وٽان ئي ڪم ٿي ويندو. نہ ٿيو تہ ڊائريڪٽر سان بہ وڃي ملندس. مان هڪ سٺي سبجيڪٽ ۾ ايم. اي آهيان. انھيءَ کان علاوہ منھنجي آڏو هڪ سٺو مقصد آهي. جيتوڻيڪ مون کي نوڪريون ٻيون بہ ملن ٿيون، پر انھن کي ڇڏي مان قوم جي مستقبل جي خيال کان ماستر ٿيڻ چاهيان ٿو. ٻيا شايد ايترو چاھہ نہ وٺن.“
”جيڪا تنھنجي سوچ آهي، ڇا اها انھن جي بہ هوندي. اهڙي پَڪ آهي توکي؟“ فيروز پڇيو.
”ضرور هوندي، هنن جي بہ اهڙي سوچ. آخر مان ئي تہ هن ملڪ ۾ واحد ماڻھو نہ آهيان، جنھن کي ملڪ جي مستقبل جي ڳڻتي هجي. آخر اهي ايڏن وڏن عهدن تي آهن، انھن کي تہ مون کان بہ وڌيڪ انھيءَ ڳالھہ جو احساس هوندو.“
”توکي اهڙو يقين آهي، پر مون کي ڪونھي. جيڪڏهن هنن کي ايتري دلچسپي هجي ها، تہ پوءِ اسڪولن جو اهڙو ستياناس نہ ٿئي ها. ۽ نہ ئي ماستر ايترا لاپرواھہ هجن ها. وڏو آفيسر جھڙو هوندو، اهڙا ئي پويان بہ ٿيندا.“
مون کي خاموش ڏسي وري چيائين، ”منھنجو مقصد تنھنجي دل شڪني ڪرڻ يا دل آزاري ڪرڻ ڪونھي. تنھنجي اصولن تي نہ هلي سگهڻ جي باوجود بہ مان توکي پنھنجو ’آئيڊيل فرينڊ‘ سمجهندو آهيان. پر مان ڄاڻان ٿو، اڄ ڪلھہ ماستري ملڻ ڪا سولي ڳالھہ ڪانھي. شھر ۾ ماستريءَ لاءِ تہ ستَ- اٺ سؤ رپيا رشوت ڏيڻي پوي ٿي. ٻهراڙيءَ ۾ تون ويندين ڪونہ، ڇو تہ ماءُ اڪيلي ٿيندي. ۽ ٻهراڙيءَ ۾ ماستريءَ لاءِ بہ ٻہ- ٽي سؤ رپيا رشوت مقرر ٿيندي آهي. ۽ تون رشوت ڏيڻ جي سخت خلاف.“
فيروز خاموش ٿي ويو. مون بہ کائنس بحث ڪرڻ مناسب نہ سمجهيو، ڇو تہ ڄاتم ٿي تہ فيروز غلط ڳالھہ ڪڏهن بہ نہ ڪندو آهي. تنھن هوندي بہ پنھنجي طرفان ڪوشش ڪرڻ چاهيم ٿي.


ماستريءَ لاءِ درخواست لکي روبرو انسپيڪٽر وٽ کڻي ويس. اندر چِٽ موڪليم، شايد منھنجي نالي مان واقف هو، تنھن ڪري ڪجهہ ئي دير کان پوءِ سڏائي ورتائين ۽ ڪرسيءَ تي ويھڻ جي آڇ بہ ڪيائين. ويھڻ کان پوءِ اچڻ جو مقصد پڇيائين. درخواست ڏئي، سڄي ڳالھہ پيرائتي ڪري ٻڌايم، سڄي ڳالھہ ڏاڍي خاموشيءَ سان ٻڌائين ۽ جڏهن مان ڳالھائي بس ٿيس، تہ چيائين، ”مسٽر منظور، اوهان جا خيالات واقعي قابلِ تعريف آهن. اوهين واقعي لائق ماڻھو آهيو. مان اوهان جي خيالات جو قدر ڪريان ٿو. مان اوهان جو ڪتابي سلسلو پڙهندو هوس، اوهان جا مضمون مون کي وڻندا هئا. اوهان جھڙي قابل شخص کي واقعي نوڪري ڏيڻ گهرجي. اوهان پنھنجي درخواست ڇڏي وڃو، جڏهن بہ ڪا جاءِ خالي ٿي، مان اها اوهان کي ضرور ڏيندس.“
انھيءَ کان پھرين جو مان ڪجهہ چوان، هو ٽيليفون جو ڊائل گهمائڻ لڳو. وڌيڪ ڪجهہ چوڻ بيڪار سمجهي اٿي ٻاهر هليو آيس.
انسپيڪٽر سان ملاقات جو ذڪر فيروز سان نہ ڪيم، ۽ ڏاڍي سوچ ويچار کان پوءِ ڊپٽي ڊائريڪٽر سان ملڻ جو فيصلو ڪيم ۽ نيٺ هڪ ڏينھن وڃي مليومانس، ڏاڍي رُکي ڦِڪي نموني سان مليو. جڏهن ڳالھہ ٻڌايم تہ چيائين:
”ڏسو مسٽر منظور، منھنجي هٿ ۾ نوڪري ڏيڻ جو ڪم ڪونھي، اهو ڪم انسپيڪٽر جو آهي، ۽ جڏهن اوهين چئو ٿا تہ اوهان کي ٻيون نوڪريون مليون ٿي، پر اوهين فقط ماستري ڪرڻ چاهيو ٿا، تہ اها سراسر بيوقوفي چئبي. اوهين يڪدم وڃي ٻي نوڪري ڪريو. جيڪي ماستر پڙهائين پيا، اُهي بہ پنھنجو فرض پوريءَ طرح ادا ڪن پيا، رڳو اوهان کي احساس ڪونھي، ٻين کي بہ آهي.“
مان اڃا سندس ڪمري ۾ ئي هوس، تہ پٽيوالي کي سڏي چيائين، ”مان ڪم سان ٻاهر پيو وڃان. ڪمرو بند ڪري ڇڏ.“
مون ڊائريڪٽر وٽ وڃڻ جو خيال لاهي ڇڏيو. ۽ پوري روئيداد فيروز کي ٻڌايم. فيروز ڪوبہ سوال جواب نہ ڪيو. هُو ڏاڍو سمجهو آهي. هن نٿي چاهيو تہ هن وقت، جڏهن مان مايوس ۽ غمگين آهيان، اِهو چوي تہ ”مون تہ توکي اڳ ۾ ئي چيو هو.“
ڪجهہ دير جي خاموشيءَ کي فيروز ٽوڙيو، ”ﷲ مالڪ آهي. شايد کيس ٻيو ئي ڪجهہ منظور هجي. شايد انھيءَ کان بہ وڌيڪ ذميداريءَ وارو ڪم توکي سونپڻو هجي.“
”جيڪو ڪم مون کي سونپيو هئين، سو مان ڪري نہ سگهيس. جيڪو مون پاڻ ڪرڻ چاهيو، سو بہ حاصل نہ ڪري سگهيس. هاڻ تہ موت ئي مون کي سونپيو وڃي تہ چڱو. اِهو ئي آخري ڪم منھنجي حوالي ڪرڻ رهجي ويو آهي.“
”مايوس نہ ٿي. مايوس ٿيڻ گناھہ آهي.“ فيروز نصيحت ڪئي.
”بيوقوف، مايوس ٿيڻ جيڪڏهن گناھہ آهي، تہ اسان مان هرڪو ڏينھن ۾ نہ ڄاڻ ڪيترا دفعا مايوس ٿي گناهگار ٿئي ٿو. دنيا ۾ مايوسين کان سواءِ ٻيو آهي ڇا؟“


فيروز مون کي پيشڪش ڪئي هئي، هڪ ٽيوشن جي.
جڏهن فيروز مون کي ٽيوشن ڏيڻ جي پيشڪش ڪئي تہ مان پريشان ٿي پيس.
هن چيو هو: ”تنھنجو مقصد تہ تعليم ڏيڻ آهي. ٻارن کي ’مثالي‘ بنائڻ، انھن کي اهو احساس ڏيارڻ تہ مستقبل جا وارث اوهين آهيو. انھن کي سڌارڻ، انھن جي زندگي سنوارڻ. فرق فقط اِهو آهي تہ اسڪول ۾ گهڻن ٻارن کي پڙهائڻو پوندو ۽ هتي فقط هڪ کي. سَوَن ٻارن کي پڙهائڻ جا توکي سوا سؤ کن ملن ها. هتي سؤ ملندئي، پر سَوَن ٻارن تي مغز ماريءَ کان هڪ تي، مغز ماري چڱي اٿئي.“ هو مُرڪڻ لڳو.
”توکي تہ خبر آهي، مون ٻارن کي خوشيءَ سان پڙهائڻ ٿي چاهيو، توکي اسڪول ۾ نوڪري ملي نہ سگهي. پرائيويٽ اسڪولن جا ٻار توکي ساريا پيا اٿئي، سفارشون ۽ خوشامند، جن کان توکي نفرت آهي.“
مان خاموش رهيس. فيروز ڪرسيءَ تان اُٿي منھنجي ڀرسان کٽ تي ويٺو ”ڏس منظور، توکي پئسي جي ضرورت آهي، تون ضرورت کان وڌيڪ خوددار بہ آهين. ٻيا تہ ٺھيو، ڇو تہ انھن کي تون دوست ئي نٿو مڃين، پر مون کي، جنھن کي پنھنجو دوست سمجهين ٿو، تنھن کان بہ ڪجهہ وٺڻ بيعزتي ٿو سمجهين. اهڙيءَ حالت ۾ اها ٽيوشن تنھنجي لاءِ هر لحاظ کان مناسب آهي.“
مون ڪجهہ دير سوچي پوءِ چيو، ”پر فيروز، هيءَ ٻار تہ ڪانھي. سورهن سترهن سالن جي ڇوڪري آهي. مان هن کي ڪيئن پڙهائي سگهندس!“
”اسڪول ۾ تہ ميٽرڪ جي ڇوڪرن کي بہ پاڙهڻو پوي ها. انھن ۾ ڪي تہ ڪافي وڏا هوندا آهن.“
”اُهي ڇوڪرا تہ آهن. هيءَ تہ ڇوڪري آهي. مون تہ شايد ڪنھن ڇوڪريءَ کي زندگيءَ ۾ غور سان ڏٺو بہ ڪونھي، هن کي پاڙهيندس ڪيئن؟“
”توکي پڙهائڻو آهي، عشق ڪرڻو ڪونھي جو گهٻرائين پيو.“ فيروز کِلندي چيو.
”پر هُوءَ اميرن جي ڌيءَ آهي، نخريلي ۽ نازڪ مزاج هوندي. مون جھڙي احساس ڪمتريءَ جي مريض کي اُڏائي نہ ڇڏيندي؟“
”اِها ڳالھہ هجي ها تہ مان توکي چوان ئي نہ ها. انھن سان اسان جو گهڻو رستو آهي، بلڪ پري جا مائٽ بہ آهن. ڇوڪري توکان وڌيڪ احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا آهي. اهو ئي سبب آهي جو پنج ڇھہ درجا پڙهي، ٽيچر جي ڊپ کان اسڪول ئي نہ وئي ۽ لاڏلي هئڻ ڪري گهر وارن بہ زور نہ ڀريو... پر هاڻ پڇتائي رهيا آهن. ڇاڪاڻ تہ ڪو چڱو سڱ ئي نٿو اچي. دولت تہ آهي، پر دولت سان گڏوگڏ سٺي خاندان وارا تعليم بہ گهرن ٿا. بي. اي نہ تہ گهٽ ۾ گهٽ انٽر تہ هجي.“
”تون فڪر نہ ڪر، ڇوڪري، تمام فضيلت واري ۽ شرميلي آهي. هن کي پاڻ بہ پڙهڻ جو شوق آهي، پر وڏي ٿي وڃڻ ڪري ڪنھن اسڪول ۾ نٿي پڙهي. ٻہ ٽي ماسترياڻيون رکيون، پر انھن کي فقط پئسن سان دلچسپي هئي. انھيءَ ڪري هيءَ هنن کان پڙهي نہ سگهي. مرد ٽيچر رکڻ کان سندس مائٽن ڪيٻايو ٿي، پر مون کين تنھنجي شرافت جو يقين ڏياريو آهي.“
”هاڻ تون اڄ رات سوچي وٺ، سڀاڻي شام جو مان ايندس جيڪڏهن تون تيار ٿي وئين، تہ سڀاڻي ئي مان توکي انھن جي گهر وٺي هلندس.“


فيروز جي پيشڪش مون کي پريشان ڪري ڇڏيو. ڇوڪريءَ جي بدران ڇوڪرو هجي ها، تہ مان سندس آڇ انھيءَ مھل قبول ڪري وٺان ها. پر ڇوڪري، سا بہ سورهن سترهن سالن جي. انھيءَ ڳالھہ مون کي مُنجهائي وڌو هو. مون کي اهو ئي فڪر هو تہ ڇا مان ڪنھن ڇوڪريءَ کي پڙهائي سگهندس، سا بہ اهڙي ڇوڪري، جيڪا احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا هجي ۽ کيس اِها خبر هجي تہ هن کي فقط انھيءَ ڪري پاڙهيو پيو وڃي، تہ سندس شادي چڱي گهراڻي ۾ ٿي سگهي.
اها پوري رات مان الجهن ۾ مبتلا رهيس، تہ مان اِها ٽيوشن قبوليان يا نہ. رکي رکي مون کي ڇوڪريءَ جو خيال ٿي آيو. ڪير آهي اُها. ڪھڙي هوندي. بندري يا ڊگهي. ڪاري يا اَڇي، بد شڪل يا سھڻي. پوءِ خيال آيم تہ منھنجي سوچڻ جو اِهو انداز ٺيڪ ڪونھي. ڀلا مان اهڙي نموني سان ڇو پيو سوچيان. منھنجي هن سان شادي تہ نہ پئي ٿئي. مان هن لاءِ ائين ڇو پيو سوچيان. هُوءَ منھنجي شاگرد ٿيندي، شاگرد لاءِ اهڙي سوچ ٺھي ڪانہ ٿي.
پر خيالن جو وسيع سلسلو هو، جنھن جو اَنت ئي نہ هو. هڪ ٻئي پٺيان پِي آيا ويا. ڪڏهن ڪجهہ ٿي سوچيم، ڪڏهن ڪجهہ پر ٻئي شام تائين اِهو فيصلو ڪري ورتم تہ مان هن ڇوڪريءَ کي ضرور پڙهائيندس. مان، جنھن هميشہ سُونھن کي پسند ڪيو آهي. جنھن هميشہ وڻندڙ چھرن کي ڏسڻ چاهيو آهي، هيءَ ڇوڪري ڀل ڪنھن بدشڪل چھري جي مالڪ هجي، پر مان کيس پڙهائيندس مان احساس ڪمتريءَ جو شڪار آهيان، پر کيس انھيءَ احساس مان ڪڍندس. کيس اِهو محسوس ٿيڻ نہ ڏيندس، تہ ايڏي عمر گذرڻ کان پوءِ بہ هُوءَ گهٽ پڙهيل آهي. مان پاڻ ۾ جيڪا قوت لڪيل محسوس ڪريان ٿو، انھيءَ کان پوريءَ طرح ڪم وٺندس. مان کيس اهڙيءَ طرح ئي پڙهائيندس، جھڙيءَ طرح مون سوچيو هو.


شام جو فيروز آيو. ماٺ ڪري ڪرسيءَ تي ويھي رهيو، ويھڻ کان اڳ پنھنجي مخصوص لھجي ۾ مرڪي پڇيائين ”ڪھڙو حال آهي؟“
هُو اچڻ سان هميشہ فقط اِها ئي ڳالھہ، انھن ئي لفظن ۾ چوندو آهي. اسان جي دوستيءَ کي نَوَ سال ٿي ويا آهن، پر انھيءَ جملي- ۽ انھن لفظن ۾ ڦي گهير نہ آئي آهي. ائين بہ انھي عرصي ۾، جڏهن دنيا ۾ ڪئين نيون ڳالھيون وجود ۾ آيون، ڪئين حڪومتون تبديل ٿي ويون، فيروز ۾ ڪا خاص تبديلي نہ آئي. فقط هڪ ڳالھہ جو اثر هن مون کان ورتو. پھرين کيس ادب سان دلچسپي نہ هئي، پر هاڻ منھنجي صحبت ڪري ادب ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو هو. باقي جھڙو شروع ۾ هو، اهڙو ئي هاڻ. تمام گهاٽي دوستي هئڻ جي باوجود بہ مون هن ۾ اجنبيت محسوس ڪئي آهي. جيتوڻيڪ هن اجنبيت ۾ بہ پنھنجائپ آهي، پر تڪلف سان. اُهاحجت جيڪا هڪ دوست کي دوست سان هوندي آهي، سا مون هن ۾ ڪڏهن بہ محسوس نہ ڪئي. ائين بہ ڪونھي تہ هن مون کي ڌاريو سمجهيو آهي يا محسوس ڪرايو اٿس. نہ، اهڙي ڪابہ ڳالھہ ڪانھي. جيترو پنھنجو مون کي هن سمجهيو آهي، ايترو پنھنجو پاڻ کي بہ نہ سمجهيو اٿم. پر انھيءَ هوندي بہ، ايترا سال گذرڻ جي باوجود بہ، مون کي ائين محسوس ٿيو آهي، ڄڻ اسان جي دوستي نئين نئين آهي. نئين دوستيءَ ۾ جيڪو حجاب، جيڪو تڪلف محسوس ڪبو آهي، سو انھيءَ پوريءَ عرصي ۾ مان محسوس ڪندو رهيو آهيان. ايترن سالن ۾ اسان ٻنھي ڪڏهن هڪ ٻئي کي اِهو بہ نہ چيو آهي تہ: ”چانھہ پيار.“
مان اهو سڀ ڪجهہ نٿو چاهيان. مان چاهيان ٿو تہ اها اجنبيت ختم ٿئي، اهو تڪلف ٽُٽي. اسين هڪ ٻئي کان ايترا بي تڪلف ٿيون، جيترو دوستن کي ٿيڻ گهرجي، پر اهو تڪلف ۽ اها اجنبيت نَوَ سال گذري وڃڻ کان پوءِ بہ قائم آهي ۽ پڪ اٿم تہ هميشہ قائم رهندي. مون ۾ ايتري همت ڪانھي جو انھيءَ اجنبيت ۽ تڪلف کي ٽوڙيان. ڇاڪاڻ تہ اِهو بہ ڊپ اٿم تہ جيڪڏهن انھي اجنبيت ۽ تڪلف کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪيم، تہ متان اها دوستي ئي نہ ٽُٽي پوي، جيڪا گذريل نون سالن کان هڪ ئي محور تي هلي رهي آهي. جنھن ۾ نہ ڪڏهن حد کان وڌيڪ جوش آيو ۽ نہ ئي گهٽيو. انھيءَ عرصي ۾ مان پنھنجي طرفان چڙيس، پاڻ ئي پرتس، پاڻ ئي ڳالھائڻ شروع ڪيم، پر فيروز جو رويو شروع کان اڄ تائين ساڳيو رهيو. چپن تي مُرڪ، دل ۾ همدردي، هر ڳالھہ غور سان ٻڌڻ، ڏکن ۾ ڪم اچڻ ۽ سڀ کان عجيب ڳالھہ اِها تہ، مان ئي سندس واحد دوست هوس.
انھن نوَن سالن ۾ جڏهن کان فيروز سان منھنجي دوستي ٿي آهي. انھيءَ کان اڳ بہ منھنجا ڪئين دوست رهيا آهن، پر اڄ جڏهن مان سوچيان ٿو تہ ڇا اُهي واقعي منھنجا دوست هئا، تہ پاڻ کي مطمئن نہ ڪري سگهندو آهيان، تہ ها واقعي اهي منھنجا دوست هئا. سواءِ هڪَ اَڌَ جي، جن سان شايد طبيعتن جي ڦير ڪري دوستي نہ رهي. ڇاڪاڻ تہ مون حالات سان ڪڏهن بہ سمجهوتو نہ ڪيو آهي. پنھنجي اصولن کي ڇڏي دنيا سان گڏ هلڻ پسند نہ ڪيم ۽ نتيجو اِهو نڪتو تہ ڪنھن بہ منھنجو ساٿ نہ ڏنو.
جڏهن فيروز سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي ۽ پوءِ دوستي وڌي، تڏهن سوچيو هوم تہ ٻين دوستن وانگر جلدي هن جي رستي جو موڙ بہ ايندو، پر ائين نہ ٿيو. مون کي اڄ تائين اِها خبر ئي نہ پئي آهي، تہ فيروز کي ڇا پسند ۽ ڇا ناپسند آهي. هُو مون مان هڪ دوست مان چاهي ڇا ٿو؟ شايد ڪجهہ بہ نہ. هن مون کي ڪنھن بہ ڳالھہ لاءِ مجبور نہ ڪيو آهي، ڪابہ گُهر نہ ڪئي آهي. هُو پنھنجي رستي تي هلندو رهيو آهي ۽ پنھنجي اصولن تي هلڻ وارو، ڪنھن سان سمجهوتو نہ ڪرڻ وارو مان. هن سان گڏوگڏ هلڻ لڳس. ڪوشش ڪرڻ لڳس تہ ڪابہ اهڙي ڳالھہ يا حرڪت نہ ڪريان! جيڪا هن کي پسند نہ هجي. هن جا اصول طور طريقا، جيڪي هن ڪڏهن بہ زبان سان نہ چيا، جيڪي مون فقط محسوس ڪيا، ۽ هن جي چوڻ يا انھن تي هلڻ لڳس. ۽ پنھنجن اصولن تي هلندي، جيڪو هُو پسند ڪري (۽ جيڪو مون محسوس ڪيو ٿي تہ هو اِهو ڪم پسند ڪري پيو) مون ائين ڪرڻ شروع ڪيو، ۽ هڪ ڊگهي عرصي کان ڪري رهيو آهيان. پر هن ڪڏهن تعجب ظاهر نہ ڪيو. خوشي ظاهر نہ ڪئي، ڪڏهن ناراضگيءَ جو اظھار بہ نہ ڪيو. انساني فطرت آهي، اهو ڪم جيڪو ٻئي جي پسند لاءِ ڪري ٿو، انھيءَ لاءِ داد حاصل ڪرڻ چاهيندو آهي. مون بہ اهو چاهيو، پر هو تہ ائين بي پرواھہ رهيو، ڄڻ مون پاڻ ۾ ڪابہ تبديلي نہ آندي هجي.
انھيءَ جي باوجود بہ مون هن جي دوستي چاهي آهي. ڇو تہ دوستيءَ جو جيڪو لِڪل جذبو مون هن ۾ محسوس ڪيو، اُهو ٻيو ڪو مون کي محسوس ڪرائي نہ سگهيو. جيترو مخلص ۽ همدرد مون هن کي ڏٺو يا محسوس ڪيو، اهڙو ڪنھن ٻئي کي نہ ڏٺم. هن جي طبيعت ۾ جيڪو ٺھراءُ هو، جيڪو تڪلف ۽ اجنبيت هئي، هاڻ مون کي پاڻ انھيءَ لاءِ تيار ڪري ورتو هو ۽ سواءِ ڪيڏيءَ ڪيڏيءَ مھل جي، سندس اِهي عادتون مون کي تڪليف نہ پھچائينديون آهن. ائين کڻي چوان تہ مون جيڪڏهن ڪنھن سان سمجهوتو ڪيو آهي، تہ اُهو فيروز سان. ڇاڪاڻ تہ هن مون کي سمجهوتي ڪرڻ لاءِ ڪڏهن بہ مجبور نہ ڪيو آهي.
۽ اڄ نَوَ سال گذرڻ کان پوءِ بہ، هُو اچڻ سان فقط ايترو پڇندو آهي: ’ڪھڙو حال آهي؟‘
۽ اڄ بہ جڏهن هِن اِها ساڳي ڳالھہ ڪئي، تہ نہ ڄاڻ ڇو مون کي اها توقع هجڻ جي باوجود بہ، اها ڳالھہ نہ وڻي. مون چاهيو ٿي تہ هو اچڻ سان مون کان پڇي. ’ڇا سوچئي ٽيوشن جي باري ۾؟‘ ۽ جڏهن مان چوانس، ’اڃا تہ ڪو فيصلو نہ ڪيو اٿم.‘ تڏهن هي مون کي مجبور ڪري، ’نہ نہ، توکي اِها ٽيوشن ضرور ڪرڻ گهرجي.‘
مان اهي ڳالھيون سوچيندو رهيس، پر فيروز خاموش ويٺو رهيو، هن جو چھرو جذبات کان خالي هو. ڄڻ تہ مون کان ڪجهہ بہ پڇڻ نٿو چاهي. ڪجهہ دير انتظار ڪيم، ۽ جڏهن پَڪَ ٿي ويم تہ هيءُ مون کان ڪجهہ بہ نہ پڇندو، تڏهن مون ئي چيو، ”فيصلو ڪري ورتو اٿم.“ مون هن ڏانھن ڏٺو. هو بہ مون کي ڏسي رهيو هو. وات سان نہ پڇي هن رڳو سواليہ نظرن کان ڪم ورتو.
”اهو ئي، تہ مان ٽيوشن ڏيندس.“
”سٺو.“ هُو مُرڪيو.
مون وري بہ ڪجهہ خراب خراب محسوس ڪيو، پر ڄاتم ٿي تہ جيڪڏهن منھنجو فيصلو انھيءَ جي ابتڙ هجي ها تہ بہ فيروز جو جواب انھيءَ کان گهڻو ڦريل نہ هجي ها. وري خاموشي ڦھلجي ويئي. مون چاهيو ٿي تہ فيروز ڳالھائي، پر هو خاموش رهيو ۽ پوءِ ڪافي دير کان پوءِ هن زبان کي کولي، ”هلون؟“
”تون وڃي پيو؟“ مون مايوسيءَ منجهان پڇيو.
”تون بہ تہ هلندين. تيار ٿي وٺ تہ مان توکي ٽيوشن وارو گهر ڏيکاري اچان.“
”ايترو جلد.“ مان گهٻرائجي ويس.
”ها. سڀاڻي کان پڙهائڻ بہ شروع ڪري ڇڏ. اڄ هلي گهر بہ ڏس ۽ ڇوڪريءَ جي پيءُ سان بہ مل.“
انڪار ڪرڻ جي گنجائش نہ هئي. ڪپڙا مٽائڻ لاءِ ٻئي ڪمري ۾ ويس. هينگر تان قميص ۽ پينٽ لاٿم، ڄڻ پاڻ تي وس نہ پئي هليم، هٿن تي اختيار نہ رهيو هوم ۽ ائين پي لڳو تہ ڄڻ ڪپڙا پائڻ وسري ويا اٿم. مان پنج منٽ کان وڌيڪ عرصو ڪپڙا پائڻ ۾ نہ لڳائيندو آهيان، پر اڄ ڪپڙا پائڻ ۾ ڄڻ سال لڳي ويا. پينٽ ۾ قميص ٺيڪ طرح سان وجهي، ٻئي هينگر تان ڪوٽ لاهي، برش هڻي پاتم. ٽاءِ نہ ٻڌندو آهيان. سڀ ٽوڪيندا بہ آهن، تہ اهو ائٽيڪيٽ جي خلاف آهي، تہ ڪوٽ پينٽ تي ٽاءِ نہ ٻڌجي. پر ٽاءِ ٻڌڻ سان مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ مون پاڻ کي قيد ڪري ڇڏيو.


رستي تي هلندي اسان ۾ تمام گهٽ ڳالھيون ٿيون. فيروز اهو تہ مون کي پھرين ئي ٻڌائي چڪو هو تہ هُوءَ هڪ دولتمند پيءَ جي ڌيءَ آهي. مون سمجهيو هو تہ شايد اڪيلي ڌيءُ آهي، پر هاڻ فيروز ٻڌايو تہ کيس هڪ ڀاءَ بہ آهي، جيڪو کانئس وڏو آهي ۽ چئن سالن کان لنڊن ۾ تعليم وٺي رهيو آهي. پيءُ ترقي پسند خيالن جو ۽ ماءُ پراڻي خيالن جي اڻ پڙهيل عورت آهي.
مون چاهيو ٿي تہ فيروز انھن جي متعلق ننڍي ۾ ننڍي ڳالھہ بہ ٻڌائي ڇڏي، پر هُو اهو ئي ڪجهہ ٻڌائي خاموش ٿي ويو. مون ٻہ ٽي دفعا هن ڏانھن ڏٺو بہ، انھيءَ ارادي سان تہ شايد هُو ڪجهہ وڌيڪ ٻڌائي، پر هُو خاموشيءَ سان هلندو رهيو، مون ڏانھن ڏٺائين بہ ڪونہ. فيروز وٽان ٻي ڪا ڳالھہ نہ ٿيندي ڏسي، مان انھيءَ گهراڻي متعلق سوچڻ لڳس، جنھن ۾ عنقريب مون کي وڃڻو هو. سوچيم: ’نہ ڄاڻ هُو مون سان ڪھڙو رويو اختيار ڪندا. ائين نہ ٿئي تہ مون سان اهڙو رويو اختيار ڪن، جھڙو سرڪاري آفيسر، ڪلرڪ سان اختيار ڪندا آهن. جيڪڏهن اهڙي حالت ٿي تہ مان يڪدم انھيءَ ٽيوشن کي خيرآباد چوندس. اهو بہ سوچيم: تہ وڏا ماڻھو آهن، مغرور هوندا، متان مون سان اهڙو رَوَيو رکن، جھڙو بورچي يا چوڪيدار سان....‘ مان اهڙن ئي خيالن ۾ غلطان هلندو رهيس.


”هي سامھون وارو گهر اٿئي.“ فيروز خاموشي ٽوڙي.
”هيءُ....!“ مون حيرت منجهان گهر ڏانھن ڏٺو.
”ڇو؟“ فيروز مون کي حيران ڏسي پڇيو.
”ڪجهہ نہ.“ مون کيس ڪجهہ نہ ٻڌايو ۽ ٻڌائڻ جھڙي ڳالھہ بہ نہ هئي.
هيءُ اهو ئي گهر هو، جنھن جھڙو گهر مون پاڻ لاءِ تصور ۾ چاهيو آهي. انھيءَ گهر کي اڄ کان پھرين نہ ڄاڻ ڪيترا دفعا ڏسي چڪو آهيان. ڪئين دفعي حقيقت ۾ ۽ گهڻا دفعا تصور ۾. ڪيترا دفعا ائين بہ ٿيو تہ هاسيڪار مان انھيءَ رستي تان، هن جاءِ کي هڪ نظر ڏسڻ لاءِ لنگهيس. مان اهڙو گهر حاصل نہ ڪري سگهيو هوس ۽ نہ ئي اميد هئي، پر ڏسي تہ سگهيس ٿي ۽ ڏسڻ بہ سان مون کي سڪون محسوس ٿيندو هو. ٻہ منزل بلڊنگ هئي، بلڊنگ جي سونھن ۾ ڏاڪڻ جو وڏو حصو هو، ويڪري، ڊگهي ۽ سائي سنگ مرمر جي جرڪندڙ ڏاڪڻ. هڪ هڪ پٿر اهڙي خوبصورتيءَ سان هنيل هو، ڄڻ اها ڏاڪڻ تاج محل جو ڪو حصو آهي. ڏاڪڻ جي ڀتين تي موزيڪ جو نزاڪت ۽ نفاست سان ڪم ٿيل هو، ڪاٺ جو نقشِين درُ، فن جو اعليٰ نمونو هو ۽ جڏهن رات جو بلبن جي هلڪي روشني ڏاڪڻ جي سنگ مرمر کي جرڪائيندي هئي، تہ اها ڏاڪڻ ڪنھن حسين خواب جو منظر ڀانئبي هئي.
۽ هاڻ مان انھيءَ ڏاڪڻ جي هيٺئين سِري تي بيٺو هوس. ڪن گهڙين کان پوءِ مان انھيءَ ڏاڪڻ تي چڙهڻ وارو هوس، جنھن ڏاڪڻ تي، تصور ۾ نہ ڄاڻ ڪيترا دفعا چڙهي چڪو آهيان. مون کي ائين پي لڳو، تہ اهو گهر منھنجو پنھنجو آهي، انھيءَ جي ڪنڊ ڪنڊ کان مان واقف آهيان ۽ جڏهن فيروز ڪال بيل تي آڱر رکي، تہ دل پڪاريو، ’ڪال بيل ڇو وڄايئي. ڇو ٿو ڪنھن کي سڏين، هتي تہ مان اڪيلو وڃي سگهان ٿو، هن گهر جي هر سِر مون کي سڃاڻي.‘
ڪال بيل جي جواب ۾، هڪ نوڪر ڏاڪڻ لھندو نظر آيو، جنھن کي صاف سٿرا، اڇا ڪپڙا پيل هئا. فيروز کي هُو سڃاڻيندو هو، کيس ادب سان سلام ڪيائين ۽ مٿي هلڻ لاءِ چيائين ۽ پاڻ هٽي بيھي رهيو. اڳيان فيروز ۽ پٺيان مان هوس ۽ نوڪر اسان جي پٺيان هو. ڏاڪڻ جي هڪ هڪ ڏاڪي تي مون ائين ٿي پيرُ رکيو، ڄڻ سڃاڻڻ جي ڪوشش ٿي ڪيم، تہ اِهي واقعي اُهي ئي ڏاڪا آهن، جن تي مان تصور ۾ ۽ خوابن ۾ چڙهيو آهيان.
ڏاڪڻ چڙهي، ڪجهہ اڳتي هلي، فيروز بيھي رهيو، مان بہ سندس ڀرسان پھچي بيھي رهيس. ڏاڪڻ ختم ٿيڻ تي، ٿورو اڳيان هڪڙو دروازو هو، جيڪو کليل هو ۽ انھيءَ تي وڏا، ڳرا پردا پيل هئا. نوڪر اڳتي وڌي پردا سيرايا ۽ اسان کي اندر اچڻ لاءِ آڇ ڪيائين.
اسين اندر لنگهي وياسين. ڊرائنگ روم هو. مان ڊرائنگ روم کي ڏسي ڇرڪي پيس. دراصل اهڙي سھڻي ۽ نفاست سان سينگاريل، سجايل ڊرائنگ روم جي مون کي اميد نہ هئي. ڊرائنگ روم سينگارڻ بہ هڪ فن آهي ۽ هن روم کي سجائڻ وارو واقعي فنڪار هوندو.
ڊرائنگ روم جا چار دروازا هئا، جن مان هڪڙو تہ اُهو ئي هو، جنھن مان لنگهي، اسين اندر آياسين. باقي ٽن مان ٻہ بند هئا ۽ هڪڙو کليل هو. انھيءَ درَ جي ڪجهہ هٽيل پردي جي پٺيان نظر وجهڻ سان محسوس ٿيو، تہ شايد اُهو درُ ورانڊي ۾ کُلي ٿو. نوڪر اسان کي ويھاري، پاڻ انھيءَ درَ مان نڪري ويو، جنھن جي ٻاهران منھنجي خيال ۾ ورانڊو هو. نوڪر جي وڃڻ کان پوءِ فيروز مُرڪي پڇيو، ”ڊرائنگ روم وڻيئي؟“
مون بہ مُرڪي ڏنو، ”منھنجي پسند جي توکي خبر آهي.“
”ها.“ فيروز وري مُرڪيو، ”مون کي تنھنجي پسند جي خبر آهي، اِهو ئي سبب آهي، جو مون تنھنجي لاءِ اها ٽيوشن مناسب سمجهي. هتي هر اها شئي موجود آهي، جيڪا توکي پسند آهي. شايد توکي ٽيوشن بہ انھيءَ ڪمري ۾ ڏيڻي پوي.“
مان صوفي کي ٽيڪ ڏئي ويھي رهيس، منھنجي نظر سامھون ڪتابن تي هئي، جيڪي ڀِت ۾ لڳل ڊگهي ڪٻٽ ۾ ڏاڍي سليقي سان رکيل هئا. ڪٻٽ گهٽ ۾ گهٽ پندرنھن کن فوٽ اوچو هو، (ڇِت کان ڪجهہ هيٺ) ۽ هن جي ويڪر پنجويھہ کن فوٽ ضرور هوندي. انھيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻن هزارن کان مٿي ڪتاب تہ ضرور هوندا. اتر- اوڀر ڪنڊ ۾ هڪ ڏاڍو سھڻو شوڪيس رکيل هو، جنھن ۾ مختلف قسمن جا ڊيڪوريشن پيسز ۽ ڪجهہ چانديءَ جا ننڍڙا ٿانوَ ڏاڍي سھڻي نموني ۾ سجايل هئا. چار ئي در، ڀتين جي وچ ۾ هئا. اوڀر واري در جي ڏاکڻئي پاسي هڪڙو تمام وڏو ريڊيو گرام رکيل هو. ڏاکڻئي طرف، ويندي اولھہ جي اڌ تائين، صوفا سيٽ ۽ سَيٽي پيل هئا. پٽ تي وڏن وڏن وارن وارو نرم ۽ سھڻو ڳوڙهو ڳاڙهو غاليچو وڇايل هو. چئني ڀتين تي سھڻا لائيٽس گلوب لڳل هئا.
مان اڃا ڊرائننگ روم کي ئي ڏسي رهيو هوس، تہ ڪمري جو پردو هٽائيندي هڪ شخص اندر آيو. فيروز آهستي سان چيو، ”سيٺ ڪريم.“
سيٺ صاحب جي عمر اٽڪل سٺ کن سالن جي هوندي. جسم ڀريل، ڀتل، چھري مان شرافت بکي رهي هئي. فيروز تعارف ڪرايو، سيٺ صاحب ڏاڍي گرمجوشيءَ سان هٿ ملايو ۽ پوءِ ٽيئي ويھي رهياسين. پھرين تہ مختلف موضوعن تي ڳالھيون ٿينديون رهيون، ڪجهہ دير کان پوءِ نوڪر ٽرالي ٽري ۾ چانھہ کڻي آيو. سڄي ٽرالي ٽري مختلف شئين سان ڀريل هئي. مون ٻہ- ٽي بسڪيٽ کنيا ۽ چانھہ جو ڪوپ کڻي خاموشيءَ سان فيروز ۽ سيٺ صاحب جون ڳالھيون ٻڌڻ لڳس.
فيروز، سيٺ صاحب جو پري جو مائٽ هو، پر سيٺ صاحب جنھن ريت فيروز سان ڳالھائي رهيو هو. تنھن مان اِهو ئي اندازو ٿيو ٿي، تہ سيٺ صاحب، فيروز کي ڏاڍي عزت ڏيندو آهي. فيروز سيٺ صاحب جي پٽ نديم لاءِ پڇيو، جيڪو لنڊن ۾ پڙهيو پئي. سيٺ صاحب ٻڌايو تہ هن جي واپس اچڻ ۾ اڃا ٻہ سال آهن. پوءِ فيروز منھنجو وڌيڪ تعارف ڪرائيندي چيو، ”چاچا، اوهان چيو هو تہ مان ياسمين لاءِ سٺي ٽيچر جو بندوبست ڪريان. ٽيچر تہ گهڻا ئي ملي سگهن ٿا، پر منظور جھڙو ذهين، شريف طبيعت ۽ مھذب شايد ئي ڪو ملي.“
پنھنجي تعريف ٻڌي، مان ڪنڌ جُهڪائي ويھي رهيس. فيروز ڳالھائيندو رهيو: ”اوهان اهو نہ سمجهجو، تہ مان دوستيءَ ڪري سندس تعريف ڪري رهيو آهيان. اها حقيقت آهي، تہ منظور منھنجو بھترين دوست آهي ۽ سچ پچ ساڻس دوستيءَ جو وڏو سبب بہ سندس شرافت ۽ سٺو سڀاءُ آهي. مون کي تہ ڊپ هو تہ شايد هيءَ، اها ڳالھہ نہ قبولي پر مون کي خوشي ٿي، تہ هن منھنجو چيو مڃي ورتو.“
”چاچا، منظور جي هڪ ڳالھہ مون کي ڏاڍي وڻي. هن جو چوڻ آهي تہ پڙهائڻ کي فقط پيشي جي صورت ۾ اختيار ڪيو وڃي ٿو، ٽيچر فقط پئسي جي خاطر پڙهائيندا آهن. انھن جي ذهن ۾ پڙهائڻ جي عيوض فقط پگهار وٺڻو هوندو آهي. پر اُهائي شيءِ ڪامياب ٿيندي، جنھن ۾ فن هوندو. هن جو چوڻ آهي تہ پڙهائڻ بہ هڪ فن آهي، ۽ مان اِهو ثابت ڪري ڏيکاريندس.“
”مون کي خوشي ٿيندي“، سيٺ صاحب، فيروز جو طويل تعارف ٻڌي جواب ڏنو. ”فيروز، مون کي توتي ڀروسو آهي. ياسمين تنھنجي ڀيڻ آهي ۽ توکي سندس پڙهائيءَ جو شروع کان ئي فڪر هو. منظور صاحب جا اهي لکَ لائق آهن، جو هنن پڙهائڻ قبوليو. مون کي کين رکي خوشي ٿيندي. تو مون کي اهو بہ ٻڌايو هو، تہ هي هڪ سٺي خاندان مان آهن، اها پاڻ وڌيڪ خوشيءَ جھڙي ڳالھہ آهي، مان سٺي خاندان وارن جي عزت ۽ قدر ڪندو آهيان.“
سيٺ صاحب چُروٽ دُکايو ۽ ڪجهہ دير خاموشيءَ سان پيئندو رهيو. پوءِ نوڪر کي سڏ ڪري چيائين، ”ياسمين کي سڏي اچ.“
ڪجهہ دير کان پوءِ گلابي ۽ سوڙهن ڪپڙن ۾ هڪ نازڪ ڊگهي ۽ سھڻي رنگت واري ڇوڪري ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ اچڻ سان سلام ڪيائين. سيٺ صاحب کيس ويھڻ لاءِ چيو، ياسمين ويٺي تہ سيٺ صاحب چيو، ”ياسمين، منظور صاحب تنھنجو نئون استاد آهي. فيروز سندن ڏاڍي تعريف ڪئي آهي. منظور صاحب سٺو اديب ۽ هڪ شريف ۽ قديمي خاندان مان آهي. ڏسڻو اِهو آهي تہ هي توکي پڙهائڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا، يا تون هنن کي ٻين وانگر ڀڄائي ڪڍڻ ۾.“ سيٺ صاحب ڳالھہ ڪري ٽھڪ ڏنو. اسان ٻنھين بہ کلي ڏنو، ياسمين شرمائجي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
منھنجون نظرون ياسمين ڏانھن کڄي ويون. وڏيون وڏيون ڪاريون اکيون، سنھڙا گلابي چپ، سنھڙو ڊگهو نڪ. سندس رنگ اهڙو هو، جو پھرين ڀائيم تہ نہ فقط منھن تي، بلڪ ٻانھن هٿن ۽ پيرن تي بہ گلابي ميڪ اپ ڪيل اٿس، پر نہ، هن جو رنگ ئي اهڙو گلابي هو.
مان ڪنڌ ڦيرائي ٻئي پاسي ڏسڻ لڳس. سيٺ صاحب چيو، ”ياسمين، سڀاڻي کان منظور صاحب پڙهائڻ ايندو. هاڻ تون ٻار نہ آهين. مان وڌيڪ ڪجهہ نٿو چوان، جيڪڏهن واقعي پڙهڻ چاهين تہ پڙهجان، نہ تہ ڀلي منظور صاحب کي جواب ڏئي ڇڏجان، توکي ڪوبہ ڪجهہ نہ چوندو.“
ياسمين ڪنڌ جهڪايو ماٺ ڪيو ويٺي رهي. سيٺ صاحب جي لھجي مان ظاهر هو تہ سيٺ صاحب کي ڌيءَ سان بي انتھا پيار آهي.
ڪجهہ دير کان پوءِ اسين اٿياسين ۽ موڪلائي هيٺ لھي آياسين.


اڌ پنڌ تائين فيروز ڇڏڻ آيو، پوءِ هُو پنھنجي گهر هليو ويو. مان ڪنھن ٻئي پاسي نہ وڃي سڌو گهر آيس. امان نماز پڙهي رهي هئي. مان کٽ تي ويھي انتظار ڪرڻ لڳس تہ سلام ورائي تہ کيس اها ڳالھہ ٻڌايان، جيڪا هن لاءِ خوشيءَ جو باعث ٿيندي. امان شايد پھرين رڪعت ۾ هئي، باقي ٽي رڪعتون منھنجي لاءِ طويل ثابت ٿيون. نيٺ امان سلام ورايو ۽ مُڙي مون ڏانھن ڏٺائين. ڏسڻ هڪ قسم جو سوال هو تہ، ’اڄ هتي ڪئين ويٺو آهين؟‘
”امان، مون کي نوڪري ملي وئي آهي.“
امان جي منھن تي هلڪي خوشيءَ جي لھر ڊوڙي وئي.
”سؤ رپيا پگهار ملندو.“
امان جي چھري تي آيل خوشيءَ جي ويرَ ڪجهہ جهڪي ٿي وئي.
”دراصل هڪ ٽيوشن ملي اٿم.“
”شُڪر آهي خدا جو. ڪجهہ نہ هئڻ کان، اهو بہ چڱو.“
امان وري نماز پڙهڻ لڳي ۽ پوءِ اها نماز روز کان ڊگهي ٿي ويئي. مان اُٿي پنھنجي ڪمري ۾ آيس. ڪرسيءَ تي ويھڻ بدران ڀِت کي ٽيڪ ڏئي گلم تي ئي ويھي رهيس. نہ ڄاڻ ڪيتري دير ائين ويٺو رهيس. هڪڙا خيال آيا ٿي، ٻيا ويا ٿي. ڪڏهن خيال ماضي ڏانھن ٿي وٺي ويا، ڪڏهن مستقبل ڏانھن ٿي گھليئون ۽ حال اکين آڏو هو. خيالن جو هڪ وسيع سلسلو هو، جنھن جو ڪو انت ڪونہ هو.
چون ٿا تہ: قدرت هر شئي ۽ هر انسان کان ڪنھن نہ ڪنھن ڪم وٺڻ لاءِ خلقيو آهي. دنيا ۾ موڪلڻ لاءِ ڪونہ ڪو مقصد ضرور هوندو آهي. مون کي ڪھڙي مقصد ڪارڻ موڪليو ويو آهي؟ مون کان قدرت کي ڪھڙو ڪم وٺڻو آهي! پنھنجي ادب جي خدمت لاءِ قدم اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪيم، پر اڌ پنڌ تان موٽڻو پيو. شايد اهو ڪم ڪنھن ٻئي کي سونپيل آهي. فيصلو ڪيم تہ اسڪول ۾ ٻارن کي پڙهائڻ جي ذميواري پاڻ تي کڻان، پر انھيءَ لاءِ مون کي موزون نہ سمجهيو ويو. تہ پوءِ منھنجي زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟ ڇا منھنجي ذمي اهو ڪم آهي، تہ مان سدائين مايوسين ۾ مبتلا رهان. زندگيءَ ۾، منھنجي حصي ۾ ناڪاميون لکيل آهن. جيڪو چاهيان اهو حاصل نہ ڪري سگهان. ڇا انھيءَ کي زندگي چئجي ٿو؟
منھنجي زندگيءَ ۾ ڪابہ عورت داخل نہ ٿي آهي. مون تہ ڪنھن عورت کي دل ڀري ڏٺو بہ ڪونھي ۽ هاڻ پڙهائڻو اٿم هڪ ڇوڪريءَ کي، جنھن کي ڏسڻ سان مان بيخود ٿي ويس. اهڙي سونھن، جنھن جھڙي سونھن مون هن کان اڳ نہ ڏٺي هئي. ٿي سگهي ٿو، ٻين جي نظرن ۾ اها سونھن ايڏي اهميت نہ رکندي هجي، پر مون، جنھن ڪنھن ڇوڪريءَ کي ڀرپور نظرن سان ڏٺو بہ نہ هجي، تنھن لاءِ سونھن جي اها آخري حد چئجي، تہ بہ غلط ڳالھہ نہ ٿيندي.
پر مان اهو سڀ ڪجهہ ڇو پيو سوچيان. هوءَ منھنجي شاگرد ٿيندي. مان هن کي پڙهائڻ ويندس، محبت ڪرڻ نہ، هوءَ منھنجي محبوبہ ڪانھي. مون کي هن جي متعلق اهڙيون ڳالھيون نہ سوچڻ گهرجن. منھنجي ذهن ۾ تہ هن جي متعلق فقط هڪ ڳالھہ اچڻ گهرجي. هوءَ پڙهي پوي. فيروز منھنجي ڪيڏي نہ تعريف ڪئي آهي. سيٺ صاحب منھنجو تعارف ڪرائيندي ڪيڏو نہ خوش پئي ٿيو تہ منھنجو تعلق سٺي خاندان سان آهي ۽ هاڻ مان ڇا پيو سوچيان...


شام جو ڇھين وڳي، مان تيار ٿي ياسمين جي گهر ويس. گهنٽي دٻائيم، ساڳيو ڪلھوڪو نوڪر نڪري آيو. مون کي ساڻ وٺي، ڊرائنگ روم ۾ ويھاريائين ۽ پاڻ هليو ويو. ڪجهہ دير کان پوءِ ياسمين آئي. اڄ هلڪا ساوا ڪپڙا پيل هئس. زيورن ۾ بہ ساوا نَگَ هئا، جُتي بہ سائي ۽ چوڙيون بہ سايُون. مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ مان ڪنھن سرسبز باغ ۾ پھچي ويو آهيان. هن اچڻ سان سلام ڪيو ۽ ڀرسان صوفي تي ويھي رهي، ڪنڌ جهڪيل هوس ۽ گهڙيءَ گهڙيءَ پنھنجي سوڙهي چولي کي ڇڪي هيٺ ٿي ڪيائين. ڪجهہ دير خاموشي رهي. پوءِ مون چيو، ”اوهان پنھنجا ڪتاب ڏيکاريو.“
هُوءَ ڪجهہ هٻڪي، ڪتاب کڻندي هٿَ ڏڪيس. مون هٿ وڌائي ڪتاب کنيا.
هن اکيون مٿڀرو کنيون ۽ ڪجهہ چوڻ چاهيائين، ”سر...“
مون سندس ڳالھہ اڌ ۾ ڪٽي، ”منھنجو نالو منظور آهي، بھتر ٿيندو تہ اوهان مون کي منھنجي نالي سان پڪاريو.“
”منظور صاحب، مان دراصل اڃا هيٺين درجي جا ڪتاب....“
وري بہ مون ڳالھہ ڪٽي، ”انھيءَ سان ڪو فرق نٿو پوي، مس ياسمين. مون کي سڀ خبر آهي، اوهين بي فڪر رهو ۽ تڪلف نہ ڪريو تہ شايد مان آسانيءَ سان اوهان کي پڙهائي سگهندس.“
مون ڪتاب ڏٺا. اٺين درجي جا ڪتاب هئا. مون ڪتاب رکي پڇيومانس، ”اوهان کي انھن مان ڪھڙا سبجيڪٽ وڌيڪ پسند آهن.“
”سنڌي ۽ تاريخ.“ هن مختصر جواب ڏنو.
”سٺو، اوهان کي پنھنجي ٻوليءَ سان محبت ٿي ڏسجي.“
”پنھنجي ٻوليءَ سان محبت ڪنھن کي نہ هوندي.“ هن شرمائيندي جواب ڏنو.
مون کيس سنڌيءَ ۾ صورتخطي لکائي ۽ تاريخ مان سوال پڇيم، انگريزيءَ ۾ ڊڪٽيشن لکايم ۽ ڪجهہ حساب ڪرايم. منھنجي توقع جي خلاف هُوءَ پڙهڻ ۾ چڱي هئي. ٿوري محنت سان هوشيار ٿِي سگِهي ٿَي.
مان پڙهائڻ ۽ هُوءَ پڙهڻ ۾ ڏاڍي مشغول هئي. اهو سلسلو شايد طويل ٿئي ها، پر نوڪر ٽراليءَ ۾ چانھہ ۽ سنيڪس کڻي آيو. نوڪر ٽرالي ڇڏي هليو ويو. ياسمين ڪاپي بند ڪري، صوفي تي رکي ۽ چانھہ ٺاهڻ لڳي.
”مِس ياسمين، اهو تڪلف ٺيڪ نہ آهي. مان فقط پڙهائڻ اچان ٿو.“
”انھيءَ ۾ تڪلف جي ڪھڙي ڳالھہ آهي سر.... معاف ڪجو منظور صاحب. چانھہ ئي تہ آهي، ماني تہ ڪانھي.“
اسين چانھہ پيئڻ لڳاسين. چانھہ جو ڪوپ رکي مون چيو، ”مِس ياسمين، هڪ ڳالھہ چوان، اوهين دل ۾ تہ نہ ڪندا؟“
”اوهين چئو، مان نہ ڪندس دل ۾.“
”ڏسو مِس ياسمين، اوهان کي پڙهڻ لاءِ مون کي رکيو ويو آهي. منھنجي خيال سان، اوهان عمر جو ڪافي عرصو ضايع ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اوهان جي تعليم ڪَنٽِينيُو هجي ها، تہ هينئر گهٽ ۾ گهٽ انٽر ڪري وڃو ها.“ مون ياسمين ڏانھن ڏٺو، هُوءَ اڃا چانھہ پِي رهي هئي. ”هاڻ جيڪڏهن اوهان اهو فيصلو ڪري ورتو آهي تہ اوهان کي پڙهڻو آهي، تہ پوءِ اسان کي پاڻ ۾ تعاون ڪرڻو پوندو. مان خيال ۽ محنت سان پڙهائيندس ۽ اوهين ڌيان ۽ محنت سان پڙهندا. اوهان جي اڄوڪي پڙهائيءَ مان مون کي اندازو ٿي ويو آهي تہ اوهان کي شوق آهي. مان چاهيان ٿو، اوهين سال جي اندر اندر مئٽرڪ ڏئي وجهو.“
”سال جي اندر!“ ياسمين اچرج مان پڇيو.
”ها. اچرج جي ڳالھہ ڪانھي، مان گهڻي ۾ گهڻو اوهان کي پنجن مھينن ۾ اٺين ۽ نائين ڪلاس جو ڪورس ختم ڪرائي ڇڏيندس. باقي مھينا ميٽرڪ لاءِ کوڙ آهن. جيڪڏهن اوهان بہ پوريءَ ريت محنت ڪئي.“
”مان پوريءَ طرح محنت ڪندس.“ ياسمين مُرڪي چيو.


ياسمين جي گهران نڪري، فيروز جي گهر ويس. هو منھنجو ئي انتظار ڪري رهيو هو.
”ٻڌاءِ، پھريون ڏينھن ڪيئن رهيو؟“ فيروز مُرڪي پڇيو.
”توقع کان وڌيڪ سٺو. ياسمين جلد پڙهي ويندي.“
”خدا ڪري. ائين بہ تو ۾ سٺي ماستر جا جوهر آهن.“ هن کلي ڏنو.
”مھرباني“، مان مُرڪيس.
ڪجهہ دير فيروز وٽ ويھي، مان گهر موٽي آيس.


ياسمين کي پڙهائيندي مون کي مھينو ٿي ويو هو. شروع ۾ پڙهائيندي جيڪا هٻڪ مون ۾ هئي، سا ختم ٿي وئي. ياسمين جو شرم ۽ تڪلف بہ گهڻي ڀاڱي ختم ٿي ويو هو. اٺين درجي جو ڪورس گهڻي ڀاڱي ياسمين اڳ ۾ ئي پورو ڪري ورتو هو. مون رهيل ڪورس ڏيڍ مھيني جي اندر پورو ڪرائي ڇڏيو ۽ اهو دُهرائجي بہ ويو ۽ هاڻ نائين جو ڪورس هلي رهيو هو.


شام جو مان وقت تي پھچي ويس. نوڪر ڊرائينگ روم ۾ ويھاريو. ياسمين اڃا نہ آئي هئي، ڪجهہ دير کان پوءِ نوڪر ٻيھر آيو. اچي ٻڌائين، ”ياسمين بي بي جون ڪجهہ ساهڙيون آيل آهن، هنن چيو آهي تہ معاف ڪجو، مان ٿوري دير ۾ اچي ويندس.“
”ٺيڪ آهي.“ مون جواب ۾ چيو.
نوڪر ٻاهر هليو ويو. مان ويٺي ويٺي ڊرائنگ روم جو جائزو وٺڻ لڳس. منھنجي پسند جي هر شئي هن ڊرائنگ روم ۾ موجود هئي. ائين ٿَي لڳو، ڄڻ اهو ڊرائنگ روم مون ئي پنھنجي لاءِ ٺھرايو آهي، يا منھنجي صلاح سان ٺاهيو ويو آهي. ڪجهہ دير تصور ۾ هن ڊرائنگ روم کي پنھنجو سمجهيم. پر جلد ئي تصور جو سلسلو ٽُٽي پيو ۽ پنھنجي سوچ تي اندر ئي اندر ۾ کِلي ڏنم. ڪٿي مان ۽ ڪٿي هي ڊرائنگ روم.
هن ڊرائنگ روم ۾ منھنجي پسند جي هر شئي هئي ۽ بلڪل اهڙي ئي سليقي سان رکيل هئي، جيئن، جيڪر منھنجو ڊرائنگ روم هجي ها، تہ مان رکان ها. پر جن شين مون کي گهڙيءَ گهڙيءَ هرکايو ٿي، انھن مان هڪ تہ ريڊيو گرام هو ۽ ٻيو ڪتابن سان ڀريل ڪٻٽ. اهي ٻيئي منھنجون ڪمزوريون آهن. ڪتاب تہ مون پاڻ کي بکيو رکي بہ ڪافي ورتا آهن، پر ريڊيو گرام لاءِ شايد سڄي عمر بکيو رهان تہ بہ نہ وٺي سگهان.
نہ ڄاڻ مان ڪيتري دير تائين ريڊيو گرام کي ڏسندو رهيس ۽ سوچيندو رهيس. نہ ڄاڻ هن ۾ منھنجي پسند جا ڪيترا رڪارڊ وڳا هوندا، ۽ اِتي هاڻ بہ موجود هوندا. سوچيم، اٿي رڪارڊ ڏسان، ضرور ريڊيو گرام جي ڀرسان ئي ڪٿي رکيل هوندا. پر مناسب نہ سمجهي، ائين نہ ڪيم، پر ڪتاب ڏسڻ جي خواهش کي روڪي نہ سگهيس ۽ اٿي ڪٻٽن جي ڀرسان آيس. مون کي پوئٽري ۽ فڪشن سان گهڻي دلچسپي آهي، هتي هسٽري، رليجن ۽ مختلف مضمونن جي ڪتابن کان علاوہ پوئٽري ۽ فڪشن تي بہ تمام گهڻا ڪتاب هئا. نالا ڏسڻ سان خبر پئي تہ ڪليڪشن تمام سٺي آهي. مون کي خوشي ٿي تہ اهڙن باذوق ماڻھن وٽ اچڻ جو موقعو مليو اٿم. نہ تہ سيٺين جي گهرن ۾ بھي کاتن کان علاوہ ڪو خالي پنو بہ نظر نہ ايندو آهي.
ڪتابن جي ٻين سڀني ڪٻٽن کي تالو لڳل هو. پر هڪڙو ڪٻٽ کليل هو، جنھن ۾ انگريزي ناول هئا. مان ناولن جا نالا ۽ لکندڙن جا نالا پڙهڻ لڳس. هڪڙي ناول جو نالو مون کي ڏاڍو وڻيو ‘Breaking up’ قطعہ تعلق. مون ڪتاب ڪڍيو. پيپربيڪ ۾ تمام سھڻي ٽائيٽل سان W.H Mean Ville جو ناول هو. ڪجهہ صفحا سامھون جا ڏسي، سڀئي صفحا اٿلائي، آخري صفحو ڏسڻ لڳس. ناول ۾ ڪل ارڙهن باب هئا ۽ ارڙهون باب ڪل ٻن سِٽن جو هو. ڏاڍو غمگين ۽ دل تي اثر ڪندڙ.
June, I love you. I cannot help you. I will never forgive myself that. Good By.
’جُون، مون کي توسان محبت آهي. مان تنھنجي مدد نہ ڪري سگهيس. مان توکي پنھنجي طرفان ڪڏهن بہ وساري نٿو سگهان. خدا حافظ.‘
ڪيڏو نہ ڏک، ڪيڏي نہ عاجزي، ڪيڏي نہ مجبوري. انسان ڪيڏو مجبور آهي، هن جي وس ۾ ڪجهہ بہ ڪونھي. جنھن کي چاهي ٿو، انھيءَ کي حاصل نٿو ڪري سگهي. جنھن سان زندگيءَ جي هر گهڙي، سندس سُڪون، سندس خوشيون وابستہ آهن، جنھن جي جدائيءَ جو هو تصور بہ نٿو ڪري سگهي، پنھنجي زبان سان ئي کيس خدا حافظ چوڻو پوي ٿو.
”منظور صاحب.“ مان ڇرڪيس، مُڙي ڏٺم، ياسمين بيٺي هئي. کيس هلڪا گلابي ڪپڙا پيل هئا. گهڙي کن تہ مان کيس ڏسندو ئي رهيس، پر جلدي اکيون جُهڪي ويون ۽ پوءِ ٻنھين جي واتان ساڳي وقت نڪتو:
”معاف ڪجو.“
لفظن جي انھيءَ ٽڪراءَ تي اسان ٻنھين کلي ڏنو. مون کلندي چيو، ”چڱو پھرين اوهين معافي گهري وٺو، پوءِ مان گهرندس.“
”مون کي تہ دير ٿي ويئي، تنھن جي ٿي معافي گهران، پر اوهان ڇا جي معافي گهرندا!“ ياسمين اچرج مان پڇيو.
”بنا اجازت ڪتاب ڏسڻ جي.“
”اها بہ ڳالھہ آهي.“ ڪٻٽن ڏانھن ڏسندي چيائين، ”اوهان تہ فقط هڪڙو ڪٻٽ ڏٺو آهي، چاٻيون شوڪيس جي مٿان پيون هيون، ٻيا بہ کولي ڏسو ها.“
”مھرباني. هڪڙي ڪٻٽ ۾ ئي ايترا ڪتاب آهن، جو ڏسڻ ۾ جيڪر هفتو کن تہ لڳي وڃي.“ مون مُرڪندي چيو.
”ادا نديم کي ڪتابن سان ڏاڍي دل آهي. هي ڏسو نہ، اهي ٽيئي حصا جن ۾ ناول، ڪھاڻين جا مجموعا ۽ شعرن جا ڪتاب آهن. اهي سڀئي ادا جا آهن. باقي ٻہ حصا، جن ۾ تاريخ ۽ مذهب تي ڪتاب آهن، اهي ڊيڊي جا آهن.“
مون ڪتاب پنھنجي جاءِ تي رکي، ڪٻٽ بند ڪيو ۽ صوفي ڏانھن وڌندي پڇيم، ”اوهان کي بہ ڪتابن سان دلچسپي آهي؟“
”ها، تمام گهڻي، ڀئي سچي ڳالھہ تہ اها آهي، مان انگريزيءَ جا ڪتاب تہ پڙهي ڪونہ سگهان، سنڌي ۽ اردو پڙهندي آهيان. ڪجهہ وقت کان اردو بند ڪري، فقط سنڌي پڙهڻ تي زور رکيو اٿم.“
”تمام سٺو. ادب ۾ اوهين ڇا پسند ڪندا آهيو؟“
”شاعريءَ سان بہ دلچسپي اٿم، پر ڪھاڻين سان خاص لڳاءُ اٿم. ناول تہ طويل طويل ٿا ٿين، مون کي نٿا وڻن.“
مون ڪجهہ ڳالھائڻ چاهيو، پر هن منھنجي ڳالھائڻ کان پھرين ئي چيو، ”مان اردو ناولن جي باري ۾ چوان پئي. سنڌ ۾ تہ ناول نہ هئڻ جي برابر آهن، البت ڀارت ۾ گهڻا نڪتا آهن، پر انھن جي ٻولي مون کي سمجهہ ۾ نٿي اچي. ڪھاڻين سان بہ ساڳي ويڌن آهي. انھن جي مقابلي ۾ سنڌ جي ڪھاڻي زور آهي.“
”اڇا.“ سندس ڳالھين ۾ منھنجي دلچسپي وڌي ويئي. مون سوچيو بہ نہ هو، تہ هيءَ ادبي ذوق رکندي هوندي.
”ڀلا اوهان کي ڪھڙا ڪھاڻيڪار وڻن ٿا؟“ مون ڌڙڪندي دل سان پڇيو.
”موهن ڪلپنا ۽ آغا سليم.“
منھنجي دل جي ڌڙڪڻ گهٽجڻ لڳي. هن ڳالھہ جاري رکندي چيو، ”مون اوهان جون بہ ڪئين ڪھاڻيون پڙهيون آهن. مون کي اوهان جي ڪھاڻين ۾ خاص ڪري اُهي ڏاڍيون وڻيون، جيڪي ڪوٽ ۾ بند ڇوڪرين تي لکيل آهن. اوهان جي هُوءَ ڪھاڻي بہ تمام سٺي هئي، جنھن ۾ هڪ اديب تصوراتي ڪھاڻيون لکي ٿو ۽ تصوراتي هيروئن سان حقيقت ۾ محبت ڪرڻ لڳي ٿو، پر حاصل نٿو ڪري سگهي.“
”ڪيتري نہ عاجزي، ڪيتري نہ لاچاري، ڪيترو نہ رنج آهي انھيءَ ڪھاڻيءَ ۾. مون کي اُهي ڪھاڻيون ڏاڍيون وڻنديون آهن، جن جي پڇاڙيءَ ڏک تي ختم ٿيندي آهي. دراصل اهڙيون ڪھاڻيون ذهن کي متاثر ڪن ٿيون.“
مان ڇرڪيس. اها سوچ تہ منھنجي آهي. اهڙي انداز سان، اهڙي لفظن سان تہ منھنجو اندر سوچيندو آهي. هن جي زبان مان اهي لفظ ڪيئن نڪتا. منھنجي دل خوشيءَ ۾ تيز تيز ڌڙڪڻ لڳي. تہ انھيءَ جي معنيٰ، ڪو منھنجيون ڪھاڻيون بہ پڙهي ٿو. منھنجون ڪھاڻيون بہ دل سان پسند ڪري ٿو. منھنجون ڪھاڻيون بہ ياد ڪيون وڃن ٿيون.
”اوهان ڇا سوچڻ لڳا؟“ منھنجي سوچ کي طويل محسوس ڪري، ياسمين پڇيو.
”هون... ڪجهہ بہ نہ.“ مون جلديءَ سان جواب ڏنو. اوهان ڪاپي کوليو.
ياسمين ڪاپي کوليندي سوال ڪيو، ”منظور صاحب، اوهان ڪتابي سلسلو ڇو بند ڪيو؟“
ڄڻ ڪنھن دل ۾ چھنڊڙي هنئين، ڦٿڪي پيس. وڌيڪ ڪجهہ نہ چئي، فقط ايترو چيم، ”بس مجبوري.“ متان ڪو ٻيو سوال نہ ڪري وجهي. مون کيس پڙهائڻ شروع ڪري ڏنو. هُوءَ بہ خاموشيءَ سان پڙهندي رهي. انھيءَ وچ ۾ چانھہ آئي ۽ ڪجهہ دير لاءِ پڙهائي بند ٿي، پر مان سندس ڪنھن بہ وڌيڪ سوال جي جواب کان بچڻ لاءِ سندس ڪورس ڏسڻ لڳس ۽ ڏنل ڪم جاچيندو رهيس.


مون ياسمين کي ٻن ڪلاڪن لاءِ پڙهائڻ جي حامي ڀري هئي، پر پڙهائيندي پڙهائيندي ٽي، ڪڏهن چار ڪلاڪ بہ ٿي ويندا هئا. ٻہ ٽي دفعا ياسمين چيو بہ، ”منظور صاحب، اوهان کي تہ فقط ٻن ڪلاڪن لاءِ پڙهائڻو آهي، پر هتي تہ ٽي ٽي ڪلاڪ بہ ٿي ويندا آهن.“
”اوھہ، معاف ڪجو، شايد بور ٿي ويا.“ مون ڪتاب بند ڪندي چيو هو.
”اهڙي تہ ڳالھہ ڪانھي. مون کي تہ هاڻ اوهين سڄو ڏينھن پڙهائيندا، تہ بہ پڙهندس. مون کي هر حالت ۾ سال ۾ ميٽرڪ ڪرڻي آهي. جڏهن اوهان کي منھنجو ايترو خيال آهي، تہ پوءِ مون کي ڪيئن نہ ٿيندو.“
”تہ پوءِ ٺيڪ آهي، اوهين انھيءَ متعلق وڌيڪ نہ سوچيو. مون کي ڪوبہ ٻيو ڪم ڪونھي. فقط رات جو فيروز سان ملندو آهيان ۽ هن وٽ ڪيڏيءَ مھل بہ وڃان، هو دل ۾ نہ ڪندو آهي. مان فقط چاهيان ٿو، مون جيڪو چيو آهي، سو ٿي سگهي.“ وري کلندي چيم، ”ها، اوهين جيڏيءَ مھل بور ٿيو، مون کي بنا تڪلف چئي سگهو ٿا.“
ياسمين بہ کِلي ڏنو، ”ها ضرور. بوريت ساڻ ڪري، ڪيئن پڙهبو.“


ياسمين کي پڙهائيندي مون کي ٽيون مھينو شروع ٿيو هو. اسان ۾ جيڪا اجنبيت هئي، سا هاڻ ڪنھن حد تائين ختم ٿي چڪي هئي. ياسمين جو شرم بہ ڪافي گهٽجي ويو هو ۽ سندس ڪورس ڏاڍي تيزيءَ سان هلي رهيو هو. مان حيران هوس تہ هن ڇوڪريءَ لاءِ چيو ٿي ويو تہ هيءَ احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا آهي ۽ ڪنھن کان بہ پڙهي نٿي سگهي. مون سوچيو ڇا واقعي ياسمين پڙهي نٿي سگهي، يا ڪنھن کيس پڙهائڻ جي ڪوشش ئي نہ ڪئي هئي. جيڪا بہ ٽيچر آئي ٿي، اچڻ سان ڪتاب کولي، اُبتا سُبتا سوال پڇي، اُبتو سُبتو ڪم ڪرائي، هر مھيني ٽيوشن جا پئسا وٺي وڃَي، ڄڻ تہ سندن فرض پورو ٿي ويو. ڪنھن بہ ياسمين جي نفسيات کان واقف ٿيڻ جي ضرورت محسوس نہ ڪئي. ڪِن بہ ڇو، انھن کي پئسن سان ڪم هو، ياسمين پڙهي يا نہ پڙهي، انھيءَ سان سندن ڪھڙو واسطو.
پر مون ائين نہ ڪيو، مان پڙهائڻ جي معاملي ۾ پنھنجو الڳ نظريو رکندو آهيان. مان نفرت جي بنياد تي نہ، بلڪ محنت جي بنياد تي ڪم ڪرڻ جو عادي آهيان. فيروز کان ياسمين متعلق ڪافي معلومات حاصل ڪئي هئي. پوءِ جڏهن ياسمين سان مليس تہ اها ڪوشش ڪيم تہ سندس دلچسپيءَ جون شيون ڪھڙيون آهن. هُوءَ ڇا پسند ۽ ڇا ناپسند ڪندي آهي. انھيءَ سان گڏ مون کيس اها ڳالھہ بہ ذهن نشين ڪرائي، تہ هُوءَ هوشيار ڇوڪري آهي، جلدي پڙهي سگهي ٿي، جيڪڏهن ڪجهہ محنت ڪري.
مون هن ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ۽ تڏهن مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، جڏهن ڏٺم تہ مان ڪامياب پيو ٿيان. ياسمين ڏاڍي محنت سان پڙهي رهي هئي. اُهو ڪورس، جيڪو ڪو ٻيو شاگرد ڇهن ستن مھينن ۾ ڪري ها، هن گهڻي حد تائين ٽن مھينن جي شروعَ ۾ ئي پورو ڪري ورتو.


ڊرائنگ روم ۾ ويٺي مون کي گهڻو وقت نہ ٿيو هو، جو ياسمين ڪمري ۾ داخل ٿي. ليڊي هئمليٽن جو اڇو سوٽ پيل هئس. ڳلي ۾ چانديءَ جي زنجير، ڪنن ۾ چانديءَ جا ڊگها مگَرَ، ٻانھن ۾ چاندي ۽ شيشي جون اڇيون چوڙيون ۽ آڱر ۾ چانديءَ جو ڇَلو، پيرن ۾ اڇين پٽين سان نازڪ چمپل.
مون کيس ڏٺو، ڪي گهڙيون تہ ڏسندو ئي رهيس. سندس گلابي رنگ اڇن ڪپڙن ۾ جِهر جِهر جَرڪيو پئي. جڏهن هُوءَ ڀرسان واري صوفي تي ويٺي تہ مون کانئس ڪاپي گهري ۽ ڏنل ڪم ڏسڻ لڳس. سڀ ڪم ٺيڪ ڪيل هو. اکر تمام سھڻا ۽ صفائيءَ سان لکيل هئا.
”اوهان جا اکر ڏاڍا سھڻا آهن.“ مون کيس ڪاپي ڏيندي چيو.
”بس اکر ئي تہ سھڻا آهن.“ هن مُرڪي جواب ڏنو.
”ڇا مطلب؟“ مون ڪجهہ ڇرڪندي پڇيو.
”منھنجو مطلب آهي تہ ايندو تہ ڪجهہ نہ اٿم، فقط اکر ئي ڪجهہ ’ٺيڪ‘ آهن.“ هن ٺيڪ لفظ تي زور ڏنو.
”نہ نہ، اِها ڳالھہ تہ ڪانھي. اوهان تہ هاڻ پڙهڻ ۾ بہ چڱا ٿي ويا آهيو.“
”منظور صاحب، اوهين فقط دل رکڻ لاءِ تہ نہ پيا چئو؟“
”مس ياسمين، منظور اڄ تائين ڪنھن کي خوش ڪرڻ لاءِ غلط ڳالھہ نہ ڪئي آهي.“
”اوھہ، معاف ڪجو. منھنجو مقصد غلط نہ وٺجو.“
”نہ. پر هاڻ جيڪا ڳالھہ مان چوڻ چاهيان ٿو. انھيءَ مان بہ اوهين غلط مطلب نہ ڪڍجو.“ مون مُرڪندي چيو.
”ڇا!“ هن حيران ٿي پڇيو.
”اوهان کي ڪپڙن پائڻ جو فن اچي ٿو. ڏاڍي سليقي سان ڪپڙا پايو ٿا. پسند بہ سٺي آهي ۽ رنگن جو انتخاب بہ هميشہ وڻندڙ هوندو آهي.“
”مھرباني. دراصل مون کي هلڪا رنگ وڻندا آهن، خاص ڪري اڇو. ڪڏهن ڪڏهن شوخ رنگ بہ پائي وٺندي آهيان، پر هلڪن رنگن کي ترجيح ڏيندي آهيان.“
ڳالھين جو سلسلو ختم ڪري مان پڙهائڻ ۾ مشغول ٿي ويس، ۽ لاڳيتو ڪلاڪ کن پڙهائيندو رهيس. انھيءَ وچ ۾ پڙهائڻ کان علاوہ ڪابہ ٻي ڳالھہ نہ ٿي. جڏهن ڪلاڪ گذري ويو تہ ياسمين اوٻاسيون ڏيڻ لڳي. ٻن ٽن اوٻاسين تائين تہ مان خاموش رهيس، پر پوءِ نيٺ چيم، ”ڇو مس ياسمين، اوهان کي ننڊ پئي اچي؟“
”نہ... مان ڪجهہ ٿڪجي پئي آهيان.“
”پوءِ پڙهڻ بند ڪجي. ٿَڪَ ۾ ڪجهہ سمجهہ ۾ ايندو ئي ڪونہ.“ مون ارٿميٽڪ جو ڪتاب ميز تي رکندي چيو.
”ها، چانھہ پي، پوءِ پڙهبو.“ ياسمين ڪاپي ميز تي رکندي وري اوٻاسي ڏني.
ڪجهہ دير لاءِ خاموشي ڇانئجي وئي. ايتري ۾ چانھہ اچي وئي. چانھہ هميشہ ڪلاڪ کان پوءِ ايندي هئي ۽ اهو بہ منھنجي چوڻ تي ٿيو هو. ڇو تہ پھريون ڪلاڪ تہ مان بلڪل فريش هوندو هوس ۽ ياسمين بہ. ڪلاڪ کان پوءِ چانھہ پي ڪجهہ مختلف موضوعن تي ڳالھائي، وري پڙهائي شروع ڪبي هئي. ائين بہ مون لکڻ ۽ پڙهڻ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو هو. پھريون ڪلاڪ لکائڻ جو ڪم، ٻئي ڪلاڪ ۾ پڙهائڻ جو ڪم ۽ پوءِ جي وقت ۾ ليڪچر... پر ڪڏهن ڪڏهن پروگرام تبديل بہ ڪندو هوس، تہ جيئن ساڳئي ساڳئي ڪم کي، ساڳين وقتن ۾ ڪندي ياسمين بور نہ ٿي پوي.
چانھہ ٺاهي ياسمين منھنجي اڳيان رکي. چانھہ پيئندي پيئندي ياسمين اوچتو پڇيو، ”منظور صاحب، اوهان کي سنگيت سان بہ دلچسپي آهي؟“
مان ڇرڪيس. چانھہ جو ڍُڪ ڀري چيم، ”ياسمين، مون کي سنگيت سان عشق آهي.“
”سنگيت ۾ ڇا پسند ڪندا آهيو، منھنجو مطلب آهي، ڪھڙي قسم جا گيت وڻندا اٿوَ؟“
”پڪا گانا بنھہ نہ وڻندا اٿم.“ جلديءَ سان جواب ڏنم. ”قوالين کان بہ بُڇان لڳندي اٿم. ڏسو نہ، سولي سڌي گاني کي رڙيون ڪري ڳائڻ ڀلا اِها ڪٿي جي فضيلت آهي. گهٽ ۾ گهٽ اسان جي سنڌي ڪلچر ۾ تہ قوالي ڪانھي. البت ريڊيو ۽ ٽي. وي وارن اِها مسخري شروع ڪئي آهي. سنڌيءَ ۾ اهڙي قسم جي ڳائڻ جو سراغ، گذريل زماني ۾ بہ نٿو ملي، پر هاڻ تہ شاھہ صاحب جي ڪلام سان بہ اهڙيءَ بدذوقيءَ جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي.“
ياسمين کلڻ لڳي.
”ڇا مان غلط پيو چوان؟“ مون کيس کلندي ڏسي پڇيو.
”بلڪل نہ. تعجب آهي، مون کي بہ قوالين ۽ پڪن گانن کان سخت نفرت آهي. ڀلا اوهين پسند ڇا ٿا ڪريو؟“
”ڏسو، گيت ۽ سنگيت جي معاملي ۾ منھنجو نظريو اهو آهي تہ سنگيت جو سڌو سنئون روح سان تعلق هوندو آهي. سٺو گيت اُهو، جيڪو پھرئين دفعي ٻڌڻ سان ئي وڻي ۽ بي اختيار زبان تي اچي وڃي ۽ اهڙو گيت پوءِ ڪڏهن نہ وسرندو. جيڪو زبان تي نہ اچي سگهي، جيڪو ذهن کي متاثر نہ ڪري، انھيءَ ۾ خوبي ڪھڙي؟ سٺو سنگيت تہ دل جي گهراين ۾ لھي ويندو آهي ۽ هميشہ لاءِ اُتي پنھنجي لاءِ جاءِ ٺاهي وٺندو آهي ۽ اهڙي سنگيت کي اُهو ئي خلقي سگهندو، جنھن کي موسيقيءَ جي علم جي پوري ڄاڻ هوندي.“
”ائين هلڪي ڦلڪي موسيقي ۽ سولا سڌا گيت جيڪي سنڌي ۽ مشرقي سازن تي ڳائل هجن. مون کي وڌيڪ وڻندا آهن. مغربي ڌُن تي ڳايل ديسي گيت ٻڌڻ پسند نہ ڪندو آهيان. جيڪڏهن مغربي موسيقي ٻڌڻي آهي تہ پوءِ ڇو نہ انگلش سانگس (Songs) ٻُڌجن. مغربي موسيقي جي ڄاڻ اسان جي موسيقارن کان وڌيڪ انھن کي آهي.“
”اوهان جو مطلب آهي تہ مغربي ساز استعمال نہ ڪجن؟“ ياسمين پڇيو.
”نہ نہ، منھنجو اِهو مطلب ڪونھي. مان مغربي سازن جي خلاف نہ آهيان، مشرقي گانن ۾ مغربي ڌنون. انھن جي خلاف آهيان. ڏسو نہ، هر ٻوليءَ جو پنھنجو مزاج آهي، هر ملڪ جو ڪلچر الڳ الڳ آهي. اسٽائيل بہ الڳ، مزاج بہ جدا. هر ملڪ جي سنگيت کي انفراديت حاصل آهي. پاڪ- هند تہ اهڙا ملڪ آهن، جتي گيت ۽ سنگيت جنم ورتو آهي. ٻاهرين دنيا وارن هتان ئي اِهو پرايو ۽ هاڻ اسان جا هالُو چالُو موسيقار انھيءَ عظيم فن جو ستياناس پيا ڪن. اسان جا گهڻا موسيقار اهڙا بہ آهن، جن کي سازن جي صحيح استعمال جي ڄاڻ ئي ڪانھي. خوشيءَ جي گيت ۾ بہ گٽار وڄائين، تہ ڏک ۾ بہ... ۽ اسٽائيل بہ ساڳي.“
”اوهان سنڌي لوڪ ڌُنون تہ ٻڌيون هونديون. اسان کي انھن تي ناز آهي، پر انھن ئي ڌُنن کي ڪن هُونھار موسيقارن مغربي ڌنن ۾ ڳارايو آهي. ڀلا اِهو ظلم ڪونھي؟“
”پر سڀئي موسيقار تہ اهڙا نہ آهن.“ ياسيمن ڄڻ تہ احتجاج ڪيو.
”نہ، بلڪل نہ. سڀئي اهڙا ڪونھن. ڪي تہ تمام سٺا آهن. پاڪستان ۾ خورشيد انور ۽ ڀارت ۾ نوشاد ۽ ايس. ڊي. برمن مٿاهون درجو رکن ٿا. انھن کي موسيقيءَ جي اصولن جي صحيح ڄاڻ آهي. اِهي مشرقي ڌُنون، مشرقي سازن تي وڄائيندا آهن. سنڌ جي فلمي موسيقارن وانگر ڪوهياري کي مغربي سازن تي وڄائي سنڌي لوڪ ڌُنن جو خانو خراب نہ ڪيو اٿن. خورشيد انور، ايس. ڊي. برمن يا نوشاد جڏهن مغربي ساز وڄائيندا آهن تہ گيت ۽ سچوئيشن جو بہ خيال رکندا آهن.“
”مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي تہ اوهان کي بہ مون وانگر اُوٽ پٽانگ گانا نہ وڻندا آهن.“ ياسمين جي چھري جي گلابي رنگ ۾ ڳاڙهاڻ بہ جهلڪا ڏئي رهي هئي.
”ياسمين، مان چئي چڪو آهيان تہ مون کي سنگيت سان پيار آهي. جڏهن بہ پنھنجي پسند جو گيت ٻڌندو آهيان، تہ مون تي بيخودي ڇانئجي ويندي آهي. فن جو احترام ڪندو آهيان. سٺي گيت کي ڏاڍي سُڪون، خاموشيءَ ۽ ڌيان سان ٻڌندو آهيان ۽ چاهيندو آهيان تہ انھيءَ عرصي ۾ ڪو مون سان ڳالھائي بہ نہ، بلڪ سامھون لنگهي بہ نہ. اوڏيءَ مھل مان اکيون بہ بند ڪري ڇڏيندو آهيان، تہ جيئن خيال هڪ ئي هنڌ رهن.“
مان خاموش ٿيس تہ ياسمين چيو، ”مون وٽ لانگ پلي، فارٽي ايٽ ۽ فارٽي فائِو، آر. پي. ايم رڪارڊس جي ڪليڪشن آهي، اوهان ڏسو، شايد اوهان جي پسند جا بہ ڪجهہ رڪارڊس هجن.“ منھنجي جواب ڏيڻ کان اڳ ئي ياسمين اُٿي ريڊيو گرام ڏانھن وڃڻ لڳي.
”۽ پڙهڻ.“ مون چيو.
”اڄ ٺھيو. مان پاڻ بہ ٿڪل آهيان. آرام چاهيان ٿي.“ هن مون ڏانھن ڏسي مُرڪي چيو.
”پوءِ تہ ضرور رڪارڊ وڄايو.“
”اوهان ڇا ٻڌڻ پسند ڪندا.“ ياسمين رڪارڊ کڻندي چيو.
”في الحال تہ فلمي گيت.“
”مان رڪارڊ کڻي ٿي اچان، اوهان چونڊ ڪري ڏيو.“
ياسمين ڪجهہ رڪارڊ کڻي آئي. اِهي سڀئي اُهي رڪارڊ هئا، جيڪي مون پنھنجي خيالي ريڊيو گرام لاءِ وٺڻ ٿي چاهيا. سيگل، مڪيش، طلعت، رفيع، نور جھان، فريدہ خانم، خورشيد انور، ايس. ڊي. برمن، نوشاد ۽ مائي ڀاڳي.
”رڪارڊس جي اِها ڪليڪشن ڪنھن جي آهي.“ مون بي اختيار پڇيو.
”منھنجي... منھنجي ئي چوڻ تي ڊيڊي اهي رڪارڊس گهرايا آهن. ڇا سٺا نہ آهن؟“
”سٺا... هي تہ بھترين آهن. منھنجي پنھنجي پسند.“
مان سوچ ۾ پئجي ويس، ڇا دنيا ۾ ٻن اهڙن ماڻھن جي پسند بہ بلڪل هڪجھڙي ٿي سگهي ٿي، جيڪي زندگيءَ ۾ ڪڏهن مليا بہ نہ هجن.
”ٻيا رڪارڊ کڻي اچان؟“ هن مون کي خاموش ويٺل ڏسي پڇيو.
”نہ نہ.“ مان رڪارڊس ڏسڻ لڳس. سيگل جا- دشمن، ديوداس، ڪاروانِ حيات، پروانہ. مڪيش جا، راني روپ متي، بندني، پرورش، بمبئي ڪا بابو. طلعت جا، سجاتا. نورجھان جا. گلنار، انتظار، زينت، جگنو، نوشاد جا، رتن، انوکي ادا، انمول گهڙي، انداز، ميري محبوب، ميلہ، بابل. ايس. ڊي برمن جا، ٽيڪسي ڊرائيور، بازي، سجاتا، بندني، گائيڊ....
”گائيڊ!“ خوشيءَ منجهان، منھنجي واتان ذري گهٽ رڙ نڪري ويئي.
”جي؟“ ياسمين ڪجهہ حيران ٿيندي پڇيو.
”هي رڪارڊ وڄايو.“ مون گائيڊ جو لانگ پلي ڏيندي چيو. ياسمين رڪارڊ کڻي ريڊيو گرام ڏانھن وئي. مان اَئنوِلَپ کي ڏسڻ لڳس، جنھن جي هڪ طرف فلم جي هيروئن وحيدہ رحمان ۽ هيرو ديوآنند جي تصوير هئي ۽ ٻئي طرف فلم جي موسيقار ايس. ڊي. برمن جي تصوير ۽ فلم جي گانن متعلق تاثرات.
گائيڊ جا گانا مون ٻہ ٽي دفعا ريڊيو تي ٻڌا هئا. انھن گانن ۾ منھنجي دل جي پڪار هئي. ڄڻ تہ مون ئي لکيا هئا. رفيع ڳائڻ ۾ ڪمال ڪيو آهي ۽ ايس. ڊي. برمن ڌُنون ٺاهڻ ۾. منھنجي دل ۾ جيڪي خواهشون جاڳنديون آهن، انھن مان هڪ گائيڊ فلم جو لانگ پلي رڪارڊ، ريڊيو گرام تي آهستگيءَ سان ٻڌڻ جي خواهش بہ دل ۾ سانڍيندو آيو آهيان. ڪيڏي نہ ننڍڙي خواهش، پر ڪيڏي نہ اذيت برداشت ڪئي اٿم، اهي گانا نہ ٻڌي ۽ ڪيترو نہ چاھہ اٿم ريڊيو گرام جو.
ريڊيو گرام آهي، گائيڊ جو لانگ پلي رڪارڊ بہ آهي، پر اِهي منھنجا نہ آهن. مان فقط ٻڌي سگهان ٿو، پر پنھنجي مرضيءَ سان نہ.
رڪارڊ وڄڻ شروع ٿي ويو هو، لتا ۽ ڪشور ڪمار ڳائي رهيا هئا.... ’گاتا رهي ميرا دل‘ ۽ پوءِ هڪ گانو ختم ٿي، ٻيو شروع ٿيو. ياسمين ڪنڌ جُهڪايو ويٺي هئي، مان بہ اکيون بند ڪري، صوفي جي پُٺ کي ٽيڪ ڏئي اَهلي پيس. لتا جو آواز گونجيو پي،... ’رات ڪو جب چاند چَمڪَي، جَل اُٺَي تَن مورا، مين ڪهُون مت ڪر او چندا، اِس گلي ڪا ڦيرا.‘
۽ پوءِ... ۽ پوءِ اُهو گانو آيو، جنھن مون کي تڙپائي ٿي ڇڏيو. رفيع جو آواز شئليندر جي شاعري، ڄڻ تہ اها شاعري منھنجي حال تي ڪئي وئي آهي. منھنجي لاءِ ڪئي وئي آهي.. ’ڪيا سَي ڪيا هَو گيا... بيوفا تيرَي پيار ۾...‘ پر اهو بيوفا ڪير آهي. ڪنھن جي ياد انھيءَ گاني تي تڙپائي ٿي. ڪھڙو اڻ ڄاتل درد آهي، جيڪو اهو گانو ٻڌي اندران سَٽون ڏئي ٻاهر ٿو نڪري. آخر اِهو گانو مون کي ايڏو بيقرار ڇو ٿو ڪري! ڪنھن جي ياد انھيءَ گاني سان وابستہ آهي، ڪنھن مون کان مُنھن موڙيو آهي. هي گيت مون کي اهڙا ڏنڀ ڇو ٿو ڏئي.
ڪير بہ نہ.... ڪير بہ نہ. اندر جي اُوناهيُن مان هڪ پڙاڏو اُڀريو.
ڪوبہ تہ ڪونھي. ڪنھن بہ تہ مون کي نہ چاهيو آهي. ڪنھن بہ تہ مون سان ڪو واعدو نہ ڪيو آهي. تہ پوءِ ڪنھن جو ڀرم ٽُٽو، جنھن مون کي تڙپائي وڌو. اِهو ڪھڙو پيار آهي، جنھن جو ڪندڙ تہ ڪونھي، پر تڙپ موجود آهي. اِهي ڪھڙا فاصلا آهن، جيڪي دور نٿا ٿين. اُهي ڪھڙا رستا آهن، جيڪي هي گانو ٻڌڻ سان ڌُنڌيَل ڌُنڌيَل پاڇو بنجي ذهن جي آڏو ڦري ٿا وڃن.
اِهو گيت شايد منھنجي محروميءَ جو پڙاڏو آهي، جيڪو منھنجي اندران اُڀري ٿو. اهو گيت مون کي احساس ڏياري ٿو تہ ڪابہ اهڙي چاهت ڪانھي، جيڪا فقط منھنجي لاءِ هجي. اها چاهت، جيڪا زندگي گذارڻ جو سھارو هجي، جنھن جي سھاري زندگي گذارڻ جي آرزو هجي. مون سان قدرت مذاق ڪيو آهي، مون کي زندگي ڏني اٿس، پر بي رنگ، ٻُسي ٻُسي، بيٺل پاڻيءَ جي چشمي جي ٺھراءُ وانگر. اهو ويران چشمو، جنھن تي ڪنھن انڊلٺ جو پاڇو نہ پوندو آهي، جنھن جي ڪناري تي ڪو گل نہ ٽڙندو آهي، جنھن جي ڪناري تي ويھي ڪو حسين جوڙو قرب نہ ونڊيندو آهي.
اهڙي ٻُسي، ڦڪي، بي رنگ زندگي آهي منھنجي. منھنجي زندگي مون سان وفا نہ ڪئي آهي. اُهو ڪجهہ، جيڪو مون چاهيو، انھيءَ کي حاصل نہ ڪرڻ ئي منھنجي ڀاڳ ۾ لکيل آهي.
اِهو گيت منھنجي روح جي پڪار آهي. اهو پڙاڏو آهي، منھنجي اندر جو ۽ پوءِ منھنجي ذهن سوچڻ ڇڏي ڏنو. مان خالي ذهن ويٺو رهيس ۽ نہ ڄاڻ رڪارڊ ڪڏهن ختم ٿي ويو هو. مان نہ ڄاڻ ڪٿي وڃي پھتو هوس. هوش ئي نہ هوم، ذهن ۾ رفيع جو آواز پڙاڏجي رهيو هو. ’چلو سھانا ڀَرَم تو ٽُوٽا، جانا ڪَي حُسن ڪِيا هَي؟‘
نہ ڄاڻ مان ڪيتري دير ائين سوچ ۾ ٻڏو رهان ها ۽ سلسلو اڃا نہ ڄاڻ ڪيترو طويل ٿئي ها، پر ياسمين جي سڏ مون کي ڇرڪائي وڌو.
”ڇو منظور صاحب، اوهين ائين ماٺ ڪري ڇو ويٺا آهيو. اهو رڪارڊ تہ ڪڏهوڪو ختم ٿي ويو. ٻيا ڪھڙا رڪارڊ وڄايان؟“
”نہ مس ياسمين. هن رڪارڊ کان پوءِ مان ٻيو ڪوبہ رڪارڊ ٻڌڻ نٿو چاهيان.“
”ڇو؟“ ياسمين اچرج ۾ پڇيو.
”رفيع جو اِهو گيت، ڪيا سَي ڪيا هو گيا... منھنجي روح جو پڙاڏو آهي. انھيءَ گيت کي مان جڏهن ٻڌندو آهيان، تہ ڏاڍو اداس ٿي ويندو آهيان. دل چاهيندي آهي اوڇنگارون ڏئي رُئان.“
”ڇا ڪو ياد ايندو آهي؟“
”ياد...؟ ڪير ايندو ياد. ڪير آهي... ڪير هو، جو ياد اچي، ڪير بہ تہ ڪونھي.“
”پوءِ اهو گيت اوهان کي ايڏو اُداس ڇو ٿو ڪري؟“
”نہ ڄاڻ ڇو. شايد ڪنھن گذريل جنم ۾ مون سان بيوفائي ڪئي هوندي. انھيءَ جي ياد نہ ايندڙ ياد، مون کي اُداس ڪيو ڇڏي.“ مون ڦڪي مرڪ مُرڪندي چيو.
”اوهين بہ عجيب ۽ دلچسپ آهيو.“ هن کِلندي چيو.
”دلچسپ نہ، فقط عجيب.“ وري بہ ڦِڪي مُرڪ منھنجي خشڪ چپن تي ڦھلجي وئي. وري بہ ياسمين کلي ڏنو.
مان اٿي بيٺس. ”چڱو هاڻ مان هلان ٿو. اوهان ڏنل ڪم ڪري وٺجو.“
”ها بلڪل.“ ڪجهہ ساعتن کان پوءِ چيائين، ”اوهان تہ شايد هاڻ ادا فيروز وٽ ويندا.“
”ها، هن کان سواءِ ٻيو آهي بہ ڪير، جنھن کي پنھنجو سمجهجي.“ ۽ ياسمين ڏانھن بنا ڏٺي ۽ سندس جواب ٻڌڻ کان سواءِ ئي در کولي ٻاهر نڪري آيس.


فيروز گهر ئي هو. در کڙڪايم، نڪري آيو. ڏسي مرڪيو ۽ سلام ڪيائين. ”اڄ جلدي پڙهائي ختم ٿي وئي؟“
”ها، ياسمين جو موڊ پڙهڻ تي نہ هئو، انھيءَ ڪري جلدي اچي ويس.“
”سٺو... مان ڪپڙا مٽائي اچان ٿو.“
هُو گهر ويو ۽ مان ٻاهر رستي تي سندس انتظار ڪرڻ لڳس. وقت آهستي آهستي گذرڻ لڳو، اڌ ڪلاڪ ٿيڻ تي هو، منھنجون ٽنگون بيھڻ کان جواب ڏئي رهيون هيون، مان گهڙيءَ گهڙيءَ سندس گهر ڏانھن ڏسڻ لڳس. مون کي جيڪي ڳالھيون ڏاڍيون ڏکيون لڳنديون آهن، انتظار انھن ۾ سڀ کان اول آهي. فيروز ۾ اِها سڀ کان وڏي ڪمزوري آهي. ڪپڙا مَٽائڻ ۾ ايتري دير لڳائيندو، جيتري دير ۾ ڪنوار کي سينگاري وٺجي. نيٺ فيروز آيو. مرڪي چيائين، ”مون کي دير تہ نہ ٿي آهي؟“
”نہ، گهڻي تہ نہ، فقط منو ڪلاڪ.“ مون ڪاوڙ ۾ چيو.
هن واچ ۾ ڏسندي چيو، ”ايترو تہ ڪوڙ نہ ڳالھاءِ. مون کي فقط ايڪٽيھہ منٽ ٿيا آهن.“
”ها، ايڪٽيھہ منٽ تہ تمام ٿوري دير آهي.“ مون کي وڌيڪ ڪاوڙ لڳي.
فيروز خاموش ٿي ويو. سندس اها خاص عادت آهي، جڏهن بہ هو ڏوھہ ڪندو آهي، تہ خاموش ٿي ويندو آهي. مان چاهيندو آهيان تہ هو معذرت گهري، پنھنجي ڏوھہ تي افسوس جو اظھار ڪري. پر هو بلڪل خاموش رهندو آهي ۽ انھيءَ طرح طويل ڏنگيندڙ خاموشيءَ کان مون کي وحشت ٿيندي آهي ۽ پوءِ اها خاموشي مان ئي ٽوڙيندو آهيان، هن جون چڱاين ياد ڪري، سڄي ڪاوڙ ڍري ٿيو وڃي.
اسين اچي هڪ ريسٽارنٽ ۾ ويٺاسين. ڪجهہ دير خاموشي رهي، پوءِ فيروز چيو، ”نہ ڄاڻ توکي اهي انڌيريُون ڪنڊون ڇو وڻنديون آهن. روشنيءَ ۾ ڊپ ٿو لڳئي ڇا؟“
”ها. منھنجي زندگيءَ ۾ ڪابہ روشني ڪانھي. فقط اونداھہ آهي. تنھن ڪري اونداھہ ۾ ئي ويھڻ مناسب سمجهندو آهيان.“
”توکي شَل موقعو نہ ملي، بس ڪھاڻين جا ڊائيلاگ ٻڌائڻ ويھي رهندين.“ فيروز ڄڻ تہ احتجاج ڪيو.
”زندگي هڪ ڪھاڻي ئي تہ آهي. هڪ ڏکوئيندڙ ڪھاڻي. مون جھڙي مايوس انسان جو روشنيءَ سان ڪھڙو تعلق.“
”ڏس، مون توکي ڪيترا دفعا جهليو آهي، منھنجي سامھون مايوسيءَ جون ڳالھيون نہ ڪندو ڪر. ﷲ کان بہ مايوس آهين ڇا؟ مايوسي گناھہ آهي.“
منھنجي چپن تي ڦِڪي مُرڪ ڦھلجي وئي. ”فيروز مون کي انھن ڊاڪٽرن تي ڏاڍي کِل ايندي آهي، جيڪي دل جي مريض کي چوندا آهن، پريشاني ڇڏي ڏيو، خوش رهڻ جي ڪوشش ڪريو. مون مايوسين کي ڄاڻي واڻي تہ ڳلي نہ لڳايو آهي. بس حالات مايوس ڪيو وجهن ۽ پاڻ تي اختيار نہ رهندو اٿم ۽ اڄ تہ مون پنھنجي پسند جو اُهو گيت ٻڌو آهي، جنھن کي ٻڌي مان بيخود ٿي ويندو آهيان. ائين محسوس ٿيندو اٿم تہ جنم جنم کان اُداس آهيان، ڪا اهڙي ڳالھہ، ڪو اهڙو واقعو، ڪو اهڙو حادثو، جنھن مون کي ازل کان ئي اُداس ڪري وڌو آهي. ائين ڀانيان ٿو تہ اُداسي منھنجي مقدر ۾ لکجي وئي آهي. ٻڌاءِ فيروز، آخر رفيع جو اهو گيت مون کي ايڏو بيقرار ڇو ٿو ڪري؟“
”چريو آهين ٻيو ڇا.“ فيروز جواب ڏنو.
”تون ٻار آهين فيروز، ذهني طور ٻار. توکي خبر نہ آهي تہ زندگي ڇا آهي. زندگي خوابن جو قيد خانو آهي، آرزوئن جو مقتل. اداسين جي ماٿري. اُميدن جو قبرستان. تون ٻار آهين، تو منھنجي اندر جي درد کي محسوس ئي نہ ڪيو آهي. ڪاش مون کي ذهن نہ هجي ها. ذهن ڪيڏو نہ ڏنگَي ٿو.“
۽ پوءِ وري خاموشي ڇانئجي وئي، ڄڻ تہ اونداھہ ٻاٽ ڦھلجي وئي. مون وٽ لفظ ائين کٽي پيا، جيئن اونداھہ ۾ رستو نظر نہ ايندو آهي.
خاموشيءَ جو اهو سلسلو نہ ڄاڻ ڪيتريون صديون رهيو ۽ پوءِ ڄڻ فيروز خاموشيءَ جو سينو چيريو، ”ياسمين جي پڙهائي ڪيئن پئي ٿئي؟“
”ٺيڪ پئي ٿئي.“
”پڙهي ويندي؟“
”ڇو نہ. هُوءَ تہ هوشيار ڇوڪري نڪتي. دراصل هن کي ڪنھن پڙهائڻ جي ڪوشش ئي نہ ڪئي هئي.“
”اِها تہ خوشيءَ جي ڳالھہ آهي. تو ياسمين کي پڙهائي ورتو تہ اِها وڏي ڳالھہ ٿيندي.“
”جيڪڏهن طريقي سان پڙهائجي تہ هڪ موڳو ٻار بہ پڙهي سگهي ٿو، اِها تہ وري بہ سمجهو ڇوڪري آهي.“


”مس ياسمين، مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي، اوهان کي پڙهندي اڃا مَس ٽي مھينا ٿيا آهن، پر اوهان چڱا هوشيار ٿي ويا آهيو، اڄ تہ ارٿميٽڪ جا سڀئي سوال صحيح نڪتا آهن.“
”اِها اوهان جي مھرباني آهي.“ ياسمين مُرڪندي چيو ۽ ارٿميٽڪ جي ڪاپي رکي ڊڪٽيشن جي ڪاپي کولِيائين.“
”منظور صاحب. هڪ ڳالھہ چوان.“
”ڇو، ڪا اهڙي آهي ڇا، جنھن جي اجازت وٺڻ جي ضرورت هجي؟“
”نہ نہ، ها بہ.“ هن مُرڪي چيو.
”تہ چئو. منھنجي طرفان اجازت اٿوَ.“
”اوهين مون کي- مِس ياسمين نہ، فقط ياسمين چوندا ڪريو.“ ياسمين رڪجندي رڪجندي چيو.
”پر ڇو؟“ مون حيران ٿيندي پڇيو.
”انھيءَ ڪري، جو ’مِس‘ چوڻ سان ائين ٿو محسوس ٿيم تہ ڄڻ مان واقعي ڪنھن ٽيچر کان پڙهي رهي آهيان.“
”پر مان ٽيچر ئي تہ آهيان.“ مون کلندي جواب ڏنو.
”نہ، اوهين ٽيچر نہ، گهر جا ئي هڪ فرد آهيو. اسان جي گهر جا سڀئي ڀاتي اوهان جي ڏاڍي عزت ڪندا آهن. مون پاڻ مان اِهو احساس ڪڍي ڇڏيو آهي، تہ اوهين هڪ ڌاريا ٽيچر آهيو. جيڪڏهن مون مان اِهو احساس نہ نڪري ها، تہ مان اوهان کان پڙهي نہ سگهان ها، اميد تہ اوهان کي اعتراض نہ ٿيندو.“
مان مُنجهي پيس، پوءِ چيم، ”چڱو جيئن اوهان جي مرضي مس يا... معاف ڪجو، فقط ياسمين.“
پوءِ ٻنھين کلي ڏنو.


”ياسمين، اڄ تنھنجو نائينٿ جو ڪورس پورو ٿيو. سڀاڻي کان ٽينٿ جو ڪورس شروع ڪبو. هاڻي ٽينٿ جو ڪورس توکي ڏکيو نہ لڳندو، پر پنجن مھينن ۾ اهو ڪورس پورو ڪرڻو آهي ۽ پوءِ مھينو امتحان جي تياري، مئٽرڪ جي امتحان جي تياري. ڇا سمجهئي.“
”هاءِ ﷲ، مون کي تہ ڊپ ٿو لڳي.“ ياسمين جو مُنھن ڳاڙهو ٿي ويو، هن ٻئي هٿ ڳلن تي رکي، مون ڏانھن ڏٺو.
”ڇا کان ٿو ڊپ لڳئي؟“ مون پڇيو.
”ميٽرڪ جي امتحان کان.“
”تہ پوءِ ڇڏي ڏي پڙهائي.“ مون شرارت منجهان چيو.
”واھہ، ايڏي محنت ڪئي اٿم، ۽ هاڻ امتحان نہ ڏيان.“ هن مصنوعي ڪاوڙ ۾ چيو.
”ڏس ياسمين. جيڪا شئي ڇڏي نہ سگهجي، انھيءَ کان ڊپ بہ نہ ڪجي. تو واقعي ڏاڍي محنت ڪئي آهي. مون کي اميد آهي تہ تون ٽينٿ جو ڪورس بہ جلد پورو ڪري وٺندينءَ ۽ پوءِ مان فخر سان تنھنجي والد ۽ فيروز کي چئي سگهندس تہ ڏسو، اوهان هن ڇوڪريءَ لاءِ چيو ٿي تہ هيءَ احساس ڪمتري جي شڪار آهي، اصل پڙهي نہ سگهندي. هاڻ ٻڌايو، ڪيئن پڙهي وئي. پڙهائڻ جو ڪو طريقو بہ تہ هجي. ائين ئي کڻي مٿي تان بار نہ لاهجي، محنت ڪجي، صحيح رستو وٺجي....“
”۽ پنھنجي تعريف ڪجي.“ ياسمين منھنجي ڳالھہ ڪٽي پنھنجو جملو منھنجي ڳالھہ سان ملايو.
”تہ ڀلا اِها تعريف غلط آهي؟“ مون سوال ڪيو.
”نہ، آهي تہ صحيح، پر پنھنجي واتان ٺھي ڪونہ ٿي.“ ياسمين شرارت سان مُرڪندي چيو.
”چڱو سائين، تون برداشت نٿي ڪري سگهين، تہ پوءِ ساراھہ ڪونہ ٿو ڪريان.“ ۽ مان خاموش ٿي ويس ۽ پوءِ انگلش ڪتاب کڻي صفحا اٿلائڻ لڳس.
۽ ڪجهہ دير خاموشي ڇانئين رهي.
”اوهين ناراض ٿي ويا.“ ياسمين خاموشي ٽوڙي.
”نہ.“ مون ڇرڪ ڀريو، ”انھيءَ ۾ ناراضگيءَ جي ڪھڙي ڳالھہ.“
”اوهين خاموش ٿي ويا نہ انھيءَ ڪري....“
”نہ نہ، اهڙي ڳالھہ ڪانھي، مون ليسن پي ڏٺا.“ مون صفحا اٿلائيندي چيو.
”منظور صاحب، مون مذاق ڪيو هو.“ مان ڏانھنس ڏسڻ لڳس، هن ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. ”واقعي مان اوهان جي احسانمند آهيان. اوهان مون تي ڏاڍي محنت ڪئي آهي.“
”اهڙيون بيوقوفن جھڙيون ڳالھيون مون سان نہ ڪندي ڪر.“ مون نرم لھجي ۾ چيو، ”مون ڪوبہ احسان نہ ڪيو آهي، پنھنجو فرض پورو ڪيو اٿم. اوهان مون کي گهر جي فرد جي حيثيت ڏني ۽ مون ڪوشش ڪئي آهي تہ انھيءَ کي نباهي سگهان.“
ڪجهہ دير ترسي چيم: ”هڪ ڳالھہ چوان، غلط مطلب نہ وٺجان.“
”چؤ.“ ياسمين مون ڏانھن ڏسندي چيو.
”مون کي هتي اچي خوشي محسوس ٿيندي آهي.“
ياسمين جي جواب کان پھرين نوڪر اندر آيو.
”صاحب، سيٺ صاحب چيو آهي تہ ياسمين بي بي کي پڙهائڻ کان پوءِ مون سان ملجو.“
”چڱو.“ مون جواب ڏنو.
۽ جڏهن ياسمين پڙهي ورتو، تہ پنھنجا ڪتاب ۽ ڪاپيون ميڙي، هڪ ٻئي جي مٿان رکي، اُٿي بيٺي، مان کيس ڏسڻ لڳس، هن جهڪي ڪتاب کنيا ۽ سلام ڪري ٻاهر در ڏانھن وڃڻ لڳي، مان کيس ويندي ڏسندو رهيس، نہ ڄاڻ ڇو مان سندس سلام جو جواب نہ ڏيئي سگهيس، ۽ هن کي ويندي ڏسندو رهيس. هُوءَ در مان ٻاهر نڪري وئي، پر منھنجون نظرون اڃا بہ دَر ۾ کُتلَ هيون. ائين پي چاهيم تہ ياسمين وري اچي، وري اچي منھنجي سامھون ويھي، سندس ڪپڙن مان شنيل جي جيڪا ٿڌي ۽ وڻندڙ خوشبو ايندي آهي، اُها هڪ دفعي وري پکڙجي پوي. پر مون اِهو سڀ ڪجهہ ڇو پي سوچيو، مون کي اِهو سڀ ڪجهہ شايد نہ سوچڻ گهرجي.
مون در تان نظرون هٽائي ڇڏيون ۽ اکيون بند ڪري، مٿو صوفي جي پاسي تي ٽڪائي ذهن مان انھيءَ سوچ کي ڪڍڻ جي جدوجھد ڪرڻ لڳس ۽ پوءِ کُڙڪي تي اکيون پٽي ڏٺم تہ سيٺ صاحب اندر آيو پي. مان اُٿي بيٺس ۽ کين سلام ڪيم. سيٺ صاحب مُرڪي سلام جو جواب ڏنو ۽ شوڪيس تان چُرُوٽن جي باڪس مان هڪڙو چُرُوٽ ڪڍي، ڀرسان رکيل لائٽر کڻي، سامھون واري صوفي تي ويھي رهيو. لائيٽر ڏاڍو سھڻو هو، سوئز ايئر ڪمپني (Swiss Air) جو هو، سندس شڪل نيويارڪ جي امپائر اسٽيٽ بلڊنگ جھڙي هئي ۽ اهو گهٽ ۾ گهٽ ڇهن انچن کان بہ ڊگهو هو. لائيٽر سان چُروٽ دُکائي، سيٺ صاحب گوڏي تي کاٻي ٽنگ رکي، صوفي تي، ڪجهہ آهلجي پيو.
”ٻڌايو منظور صاحب، ياسمين جي پڙهائي ڪيئن پئي ٿئي؟“
”اڄ نائينٿ جو ڪورس پورو ٿيو. سڀاڻي کان ٽينٿ جو ڪورس شروع ٿيندو، ۽ نائينٿ جي رويزن.“
”اڇا!“ سيٺ صاحب ڏاڍي، زور سان ’اڇا‘ ڪئي ۽ سڌو ٿي ويھي رهيو. ”ڇهن مھينن ۾ نائينٿ جو ڪورس پورو ڪيائين. ايترو جلد. مون تہ سمجهيو هو تہ ڪئين سال لڳندا.“
”ياسمين هوشيار آهي، مان اڳ بہ عرض ڪري چڪو آهيان تہ شايد ڪنھن بہ کيس محنت سان پڙهائڻ جي ڪوشش نہ ڪئي آهي. پر پوءِ بہ ڪجهہ ڪورس تہ ڪيل هئس... هن سال انشاءَ ﷲ ميٽرڪ جو امتحان ڏيندي.“
”ڇا واقعي... مون کي تہ اعتبار ئي نٿو اچي.“ سيٺ صاحب جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي.
”جڏهن امتحان ڏيندي، تہ پوءِ اوهان کي اعتبار اچي ويندو.“ مون مُرڪي جواب ڏنو.
”مان اوهان جو احسانمند....“
”قطع ڪلامي معاف، وري نہ چئجو.“ مون سندن ڳالھہ ڪٽيندي چيو. ”مون کي ڏک ٿو ٿئي. مان اوهان کي، اوهان جي گهر کي پنھنجو ئي ٿو سمجهان.“
”اِها تہ مھرباني آهي اوهان جي. فيروز جيڪا تعريف اوهان جي ڪئي هئي، اوهين انھيءَ تعريف کان وڌيڪ جا مستحق آهيو.“
پوءِ ڪجهہ دير هيڏانھن هوڏانھن جون ڳالھيون ٿينديون رهيون ۽ پوءِ اجازت وٺي اٿيُس.


”ياسمين.“
“هون.“
”تون شايد نائينٿ جي ڪورس جي رويزن نہ پئي ڪرين؟“
”ڇو؟“ هن مون ڏانھن ڏسندي پڇيو.
”هينئر نائينٿ جي ڪورس مان جيڪا ڊڪٽيشن توکي لکرايم، انھيءَ ۾ چار چُڪون آهن.“
”بس نہ.“ هن بيپرواهيءَ سان چيو.
”اِهي وڌي بہ سگهن ٿيون.“ مون ڪجهہ رُکائيءَ سان چيو.
”ڇو!“ هن رُکائي محسوس ڪري، ڪجهہ حيرت مان پڇيو.
”جھڙي بيپرواهيءَ سان تو مون کي جواب ڏنو آهي، جيڪڏهن اهڙي بي پرواهي تو ڪئي تہ...“
”اوھہ.!“ ياسمين پشيمان ٿيندي چيو، ”هاڻ انشاءَ ﷲ نہ ٿيندي اهڙي بيپرواهي.“
”ڏس ياسمين“، مون کيس نرميءَ سان چيو. ”توکي ڏهن پيپرن ۾ اپيئر (Appear) ٿيڻو آهي. انھيءَ ڪري ٽينٿ سان گڏوگڏ نائينٿ جي ڪورس جي روِيزَن بہ ٿيندي اچي.“ مون سندس ڪاپي کيس موٽائيندي ڳالھہ پوري ڪئي.
”نہ، هاڻ اوهان کي شڪايت نہ ٿيندي.“ ياسمين مرڪندي چيو.
۽ پوءِ وري پڙهڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. مون کي آئي ڪلاڪ کن ٿي ويو هو. اوچتو ياسمين چيو، ”هاڻ پڙهائي بند ڪجي؟“
”ڇو! ايتري جلدي. ٿڪجي پئين ڇا؟ يا چانھہ کان پوءِ پڙهبو؟“ مون ڪتاب رکندي چيو.
”نہ، اڄ وڌيڪ نہ پڙهبو.“ هن مُرڪندي چيو.
”ڇو؟“ ۽ ڪيترائي وسوسا ۽ خيال ذهن تي تري آيا.
”ٻڌايان ٿي....“
”ڇو خاموش ٿي وئين؟“ منھنجي بيقراري وڌي وئي.
”هڪ ڳالھہ چوان؟“
”چئو.“
”پڪچر ۾ هلندا مون سان؟“ هن تمام تڪڙ ۾ چيو.
”پڪچر ۾... مان!“ مون ڇرڪ ڀريو.
”ها، اوهين؟“ هن مون ڏانھن ڏسندي چيو.
”پر، پر....“ سمجهہ ۾ نہ آيم تہ ڪھڙو جواب ڏيان.
”پر ڇا؟“
”پر مان ڇو؟“ مون پاڻ کي ڪجهہ سنڀاليندي چيو.
”اوهان کي ڪو اعتراض آهي؟“ ياسمين سنجيدگيءَ سان پڇيو.
مون ڏانھنس ڏٺو، پر سندس چھرو تاثرات کان خالي هو.
”مون کي تہ شايد نہ ٿئي. پر تنھنجي گهر وارا....“ مون اٽڪندي اٽڪندي چيو.
”ممي بہ هلي ٿي. ڊيڊي فلم ڏسي ئي ڪونہ.... ٽڪٽ بہ گهرائي ڇڏيا اٿم.... هاڻي اوهين هلو.“
مان مُنجهي پيس. ڪو جواب نٿي سُجهيو. ياسمين ڪجهہ دير مون ڏانھن ڏسندي رهي، پوءِ پڇيائين، ”اوهان کي ڪھڙو اعتراض آهي. مان اهڙي تہ بدصورت نہ آهيان، جو اوهين ڦڪا ٿا ٿيو مون سان هلندي.“ هن جي چپن تي مرڪ ڦھلجي وئي.
”توسان هلندي ڪير ڦِڪو ٿيندو، پر تنھنجي گهر وارن کي اها ڳالھہ ناگوار لڳندي.“
”اڇا، اها ڳالھہ آهي.“ ياسمين ٽھڪ ڏنو. ”ڪمال ٿا ڪريو اوهين بہ. ڊيڊي پاڻ تہ اها رِٿ ڏني آهي.“
مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ منھنجي اندر ۾ گلَ ٽِڙِي پيا. اڻ لکا خواب چٽا ٿي پيا، مون چاهيو ٿي تہ منھنجي خوشيءَ جو اظھار ياسمين تي نہ ٿئي، پر منھنجي تہ ڄڻ نَس نَس ٽِڙي پئي هئي. ڪھڙي طريقي سان ’ها‘ چوان، اهو ئي نٿي سُجهيو... ۽ نہ ڄاڻ ڪھڙيءَ طرح ’ها‘ چيم. ياسمين جي چھري تي بہ خوشي ڦھلجي وئي.
”چڱو تہ مان ڪپڙا مٽائي ٿي اچان، اميءَ کي بہ چوان ٿي تہ هُوءَ بہ تيار ٿي وٺي.“
ياسمين ڪمري مان نڪري ويئي ۽ آءٌ سوچ ۾ پئجي ويس. ياسمين مون سان فلم ۾ هلي رهي هئي. منھنجي دل جي هڪ دٻيل دٻيل خواهش اڄ پوري ٿي رهي هئي. ياسمين جي ماءُ بہ گڏ هلي رهي هئي، حالانڪ منھنجي خواهش هئي تہ هُوءَ اڪيلي هلي، پر اها ڇا گهٽ خوشيءَ جي ڳالھہ هئي تہ ياسمين مون سان گڏ هلي رهي هئي، اڄ مون کي پاڻ تي فخر پئي محسوس ٿيو. ڄڻ تہ اڄ منھنجي ڪنھن ورهين کان ڇڏيل اڌوري ڪھاڻيءَ جو انجام لکجي ويو هجي.
ڪجهہ دير کان پوءِ ياسمين آئي، هن کي فيروزي رنگ جا ڪپڙا پيل هئا، جُتي بہ اهڙي رنگ جي هئي، ۽ هٿن ۾ اهڙي رنگ جون چوڙيون. پٺيان سندس ماءُ هئي. مان سندس ماءُ سان اڳ ۾ بہ ملي چڪو هوس. پھرئين دفعي جڏهن مون کيس ڏٺو هو، تہ ائين محسوس ٿيو هوم، تہ هُوءَ ياسمين جي ماءُ نہ، بلڪ وڏي ڀيڻ آهي. مون کيس سلام ڪيو ۽ هن مرڪي انھيءَ جو جواب ڏنو ۽ مون کان منھنجي ۽ امان جي خيريت پڇي.
هيٺ لٿاسين تہ ڪار ڏاڪڻ جي ڀرسان بيٺي هئي. ڊرائيور اسان کي هيٺ لھندي ڏٺو تہ وڌي وڃي ڪار جا دروازا کوليائين. پٺيان ياسمين ۽ سندس ماءُ ويٺي ۽ مان اڳيان ڊرائيور سان ويٺس.
سئنيما هال ۾ اندر اڳ ۾ مان گهڙيس، پٺيان ياسمين جي ماءُ ۽ انھيءَ جي پٺيان ياسمين ۽ سيٽن تي ويٺاسين بہ اهڙيءَ ريت. منھنجي چاهنا هئي تہ ياسمين منھنجي ڀرسان ويھي، پر ائين نہ ٿي سگهيو. وچ ۾ ياسمين جي ماءُ هئي ۽ اهو بہ سوچيم تہ اهو ضروري ڪونھي تہ جيڪا چاهنا منھنجي آهي، يا ياسمين جي بہ هجي، پر مون کي اها ڳالھہ ئي سڪون پھچائي رهي هئي تہ ياسمين منھنجي ڀرسان ئي ويٺي هئي.
۽ جڏهن انٽرويل ۾ ماڻھن گهڙيءَ گهڙيءَ ياسمين کي ڏٺو ٿَي تہ محسوس ڪيم تہ انھن جي اکين ۾ مون لاءِ رشڪ هو تہ اهڙي حسين ڇوڪري مون سان گڏ آهي. انھيءَ احساس منھنجي دل جي رفتار تيز ڪري ڇڏي.


انھيءَ رات مان ڏاڍو خوش هوس. انھيءَ رات مون جھڙا حسين خواب ڏٺا. اهڙن حسين خوابن جو مون ڪڏهن تصور بہ نہ ڪيو هو. منھنجي خوابن جو مرڪز ياسمين هئي. حسين نظارا ۽ ياسمين جو ساٿ. مون کي ائين محسوس ٿيو تہ مون کي منھنجي وڃايل منزل ملي وئي آهي. مون کي ائين محسوس ٿيو تہ مون کي اُهو سڀ ڪجهہ ملي ويو، جيڪو مون حاصل ڪرڻ چاهيو ٿي.
۽ جڏهن صبح جو اٿيس، تہ مون کي اُها صبح ڏاڍي وڻي. مون کي هر شئي مُرڪندي محسوس ٿي. ائين لڳو تہ ڄڻ پھريون ڀيرو بھار آئي آهي. ائين چاهڻ لڳس تہ هڪ هڪ تي پنھنجي خوشيءَ جو اظھار ڪريان، پر ٻيو هو ڪير، هڪ امي ۽ ٻيو فيروز. اميءَ سان ڳالھہ ڪرڻ مناسب نہ هئي ۽ نہ ئي فيروز کي اها ڳالھہ ٻڌائڻ جھڙي هئي.
مان روز فيروز سان شام جو ملندو آهيان، پر انھيءَ ڏينھن صبح جو ڏهين وڳي ئي ساڻس ملڻ ويس. مون کي صبح جو ڏسي حيران ٿيو، پر عادت موجب اچڻ جو ڪارڻ نہ پڇيائين، فقط ايترو چيائين، ”ترس، ڪپڙا مٽائي اچان.“
مان رستي تي سندس انتظار ڪرڻ لڳس، هُو آيو ۽ اسين خاموشيءَ سان هلندا رهياسين. اڄ مون کي احساس ٿيو پئي تہ ڄڻ فيروز اُداس آهي. پر پوءِ محسوس ڪيم تہ هو اُداس ڪونھي، مان ئي ضرورت کان وڌيڪ خوش آهيان. مون سڄي رستي زور زور ڪري پئي ڳالھايو ۽ هن فقط مرڪي ٿي ڏٺو.
جڏهن اُها ريسٽورانٽ آئي، جنھن ۾ اسين ويھندا آهيون. تہ فيروز جا قدم انھيءَ ريسٽورانٽ ڏانھن وڌيا، پر مون سندس هٿ پڪڙي روڪي ورتو. فيروز سواليہ نظرن سان مون کي ڏٺو.
”نہ، اڄ هن ريسٽورانٽ ۾ نٿا هلون. ڪنھن ٻي هوٽل ۾، جنھن ۾ روشني هجي.“


شام جو ياسمين کي پڙهائڻ ويس. خبر پئي تہ ياسمين کي بخار ٿي پيو آهي. منھنجي ساري خوشي ڊهي اچي پٽ پئي. نوڪر، مون کي ياسمين جي ڪمري ۾ وٺي ويو، ياسمين پلنگ تي ليٽيل هئي، ماڻس ڪرسيءَ تي ويٺي هئي. مون کي ڏسي ياسمين جي چپن تي مُرڪ تري آئي ۽ هُوءَ اُٿي ويٺي. مان، ماڻس کي سلام ڪري ٻي ڪرسيءَ تي ويھي رهيس. مون کي ائين محسوس ٿيو، جيڪا خوشي رات مون کي محسوس ٿي هئي، اُهو فقط نظر جو دوکو هو. مون سندس خيرعافيت پڇي ۽ ڪجهہ دير ويھي، موٽي آيس.
پويان ٽي ڏينھن منھنجي لاءِ اذيتناڪ وحشت کڻي آيا. ياسمين بيمار هئي ۽ مان فقط کيس پڇي هليو ايندو هوس. پويَن ڏينھن ساڻس ملي بہ نہ سگهيس. ڇاڪاڻ تہ سندس ڪي مائٽياڻيون کيس پڇڻ آيون هيون. منھنجي اُداسي فيروز بہ محسوس ڪئي، پڇيائين بہ پر مان نٽائي ويس، ٻڌايانس بہ ڇا ها.


ميٽرڪ جو ڪورس تيزيءَ سان هلي رهيو هو ۽ ياسمين ڏاڍي محنت سان پڙهي رهي هئي ۽ جڏهن چانھہ جي وقت اسان ڪتاب بند ڪيا، تہ مون ياسمين کي چيو، ”ياسمين، هڪ خوشيءَ جي ڳالھہ ٻڌايان؟“
”خوشيءَ جي ڳالھہ لاءِ اجازت نہ وٺبي آهي، يڪدم ٻڌايو.“ ياسمين بيقراريءَ سان چيو.
”تون پڙهائيءَ ۾ ڏاڍي هوشيار ٿي وئي آهين. مون کي پَڪ آهي تہ جيڪڏهن ساڳيءَ طرح محنت ڪندي رهندينءَ تہ ضرور چڱي ڊويزن کڻندينءَ.“
ياسمين جو چھرو خوشيءَ ۾ ٻهڪڻ لڳو، چيائين، ”منظور صاحب، اهو سڀ ڪجهہ اوهان جي بدولت ٿيو آهي، نہ تہ منھنجي لاءِ تہ اها ڳالھہ مشھور هئي تہ هيءَ پڙهِي پئِي تہ سج اولھہ مان نڪرندو.“
”نہ، اهڙيءَ ڪا ڳالھہ ڪانھي، فقط مون کي داد نہ ڏيو، جيڪڏهن اوهين پاڻ پڙهڻ ۾ دلچسپي نہ وٺو ها، تہ مان ڇا ڪريان ها.“
”بھرحال، مان تہ داد جو واحد مستحق اوهان کي سمجهندس، اوهان ئي مون ۾ خود اعتمادي پيدا ڪئي آهي.“
ڪجهہ دير خاموشي رهي ۽ پوءِ پڙهائي وري شروع ٿي ويئي، نہ ڄاڻ پڙهڻ ۾ ڪيترو وقت گذري ويو، اوچتو ياسمين پڇيو، ”ڪجهہ رڪارڊ ٻڌون؟“
اوچتي سوال تي مان حيران ٿي ويس، ”ڇو خير....!“
”اڄ اوهان جيڪا منھنجي ساراھہ ڪئي آهي، تنھن جي مون کي ڏاڍي خوشي آهي. مان چاهيان ٿي تہ هاڻ پڙهڻ بند ڪري ڪجهہ گيت ٻڌجن.“
”بلڪل.“ مون ڪتاب بند ڪري چيو، ”پر اڄ فقط خوشيءَ جا گيت ٻڌبا.“
”۽ اوهان جي پسند جي فلم، گائيڊ جا نہ؟“
”ها، گائيڊ جا بہ ضرور. پر فقط خوشيءَ جا. ڪوبہ ڏک جو نہ.“
۽ پوءِ خوشيءَ جا گيت هڪ ٻئي پٺيان وڄندا ويا، ڄڻ زندگي جهومڻ لڳي.


مئٽرڪ جي امتحان ۾ فقط مھينو کن وڃي بچيو هو. ياسمين ڏينھن رات هڪ ڪري محنت ڪرڻ لڳي ۽ مان ٻن ٽن ڪلاڪن جي بدران هاڻ تہ آڌيءَ آڌيءَ رات تائين کيس پڙهائيندو هوس. سيٺ ڪريم هاڻ مون کي سؤ مان وڌائي، ٻہ سؤ رپيا ڏيندو هو. مون گهڻو انڪار ڪيو پر سيٺ منھنجي اها ڳالھہ نہ مڃي، چيائين، ”اهو اوهان جو معاوضو ڪونھي، اوهان کي مان پنھنجو ئي اولاد سمجهندو آهيان.“


هڪ ڏينھن جيئن وڃي ڊرائينگ روم ۾ ويٺس، ياسمين بنا ڪتابن جي آئي. مون حيرت مان کيس ڏسندي چيو، ”ڇو خير تہ آهي! اڄ نہ پڙهبو ڇا؟“
”نہ.“ ياسمين مُرڪي مختصر جواب ڏنو.
”امتحان سِرَ تي اچي بيٺا آهن، توهان کي فڪر ڪونھي؟“
”فڪر تہ ڏاڍو آهي، پر اڄ ڪجهہ شاپنگ ڪرڻي آهي. مائٽن ۾ شادي آهي، اوهين مون سان گڏ هلو.“
”مان!“ وڌيڪ ڪجهہ نہ چئي سگهيس.
”ڇو اعتراض اٿوَ؟“
”نہ اعتراض تہ ڪونھي. هلو.... امي بہ هلندي نہ؟“
”نہ... مميءَ جي مٿي ۾ سُور آهي. پاڻ ٻہ هلنداسين.“
اسين مختلف دڪانن تي لھندا چڙهندا رهياسين. ياسمين شايد سڄي شھر کي خريد ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو. ڊرائيور سامان ڍوئيندو ويو ۽ ڪار ۾ رکي، ٻيو کڻڻ لاءِ موٽي ٿي آيو.
۽ پڇاڙيءَ ۾ اسين ڪپڙي جي دڪان تي چڙهياسين، ياسمين پنھنجي لاءِ فيروزي رنگ جي هڪ قيمتي ڪپڙي مان سوٽ لاءِ ڪپڙو ورتو ۽ پوءِ انھيءَ حصي ڏانھن وڌي، جتي مرداڻا ڪپڙا رکيا هئا. مان سندس پٺيان وڃي بيٺس. ياسمين چيو، ”منظور صاحب، مون کي شاديءَ ۾ هڪ مرداڻو سوٽ ڏيڻو آهي. مردن جي ٽيسٽ جي اوهان کي خبر هوندي، اوهين رايو ڏيو.“ دڪان واري مختلف ڪوالئٽيز جا ڪپڙا سامھون پکيڙي ڇڏيا.
مون کي ڪپڙي جي سُڃاڻ بلڪل نہ هئي، ڪڏهن چڱو ڪپڙو پاتو ئي نہ هئم، پر دڪاندار جي سامھون چئي نہ سگهيس، هڪ ٻہ جيڪي ڏسڻ ۾ چڱا هئا، انھن لاءِ رايو ڏنم، پر ياسمين کي اُهي نہ وڻيا. نيٺ ياسمين ئي هڪڙو ڪپڙو پسند ڪيو. البت رنگ مون کان پسند ڪرايائين.
ڪار ۾ ويٺاسين، ڪار پيٽرول پمپ تي اچي بيٺي ۽ ڊرائيور هيٺ لھي، ڪار ۾ پيٽرول وجهائڻ لڳو. ياسمين هڪڙو پيڪيٽ مون ڏانھن وڌائيندي چيو، ”منظور صاحب، هيءُ معمولي تحفو اوهان جي لاءِ آهي.“
اِهو ساڳيو سوٽ جو ڪپڙو هو، جيڪو ڪجهہ دير اڳ ياسمين ورتو هو. انھيءَ کان اڳ جو مان ڪجهہ چوان، ياسمين چيو، ”اوهان کي ياد هوندو تہ مون ٻہ مھينا کن اڳ اوهان کان اوهان جي ڄم جي تاريخ ۽ مھينو پڇيو هو. اڄ اوهان جي سالگره جو ڏينھن آهي. هيءُ تحفو انھيءَ لاءِ آهي.“
”ياسمين، اِها ڳالھہ چڱي ڪانھي.“ مون اعتراض ڪيو.
”منظور صاحب، تحفي وٺڻ تي اعتراض نہ ڪبو آهي ۽ اوهين غير ٿورو ئي آهيو، جيڪڏهن اوهان منھنجو تحفو قبول نہ ڪيو تہ مون کي سخت دلي صدمو رسندو.“
مون سندس هٿان پيڪيٽ وٺي ڇڏيو.
ڪار هلي تہ ياسمين پڇيو، ”منظور صاحب، اوهين ڪھڙي درزيءَ کان سوٽ سبرائيندا؟ اڳوپوءِ هن کي ڏيندا هلون.“
مون جواب نہ ڏنو، ڦِڪي مُرڪ منھنجي چپن تي ڦھلجي وئي.
”اوهان منھنجي سوال جو جواب نہ ڏنو.“ ياسمين پڇيو.
”مون اڄ تائين ڪڏهن سوٽ سبرايو ئي ڪونھي. بلڪ پاتو ئي ڪونھي. ڪھڙي درزيءَ جو نالو وٺان، مان تہ لنڊي بازار مان ڪوٽ خريد ڪندو آهيان.“
”اوھہ.“ ياسمين ڪجهہ دير خاموش ٿي ويئي پوءِ چيائين، ”اسان جو درزي جينٽس ڪپڙا بہ سبندو آهي، هلو تہ هن کي ٿا ڏيون.“


اَها رات بہ منھنجي لاءِ خوشيون ميڙي آئي هئي. مون ڄاتو ٿي تہ جيڪو ڪجهہ مان محسوس ڪري رهيو آهيان، ياسمين جا احساسات بہ ساڳيا آهن. مون کي پنھنجي منزل روشن نظر آئي پئي، پر ساڳئي وقت ڳالھہ ڏکي بہ نظر آئي ٿي. ڪٿي هُوءَ لکاپتي، ڪٿي مان هڪ ماستر، جنھن کي ڪا سماجي حيثيت ئي حاصل ڪانھي ۽ اُهو ماستر جيڪو انھن وٽ ئي نوڪر هو. سيٺ ڪريم واقعي تمام عزت ڏيندو هو، ڏاڍو قدر ڪندو هو، پر مان ۽ هُوءَ... اِهو سلسلو ڏکيو ڳنڍبو ٿي نظر آيو.


امتحان شروع ٿي ويا هئا. ياسمين پرائيويٽ طور ويٺي هئي، نائنٿ جا امتحان هلي رهيا هئا. امتحان ياسمين جا هئا، پر اڌَ چريو مان ٿي ويو هوس، منھنجو هوش حَواس ئي قائم نہ رهيو هو. فيروز وٽ بہ ٻہ ٻہ ڏينھن نہ ويندو هوس. سڄو سڄو ڏينھن، اڌ اڌ رات تائين مان کيس پڙهائيندو هوس. مون ياسمين لاءِ پويَن سالن جا پيپر ڏسي، گيس پيپر (Guess paper) ٺاهيا ۽ تڏهن ڏاڍي خوشي ٿي، جڏهن ڏٺم تہ منھنجي گيس پيپرن مان ڪافي سوال آيا هئا.
۽ پوءِ نائينٿ جا پيپر پورا ٿيا. مون ياسمين جا ڏنل پيپر وري کانئس ڪرايا ۽ ڏٺم تہ گهڻي ڀاڱي هن سڀئي سوال صحيح ڪيا هئا.
۽ پوءِ ميٽرڪ جو امتحان شروع ٿيو. مون وري بہ ڏينھن رات هڪ ڪري ڇڏيو. ياسمين بہ وسئون نہ گهٽايو.
۽ پوءِ هڪ هڪ ڪري مئٽرڪ جا سڀئي پيپر ياسمين ڏئي ڇڏيا. سيٺ ڪريم ۽ ٻين گهر وارن کي يقين ئي نٿي آيو تہ واقعي ياسمين مئٽرڪ جو امتحان ڏنو آهي، خود مون کي بہ ڄڻ يقين نہ ٿَي آيو، تہ اُها ڇوڪري، جنھن لاءِ چيو ٿي ويو تہ هُوءَ احساس ڪمتري ۾ مبتلا آهي. جا ڪنھن ٽيچر کان پڙهي نہ سگهي، سا اهڙي آسانيءَ سان مئٽرڪ جو امتحان ڏئي وٺندي ۽ سال جي اندر ئي منھنجي محنت ثاب پوندي.
امتحان ٿي ويو. مون کي امتحان جو جيترو انتظار هو، اوترو ئي هاڻ بيزارگي محسوس ڪري رهيو هوس. ڇاڪاڻ تہ هاڻ ياسمين کي پڙهائڻو ڪونہ هو. البت ڪڏهن ڪڏهن ملڻ ويندو هوس ۽ منھنجي ملڻ تي ڪا روڪ ٽوڪ نہ هئي.


هڪ ڏينھن مختلف ڳالھيون ڪندي ادب جو ذڪر نڪري آيو ۽ پوءِ اوچتو ياسمين سوال ڪيو، ”منظور صاحب، اوهان ڪتابي سلسلو ڇو بند ڪيو؟“
مون کي ڄڻ چھنڊڙي لڳي. ڦٿڪي پيس. اکيون آليون ٿي ويون. جواب نہ ڏئي سگهيس.
ٿوري دير انتظار ڪرڻ کان پوءِ ياسمين وري چيو، ”اوهان منھنجي سوال جو جواب نہ ڏنو.“
”ڪھڙو جواب ڏيان ياسمين.“ منھنجو آواز ڀريل هو.
ياسمين منھنجو ڏک محسوس ڪيو هو، وري پڇيائين، ”آخر بہ ڪارڻ ڪھڙو هو؟“
”ڪارڻ اِهو هو تہ اهو هڪ ادبي ڪتابي سلسلو هو، جنھن ۾ سھڻو ۽ سٺو ادب پيش ٿيندو هو. پڙهندڙن کي اهڙي ادب جي ضرورت ڪانھي.“
”ڇو!؟“ ياسمين عجب ۾ پڇيو.
”هيءُ نعري بازي جو دؤر آهي. رڳو اُها مخزن يا ڪتاب ماڻھو پسند ڪن ٿا، جن ۾ نعري بازي هوندي. جنھن ۾ ماڻھن جي جذبات کي ڀڙڪايو وڃي ۽ مان اهڙي ادب کي پيش ڪندي شرم ٿو محسوس ڪيان. اِهو ادب وقتي آهي. اهڙي ادب جي مستقبل ۾ جاءِ ڪانھي. اِهو ادب فقط شھرت حاصل ڪرڻ لاءِ لکجي رهيو آهي. مان مڃان ٿو تہ قوميت کي جاڳائڻ لاءِ وقتي طور تي اهڙي ادب جي ضرورت بہ پوندي آهي. اهڙو ادب بہ ڏجي. مون پاڻ بہ اهڙو ادب ڏنو هو، پر اسان جي عوام ۾ جذبو ڪونھي. فقط ڳالھيون آهن. ٺلھا نعرا آهن. وقت کي ڏسو، حڪومت چاهي ٿي تہ فقط سندس ثناخواني ڪئي وڃي. اڄ جا سڀئي وڏا اديب يا تہ وڪامي ويا آهن، يا خاموش ٿي ويا آهن. اهري مخزن، جنھن ۾ فقط معياري ادب پيش ڪيو وڃي، اُها ڪٿي ٿي هلي سگهي ۽ مون جھڙو مسڪين ماڻھو اهڙي مخزن کي ڪيستائين ڪڍي سگهي ٿو. مخزن ڪڍڻ تہ وڏي ڳالھہ، مان تہ هاڻ پڙهڻ لاءِ بہ مشڪل سان ئي ڪا مخزن وٺي سگهندو آهيان.“
ڪافي دير خاموشي ڇانئين رهي ۽ پوءِ ياسمين ٿوري دير جي اجازت وٺي اُٿي ويئي ۽ جهٽ دير ۾ موٽي آئي. صوفي تي ويھندي چيائين، ”منظور صاحب، اوهان ڪئين دفعيٰ چيو آهي تہ اوهان اسان کي، هن گهر کي، پنھنجو ئي گهر سمجهندا آهيو. اِهو صحيح آهي.“
”بلڪل، ڇا اوهان کي شڪ آهي.“
”نہ... مون کي اوهان جي ڳالھہ تي اعتبار آهي. پر اڄ اوهان کي انھيءَ ڳالھہ جو ثبوت ڏيڻو پوندو.“
”اُهو ڪيئن!“
”اوهان جيڪا مخزن ڪڍي رهيا هئا، اها فقط اوهان جي نہ هئي. اها اوهان وٽ قوم جي امانت هئي. اها اوهان جي بہ ايتري هئي، جيتري منھنجي. مون پنھنجي پئسن مان ٽي هزار رپيا گڏ ڪيا آهن. اهي پئسا مان اوهان کي ڏيان ٿي. اوهان وري ساڳيو ڪتابي سلسلو جاري ڪريو.“
ياسمين ٽي هزار رپيا منھنجي ڀرسان رکي ڇڏيا. مون نظر کڻي پئسن کي ڏٺو ۽ پوءِ اکيون ٻوٽي ڇڏيم، ڪافي دير بيزار ڪُن خاموشي ڇانئين رهي ۽ پوءِ نيٺ اها خاموشي ياسمين ئي ٽوڙي ڇڏي.
”منظور صاحب، اوهان بلڪل خاموش ٿي ويا ۽ نہ ئي اوهان پئسا کنيا.“
”ياسمين.“ منھنجو آواز ڏڪيو پئي. مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ اِهو آواز منھنجو پنھنجو نہ هو. ”ياسمين، مان تنھنجو ٿورائتو آهيان، پر مون کي افسوس آهي تہ مان تنھنجي پيشڪش قبول نٿو ڪري سگهان. ٻيو ڪو سبب ڪونھي، پر هاڻ مون ۾ سگهہ نہ رهي آهي. مان اڪيلو سفر نٿو ڪري سگهان. مان مڃان ٿو، تہ پنھنجي پھرين مقصد ۾ شڪست کاڌي آهي ۽ انھيءَ شڪست مون کي ايترو تہ دل شڪست ڪري ڇڏيو آهي، جو هاڻ اهڙي جرئت ٻيھر نٿو ڪري سگهان.“
”پر منظور صاحب....“ ياسمين ڳالھايو.
مون سندس ڳالھہ اڌ ۾ ڪٽيندي چيو، ”ياسمين هن ڳالھہ کي اتي ئي ختم ڪر، مون کي تڪليف ٿي ٿئي.“ ۽ پوءِ يڪدم اٿيس ۽ ڪمري مان نڪري ويس.


نائينٿ جي رزلٽ نڪتي. ياسمين سڀني سبجيڪٽس ۾ پاس ٿي هئي، مارڪن جي پرسنٽيج 47% هيس. ڪافي چڱي. مان کيس مبارڪ ڏيڻ ويس. سيٺ صاحب گهر ۾ نہ هو. ياسمين آئي. جڏهن مون مبارڪ ڏني تہ روئي ڏنائين.
”روئين ڇو ٿي چري. اڄ تہ خوش ٿيڻ جو ڏينھن آهي. منھنجي محنت جو ڦل جو نڪتو آهي ۽ تون روئين ٿي.“
”اِهي خوشيءَ جا ڳوڙها آهن. منظور صاحب. مان اها خوشي برداشت نہ ڪري سگهيس، ۽ روئي ڏنم.“ هن آهستي آهستي چيو.
”اڃا اصلي خوشي تہ انھيءَ ڏينھن ٿيندي، جڏهن تون انشاءَ ﷲ ميٽرڪ پاس ڪندينءَ.“
”خدا اوهان جي ڳالھہ سچي ڪري.“
”ضرور ڪندو، تو محنت بہ تہ ڪئي آهي.“
ڪجهہ دير کان پوءِ ياسمين جي ماءُ آئي ۽ اچي مون کي مٺائي کارايائين ۽ ڏاڍيون دعائون ڏنائين. هن کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي. مان سيٺ صاحب لاءِ ڪافي دير ويٺس پر هُو نہ آيو ۽ مان اُتان اُٿي فيروز وٽ ويس. فيروز کي ياسمين جي نمبر جي خبر هئي، هن مون کي مبارڪ ڏني.
”منظور، مون کي اڄ ڏاڍي خوشي ٿي آهي، تو جيڪو چيو، اُهو ڪري ڏيکاريئي. واقعي پڙهائڻ بہ هڪ فن آهي، ڪاش اسان جا استاد تو وانگر محنت ڪن تہ پوءِ اسان جي قوم جو هر فرد سجاڳ ٿي سگهي. قوم ۾ جاڳرتا اچي ويندي.“ ۽ پوءِ ڪافي دير انھيءَ موضوع تي ڳالھيون هلنديون رهيون.


ٻئي ڏينھن مان اڃا ننڊ مان اٿيو ئي مس هئس، تہ در تي ڪڙو کڙڪيو. در کولي ڏٺم تہ حيران ٿي ويس، ڪڙو سيٺ جي ڊرائيور کڙڪايو هو ۽ ڪار ۾ سيٺ ڪريم ويٺو هو، مان تڪڙو تڪڙو ڪار ڏانھن وڌيس، سيٺ ڪريم ڪار مان هيٺ لھي آيو.
”منھنجا پٽ، منھنجا ٻچا.“ سيٺ مون کي زور سان ڀاڪر پاتو. ”مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي تہ توهان جي محنت اجائي نہ وئي. مان ڪلھہ هڪ پارٽيءَ ۾ ويل هوس، توهان سان ملي نہ سگهيس. ڊرائيور توهان جي جاءِ ڏٺي هئي، انھيءَ ڪري مان سڌو توهان کي مبارڪ ڏيڻ آيو آهيان.“
ٿوري دير کان پوءِ سيٺ ڪريم موڪلايو ۽ اُنھيءَ ڏينھن مون کي جيڏي خوشي محسوس ٿي، زندگيءَ ۾ مون ايتري خوشي گهٽ محسوس ڪئي آهي.
۽ پوءِ جيڪا آرزو هئي، سا پوري ٿي. ياسمين ميٽرڪ ۾ سيڪنڊ ڊويزن کڻي پاس ٿي وئي، مان تہ ڄڻ خوشيءَ ۾ چريو ٿي پيس. ڊوڙي وڃي اميءَ کي ڀاڪر پاتم ۽ پوءِ ڊوڙندو ياسمين جي گهر ويس. سيٺ ڪريم گهر ئي هو، وري بہ گرمجوشيءَ سان ڀاڪر پاتائين ۽ چيائين، ”پٽ، مان توکي نديم وانگر پنھنجو پٽ ئي ٿو سمجهان، انھيءَ ڪري انڪارنہ ڪجانءِ. مان هيءُ هڪ هزار رپيا اولاد سمجهي ٿو ڏيان. موٽائيندي تہ سمجهندس تون مون کي پنھنجو مائٽ نٿو سمجهين.“
مون ڪجهہ ڳالھائڻ ٿي چاهيو، پر سيٺ ڪريم منھنجي چپن تي آڱر رکي مون کي چپ ڪرائي ڇڏيو ۽ مون کان اجازت وٺي ٻاهر نڪري ويو، کين ڪنھن ضروري ڪم سانگي وڃڻو هو.
مان اڪيلو ڊرائينگ روم ۾ ويٺو هوس ۽ پوءِ اُٿي ڪٻٽ مان ڪتاب ڪڍي ڏسڻ لڳس. ڪجهہ دير کان پوءِ کڙڪو ٻڌم. ڪنڌ ورائي ڏٺم تہ ياسمين بيٺي هئي، مون کلي چيو، ”ياسمين مبارڪ هجي.“
۽ نہ ڄاڻ ڇو، ياسمين ڊوڙي اچي مون کي ڀاڪر پاتو ۽ غير ارادي طور منھنجي هٿن جو گهيرو تنگ ٿي ويو پر اهو عرصو ڪجهہ سيڪنڊن جو هو. اسان ٻنھين کي يڪدم احساس ٿيو، ائين نہ ٿيڻ گهرجي ها، جيئن ٿيو آهي.
مان گهر موٽي آيس. انھيءَ ڏينھن فيروز وٽ بہ نہ ويس. ياسمين جو نرم ۽ گرم لمس، مون اڃا بہ محسوس ڪيو پئي، اِهو وڻڻ جي باوجود بہ مون سوچيو: ’ائين نہ ٿيڻ گهرجي ها.‘


هڪ دفعي وري ٽيوشن شروع ٿي وئي. ياسمين فرسٽ ايئر جو فارم ڀريو ۽ ڪاليج ۾ ريگيولر اسٽوڊنٽ جي حيثيت سان داخل ٿي وئي. مون تہ کيس چيو تہ هاڻ کيس ٽيوشن جي ضرورت ڪانھي پر ياسمين ٽيوشن وٺڻ تي زور رکيو ۽ سيٺ ڪريم جي بہ اها خواهش هئي.
هر روز معمول وانگر مان ايندو هوس ۽ پڙهائي شروع ٿي ويندي هئي. هاڻ پڙهڻ ياسمين لاءِ پھرين وانگر ڏکيو نہ هو. پڙهڻ سان گڏوگڏ چانھہ جو دؤر بہ هلندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن رڪارڊ بہ ٻڌبا هئا ۽ پوءِ سنگيت ۽ ادب تي بحث ٿيندا هئا. ٻہ ٽي دفعا ياسمين مون سان فلم ۾ اڪيلي بہ هلي. شاپنگ تي تہ ڪئين دفعا گڏ وياسين ۽ هر ڀيري ڪنھن نہ ڪنھن بھاني سان ياسمين ڪانہ ڪا شيءِ تحفي طور ڏيندي هئي. مان اعتراض بہ ڪندو هوس ۽ احتجاج بہ... پر هُوءَ ايڏي تہ پنھنجائپ جو اظھار ڪندي هئي جو مون کي نيٺ سندس ڳالھہ مڃڻي پوندي هئي.


فرسٽ ايئر جو ڪورس پڙهائيندي مون کي ڇھہ مھينا ٿي ويا هئا. هڪ ڏينھن ياسمين چيو، ”اوهان کي هڪ خوشخبري ٻڌايان.“ سندس اکين ۾ خوشي تجلا ڏئي رهي هئي.
”تنھنجو ئي چوڻ آهي تہ خوشيءَ جي خبر لاءِ اجازت نہ وٺبي آهي، يڪدم ٻڌائبو آهي. تنھن ڪري يڪدم ٻڌاءِ.“
”سڀاڻي ادا نديم لنڊن مان اچي پيو. سندس اچڻ ۾ اڃا ڇھہ مھينا هئا، پر هُو اڳ ۾ ئي واندو ٿي ويو.“
”اوهان ساڻس ملي ڏاڍا خوش ٿيندا. هن جو ادبي ذوق ڏاڍو سٺو آهي. انگريزي ادب تہ تمام گهڻو پڙهيو اٿس.“
”پوءِ تہ واقعي ساڻس سٺيون ڪچھريون ٿينديون.“
ٻئي ڏينھن ايئرپورٽ تي ياسمين وارن سان گڏ مان نديم کي وٺڻ ويس. جهاز پوري وقت تي آيو. ڀاءَ کي ڏسندي ئي ياسمين خوشيءَ ۾ وٺي رڙيون ڪيون.
نديم ڊگهو، رنگ جو تمام گهڻو اڇو، ڀيڻ وانگر ئي سھڻو هو. مون سان سيٺ صاحب تعارف ڪرايو. غائبانہ تعارف تہ اڳ ۾ ئي ٿيل هو. سيٺ صاحب ۽ خاص ڪري ياسمين منھنجي باري ۾ تمام گهڻو کيس لکي چڪا هئا. تنھن ڪري مون سان ڏاڍي سٺي نموني مليو. چيائين، ”منظور صاحب، مان بہ اوهان جو احسانمند آهيان، جو اوهان منھنجي هن اُٺ قسم جي ڀيڻ کي پڙهائي وڌو.“
”نديم صاحب، اوهين ڀليل آهيو. اٺ هيءَ ڪانھي. اُٺ اهي هئا، جيڪي کيس اڳ ۾ پڙهائي ويا هئا. هيءَ تہ تمام هوشيار ڇوڪري آهي.“
”ظاهر آهي، اوهين تہ سندس تعريف ئي ڪندا. اوهان جي شاگرد جو آهي.“
سڀني کلي ڏنو ۽ پوءِ ٻن ڪارن ۾ چڙهي گهر ڏانھن روانہ ٿياسين.


ياسمين فرسٽ ايئر جو امتحان ڏئي ڇڏيو هو. پيپر سٺا ٿيا هئس. جيستائين رزلٽ اچي، تيستائين پڙهڻ بند هو. البت مان ٻئي ٽئين ڏينھن وٽس ويندو رهندو هوس. هاڻ منھنجي حيثيت سندن گهر جي فرد جي هئي. اتي نديم سان بہ اڪثر ملاقات ٿيندي هئي، ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ساڻس ڪچھري ٿيندي هئي. هُو انگريزي ادب جو وڏو ڄاڻو هو ۽ ڪافي سال لنڊن ۾ رهي آيو هو، تنھن ڪري اتي جي جديد ترين ادب جو بہ مطالعو ڪيو هئائين. تنھن ڪري ساڻس ڪچھري ڏاڍي سٺي ۽ ڪارائتي ٿيندي هئي.
۽ پوءِ ياسمين فرسٽ ايئر جو امتحان بہ پاس ڪري ورتو. مان کيس انٽر لاءِ ٽيوشن ڏيڻ ويندو هوس. هڪ ڏينھن ڊرائينگ روم ۾ ياسمين جي انتظار ۾ ويٺو هوس. ياسمين اچڻ ۾ دير ڪئي، مون رڪارڊ کنيا ۽ چونڊي پنھنجي پسند جا چاڙهيم. ڪجهہ دير کان پوءِ نديم آيو. مون اٿي ريڊيو گرام بند ڪرڻ چاهيو، پر نديم چيو، ”ڀلي پيو وڄي. مان وڃان پيو، ياسمين ايندي هوندي.“
پوءِ مختلف ڳالھيون ٿينديون رهيون. اوچتو نديم چيو، ”منظور صاحب، مان اڄ اوهان کي خاص مبارڪ ڏيڻ ٿو چاهيان. سچ پچ تہ انھيءَ مبارڪباد جا صحيح معنيٰ ۾ اوهين ئي حقدار آهيو.“ نديم ڳالھائيندي ڳالھائيندي خاموش ٿي ويو.
رڪارڊ وڄندا رهيا ۽ هڪٻئي پٺيان بدلبا رهيا ۽ هاڻ گائيڊ جو رڪارڊ هلي رهيو هو.
نديم چيو، ”منظور صاحب، خوشخبري اها آهي تہ ياسمين لاءِ هڪ ڏاڍو سٺو سڱ آيو آهي. انٽر کان پوءِ سندس شادي ڪئي ويندي. سندس ساهُرا چون ٿا بس ايترو ئي ڪافي آهي. ٻن ٽن ڏينھن ۾ سندس مڱڻو ٿيڻ وارو آهي. اوهان اڳ ۾ بہ ڪوشش ڪئي آهي. هاڻ بہ ڪوشش ڪجو تہ انٽر ۾ چڱي ڊويزن کڻي. چڱو مان هلان ٿو، ياسمين ايندي هوندي.“ نديم هليو ويو.
منھنجي اکين اڳيان ڄڻ تہ اوندھہ ڇانئجي وئي. گائيڊ فلم ۾ رفيع جو ڳايل گانو وڄي رهيو هو.
ڪيا سَي ڪيا هو گيا... بيوفا تيري پيار ۾.
انھيءَ گيت ڇو ٿي مون کي ايڏو رنجايو، ڇو اِهو گيت ٻڌي مان ايڏو غمگين ٿي ويندو هوس. ڄڻ اِهو گيت منھنجي ناڪامين جو نوحو هو. منھنجي شڪست جو اعتراف هو. منھنجي بيوسيءَ جو پڙاڏو هو. منھنجي مجبورين ۽ نامحرومين جي پيشِ گَوئِي هو.
رڪارڊ وڄندو رهيو، مان ڪمري مان نڪري آيس. ڏاڪڻ تي قدم رکيم، اُها ڏاڪڻ، جيڪا سدائين جرڪندي هئي، اڄ مون کي اتي گُهگهہ اوندھہ محسوس ٿي. مان هر ڏاڪي تي ٿاٻا کائڻ لڳس. ٻاهر نڪتس تہ هر طرف اوندھہ هئي. مان اوندھہ ۾ اڳتي وڌندو ويس، وڌندو ويس. وڌندو پيو وڃان، وڌندو پيو وڃان.

خيرالنساء جعفري

---

تعارف

پنھنجي حياتيءَ ۾ نفسيات جي شعبي سان لاڳاپيل خيرالنساء جعفريءَ، سنڌي علم و ادب جي ميدان ۾ هڪ ليکڪا، مضمون نگار، نقاد ۽ مقرر جي حيثيت ماڻي ۽ پنھنجي منفرد سڀاءَ سان ’گُڏي‘ سڏرائيندي، سنڌي ادب جي ’گُڏي‘ بڻجي وئي.
17 آگسٽ 1947ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ جنم وٺندڙ خيرالنساء جا والدين تلھار جا هئا. بنيادي تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ هُن نفسيات ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي ۽ 1970ع ڌاري ساڳئي شعبي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر طور مقرر ٿي ۽ 1997ع ۾ شعبي جي چيئرپرسن واري حيثيت سان اتان ريٽائر ڪيائين.
سندس پھرين ڪھاڻي 1974ع ۾ ماهوار ’سوجهرو‘ ۾ شايع ٿي. جنھن کان پوءِ هُن لاڳيتو نثرنگاري ڪئي. جنوري 1978ع ۾ سندس ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ’تخليق جو موت‘ شايع ٿيو، جڏهن تہ 1992ع ۾ سندس لکڻين جو گڏيل مجموعو ’منھنجو تخليقي سفر‘ بہ شايع ٿيل آهي.
4 مارچ 1998ع تي وفات ڪيل خيرالنساء جعفري ’بابن شاھہ ڪالوني قبرستان‘ ٿڌي سڙڪ حيدرآباد ۾ آرامي آهي.
ڪھاڻي ’1967ع، 1968ع ۽ 1969ع‘ سندس لب و لھجو اسان وٽ کڻي آئي آهي.

1967، 1968 ۽ 1969ع

1967، 1968 ۽ 1969ع

- خير النساء جعفري

ڀنئور.... ڀنئور!
ڪيڏو ڪريھہ ۽ ڪرڀ ڏيندڙ نالو رکيو هئئہ منھنجو! اڄ بہ ڪڏهن ويرانن کي واسيندي ڀنئور ڏسيو ڀنڀلجيو پوان. پاڻيءَ جو گلاس ڀري جهٽ اچيو ڇنڊا ڏيانس. پر ڏک اهو تہ... پاڻيءَ جو قطرو بہ مٿس پئجي نہ سگهندو آهي. هُو هڪ رخ تان پاڻي ڏسي مخالف رخن ڏانھن ڀٽڪيو وڃي (ياد اٿئي تون چوندو هئين هي بہ تو جيان هوڙھہ آهي.)
هڪ لڱان الائي ڪنھن کان ٻُڌو هئم تہ ڀنئور ۾ تنؤنس کان مئل ماڻھوءَ جو روح آهي، هن جي ڀُون ڀُون ۾ ڀٽڪيل ڀاونائن جي گونجار آهي، ان ڪري هن کي پاڻيءَ جو ڇنڊو ڏبو آ، جو هن جي آتما ٿڌي ٿي پنھنجي ماڳ ڏي موٽي.
اهو ٻڌي مون کي الاءِ ڪيڏن وهمن ورايو هو ۽ الائي ڪيترا ڀيرا چيو هو مانءِ ”مون کي ڀنئور نہ ڪوٺيندو ڪر ڪامريڊ. منھنجو چڱو چوکو نالو ڀنڀور حيدر زمان آهي.“
منھنجي چھري تي ڀؤ جا ڀاو ڏسي چيڙائڻ لاءِ چوندو هئين ”.... پر اهو نالو بہ تہ اسان جي تاريخ جي اڻ مٽ الميہ جو يادگار آ.... ڀنڀور کي باھہ لڳي هئي، سسئي سورن جو ڪشٽ ڪاٽيو هو.... نتيجي ۾ کيس ڪجهہ نہ مليو، سواءِ تاريخ ۾ نالي جي... ۽ توکي تہ اهو بہ نہ ملندو يار (تنھنجو ايڏو مردانہ انداز تخاطب ان بيباڪيءَ سان مون کي ۽ سڀني کي ڪيڏو وڻندو هو.) جو تون آهين معمولي درجي جي هڪ عام ماڻھون ۽ مرندئين بہ بنھہ بوگس انداز ۾.... پوءِ ڀل تون سسئيءَ جيان سور سھين، ڀنڀور جيان باھہ جهلين.“
هلڪي شرارتي نوع وچان تنھنجي چپن جون ڪنڊون ۽ اکيون مرڪڻ لڳنديون هيون. آئون وچان ڳالھہ ڪپيندي هئس. ”الا ايڏي بدخواهي علي.... ڪشٽ بہ ڪٽجي ۽ نالو بہ نہ ملي. جڏهن تہ اعزازي ئي سھي پر نالو ملندو ضرور آهي....“
”ملندو ضرور آهي... پر توکي نہ ملندو... اسپيشل ڪيس هئڻ جي حالت ۾، ان شخص وانگر جنھن خودڪشي صرف ان ڪري ڪئي تہ سندس نالو ڪنھن بہ صورت ۾ بھرحال اخبار ۾ اچي..... ويچاري جو ذڪر واقعي آيو تہ سھي اخبار ۾، پر ڪجهہ ان ريت تہ گمنام شخص جو لاش لڌو ويو ۽ چھري جي سڃاڻپ ٿي نہ سگهي...“
”نہ سائين نالو ملندو ضرور. انھن کي بہ جيڪي هڪ دفعو مڪتي پائي ٿانيڪا ٿي وڃن ۽ انھن کي بہ جيڪي مسلسل ڪيفيت جو هميشہ بنواس ڀوڳيندا رهن... گوتم نہ سھي، در در ڀٽڪڻ وارو ڀڪشُو ئي سھي.“
”پر بس تہ پنھنجو پروگرام ڀڪشوءَ کان وڌيڪ نہ بنائجانءِ..“
”چڱو..... پنھنجو پروگرام ڪيئن اٿئي ڀلا؟“
وراڻيہءِ، ”فس ڪلاس.... ڪينسر جو موت ۽....“
”ﷲ نہ ڪري....“ آئون تنھنجي ڳالھہ پوري ٿيڻ ئي نہ ڏيندي هئس..
”ﷲ ڪري...“
”نہ.... ﷲ نہ ڪري علي.“
تنھنجو ضد ”ﷲ ڪري...“
تنھنجا گهڙيءَ گهڙيءَ ورجايل اهي جملا ۽ اهڙا الاءِ ڪيئي اڄ بہ ڪنھن نوزائيدہ جي ڪنن ۾ اذان جي آواز جيان لاشعور ۾ ڳتيا پيا آهن.


جيتوڻيڪ يونيورسٽيءَ جي آخري ڏينھن ۾ مون توکي الاءِ ڪيڏي اعتماد سان چيو هو، ”مون توکي وساري ڇڏيو آهي.“
ڪينٽين جي ان ڪُنڊ کي جتي روز ڪلاس Attend ڪرڻ کان پوءِ الاءِ ڪيڏيون بي ربطہ ڳالھيون ۽ چريا نظريا ڇيڙيندا هئاسين. آڪاس تي اڪريل ٽيڙوءَ جي ان ٽمڪي کي، جنھن جي شاهدي ڀريندي هڪ لڱا تو شميءَ آڏو چيو هو. ”نہ هي ڪڏهن ٽٽندو ۽ نہ اسان ئي ڪڏهن ڇڄنداسين.“
ان ساڳيءَ Identification کي، جنھن ڪري، ٻئي هڪ جي ڪري سڃاتا ويندا هئاسين... بقول ڪنھن جي ’يونيورسٽي ڪئمپس ۾ ڪنھن کان بہ پڇ تہ ’علي ڪھڙو؟‘ جواب ملندو ’ڀنڀور وارو‘.... ’ڀنڀور ڪھڙي؟‘ چوندا ’عليءَ واري.‘
آئون تہ اڄ بہ چوان ٿي تہ مون توکي وساري ڇڏيو آهي. تو سان گڏ هر ان رستي کي بہ، جتان ٻنھين جو گذر ٿيو بہ هو ڪڏهن.
پر عبادت جي ختم ٿيڻ سان معبود جو خيال ختم ٿي بہ سگهي ٿو؟
ڪڏهين ڪڏهين چپ چاپ هلندي هلندي... يادن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل قيديءَ جيان من ڇو ٿيڙ کائي هيٺ نھاريندو آهي؟ عام ماڻھوءَ جيان دل سيني جي بدران پيرن ۾ ڇو ڌڙڪندي محسوس ٿيندي آهي؟ ائين جو من وک وک تي ٿُڏو کائي هيٺ نھاري، خاموش گذرگاهن تان يادن جي مٽيءَ ۾ پوريل ڪي پراڻا ڪليسا جا ڪنگرا ۽ مندرن جا ڪلس پيرن جي ٺوڪر سان منھن ڪڍي رئندا محسوس ٿيڻ لڳن ۽ ياد کين بي حرمتيءَ جي خيال کان آزارجي، کڻي من جي ڪنھن سڀ کان اوچي تختي تي سانڀي ڇڏڻ چاهي... اضطراب جي ڪنھن انوکيءَ ڪيفيت سان، عبادت جي ڪنھن بي نانءَ سلسلي لاءِ.
ڇو، منڪر بنجي بہ ماڻھو پنھنجي ساھہ ۾ ايڏا سومناٿ سانڀيو هلي؟ ڇو؟ ۽ وري هر ياد جو پنھنجو بت. هر بت چئي ’آئون بادشاھہ!‘


الاءِ ڪيئن توکي وساري ڇڏڻ جو چيو هوم، جڏهن تہ ايندڙ وقت جو هر سمبل، علامت ۽ اشارو، ويندڙ وقت جي پيرن ۾ پنجوڙ بنجي، ان کي، جيئن جو، تيئن ئي بيھاري بيٺو آ. صدين مان هڪ ساعت بہ جيڪڏهن پاڻ مڃائي پنھنجي جاءِ والاري، تہ اها اهم آهي. هتي تہ پل پل جا ليکا قلب جي ڪوڊ بڪ ۾ درج آهن، جي ڪاغذ تي ڪرِي زمان و مڪان ۾ محفوظ ٿيڻ چاهين ٿا. پوءِ انھن کي ڀل ڪنھن ڪھاڻيءَ جو نالو ڏجي نہ ڏجي، محض ڪا ياد سھي، ڪو مرثيو، روداد يا ڪو انشايو ئي سھي.
ياد اٿم تون چوندو هئين، ”ڪھاڻيون، اڪثر جنس مان جنم وٺنديون آهن. تڏهن، جڏهن ٻن جسمن مان هڪ مرد جو ماسڪ پائي ۽ ٻيو عورت جو. سڌي يا اڻ سڌي طرح ٻہ مطلوب ان ٻہ واٽي تي ملندا ئي پاڻ ۾ ڪھاڻين جي تخليق لاءِ آهن.“
آئون پڇندي هئس، ”۽ اسان جي دوستيءَ تي بہ ڪا ڪھاڻي سرجڻ لڳي تہ پوءِ؟“
”تہ پوءِ ان ڪھاڻيءَ جو موضوع بيحد اڻڀو هوندو يار. جو اسان جي دوستي، جسمن جو گرم گرم لباس تہ پاتل ئي نہ هوندِي.“
علي، تنھنجن انھن لفظن جي ڀؤ کان ڪڏهن بہ قلم جي ذريعي توسان مخاطب ٿيڻ جي ڪوشش ڪانہ ڪئي اٿم. ڪٿي واقعن جو تسلسل گڏجي ڪا ڪھاڻي نہ گهڙي وجهي. جيتوڻيڪ پاڻ کي ماضيءَ جي بار کان آجو رکڻ لاءِ قلم هڪ بھترين پناھہ گر آهي. هن جيءَ نوڪ سان ڪڏهن ڪڏهن جا واقعا، ڪٿان ڪٿان سيري سريکا ڪري، هڪ هنڌ رکڻ سان ڄڻ سالن جيءَ پيڙا کي پهو اچيو وڃي. کن پل لاءِ ئي سھي ماڻھو کڙڪيءَ کي ٽيڪ ڏيئي اکيون پوري، پير پٿاري سگريٽ جي هڪ ڊگهي ڪش سان اونھون ساھہ تہ کڻي سگهي ٿو.
ڪوئي ڄاڻي تہ سھي تہ ساهن جي اونھائيءَ ۾ بہ يادن جو ڪيڏو نہ افسوسناڪ الميو لڪل آهي!
جڏهن تہ مڃان ٿي تہ جن حقيقتن کي ماضيءَ مان جهپي حال ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، انھن ۾ جذبن جي اها رنگيني ناهي، جا تحرير کي زندگي بخشي ٿي. زندگي! جنھن پاڻ کي تحرڪ ۾ رکڻ لاءِ هميشہ محبت ۽ اتساھہ جو ٻارڻ چاهيو آهي... جسماني گرم سگريءَ جو بيحد جهيڻو ۽ مٺو ٻارڻ، جنھن تان مختلف نوعن جون الگ الگ عنوانن سان ڪھاڻيون پچي تيار ٿين ٿيون.
هتي تہ علي بہ پري پري تائين سوچن ۾ سچ ويٺل آهي، اتساھہ جا رتوڇاڻ لاشا پري پري تائين ٽنگيا پيا آهن. ڪربلا جھڙي اهڙي ڪارزار ۾ گرم سگرين جو تہ سوال ئي ڪھڙو؟ ڇار هاڻين ٿڌين سگرين کان جذبي جي گرم رنگيني ۽ اتساھہ جي اميد ئي ڪھڙي؟
تنھنجا منھنجا واقعا جوڙي جي قلم بند ڪريان بہ ٿي، تہ سوچيان ٿي نام ڪھڙي سان.
ڀانيان ٿي جن بينام لڳاوَن تي ڪنھن رشتي جو ليبل چسپان ٿي نہ سگهي، اهي بي نام لڳاءَ دلين مان نڪري صرف فضائن ۾ وکري وڃڻ لاءِ هوندا آهن، قلم سان پڪڙي ڪاغذ تي ڪيرائڻ لاءِ هرگز نہ. پر اڄ الاءِ ڇو! پراڻي الماريءَ ۾ سالن کان پوريل هي ٽي ڪتاب ڏسي ڪٿان ڪٿان جا ساروڻا پاڻ ئي ترتيب وٺي سلسليوار بنجندا وڃن. شايد ڪنھن موضوع جي تخليق لاءِ، اڄ اهي نالن کان وانجهيل ناتا، جن کي زمان ومڪان جي امان نہ ملي، قلم جي صليب تي ٽنگجڻ جو حق گهري رهيا آهن!
صليب! اننت منزل جو واحد Via!


آتما جي آتما کي اجهل ڇڪ، دوستي ۽ اعتبار جو آڌار Ideology جو Ideology سان ملي، شڪتيءَ جو شڪتيءَ کي بي آواز سڏ، بيوقوف هئاسين علي، جو ڀانيو هوسين تہ انھن بي نانءَ رشتن جي آڌار جيئڻ جو جواز لھي وٺنداسين. انھن بي نانءُ ناتن لاءِ ڪو دليل هو، تہ صرف ايترو تہ خدا جي خدائي بہ تہ مٿس اعتبار اعتماد جي ڪري قائم آهي نہ تہ کيس اکين سان ڏسي ڪنن سان ٻڌي ۽ هٿن سان ڇھي ڪنھن ڏٺو آهي؟
چنڊ کي ڇڏي چانڊوڪي جو اعتبار، گلن کي ڇڏي صرف خوشبوءِ جي جستجو، شيءِ کي ڇڏي صرف شڪتيءَ ۾ پناھہ ڳولھڻ، ڪيڏي وقت کان اڳ جي انڌي Ideology هئي اسان جي!
هڪ ٻئي جي خوابن ۽ گمانن تي اعتبار.
”رات خواب ۾ مون توکي مرندي ڏٺو ڀنڀور. ڀؤ کان سڄي رات سمھيم ئي نہ.“ ياد اٿئہ ڪينٽين جي ڪنڊ ۾ چاءِ جو چُڪو ڀريندي تو چيو هو، منھنجي اکين جا تارا حيرت کان ڦھلجي ويا هئا.
”حيرت آ علي، تڏهن مون رات توکي رئندي ڏٺو خواب ۾.“
”فرض ڪر جي واقعي ائين ٿئي، تہ تون ڪيئن ملھائين منھنجي موت کي؟“
”پھرين تون ٻڌاءِ تون ڪيئن ملھائين؟“
خود غرض ٿي هڪٻئي جي اذيت جو اندازو هڻڻ لاءِ ڪيڏا بيوقوفيءَ جا سوال ڪندا هئاسين!
”نہ، پھرين تون ٻڌاءِ.“
تو ڊگهو ساھہ کڻي پنھنجي جسم کي ڪرسيءَ تي ڍرو ڇڏيندي چيو هو ”فوراً مري نہ وڃان. پر خبر ٻڌي پھرين سراپجي وڃان. جيڪڏهن يونيورسٽيءَ ۾ هجان تہ پوءِ هوريان هوريان هن ڪينٽن جي ڪنڊ تائين جيئن روز ايندا آهيون تيئن اچان. ساڳيءَ طرح چانھن جا ٻہ ڪوپ گهرايان. پوءِ هاسٽل ۾ تنھنجي روم تائين اچان. روم تائين ايندي تنھنجي ياد جو گهڻو حصو رستي جي هنن ٻنھين پاسي پٿرن ۾ پوريندو اچان، پر جي تون ياد اچڻ لاءِ زور ڀرين تہ آئون T.V تي ڏيکاريل ان ٻارڙي جيان اکيون زور سان پوري، ڪنن ۾ زبردستي آڱريون وجهي چوان ’هينئر مون کي ڪوئي ياد نہ پيو اچي... هينئر مون کي ڪوئي ياد نہ پيو اچي.‘ ياد اٿم ڳالھہ ڪندي ڪندي اضطراب وچان تو عينڪ کي ايڏو زور سان ٻيڻو ڪيو هو، جو هڪ ئي سَٽَ سان ٻن حصن ۾ ٽڪرا ٿي وئي هئي.
علي، اڄ سوچيان ٿي. ڇا ڪينٽن جي اها ڪنڊ، جنھن تي اسان کان سواءِ ٻيو ڪير ڪڏهن نہ ويٺو، لئبريريءَ جا مقدس ڪتاب، سال 65ع کان 69ع تائين جا شاگرد، ڊپارٽمينٽ جا استاد جي اسان جي ست ۽ ساٿ جا ساکي هئا، اسان جي وجود کي وساري سگهن ٿا؟
ڪير ٻڌائيندو انھن سڀني کي ڪائنات جي سڀ کان اهم قضئي متعلق، تہ دوستي اسان جي ختم ٿي وئي. بقول ڪنھن جي ’دوستي هئي اسان جي، ڄڻ دوا جي بند ڪا شيشي، جا آغاز جي تاريخ ۽ (Exp-date) سان ختم ٿي وئي.‘


هي ٽي ڪتاب، جي مٽيءَ جي جزدان سان لٽيا، الائي ڪڏهوڪو الماريءَ ۾ سٿيا پيا آهن، مٽيءَ کي ڇنڊڪو ڏيئي جلد جو ورايو اٿم، تہ اُڏريل اُڏريل رنگ جي مس سان، ٽنھين ڪتابن تي، هيٺان تنھنجيءَ صحيح سان ڦڪا ڦڪا مرڻينگ لفظ اٽڪيا پيا آهن. ٽن نون سالن جي آمد تي ٽي عظمتن جا امين. سال 66ع، 67ع ۽ 68ع جا. ائين ناهي تہ 68ع کان پوءِ سال 69ع نہ آيو ۽ وقت بيھي رهيو. پر باقي ڪتابن جا تحفا تنھنجي نئين چونڊيل پيار جي چکيا جو ٻارڻ بنجي ويا.
سال 66ع جي ڪتاب تي لکيل آهي، ”ٻن هارايلن کي هونئن بہ هڪ ٻئي سان عجب ڇڪ محسوس ٿيندي آهي. ائين جيئن ڇٽي ويل ريل جا ٻہ ساڳيا مسافر.... اسان بہ پاڻ ۾ ائين آهيون.“ هيٺيان تنھنجو نالو، تاريخ 1 جنوري سال 66ع.
ٻيو ڪتاب سال 67ع جو. لکيل آ ”ڪنھن اڻڄاتل ساڳئي سفر جا همراهي، ٻہ اڻ پورا وجود، رختِ سفر ساڳئي سان. اضطراب ۽ بيچينيءَ ۾ هڪٻئي جا همنوائي. پيڙا ۽ پڙلائن ۾ ٻنھين جو هڪ جيترو حصو. ڌار اکين سان ساڳي پروڙ.“
ٽيون ڪتاب 68ع جو. هلڪي مزاحيه انداز ۾ خلوص جي اظھار خاطر لکيل آهي، ”تنھنجي صرف هجڻ جو ئي احساس دل جي ڏڍ لاءِ امام ضامن آهي. دل جي سھاري لاءِ ايمان جي انشورنس پاليسي...“
دل چوي ٿي اهي لکڻيون پڙهي کلان، بيطرح کلان. ايڏو جو اندر جي آنڌ مانڌ، لوڇ پوڇ، ڇن کنڌ، پاڻ ئي سڏڪي سڏڪي سڪرات جي آخري سمي جيان ساڻي ٿي پوي. تون جي سامھون هجين تہ اها کل ٻڌي کامي وڃين. ڏندن سان چپن جون ڪنڊون چڻ لڳين. هميشہ جيان اهو ساڳيو ئي جملو ورجائين، ”ايڏو سڪون پڪ تو ڪٿان سمگل ڪيو آ! نہ تہ ايڏي آٿت عام حالتن ۾ ڪھڙو شريف ماڻھو Afford ڪري سگهي ٿو.“ آئون سدائين ساڳيو جواب ڏيانءِ، ”چڱو شريف نہ سھي پر سرندئي سھي مون کان سواءِ؟“
اهو ئي تہ ڏک آ جو نہ ٿي سري. اسين ڪجهہ بيڪار شين جو پاڻ کي عادي بنائي، انھن کان سواءِ پاڻ کي ڄڻ اڌو گابرو محسوس ڪرڻ لڳندا آهيون. نہ تہ شين ۾ ڪا خصوصيت نہ هوندي آ، جيئن تو ۾ ڪا خصوصيت ناهي، بقول غازيءَ تہ ”محبت مڪمل شخصيت سان انھن جي خامين جي باوجود بہ ڪئي ويندي آ.“


ٽيئي ڪتاب سامھون پيا اٿم ۽ تنھنجا جملا اُڏريل رنگ جي مس سان مرڻينگ انداز ۾ لاشن سمان ڄڻ ڪاغذ جي ڪفن ۾ ويڙهيل ڪتاب، جي ڌرتيءَ ۾ امانت جيان محفوظ پيا آهن.
دوستي، اعتبار ۽ اعتماد ختم ٿي چڪو آ ۽ لفظ اڃا محفوظ رهيا آهن.
الائي ڇو اسين وقت کان اڳ ۾ ئي ڪنھن ڪنھن کي دل جا دائمي سھارا ۽ ايمان لاءِ انشورنس پاليسيون سمجهندا رهندا آهيون! الائي ڪھڙا ڪھڙا ايمان جا ضامن ۽ عقيدن جا ناخدا جوڙيندا رهندا آهيون. جڏهن تہ خبر بہ اٿئون تہ ضمانتون ضبط ۽ پاليسيون Lapse بہ ٿي وينديون آهن.
دريا پنھنجي دوار، هوائون پنھنجي رخن ۽ مندون ساڳين ماڳن تي هلي هلي رخ بدلائي بہ ڇڏينديون آهن. دلين ۽ درياهن جا هونئن بہ ڪھڙا ڀروسا! هونئن بہ انسان ۽ سندس فطرت ۾ ڪو ڪلارڪ ۽ ڪرسيءَ جھڙو رشتو تہ ناهي، جو هميشہ هڪ ٻئي کي چهٽيو اچن. ڪڏهن بہ، ڪوبہ واقعو، سال گهري ستل جذبي کي جاڳائي زندگيءَ جي رخ کي موڙي بہ سگهي ٿو. نظريا ۽ اصول، قول ۽ فعل بدلائي بہ سگهي ٿو.
حالتن سان گڏوگڏ وقت وقت جي ڳالھہ آ. جڏهن وقت جي ڪنجي حالتن جي تالي ۾ گهمي، تڏهن خبر پئي تہ ڌار اکين سان ساڳي پروڙ رکڻ وارا هئا تہ ٽريفڪ جو برابر ساڳيو ئي سنگل، پر ٻن مختلف Indicators ساڻ. علي، تو ٽٽڻ وقت ساوا رنگ چونڊيا ۽ مون کي حصي ۾ زرد روشني ملي، جتي جيون جي هر هلندڙ گاڏي اچي بيھي رهندي آ. تون اڄ اُڀ ۾ اڏرندڙ آزاد پنڇي آهين، اوچاين تي آکيرو اڏڻ وارو منھنجو واهيرو بہ آهي تہ سھي، پر ڌرتيءَ جي اونھاين ۾. عام ماڻھوءَ جيان پنھنجي واهيري تائين رسڻ جي آس اٿم. منھن ۽ مٿي سان ڌرتيءَ کي کوٽڻ جو ڪشٽ.
چونڊ تو بہ ڪئي ۽ مون بہ. ڪامياب تون بہ آهين ۽ آئون بہ. فرق هڪڙو آ، جو تون ڪاميابين سان نباهي هڪڙو دفعو سرخرو ٿي وئين ۽ اسان بہ پستين جي ميدان ۾ پيڙائن جي ساٿ سان Long March ۾ ڪجهہ نڀائي آياسين، ڪجهہ نڀائي وينداسين. ان ۾ شاباش ڏيڻ جي ڪا ڳالھہ ناهي، جو ڪامياب تون بہ آهين ۽ آئون بہ.
مسئلو صرف جسم جي جيئڻ مرڻ جو هجي ها تہ ماڻھو اهڙا بنواس نہ بہ ڀوڳي ها، ڪا ٿڌي ڪنڊ وٺي سمھي رهي ها سڪون سان... پر هتي تہ اڻ ٽر Ego جو سوال هو ۽ مون سان تہ خوش نصيبيءَ سان هميشہ اها ٽريجڊي رهي آ، جو جذباتي ڏي وٺ ۾ منھنجو هٿ هميشہ کان اوچو رهيو آ. ڪڏهن بہ منگتن جيان سڪ جي خالي ڪشتي کي محبت ۽ دوستيءَ جي سڪن خاطر ناهي ڦھلايو (دراصل جي جذبا توکان هميشہ Command سان مليا، انھن لاءِ Demand جي عادت جو نہ هئي.) آخر ۾ هٿ ڦھلايان مان تو آڏو، جنھن کي دوست مڃيو هوم پنھنجي سڄي ساري وجود سان. کل ايندي اٿم جڏهن ڪوئي چوندو آهي تہ منھنجي دل ٽٽي پئي، ڀلا دوستيءَ جي عظيم ڦھلاءَ کي جسم جي صرف هڪ عضوي تائين ڪيئن محدود ڪري سگهجي ٿو؟ صرف دل تائين؟ صرف دماغ تائين؟ صرف شھہ رڳ تائين؟ ڌرتيءَ کان آڪاس تائين جي ڦھلاءُ کي جسم جي ڪنھن هڪ حصي تائين وابستہ ڪري، ان کي ڪنھن نواڻ جي ڪئنچيءَ سان محض افتتاح جي شوق خاطر ڪٽي ڇڏڻ!
اها هئي تو پاري مصلحت پسند مشھوريءَ جي شائق عقلمند جي کيڏ. حالانڪ تو مون کي ’اڳرائي ڪندڙ‘ جو الزام ڏنو هو.
اسان تہ هميشہ وک وک ڪري منزل جو سفر طئي ڪيو، ۽ ماڳ ڏسي پلاند ڇنڊي پري بيھي رهياسين. ڀريل بازارون پاڻ بنائي، پنھنجي لاءِ ڀڳڙا چونڊي چپ ٿي وياسين. اها منھنجي تياڳ پسنديءَ جي انتھا هئي، جو تو هڪ لڱان اسان جي دوستيءَ جي آخري ڏينھن پنھنجو نئون فيصلو ٻڌائيندي چيو هو، ”هڪ ٻئي جي پناھہ ۾ ان ريت پنھنجي ڪمزورين جو اعتراف ڪرڻ تہ اسان کي بنھہ گوشه نشين بنائي وجهندو. اچ تہ هڪ ٻئي جي ذات کان ٿورو آجو ٿي، ڪجهہ دنيا سان گڏ هلڻ بہ سکون.“
”ضرور....“ مون کي ڪٿي اعتراض هو!
هڪ نقطو... هڪ زاويو، جتان شڪست خورده قنوطي شخص مرڪندڙ فاتح ماڻھن کان پنھنجا دڳ الڳ ٺاهڻ شروع ڪندا آهن. جتان آس نراس، سراب ۽ شادابيءَ جا رستا الڳ ٿيڻ شروع ٿيندا آهن. اسان ڌار ٿياسين ان نقطي تان.
سوچيان ٿي، ڇا ڪھاڻيءَ جو آغاز آئون ڌار ٿيڻ کان ڪريان. جڏهن تہ وڇوڙن کان پوءِ ڪھاڻيون سرجنديون نہ پر مرجهائجي وينديون آهن. پوءِ ڇو نہ ٿورو وصل جو ذڪر ٿي وڃي!
يونيورسٽيءَ جي پھرئين ڏينھن... ها، شايد پھرئين ڏينھن ئي توسان ملاقات ٿي هئم. اهو ڏينھن شايد منھنجي نيڪ نصيب (جيڪڏهن منھنجي حصي ۾ ڪا نيڪ نصيبي هئي ته) ڏينھن مان هو، جو بابو بہ ساڻ هئم. نہ تہ بابي جو ساڻ هجڻ تہ ڪڏهن خواب ۾ بہ نہ سنڀريو هئم. بابي الائي گهڻيون شاديون ڪيون، پر جو ليکو ذهن ۾ واضح اٿم، اهي جن جا نڪاح باقاعدي رجسٽر ٿيل هئا. پر انھن ٻن مان بہ پھرين زال سان پاڻ نہ ٺھيو. ٻي ساڻس نہ ٺھي (جا شايد منھنجي ماءُ هئي). اهڙيءَ ريت بي ربط ڦيٿن سان هلندڙ گاڏي نہ پاڻ ٺھي هلي، نہ مسافرن کي ئي صحيح دڳ لائي سگهي. بي ماڳ ڀٽڪندڙ مسافرن جيان اولاد جنھن کي جيئن آيو تيئن پنھنجي وت ۽ وقعت آهر بي مقصد اسٽيشن تي لھي پيو. هاسٽل جي ڪنڊ اهڙي سمي مون لاءِ ڄڻ دارالامان بنجي ويئي. هونئن بہ اهي مسافر جن جي منزل جو ڪو خاص تعين ٿيل نہ هجي، خلوص ۽ پيار جي ننڍڙي ننڍڙي اسٽيشن تي پنھنجي ساھہ جو سمورو سامان ويڙهي هيٺ لھي پوندا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ تنھنجو خلوص ۽ سهڪار تنھنجي ئي لفظن ۾ دل جي ڏڍ خاطر ’امام ضامن‘ بنجي ويو.
بقول ڪنھن جي ’غمن کي واقعي پنھنجون گھِرائيون آهن.‘ حالتن کان مار کاڌل ٻارن جيان اسان هڪ ٻئي جي گھِرائيءَ ۾ ايئن سرچي وياسين، جو مزيد ڪنھن رشتي کي سلھاڙڻ جي گنجائش ئي نہ رهي.
يونيورسٽيءَ ۾ گهڙندي ئي بابا توکي چيو هو (جو ڳالھين ۾ خبر پئي تہ تون نہ صرف منھنجو ڪلاس فيلو پر بابا جي مرحوم دوست جو پٽ بہ آهين ۽ پنھنجي پيءُ جي بي وقتي موت کي خراب حالتن جي صورت ۾ ڀوڳيندو آيو آهين)، ”پٽ ڀيڻ جو خيال ڪجانءِ. هيءَ نئين آهي ۽ هر شيءِ دير سان سمجهہ ۾ ايندي اٿس. آئون Busy رهندڙ ماڻھن مان آهيان. البت چيڪن موڪلڻ ۾ دير نہ ڪبي.“
بابو واقعي هميشہ جيان چيڪن جي حد تائين ياد رکي جيئن ويو تہ وري نہ وريو.
پر تو بہ بابي واري لفظ ’ڀيڻ‘ جي ڪڏهن تائيد نہ ڪئي. بقول تنھنجي ”ضروري آهي ڇا تہ رشتا ۽ وابستگيون ضرور ڪنھن نہ ڪنھن نالن ۾ ئي ورهايون وڃن. ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو رشتو، عاشق ۽ معشوق جو رشتو، زال ۽ مڙس جو رشتو. ڇا ان کان علاوہ ٻيو ڪوبہ رشتو ممڪن ناهي؟ دوستيءَ ۽ اعتبار جو، ذهن جي ذهن سان هم آهنگيءَ جو. اهڙو رشتو جنھن ۾ نہ ڪا ڪھاڻي سرجي، نہ منزل ملڻ جي تانگهہ ٿئي ۽ نہ ئي وري چاشنيءَ وارو اهو چاھہ، جو جسمن جي لمس مان پيدا ٿيندو آهي. اهڙا نالن کان وانجهيل ناتا عظمتن جا امين آهن. ان کان سواءِ باقي رشتا ووڊڪا جي اثر کان بي ستي وقتي وهنوار جي وندر آهي، باقي ڪجهہ بہ نہ.


ڪتابن جا ٿَھا هٿن ۾ جهلي ٻانھن تي ڪارا گاؤن لڙڪائيندي، ٿڪل ٽٽل رستي تي پيل پٿرن سان ٿُڏن جي ريسَ ڪندي، اسان حيات جي ڪيترن ئي رهجي ويل خالن کي هڪ ٻئي جي هام سان ڀري ڇڏيو هو. تون حيات جي ناگزير حالتن کان پريشان هئين ۽ مون کي زندگيءَ جي گذريل پلڪن پريشان ڪيو هو. ضرورت مند تون بہ هئين ۽ آئون بہ. هڪٻئي جي حاجت روائي، ڪنھن جو ڪنھن تي احسان نہ هو. مشڪل ڪشائيءَ جي لمحن ۾ ٻنھين مان ڪنھن هڪ بہ نہ سوچيو تہ سڪون جو هيڏو سامان جنھن شخص مان مون کي ملي ٿو، سو ڪو اتفاقاً Opposite sex رکي ٿو.
ياد اٿئہ جنھن جاءِ ۾ اوهين رهندا هئا ان تي هلندڙ ڪيس جي ڪري تون اڪثر پريشان رهندو هئين. ڪيس کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪافي وقت ۽ پئسي جي ضرورت هئي. تون اکيون پوري ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏيئي ٿڪل لھجي ۽ افسردہ نوع ۾ چوندو هئين، ”سڄي رات سمھيو ناهيان. سوچ ۾ ڪيئن صبح ٿئي، جو توکي اچي ڳالھہ ٻڌايان. تو ٻڌايو هو تہ ڪاغذي ڪارواين تائين اوهان ڪيس کٽي ويندا آهيو، پر مخالف ڌر امينن کي وڏيون وڏيون رقمون ڏيئي ڪيس پنھنجي حق ۾ ٺاهيو وڃي.“ تنھنجيون اوجاڳي کان ٿڪل اکيون شڪايت ۾ ٻڏل هونديون هيون.
”سمھڻ وارا تہ سوريءَ تي بہ سمھي رهندا آهن.“ مون توکي خلوص سان صلاح ڏيندي چيو هو. ”رات جو جڏهن سمھين تہ سکيو سمھندو ڪر. ڏک ڏينھن جو هتي کڻي ايندو ڪر تہ گڏجي ونڊينداسين.“
تون پريشان ٿي چوندو هئين ”ڏينھن ڏنجهائين ٿا ۽ راتين کي ريجهائڻ جو ڪو سليقو ناهي. حالانڪ پنھنجي شڪستن کي هميشہ کلي کيڪاريو اٿم، البتہ شام جو ڪنھن ريسٽورنٽ ۾ ويھندي، اڪيلي چانھن پيئندي توکي اڪثر مس ڪيو اٿم، خصوصاً تڏهن جڏهن موڊ منجهيل ۽ دل اداس هجي. الاءِ ڇو؟! اهڙي ويل دل چاهيندي آ، تون ڀر ۾ هجين تہ پنھنجي اونھاين کي توسان Expose ڪري بار لاهي ڇڏيان. سچ تہ تون امن آهين ڀنڀور.“
”سچ تہ تون بہ امن آهين.“
”چڱو ڀلا ٻئي هڪ ٻئي لاءِ دارالامان آهيون....“ کلي ٺاھہ جي هڪ نئين صورت ڪڍندا هئاسين.
گويا مڪتيءَ جو مشروط فيصلو هو هڪٻئي جي وجود سان. بنا ڪنھن شڪ شبھي جي اهڙو سنگم، جنھن تي نہ ڪا اک مرڪي، نہ ڪنھن آڱر سڃي، نہ اسڪئنڊل جڙيو ۽ نہ ئي Affair مشھور ٿيو. نہ تہ جو ناتو جيئن هجي، دنيا ان کي ائين ئي قبولي، ضروري تہ نہ هو. جڏهن تہ شڪ ڪرڻ وارن جي زد کان آسماني صحيفا بہ نہ بچي سگهندا آهن.


بس اٽڪياسين پاڻ ۾ ڪڏهن، تہ هن فرزانہ واري معاملي ۽ چانھن جا بل ادا ڪرڻ تي.
فرزانہ تنھنجي مائٽاڻي مان هئي. ڪوئي اوهي واهي نہ هئڻ ڪري اوهان وٽ ئي رهي. تنھنجيءَ امان جي مرضي هئي تہ گهر جي ڇوڪري گهر ۾ ئي رهي، پر تون ڪنھن صورت پير تي نہ ٿي بيٺين. هڪ لڱان تنھنجيءَ ماءُ مون کي ان معاملي ۾ توکي سمجهائڻ لاءِ چيو هو. سمجهايو هو مانءِ تہ چڙ مان سڄي يونيورسٽيءَ مان ڇانٽيل ڇورن جي لسٽ چونڊي چيو هئہ، ”پھرين تون هنن سڀني مان هڪ سان شادي ڪر تہ پوءِ آئون فرزانہ سان.“
هڪ ڏينھن تو پريشان ٿي چيو هو ”امان چوي ٿي يا فرزانہ سان شادي ڪر، نہ تہ گهر ڇڏي هليو وڃ.“
”فرزانہ توکي لھڻين بہ ضرور. امان سچ ٿي چوي.“
چيئہ، ”شادي Risk آ ۽ في الحال آئون Risk کڻڻ لاءِ تيار ناهيان.“
”Risk تہ اوپريءَ شي سان ٿيندو آ. فرزانہ پنھنجي آ.“
وراڻيئہ، ”پنھنجيءَ شئي مان ڄاتل سڃاتل هڳاءَ ٿو اچي. جنھن کي چڱائيءَ جي لحاظ کان هر وقت پنھنجو Feel ڪجي، ان سان Deal وري ائين ڪجي، جو ان مان ٻار ڄڻجن، پاڻ کان ٻيلي ائين ڪونہ پڄندو.“
اهڙيءَ طرح ڪينٽن جي ڪنڊ وٺي چانھن جي چُڪن سان الاءِ اسان ڪيڏا بي ربط نظريا ۽ عجيب Ideas ڇيڙيا هوندا. اتي جو اتي تر تان گسي هڪ ٻئي کي مردن جيان گاريون ڏنيون هونديون سين. ٻارن جيان ٻوٿ سڄايا هونداسين. ۽ ’نہ ٿي سري‘ جو Excuse ڏيئي، لڪائي لڪائي وري خلوص جا تازہ دم سلسلا نئين سر جوڙيا هونداسين روح ۾!
آئون سارتر جي انھن لفظن سان متفق آهيان بہ سھي تہ ”هر اهو لفظ جو اسان ٻئي جي آڏو ادا نہ ڪري سگهياسين... اسان جيءَ هار جو سخت اعتراف آهي.“ پر تنھنجي منھنجي ويڙھہ ڌرتيءَ تي پنھنجي نوع کان پھرين ئي ويڙھہ هئي. جنھن ۾ اسان هڪ ٻئي کي گهڻي کان گهڻو ٻڌائيندي بہ پنھنجو پاڻ کي شڪست خورده سمجهيو.
مون کي ياد آ، ويڙھہ ۾ تون اڪثر چوندو هئين ”توسان گڏ ويھي بہ نہ ٿو سگهجي، توکان سواءِ رهي بہ نہ ٿو سگهجي.“
آئون کلي چوندي هئس ”تنھنجي ساٿ ۾ ايڏو سڪون آ، جو سمجهائي نہ ٿو سگهجي. ايڏو سرور آ جو سانڍي نٿو سگهجي.“
ائين البت ضرور هوندو هو تہ ويڙھہ جو آغاز هميشہ مون طرفان ۽ پرچاءُ ۾ پيش قدمي هميشہ تنھنجي طرفان ٿيندي هئي. جو منھنجو خيال هو تہ روسامي لاءِ اول ڪپت تون ٿو ڪرين. چوندو هئين، ”زندگيءَ جي هر معاملي ۾ هميشہ خوددار رهيو آهيان. پر تو جھڙي بوگس ماڻھوءَ لاءِ اڪثر انا اڻا اڻا ڪرڻي پئي اٿم.“
بھرحال تڏهن اسان ٻنھين جو خيال هو تہ زندگيءَ ۾ ڪو سٺو ’ساٿي‘ پائي من کي نفسياتي سھارو ملي ويندو آ جيئڻ لاءِ، جنھن جي آڌار تي زندگيءَ جا ننڍا وڏا ڪم سليقي سان نڀائي سگهبا آهن. جنھن جي مڃڻ سان شڪستن جا بار آسانيءَ سان کڻي سگهبا آهن. جنھن جي زندگيءَ جا ٿورن لفظن ۾ گهڻا مطلب سمجهائي سگهبا آهن.
”اسان بہ تہ هڪ ٻئي جو جٽ هئاسين علي!“
تڏهن تہ سال 65ع کان 68ع تائين جو عرصو اسان هڪ ٻئي جي حفاظت ۾ ائين گذاريو، جيئن اسرندڙ ٻار ماءُ جي ڪک ۾.
سال 1969ع آيو.
نوان واقعا، نوان امنگ ۽ نوان ماڻھو کڻي ايندڙ وقت ۾ ٿيندو تہ الاءِ ڇا ڇا، پر هميشہ هر ڳالھہ الائي ڇو ڏاڍي اميد افزا ڀانئبي آهي. پوءِ ڀل تہ ٿيندڙ واقعا اسان جي پلاند کي پرڻ ڪري اسان کان اسان جي Identification ڦري وٺن. پر آئنده جو آڌرڀاءُ هميشہ کان اسان جي عادت رهي آ. ڪيئن نہ چندا گڏ ڪري نئين سال ۽ ايندڙ ماڻھن کي Reception ڏيندا آهيون.
سو نئون سال آيو، پنھنجي تمام تر نواڻ سان، نوان ڪلاس، نوان شاگرد، نئون ٽائيم ٽيبل، نئين يونين ۽ نئون Manifesto کڻي.
اسان پارٽ ٿرڊ بيحد شان سان ڪليئر ڪري فورٿ ۾ آياسين. پھريون دفعو ائين ٿيو جو شاگردن جا ايڏا جٿا ٻين ڪاليجن کان Migrate ٿي اسان جي يونيورسٽيءَ ۾ آيا.
پھريون دفعو.... پھريون دفعو.... ڪلاسن ۾ شاگردن جي گهڻائيءَ سبب ورهاڱو ٿيو Sex جي بنياد تي.
ظاهر آ، ان تبديليءَ کي اسان مان ڪنھن بہ پسند نہ ڪيو. پراڻن شاگردن جي چهل پھل گويا گم ٿي وئي. ڪجهہ ايندڙ شاگردن جي اجنبيت ۽ ڀؤ، ڪجهہ پنھنجن پيارن رفيقن کان ڇڄڻ جو ڏک، ڏينھن سچ تہ هيڪر وري ڏولانگهن ۾ اچي ويا.
اسان جي.... ها علي، اسان جي سالن کان سانڀيل هيڪڙائي بہ ورڇ جي ور چڙهي وئي.
آگسٽ 69ع جي 15 تاريخ سومر جو ڏينھن، پھريون دفعو تو الڳ ۽ مون الڳ ڪلاس اٽينڊ ڪيا. خالي ذهن ۽ کوکلي اتساھہ سان. ڪلاسن ۾ دل نہ لڳي، ليڪچر سمجهہ ۾ نہ آيا، ڪيئن بہ چاهيو هوسين تہ چانھن جو وقفو ملي تہ گڏ ويھي فضا ۾ گاريون اڇلايون ۽ اندر ٺاريون. پر ٿيو ائين جو ان ڏينھن 11 بجي چاءِ پيئڻ خاطر ڪينٽين ۾ گڏياسين ضرور، پر الاءِ ڇو پنھنجي پنھنجي جاءِ ٻنھين ڄڻن عجب شڪائي محسوس ڪئي، جنھن جو اظھار اسان ان ٽاپڪ تي ڪجهہ بہ نہ ڳالھائي ڪيو. تون خاموش هئين ۽ رکي رکي پيشانيءَ تي هٿ ٿي گهمايئي (پريشانيءَ جي عالم ۾ پيشانيءَ تان هٿ گهمائڻ تنھنجي خاص عادت هئي.) ٿڪل ٿڪل لھجي ۾ اٿندي اٿندي چيو هيئہ ”موڪل مھل ڪلاس کان ٻاهر منھنجو انتظار ڪجانءِ. اڄ توسان هلندس ۽ ماني بہ تنھنجيءَ ميس جي ئي کائيندس.“
”تنھنجو دماغ اڄ پٽڙيءَ تان لٿل آ علي.“
تو اُٻاڻڪائيءَ سان خالي خالي انداز ۾ خليل جبران جا جملا ورجايا، ”منھنجون ديوانگيون پاڻ کان لڪائڻ ڏي ساٿي، جو مون کي هيڪلو لنگهڻو آ ان جھنم مان، جو آئون توکي ڏيکارڻ نہ ٿو چاهيان.“
روم ۾ وڃي اسان هتي هُتي جي سطحي Talk ۾ پوري ڪوشش ڪئي تہ ان خود ساختہ احساس جي جھنم مان بچي سگهون، جو خالص الخاص اسان هڪ ٻئي جي وندر لاءِ هٿرادو جوڙيو هو. ماڻھو پنھنجي آرام لاءِ جنتون جوڙيندا آهن، اسان جھنم چونڊيو هو. هئي نہ چريائيءَ واري Sadistic approach!
”علي، ڪڏهن ڪڏهن الائي ڇو ذهن تي هروڀرو Depression جو ايڏو داٻو محسوس ٿيندو آ. ڀانءِ من جي اندر الاءِ ڪٿي پري پري ڪي Emotional gaps رهجي ويا آهن، جن کي ڀرڻ لاءِ حيات جو هيءُ دور پورو نہ آهي. شايد وري ڪا ٻي جُوڻ مٽائي، انھن خيالن کي ڀرڻ وري هتي اچڻو پوندو.“ مون چيو.
تون شايد سمجهي وئين. اندر جي رهجي ويل گهائن کي لفظي چَپرن سان پُر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ چيئہ، ”تنھنجي زندگي پر پيچ سھي، پوءِ بہ هڪ اميد آهي، ٿي سگهي ٿو ڪو پيچ، ڪو داءُ تنھنجي فائدي ۾ وڃي ۽ تون جيئڻ جو جواز لھي وٺين. زندگي تمام وسيع آهي.“
مون زندگيءَ ۾ لالچي ٻارن وانگيان ڪڏهن بہ اميد جي اک ناهي هنئين. جڏهن بہ Future لاءِ سوچيم، هميشہ محسوس ٿيو تہ اجهو اجهو ڪو لمحاتي حادثو ٿيندو، جو مون کي پٺيءَ ڀر ڪيرائي وجهندو. ڪا ناگهاني اتفاق جي وِيرَ ايندي، جا مون کي لوڙهي ويندي. T.V ڏسندي، اخبار پڙهندي هر بريءَ خبر جي گرد گول دائرو ڇڪي ڇڏيندي آهيان. شايد ڪو وقت ايندو، جو اهي خبرون منھنجون منتظر ٿينديون. ڇوڪريون سھانن سپنن جا تاج محل اڏينديون بہ هونديون، پر منھنجي سوچ هر وقت مڪليءَ جي مقبرن ۾ ئي ڀٽڪندي رهي ٿي. تون ڦڪي مرڪ مرڪي پئين، چيئہ، ”نيٺ بہ تہ چِندُ سنڌي آهين. جنھن مڪلي نہ ڏٺي، اتي جي مقبرن لاءِ نہ سوچيو، سو سنڌي ٿي ئي نہ ٿو سگهي.“


يونيورسٽيءَ ۾ ايڏي بڪواز جو وقت نہ ٿي مليو، پر چانھن جو وقفو برحال اسان جو رهيو، ان وقفي ۾ ملندا هئاسين ۽ خوب ملھائيندا هئاسين. اڻ پورا جملا، ننڍيون ڳالھيون.
”اڄ تون ڪنھن جيءَ ڀر ۾ ويٺينءَ؟“
”تون ڪنھن جيءَ ڀر ۾؟“
”ڀلا توکي Keats جي فلاڻي لائين سمجهہ ۾ آئي؟ جي آئي تہ مون کي سمجهائي. رات امان ران پچائي. توکي ياد ڪيائين، چيائين تہ ڀنڀور کي ڏيڻي آ. پر مان نہ آيس، جو موڊ آف هو.“
”ڪلھہ مان جيڪي ڪارا فليپر ۽ Grey شرٽ پاتي، ان جي تو واريءَ شمشاد انصاريءَ خوب تعريف ڪئي. ڀنڀور توسان گڏ رهي. هاڻ ان جا ذائقا بہ تو جھڙا ٿيندا وڃن.“
شميءَ جو رول نمبر منھنجي ڀر وارو هو. ويجهڙائپ هونئن بہ مانُوسيت پيدا ڪندي آهي، هيءَ تہ هئي هر رخ کان ويتر وڌيڪ زيبائتي. واقعي سڀني کان گهٽ عمر ۽ گهڻيءَ ڪشش واري.
شمي ڇا آئي. سندس اچڻ سان سڄيءَ ڪئمپس ۾ زندگيءَ جي مانڌاڻ مچي وئي، جيئن بيٺل پاڻيءَ ۾ ڪو پٿر لھرون پيدا ڪري ۽ لھرون پري پري تائين ڦھلجي وڃن، تيئن هن ۾ بہ ڪو مقناطيسي بجليءَ جو پاور هائوس هو. جتان لنگهي، جو چوي، جيڏانھن ڏسي، هر شئي جي قسمت جڙي پوي. سندس هر زاوئي کي پنھنجو مطلب هو ۽ هر مطلب هوس ٻہ معنائي.
رول نمبر 22 وارو سليم اکيون مچڪائي آواره انداز ۾ چوندو هو ”شميءَ جي بدن ۾ آهن موکيءَ جا مٽ. هلندي هلندي هاريندي وتندي آ.“
بھرحال هوءَ مون کي بہ ايتري تہ ضرور پياري لڳي، جڏهن وڏي وڏي اعتماد سان پنھنجا ننڍا ننڍا راز ٻڌائيندي هئي، تڏهن کيس پوري ڌيان سان ٻڌندي هئس. جو خيال هوم تہ پرڪشش جواني هونئين واقعن سان سلھاڙجي رازن کي جنم ڏيندي آ. حسن هميشہ کان رازن جو امين رهيو آ. بي راز زندگي، بي صورت زندگيءَ جو درد انگيز الميو ئي تہ آهي علي.
شمي ڪڏهن ڪڏهن موڊ ۾ اچي مرڪي چوندي هئي، ”تون.... فقط تون منھنجي سڀ کان وڌيڪ همراز آهين، ڀنڀور الائي ڇو؟“
آئون شرارت وچان کلي چوندي هئس، ”ڇو جو تون، فقط تون بمباز آهين. الاءِ ڇو؟“
”تون راز گهر آهين.“
”۽ تون بجلي گهر آهين.“ آئون کلي ڳالھہ لنوائي ويندي هئس. هُو شڪي ٿي، ماٺ ٿي ويندي هئي.
بھرحال هن مون تي اعتماد رکيو ۽ مون بہ نہ ٿي چاهيو تہ ھھڙي گهڻ معنائي شئي ڪڏهن حيات جي ڪنھن Dead end ۾ الجهي بہ پوي.
اڪثر 11 بجي چانھن جي وقفي ۾ تنھنجي انتظار لاءِ مون سان گڏ ويٺِي ۽ بور ٿي.
تنھنجي لاءِ مون محسوس ڪيو تہ تون هن جو وجود ذهني طرح قبول ڪرڻ نہ ٿو چاهين. چيئہ تہ ڪڏهن ڪجهہ ڪونہ، پر چھري جا تاثرات لڪائي بہ نہ سگهندو هئين. شميءَ کي منع ڪري ڪانہ سگهندي هئس. هن کان وڌيڪ وري بہ توتي حق هوم. کيس ڪجهہ چئي سگهان يا، نہ توکي ضرور سمجهائيندي هئس.
”علي، شمي ايڏي پياري آ، ايڏي پياري آ جو جا شئي مون کي وڻي اها توکي نٿي وڻي. ڪمال آ!“ منھنجي چھري تي معنيٰ خيز مرڪ ڦھلجي ويندي هئي. ”جڏهن تہ تنھنجا همزاد کيس ڏسي لوسين جيان لئونڻا هڻندا آهن.“ ماضيءَ مان ڪو خيال گهڙي آيو ذهن تي.
”مون کي ڪا شئي Convince ڪري نہ ڪري، ڪا صلاح آئڙي نہ آئڙي، پر تون چوين تہ Convince بہ ٿيان. محسوس بہ ائين ڪريان، جيئن تون ڪرين. ڇو ڀنڀور، منھنجي پنھنجي شخصيت ڪٿي آ.... الاءِ ڪٿي؟“
ياد اٿئہ! هڪ لڱان ڪينٽن جي ڪنڊ ۾ چانھن پيئندي پيئندي اٿي ڪتاب ڦلوريا هئئہ. ڪرسين هيٺان جهاتيون پائي، جُتيون ڇنڊيون هئئہ، اردگرد جي شور مچائيندڙ شاگردن ڀانيو هو، واقعي ڪا شئي ويئي اٿئي، سو ڏاڍي پڇ پڇ ڪئي هئن. آئون تنھنجيءَ ان هڙ ڇڙائيءَ تي کلي پئي هئس.
”ڏس ڀائي! جيءَ جي ڳالھين کي جُتين جي ترن ۾ نہ جانچ، اتي ڀلا مٽيءَ کان سواءِ ملندءِ بہ ڇا.“
پريان ڪو شاگرد شيطانيءَ وچان ڳائڻ لڳو، ”اول مٽي، آخر مٽي، مٽي زندھہ باد!.... مٽي زنده باد...! مٽي زنده باد...“ تون تڏهن جک کائي ان بيوقتي راڳ تي چڙي پيو هئين، بنا ان ويچار جي تہ ڪو حيات جو سارو فلسفو ان راڳ کي وقت پئي ثابت ڪري ڏيکاريندو.


سال جو آغاز اليڪشن جي دور سان شروع ٿيو. هميشہ پنھنجو پاڻ ۾ ونڊي ورڇي کائڻ وارا شاگرد هينئر هن دفعه Old V/s New جي بنياد تي اليڪشن لڙڻ لاءِ اٿيا. هر پوسٽ لاءِ پراڻن کي پري ڪري نوان شاگرد اٿي کڙا ٿيا ۽ اهو هنگامو رهيو، جو پھريون دفعو پنھنجي بچاءَ لاءِ اسان کي سامھون اچڻو پيو.
President جي پوسٽ سڀني Senior شاگردن جو رايو هو تہ توکي Contest ڪرائجي... پر تون نہ مڃئَين. فارم ڀرڻ جي آخري ڏينھن، آخري وقت، صرف 10 منٽ اڳ، مون ۽ شميءَ توکي منٿن ميڙين سان فارم ڀرڻ لاءِ زور ٻڌو. 12 لڳي پورو وقت ٿيڻ وارو هو ۽ تون گوٿناٿ ۾ وقت وڃائي رهيو هئين. چيئہ، ”منھنجيءُ واچ ۾ اڃان 20 منٽ باقي آهن. ڪجهہ سوچڻ ڏي.“
مون جلد بازيءَ ۾ چيو، ”تنھنجي واچ ليٽ آ.“
اطمينان سان وراڻيئہ ”ليٽ ناهي، پر انڪساريءَ سان ٿي هلي.“
”انڪساريءَ سان ان ريت جي هلي تہ پٺيان رهجي وينداسين. هر معاملي ۾ ان ريت انڪساري....“
مون ڪلھن کان کنڀيومانءِ... شميءَ چڱيءَ طرح ساٿ ڏنو. بھرحال فارم ڀرائي ئي دم ورتوسين.
ڪنوينسنگ جو قصو شروع ٿيو. ڪنوينسنگ ڇا، مڙيئي ڪلاسز ڪاٽا ڪري ايپل سيڊرا اڏائڻ جا بھانا هئا. مون کي تنھنجي کٽڻ جي پڪ هئي. البت شميءَ خوب دٻائي تنھنجي ڪنوينسنگ ڪئي. هن جنھن خلوص ۽ Devotion سان تنھنجو ورڪ ڪيو، ان جو تون پاڻ بي طرح قائل ٿي وئين (يا قائل شايد اڳ ۾ ئي هئين، صرف لاشعوري Resistance جي ڪري مڃڻ کان ڪيٻائيندو رهئين.) هونئن بہ اليڪشن جو ورڪ ڪندي هُوءَ مون سان ۽ مون توسان گڏ ڪم ڪري ڪري، تون هن کي ايترو ضرور قبولڻ لڳو هئين جو جڏهن اليڪشن جي آخري ٻن ڏينھن ۾ مون کي اڪيلي سر سائنس فئڪلٽيءَ (جا ڪئمپس کان ڪافي پري هئي.) تنھنجي ورڪ ڪرڻ لاءِ وڃڻو پيو، تہ تو ان ۾ ڪو حرج محسوس ڪونہ ڪيو ۽ پاڻ شميءَ سان اليڪشن جو انتظام سنڀالڻ لاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ئي رهئين.
اليڪشن جا آخري ٻہ ڏينھن پاڻ ۾ ملي نہ سگهياسين. جي ملياسين تہ بہ ان شام الجزيرہ تي، جڏهن تو اليڪشن کٽڻ جي خوشيءَ ۾ سڀني کي چانھن پياري ۽ مون هميشہ جيان اهو ئي گٺل سٺل، پر سڀني جي فرمائش تي ”ملڻ جي خوشي آ، نہ ملڻ جو غم“ وارو راڳ ٻڌايو.
سال 69ع جي پھرين الم انگيز شام، شايد اتان الجزيرہ تان شروع ٿي. ٻاهر لان ۾ ڪرسين جي ترتيب ڪجهہ ان ريت هئي، جو اسان ٽنھين کي هڪ ئي سڌيءَ ۽ ساڳيءَ لائين ۾، وچ ۾، ڪجهہ شاگردن جي وقفي سان جاءِ ملي. ظاهر آهي ايترو ڌار ويھي Enjoy ڪرڻ ممڪن نہ هو. اهڙين محفلن ۾ گڏ ويھي جيڪو ننڍن ننڍن نقطن کي Enjoy ڪرڻ ۽ جملا ڪشي هئڻ ۾ مزو ايندو آ، اهو هن دفعي هٿ مان ويندو رهيو.
تو ڪرسيءَ کي ڪجهہ اڳتي جهڪايو. هاڻي شمي ۽ تون ڳالھائي سگهيا ٿي. آئون اها ئي پٺيان! رسمي تقريرن کان پوءِ هلڪيءَ وندر جو پروگرام رهيو. ظاهر آهي تہ وندر جو سوال ئي پيدا نہ ٿي ٿيو. مون گوڙ ڪيو، ”اهو ڇا هي ڀئي؟ لائين سان جھڙوڪر ڪلاس ۾ ويٺا آهيون. ترتيب ڦٽائي بي ترتيبي ڪريو. بي ترتيبيءَ کي هونئين پنھنجو حسن آهي.“
ڪرسين جي ٺڙاڪ ٺڙاڪ سان سڀ گروهن جي صورت ۾ دائرو بنائي ويٺا. لطيفا ٿيا، راڳ هليا ۽ مذاق، رمارڪ ۽ الاءِ ڇا ڇا.
ان شام مون پھريون ڀيرو محسوس ڪيو تہ تون خاص طور خوش هئين. اها خوشي مون کي اليڪشن ۾ ڪاميابيءَ جي سادي خوشي نہ لڳي، تنھنجي اکين ۾ خاصي چمڪ ۽ جسم مان خوب جلدبازي ٿي جهلڪي. توکي تہ ياد هوندو تہ آئون هميشہ چوندي هئس ”زندگيءَ ۾ سچيتيءَ جا سودا ڌيرج سان ٿيندا آهن. جلدبازيءَ جي ڪپت اسين afford ڪري نہ ٿا سگهون. اسين انڪساريءَ سان آهستي هلي هميشہ پٺيان رهجي ويندڙن مان رهيا آهيون.“
ان گهڙيءَ تنھنجي جهٽ پٽيءَ جو ڪجهہ مطلب سمجهہ ۾ آيم ضرور، پر مون هميشہ پاڻ جيان توکي ساڳيو سمجهي محسوس ڪيو هو. هينئر توکي الڳ ڄاڻي، ڪجهہ سمجهڻ نہ ٿي چاهيو. ان ڪري ذهن ۾ اٿندڙ ڪجهہ غير واصح ۽ مبهم ستم جي ڳوري ڪندڙ احساس ۽ بيچين ڪندڙ خيالن کي ڇنڊي ڇڏيم. اهي عتاب زده خيال، جن مسلسل ٻہ ڏينھن اڪيلي سرسائنس فئڪلٽي ۾، تنھنجي ڪنوينسنگ ڪندي، مون کي زير بار ڪيو هو. تون بھرحال خوش هئين ۽ رکي رکي موقعي جي مناسبت سان چڱيءَ طرح رمارڪس ٿي هنيئہ. راڳ تنھنجي هميشہ کان ڪمزوري رهيو هو. هونئن بہ جڏهن موڊ ٿيئي، مون کي ڳائڻ جو چئي پاڻ بقول تنھنجي ‘Dead’ ٿي ويندو هئين. ان شام بہ اکيون پوري ماٺ ويٺو هئين، جو شميءَ توکي هٿ هڻي هوش ۾ اچڻ جي آڇ ڪئي. تو اکيون کوليندي ئي جو رمارڪ ڏنو، ان سڄيءَ محفل کي رنگ ۾ آڻي ڇڏيو. جلدبازيءَ ۾ منھنجو رنگ البت ڏسي نہ سگهين. چيئہ ”ڀنڀور ڳائي ڀل ڪيڏو بہ سٺو، پر ڳائڻ مھل يا هيءَ پنھنجي منھن تي رلي وجهي يا آئون پنھنجيون اکيون پوريان.“
محفل ۾ کل جو ڪُوڪِريو پئجي ويو. مون تو ڏي هڪ پل لاءِ حيرت سان ڏٺو ۽ پوءِ شڪي ٿي سڀني سان کل ۾ شامل ٿي ويس. کلندي کلندي محسوس ٿيم، الاءِ ڪٿان ڪا گرم گرم شئي منھنجي گلي مان نڪري اندر ۾ ڍري وئي.
اهو رت تہ نہ هو، بھرحال پھرين الم انگيز شام جو پھريون ۽ باقاعدي افتتاح.
واپسيءَ وقت توکي يونين جي گاڏي هئي، چيئہ، ”گاڏيءَ ۾ ويھہ، هاسٽل ڇڏيندو ايندوسانءِ.“ مون اخلاقاً شميءَ کي سڏي ويھاريو، ان پڪ ساڻ تہ توکي اعتراض قطعن نہ ٿيندو. رستي تي هُوءَ توکان سادگيءَ وچان پيارا پيارا سوال ڪندي هلي. هن توکان هڪ سوال شايد اهو بہ پڇيو هو تہ، ”اوهان ٻنھين جي دوستي ايڏي گهري ڪيئن ٿي؟“ مون تنھنجي پاران وچ ۾ پئي وراڻيو هو، ”جيئن توسان ٿي شمي.“ پڇيائين، ”ڀلا اهو ڪيئن ممڪن آ؟“ کيس شايد يقين نہ آيو.
اتفاقاً گاڏي ٿورو ٿيڙ کائي، ڊڙ ڊڙ ڪري بيھي رهي. مون کي ڪو جواب ڪونہ سجهيو، پر تون نڀائي وئين. ڊرائيور گاڏي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ اڳيان مشين تي جهڪيو، ان وچ ۾ اسان ٽيئي، اوندھہ ۾ وڻن جون ڪاريون قطارون ڏسڻ لاءِ هيٺ لھي پياسين. تو سگريٽ جو ڪش هڻي مٿي آسمان ڏي دونھون اڇلايو. شميءَ کي جواب ڏيندي چيئہ، ”هي آڪاش تي ٽيڙوءَ جو ٽمڪو ڏسين ٿي نہ؟ جيئن اهو ممڪن آ، نہ ٽيڙو ئي ٽٽنڊو نہ اسان ئي ڇڄنداسين، اسان جي Identification جو بھترين سمبل!“
مون کي الاءِ ڇو اهو سمبل سمجهہ ۾ نہ آيو. هلڪي احتجاج سان چيومانءِ، ”اهو تہ آسمان سان انصاف نہ پيو ڪرين. ڌرتيءَ وارن کي پنھنجون تقاضائون ۽ چاهنائون آهن. ڪٿي تارن جو تيج، ڪٿي اسان جي من جي مام!“ پر ان جملي جي نزاڪت کي تون جهٽي نہ سگهئين، واٽ تي مون کي ڊراپ ڪندي چيئہ:
”ڀاڙو ڏيئي وڃ ڀنڀور، نہ تہ....“
”نہ تہ؟“
”تنھنجو مسافر منزل تي لاهڻ کان اڳ اسين واپس کڻي وينداسين.“


مسافر منھنجو، منزل تنھنجي! خوب، هئي نہ ڏک جي ڳالھہ! اسان ٻئي تہ زخمن جي زنجير ۾ جڪڙيل هئاسين، ان ڪري گڏ هئاسين. ونڊي ورڇڻ ۾ تہ ڪڏهن اهو بہ خيال نہ رهيو هو تہ ڪنھن جي حصي جا ڳوڙها ڪنھن جي اکين ۾ ٿا اچن! ۽ هاڻ.... پنھنجي احساسن جي ملڪيت ۾ منھنجي حصي جي گنجائش نہ رکي هيئہ. مون کي ڌار ڪري منزلون پاڻ ڏي سيري، مسافر مون ڏي ڌڪيا هيئہ.
ان رات پھريون دفعو، سچ علي پھريون دفعو، اڪيلائيءَ ۽ اٻاڻڪائيءَ جو احساس ڇريءَ جيان ڇاتيءَ کي چير ڏيئي ويو هو. هروڀرو بابي جون زيادتيون ياد آيون. امان، جنھن کي اکين سان ڪڏهن ڪونہ ڏٺم. اُن جيءَ ممتا جي ڪشش ياد آئي ۽ الاءِ ڇا ڇا ۽ ڪھڙن ڪھڙن ڏنجهہ ڏيندڙ احساسن رات جي ڳپل حصي تائين سمھڻ نہ ڏنو هو.
روح کي رهڙيندڙ اڪيلائي جو پھريون احساس!
مون ڄاتو ٿي علي تہ ايندڙ پل اذيت جي احساس سان زندگيءَ کي ’سِي، سَا‘ جي کيڏ بنائي، بھرحال ايندا. جيون ۾ ڌرتيءَ جيان ڀرپور ورهاڱو ٿيندو. هڪ خطِ استوا جو فرضي خط، اڌ ڌرتيءَ کي لھسيندڙ لڪن ۾ ويڙهي ڇڏيندو ۽ ٻي کي ٿڌين هيرن ۾ هٻڪاري اُتريون قطب روشنين جي راڄ ۾ ٿيندو، اوڀرئين ۾ اوندھہ جا اوڙاھہ مچندا. جيون ’سِي سَا‘ جي راند جيان پاڻ ٻنھين کي مخالف ڏسن ۾ ورهائي، هڪ پلڙي جي هيٺ ٿيڻ تي ئي ٻيو پلڙو مٿي اڀرندو. مون کي پڪ هئي تہ ڪا زبردست تبديلي ايندي، جنھن ۾ زندگيءَ جي ڇپيل پروگرام جي جاءِ تي ڪو نئون پروگرام ڇيڙيندي. ضروري نہ آهي تہ اهو پروگرام من پسند ’الميہ گيتن‘ جو ئي هجي، جا اسان جي اڳ ڪڏهن ’طئہ شدہ‘ پسند هئي.


فائنل ايئر مشغوليت جو سبب بنجي ويو. توسان روز ڪينٽن ۾ ملڻ ٿيندو هو، پر گفتگو ڪڏهن ذاتي نوعيت جي نہ رهي. گهڻي ڀاڱي ڳالھيون ڪورس، ڪتاب، اهم ۽ غير اهم امتحاني سوالن جي ڇنڊڇاڻ ۾ ئي نڀرنديون رهيون. شخصيتون جي ڪڏهن هڪ ٻئي جي التفات جي نظرن کي دلين جو ڏڍ سمجهنديون، هاڻي سرد مھريءَ ۽ بي ڌيانيءَ جي اڻ پورن ۽ مبهم سلسلن ۾ ئي وڇڙنديون رهيون.
اندر جا اڌما ڪڏهن زبان تي نہ آيا. البت اندر جي ولوڙ ۽ وڳوڙ جو نتيجو اهو نڪتو، جو روز اڌ ڪلاڪ، جو هيڏانھن هوڏانھن جي ڳالھين ۾ من تي ڳرو ڳرو پيو گذرندو هو، مختلف بھانن سان ڪڏهن آءٌ تہ ڪڏهن تون ڪلاس ۾ رهيل ڪم پورو ڪرڻ ۽ امتحان جي ويجهڙائيءَ کي منھن ڏيڻ لاءِ صرف ڪرڻ لڳاسين.
ذهني ڏڪار ۽ ڏوتڙ جي ان عالم ۾ ڪتابن ’رفيوجي ڪئمپ‘ جو ڪم ڏنو. اڌ ڪلاڪ جي پابندي بہ ان بھاني معاف ٿي وئي. ذاتين جي قيد ڪلاسن تائين ئي محيط ڪري ڇڏيو. ڪڏهن اگر ڀلجي Relax ڪرڻ لاءِ، ورانڊي ۾ چڪر ڏيندي، هڪ ٻئي کي ڏٺوسين بہ، تہ گفتگو ’هلو، هلو‘ کان اڳتي نہ وڌي.
ڪسمپرسيءَ جي ان مسلسل ڪيفيت ۾ تجربو، جو مون حاصل ڪيو، اهو هيءُ تہ پناھہ گَرن جي ٽُٽي پوڻ سان، ماڻھون مري ڪونہ ٿو، هو باقاعده عام ماڻھن جيان جئي ٿو. پنھنجي جيون کي کري پوڻ جي احساس کي سيني ۾ لڪائي، هو باقاعدي کِلي بہ ٿو ۽ کائي بہ ٿو. اهو ڪو خاص ۽ اهم تجربو نہ هو منھنجو، پر مون کي ان اديب تي پيار آيو هو، جنھن چيو هو تہ، ”جيون جي ٽريجڊي جو نالو يارن الاءِ ڇو ’تجربو‘ رکي ڇڏيو آهي، جڏهن تہ ڪائنات جي اسرارن ۾ ’موت‘ بہ تہ هڪ تجربو ئي آهي.“


”اجهو هينئر، هن پل، قوت جو آخري قطرو ڪرڻ کان پوءِ بہ آئون عام ماڻھن جيان زندھہ آهيان.“ اهي لفظ اڄ شايد ڊپارٽمينٽ لئبريريءَ جي ڪتاب جي هڪ ڪنڊ تي پينسل جي ننڍڙن اکرن ۾ ڊٺل ڊٺل، پر شايد زندھہ هجن!
هڪ لڱان، آئون ۽ شمي موڪل مھل لائبريريءَ وڃڻ لاءِ بس ۾ ويٺا هئاسين. تنھنجو الائي ڪھڙو موڊ ٿيو، چٽ تي لکي موڪليئہ، ”ٻڌو اٿم روشنيءَ کي گهورڻ سان نفسياتي قوت وڌي ٿي. اڄ رات پوري 9 لڳي ٽيڙوءَ کي گهورينداسين. صبحاڻي After effects لکي کڻي اچجانءِ.“ مون چٽ پڙهي، کلي شميءَ ڏي ڪئي. شميءَ چيو، ”اهو ڪتاب تہ مون ئي علي کي ڏنو هو، جنھن مان هن اهو طريقو پڙهيو آ ۽ پروگرام بہ صبح ئي مون سان رٿيو هئين.“
الاءِ ڇو هيڪر وري ذهن کي ڪو بي نانءُ ايذاءُ!
پاڻ کي سمجهايم بہ سھي تہ براڊ مائنڊيڊ ٿي وڃان. دنيا وسيع آهي، دوستيءَ جھڙي همه گير جذبي کي حبيب بئنڪ بنائي، ڪنھن هڪ سان Limited نہ سمجهہ، پر الائي ڇو چريو ٿي پيو هو منھنجو من. After effects الائي ڪھڙا ٿين ها! في الحال تہ Side effects اهڙو ستايو، جو ان ڏينھن بس مان لھي هاسٽل تائين پھچندي، الائي ڪيترن رڪشا، ٽانگي ۽ گاڏين وارن جون ڇڙٻون سٺيم ۽ ٿيڙون کاڌم. بھرحال اهو معجزو نہ هو، جو آئون سلامتيءَ سان ڪاريڊور جون ڏاڪڻيون چڙهي ويئي هئيس. هڪ مصلوب بہ تہ ٽڪاس تي چڙهي ئي ويو هو، باقي زندھہ وسلامت آڪاس ڏي اڏري وڃڻ مقدس نبين جو حصو هو. آئون تہ معمولي ماڻھو هئس ۽ مون کي مرڻو هو، بقول تنھنجي انتھائي بوگس انداز ۾.
ٻئي ڏينھن.
ڪئمپس ۾ گهڙنديئي شميءَ رڙ ڪري پڇيو، ”رات ڇا رهيو ڀنڀور؟“
”تنھنجو ڇا رهيو؟“
وراڻيائين ”مون کي دير ٿي ويئي، ان ڪري مون خبرون ٻڌيون.“
چيم، ”ڪمال آ.“
”خير علي اچي تہ ان کان پڇون.“ جواب ڏنئين.
”اهو هينئر هينئر ڪلاس ۾ ويو آ. مزي واري ڳالھہ تہ کيس سري کان پروگرام ئي وسري ويو.“ ان وقت، ان ڏينھن جي ئي تاريخ سان، لئبريري جي ڪتاب تي ڪجهہ اکر لکيا هئم، ”اجهو هينئر.... هن پل....“
اهڙا ڪيئي بي ڌيانين جا واقعا هئا، جن مون کي توکان شاڪي ڪيو ۽ تون چپ چاپ شڪي ٿي، ڀر مان لنگهي ويندو هئين. ڏک ڏوراپا، شڪوہ شڪايتون ڪرڻ نہ مون کي مناسب لڳيون ۽ نہ ئي آئون عادي هئس، هونئن بہ جتي شڪ شبھات جاءِ والارين، اتي شڪوہ شڪايت يتيم ٻارڙن جيان چپ چاپ ذهن جي گوشن ۾ سمھي رهندا آهن...



اسٽوڊنٽس ڪميونٽيءَ ۾ تنھنجي ۽ شميءَ جي Affair جي خوب ڌوم هلي. سڄي ڪئمپس ۾ جتي تقريباً هر منچلو شاگرد پاڻ کي آس تي رکي پاڻ پيو پتوڙيندو هو، توکي The winner سمجهي، پنھنجيءَ پنھنجيءَ جاءِ سانتيڪو ٿي ويو. البتہ ڪئمپس ۾ اوهان ٻنھين جا چرچا پھرين خاص ۽ پوءِ عام ٿي اڏري ويا ۽ ڌرتيءَ کي ڪو خاص ڌوڏو ڪونہ آيو. خود آئون بہ ڪيترا دفعا توکي ۽ شميءَ کي پري کان ايندو ڏسي پنھنجو رستو مٽي نئين واٽ وٺي ويئي هونديس.
انيڪ سوال هئا، جي جواب جي انتظار کان اڳ ئي اڀري ٻڏتر ۾ لڙهي ٿي ويا. سوال هو، ڇا شميءَ جي جواني دوستيءَ جي وچ ۾ ديوار بنجي وئي؟ ڇا اسان مان ڪنھن هڪ جي غلط Approach غلط فھمين کي فروغ ڏنو هو؟ اسان کي هڪ ئي وقت پنھنجا پنھنجا تعلقات نڀائڻ جو طريقو نہ آيو؟ يا پنھنجي پر اسان خود ڪفيل ٿيڻ سکي ورتو هو ۽ مزيد ڪنھن سھاري جي گنجائش باقي نہ رهي هئي؟... بظاهر اهي چار سوال الڳ الڳ نظر اچي رهيا هئا، مگر انھن مان هڪ لفظ ’يا‘ جي ديوار ڊاهي وڃي، تہ چارئي سوال هڪ ئي سلسلي جون ڪڙيون نظر اچي رهيا هئا. ڏک هو تہ فقط اهو هو تہ ’دوستي‘ ڪنھن هڪ سوال جي عتاب مان نہ، پر انھن مڙنئي عذابن جي ڪيفيت مان لنگهي رهي هئي ۽ اسين پنھنجيءَ پنھنجيءَ جاءِ سڪون جو ڍونگ رچائيندي، اوپرين اکين سان هڪ ٻئي ڏانھن ڏسي مَٽي ٿَي وياسين. اسان کي هڪ ئي وقت پنھنجا پنھنجا تعلقات نڀائڻ جو سليقو نہ آيو. ان جي جوابداري مون توتي وڌي. مون جو ڪجهہ چاهيو هو، اهو تو نہ ڄاتو ۽ جو تو پاتو، ان اسان ٻنھين کي هڪ ٻئي کان بيگانو ڪري ڇڏيو. محبتن ۾ بيگانگي اتساھہ جو قسط وار موت آهي، جنھن جو توکي شايد تجربو ڪڏهن ناهي ٿيو.


مڃان ٿي، ڪائنات جي طلسم ۾ حسن جي رعنائي بيحد هوشربا آهي. روح جي تمام تر رازن ۾ سڀ کان اڳ انعام ۾ ايندڙ شمي تہ محض هڪ علامت هئي، جنھن تنھنجي اندر جي فطري مرڪن کي سوجهہ بوجهہ ۾ آڻي اٿاريو هو.
اهو بيحد سڀاويڪ آهي، حسن، جسم ۽ محبت! سوال هو تہ فقط ماحول ۽ مناسبت جو. اندر جي بک ڪنھن بہ نوع کان فطري آهي، سوال هو تہ فقط ٺاري ٺاري کائڻ جو.
مون چاهيو هو تہ تون انھن سڀاويڪ احساسن کي ضرور اپائين ۽ نپائين. توکي منزل ضرور ملي، پر تنھنجي ڪامرانين ۾ آئون بہ ضرور شامل رهان. منھنجيءَ اجازت کان سواءِ تون ڪا سوچ بہ سرجڻ نہ ڏين ۽ آئون توکي رِيءَ گُهرئَي اهي ئي اجازتون ڏيان، جن کي چاهڻ لاءِ تون لفظ بہ اڃان نہ ڏين.
ڀلا جوانيءَ ۾ ڪو ٻارڙو سامھون چلڪڻا رانديڪا ڏسي روئڻ لڳي ۽ هن جي اڳيان رانديڪن جا ڍير ڪجن، تہ هُو يقيناً رئندڙ کلندڙ ريشمي بدن واري ڀوري ئي تہ کڻندو. پر ڪير ٿو ايڏي ڊگهي لانڍ ويچاري، سڄي حيات پت جهڙ ۾ نبري، اوچتو ئي اوچتو ڪو ستل سلو سرجي ٻور جهلي. هر سؤ ڪچي خوشبوءِ شين ۾ واسو ڪري. اهڙي سمي پراڻن پيچرن کي ڪير ياد ڪندو؟ شايد ڪوئي بہ نہ. دکدائڪ حقيقت اها تہ علي بہ نہ، بلڪہ علي ئي نہ.

ان ۾ رئڻ جي ڪا ڳالھہ تہ نہ هئي، پر الاءِ ڇو ان ڏينھن فائنل ايئر جي شاگردن جي فائنل پڪنڪ واري ڏينھن بيوقتي بيمار ٿي، ڊڙجي پئي هئس. جڏهن تو ۽ شميءَ نھر تي ڪاغذي ٻيڙين جي ريس ٿي پڄائي، تڏهن مون سوچن جي سمنڊ ۾ پنھنجا ٻيڙا ٿي ٻوڙيا. بيمار جسم کي هنڌ، اُڀَ ڪنڊئين جو ڄار لڳو هو. روح رتوڇاڻ، سنجهي ويل آڪاس هيٺان وڃي ليٽي هئس تہ اک وڃي ٽيڙوءَ ۾ اٽڪي هئي. هر سوچ جو سلسلو ڪٿان بہ ڪري، ڪيئن بہ ڪري، وڃي ٿي تنھنجي دڳ نڪتو. ٽيڙو ڏسيو پيڙائن جا پرتوو پولار ۾ ڀٽڪي ڀٽڪي ٿي ويا ۽ الاءِ ڪھڙيون ڪھڙيون يادون دڳ جهلي بيھي ٿي رهيون.
آئون تہ هونئن ئي هميشہ جذباتي رهي آهيان، دوستيءَ جي معاملي ۾ دماغ جي بدران هميشہ دل سان سوچيو هوم. نتيجو ظاهر هو. شخصيت اندران ئي اندران سُرجي پرڻ ٿي وئي، پر بقول ڪنھن جي اندران ڦِسڦِسِي شخصيت حفاظت لاءِ ٻاهران خوديءَ جا خول وڌيڪ مضبوط بنائيندي آ، سو ان شام ان سوچ ۾ تہ، جنھن لاءِ مرجي سو ڪانڌي بہ نہ ٿئي، ٻيڻو ڪفن جي ڪٿ ڪيو بيٺو هجي، ڪجهہ نون فيصلن کي پنھنجو ڪرڻ جو سوچيم. نوان فيصلا، بيحد بھادريءَ ۽ برداشت جا. هي هيڏو آپي جو اپمان، هي اندر ئي اندر رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ، ڀلا من اندر ڪا بلڊ بئنڪ تہ نہ هئي، جنھن ۾ سانڀي وڃان ها اهي ڳوڙها.
آئون پنھنجي نوَن فيصلن تي ايتري ڪاربند ضرور رهي هئس، جو ٻي ڏينھن جڏهن تون ۽ شمي وات ٺوڪائيءَ خاطر روم ۾ لنگهي آئيو تہ مون بلڪل نارمل Behave ڪيو. شايد ٿي سگهي ٿو، ان ورتاءُ ۾ ڪجهہ بي ڌياني ۽ نخوت پڻ شامل هجي. مون کي خبر هئي، اها پڪنڪ پريزيڊنٽ هئڻ جي حيثيت ۾ تو خاص ڀنڀور ۾ arrange ڪئي هئي. شميءَ مذاقاً ياد ڏياريو، ”ڪيڏو مزو اچي ها. جي تون بہ ساڻ هجين ها. عليءَ هيءَ پڪنڪ خاص تنھنجي نالي پويان ڀنڀور ۾ رکي هئي.“
مون لنوائيندي نخوت سان چيو هو، ”ٺيڪ آ ڀئي. اسين بہ اوهان کي اوهان جي نالي پويان حضرت عليءَ جا قدم شريف گهمائي اينداسين. اوهان اسان لاءِ وقتي وندر ڪئي، اسين اوهان کي دائمي سرور ڏينداسين. هُوءَ اوهان جي خيرات هئي، هيءَ اسان جي بخشش ٿيندي.“
”ڪيئن آهي نہ ليکو چوکو برابر؟“ ڳالھہ ڪري هڪ نظر توڏي اڇلايم. ڏٺم تنھنجو منھن رنگ هاري ويو هو.


ٻئي ڏينھن مَيٽرن جي گهر تو فون تي ليلڙاٽين جي انداز ۾ چيو هو، ”ڪڏهن تہ چئو ڀنڀور، پرين تنھنجي پيار ۾ ليکا ڪھڙا ڪبا!“
”ڪھڙن ليکن جي ڳالھہ ٿو ڪرين؟ ليکا ڪڏهوڪو لھي ويا. انسان هئڻ جي ناتي آئون بہ ڪجهہ حساس آهيان ۽ حساس ماڻھو دل جي دفترن ۾ ليکو چوکو پورو رکڻ جا عادي هوندا آهن.“ مون بنا اخلاق جي وچان تنھنجي ڳالھہ ڪپي فون رکي ڇڏي.
ٻہ مھينا موڪلن جو طويل عرصو اسان هڪٻئي جي بيخبرائيءَ ۾ گذاريو. ان وچ ۾ شميءَ سان ڊپارٽمينٽ ۾ سلپ وٺڻ جي سانگي هڪ دفعو ملڻ ٿيو بہ سھي، پر ان سچائيءَ سان نہ ملياسين، جا بي تڪلفيءَ کي جنم ڏيندي آهي. کائنس خبر پئي تہ اوهين پاڻ ۾ ملندا رهندا آهيو.
شميءَ ٻڌايو ”توسان ملڻ لاءِ ڏاڍي دل هئي، پر موڪلن جي آخري ڏينھن تي، جڏهن عليءَ چيو هو ”ڀنڀور موڪلن ۾ ملندينء؟“ تہ جواباً تو چيو هو تہ، ”فائنل ايئر جي تياري ڪنھن وٽ وڃڻ يا ڪنھن جي اچڻ جي اجازت ئي ڪٿي ٿي ڏي! ان ڪري باوجود دل جي توسان ملڻ ٿي نہ سگهيو.“
آخر ۾ شايد شميءَ هُج پائي هڪ سوال بہ ڪيو هو، ”اوهين پاڻ ۾ ڇو رٺا آهيو ڀنڀور؟“
آئون مُشڪي ڳالھہ لنوائي وئي هئس، ”توسان تہ ٻئي پرتل آهيون ڀئي!“
ان ڳالھہ جو اعتراف اڃان مون پاڻ سان بہ نہ ڪيو هو تہ آئون توکان رٺي آهيان. لڪلوٽيءَ ۽ درگذر ڪرڻ جي سرد جنگ تو پاڻ جوٽي هئي. نوان پيار پالي، انھن کي Privacy ۾ لکڻ تو سکيو هو. نہ تہ آئون تہ هر دستڪ تي آتي ويٺي هئس، تہ اجهو اجهو ڪوئي ايندو، اچي مون کي پنھنجي پيار ۾ شامل ڪندو، پر تون نہ آئين. ڄڻ ٻہ مسافر ڪنھن پليٽ فارم تي پاڻ ۾ مليا، ملي ويٺا، هڪ جي ريل آئي، پنھنجي مسافر کي کڻي، منزل ڏي رواني ٿي. ويندڙ مسافر هلندڙ گاڏي مان ڪٿ ٿو مڙي پٺيان نھاري، تہ رهجي ويل مسافر تي ڇا گذري؟


موڪلون آيون ۽ ختم ٿي ويون. فائنل ايئر جي شاگردن لاءِ ڄڻ ٻن هفتن لاءِ زندگي اچي وئي. ان کان پوءِ هر شاگرد کي، يونيورسٽيءَ جي فضا کي ڄڻ هميشہ لاءِ خيرباد چوڻو هو.
شاگرد ساٿي لٿل لٿل منھن سان هڪ ٻئي لاءِ عقيدت جو اظھار ڪندا رهيا. هڪ ٻئي ڏانھن جذباتي لکيل رمارڪس، ننڍڙا ننڍڙا تحفظ، پنھنجي هٿ اکر لکيل دعائيہ جملن سان، پنھنجي پنھنجي وت آهر برمعنيٰ محبت جا ننڍڙا ننڍڙا اظھار!
يونيورسٽي کلڻ جي پھرئين ڏينھن ئي تو چيو هو ”ڀنڀور توسان اڌ ڪلاڪ ڳالھائڻو آ. پيپر ڏيئي مون سان ضرور ڳالھائجانءِ.“
پڇيم، ”ڪھڙو ڪم اٿئہ؟“ جو ڀانيو هوم، شايد دوستيءَ جي پراڻي مردي کي ماضيءَ جي ملبي مان کوٽي، آڪسيجن ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندين.
تون منھنجو نارمل انداز ڏسي، ڪجهہ اداس ٿي وئين. چئيه، ”ايڏي نارمل آهين! تو شايد هر شيءِ وساري ڇڏي آ، ڪينٽن جي ڪنڊ، بوگس بڪواز، ٽيڙوءَ جو ٽمڪو.“
”ذهني سڪون خاطر تلخيون وسارڻ ثواب آ. ثواب ڪمائڻ خاطر تہ انسان انسانن جو ٻليدان ڏيندا آهن. مون تہ صرف تو جھڙي بِلنڊر ماڻھوءَ کي ڀُلائي....“
پاڻ لاءِ بِلنڊر جو لفظ ٻڌي، تنھنجو منھن ٽامڻي هڻي ويو. مان توکي تنھنجا ئي لفظ واپس ورائيندي ٻڌايو، ”اڄ مون کي بيزار نہ ڪر، جو هينئر مون کي ڪوئي ياد نہ پيو اچي.... ڪوئي ياد نہ پيو اچي مون توکي واقعي وساري ڇڏيو آهي...“
بھرحال گذريل واقعن کي قلمبند ڪرڻ جو ڪو واحد مقصد ڪھاڻيءَ جي تخليق نہ آهي. مٽيءَ مان جڙيل ڪھاڻيون واريءَ جي لڏُونءَ جيان ڀري پونديون آهن. پر ڪڏهن ماضي درد جو درياھہ بنجي، ذهن جي بنجر ڌرتيءَ کي رانڱي ويندو آ. سٽون سلن جيان سرجڻ لڳنديون آهن ۽ ماڻھو پنھنجيءَ تخليق ڪيل ساوڪ جي سراب ۾ هيڪر وري ڀٽڪڻ لاءِ تازہ دم ٿي ويندو آهي.
اڄ يونيورسٽيءَ جي ماحول کي ڇڏي ڪي سال ٿيا. تنھنجو خيال ڪڏهن ڀلجي بہ ذهن ۾ ڪونہ آيو. ان وچ ۾ اسين شھر ڇڏي ڳوٺ آياسين. ڪنھن ڪم سانگي شھر اچڻ ٿيو بہ سھي، تہ بہ توسان ملڻ جو ڪڏهن اشتياق ئي نہ اڀريو. ايتريقدر جو ان آخري ڏينھن فيئرويل پارٽيءَ تان موٽندي، جڏهن توکي پويان بس ۾ جاءِ نہ ملي (يا ڄاڻي واڻي اڳيان بيٺو رهين) تو چيو ”رٺي آهين؟ پرتل هجون ها تہ هڪ ٻئي کي دوست سمجهي ئي ياد ڪريون ها. اڃا بہ هينئر سڀ ويڇا وساري پرچي پئہ.“
”هن جڳ ۾ اهو ناهي ممڪن، جو پل لنگهي ويو، هو پنھنجي پويان عذاب جا اڻ مَيا ليڪا ڇڏي ويو. عذاب جي وسري وڃن بہ سھي، تہ بہ پنھنجي اندر ۾ اڪريل اهي ليڪا رانڱي نہ ٿا سگهجن. ٽيڙوءَ جو ٽمڪو، بوگس بڪواز، ڪينٽن جي ڪنڊ، اهي عذاب سڀ درگذر، پر پنھنجي من جو، هڪ حصو هميشہ لاءِ پوٺو ٿي ويو، ان جي تلافي؟“
لھندي لھندي چيو هيئہ ”آءٌ دعا ڪندس ڀنڀور. اسان جت بہ هجون، خدا ڪري خوش رهي سگهون.“
”لفظ ’اسان‘ مان منھنجو حصو ڪٽي وٺ. بي ڌيانين جي ڪتاب ۾ آيل ماڻھو دعائن ۽ بددعائن جي اثر کان بي نياز ٿيندا آهن.“ جواب ڏيڻ کان اڳ ئي تنھنجو اسٽاپ اچي ويو هو ۽ تون ڪجهہ چوڻ جي ڪيفيت ۾ منجهي هيٺ لھي پيو هئين.
بس جو اهو آخري سفر هر شاگرد کي پنھنجي اسٽاپ تي لاهيندو اڳيان وڌي منھنجي هاسٽل تائين پھچي ختم ٿي ويو.
امتحان آيو ۽ ختم ٿي ويو. ڪاميابيءَ جي ڊگري ساڻ ڪري بابو مون کي هاسٽل مان ڪڍي گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ ڦٽو ڪري، وري ڪنھن ٻئي دڳ گم ٿي ويو.
بھرحال ڪنھن امتحان مان ڪاميابيءَ جي ڊگري هٿ ۾ اٽڪائي، ماڻھو خوش خوش نڪري ايندو آهي ۽ ڪنھن ڪنھن امتحان مان چپ چاپ گذري، صرف قوت برداشت جا ڪتبا ساڻ ڪري موٽي ايندو آهي. بقول موهن ڪلپنا ”اهو ڪھڙو ڏينھن آهي، جڏهن اسان جي من جي ڪنھن ڪومل ۽ عزيز ڀاونا جو موت نہ ٿو ٿئي. اڄ منھنجو من زندگيءَ جي سڀ کان وڏي ’شوڪ سڀا‘ آهي.“ سو ان من جي قبرستان تي خاموشيءَ جا ڪتبا ساڻ ڪري جيسين جي سگهبو، تيسين تہ بھرحال جيئبو رهبو. پوءِ نيٺ تہ مٽي مٽيءَ سان ملي ويندي. انسان فنا ۽ هر شيءِ ويران بنجي ويندي. اهڙي سمي قبرستان جي خاموش گذرگاهن ۾ جڏهن چنڊ جي چکيا ويرانا واسيندي، تڏهن هڪ نرٻل روح پاڻ لڪائي ٻي جُوڻ مٽيندو. هُو ڀنؤر بنجي ڊٺل آستان ڳوليندو. وٺل بستيون هن کان پري ڀڄنديون. اها ڪھاڻي ورهين کان ورجائبي ايندي، پوءِ بہ تازي رهندي. ٽيڙوءَ جو ٽمڪو ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندو. ڀنؤر جي آتما ڪڏهن بہ مڪتي نہ ماڻيندي، ڇو جو مسلسل محبتون ٻن دوستن جي وچ ۾ وڇوڙو بنجي ويون وار جيڏيءَ وِڏ تان، جي رُٺا پاڻ ۾ ٻيھر پرچڻ لاءِ.