ڪھاڻيون

اوندھہ ۾ اُڏار

ملڪ آگاڻي ھڪ سچو، آدرشي، بيباڪ ۽ نظرياتي ليکڪ هو. ھو سنڌ ۾ جاگيرداريءَ جي فرعونيت خلاف للڪار ھو. ھو بي خوف ۽ بي ڊپو ليکڪ ھو. ملڪ آگاڻيءَ جي ڪھاڻين جا هڙئي موضوع توڙي ڪردار سنڌي سماج جا جيئرا جاڳندا حقيقي ڪردار ۽ واقعا آهن. ھن مجموعي ۾ 9 ڪھاڻيون شامل آھن. ملڪ آگاڻيءَ ھنن ڪھاڻين ۾ جيڪي سماجي حقيقت نگاريءَ جا چِٽَ چِٽيا آھن، اُھي انوکا، ڇرڪائيندڙ ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ آهن.

  • 4.5/5.0
  • 139
  • 40
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book اوندھہ ۾ اُڏار

حق ۽ واسطا

سڀ حق ۽ واسطا اداري وٽ حفوظ

ڪتاب: اوندھہ ۾ اُڏار
موضوع: ڪھاڻيون
ليکڪ: ملڪ آگاڻي
ڇاپو: (پھريون) جنوري 2025ع
ڪمپوزنگ: علي بخش پٺاڻ
پڌرو ڪندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع

Book: Ondah men Udar
Written by: Malak Aagani
Edition: (1st) Jan 2025
Composed by: Ali Bux Pathan
Published by: Sindh Salamat Kitab Ghar

ارپنا

ڌرتي، ٻولي، خوابن ۽ آدرشن جي نالي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ملڪ آگاڻيءَ جي لکيل ڪھاڻين جو مجموعو ”اوندھہ ۾ اُڏار“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ملڪ آگاڻي ھڪ سچو، آدرشي، بيباڪ ۽ نظرياتي ليکڪ هو. ھو سنڌ ۾ جاگيرداريءَ جي فرعونيت خلاف للڪار ھو. ھو بي خوف ۽ بي ڊپو ليکڪ ھو. ملڪ آگاڻيءَ جي ڪھاڻين جا هڙئي موضوع توڙي ڪردار سنڌي سماج جا جيئرا جاڳندا حقيقي ڪردار ۽ واقعا آهن. ھن مجموعي ۾ 9 ڪھاڻيون شامل آھن. ملڪ آگاڻيءَ ھنن ڪھاڻين ۾ جيڪي سماجي حقيقت نگاريءَ جا چِٽَ چِٽيا آھن، اُھي انوکا، ڇرڪائيندڙ ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ آهن.
ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري پاران ڇپيل ناھي پر ملڪ آگاڻيءَ جي خاندان جي تعاون سان سنڌ سلامت پاران ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جي صورت ۾ پيش ڪري رھيا آھيون. ٿورائتا آھيون علي بخش پٺاڻ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪلي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پيش لفظ

ملڪ آگاڻي سچو آدرشي، بيباڪ ۽ نظرياتي ليکڪ هو. ھو سنڌ ۾ جاگيرداريءَ جي فرعونيت خلاف للڪار ھو. ھو بي خوف ۽ بي ڊپو ليکڪ ھو، جنھن جي نہ ذات ۾ بناوت ھئي نہ سندس تحريرن ۾. ھو نتيجن جي پرواھ ڪرڻ کان سواءِ لکندو ھو. ۽ ڪڏهن بہ سِرَ جو سانگو نہ ڪيائين. هو پنھنجي اکين اڳيان پيش ايندڙ واقعا بنا ڪنھن ڍَڪَ جي جيئن جو تيئن پنھنجن ناولن ۽ ڪھاڻين منجهہ سموهي ڇڏيندو هو ۽ اڪثر ڪري ڪردارن کي سندن حقيقي نالن سان رقم ڪري ڇڏيندو هو.
جاگيرداري ۽ سرمائيداريءَ خلاف جدوجھد ڪرڻ توڙي جمھوريت ۽ انقلاب جي خوبصورت ۽ پُرڪشش نعري جي آڙ ۾ سنڌ جو سودو ڪندڙ سياست جي مُنھن تان بہ هن منافقت جو نقاب هٽائڻ جي وڏي همت ڪئي هئي. هن پنھنجي ناولن ۽ ڪھاڻين ۾ سنڌ جي سياسي، سماجي، نفسياتي ۽ نظرياتي مامرن کي موضوع بڻايو. اهو ئي سبب هو جو ملڪ آگاڻي نہ رڳو جاگيردان جي اک جو ڪنڊو ٿي پيو هو پر نام نھاد انقلابين، روشن خيال اديبن ۽ نقادن بہ کيس سدائين سِڱن تي کنيو هو.
هن جي ڪھاڻين جا هڙئي موضوع توڙي ڪردار سنڌي سماج جا جيئرا جاڳندا حقيقي ڪردار ۽ واقعا آهن.
ملڪ آگاڻي سنڌي ادب جو جينيئس ڪھاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ ناول نويس ھو. ھن ”نيروليءَ جو ڪن“ ۽ ”سج جا پاڇا“ جھڙا شاھڪار ناول ۽ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ۽ ڊراما لکي سنڌي ادب کي مالامال ڪيو.
سندس ناول، ڪھاڻيون ۽ ڊراما سنڌي سماج جي ترجماني ڪن ٿا. ۽ انساني احساسن، سماجي مسئلن ۽ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن کي بہ جاندار انداز ۾ پيش ڪن ٿا. سندن ڪھاڻيون عام ماڻھوءَ جي زندگي جا عڪس آهن، جن ۾ عشق، محبت، درد، خوشي، جدوجھد ۽ اميد جا منظر پڻ جهلڪن ٿا. سندس تخليقن ۾ سنڌ جي ثقافت ۽ روايتن جي خوشبوءِ محسوس ڪري سگهجي ٿي، جيڪا سنڌي ادب جي شناخت پڻ آهي.
”لڄارو عشق“ ۽ ”وڃايل راھون“ کان پوءِ ھي ”اوندھ ۾ اڏار“ سندس ڪھاڻين جو ٽيون مجموعو آهي، جنھن ۾ نَوَ ڪھاڻيون شامل آهن. انھن ڪھاڻين ۾ ملڪ آگاڻيءَ جو نرالو رنگ، اترادي ٻھراڙيءَ واري منفرد ٻوليءَ جو چس، ڪمال جي ڪردار نگاري ۽ منظر نگاريءَ جا ڀرپور عڪس ملن ٿا.
ملڪ آگاڻي پنھنجي ھنن ڪھاڻين ۾ جيڪي سماجي حقيقت نگاريءَ جا چِٽَ چِٽيا آھن، اُھي انوکا، ڇرڪائيندڙ ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ آهن.
ھو اھڙو برجستو ۽ سگهارو قلم ڌڻي ھو، جنھن تي اسان جي ايندڙ نسلن کي بہ ناز ھوندو.
هي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي سرواڻ مانواري محمد سليمان وساڻ جي ٿورن سان اوهان جي هٿن تائين پھتو آهي. ۽ تمام جلد ملڪ آگاڻيءَ جون باقي ڪھاڻيون، ناول، ڊراما، انٽرويوز توڙي ٻيون تحريرون بہ واري واري سان اوهان جي هٿن تائين رسائبيون.


علي بخش پٺاڻ
25 ڊسمبر 2024ع

ڪھاڻيون

---

اوندھہ ۾ اُڏار

هن جي سورهيائيءَ جي ڳالھہ تہ پوءِ جي پر سندس مٽن مائٽن ۾ مانکي تہ اهڙو ڪو ڪونہ سُجهي، جنھن بھادريءَ جا جوهر ڏيکاريا هجن. دليريءَ جا ڪارناما ڪيا هجن.
مُئن جي تہ ڳالھہ ئي ٻي. باقي جيئرن ۾ سو سورهيائيءَ جو ڪال! بس، چاچھنس سڳوري جو سو اهو ڪارنامو، جنھن ڪنھن عورت جي عشق ۾ ٽيٽيھہ گهاءَ ڪھاڙين جا سِرَ تي سھندي ڳترا ڳترا، ٻيرا ٻيرا ٿيندي، ٻوٽيءَ وانگر چٿجي، چچرجي ڪيمو ڪباب ٿيندي بہ زندگي ڪين تياڳي. ان حالت ۾ بچڻ کي ڪيترن سندس سورهيائي سڏيو تہ ٻين وري چيو تہ، ”ساپي جيان ڪو ست ساھہ پيل اٿس. مار! ٽيٽيھہ ڪھاڙيون، بس جنھن جي کُٽي، جنھن کي رب رکي. ڇا ماڻھوءَ جي ٻچڙي جو ميزان، ڇا ٽيٽيھہ ڪھاڙين جا گهاءَ!!“
هو بچو تہ صحيح پر مٿي تي ڪھاڙين جا زبردست زخم ٿيڻ سبب نہ رڳو مٿي جا وار سرڙجي کسڙجي سارين جي ٻيجاري جيان پاڙان پٽجي هٿيون، هٿيون، مراهيون، مراهيون ٿي ويا پر سوچ، سمجهہ، عقل ۽ عاشقي سڀ موڪلائي ويا. ان کي بہ ڪِن عشق جو روڳ ۽ محبت ۾ ديوانگيءَ جو نالو ڏنو. تہ ٻين وري ڪھاڙين جو ڪرشمو سڏيو.
ٻيو هو نانھس سڳورو، جنھن کي سون ٺاهڻ، سون هٿ ڪرڻ جو وڏو خفت هو. انھيءَ خفت ۾ ئي هو عمر جي ميڙي چونڊي دڦ ڪري، رهيل زمين ٽُڪرو گِروي رکي، ڪنھن ٺوڳيءَ سان گڏجي سنڌ جي ڌاڙيل محمد بن قاسم جو لڪايل خزانو، جوهيءَ ڀرسان سون جا پوريل مٽڪا هٿ ڪرڻ جي لالچ ۾ خاڪسارن جيان ڪوڏاريون ۽ بيلچا کڻي جوهيءَ جي جبلن ۾ پھتو هو. پوءِ نہ رڳو سڄي عمر جي ميڙي چونڊي لٽائي، ڦرجي، لُٽجي، فقير ٿي ويو هو. ۽ مخبوط الحواس ٿي ديوانن جيان پوءِ ڪيترو ئي عرصو جوهيءَ جي جبلن ۾ ڌڪا ٿاٻا کائيندي ”سون، سون“ جون صدائون هڻندو رهيو هو. آخر ۾ سندس مراتبو بہ انھن جبلن ۾ ئي ٿيو. خبر ملڻ تي مائٽن مٽيءَ سان مٽي ملائڻ لاءِ هڏن مُٺ ميڙي اچي اباڻي مُقام ۾ دفنائي ملان جي ٻن قلن عيوض تانھريءَ جو ديڳڙو لاٿو هو.
۽ ٽيون هو پڻس کان بہ ننڍي عمر وارو سندس مرحيات چاچو، جيڪو اولاد جي سِڪَ ۾ مئل ڌيءُ جي قبر تي مقبرو جوڙائي مجاوري ڪندي ڪندي جوانيءَ ۾ ئي چريو ٿي، وڻن، جاين ۽ قبرن مساڻن چوڌاري ڦيريون پائيندي پائيندي هڪ ڏينھن ڀانواٽيءَ ۾ پير ترڪڻ جي حالت ۾، ڏني ڪنيءَ وهندڙ دادو ڪئنال ۾ چَڀَ ڪيو. پوءِ جڏهن گذرئي اٺين پھر سندس لاش هٿ آيو هو. تڏهن منجهس اهڙي ڪا بدبوءِ بہ ڪانہ هئي. تڏهن بہ ماڻھن کي نَڪَ تي لٽو ڏيڻ جي ضرورت محسوس ٿي هئي.
۽ پڻھس، جيڪو مان ڀانيان ٿو اڃا تائين حال حيات آهي. جنھن خسيس سرڪاري نوڪريءَ تان رٽائرڊ ڪيو. هن جي ڏوهن ثوابن جي ڪھڙي ڳالھہ ڪجي. مسڪين موم دل ماڻھو. نہ ڏي نہ رنجائي. نہ ڪنھن جي هنئينءَ نہ کنئينءَ ۾. وڏڙن جي ميراث يا پنھنجين هٿ ڪيل چئن ڪوڏين پُٺيان هاهوڪار هزارن جي. چوندا آهن، ”اَلھہ ڏي الھڙي نہ سھي!“ ان نہ سھائپ سبب ئي سندس گهر ۾ جن ڀوت جا ڊپ آيا. اونداهين راتين ۾ برسات وانگر ٺڪر ڀتر وُٺا، ڪِنُ ڪچرو ۽ ڪرپٽي ڪري. ڪيئي حملا زوريون، کاٽ چوريون، خرمستيون ٿيون. پر اڪيلو ۽ ارمان ويو سانڍيندو ساھہ ۾. نہ دانھن نہ فرياد، نہ رڙ، نہ واڪو. اهڙي وقت ۾ ٻچڙن کي ڪڪڙ جيان ڪوڙي ۾ ڪري لڪائيندو رهيو. ٻليءَ جيان چڪ ۾ ڪري در در ڇپائيندو رهيو. ڪنھن ٺڪر ڀتر، ڳري جِنب لڳڻ جي ڊپ کان. ڪنھن جن ڀوت جي خوف کان.
هن سان منھنجي ڄاڻ سڃاڻ تہ اڳ جي هئي پر چِٽي پِٽي سڃاڻپ ٿي تڏهن، جڏهن کان سدا واھہ جي ڪپر تي سائي چھچ ڇٻر مٿان پلٿي ماري هن جوشيلي انداز ۾ سوال ڪيو هو:
”ڪامريڊ، اشتراڪي ملڪن ۾ ڊڪٽيٽر شپ آهي يا جمھوريت!؟ آزادي آهي يا زبانن تي تالا بندي!!؟“
مان ايئن ئي سوال کي سوال سمجهندي ئي مختصر چيو هو:
”ڊڪٽيٽرشپ بہ آهي تہ زبانن تي تالا بندي بہ.“
”ڊڪٽيٽرشپ، آمريت، آپيشاهي، آزادي، اوهان آخر آزاديءَ کي چئو ڇا ٿا؟
”آزادي، ڇڙواڳي، جهنگلي جانورن جيان، هاڙهالن ڍورن جيان.......“
بس، ڄڻ ککر ۾ کڙو لڳي ويو. جل چرندڙ جانور کي ٽاھہ اچي ويو. هُو همراھہ پنھنجي پاڻيءَ مان نڪري ويو هو:
”ڇا جا اوهان ڪامريڊ آهيو، ڪنھن اوهان کي ڪامريڊ ڪيو آ، ڪٿي آهي اوهان جي پرولتاري سوچ، ڪٿي آهي......؟ اوهان تہ آمريڪي پٺو آهيو، جماعت اسلاميءَ جا ڇاڙتا آهيو، اوهان ترقي پسند سوچ رکندي بہ کوٽا آهيو، ڪوڙا آهيو.“
ان وقت ڪاوڙ تہ مانکي بہ ڪنڊي تي چڙهي وئي هئي، پر ٻار سمجهي سندس هلڪڙائپ تي ٽوڪ هڻي ڪڍي هيم:
”اهو ٻيلو ئي پري جتي ڪاٺيون ٿيون سُجهن. سِکُ وڃي سِکُ، اڃا ننڍڙو آهين. اڃا ٻار آهين“
ان کان پوءِ هن ڇا سکيو، ڇا پرايو، تنھن جي ڄاڻ تہ کيس، پر مان ڏٺو، مان ڏسندو هوس، پھرين وقت ۾ جوانيءَ جي جوش سبب رُٺو رهيو. مارڻي مينھن واري هُرش. کٽر ڍڳي واريون ڪتريون هڻندو رهيو ۽ پوئين وقت ۾ پنھنجي ئي ڀُل چُڪ سمجهي تعلقات کي سڌارڻ لڳو. جنھن کان پوءِ اسان جي وچ ۾ وڌيڪ سڪ قرب ۽ پنھنجائپ پيدا ٿيڻ لڳي هئي.
هن، هي جيڪو تازو ۽ تڪڙو قدم کنيو هو. هن، هي جيڪو مڙسيءَ جو ڪارنامو ڏيکاريو هو، تنھن تہ ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏيون هيون. ها، بيشڪ هن کان اڳ بہ ڪي قدم کنيا هئائين پر اهي قدم ڪنھن بہ طرح ساراھہ جوڳا يا سندس مڙسيءَ جا سڃاپرا ڪين هئا.
ايئن تہ نجي ڪچھرين ۾ هو الائي ڪھڙيون ڪھڙيون سڌان ڪندو هو. الائي ڪھڙيون ٽاڏيون ڏيندو هو، جن ٽاڏين ڏيندي هڪ ڏينھن ڪنھن دوست ٽوڪ بہ هڻي ڪڍي هيس، ”لڀي لوڻڪ بہ ڪانہ ۽ سڌان مريئڙي جون!!“ پرمان ڏسندو هوس، مان ٻڌندو هوس، سندس جوشيلا ڊائلاگ، جذباتي گفتار، ”ڪاش ڪليشن ڪوف ملي وڃي!؟
ڳالھہ ڪٿان جي بہ ڪريو، ڪنھن جي بہ ڪريو پر وچ وچ ۾ هو ان سوال کي دهرائڻ جي هروڀرو ضرورت محسوس ڪندو. سوال نوڪريءَ جو هجي يا ڇوڪريءَ جو، ڌن دولت جو هجي يا سياست سڳوريءَ جو، پر ڪليشن ڪوف هٿيار جو گڏ گڏ هجڻ يا ذڪر ٿيڻ ضروري هوندو.
هن کي رڳو ڪليشن ڪوف جھڙي غضب جي هٿيار سان عشق، پر اهو هٿيار هلائيندڙ بہ سندس آڏو ايترو ئي مھان هوندو، نئين زماني جي نون ڌاڙيلن پَرو چانڊئي ۽ ٻين جي ڪارنامن جو ٻڌي سندس منُ جهومڻ لڳندو. هڪ هڪ وارڌات، سرڪاري ڪارندا، پوليس، ملٽري مين، ڪٿي ڪيتري تعداد ۾ مئا، ماڻھن جا دينا داستي اغوا جا سڀ انگ اکر ياد رهندا، اخبارن ۾ پرو چانڊئي جا ذڪر، سندس ڌاڙن، چورين، اغوا جا قصا، روڊ رستا بلاڪ ڪرڻ، پنھنجو فورس ٺاهڻ، اعليٰ عملدارن ڏانھن خط پٽ، دهمان، دڙڪا، جيل مان نڪرڻ، ڌاڙيل بڻجڻ، اوائلي عمر جو ٽوٽل ريڪارڊ سڀ ڪٽنگ جي صورت ۾ هڪ وڏو فائيل جڙيل، سندس مطالعي واري ٽيبل تي هر وقت موجود.
سندس ڪمري ۾ گهڙڻ سان پھريان پروءَ بابت حال احوال ٿيندو. پروءَ بابت تازي اخبار ۾ ڇپيل خبر پڙهائيندو، پوءِ واتين وڻين ٻڌائيندو، ايئن ڄڻ هر هڪ ٿيل وارڌات ۾ پروءَ سان گڏ پاڻ بہ موجود هجي. اسان مان ڪي اهڙا بہ جيڪي، پروءَ جي ڪردار تي تنقيد ڪن. پروءَ جي ڪيترين ئي ڳالھين کي پسند ڪندا تہ ڪيترين کي ناپسند ڪن مثلن ڪيترن جو اهو رايو تہ، ”پروءَ چانڊئي جو ماڻھن کي اغوا ڪرڻ وارو ڪارنامو تہ سچ بہ چوري ڌاڙي جو نئون نمونو آ پر هو پنھنجي سنڌي ڀائرن کي ڇو ٿو کڻي؟ هو بجاءِ ڪنھن عام ماڻھو، ننڍي سرمائيدار جي ڪنھن وڏي سيٺئي، مل اونر، وڏي سرمائيدار يا ڪنھن ظالم زميندار جو آخر اغوا ڇو نہ ٿو ڪري؟ هي روڊ رستا، هي عام ماڻھن جي ڦر، اهو پروءَ جھڙي ڪنڌار مڙس کي قطئي نہ ٿو سونھين. بيشڪ اڳ جي ڌاڙيلن جي ڀيٽ ۾ پروءَ جو اهو زبردست ڪارنامو رهيو آهي، جيڪو هو سڌو سنئون اسٽيٽ تي وار ڪري ٿو، پوليس، ملٽري فورس کي بيھي للڪاري ٿو، گوهي ڏئي مٿن گوريلن جيان قھري وار ڪري ٿو. هو، اهو سٺو ٿو ڪري، جيڪو سرڪاري اعليٰ عملدارن کي دٻائي ڌمڪائي، سندن اغوا ڪري، خط پٽ لکي لکين روپيا وصول ڪري ٿو. کين رڃ ۾ رهائي، ٻيلن ۾ رلائي ساڻن اهڙيون ئي جٺيون ۽ تعديون ڪري ٿو جھڙيون خود هو غريب عام ماڻھوءَ سان روا رکندا آهن. بيشڪ پروءَ جي ڏهڪاءَ کان وڏن وڏن ظالم زميندارن، سرمائيدارن ۽ سرڪاري ڪامورن جا ساھہ مٺ ۾ آهن. نہ تہ هو پري اوري جا دورا ٿا ڪن ۽ نہ ئي وري پنھنجن آفيسن مان ٻاهر ٿا نڪرن. اهو بہ سٺو ٿيو آ جو ڌاڙيلن جي ڀڃ ڊاھہ، دٻاءَ سٻاءَ ٻاهرين دنيا ۽ سنڌ ۾ رهندڙ ڌارين جي دلين تي ڏهڪاءُ پيدا ڪري سنڌ جي علحدگيءَ واري تحريڪ جو تاثر ويھاريو آ، پر هو سچ پچ ڌارين جي پٺيان هٿ ڌوئي ڇو نہ ٿو پوي؟ هو پنجاپن، پناهگيرن تي ڇتا حملا ڪري سنڌ جون ٻھراڙيون ۽ زمينون ڇو نہ ٿو خالي ڪرائي؟ بيشڪ هو پنھنجي پاسي غريبن کي ورسائي ٿو. کين پاڻيءَ لاءِ نلڪا هڻائي روزگار جا ذريعا مُيسر ڪري ٿو. عورتن جي عزت، پوڙهن جو لحاظ، ٻارڙن سان پيار ڪري ٿو پر هو........“
هو ان سڀ تي خوش تہ ٿيندو پر پريشانيءَ بہ ڏاڍيءَ ۾ پئجي ويندو، ”يار مصيبت اها جو سياست پنھنجو ڏيوالو ڪڍرائي بيٺل آ، نہ تہ ڌاڙيلن جي آڙ ۾ سڄي سنڌ ۾ ٽيررزم ڦھلائجي. ٻيو تہ پروءَ کان ٿي پيا آهيون پري. مار پويس الائي ڪٿي ٿو وسي رسي. جي ڄاڻ سڃاڻ هجي! پنھنجي نہ جيڪر ڄاڻ سڃاڻ هجي تہ کيس منٽن ۾ سنئين لائين لائجي. اهڙا قوم پرستيءَ جا ليڪچر ڏجن جو....... بس، يار پروءَ سان ملجي، پروءَ سان پنھنجو ملڻ ضروري آ. چون ٿا آگسٽ وارين وڳوڙي حالتن، ايم آر ڊي طرفان سنچين جي جدوجھد واري تحريڪ ۾ دادو ۽ موري طرف پرو چانڊئي، نصير فقير ۽ وزير خشڪ وارن بہ ملٽري فورس کي راتاها ڏئي، پوليس کي زبردست ٽوٽا چٻايا. ان سندن ڪارنامن کي ڏسي ڪري شاگردن ۾ بہ پروءَ سان ملڻ جي جستجو وڌي وئي آ. هن حالتن کان تنگ ٿي ڪري ڪيترائي سندس گروپ ۾ شامل ٿيڻ تي سنجيدگيءَ سان سوچي رهيا آهن. بس رڳو مان، رڳو اسان.......“
پروءَ جيئري تہ هو سندس ٽولي ۾ شامل ٿي يا مُنھن ڏسي ملاقات ڪري سندس هيڊڪواٽر سونا ٻنڊي ٻيلي منجهہ پھچي ڪين سگهيو، البتہ پروءَ جي موت تي جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ شاگردن سان ٽٻڻيءَ جيان ڀريل بس جي ڇت تي ويھي وڃي پھتو. قبر تي قيمتي اجرڪ جو پَڙُ چاڙهيائين، گلن جا هار وڌائين، انھيءَ عقيدت ۽ عشق ۾ ٻيا بہ ڪيترائي ڀيرا پنڌ ڪيائين. هڪ ڀيري جون خبرون چارون ڏيندي ٻڌايائين:
”ابا_____! پروءَ جي قبر تي رش هئي ڇا! توبھہ____ اصل تر ڇٽڻ جي جاءِ ڪو نہ. ڊڄي ٿي ڳالھہ ڪجي هڪ نہ ٻہ، هزارن جي منھن اجرڪن جا پَڙَ پاتل، قلندر جي ميلي جھڙي ڏِکَ، قلندر جي ميلي تي گل نہ لڀن، ڀائين مڻ ڏيڍ گل وٺي ماڻھو پروءَ جي قبر تي چاڙهڻ ويا.“
ڀائين، ”هل ڙي قلندر تو بہ پَڙَ پاتا، تو، جنھن جي آڏو لکن ماڻھن ليلايو، هزارين ماڻھن هٿ ٻڌي عرض ڪيا. تو، جنھن خصيص عرض نہ اگهايو، ڀُٽي کي نہ بچايو، سو ٿو پَڙَ پائي.“
ايئن ئي ماڻھن چيو، ”تون گلن جي لائق ناهين. تون گلن پھرائڻ جھڙو ناهين، گلن لائق تہ پرو آ، جنھن ڪيترن جا عرض اگهايا. تو وري ڪنھنجي پڄائي آ.“ ايئن ئي پروءَ جي سڪ سيني سانڍيندو، پروءَ جھڙا ڪارناما سر انجام ڏيڻ جي خواهش ۾ هو نہ تہ ڌاڙيل بنجي سگهيو ۽ نہ ئي ٽيررسٽ. البتہ ڊاڪٽريءَ جا امتحان باقاعدگيءَ سان ڏيندو رهيو. انھن امتحانن ڏيندي هن جو نہ رڳو ڪليشن ڪوف هٿيارن سان ساڳو چاھہ رهيو پر پرو چانڊئي کان پوءِ سندس ڀاءُ علي گوهر چانڊئي ۽ نادر جسڪاڻيءَ سان بہ ساڳئي اڻ مَئي عقيدت رهي. نادر جسڪاڻيءَ جي ننڍڙي عمر، گوريلا ٽريننگ، پرو چانڊئي کي سکر سينٽرل جيل مان ڀڄرائڻ وارو ڏاهپ ڀريو قدم. ڌاڙا ۽ اغوا ڪرڻ کان وڌيڪ سرڪاري فورس تي حملا. ان سڀ نادر کي تہ پاڻ پروءَ جھڙي مڙس کان مٿڀرو بيھاريو هو.
پروءَ جيان ئي نادر ۽ علي گوهر بابت اخباري ڪٽنگس هٿ ڪندو فائيل جوڙيندو رهيو. هاڻي هي، جيڪي حُر مجاهد سرڪاري مدد پٺيان ڌاڙيلن آڏو ميدان ۾ ڪُڏي آيا هئا. وسنديون ويران ڪري ڳوٺن جا ڳوٺ، گهرن جا گهر ساڙي ٻاري، غريب بي پھچ ماڻھن کي ڌاڙيلن جا ساٿاري ڪوٺي، سندن مال ماري، فصل ساڙي ٻاري، اَنُ پاڻي کڻي ڪجهہ پنھنجا ڀِڀَ ڀري، ڪجهہ پنھنجي آقائن جا پيٽ پالي مسڪين ماڻھن تي جيڪي قھر ڪلور ڪيا، انھن سندن قھرن ڪلورن سبب تہ عام ماڻھوءَ وٽ ڌاڙيلن جي مڃتا تھائين وڌي وئي. ۽ اها مڃتا هِن جي دل ۾ تہ اڃا بہ سوين ڀيرا وڌيڪ اُتم پَدَ تي تڏهن پھتي جڏهن ڳوٺ ۾ مسڪين ماڻھن تي انڌاڌنڌ گوليون وسائي ۽ لانچر وسائي ڪيترائي ماڻھو ماري ڳوٺ ئي ڳوٺ کي ساڙيو ٻاريو ويو.
هاڻي هو، رب رکيو ناريجو، وريل کھڙو، وزير خشڪ، نصير فقير، نصير ميربحر، نادر جسڪاڻي، علي گوهر چانڊئي ۽ حُرن جي هاڙهالي ٽولي جي ڀيٽ ڪري ٻڌائڻ لڳو هو تہ، ”حُر مجاهدن ڪھڙي نہ دانگي ملي آهي پنھنجي ٻُوٿ تي، ڪھڙا نہ هاڃا هنيا اٿائون مسڪين ماڻھن تي، سنڌي ٿي ڪري بہ ڪيئن نہ پيا ڌارين جي دلالي ڪن. هو پنھنجي ظولمي ۽ ڪراهت ڀرئي ڪردار سببان ڪيئن نہ پيا سنڌ جي ڳوٺن، وسندين، واهڻن، سرسبز فصلن ۽ ٻيلن کي ساڙي ٻارن، تلف ۽ تاراج ڪن.“
هن جون اهي ڳالھيون تہ پنھنجي جاءِ تي پر اهو سچ آهي تہ ڌاڙيلن جي آڙ ۾ حُر مجاهدن صفا ملڪ ساڙي ٻاري ڏنو. مسڪين ماڻھوئڙن سان جٺيون ۽ عقوبتون ڪيون. جنھن نہ ٿي هنيو ”ڀيڄ پاڳارا“ جو نعرو تنھنجا ٻچا ٻير تي ٿي چاڙهيا ويا. ٺھيل لسٽن مطابق يا پراڻا وير، دشمنيون پاڙيندي، پنھنجي خود خيال حُر مجاهد اڇي ڪاري جا اڪيلائي مالڪ هئا. وڻين تہ ڪنھن گهر کي ساڙن يا وڻين تہ ڪنھن هڪ فرد جي گناھہ ۾ سڄي ٻيڙيءَ کي ٻوڙين. ڪنھن بہ ڳوٺ ۾ جي اوچتو اچي ڪڙڪيا پوءِ تہ ٻاڪر ڪٽو پئجي ويندو. مسڪين ڳوٺاڻن سان ڪاري قيام ٿي ويندي، نسورو ناحق ٿي ويندو. اميندل جي ڳوٺ ۾ اهڙي هڪ وارڌات ۾ پيٽ جو پورائو ڪرڻ خاطر واهيري تي ويٺل ڪڪڙن کي وٺڻ بجاءِ چِست جي سڌائي ڏيکاريندي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڪڪڙ ڪيرايائون. آري تي ويٺل نہ رڳو ڪڪڙيون ڪُٺائون پر ڪچا پڪا، ڪنا ڦٿا آنا بہ کاڌائون، چاڏين مان مکڻ چورائي، کارن هيٺان ڄميل کير بہ کنيائون. هنڌ بسترا اٿلائي ڪاٺوڙيون صندوقون ٽين جون پيتيون ڀڃي ذري پرزي ڳوليائون. سئي سڳي کان جوري جتيءَ تائين کنيائون. عورتن جي پوتين جي پلاند ۾ ٻڌل پنج پيسي، ڇھہ پيسي، روپيہ، پائڻ نہ ڇڏيائون. سونا زيور نہ رڳو کنيائون پر ڪن چيري بہ لاٿائون. اوچتي آفت اچڻ تي ڪلن سان مضبوط ٻڌل جانورن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. ان ٽٺل ڍورن، ٽاھہ کائيندڙ جانورن تي رائيفلون تاڻي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري سندن اوجهہ ٻاهر ڪڍي رکيائون.
ٻئي هڪ مٺي کھڙي جي ڳوٺ ۾ اهڙي تباهي بربادي آندائون، جنھن جي مثال طور مدد خان پٺاڻ جون ڪاهون ئي پيش ڪري سگهجن ٿيون!! سڄي ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي چوڌاري ٻن ڪلاڪن تائين فائرنگ ڪري ڳوٺاڻن کي هيسايائون، تنھن بعد ڳوٺ ۾ گهري زالين مردين ماڻھن کي گرفتار ڪيائون. ڳوٺ ۾ هڪ سب جيل قائم ڪيائون، جنھن ۾ ڳوٺاڻن کي ٻچين ٻارين واڙيائون. سڄي ڳوٺ جي جهڙتي وٺندي ممنوع يا غير ممنوع ٽوٽل اسلحو قبضي ڪيائون. سون، چاندي، ڳھہ، ڳٺو، روپيو، پائي، لٽو ڪپڙو نہ ڇڏيائون. اناج جون ٽرڪون ڀرائي ويجهن شھرن ۾ نيلام ڪيائون. ڀليون، سٺيون مينھون، ڍڳيون ٽرڪن ۾ ڀري مرشد سائينءَ جي خانقاھہ ۽ خاص خليفن جي واڙن ۾ پھچايائون. ٻيو مال شھرن ۾ نيلام ڪرايائون. نہ کپڻ جي صورت ۾ هڪڙو ڍڪَ ۾ هڻايائون تہ ٻيو ڪھي کائي پنھنجا پيٽ ڀريائون. وڏين سفارشن پٺيان ٻارن ٻڍن ۽ عورتن کي آزاد ڪري باقي مردن کي کٽن جي واڏڻن ۾ ٻڌي هڪ ٻئي سان سلھاڙي ڇڏيائون. سندن نظر گنھگار ماڻھن کي نيٽ جي چھن، لئيءَ جي لڪڻن ۽ ٻٻر جي پائڻن سان پھرن جا پھر ڪٽڪا سٽڪا، من پسند عورتن سان ڀوڳ چرچي ۾ راتيون گذارڻ. حوس جي پورائي خاطر ننگو ڪري نچائڻ، اهي سندن لچائيءَ واريون حرڪتون ايسيتائين جاري رهيون جيسيتائين غيرتمند ڳوٺاڻن (جيڪي سندن نظر ۾ ڌاڙيل هئا) طرفان هڪ ڀرپور حملو ڪري سندن ڪماندار جمال مڱرئي کي نہ ماريو. ڪماندار جي موت تي هو حراس وچان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪندا، گوليون وسائيندا، گهرن کي ساڙيندا ٻاريندا، مظلوم، بي گناھہ ٻڌل ماڻھن کي ڇڪيندا، گھليندا ٽرڪن ۽ گاڏين ۾ هڻي وڃي شھر پھتا. شھر پھچي مسڪين ماڻھن کي ملٽري سمري ڪورٽن ۾ چالان ڪرائي سُکَ جو ساھہ کنيائون.
هڪ ٻئي ڳوٺ رازلي جي ٻنڊيءَ جا سڀ گهر ساڙي، ٻاري اَنَ جا انبار، ڀريل گُنديون ڀڃي ڳوٺ ئي ڳوٺ کي ڦَريو گهُمائي ويا. ايئن ئي گل حسن جي وانڍ کي ساڙي، ٻاري پنھنجا وير پاڙيائون. ماڻھن جا مال ماري، ٽپڙ ٽاڙي کڻائي وڃي ٿاڻن ۾ هنيائون. موريا فقير ڳوٺ ۾ گهرن ۾ گهري پردي پوش ستُر وندين عورتن جي بي حُرمتي ڪري ساري ڳوٺ کي لٽيائون. ڪيترن ئي ماڻھن کي ايئن ماريائون جيئن اُٺُ پتڻ تي ڪُٽبو آهي. هڪ ماڻھوءَ کي تہ ايترو ماريائون جو غريبن پنھنجي هڙَ کپائي، وڏا خرچ ڪرڻ کان پوءِ بہ هوش ۾ اچي نہ سگهيو.
موهل، عارباڻي، عمر جي وانڍ، بچل جي ڳوٺ ۽ ڦلپوٽن ۾ زبردست حراس ڦھلائي، مسڪين ماڻھن سان ڏاڍايون ۽ جٺيون ڪيائون. ماڻھن کي دٻڙائي دونسائي، ڪن کي ٿاڻن ۾ هڻائي، پوليس ۾ جهلائي تہ ڪن کان ٿڏي تي ئي ازغيبي ڏنڊ ڏوھہ ڀرائي پنھنجا ڀِڀَ ڀريائون.
نئون ديري شھر ۾ امن پسند شھرين کي پڪڙي، ٻڌي، ماري بي عزتو ڪري سياسي دشمنيون پاڙيائون. وڏيون رشوتون وٺي، پنھنجا من پسند نعرا هڻائيندا، حراس ۽ ڏهڪاءَ پيدا ڪندا، کليل جيپن ۽ بازارن ۾ مست هاٿين جيان گهمندا، ماڻھن کي لتاڙيندا چيڀاٽيندا، پُٺن تي ڏنڊن جا وسڪارا وسائيندا رهيا.
اهڙيون وار ڪانڊاريندڙ وارڌاتون ڏسي، ٻُڌي تہ حُرن جي اڳين انگريزن خلاف هلايل هلچل بہ ڪوڙي پئي باسي. ان وقت عام ماڻھن واتان جيڪي حُرن خلاف هُلايل ڳالھين ۽ حُرن جي ظلم، زيادتين ۽ ڏهڪاءَ بابت ٻڌبو هو، ان سڀ کي انگريز سامراج جي ڪوڙي پروپئگنڊا سمجهي حرن جي جدوجھد کي صحيح ۽ سچو سمجهي مٿن ڪلمو شريف پڙهبو هو. هاڻي اهڙي ڪلمي پڙهندڙ ماڻھن جي ايمان ۾ لوڏو اچڻ لڳو، ڪُتر پوڻ لڳي. حُرن جي ساراھہ ۾ ڏيپلائيءَ جي لکيل ناول ”سانگهڙ“ کي بڪواس ڪوٺيو ويو. سنڌ جو نئون نسل، اديب ۽ سڄاڻ طبقو تہ ڏيپلائيءَ کان رُٺو رهيو. هڪ ڏينھن ”سانگهڙ“ ناول کي ڦاڙيندي هن چيو هو، ”او شل باھہ لڳئي قبر کي ڏيپلائي........ تو هي ڪھڙو چتر چِٽي ظالم ماڻھن کي پوتي پاڪ ڪري پيش ڪيو آ. تو، اسان جي دلين ۾ سندن لاءِ هي ڪھڙو نانءُ نيڪيءَ جو ٻج ڇٽيو آ، آءُ ڏِسُ، ڏِسُ اچي پنھنجي سپوتن جا ڪارناما. پسُ اچي پنھنجي غريب اٻوجهہ ۽ بي پھچ سنڌيئڙن جا اهنج ايذاءَ، ساڻن ٿيل وارڌاتون، ڪھر ڪلور، قيامتون.....!! تو ڳالھہ ڪئي اسٽيٽ سان ٽڪر کائڻ جي ۽ هي اڄ اسٽيٽ جا ساٿاري. تو ڳالھہ ڪئي حق سچ جو ساٿ ڏيڻ جي ۽ هي اڄ ڪوڙ جا پوڄاري، هي اڄ پنھنجن جا مارا، هي اڄ ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾!!!“
هُن، هِن تازي قدم کڻڻ کان اڳ جيڪا کيپ کَٽي هئي، سا هئي پھرين وارڌات ۾ هڪ پراڻو جهُنر پکو چورائڻ. ان پَکي چورائڻ واري سندس وارڌات بہ عجيب هئي. هو نہ تہ ڪو چور ڊاڪو هو، نہ اهڙي ماحول ۾ پليو نپنو هو ۽ نہ ئي ڪا اهڙي چوريءَ جي چُوسَ پيل هيس پر پوءِ بہ واندڪائيءَ جي وندر لاءِ اهو سڀ ڪجهہ ڪرڻ تي دل ضد ٻڌي بيٺي رهيس.
اهو سندس شاگرديءَ جو زمانو هو. انٽر سائنس بائيولاجيءَ جي امتحان جي رزلٽ نڪتي ۽ ميڊيڪل ۾ داخلا ملڻ واري ان وچ واري ڊگهي ۽ واندڪائيءَ جي وقت ۾ سندس خيالن ۾ انتشار اچڻ ضروري هو. ان انتشاري ڪيفيت مان گذرندي هن جي گهڻو ڪري مشغولي اها رهي جو، ڪنھن سرڪاري ڪاموري جي گهر سامھون اوندھہ جي ڇانوري ۾ ڪنھن ڪني پاڻيءَ جي نالي جي دڪي تي بيھي پنھنجن پٻن تي زور ڏئي ڄاريءَ لڳل دريءَ کان اندر ٻرندڙ مرڪيوري بلب جي سفيد روشنيءَ ۾ ٿيندڙ نين نين وارڌاتن کي نظر مان ڪڍڻ. جن وارڌاتن ۾ نِت نِت نئين عورت سان سرڪاري ڪاموري جون رنگ رليون ملھائڻ. سچ آهي، اهي اهڙا تہ ڪرتب هئا جيڪي گذريل ڄمار ۾ هن ڪونہ ڏٺا هئا، سواءِ اونداهين راتين ۾ لوڪ سُتي پڻھس جو ماڻھس کي اٿارڻ يا ڪاليجي زماني ۾ ڪنھن آزاد خيال قسم جي ڇوڪري وٽ اهڙي هڪ اڌ ڪائو بواءِ رسالي ۾، جنھن رسالي ۾ اهڙن ڪرتبن جي جامائي هئي. اهي ڪرتب، جيڪي يورپي ملڪن جي نئين نسل لاءِ سکيا ۽ ٽريننگ ۽ اسان وٽ بِگاڙَ جو سبب بنجن ٿا.
هن جو اهو هر روز جو نِيَمُ بڻجي چڪو هو. ٽُڪر ٽاپُ کاڌي، ڪم ڪار کان واندي ٿيڻ ۽ هئو مَئو ٽرئي کان پوءِ هو ان مقرر جڳھہ تي مقرر دريءَ سامھون ڪنھن چوبدار جيان ڪني نالي جي دڪي تي بيھي بلب جي سفيد روشنيءَ ۾ ٿيندڙ وارڌاتون هر روز ڏسندو هو، سواءِ ڪن اهڙن ڏينھن جي، جڏهن صاحب موصوف ڪنھن ڪارج سانگي ٻاهر ويل هوندو يا سرڪاري گشت تي نڪري پوندو هو، يا وري پاڻ مُدي جي بخار، ٻيئڙ، ٽيئڙ جو شڪار ٿي کٽ ورتيون پيو رهندو هو. ڀاءُ پيءُ جي حڪم تي اوري پري اماڻيو ويندو هو.
اهي اهڙيون تہ وارڌاتون هونديون هيون جن ڏٺي کان پوءِ سندس سکڻي ڪُني اُڀامي پوندي هئي. ان اُڀامڻ مھل ڪڏي تہ هو وڃي باٿروم جو پاسو وٺندو هو تہ ڪڏي وري ڪنھن اهڙي اپسرا سان مزا ماڻڻ تي ڪا اهڙي رات گذارڻ تي هروڀرو بہ سوچڻ لڳندو هو. ان رات گذارڻ ۽ مزا ماڻڻ جي لُونجهہ ۾ سچ پچ لڄ لاهي هٿ ۾ ڪيائين. ڪنھن اوڙي پاڙي جي ڪراڙي سراڙيءَ، ڏند ڀڃي هوڙن کي لڳل مائيءَ کي هٿ ڪري پنجاھہ رپين عيوض ڪنھن چالو عورت سان چار گهڙيون گذارڻ نصيب ۾ آيس. پر نہ تہ سوٽُ سَٻَرُ جسم ۽ نہ ئي وري ڪاموري جي ڪرڻ وارا ڪرتب نصيب ٿيس. پراڻن، ڀُتن، چيريل، ڦاڙيل، اڳڙين جھڙي اُرھہ سندس آيل ارواھہ بہ کڻائي ڇڏيو. ۽ پوءِ ان گهڙيءَ، ان ساڳين پيرن تي اندر ۾ ڪرڀ سمائي، سکڻو هٿين خالي، کيسين خالي واپس ٿيو هو.
هاڻي هن کي ڪنھن ٻئي خفت کنيو هو. راڳ ڇڏي ملھہ تي لھي پيو هو. ان خفت ۾ هن مُڏي سُڏي هٿڙي هڻڻ شروع ڪئي. ٻيو نہ تہ واندڪائيءَ کي سجايو ڪندي، ويٺي کان ورتا ڀلي. ڪنھن ڇولن، رانھن واري ڇوڪري جيترا پئسا يا فلم جي ٽڪيٽ ئي ٻاهران ڪڍجي. ان ارادي سان ڪنھن پاڙي اوڙي جي لُچ لفنگ سان گڏجي پاڙي جي ئي تالا بند سڃي گهر ۾ ڀت ٽپي اندر ٿيو هو. ڀت تي لڳل شيشي جي ٽڪرن کيس رتو راءِ ڪري ڇڏيو هو. ڊپ ۽ نئين سيکڙاٽ هئڻ سبب اندرئين تالي کي ڀڃڻ، کڙڪي ٿيڻ ۽ ان کڙڪي تي چوڪيدار هٿان پڪڙجڻ جي خوف کان ٻاهر بورچي خاني ۾ پيل چانورن جو ٽين ۽ هڪ جهُنر پراڻو ٽيبل پکو ٽپائي ٻاهرين همراھہ کي ڏنو هئائين. اهو ايڏو سارو بار ڍوئي ڇُپائي ٻئي صبح تي ڪارائتو بنائڻ لاءِ مستريءَ واتان ڏيڍ سئو روپين جي چَٽي ڀرڻ جو ٻڌي مٿو کنھڻ لڳو هو. آخر ۾ بيڪار هجڻ جي گناھہ ۾ پکي کي ٽنگو ٽالي ڪري ويجهي ئي ڪني پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ ٻوڙي، درياھہ داخل ڪري پوءِ ڪيترن ئي ڏينھن تائين لڪي ڇُپي ڦٽيل هٿن جي ملم پٽي ڪندو رهيو هو.
تنھن بعد پاڙي جي ئي ملان سڳوري سان سندس ڪچھريون رهيون. اهي ڪچھريون ڪلمو صلوات سکڻ جي حد تائين هيون. يا ڪيل گناھہ جي اعتراف، پاپن کان پاڻ پالھو ڪرائڻ لاءِ هيون. پر اهي ڪچھريون ڪجهہ مڙئي وڌيڪ ئي ڊيگهاريون رهيون. انھن ڪچھرين ڪندي ئي ملان سڳوري قوت باھہ بابت لکيل نسخن جو ڪتاب ڏيکاريو هئس ۽ پڻ مختلف نسخن ۾ ڪم آيل سينکئي، شنگروف، ٽامي، ابرڪ واپرائڻ ۽ معجون کائڻ جون سھڻيون، سٺيون صلاحون ڏنيون هيون. جنھن تي هن مرڪي چيو هو، ”پر سائين مان تہ ڇڙو آهيان، ڇڙو ۽ جوان“
ملان سڳوري ڪتاب کي ٺپيندي، هنج ۾ رکندي مرڪي، چٿر ڪندي چيو هو، ”هون........ ڇڙو! جوان......! اڙي بابا ڪھڙا آهن اوهان نوجوانن جا حال، صبح شام چانھہ، صبح شام....... ڪوسا کاڌا، هوٽلن جون ڀاڄيون، ڊالڊا گيھہ، روزانو تريل شيون، پڪوڙا، مرچ مصالحہ واپرائڻ، خراب اوٺا خيال ۽ اهي ڪھاڻيون ڪتاب پڙهي پڙهي مشتزني ڏانھن ذهن مائل، هڻي پاڻ کي ڪچڙي عمر ۾ ئي ساڙي رکيو اٿَوَ. ۽ ڀائين جوان!! سڀئي آتشڪ، سوزاڪ، جريان، احتلام ۽ ڪثرت بدحاليءَ جو شڪار. هيڏي ڏسُ.“ پنھنجي ڏوري تي هٿ هڻندي باڊي بلڊنگ جو مظاهرو ڪندي مُلان چيو، ”مان ڏي ڏسُ. اسان اڄ بہ اوهان جوانن کان جوان. هاڻي، هن عمر ۾ ڪا رنَ روڳڙي ملي وڃي عرش ڪرش نہ دانھون ٻڌجنس تہ اسان ۾ گهٽتائي آ. واپراءِ، واپراءِ قيمتي نسخا واپراءِ.......“
”پر سائين ڪا واھہ بہ تہ.......“
”ميان مسلمان گهٽتائي وري ڪھڙي“ اک ڀڃندي، ”ملڪ مولا جو پڪو پيو آ. جي اوڙو پاڙو جاچيندين تہ اهڙيون گهڻيون ئي وانديون ملي ويندئي. خرچ ڪر، خرچ ڪر، دنيا ڦينڪ تہ عشق ٺھہ پھہ.“
اهي ملان جي معجونن واپرائڻ جون ڪرامتون هيون يا سندس درس تدريس جو ڪرشمو، پر ايئن ضرور ٿيو جو هو اوڙي پاڙي ۾، پنھنجي گهر، چوڌاري ڪنڊون پاسا جاچيندي نُوس نُوس ڪرڻ لڳو. ان جاچنا ۽ کوجنا ۾ ئي هن ڏٺو هو سانوڻيءَ جي هڪ رات ڪوٺي تان سيمينٽ لڳل ڄارين واري پلويڙي پٺيان ملان صاحب جي گهر آڳر ۾ جهاتي پائي، ان وقت ملان پنھنجي ڪار ۾ مشغول ليٽ ڪبوتر راند کيڏندي ان سرڪاري ڪاموري کان بہ وڌيڪ نوان نوان ڪرتب ڏيکاري رهيو هو. ان واقعي کان پوءِ هِن مُلان سان پنھنجي ڊيگهہ کي اڃا بہ وڌائي ڇڏيو هو. عيد براد، ختمو کڙو، چڱي موچاري ڀاڄي ڀُتي، آنجهيءَ مانجهيءَ دروازي تي اچڻ، سڏ واڪو، ڪڙو کڙڪائڻ، ڪنھن هڪ اڌ سيڪسي نسخي جي تياريءَ ۾ ڪي پنج پيسا ڏيڻ، ڪنھن سُتي ڦڪي وٺڻ ۾ مدد ڪرڻ، ان اچ وڃ سبب ڪجهہ حجاب جا پردا اڃا بہ لھڻ ضروري هئا. جنھن ضرورت پٺيان ڪڏهن ڪڏهن ملان جي زال سان دروازي جي ٻيڪڙ، ٻيڪڙايل تاڪ پٺيان ڪي ٻہ لفظ، ڪڏهن ڪا مُنھن ٽڪري ڏسڻ، ۽ پوءِ ملان جي ياراڻيءَ کي لٺ جي ٽيڪ سمجهندي ان ٽيڪڙيءَ سھاري سندس دروازي تائين چارا ٺاهي ڇڏيائين. نيٺ اهي هن جا پنڌ ساڀ پيا، سڏ سجايا ٿيا. ملان جي ننڍي نيٽي زال سندس سڏ ورنايو، سندس سينڍ جي سُر کي سڃاتو، جنھن ڄاڻ سڃاڻ، هير حجت پٺيان هڪ ڏينھن هن ملان جي چائنٺ کان پنھنجا قدم اندر ٽپائي ڇڏيا.
اها رات جمعي جي هئي، جڏهن هو ملان سڳوري جي گهر گهريو هو. ان گهر گهرڻ کان اڳ ۾ شام جو ئي ملان جي تياري ڏسي حجائتو ٿيو هو.
”استاد الائي ڇا جي تياري آ، هي خط وٺرائڻ، سونھاريءَ کي سنوارڻ!؟ هي وار ٺھرائڻ!؟ جمعو تہ سڀاڻي آ؟“
”اڙي بابا، مڙسن لاءِ سدائين جمعا. گهٽ ڪا ڪبي ڇا.“ ملان مرڪي اک ڀڃندي چيو هو، ”جي نسخو واپرايو اٿئي تہ خبر تہ پئي هوندئي، ڪن اڃا ڪنواري جو ڪنوارو؟“
”بس استاد، ٻئي هٿ کٽ جي ٻانھينءَ ۾، جائي سچ ڇو نہ ٿا ٻڌايو.“ هن وڏي اُڻ تُڻ وچان پڇيو هو. جنھن تي ملان مرڪندي چيو هو، ”آءُ تہ هلون، هلي تہ ڏس اسان سان بہ، آءُ تہ هلون مسجد ۾ واعظ آهي.“
”چئبو اڄ ڍَوَ پٺيان آهيو؟“ سُرهي مُنھن مرڪندي چيو هئائين. ۽ ايئن ئي ملان سڳوري بہ مرڪندي ميندي رتي ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيريندي چيو هو، ”اڙي بابا، اسان کي سدائين ڍَوَ، اسان وري ڪھڙو........ اسان لاءِ سائين مري تہ بہ ڍُنگ ماني، جي ميان مري تڏي بہ ڍُنگ مانِنِ جو.“
ملان ويو تہ سج لٿي جي نماز پنھنجي مسجد ۾ پنھنجي امامت ۾ پڙهائي ۽ جماعت جي چڱي خاصي ٽولي سان هو. پر هُو پيءُ طرفان مڙهيل ڪم مان پالھو ئي ڪين ٿي سگهيو جو ملان جي مائيءَ تائين ڪو اهڙو اطلاع پھچائي ڇڏي ها. واندو ٿيو تہ بہ سومھڻيءَ جي نماز کان گهڻو پوءِ ملان جي دروازي تي ويو. دل منُ هڻندي ڪڙو کڙڪايائين تہ سھي پر ڪو سُر جو جواب نہ پائي بي مزي ٿي واپس مُڙيو هو. هُو پوءِ واپس آيو، گهڻو ئي دل کي پرڀايائين پر منُ بينشُ ڪري بيٺس. کٽ کيس سمھڻ ئي نہ ڏي. جسم ۾ پَٽَ ڊُوھہ، ساڙُ، کامُ، ڪيڏي مھل تہ کٽ تان لھي هلڻ بہ لڳي پيو پر ٻہ چار قدم کڻي واپس ٿيو ٿي. ”هاءِ ڙي اڪيلائي، هاءِ هيءَ جواني، اڪيلي جوان جون بہ راتيون ڪيڏيون نہ اڻايون ٿيون گذرن!“ نيٺ گهڻي سوچ ويچار، گهٽ، مونجهہ محسوس ڪرڻ کان پوءِ نفعي نقصان جو تونکرو لاهي سڌو رخُ رکيائين ملان جي گهر جو. دروازي تي پھچي ڪجهہ اهڙي ئي انداز ۾ ڪڙو کڙڪايائين، جھڙو ملان کڙڪائيندو هجي. ملان واري مائيءَ کي ان وقت هلڪي پنڪي اچي وئي هئي. هوءَ پوءِ کڙڪي تي سجاڳ ٿي اڌ ننڊ اڌُ جاڳ واري ڪيفيت ۾ دروازي تي آئي هئي. ايئن ئي ڄڻ ٻاهر بيٺل شخص سندس مڙس ملان سڳورو ئي هجي. دروازو کوليندي هن تي نظر پوندي ئي پھرين ڇرڪ ۾ ننڊ ڦٽي ويس پر پوءِ بہ اکيون مھٽيندي سرگوشيءَ جي انداز ۾ دٻيل رڙ نڪري وئي هيس، ”اڙي ماءُ جا....... ڀڄُ، ڀڄُ تہ ڏسئي نہ ڪوئي. ڄاڻ آيو ملان، هي ٽيم آهي هُن جي اچڻ جو.“ ڀلا اهڙن موقعن تي ملان جي وري ڪنھن کي پرواھہ، هي تہ ٿيو خصيص ملان پر ماڻھو تہ خان خانان جي چائنٺ کان بہ پنھنجا پير ٽپائڻ کان نہ رهي سگهي. هڪ ڀيرو تہ چس وٺجي، پوءِ جا ڀاڳ پوءِ سان. ان وقت مائيءَ وسان ڪين گهٽايو هو، گهڻو ئي ڇڙٻ ڇڙيندو هنيو هو. ”ٻيلي سياڻو ٿيءُ، لھي وڃ ان ڇيڏڪ تان، لھي وڃ ان بينشَ تان، ڄاڻ آيو نڀاڳو، ملان اکين نٿو ڏيکارجي، اصل اجهو ڪي اجهو..... هو اهڙو مروان آهي ڏهون ڏهاڪي. ٻي ڳالھہ باقي وس ڪئي ٽاڪيءَ ٽُٽو جمعون تہ ٽاري ئي ڪونہ، سو اڄ ڪري ايندو چڙھہ، ڀڄُ، ڀڄُ، پٽرائين نہ ڄُنڊا، ڪرائين نہ خوار خراب، اهڙي هُيئي تہ سوير ڇو نہ پئي ڌوڙ پاتئي، ڪاٿي هُئين ايڏو وقت...... وري ڪنھن ٻئي ڀيري، وري ڪنھن ٻئي.....“ پر هي بہ پنھنجي نالي وارو، صفا چچڙ ٿي چنبڙي پيُسِ. زوريءَ دروازي پٺيان ٿي لولٽ ڪرڻ لڳس، ”ٻيلي، ڏس پنھنجي مولا ڏي، مڃ پنھنجي رب کي، ڇو ٿي ٿين اهڙي ڪھارڻ. هڪ تہ مار پوي ملان کي جنھن الائي ڪنھن نہ ڪنھن جھڙا معجون کارايا آهن. ٻيو ڪھر پوي توتي جو نوان رنگ ڍنگ پَسايئي هاڻي وري مُقرين ٿي، هاڻي وري ترڪ تاليون ٿي ڪرين. نہ نہ مان اڄ خالي نہ موٽندس، مان اڄ.....“ پوءِ سَڌَ پوري ٿيڻ کان پوءِ جيئن ئي واپس ٿيڻ لاءِ ڪڙو لاهي ٻاهر ٿيڻ جي ڪئي هُئائين تيئين ئي ملان بہ اچي سلاماليڪي ڪئي هئي. ”جاڙا خان ڪتي کان بيھجانءِ“ مُلان واري هاسي جو ونگوڙو سنئون سڌو سندس ڳچيءَ ۾ هو پر ڀلا ڀاڳ سندس جو گوهي ڏيندي سھڙ وارو چنگ ڏئي مُئي متاري ملان جي پڪڙ کان پري ڀڄي ويو هو. ملان سندس ياراڻي جو خيال رکندي مُروت ڪئي هئي يا پنھنجي عزت جو ڳڻي بدناموسيءَ کان ڊنو هو، پر اها حقيقت آهي تہ ملان خاموش چپ ڀڪوڙي اندر ٿي دروازي جو ڪنڍو چاڙهي ڇڏيو هو. تنھن بعد نہ رڳو پنھنجي خاشا خوشيءَ يا زوريءَ ملان ٽپڙ ٻڌي اوقاف طرفان پنھنجي ٽرانسفر جو ڪاڳر وٺي وڃي سکر شھر معصوم شاھہ واري ٽڪريءَ تي اڏيل مناري ڀرسان مسجد ۾ پنھنجي درس تدريس ۽ ديني معاملن کي سلجهائڻ ۾ رڌل رهيو هو. پر پاڻ بہ جلد ئي ايم بي بي ايس جي پھرين سال ۾ داخلا جو پروانو ملڻ تي هاسٽل شفٽ ٿي پڙهائيءَ ۾ مشغول رهندي شاگردي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو هو.
هو پنھنجي اينٿرائپ سبب ڪافي مقبول رهيو. ان مقبوليت سبب ئي ڪنھن چڪر ۾ اچي ڪامريڊ چوائڻ لڳو. سياست ۾ رُڌو رهيو هو. عام ماڻھن کي پنھنجي جماعت ۾ شامل ڪرڻ لاءِ انشورنس ايجنٽ جيان گهر گهر، ڳوٺ ڳوٺ، شھر شھر ڏاڍا چڪر ڪاٽيائين ۽ اهڙا ئي چڪرن ڪاٽيندي ڪنھن ڏينھن پنھنجو واعظ بند ڪري ٻئي جو ٻڌڻو پيُس. پنھنجي ماري ٻئي جي ٻڌڻي پيَسِ، هو ويو تہ ڪنھن ٻئي تي سياسي ورڪ ڪرڻ پر خود پاڻ ئي ٻئي جي لفظن جو شڪار ٿيو هو. پاڻ ئي پنھنجي ايمان مان نڪري ويو هو. اهي ليڪچر سُڻي ڪامريڊي ۽ ڪميونسٽيءَ کان سندس ڏند کٽا ٿي ويا هئا. هن ٽٻڻيءَ ۾ نانگ بند ڪرڻ واري پنھنجي مُرلي وڄائي بند ڪئي هئي جو اڳلي آواز ڏنو هو، ”ڊاڪٽر، تون ڏاڍو اٻوجهہ آهين!...... اٻوجهہ ۽ پڻ محنتي!!؟“ هن مرڪندي کيس ٽِڪَ ٻڌي چتائيندي چيو هو، ”ڊاڪٽر، سياست ڏاڍو گورک ڌنڌو آ، سياستدان ڏاڍا حريف ٿيندا آهن، سندن حرفتي ذهن ئي کين ايڏين بلندين تي پھچائيندو آهي. ايئن هو بہ سمجهندا آهن. ۽ عام ماڻھو، تون اسان بہ سمجهندا آهيون. پر نہ ايئن ناهي، ايئن هرگز ناهي.......“ انتھائي ڳنڀيرتا منجهان، ”ايئن ضرور آهي تہ سندن حرفتي ذهن ئي ڪم ڪندو آهي پر ان سان گڏو گڏ تو، اسان جھڙن الاهي ساترن ماڻھن جون محنتون، ڪوششون ۽ ڪاوشون بہ هونديون آهن. پوءِ اڳتي هلي پارٽي ليڊر ڏندين ڏاند بڻجي ويندو آهي. هو عام ڪارڪنن سان اهڙو ئي سلوڪ ڪندو آهي. سندس آڏو عام ڪارڪن جي حيثيت ڪجهہ اهڙي ئي هوندي آهي جھڙي ڳاھہ ڳاهيندڙ ڍڳي جي هاريءَ آڏو. هر تہ ڍڳو ڪاهيندو آهي ۽ پڻ ڳاھہ بہ ڳاهيندو آهي پر ڪڏهن چِتُ ڏئي ڏسجانءِ تہ ڳاھہ ڳاهيندي هاري ڪيئن نہ ميلھہ ۾ سلھاڙي سندس ٻوٿ ٻڌي ڇڏيندو آهي تہ متان ٻہ وات اَنَ ۾ هڻي.“ هن پوءِ وڏي وات ٽھڪ ڏنو هو. کن جي خاموشيءَ کان پوءِ هن ٻيھر ڳالھايو هو، ”ڊاڪٽر ڇڏي ڏي اهڙن ڌنڌن کي، ڇڏي ڏي اهڙن خفن کي، تون پڙھہ ۽ پڙهي سٺو ڊاڪٽر ٿيءُ، اها ئي تنھنجي ضرورت آهي. اهائي توتي تنھنجن مائٽن جوابداري رکي آهي. ان ۾ ئي تنھنجي ڀلائي آهي...... تنھنجون ڳالھيون واھہ جون، تنھنجا ليڪچر سجايا پر مان نہ پوندس اهڙي مرڄل ۾. اهو ٻُڌي ڇڏ، اهو ياد ڪري ڇڏ، تون ننڍو آهين، توکي تجربو گهٽ آهي، ننڍو تہ مان بہ آهيان، تجربو تہ مان کي بہ ناهي پر توکان ڪجهہ سال وڏو آهيان، ڊاڪٽريءَ جي آخري سال ۾ آهيان ۽ تون....... توکي اڃا ٽي سال پڙهڻو آ، اڃا ٽي سال امتحان مان گذرڻو آهي....... مان سچ ٿو چوان، اهو سچ آهي سکڻين هٿين ماڻھوءَ جي نہ رڳو هن سماج ۾ نہ پر سوشلسٽ معاشري ۾ بہ ڪو قدر ڪا قيمت ڪانہ هوندي آهي ۽ پارٽين ۾ تہ بنھہ نہ. ڏٺو ٿي ڪو پاڻ جيان هٿين خالي، سڃو، سکڻو پارٽي ليڊر!؟ سپاهيءَ مان صوبيدار، ڪلارڪ مان مختيارڪار ٿيڻ وارا وقت ئي لڏي ويا. اڄ تہ سڌي سنئين ڀرتي ٿي ٿئي. اڄ تہ سنئين سڌي اپائنٽمينٽ ٿي ٿئي! تو چواڻي سوشلسٽ سماج هن سماج کان ڀلو آهي، بلڪہ سئو ڀيرا سٺو آهي اهو مان بہ مڃان ٿو پر پيارا.....! سکڻي ماڻھوءَ کي ان سماج ۾ آخر ڇا ملڻو!؟ اهو ئي نہ ٻَٽنِ وقتن جو کاڌو، دوا درمل، ڪفن دفن مفت! سچ آ ڪن مان ڪوڙ ٿو ڳالھايان؟ ۽ سائين مفت تہ ڪا شئي ڪھڙي بہ سماج ۾ ملڻي ناهي. نہ ملندي، ان جي عيوض بہ اٺ ڪلاڪ ڪا نہ ڪا نوڪري بَزڪري ڪرڻي پوندي....... ۽ هر سماج ۾ ماڻھوءَ جي مان مرجا سندس حيثيت آهر ٿئي ٿي.“ ڪجهہ کَننِ جي خاموشيءَ کان پوءِ، ”ساڳئي ئي منزل تي پھچڻ لاءِ ڊاڪٽر تون بہ تاڻين ٿو ۽ آنءُ بہ وک وڌايان ٿو. فرق صرف اهو آ جو تون پاڻ سان گڏ ”اجتماعيت“ لفظ ڳنڍين ٿو ۽ مان بہ، پر پاڻ تائين، پنھنجي ڪٽنب تائين تون ڊگهو، ورن وڪڙن، کڏن کوٻن، ڌٻڻين وارو رستو هلين ٿو ۽ مان سنئون سڌو خطري کان خالي!!“
”خالي سو وري ڪيئن؟“ هن اهو سوال ڪجهہ اهڙي ئي ڍنگ سان پڇيو هو ڄڻ اڳلي جي نيت تي شڪ هجيس ڪنھن ٻي پارٽيءَ جو ڪارندو هجڻ تي.
”منھنجا سائين“ هاڻي هن ڌيرج ۾، نرم لھجي ۾ ڳالھائڻ شروع ڪيو هو، ”اهو ايئن جو مان سال کن کان پوءِ پاس ٿي هائوس جاب ڪرڻ لڳندس، پوءِ ملڪ جي ڪنھن وڏي اداري مان خاص ڊگري وٺندس، اسسٽنٽ پروفيسر چوائيندس. ڪجهہ سالن ۾ ئي ويانا، انگلينڊ يا ڪنھن ٻئي يورپي ملڪ مان هرٽ يا سرجريءَ ۾ اسپيشلسٽ ٿي موٽندس، ان واپسيءَ کان پوءِ مان وڏي ناليوارو ڳڻائبس، وڏو پيسو ڪمائيندس، ڪار، بنگلو، ٽي وي، وي سي آر، ٽيليفون، صوفا سيٽ، سٺي ٺاهوڪي ڪنھن وڏي ماڻھوءَ جي ڇوڪري ملندم، بس، ڪجهہ رشوت، خوشامند ۽ چاپلوسيءَ پٺيان وڏين دعوتن، تقريبن ۾ اٿڻ ويھڻ لڳندس، مان پنھنجي ڏيٺ ويٺ کي وڌائي ڇڏيندس، ڏيٺ کي وڌائي ڇڏيندس يا ماڻھو مون سان ڊيگهہ ڪرڻ، وڏي ماڻھوءَ، وڏي ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ چاپلوسي ڪرڻ لڳن، مان پنھنجي مقرر فيس ضرور وٺان سواءِ انھن ماڻھن جي جن مان ڪنھن وڏي نفعي جي اميد رکان، پنھنجي پرائيويٽ اسپتال کوليندس، ڳرين فين پٺيان ڳرو علاج ڪندس، ڇو تہ دل جا مريض ٿين ئي وڏا ماڻھو....... پوءِ جڏهن دنيا جھان جا مزا ماڻي عيش عشرت ڪري بيھندس تڏهن تو وارو انقلاب در تي ڪڙو کڙڪائندو. تو وارو انقلاب اچڻ ۾ بہ ڪي ڏھہ ويھہ سال تہ لڳن ئي لڳن، ڪن مان ڪوڙ ٿو ڳالھايان ڊاڪٽر؟..... هل سائين، سو انقلاب ايندو، انقلاب آئي ان انقلاب کان اڳ ويڙھہ جي وقت ئي آءُ ڪلمو وساري ڪافر ٿيندس، ان وقت بہ آنءُ ڏسندس، پرکيندس، پروڙيندس، ڪھڙي ڌر جو پاسو ڳرو آهي؟ اهو ڏسڻ کان پوءِ ئي اعلان ڪندس. هڪ وڏي پريس ڪانفرنس سڏائيندي. جي پاسو هوندو اوهان واري ڌر جو ڳرو پوءِ تہ اعلان ڪندس آنءُ سڀ ڪجهہ تياڳيان ٿو، تياڳيان ٿو عوام جي ڀلي ۽ انقلاب خاطر، مان انقلاب ۽ عوام جي جدوجھد کي سچو ڀائيندي اشتراڪي اصولن کي اپنائيندي پنھنجي ملڪيت مان ڪي پنج ڏھہ لک پارٽي فنڊ ۾ ڏيان ٿو. ڪيئن ٿو سمجهين؟ ڪيئن ٿو ڀائين ڊاڪٽر؟ مان اهو ماڻھو، جنھن کي اوهان جي ڳالھين سان ڪا دلچسپي ڪانہ هوندي، مان، جنھن اوهان کي هن کان اڳ خصيص ڏھہ، ويھہ روپيا چندو ڏيڻ کان بہ ڪيٻايو هوندو، سو جي لکن ڏيڻ جو اعلان ڪري، سو جي هڙئي ملڪيت پارٽي فنڊ ۾ ڏئي!؟ منھنجي ان اعلان کان پوءِ خبر ٿي اوهان وارن حلقن ۾ منھنجي ڪھڙي عزت ٿيندي؟ ڪيڏي نہ قدر قيمت ٿيندي، اها قدر قيمت ٿيندي جيڪا ورهين کان ڪارڪنيءَ جو ڳٺ ڳچيءَ ۾ پائڻ کان پوءِ بہ تنھنجي نصيب ۾ ڪانہ ايندي..... ملندم نہ عزت؟ ٿيندو نہ مانُ؟ ڪن تو وارو انقلاب مون کي ڦاسيءَ چاڙهيندو، بيگار ڪيمپ موڪليندو؟ نہ نہ، منھنجي ڊاڪٽريءَ واري ئي حيثيت برقرار رهندي، آنءُ ان وقت بہ وڏو ڪامريڊ، وڏو اسپيشلسٽ ڊاڪٽر چوائيندس، ان وقت بہ اوهان مان جھڙن جا محتاج هوندا، ان وقت بہ مان وڏن وڏن عھدن تي فائز وڏا وڏا تمغا ۽ آفرين ناما سيني تي سجايل توکي ڏسڻ ۾ ايندس. ان وقت بہ مان ٺاهوڪي گهر ۾ رهندس، ان وقت بہ سٺي ڪار سان گڏ زندگيءَ جون ٽوٽل ضرورتون ۽ شيون مُيسر هوندم. ان وقت بہ منھنجي ٽيبل تي ست رشي کاڌو لڳندو. ان وقت بہ منھنجي ڪمري مان ڪنھن سٺي پرفيوم جي خوشبوءِ ايندي، ۽ تون.......؟ ڊاڪٽر، تون ايڏي ساهي مُنجهائي نہ سگهندين، تڪڙو ئي پارٽي بازي ۽ ليڊر شپ جي بيماريءَ جو شڪار ٿي توبھہ تائب ٿي مان واري واٽ وٺندين يا عام ڪارڪن جي حيثيت ۾ رهندي ڏند کٽا ٿي پوندئي. ليڊري تہ توکي ملندي ڪانہ، ليڊر تہ ٿين ئي پئسي وارا ماڻھو، ڌن دولت جا مالڪ، اڄ بہ جي اهڙو ڪو شاهوڪار، سرمائيدار، وڏيرو، سيٺيو سوشلزم جي نعري پٺيان تو واري پارٽيءَ ۾ ڪڏي اچي تہ پوءِ ڏس مزا، تون پارٽيءَ جو ڪارڪن ۽ هو پارٽيءَ جو ڪو وڏو منصب ماڻي تنھنجو بہ مالڪ ٿي ويھندي ڪامريڊ چوائيندو. دال، پلي ۽ لسيءَ تي گذارو ڪندو؟ پارٽي ميٽنگ کان پوءِ کاڌو کائيندي يا گگ سنگهہ اُگهڻ وقت مان تہ سمجهان ٿو عام ڪارڪن پنھنجي قميص جو آڳو ڪتب آڻيندو ۽ هو صاحب ٽشو پيپر سان هٿ صاف ڪندو. ۽ پورهيت جسم نہ پر ذهن بہ ٿيندا آهن. پوءِ اهڙي پورهيت ذهن رکندڙ عام ماڻھوءَ جي فائدي ۾ ٻہ ٻول ڪتب آڻيندڙ ڇو نہ ڪو وڏيرو، سيٺيو، شاهوڪار هجي پر ان کي سندس حيثيت آهر ئي مان مرتبو ملندو، هونءَ بہ سچ آهي پيرين پيادي کان ڪار وارو جلد پھچي ويندو آهي. ريڙهيءَ تي رکيل شئي کان وڏي شاهي دڪان جي قيمتي شوڪيس ۾ سجايل شئي جي وڌيڪ قيمت ۽ قدر ٿيندو آهي..... پئسو انسان جي گناهن کي ايئن ٿو ڌوئي ڇڏي جيئن صابڻ ڪپڙن کي. ڪن مان ڪوڙ ٿو ڳلھايان ڊاڪٽر!؟..... تہ ڳالھہ هئي تو واري سماج ۾ منھنجي ۽ تنھنجي حيثيت جي، تو جي سياست کي نہ بہ ڇڏيو، اهو ايڏو سارو سفر ڪيئي بہ تہ انقلاب جي ويڙھہ دوران ڪنھن نہ ڪنھن مورچي تي سچائيءَ سان وڙهندي وڙهندي مري ويندين. ڇو تہ ليڊر صاحب تہ اهڙي وقت ۾ لِڪا رهن. خفيہ جڳھن تي، خفيہ ميٽنگن ۾ رُڌل رهن. تون جي خوش قسمتيءَ سان اهڙي جنگ ۾ بچي وئين تہ پڪ ئي پڪ لُولو لنگڙو، اپاهج هوندين. سيني تي گولين جي گهائن عيوض ڪجهہ تمغا تہ تنھنجي سر تي بہ سجايل هوندا پر پاڻ لٺڙين جي ٽيڪ تي هلندي زندگيءَ جا آخري ايام پورا ڪندين. مان تہ ان وقت بہ سٺي گاڏيءَ تي، سٺي صاف شفاف لباس ۾ هوندس..... ۽ پوءِ ڪڏهن، ڪٿي تون لفٽ لاءِ واجهائيندين، پر مان ڪونہ بيھندس، مان ڪنھن هارن ڏيندڙ تيز رفتار ڳاڙهي بتيءَ واريءَ ايمبولينس يا پٺيان پنھنجي فرسٽ ڪلاس ڪار ۾ هوندس ڇو تہ تو واري پارٽيءَ جو ڪو وڏو ليڊر ان وقت ڪنھن وڏي هرٽ اٽيڪ جي دوري ۾ مبتلا هوندو. ۽ سائين، ماڻھو نہ رڳو جسماني پورهيت پر ذهني پورهيت بہ ٿيندا آهن، جن جي جسماني پورهيتن کان وڏي اهميت هوندي آهي هر ڪنھن سماج ۾!! هر ڪنھن هنڌ. ڪيئن، مان ڪوڙ ٿو ڳالھايان ڊاڪٽر؟“
سچ ڇا آهي، ڪوڙ ڇا آهي، پر اها حقيقت آهي تہ ڪامريڊيءَ واري زماني ۾ بہ مٿس اهو ٽيررسٽ بنجڻ جو زبردست خيال حاوي رهيو. جنھن خيال پٺيان ئي هن رابطي واري ماڻھوءَ معرفت پارٽيءَ ڏي چوائي موڪليو هو تہ، ”جنھن وقت بہ، جنھن جاءِ تي بہ پارٽيءَ جو پھريون گوريلا جٿو ٽريننگ لاءِ اماڻيو وڃي تہ ان ۾ سندس نالو بہ سر فھرست هجڻ گهرجي، تہ جيئن واپسيءَ تي ڌارين، پرمارن، وڏيرن، جاگيردارن ۽ ٻين استحصالي قوتن خلاف ٻارڻ ٻاري ڏي. افسوس! جو سندس خيال، خيال ئي رهجي ويو. ان سندس خيال جي پورائي جي نہ تہ نالي ۾ نھال پارٽيءَ ۾ وسعت هئي ۽ نہ ئي پاڻ جٽاءُ ڪري سگهيو.
۽ اڄ.....! اڄ هن، هي جيڪو دهشتگرديءَ وارو قدم کنيو هو سو نہ تہ ڪنھن ڪيل گوريلا ٽريننگ سبب ۽ نہ ئي وري ڪنھن پارٽيءَ جي حڪم پٺيان، هي قدم تہ هن پنھنجي خود خيال، پنھنجي دل دماغ جي چئي پٺيان ئي کنيو هو.
سو قدم وري ڪھڙو؟ ان ڏينھن مان اڃا گهر مان نڪران ئي نڪران تنھن کان اڳ هن اوچتو اچي ٺڪاءُ ڪيو.
”ڪامريڊ اجهو ڏي. اجهو ڏي مان خون ڪيو آهي، مان ماڻھو ماريو آهي.“
”خون ڪيو آهي!!؟“ مان کان ذري گهٽ رڙ نڪري وئي هئي. ان وقت جيئن تيئن ڪري مان تڪڙو ئي کيس اندر گهر ۾ ڌڪي ڇڏيو هو. تنھن بعد ئي سچ پچ کيس تڪيندي سوچيو هئم هڪ سلجهايل ڊاڪٽر ۽ قتل جي وارڌات!!؟ آنءُ ڪنھن بہ طرح سندس قتل ڪرڻ واري ڳالھہ تي اعتبار نہ ڪريان ها، جيڪڏهن سندس ڏڪندڙ هٿن ۾ ريوالور، جسم ۾ ڪُنبڻي، پَٽَ ڊوھہ، سوڙھہ خام نہ ڏسان ها. سندس اهڙن پرڪارن ۽ ٻيو هينئن ڪُمھلو اچڻ تي اعتبار ڪرڻو ئي پيو. کيس جاءِ ڏيڻي، پناھہ ڏيڻي ئي پئي. اهو سوچي تہ شاگرد اينٿرا گهوڙا ٿيندا آهن. ممڪن آهي ڪنھن ڇوڪريءَ ٻوڪريءَ جي چڪر ۾ اچي ڪري ڪنھن پنھنجي ئي سنگتيءَ تي هٿ ٺاريا هجائين. هن گولي تہ برابر هلائي هجي پر ان جو هرو ڀرو مطلب اهو ڇو هجڻ گهرجي تہ اڳلو سچ پچ مئو بہ هجي. ان هورا کورا وچان مان کيس گهر ۾ سوگهو ڪري ٻاهرين جاچ ۾ لڳي ويس، ان جاچ جوچ ڪندين ئي منھنجا تاڪ نڪري ويا. ٻاهر برابر باھہ ٻريل هئي. هن برابر قتل ڪيو هو. سندس گولي برابر پنھنجو ڪم ڪري چڪي هئي. هن خون ڪيو هو، سو بہ ڪنھن جھڙي تھڙي خصيص ماڻھوءَ جو نہ پر اسٽيٽ جي هڪ اعليٰ عملدار جو. پنھنجي ڪاليج جھڙي وسيع ۽ وڏي اداري جي ڪرتا ڌرتا وڏي سربراھہ پرنسپال ڊاڪٽر ڪاروانيءَ جو!
هن پنھنجي شاهي آفيس ۾ ويٺل ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر ڪاروانيءَ جي سيني ۾ ٻٽيھي بور جي ريوالور جون چار گوليون ٻِسٽُ ٽپائي کيس اُڦٽ ماري، پنجين گولي کيس سوگهو جهلائيندڙ، رڙيون دهمان مچائيندڙ پٽيوالي جي ٻانھن ۾ ٽُنبي ڏني هئي. ڇھين ۽ آخري گوليءَ جو فائر آفيس ٻاهران پنھنجي فتحمنديءَ جي نشان طور ڪيو هو. جنھن فائر ڪرڻ کان پوءِ موٽرسائيڪل پڪڙي تيز رفتاريءَ سان ڀڄائي اچي مان وٽ پناھہ ورتي هئائين.
ان سندس قتل واري قدم وقتي طور مانکي بہ لھسائي، منجهائي، موڳو بنائي ڇڏيو هو. آنءُ خود سندس جيان ئي گهر ۾ واڙجي، قيد ٿي ڪجهہ وقت لاءِ ڪتي ٻلي کان قابو ويٺو رهيس. ان ويٺي ويٺي ئي عجب کائيندي سوال ڪيو هئم، ”ڊاڪٽر تو هي ڇا ڪيو!؟ ڪنھن توکي ان پٽي تي لاٿو؟ ڪنھن توکي اها چرچ ڏني؟ ڪنھن توکي اُڪسايو اهو ڦاهو ڦڪڻ تي!!؟“
مان ڏٺو ان وقت هن جو ڪنڌ هيٺ هو، شايد ڪجهہ سوچي رهيو هو. پر سندس چھرو سنجيدو، بلڪل ڳڻتيءَ کان پالھو هو. هن پرسڪون لھجي ۾ چيو هو، ”بس ايئن مان پاڻ ڪيو.“
”تو پاڻ ڪيو!؟“ آنءُ انتھائي حيرت وچان سندس چھرو تڪيندو رهجي ويس.
”ها مان پاڻ ڪيو، ان سڀ جو ذميوار مان پاڻ ئي آهيان. اهو سڀ ڪجهہ مان پاڻ ئي ڪيو.“
سندس اهڙي جواب تي مان اڃا بہ وڌيڪ سوچڻ لڳو هئس. ان وقت منھنجي سوچ اهائي هئي، اهو ڪم اڪيلي جو نہ آهي. خون بہ اداري جي اعليٰ سربراھہ جو!؟ ڪنھن ٻئي کيس اُڪسايو هجي يا ٻيھر ڪنھن ترقي پسند گروھہ ۾ شامل ٿيو هجي؟ پوءِ ڪجهہ کنن جي خاموشيءَ کي ٽوڙيندي سوال ڪيو هئم، ”ڀلا وري ڪنھن ترقي پسند پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويو آهين ڇا!؟
”نہ بلڪل نہ“
”نہ....! تہ تو هي سڀ ڪجهہ پنھنجي سِرِ اڪيلي سِرِ ڪيو آهي؟“
”بلڪل......“
ان وقت مان ڏٺو هو منھنجي حيرت کائڻ يا رڙيون ڪندي سوال پڇڻ جو هن تي ڪو بہ اثر نہ ٿيو هو. هن ساڳئي ئي پُر سڪون آواز ۾ جواب ڏنو هو. مان کي ان سندس ارڏائيءَ تي مٿس چِڙَ آئي هئي تہ سندس اهڙي دليريءَ تي سرهائي بہ ٿي هئي. منھنجو پچڻ، خامڻ بہ تہ اجايو جو نہ هو، مان بہ تہ حق تي هئس. ان قتل جي ڪيس ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح مان بہ تہ انوال هئس. ان پنھنجي انوالمينٽ سبب ئي بي قرارو ٿيندي پڇيو هئم، ”ڊاڪٽر..... تو هي ڇا ڪيو، توکي ائين ڪرڻ نہ گهربو هو. تو پنھنجو مستقبل تباھہ ڪيو، تو پنھنجو آئيندو برباد ڪيو. آخري سال ۾، آخري امتحان ۾....... تو پاڻ کي برباد ڪيو، تو پاڻ کي تباھہ ڪيو. ۽ ڇا ان سڀ جي نتيجي کان واقف آهين؟ جيڪو ڪجهہ تو ڪيو آهي، تنھن جي نفعي نقصان جي ڇا ڄاڻ اٿئي؟“
”ڊيڄارين ٿو؟“ ٽپ ڏئي اٿيو هو، ”ڌمڪائين ٿو، پڪڙائيندين؟ ٻڌرائيندين؟ پناھہ ڏيڻ کان ڪيٻائين ٿو؟ ڪيٻائين ٿو، هتان نڪري وڃان؟“
”اهو تہ مان ڪو نہ چيو.“ آنءُ پنھنجو خوف لڪائيندي نرم لھجي ۾ چيو هو.
”تڏي تو آخر ڇا چيو؟“ هن سڌو ٿي مون طرف نگاھہ ڪندي اکين ۾ اکيون اٽڪائيندي چيو هو، ”ٺيڪ آهي، مان ڪيو آهي، مان ئي ان سڀ جو ذميوار آهيان، مان ئي ان سڀ کي فيس ڪندس، تون ايترو ماندو، ماندو ڇو ٿو ٿين، تون ايترو وهلُور ڇو ٿو وڃين؟...... ترس، ترس، هٿ ڏيندس، پيش پوندس، پھريان سوچڻ ڏي، ڪامريڊ پھريان سوچڻ ڏي.“
”تہ ڇا تو ان سڀ کان پھريان ڪو نہ سوچيو، ڪجهہ ڪو نہ سوچيو هو تہ تون ڪھڙي بلا جي وات ۾ ٿو مٿو ڏين!؟ قيد، بند، سوڙھہ، سختيون، اڪيلايون، تنھايون، ذهني ٽارچر، جسماني ايذاءَ، بجليءَ جون شاڪون، آڱرين تان نَنھن ڪورڻ، سگريٽن جا ڏنڀ، مٿان سوين مڻ بار رکڻ، اونڌي منھن لڙڪائڻ، پاڻيِءَ ۾ غوتا ڏيارڻ جون وارڌاتون، مُنھن تي گونھن جا توٻرا، مُٽَ جا گلاس پيئارڻ، جسم ۾ سنھڙين سوئين ۽ تکين تيز ٽاچنن جو چڀڻ، آخر ۾ اڪيلي سوڙهي کوليءَ ۾ واڙجي پنھنجي ڦاهيءَ جي انتظار ۾ سڄيون سڄيون راتيون ننڊاکڻن نيڻن سان اوڪڙو ويھي گذارڻ.“
”پر مان ڪوڙ ئي ڇو ڳالھائيندس، مان تہ سڀ ڪجهہ پنھنجي سِرَ تي وهائي ڏيندس. مان خون ڪيو آهي، بلڪل ڪيو آهي.“
”۽ جي ڪيو آهي تہ ڇو ڪيو آهي؟ ان وقت تو وٽ ڪھڙو جواب هوندو؟“
”ها......“ هن نھايت ڌيرج سان وراڻيو هو. مان ڏٺو هاڻي هن ڇتڪتائيءَ واري ڪيفيت مان نڪري پنھنجو پاڻ کي ٻيھر ڪرسيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو هو.
”ها مان وٽ جواب آهي، ان سڀ جو جواب هوندو.“ هن وڌيڪ سانتيڪو ٿي ويھندي چيو هو، ”ان سڀ ٻڌائڻ کان اڳ ۾ مان هڪڙو سوال ڪيان؟ ڪامريڊ تون برو نہ ڀانئجانءِ آءُ هڪڙو سوال ڪيان؟ ڇا، اسان سڄي عمر ڳالھيون ئي نہ ڪيون آهن!؟ ان سوين هزارين ڳالھين جو حل ٽيبل ٽاڪ ذريعي ڪيل ڳالھين سان ئي نہ ٻڌائيندا رهيا آهيون!؟ معاف ڪجانءِ مان غلط ئي سھي پر اهو تہ ٻڌاءِ ان ڇڙين سکڻين ڳالھين، ڊاڙن ڊڇن، ڪوڙن ڏس پتن ڏيڻ، ٻئي کي کوھہ ۾ اڇلائڻ، کاهيءَ ۾ ڪيرائڻ جھڙن نيچ ڪمن کان سواءِ آخر اسان ڪھڙو عملي ۽ اوچ ڪم ڪيو آهي!؟ ڪھڙي جنگ کٽي، مورچو فتح ڪيو آهي؟...... تون چئہ، ڪامريڊ تون ئي چئہ، تون ڳالھين جو ڳھير نہ رهيو آهين؟“ مان ڏٺو ان وقت اچانڪ هن جي آواز ۾ سختي اچي وئي هئي. لڳو هو سندس وجود ۾ ڪو ٻيو ڪاوڙيل روح واسو ڪري ويو هجي.
”اها ڳالھہ اسان کي تسليم ڪرڻي ئي پوندي تہ اسان ڳالھين جا ڳھير، ڊاڙن ڊڇن جا بادشاھہ رهيا آهيون، پنھنجن جا مارا، ڌارين جا دلال ٿي رهيا آهيون. مڃ، مڃ توکي مڃڻو ئي پوندو. ڪامريڊ توکي مڃڻو ئي پوندو تہ چوري چغلي، ٻيائي، ٻچاپڙائي، هڪ ٻئي جي رت سان رانديون. اهي سڀ ڳالھيون اسان جي جسم ۾ واسو ڪري ويون آهن. اسان جي طبيعت ۾ سمائجي ويون آهن. تون مڃ نہ مڃ پر اهو سچ آهي. ڪامريڊ اهو سچ آهي، اسان ايڪسپلائيٽر رهيا آهيون. اسان اپرچونسٽ رهيا آهيون. اسان اپاهج، لولا لنگڙا ٿي چڪا آهيون. اسان جي ذهنن تي زنگ چڙهي چڪو آهي، اسان جا ايمان لڙهي ويا آهن. اسان ڪتي جيان لُور لُور ڪندي ٻئي جي اوٻاريل گرھہ تي گذارو ڪرڻ جا عادي ٿي چڪا آهيون. تون مڃ نہ مڃ پر اهو سچ آهي، اهو سچ آهي....... ۽ ان لاءِ تو وٽ جواب ڪھڙو آ، هي جيڪو گذريل چاليھہ سالن کان لڳاتار قوم جو استحصال پيو ٿئي، فرد، فرد، سڄي قوم سان ڪھر ڪَلُور، ظلم زيادتيون پيون ٿين، ان جو انت ڪڏهن ايندو؟ ان سڀ کان ڪڏهن نجات ملندي؟ آهي تو وٽ جواب ان سڀ جو، آهي ڪنھن وٽ جواب؟........“
انتھائي رڙ ڪندي ڀاري آواز ۾ چيو هئائين، ”مان ٿو چوان ڪونھي، بلڪل ڪونھي، ڪنھن وٽ ڪونھي، ڪنھن وٽ بہ ڪونھي، سواءِ سکڻيون ڳالھيون ڪرڻ جي، سواءِ لفاظي ڪرڻ جي، لفظن جي راند کيڏڻ جي...... حساب ڪر، حساب ڪر تو ڇا ڪيو آهي؟ مان ڇا ڪيو آهي؟ سياستدانن ڇا ڪيو آهي؟ شاگردن، دانشورن ڇا ڪيو آهي؟ سنڌي وڏيري کان سنڌي بيوروڪريٽ تائين ڇا ڪيو آهي؟ ٻڌاءِ، ٻڌاءِ، ٻڌاءِ نہ آخر چپ ڇو آهين؟ ڇو چَپَ سبجي ويا ٿي، ڪھڙو ڪکُ سنگهي ويو ٿي!؟ سڀ ڪوڙ آهي، ڪامريڊ سڀ ڪوڙ آهي. هر هڪ پنھنجي ذات، پنھنجي نفعي تڳائڻ پٺيان، هر هڪ واھہ گرو واھہ مالڪ جا ورد دهرائڻ پٺيان. ننڍي کي ننڍي، وڏي کي وڏي رشوت ڏيو. رشوت ڏيو اوهان کي خون معاف آهي. رشوت ڏيو، سندس وات گُنديءَ جي ليڙي جيان لِنبجي ويندو، اصل پورجي ويندو...... ڪامريڊ نہ کول، مانکي نہ کول، نہ کول مانکي. منھنجو اندر رڌو پيو ٿي. منھنجو اندر...... مان ٿو چوان نہ چور مانکي، نہ چور...... بس، اسان جو واهي ﷲ آهي، اسان جو ٻيڙو سِير تي آهي. کوڙيءَ کي ئي گهمرو، سڄي کوڙيءَ کي ئي گهمرو. هر هڪ کي پنھنجي هٽي، هر ڪنھن کي پنھنجو هوڪو، هر هڪ کي حاڪم ٿيڻ جي حوس. اسان جا سياستدان سدائين وزارت جا طلبگار، هڪ ٻئي جي تري ڪڍڻ پٺيان. ڪنھن وڏي ڪرسي، وڏي مسندَ، پنھنجي اڳيان پٺيان ننڍو وڏو جهنڊو لڙڪائي هلڻ جا عادي. عام ڪارڪن جي ڳالھہ ئي ڇا، خوشامند جا کودڙا پڇُ سٽاڪ ٻٽاڪ، ويچارا سدائين ڪنھن چڱي چوکي مانيءَ جي ڪڍ....... پڙهيل ڳڙهيل؟ پڙهيل ڳڙهيل شاگرد طبقو ڪجهہ پنھنجي اَلَ مستائن جو شڪار تہ ڪجهہ سياست جا مھرا ٿي ڪتب ايندڙ وڏي واڪ نعرا، ٽيبل ٽاڪ، جوشيلا، ڀڙڪيلا. ڳالھين جا ڳھير، ڊگري ورتي کان پوءِ ڪاڳر جو ٽڪرو ڳچيءَ ۾ وتن وڏن ماڻھن جون چائنٺيون چٽيندا، سنھي ٿلھي، مُڏي سُڏي لوهي يا ڪاٺوڙي پر هجي ڦيريدار ڪرسي ۽ اها ڪرسي، جيڪا راتو رات سندن ڪايا پلٽي کڳيءَ مان يقين شاھہ بڻائي ڇڏيندي آهي. تڏهن نہ رهندا آهن وٽن وڏا تيز تکا نعرا نہ رهنديون آهن پياريون مٺڙيون ڳالھيون، نہ رهنديون آهن ڇتيون جوشيليون تقريرون ۽ نہ ئي اڳلا پراڻا ترقي پسند انقلابي نظريا. هو انھن مڙني چٺن کي پنھنجي ئي هٿن سان تيلي لڳائي ساڙي ٻاري، اڳلين توڙي پوئين کي منع ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙن نانگن کي هٿ لائڻ کان........ ڳولھي ڏيکار، ڳڻي ٻُڌاءِ. ڪالھہ جيڪي وڏا جوشيلا نعرا هڻي پنھنجي سورهيائي ۽ سرويچيءَ جا ثبوت ڏيندا هئا! جذباتي تقريرون ڪري هاري، مزدور، ٻني ٻاري ۽ ديس جي ترقيءَ جي ڳالھہ ڪندا هئا. آهي ڪو اهڙو جنھن کي سرڪاري سروس ۾ گهڙڻ کان پوءِ بہ اهي پھريان پراڻا سبق ياد هجن؟..... ۽ اديب، دانشور؟ تہ جي تہ نيڪي ڇا ڪجي، اسان جا اديب، دانشور لولا لنگڙا، اپاهج. ڳالھيون سنديون ڳالھيون ٽڪي سنڌا موٺَ. ڏئي تہ ڏس ڪنھن هڪڙي کي ڪا چڱي خاصي سرڪاري نوڪري آڇي تہ ڏس ڪنھن هڪڙي کي ڪا اڇي ڪاري پڳ. اڄ جيڪي ڪجهہ چڱين ڪرسين تي ويٺل ڏسين ٿو وسري ويا ٿي تن کان پھريان سبق. ها، ڪامريڊ وسري ويا ٿي تن کان اڳيان ٽوٽل آدرش. هنن ويچارن مان ڪن پنھنجا قلم ڀڃي تہ ڪن اڳلا اهي پڌرناما ئي ساڙي ڇڏيا جيڪي ڪنھن ٻئي معصوم جي آزادي ۽ نرواڻ لاءِ لکيا ويا هئا. ڪن تہ مورڳو پنھنجي لکڻين تان ئي هٿ کڻي ڇڏيا تہ ٻين ڪيترن وري ڇپيل مواد جون تاريخون بدلائي وَرِنَ ڦيرائي ڇڏيا. ۽ باقي؟ باقي جيڪي هلڪيون ٽاڏيون ٿا ڏين سي بہ سڙھہ ڍڳا ٿي، صفا سڙھہ ڍڳا، متان ڀلجي بہ ڪنھن هڪ تي شرط هنئين ٿي، متان ڀلجي بہ ڪنھن هڪ کي ميدان ۾ لاٿو ٿي....... پوءِ مان شاگردن جي اڻ ڳڻين ٽولن ۾ رهيس. پوءِ مان سياست جو مھرو بڻيس. مان ڪيترن ئي نام ڪٺين ترقي پسند پارٽين جي انڊرگرائونڊ سيلن ۾ رهيس. ڪنھن وڏي ڪارج ديس جي ڪا وڏي سيوا ڪرڻ خاطر، پر مان ڏٺو، ڪامريڊ مان ڏٺو جت ڪٿ ڳالھيون هيون، کيرو ڪرڻ واريون ڳالھيون، دل لڀائيندڙ ڳالھيون، چلڪيدار نعرا هئا. تکا تيز نعرا هئا. ڀڃ ڊاھہ جا وڏا وڏا افسانا هئا. گدڙ وانگر کائڻ جا ڏند هڪڙا تہ ڏيکارڻ وارا ٻيا هئا. ڪٿي شير ٿي اوڍي رڍ واري کَلَ تہ ڪٿي رِڍَ ٿي اوڙهي شينھن واري کَلَ. هرجاءِ مٿا ٽيڪي، سڀئي درگاهون ڀيٽي آءُ واپس ٿيس ۽ ڦري پنھنجي ماڳ آيس....... مان ڏٺو، مان ڏسندو هوس هرڪو اوندھہ، ھھڙي اوندھہ ۽ بليڪ آئوٽ ۾ گذارڻ جو عادي ٿي چڪو هو. هرجاءِ ناحق ۽ انڌير هو. خود پنھنجي قريب، آءُ پنھنجي قريب ڏٺو. آءُ پڻ اهڙي گهيري منجهہ اچي چڪو هوس. مان پاڻ ٻين جي گلا غيبت تي ڌت هڻي ستو رهيس....... مان جڏي جڏي اکيون پٽيون، مان جڏي جڏي پنھنجي اندر ۾ ليئو پاتو، جهاتي پاتي، تڏي تڏي سوين هزارين نفرتن جي ٽانڊن جي ڄَرَ محسوس ڪيم. خود پنھنجي وجود کان نفرت ڪرڻ لڳس..... مان ڏٺو هو، اسان جي ڪاليج جو سربراھہ ڏاڍي ٻيائيءَ کان ڪم وٺي رهيو هو. هو ڪنھن زبردست مصنوبي تحت اسٽيٽ جو ڪارندو ٿي ڪم ڪري رهيو هو. اسان جي طاقت کي ڪنھن سيھوني ذهنيت پٺيان نيست نابود ڪري رهيو هو. هن پنھنجن کي ورسائي اسان سان اڇوتن وارو سلوڪ روا رکيو. بي گناھہ اٻوجهہ شاگردن، حق سچ چوڻ وارن کي ريسٽيڪيٽ ڪرائي ايگزيم ۾ وڏا خاصا نقصان رسائي رهيو هو. جهلائي تہ ڪن کان پيپر مسِ ڪرائي وڏين ڌانڌلين رستي ذهين شاگردن کي پٺتي ڪرائڻ ۾ رُڌل رهيو. ڪنھن بہ هُل هنگامي ايجيٽيشن کان اڳ اسان کي جهلائي پوليس، ملٽري هٿان وڏيون ۽ نفرت جوڳيون تعديون ڪرائڻ ۾ رُڌل رهيو. هن جو بلڪل ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ رهيو. سندس اهڙي بڇڙي سلوڪ، خراب هلت کي ڏسي آءُ وڌيڪ سوچڻ تي مجبور ٿيس، مان وڌيڪ سوچڻ شروع ڪيو هو. آخر ڪيسيتائين هي انياءُ رهندو؟ آخر ڪيسيتائين هي انڌير رهندو؟ ان انياءَ ۽ انڌير خلاف مان آواز اٿاريو، مان پنھنجو پاڻ کي اڳتي آندو، آءُ پنھنجي ساٿين، سڄاڻ يارن کان سوال ڪيو، هي ٻاهرين ڀرتي! هي ٻاهريان لُولين لنگڙين ڊگرين وارن جي يلغار؟ هي روزگار جي بھاني سيھوني سازش؟ هي سٺيون، ڀليون زمينون؟ هي وڏا وڏا ڪارخانا؟ هي نوڪريون گذر جي وسيلن تي دينا داستي ڌاڙا؟ انھن سڀني تي ڪنھن جو حق آهي؟ ڪنھن جو حق آهي؟ ڇا اهو چرخو ايئن ئي هلندو!؟ ڇا ان سڀ جو ڪڏهن انت ٿيندو!؟ ان سڀ کان ڪڏهن ڇوٽڪارو ملندو؟ اهڙن سوالن جو جواب ڪنھن وٽ ڪونھي. ڪامريڊ ڪنھن وٽ ڪو نہ هو سواءِ سکڻين ڳالھين ڪرڻ جي. لفظن جي بازي کيڏڻ ۽ وقت جو اوسيئڙو ڪرائڻ جي. وقت جو انتظار ڪرڻ جي. وقت، اهو وقت، جيڪو سندن سوچ مطابق شايد ڪڏهن نہ اچي. وقت، اهو وقت جنھن ۾ ساري قوم سجاڳ ٿيندي ۽ ڪامريڊ، هنن کي ٻڌاءِ، هنن کي ٻڌاءِ اهڙي سجاڳي ڪنھن بہ قوم جي ٽوٽل آباديءَ ۾، ڪنھن بہ زمين جي ٽڪري تي هڪ ئي وقت اچڻ مھال آهي. قومن کي آزاديءَ جي راهن تي وٺي هلڻ ۾ چند اڪابر ئي ڪم ڪندا آهن. اڳواڻ دستائي مدد ڪندا آهن. انقلابي دستائي سھارو بڻبا آهن. ۽ اهڙا دستا گذريل اڌ صديءَ جي ڳالھين ڪرڻ کان پوءِ بہ سگهارا ٿي نہ سگهيا آهن. وقت جو انتظار، وقت جو اوسيئڙو ڪرائڻ جا راڳ پيا آلاپن. جيڪي عام ماڻھوءَ آڏو تہ آزاديءَ ۽ انقلاب جون وڏيون وڏيون اوڳرايون، وڏيون وڏيون ٽاڏيون ڏيندا پيا وتن پر هوندي اٿن پنھنجن دستن منجهہ بي حد مايوسي ۽ بد حواسي. اهو ئي سبب سندن ٻيڙيءَ وارو پوُر ڪڏهن بہ پورو ٿيڻو ناهي. ڪڏهن بہ پورو نہ ٿيندو!!... ۽ پوءِ اهي پور پچائيندي، اهي سوال دهرائيندي ڪافي ڏينھن جي وِلوڙَ کان پوءِ آءُ پنھنجو پاڻ کان ئي سوال ڪيو هو. آءُ سوال ڪيو هو، ڇا انفرادي غيرت بہ هوندي آهي!؟ انفرادي غيرت کي نہ ٿو ڪم آڻي سگهجي؟ ڇا، جنھن، جتي ڏٺو، جنھن جتي سوچيو، سو اتي مورچو قائم نہ ٿو ڪري سگهي؟ گڏيل عمل تي پھچڻ کان اڳ، ساري قوم کي ايڪشن ۾ آڻڻ جون ڳالھيون ڪندي ڪندي زور زبردستي، انڌير، انياءَ سان ٽڪر کائجي يا وقت جي اوسيئڙي، وقت جي انتظار ۾ عمر گنوائجي؟ سچ حق جي ڳالھہ ڪرڻ، هوڪو ڏيڻ، سچ حق جي جنگ لڙڻ لاءِ ڇا هر هڪ جو هم خيال هجڻ ضروري آهي؟ ۽ ان ضرورت کي محسوس ڪندي ئي مان پنھنجو پاڻ کي ڏاڍ سان اٽڪائڻ لاءِ تيار ڪيو. انڌيري، انياءَ کي روڪڻ لاءِ ئي مان کي اهو سڀ ڪجهہ ڪرڻو پيو جيڪو ممڪن آهي اوهان آڏو ڪو سٺو عمل نہ بہ هجي، پر منھنجي آڏو اعليٰ آهي، افضل آهي، درست آهي، صحيح آهي. تون مڃ نہ مڃ پر ڪامريڊ اهوئي سچ آهي، اهوئي سچ آهي......“

مون منُ موهيو

وزيران بيشڪ پنھنجو وقت کائي وئي آهي. عمر چوڙي، وهي ماڻي وئي آهي. پر اڄ بہ جڏهن سينڌ سُرمو ڪري، تيل ڦليل ڪري، فيسن مطابق ئي نہ سھي پر اڇا اُجرا ڪپڙا پھري وات کي مُساڳ هڻي وارن کي ڪلر ڪري گهٽيءَ مان گذرندي آهي تہ ڀلِ ڀليرن جا قدم رڪجي، پيرن ۾ زنجير پئجي ويندا آهن. نوجوان سندس جوڀن کي ساري تحسين جوڳين نظرن سان نھاريندا آهن. ۽ ڪرڙ وڍَن کان ڪُراڙن تائين اڄ بہ سندس راهن ۾ اکيون وڇائڻ ٻہ لفظ ڳالھائڻ لاءِ جهاتيون پيا پائيندا آهن. ڪي سندس ڳالھين مان چَس وٺڻ لڳندا آهن تہ ڪي بانبڙا ٿي ڀڄندا آهن.
ويران انتھائي چُست چالاڪ، ڳالھين جي ڳھير، عشق، محبت جي داستان ڇڙئي کان پوءِ پھرن جا پھر پرينءَ ۽ پيار جا احوال، عشق، محبت جي متوالي، پريم سواءِ ڪنھن ڳالھہ ۾ دلچسپي ڪانہ، البتہ ذوالفقار علي ڀُٽي جو ذڪر نڪتو تہ سندس منُ ڀِڄي پوندو،اندر اڌُ ٿي ويندو، اوڇنگارون ڏئي روئي ڏيندي، ٿڌا ساھہ، وڏا شوڪارا ڀريندي، ڀُٽي خاندان سان حد درجي جو عشق، ريڊئي تي يا واتين وڻين ڀُٽي خاندان جي ڪا خبر آئي ناهي، هن جي ڪنِ پئي ناهي ۽ وٺي واڪا ڪري ورَ وَرَ ڪري ٻڌائيندي، اوڙي پاڙي جي عورتن، پڙهيل ڳڙهيل جوانڙين يا دڳ سيرِ لنگهندڙن کان پڇائيندي جي خبر خير جي هوندي پوءِ تہ خير پر جي ڳڻتيءَ جوڳي ، دُکَ ڀري پوءِ تہ پريشانيءَ مان پھرن جي پھر پيٽُ خالي، ڳڀو نہ کائيندي، پئي لنگهڻِ گذريندي، ڀُٽي جي سوريءَ چڙهئي ڏينھن تہ جنسي ماتم ڪيائين ماتم! نہ کاڌو نہ پيتو، نہ ٽڪر نہ ڳڀو، ڪيترائي ويلا لنگهڻُ ڪاٽيائين، ٻين لکين سنڌين جي گهرن ۾ وساڻيل چلھن جيان سندس گهر جي بہ چُلھہ وساڻيل، باھہ اُجهاڻيل! حالانڪہ ڀُٽي کيس ڪو هانباريءَ نہ چاڙهيو هو، نہ ڪا پرمينٽ، نہ ڪا زمين زڙي ۽ نہ ئي وري ڪو انعام اڪرام. پر پوءِ بہ سنڌي هجڻ ناتي، ڳوٺائي هجڻ جي رشتي سندس لاءِ دل ۾ زبردست درد سمايل رهيو. ان درد ۽ پيڙا سبب ڪيترا ڏينھن پٿر ڪيائين، پَٽَ تي وڇايل کجيءَ جي خالي تڏي تي ڪيئي راتيون سمھي گذاريائين، نہ کير پيتائين ۽ نہ ئي اکين ۾ سُرمو پاتائين. پنھنجي پرين پياري، مائٽ، قريب جيان ختما دڙا ڏياريائين، هر سال ٻارهي تي ۽ ماھہ پھرين سومر تي قبر تي حاضري ڏيندي گلن جون چادرون چاڙهيائين.
ٻيو آهي سندس لاءِ ڳائڻي جلال جو آواز.....! هونءَ تہ سڀ راڳ جي مشتاق پر جلال جي نئين ڪيسيٽ مارڪيٽ ۾ آئي ناهي، جلال جو ڪو نئون ڪلام ٻڌو نٿائين پوءِ ننڊ ڦٽي ويندس، آرام حرام ٿي ويندس، جي هَڙَ ۾ پئسو ڪونہ هوندس تہ اڌارو وٺي قرض کڻي بہ اها ڪيسيٽ گهرائيندي. ڏينھن ۾ ڏھہ ڏھہ ڀيرا پئي جلال کي ٻڌندي، خاص خاص ۽ پنھنجي پسند جا ڪلام وَر وَر ڪري واتين وِڻين پئي ٻين کي ٻڌائيندي، هر هر پئي دهرائيندي. جلال جو آواز ٻڌي ڪُنيءَ ۾ لوڻ وجهڻ بہ وسري ويندس!
”توسان ڇتڙن جي ڪا ياري اٿم، سڄي دنيا کان وڌ سا پياري اٿم.“
”ٿو ڦران محبوب مان مجبور تنھنجي ملڪ ۾، دل ڦرڻ جو نئون ڏٺم دستور تنھنجي ملڪ ۾.“
”کُلندا بازار حُسن ديدار جا، مولا ڪندو ميلو ٿيندو، ايندا ڏينھن پيار جا.“
”منھنجي دل اوهان سان الائي ڇو اڙي آ، قابو قرب جي ڪڙي ۾ ڪڙي آ“
”غم دنيا ۾ ٻيا گهڻا پر عشق جو غم ٻي طرح.“
۽ اهڙا ٻيا ڪاترائي ڪلام تہ کيس برزبان ياد. سندس اهڙي اُڪير کي ڏسي ڪيترن ساڙيلن، نہ سھو ماڻھن تہ پنھنجي منھن فتوائون بہ ڏئي ڇڏيون. سندس لاءِ ريمارڪ بہ پاس ڪري ڇڏيا
”جلال جلال پئي ڪري.“
”جلال سان نينھن لڳي ويو ٿيسِ.“
”ڏاڍي ڪا جلال جي پياسي آ.“
”وسُ نہ ٿو پُڄيس نہ تہ انور کي ڇڏي، ڀڄي وڃي جلال سان پرڻجي.“
جلال سان سندس پرڻي جا قصا بہ مشھور ٿي ويا. هڪ لڱان پُٽن جي زيادتين کان تنگ ٿي ننڍڙي نياڻي ساڻ ڪري اوچتو گهر کان نڪتي هئي. هوءَ وئي تہ شڪارپور پنھنجي ماساتن جي گهر هئي پر سندس ايئن اوچتي غائب ٿيڻ تان عام ماڻھن ۾ مشھور ٿي ويو هو.
”وزيران جي عشق هڻي هنڌ ڪيو!“
”راتو ڏينھن جلال ٻُڌي ٻڌي کڻي ٻُٽ ڏنائين.“
”نيٺ نہ مڙي وڃي جلال جا وڻ وسايائين.“
”وڃي نڪتي جلال جي ملڪ تي. پر ادا لڳي جو ويس، لڳيءَ کي لک لعنت آ.“
جلال جي ملڪ تي سچ بہ وئي هئي پر ان کي بہ ڪو وقت ٿيندو. ان کي بہ ڪو زمانو گذرندو. هيءَ ان زماني جي ڳالھہ آ، جڏهن سندس مرحيات مڙس جيئرو هو. انور زندھہ هو. هوءَ وئي تہ مڙس سان گڏ لطيف جي ميلي تي هئي پر پوءِ مڙسنھس جي مرضي ٿي يا سندس اُڪير هئي، جنھن سبب ميلي جي موٽ تي موري کان ٿيندا دادوءَ واري درياءَ تي اڏايل ٻيڙين واري پُل اُڪرڻي پئي هُين. پُل اُڪرندي ئي چئو پچئو ٿي وئي هئي، ”جلال، جلال.....!“ جلال جي موجودگيءَ جو ٻُڌي سندس جسم جا وار ڪانڊارجي، لونءَ لونءَ کڙي ٿي وئي هئي. سندس اندر اُڇلجي پيو هو. مڙس جي موجودگيءَ جو خوف خيال بہ نہ ڪندي اُڇاترن جيان ان طرف تڪڻ لڳي هئي، جنھن طرف ٻيا ماڻھو ڏسي رهيا هئا ۽ جيڏانھن جلال بيٺل هو. ٻي ڀر پھچندي بي خوف خطر مڙس جو لحاظ ڪئي بنا جوش جذبات جا وهڪرا پار اُڪرندي ڊوڙي اچي جلال کي پُڳي هئي. سندس قريب ايندي لڄ لاهي وڏي وات چيو هئائينس، ”جلال جي بُرو نہ ڀائين تہ مان ڪنھن ماءُ، ڀيڻ ناتي توسان ڀاڪر پائي توکي آسيس ڏيان.“
هيڏن ماڻھن هوندي، ظاهر ظھور درياھہ جي پتڻ تي هڪڙي ڏسڻي وائسڻي پنھنجي گهر تڙَ واري، مڙس جي موجودگيءَ ۾ ڪا عورت ايئن سري عام ڀاڪر پائڻ جي طلب ڪري، تنھن جلال کي ڇرڪائي ڇڏيو. نہ رڳو غريب کي ڇرڪائي پر ان سان گڏ لڄائي شرمائي بہ. جنھن شرم جي ٽٻيءَ ۾ سندس غوتا کائيندي ئي هن ٻيھر پنھنجو سوال دهرايو هو.
”ٻچا جلال ڊڄ نہ، مان توکي آسيس ڏيڻ چاهيان ٿي؟“
جلال پوءِ پنھنجون جهڪيل نظرون کڻي هڪ ڀيرو غوتو کاڌو هو، هڪ ڀيرو ڏانھس نھاريو هو، تنھن بعد پنھنجي چوگرد ماڻھن جو گهيرو ڏسي ڦڪي مرڪ مرڪندي اڳتي نڪري آيو هو.
”آءُ امان، تون پنھنجو شوق پورو ڪر. جي تون ماءُ آهين تہ آءُ بہ تنھنجو پُٽ آهيان.“ ايئن چوندي هن ڪلھن تي اوڙهيل اجرڪ سندس مٿي تي رکيو هو. ۽ وزيران وڌي کيس سيني سان لائي نرڙ تي چمي ڏئي آسيس ڏني هئي.
”ٻچا سرئون سرِ هوندين، وڌندين، وسندين، الھہ ان راڳ ۾ برڪت وجهندئي، ڳلي ۾ مِٺاس ڀريندئي.“ ان وقت سندس مڙس جا ڇا تاثرات هئا؟ تنھن جي تہ مرحيات کي ئي ڪَلَ پر پاڻ پنھنجو چوڻ هئس، ”جڏهن نہ مان جلال جو ٻڌو ۽ کيس ڏٺو، تڏهن ڇا جو مڙس، ڇا جي خلق جي لڄ، ڇا جو عورتاڻو حجاب. بس ننگي ٿي نڪتس، پوءِ جي مڙس نہ ڪُٺو تہ مرُ جان ڪھي، هيڪر تہ من جي آس، تن جي تات پوري ٿئي. ڀاڪر پاتي اجرڪ اوڙهي کان پوءِ واپس ٿيندي مان ڏٺو ماڻھو منھنجي ڏاڍي مڃتا پيا ڪن پر مڙس مايوس، لڄي لڄي. اتي تہ هن ٻڙڪ ٻاهر نہ ڪڍي، صفا چپ سبي ڇڏيا پر پوءِ جڏهن دادوءَ لاريءَ واري اسٽان تي پھتاسين، تڏهن هلڪي اواز ۾، گهٻراهٽ وچان چيائين، رن اڄ تہ وڻ ئي وڄائي ڇڏيئي! مان تہ صفا ٻُڏڻ هارڪو ٿي ويس! پر چڱو جو رهجي آئي. چڱو جو پَتِ رکيئي، هي گهمرو معافي ٿي وري نہ اڳتي.......“ چيم، ”اڙي انور، سونَ کي ڪا ڪَسُ!؟ پنھنجي من ۾ خير، پوءِ ...... بس هڪڙي سا آس هئم. ٻيو هن عمر ۾ توکي ڇڏي ٻيو يار ڪندس يا جلال کي ڪي ننڍيون نيٽيون کُٽيون آهن جو مان کي وڃي ويھاريندو. مون مان ڪنھن قسم جو ڪو خوف خطرو ئي نہ ڪر، اهي وکَتَ ئي گذري ويا، هاڻي تہ مرڻ جيئڻ تو وسِ ميان.“
انور جو ڊپ بہ ڪو اجايو نہ هو. هن جو هراسجي وڃڻ بہ حق تي هو. هن کي خبر هئي سندس سورن جي ، سندس ٺينگ ٽپن جي، بيشڪ هوءَ اهڙو اُڏامڪ پکي هئي، جيڪو هزار دليلن سان بہ ڦاسڻ جو نہ هو. سوين جتن ڪرڻ ۽ مضبوط پڃرن ۾ واڙڻ جو ڪو نہ. هن اهڙن ڪيترن ئي پڃرن کي پُرزا پُرزا ڪري آزاد اُڏار جا جتن ڪيا. بس پنھنجو منُ ريجهي پويس پنھنجي دل قبول ڪريس.
هن جي جيڪا پھرين انور سان قبوليت ٿي هئي سا ڪنھن بہ طرح سندس پنھنجي طرفان ڪانہ هئي. اها قبوليت تہ زور زبردستيءَ جو نتيجو هئي. اڄ بہ جڏهن ڳالھہ نڪرندي تہ سربستو احوال ٻڌائڻ لڳندي، ”انور سان لکئي جو سڱ. هونءَ وري انور منھنجو ڪھڙو هڏُ رتُ. بس هڪ ڀيري چاچي گجوءَ سان لاڙڪاڻي ويس، تن ڏينھن ۾ موٽرون، لاريون تہ هيون ڪونہ، نہ ئي وري روڊ رستا. اها ريل گاڏي، سا بہ پنھنجي مُداءَ تي اچڻ واري، تنھنجو بہ نہ ڪو وکَتُ نہ ٽيم. پيڇڙيءَ جي وَکَتِ جڏهن اوکا پوکا لاهي ٻاهر ناڪي تي پھتاسين، تڏهن سواريءَ جي جاچ ۾ چاچي کي هن ڳوٺ جو ڪو واقفڪار ملي ويو. چاچي واقفڪار کي چيو، ”هلين بہ اَٿو تہ ادا اسان کي بہ واٽ تائين کنيون هلُ. هونءَ تہ مان پنڌ جو شينھن آهيان پر ٿي پئي آهي نياڻي نماڻي ساڻُ.“ گاڏِرُ بہ هو ڪو چڱو مڙس، تنھن هائوڪار ڪئي. پوءِ سامان سڙو کڻي مان تہ پلٿي ماري چڱي زال ٿي ويھي رهيس، گاڏي هلي. هلُ هلان، هلُ هلان نہ پنڌ کُٽي نہ جند ڇُٽي. هو غريب بہ ماري ماري ٿَڪُنِ پر ڏاند چون گٿو آن. سڙھہ ڏاند، تن واٽ تي ئي سج لاهي ڇڏيو. تڏهن چاچي چيو، ”ڌيءَ اڃان ٽي ڪوھہ پنڌ جا ڪرڻا آهن. سومھڻي تي هتڙي ئي ٿي وئي آ. تنھن کان هلي ٿا مائٽن وٽ رات رهون. سانگي سان آيا بہ آهيون. روز روز تہ ڪو نہ اچبو.“ مان چيو، ”چاچا سو تہ سٺو پر آويلو مھمان پٽائي پاڻ. هن مھل هلي غريبن تي هچا پئون......“ ۽ چاچي چيو، ”نہ، هو سٺا ماڻھو آهن، اصلي ڏاڍو خوش ٿيندا. جيءَ ۾ جايون ڏيندا. رات رهي ٿَڪُ ٻَڪُ ڀڃي، نيرن پاڻي ڪري، سيءُ واءُ لاهي پوءِ ڳوٺ رروانا ٿينداسين..“ ۽ پوءِ ساڳي ئي گاڏيءَ تي هن ڳوٺ آياسين. انور جَنِ وٽ رات رهياسين....... انور ان وقت سنھڙو، سوٽڙو، جھڙو عمر ۾ ڪچو، مان اڃان بہ کائنس عمر ۾ پڪي، کڙ ڳاٽي، ڳالھائڻ ۾ کڙي تڙي. سو رات رهياسين. اسان جي اچڻ تي هو ڏاڍا سَرها ٿيا. پاڻ تہ کائي پي ويٺا هئا، اسان لاءِ ٻيھر دانگي چاڙهيائون. ماني کائي، سڄي ڏينھن جي ٿَڪَ سبب مان تہ وڃي کٽ تي ڪريس. مان کي تہ ڪِرڻ سان ئي ننڊ کڻي وئي. پوءِ خبر ناهي ڪھڙي وکَت تائين چاچي سان ڪچھريون رهيون. چاچي سان هنن ڇا ڳالھايو، ڇا ٻولھايو تنھن جي مان کي ڪا ڪَلَ ڪانہ. صبح ٿيو، هنن اسان جي بلڪل سٺي خاطر تواضح ڪئي. تريل ٻٽالون، مکڻ ماکي، اهي ڪڪڙ جا آنا، ڏُڌَ جي دَکي. نيرن ڪَئي کان پوءِ مان سبڀري بيٺس تہ چاچي ريجهائي رهائي ڇڏيو. ”پُٽَ ترس، شام ڌارا هلنداسين.“ مان چيو، خير هوندس ڪا چنتا، مائٽ چنبڙيا پيا آهن. پر اها سُڌ پئي، جڏهن منجهند ڌارا اوچتو بابي اچي ٽڙڪو ڪيو. هيئن اوچتو بابي کي ڏسي مان هراسجي ويس. مان کي تہ موت جا پرون پئجي ويا پر بابي جي چپن تي مرڪ پَسي پاڻُ پختو ڪيم. ”ڪيئن بابا!؟“ بابي مرڪي چيو، ”بس ڌيءَ رات جو نہ آيئو تہ صبح توهان کي ڳولڻ نڪتس.“ کلي چيم، ”پوءِ ڳوليندا، ڳوليندا هِت اچي نڪتئو......!؟“ مٿي تي مِٺي ڏيندي چيائين، ”ها هت، پيرو جو هن ڳوٺ ۾ پيو.“ کلي چيم، ”پوءِ تہ اوهان کي پيرا ڀيٽوءَ جو ڪم ڪرڻ گهرجي. ڇڏي ڏيو ابي ڏاڏي واري ڪار شرناءِ وڄائڻ کي.“ مرڪي چيائين، ”بس، اڄ کان پوءِ پالھو ٿي ايئن ئي ڪندس.“
بابي ايئن ئي سمجهو تہ ان ساري معاملي جي مون کي سُڌ آهي، جيڪو ٿيڻ وارو آهي. جنھن لاءِ ماڻھو موڪلي کيس گهرايو ويو هو. پر پوءِ مان کي بي فڪرو ۽ هيئن کِلي ڳالھائيندو ڏسي مرڪي ٻئي پاسي وڌي ويو. شام ٿي پر مان کي ڪا سُڌِ ٻُڌِ ڪانہ. مان بي فلڪي. ايترو سو سمجهان پئي تہ بابي جو اچڻ ڪا معنيٰ، ڪا مامَ رکي ٿو. گهر ڌياڻين ۾ ڪا سُريس ڪا سُس پُس پئي هلي. اندران اندر، ڳجهہ ڳوھہ ۾ ڳالھہ کي پيون ڳوهينديون وتن، پر ٻاهر ٻِڙڪَ نہ ڪڍن. منھنجي آڏو ظاهر نہ ڪن........ ان وچ ۾ ڪي پاڙي اوڙي جون، ڪي ڪراڙيون ، ڪي جوانڙيون، ڪيتريون ئي مايون ملڻ جلڻ بہ آيون. جيڪي مان کي ڪنھن ڪاسائيءَ جيان ڏسڻ وائسڻ، تَڪِڻَ، تورڻ بہ لڳيون. مان چيو، مھمان جو مانُ آ، مھمان سان هرڪو پيو ملي. آئي جو آڌرڀاءُ آهي، نہ تہ ڪو ڪنھن کي....... ٿي سگهي ٿو منھنجي سونھن سوڀيا بابت پيون ڳالھائن. منھنجي جوانيءَ بابت پيا ويچار دهرائجن. پر سيٺ مان ڏٺو اهو سڄو ڏينھن سس تہ سس، نڻانون، اهي نڻانون نوس نوس ڪنديون وتن. آئي وئي جو آڌرڀاءُ، منھنجي سار سنڀال ۽ انور......؟ ويچارو انور اَلَ ڪانوَ وانگر وات ڦاڙيون هر هر مون ڏي نھاري. مشڪي، مرڪي. مان ڪڏهن ڪڏهن سندس اهڙي حرڪت تي دل ئي دل ۾ ڪڙهان ڪُرڪان. ڏاڍي بُڇان وٺي. پر وري چوان، پيو ڏسي، ڀل پيو پنھنجي دل خوش ڪري. شام تہ اوئين وينداسين. اسان وري ڪو....... ڀل پيو ڏسي، ڏسڻ ۾ ڇا، ڪھڙو منھنجو ڳچ ڳپل کائي ويندو. ڪھڙو مون کي چورائي ويندو...... منھنجي تہ مٿس اک نہ پئي ڦري. مان کي ڪھڙي ڪَلَ تہ مڙس هِرکِي پيو آهي. ماءُ کي وڌو اٿائين ڪو عشڪيل تہ ”وزيران پرڻايو.“
شام ٿي آءُ سنبرجڻ جي ڪئي پر بابي ۽ چاچي جي ڪا خبرچار ڪونہ. نہ اڳي نہ اوري. نيٺ سج لھڻ ٻُڏڻ وارو هو. مان ڀانيان ڪو ڪانو اڌ سج باقي هو، جو بابي جن ظاهر ٿيا. چاچو هٿين خالي ٻانھان لوڏيندو اچي ۽ بابي کي پٺيءَ پاران زيتونن ۽ ٻيرن جي بيڍڪ ٻڌل. بيزاريءَ سان چيم، ”واھہ ڙي بابا واھہ......! يڪو وئون ويندن جي ڪَڍَ. هي يڪو ٿا اچو. چئبو ٻي رات بہ ٻاهر پوي.“ بابي ڪجهہ ڪجهہ غتو کائيندي چيو، ”ها ڌيءَ، اڄ رات بہ پئجي وئي. مائٽ نہ ٿا ڇڏن.“
پوءِ رات جي ماني ڏاڍي ڪشادي، سٺي ۽ تڙ تڪڙ ۾ ٿي. مان پاڻ سسُ کي سانجڻ ڪرائي.کاڌي پيتي کان پالھا ٿي. اوکا پوکا لاهي، هڪ ڪنان ٿياسين تہ بابي پري وٺي سربستي ڳالھہ ٻُڌائي. ”اڄ رات تنھنجو نڪاح پوڻو آ. چاچنھن گجوءَ ڳالھہ پڪي ڪري ڇڏي آ. ترسيل هو رڳو منھنجي ڪري.“
”نڪاح.......!!؟“ مان کان رڙ نڪري وئي. بابي کڻي وات تي هٿ ڏنو. مان صفا پِڙُ ڪڍي بيٺس، ”اها ڪنھن جي ڳالھہ، مان ٿي نڪاح ڪيان. مان کي اها مِٽي ناهي منظور. مان کي اهو مڙس ناهي قبول.“ واتيري تہ هونءَ ئي هُيس سو...... بابو روئي پيو. هن ميڙيون منٿون ڪيون، ڏاڍو سمجهايو، ”ڌيءُ، سياڻي ٿيءُ. پرائو راڄ، پرائو ڳوٺ آهي. پراوا ماڻھو نہ کِلاءِ. منھنجي هن اڇي ڏاڙهيءَ ڏي ڏِسُ. منھنجي هن...... مان هي هٿ ٿو جوڙيانءِ...... مان هي....... چاچنھن کي جيڪا سمجهہ ۾ آئي آهي، اها پنھنجي لاءِ سٺي سمجهہ. هونءَ بہ نياڻو وياءُ ڪو ويھارڻ جو تہ ناهي.“ روئي چيم، ”منھنجي لاءِ ڳولي بہ انور لڌئي. انور منھنجو مَٽُ ٿيو. انور....... ڪو ماڻھو تہ ڏيو ها. ڪنھن چڱي جي لاري تہ لايو ها.“ هي، هي، روئي پيس، ماءُ تہ هئي ڪانہ. پاليو هو پيءُ مرحيائت، تنھن جي هُيس سڪيلڌي، دادلي، تنھن سان تہ سوين حُجتون اٿاريم. هو منھنجي چئي کي ٽاري بہ نہ ها، پر پوءِ جڏهن چاچي گجوءَ جو آواز گجيو، تنھن ڇَھہ ئي ڇِني رکيا. ايڏو تہ هن جي دڙڪي ۾ اثر هو جو....... هن جي آڏو مان تہ مان پر بابو بہ ڪُڇي ڪِين سگهندو هو. هن غصي ۾ ايندي چيو، ”ٺيڪ آهي، تون اسان جي اڇي ڏاڙهيءَ جو مانُ نہ ڪر. تون اسان کي مھڻي هاب ڪَرِ. تون اسان کي...... باقي جي صحيح سلامت ڳوٺ پُڳينءَ تہ منھنجي تُخمَ ۾ گهٽ آ. جي جيئرو ڇڏيومانءِ تہ منھنجو نالو ڦيرائي ڪُتي تي رکجانءِ. گهڻو ئي تو بي عزتو ڪيو آ، گهڻو ئي تو....... بس هل تہ ڪھاڙي هڻي پير سليمان واري گهاڙ ۾ ٿو لوڙهيانءِ.“ ۽ ايئن ئي منھنجو پلاند انور سان اٽڪي ويو. پوءِ ڇاجا مڱڻا، ڇا جا ونواھہ. ڄڻ ڪا رَنڙَ هجان!. ان رات ئي ٻہ ڀائر سڏائي، مُلان کي پنج روپيہ ڏئي، نڪاح وجهي، ٻہ ٽَڪَرَ هڻايا ويا.
ٻئي صبح تي مان ڪُنوار ٿي، ڪنڊڙيءَ ۾ ويٺي روئيندي رهيس. تنھن بعد ستاوڙي تي جو واپس ويس تہ انور بہ ساڻ هليو. ٻئي ڏينھن تي انور کي کڙو ڪري ڇڏيم. کيس پنڌ جي ٽڪيٽ وٺرايم. مان رهي پيس....... مان رهي پيس. انھن ئي ڏينھن ۾ پاڙي ۾ ڪن سڪ وارن جا پري جا ڪي مھمان ٽڪيل هئا. انھن ۾ ڪو هڪڙو چڱو، ڏسڻو وائسڻو مڙسالو بہ هو. بس مان هن کي ڏٺو، هن مان کي ڏٺو. اکيون اڙجي ويون. مان ٻيو زهر جو ڍُڪُ ڀرڻ لاءِ، سينکيو ڦڪڻ لاءِ تيار ٿي ويس ۽ پوءِ هڪ رات ساڻس ڀڄي نڪتس!.
هنن جو ڳوٺ خيرپور کان ڪوهين ڏور. اتي آيس تہ سھي پر توبھہ جي ڪُتِ مڇر. ڪچي جا ماڻھو، مسڪين مالوند. ڪجهہ آباد زمينون ۽ انھن زمينن ۾ ئي ٽي، پنج، ست گهرڙا اڏيل. فصل گهڻو ووئنڻ جو ٿئي ٻيو ڪلان پيران خير. کير کاءُ تہ نسوري ڪَڪِڙَنِ جي تيل جي بدبوءِ. ٻوڙ ڀاڄيءَ لاءِ وتُ سڪندو. مان جو نازن نخرن جي پالي، شھر جي رهواسي، سا ڪاٿي ٿي اهڙي ملڪ ۾ جالي سگهي. پاڻ کي پِٽَ پاراتا ۽ لک لعنتون تہ گهڻيون ئي هنيم پر هاڻي ڇا ٿيندو، هاڻي ڇا ڪبو. پنھنجي وڍيءَ جو دارون نڪو طبيب. پنھنجي ڪئي جو ڪِيتو يا انور جي پئي لوڙ لوڙيم. ڏس جو ڌڻيءَ جي قدرت، بابو اوچتو اچي نڪتو. بابي ڳولي اچي لڌو. روئي روئي ڇا، اصلي راھہ پاڻين جا. مان پاڻ بہ روئي پيس. پوڙهي پيءُ جو هينئن جهڄڻ جهرڻ ڏسي ڏاڍو پڇتايم. گهڻائي هٿ هنيم. پنھنجن ڪرمن کي پِٽِيُمِ ڪُٽيم....... بابي ٻڌايو، چاچو گجو مدي جي بخار سببان ڪجهہ ڏينھن اڳ گذاري ويو. اها ڳالھہ مان ڪنھن ٻئي واتان بہ ٻڌي هئي. چاچي جي مرڻ جو ٻڌي ڏک بہ ٿيو پر خوش بہ ڏاڍو ٿيس. ٺھيو رستو صاف ٿيو. اچڻ وڃڻ تہ ٿيندو. پيءُ سان ملڻ تہ ٿيندو. پيڪاڻي گهر جي بہ ڏاڍي اُڪير ٿي پئي. پنھنجو اڱڻ پَسڻ لاءِ گهڻي وقت کان اکيون واجهائن پيون. نيٺ مڙس کان پيڪاڻي گهر وڃڻ جي موڪل گهريم. هو پھريان تہ ٽُٻيءَ ۾ پئجي ويو پر پوءِ هائو ڪيائين. ”وزيران ٻيلي وڙُ ڪجانءِ، متان اڪيلو رڻ ۾ رلائي ڇڏين.“ مارئي جي ڏاڍي ڪا دل هئي. مان چيو، ”توکي ڇڏي ڀلا ڪاڏي ويندس. توسان ئي تہ دل لڳي جو هلي آيس. هاڻي وري.......“ هو راضي ٿيو. نيٺ واعدا اقرار ڪري، ريھي ريبي کيس مڃرائي ويس. هو پاڻ گڏ اچي ها پر فصل ڦڙي، هر ڦار جي مند هئي تڏهن....... ۽ مُڙي ڇا! پر مان چيو، جي تون بہ هلندين تہ پوءِ هي ڪم ڪار، هي فصل ڦڙو، ان تي تہ گذر آ، جي چار داڻا اَنَ جا ايندا تہ ....... ۽ پوءِ بہ ٻُرڙن واري پتڻ تائين ساڻ آيو. درياھہ اُڪارڻ پاڻ آيو. اسان موڪلائي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺاسين. ٻيڙي وچ سير ۾ آئي پر پوءِ بہ هو بيٺو نماڻين نيڻن نھاري. هٿ ٻڌي ٻئي پار کان چيائين، ”وزيران وڙُ ڪجانءِ، ٻيلي واپس مڙُجانءِ......“ منھنجي ڇڏائي هئي رب جند، سو مان ٿي موٽيس، مان ٿي مُڙيس. چيم، ”ميان هاڻي چئو پنھنجي قسمت کي، باقي منھنجو موٽڻ ڪَئِتن تي ٿي.“
ان بعد ڳچ ڏهاڙا پيءُ جي گهر رهيس. بابي ۽ ٻي خلق ڪافي سمجهايو، سوچرايو. راڄ ڀاڳ ۾ سندس بي عزتي ٿيڻ جو بہ ڏاڍو ڏک هو. ان ڪري بابي جي چئي تي لڳي، سندس سُکنَ کي پاڻي ڏيندي ٻيھر انور وٽ هلي آيس. انور وٽ ڇا هلي آيس؟ هنن جا ٿي ويا چوڏنھن طبق روشن. انڌو گهري ﷲ کان هڪ اک پر هنن جون ٻئي اکيون روشن ٿي ويون. هنن آرُ ئي نہ ڪيو. هٿون هٿ کڻي ويا ۽ ايئن ئي انور سان پلاند اٽڪي ويو.
ان پلاند اٽڪڻ ۽ ٻيھر واپس ٿيڻ تي هوءَ ڪنھن اکياڙي چڙهيل ڍڳي جيان هڪ ئي دڳ تي، هڪ ئي چاري هلندي رهي. ان هڪ ئي راھہ تي هلندي، انور چوڌاري ڦيريون پائيندي، هن پنھنجو سڀ ڪجهہ حُسن، جواني، وهي ساماڻي، هستي مستي، سڀ ڪجهہ انور کي ارپي ڇڏيو ۽ پوءِ سندس راھہ روڪڻ لاءِ، سندس قدمن ۾ ڪرڻ لاءِ ڪو اڙيو ٿڙيو ٺڪر، ڀتر آيو تہ ان کي پير جي ٺوڪر سان پري ڪرڻ بجاءِ مٿانئس اورانگهي لنگهڻ، لتاڙڻ ئي چڱو ڀانئيائين. سندس پرڻي جي تہ سانڀر خير پر سندس جوانيءَ جي اُرھہ زورائي جي سو ساري سُڌِ. سيارو هجي يا اونھارو پر هن جي پنھنجي بُتَ سان ٻارهوئي ساڳي وَرجيسَ! هر روز وهنجڻ سھنجڻ، لٽو ڪپڙو ڌوئڻ، سانوڻ جي سمي سومھڻيءَ رڌي پڪي مان واندي ٿي آڳر ۾ بيٺل نم جي ڇانوَري جي اوڍر ۾ ٻہ چار دلا پاڻيءَ جا ڀري، هيٺ تي ڪنھن چاپوٽي ٽڪر يا انگوشي جي گوڏ، لٽن سٽڻ واري ٿلھي ويڪري داٻڙي تي چڱي زال ٿي پلٿي ماري ويھندي پوءِ ميٽَ جي کُمري مَکي پاڻيءَ جا وٽا پئي وسائيندي، پنھنجو پاڻ کي ٺاري، گرميءَ کي ڀڄائيندي.
اسان جي مينھن وهڪي وئي هئي ۽ کير سواءِ وري پٽڙو ڀَتُ کائڻ اوکو لڳندو هو. مٺائي جام پر ڪوسي مٺائي رات جو پٽڙي ڀَتَ سان کائڻ ڪري اندر پيو سڙندو هو. ان ڪري کير چُڪو ضروري هو. وزيران جو گهر پاڙي ۾ ئي تہ هو، رڳو گهٽي مَٽَ. هن وٽ کير جي جامائي هئي، يڪيون ٻہ سُئا مينھون. امان ساڻس ٿيتِ ٻڌي هئي. گهر ۾ منھنجي ٻن وڏن ڀائرن سواءِ ٻہ ننڍيون ڀينر هيون. هونءَ تہ کير وٺڻ جھڙو آسان ڪم منھنجيون اديون ئي ڪري ٿي سگهيون پر جڏهن کان ڪنھن جي ڇرڪ ڏيڻ تي کائن کير جو لوٽو ڇلڪي اونڌو ٿي پيو هو، تڏهن کان وٺي کير وٺڻ واري ڊيوٽي منھنجي لڳي وئي هئي. اها ڊيوٽي پھريان تہ ڏاڍو بارُ، اصلي قيد ٿي پئي، ڇو تہ اهو وقت اسان جي راند روند جو هوندو هو. پر پوءِ جڏهن کان کير وٺندي وزيران کي نم جي ڇانوَري هيٺان وهنجندي ڏٺو هئم، تڏهن کان نہ رڳو کير وٺڻ واري ڊيوٽي آسان ٿي پئي هئي پر اها ڊيوٽي ڏيندي ڏاڍي لست پڻ ايندي هئي. مان کي پوءِ سندس تڙ ڪرڻ وارو وقت ياد رهيو. ان ڪري سوير کان راند ڪڏڻ جي خيال سان گهر کان نڪرندو هئس، وري تڏهن واپس ٿيندو هئس، جڏهن گهر ڀاتي پيا کير لاءِ ٻاٿون ڏيندا هئا. ننڍڙا ٻارڙا کير لاءِ روئي رڙي سمھي رهندا هئا ۽ هن جي وهنجڻ جو وقت ٿي ويندو هو.
پھريان تہ اهڙي لپڙ سپڙ تي ماءُ هٿاران چڱيون چاٽيون کاڌم پر پوءِ اڳتي هلي روز جو نِيمُ بڻجي ويو. هوءَ وهنجندي هئي ٻاهرين در جو ڪڙو چاڙهي. منھنجي واڪي ڪرڻ تي سسوڻس واندي تہ اها پر جي اها ڪانہ پالھي هوندي تہ پوءِ ان چاپوٽيءَ جي گوڏ ۾ ئي ڪڙو لاهڻ، در کولڻ ايندي. حجت وچان ڇڙٻيندي ڇھنگيندي، ”ڇورا سوير ڇو نہ ايندو آن. اسان ڏُهي، واڙي، ڏئي وٺي بيھون تہ .......“ منھنجي ان وقت عمر ئي ڇا؟ اهي ڏھہ، يارنھن سال، ان ڪري هوءَ مون تي تہ ڪا فلڪ ئي ڪانہ آڻيندي هئي. نہ ئي وري ڪو حجاب، ڪا لڄ شرم ڪندي هئي. ايئن ئي جيئن ڪو پوڙهي توڙي جوان پينو فقير کان پنھنجون زائفائونڪو حجاب، ڪو پردو ئي نہ ڪن! ۽ هن جي نظر تہ زِر هئي! هن جي نظر زمين تي وري ڪٿي هئي، جو مان جيتامڙي تي پوي. منھنجي ان اوير سان اچڻ ڪري نہ تہ هن وهنجڻ ۾ ڪا دير ڪئي ۽ نہ ئي وري جلدائي. بس هن جو بہ هڪ مقرر ٽائيم هو ۽ منھنجو بہ. ڪڏي ڪڏي تہ سسوڻس گهر تي نہ هوندي هئي تہ پوءِ ڪڙو بہ پاڻ لاهيندي، در بہ پاڻ کوليندي تہ کير بہ ان وقت پاڻ مَئي ڏيندي. ان سڀ ۾ ايتري ڪا جلدائي بہ ڪانہ ٿيندي پر پوءِ بہ دل پئي چاهيندي هئي تہ اهو ٽائيم وڌي وڃي. ان ٽائيم ۾ اينگهہ اچي! ڪڏي ڪڏي اڪيلي هوندي ۽ چڱي موڊ ۾ هوندي پوءِ تہ کير چڪو جالارو ڏيندي. لپ چڪو وجهي بہ ڏيندي ۽ مان بہ ڳالھہ مان ڳالھہ کوٽي چڱو خاصو وقت لائي ڇڏيندس. ڪڏي هٽَ تان بتيءَ ۾ گاسليٽ وٺي اچڻ لاءِ يا ڪو ٻيو ڪم چوندي تہ کير اتي ڇٽو، مان سندس ڊيوٽي سر انجام ڏيڻ لڳندس. پٺيان پيون گهروارن جون رڙيون پونديون. هڪ ڏينھن تہ جلدائيءَ ۾ پِنيءَ تان چنبڙيل ميٽُ بہ مون کان لھرايائين! ڪنھن ٻئي ڀيري چانڊوڪيءَ رات ۾ تيل ميٽُسان وهنتل پاڻيءَ ڦڙا ڳڙندڙ سخت، سوٽ جسم کي يڪو، گهڻو وقت نھار سببان مرڪي ٽوڻو بہ هڻي ڪڍيو هئائين، ”ڇورا ڇا ٿو تڪين!؟..... جائي وڻي تہ نہ وئي آهيانءِ؟“ روز روز جي وهنوار سببان مان بہ ساڻس هري مري ويو هئس. مان ٻاراڻي ٻوليءَ ۾ زبان مرڪائيندي چيو هو، ”ماسي تون ڏاڍي سٺي لڳندي آهين“ مرڪي چيو هئائين، ”ماڻھين کان بہ!؟ ها، جائي ماڻھين ٿي وئي وياٽو ڏٻري گانءِ، ماڻھين وري....... پوءِ ڇورا پڻھين سان تہ ڏاڍو ظلم هوندو.“
ان اچڻ، وڃڻ، هري مري وڃڻ سببان سندس گهر ڏانھن رات توڙي ڏينھن پيچرا ٺاهي ڇڏيا هئم. هوءَ ڪڏي ڪو ڪم ڪار چوندي هئي تہ اسڪول کان گسائي، پنھنجا ڏھہ ڪم سيڙائي بہ سندس بيگر وهندو هئس. بدلي ۾ انَ جو جهول، ٻہ آنا، چار آنا، ڪڏي ڪڏي تہ ان اجوري وٺڻ کان نابري واري ڇڏيندس، تڏهن ماني ڳڀو، ڀَتَ گِرھہ، ڪنھن نہ ڪنھن طرح ٿورو لاهڻ جي ڪوشش ڪندي. هڪ دفعي تہ اچي چرچي تي چڙهي، ساري اڱڻ ۾ ڊيڪايائين پر مان بار بار گوهي ڏئي پاڻ ڪڍائي وڃانس. آخر ۾ ٿڪجي، ڦھہ کٽ تي ڪري پئي. ”ڇورا ڏاڍو ڪو نرڄو آهين! منھنجو تہ ساھہ ساھہ ۾ نہ ٿو ماپي، ڄنگهان ئي ساڻيون ٿي ويون آهن.“ چيو هئم، ڏيانءِ ٻہ مروٽا؟“ تڏهن کِلي کِلي کيري ٿي وئي هئي، ”ڇورا ڪنھن ڏنو ٿي اهو عقل!؟ ننڍڙيءَ وهيءَ ۾ اهڙا ڪم!؟ تولاءِ اهو جهنگ ئي پري آجت ڪاٺيون ٿيون سُجهن. اڃان ٻار آن. وات مان ٿو کير وهئي، ڀڄي وڃ، ڀڄي وڃ....... متان ان مرڄل ۾ پيو آن.“ پوءِ جڏهن مان ڳڙيءَ چڙهيس، تڏهن وري اڪيلائيءَ ۾ ملڻ کان لنوائيندي هئي. ”ڇورا تنھنجي ماڻڪين ۾ کائڻ وارا ماڻھو ويٺل آهن.“
هڪ مان ئي ڇا! مان تہ ٻار ٿيس پر ڪيترن ئي ڪٽ مست مڙسن سندس در تي سجدا ڪيا، بي وقتيون نمازون جوٽيون! نيڻ نڇاور ڪيا، قدمن ۾ قربان ٿيا! سچ پچ هن جي سونھن ۾ نشو هو نشو. ان نشي جي چُڪي چکڻ، سُرڪ پيئڻ لاءِ ڪيترن ئي ڪاڍا ڪڍيا. نھاريو، واجهايو پر وزيران بہ پنھنجي نالي واري هئي. هوءَ اهڙي ڪا وَيَلَ يا وِڻواند ٿيل بہ ڪانہ هئي جو، جيڪا، جنھن کي کپي، جڏهن کپي تنھن کي ملي. پر پوءِ بہ جي ڪنھن جو پُکو پئجي ويو، ڪنھن جو ڪو لولو اگهامجي ويو تہ ڏوئي ڍَڪڻُ گيھہ! هونءَ بہ حُسن ۽ سونھن ۾ سخاوت جي کوٽِ ڪانہ هوندي آهي. ان سخاوت جي سَمي ڪنھن تي ٻاجهہ اچي وئي، ڪنھن سان ريجهي پئي، ڪو هڪ اڌ ڀيرو خير کٽڻ، راضي پاضي ڪرڻ ۾ ڪو اهم بہ ڪونہ! ان هڪ اڌ ڀيري جي سلاماليڪيءَ کي ڪن تہ عمر ڀر جو ثمر سمجهي، نا سمجهيءَ وچان، لنبوشي ڪُتي جيان در جي آڏو ڦيريون پائڻ، اڱڻ تي پُڇ لٽڪائڻ ۽ چائنٺ چَٽڻ جا بہ جتن ڪيا پر وزيران کي ڪجهہ بہ ياد نہ رهيو. ان ياد نہ رهڻ جي حالت ۾ ڪنھن هڪ اڌ کي تہ اهڙيون ڇمڪيون چاڙهيائين جو وري نہ سندس پاڇو اورانگهڻ جي سگهہ ساري سگهيا. ”ماريا ٻاليشاهي........ ڪجهہ ڏٺو بہ الائي....... ڪجهہ ٿيو نہ ٿيو، وري ماڻھو وائکو. پوئڍائن، سڪڻن جيان پٺيان ڊوءِ ڊوءِ...... ڀڄُ ميان، ڇڏ اسان جي پچر، پَٽِ وڃي ڪنھن ٻئي مسلمين جي پاڙَ....... اديءَ جي دل ۾ خير، ادو وري پيو ڪوڙا ڪانگ اڏائي. وري نہ ڏٺو مانءِ تہ چوڻن کان وٺي اهڙيون ڇمڪيون چاڙهيندي سانءِ جو ڏيھن کي ڏس ڏيندين. هُون.......“
هاڻي جڏهن مڙس مُئي پڄاڻان ساڻس ڪچھريون ٿينديون آهن، تڏهن ڳالھين ئي ڳالھين ۾ چئي ويھندو آهيان:
”مار پوئي....... ڪيڏو وقت وڃايئي، سڄي عمر سکڻو گذاريئي، ڪو ماڻھو ئي هٿ نہ آيئي، جنھن سان دلبري رکين ها. اڄ جڏهن اڪيلي آهين، تڏهن ڪو تہ هجي ها، ڪنھن سان تہ گڏ گوڏي ويھي سُور سلين ها. اندر جا ارمان ۽ حال اورين ها. نيٺ ڪجهہ نہ ڪيئي، ڪجهہ نہ پرايئي....... اهڙو ڪو بہ ماڻھو نہ سجهيئي......!؟“
مرڪي چوندي آهي:
”ڪير هو، ڪنھن سان نينھن لايان ها؟ هتِ تہ مان کي اهڙو ڪو ڪونہ سُجهي. مڙئي ماڻھوءَ، آهوءَ، شاهوءَ سان منھن ڪارو ڪرڻ مون کان تہ نہ پڳو نِي. ان کان تہ هيئن چڱي آهيان.“ پوءِ جڏهن ڪجهہ ماڻھن جا نالا وٺي سندس نسبت ڏيندس تہ مرڪي چوندي، ”سيٺ.“ هن جو سيٺ تڪيو ڪلام آ. خاص ڪري مان کي سيٺ ڪري ئي سڏيندي آهي. هن چيو، ”سيٽ ڪھڙن تہ ٽَڪَ جھڙن جا ٿو ليئا لائين. اهڙن ڏهن سان بہ تنھنجو سروبدر سودو نہ ڪريان. هاڻي اهي بہ ياريءَ لائق آهن! هاڻي اهي بہ عشق ڪرڻ جهرا آهن!؟ اهڙن کان تہ اوندھہ ڀلي آ.“ اٿندي اٿندي، ”مڙئي رڍان ٻُوٿ ڪاريون، ڪھڙن جي نيڪي ڪري ڪھڙن جي ڪجي. سڄي الوءَ جي آڪھہ ئي هڪ جھڙي.“
حيرت تہ وٺندي هئي! ويسورو تہ لڳندو هو! جنھن جو دين ڌرم ئي عشق، جنھن جي ميراث ئي محبت، جيڪا جلال جي تيز تکي راڳ جي پياسي. جنھن وٽ نينھن نشي کان سواءِ ٻي ڪا سُتي ڦَڪي ئي ڪانہ! سا ڪيئن ٿي عشق بنا رهي سگهي!؟ تنھن ڇو ڪو نہ ڪو دوست رکيو!؟ ايئن هيڪڙ ٻيڪڙ ٻي ڳالھہ آهي پر زندگيءَ لاءِ ڪنھن کي ڇو ڪونہ پاڻ ارپيو!؟...... مان سندس ڄم جو تہ واقف ڪو نہ هئس ۽ نہ ئي وريسندس اباڻي ڳوٺ جي ڳالھين جي خبرچار پر پوءِ بہ ڪجهہ افواهن جي پس منظر پٺيان مڙسنھس جيئري ئي ڪڏهن نجي ڪچھرين ۾ اهڙا سوال اٿاريندو هئس. کيس ڳوليندو ڦوليندو هئس پر مرڪي منھن ٻي پاسي ڪري ڇڏيندي هئي.
”سيٺ، ڪھڙا ٿو نجرا ڪرائين، ڪھڙا ٿو ڦولھيا کولائين. بس، گئي گذريءَ کي ياد ئي نہ ڪر. مڙئي ڏوھہ ثواب هر ڪنھن ڪيا آهن. مان وري ڪھڙي سَتِي جَتِي آهيان.“ مٿي آڱر کڻندي، ”اهو ڍڪڻھار ڍڪيندو. ڏيندو پانڌ پناھہ جو. لڳو تہ انور ئي لک آ، ٻين کي ڏيان ٻن.ِ“
هوءَ اهي لفظ ايئن چئي ويندي هئي، جن ۾ ڪنھن قسم جي ڪا گنجائش ئي ڪانہ هوندي هئي ڪنھن ٻئي سوال پڇڻ جي.
۽ مڙسنھس......؟ انور اڄ کان سال ٻہ اڳ مرڻ وقت جي جوان نہ هو تہ ڪنھن بہ طرح پوڙهو ڪين چوائبو. شروعاتي دور ۾ گهڻيون ئي وزيران بہ کيس گوهيون ڏنيون. ساڻس ترڪتال ڪيا. تال مستيون ڪيون پر انور بہ پنھنجي نالي وارو هو. اڳتي هلي اهڙو ڪھو ڪيائينس، جھڙو گزُ ڪمان ۾! سندس کُھري، کَٽي ۽ بيباڪيءَ سان وڏي وات ڳالھائڻ تي ڪاترائي ڀيرا مارون، موچڙا، بُتَ تي ڏَنا وِڌا. ”ياد رکُ! ٿڳڙيون اٿاري ڇڏيندوسانءِ، بُتَ مان ڦينگان ڪڍي ڇڏيندوسانءِ....... ٽڪر، ٽڪر، پرزا پرزا ڪري وجهندومانءِ. ڇڏي ڏي اهي آڙا گوڙيون.“ ڪيترا ڀيرا تہ ڄنگهہ ۾ پکڙ مينھن جي مُنيءَ سان ٻڌي ڇڏيائين. هن جو ٻيو تہ ڪو ڌڻي سائين، اوهي واهي هئو ڪونہ، ان ڪري اسان پاڙي وارا ئي سندس واهرَ ٿيندا هئاسون. اصل ۾ هن جو اهڙو ڪو گناھہ بہ ڪين هوندو هو پر پوءِ بہ الائي ڇو انور مٿس ڪَرڙِي اک رکيون ايندو هو. شايد سندس ٺينگ ٽپن سبب تہ ڪٿي وري نہ ڪا گوهي ڏي. وري نہ ڪاڏهن مُٺ ڏي. وري نہ مٿس خلق کِلائي.
بيشڪ ساڻس سوڙھہ، سختي بہ ڪيائين پر ڪنھن بہ طرح مَٺو نہ گهريائين. ڏکيو يا هٿ وسيپو نہ رکيائين. هن جو ڌنڌو تہ شادي مراديءَ تي ڳائڻ وڄائڻ هو پر پنھنجن ابن ڏاڏن جي ڪار سواءِ پوکي پلاهيءَ، ٻني ٻاري سان بہ چاھہ هو. ڪي پنج جريب پنھنجا، ڪجهہ ڪُڙمت تي. ڏاندن جو جوڙو، ڪا هڪ اڌ مينھن ٽڪ، کير، مکڻ، ڏُڌ پاڌ پنھنجا. پُٽَ، ڌيئر، اَنُ، پاڻي جالارو. مطلب تہ وزيران کي ڪنھن شئي جي بُکَ ڪانہ.
انور جيترو ساڻس کَٽو، کھرو هلندو هو، اوتري ئي ساڻس دلبري هئي. ان دلبريءَ ۾ هن ڇا ڇا نہ کارايس، چوڙايس. ڇا ڇا نہ پھرايس، پارايس. ڪھڙا ڪھڙا نہ سير ڪرايس، گهُمايس. ڪيڏا نہ وڏا وڏا انگل اَگهايا. بس، هڪ ماڻھوءَ جو ماسُ نہ کارايائينس، باقي ٻيو سڀ ڪجهہ. جيڪو سندس هٿ وس هو. جيڪو سندس پھچ ۾ هو. ڏينھن جي هڻ هڻان کان پوءِ رات جو جڏهن وزيران جي ڪڇ ۾ ڪرندو هو تہ سڄي ڏينھن جا سندس ٿَڪَ ڀڄي پوندا. دُک مٽجي ويندا هئا. پوءِ جڏهن اڳتي هلي سرڪار پاران سندس زمين ۾ هڪ ٽيوب ويل لڳايو ويو تہ زمين تي مالڪيءَ جي حق سبب ٽيوب ويل تي چوڪيداريءَ جا فرائض بہ سندس ذمي آيا. تڏهن کان پوءِ تہ هر مھيني نيون پگهارون، هر مھيني نوان نوٽ. هر پگهار تي وزيران لاءِ نئون وڳو. ڪانہ ڪا نئين فرمائش پوري. انور جي انھن احسانن سبب ئي وزيران پراڻا سڀئي پيچرا وساري هڪ ﷲ، هڪ آسرو ڪري انور جا اڱڻ اجارڻ ۾ رُڌل رهي.
هوءَ انتھا درجي جي نفاست پسند. پاڻ تي مک ويٺي نہ سھي. سارو ڏينھن هٿ ۾ ٻُھارو، ڪو ڪکُ پنُ، ڇيڻو، ڇوڏو پيو نہ ڇڏي. گهر تہ گهر پر در ٻاهران گهٽي بہ ٻُھاريندي. ڏينھن ۾ ڏھہ، ڏھہ ڀيرا وهنجڻ. هارسينگار ڪندي، لٽا ڪپڙا مٽائيندي. انگريزي فلمن جي راڪين رول جيانرنگ جي پڪي، چيلھہ سنھي، نڪ برابر، اُرھہ! منھن ڀريل گول، اکيون ڪاريون ڪجليون، کليل وار ڀاڪر ۾ مس اچن ۽ چوٽي ڪرڻ سان چيلھہ تائين چوٽو. سدائين هٿين پيرين ميندي. سڀني وصفين سھڻي. البتہ سڄي زندگي مان کيس ڪو بہ ڳھہ ڳٺو، چوڙيون، مُنڊيون پاتل ڪونہ ڏٺيون! نہ ئي تانگهہ، طلب يا اهڙو ڪو شوق، ذوق. سادي هجي يا غمي، ٻارهوئي ٻُٽي ٻڪري. سندس سونھن ۾ ئي هيرا موتي، سونُ سمايل هو. ان ڪري نہ پاڻ کي تانگهہ ۽ نہ ئي وري ڪنھن ٻئي کي سندس سونھن ۾ سون جي گهٽتائي محسوس ٿي. ڳالھہ نڪرندي تہ مُرڪي چوندي، ”انور ئي تہ مان لاءِ سونُ آهي. مان کي سون جي ڪھڙي لوڙ. سون پائن سڪڻا، سوختا سون پائن....... مان ڪا سِڪڻي آهيان ڇا. مان ڪا....... ڪھڙا وري مان ۾ عيب آهن، جو سون سجائي سِرَ تي، ڍڪيان اجايو بار......!“
اها ڪنھن کي بہ خبر ڪانہ هئي تہ ڪو انور مٿس بار آهي. نہ ئي وري هن ڪڏهن ظاهر ڪرڻ ڏنو هو. ايسيتائين جو جڏهن انور ٽيوب ويل تي يارنھن هزار وولٽيج سان ٽرانسفارمر جون وائريون ڳنڍيندي بجليءَ جي شاڪ اچڻ سبب مئو هو ۽ پوءِ جڏهن بجليءَ جي کنڀي ۾ لڙڪيل سندس تازو لاش لاهي کٽولي تي گهر آندو ويو، تڏنھن ڏھہ، ڏھہ ڄڻا ڏندڻ پيا ڀڃنس. سڄي گهر ۾ رڙيون ۽ رانڀاٽ ها. هينئن جو اڀي ٿي سنئينءَ چوٽيءَ پَٽَ پڌر تي اچي ڪري تہ مڻڪو بہ ڀڄي پيُسِ. ڀِتين ۽ ٺُلھن سان ٽڪر هڻي، هڻي سڄو جسم ڇلھي، هو پاڻ کي رتو راءِ ڪري جسم جا ريش ئي لاهي ڇڏيائين. جسم ۾ مينھن جھڙي رتُ، هيئن جو ڇنڊڪو ڏئي تہ ڏهن کي پري اڇلائي وڃي لاش کي چنبڙي. ”مان مرندس، مان مرندس....... ڇڏيو مان کي، ڇڏيو مان کي. مان بہ انور سان گڏ پوربس. مان بہ انور سان....... ۽ پوءِ جڏهن مڙسنھس جو لاش ڪلھن تي کڻي ڪانڌي مقام ڏي روانا ٿيا هئا تہ هيءَ بہ چيلھہ سان سندرو ٻڌي ڇَتنِ ۾ ڇائِي پائي لاش پٺيان گهٽيءَ ۾ نڪري پئي هئي. ماڻھن وڏا وس ڪيا هئا پر پوءِ بہ ڳپل پنڌ جو لاش سان ڪلھي ڪانڌي ٿي هلي هئي. ”هئي هئي، مان کي نہ جهليو، مان نہ مُڙنديس. مان نہ...... مان کي انور سان گڏ پوريو. مان کي بہ انور سان گڏ.........“ تنھن بعد مڙئي جيئن تيئن ڪري پُٽن ڀاڪر ۾ ڀري گهر جو در ٽپائي ٻاهران ڪڙو چاڙهي ڇڏيو هو. پوءِ مانيون مَنھہ، جمعاڻا چانڊاڻا، ختما کڙا، مئي جي نيت ڪپڙا لٽا، خير ونڊُ. ڍنگ ۾ رهندي، سوءَ ۾ رهندي ڪارا ڪپڙا، ٽيپ تي مجلسان، ماتمُ، روڄ راڙو، ڳڻتي ڳاراڻو، اکيون سوڻل، منھن تي ڪلري، ڇَتن مان ڇائي ڇڻندڙ، جسم تي سُنڍي ماس جي! ڳري ڪنڊا ٿي وئي. نہ سُر جو لٽو نہ ڪپڙو، نہ سِينڌ نہ سُرمو. پَٽَ تي وڇايل کجيءَ جو تڏو. نہ بسترو نہ پٿراڻي. پَٽَ تي سمھڻ، پَٽَ تي ويھڻ. جڏهن ڪناءِ تڏهن سندس روڄ راڙي جو آواز. مان جڏهن پھريون ڀيرو ڍنگ جي ابتدائي ڏينھن ۾ کيس ڏٺو هو تہ ڀئو وٺي ويو هو. ڇرڪي ويو هئس. مان کيس سڃاڻي نہ سگهيو هئس. بس، سندس گهٻرايل ۽ پيڙا ڀريو آواز سڃاتو هئم ۽ پوءِ جڏهن وري ڍنگ جي پوئين ڏينھن ۾ ڏٺو هومانس تہ مارِ.......! زبردست ڦيرو، وڏي تبديلي. مان کي تہ بلڪل بدليل نظر آئي هئي. بيشڪ سندس گهر ۾ ٽيپ ريڪارڊ تي ماتم ۽ رياض جو سوز ڀريو مجلسي آواز تہ گونجي رهيو هو. کيس ڪارا ڪپڙا تہ پھريل هئا پر هي ڪنھن بہ طرح ڪنھن ماتميءَ جو لباس ڪِين ٿي لڳا. اهي تہ بس ڪنھن فيشن طور ڪتب آيل ٿي ڏيکاريا. هوءَ زمين تي هيٺ برابر پٿر ڪري رهي هئي پر سندس ڇَتن مان ڇائي نہ ٿي ڇڻي. سندس اکيون اداس تہ نظر آيون پر سوڻل ڪونہ! مُنھن تي نہ ئي ڪا ڪلري نظر آئي. هوءَ چکي مُکي بہ ڪانہ هئي پر پوءِ بہ اڇي اُجري نظر آئي. مان سندس طبيعت ۾ ان ڦيري جو سبب پڇيو، هن مرڪي چيو:
”سيٺ“ سيٺ هن جو تڪيو ڪلام هو. ”بس، ڇا ڪبو...... امُر مڃيوسين. خدا جي ڪئيءَ ۾ ڀلا ڪير ناراض ٿيندو....... ڪنھن، ڪنھن سان نيبھہ ڪيو آ. ادو ڪاڏي ويو، ابو ڪاڏي ويو، ڏاڏو....... ۽ وئي پٺيان آخر...... ويچارو انور بہ......“ مان ڏٺو هوءَ برسي پئي هئي. سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ پوءِ اوراڻا، جهوراڻا. ڪيترو ٽائيم پوءِ تائين بہ ڪونج وانگر ڪرلائيندي رهي. ان وقت هن کي هِيئن جهڄندو، جُهرندو ڏسي سچ پچ منھنجي اکين ۾ بہ ڳوڙها تري آيا هئا. آءُ بہ پاڻ روڪي نہ سگهيو هئس.
ايئن ئي هن جي ڍنگ جا ڏهاڙا پورا ٿيا. هوءَ سوءَ مان ڇا نڪتي، جھڙو ڪاريھر نانگ ساڳي ئي چُستي، چالاڪي، وهنجڻ سھنجڻ، ڏهاڙي ڏهاڙي تيل ڦليل. هٿن پيرن کي کاٻرَ جي مُئي ۽ ٺڪريءَ سان مھٽڻ، مرُ لاهڻ. صفائي سٺائي، اڇائي اجرائي. ڪراين ۾ چوڙيون تہ سڄي عمر نہ پاتائين ۽ نہ وري مڙس مُئي ڍنگ مان نڪتي پڄاڻا پر لٽي ڪپڙي ساڳي ئي پريزادي. پوشاڪ پھرڻ ۾ ساڳوئي ذوق شوق. جلال ٻڌڻ سان ئي دلبري.
”کلندا بازار حسن جي سينگار جا، مولا ڪندو ميلو ٿيندو، ايندا ڏينھن پيار جا.“ ان سندس چوڙڻ ماڻڻ واري چاھہ جي سُڌ ٻُڌ تہ ڪنھن کي ڪانہ پر ڪيترن ڪٿ لڳائي هئي، سمجهو ماڻھن سمجهہ ويڙهائي هئي.
”وزيران شاديءَ جا پئي سانباها ڪري.“
”ڪھڙو هن عمر ۾......“ ٻين وري ڪيترن جو خيال هو، ”ولرُ ٻارن جو ڪڍ، شادي ٿي ڪري. مڙئي اڇو مٿو اٽو خراب!“
”سٺو ٿس، شادي ڪري وڃي آخري آيام آرام سان گذاري، ڪھڙو ويٺو ٿس ڌڻي سائين. ڪھڙو اٿس پُٽن ۾ افعال؟ ڪھڙا وري سڌريل...... آخر ڪنھن جي آسري ويھي؟“
”ها، سٺو ٿيس وڃي سِرُ سکيو ڪري، ڏنڊي ڏوٽي آ، ڪھڙو وري ڪراڙي آ. اڃان تہ ڄڻڻ وڻڻ جي وهي ٿس. انور جھڙا ٻہ چوڙي!“
انھن سريسن هلندي ئي هڪ ڏينھن ڳالھين ئي ڳالھين ۾ پڇي ويٺومانس:
”جائي بہ ڪو تاڙيو ٿي ڇا!؟ پوءِ نہ خبر نہ چار، نہ صلاح نہ مصلحت!؟“
”نہ سيٺ، خدا قسم، مڙئي ماڻھن جون ويٺو لغاتون ٻُڌ.“ مرڪي چيائين.
”رکُ نور تي هٿ، اَلين ٿي.“
هن پوءِ اک تي هٿ رکندي مرڪڻ جي انداز ۾ چيو:
”هي ڏس نہ، مان ڪا توسان النديس. مان لاءِ ڪير ويٺو آ سيڙيو، ڪنھن سان پئي شادي ڪيم. مڙئي ماڻھن جو خانو خراب. هاڻي هن مٿي ۾، هاڻي هن عمر ۾ ڪنھن جي کُٽي آ؟ ڪير چٽي ڀريندو؟“
”متان ڪو هجي!؟“
”ڏسين ٿو آهي ڪو هتڙي اهڙو؟ سڀئي انور ٿيندا ڇا؟ ڪير انور جيان چوڙائيندو، ڪير انور جيان پھرائيندو؟ بس، سيٺ، شادي هاڻي انور جي قبر سان آهي. مان ڪئي آ صاحبي. مان جاليو آ اڪيلو آزاد...... پئجي وڃي ڪو حرامي پِڙ...... لڳي وڃي ڪو ٽانگر مٿي ۾...... نہ، بس...... جن ڪونرن ۾ کاڌو، سي پاٽڙن ۾ ڪيئن کائينديون. تون سياڻو آن، تون سمجهو آن، سوچين نہ ٿو، سمجهين.......“
۽ پوءِ هڪ ڏينھن.......!! هڪ ڏينھن منھنجي سوچ، سمجهہ بہ جواب ڏئي وئي! منھنجي متِ بہ منجهي وئي! هوءَ آئي، ٻاهر منھنجو پڇيائين. مان ان وقت اندر ماني کائي رهيو هئس. هوءَ پوءِ ڳرا قدم کڻندي پنھنجي ڀاري بُتَ کي ڍوئيندي، ڍوئيندي ئي، ڇو تہ اڄ هن جي هلڻ ۾، هن جي ڳالھائڻ ۾ چستي، چالاڪي سا ڪانہ هئي، جا پَسبي هئي!
هوءَ مان وٽ آئي، کيس ساڳيائي ماتمي ڪارا ڪپڙا پھريل هئا. هٿ ۾ جلال جي نڪور ڪيسيٽ بجاءِ ڪا ويڙهيل سيڙهيل تھہ ٿيل اخبار. مان کيس مانيءَ جي صلاح ڪئي پر پھريان جھڙو ڪوبہ سٺو جواب نہ پائي حيرت ۽ تجسس وچان چتائڻ لڳم! مان کي هوءَ اڄ ڪجهہ ڪجهہ بيمار ۽ پريشان پئي لڳي. سندس اکين مان نہ ئي ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا ۽ نہ ئي وري ڪجهہ ڳل آلا هئا پر پوءِ بہ باسڻ لڳو هئم، شايد رُني آهي! زبردست رُني آهي. هن پوءِ منھنجي نھار تي پيڙا ڀرئي آواز ۾ پڇيو:
”ڪاٿي هئين سيٺ!؟ مان ٻہ پنڌ موٽي وئي آهيان.“
مان سندس چھري جا ڀاوَ ڏسڻ لڳس. سندس طبيعت ۾ هن اوچتي آيل ڦيري منھنجي نڙيءَ ۾ گرھہ ئي ڦاسائي ڇڏيو. ڳيت ڏيندي وراڻيم:
”ڇو، خير تہ آهي.....!؟“
هن پوءِ سامھون ٻي کٽ تي ويھندي تھہ ٿيل اخبار مون ڏانھن وڌائيندي گهٻرايل آواز ۾ چيو:
”ڪاٿي آ خير! هي اخبار تہ پڙھہ......“
مان پوءِ ماني کائيندي ئي اخبار کولي پڙهندي پڇيو:
”ڇو، ڪا خاص ڳالھہ آ ڇا!؟“
”ها، خاص ڳالھہ ئي تہ آهي.“
مان پوءِ پڙهيو، اخبار جي وڏي سرخي هئي، ”وزيراعظم جي زبردست ڪوششن سان ايوان ۾ اٺين ترميم منظور!!“ مان سمجهو شايد ٻين مڙني سنڌين جيان هيءَ بہ ان ترميم، فوجي آمريت کي جائز قرار ڏيڻ واري عمل کي خراب ٿي سمجهي! پر وري سوچيم، اها خبر سندس ڪم جي ناهي، منجهس ايڏو سياسي شعور ڪٿي! ٻي وڏي سُرخي هئي، ”پاڪستان جلد ئي ايٽمي ڌماڪو ڪرڻ وارو آهي..... راجيو.......“ ايٽمي ڌماڪي واري خبر بہ سندس ذهن کان ڪجهہ مٿڀرو لڳي ان ڪري مان ٻي سُرخي پڙهڻ لڳس. ان اڳلي ۽ ان کان بہ ٻي خبر، ٻنھي مڙئي ڪجهہ توجھہ ڇڪايو. ڇو تہ انھن ٻنھي خبرن ۾ اهم ماڻھن جي موت جو ذڪر هو. پھرين سُرخي هئي، ”طويل علالت سبب سنڌ جو پھلوان شير ميربحر گذاري ويو!“ پر اهو سوچي شير سان سندس ڪھڙو ناتو؟ مان ٻي سرخي پڙهڻ لڳس، ”شاهنواز ڀُٽي جي خون جي ٻيھر عدالتي جاچ شروع!“ منھنجي جائزي وٺندي ئي هن ٻيھر گهٻرايل ۽ ڀريل آواز ۾ چيو:
”پڙهيئي سيٺ!؟“
”خبرون کوڙ، تون الائي ڪھڙي خبر بابت پڇين ٿي.“
”ڀائين، شير ميربحر گذاري ويو!!؟“
مان سندس هن اوچتي سوال تي مڙئي ڪجهہ ڪجهہ حيرت کاڌي. ڇو تہ منھنجي آڏو اخبار ۾ سندس ڪم واري خبر تہ هئي شاهنواز ڀُٽي واري. اها ان حساب سان تہ ڀُٽي خاندان سان سندس حد درجي جو عشق هو پر هن اوچتي سوال تي، شير سان سندس عقيدت مان اهو ڀائيندي تہ هر مشھور ۽ نالي چڙهئي ماڻھوءَ سان سندس عقيدت هوندي؟ ۽ شايد شير ميربحر جي فن ۽ شخصيت بہ متاثر ڪيو هجيس! ان تي نھايت افسوس ظاهر ڪندي چيو:
”ها زبردست پھلوان هو.“ ملھہ جي فن ۾ ڏاڍو ناءُ نيڪي ڪڍرايائين. روسي ۽ جاپاني پھلوانن کي زبردست شڪست ڏئي هن سٺو پاڻ موکيو.
ويچارو ڪراچيءَ ۾ ڪافي ڏينھن زيرِ علاج رهيو. ڊاڪٽرن پوءِ کيس صحتيابيءَ جي مبارڪ ڏئي کيس رخصت پر ڪار تي باءِ روڊ ايندي رستي ۾ ٻيھر طبيعت خراب ٿي پيس ۽ پوءِ رستي ۾ ئي گذاري ويو. مان اهو سڀ ڪجهہ هن جي سوال جي جواب ۾ نہ پرپنھنجي سنڌيت جي جذبي تحت ئي چيو. پر مان ڏٺو هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڇلڪي پيا. انھن ڳوڙهن ڳڙڻ جو سبب قوم پرستي يا همدرديءَ وارو جذبو قطئي ڪو نہ هو. هوءَ اڳ ۾ بہ اهڙن مشھور ماڻھن ۽ مشھور خبرن، پرو چانڊئي پوءِ نادر جسڪاڻيءَ جي موت تي، ٽوڙهي ڦاٽڪ واري واقعي ۾ مري ويل شاگردن يا ايم آر ڊي مومينٽ ۾ مرندڙ سنڌين لاءِ ڏُکُ ظاهر ڪري چڪي هئي. پر شير ميربحر لاءِ سندس اکين ۾ ڳوڙها!!؟ اڃان بہ وڌيڪ کيس جهڄندو، جهرندو ڏسي سوچيم، شايد شير جي موت جو ٻڌي مرحيائت مڙس انور ياد آيو هجيس. جي.ين عمومن اهڙن موقن تي ٿيندو آهي. تڏو پرائو پار ڪڍي پنھنجن مان! مان پوءِ کيس پرڀائي، پرچائيندي چيو هو:
”وزيران...... تنھنجو ڏک اجايو آ، نيٺ تہ هر ڪنھن کي هلڻو آ. تون، اسان وري ڪھڙو....... ڪنھن لکي لڌو آ، ڪنھن ڪنھن سان نيبھہ ڪيو آ؟ انور بہ........“
مان پوءِ ڏٺو هو. هوءَ اڃان بہ وڌيڪ سُڏڪن، هِڏڪين ۾ پئجي وئي هئي. روئيندي چيو هئائين:
”پوءِ تہ سيٺ، مان تہ مري ويس!....... مان تہ تباھہ ٿي ويس!...... مان تہ لُٽجي ويس!....... مان تہ...... منھنجي تہ هڙ هلي وئي، ابوءِ.......!!“ هن گوڏي تي هٿ هڻندي چيو. پر مان خاموش ئي رهيس. حيرت وچان ڏانھنس نھارڻ لڳس. مان کي تہ سندس تباھہ، برباد، لٽجڻ ۽ هڙ هلي وڃڻ جھڙي اهڙي ڪا ڳالھہ سمجهہ ۾ ڪانہ آئي. جنھن تي هن کڻي ڀنڊڻ شروع ڪيو هو. لُٽجي هوءَ برابر وئي هئي ۽ سو بہ تڏهن جڏهن انور جو اوچتو موت ٿيو هو. هي وري شير ميربحر جو مرڻ ۽ وزيران جو لُٽجڻ!؟ وزيران جو تباھہ، برباد ٿيڻ، سندس هڙ هلي وڃڻ!؟ مان کي تہ سمجهہ ۾ نہ آيو. مانيءَ مان هٿ ڪڍي ڏانھس اخبار وڌائيندي ٽوڪ هڻندي چيم:
”چري اجايو پئي پاڻ جهورين، مرندو ڪير نہ ۽ شير ميربحر وري تنھنجو ڪھڙو سڳو سئوٽ؟ شير سان وري تنھنجو ڪھڙو سڱ!؟“
”اڙي سيٺ، سڱ هو، سڱ هو.....!!“ هن وڏو رانڀاٽ ڪندي اخبار وٺي تھہ ڪندي چيو ۽ ان سڱ آسري تہ پئي جيئري رهيس. ان سڱ سھاري تہ....... شير جو ئي تہ نالو هو، جنھن انور جا ارمان وساري، پٽڪي ڪُٽڪي مان پالھو ڪري ٻيھر ڪنڌُ کڻڻ جھڙو ڪيو. شير.......“ پوءِ وڌيڪ روئيندي سُڏڪا ڀرڻ لڳي هئي ۽ مان نھايت حيرت وچان سندس هن اوچتي انڪشاف تي ڏانھس نھارڻ لڳس. شير سان سندس سڱ!!؟ مان سوچيندي سوچيندي سندس اڳلا توڙي پويان اڇا ڪارا ڪاڳر جاچيا پر منجهن اهڙو ڪو بہ ذڪر نظر ڪونہ آيو، جنھن جي روشنيءَ ۾ شير ميربحر سان سندس سڱ بابت ڪو رايو، ڪا فتويٰ قائم ڪريان. شير ٿيو هتان کان ڪوهين ڏور. هو نواب شاھہ جي تعلقي ڪنڊياري جي....... ڳوٺ جو ۽ وزيران....... ڪاڏي منھن مريم جو ڪاڏي ٽنڊو الھيار!“
”ڪاڏي ڳالھہ، ڪاڏي مھاڙ......!؟ ڪاڏي خيال ڪاڏي خواب!؟ ڪھڙا پُور ڪھڙا پَھہ! بس، منھنجي لاءِ ڪو ڏيو ئي نہ ٻريو!“ نرڙ تي هٿ هڻندي مقدر کي لعنتون ڏيندي، ”ڀاڳ ڪِين ڀڙايو، قسمت ڪِين رهايو!....... نصيب جو اهڙا ٿيا، هئي هئي....... ڪيڏا آسرا، ڪيڏيون اميندون....... اڃان ڪالھہ ڇورو مليو، جنھن سان پروگرام ٺاهيم......!!“
مان حيرت وچان پڇيو:
”ڪھڙو ڇورو!؟ ڪنھن جو ڇورو......!؟“
هن پوءِ رئي جي پلانڌ سان ڳوڙها اُگهندي، آواز کي پُختو ڪندي، سنجيدگيءَ مان ٻڌايو هو:
”سيٺ، ڪھڙي ڪُوڙي، ڪھڙي سچي، مان، بس اڄ سڀاڻي هتان نڪرڻ واري هُئي سانءِ. مان پنھنجو سڀ ثمر ٺاهي ڇڏيو هو. گهڻو ئي ترسيم...... ٻَنِ ڏيان پئسن کي، باھہ ڏيان پئسن کي، پئسن ئي تہ رهايو، پئسن ئي تہ...... مان کي نہ پئسا ملي وڃن ها تہ جيڪر.......“
”ڪھڙا پئسا!؟“
”اُهي مُئا سرڪاري پئسا. انور جي پِنسنِ جا پيسا، جن لاءِ توکي بہ ستايم تہ سرڪار ۾ ڀڄ ڊُڪ ڪري وٺرائي ڏيمِ.“
ياد آيو سندس مڙس جي انشورنس جا اٺ، ست هزار روپيہ، جن لاءِ ڀڄ ڊُڪ، ڀاڙن ڪراين، ڏيڻ وٺڻ ۾ ويچاريءَ جا ڪيترائي پنھنجي گهر، پنھنجي هڙ جا بہ پئسا خرچ ٿي ويا. انھن ئي پئسن ڪڍ سال اڌ کان ڊُڪي ڀڄي آسو لاهي ويٺي.
”مان چيو، ايئن هٿين خالي تہ نہ وڃان، وڃان تہ پنھنجا ٻہ پئسا تہ هڙ ۾ هجن. ايئن تہ اڳلو نہ چوي تہ آئي تہ جواني ٻين کي چوڙائي آئي، آئي تہ سُڃي سکڻي، هٿين خالي آئي. مان کي پڪ آ تہ هو مان کي هنن حالن ۾ بہ قبول ڪري ها پر....... ڪھڙي منھنجي متِ کسي، ڪھڙو......“ حيرت مان پڇيم:
”ڪير توکي اتي پھچائي ها؟ سوير ڇوڪري جو ذڪر پئي ڪيئي؟“
”اهو ڇورو سھو، اهو ناچو ڇورو. اهو ڇورو وڃي ڪو اوڏنھن رهندو آ. اتي ئي ڪسب ڪمائيندو آ. سندس استاد بہ ڪو اتي جو رهاڪو آ. ها ها اصلي ڳوٺ ئي اهو اٿس. ڇوري کي گهڻا ڏينھن اڳ ڍنگ ۾ هوندي ئي شير سان ملڻ ۽ منھنجي ياد ڏيارڻ لاءِ چيو هئم. هن پوءِ ساڻس ملي ڳالھہ ڪئي هئي، ”نئون ديرو واري وزيران اوهان کي ياد پئي ڪري. هوءَ هاڻي واندي آهي. هوءَ اوهان سان ملڻ لاءِ پئي پَرَ ساهي.“ ٻي بہ کيس ڪافي ياد ڏياري هُئائين. هن پوءِ چيو هيس، ”يار، وزيران جون ڏاڍيون مھڙون آهن، هن سان مان ڪين رهائي. وقت گذري کان پوءِ بہ ياد رهندي آ.مان کي سڀ خبر آهي تہ هوءَ ڪٿي پرڻجي وئي آ. سندس مڙس ڇا ڪندو آ ۽ کيس گهڻا ٻار آهن. عام ماڻھو هجان ها تہ جيڪر...... پر يار، مار پوي پنھنجي مشھوريءَ کي پر هاڻي...... اچي اچي، بيشڪ اچي، منھنجي اکين تي اچي. اچي پر آڻجانس منھنجي راڻيپور واري جاءِ تي. ها، متان ڳوٺ آڻينس.“
”ڇوري چيو بہ پر مان ڪُوڙي ٿيس. مان قولين ڪُڙي ٿيس. مان لالچ ۾ ڦاسي ويس. مان ٻن پئسن پٺيان ڊوڙندي رهيس، مان...... پر سيٺ، نہ جو نصيب هو، نہ جو ملڻو هو، ايئن ئي ٿيڻو هو. سيٺ، اٿئي سڀ قسمت جي ڳالھہ، اٿئي سڀ نصيب جي بازي. ماڻھو سَوَ جتن ڪري، ڪو کڻي سَوَ حيلا هلائي پر..... هو ٻڌو نہ ٿي لکيو منجهہ نراڙ قلم ڪياڙيءَ نہ وهي..... مان پئسن جو تونکرو مٽي تياريءَ کي لڳي ويس. شھر مان ٻہ چار جوڙا بہ آڻايم، هڪڙو نہ وڻيو تہ ڌيءُ هٿاران واپس ڪرائي، مٽرائي ٻيو آڻايم. سڀاڻي درزياڻيءَ کان کان ڪپڙا ملڻا بہ هئا. هئي هئي.....! ان جلدائيءَ ۾ تہ متان پئسن تَتو درزياڻي دير لائي، سلائيءَ جا پئسا بہ اڳواٽ مُڪا مانس پر مان کي ڪھڙي خبر، مان کي ڪھڙي سُڌِ.......“
”تنھنجي معنيٰ ڌيءُ کي بہ ڪن ڦوڪ ڏئي ڇڏي هيئي؟“
”نہ سيٺ، رڳو توسان ٿي حال اوريان.“ هٿ ٻڌندي، ”پر هي هٿ ٿي جوڙيانءِ ٻڌائجانءِ نہ ڪنھن کي. انھن ڌيئرن جي سِرَ بہ ماريو اٿم.“
”جي وڃين ها تہ انھن کي ڇڏي وڃين ها!؟“
”نہ چيم، اڳ ۾ پاڻ هٿيڪو ڪري پوءِ انھن کي وٺي ويندس.“
”تہ پُٽَ!؟“
”پُٽَ، تن جيڪي نہ ڪُر اُجرا ڪيا آهن، جيڪي نہ ڀال ڀلايا آهن، تن جي بہ سُڌِ هوندئي، چون جيڪر هن وقت نڪري، هن گهڙيءَ پير پٽي تہ اڪيليون ڪيون عيدان. پاڙي سان آن، ٻڌندو هوندين، ڏسندو هوندين، جيڪو پُٽن هانباريءَ چارهيو آ. وڏو پُٽُ تہ چوي، وڃين پرڻجين ڇو نہ ٿي، اڃان تہ ٿلھي سٻرُ آهين. اڄ زالون مٺيون آهن. مائرون ويچاريون....... کين زالون اٿارن بہ ويھارن بہ ۽ پُٽن جي اهي پرڪار ڏسي تہ....... پر سيٺ، سٺو ٿيو جو نہ ويس. جي وڃان ها ۽ هيئن اڄ هن جو موت ٿئي ها پوءِ تہ منھنجو حشر ئي رلي وڃي ها. پري پرائي ديس تي ڪانون ڪتڙن هاب ٿيان ها. ڪاڏهن جي منھن کڻڻ جھڙي نہ رهان ها. چون ئي ايئن ها ڏائڻ آهين، تو ماريُسِ. پوءِ پٽن ڏانھن بہ ڪانئياري تہ اتي بہ اگهہ نہ ٿئي ها. ڪن مان ڪوڙ ٿي ڳالھايان؟“ سواليہ نظرن سان تڪڻ ”هن کي اڳ ئي ٻہ زالون، الاهي ساترا ٻار، نڪاح تہ ڪري ڪونہ ها...... ڪن سيٺ، وڃڻ کپي ها؟ پڇاڙيءَ منھن تہ ڏسانس ها، ڪي گهڙيون گڏ تہ گهاريون ها. سال، سڄو سال بہ ڪو ٿورو عرصو ناهي! ان سڄي سال ۾......... پڇاڙيءَ قبر تي مجاوري ڪيان ها. تربت تي چوڪي ڏيان ها، سندس ٻارڙن جي ٻانھپ ڏيان ها.“ ٻيھر اکين مان ڳوڙهن جي رمجهم، ٽم ٽم، نڪ سڻڪي رئي جي پلانڌ سان اگهي اخبار کي رئي جي پلانڌ ۾ ٻڌڻ لڳي.
”ڇا تہ جلال چيو آ، بھاني ڪنھن تہ اي جاني پڇڻ بيمار کان اچ تون. مٺا محبوب هڪ ڀيرو ڏسڻ بيمار کي اچ تون ۽ مان تہ پڇڻ بہ......“
”ڇو، اخبار کي لڪائين ٿي!؟“
”ڪاٿي سيٺ، هيءَ تہ آندي ئي ننڍي پُٽ آ، ويو هو ڪو پگهار وٺڻ، خبر جو پيس تہ......“
ان تي ياد آيو، سندس گهر ۾ هڪ ڏينھن جلال ۽ شير ميربحر جا ڀت تي لڳل ڦوٽو ڏسي مرڪي پڇيو هو، ”شير وري ڪڏهن کان ڳائڻ شروع ڪيو!؟ ڪن اوهان راڳ ڇڏي ملھہ تي لٿا آهيو؟“
کلندي چيو هُئائين:
”مڙئي ٻارن جا ڪم، ڪٿان هٿ جو آيا اٿن ڦوٽو تہ ڀِتِ تي چنبڙائي ڇڏيا اٿئون.“ ۽ اڄ وري سندس روئڻ، جهڄڻ، جهرڻ. مان ان سندس نئين انڪشاف تي، نئين پڌرائيءَ تي زبردست حيرت کائڻ لڳس. حيرت جھڙي ڳالھہ بہ هئي. ان حيرت وچان پڇيم:
”شير سان تنھنجي ڪيئن ۽ ڪٿي واقفيت ٿي!؟“
”شير سان واقفيت اباڻي ڳوٺ، ننڍي لاڪون هئي. اڃان ساماڻي بہ نہ هئس.“
”ننڍي لاڪون......!؟ پر هو وري توسان ڪيئن مليو. هو تہ هتان کان ڪوهين ڏور، هو وري.......“
”ها، بس قسمت جو کيل. ڀٽو بہ تہ سنڌ جو هو پوءِ ڪيئن ايرانڻ پرڻيو؟“ چوندي چوندي هوءَ اٿڻ لڳي پر مان ساڻس همدردي ظاهر ڪندي ويھارڻ لڳس.
”ڇو اٿين ٿي؟“
”بس، سيٺ.“
”ويھہ تہ، ايڏي تڪڙ ڇالاءِ، ويھہ.“
”نہ، تڪڙ تہ ناهي پر.......“ هوءَ پوءِ نڪ سڻڪندي ٻيھر ويھڻ لڳي. سندس ويھندي پڇيم:
”شير سان تنھنجي ڪيئن ٿي دوستي!؟“
”سيٺ، ڇڏ انھن ڳالھين کي، اجايا ڦٽ نہ اُکيل.“ ٿڌو ساھہ کڻندي چيائين.
”پوءِ بہ.......“ دلچسپيءَ وچان پڇيم.
”ٻڌائيندي سانءِ ڪنھن وَکَتِ.“
”اجائي اُڻتڻ رهندي.“
مان ڏٺو هوءَ پوءِ ڀرمي پئي. منھنجي چئي کي نہ ٽاري سگهي. کن جي خاموشيءَ کان پوءِ ٿڌو ساھہ کڻندي، ”هئي، هئي...... ڇا تہ ڀٽائيءَ کان سوال گهريو هئم، واھہ لطيف سھڻا واھہ...... ڇا تہ سوال اگهايُئي، ڇا تہ........ سوال اگهايُئي بہ تہ اڪيلو بہ ڪري ڇڏيئي. ارمان رهائي ڇڏيئي، دربدر ڪري ڇڏئي، گهر گهاٽ جو نہ ڇڏيئي، ابوءِ......! ڏينھن ئي اهي، ائي...... چئبو سيٺ، لطيف بہ ٻُڌي ٿو!؟ واھہ لطيف سھڻا واھہ......! واھہ ڀٽائي گهوٽ واھہ...... ٽيون وريھہ انور اڪيلو لطيف جي ميلي تي ويو. موٽي اچي ٻڌايائين ميلي جو حوال، ملاکڙي جي تہ ڳالھہ ڪري نہ ٿي ٿڪو. هن ٻڌايو، سمن شاھہ جي سورهيائيءَ جو، قمبر حاجاڻي جي حرفت جو، انبڙي شيديءَ جون ارھہ زورايون تہ سومر ميربحر جي طاقت جو، ٻين ڪيترن ملاڻي، هينڊل مڪراني،حاجي خشڪ جي پھلوانيءَ جا بہ ڪافي مثال ڏنائين پر شير جي ڳالھہ ڪري نہ پئي سگهيو. شير پھلوانن جو سرتاج، ميدان ۾ بيٺل، اڃان ڏسندينءَ ساڳي وهي، جوانن جھڙو جوان. ڀلا سٺا ڪپڙا، ٻانھن ۾ واچ، پير ۾ شو بوٽ، مٿي تي بوسڪيءَ جو وڏو پٽڪو. بوسڪي بہ معمولي نہ، ڊبل گهوڙي واري اُچي. جپاني ڪيٽيءَ جي سُٿڻ قميص. اصلي شھنشاھہ، ننڍڙو پُٽ ساڻ. هو هاڻي پاڻ تہ ملھہ وڙهي ڪونہ پر سندس وڏي پُٽ پيءُ وارا پئي جوهر ڏيکاريا. هوبھو پيءُ واري ملھہ.....! ساڳيائي داءَ پيچ، ساڳائي وارا، ساڳيون ئي اندريون ٻاهريون، ساڳيائي ٺاهوڪا جاٺا. اندرئون ڏئي، ڍاڪ تي کڻي آئي جو همراھہ کي هنيائين تہ خدا ۾ پت ڪرين ٻانھينءَ مان ٽڙڪاٽ نڪري ويا....!! پھلوان کي دسي ڪُڏُ ڏئي پيءُ کي پيرين پئي، هيئن جو ٻانھينءَ ڏانھن وڌيو تہ ويٺلن مٿس روپين جو مينھن وسائي ڏنو. پنجين، ڏهين جا نوٽ، روپئي جي تہ ڳالھہ ئي نہ ڪر. اڄوڪي زماني ۾ روپيو ڏيڻ بہ تہ لڄ ۽ وٺڻ بہ لڄ. ڪي شوقين تہ پنجاھہ پنجاھہ، سَوَ، سَوَ جا نوٽ بہ پيا ڏين. مان بہ ڏهين جو نوٽ ڏنو مانس. پر وزيرِ پئسو اُٺس ڇا، خدا ۾ پت ڪرين تہ مٺيون ڀريندو ڀرسان جهوليءَ واري ڏي اڇليندو وڃي. ڊڄي ڳالھہ ٿو ڪيان هڪ ٻانھينءَ مان ئي هزارين روپيہ ٿي ويا هوندس. هڪڙي تہ ايئن بہ چيو، پُٽ هاڻي سڄو سال وڃي ويھي کاءُ. مطلب شير جي ڏاڍي عزت، ڏاڍي مڃتا. پھلوان پِڙَ ۾ وڃن تڏي بہ شير کي پيرين پئي، دعا کٽي پر جي سوڀارا ٿي موٽن تہ تڏي بہ شير کي پيرين پئي دعا کٽن. ابوءِ....... هئو ڙي جوان تنھنجو نالو. هئو ڙي شير تنھنجي ساعت....!!“ انور جي اهڙن گفتن هرکائي وڌم. ٻئي سال مان بہ ميلي تي سنبري بيٺس. انور مڃي ڇا، ڀائين، رن ميلي تي رش، ميلي پِيھہ. ميلو مردن لاءِ آ ڪن زائفن...... زائفان وري ڪيئن ميلي تي، اجايو خلق کلائڻي. نہ، نہ مان نہ وٺي هلندو سانءِ پر مان مڃان ڇا، صفا پِڙُ ڪڍي بيٺس، چوان اها ڪھڙي ڳالھہ، منھنجو خصيص انگل نہ ٿو پورو ڪرين. هو هڪڙيءَ تي مان ٻيءَ تي، نيٺ چيائين، رَنَ مُڙين نہ ٿي پر اتي هلي جيڪو بيزار ٿيندينءَ سو....... ماڻھن جي گوڙ گمسان ۾ ڇا ڏسندينءَ ڇا وائسندينءَ؟ اجايو رناڻو ضد، شڍو تہ نہ هل، توکي وري ميلي گذرڻ کان پوءِ زيارت ڪرائي ايندس. ڏِسُ چيو هومانءِ تہ ڪوٽڏيجيءَ ڪفنن وارو ماتم ڏيکاري آيو مانءِ نہ يا هونءَ گهڻا گهُمرا لعل شھباز، لطيف سائينءَ ۽ ٻين درگاهن تي هليا آهيون. چيم سي تہ تنھنجون مھربانيون. تنھنجا اهي ڳڻ تي ڳايان ٿي پر ڀٽائيءَ جو ميلو؟ چوندا آهن جنھن ڀٽائي ۽ قلندر جو ميلو ڏٺو تنھن ڄڻ حج ڪيو. مان کي لوري هئي شير جو منھن ڏسڻ جي. هيڏي حياتي گذري وئي آ، پوءِ بہ الائي ڇا سوچيم، هيڪر تہ شير جو منھن ڏسان، هيڪر تہ سڪ پوري ڪريان پوءِ........ ساھہ تي ڪھڙو ڀروسو، حياتيءَ تي ڪھڙو اعتبار. نيٺ لطيف جي ميلي تي وياسين، ساڻ ننڍڙي بيبي کنيم. ڀلا مان زال زائفان، مان ڪٿي ٿي مردن جي گوڙ گمسان ۾ نڪري سگهيس. مان ۽ بيبيءَ کي انور هڪ جاءِ تي ويھاري پاڻ وتي چڪر چاڙي هڻندو. سڄو وقت ويٺي ويٺي سچ بہ ڏاڍو بيزار ٿيس پر پنھل پسڻ لاءِ سڀ سھڻو پيو. گهڻو ئي نھاريم پر شير ڪٿي بہ نظر نہ آيو. نيٺ ملاکڙي جو ٽيم بہ ٿيو. انور ملاکڙي تي ويو. شام جو واپس اچي پھريان جيئن ميلي جو سربستو حوال ٻڌايائين. مان رات جو دعا گهري، ياالاهي، سھڻا لطيف، قرب ڪر منھنجو پنڌ سڪارتو ڪر. اندر جو ارمان پورو ڪر. هيڏا ڪشالا ڪري آئي آهيان. ٻيو نہ تہ پڇاڙيءَ منھن ٽڪري تہ ڏسانس. نيٺ ڦري ٻيو ڏينھن ٿيو. انور ٻاهر گهمڻ نڪتو تہ پٺيان ننڍڙي بيبي بہ لاري ڇڏيمانس. مان تہ ويٺي ويٺي سزا ڪاٽيان ٿي پر هن ٻارڙيءَ کي تہ گهماءِ ڦيراءِ، کاراءِ، خرچاءِ. انور وئي کان پوءِ مان کي ملي وئي وِٿي پر ان وٿيءَ ۾ مان ڪيان تہ ڪيان ڇا؟ وڃان تہ وڃان ڪاڏي؟ نيٺ سوچيندي سوچيندي واجهائيندي واجهائيندي ڪنھن ماڻھوءَ کي سڏي ورتم، او ادا، ڀائو اڳڀرو تہ اچجو. مان زال زائفان جي اوچتي واڪي تي ويچارو واٽھڙو مُنجهي بيھي رهيو. مان صفا لڄ لاهي چيو، ڀائو تون ڪنھن فڪر ۾ نہ پئو، رڳو هيسيتائين ٻہ پير ڀري اچ. هو پوءِ مان وٽ آيو. هن ٻڌايو پاڻ کٽي آهي ۽ هتان جو ئي ويٺل آهي. مان کيس هٿ جوڙيندي عرض ڪيو، ڀائو لطيف جي پِڙَ ۾ بيٺو آن منھنجي ڪا بہ ميري مندي ڪانھي، مان رڳو ڏٺي جي بُکي آهيان. متان ڪا ٻي ڳالھہ سمجهين. پيرن تي پلاند رکندي چيم، منھنجو هڪ عرضڙو آهي پر شير شرم ٿجانءِ ڦشري نہ ڪجانءِ....... شير پھلوان، جيڪو ملھہ آهي، ان تائين منھنجو هي سنيھو پھچاءِ. چويس هنن آرن، پارن سان ڪا اترادي عورت مسافر خاني هنڌ ويٺل آهي، نالو وزيران اٿس، صوف فقير جي ڌيءُ آهي، پاڻ نئون ديرو شھر جي ويٺل آهي، اوهان کي ڏاڍو سنڀالي ٿي. ڀِٽَ ڌڻيءَ جي واسطي هڪ ڀيرو منھن ٽڪري ڏيکار، ٻي منھنجي ڪا لالچ ڪانھي. هو ويچارو بہ ڪو سٺو ماڻھو هو تنھن چيو، امان مان چوانس ٿو. نياپو پھچائڻ منھنجو ڪم، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو. پوءِ ڳچ وقت کان پوءِ هو آيو. اچي چيائين، امان پاڻ ريل بند قريب رهيل آهي چوي پيو ان عورت کي هت پھچاءِ، پوءِ مائي جيڪا تنھنجي مرضي. مان کي ڪم بہ ڏاڍو آ پر اڳ ۾ تنھنجو سوال، هلين تہ مان اکين تي پھچايانءِ پر جي......“ مان خيال ڪيو هڪ تہ ميلي جو موقعو، هزارين لکين ماڻھو، ٻيو تہ جتي اچڻ لاءِ چوي ٿو اتي سنڌ جا سڀئي پھلوان ترسيل هوندا. ٽيون تہ انور ڪھڙي مھل بہ اچي سگهي ٿو. جي مان نڪران ۽ پٺيان اچي تہ پوءِ.......؟ جي پڇي تہ ڇا چوان!؟ پٺيان هي ٽپڙ ٽاڙي، رلھيون گودڙيون، هنڌ بسترا؟ ڪا مھل سوچڻ کان پوءِ مان دل هاري ويٺس. مان چيو، ڀائو بس هڪ قرب، هڪ پنڌ، چويس اڪيلي ناهي مرد ساڻ اٿس، مرداڻو قول نڀائي، مان کي لطيف جي چئوگان ۾ منھن ڏيکار تہ تنھنجا لک لائق، ٻي منھنجي ڪا هير هج ڪانھي. پوءِ هو ماڻھو ويو پر ٻيھر موٽي ڪونہ آيو. مان کي ڏاڍو اُلڪو رهيو. نيٺ ڏسندي، ڏسندي شام جو وقت بہ اچي ٿيو. انور ٻڌايو تہ شير جو اهو دستور رهيو آهي تہ ملاکڙي جي ميدان ۾ وڃڻ کان اڳ لطيف جي زيارت ضرور ڪندو آهي. مان ان وقت جي انتظار ۾ هُيس. اکيون ڦاڙي چئني پاسي نھاري رهي هئس تہ انور رڙ ڪندي چيو، ”وزير، هي ڏس، هو ٿو وڃي شير هو......“ مان ان وقت اُڀي ٿي صفا اٿي بيھي رهيس. مان ڏٺو هائو ٻيلي شير چئوگان ۾ کُتل جهنڊي هيٺان اهي، هن جي هٿ ۾ ننڍڙو پٽ جيڪو هوبھو ٻہ هٿ ٻہ پير، منھن مھانڊي پيءُ جھڙو. هو لٽي ڪپڙين ٺاهوڪو. هٿ ۾ نيٽ جو لڪڻ. ٻانھن ۾ سوني واچ. چيچ ۾ مُنڊي. قد بت ۽ عمر جو اهڙو ڪو خاص فرق ڪونہ! سچ بہ جوانن جھڙو جوان. ايڏي عمر گذارئي کان پوءِ بہ منھن مان رتُ پئي ٽميس. ڀلا نہ ڏک نہ ڏاکڙو، نہ ڳڻتي نہ ڳاراڻو. اڇو لٽو، اڇي ماني. الاهي ساتري زمين، انعام اڪرام. پيسو پنجڙ، ان ماڻھوءَ کي آخر ڪھڙي ڪمي؟ جاڏي بہ سفر ڪري، ڀاڙو ڪرايو معاف. سرڪاري پاس مليل.....“
”توکي هن سڃاتو!؟“
”سيٺ، چئي نہ ٿي سگهان پر مان هن کي سڃاتو، مان هن کي......“
”پوءِ ملئينس!؟“
”اڙي سيٺ.......“ نرڙ تي هٿ هڻندي، ”پِٽيان پنھنجن ڪرمن کي. چوان پنھنجن نصيبن کي. مان کي وڃڻو تہ اوڏانھن پوي ها، جتي گهرايو هئائين، جتي ترسيل هو پر گيسر جو گهر ٿيس. سستيءَ جو شڪار رهيس.
”لطيف جي ميلي تي ويو آن؟“
”نہ، ويو ناهيان، پر عقيدت ڏاڍي اٿم، سڪ گهڻي اٿم.“
”ائي سيٺ، وڃي تہ ڏس نہ، وڃي تہ...... خود خدائي اتي آ. دنيا جھان جا ماڻھو. لکين هزارين ماڻھو........ پوءِ مان ڏسي سڪ ئي پوري نہ ڪئي تہ هزارين ماڻھو مِڙي ويا. واجهائيندي واجهائيندي اڳڀرو بہ نڪري آيس پر ماڻھن جو سيلاب. ماڻھن جو درياھہ هو، جنھن ۾ ڇلندو هو منھنجي اکين کان اوجهل ٿي ويو. مان رڙ ڪندي چيو، مان نہ ٿي ڏسان، مان........ هو ڪاٿي آ، هو ڪاڏي ويو؟“ انور پٺيان اچي ٻانھن کان سٽيندي ڪاوڙ مان چيو، ”خداءِ انڌو جو ڪيو ٿي پوءِ......... چڱو هاڻي ماٺڙي ڪري هيڏي ٿي ويھہ.“ انور جي اوچتي ۽ زومائتي سَٽَ ڏيڻ تي مان فرش تي وڃي ڦھڪو ڪيو. ڪرڻ سان مَڳَزَ ۾ اهڙو ڌڪ لڳو جو اکين اڳتان اوندھہ وري وئي. پوءِ تہ اها سڄي رات رُنس. صبح جو اٿي هنيانءُ هلڪو ڪرڻ، روح ٻيءَ روءِ ڪرڻ لاءِ لطيف جي صحن ۾ ويس. غازي عباس جي عَلم هيٺان ٻئي هٿ کڻي دعا گهريم، ”لطيف تون وڇڙيا ملائين، رُٺل پرچائين. هن غازي عباس جي عَلم صدقو، مون کي بہ ملاءِ.منھنجو عرض اگهاءِ. مان کي آزاد ڪر. هاڻي مان کي ڇڏاءِ تہ وڃي ساڻس آخري ايام گڏ گذاريان. پنھنجو ڪيل واعدو نڀايان. بس، مان کي ٻيو ڪجهہ نہ ٿو کپي. منھنجو ڪو ٻيو سوال ناهي. مان کي آزادي گهرجي. مان کي آزادي........“ چوندي چوندي جذبات وچان ڍنڍڪران ڏئي روئڻ لڳي. وري هڪ ڀيرو ارمان، اڌما، وري هڪ ڀيرو اوراڻا، جهوراڻا، روڄ راڙو، پِٽڪو ڪُٽڪو، ”مان آزاد ٿيس! ها، مان آزاد ٿيس، هئي ڙي لطيف....... بيشڪ آزاد ڪيئي. بيشڪ آزاد ڪيئي. هن آزاديءَ کان تہ موت اچي ها، قبر ۾ سمھارين ها. انور جي هٿن ۾ ئي سَرهو ڪرين ها. ھھڙن عذابن کان بچائين ها. مان آزاد ٿيس. مان آزاد.......“ هوءَ روندي روئندي رئي جي پلانڌ ۾ ٻڌل اخبار کي هٿ ۾ ڪندي کٽ تان اٿڻ لڳي ۽ مان کيس ٻيھر ترسائڻ جي سگهہ نہ ساري ڇڏي ڏنو سندس حال تي. هوءَ وئي پر پوءِ تائين کيس وڌيڪ کوٽڻ جي هورا کورا من ۾ رهي تہ هن جو عشق ڪيئن، ڪٿي ۽ ڪھڙي نموني ٿيو!؟ ان عشق ۾ اڳرائي ڪنھن ڪئي ۽ پٺتي ڪير رهيو؟ ان معاملي کي لڪائي رکڻ، ايڏو سارو عرصو مٿس پردو پيل!؟ ۽ پوءِ پڇاڙيءَ ۾ ٻيھر ملڻ جي چاهت، ٻيھر ملڻ جي سڪ!؟
ٻي جيڪا اهم ۽ سوچڻ جوڳي ڳالھہ سا هئي هن خاندان ۾ مشھور ماڻھن لاءِ سڪ، قرب وارو جذبو!؟ ان جذبي تحت ئي وزيران جيان سندس وَڏِوَرِ ڌيءُ مونا بہ سنڌ جي ڪنھن چڱي چوکي مشھور ماڻھوءَ سان لئون لڳائي ويٺي. جنھن عشق، محبت جو داستان بہ ڊگهيرو آ. حيرت آ، اهو انھن وٽ گڻ آيو ڪٿان!؟ سندن مشھور ماڻھن سان عشق. نالي چڙهيلن سان پريت!؟ منجهن جادوئي اثر! سونھن سينگار! عام ماڻھوءَ کان اوچا خيال!؟ عام ماڻھوءَ کان اتم نگاھہ!؟ عام سوچ کان اُتم اُڏارَ!؟ ڪنھن ٻئي ڀيري سندس ان خانداني اُتم اڏار جو سبب پڇيم:
”وزيران، ڏي تہ خبر اوهان ماءُ ڌيئن وٽ اهو گڻ آيو ڪٿان!؟ ڪٿان اوهان عشق، محبت جي چُڪي چاڙهي!؟ ڪٿان اوهان جي مزاج ۾ مشھور نالي چڙهيل ماڻھن سان سڪ، قرب رکڻ وارو اعليٰ ۽ اُتم جذبو سمايو!؟ ڇا عشق، محبت لائق اهي مشھور ماڻھو، فيلسوف، فنڪار، رانديگر ۽ کلاڙي ئي آهن ۽ باقي؟ هي وڏيرا ننڍيرا؟ عام ماڻھوءَ جو تہ سوال ئي ڪھڙو پر هي اعليٰ عادتن ، ڪارن بنگلن وارا؟ هي شاهوڪارن جا سھڻا سيبتا ٻار؟ ڇا انھن وٽ عشق ڪرڻ جو افعال ڪونھي؟ اهي پيار پريت مان نہ ڄاڻن؟ انھن تي اوهان جي اک آخر ڇو نہ ٿي ڦري؟“
منھنجن اهڙن سوالن تي پڪ ئي پڪ مرڪي پوي ها يا ڦونڊ ۾ ڀرجي وڃي ها، جيئن عام موقعن تي عمومن ڏسڻ ۾ ايندو آهي. پر هوءَ نہ ڪو پنھنجي ساراھہ تي ڦونڊ ۾ ڀرجي وئي هئي ۽ نہ ئي وري ڪو بود ۾ اچي ٽھڪڙن ۾ پئجي وئي هئي. هن جو تہ ڪڏهوڪو من مري چڪو هو. هن تہ هاڻي عمر لاءِ مرڪ، کِل، کجڪي کان قسم کڻي ڇڏيو هو. هن تہ هاڻي ڪارو لباس اوڙهڻ ۽ پيرين اگهاڙي رهڻ جو پنھنجو پاڻ کان وچن ورتو هو. هاڻي اهڙيون ڳالھيون سندس لاءِ نيچ ۽ ڪميڻائپ واريون هيون. هن جي کائڻ پيئڻ، اٿڻ ويھڻ، ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ چال چلت ۾ هزاروڻو ڦيرو، ماڻھو وزيران جي ڳالھائڻ لاءِ سڪن ۽ وزيران جي وات تي چُپ جي مھر. ماڻھو وزيران جا ٻہ ٻول ٻڌڻ لاءِ آتا ۽ وزيران جا وري چَپَ سبيل. ماڻھو وزيران جي وات ڏي ڏسن ۽ وزيران وري ويچارن ئي پنھنجن ۾ وچڙيل. ٽيپ ريڪارڊ تي جلال جو ڪلام تہ گونجي پيو پر ٽي وي ڏسڻ لاءِ، سٺا سٺا پروگرام ڏسڻ لاءِ ماڻھو موڪِل، سڏ، ڪوٺ ڪرڻ باوجود ڪونہ اچي! ايئن ڄڻ ٻيھر انور مئو هجي. ٻيھر مڙس جي ڍنگ جا ڏهاڙا پورا ڪندي هجي! جڏهن تہ اڳ بار بار ٽي وي پروگرامن بابت آڏي ابتي پڇا ڪندي، نئين راڳ، نئين آواز، نئين نِيھن، نئين ناتي بابت ٻولا چاريونڪندي. خبرون چارون، حال احوال، ڪجهہ ڏيندي تہ ڪجهہ وٺندي. مثلن:
”سيٺ، ڀائين خادم شاھہ جي زال ڊاڪٽر روشن سان ڀڄي وئي!؟ ابوءِ....... عشق نہ پڇي ذات. ڇا سيدياڻي ڇا اُمتي. پوءِ اڃان اسان ڄٽن ڏي ڏوھہ آ؟ ننڍڙا ٻار مڙس جي ڇڏيل ڌن دولت، ماڙيون، بنگلا، سڄي ميراث پر سيٺ، لڳيءَ کي لک لعنت آ. لڳيءَ کي..... هونءَ وري روشن ۾ ڪھڙا لعل لڀندا آهن؟“
”سيٺ، ڀائين گلاب شاھہ اُمتياڻي ڀڄائي ويو......!؟ پوءِ سيدياڻيون ڪي کُٽيون هُيس. هن کي وري ڪھڙا هَسَ پيل هوندا. هوءَ وري ڪھڙي پاءُ گلن ۾ تُرڻ واري بالي هوندي. ڪھڙو وري حُسن هئس. ڪاري ڪڻڇي، اوندھہ جو ڏِيو پر هاءِ ڙي ست پيڙهيون ڪٽيائين ڪاريھر عشق!...... هاڻي وڃي يڪو هڏ پاڪ ڪرائي.“
”سيٺ، ٻُڌڻ ۾ ٿو اچي تہ ڀنگي ڪلھوڙن واري پير، جنھن عشق جي انڌ ۾ اچي الائي ڌن دولت جي لالچ ۾ اچي پوڙهي پيءُ کي ماريو هو. تنھن جي پُٽ ڀائين موچياڻي پرڻي آهي!؟ چون ٿا منھنجو سن آ، ڏاڍي رهائي سھائيءَ واري آ. ڇوڪرو پاڻ تي ڇڪن ٿيس الائي سندس مُڏي مال تي!؟ پر سيٺ، عشق جي ذات بہ ڪا ڏاڍي الستي آ. نہ ڏسي ذات نہ پاڙو. نہ ڪڙم نہ قبيلو، نہ رنگ نہ روپُ، نہ عمر نہ وهنوار.....!! ڀائين ذوالفقار علي ڀٽي جي ماءُ بہ سر شاهنواز سان ڏٺي جو پرڻو ڪيو هو؟ ڀُٽي جي پُٽ بہ تہ عشق مان شادي ڪئي آهي. پوءِ ڪاڏي سنڌ ڪاڏي لالن پٺاڻن جو ملڪ ڪنڌار. ڌيڻس بہ کمبھاٽي کٽيءَ سان پرڻي آ، پوءِ لڳي وين الائي لکئي جو سڱ!؟....... بس سيٺ، لڳيءَ کي لک لعنت آ نہ تہ ڪير ککي ڪير کاري؟ ڪير نوري ڪير مھاڻي، جو ڄام پيو ڄار کڻي!؟ مُٺي جلال بہ تہ ڇا چيو آ:
اچي نيٺ اٽڪيون، اکيون تنھنجون منھنجون،
ولين جيان وري ويون، دليون تنھنجون منھنجون!!“
هن پوءِ پنھنجي اکين اٽڪڻ واري احوال ۾ ٻڌايو هو:
”مان چڱي ٽَٻرَ آهيان، جو نئون ديري ۾ ناٽڪي ملاکڙو لڳڻ شروع ٿيو هو. ملاکڙو ٽي ڏينھن ساندھہ هلندو هو. جنھن ۾ تَرَ جا وڏيرا، سيٺيا، بات بات جا ماڻھو، پري جا پھلوان، اترادي توڙي لاڙي ملھہ، اهي سڀئي پھلوان چونڊجي ايندا هئا ۽ اچي نئون ديري منجهہ آکاڙو هڻندا هئا. پوءِ پھلوان ڏيندا بہ هئا تہ وٺندا بہ هئا. آخري ڏينھن تي پھريون، ٻيون ۽ ٽيون نمبر ايندڙ پھلوانن ۾ انعام ورهايا ويندا هئا. آفرين ناما ڏنا ويندا هئا. ان سڄي انتظام جو آڳڙيو درل فقير هوندو هو. جنھن جي هٿ پڄندي مڙئي سبيل هئي. هن تي خانبھادر احمد خان جو بہ مڙئي چڱو راضڙو هو. ميلي تي دڪان لڳندا هئا. کوڙ ساترا شئي شڪل، مٺائيءَ وارا پيا هوڪا ڏيندا هئا. ماني کائڻ لاءِ نانوائن جا هوٽل هلندا هئا. تنھن زماني ۾ مان ننڍڙي هُيس. پر سمجهہ ڀري. ان تنھنجي ڀيڻ کان ٿوري لائيري. رنگ جي پڪيرڙي، سانوري، سنھڙي، سيپڪڙي، جھڙو لئيءَ جو جهانڀو! اينٿري، اَڻَ جهل. ماءُ تہ ننڍي لاڪون مري وئي هئي. سو پاليو هئم مرحيائت بابي....... بابو بہ يا عمر رَنَڙُ رهيو. اصلي ٻي شادي نہ ڪيائين. ڀائين، منھنجي شادي شرناءِ سان آهي. هو ڏاڍي سُٺي شرناءِ وڄائيندو هو. هاڻي تہ الائي ڪھڙا اهي توتارا نڪتا آهن. پر اڳي ان ساز جو ڏاڍو داد هو. مان جا لاڏ ڪوڏ مان پليل. پيءُ جي سڪيلڌي، سو اندر ٻاهر ڌالي وڇير جيان سدائين بابي جي ڪڍ. بابي جو اٿڻ ويھڻ چڱن ماڻھن سان. سندس ڏاڍي سُٺي مڃتا. بازر مان لنگهون تہ هندو سيٺيون جهول مٺائيءَ جا ڀري ڏين. ڏنگهين، مصرين جا سيرن جا سير. بابو چوي، کاءُ ڌيءُ پر گهڻي مان آخر ڇا کائجي. کائڻ جو لالاکرو هو چاچو گجو پر اهو بہ سدائين ٻاهر ٽڪاڻي جي ڪڍ. ٻيو ڪو ڀاءُ ڀاڄائي تہ هو ڪونہ. بابي تہ اڃان شادي ڪئي پر چاچي تہ مورئون شادي ئي نہ ڪئي. شاديءَ جو نالو کڻ تہ ڏوڻڪَ چڙهيا وڃنس. شاديءَ کان اصلي وئون وڃي...... بابو شرناءِ وڄائيندو هو، اهڙي جو عجب جھڙي. اوري پري جا ماڻھو کيس شادي مُراديءَ تي ڪانڍي ويندا هئا. هئو بہ اصلي مھڙين جوڙ جو. ان زماني ۾ بابي سان جوڙ ۾ هوندا هئا رمضان فقير مُتو وڄائڻ تي ۽ دُهل تي هوندو هو گل فقير. سندن ٽولو ڏاڍو مشھور ٿيو. مسلمان تہ مسلمان پر هندو سيٺيون کين ڊائي ڇڏيندا هئا. ميلي ۾ بہ ڳائڻ وڄائڻ جو ڪم بابي جي بِلي هوندو هو.
مان بابي سان گڏ ملاکڙي جي ميدان ۾ ويندي هُيس. پوءِ جيڪو پھلوان ٻئي کي دسيندو هو، سو پنھنجي ساريءَ تي سرهو، سڄي چوگان ۾ ٺينگ ٽپا ڏيندو، موج مستءَ مان مشڪندو، ڏسندڙن کان روڪڙ وٺندو بابي سان مخاطب ٿيندو هو، وڄاءِ فقير وڄاءِ..... ڪُٽِ فقير ڪُٽِ. هائو صوف فقير هائو....... تڏهن بابو سندس خيال سمجهي مرڪي داد ڏيندي اکين ئي اکين ۾ ٻين سازيندڙن کي ٽاهو وڄائڻ لاءِ چوندو هو. دهل تي ٽاهو ۽ هو جمالو جي سُر تي کٽيندڙ پھلوان پئسن جو ٻُڪ کڙڪائيندو، جهمر هڻندو پنھنجي ويھڻ واري هنڌ ڏي ايندو هو..... ان کيل تماشي کان پوءِ رات جو ملھن جي سيوا، ٽنڊوالي، بابو سندن ٽھليو هوندو هو. سڄي سڄي رات آئڍان، سوٽان، تيل مالش، کاڌا، پيتا، نشا پتا، گهرڙ گهوٽ اَلھہ بنيءَ جي اوٽ. سندن رهائش جو بُنو اسان جي گهر پٺيان دُرل فقير جي ويڪري ڪشادي اوطاق هئي. بابي جي پھلوانن ۾ ڏاڍي عزت هوندي هئي. ان ڪري هو مان کي بہ گهڻو ڀائيندا هئا. مان کي کوڙ خرچي ڏيندا هئا. بابو کين جهليندو هو تہ، نہ ڏيو، ايئن ٻار جي عادت خراب ٿئي ٿي پر هو حجائتو ٿيندي چوندا هئا، ”فقير واھہ چئبو اسان ڌاريا آهيون، جھڙي تنھنجي نياڻي تھڙي اسان جي.“ تنھن زماني ۾ شير بہ ميدان ۾ نئون نئون پيو لھي. کيس ڏاڙهي مُڇ جي ٿوري ٿوري ريھہ ۽ مان تہ صفا ننڍي. پوءِ جڏهن سندس پھلوانيءَ جو ڏونڪو وڄڻ لڳو تڏي منھنجي عمر اها يارنھن ٻارنھن سال هوندي. ٻئي سال ئي مان کي ستُر ۾ ويھاريو ويو. چاچو ڏاڍو خار باز هو. تنھن کي اها ڳالھہ ڪانہ وڻندي هئي تہ ڪو مان بابي سان ايئن ڇڙواڳ گهمندي وتان. هڪ ڏينھن تہ ان ڳالھہ تان ٻہ ٽي چاٽيون بہ وهائي ڪڍيائين، ”ڌياڻيو ڌڻ، وتين پراون ماڻھن سان چاگها ڪندي، ويھي رھہ گهر ۾. اڳنا واسطي نڪر، نڪر تہ ٽَنگَ تہ ڀڃانءِ.“ تڏي بہ چاچو نہ هوندو هو تہ مان ساڳو ئي ٻاهر نڪرندي هُئس. پر هاڻي....... هاڻي تہ جوان ٿي هُيس. وهيءَ ۾ پير پاتو هُئم. هاڻي ڪيو ڪرتيو، رڌو پڪو، سٺو بار مٿي تي اچي ويو...... ٻاهر نڪرڻ واري زماني ۾ ٻين پھلوانن وانگر شير بہ مان کي گهڻو ڀائيندو هو. خرچي بہ ڏيندو هو. چوندو هو، ”ڪوئل هان هي آڌي، وڃ، وڃي پاڻ بہ قلفي وٺي کاءُ ۽ مان لاءِ بہ آڻ.“ هن جي طبيعت ڏاڍي شرارتي هوندي هئي. هو مان کي جيترو ڀائيندو هو اوترو چيڙائيندو بہ هو. ٻہ ٽي ڀيرا تہ ساڻس رُٺس پر بابا وچ ۾ پئي ٺاھہ ڪرائي ڇڏيندو هو. مان کي ڪوئل نالو تہ وڻندو هو پر ڪاري ڪوئل ڪوٺڻ تي چڙي پوندي هُيس. ان رُسامي کان پوءِ ڪڏي ڪڏي هو ڪوئل چئي سڏيندو هو پر مان چائنٺ ٻاهران يا در جي تاڪ ۾ ڇپ هڻي بيٺي رهندي هيس...... ڪھڙا تہ وَکَتَ هئا، ابوءِ...... سيٺ، ڪھڙيون ٿو ڳالھيون پڇين، ڪھڙا ٿو سور اٿلائين...... ايئن ئي هڪ، ٻہ، ٽي، سالن پٺيان سال گذرندا رهيا. مان گهر ۾ واڙي ويٺس ۽ شير ميدان ماريندو، پاڻ موکيندو رهيو. کيس پھريان جا مشھوري ملي سا راڻيپور ۽ گمبٽ جي ملاکڙن ۾ ۽ پوءِ هِتِ اسان وٽ. هڪ ڀيري تہ خانبھادر احمد خان ڀٽو سندس سوڀ ڏسي مٿس ڏاڍو مھربان ٿيو. کيس پنھنجي جِيپ ۾ ويھاري ڳڙهي ڀٽو وٺي ويو. اتي ساڻس جَتن ڪيائين تہ شير وٽس رهي، پلي، پر شير هٿ ٻڌي کائنس اجازت گهُري. تڏهن پنھنجي مينھن جي واڙي ۾ وٺي وڃي بيھاريائينس، ”ڪاھہ ميربحر، جيڪا ڀلي وڻئي سا ڪاھہ. پُٽَ وڃي کير پيءُ، کير تو جھڙا پھلوان ئي پيئن.“ مان پھريان ڪا سندس هات تات ڪانہ هئي پر پوءِ...... گهر ويٺي سندس پھلوانيءَ جا قصا پئي ٻڌندي هُيس. بابو ايندو هو تہ ملاکڙي جو سربستو احوال ٻڌائيندو هو. ڪڏي ڪڏي اوچتو ڪو کاڌو يا ٻي ڪا شئي تيار ڪرائڻي پوندي هُين تہ بابو ئي سندن اٿيءَ ويٺيءَ سان منھن ڏيندو هو. مان باقائدي صفائي، سٺائيءَ سان کاڌو تيار ڪري ڌوتل صاف ٿانون ۾ وجهي رومال سان ڍڪي موڪليندي هُيس. پوءِ ڪڏي ڪڏي رناڻو روح ٻن ٻولن ٻڌڻ لاءِ آتو، ساراھہ جو سوختو. ڪوٺي تي چڙهي پلويڙي جي ڪانَسِ کان ڪنُ ڏئي ٻڌندي هُيس. پھلوان منھنجي صفائي سٺائي ۽ کاڌي جي ڏاڍي نيڪي ڪندا هئا. شير تہ ساراھہ ڪندي مورئون ٿڪبو ئي نہ هو، ”واھہ فقير واھہ.....! تنھنجي ڪوئل تہ سچ بہ رنڌي ڄاڻي. واھہ جو ڪوئل جي هٿ ۾ شِيري آ. واھہ جو ڪوئل جي کاڌي ۾ ساءُ آ.“ اهڙن ٻولن تي مان ڏاڍي خوش ٿيندي هُيس. اصلي وڇائجي ويندي هُيس. ڪڏي ڪڏي لڪي لڪي جهاتي پائي پلويڙي جي ڪنھن ڪنڊ، ڀِت جي ڏار يا ٽنگڙي مان اک وجهي شير کي ڏسندي هُيس. گهاٺي ڪاٺيءَ سان وڏو پٽڪو، وڏا ڇھپر. هيئن ڏس تہ ڄڻ سچ بہ ببر شير!..... ميلي جا ڏهاڙا مان کُٿي نہ پڄندي هُيس. بابي پھلوانن جي باري ۾ ڪوڪم چيو ناهي ۽ مان ڪيو ناهي. بابي کان ملاکڙي جو سربستو حوال، هڪ، هڪ اکر، لفظ، لفظ پڇندي، ٻڌندي هُيس. گهر ۾ بند رهندي ساھہ منجهڻ لڳندو هو. من اُڌما کائيندو هو. دل ڏاڍو چاهيندي هئي ٻاهر نڪرڻ لاءِ. من ڏاڍو مست هوندو هو سامھون شير کي پَسڻَ لاءِ، پر....... هو هاڻي ڏاڍو مشھور ٿيو هو. اصلي چوٽ چڙهيل. هنجي سورهيائي، هن جي پھلواني ۽ ان مشھوريءَ جو ٻڌي من مست ٿيندو هو. دل باغ بھار ٿيندي هئي. الائي ڇو هن جي ڪاميابي پنھنجي ڪاميابي ڀائيندي هُيس. هن جي ساريءَ تي ساري رات سرهي گذارڻ لڳس ۽ ميلي پڄاڻا........ ملاکڙي خلاص ٿئي کان پوءِ وايون بتال ٿي وينديون هيون.ساھہ ساھہ ۾ نہ ماپندو هو. اکيون ڏرا ڏئي وينديون هيون. منھن سسي سڪي ويندو هو. ڳچ ڏينھن پوءِ تائين بہ بيمار رهندي هُيس. نہ ڪم ڪار تي دل نہ کاڌي پيتي تي ارواھہ! سارو سال انھيءَ سوختِ ۾ گذاريندي هُيس. پوءِ جڏهن وري ميلي جي مند موٽي ايندي هئي، ملاکڙي جي تياري شروع ٿي ويندي هئي. هڪ هڪ، ٽولا، ٽولا ٿي پھلوان پھچڻ لڳندا هئا. تڏهن وري ساھہ سُرت ۾ ايندو هو. مَڳَزُ جاءِ ٿيندو هو. ڪم تي ارواھہ چوندو هو. اَنَ تي اُرڌ ٿيندو هو، دنيا جھان وڻندو هو.......
دُرل فقير جي مڙئي بابي سان گهاٽي هوندي هئي. هو ڪيڏي ڪيڏي مھل اسان جي گهر بہ ايندو هو. ميلي بابت يا ٻي ڪا صلاح مصلحت، ڳڻ ڳوت ڪندو هو. سو هڪ ڀيري فقير آيو، مان ڏاڍي سندس خوشامند ۽ چاپلوسي ڪئي. ميلي بابت ۽ شير بابت کائنس ڏاڍي پُڇ پُڇ ڪئي. فقير هو مڻيا وارو، ڏاڍو سياڻو، سو هو بہ منھنجي اندر جي ڳالھہ کي پروڙي ويو، سڄي ڳوٽ ڀڃي ويو، ”ڇو ڇوري شير کي ڏاڍو ٿي سنڀالين؟ اچي تہ نہ وئي ٿي ڪا مصالي چپٽي سبيل!؟“ نيٺ ساڻس اندر جو سُر سلي ويٺس. دل جي ڳالھہ ڪري ويٺس. ٻڌي پھريان تہ هن کي ڍڪر وٺي ويا پر پوءِ تعجب کائيندي پڇيائين، ”مان بہ چوان....... ڇوري ڪٿي تہ وڃي اٽڪي آهي. پاڻ ڏاڍن سان پئي سندا ساهين. تنھنجو ميزان ئي گهڻو آ، وِتُ ئي ڪيترو آ!؟ لھي وڃ، لھي وڃ ان ڇيڏڪ تان. اجايو اچي نہ وڃئي خواري سِرَ تي. پوءِ يا عمر پئي عذاب پَسين. ڪنواري ئي ويھجي وڃين..... صوف فقير جي هيڏي عزت. چاچھن جو هيڏو ڏهڪاءُ، ڇو ٿي پنھنجي پير تي پاڻ ڪھاڙو وهائين! ڇو ٿي کُٽي کڻئي....... نئون ديري ۾ تولاءِ ٻيا ڪي کُٽا آهن، جو ڳولي بہ........ نہ نہ ڇڏي ڏي ان ڳالھہ کي، ڇڏي ڏي........ هو ٿيو پرديسي، توسان ڪو سڄي عمر ٿورئي نڀائيندو يا ڪو گڏ جاليندو. هن کي ڪھڙي کوٽي آ جو.....“
پوءِ کيس پيرين پيس، رئو لاهي پيرن تي رکيم، سچي سردار جا واسطا وڌم، علي سائينءَ جو قسم ڏنم. نيٺ وڃي مس مس مڙسالوءَ مڃيو. ميلي ۾ ڪي ٿورا ڏينھن بچيا هئا. ميلي جي مُند بہ آئي. شير جي اچڻ جي سُڌ پئي، سندس نالو ٻڌي مان ڊڄان ۽ دهڪان. ڪيڏي مھل ملڻ جي خوشيءَ ۾ ڦولي نہ سمايان تہ ڪيڏي مھل سوين اوٺا سوٺا خيال اچن. ڀلا مان ٿيس الھڙ. سامائيءَ کي بہ ڪي ايڏا ڏينھن ڪونہ ٿيا هئا. منھنجا ڪٿي هئا اهڙا ڌنڌا اٿلايل، ڪٿي ٿيا اهڙا ڪارخانا هلايل. پھرين ميلي واري تہ خير پر ٻي رات لاءِ دُرل فقير کُڙڪ ڏئي بہ ڇڏي. مان کيس شير لاءِ بادشاهڻ ڳاڙهي مصريءَ جا ٻہ ٺوٺ جيڏا سنگ، ڏونگهيءَ جا ڍڪڻ جيڏا چار کوپا، ڪجهہ اخروٽ، باداميون ۽ هڪ سوني مُنڊي ريشمي رومال ۾ ويڙهي ڏنيون. فقير وري سومھڻيءَ ڌارا آيو، ”سنبر پُٽ، رات ٿيءُ تيار، لھہ اڏيءَ تي.“
”سيٺ، قرآن ۾ پت ڪرين، بُتَ ۾ ڪنبڻي اچي وئي. مان پنھنجي هوش ۾ نہ رهيس. مان کي ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نہ آيو. مان پنھنجو هوش حواس سڀ وڃائي ويٺس! مان کي نفعي نقصان جي ڪا سُڌ ئي نہ رهي. سنڀال تہ سھي، ان وقت ڪھڙي منھنجي عمر هئي، ڪھڙا ڪي ڪارخانا هلايل هئا! اها ٻارنھن چوڏهن سالن جي، رڳو وارن جو ڀراءُ باقي سنھڙي سيپڪڙي. نہ ڪنھن جي ٽيڪ نہ آسرو. نہ ڪا ساٿياڻي نہ حال ڀائياڻي پر وري بہ....... مان کي دلجاءِ هئي دُرل فقير ۾ پڪ هيم تہ غداري نہ ڪندو، ٻيائي نہ ڪندو. ضرور توڙ رسائيندو. آخر رات ٿي، بابو پھلوانن جي ٽھل ٽڪور ۾، مان اڪيلي گهر ۾. سوين وِسوِسا ۽ سوداءَ. پوئين رات وڏي اسر مھل بابو گهر آيو تہ بہ مان جاڳان پئي. سڄي ڏينھن جي ٿَڪ ۽ اڌرات تائين اوجاڳي بابي کي پھچائي ڇڏيو هُن جھان ۾ پر مان ڇا ڪيان!؟ مان ڪنھن جي ٿيان؟ ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ ٿي آيو. نيٺ جيئن تيئن ڪري کٽ تان لٿسِ. پھريان پيشاب جو بھانو ڪري پُئيءَ ڏانھن ويس پوءِ پير پير ۾ ڪري مٿي ڪوٺي تي چڙهڻ لڳس. ڪوٺي تي چڙهي پلويڙي جي اوٽ ۾ اوهراٽيم، هيٺ ٻاهر اوطاق جي آڳر ۾ شير کي پسار ڪندي ڏٺم. سڃاڻيندي تہ هئي مانس ٻيو تہ رات بہ چانڊوڪيءَ جي هئي. سوچيم، بيٺو تہ منھنجي انتظار ۾ آهي پر هاڻي....... ٻيھر ڏڪندي ٿڙڪندي هيٺ لھي آيس. بُت مان پھر نڪري پيا. سيٺ، ساڻ ايمان جي، جي سچ پڇين تہ دل من هڻي ويس! هاڻي توسان ويٺي ڊاڙان هڻان تہ مان ھھڙي دلير هئس، نہ نہ. بس، وڃڻ جو ارادو لاهي ماٺڙي ڪري ٻيھر کٽ تي آهلي پيس. پوءِ تہ سيٺ، خبر ناهي ڪيئن اٿيس، ڪيئن ٻاهرين دروازي تائين پُڳس! ڪيئن ڪڙو لاٿم، ڪيئن در ورائي ڪڙو چاڙهي شير تائين پھتس ۽ وري ڪيئن ٻانگ مھل واپس اچي کٽ تي ڪريس!! سيٺ، سچ پڇين تہ اڄ بہ لڳندو آهي، اها مان ڪانہ هُيس پر منھنجا ملائڪ هئا........
ان رات کان پوءِ ٻي رات، ايئن منھنجو لغالم لھي ويو. پوءِ هر سال ميلي جي سمي، ميلي کان ڪي ٻہ چار تاريخون اڳ ۾ ايندو. مھمان ٿيو ٽڪيو پيو هوندو. ڀلا ھھڙي نانءَ ناموس واري جي ماني ڪنھن تي بار ٿيندي! ويندو تہ وري ميلي جي پڄاڻيءَ کان ڪي ٻہ چار روز پوءِ ان وچ ۾ ورندي ٻئي سال جي ميلي کان اڳ ۾ ڪي ٻہ چار چڪر هڻندو....... اها خبر پھرين ڏينھن ۾ ئي پئجي وئي تہ مائي حاڪم ميربحر، غوثو ڪلھوڙي سان ۽ زائفان عجيبان، انب شيديءَ سان ٺھيل آهن. پوءِ تہ مان بہ ساڻن سُر ملايو. پوءِ ٽئي ڄڻيون هڪ ٻئي جو جهُٽ ٿي ويون سين. ميل ميلاپ، ملاقاتن تي گڏ نڪرون. پروگرام ۽ کاڌا پيتا گڏ ٺاهيون. مطلب تہ ٽنھي جي ڪنيشن هڪ ٿي وئي. اڳتي هلي شايد ٽئين سال جي ميلي جي موقعي تي هنن ٻنھي زائفن پنھنجن يارن سان نڪرڻ جو پروگرام رٿيو. هنن مان کي بہ صلاحيو. مان بہ ساڻن هم رڪاب ٿي بيٺس. اها خبر شير تائين پھچايم. هن بہ ڏوري تي هٿ هنيو پر ڏس جو قصو ٿو الٽو ٿئي.“
”ڪيئن الٽو ٿي ويو!!؟“
”ڪيئن الٽو ٿي ويو.“ انتھائي نراسائيءَ وچان، ”دُرل فقير الٽو ڪري وڌو!“
”ڪيئن......!؟“
”ڪيئن وري ڪيئن، هن کي پنھنجي ذات جو ڪھڪاءُ آيو. ڇو تہ حاڪم مائي بہ مھاڻي هئي، جيڪا غوثو ڪلھوڙي سان نڪرڻ لاءِ تيار ٿي ۽ پڻ ساڻس ٺھيل هئي. هن کي اها ڳالھہ ڪانہ وڻي تہ ڪو ٻين سان گڏ سندس ڪا مائٽياڻي بہ سندن عزت کي ليئولائي ڀڄي نڪري. هن ٻنھي عورتن جي مائٽن کي ئي نہ پر مان کي بہ گهڻو دٻايو، هيسايو. بابي کي ٻڌايو، ”ڌيڻين جا هي پرڪار آهن.“ جڏهن ٿي رات تہ ٻئي عورتون ٺھيل پروگرام موجب نڪري پيون پر واٽ تي ئي پڪڙجي پيون، جنھن پڪڙ ۾ هنن جي ڏاڍي ڦشري ٿي...... سيٺ، ميلو تہ ويو ان ڏينھن کان ڦِٽي ۽ اسان جو ملڻ بہ في الحال مھال ٿي پيو....... ڳچ ڏينھن کان پوءِ شير آيو. بابي کي سڏايائين، منھنجو سڱ گهريائين. اها ”مَيتڙي“ تہ اڃان بہ گهڻو پوءِ کيائين...... بابو مڃي ويو پر چاچو پِڙُ ڪڍي بيٺو، ”اها ڪنھنجي ڳالھہ، تون اسان جو ڪارو آن، توڏي اسان جو پلانڌ آ. تو، اسان کي ذليل ڪيو آ.“ شير بابي کي سمجهايو، سوچرايو، دل گهرين ٽَڪنِ جي آڇ ڪئي. قرآن مصاف جا واسطا وڌا پر ڏائڻ چاچو نہ جو کڻي مڙيو. جھڙو بابي کي تھڙو مان کي متيم ڪيائين. شل هڏن کي باھہ لڳيس. دوزک ۾ پوي. ماريو قھاري. ”پوءِ ڏاڍ مُڙسي تہ ڏاڍ مُڙسي.“ شير بہ کين ڏاڙهيءَ جو سُخن ڏنو، ”ادا جي رس راض ۾ نٿا ڏيو تہ کڻي بہ ويندو سانوَ، تھان کي ها ها بہ ڪڍ آ. جيڪو منھنجو پٽڻو هجيوَ سو پٽجو. تھان عزت مان نہ ڄاتو. بي عزتي سان بي عزتو ٿيڻ ضروري آ.“ بابو ويچارو اٻوجهہ. وڏي عزت وارو، تنھن شير کي پنھنجي اڇي ڏاڙهيءَ جو واسطو وڌو، ”شير ايئن نہ ڪر، ايئن نہ........ ٻيلي جوان ٿيءُ، ٻيلي مُڙس ٿيءُ. جھڙو نالو ٿي تھڙو ٿي ڏيکار، منھنجو ڀاءُ لانگڙ لاھہ ٿي بيٺو آ پر تو تہ........ مان کي اڇيءَ ڏاڙهيءَ ۾ مھڻي هابُ نہ ڪر. مان کي بي عزتو بڇڙو نہ ڪر...... ڪي ٻہ گهڙيون گڏ گهاريون اٿسين. ڪي ٻہ ٽھڪ گڏ ڏنا اٿسين. اڄ تون ايئن ڪندين تہ ڇا چوندو راڄ. نہ ڪو توکي چڱو چوندو ۽ نہ ئي وري...... ٻيلي ان ڳالھہ تان لھي وڃ، ان بينش تان لھي وڃ. توکي وزيران سان مطلب نہ؟ توکي وزيران ملندي پر ٿورو صبر ڪر، ٿورو ڌيرج ڌر. اسان جي گهر ۾ ٽمجهڻ نہ وجهہ، اسان جي گهر ۾ جهيڙو نہ وجهہ، اسان ڀائرن کي نہ ويڙهاءِ ۽ پنھنجي بہ نالي کي نہ ٽِڪو لڳاءِ. تون پھلوان آن، تنھنجي هرجاءِ مان مرجا، تنھنجو هنڌين ماڳين ڌاڪو، تون اهڙو ڪسو ڪم نہ ڪجانءِ. تون اهڙو........“ پوءِ شير بہ سوچي ويچاري کڻي ڇَڙھہ ڪئي. پر ويندي ويندي بابي کان هڪڙو وچن ورتو....... ميلو نئون ديري ۾ بند ٿي ويو. ميلو نئون ديري ۾ ختم ٿي ويو. ميلي جي وڏيري احمد خان منع ڪري ڇڏي. شير جي نئون ديري اچڻ تي پابندي لڳي وئي. پر پوءِ سکر، لاڙڪاڻو، شڪارپور او....... ويندي حيدرآباد تائين جتي جتي، جڏهن ڪڏهن ميلو ٿئي تہ اڳواٽ بابي ڏانھن ڪاڳر اچي، اڳواٽ ڪو خابرو خبر پھچائي. پوءِ اڳ ۾ بابو پٺيان مان. ڪونہ ڪو سبب، بھانو ڏئي اتي پھچي وڃون.
سيٺ، ايئن ئي چرخو چلندو رهيو. پنھنجي تار ڳنڍي رهي، پنھنجو سڪ، قرب وڌندو ويو. هن پوءِ بہ لک لحاظ ڪيا، هزارين عزتون ڏنيون. ڏيڻ وٺڻ ۾ وسان ڪونہ گهٽايو. نڪاح وجهڻ لاءِ همٿايو پر....... مان قولين ڪُوڙي ٿيس. مان ڪِين ڄاتو، مان ڪِين پرايو. منھنجي آڏو پيءُ جي ڪوڙي عزت ئي ڪوٽ بڻي رهي. منھنجي آڏو چاچي جي هيبت ئي هاوي رهي ۽ پوءِ........ پوءِ پنھنجو سلسلو ٽُٽي ويو. پنھنجو رستو کُٽي ويو. هن ٻي عورت کڻي وڃي نڪاح ڪيو. هو پير جهلي ويو. هو پير جهلي ويو ۽ مان اڪيلي رهجي ويس. مان هيڪلي هٿ هڻندي رهيس. مان کي سُورن ۾ سلھاڙي، هن وڃي پاڻ سُکيو ڪيو. هو مان کي ڏکن ڏوجهرن ۾ ڏئي پاڻ پالھو ٿي ويو. جنھن کي ساريندي سالن جا سال رُنم. جنھن کي سنڀائيندي ڪوڙين ڪانگ اُڏايم، جنھن جو ڏک، جنھن جي ياد ڀلائڻ لاءِ جلال جي راڳ، مٺي آواز جي اوٽ ورتم. جنھن جي نينھن جلال جي بھاني ننگو ڪري وڌم. مان مُيس جن لاءِ سي ڪانڌي ڪو نہ ٿيم، ڪانڌي ڪونہ.....

اڄ نہ اوري تون، نہ جوڀن ڏينھڙا،
هاڻي آ اميد، هر هڪ مون پَلي!
پورَ هڪ ۾ گڏ، پتڻ اُڪريا هئاسين،
اڄ نہ اوري تون، نہ ڪنھن ٻيڙي جهلي!!

واپس

ٻہ سال کن ڪامورڪي ڪرسي ماڻڻ کان پوءِ تعصب ۽ نفرت جو نشانو بڻيو واپس ڳوٺ لاءِ روانو ٿيو هو. اسٽيشن تان پوري هڪ وڳي گاڏي ملي هُيس. سامان سڙو گاڏيءَ ۾ رکرائي، دريءَ واري سيٽ تي ويھي سگريٽ دکايو هُئائين تنھن بعد ۾ ڄنگهون ڊگهيڙيندي سگريٽ جا وڏا وڏا ڪش هڻڻ لڳو هو. هن کي هزارين حيرانيون ۽ پريشانيون وڪوڙينديون رهيون هيون. مايوس ۽ بد حواس، موڳو موڳو لڳي رهيو هو. شھر جيڪو اڳ سندس لاءِ جنت مثل هو سو هينئر ڏٺي نہ ٿي وڻيس، ايئن ڄڻ ڪنھن ازدها جيان کائڻ لاءِ ٿي آيس. اهو شھر جنھن م رهي هن کي آسيس ايندي هئي، جنھن ۾ رهي پنھنجو پاڻ کي نصيب وارو سمجهڻ لڳندو هو ۽ اهو شھر جنھن جي رنگينين ۾ پنھنجو پاڻ کي گم ڪندو رهيو هو، ان ساڳئي شھر جي اوچين اوچين ديوارن ۽ وڏن وڏن گنبذن ۾ کيس نفرت، ٺڳي ۽ ڌاريائپ ۽ تعصب ڀريل نظر اچي رهيو هو. هو پنھنجو پاڻ کي شھر جي اوچين اوچين ديوارن ۾ ڦاسندي، دماغ کي ڪنڊائن تارن ۾ ٽنگجندي ۽ جسم کي ٽريفڪ جي گمسان ۾ چيٿاڙجندي محسوس ڪري رهيو هو. شھر جي روڊن ۽ رستن کي چتائيندي نہ ڄاڻ ڇو سندس اکين منجهہ سمونڊ جيان ويرن پٺيان ويرون چڙهڻ لڳيون هيون. هن جي نڙي سڪي گگهي ٿي وئي هئي. ڳالھائڻ ئي نہ ٿي اُڪليس، ايئن ڄڻ ڪنھن تماشو ڏيکاريندڙ مداريءَ جيان وات مان ڳوڙهو ڪڍي آفرين حاصل ڪندو هجي ۽ ڳوڙهو پنھنجو ڪمال ڏيکاريندي سندس ڳلي ۾ اٽڪي پيو هجي. آخر ۾ بيزار ٿي هن کان نڪري ويو هو، ”مار پويس هلندي بہ الائي........؟“
”هلڻ تہ گهرجيس....... هونءَ بہ پاڪستاني ريلن ۽ ٽائيمن تي ڪھڙو اعتبار.“
سامھون ٻيءَ سيٽ تي ويٺل پئسينجر ڄاڻ سڃاڻ نہ هوندي بہ، جواب ڏنو هو، ايئن ڄڻ کائنس ئي پڇيو هجائين ۽ پوءِ ڪنھن وقت گارڊ جي اوچتي سيٽيءَ جو آواز سندس موڙهل دماغ تي هٿوڙي جيان ٺڪاءُ ٿي ويو هو.
سيٽيءَ سان آهستي آهستي گاڏي اسٽيشن جي گوڙ ۽ شور واري ماحول مان نڪرڻ لڳي هئي. هن پوءِ آخري نظر روشنين جي شھر تي اڇلائيندي دري بند ڪري ڇڏي هئي. تنھن بعد سگريٽ جي ٽوٽي کي لت هيٺان چيٿاڙيندي گاڏءَ ۾ ويٺل ماڻھن تي هڪ نظر وڌي هئائين، جيڪي پنھنجي ئي چوٻول ۾ پورا، منجهائن ڪيترائي هڪ ٻئي کي پنھنجن پنھنجن عشقن جا داستان سُڻائي رهيا هئا. ڪي پنھنجن ٻارن ٻچن جي سڪ سيني ۾ سانڍيو پچائي رهيا هئا ۽ ڪي وري اخبارون منھن ۾ اٽڪائي تازيون سُرخيون پڙهڻ ۾ رُڌل هئا. هن پوءِ ماڻھن تان نظر هٽائيندي ٿڌو ساھہ کڻي پنھنجي ئي منھن اچاريو هو،
”اسان ماڻھن جي بہ ڇا تہ زندگي آهي!؟ ڪو هڪ سپنو بہ ساڀيان ڪونہ. ٽيليفون، ٽيليوزن، صوفا سيٽ، ڪار، عاليشان بنگلو ۽ حسين...... اُف!...... ڳوٺ ڪھڙو منھن کڻي هلندس. آڱريون کڄنديون، چئوپچئو ٿيندي، طعنا ملندا، مھڻا ملندا. ماڻھو چوندا ۽ انھن ماڻھن کان وڌيڪ اسد کي ڪھڙو منھن ڏيکاربو!؟“
هن کي بي عزتيءَ جي احساس گهُٽي رکيو هو، جنھن کان سندس چھرو لھڪارجي ويو هو........ اسد؟ اسد، جنھن سان سندس سوين دليون هيُون.
جيڪو سندس ٻچن جو ساٿي، اسڪول جي ڪناري کان ڪاليجي ڪنڌيءَ تائين ڪَٺي رهيا. سندس اٿڻي ويھڻي، رنگ ڍنگ ۽ سوچ جا طريقا سدائين هڪ جھڙا رهيا. ٻنھي يارن کي وات ۾ اکر هيو هڪڙو ”سنڌ“ ۽ ان ساڻيھہ جي ٻنين ٻارن، ڀِٽن ڀاڻن، تل تراين ۽ ساوڪ سُرهاڻ کي ساريندي پھرن جا پھر پورهيت پنھوارن جون پچارون ڪندا هئا. اهوئي سبب ان ساڻيھہ جي سڪ جي سِلي ۾ ڪيترائي ڀيرا ڪال ڪوٺڙين ۾ پوريا، وڏي در جون هوائون کاڌائون، دال جي پيڄي، ڇٻر، ڀتر، گوبيءَ جا پن، سُڪل، سڙيل پڪا سڙھہ گوگڙو، رنگ، ڪَٽِي ۽ سوڍا رچيل ڪارو ڍورن وارو ڳُڙُ، گهِميل اوسنا ڀُڳڙا ۽ ستُ نڪتل ڪڻڪ جي سڙيل سُڪل مانيءَ تي گذارو ڪندي بہ هيڻي نہ ٻولي هئائون. پوءِ جڏهن حاڪم طبقي امداد کي لالچائي چڱي خاصي نوڪري ڏئي سندس وات گنديءَ جي ليڙي جيان لنبي چڏيو هو، تڏهن کان ٻنھي يارن ۾ وٿيون ۽ ويڇا وڌندا رهيا هئا.
شھري ماحول ۾ پير رکندي شروع شروع ۾ هن جيڪو ڪجهہ فِيل ڪيو هو، تنھن جو اُپٽار هن اسد ڏانھن لکيل پھرين خط ۾ ڪافي واضح لفظن ۾ ڪيو هُئائين، جنھن مان لڳي رهيو هو تہ شايد کيس شھري لائيف ڀانءِ نہ اچي. هن لکيو هو،
”....... انسان، جنھن کي کن جي بہ ويسند ڪانہ، انسان جيڪو پنھنجن ئي غمن ۾ غرق، سڄو سڄو ڏينھن هڻ هڻان، نتيجو پوءِ بہ ٻُڙي. پر پيارا سڀ ايئن بہ ڪونہ، ڪاريون، بنگلا، نرم نرم گاديلا، سندر سندر ناريون، جوڀن ۽ جوانيون. وڏا وڏا شاپنگ سينٽر، ريشم گليءَ جون رنگينيون، خوبصورت سنيڪ باريون، وڏا وڏا ريسٽوران، خوبصورت نائِيٽ ڪلبون، جوڀن ۽ حُسن جي نمائش. وڏا عاليشان بنگلا، وڏا ڪُشادا روڊ. هر هڪ رستي پٺيان ڪيئي پس منظر، هر واٽ پٺيان هڪ معنيٰ. سوين هزارين گلڙن جھڙيون مُرڪون. لکين رنگين پردن جھڙا منظر، سوين هزارين انڊلٺ جھڙا رنگ. جِيونُ سنوارڻ، زندگي ماڻڻ واريون واٽون. هر واٽ جيتري پيارن گلڙن سان سينگاريل، اوتري ئي خطرن ۽ مشڪلاتن سان پُر. گل جيڪي ڪنڊن بنا ملي نٿا سگهن،گل جيڪي هٿن پڄڻ کان پري،گل جن کي ڏسندي بہ سنگهي نہ ٿو سگهجي. هر گل جي خوشبوءِ پنھنجي ۽ هر خوشبوءِ کي رنگ بہ پنھنجا، روپ بہ پنھنجا. ڪنھن هڪ کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ بہ ٻئي جي حاصل ڪرڻ جي تمنا، اهڙي اذيت، اهڙي پِيڙا، جيڪا راتين جن ننڊون حرام ڪري ڇڏي. سوچن جا اڻ کٽ سلسلا، جيٽ دور، ائٽمي دور، چنڊ تي انسان، مرخ ڏانھن اُڏام، خلا ۾ چھل قدمي ۽ زمين تي انسان، انسان جو محتاج، بکايل انسان جو ڦٽ پاٿ ٿيو آرام گاھہ، ترقي جيڪا انسان جي بک دور ڪري نہ سگهي، ترقي جيڪا ويٽنام، بينگال، وچ ايشيا، آفريڪا، لاطيني آمريڪا ۾ پنھنجا نشان ڇڏيندي پئي وڃي، ترقي جيڪا انسان کي انسان کان دور ڪندي پئي وڃي. ترقي جنھن جو ڪو ڇيھہ، جنھن جو ڪو انت ڪو نہ.....!!!“
۽ پوءِ جڏهن هڪ وڏي عرصي کان پوءِ ٻئي يار مليا هئا، تڏهن اهو اڳ وارو سڪ سواد تہ نہ رهيو هو پر پوءِ بہ ورهين جا ناتا هُئا. سوين هزارين شڪايتون، لکين ڪروڙين ڏوراپا هئا. اسد جي دل ڀرجي آئي هئي، اکيو ن ڪٽوري جيان ڇلڪي پيون هُيس.
”تون ڪيئن کاٻارجي پئين؟ مان کي تو ۾ اهڙي اميد ڪانہ هئي تہ تون بہ ........“
”پيارا مون کي ڪا ڪس لڳندي آهي ڇا؟“
”يار خبر ناهي سنڌ جا پئبلو نرودا، چليءَ جي پئبلونرودا جي ڀيٽ ۾ ڪسڻ تي گيدائپ کي ڇو ٿا ترجيح ڏين!؟“
”پيارا ايترو رنج بہ آخر........ سوچيم هيڪر تہ وڃي چارج وٺجي پوءِ بہ ڪو....... ۽ ها، ڪڏهن ٿو گهمڻ اچين، اچ تہ نون يارن سان ڪچھريون ڪرايانءِ، جيڪي ڏس تہ پاڻ جيان ڪيئن نہ پيا انسان جي ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙيندا وتن.“
”مان پاڻ کي اهڙي ماپي ۾ ئي وجهڻ نہ ٿو چاهيان، جنھن مان جان نہ ڇڏائي سگهجي. تون پاپ ۽ لوڀ کي سزا ڏيڻ وارو خود انھيءَ ڌٻڻ ۾ ڦاسي پئين.“
”تنھنجي معنيٰ ترقي پسنديءَ جو سج ئي توتي اچي لٿو آ.“ تپش ۾ ايندي چيو هو، ”مان کي خبر آهي تون ۽ توسان ڪمپني ڪندڙن جي هُون، بيوروڪريٽ.“ هن طنزيہ مرڪيو هو، ”يار تون اچي تہ ڏس نہ. او ماءِ گاڊ، ڪامريڊ توتي اجائي اثر آ، ڪامورا شاهي هينئر اها نہ رهي آهي. آءُ، آءُ تہ ڏيکاريانءِ ڪيڏا نہ سکيا ستابا بہ پيا هر وقت سنڌ لاءِ سوچين.“
”سکيا تہ ٿين ئي ناڻي جا بکيا، هو تہ پاڻ ئي ٿا وڌيڪ اوچو ڏسن چاهين. هنن جڏهن ڏٺو تہ هندو حصو ئي نٿا ڏين تڏهن سندن خلاف پاڪستاني ٿي ڪات ڪھاڙا کنيائون. هينئر جڏهن پرماريت جا نيلا نانگ دولت جي ڍڳن تي وڪڙ هنيو ويٺا آهن، تڏهن وري مسڪين پورهيتن کي پيا مُرليءَ طور استعمال ڪن. حيرت آهي جو ڪلھہ جيڪي تو جھڙا انھن سُرڪڻ ڦاهين کي ٽوڙڻ لاءِ نڪتا هئا، سي هينئر پنھنجو پاڻ ئي رضا خوشيءَ ۾ پيا انھن سرڪڻ ڦاهين ۾ قابو ٿيندا وڃن ۽ خبر ڪانھي هاڻي وري ظالم ڪامورا شاهي کي الائي ڪھڙا پَرَ ڄاوا آهن جو وتين ٿو........“
”بس، هاڻي گهڻو ٿيو، ڇڏ انھن تلخ ڳالھين کي، ٻڌي ٻڌي ڪن ئي ٻوڙا ٿي پيا آهن.“
گاڏيءَ جي اوچتي ڪوڪ تي هن جا خيال ڪڻو ڪڻو ٿي وکري ويا هئا. هن دري کولي ٻاهر نھاريو هو. گاڏي ڪنھن ٻئي درجي جي اسٽيشن جي قريب پھچي چڪي هئي. گاڏيءَ جي تيز ڊوڙ سبب اٿيل دزِ ۽ مٽيءَ جي ڪڪرن ۾ پري، دُور پري ڌراڙ ماڻھو اُٺن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ ٿوهر جي گهاٽن جهڳٽن ۾ چاري رهيا هئا. هن دزِ جي غُبار کان دري بند ڪري ڇڏي هئي ۽ پوءِ سگريٽ دکائي وڏا وڏا ڪش هڻڻ لڳو هو. اسٽيشن تي پھچي چند سيڪنڊن لاءِ گاڏي رڪجي وئي هئي. ڳوٺاڻا گهورڙيا لسي، ڇولن ۽ ڪيلن جا هوڪا ڏيندي مرڻ جيئڻ جو سانگو نہ ڪندي گاڏيءَ ڏانھن ڊوڙڻ لڳا هئا پر تڪڙو ئي گاڏي لائين ڪليئر وٺي ٻيھر هلڻ لڳي هئي.
گاڏيءَ جي هلڻ سان گڏ هن جي دماغي چين بہ چرڻ شروع ڪيو هو، ”منھنجي زندگي بہ هن گاڏيءَ مثل آ، جيڪا کن لاءِ رڪجي ٻيھر اڻ ڄاڻاتي منزل ڏانھن ڊوڙڻ لڳندي هجي.“
ان وقت هن کي زندگيءَ جي وک وک ويجهي نظر اچي رهي هئي، تنھن وقت سندس ڪيڏي نہ مانائتي زندگي هئي، ڪيئن نہ اسد سان ڪلھو ڪلھي ۾ هڻي وتندو هو ديس ۽ ديس واسين جون ڳالھيون ڪندو. تڏهن تہ سندس لاءِ زندگي وسيع هئي. هونئن بہ ان کان سواءِ سندس گذريل زندگيءَ جو دائرو ڪھڙو وسيع هو؟ اهي يار، اهي دوست، اهي سڀ تہ سندس انھن ئي سرهن خيالن ڪري سندس ويجهو هئا ۽ پوءِ جيئن جيئن سندس زندگيءَ تي غلاميءَ اثر ڏيکارڻ شروع ڪيا هئا، تيئن تيئن سندس رهڻي ڪھڻيءَ ۾ صاحباڻيون جهلڪيون وڌيڪ چٽيون پسجڻ لڳيون هيون، جن کان بيزار ٿي ئي يار دوست، پرين پيارا، سڪ قرب وارا بہ آهستي آهستي پاڻ پلي ويا هئا. پوءِ هن ان ڳالھہ تي سوچيو هو تہ، گذريل ٻن سالن ۾ ڇا وڃايو ۽ ڇا حاصل ڪيو؟ ان ئي سوال تي سوچيندي هن جي آڏو بار بار اسد جي تصوير اڀري آئي هئي. اسد، جنھن جي جذبن کي اڃان تائين زنگ نہ لڳو هو. اسد، جنھن جي غيرت کي ڪلر ڪين ڪاراٽيو هو ۽ اسد، ڪنھن اهڙي گهاٽي وشال وڻ مثل هو، جنھن جي ڇانوري ۾ هن هڪ ڀيرو وري ساهي پٽڻ ٿي چاهي. هن کي ياد آيو هو اسد، ڪيڏا نہ ساڻس مٿا مونا هنيا هُئا پر پاڻ، سندس هڪ نہ ٻڌي هُئائين. هن کي اها رات تہ اڄ بہ ياد اهي جنھن رات ٻئي دوست نام ڪَٺين قوم پرستن، سوشلسٽن جي ڪچھرين کان تنگ اچي ڪنھن هوٽل جي ٻھراڙي نما ماحول ۾ گهڙيا هئا. هوٽل جو ماحول خاموس ۽ سانتيڪو، مشعلن جي دونھين واسيل هلڪي روشني، سر سنگيت جي هلڪن هلڪن رس ڀريل آوازن رکي رکي خيالن کي ڳوٺاڻيءَ زندگيءَ جي يادن سان واسي ڇڏيو، ايئن جيئن پرھہ جي پاڇولن پٺيان اُسھندڙ لاڏو اُٺڙن جون قطارون، جن تي سوار انسانن جي وڄائيندڙ چنگن جا آواز هلڪي جهونگار ۽ اٺڙن جي ڳچين ۾ پاتل چڙن، ٽلڙن ۽ گهنگهرن جا گڏيل آواز، جيڪي ستل ساهن کي ازل جو احساس ڏياريندا هجن. چئوگان ۾ پٿريليون ميزون، لوهيون ۽ ڪاٺوڙيون ڪرسيون، ننڍڙن ننڍڙن گلن جي ٻوٽن، جهڳٽن جي ڇانوري مان لياڪا پائيندڙ روشنيءَ جون لھرون چوديواريءَ لڳ ڪڙمين جي پلال مان جڙيل پيھن جيان لوھہ جا جڙيل پڃرا، ناڙي جي ولڙن، بگن بيل، رات جي راڻي ۽ عشق پيچ گلڙن سان ويڙهيل سيڙهيل گهروندڙن جيان. هو چئوگان ۾ ويٺي ڳالھين ئي ڳالھين ۾ گذريل زندگيءَ جي يادن جون ذرڙيون پرزيون ڳنڍي رهيا هئا ۽ زندگيءَ جو سواد وٺڻ لاءِ سڪڻن جيان رکي رکي چانھہ کي سپ سپ ڪري اُرھہ ۾ اوتي رهيا هئا. هونءَ تہ ڪيئي پيگ پئي پرٽيا. ڪيتريون ئي ڀرتو بوتلون ئي خالي ٿيون، ٻھڪندڙ جوانيون ٽھڪندڙ مُکڙا، ٻن ٻن پاڇولن جون گهروندڙن اندر داخل ٿيڻ ڳورا ڳورا ٽھڪ، نرم نرم جسمن سان هٿ چراند ۽ اک ٻوٽ، اهڙي ماحول ۾ هن چانھہ جو وڏو ڪش هڻندي مرڪي چيو هو،
”جاني ڪيئن ٿو ڀائين!؟ سچ پچ جڏهن بہ تنھنجي يا ڳوٺ جي سڪ ستائيندي آهي تڏهن تڏهن هت هلي ايندو آهيان. سوچيان ٿو، شھري زندگي بہ ڪيتري نہ اجهاڳ آهي. ڪنھن کي ڳوليندي بہ ماڻھو پنھنجو پاڻ کي وڃايو ويھي.“ هن چانھہ جي ڍُڪ کي ڳيت ڏيندي چيو هو،
”تڏهن چوندو آهيانءِ تون بہ هتي اچ، ڇڏ ڳوٺاڻي خشڪ لائيف کي. اجايو ڳوٺن ۾ ڳھندي ڳھندي پيو زندگيءَ جو انت آڻين پر تون آهين جو نہ جو ڪا ٻڌين ٿو.“
ساڳيا ٻاراڻا لفظ ٻڌندي هن کي ڪرڀ اچي ٿي. هن جي ساري جسم جو زهر ٻاهر اوتجي اچي ٿو.
”ڪوڙ، ٺڳي، دوکو، دولاب ڇا جي ڳوٺاڻي زندگي، ٺلھي عيش پرستي.“
”آخر تون هر هڪ شئي کي هرو ڀرو پنھنجي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ جي ڇو ٿو ڪرين؟“
”وقت جي رفتار ٻين جيان توکي بہ اهڙو عادي بنائي ڇڏيو آهي، جو هن زندگيءَ کي جُٺِي سمجهڻ کان پوءِ بہ پيو سڪڻن جيان ڳڙڪائيندو وتندين.“
”توتي هروڀرو ڳوٺاڻي زندگيءَ جو اثر آ، اڄ جي ترقيءَ واري دور ۾ ڳوٺن جي حيثيت بہ آخر ڪھڙي رهي آهي.“
”خبر ڪانھي اوهان ماڻھو زندگيءَ جي ڏاڍاين کان الائجي ڪيئن ٿا منھن موڙيو.“
”پيارا تون ڳوٺ ۾ ٿو رهين ۽ ڳوٺاڻن جو گهڻو وقت واندڪائيءَ ۾ ئي صرف ٿئي ٿو، واندڪائي جيڪا اجايو بہ ذهن ۾ خلفشار پيدا ڪندي آهي ۽ شھري ماڻھوءَ کي ڪٿي آهي ايتري واندڪائيءَ جو اجائي ڳالھين ۾ پاڻ کپائي ۽ مزي جي ڳالھہ تون سنڌ ۾ ٿو رهين ۽ سنڌ ڪڏهن بہ چين يا روس نہ ٿي بڻجي سگهي.“
”ڳالھہ چين يا روس جي نہ پر ڳالھہ آهي نئين معاشري اڏڻ ۽ اهو معاشرو هرو ڀرو چين ۽ روس جھڙوئي ڇو ان کان بہ بھتر اڏي سگهجي ٿو. رهيو سوال واندڪائيءَ جو سو اها حقيقت آهي تہ شھري ماڻھو مشين جو پرزو ٿي ويو آهي ۽ ڳوٺاڻي انسان ۾ اڃان فطري روح موجود آهي.“
۽ اوچتي پوءِ ريل جي رنڀَ تي ڇرڪي پيو هو. هن ڏٺو هو ماڻھن جي چر پر ۾ واڌ اچي وئي هئي پوءِ آهستي آهستي اچي گاڏي ڪنھن جنڪشن اسٽيشن تي بيٺي هئي گاڏيءَ بيھندي ئي ڪيترا مسافر پنھنجي پنھنجي طلب پوري ڪرڻ لاءِ لھي چڙهي رهيا هيا ۽ ٻيا ڪيترائي نوان مسافر گاڏيءَ ۾ ڌڪجي آيا هئا. هن پڻ سِيٽ تي اخبار رکي من جي مونجهہ جهڪي ڪرڻ ۽ موڙهل دماغ کي ترو تازو ڪرڻ لاءِ پليٽ فارم تي اچي چند قدم پريان ئي چانھہ جو ڪپ پيتو هو، تنھن بعد سگريٽ دکائي هلڪا هلڪا قدم کڻندو واپس گاڏيءَ ڏانھن هلي آيو هو. ڪراسنگ سبب اسٽيشن تي ڪافي گوڙ شور متل هو. مسافر پوءِ بہ ڪافي وقت تائين لھي چڙهي رهيا هئا. ڪُلي ۽ پوٽر ريل جي برڪين ۾ ٻلٽي ٿيل مال لڏي رهيا هئا. ڪجهہ کنن کان پوءِ گارڊ جي سيٽي وڳي هئي، جنھن سان گڏ ئي هو وڃي پنھنجي سيٽ تي ويٺو هو ۽ پوءِ آهستي آهستي گاڏي وِسِل هڻندي اسٽيشن جي شور جو گهيرو ٽوڙي اڳتي وڌڻ لڳي هئي. ريل جي ڇٽڻ سان ئي هر هڪ پئسنجر پنھنجي پنھنجي سِيٽ والاري آسائتو ويھڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هن سگريٽ جو هڪ وڏو ڪش هڻي پوءِ ڪا جهٽ تہ ان جلندڙ سگريٽ کي چتايو هو، جيڪو سگريٽ دکي دکي کن کان پوءِ اُجهامي رکُ ٿيڻ وارو هو. ان اُجهامڻ تي هن جي چپڙن تي لطيف جو شعر تري آيو هو،
کـــــــاڻــــان تنين کٽيو، اُجهــــــــاڻن اونداھہ،
جنين اندر ٻري باھہ، سُڌِ سڀڪا تِنين کي.
ان شعر جي سٽن اچارڻ تي هن کي ياد پيو هو اسد کان آيل تازو خط، جنھن ۾ پڻ هن ان اجهامڻ، رکُ ٿي ناس ٿيڻ کان بچڻ لاءِ ٻاڏايو هو. پوءِ هن اُڪير مان اٿي سُوٽ ڪيس کي هٿ ڳنڍيا هئا. ڪاڳرن کي اٿلائي پٿلائي خط کي ڳولي هٿ ڪيو هُئائين، تنھن بعد خط کي وري وري پڙهي رهيو هو، ڄڻ هڪ قسم جي آسيس ايندي هُجيس.
”پيارا......
......... اڄ وري تون ياد آئين. اڪيلو آهيان، تون بہ تہ ناهين، ڪو بہ تہ ناهي، قريب هوندي بہ ڪيڏو ڏور! ڄڻ تون دنيا جي هڪ ڇيڙي تي ۽ مان ٻئي تي هجان. دانھون ڪوڪون هڪ ٻئي جون ٻڌندي بہ دانھن ورنائڻ کان مجبور، هي ڪھڙو سماج چئبو؟ هي ڪھڙي دنيا چئبي جيڪا کن پل ۾ پنھنجن پرين پيارن کان ڌڪي ڌار ڪيو ڇڏي!!
هن وقت زيتونن جي باغن ۾ گل ٻاٽي، ڪچو ڏوڏو آهي. مان هلي ٿڪجي پيو آهيان ۽ پٺئين ٻَني تي اچي ويٺو آهيان، جتي جتي پاڻ گڏجي زيتون کائي کائي اچي ويھي ساهي پٽيندا هئاسين پوءِ ٿڪاوٽ دور ڪرڻ سان گڏ پنھنجون رهاڻيون، عشق ۽ اوسيئڙي جا داستان، ادب ۽ تنقيد جا ٻول، لطيف ۽ اياز جي شاعريءَ جا مطالعا، سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جون ڳالھيون زندگيءَ کي مزي سان چوڙڻ، ماڻڻ ۽ موت تي فتح پائڻ جون ڳالھيون.
پيارا، سڀ ڪجهہ بدليل، سڀ ڪجهہ نئون لڳي ٿو ڪنھن اڄاتي ديس تي اچي نڪتو هُجان پوءِ اڪيلائي ۽ ارمان، يادن جا اڻ کٽ جزيرا، پيءُ جي پوڙهي تصوير جو ڪرڙ وڌ ۽ جانٺي جوان جي روپ ۾ بدلجڻ، سياري توڙي اونھاري سردي گرميءَ ۾ سج اُڀري کيتن ۾، پوکن ۾ مٿي تي گاڏيون گاھہ جون، ڏھہ ڏھہ، ويھہ ويھہ ڪڙٻ جا بند، ڪُتر، وڏا ولِ جا گَڏا، ڊڪ ماٿان ڊُڪ، آيو ڙي آيو، پھتو ڙي پھتو، ڏسندي ڏسندي زمين جي گولائيءَ جھڙا، جَنِ جون آسمان سان چوٽيون. سڄا سارا مھينا ڳاھہ، پلاھہ، هر ڦار، ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھہ ڪانھي ويل ويھڻ جي.“ آخر ۾ سڄي راھہ بٽئدار جي گهر، پاڻ کي سکڻو بوڇڻ ڪلھي تي. پوءِ يارن جون باهيون ٻارن مان.
پريان ان کٽڙي خدائڻ ٺير جو ٿُڙُ اڃان سوڌو بيٺل آهي پر پنھنجي اصلي صورت ۾ نہ، ان مان ٻير ڇاڻڻ تي امان کي گهٽ وڌ ڳالھائيندي بابو رڙيون ڪرڻ لڳندو هو. (ياد هوندئي جو هڪ ڏينھن روئي ڏنو هئم.) ننڍڙو ٻار ٿڻن تي اڻ اُڀري لاڪون ٽُڪر کاڌو نہ کاڌي جھڙو ٽاڪ تتيءَ تائين لابارو، پٺيان ٻارڙي جون ٻاڪارون، انھن ٻاڪارن تي ماءُ جو لُڪ کامڻ پوءِ هٿ جي ترين سان اُرھہ ۾ اوتجي آيل ٿڃُ کي مھٽيندي روئيندڙ ٻارڙي ڏانھن وک. ٻارڙي کي ڪڇ ۾ ڪندي ٻير جي ڇانوري هيٺان اچڻ، هڪ ٻار جي پَٽَ ٻيو پيٽ جي بُک، تڏهن سڄي ساري ڏينھن جو ٿَڪُ بہ وسريو وڃي پوءِ ٻير تي سٽڪو، جِنڀُنِ ۽ ڀِترن جي بوڇاڙ، ڪچن پڪن ٻيرن جي ٽٻ ٽٻ ٻير وات تي اڃان آندو ئي ناهي جو پريان سخت لفظن جو حملو، هڪلن مٿان هڪلون، ”ها ها، تنھنجو ڪو پيٽ ڀربو ڇا، لابُ لاهي مٿي چڙهي، جو هلي آهي ڳٽول ٻير کائڻ. او نڀاڳي ، او...... بيھہ تہ مان ٿو ٻير کارايانءِ، يڪا ٻير.“ تڏهن ڇاتيءَ ۾ ٻار، جهول ۾ ٻير، نڙيءَ ۾ اٽڪيل کوکڙا، گهوڙي واري ڊُڪ ۽ وري هڪ ڀيرو ڏاٽو هٿ ۾.
۽ ايئن ئي اسان جون راتيون ان اُميد تي گذريو وڃن تہ صبح جيڪو نروار ٿيندو سو اسان لاءِ سوين سُک کڻي ايندو پر پوءِ جيڪو صبح ايندو آهي، جيڪو نئون سج اڀرندو آهي سو سک تہ خير پر سوين هزارين اهڙا پاڻ سان گڏ ڏک کنيون ايندو آهي جو پھرين سکن ڳالھہ بہ وسري ويندي آهي ۽ ايئن ئي وري ٻئي صبح ، وري ٻئي سج جو اوسيئڙو رهندو آهي ۽ پوءِ اوسيئڙو ئي اوسيئڙو، انتظار ئي انتظار تان جو اچي جواڻي ڪوماڻبي ۽ عمر جا پَل ختم ٿي ويندا آهن. ايئن ئي هر شئي هر کنيل قدم کي ڳڙڪائيندو پيو وڃي. ڪيترا جي قريب هاري هر هڪليندا هئا ۽ منجهن ڪچن ڦڪن راڳن تي جهومي جهومي واھہ واھہ ڪندا هئا، تن مان بہ ڪيترائي قبر جي ڪُڙڇن ۾، جن قبرن جو نانءُ نہ ڪو نشان اهڙي سمي ڏاهپ جو احساس سدائين ڏاهپ جو صليب ڪلھن تي. رات ويٽنامي شاعر توئي دين کي پڙهيم،
”ياد رک!! تو وٽ تنھنجو عقل ۽ علم ، تنھنجي وطن ۽ قوم جون امانتون آهن!“
وڏا وڏا امتحان پاس ڪري ، وطن جي ويرن وٽ ڪرسيون ماڻڻ، تنھن کان وڏي بي حيائي، ذلالت ۽ غداري ٻي ڪانھي.
پنھنجي علم کي، پنھنجي وطن جي ڦٽل نصيب سنوارڻ لاءِ وقف ڪر!
پنھنجي حياتيءَ جي پلَ پلَ سان قوم جي تاريخ ۾ سونھن ۽ سينگار پيدا ڪر!!!
سوچيان ٿو، خبرناهي اسان سنڌي جوانڙا، ڇوڪرين ۽ نوڪرين پٺيان ايترو سستو آخر ڇو ٿا وڪامي وڃون؟ ٻہ درجا تہ پڙهون ٿا پوءِ ٻي ڪار کان چُڪتو. انگريز سامراج جي ڏنل سبق پٺيان مُڏي سُڏي ڪرسي هجي!!
ها، بيشڪ اڄ جي دور ۾ مايا کي، ڌن دولت کي وڏي اهميت حاصل آهي ۽ ياد هوندئي هڪ ڏينھن شھيد ذوالفقار جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهيندي مان چيو هو، ”هڪ عظيم ٿيڻ لاءِ بہ هڪ دولت جي ضرورت پوي ٿي.“
۽ تو پڇيو هو، ”ڪيئن؟“
مان چيو هو، ”جيڪڏهن ڀُٽي وٽ ايتري دولت نہ هجي ها، نہ تہ اهڙن عھدن تي پھچي ها ۽ نہ ئي اهڙن امتحانن مان گذري مُلھائتو موت ڳِنھي ها. هِت تہ سائين سٺي موت خريد ڪرڻ لاءِ بہ سٺن پئسن جي ضرورت پوي ٿي.“
۽ مٺا، اهو ڌن تو جيان نہ تہ غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ پائي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو ۽ نہ ئي....... تو جيڪو رستو اختيار ڪيو آهي اهو تہ سڄڻ سائين تباهيءَ وارو رستو آهي. اهو تہ سائين غلاميءَ جي گچڻ ۾ غرق ڪرڻ وارو رستو آهي.
هِت مان اهو بہ واضح ڪندو هلان، پيسي جي ڳالھہ ڪر۾ مان منھنجو هروڀرو اهو مطلب بہ ناهي تہ ڪو سڀ ڪجهہ پئسو آهي پر مٺا، ايئن ضرور آهي تہ اڄ جي سماج ۾ وڏو ٿيڻ ، وڏا ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي ڌن جي ئي ضرورت رهي ٿي. هڪ ڀيري مھاڀارت ۾ پڙهيو هئم،
”ڌن سان ئي اُتم پُڃ ٿي سگهندا آهن، ڌن سان سڀ ڪجهہ چڱائي، گڻ آهن. دنيا ۾ ناڻي وارو منش ئي زندھہ آهي، ڪنگال ماڻھو مئل سما آهي. ناڻي بنا نر ويڳاڻو........ لالچ سان نہ پر اورچائيءَ سان ئي ڌن لاڀ ۽ سوڀ ملندي آهي........ لالچ ۾ اچي ڌن، دولت گڏ ڪرڻ اپراڌ آهي. ڌن گڏ ڪري نہ رکجي ڇو تہ ڌن جي ڪري سدائين وڳوڙ رهي ٿو. سچي شانتي نہ ٿي ملي. ڌن جي بچائي رکڻ ۾ دک ئي دک آهي. “
۽ اها تمنا بہ ڪيتري نہ پراڻي اٿم، زمين جو هڪ ٽڪرو، ٽڪرو صرف پنجويھہ کن ايڪڙ هجي آباد/ غير آباد، زمين کي سنوارڻ لاءِ هڪ قوت هجڻ گهرجي. زمين جي ڏھہ ايڪڙن تي فشِ پوائنٽ قائم ٿيڻ گهرجي، جنھن جي چوڦير اندرين توڙي ٻاهرين پاسن کان مانجهاندڙي ۽ اصيل کجيون رکرائجن. جيسين کجيون تيار ٿين تيسين مانجهاندڙيءَ جو فصل وٺجي. کڏ مان ٽن سالن تائين مڇي نہ ڪڍرائجي. فِش پوائنٽ جي وچ تي هڪ پنجاھہ کن فوٽن جو گول ٿلھو هجڻ گهرجي، جنھن تي سئو سوا کن بدڪون پالجن. زمين جي باقي حصي مان ڪجهہ تي مرغي فارم ۽ باقي زمين کي آباديءَ هيٺ آڻي واڙِي وکري (ڪچي) بھہ، پٻڻ ۽ ٻيو ڪجهہ پوکي ڪافي ڪجهہ حاصل ڪري سگهجي ٿو. (جيئن پاڻ لکن جو حساب لڳائيندا هئاسين.) ان حاصلات مان مثالي لائبريري، مثالي ڪتاب ڇپائڻ جو ادارو، علم دوست، سڄاڻ ۽ عوام دوست اديب، شاعرن جي خدمت حاصل ڪرڻ ۽ سندن مالي سھائتا ڪري ٻين وڌيڪ اهم ڪمن ۾ مدد ڪرڻ....... اهڙي ڪميون گاھہ جو بنياد رکڻ جھڙو جهوڪ ۾ پيو! ان نموني هڪ ڏينھن سنڌ ۽ سنڌ واسين جي وڏي خدمت ڪري سگهجي. سنڌ جو قرض چڪائي، ماءُ جي ٿڃ ملھائي سگهبي.
پيارا، هيءَ نہ تہ خيالي ڪميونسٽ واري جنت هوندي ۽ نہ ئي وري افلاطون واري ريپبلڪ ئي هوندي. نہ بيڪس واري نيو ايٽلانٽس هوندي ۽ نہ ئي سيموئل هارٽ لب جي هڪاريا جي بادشاهت هوندي. نہ سر ٿامس مور جي يوٽوپيا ۽ نہ ئي رابرٽ اووين جي نيو لنارڪ جھڙي مثالي بستي هوندي.
پيارا، هيءَ تہ اها دنيا هوندي جتي سنڌ جي نياڻين ۽ جوڌن، جوانن کي سچائيءَ پکيڙڻ جو اهڙو سبق ڏنو ويندو، جيڪي اڳتي هلي اهڙو معاشرو اڏيندا، جتي انسان کي رياست تي فوقيت هوندي. زندگي شريعت کان برتر ۽ انساني ضمير زندھہ ۽ آزاد هوندو. آءُ هلي آءُ ....... سنڌ کي سوچ ڏيون، نئين نڪوري سوچ، ڇڏي ڏي ان حرام جي هڏي کي ....... پيارا، ڇڏي ڏي.

وهڪرو

طالو ٿڪو ٽُٽو، پگهر ۾ شل،
ڦَھہ اچي کٽ تي ڪريو آهي!
هن ڇا ڪيو آهي؟
ڇو ڪيو آهي؟
ڪيئن ڪيو آهي!؟
سو سندس ذاتي معاملو آهي.
ان ۾ توهان جو ڇا؟
اسان جو ڇا؟
هِنن جو ڇا؟
هُنن جو ڇا؟
پر ايئن ضرور آهي تہ،
طالو ٿڪو ٽُٽو، پگهر ۾ شلِ،
ڦَھہ اچي کٽ تي ڪريو آهي!!
طالوءَ جي زندگي بہ عجيب آهي. ڪجهہ سالن کان، جڏهن کان کيس پوڙھو ۽ بيڪار سمجهي مزدوريءَ مان ڪڍيو ويو، تڏهن کان هن تيل مالش جو ڌنڌو شروع ڪيو. پٺيان ڪي ٻار ٻچا ڪونہ. بس، اڪيلو سِرُ، تنھن ڪري ٿوريءَ آمدنيءَ مان بہ پورت ڪندو پيو اچي. هن شادي ڇو ڪِين ڪئي!؟ سو تہ سندس ذاتي معاملو آهي. پر ڪن ٻين جو چوڻ آهي، ”هن شادي ڪئي، سندس زال پڻ سندس جيان ڪنھن قريبي فيڪٽريءَ ۾ مزدوري ڪندي هئي ۽ پوءِ هڪ ڏينھن جيئن ئي گهر مان نڪتي تہ وري نہ واپس آئي! کيس کڻي وڃي سيٺ سلطان جي پڳ مٽ يار...... صوبيدار پنھنجي ڪڇ ڪوسي ڪئي هئي. پٺيان ٻہ ننڍڙا ٻارڙا، جن جي پرگهور پنھنجي سِرِ کڻي طالو رت جا ڳوڙها ڳاڙيندو رهيو پر پوءِ سُتت ئي اهي معصومڙا بہ ماتا جھڙي موذي مرض وگهي بي ڪفنو مري ويا.“ ڪيترن ٻين جو وري خيال آهي تہ، ”طالوءَ جي خاموشي ۽ سنجيدگي بہ مٿين ٻنھي حادثن جو نتيجو آهي.“
هڪ طرف طالوءَ جھڙو پوڙهو ڪنگال آهي تہ ٻئي طرف ٿلھو متارو سيٺ سلطان پڻ. سيٺ سلطان، اهو سيٺ، جيڪو چڱي خاصي حيثيت جو مالڪ، گهڻو ڪري هر شھري ڪنھن نہ ڪنھن نموني سندس ڏنگيل، ڏنڀيل. سيٺ شاهوڪار ڪيئن ٿيو!؟ هن اهي ڌنڌا خفا ڪيئن شروع ڪيا؟ تنھن جو تہ قصو تمام ڊگهو آهي پر ٿورن لفظن ۾ سيٺ کي ٻہ ماچيس فيڪٽريون، ٻہ گيھہ ايجنسيون، هڪ شراب خانو، هڪ فروٽ ڪميشن ۽ وڌيڪ نہ تہ ٻہ سئنيما گهر اٿس، جن ۾ سدائين اگهاڙيون فلمون ڏيکاريون وينديون آهن. سيٺ جو چوڻ آهي، ”اهڙين فلمن ڏيکارڻ سان هتان جي ماڻھن تي سندس احسان آهي.“ فروٽ ڪميشن لاءِ هن جو چوڻ آهي، ”جيڪڏهن ننگ تي ٻہ چار روپيا مٿڪي هنياسين تہ ڪھڙي اربع خطا ٿي. آخر تہ محنت ٿي ڪجي، ٻوڙ يا ڀاڄي بہ تہ ٻاهران ڪڍڻي آ. مزدورن جي مزدوري تہ لھڻي سين.“ البتہ شراب ۾ ڪجهہ نہ ڪجهہ ايمانداريءَ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو اٿس. ان لاءِ بہ پنھنجو چوڻ اٿس، ”هڪ تہ شراب جي قيمت مقرر، ٻيو تہ پنھنجي ذمي يارن جي ئي تہ ٽنڊوالي ڪرڻ آهي. ڀلاجي نہ تہ پوءِ هي انڪم ٽيڪس ۾ ڇوٽ؟ هي ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن ۾ رعايت؟ هي لکين هزارين روپيا روڪڙ؟ هي منٿليون مڙيون؟ ياري پاڇي ئي تہ ڪم اچي ٿي.“
سيٺ صبح مردان سان سويرو ئي اٿي پھريان ٿلھن ٿلھن بُڪن ۽ رجسٽرن کي اٿلائي پٿلائي پنھنجن پھہ پچايل خيالن جي پڪ ڪندو. پوءِ سڀني ڌنڌن جي سُڌ سماءُ، هونءَ تہ منشي مڙا، نوڪر چاڪر بہ گنج اٿس پر پوءِ بہ پنھنجي سار سنڀال لازمي آهي. سيٺ جو پنھنجو فرمان آهي، ”جيڪڏهن ايئن نہ ڪجي تہ هُوند هي لکن جو ڌنڌو ئي ٺُپ رهجي وڃي.“
سيٺ صاحب طبيعت جو بہ ڏاڍو ڪو سخت آهي. ڪيترائي اهڙا واقعا ٿيا هوندا جن ۾ هن مزدورن سان سخت رويو اختيار ڪيو هوندو، جيئن هڪ ڏينھن ماچيس ڀريندڙ ٻن رنن زالن کي ڌڪا ڏئي فيڪٽريءَ مان لوڌي ڪڍي ڇڏيائين. وڏي ڏڻ جي موقعي تي گيھہ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪرائي ماڻھن جي مڇريل انبوھہ تي پوليس هٿان لاٺي چارج ڪرايائين. ڌڙ تي واڪ دوران هڪ پِڙئي کي اگهہ کار جي الزام هيٺ رتوڇاڻ ڪري سبزي منڊيءَ مان ٻاهر ڪڍرائي ڇڏيائين. سئنيما تي پاليل داداگيرن هٿان ٽڪيٽون بليڪ ڪرائي ڳاٽي ڀڳن اگهن تي تماش بينن کي وٺڻ تي مجبور ڪرڻ ۽ ٿوري بہ چون چران تي مٿن هاڪين ۽ ڏنڊن جا زبردست وسڪارا. اهي ۽ اهڙيون ٻيون وارڌاتون سندس حدن اندر ٿيڻ عام رواجي ڳالھيون آهن.
سڄي ڏينھن جي وٺ پڪڙ کان پوءِ جڏهن اوطاق تي بيٺڪ ڪندو، تڏهن طالوءَ کي حڪم ٿيندو، جيڪو کيس آئڍي سُوٽي سندس رڳ رڳ واسي تازو توانو ڪري کيس ٻيھر سوچڻ ۽ نوان منصوبا رٿڻ جي سگهہ ڏيندو. طالو مالش ۾ مشغول ۽ سيٺ ٽنگون ٽيڙيو پَنَ جي ٻِيڙيءَ جا سُوٽا هڻندو رهندو. ٻِيڙي ڇڪيندي سندس مانڊول جھڙين ناسن مان دونھون بٺي جيان دکي اٿندو. هن جي مُنھن تي پوڙهي هاٿيءَ جيان حقارت ڀريا گهُنج، مٿي جا وار ۽ ڀِرون کُٿل کوهيل، ٽِڪڻ چاٽِ پَٽي، اکيون ننڍڙيون ۽ چُنجهيون اندر بلڪل پيھيل، جن مان حوس ۽ حراس جون چڻگون پيون پسبيون، ڏاڙهي مڇون چَٽُ اصلي عين الپٽي، ڪَنَ گاگڙي ڇَڄَ جيان، چپ ٿلھا سٻر داٻڙي جهڙا، ڳچيءَ کان ٿلھي سٻر کَلَ لڙڪندڙ، آواز اڻانگو، جھڙو ڀير تي ڏنڪو.
اڄ شام سئنيما ڀرسان لنگهندي طالوءَ ڏٺو تہ اوچتو ماڻھن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. ڀاڄ ۽ خوف وچان ماڻھو هڪ ٻئي کي لتاڙيندا سئنيما جي چوگان مان ٻاهر ڀڄڻ لڳا. هن کان رهيو نہ ٿو ٿئي. ڪوڙي هُج تي ماڻھن جي انبوھہ کي چيري اڳتي وڌي ويو. هن ڏٺو، بليڪ خلاف ماڻھن جي مڇريل انبوھہ تي سيٺ جي پالتو غنڊن پاران هاڪين ۽ ڏنڊن جا آزاد حملا، ماڻھن جي هوڪار، دانھون ۽ دهمان، ڀاڄ کائيندڙ ماڻھن جي، نڪ ناسن، مٿي، ٻانھن مان رت جا ڦوهارا. پوءِ ميدان صاف ٿيڻ تي هن ڏٺو هو پَٽَ تي پيل ٻارنھن، چوڏهن سالن جي جوانڙي کي، جيڪو ٻاهرين ڏيک مان ڪو ڪاليجي، اسڪولي پئي ڀانئيو. جوانڙو رت ۾ وهنتل، کيس ڀت جي ٽيڪ سھاري پاڻي پيارڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي وئي. حالت وڌيڪ بگڙڻ سبب کيس مئنيجر جي آفيس ۾ آندو ويو.
”ڀيڻان ڄَٽُ!“ مئنيجر چڙ ۽ بيزاريءَ مان اوڳاڇيو، ”هيٺ ٿي، حرام چوت ........ وري تہ ايئن نہ ڪندين، سٺو ٿيو، جوڳ ٿي.“
ڇوڪرو مرجهايل چھرو مٿي ڪندي ٻيھر ڪنڌ لاڙي ڇڏيو. هن جي هاڪين لڳل مٿي مان اڃان تائين ڪوسو ڪوسو رت ڳڙي رهيو آهي. هن ٻيھر مئنيجر جي ڀوائتي چھري ڏانھن نفرت وچان ڏسندي ٻانھن سان وات وٽان رت اگهندي منھن ٻئي پاسي ڪندي چپن ئي چپن ۾ ڀڻڪيو، ”پاڻي......!“
طالو، جيڪو گھري سوچ ۾ گم، سڄو لڪاءُ ڏسي پيو، سو پاڻ نہ جهلي سگهيو. هن جهٽ هڻي گلاس پاڻيءَ جو ڀري ڇوڪري آڏو آندو. هن کي لڳي ٿو پھريون ڀيرو ايڏو زبردست صدمو، اهڙو صدمو جھڙو پنھنجي جگر جي ٻن ٽڪرن ٿيڻ سان بہ ڪين رسيو هوس. هن کي ڦٽيل جوانڙي ۾ ويھہ سال اڳ ماتا ۾ مري ويل ٻن ابھم ٻارڙن جا چھرا نظر اچن ٿا. هن جي سڪل ٺوٺ سيني ۾ محبت جون تيز ڇوليون ڇلڪي اچن ٿيون. هو اڃان نوجوان کي ڀاڪر ۾ ڀريندي سندس اُڃ اجهائڻ وارو ئي آ تہ سيٺ جا غنڊا کيس بي پھچ ڪري آفيس مان تڙي ڪڍن ٿا.
”اڙي هل پوڙها، ڇو ٿو پنھنجون پاسيريون ڀڃرائين!“
”ڀڄي وڃ ڀيڻ....... تنھنجي دال نہ ڳرندي. هيءَ اسان جي وارڌات آهي ۽ اسان جي وارڌات ۾ ڪنھن ايس پي، ڊي ايس پي کي بہ مجال ناهي جو ٽَنگ اڙائي. ڀڄي وڃ، ڀڄي وڃ........“ هڪ دادا قميص جون ٻانھون کُنجيندي هڪلايو. ايتري ۾ سيٺ جو ٽيليفون آيو، ”کڻائي وڃوس، مان ڊاڪٽر کي ٽيليفون ڪريان ٿو.“ پوءِ طالوءَ جي بيٺي ئي ڇوڪري کي ٽانگي ۾ هڻي اسپتال نيو ويو.
هن ڏٺو عام ماڻھن ۾ ايڏو ڪو تاءُ يا حراس ڪين ڇانيل هو.هرڪو تماش بين گذريل روئيداد کي وساري سئنيما ۾ لڳل فلمن جي پوسٽرن کي چتائيندي مڱيرا مروڙي کائڻ ۾ رُڌل رهيو. هونءَ بہ اهڙن واقعن کي ڀلا اهميت ئي ڪھڙي!؟ اهڙيون ويڌنون تہ هر روز پيون ٿين! ڏسي ڏسي ماڻھن جا من ئي پٿر بنجي ويا آهن! ۽ هڪڙو هي ئي هو جنھن جي من ۾ زبردست مانڌاڻ متل هو. هن جي ستايل ۽ ايذايل دل روئي رڙي سڏڪي رهي هئي. هو پوءِ پنھنجي بيوسي ۽ سرمائيدارن جي دادا گيريءَ تي ڪاوڙ ڪروڌ وچان تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري آيو. رستي سان هلندي هن کي سوين اوٺا ۽ نوان نوان خيال آيا. هن پوءِ سوچيو پاڻ تي، حال تي، ايندڙ وقت ۽ نوجوان تي، جيڪو پڻ سندس جيان ظلم جي قھري چنبن ۾ چيڀاٽيو ويو هو. هن کي وري وري خيال اچي ٿو، تون آخر ايترو ڇو ٿو سوچين!؟ تون ٻين تي ظلم ٿيندو ڏسي آخر ڇو ٿو ٻَرين!؟ آخر تنھنجي من ۾ ايڏي پيڙا ڇو!؟ پرائو بار پنھنجي سِرِ!!؟ ٻيا بہ تہ آهن؟ چريا! اڇل پرائي بلا، لڳُ پنھنجي ڌنڌي، ٻيا بہ تہ آهن، توتي وري ڪھڙو پائو؟ توتي وري ڪھڙو ٺيڪو؟ توسان بہ تہ ٿيو آهي، هر ڪنھن سان بہ تہ ٿئي پيو! ڪھڙي نئين ڳالھہ آهي!!؟ ڪھڙو تون وري.......“
”ايڏي دير.......“ نوڪر جي اوچتي سوال تي هو ٿيڙ کائيندي پاڻ سنڀالي وڃي ٿو، ”سيٺ آ جو بار بار پيو پڇي.“
نوڪر جي تيز لفظن جو خنجر پنھنجي وجود ۾ کُپندي محسوس ڪري ٿو. دل ۾ آيُس تہ گارين جا ٽاهو ٻڌائيس پر ڪُڇي ڪين سگهيو. سندس خاموشيءَ ٻيھر اڳلي کي ڳالھائڻ لاءِ اُڪسايو ٿي، ”اڙي.....! تون ڇو خاموش!!؟ ايڏو ملول! ڪو اٽڪيو ٿي!؟“
هي ڇرڪي وڃي ٿو، ايئن ڄڻ سندس سوچڻ واري ٻارڙي جي سورن واري ستي پڪڙجي پئي هُجيس! ٻارڙي جي خون ۾ ڄڻ پنھنجا ئي هٿ رڱيل هُجنسِ. اجايو سجايو ويساھہ ڏيارڻ خاطر، ”نہ نہ، هُون......“ هلڪو مرڪندي، ”اهڙي تہ ڳالھہ ڪانھي.“
”تہ پوءِ منھن تي ٻارنھن ڇو ٿا وڄني؟“ کھرائيءَ مان تڙي ڏيندي، ”کھرو ٿي کھرو ٿيءُ تہ ڏيئي نہ سيٺ زيڪ، هن جي اڳ ئي سئنيما تي ٿيل وڳوڙ سبب طبيعت خراب آ.“ ۽ پوءِ خبر ڪانھي اوچتو الائجي ڪيئن هن جي طبيعت ۾ شوخي اچي وڃي ٿي. نڪري وڃنيس ٿو، ”ڀيڻان، سيٺ جا.....“ چپ ڀڪوڙي ڪم ۾ مشغول نوڪر تي نفرت ڀري نگاھہ وجهندي بنگلي ۾ اندر گهريو. هن پوءِ ڏٺو هو بنگلي جي بيٺڪ واري دالان ۾ سيٺ پلنگ کي ٽيڪ ڏيو ڪنھن گھري سوچ ۾ گم ويٺل. اوچتو قدمن جي آواز تي اک ٽيٽ ڪري هن ڏٺو.
”ڇو.....؟ اڙي مرگهيل ڪٿي هُئين؟ ڇا پئي ڪيئي؟ مان سمجهو ڪٿي تون بہ غرق ٿي وئين.“ سيٺ جي لفظن ۾ چڙ ۽ حاڪماڻو رعب تاب ايئن ڄڻ طالو سندس ٻڌو ٻانھو يا زرخريد غلام هجي. هو سيٺ جو چيو ٻڌو اڻ ٻڌو ڪندي ٽري ۾ رکيل مختلف تيلن واريون شيشيون هڪ پاسي رکي پنھنجي ڪِرت ۾ مشغول ٿي وڃي ٿو. پوءِ پيشانيءَ تي مِڙي آيل غم ۽ تڪليف جي نشانن کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ڪجهہ ويرم گذرڻ کان پوءِ،
”ٻڌئي!؟“ سيٺ واتان نڪري وڃي ٿو، جنھن کان طالو حراسجي وڃي ٿو. ايئن ڄڻ سيٺ جي لفظن ۾ ڪو نئون انڪشاف هجي،ڪا نئين مامَ هجي!
”ٻڌئي.....!؟ اڄ بہ سئنيما تي فساد ٿي پيو، پر ڏس تہ سھي ڄٽ جا پُٽَ.“ سيٺ جي لھجي ۾ ڪڙاڻ اوتجي اچي ٿي، ”ڀينسان ڄٽ جا پُٽ ايئن ٿا ڪاهيون اچن ڄڻ ڪا بابھن جي ميراث هجي. هُون...... بليڪ نہ هلندي، بليڪ نہ..... ڀلا بليڪ هلائي اسان ڪو گناھہ ڪيو؟ هيڏا خرچ خفا، هڪ پاسي داداگيرن جون ڳريون پگهارون، پوليس منٿليون، ايڪسائيز جو بار ۽ پڻ آفيسرن لاءِ مفت ٽڪيٽون، نڪتل پاسون تہ ٻئي پاسي وري ڳاٽي ڀڳي اگهہ تي مھانگيون فلمون. پوءِ ٻڌاءِ جي بليڪ نہ هلائبي تہ بابھن وٽان پوري ڪبي!؟“ سيٺ هندستاني پَنَ جي ٻيڙي دکائيندي چوي ٿو. طالو واقعي کان لا علمي ڏيکاريندي ورجائي ٿو،
”وري ڇا ٿيو سيٺ!؟ وري ڪير غرق ٿيو.....؟“
”ڪير وري ڪير، ڌوڙ پئين مُنھن ۾ سئنيما تي تماش بينن گوڙ ڪيو تہ بليڪ نہ هلندي، بليڪ نہ هلندي. ڀلا جي بليڪ نہ هلندي تہ پوءِ ڪٿي اسان جا جانباز رهي سگهن.“ نھايت سرهائيءَ وچان، ”هُون.....! ڳري وري ڪنھن جي دال، نتيجي ۾ ڪيترن جي ئي پٺاڙن تي نيٽ جا زپڪا. هڪ ڇورو اچي ويو ٻيڪڙ ۾، هن جي بہ ڪا کُٽي هُئي.“ کن لاءِ خاموش ٻيڙيءَ جا سُوٽا، ”ڇوري کي اسپتال ۾ تہ داخل ڪرايوسين پر اجهو اجهو خبر آئي تہ حالت نازڪ اٿس.“ ڪجهہ ڳنڀيرتا منجهان.
”هان......! نازڪ.....!!“ طالوءَ جا هٿ سيٺ جي گنج تان کڄي وڃن ٿا. هو حيرت ۽ ڊپ وچان پڇي ٿو. سيٺ دڙڪي جي انداز ۾ بي ڳڻتيو ٿيندي چوي ٿو،
”ها ها، نازڪ...... اڙي اٻوجهہ تون سمجهين ٿو، گذريل واقعي جنھن توکي منجهايو آهي، سو ڪو نئون آهي، اهڙا تہ ڪيئي لَڪَ لنگهايا اٿسين، هي بہ هڪڙو. جيئي پاڻ وارو ايس پي صاحب. هونءَ بہ اسان کي عام ماڻھوءَ جو هڪ هڪ منٽ ڪوڙو ڪرڻو آهي تہ جيئن هرڪو پنھنجي ئي زهر ۾ پاڻ مري.“ هو بي فڪريءَ مان پَنَ جي ٻِيڙيءَ مان سُوٽو هڻندي، ”طالو، اڄ بُت کي ايترو تہ هلڪو ڪر جو رڳ رڳ واسجي وڃي. خبر اٿئي سڀاڻي هڪ نئين ڌنڌي شروع ڪرڻ لاءِ ڊُڪ ڊوڙ ڪرڻي آهي!!“ سيٺ ٻِيڙيءَ جو اڌڙ رَکَ وٽيءَ ۾ وجهندي ٻيھر آهلندي سانتيڪو ٿيندي چوي ٿو ۽ طالوءَ کي اچي ٿو تہ جيئن، وڌيڪ معصومن جو رت هارجي، جيئن وڌيڪ غريب تاراج ٿين، کين بکيو ڏکيو رکي رت ۾ وهنجاريو وڃي!! پر پڄي نہ ٿو سگهي، ڪُڇي نہ ٿو سگهي. ڪُڇي تہ نہ ٿو سگهي پر سندس ساھہ ۾ مٺ پئجي وڃي ٿي. نڙيءَ ۾ ساھہ اٽڪي پوي ٿو. هو جڏهن جڏهن سيٺ جي ڍري ٿيل ڪنڌ ڏانھن چتائي ٿو تہ کيس ايئن باسڻ لڳي ٿو ڄڻ سيٺ جي ڪنڌ تي تکي ڪاتي وهائيندو هُجي، سيٺ کي ڪھندو هجي. هن جي من ۾ سوين وِسوِسا، وهم، جذبا ۽ جولان وڏ ڦڙي مِينھن جيان ٽمڻ لڳا. هن پوءِ روز مرھہ جي روحاني قتل تي هڪ ڀيرو جسماني موت کي ترجيح ڏيڻ جي سوچي. اچيس ٿو، ”پوءِ ريل ۾ يا.....! گهڻي ٻُڏ ترِ کان پوءِ سڪل ٺوٺ چپن کي هڪ ڀيرو ڏندن هيٺان ڏيندي، وات ڀڪوڙي ڊيڄھڙي ۽ ڀَوَ ماريا هٿ مضبوط ڦٻائيندي ٻانھن کي تيز جُنبش ڏياريندي پوءِ زوم مان زبردست جهٽڪو! سيٺ ڪو ڪنڌ پٺيان، صفا پٺيان ٻيڻائجي وڃي ٿو. تنھن بعد بجليءَ جيان جهٽڪن مٿان جهٽڪا، ٺا..... مڻڪو ٽُٽي پوي ٿو. وات مان رت گاڏڙ گڦ کاڏيءَ تان ڳڙي هٿن تي پوي ٿي. هو هٿ ڪڍي پري ٿي وڃي ٿو.
هو پري ٿي، ڊوڙي اچي کٽ تي ڪريو آهي!
”هن ڇا ڪيو آهي!؟“
”ڇو ڪيو آهي!؟“
”ڪيئنءَ ڪيو آهي!؟“
”تنھن ۾ اوهان جو ڇا!؟“
”اسان جو ڇا.....!؟“
”هِنن جو ڇا.......!؟“
”هُنن جو ڇا........!؟“
پر اها حقيقت آهي تہ،
طالو ٿڪو، ٽُٽو، پگهر ۾ شل ڦَھہ اچي کٽ تي ڪريو آهي.......!!

روئي پئي رات

ڏينھن جي ٻن پھرن کان پوءِ جڏهن هو ٻئي لاباري کان موٽيا هئا تہ سندن مٿن تي ڪڻڪ جي وَلِ جا گڏا هئا، جيڪي کين اڻ اُڀري کان لاب ڪندي، کيت مزدور ٿي محنت ڪندي ڪندي ڏينھن جي تقريبن هڪ وڳي تائين اجوري طور مليا هئا. هو ٻئي پراڻين حالتن ، پگهر ۾ شَلِ، مرد کي مٿي تي گڏي سان گڏُ هڪ ننڍڙو گُڏڙي جھڙو سال کن جو ٻارڙو هو. هنن ٻنھي جي هلڻ جي انداز مان سُستي، ڪپڙن مان غربت ۽ چھري مان چِڙَ ۽ بيزاري ظاهر هئي.
گهر جي لانگهي تي ايندي ئي ٻئي رڪجي ويا هئا. گهر ڇا هو، بس ڪکن ڪانن جو هڪ پڃرو، اوڏڪي ڀت تي ٺھيل لِتڻ، جنھن ۾ بہ سوين هزارين ڏاريون، ڦوٽيون ۽ ٽنگڙا. آڳنڌ جي چوڌاري ڪکن ڪانن جي هڪ ڇڳل پراڻي ڪنڌي جيڪا نہ هجڻ جي برابر. مرد اڳتي وڌي هلڪو جهڪي پير جي مدد سان لانگهي تي رکيل ڪنڊيءَ جي ڍنگهر کي ٿورو مٿي ڪندي پوءِ هٿ جي مدد سان پري ڪرڻ لڳو هو ۽ عورت پريان پريان بيٺي بيٺي ڍنگهر جي زبون حالت تي بيزاريءَ مان چيو هو،
”سڄو ڍنگهر ئي ڇيتيون ڇيتيون ٿي ويو آهي، ڪيترو ٿي چوانءِ........ ايڏنھن ڦرندي گِرندي ڪو ڍنگهرڙو نہ ٿو ڪپي اچين. در آ جو کَلِواڙو لٿو پيو آهي. ڪتو ٻلو، ڍور ڍڳو آيو ويو، هو تہ ڏس گڏهن جي لِڏِ.“ هن در تي پيل لِڏِ ڏانھن اشارو ڪيو هو.
”ها ها ٻيو ڪو ڪم آهي ڇا، لڌو ٿي واندو جو ڍنگهر ڪپي اچان.“ هن در کان اندر ٿيندي گهر جي آڳر ۾ وَلِ جو گَڏو رکندي چيو،
”ڏسين ٿي پنڌ آ ويجهو.“
”اڙي........! ٻيلو ٻہ ورانگهان، مڙسن لاءِ اِهو بہ پنڌ آ، مڙس وري ڪي پنڌ پڇندا آهن؟“ هن سندس پٺيان پٺيان اندر گهڙندي چيو هو.
”نہ نہ پنڌ آ ڇا ڪو........ اُف، اڄ ڏاڍي تاس لڳي آ.“ هن سيني کي وڏيون وڏيون ڦوڪون ڀري ٿڌو ڪندي چيو هو. جنھن تي عورت بيٺي بيٺي چيو هو،
”سُٺو ڏينھن ٿيو آ ڇا، ڪاڏهون آيو ڏائڻُ سانوڻ.“ ۽ پوءِ کيس سڏيندي،
”آءُ، هن ڇوڪر کي وٺُ.“ هن ٻارڙو مڙس جي حوالي ڪندي آهستي آهستي ڪري گَڏي کي هيٺ پَٽَ تي رکيو. تنھن بعد چولي جي آڳي کي هيٺ مٿي ڪندي پاڻ کي هوا ڏيڻ لڳي هئي، جنھن تي مرد بيزاريءَ مان چيو هو،
”آءُ، هن کي وٺ. مان پاڻيءَ جا ٻہ ڍُڪ پيان.“
عورت ڪپڙن مان ڪڻڪ جا بوجر ڇڏائيندي ڏانھن وڌي آئي هئي.
”مُٺي ڪڻڪ آ بوجي ، سڄو بُتُ ئي ڏڏر ٿي ويو آ، ڪپڙا ئي سُيون سُيون ٿا لڳن.“ مڙس کان ٻارڙو وٺندي ،
”هيڏي ڪر مان کي ڏي.“
ٻارڙو عورت جي حوالي ڪري مرد پاڻيءَ جي دلي مٿان آيو ۽ ڪپي مٿان ڪپو پيئندو رهيو. عورت کيس پاڻي پيئندو ڏسي چيو هو،
”ايڏانھن مان لاءِ بہ پاڻيءَ جو چُڪو آڻجانءِ.“ پوءِ جڏهن مرد کيس پاڻيءَ جو ڪُپو ڏنو هو، تڏهن ڪُپو وٺندي چيو هُئائين،
”تون تہ پي ڍئو ڪر، اُڃ، اُڃ ڪندو آيو آهين.“
”مان تہ ٽي چار ڪُپا ڏوگهي ويو آهيان.“
”کارايا تہ نہ ٿي مجيريءَ ڪُڪڙ؟“ هن مرڪندي چيو هو.
”هُون...... پاڻ وارو مجيري تہ پِني ۽ پنائي، اُڌاريون ڪري عيدان، آئون اسان کي ٿو ڪڪڙ کارائي.“ پوءِ عورت سان مخاطب ٿيندي،
”جلد ڪر، جلد ڪر ڏس تہ ڪو رکو سکو ٽُڪر.“
”ڪاٿئون پئي آندم رکو سکو...... منھنجو پاڻ هنيانءُ ٿو چٽجي. جهٽڙي ترس ٻارڙي کي آجهابُ ڪرايان...... پاڻ کي تہ ڪين سجهي، باقي هي تلڦڙو ڏسين ٿو ڪاڙهي ۾ ڪيترو نہ اچي بليکم ٿيو آهي.“ روئيندڙ ٻارڙي ڏانھن اشارو ڪندي ۽ پوءِ کيس مشورو ڏيندي،
”تون بہ تہ ساھہ پَٽِ، لِڱَ تہ آگهاري وٺُ، جيءَ جيرا آهن، ان حالن مان بُڇان بہ نہ ٿي ٿيئي. جيءُ جيءُ منھنجي خان پُٽَ کي، امان....... امان گهور ٿئي تو تان.“ هن پوءِ چوندي چوندي ٻارڙي کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
”هي تہ ڏس سڄو بُت ئي پچي پيو ٿسِ. نہ نہ مان گهور، مان صدقي پرينءَ پُٽَ تان.“ هن ٻارڙي جي قميصڙي لاهيندي سندس بدن تي ٿيل نشانن ڏانھن اشارو ڪندي چيو هو.
”چڱو جهٽ ڪري وٺ، وري مان کي ڏاٽا ٺپرائڻ لاءِ لوهر ڏي بہ وڃڻو آ.“
”هن وکت لوهر ڏي وڃڻ جو ڪو ستوھہ آهي ڇا، پيشي ڪونہ ٿيندي ڇا؟“
”پنڌ بہ تہ سنڀال، وري موٽڻو بہ تہ آهي ۽ اها تنھنجي ماني ڪا سُٿري .......“
”ڪھڙا وري پُلاءَ رڌڻا آهن، ان ڪڻڪ جي ٻن ڊڳڙين ۽ ٻن پٽاٽن جي ڳترن پچائڻ ۾ ڀلا ڪھڙي دير.“ هوءَ ٻارڙي کي هنج ۾ ڪري پريان ميٽ جي پراڻي سڪي ٺوٺ ٿي ويل کمريءَ ۾ آئي هئي. سڪل کمريءَ ۾ ميٽ نہ ڏسي،
”اَلوھہ رک ڌڻي، ميٽ جي بہ ذري ڪانھي. مان کي علوءَ جي دُکان تان ٻن آنن جو ميٽ تہ وٺي آئي ڏي.“ هن کُمري خالي ڏسي مڙس کي چيو هو. مڙسنھس جي پوءِ بہ نہ وڃڻ تي بيزار ٿيندي نڪري ويو هئس،
”مان ڇا ٿي چوانءِ، بيٺو وڌين ٿو، هوستائين ويندي پير گسي ويندئي؟“
”مان ٿو چوانءِ پوءِ آڻي ڏي ني ٻہ آنا.“
”آءُ، هن رئي جي ڪنڊ مان ڇوڙِ، ڏس آهن بہ الئي ڪٿي ڪري پيا.“
”هي تہ ڇھہ پيسي آهي، باقي؟“ هن رئي مان ڏھہ پيسي جو سِڪو ڇوڙيندي چيو،
”ناهن تہ ان جو ئي وٺي آءُ.“
هو جڏهن وڃڻ لڳو تہ پٺيان واڪو ڪيو هُئائين،
”پر اچ سيگهہ ۾، بک جون دانھون بہ پاڻ ٿو ڪرين.“
تنھن بعد هو رُکي سُکي کائي، ڏاٽا کڻي لوهر ڏانھن روانو ٿيو هو ۽ هوءَ ٻارڙي کي سمھاري، ڳڀو کاڌو نہ کاڌي جھڙو پنھنجي ڪِرتِ کي لڳي وئي هئي. پھريائين سوٽو کڻي ڪڻڪ جي وَلِ کي سٽڻ ڪٽڻ لڳي، ان کان پوءِ پٽهيءَ جا ڀاڪر ٻاهر اڇلائي ڇڄ کڻي اَنَ کي وائُريندي ئي ٻارڙو جاڳي پيو هو. ٻارڙي کي لڇندو ڦٿڪندو ڏسي ساھہ ئي نڪري ويو هئس.
”ڏاڍي ننڊ ڪري اٿئين، هجان جو واندي تہ جيڪر ڪَڇَ تا هڪڙي گهڙي نہ لاهيانءِ.“ ايئن ئي اَنُ ڇنڊيندي، ڇڙيندي ٻارڙي جي ٻاڪارڻ تي پنھنجي مُنھن ڳالھائيندي بہ رهي هئي.
”اڙي آيس، منھنجا پيرن جي پِنَ، بس ڪر، بس ڪر، منھنجا ڍول پُٽڙا. مان سِرُ ساھہ توتان قربان ڪيان........ اِجها آيس، بس باقي ٻہ واڌايون. ڪيترو چيومانس سانوڻ ٿو اچي پيو ٻيو نہ تہ ڪانن جو هندورو ئي جوڙائي ڏي. ننڍڙو ٻارڙو ڪيڏو نہ ڏکيو ٿيندو.“ ۽ پوءِ اٿي وڃي ٻارڙي کي هنج ۾ ڪيو هئائين.
”بشِ...... بش....... بش...... مان گهور، مان صدقي، منھنجا ساھہ، منھنجا اربيلا پُٽَ، اڙي هينٺ ٿي مُئي پنھنجي پيارل پُٽڙي کي روئارين ٿي.“ اڃان بہ ٻارڙي جي نہ بند ٿيندڙ روڄ تي کيس ڦيرائي ٻئي پاسي ڏانھن ٿڃ ڏيڻ لاءِ ڪندي ڀُڻڪي هئي،
”هن ۾ وري ڪھڙا مَٽَ کير جا آهن. گهڻو ئي چيومانس....... هجي جو جيڪر در تي ڪا لائي لسي ٽنگَ تہ جيڪر سڄو ڏينھن کير پيئاريانءِ.“ چوندي چوندي ٻارڙي تي جهُڪي کيس اُڪير وچان مِٺيون ڏيڻ لڳي هئي.
پوءِ جڏهن گُذارِ سومھڻيءَ مڙسنھس ڏاٽا ٺپرائي موٽيو هو، تڏهن بہ هوءَ گهر جي ڪم مان واندي ٿي نہ سگهي هئي. هڪڙي ڄڻي سوين سانگا، ڪاڏهون جي ٿي ڪاڏهون جي ٿئي. هنج ۾ ستل روئيندڙ ٻارڙي کي پرچائڻ جي ڪوشش ۾ ئي جڏهن اڌ ڪچي اڌ پڪي لولي کي اٿلايو هئائين تڏهن ماني ست ٽڪر ٿي پئي هئي. باھہ کي ڦوڪون ڏيندي دونھين جي ڪڙاڻ کان اکيون مھٽيندي نڪري ويو هئس،
”باھہ ڏيانِ ڪاٺيون آهن آليون، باھہ اوجهڙ ئي نہ ٿي ڪري.“ پريان ئي مڙس کي ايندو ڏسي ٽٽي پئي هئي مٿس،
”ڇو پئي آئين، اڃان تہ نہ اچين ها. منھنجي ليکي وڃي لوهر سان گڏ ٿيو. ڪي مھلان ٿيون آهن وئي. مٿان اچي سومھڻي ٿي آهي، يڪا ٿا ڏاٽا ٺپجن. ڪجهہ تہ پاڻ کي بہ ڌَتِ ڪر، گهر مان جو نڪرين ٿو تہ بس وئون ويندن جي ڪڍ. اهو سُجهئي تہ هڪڙي ڄڻي ڪاڏهون جي ٿي ڪاڏهون جي .......“
”هُتِ تہ ڄڻ مان راند پئي ڪئي. اڄ ڏسين ٿي ڪم جي آ مُند، جڏي ايندو وارو ڪن لوهر آ منھنجو مِٽُ.“
”چڱو هيڏي ڪر تہ ڏسان.“ ڏاٽن جا ڏندا ڏسندي،
”مُلڪ کي حرام کائي ويو آ، ڇا تہ ڊوڌ جا پئسا ورتا ٿئين.“
”نيٺ ٺپرائڻا تہ آهن.“ زال جي ڀرسان ئي ويھندي مانيءَ کي ٻئي هٿ ڳنڍيا هئائين. ٻہ چار گرھہ وجهندي چيو هئائين،
ٻار کي پرچائڻ جو بہ ڌنگ نہ ٿي، يڪو ٻاڪاري ٻاڪاري.......“
”تون بہ پيءُ آهينس، کڻينس تہ ها.“
”مان ڄڻ ماني نہ ٿو کاوان.“
”پوءِ هي سو کسيندئي ڇا، ڏسين ٿو سانجڻ ٿي ڪيان، باھہ تي تئو نہ ٿو اچيس، اڳي بہ ڏٺئي تہ گرميءَ تي اکيون اٿي پيس ڪيترا نہ حيلا ڪيا مانس.“
”نہ نہ مان کان زور ٿي. هن گرھہ چٻاڙيندي چيو هو، جنھن تي جوڻس چيو هو،
”توکان زور آ، ڇوڪري کي کڻندين تہ هٿ سُور ڪندئي؟“
”ڪري وجهي ريلو، ٽورو تہ.“
”پاڻ سو ڪندو ئي ناهين، سونَ جھڙي ٻچڙي کان ٿو ڪِرِڀَ ڪرين. جائي چيو ٿنِ، جيڪي ڄڻن سي ئي پالِن، گهوري ٻاجهہ ڪنھن .......“
ايئن ئي سڄي ڏينھن جي پورهئي ڪرڻ کان پوءِ گهڻي گهڻي رات تائين ڳالھيون ٻولھيون، گهڻي گهڻي رات تائين ٻارڙي سان ٻولا چاريون، سڀاڻي جا ويچار، سڀاڻي جون سوچون، سڀاڻي جا منصوبا. پوءِ ڪو پھر ڏيڍ ننڊ ڪئي نہ ڪئي جھڙي وري وڏي اسر اٿي ٻارڙي کي پيرن تي ويھارڻ، ٻارڙي کي ٿڃ پيئارڻ، ٻارڙي کي ٿڦڪي ڏيندي ٻرهر ننڊ ڪرائڻ ۽ پوءِ ڇڄ ۾ ان ڪڻا، ڏينھن جي ورءُ لاءِ جنڊ مٿان اچڻ. ان جنڊ جي تال ۾ پنھنجي ٿڪ کي ڀلائڻ لاءِ جهونگارڻ، آلاپڻ، سوچڻ، ويچارڻ ۽ پوءِ ڪا مھل نہ ڪنھن جھڙي ٻيھر ٻارڙي جو ٻاڪارڻ، تڏهن ڳڻتي ظاهر ڪندي ڀڻڪندي،
”اجهو، ڏاڍي ننڊ ڪيئين ...... الائي تہ ڪھڙو راڙو ٿي پيو اٿس. بي بيءَ جي جهاڙَ مان بہ ڪو اثر ئي ڇڏائي ويو آهي.“ پوءِ ستل مڙس تي هڪ نظر وجهندي،
”ڏس تہ ڪيئن نہ سنڌَڻِ لڳو پيو آهي، اٿس ڪا ٻي بہ ڳڻتي.“ ۽ پوءِ ايئن ئي سندس هٿ رڪجي ويندو، پاري کي ويجهو ڪندي تئونرَ مان اٽي جا ٻُڪ ڀري پاري ۾ وجهڻ لڳي هئي.
”مشن جو هجي تہ جيڪر جهٽ پٽ ٿي پوي. چوانس ٿي تہ ٻرو ٿو چڙهيس، ايڏو پري، اجايو روپيو پائِڻِ وڃائڻو، ڏنڊي آهين، اٽي لپ پِيھڻ ۾ ڪھڙي هلاڪي. مايون آهن جو ڪاسا ٿيون پِيھن، تون اچي پِڻڪي ٻن ۾........“
چوندي چوندي پارو ۽ ڇَڄُ کڻي اندر جهوپي ۾ رکي تڪڙيون تڪڙيون وِکون کڻندي ٻارڙي مٿان آئي هئي،
”او مان بسم ﷲ ڪيان، او مان........ پنھنجي ٻچڙي کي، بش، بش، بش......... ڪيلُ مالي، ڪيلُ مالي، منھنجي جگر کي بُکڙي لڳي آ، بُکڙي لڳي آ.“ ٻارڙي کي هنج ۾ ڪندي،
”اڙي هينٺ ٿي، ڙي مُئي، پنھنجي رانجهن پٽ کي روئارين ٿي.“ هن جي ڳالھائڻ ۽ ٻارڙي جي نہ کٽندڙ روڄ راڙي تي پريان ستل مڙسنھس جاڳي پيو هو. اوٻاسي ڏيندي پڇيو هئائين،
”مُئي ڪھڙي مھل ٿي آ؟“
”تنھنجي ننڊ تہ پوري ٿي، مان ان جي پڻڪي ڏيڍ پيٺي آهي يڪو .........“
”يڪو ڇا، سنڀال بہ تہ رات سُتو ڪڏهن آهيان.“
”تو سَئين مان ڄڻ نہ سُتي هيس. مان تہ پاڻ .......“
”چڱو، ٻڌاءِ ٽيم ڇا ٿيو هوندو؟“
”مان کي وري ڪھڙا گڙيال لڳا پيا آهن. هو ڏسين ٿو ڏينھن وارو تارو چِٽو ......“
”نہ نہ “ هن اُٻھر مان کٽ تي اٿي ويھندي چيو هو ۽ جوڻس سندس توجھہ ڀاڙو ڍوئيندڙ گاڏين ڏانھن ڇڪايو هو، جيڪي سکر ڏانھن ويندڙ ريل تي پھچائڻ لاءِ وڃي رهيا هئا.
”ٻيو، ٻُڌين نہ ٿو گاڏين جا رينگٽ، سنڌ ميل تي زيتون ٿيون کنيون وڃن.“ هن پوءِ ٻارڙي کي پيار ڪندي،
”چويس، ڙي ڪِنا بابا ڇڏ هانِي کَتَ، شاباس هانِي ڇڏ کَتَ تہ آني مالَ نہ ڪڍانءِ. ڏس مان بہ تو ٿي لِنڊُ ڏئي ويو هانءِ، هان هان........“ پوءِ مڙس سان مخاطب ٿيندي،
”شاباس هاڻي ڇڏ کٽ جي پچر، ننڊ مان پيٽُ ئي نہ ٿو ڀرجئي. اٿ ٺاھہ سنجَ.“
”تون تہ سدائين آئي رهندي آن، ٻڌاءِ تہ سھي آهي ڪو آرام؟ رڳو هڻ هڻان، هڻ هڻان. هيءَ جهٽڙي بہ نہ ٿي سُمھڻ ڏين.“
”مان کي سو ڳاڙهي کٽ تي ويھاريو ٿي. تو سَنئين مان ڄڻ....... اٺ ئي پھر گِيٿُ ملي ملي ڄَڙھہ ئي نڪري وئي آ.“
”چيم نہ تہ تون ڪا سمھڻ ڏيندينءَ ڇا........“ پوءِ کٽ تان اٿي پير ۾ ٽائر مان ٺھيل کرڪڻو پائيندي،
”اُٿ ڙي خاوند ڏنا، آرام تنھنجي نصيب ۾ ئي لکيل ڪونھي.“ هو کٽ تان اٿي ڪَرَ موڙي اوٻاسي ڏيندي پريان دلي طرف وڌي ويو هو. پاڻيءَ جا ٻہ ڇنڊا مُنھن تي، هٿ مُنھن ڌوتو نہ ڌوتي جھڙو، وري سنج ڪلھن تي ٻئي زال مڙس نڪري پيا هئا محنت مزدوريءَ ڪڍ.
........ رستي سان ويندي ويندي جوڻھس چيو هو........،
”خاوند ڏنا .......“
”هُون......“ هن هلڪي اوندھہ هجڻ تي ٿاٻو کائيندي چيو هو:
”اوندھہ ۾ خبر ئي ڪانہ ٿي پوي، ڪاٿئين ڪري پيو هو دِلو.“ ۽ اُمراھہ ٻارڙي کي ڪلھي تي سمھاريندي مٿس پوتيءَ جو پلاند ڍڪيندي چيو هو،
”خاوند ڏنا، ڏسين ٿو، لٽا سڀ ڳري پيا آهن، ذات چتي لڳل، مان کي تہ ماڻھن سامھان لنگهندي بہ شرم ٿو اچي.“
”اها ڪا ڳالھہ ڪرڻ جي آ، ڀلا مان کي نہ ٿي سُجهي، پر......“
”مان تہ مان پر هِن سدائين جُڙئي کي بہ پائڻ لاءِ ٿِڳڙي ڪانھي. چئہ ڪا ڇَٺيءَ کان وٺي ڏني اٿسي ڪا نئين اڳڙي. اڃان بہ شڪر ڪر جو ناناڻن سار لڌس نہ تہ جيڪر....... هئي وانڪائي تہ هڪ اڌ ٽوپ ڀري ورتم ۽ سو بہ وڃي پنھنجي گَرِٿَ ۾ هنيئي.“
”عمي ڳڻتيون ٿي ڪرين، رک تہ ڌڻيءَ تي، ٻہ ٽي ٻيون ڏهاڙيون هنيون سين تہ کوڙ لٽا ٿي پوندا.“
”گهڻن ڏينھن کان اُهي سکڻا دلاسا پيو ڏيندو اچين؟“
”هي گهمرو تہ اِتبار ڪر، پوءِ نہ تہ يا عُمر ڪوڙو چئجانءِ، رڳو هيءَ سيزن.......“
”تنھنجي اها سيزن کُٽندي بہ الائي...... وَرِهاريون اجايا خواب، جن جو نہ ڪو مُنھن نہ سِرُ. خبر ڪانھي اهي ڏکن جا ڏينھن کُٽندا بہ الائي......“ هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئا. ۽ پوءِ ڪلھي تي ستل ٻارڙي تي ٻي ٻانھن بہ ورائي ڇڏي هُئائين. ٻَني تان هلندي هلندي ڪجهہ کنن جي خاموشيءَ کان پوءِ خاوند ڏني ڳالھايو هو،
”جائي ڪيڏي تہ هڻ هڻان ڪجي ٿي، چئہ ڪا پوُرت بہ آهي، نہ رڳو اسان پر هرڪو ٿو دانھان ڪري، هرڪو ٿو........ مان ٿو چوان الئي تہ ڇو ڏينھون ڏينھن ڪمائيءَ مان برڪت ڇڏائيندي پئي وڃي. الائي تہ ڪھڙو واءُ وريو آهي، ڏسندينءَ ڪنھن جي بہ مُنھن تي سَرهائي ڪونھي. اڳي وارا زمانا ڪھڙا هئا، اڄ آ جو هرڪو.......“ هن وقت جي شڪايت ڪندي چيو هو ۽ جوڻس نڪ سڻڪي گگهي آواز ۾ چيو هو،
”اڳي وري ڪھڙو هانباريءَ چڙهيل هوندا. اڳي وارا بہ ايئن ئي لوڙي لوڙي ڪِرنگهہ جا ڀَت، ناڙي جا ٻُوڙ کائي کائي مري ويا هوندا. ﷲ کي بہ اسان لاءِ ڪجهہ آهي ئي ڪونہ.“ هن بس دل جو بار هلڪو ڪرڻ چاهيو هو ۽ مڙسنھس دلداري ڏيندي چيو هو،
”اڙي چري........ رک تہ ﷲ تي، سدائين ڪو ھھڙا هونداسين ڇا، ڪڏهن تہ اسان لاءِ بہ سکن جو سج اڀرندو، ڪڏهن تہ پنھنجو وارو ورندو.“ هن پوءِ بيھي پٺتي نھاري زال جي ڪلھي تي ستل ٻارڙي کي چمي ڏئي زال کي ڪلھي تي ٻانھن رکندي چيو هو،
”وريو وارو اسان لاءِ.........“ اڃان بہ اڳتي ٿيندي گهڻي ڳڻ ڳوت کان پوءِ چيو هئائين،
”ڀلا هڪڙو انگلڙو ڪيانءِ؟“
”چئو......“
”چوندا آهن، صبح مردان سان ڪُتي جو چَڪُ بہ نہ ڪڍرائجي. سو تون بہ جي.......“
”مان چيو نہ.“
”مان ٿي چوان اڄ جيڪر مان کي اِزازَتَ ڏين تہ، ٻيو نہ رڳو مان پنھنجي لائيءَ کي هَٽَ تي ڏئي جيڪر ٻارڙي جا ڪپڙا ڪيان.“ هن چوندي چوندي مڙس جي مُنھن جا ڀاوَ ڏسڻ چاهيا هئا. کن جي خاموشيءَ کان پوءِ هلندي هلندي خاوند ڏني چيو هو،
”جنھن ۾ تون راضي پر ڪپڙا ٿيندا سھي!؟“
پوءِ نھايت سرهائيءَ مان وڏي وک کڻندي مڙس کي پڄڻ جي ڪوشش ڪندي چيو هئائين،
”ها ها، ڀلا نہ تہ ڍِلا ئي سھي. مڙئي سانوڻ جا ڏهاڙا ٽپائڻا، وري جي خدا ڏنو تہ .......“
...... تنھن ڏينھن ست ڀائي گهر آئي، سو ٻارڙي کي ھھڙن حالن ۾ ڏسي اهڙو تہ شڪي ڪيائين جو....... ڀائين، ”هڪڙيءَ ٽانگيءَ جي لاءِ ڳولي بہ هي لَٻَرَ لڌا ٿي.“ مڙس کي بنھہ خاموش ڏسي، ڪو بہ جواب نہ پائيندي ٻيھر چيو هئائين،
”ٻچڙو تہ ڍڪجي پوءِ اسان جا ڀاڳ اسان سان.“ ۽ ايئن ئي زندگيءَ جي ڏاڍاين، ڏکن سورن تي ڳالھائيندي، ڳالھائيندي ٻنيءَ ۾ پھچي ويا هئا. ان وقت سج پھرين چِيھہ ڪڍي هئي. هن پوءِ ٻنيءَ تي ٻن ڪاٺين کي کوڙي ان ۾ جهولي ٻڌي ٻارڙي کي سمھاريو هو. تنھن بعد مڙس سان گڏ لاباري کي جُنبي وئي هئي.
لابارو ڪندي ڪندي وڌيڪ جوش ڏيارڻ خاطر خاوند ڏني چيو هو،
”جود ڪر، جود ڪر، اڄ گوءِ ٿي، ڏسان تہ ڪير ٿو ٻني تي اڳ ۾ منھن پھچائي.“
”رکيئي گوءِ ...... ڪالھوڪي تہ شرط ڀري ڏي.“
پوءِ ڳچ ڳچ تائين خاموش ئي خاموش ٻئي هڪ ڪَنا ٿي لاب ڪندا رهيا. لاب ڪندي ڪندي هوءَ هر مُٺِ سان مشين جي چال جيان هيٺ مٿي ٿي رهي هئي.
ڪافي وقت جي آرام کان پوءِ ٻارڙي ٻاڪاريو هو. هن پوءِ ٻار ڏانھن وِکَ کڻندي چيو هو،
”مان ڇوڪري کي پيرن تي ويھاري اچان، ڪري نہ وجهي ڪپڙا خراب.“
”چڱو سيگهہ ۾ اچ، متان يڪو وڃي.......“ مڙسنھس پٺيان چيو هو. ۽ پوءِ، ريلو، ٽورو، ٻارڙي کي ٿڃ ڏني نہ ڏني جهڙي، وري ٻيھر لاب ڪرڻ لڳي هئي. لاب ڪندي ڪندي پريان هاريءَ ايندي هڪلايو هو،
”شابس بابا، شابس، ڏسو ٿا ڏيھہ جھان اڳتي نڪري ويو آ، رڳو تھان ئي....... جود ڪيو، جود ڪيو، صبح جو پھر آ، ٿڌ ۾ ڪا رهڙ ڏئي وٺوس پوءِ ڏينھن ٿو تپي تہ نڪران نڪران ٿا ڪيو.“
”اڙي چاچا، اسان ڀلا ڪو ويٺا آهيون ڇا، ڏسڻ وارو پاڻ آن تو سنئون، اڃان بہ توکان ڪي گهڙيون اڳ ٿا ٻنيءَ ۾ پير پايون تہ ورندي ٽيپھريءَ ٿا نڪرئون، ٻيو ڀلا.......“ خاوند ڏني چيو هو ۽ پوءِ ويندي ويندي هاريءَ چيو هو،
”چڱو چڱو ڇڏ ڳالھائڻ، وارو ڪري وٺ، اڄ ڪمدار بہ اچڻو آ، ايئن نہ تہ تھان بيٺا ٻولا چاريون ڪيو ۽ پوءِ زيڪ ڏياريو ٻئي کي، تنھن ڏينھن بہ ڪاراوي کي ڪاوڙائي ڇڏيو اَٿَوَ.
”ڪا ڪا، ڪاراوي کي ڪاوڙايو ٿس پنھنجن افعالن، اسان ڇو ......“
”چڱو چڱو مائي ڇڏ ڊيگهہ کي، وٺ پنھنجي ڪم کي.“
تنھن بعد اچي جو هڻ هڻان ڪئي هئائون تہ نيرن جي مانيءَ تائين چيلھہ نہ سڌي ڪئي هئائون. نيرن ڪئي نہ ڪئي جھڙي بس ڏڌ سان ٻہ ڦلڪا ڪڻڪ جا وري ساڳيو ئي ٻيھر لاب کي جنبي ويا هئا. نيرن کان پوءِ جيئن جيئن سج مٿي چڙهي رهيو هو تيئين تيئين سندس تپش ۾ واڌ ايندي رهي هئي. گرمي ۽ ٻوسٽ کان جڏهن ٻارڙي ٻاڪارڻ شروع ڪيو هو، تڏهن بہ ڏانھس ڪا نہ وئي هئي. بس رڳو خاموش ئي خاموش نماڻين نيڻين کيس تڪيندي ئي رهي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ممتا جي آَڻَ مَئي جذبي وچان ايئن ٿي ڀانئيو ڄاڻ ڪي ڄاڻ ڏاٽو اڇلايائين پر ٿورو ڏسڻ ، تڪڻ کان پوءِ ٻيھر لاب ڪرڻ ٿي لڳي. ٻارڙي جي حد درجي جي ٻاڪار کان پوءِ بہ ڇار مٺيون هڻي نيٺ ڏاٽو هڪ سٿريءَ تي اڇلايو هئائين ۽ پوءِ اُرھہ ۾ ڀرجي آيل کير کي هٿ جي تريءَ سان مھٽيندي ٻہ چار وکونمس کنيون هئائين جو ڪجهہ ياد ڪندي اوچتو بريڪ لڳي وئي هُيس ۽ پوءِ گهٻرائجي کنيل قدم واپس ڪري ٻيھر وڃي ڏاٽو کنيو هئائين. ان گهٻراهٽ ۾ هن کي ياد آيو هو، اڃان ڪالھہ ئي تہ کيس ڪارائي ڇڙٻيو هو.
هن جو جيئين ئي ٻارڙي ڏانھن توجھہ ڇڪجي ويو هو، تيئين ئي بي خياليءَ ۾ ڏاٽي سندس آڱر کي چيري رکيو هو. ڏاٽي جي گھڪي اچڻ سبب هن کان دانھن نڪري وئي هئي، جنھن تي پريان لاب ڪندڙ مڙسنھس ڇرڪي پڇيو هو،
”ڇو، خير تہ آهي!؟“
”خير وري ڪھڙو، آڱر جو ٻرو ئي لھي ويو آ.“
”آڱر جو ٻرو ئي لھي ويو آ، انڌي هئينءَ ڇا، مڳز تہ جاءِ ٿي، ڪم جي مند آئون.......“ مڙسنھس چنتا ظاهر ڪندي ڇڙٻيو هو.
”مان ڀلا ڄاڻي واڻي ٿورئي........“ هن رت بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي چيو هو.
”چڱو هاڻِ زمين کوٽي آلي مٽيءَ جو پِنوڙو رکيس، ڪِنَ مان اچان؟“
”نہ نہ تون نہ سيڙج، تون نہ...... تون پنھنجو ڪم ڪر.“
هوءَ پوءِ زمين تي پلٿي ماري زمين کوٽي آلي مٽي ڪڍي وڍيل آڱر رکي رت بند ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪَڏي ڪَڏي ٻارڙي کي بہ تڪي رهي هئي. ان سندس واجهائيندي ئي مٿان اچي ڪاراوي بہ سلاماليڪي ڪئي هئي. هن پھريان ئي امراھہ کي ويٺل ڏسي هڪل ڪئي هئي،
”مائي وري ڇا وڃايو ٿي، لاباري تي آئين آهين ڪن گهمڻ، جڏي ڏس تڏي....... خاوند ڏنا تنھنجي زائفان مڙئي ڪم جي ڪاهلي ٿي ڏيکارجي. مھربان اڳ لاءِ ڇڏي ايندو ڪرينس پٺتي تہ ويٺي ڪانوَ تڙي.“
”نہ ڙي ڪاراوا صاحب، اهڙا ويڻ تہ نہ لاءِ، منھنجي زال ٿي اصلي مڙسن جھڙو مڙس.“
”ڪھڙو يار، اڃان ڏهين واري گاڏي ئي نہ آئي آهي تہ مائي ويٺي آهي ساھہ پٽڻ، ڄڻ تہ سڄو نمبر ئي لاهي وئي هجي.“
”ميان صاحب آڱر کي جهير اچي ويو ٿسِ، نہ تہ جيڪر......“
”هونءَ وري ڪھڙو لاب کي ڀيلي رکندي آهي، هونءَ بہ سڄو ڏينھن ڇوڪر پرچائڻ جي بلي هوندي آهي. رڳو رناڻا مِڪرَ. پر هاڻي جود ڪر، جود ڪر سيڙجين ٿو تو ڀي، خبر آهي ڇا ڪا تھان جي لاباري جي.“ ڪاراوي ويندي ويندي اهو سڀ ڪجهہ چيو هو. تنھن بعد امراھہ ڪروڌ ۽ نفرت ڀرين نگاهن سان ڪارائي کي نھاريندي پوتيءَ جي پلاند مان اڳڙي ڦاڙي آڱر کي ويڙهيندي مڙس ڏانھن وڌي آئي هئي،
”اچي هن کي ڳنڍ ڏي.“
”سُچيتائيءَ سان جو ڪم ڪرين تہ جيڪر.......“
”چڱو هاڻي ڇڏ جندُ، ماريو مناڪ ڏي بہ ڀريون ٻڌي ٿو، اها چڳ وَلِ جي ، جنھن لاءِ سون جھڙي ٻچڙي کي بہ روئاري روئاري اڌ مئو ڪيو ٿم.“
”ھھڙا جو هٿ وڍيئي تہ پوءِ اسان بہ ڪمايوسين. هون...... لابارو لاباري جي ماڳ متان ڪنھن ڏينھن لاهي رکين ڪرائيءَ کان چمبو.“
”چڱو هاڻي، خير صلين وائي تہ سڻائي ڪڍ، هي وري منھنجي لاءِ ٻيو ڪارائو ساماڻو.“
”ڪارائي جي سَڪي چڱائي پڄئي تہ گهر هلي ناس چپٽي وجهي بوبڪائي تماڪ جو پنُ ٻڌيس تہ ڪري نہ رکئي پڪريز، ڏسين ٿي اڳي ئي لڳي پئي آهي پاچُو مند.“
”ٺھيو ٺھيو پڪريز ڪيائين تہ توڏي نہ ڀائينديس.“ چوندي چوندي هوءَ ٻارڙي ڏانھن وڌي وئي هئي. پٺيان مڙسنھس چيو هو،
”وري ڪاڏي؟“
”وري ڪاڏي، وڃان ٿي ويھڻ، ڏسين نہ ٿو، ڪي مھلان ٿيون آهن جو رڪو ٿو ٻاڪاري، ويچاري جي اچي گِگَ سِنگهہ بہ گڏ ٿي هوندي.“ هن بہ ٻارڙي کي هنج ۾ ڪيو هو جو ڪڙميءَ نيرن جي ماني آندي هئي. هن ٻارڙي کي هنج ۾ ڪري ٿڃ ڏيندي دکيءَ مان ڏُڌَ جو جمن ڀري گرھہ وات ۾ وجهڻ جي ڪئي هئي تڏهن خاوند ڏني مذاق ڪندي چيو هو،
”عُمي، اڄ تہ کڻي ماني نہ کاءُ.“
”ڇو، الائي ڪھڙي گناھہ ۾.“
”ان کان وڌيڪ ڪھڙو گناھہ جو پاڻ کي اُڦٽ ماري رکيو ٿي.“
”ماريان تہ اُن مُئي ڪارائي کي ها پر خدا جو ملاحظو ڪري ٽري وئي مانس. ماريو ڪَسِيرڪُ ڪنھن جاءِ جو. پرائي مال تي ، ٽوپي نِراڙ تي. ٻئي جي ليکي ڄڻ بابھنس جي ميراث هجي. هون...... ماريو ٽُڪِريلُ ٽَڪي جو نوڪر.“
۽ اڄ بہ کنيل قدم واپس ڪندي، هن لاب ڪندي ڪندي روئيندڙ ٻارڙي ڏانھن بس ڪَڏي ڪَڏي ڪنڌ مٿي ڪري اُڀو ٿي تڪيو هو ۽ پوءِ نڪري ويو هئس،
”روءُ پُٽَ، روئي وڏو ٿيندين.“ هر مٺ لڻڻ سان هن جي ساھہ اُڌمو کاڌو هو. ڏاٽي ڪڻڪ جي سُڪن تيلن کي نہ ڄڻ سندس جگر کي ڪٽيو هو. هن ٻارڙي کي ٿڃ ڏيڻ ، ڀاڪر ۾ ڪرڻ، کيس ٻہ چار چميون ڏيڻ لاءِ گهڻيون ئي جهاتيون پاتيون هيون پر چري هڪ قدم بہ ڪانہ سگهي هئي. بس، مجبوري، بيوس بار تہ اُٺن بہ اُڇلايا. ڪڏهن ڪڏهن نڪري ويو هئس،
”مُئو ڏينھن تہ ٿيو آ، توبھہ....... هن سال الائي ڪاٿئون اچي گرمي پيدا ٿي آ. اڃان سانوڻ تہ پري پيو آ هاڻي ئي ساھہ ُ ساھہ ۾ نہ ٿو ماپي ، هي تہ تلڦڙو ٻارڙوآ هن ڏي ڪھڙو ڏوھہ . مٿان نِٽهڻ اُس، ڇانورو هوندو آهي تڏي بہ ٻي ڳالھہ.“ يا ڪَڏي ٽائيم جي شڪايت،
”مُئي ٽيمَ جي بہ خبر ئي نٿي پوي. ڪڏهن گهر پھچبو، ڪڏهن اَنُ ڪٽبو، ڇڙبو، ڇنڊبو، سو ڪپڙي ٽُڪر وٺبو. مُئو علو بہ شل هَٽُ بند نہ ڪري وڃي.“ ۽ ان ٻارڙي جي ڪپڙن وٺڻ واري خوشيءَ ۾ هن سڄو ڏينھن تصورن ۾ گذاريو هو. سڄو ڏينھن خيال پچايا هئا. هن کي ڪنھن وقت لڳي رهيو هو گهر جي آڳند ۾ وَلِ سٽي ڪُٽي رهي هجي. ڪَڏي اَنُ ڇڙي، ڇنڊي ڇڄ ڀري مٿي تي رکي گهر مان نڪرندي نڪرندي پٺيان مڙس کي ٻارڙي جي پارت ڪندي هجي.
”ٻارڙي جو خيال ڪجانءِ، مان اجهو آيس، هَٽُ نہ بند ڪري وڃي.“
”نيٺ نہ مُڙينءَ، چڱو سِيگهہ ۾ اچجانءِ.“
”او ها، ها ....... بس بيٺي پير ٿي موٽان.“
ڪڏهن ڪڏهن ٻيا اهڙائي تصور ڪندي هوءَ پنھنجو پاڻ کي دڪان ۾ ڏسندي رهي هئي. تصور ئي تصور ۾ دڪاندار سان ڳالھائيندي رهي هئي،
”مائي ڇا کپي؟“
”اڙِ ادا، توکي تہ صندليءَ تان لھڻ واڪَ ئي نہ ٿو ٿئي، ڪجهہ تہ سُرُ.“
”مائي کپي ڇا؟“
”اڙي ادا، ڏاڍو تہ هاڻي کائي گڙِ ٿي ويو آهين. اڳي بہ هُئين الائي هاڻي اچي نئينءَ مان ٿيو آهين، ٻيا بہ دڪاندار آهن، الائي تو اچي نئينءَ مان ڪڍيو آهي. نہ صندليءَ تان لٿين نہ اَنُ توريئي، پري کان پيو واڪ ڏين.“
”مائي تون آهين ڪُسڪِڻي ذري ذري تي پئي دانھون ڪندي آهين، انھن دانھن کان منھنجي ويندي آهي ڪَلَ.“
ڪَڏي ڪڏي کيس ايئن بہ ڀاسڻ لڳو ٿي تہ ڄڻ اَنُ توريندي دڪاندار بي ايماني ڪندو هجي،
”اسان کان ايڏي اُٽلَ سان وٺو ٿا، آئون پاڻ ڪيئن سنئينءَ ڳانيءَ ڏيندا آهيو، ڄڻ سون ٿا توريو.“
۽ پوءِ ڄڻ دڪاندار، اَنُ توري اٿيو هجي ۽ تارازي هڪ پاسي اڇلائيندي چوندو هجي،
”چئو مائي ڇا کپي؟“
”گهڻو ٿيو؟“
”پائڻ گهٽ پنج روپيا.“
”اڙي ادا، ﷲ ڏي ڏس، مان غريب کي ڦري ڪھڙا سونا ڪڪڙ ڌاريندين، آَنَ جي هيڏي ساري بيڊَڪَ، سڄي ڏينھن جي محنت، آئون پائڻ گهٽ پج روپيا!!؟“
تڏهن دڪاندار پنھنجي بي ايمانيءَ تي پردو وجهڻ لاءِ صفائي پيش ڪندو هجي،
”مائي مان ٺڳي نہ ڪندس، ﷲ سان ڪم پوندو. مان تہ رڳو تاراجيءَ ۽ زبان جو کٽيو کائيندو آهيان.“
”چڱو ادا، تنھنجو ئي ڀَتُ گهاٽو پر ٻڌاءِ تہ تو وٽ ڪوري ململ آهي؟“
”نہ“
ڪڏي ڪڏي کيس لڳو ٿي، دڪاندار غريب سمجهي شايد ڪپڙي جي نہ هجڻ جو ڪوڙ هڻندو هجي.
”اڙي ادا، خداءِ ڏي ڏس ايئن ڪيئن ٿو ڪرين. نياڻيءَ کي نہ موٽاءِ ﷲ کٽائيندئي.“
”مائي ڪوري ململ لڳي پئي آهي ذِرِ، غريب غربي کي پائڻ جو ڪو ساھہ آ.“
”مان کي رڳو ڏيڍ وال کن ٻارڙي لاءِ گهرجي، ڏي تہ هان غريبن جي ڪا دعا تہ کَٽُ، ﷲ ان ٻچڙي ۾ برڪت وجهئي.“
”مان ٻڌايانءِ وال اٿئي پائڻ چئين روپئين، پوءِ متان......“
”ڪجهہ لاهو گاهو.“
”تون کڻي ٻہ آنا نہ ڏجانءِ پر باقي؟“
هوءَ ڪڏي ڪڏي ايئن بہ سوچڻ لڳي،
”جي فرض ڪر پئسا کُٽِ پون تہ پوءِ؟“ تڏي خيالن ئي خيالن ۾ ان معمي کي بہ حل ڪرڻ لڳي هئي،
”ادا ڪھڙو نہ ڏسڻو وائِسڻو، تنھنجي ان ٻٽنِ ڪوڏين لاءِ ڳوٺ ڇڏي وينداسين، ڀڄي وينداسين.“
”مائي مٿو نہ کاءُ، نہ تہ کڻ پنھنجو اَنُ، نڪري وڃ دڪان مان، اڳي ئي مڙسنھن ڏي پروڪا اڍائي روپيا پيا آهن، سي ڏئي ڏئي ٿڪا آهيو باقي.......“
”عُمي........“
مڙس جي اوچتي سڏ تي ڇرڪي پئي هئي پوءِ پاڻ سنڀائيندي چيو هئائين،
”هُـــــــون......“
”اڄ ڪھڙن پورن ۾ پئي آهين، نہ ڳالھائڻ نہ ٻولھائڻ!“
”پُور وري ڪھڙا، چوين جو ٿو تہ ڳالھائڻ تي لاب نہ ٿو نبري.“
”پوءِ ماٺِ تہ گهُٽي رکندي. ٻُڌُ، وليداد واري پوک ڏٺي ٿي؟“
”نـــــــــہ.......“
”ڪلھہ مليو چيائين تہ ڀائين، مان کي بہ پوک لُڻي ڏيو.“ واھہ جو ڀٽاريءَ کي اَنُ آ. جھڙو اٿس اَنُ تھڙو وري ترُ، چون ٿا اصلي ڪِري پئي آهي ڪِري.“
”هيل ڪو فصلن جو بہ سمون آهي. اسان بہ ڪيون جو ها ڪو لائو لسو زمين جو ڳڀو تہ جيڪر ٻہ چار مڻ تہ اچن ها.“
”اچن تہ ها پر ڪھڙا رکيا ٿي ڍڳا، لاب نڪتي کان پوءِ هل تہ بيٺي پير اک مان ڪيون هلئون.“
”هُـــــــون.......“ ننڍڙو ٻار ڊَڊيءَ تي، پٺيان گهر جي چوچي ڀانگهي سان منھن، وري اڄ ڪپڙي ٽڪر لاءِ بہ تہ ........“
”چڱو، تون پنھنجي لائي کنيون ڇوڪر سوڌي هلجانءِ گهر، مان پاڻھي ڦريو ايندس.“
پوءِ جڏهن هڪ بجي واري گاڏيءَ ڪُوڪَ ڪئي هئي تڏهن ٻئي راڄ سان گڏ هي بہ نڪرڻ لڳا هئا. هاريءَ ۽ ڪارائي اچي کين سڄي ڏينھن جي محنت عيوض ڪڻڪ جي وَلِ جون صرف ٻہ چار سَٿرِيون ڏنيون هيون. اُمراھہ پريان ڪنھن انائين سَٿريءَ ۾ هٿ ڳنڍيا هئا تہ هاريءَ هڪلايو هو،
”او مائي، هيءَ نہ ٿي وڻئي ڇا، جو وتين ٿي سڄي پوک لتاڙيندي.“
”او نہ نہ ڪاڪا بس آيس.“
۽ پوءِ جڏهن پوتي لاهي زمين تي وڇائي هئائين تڏهن هاريءَ کي وَلِ وجهندو ڏسي شايد زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو لڄ لاهي ايلاز مِنٿَ ڪئي هئائين،
”ڪاڪا اڄ مڙئي پارت ٿي، ڪجهہ ڪَسَرِڙي ڏجانءِ.“
”ڇا جي ڪري....... جو لاب کي بہ ڀڃي رکيو ٿي.“ هاري وات ڦاڙي چيو هو،
”سڄو ڏينھن آهين ٻار پرچائڻ جي بِلي، آئون ڀانئين.“ ۽ پوءِ کيس ڀري ٻڌرائيندي،
”ڪير چوندو تہ هي ٻن ڄڻن جو لاب آ، لاٿو اٿوَ ڪو جريب ٻه.“
”اڙي چاچا ڪڇي تہ ڏس، باقي رڳو، جريب ڏيڍ جي بات آ!“ پوءِ ڀري ٻڌرائيندي ئي پريان مٿي تي ڀري رکيون هٿ ۾ دِلو لڙڪائيندو مڙس کي ويندو ڏسي،
”ڪاڪا خداءِ خداءِ ڪر، اهڙي نمڪ حرامي ڪبي ڇا، پنھنجي کاڌي ۾ ڪو وِھہ وجهبو ڇا، پورهيت جو آ پورهيو.......“
”اڙي ميان وارو ڪري وٺ، هو ڏسين ٿو ٻيا همراھہ بہ نھارن ٿا، مان کي انھن سان بہ مُنھن ڏيڻو آهي. اجايو زائفان ماڻھوءَ سان......“ نظرداري ڪندڙ ڪارائي چيو هو. پوءِ جڏهن هن هاريءَ کي وَلِ کڻائڻ لاءِ چيو هو تڏهن هاريءَ پريان اُس ۾ پيل ٻاڪاريندڙ ٻارڙي ڏانھن اسارو ڪيو هو،
”ڇو اڄ ٻارڙو وسري ويو ٿي ڇا مائي؟“
”نہ، هيءَ چڳ او هن ٻٻر جي ڇانوري هيٺان رکي پوءِ ٿي اچي کڻي وڃانس.“
هن پوءِ مٿي تي رکيل گَڏي کي گهڻو اڳتي ويندي پريان گس تي بيٺل ٻٻر جي ڇانوَ ۾ رکيو هو. گَڇو رکڻ کان پوءِ ڳچيءَ کان پگهر اُگهي چولي جي آڳي کي هوا ۾ لھرائيندي سخت گرمي ۽ ٻوسٽ کان جان ڇڏائڻ جو ڪوشش ڪئي هئي.
”اڙي هاءِ هاءِ........ ڪھڙي تہ ٻٻر جي ڇانوَ وڻي ٿي.“ پوءِ ڪنھن هوا جي جهوٽي اچڻ تي،
”او اهڙو........ مٺڙا رب اهڙو تہ ڪو جهوٽو لاھہ.“ روئيندڙ ٻارڙي ڏانھن پھرين وِکَ وڌائيندي،
”اڙي آيس، آيس، منھنجا حاڪم پٽڙا.“ پوءِ ٻار جي حال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي،
”ڇا تہ ٻاڪاري ٻاڪاري نڙي ئي ويھجي وئي ٿس، ٻوسٽ ۾ ڪھڙو تہ اچي بليکم ٿيو هوندو، هجي جو ڪا پٺيان پھر تہ جيڪر......“ ڪجهہ وِکون کڻندي چيرن آيل ٻانھن کي کنھندي،
”باھہ ڏِيان ڪُرن تہ ٿيون ڪرايون.“ ايئن ڊڀائين ٻني تان هلندي هلندي پير ۾ ڊڀوڙي ٽنبجي وئي هيس تڏهن دانھن ڪري ٻني تي ويھجي وئي هئي.
”ابوءِ .........“
پوءِ ٻني تي ويھي چولي جي ڳچيءَ مان ٻِلُ ڪڍي پير مان ڊَڀوڙِي ڪڍندي،
”باھہ ڏيانس، جُتيءَ کان سواءِ بہ آهي تادِي.“
ان ڊڀوڙي ڪڍندي هن کي ڏاڍو ايذاءُ اچي رهيو هو،
”مُئيءَ ۾ ڏاڍو ڪو زهر آهي، اصلي نانگ کان بہ وڌيڪ، سڄو پير ئي ٽارو ٿي ويو آهي.“
دڀوڙي ڪڍڻ کان پوءِ هوءَ منڊڪائي ٻَني بجاءِ هيٺ کيڙيءَ مان هلي رهي هئي. ٻارڙي کي ڪجهہ قدم پريان ئي هن هڪ نگاھہ پُٺِ تي نھاريو هو. پٺتي ڏسندي ئي کائنس هڪ هينئين ڦاٽي دانھن نڪري وئي هئي،
”هي هي....... کَلا ٿي، کَلا ٿي ڀٽاري، کلا ٿي...... او هل هل، هل........ شل ڪا هچا پوندئي.“ هن پويان پير ڪندي وڏيون رڙيون ۽ وڏيون ورانگهون کڻي تيزيءَ ۾ وَلِ بچائڻ لاءِ ڊُڪَ ڀري هئي.
”او هل، هل....... مرنئي مالڪ، ابوءِ....... وڄي ويس، ڌنار بہ مُئا.......“
هن ان وَلِ جي گڏي کي بچائڻ لاءِ انتھا درجي جا جَتن ڪيا هئا پر پوءِ جڏهن ڀريءَ مٿان آئي هئي تڏهن مالُ تہ ٽڙي پکڙي ويو هو پٺيان ڇڏي ويو هو ٽڙيل پکڙيل، ڊوباڙيل سوباڙيل، سنگ سنگ ڌار، ڳني، ڳني ڌار، داڻو داڻو ڌار.....!! ۽ ان ٽڙيل پکڙيل، سنگ سنگ ڌار، وَلِ مٿان بيٺي بيٺي ڪو وقت تہ حسرت ڀريل نظرن سان پنھنجي سڄي ڏينھن جي تباھہ ۽ برباد ٿيل محنت کي ڏسندي ئي رهي هئي، بس ڏسندي ئي رهي هئي. سندس سڄو جسم پگهر ۾ شلِ ۽ بدن چِڙ ۽ بد حواسيءَ مان ڪنبي رهيو هو. پريان گرميءَ جي شدت کان ٻارڙي جي ٻاڪارن ۾ جيئين پوءِ تيئين واڌارو ٿي رهيو هو ۽ پوءِ جڏهن بيٺي بيٺي ئي تباھہ ٿيل وَلِ، خالي پٽھيءَ تان نظرون کڻي، مٿي ڪنڌ ڪري ٻارڙي کي ڏٺو هئائين تڏهن سندس اکين مان ٻہ ڪوڙا ڳوڙها ڳڙي سندس ڳلن تي ڪري پيا هئا ۽ آواز گوليءَ جيان نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو هو. هوءَ پوءِ مئل قدم کڻندي روئيندڙ ليلائيندڙ ٻارڙي طرف وڌي هئي. خالي ڦاٽل پوتيءَ ۽ خالي ڳڀا ڳڀا ٿيل دِلِ سان.

ورلاپ

تون، جا ڪڏهن منھنجي هُئينءَ. تون، جا هلي وئينءَ، ڏور، پري، ڏور.......!! ۽ نہ جو ورڻي هُئينءَ سا نہ ورينءَ. اڄ تون ناهين، تنھنجو غم آهي. اڄ تون ناهين، تنھنجون ساروڻيون آهن. يادون، اهي يادون جن کي ساريندي اندر اڌُ ٿي پيو آهي. اهي يادون جن کي ساريندي سيني ۾ سُور جي سُوٽ اڀري ٿي. يادون جن کي لکڻ ٿي چاهيم. يادون جن کي روپ ڏيڻ ٿي چاهيم ڪھاڻيءَ جو.
تون هلي وئينءَ، ڏُور، پري هلي وئينءَ. مان اهو سڄو سارو سمو انتظار ۽ درد جي گهاڻي ۾ پيڙجي گذاريو آهي. مان توسان ڪائي شڪايت نہ ٿو ڪيان. مان اڄ بہ توسان جيءَ جان سان پيار ڪريان ٿو. تنھنجي يادن، تنھنجي ملاقاتن کي ساريان ٿو...... سال، اسان جي پيار جو سڄو سال! اهو سڄو سال مان تو طرف هميشه وفادار رهيو آهيان. انتظار ۽ اوسيئڙي جي انھن گهڙين ۾ بہ تہ تنھنجي چاهت منھنجو ساٿ ڏنو آهي. تنھنجو پيار منھنجو سھارو بنيو آهي....... مان جو هر روز شام جي سھاني سمي بند تي چڙهي تنھنجي مڌُر آواز، مِٺي مرڪ ۾ پنھنجو سڄو دک ڀلجي ويندو هئس. ليڪن تنھنجي نہ هجڻ بعد دل جا زخم چِڪي ناسور ٿي پيا آهن. سورن وڌي وڻ ڪيا آهن. گذريل هڪ سال جي ڊگهي سمي بعد اڄ پھريون ڀيرو پنھنجي من جي پِيڙا، دل جو ماتم هنن پنن تي اوتي رهيو آهيان، جڏهن تہ تون ناهين، تون ناهين ۽ تون ڏُور، پري ڏُور هلي وئي آهين.
تون، جا اڄ مان وٽ ناهين. تون، جا اڄ ڏُور هلي وئي آهين. مان اڄ بہ گهر گهاٽ، وڻ وٿاڻ، تنھنجي گهر جو ڪوٺو، تنھنجي گهر جو آڳند، تو سوا خالي خالي، ٻُسو ٻُٽو آڳند پَسان ٿو. مان کي لڳي رهيو آهي تون موجود آهين. تون ڄاڻ ظاهر ٿينءَ، تون ڄاڻُ نروار ٿينءَ ۽ پنھنجن مخصوص اشارن ۾ ڪجهہ چيئي، ڪجهہ چوڻ لاءِ ڪوٺي تي چڙهي آئينءَ. پر مان ڄاڻان ٿو، مان ڄاڻان ٿو، تون جا رُسي وئي آهين، تون جا هلي وئي آهين، هينئر نہ ايندينءَ، هينئر نہ ايندينءَ نہ ئي روز جيان ڪوٺي تي چڙهي پلويڙي جي اوٽ بيھندينءَ. تنھنجو وڇوڙو، تنھنجو غم لڳي ٿو منھنجي وجود کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو ۽ اڄ کان پوءِ......... اڄ کان پوءِ مان ڪوٺي تي نہ بيھندس. مان تنھنجي آڳند ڏانھن نہ نھاريندس. مان تنھنجا پنڌ پيچرا، پار پتا نہ پڇائيندس........ تون جا ڪڏهن مون سان گڏ هُئينءَ، تون جا منھنجي محبوبا هُئينءَ. تون جا اڄ مون وٽ ناهين. تون جا پري هلي وئي آهين. تنھنجون يادون، تنھنجون ساروڻيون، جن کي لکڻ چاهيم، روپ ڏيڻ ٿي چاهيم ڪھاڻيءَ جو......!
ياد اٿم، توسان پھرين ملاقات ڪٿي ۽ ڪڏهن ٿيم. چڱي طرح ياد اٿم، چڱي طرح ياد رهندو. منھنجي گهر ۾، منھنجي گهر ڀرسان اوطاق واري ڪمري ۾، اڄ جڏهن تون ناهين، تنھنجو پيار ناهي، تون وڃي ٻيا وڻ وسايا، تو وڃي ٻين سان پيچ پاتا. تنھنجي پيار وڃي پرديس آرا رکيا، تڏهن پنھنجي پھرين ملاقات جي نشاني، پنھنجي پيار ۾ مِٺاس ڀريندڙ ماکي، ماکي جا اسان جي پھرين ملاقات تي، اسان جي پلنگ جي مٿن کان اتر طرف مٿي بادوان ۾ پنھنجو آرُ رکي ويھڻ جي ڪري رهي هئي ۽ ان سندس ويھڻ واري جستجو ۾ ئي ڪو مکو ڀلجي ولر کان وڇڙي پوءِ بلب جي شعاع تي يا تنھنجي جسم مان ايندڙ ڪوڻيءَ جي گل جھڙي خوشبوءِ جي هُڳاءَ تي مگن ٿي، تنھنجي کُليل اڻڀن وارن ۾ وڪوڙجي ڀُون ڀُون ڪرڻ لڳو هو، تڏهن تون ڇرڪي وئي هُئينءَ، تون ڇرڪي وئي هُئينءَ ۽ تنھنجي جسم مان ڌرڙي نڪري وئي هئي. ان وقت مان جڪڙجي ويل مکي کي ڪوشش ڪندي تنھنجي وارن جي قيد مان آجو ڪيو هو پوءِ تو وڌيڪ خوف کائيندي مٿي بادوان ڏانھن چتائيندي چيو هو،
”مَکي جي ڏنگ ۽ مَڪئي ٻير کائڻ سان بُت ڏَڏِرجي پوندو آهي.“ مُرڪي ٻيھر سيني تي ڪنڌ نوائيندي چيو هيئي،
”اسان جو پيار شايد وڌيڪ ئي بقادار رهي، اسان جي پيار ۾ ماکيءَ جھڙو ئي مِٺاس رهي.“ ۽ پوءِ جڏهن ٻيھر ساڳي ئي ڪمري ۾ مليا هئاسين، تڏهن ڪمري ۾ گهڙندي ئي تو پھرين نظر بادوان ۾ ويٺل ماکيءَ تي ڌري هئي، مُرڪي پڇيو هيئي،
”ايتر ۾ ڦرُ بہ ڪري وئي!؟ ڪن سچ پچ پاڻ ملئي کي وريھہ لنگهي ويا آهن!!؟“
چيو هوم،
”تون ڪيئن ٿي سمجهين؟“
تڏهن مُرڪي چيو هيئي،
”ڇو، لاهيوس نہ ٿا؟ ڄاڻ ڪوسا جهولا لڳا.“
۽ اڄ، اڄ تو چواڻي هاڙھہ، چاليھي جا ڪوسا جهولا، تيز هوائون گهُلي رهيون آهن. اڄ ماکيءَ جا مکا ٻاهر نٽهڻ اُس، اُجاڙ موسم ۽ لُڪَ ۾ لوساٽجڻ کان هڪ جاءِ ويھي پنھنجو گڏ ڪيل ڦرُ پاڻ ئي ڄَٽي رهيا آهن. اڄ ماکيءَ جي سڄي آر خالي آهي. خالي کوکي جو کوکو، ايئن جيئن تو بن هي اجاڙ جِيون، اڻڀي زندگي، ڦنڊيل، ڦوڦريل، اُڦريل، اُڦريل ڪاري ڪاري ڪلر جو ڍڳُ!!
مان کي ياد آهي، بلڪہ چِٽيءَ طرح ياد آهي اها شام 84 جي اونھاري جي هڪ شام، مئي مھيني جون پھريون تاريخون، جڏهن ڏينھن جا ڪوسا جهولا شام جي ٿڌڙين هوائن جو روپ ڌاريندا آهن، تڏهن توساڻ منھنجي پھرين ۽ ڀرپور سلاماليڪي ٿي هئي. ان وقت تون ڪنھن اڄاتي ڊپ کان پلويڙي اوٽ لِڪي وئي هُئينءَ پر پوءِ ڪاٺوڙي ڏاڪڻ تان ڪيئي ڀيرا لھہ چڙھہ ڪندي تو ڪيڏي ڪيڏي مھل ڏائي اک سان ڏسندي بہ رهي هُئينءَ ۽ مان تنھنجين حرڪتن کي غور ئي غور سان ڏسي بلڪہ دلچسپيءَ سان نھاري رهيو هئس. بس، ڏسندو ئي رهيو هئس، ڪنھن سُٺي موٽ پٺيان. تون پوءِ ٻئي ڏينھن، ٻي شام بہ ڪوٺي تي چڙهي هُئينءَ، اهو ٻيھر تنھنجو ڪوٺي تي چڙهڻ ڪنھن ڪارج جو سبب هو يا ايئن ئي ڏسڻ پئي چاهيئي، اندازو لڳائڻ پئي چاهيئي منھنجي پوزيشن جو پر تون ڪوٺي تي آئي ضرور هُئينءَ. تنھنجي اها بار بار جي لھہ چڙھہ دل جي گهراين تائين چڀي وئي هئي. منھنجي اندر ۾ زلزلو پيدا ڪري وئي هئي ۽ پوءِ نہ رڪجندڙ جذبات وچان منھنجو جسم ڪنبڻ لڳو هو، اُمالڪ هٿ سلاماليڪيءَ لاءِ مٿي کڄي ويو هو. ان وقت کن لاءِ تو غور طلب نگاهن سان نھاريو هو ۽ پوءِ ان ويرَ ئي تتر جيان ڀڙڪو کائي ٽپ ٽپ ڪندي لھي وئي هُئينءَ ڪوٺي تان کسڪندي ترڪندي لسي ڏاڪڻ جا ڏاڪا.
اهو تہ تو پوءِ ٻڌايو هو، تنھنجو اهو بار بار ڪوٺي تي چڙهڻ مان لاءِ ئي نہ پر تصوير ڇڪائڻ هو ۽ ڪنھن ٿي ڄاتو، ڪنھن ٿي سمجهو اها تنھنجي تصوير ڇڪائڻ ئي تو اسان جي ملاقات جو سبب بنبي!!
ياد اٿم، هڪ دفعي تنھنجي انگن عضون جي تعريف ڪرڻ لڳو هئس، تڏهن لڄاري مُرڪ سان چيو هيئي،
”نہ ڏٺئي منھنجو جوڀن.“
چيو هئم،
”ها، ڏٺو هئم، جڏهن اڄ جيان نہ تون چاليھن پنجيتاليھن جي هُئينءَ ۽ نہ ئي مان پنجويھن ٽيھن جو هئس، بلڪہ ٻارنھن سالن جو ٻار هئس. دل تہ ان وقت بہ هرکي پئي هئي تو مٿان.“
ها اڄ کان ڪيئي وريھہ اڳ، جڏهن مان ٻاراڻي اوستا مان گذري رهيو هئس، جڏهن مان يارنھن، ٻارنھن سالن جي عمر جو هئس ان وقت بہ تنھنجي ڊيل جھڙي شڪل، هرڻيءَ جھڙي چال منُ موهي رکيو هو. ان وقت بہ منھنجي معصوم دل تو ڏانھن ڪنھن رحم، ڪنھن ٻاجهہ ڀرئي جذبي لاءِ نھاريو هو، واجهايو هو پر ڪو ڪونہ هئو جو مون کي سڏي ڪو، ڪو ڪونہ هئو جو تو ساڻ گڏي....... ان وقت تون ڦوھہ جوانيءَ جا ڏار ڀڃي رهي هئينءَ ان وقت توکي ست ٻار ساڻ هئا، اٺون ۽ آخري تہ اڃان بہ ڪيئي سال پوءِ ٿيو هو. ياد ٿئي هڪ ڀيري خط ۾ لکيو هيئي ۽ پوءِ روبرو بہ چيو هيئي،
”ايتري عمر ڪٿي هئين؟ اڄ ڪيئن ياد ڪيئي!!؟“
مان چيو هو،
”تو وري ڪھڙو ساريو، تو وري ڪھڙو نھاريو.“
تڏهن وڌيڪ سنجيدہ ٿي وئي هئينءَ،
مان نھاريو سچ پچ نھاريو، پر تو ڪو توجھہ ڪونہ ڏنو. تو ڪو....... مان ڪيئي ڀيرا سامھون دروازي تي بيٺس. مان ايئن دروازي سامھون بيھڻ تي پنھنجن پراون جون الاهي ساتريون عقوبتون سٺيون، مان نھاريو پر تو.......“
”ها، مان نھاريو، بلڪہ زبردست نموني نھاريو پر تو ڪو ڪو توجھہ ڪونہ ڏنو. تو ڪيو ڌيان ڪونہ ڏنو، بس ٻاراڻي حرڪت سمجهندي لنوائي ڇڏيو، نٽائي ڇڏيو، نٽائي ڇڏيو هو، ها بيشڪ توڏي ڏوھہ ڪھڙو، بلڪہ مان هوس ئي ٻار! ان وقت تنھنجي ٽيون نمبر ٻار جي طهر جو سمو هو. تو وڏا شادمانا ڪيا هئا، وڏا رنگ رچايا هئا، وڏا ڀت ٻاٽ، ڦنڊران ڪٺيون هيون. ان طهر ٿيڻ کان تہ ڪيئي راتيون پھريان کان ئي هر رات تنھنجي گهر ۾ دهل جي تال تي سھرا ڳائبا هئا. شاديءَ جا سھرا ڳيچ ڳائبا. ان وقت مان ٻار هئس، مان ٻار هئس ۽ پنھنجي ماءُ سان گڏ رات جي سمي سھرن تي ايندو هئس. ان وقت تنھنجي گهر ۾ ڪيئي جوانڙيون، ڪيئي حسينائون دهل وڄائڻ، جهمريون پائڻ ۽ ڳيچ ڳائڻ ۾ پنھنجو ثاني شريڪ نہ رکنديون هيون پر تنھنجي جُتيءَ ۾ ڪنھن جو پير! تون ان وقت بہ ايترين ساترين جوانڙين ۾ ڪنھن ڪَٽِ مست هاٿيءَ جيان لڳي هئينءَ. مان کي اڄ بہ ياد آهي، تنھنجو گهمڻ، ڳالھائڻ، ڇال ڏئي هلڻ، الھڙ جوانيءَ وارا ترڪتال، لفظ لفظ سان هٿن، پيرن ٻانھن چھري جا معنيٰ خيز تاثرات. چھرو سھڻو، وڻندڙ، تيجسوي ڪنھن شھزاديءَ جھڙو، ڳل تي ڪاري تِرَ جو جرڪڻ، چيلھہ تائين چوٽيءَ جو ڦٿڪڻ، نانگ جيان ور وڪڙ هڻڻ. ان وقت بجلي تہ ڪانہ هئي، چمنين ۽ لالٽين تي گذران. جن چند هڪ سکين گهرن ۾ گولا هئا، اهڙن گهرن مان هڪ تنھنجو بہ سکيو ستابو گهر هو. منھنجي آڏو تہ اڄ بہ گولي جو وسڻ ٻرڻ تجلا ڏيڻ اڀري ٿو. ايئن ئي جيئن تنھنجي ياد ۾ چھري جو نروار ٿيڻ ميسارجڻ ۽ پوءِ جڏي جڏي گولي جي مانيٽر ترڪتال ٿي ڪيا، تڏي تڏي تو ڏانھس ڪرڙي اک سان ٿي نھاريو. مان ڏٺو هو ان وقت تنھنجو سڄو سارو توجھہ هچاري گولي ڏانھن هو. توکي ڪھڙي خبر تہ ان گولي جي پاڇي پٺيان ڪي اهڙيون بہ اکيون هيون، جيڪي توڏانھن تڪي رهيون هيون، توڏانھن نھاري رهيون هيون پر تو ڪو توجھہ ڪونہ ڏنو. تو ڪو توجھہ نہ ڏنو ۽ تنھنجو سمورو توجھہ گولي ڏانھن هو. توکي ڪھڙي خبر تہ ڪي اهڙيون بہ بي سمجهہ اکيون هيون جيڪي تنھنجن قدمن ۾ وڇائبيون ٿي رهيون، ڪي اهڙيون بہ معصوم جيتامڙيون دليون هيون، جيڪي تنھنجي جوانيءَ جي ڪَٽِ مست هاٿيءَ جي پيرن هيٺان چيٿاڙبيون، چيڀاٽبيون ٿي رهيون ۽ هڪ مان ئي ڇو؟ توڏانھن تہ سموري اٽالي ٿي ڏٺو. عورتن رشڪ ڀريل نظرن سان ۽ مان جھڙن دلين چِتَ جي چاهت منجهان........ ۽ تو ان وقت بہ مان کي موهي رکيو هو. تو ۾ ڪنھن بہ شھزاديءَ کان ڪو گهٽ غرور ڪونہ هو. ان وقت مان نہ سمجهي سگهيو هئس تہ تنھنجو اهو غرور، شاهاڻي هلت، ناز، نخرو، سکئي ستابي هجڻ جي حوالي سان هو يا سونھن، صورت جي ناتي، بھرحال هو ڏاڍو موهيندڙ، هِرکائيندڙ.
اڄ جڏهن گذريل سال کن جي ڪجهہ ملاقاتن جو اتھاس لکڻ ويٺو آهيان، نہ ڄاڻ ڪيترو وقت، ڪيترو سمو لڳي، تنھنجي زندگيءَ جي مڪمل ڊائري تہ منھنجي من جي صندوق ۾ محفوظ آهي پر مان اهو ڪونہ لکندس. مان صرف سال اڳ جو ئي ذڪر ڪندس. پنھنجي پھرين سلاماليڪيءَ جو ئي ذڪر ڪندس. سچ پچ مان توسان ڏاڍو پيار ڪيو، مان توکي جيءَ جان سان چاهيو. مان، جو جوان هئس، مان. جو ٻلوان هئس، دنيا جي هر هڪ ڇوڪري، خود زال ۾ بہ گهٽ دلچسپي رکڻ لڳو هئس. سچ پچ مان توکي ڏاڍو چاهيو، مان توکي ڏاڍو ڀائنيو........
ان ڪوٺي تي چڙهڻ ۽ بار بار جتن ڪرڻ جي باوجود تون ڪونہ آئي هئينءَ، نہ اچڻ جي نينڍ ڏني هيئي، تڏهن لڳو هو شايد تنھنجو جسم سائبيريا جي سرد تھن واري برفيلي مٽيءَ کي ڳوهي بنايو ويو هجي! ۽ پوءِ اهو تہ تو ڪافي دير سان ٻڌايو هو تہ، تو پنھنجي طويل عمريءَ سبب ڪنواري ڪومل جوانيءَ کي سيڪ ڏئي مردو بنائڻ نہ ٿي چاهيو. اهو ڪيڏو نہ اُتم جذبو هو سندءِ......!!
پوءِ جڏهن پورو هڪ سال، پنجاسيءَ جي اپريل ۾ مليا هئاسين، تڏهن بہ سندءِ شڪل شبيھہ ۾ ڪو خاص ڦيرو ڪونہ آيو هو. ان وقت ڪنھن بہ طرح تون ٽيھن پنجٽيھن سالن واري عورت کان گهٽ درجي جي ڪانہ هوندينءَ. منھنجي تعريف ڪرڻ تي تون وڇائجي تہ ڪانہ وئي هئينءَ پر ايترو سو ضرور ٿيو هو جو تو پنھنجي جسم ۾ ڍور جھڙي رت، شينھن جيڏي ڇاتيءَ جي تعريف ۾ ڪنھن پريميءَ سان سڳ سوڌو جاءِ وارڌات تي جهلجڻ واري واقعي کي دهرائيندي ٻڌايو هو،
”جيئدان ڏئي ڀڄائي ڪڍيو هومانس، اهي جيڪي هٿيارن پنوهارن سان اوچتو آيا هئا، تن کي پنھنجي حشمت ۽ همت سان هيسائي بيھاري ڇڏيو هئم. الا........ ڪھڙيون ٿو ڳالھيون پڇين، ڍور جھڙي رت، شينھن جيڏي ڇاتي هئي.“
ان کان بہ وڌيڪ پنھنجي مڙس جي مماتيءَ واري ذڪر ۾ ٻڌايو هيئي،
”جوانيءَ ۾ مُنھن مان رت ٽمندو هو رت! مڙس سدائين چوندو هو، سٿڻ جا پاچا مُرن کان مٿي ڪري نہ هلندي ڪر تہ لڳي نہ وڃئي ڪنھن جي نظر.“
”مرحيائت جي مماتيءَ تي روئي رهي هيس، جن جن عورتن سان ڏيٺ ويٺ ڪانہ هئي سي تہ ڀلجي ڀلجي ٿي پيون، منهجي پھريٺي ڌيءُ کي ئي مرحيائت جي زال جي نسبت ڏيڻ ٿي لڳيون. مان جڏي جذبات ۾ اچي پلنگ تي پيل مَيٿَ کي چمبڙي، ڀاڪرين پئي رنس ٿي، تڏي کليل وار زمين تي سَئنِ جي ڇڳي جيان پٿرجي ٿي ويا. مان کي سرچائڻ وارين عورتن جي پيرن هيٺان اچڻ سبب وارن جي ڇُڳن جا ڇُڳا ٿي ڇِنا! ۽ اڄ هي حال آهن“
تو پوءِ پنھنجي چٽڪمرن وارن جو هلڪو چوٽو ڏيکاريندي وڌيڪ هيئنءَ بہ چيو هو،
”۽ هي ڳل تي اکين هيٺان ڪارا داغ! سي بہ مرحيائت مُئي ۽ سندس روڄ راڙي جو ئي نتيجو آهن. اعتبار ڪرين تہ پورا چار سال راتين جا زمين تي سُتي پٿر ڪيم. راتو ڏيھان روڄ راڙي کان ويسند ڪانہ....... ۽ رُنس بہ ڪنھن لاءِ، جيڪو ڪانڌي بہ نہ ٿيو. جنھن جئري ئي سڀ شئي تان دستبردار ڪري ڇڏيو. ڪنھن شئي تي ڪو حق رکڻ نہ ڏنو. هائي ڌائي رناڻو اٺوڳُ ۽ ان اٺوڳَ تان بہ چئن چڱن آڏو مُچرڪو هڻائي لا دعويٰ ڪري ڇڏيو.“
مان سمورو اهو احوال لکڻ چاهيو هو، ”...... پنجٽيھون بھار.“ جي عنوان هيٺ پر ڪونہ لکيو هئم. تنھن بعد پھرين ۽ ڀرپور ملاقات جو احوال بہ لکڻ چاهيو هئم، ”سو ٽَڪر مان ٽاڪيو“ جي سري هيٺ پر ڪونہ لکيو هئم، تنھنجي جلد اچڻ جي واعدي پٺيان.
ها، بيشڪ تون ايجڊ هئينءَ، ٽن ڌيئن چئن پُٽن جي ماءُ هُئينءَ پر ڪنھن بہ طرح کنيل راھہ جي ڪُڍي، پونجاپڙا، گيڏا سيڏا ڪين باسيندي هُئينءَ. سندءِ اها ساڳي پھرين جھڙي هرڻيءَ واري چال، اهو ساڳيو ناز نخرو ۽ لوڏ، جسم ڀريل، ڀورو، ڳل تي اڃان سوڌو ڪاري تِرَ جو هجڻ، ڏينھن جي تاري جيان تجلا، جوانيءَ واري ساڳي چستي، چالاڪي، اکر اکر، لفظ لفظ سان هٿن، ٻانھن، چھري جي ادائگي، نانگ جيان ڏھہ ڏھہ لھرا، افسوس! جو اهو سڀ ڪجهہ گهڻو وقت جٽاءُ نہ ڪري سگهيو، ان سڀ کي بقاءُ نہ رهيو!!
۽ پوءِ، جنھن ڪرائيسز مان تون گذري رهي هئينءَ، تو گذاريو پئي، سندءِ مٿان جيڪو ڪجهہ وهيو واپريو هو، ڪاش ايئن نہ ٿئي ها. اهو سڀ ڪجهہ نہ ٿئي ها. مان کي ياد آهي تون مون سان اپريل جي ٺيڪ چوڏهين تاريخ ملي هُئينءَ ۽ ان کان بہ اڳ شايد مارچ جي وچ ڌارا توتي هاءِ پر ٽينشن جو اوچتو ۽ زبردست حملو ٿيو هو، تڏهن ڪيترائي ڏسڻ ۾ ڪانہ آئي هُئينءَ. مان سمجهو هو يا تہ ٻاهر مائٽن ڏانھن ويل آهين يا تہ روح پڪو ڪري ڇڏيئي ۽ پوءِ جڏهن تنھنجي ناچاڪيءَ جو ٻڌو هئم تڏهن وڦلي پيو هئس پر ڇا ٿي ڪري سگهيس، ڪھڙو ٿي وسُ هلي سگهيو؟ تڏهن ڪافي ڏينھن جي سارَ کان پوءِ توساڻ مليو هئس. روئي پئي هُئينءَ، بيماريءَ جي حملي، کاڌي نہ کائڻ سبب تنھنجي صحت بگڙي چُڪي هئي. سندءِ ڳلو خراب ٿي چڪو هو، آواز ڀُڻڪي جي صورت ۾ نڪتو هو. جيتوڻيڪ تو سُنَ ۾ ڳالھايو هو پر مان سمجهو هو، سڀ ڪجهہ سمجهو هو. مان کي اڄ بہ ياد اهي تو چيو هو،
”خبر ڪانھي موت مھلت ڏي بہ الائي....... گهڻو ئي تو کان ڇِرڪيس، گهڻو ئي توکان پري رهيسِ، توسان ملڻ کان لنوائيندي رهيسِ، نٽائيندي رهيسِ پر تو ڪونہ ڇڏيو، تو ڪونہ ڇڏيو......... تو ڪونہ ڇڏيو ۽ سدائين پاڇي جيان ساڻُ رهين. مان پورو سال تنھنجي قربت کان لنوائيندِي، ڪترائيندِي رهيسِ، توکان ڊپ کائيندِي، ڊڄندِي رهيسِ. تنھنجي چاهت کي اڄ جي جوانڙن جھڙو ڪوڙو پيار سمجهي ڪترائيندِي رهيسِ. هڪ جوانڙي وات مان کير وهندڙ ٻالڪ آڏو پنھنجي طويل زندگي ۽ ڏهاڳ جي ڏکن ڏاکڙن ماري چھري کي گهڻو ئي ڇپائڻ جي ڪيم پر مان هارايو........ مان هارايو ۽ تو کٽيو. هاڻي جڏهن تو کٽيو، تڏهن چاهيان ٿي تہ ان هار جيت جي سمي ڪي پل تنھنجي قريب، تو ساڻ گوڏي گڏ ويھي گذاريان، ڪي تہ سج گڏ لاهيان، ڪي تہ پل سَرها ڪيان، سجايا ڪيان، خبر ڪانھي...... حياتيءَ تي ڪھڙو ڀروسو، حياتيءَ تي ڪھڙو ويساھہ.“ ان وقت تنھنجي چھري تي شڪر گذاري ۽ شرڌا جو جذبو هو ۽ ڀائين ٿي تہ مان تي ڇا وهيو واپريو هو!؟ چئي نہ ٿو سگهان تہ اهو رحم وارو جذبو هو يا سچ پچ عشق جي اُڇل هئي پر اهڙو ڪجهہ هو ضرور جنھن روح کي روئاري اندر کي اڌ ڪري رکيو هو. چيو هئم،
”پرواھہ نہ ڪر، دل نہ لاھہ، سڀ ڪجهہ ٺيڪ ٿيندو، سڀ ڪجهہ........ تون پھريان تندرست تہ ٿيءُ، تون پھريان صحتياب تہ ٿيءُ، پئسي وغيره جي تڪليف هجي تہ.......“
تڏهن تو اکيون اگهندي جيڪي لفظ چيا هئا، سي چٽي طرح ياد آهن. سچ پچ ڪونہ وسريا آهن، نہ وسرندا، تو چيو هو،
”تون ٻچڙيوال آهين...... عقل ڪر، عقل ڪر، مان تہ جڏي تنھنجي حال تي سوچيندي آهيان، ننڍڙي عمر، سڄو اٽالو، ڪچڙو عيال، پوري گهر جو ڪلھن تي بار، آندي نيئندي، پئي لئي سان مُنھن ...... نہ نہ مان کي ڪجهہ نہ گهرجي، ڪجهہ نہ.“
۽ اها منھنجي چاهنا پوري سال جي تپسيا ۽ ساڌنا کان پوءِ پوري ٿي هئي. مان ٻاهريون دروازو کولي ٻاهر گهٽيءَ جي موڙ تائين نھاري رهيو هئس جو تون موڙ کان نظر آئي هُئينءَ. منھنجي جاءِ ۾ وڏو ڀراءُ پيل هو، دروازي وٽ پھچي مٿي چڙهڻ لاءِ جيڪو هٿ وڌايو هيئي ان هٿ کي ڇھندي جسم ۾ گرميءَ جي لھر ڊوڙي وئي هئي. پوءِ جڏهن پھريون ڀيرو منھنجي در جي چائنٺ ٽپي آئي هُئينءَ، پاڻ ارپڻ آئي هُئينءَ، سچ پچ سڄو سارو ڏينھن منھنجي گهر، منھنجي ڪمري ۾ مون سان گڏ گهارڻ آئي هُئينءَ تڏهن بہ اهڙي آفر ڪيئي هئم ۽ ان وقت بہ تنھنجو جواب لاجواب هو، تو چيو هو،
”هروڀرو گنھگار تہ نہ ڪر، هاڻي ڇاهي، هاڻي مان بيماريءَ تي فتح پائي چڪي آهيان. اها حقيقت آهي مان ڏاڍي هٿ وسيپي آهيان. پائي پائيءَ لاءِ محتاج آهيان پر توکان ڪانہ وٺنديس...... توکان ڪونہ وٺنديس........ پُٽ گهر کي تباھہ ڪري ڇڏيو، منھنجو ڇڄ ڳھن جو خرچي کپائي چٽ ڪري ڇڏيو پر توکان ڪانہ وٺنديس. مان کي منھنجا مائٽ ئي مدد ڪندا آهن، پئي لئيءَ ۾ ڪم ايندا آهن. بس نصيب، ڪرمن ڪٺل، چوان پنھنجي قسمت کي يا تہ بادشاهزادي هوندي هُيس يا تہ اڄ........“ ۽ پوءِ تو پنھنجي خوشحاليءَ واري زماني کي ساريندي وڌيڪ هيئنءَ ٻڌايو هو،
”هڪ ڀيري مرحيائت سنڌي گيھہ جو وڏو دٻو گهرائي ڏنو (دٻا تہ هڪڙا تو وٽ کٽندا هئا ٻيا ايندا هئا) دٻو چلھہ تي رجائڻ لاءِ رکي مان اندر ڪنھن ڪم ۾ رُڌل رهيس، پٺيان جي خبر ئي ڪانہ رکيم. پوءِ جڏهن گيھہ سڙڻ جي بڻاس اٿي، تڏهن ڊوڙي ٻاهر آيس پر ڪاريءَ وارا ڪَکَ. گيھہ تہ اڳ ۾ سڙي ڪارو ڪوئلو ٿي چڪو هو. سوچيو هئم، مڙس ايندو وڏو ڏمرجي پوندو، سو سندس ڏمرجڻ کان پھريائين مان پنھنجو پاڻ کي ڏمرائي ڇڏيو. شام جو جڏي مڙس گهر آيو تڏي ايئن مُنھن سڄائڻ جو پڇيائين، چيم، گيھہ جو دٻو رجائيندي باھہ تيز هئڻ سبب سڙي ويو. مرڪي چيو هئائين، پوءِ ڇاهي، ايئن ٿيندو آهي، ان ۾ ڀلا ڳڻتي ڪرڻ جي ڪھڙي ڳالھہ آهي. دٻو سڙيو، تو ڪو ڄاڻي واڻي ساڙيو، دٻو سڙيو، ٻيو نہ ايندو ڇا؟ اٿ پاڙيوارن کي سڏي ڏئي ڇڏ. ڏئي ڇڏ تہ وڃي ڍڳن کي ڏاڻ ڏين. ۽ اڄ، اڄ ڊاڪٽر ڏس ٿو ڏئي سنڌي گيھہ کائڻ، سچي گيھہ واپرائڻ جو! لوڻ بہ ڪلراٺو نہ کاءُ، گيھہ بہ ڊالڊا نہ کاءُ، هي هيترا ساترا ڏينھن بيمار رهيس پر ٻچن سکڻي واتِ نہ پڇيو، سو ٿا سچو گيھہ.......“ ۽ پوءِ اڃان بہ وڌيڪ مون ۾ توکي مدد ڪرڻ جو ساهس جاڳيو هو، جنھن مدد جي توکي سچ پچ لوڙ بہ هئي پر تو خبر ناهي ڇو اهڙي مدد وٺڻ کان انڪار ڪيو هو. ۽ پوءِ هڪ ڏينھن مان ڪجهہ ڏينھن لاءِ پري توکان پري ڪراچيءَ هليو ويو هئس. سارو وقت تنھنجون ساروڻيون ساڻ رهيون. تنھنجون يادون گڏ رهيون. ڳالھہ ٻولھہ ۾، ذڪر فڪر ۾ تون ئي تون هُئينءَ ۽ پوءِ جڏهن پورا ٻارنھن ڏينھن توکان پري رهڻ کان پوءِ صبح اٺين وڳي بلولائين گهر پھچايو هو تہ گهر پھچي بيگ ڦٽو ڪري تڪڙو تڪڙو بند تي آيو هئس پر تون ڪانہ هُئينءَ. تون ڪانہ نظر آئينءَ، تڏهن تڪڙو تڪڙو ڊيوٽيءَ تي ويو هئس پر پياري مان کي تہ لڳو هو ان تڪڙ ۾ تنھنجي چاهت شامل هئي. ڊيوٽيءَ جي ٽائيم ۾ ئي ڪنھن کان سندءِ باري ۾ معلوم ڪرڻ چاهيو هئم، خبر پئي تون شايد ٻاهر ويل آهين، تڏهن سچ پچ ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو هئس. من اُداس ٿي ويو هو بلڪہ سودائجي پيو هئس. آخر ۾ ان ماڻھوءَ، ماڻھو جيڪو تنھنجو ئي سيکاريل هو تنھن منھنجي پِيڙا کي ڄاڻندي مرڪي سندءِ لاءِ ٻڌايو هو تہ،
”تون گهر تي ئي آهين.“
پڇيو هئم، ڪوڙ جو سبب، جواب مليو هو، ايئن چوڻ لاءِ تو ئي کيس چيو هو.
ان ڏينھن سندءِ لاءِ آندل چوڙيون، چوڙيون جيڪي ڪراچيءَ ۾ بہ نہ وڻيون هيون ۽ پوءِ حيدرآباد مان وٺڻ لاءِ ريشم گليءَ کان پوري شاهي بازار جا چڪر ڪاٽيندي اٺ ڏھہ بڪالڪا دڪان جاچڻ کان پوءِ آخر هڪ دڪان تي پسند پيون هئم. الائي ڇو تنھنجي خالي ڪراين کي ڏسي خيال آيو هئم چوڙيون وٺڻ جو. چوڙيون جيڪي تنھنجي ڪراين ۾ وڌيڪ سونھن پيون، سٺيون لڳن پيون، تڏهن يڪيون ساريون ڇھہ ڊزن خريد ڪيون هيم، ايتريون ساريون ڏسي مرڪي پڇيو هيئي،
”ايتريون ساريون......!؟ اجايا پئسا خرچڻا.“
چيو هئم،
”بجاج چيو ٿي ٽي ٽي ڊزن ٻنھي ٻانھن ۾ وڌيڪ سندر لڳنديون آهن.“ تڏهن سيني تي آهلندي چوڙين کي جاچيندي چيو هيئي،
”چوڙيون ڇو وٺي آئين؟“
”ڇو پائڻ واريون ٻانھون ڪونہ اٿئي ڇا!؟“
تڏهن مان ڏٺو هو پِيڙا جي هلڪي ڇايا تنھنجي مُنھن تي وري وئي هئي. ڳنڀيرتا منجهاران چيو هيئي،
”نہ، مڙس مُئي کان پوءِ سدائين ڪرائي خالي رکان.“
چيو هئم،
”ڇو، پاڻ کي ٺاھہ جوڙ سان چاھہ گهٽ ٿي!؟“
تڏهن وڌيڪ سنجيدہ ٿيندي چيو هيئي،
”من مري چڪو آهي.“ اڃان بہ پاڻ کي درست قرار ڏيندي ۽ منھنجي پِيڙا کي سمجهندي مرڪي چيو هيئي،
”هونءَ بہ هن عمر ۾ ڪھڙا ٿا هار سينگار سونھن.“
مرڪي چيو هئم،
”اڃان تہ داڻا اٿئي.“
تڏهن اُمالڪ خوشيءَ جي لھر سندءِ جسم ۾ ڊوڙي وئي هئي. مرڪي ڏاڍي پياري انداز ۾ چيو هيئي،
”بس ڪر تہ ٻڌن نہ مالڪ تہ ڪرائي نہ ڇڏين شادي.“ ۽ پوءِ ياد آهي وڌيڪ ايئن بہ چيو هيئي،
”پُٽَ اڳ ۾ ئي بيزار ويٺا آهن، اصلي کنيون ٿا کائي ڀائين، اڄ گهر مان نڪري تہ صبح پوءِ ٿئي. چوي تہ، ڏنڊي ڊوٽي آهين، وڃين لڳين ڇونہ ٿي ڪنھن ڊنڊي جي ڪڍ.“
تڏهن مرڪي چيو هئم،
”جائي بہ شادي ڇو نہ ٿي ڪرين!؟“
مان کي ياد آ، تو ڪھڙو جواب ڏنو هو، تو چيو هو،
”ڪيان ها تہ يارنھن سال اڳ ڪيان ها، جڏي مڙس مري ويو هو، اهو ايترو سارو وقت ٻچڙن کي ڪوڙي ۾ ڪري پاليم، منھنجو تہ جيڪر هڪ ٿورو نہ لاهن ۽ هاڻي........ پر هن عمر ۾ وري ڪنھن جي کُٽي آ؟“
مان چيو هو،
”کوڙ، تون رڳو هائو تہ ڪر.“
چيو هيئي،
”ٻين کي ڏيان ٻنِ، تون پاڻ ڇو نہ ٿو ڪرين؟ جائي بہ هل تہ هليا هلئون ڏور ، پري ڏور...... دنيا جي هن ڇيڙي تي.“
چيو هئم،
”کڻ ڪو لک ڏيڍ“
مرڪي چيو هيئي،
”اڳ ڪاٿي هُئين؟ اڳ ڪاٿي هُئين، جڏهن دولت ۾ تُرندي هيس، پئسن کي ٻُھاريءَ سان ميڙيندي، ڏانداريءَ سان ريڙهيندي هيس.“
مان خاموش رهيو هيس ۽ پوءِ گهڻو پوءِ پڇيو هئم ڪالھہ نہ اچڻ جو، تڏهن سبب ڏنو هيئي پنھنجن مجبورين جو. ان وقت مان ڏٺو هو ٻيھر تنھنجي چھري تي دک جي ڇايا کي. چيو هيئي،
”خبر ٿئي، اهي ڏينھن مان ڪيئن گذاريا جي تو وڃي پرڏيھہ لايا!؟ مان آڱرين تي هڪ هڪ ڏينھن، پلڪ پلڪ، ساعت، ساعت، گهڙي، گهڙي ڪري ڳڻيا. مان کي ڪيئي ڀيرا هِڏڪيون آيون. ڪيترائي ڀيرا گهر جي آڳند ۾ نم تي ويٺل ڪان ڪان ڪندڙ ڪانگن کي مٺا لولا باسيم. مان ڪيئي سھانا، سُريلا خواب سھيڙيم، توسان گڏ گهارڻ، گڏ سُتي، ڪنڌ هيٺ ٻانھون ڏيڻ، پاڻ ارپڻ جا....... هڪ ڀيرو ڪنھن سپني سھيڙيندي ڏٺو هئم ۽ پنھنجي ٻانھن تي ڪنڌ رکيل اگهور ننڊ ۾ توکي.....! ان وقت منھنجي ڪمزور ٻانھن ٿڪجي چُور چُور ٿي پئي هئي. پوءِ مان تنھنجي سگهاري ڪنڌ هيٺان ٻانھن سِرڪائڻ جي ڪئي هئي پر نہ نڪري نہ نڪتي هئي. تڏهن ڏاڍا زور لاتا هئم، وڏا وس هلايا هئم ۽ ان ريڙھہ پيڙھہ ۾ ئي منھنجي اک کلي وئي هئي. ڏٺو هئم پنھنجو پاڻ کي اڪيلو، خالي خالي کٽ تي!...... تون ڳڻتين کان پالھو هئين، تون غمن کان ڏور هئين پر مان ڏاڍو ڀوڳيو، مان ڏاڍو سَٺو...... ڏينھن جا چار پھر پانڌيئڙا پڇائيندي، رات جا تارا ڪَتيون، نکٽَ نھاريندي گذاريم پر تون ڪونہ آئين، تون ڪونہ آئين ۽ درد دل ۾ ديرا ڄمايا، وهمن وڌي وڻ ڪيا...... ڪڏي ڪڏي مان توکان رُٺيس ٿي، ڪڏي توکي پرچايم ٿي پر پرين تون ڪونہ آئين، تون ڪونہ آئين ۽ تون وڃي پرڏيھہ وسايو، تو ڏاڍا ڏينھن لايا........ الا ڪيڏو نہ اڻائو چئبين، ڪيڏو نہ ڳهلو هئين ۽ پوءِ مان پنھنجو پاڻ کي ئي وچن ڏنو هو، تون ايندين، روز جيان بند تي چڙهندين، بند تي بيھي نھاريندين پر مان ڪانہ اينديس، تون سڏَ سيٽيون هڻندين پر مان ڪانہ ٻُڌنديس...... ۽ ان کان بہ وڌيڪ چئي ڇڏيو هئيم، جڏي تون ايندين، منھنجو پڇندين تہ چئجوس ڪالھہ مري وئي.....!!
ان وقت مان مرڪي ڏنو هو، ان مرڪندي ئي سندءِ جسم کي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو هئم. ان وقت تون ڏاڍو خوش هئينءَ، تون ڏاڍي سرهي ۽ هلڪي ڏسڻ ۾ آئي هئينءَ. مان اڄ پھريون ڀيرو توکي ايترو سرهو ۽ مسرور ڏٺو هو پر ڪير ڄاڻي، ڪير ڄآڻي اها خوشي، سندءِ خوشي ڪنھن ايندڙ غم جي طوفان جو اُهڃاڻ هئي. بئرا ميٽر جي پاري جو نشان هئي. ان وقت تو بود ۾ ڀرجي مون مٿان مٺين جو مِينھن وسائيندي چيو هو،
”متان وساريو ٿي، متان وري پرديس پير پاتو ٿي ۽ جائي ڪراچيءَ وئين، حيدرآباد وئين ڇا ڏٺئي ڇا وائٺئي اُتي؟ يارن دوستن، هڪ جيڏن سان ڇا ڳالھايئي، ڇا ٻولھايئي؟ ڪھڙيون ڪچھريون ٿيون، ڪھڙيون ڪھڙيون ٻولا چاريون ٿيون!؟“
مرڪي چيو هئم،
”سارو سارو وقت تون ئي بحث جو موضوع رهي هُئينءَ.“
ان وقت مان ڏٺو هو تون خوشيءَ کان اڇلائجي وئي هُئينءَ، پڇيو هيئي،
”ڇا پيا چون مان بابت!؟“ ۽ پوءِ منھنجي جواب ڏيڻ کان اڳ پاڻ ئي پنھنجي پڇيل سوال جي وراڻيءَ ۾ چيو هيئي،
”ڇا ور ڇا، ٽوڪيندا هوندئي، ڀائين ڪھڙي پوڙهيءَ سان پاڻ ڦاسايو ٿي.“
مان چيو هو،
”نہ، ايئن نہ، ايئن نہ چئو......... دوستن ڪراچيءَ جي بوهري بازار کان طارق روڊ، باڙا مارڪيٽ، ويندي سنڌ يونيورسٽي، حيدر آباد جي ريشم گليءَ تائين ڪيترن ئي اڌڙوٽ عمر وارين عورتن ڏانھن اشارن ئي اشارن ۾ پڇيو هو، ”هِن جھڙي؟“، ڀلا ”هُن جھڙي؟“...... ۽ مان مرڪندو ئي رهيو هئس. ها، مان توکي ڏٺو هو ڪراچيءَ جي گلشنِ اقبال جي ڪنھن قيمتي عاليشان گهر جي دروازي تي بيٺل، ڪنھن سھڻي سيبتي ناريءَ جي چھري ۾.“
گهڻو پوءِ خاموش منھنجي سيني جي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي رهي هُئينءَ، منھنجي جسم جي گرميءَ کا محسوس ڪندي مرڪي چيو هيئي،
”تنھنجا لِڱَ تہ گرم آهن! منھنجا عضوا ٺري برف ٿي پيا آهن.“
”چيو هئم،
”رت ۾ ٽھڪو هائپر ٽينشن جو باعث بنبو آهي ان ڪري هتِ روز ايندي ڪر.“
مرڪي سيني ۾ مُنھن لڪائيندي چيو هيئي،
”سُٺو ڏس آهي.“
ايئن ئي کِل خوشيءَ ۾ وقت گذاريو هوسين. ياد آهي، موڪلائڻ وقت بہ پريم وس ٿي تو مان کي ڀاڪر ۾ ڀريندي وري هڪ ڀيرو چميو هو......... ان گهڙيءَ کي ياد ڪندي منھنجون اکيون اڄ بہ ڀرجي اچن ٿيون. دل ڀڄي ڀري پوي ٿي. ڪاش! تون قريب هجين، تون قريب هجين ۽ منھنجي دل جي جذبن جو اندازو لڳائي سگهين!! ان گهڙيءَ، ان ڏيھن مان توسان کلي دل سان پيار ڪيو هو. سڀ ڪجهہ نڇاور ڪيو هو ۽ ڪنھن ٿي ڄاتو، ڪنھن ٿي سمجهو سڀاڻي تون مون سان نہ هوندينءَ، منھنجي زندگي ٻُسي ٿي ويندي، ٻُٽي ٿي ويندي پوءِ دوست ايندا، دلداريون ڏيندا، ڏک جو اظھار ڪندا، غم جا تاثرات ڏيندا، تسلا ۽ آٿت جا ڌار ڌار لفظ اُچاريندا. لفظ، ڪورا لفظ، لفظ جن مان ڇا ٿو وري!؟ ڳالھيون جن جي دهراءَ مان ڪھڙو ٿو لاڀ سري!!؟......
مان پنھنجي دک جو ورنن ڪھڙن لفظن ۾ ڪيان. ايترو ڏک، ايتر نراشا، مان ڪڏهن نہ پَسي. دک جيڪو اڄ منھنجو ساٿي بنجي چڪو آهي.
ڏک، جيڪو منھنجي اندر کي جهوري رهيو آهي...... اڄ منھنجي آتما جي تار تار تنھنجي جدائيءَ ۾ تڙپي ٿي. تون، جا ڪڏهن منھنجي هُئينءَ. تون، جا ڪڏهين مون سان هُئينءَ اڄ هن سڃي سنسار ۾ توبن ڪو بہ تہ ناهي جيڪو سُور سلي، جيڪو پھر ٿئي، تون جا منھنجي هُئينءَ تون، جا هاڻي ڪڏهن بہ نہ موٽي ايندينءَ تون، جا ڏور هلي وئينءَ، ڏور....... پري، ڏور........ اڄ تون ناهين، تنھنجو غم آهي، اڄ تون ناهين تنھنجون ساروڻيون آهن. ساروڻيون، يادون، جن کي روپ ڏيڻ ٿي چاهيم ڪھاڻيءَ جو......!!

ٽُٽل ٽَنگو

اوندھہ اڃا ڪين ٽُٽي هئي. اڃا تائين تارا آسمان تي ٽمڪي رهيا آهن. سردي ماريل صبح ڪوهيڙي جي ڌنڌ ۾ گهٽجي ٻوساٽجي ويل آهي. اڻ کٽ اونداهي ، ڪاري ٻاٽ رات ۽ موٽاڳي جي چِڪَ ۾ لواڙجڻ کان تنگ ٿي، سويرو ئي جاڳيل ڍور سُڪل پلال کي چٻاڙڻ ۾ مشغول آهن.
سُور ۽ ڏک کان سڄي رات ڪڪڙ جيان ڦيٽان کائيندي، پاسا ورائيندي اڃا مس مس اک، اک سان لڳي اٿس جو، گلڻ جي جوڙو جوٽڻ ، پوکي پلاهيءَ ڏانھن سنبت ڪرڻ ڪري هن جي اک کلي پوي ٿي. گلڻ تي نظر پوندي ئي دل جا گهاءَ گھرا ٿيندا وڃنس ٿا.
”هئو ڙي قسمت!!........ اڙي آست چئو ني پنھنجي ڀاڳ کي رب ڪئي جو اوندھہ.......“ پاسو ورائيندي کاٻر جي رسي لڳل ڪُلھو ڏکي ٿو پويس، ”هُــــون........ او شل چَٽي پويس....... ڏينھون ڏينھن وڃينس ٿي ڪَلَ ٿڙندي، چيو ڇاهي، ڇا رسن جي زپ زپ پئجي وئي آ...... ڪو قياس ئي ڪونہ، ڄڻ ڪو زناور هجان!........ منھنجي هن سڃي گهر مان ڪھڙي اچي جندُ ڦاٿي آهي........ او رب.......... تون بہ لوٽو آن، هوءِ هوءِ....... ڪٿي ڍور سُڃا ڪٿي چور سُڃا!!“
خيال ٿو ٿئيس سنھي ٿلھيءَ جو، ڇني وٽان مٽيندي اوچتو نظر ان مينھن تي پويس ٿي، جنھن جي حرڪتن سبب اچي ويا هئا موچڙا سندس مٿان ۽ مينھن تي نظر پوندي ئي ڪالھوڪو واقعو سندس اکين اڳيان تري اچيس ٿو.
....... هي هي........ کلا ٿي ڀٽاري، او رن....... ڪٿي ٿي مرين، اٿئي ڪو ڌيان گهر ڏي.“
”اجهو ائي آئي.......“
”ڪھڙو ٿي جمان بنديءَ کي مٿو ڏين، مينھن آ جو سڄو ڪونر ئي پَٽي ڇڏيو.“
”مان کي ڪھڙي ڪَلَ، مان تہ ڪُني جي پئي ڪئي. باھہ ڏيانِ ڪاٺيون آهن آليون، ڦوڪي ڦوڪي منھنجون تہ لوندڙيون ٿيون........“
”هيک هجئي بدمعاش“ هن بُجو ڏيندي چڙ مان چيو،
”سڄو ڏينھن لنگهڻ، اٿي رڳو پيٽ جي ڳڻتي، ڪن ڪا ٻي بہ اٿي.“
”مان کي وري ڇاهي، ڦڪڙيون پاڻ ڪندو آن. نہ کاءُ تہ نہ سھي. نہ کاءُ مان بہ اڳنا.......“
”رن بدمعاش ڇاتي کڻي ٽِڪو لاتو ٿي. تنھنجي تہ.......“
”اڙي گهل ڙي، اڙي اباڙي.......“ گلڻ هٿ ۾ جهليل ڏاندن جي کاٻر جي رسي جا ٻہ، چار سٽڪا وهائي ٿو رکيس، جنھن تي هوءَ رڙيون ڪندي پري نڪري وڃي ٿي.
”ڇا چيو آهي، ڇا تہ ٿو مڙسالو سٽي، آهيس ڪو.......“
چُپِ ڪر جاڀڙ، تنھنجي تہ بڻياد کي.........“ هو ٻيھر اُلري اچيس ٿو،
”ترس، ترس تنھنجا چڱا ٿو هڏ سيڪاٽيان.“
”او رب......... ڪاٿي آن، منھنجي ڪھڙي ڪِني ڪسيرڪ مان جان اڙي آ. مان ڪھڙو اچي.......“ ايئن ئي روڄ راڙو، اوراڻا، پاراتا اڳين مان پوئين مان، آخر ۾ پيٽون لنگهڻ، ڦھہ کٽ تي، سياري جي ڊگهي اينگهندڙ رات ۾ بک جو هنيانءَ کي پٽڻ.
....... موريز کان موٽي، ٻيھر سردي ماريل جسم کي سوڙ ۾ ڇپائي ڇڏي ٿي. پوءِ سوڙ کي نڪ تائين ڇڪي ڇڏي ٿي. پوئين رات جي ڪارن پردن کي چهڪ ڏئي، پرھہ کي پسڻ لاءِ پرڙا ساهيندڙ پکيئڙن جي مٺڙن مٺڙن، سريلن رس ڀريل آوازن تي ماضيءَ جيان دکي دل کي ڏڍ ڏيڻ خاطر هوءَ ٻيھر اکيون ٻوٽي آسيس وٺڻ چاهي ٿي، مگر بيسود! اهي ڏينھن، اهي صبح ڪٿان. هينئر تہ ، پاڻ بہ ساڳي نہ رهي هئي، رڳو چند ڪوڙيون مٺيون يادگيريون. آگسٽائن جيان،
”جڏهن بہ مان عبادت ۾ رُڌل هوندو آهيان، تڏهن منھنجي توجھہ ٻيءَ روءِ ڇڪائڻ لاءِ منھنجي گوڏن هيٺان دٻيل گاھہ چر پر شروع ڪري ڏيندو آهي. چر پر، مزيدار چر پر.“
....... اڄ بہ ماءُ سان ضد ٻڌي ڪڇ ۾ ٽٻڻو ڪري پلي پٽڻ لاءِ ٻنيءَ ڏانھن هلي آهي ۽ اڄ، آخرڪار روز روز جي مرڪي ڏسڻ کان پوءِ گلڻ جھڙو حرڪتي رهي نہ سگهيو آهي، خندڪ هڻي ڪڍي اٿائين،
”ماسي ستڻ، ايئن ٺھيا ٺڪيا ڪيڏانھن!؟“
”ابا، ابا ٻوڙ لڳو پيو آهي اَڪُرَ جو، سو وڃئون ٿيون پليءَ مُٺ پٽڻ.“
”اڙي....! مان وري سمجهو ڪنھن ڪاڄ تي هليون آهيو.“
”ڌڻين مئا“ ڦڪي کل کلندي،
”توکي تہ سدائين ڀوڳ، ڇا تہ سُجهي آيو ٿي.“
”ڇا ماسي، اهڙو ڇا ٿجي، جيئن گهڻو تيئن........ جواڻ واياءُ ڪڍ ۽ هلي آهين پلي پٽڻ.“
”هائو پٽڙا، هائو، جائي سچ ٿو چوين، ڇوريءَ سان مان بہ گهڻائي مٿا هنيا تہ ڏسندو پڻھين تہ اجايون ڦڪڙيون ڪندو پر هيءَ چوي، اها ڪنھن جي ڳالھہ.“
ڪنوارين ڪمرين اکين ۾ پھريون ڀيرو ايڏي انداز ۾ لڄ جو اوتجي اچڻ، شرم ماريل مُنھن لڪائڻ جي ڪوشش، حياءَ ۽ شرم جي لھر جو جسم ۾ ڊوڙڻ. اچيس ٿو، ننڍي وڏي، ايچي ميچي نہ ڇڏيس. ايڏي چڙ، ڀانءِ تہ ڪچو کائي ڇڏيس پر ڪنوارپ جي احساس گهٽي ڇڏيو اٿس. ٻني مٿان هلندي هلندي نميل ڪنڌ هڪ ڀيرو کڄي وڃيس ٿو. هڪ ڀيرو گلڻ جي وڏين گهرين اکين ۽ ويڪري ڇاتيءَ کي چتائيندي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ اڳتي وڌي وڃي ٿي.
....... ۽ ايئن ئي ڪيترا ڀيرا مُنھان مُنھن، حرڪتون، خندڪان، ڀوڳ چرچا، آخرڪار ان ڪاوڙ، ان ڪروڌ، ان چڙ جو گهڻو وقت جٽاءُ نہ ڪرڻ ۽ نگاهن جي ڪنڊن جو پاڻ ۾ اٽڪي پوڻ ڊوھہ پنھنل ڊوھہ! نويڪلائيءَ ۾، اٿندي، ويھندي، هٿ ڪم ڪار ۾، ايئن محسوس ٿيڻ ڄڻ ڪو ڳِلو لتاڙي آيو هجي. ڍنگهر پري ٿيو هجي، گلڻ گهر ۾ گهري آيو هجي، سندس جواڻ جماڻ جسم، اُڀريل اُرھہ ۽ سوٽ ٻانھن کي روڙيندي، مروڙيندو هجي. ايئن ئي هڪ ٻئي جي اڇلايل ڪنڍن ۾ ڦاسي، ڦاٿل ڪرڙيءَ جيان ڦٿڪا ۽ پوءِ........
جس جس کي مليو آهي.
”....... نہ ڪا ڪنوار ۾ ڪمي نہ ئي گهوٽ ۾ گهٽ.“
”....... مائي، ور ڳولھي ڏنو اٿائونس، ڇوڪري پينگهن ۾ لڏندي، پينگهن ۾.“
”..... ﷲ ڏينھن ڏئيس، اهڙيون ٻانھان امڙ ڀاڳوندن کي ملنديون آهن.“
”.... پر ادي گلڻ ۾ بہ ڪا گهٽتائي ڪانھي.“
”..... مائي آست جھڙا ڀاڳ!؟“
”..... آست جاڳين ٿي؟“
”اڙي يوسب پيءُ، ڪٿي ٿيون ننڊان اچن.“
”مان مئس تہ، صدقي ٿيس، مان کي تہ تنھنجو الڪو آهي.“
”ڪيترو چوانءِ ٿي تہ ٿڪل آهين، ڀل نويڪليءَ کٽ تي آرام ڪر پر تون آن جو.“
”پوءِ ڀائين ٿي توکان پري رهندي مون کي ڪا ننڊ ايندي؟“ لڄ لڪائڻ لاءِ ڪنڌ هيٺ ڪندي هنج ۾ ستل ٻارڙي کي ٻہ چار مٺيون،
”جاڳي ٿو؟“
”ٻيو وري.“
”ويٺي ٿڪين نہ ٿي، هيڏي ڪڇ ۾ ڪري کير پيئاريس، سُمھہ سُمھہ، سردي تہ ڏس.“ پٺيان ٻانھن ورائيندي ۽ پوءِ آهستي هلندي،
”چوان ٿي هاڻي کڻي ڇڏايانس ٿڃ پر مايون ٿيون چون اڃا نہ.“
”کير تہ پنھنجو جام آهي. هڪ ٻار جي پَٽَ ڊُوھہ ٻيو سرد راتين جا اوجاڳا، ڪيڏي نہ ڳري وئي آهين.“
”تون پنھنجو خيال ڪر، مان ڳريس تہ.......“
ٻانھن ڊگهيري اُرھہ ۾ ڀڪوڙڻ جي ڪوشش، مُنھن مُنھن سان، ساهن جو تيز کڄڻ، ٻہ چار مٺيون، وچ ۾ آيل ٻارڙي جي چِيٽ.
اڙي ڀيئان، اڙي ڀينئان مڙس کي زور اچي ويو ڇا، نہ نہ بس، بس، اڙي.“
سرچائڻ خاطر ٻار کي ٻہ چار چميون، ماءُ جي اُرھہ کان ڇني ڌار ڪرڻ جي ڪوشش، وات مان بُبو نڪرڻ سبب ٻارڙي جون ٻاڪارون، شرارت وچان آست ڏانھن چتائيندي،
”اڙي پھلوان، اسان جو بہ حصو آهي، ڪن سڄي ساري تنھنجي.“
آست جي مُک تي هلڪي لڄاري مُرڪ پکڙجي وڃي ٿي، لڄ کي لڪائڻ خاطر ٻارڙي کي گلڻ ڏانھن ڪڏائيندي،
”اوجهو..... اوجهو، پڻھين، بابا ناهي، وڃ وڃ شاباس پُٽَ کي.“
ٻارڙي کي پيار ڪندي ويڪري سيني مٿان سمھاريندي کن پل لاءِ خاموش پوءِ ڳنڀير آواز ۾ چنتا ظاهر ڪندي،
”آست! ڪڏهن اهو ڏينھن ايندو جو، ٻين جي ٻارن وانگر اسان جو سوسبڙو بہ ڦرهي کڻي اسڪول ويندو. ڪتاب پڙهندو. بصر سان دڪان جي کنڌي جا ڪاڳر پَٽَ سنڀاليندو، ليکو چوکو ڪندو ۽ پوءِ، پوءِ هڪ ڏينھن وڏو صاحب ٿيندو، وڏيءَ مانيءَ رسندو، تڏهن ڪيئنءَ ٿي ڀائين؟ سڀئي دک لھي ويندا. ڪيئنءَ، ڪيئنءَ سچ ٿو چوان نہ.“
”رب اهي اميندون ڏيکاريندو.“ ڪجهہ وڌيڪ چنتا ڏيکاريندي،
”پر ڀلا عطا محمد جي پُٽَ جيان ڪاليچي بہ پاڙهيندينس؟“
”تڏهن وري ڇا.“ بود ۾ ڀرجي،
”مان ٿو چوان پاڻ نہ ٿڪجي باقي، جيسيتائين پڙهيو اوستائين پڙهائيندو سانس، تون ڇا ٿي چوين، مان کان پڇيو ٿي.“
”آئون، هڻيس جو پاڻ جيان هر ۾.“
”مان ٿو چوان...... اڙي چري، مان کان پڇيو ٿي.“
”ايئن ئي ٻنھي ماءُ پُٽن کي ڀري ڇڏي ٿو ڀاڪر ۾،
”ائي الا........“ آست کان دٻيل رڙ نڪري وڃي ٿي،
”ڇڏ تہ سھي، ساھہ ٿو نڪري........ “
”تنھنجو ساھہ......“ وڌيڪ زور.
”پوءِ هاڻي........... جائي ڏس تہ سھي رات الائي ڪيتري گذري آهي. ڇوڪرو ننڊ ئي نہ ٿو ڪري. هوڏانھن ڏڌ ولوڙڻو پيو آهي. ڪم کي چرڪو ٿئي ٿو تہ چاچي بہ پئي ڦڪڙيون ڪري، پوءِ مائي، ڏسو تہ ننڍن نيٽين جا حال. هي بہ ڪا وهي آ! اسان هونديون هيونسين توهان جي وهيءَ ۾ تہ ساري گهر جو ڪم ڪاڄ، ڏڌي پاڌي، ڇڻو ڇوڏو، رڌو پڪو، ڪتر، ڀنجر، مال جي ٻڌي ڇوڙيءَ سان منھن ۽ توهين آهيو جو رڳو ڳالھين جون ڳھيرون.“
”پوڙهيءَ کي پئي ٻُڌ، ڌيان ئي نہ ڏينس، متان ڪنھن ڏينھن هوڙهيائي ڪندي اچي نہ وڃئي ڪا سرديءَ جي جهڙپ پوءِ وجهين وري ٻائيتال ۾.“
”ڪنھن کي؟“ مرڪي تيز گهوريندي.
”ڪنھن کي!؟ وري پڇين ٿي.“
”ڇڏ ڇڏ پڪائي.“
”اڙي! تون ڇا ڀوڳ ٿي ڀائين، ڀلا تنھنجو ڪسوٽو مان کي نہ ايندو تہ ٻيو وري.......“
”سچي رک نور تي هٿ.“ ناز ۽ نخري مان.
”اڙي! توکي ڪو اعتبار ايندو ڇا، تون تہ........“ چوندي، چوندي ڀري ڇڏيس ٿو ڀاڪر، ڇڏيس ٿو سيني ۾ نپ ڪري.
”ائي الا........ ڀلا ساھہ ڪڍندين ڇا، اچي نہ وڃي وري ٻار کي.....“
”اڙي يوسف خان، تو لاءِ سپارتون ٿيون ٿين سائين، هائو سائين سپارتون ڪيئن نہ ٿينديون، جائي بہ اڳيان ويا وسري، پويان لڳا مصري.“
سوڙ مان نڪتل وڌندڙ هٿ سندس نوڪدار نڪ کي سوگهو ٿو ڪري،
”هاڻي ڏي خبر.........“
”اڙي، زور نہ ڏي، زور نہ.........“
”...... او ماما گلڻ ووءِ.........“ اوچتي واڪي تي ڇرڪي پوي ٿي، يادن جي گهيري مان جان ڇڏيئيندي توائيءَ مان نڪري وڃيس ٿو،
”هچا پويس، وري الائي ڪير؟....... مھل بہ اچي....... ڪھڙو نہ........ او ڪھڙو ادا.......“
”ماسي مان رانجهو آهيان، اها ڪوڏر تہ جهٽ کن ڏجو.“ سُتي ئي جواب ۾ چئي ٿي،
”نہ ادا نہ مان کي ڪو پاڻ پٽائٽو آهي ڇا، اچي مالڪ تہ ان کان وٺو.“
اوندھہ اڃان ڪين ٽُٽي آهي، اڃان تائين اُڀ تي تارا ٽمڪي رهيا آهن، پکي پکڻ داڻي پاڻيءَ لاءِ سويرو ئي پر ڦڙڪائي لاتيون لنودا اڏري رهيا آهن. هوءَ سنڀالي پنھنجي ڌڻيءَ کي کٽ تان اُٿي ٿي ٻہ چار اوٻاسيون ڏئي، ڪَرَ موڙي رئو مٿي تي رکندي بستري کي ويڙهي اڳتي وڌي ٿي. گهڙامنجيءَ تي جهڪي پاروٿي پاڻيءَ ڀريل دلي کي ڌڌڪائيندي ٺريل ڳچُ پاڻيءَ جا ڇنڊا مُنھن تي هڻي، گرڙي ڪري رئي جي پلانڌ سان مُنھن اگهي ٿي. ڪالھوڪي سُور سبب سندس سَنڌُ سَنڌُ ڏکي رهيو آهي. هن جو اندر ڏک ۽ غم سان ٽُمٽار آهي. روڄ راڙي ۽ اوجاڳي سبب سندس اکيون ڳريون ۽ سوڻل آهن. هوءَ جيتوڻيڪ پنھنجي جان مان ئي بيزار آهي، ڪم تي دل نہ ٿي چويس پر پوءِ بہ ماچيس هٿ ڪرڻ لاءِ وڌي ٿي، تيلي ٻارڻ لاءِ هٿ چُرنس ٿا. ڀڙڪندڙ باھہ تي ٿورو تئو وٺندي، جانڊي کاري هيٺان ڄميل کير جو پارو کڻي نھري آڏو آڻي ٿي پوءِ چاڏي، منڌيئڙو، مانڌاڻي، پاڻيءَ جو دلو، ايئن ئي ڏڌُ وِلوڙڻ،
جهو.......
جهو.......
جهو.......
....... ڏڌ ولوڙجي ٿو، مانڌاڻي تيز لامارا ڏيندي، جهمريون پائي رهي آهي. آست، ڪڏهن جهمريون پائيندڙ مانڌاڻي تہ ، ڪڏهن پنھنجي ٻانھن تي لڳل رسن جي نشانن ڏانھن نھاري ٿي. اڄ ڏڌ نہ، ڄڻ سندس اندر پيو ولوڙجي هوءَ سوچي ٿي،
”هيءَ بہ ڪا حياتي آهي!؟..... عمر ئي عذاب! زندگي ئي جھنم! ڇا تہ ڏهاڙا هئا. ڪيئن نہ سک، سھنج، پيار پريت، قرب محبت ۾ ڏينھن گذريا...... سدائين گهر ۾ کِلَ کجڪو، نہ ڪا ڳڻتي، نہ ڳاراڻو....... هيڏانھن اچي تہ بہ آست، هوڏانھن اچي تہ بہ آست، ڇا تہ ڏهاڙا هئا!...... گهر ۾ گهرندي هڪ ٻانھن ۾ يوسب ۽ ٻيءَ ۾ ...... ٿوري گهڻي تہ ڳڻ ڳوت، وِک وِکَ تي ويچار ۽ اڄ...... اڄ اصلي ماڻھپي مان ئي......... ڀلا مان ڏي بہ ڪھڙو ڏوھہ، مان تہ سدائين کيس گلڙن جيان ٽڙندي ڏسڻ جا خواب لڌا، مان تہ کيس خوس رکڻ لاءِ لکين جتن ڪيا، مان تہ کيس حاصل ڪرڻ لئي سوين ڪاڍا ڪڍيا....... مان ڏي بہ آخر ڏوھہ ڪھڙو؟....... مان اڀاڳڻ کي ڪھڙي ڪال جي خبر تہ ڪو ڀاڳ نہ ڀڙائيندو، ٿيندي عمر عذاب، پسبا ڏولاوا........ پر......... آخر هن کي ٿي ڇا ويو!!؟....... اڳ تہ ايئن ڪونہ هو، ڪٿي هو اڳ اهڙو......!؟ پوءِ........ نيٺ ڇا ٿئي؟
وفا جي لفظن ۾،
ڪجهہ سوالن جيان، ڪجهہ جوابن جيان،
زندگــــــــي آهي انگـــــي حســــابــــن جيان.
مٿين سوالن تي سوچيندي سوچيندي هوءَ بيل گاڏيءَ جيان گڙندي گرندي گهڻو اڳتي نڪري وڃي ٿي.
........ ڪچڙي نيرن جو وقت، گهر ۾ مايوسي ۽ نراسائيءَ جو راڪاس، پاڙي اوڙي جون زائفون، مٽ مائٽ، هڪ کٽولي کي گهيرو، کٽولي تي ڪڪڙ جيان ڦيٽان کائيندڙ يوسف، ٻارن جو چوٻول، ماڻھن جو گوڙ، ماءُ جون رڙيون واڪا،
”اڙي منھنجا جانب پُٽڙا، ووءِ........“
”اڙي مان کي ڪھڙيءَ ڪاريءَ کاڌو ووءِ..........“
”ادي نہ روءُ، بس تہ ڪر، سياڻي ٿيءُ، عقل تہ ڪر.......“
”اڙي ڀيڻ، او........ مون لاءِ اوندھہ ٿي وئي اوءِ.......“
”اڙي ڇورا ڀڄ، ڀڄ وڃي مامنھن گلڻ کي پوک مان سڏي اچ، ڀڄ ڀڄ کھرو ٿيءُ....... اها وِکَ ويندين، سيگهہ ڪر، چويس ان پير تي پھچ.“
”ادي آست، خبر بہ هيئي تہ بخار اٿس پوءِ ڏسي وائسي ڪيئن ٿي وهنجاريو سي“
”اڙي جيجل، مان کي ڪھڙي ڪال جي خبر ڀيڻ....... چيائين امان ونھنجار تہ اسڪول وڃان........ ادي........ مان لٽجي ويس ووءِ........“
ڳچ کان پوءِ گلڻ جو در ٽپڻ، عورتن جون رڙيون واڪا.
”اڙي ادا آءُ کڻي، الھہ کڻي........“
”پوءِ ڀائو ايڏي دير؟ هت آ جو........“
”....... جو سڀ کي گڙدن ٽوڙ.........“
”ڇا.....!؟ گڙدن ٽوڙ!!!“
”اڙي يوسب پيءُ پھچ، مان مري وئي سانءِ ووءِ.......“
گلڻ جو عورتن جي تنگ گهيري کي ٽوڙي کٽ مٿان اچڻ، کٽ تي يوسف گڙدن ٽوڙ بخار جي چنبي ۾ لاش بنيل، عضوا ٽڙيل پکڙيل، ڪنڌ هڪ پاسي مُڙيل، وات مان اڇي گج، جهاڳ وهندڙ. گلڻ جھڙو بت، هينئن ۾ مُٺ، جهڪي پُٽ کي سيني ۾ سوگهو ڪري ڇڏڻ، چپ ڀڪوڙيل، اکين مان ڳوڙهن جي ٽم ٽم،
”پ، پ....... پٽ....... او منھنجا پ....... اونھون هون.......“
”ادا عقل ڪر، روئڻ مان ڇا هڙ حاصل، جود ڪر گاڏي سنبراءِ کڻ ڏاڪدر ڏي.“
”ڀيڻھان ﷲ تي رک، رب ويجهو آهي.“
”اڙي يوسب پيءُ اوءِ...... اڙي مان سان ناحق ٿي ويو ووءِ...... ھھن، ھھن هون.......“
مانڌاڻيءَ جو هلڻ بند ٿي وڃي ٿو. ڳوڙها اکين جا بند ڀڃي رکنس ٿا، اوراڻا ڏيڻ پار ڪڍڻ لڳي ٿي،
”او منھنجا مٺڙا پُٽڙا اوءِ......“
”او منھنجا جانب اوءِ.......“
”او يوسبڙا اوءِ......“
ڳوڙهن جي ٽم ٽم،
”ها، ان ڏينھن کان ها، تن ڏينھن کان پوءِ ئي تہ...... يوسف جي مري وڃڻ کان پوءِ ئي تہ....... ها، تڏهن کان قسمت ڦٽي، تڏهن کان گلڻ.....“
هن کي ياد ٿو اچي ان ڏينھن کان وٺي گلڻ بدلجي ويو، ان ڏينھن هن سوين ڳوڙها ڳاڙيا، پٽيون ڪُٽيو پر گلڻ ٻڙڪ ٻاهر نہ ڪڍي. هن جي دل ڪومائجي، جگر کاڄي، زبان سڪي ٺڪر ٿي وئي سکڻا گونگا ڳوڙها، اهي ڏينھن هي ڏينھن وري نہ نہ سندس مُنھن تي مرڪ ليئو پاتو ۽ آست ڪيترا نہ جتن ڪيا. سندس روح ريجهائڻ، دل پرچائڻ لاءِ ڪھڙا نہ حِيلا هلايا پر سڀ بيڪار.
جواڻ پُٽَ جي موت کان پوءِ گلڻ پھريان ماٺ پوءِ تِيسو، چڙ، بخيلائپ، هر ڳالھہ تي بُڇان، شل نہ ڪو ڪڪڙ ڪانءُ ڍڳن جي آهُرَ، مينھن جي ڪونر ۾ پير پائي پوءِ ڪلھہ مري ويو. شل نہ ڪو ڪتو ٻلو در تي پير پائي پوءِ ڀائين تہ بت تي ڪتڙيون گهمي ويندس. اصلي ماڻھپي مان نڪتل. پرائي پنھنجي جي ڪا ساڃاھہ ئي ڪونھي گار جي پئي ڳھي پوندي، ٽسينگ جو پُٽُ هجي تہ بہ ٽر نہ ڪريس.
جڏهن سانجهي سومھڻيءَ کان پوءِ ٻين جي گهرن ۾ آواز بمبکيڙا هوندا تڏهن هن جي گهر ۾ ماٺ. جڏهن رات اڌ رات ماڻھن جي گهرن ۾ ماٺ تہ پوءِ بہ پيو جاڳندو، سج لٿي سج اڀرئي جڏهن ڏس تڏهن چلم ۽ پاڻ، اڪيلي سِرِ دونس ۾ جيڪي ڪجهہ ڪندو تنھن جي نفعي نقصان جي سڌ ئي ڪانہ. سڄي ڏينھن جي هڻ هڻان کان پوءِ جڏهن رات جي وڳڙي ۾ گهر گهرندو تڏهن بہ آرام ڪونہ. جڏهن ڪاوڙ وٺندس تہ بنھہ آپي کان ٻاهر نڪري ويندو. ويتر جو اوجاڳا ۽ جاکوڙ تنھن ڪري تہ هيڪاندو طبيعت ۾ ڪاوڙ، ڪروڌ، اصلي ڪڙ تي پيو چڙندو. گهر ۾ ڪو چوڻ آکڻ وارو بہ ڪونہ، هڪ ئي لائين تي هلندي هلندي ڪٺور ۽ بخيل ، ڳالھہ ڳالھہ تي رهچون رهڙون. گهر ۾ سدائين ڪروڌ، ٽمجهڻ، ڪِر ڪِر، رنج، ڪنجهہ، زال سان سدائين وير، نڪو ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ نہ ڪا صلاح مصلحت، مٿس سدائين ڏمريل.
”رن، ڪڏهن تو مان خداءِ جند ڇڏائيندو، چئو اِڪري تہ ڦِڪري ڪيون ويٺي آن. جي چئو ڦِڪري تہ اِڪري....... ڪڏي اهڙي ڪھاڙي ٺڪاءُ ڪرائيندو سانءِ جو......“
”رب جو ڪئي پوءِ........“
”مان ٿو چوانءِاجايو مڳز نہ چَٽِ تہ ٺڪيانءِ نہ لِتر.“
”جائي مان ڪا هاڻي.......“
”تنھنجي تہ بڻياد کي......“
..... ٽڙ....!! مانڌاڻيءَ جو ٽُٽل ٽنگو سندس هٿ ۾ آهي. لوڏي سان ڇلڪندڙ اکين کي ڇلڪو اچي ٿو. ڳوڙهن جي ٽم ٽم. ٿوري اڳ واري جهمريون پائيندڙ مانڌاڻي هڪ جاءِ رڪجي وڃي ٿي. هوءَ ڀِنل نيڻ کڻي هڪ جاءِ بيٺل مانڌاڻيءَ ڏانھن چتائڻ لڳي ٿي.
”ها، ان ڏينھن.....!“ هن جا چپ چرن ٿا، هلڪو آواز اڀري ٿو،
”ان ڏانھن کان ئي گلڻ جو پيار ، محبت سڀ ڪجهہ پُٽڙي جي مرڻ سان ئي گلڻ ماڻھپي مان....... هاڻي تہ زناورن جيان، جيئن وڻيس ٿو...... او منھنجا رب......! اڄ...... اڄ جي يوسب هجي ها تہ جيڪر هيئن روز روز...... يوسب کي تہ جنت نصيب ٿي پر...... پر، ان کان پوءِ ڪو ٻيو ٻار بہ تہ..... تہ جيڪر....... جيڪر يوسب وارو زخم....... او منھنجا رب....... منھنجي ڪھڙي قسمت لکيئي!؟“
اکين مان ڳوڙهن جي ٻيھر رم جهم ۽ هوءَ سڏڪا ڀريندي ٽُٽل ٽنگي کي ڏڪندڙ هٿن سان ڳنڍيون ڏئي ٿي. ٽٽل ٽنگو ڳنڍيندي هن جي من ۾ خيال اڀري ٿو،
”ٽُٽل ٽنگو ڳنڍجي سگهي ٿو.....!؟ ٽُٽل ڀاڳ کي ٽاڪو.....!؟“
”هن عمر ۾....!؟“ ۽ پوءِ مايوسيءَ مان نڪ سڻڪندي،
”هاڻي ڀلا ڇاٿيندو، نہ ٿي سگهي ٿو.....!!“ ٻيو سوال کيس مايوسيءَ جي ڪُن مان ڪڍي وٺي ٿو،
”ادي هاجران کي جو پِيريءَ ۾ پُٽُ ڄائو..... پر جائي راڄل کي بہ تہ..... ۽ هن زيبل کي.....!؟ ها، ڀاڳ سنوري سگهي ٿو...... حِيلو بھانو تہ پنھنجي وس آهي..... دوا درمل تہ....... سُتي ڦَڪيءَ تہ ...... شايد ڪنھن ڦَڪيءَ سان...... اوھہ...... منھنجي بہ ڪھڙي اچي متِ کسي آهي هاڻي..... هيڏي عمر ۾، ٿي سگهي ٿو....؟ نہ..... ڇو نہ، اڃان تہ دم آهي، اڃان تہ..... هڪ ڀيرو آزمايان دوا.....؟ وٺان دائي دريا خاتونءَ جون سُتيون ڦَڪيون، من ڪا گلڻ جي زندگي، ها ها جيڪي پنھنجي وس ۾ آهي ان مان...... من گلڻ....... من گلڻ پرچي......“
ڳوڙهن جي،
ٽم ٽم،
”ها من ڪو قسمت.....“
۽ گلڻ بہ......“
مانڌاڻيءَ جو ٻيھر هلڻ،
جُهو......
جُهو.....
جُهو.....

ٿي ماڪ وسي مئخاني تي

روشن رات آ، آسمان تي تارا ڪنھن ننڍڙي ڪڪي جيان اکيون ٽِمڪائي رهيا آهن. موسم سياري جي سيءَ کان پلاند اجا ڪري چُڪي آهي. مگر پوءِ بہ سرديءَ جا سمورا سوراخ بند ڪين ٿيا آهن. رات ڪافي گذري چڪي آهي پر ننڊ هن جي نيڻن کان رُٺل آهي. روشن رات سندس دل پرڀائڻ بجاءِ اکين آڏو اوندھہ انڌوڪار پيدا ڪري رهي آهي. هو عيسيٰ جيان پنھنجو پاڻ کي صليب تي لڙڪيل محسوس ڪري رهيو آهي. هو پنھنجي ڪچيءَ جاءِ اڳيان آڳر ۾ بُت بنيو بيٺو آهي. هن جي مُنھن تي دک گڏ ڌڪار وڪڙ هڻي رهي آهي. هن جو هينئون هچايل ۽ ڏيل ڏجهايل آهي. سندس زبان تي بار بار شڪايتي لفظ اچارجن ٿا،
”آخر ڪيسيتائين هيءَ زندگي......!؟ ڇا مليو ا مان کي، ڇا ملندو هن کي؟ ڏيانس گُهٽو؟ ڪيانس پورو؟“
”ڪيسيتائين ايئن رڙيون ٻڌبيون؟ ولھہ ۾ سڙبو...... سور سھبا!؟
”آخر ڇو اسان جي سرير ۾ سيل ٽنبيا وڃن ٿا؟ جيئڻ جا حق کسيا وڃن ٿا.“
”هي وِک وِک تي ويساھہ گهاتيون، هي هيتريون ساريون ويڌنون!؟“
”اسان لاءِ ايڏي نفرت؟ اسان سان ايترا سارا هاڃا!؟“
”هي رڙيون، هي دانھون، هي ڪو ڪون، اهنج ايذاءَ؟“
هن جون اکيون رت روئن ٿيون. رکي رکي اندر جاءِ مان سندس زال جون ايذايل دانھون خاموش فضا جو سينو اُڊيڙي رکن ٿيون. رڙيون جيڪي هن جي دماغ تي هٿوڙي جيان لڳن ٿيون، رڙيون دانھون، ڪوڪون جيڪي سندس روح کي روئاري اندر اڌ ڪري رکن ٿيون تہ ٻئي پاسي سندس نئين ڄاول ڪڪڙي جون ڪيھون ڪنبائي رهيون آهن. سخت مونجهاري ۾ پئجي وڃي ٿو،
”جڏهن مون کان جيئڻ جو حق کسيو ويو تہ هن ابھم کي ڪٿان حق پلئہ پوندو؟“
هن کي پنھنجو ٻالڪپڻ ياد اچي ٿو، ڪيئن نہ پوڙهي پيءُ پيٽَ سان پٿي ٻڌي کيس تعليم ڏياري هئي.
”ڇو مٺل ماءُ، ڇوڪر اسڪول نہ ٿو وڃي؟“
”مان بہ چئي چئي بيٺي آهيانس اوجهو آيو ٿي، پاڻ کان پڇيس.“
”ڇو ابا! اسڪول تہ کليل اهن، تون اتي ٿو ڦرين!؟“
”بس مڙئي.......“
”بس مڙئي.......“ پڻھنس سندس ئي جواب دهرايو، ماءُ کي ماٺ نہ آئي هئي،
”ابا ڏَسِ نہ، جيڪو اهنج هجئي؟“
”بس، مان کان پڙهڻ نہ ٿو ٿئي.“
”پڙهڻ نہ ٿو ٿئي؟“ پيءُ کان ذري گهٽ رڙ نڪري وڃي ٿي،
”تنھنجي وري ڪيئن ٿي ڪل ٿڙي، مان آهيان جو پيٽَ کي مٺيون ڏئي بہ چوان تہ مڙس پڙهي، اسان تہ ٿاٻا کاڌا، من نہ من توکي ڪو سُکيو ٽُڪر نصيب ٿئي. آئون تون آن جو...... ڳالھہ تہ ڪر کُٽو ڇا ٿي!؟“
”تون بہ دهمان تہ بند ڪر، ايڏو لُڙ ڇا لاءِ، پُٽَ نيٺ کپي ڇا ٿو؟“
”مان کان پڙهڻ ڪونہ پڄندو، مزوري ڪندس........“
”اڙي؟“ پيءُ کان دانھن نڪري ٿي وڃي،
”اسان جا پورهيا ئي اڪارتا؟ اوجاڳا ئي اجايا؟ هيترو پڙهيو ان باقي بہ سال اڌ......“
”ها پر ماڻھو ٿُڪان ٿا هڻن، ٽڪي جا ماڻھو سي بہ...... پڙهي اڪ ڪارا ڪندو، پيءُ وتي ڄنگهان گهليندو ۽ پُٽُ وتي رئيس لڳو.... اهڙن پُٽن کان تہ......“
”هُون...... “ پيءُ ڳالھہ جو ڳُر سمجهندي چيو هو،
”تہ ڳالھہ اها آهي، مان بہ چوان تہ چوي ڇا ٿو، پُٽَ ڪن لائي ٻُڌ، اڄ ڏسين ٿو ڪو ڪنھن جي سجهيءَ ۾ ناهي، اهي ماڻھو..... ڪيترا ڀيرا منھنجا بہ ڪنھن ڪن ڀريا، ان ۾ ڪھڙي سورهيائي؟ پڙهي ڪھڙا اڪ ڪارا ڪندو؟ ڪٿي آهن نوڪريون؟ ڪٿان آيون نوڪريون؟ پر مان انھن لغاتن تي ڪڏهن بہ ڪن نہ ڌريا، ڇو تہ چوڻ ڏين، ڀلي پيا چون، ڪنھن، ڪنھن جا وات بند ڪبا“
”اڙي سدائين جڙيا، انھن ڳالھين ڏي ڪن ئي نہ ڏي. جڏي نہ پڙهي پئين، تڏهن سوين تنھنجا ڳيجهو هوندا.“
تنھن بعس يڪي ساهي منجهائي مئٽرڪ ۽ مئٽرڪ کان بي اي پاس ڪرڻ، پوڙهي پيءُ سان گڏ ڪيترن ئي مِيرن، پِيرن، رئيسن، ڀوتارن جي درن جون چائٺيون چٽڻ ۽ موٽ ۾،
”نوڪريون ڪي اسان جي کيسي ۾ پيون آهن؟“
”سنڌي ماڻھو، گِيس جا گهر، تڏهن جاڳو جڏهن........ جڏهن وزير هو يار تڏهن نہ جاڳيو، هاڻ جڏهن هو بہ لھي ويو تڏهن...... نہ بابا هاڻِ ڳالھہ زور آ.“
”ذليل ڀئنسان، پنج منٽ بہ آرام ڪرڻ ڪونہ ڏيندا، چئونِ صاحب ننڊ ۾ آهي.“
تڏهن، ها....... تڏهن تہ هن پني جي چوٿڙ (ڊگري) کي ڦاڙي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو هو.
”هي ڪاڳر جو ٽڪر ڇا پيٽ جي باھہ وسائيندو!؟“ تنھن بعد بازُن جو پورهيو، پيٽ جي باھہ تي قبو پائڻ ۽ تڏهن کان ئي ڪوڏر جو سندس زندگيءَ جو ساٿي بنجي وڃڻ.
اندران زال جو ڪُوڪاٽ سندس ڪنين پوي ٿو. هو پاڻ سنڀاليندي اندر جاءِ ۾ گهري ٿو. زال کي ٻہ لفظ آٿت جا چئي دل ٻَڌائي ٿو. هن جي اکين ۾ پاڻيءَ جا جهرڻا اچي وڃن ٿا. ڳراٽڙي پائي زال کي آٿت ڏيڻ لڳي ٿو،
”همت ٻَڌ، دل نہ لاھہ، جهاڳي اچي چڙهيا آهيون.“
”الا.... ابوءِ......... هاڻي مان کان سَٺو نہ ٿو ٿئي...... لوهو بند نہ ٿو ٿئي...... سُور پچر نہ ٿو ڇڏي....... ابا، الا........ مان ڇا ڪيان؟ مان ڪيئن ڪيان؟ مان پنھنجي وس ۾ ناهيان.“
”ڏکي سکي رات مڙئي نبھي ويندي سج کي تہ اڀرڻ ڏي، ڏينھن آهي شينھن هڻي هنڌ ڪبو.“
”هئي الا..... هون، هون........ عمر ئي عذاب، غريبيءَ جو گهانگهو ڳچيءَ ۾.“
”زور ڏيانءِ.......“
”نہ نہ...... ڇڏ مان کي........ منھنجي پچر ڇڏ.....“
گهر جو ڀوائتو ماحول ڊيڄاري رکيس ٿو.اکيون نئين ڄاول ٻار تي کُپي وڃنس ٿيون، جيڪو اکيون ٻوٽيون هٿ پير هڻي وات کي مرڪائيندي اوئان اوئان ڪري رهيو آهي.
هن اندر جاءِ جي ڀوائتي ماحول مان تنگ ٿي ٻاهر ٻيھر وِلھہ ۾ اچي بيھي ٿو. پاڻ کي، زال کي ۽ ننڍڙي ابھم کي آويءَ ۾ پچندي، خامندي محسوس ڪري ٿو. هن جون مڙئي خوشيون ۽ پُٽَ ڄمڻ واري آسيس وري جلي رهيون آهن. هن جي دل وري ڦاٽُ کائي ٿي. هن جي آڏو نا اميديءَ جي ٻاٽ اوندھہ ڇانيل آهي. دک ۽ اداسي پاڇي جيان هن کي وڪوڙي رهيا آهن. کليل هوا ۾ بہ هن جو دم گهٽجڻ لڳي ٿو. هن کي لڳي ٿو ڄڻ ورهين کان نا اميدي سندس دل ۾ ديرو ڄمائڻ جي ڪوشش ڪندي هُجي. زال ۽ ننڍڙي جي تڙپ کيس سوچن جي سمونڊ ۾ غوطا کارائي ٿي. هن کي ياد پوي ٿو تہ گهڻو اڳ جڏهن پڻھنس ۽ پاڻ مزوريءَ تي گارو ڪري رهيا هئا ٻنھي پيءُ پُٽن کي هٿن ۾ گپ لڳل ڪوڏاريون، گپ جي ڦينگن جو سندن اگهاڙي بدن تي ڇڻڪار ٿيل، گاري کي اٿلائيندي پٿلائيندي پوڙهي کي طعنو هڻي ڪڍيو هئائين،
”بابا، توهان پنھنجي وقت ۾ ڪجهہ ڪين ڪيو، نہ تہ اڄ هيئن گپ ۾ هٿوراڙيون ڏيڻيون ڪين پوَنِ ها.“
اوچتي سوال تي پوڙهو هراسجي ويو هو، ندامت کان سندس ڪنڌ جهڪي ويو هو. هن نہ ڄاتو هو تہ ڪو اهڙو سوال بہ کائنس ٿي ٿي سگهيو. هن جون اجهاڻل بي سرتيون اکيون کاري مٿان ڦري ويون، ايئن ڄڻ ڪا وڃايل وٿ ڳولينديون هجن. هن جي اکين ۾ سانوڻيءَ جي سنڌوءَ جھڙو چاڙھہ اچي ويو هو. هن هڪ نظر سامھون جهڪيل پُٽ تي وڌي، جنھن جي چِنگهہ سان گڏ ڪوڏي گاري ۾ گپجي کيس گپ جي ڦينگن ۾ ٿڦي ڇڏيو هو. جهڪيل جوانڙو هن جي آڏو ونگوڙي جي شڪل ۾ هڪ سوال بنيو بيٺو هو. سوال، ماضيءَ جو سوال. سوال، حال جو سوال، سوال مستقبل جو سوال. پوڙهي پھريون ڀيرو شايد پنھنجو پاڻ کي مجرمن واري ڪٽھڙي ۾ بيٺل محسوس ڪيو هو. نراسائيءَ مان نرڙ تان گهپ جا ڦڙا اگهندي ڏاڙهي ۽ ڇھپرن کي هٿ هڻندي ڳالھائڻ شروع ڪيو هو، لفظ سندس نڙيءَ مان مروٽجي سروٽجي نڪتا هئا،
”سچ بہ مان تو لاءِ ڪجهہ ڪِين ڪيو ۽ ڪريان بہ ڪيئن ها، جڏهن تہ غلامن واري زندگي گذاري جاهل رهيس. منھنجو ذهن غلامي ڏاڍ جي پڃرن ۾ اٽڪيل رهيو. پوءِ بہ تولاءِ جي گهڻو نہ تہ ٿورو ئي سھي ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪيو ضرور اٿم. هاڻي تہ تون بہ اچي سمجهہ ڀريو ٿيو آهين....... ۽ مان...... هاڻي تہ مان اچي قبر ڀيڙو ٿيو آهيان. هاڻي بار آهن توهان جوانن تي، گهڻا ڏينھن مان بہ رت ست ڏنو، هاڻي ڪنن جا ڪَپاٽ کولي ٻڌ متان ويسر جو مرض ويڙهي وڃئي ۽ پوءِ ٿئين مان وانگر ڌڪن ٿاٻن هاڻو....... هڪ ڳالھہ ٻي بہ ياد رکج، جي تو بہ مان جيان صبر جي ڦل کي مٺو سمجهو تہ پوءِ چاڪيءَ جي ڍڳي جيان عمر ڀر پيو لوڙيندين ۽ پوءِ ان وقت تون بہ اهڙي سوال کان بچي نہ سگهندين، تڏهن تنھنجي ٻچن جا هٿ تنھنجي ڳچيءَ ۾ هوندا.....“
اوچتو ڪڪڙي جون سنھڙيون ٻاڪارون هن جي دماغ تي ويڙهيل نراسائيءَ جي نوڙين کي ٽوڙي ٿيون رکن، هڪ بي انتھا پيار ۽ قرب جي جذبي پٺيان تيز وکون کڻندو اندر جاءِ ۾گهري ٿو. سُتل زال جي نرڙ تي مٺي ڏئي اڪير مان ٻارڙي کي کڻي پنھنجيءَ ڇاتيءَ لائي ٿو.
”نہ روءُ منھنجا جاني، نہ روءُ....... مان توکي وڌيڪ روئڻ..... مان توکي......“
هن جي اکين ۾ لڙڪ آهن ۽ هو پنھنجي جگر جي ٽڪر کي اڃا بہ وڌيڪ سيني ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.“

خلا مان ٽُٽل هڪ ستارو

هڪ ڀيرو وري شھر ڏانھن واپس ٿي رهيو آهي. ها، هڪ ڀيرو وري شھر ڏانھن واپس ٿي رهيو آهي. رات جي تاريڪيءَ ۾ ٻڏل ڏامر جي ڪاري روڊ تي ڪار پنھنجي پوري اسپيڊ سان ڊوڙي رهي آهي. هن جا هٿ پوري مضبوطيءَ سان اسٽئرنگ تي کُتل آهن. پير ايڪسيليٽر تي ۽ نظر جي گهُور سامھون نانگ جيان ور وڪڙ هڻندڙ رستي تي کُتل آهي. ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جي اُلن جو عڪس هن جي چھري تي پسجي رهيو آهي ۽ ڪار تيز ڊوڙي رهي آهي، جنھن سان گڏ خيالن جا وِيل بہ سندس ذهن جي پاتالن ۾ تيز ڊوڙي رهيا آهن. هو سولو ٿي ويھندي، سگريٽ جو ڪش هڻي ٿو ۽ ڪار تيز ڊوڙي رهي آهي. هو ڪانئرتا محسوس ڪندي فراريت جي راھہ اختيار ڪري رهيو آهي. هن جي گذريل حياتيءَ ۾ جيڪي ڪجهہ ٿيو آهي، گهڻين ڪوششن ڪرڻ کان پوءِ بہ ور ور ڪري کيس ياد اچي رهيو آهي. هن کي لڳي ٿو، ٿورو اڳ وارا ٽھڪ وري هڪ ڀيرو سندس ڪنن ۾ گونجي رهيا آهن ۽ انھن ٽھڪن پٺيان ئي هڪ ڌنڌلي ڌنڌلي تصوير اڀري رهي آهي. هن کي ان مڪروھہ چھري کان نفرت ٿئي ٿي.
هي تڪڙو تڪڙو ڪار کي گهر آڏو روڪي ٿو هن کي اهو ڏسي سخت حيرت ٿئي ٿي تہ رات جي ڪافي حصي گذرڻ کان پوءِ بہ دروازو کلئي جو کليو پيو آهي. دروازي تي نظر پوندي ئي هن جي جسم ۾ هڪ قسم جو شڪ واسو ڪري وڃي ٿو. هن کي لڳي ٿو. هن کي لڳي ٿو تہ جنھن شڪ پٽاندڙ هو گهر کان نڪتو هو، نيٺ اهو پورو ٿيو ۽ هاڻي هن کي لڳي ٿو، جلد ئي اڇا ڪارا پڌرا ٿا ٿين. وري هڪ ٻئي خوف کان هو لرزي وڃي ٿو، ”جي کين پڪڙيان تہ پوءِ؟ ڪريان فائر؟ پر جي فائر ڪريان تہ پوءِ؟ ۽ ايئن ئي فائر ۽ فائر ڪرڻ کان پوءِ وارن نتيجن تي سوچي ٿو. کن پل سوچڻ کان پوءِکيس پاڻ تي ئي بڇان ٿي اچي. ڪھڙي خبر دروازي جو سبب ئي ڪو ٻيو هجي؟ پر هن منھنجي اچڻ جي انتظار ۾ جو کولي ڇڏيو هجي؟ پر مان تہ چيو هو رات........؟ اڙي پر هو ٻئي طرف کان هليو جو وڃي؟ هليو وڃي...... ٺيڪ آهي وڃڻ ڏينس، الائي متان ڌڪ رحماني، ڌڪ شيطاني. پر مون کي اندر هلڻ گهرجي، ڪھڙي خبر.......“
هاڻي هو خيالن مان پاڻ ڇڏائي اندر گهرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. گهر ۾ اوندھہ جو راڄ آهي، هو تڪڙو تڪڙو بلب جو سئچ آن ڪري ٿو پوءِ ورانڊو ٽپي ڪمري ۾ اچي ٿو. وري ڪاڪوس، باٿروم، مٿي بنگلي تي ايئن ئي گهر جون چارئي ڪنڊون نوسي ٿو پر جت ڪٿ ڪاريءَ وارا ڪک. هاڻي هو سڄو سراپجي وڃي ٿو. سر کان پيرن تائين سڄو پگهر ۾ شل ٿي پيو اٿس. لڙکڙائيندڙ قدمن سان ڏاڪڻ لھي ٿو. پوءِ ڪجهہ سوچي ريوالور کي کيسي ۾ رکي گهر کان ٻاهر هلڻ لڳي ٿو. هو پنھنجن ئي سپنن جو لاش پنھنجن ئي ڪلھن تي کنيون هلي رهيو آهي، سندس چوڌاري خاموشيءَ جا دائرا وڌيڪ گهرا ٿيندا، ڇائنبا ٿا وڃن. ڀتين ۽ وڻن جي وڌندڙ پاڇولن کي تڪيندي کيس لڳي ٿو، سڃيون ڀتيون ۽ سڃيون گهٽيون بہ سندس پٺيان چئو پچئو ڪري رهيون هجن. هن کي لڳي رهيو آهي ماضيءَ جون ڪجهہ وڻندڙ يادون، وڻندڙ هوندي بہ اڄ کيس ڪجهہ وڌيڪ سٺيون ڪين ٿيون لڳن. اوچتو هن جي ڪنن ۾ سسوڻھس جا چيل لفظ گونجي ٿا اٿن،
”اها تہ جاهوڪڙ اهڙي آهي جو پاڙي اوڙي جو نڪ ئي ڪپائي ڇڏيو اٿائين، تون ان ڪنيءَ سان گهڻو واهپو ئي نہ رکندو ڪر، هجنس رڳو پراوا گهر کارڻا، چڱائي پڄئي تہ گهر بہ نہ اچڻ ڏينس“ گهر آيو آهي ماسي ستڻ جي، ٺڪ ٺڪ تي ماسي ستڻ آواز ڏئي ٿي، جنھن سان گڏ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ هن جي وجود کي ڳڙڪائي رهيو آهي. در کولي سندس ٽامڻي هنيل منھن ۾ چتائيندي ماسي ستڻ پڇي ٿي ويھي،
”تھان جو تہ ٻڌو هئوسين تہ شھر ويل آهيو؟ ۽ پوءِ پنھنجي چُڪ تي پڇتائي اڳلي سوال تي لٽ وجهڻ لاءِ پاڻ ئي ٻيھر چوي ٿي،
”ڪيئن آويلي وقت اچڻ ٿيو آهي!؟“
هو ڪو جواب ڪين ڏئي ٿو، سندس نظرون گهر جو جائزو وٺي رهيون آهن.
”پوءِ اچو، ايئن ڇو بيٺا آهيو؟“ هوءَ پنھنجي ئي مونجهاري کي لڪائڻ لاءِ وري چوي ٿي. هو مڙي سندس اکين ۾ اکيون کُپائي ڇڏي ٿو، هن جي وات مان نڪري وڃي ٿو.
”گجر......؟“
”ڇا گجر....!!“ هوءَ عجب ۽ اڻ ڄاڻائيءَ وچان نھاريندي خوف کائي سندس غضب کان ڪنبي وڃي ٿي پر آزمودگار عورت آهي، جنھن ڪري پاڻ سنڀالي پاڻ ئي وري ورجائي ٿي،
”ڇا گجر گهر ڪانھي!؟“
هو کيس چتائي چتائي منھن ٻئي پاسي ڪري ڇڏي ٿو. هن کي پنھنجي ئي چُڪ جو احساس ٿئي ٿو. پنھنجي لھجي ۾ اوتجي آيل ڪڙاڻ جو پڇتاءُ ۽ پوءِ هرو ڀرو بہ منھن تي ڪونئر آڻڻ ۽ آواز کي توازن ۾ رکڻ جي ڪوشش،
”ماسي، گجر گهر نٿي ڏيکارجي“
”نہ ٿي ڏيکارجي!؟ نہ ٿي ڏيکارجي تہ ان ۾ گهٻرائڻ جي ڪھڙي ڳالھہ، وئي هوندي ماءُ جي گهر“ هوءَ وڌيڪ آواز ۾ پختگي آڻيندي چوي ٿي،
”هت تہ ڪانھي، هي گهر پيو ٿي“ هوءَ وڌيڪ صفائي پيش ڪندي چوي ٿي. ۽ چوندي چوندي سندس ڦندي وات واري منھن تي طنزيہ مرڪ پکڙجي وڃي ٿي ۽ ن مرڪ پٺيان سندس مڪروھہ ڪوڙهيل چھرو اصل روپ ۾ نروار ٿئي ٿو. هو، هن جي طنزيہ مرڪ کي ڀانپي وٺي ٿو. هاڻي هن کي سندس اڍنگي هلت ۽ بي سري جواب تي سخت چڙ ٿي اچي وڃي پر پوءِ وات ۾ ڇپ ڪري تڪڙو تڪڙو واپس وري ٿو.
هاڻي هو گهر ۾ گهريو آهي. هن کي لڳي ٿو ساري گهر جو سڄو سامان اکڙيل، وکريل آهي، شايد ڪجهہ بيگون وغيرھہ بہ، جنھن کان هن کي وڌيڪ پڪ ٿئي ٿي ۽ پوءِ ساهرين گهر وڃڻ فضول سمجهي ڪرسيءَ تي ويھي ٿو. پاڪيٽ ڪڍي سگريٽ دکائي ليمپ جي ڀرسان اڇليندي آهلي پوي ٿو. هو هيٽر ڪين جلائي ٿو. سردي هوندي بہ پگهر سندس نرڙ تي پيچرا ٺاهي وهي ٿو. هو وجود کي پريشانين ۽ الجهنن ۾ وچڙيل محسوس ڪري ٿو. ٿڪاوٽ ۽ خاليپڻي جو احساس، اندر جي گهُٽ، مونجهہ، ٻوساٽ، نڙيءَ ۾ اُڃ جي ڪنڊن جو چڀڻ، هن کي لڳي ٿو شايد ڀتيون ملي، ڇت هيٺ جهڪي کيس چيڀاٽي ڇڏينديون. هو اٿي ڪونہ ٿو. نراشا ۽ پِيڙا وچان شانت ٿي ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏئي ڇڏي ٿو. ۽ سگريٽ جا وڏا وڏا ڪش هڻڻ لڳي ٿو. هڪ مان ٻيو، ٻئين مان ٽيون، ٽئين مان...... ايئن ئي سگريٽ جي ٽوٽن جا ڍڳ.
هو سگريٽ ڇڪي رهيو آهي. اڄ دونھون ٻاهر ڪڍڻ بجاءِ اندر ۾ گوهي رهيو آهي، هن کي محسوس ٿو ٿئي، جسم ڪنھن غباري جيان دونھين سان ڀرجي خلائن ۾ اڏري رهيو هجي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳرو ٿي زمين ۾ پيھي رهيو هجي. هن کي لڳي ٿو جڏهن بہ سندس وجود ڪنھن وڏي آزمائش مان گذريو آهي، تڏهن الائي ڇو سگريٽ ڇڪيندي، ڇڪيندي سندس ٻاڙ ئي نہ مرندي آهي. پوءِ اصلي سگريٽن جي پچر ئي نہ ڇڏيندو آهي. ايئن ئي يادن تيز ڌارا وهي کيس بہ پنھنجي وهڪ ۾ وهائيندي رهي ٿي.
___________

”هي اڄ منھنجي ڀائوءَ کي ٿي ڇا ويو آهي جو سگريٽن کي اصل ڌوڻي ٻاري ڏني اٿائين.“
هن کي ياد ٿو اچي ان ڏينھن وارو واقعو، جنھن ڏينھن پھريون ڀيرو گهر ۾ سندس نمائش ٿيڻي هئي، تنھن ڏينھن هن جي دل تہ گهڻو ئي ٻاهر نڪري وڃڻ ٿي چاهيو پر سالھنس ۽ جوڻس گهڻي چئو چوات کان پوءِ مس مس کيس گهر هجڻ تي آمادہ ڪيو هو. تڏهن پاڻ ڪتاب ۽ سگريٽ ڪڇ ۾ ڪري بنگلي تي چڙهي ويو هو. ۽ پوءِ پلنگ تي ٽيڪ ڏئي اجايو سجايو ڪتاب جا پنا اٿلائيندي، سگريٽن جي ٽوٽن ۽ رک جو ڍير ڪري ڇڏيو هئائين، تڏهن ئي سالھنس مٿيون سوال ڪيو هوس،
”اوھہ..... تہ تون!؟ هن عجب ۽ خوشيءَ گاڏڙ لھجي ۾ چيو هو.
”ها، ها مان ئي نہ مون سان گڏ ٻيو بہ ڪو“
”گل، هيءَ وري ڪٿان جي سوکڙي آڻي ڪڍي اٿئي!؟“
”منھنجي ڀاءُ کي ڄڻ سُڌ ئي ناهي جو ڏند ڀڃي گابڙو پيپو ٿئي“
”نہ سچي، مون کي ڪھڙي ڄاڻ....... پوءِ توهان ئي چئو پنھنجي ڪا اڳ واقفيت آهي؟“
”ها، ها ڇو نہ توهان جو هر روز موٽر تي اسان جي گهر آڏو گذرندا آهيو پوءِ مان درکان نہ ڏسندي آهيانوَ“
”پوءِ چئو سائين...... مان ڪار ۾ ۽ مومل در جي وٿيءَ مان جهاتيون پائيندڙ، ڏس گل تو واري مھڙ اجائي...... پر ايئن ڇو...... ڌڪ هڻي ڀڄي ويندئي ڇا، اچو، اچو ويھو.“ هن مرڪي کين ڪرسين ڏانھن اشارو ڪندي چيو،
”ڀائو هيءَ آهي گجر ۽ منھنجي ساهيڙي پٺاڻي، جنھن کي تنھنجي ملڻ جي آس ذري گهٽ چريو ڪري......“
”چڱو چڱو بس هاڻي انڌي ماري، هڪڙو ٿي ڳالھائين ٻيو ٿو اُڙهو وڃئي“ هن کيس مڪ وهائيندي رئي جي ٻڪل ٺاهيندي چيو هو.
”چڱو تہ پوءِ تھان ڪجهہ ٻولاچاريون ڪريو، مان هلان ٿي“
”اڙي، اڙي ڪاڏي؟..... ۽ هن پنھنجي مھمان جي ٽنڊوالي...... ڪجهہ ٿڌو ، ڪوسو، ڦڪو، مِٺو ڪن بس، ايئن التھار“
”پڇينس، پڇينس..... ها؟“
”نہ نہ اسان سڀ ڪجهہ هيٺ پيتيون ٿا اچئون“ هن اٿندي چيو هو.
”اڙي..... ويھہ تون وري......“
”نہ ادي نہ اچي ڪو تہ“
”ڪير وري ڪير ايندو؟“
”پوءِ امان ۽ اديءَ جن هيٺ ڇا چونديون.“
”ڇا وري ڇا چونديون، پڇيئون بہ تہ چوندي سان ادا ويھاري ڇڏيس.“
”نہ ادي نہ.....“
”نہ ادي نہ، ڊڄڻي بہ ڪا حد جي آهين، اچڻ لاءِ بہ اڇاتري تہ وڃڻ لاءِ بہ..... يا تہ اصلي پڇ بہ پٽي وئينءَ تہ ڀاءُ کي ڏيکاريان تہ......“
”چڱو، پر پڇني تہ......“
”اڙي ها ها، دم ڇو ٿو نڪرئي“ هوءَ کيس ڪرسيءَ تي ڌڪو ڏيندي ٻاهر نڪري وئي هئي. پوءِ ڳچ وقت جي خاموشيءَ کي ٽوڙيندي هن چيو هو،
”پوءِ پاڻ ڇا بابت ڳالھايون؟“
”بس ادا“
”تہ مان توهان جو ادو بہ ٿي ويس“ هن شرارت وچان کيس ٽوڪيندي چيو هو.
”پوءِ ڀائر ٿيڻ ۾ ڪو عيب آهي ڇا!؟“
”پر ايترا سڀ بہ تہ....... منھنجو مطلب آهي....... منھنجو مطلب آهي تہ پاڻ چپ سبيون ويٺا هجون ڇا؟“ هن جملي جي پوئين حصي تي زور ڏيندي چيو هو.
”پوءِ مان ڀلا.....“
”آئينءَ ڪيئن، وري ايتري ۾......“
”آيس تھان جو ٻوٿ ڏسڻ، سو ڏٺم هاڻي.......“
”پوءِ ايڏي تڪڙ بہ ڇالاءِ، مان پاڻ ڪافي ڏينھن کان زال واتان تنھنجو ذڪر پئي ٻڌو آهي ۽ ملياسين پوءِ ايترو جلد......“
”مان ڀي ڪيترا ئي ڀيرا تھان کي خواب ۾........“
”اڇا اڇا تنھنجي معنيٰ..... تنھنجي معنيٰ پاڻ ٻئي..... منھنجو مطلب آهي پاڻ ٻئي......“
”ها ها ٻئي ڪير ٿو چوي..... ۽ مان هيڏانھن اچڻ ئي نہ ٿي چاهيو پر.....“
”اڙي ڇو!!؟“
”ان ڪري جو مون کي خبر آهي تہ تون پاڻ......“ هن لڄي ٿي منھن پاسي ڪري ڇڏيو هو.
”ٺيڪ آهي، پوءِ بہ تون اچي وئينءَ“ هن مرڪندي چيو هو ۽ ٻانھن ڊگهيري کيس سوڙهو ڪري ڇڏيو هو ۽ ٻي ساعت هوءَ سندس چپن جي گرمائش کان ڀڙڪو کائي در ڏانھن وڌي وئي هئي.
”نہ نہ ايئن نہ، ايئن نہ......“ هن در کان ٻاهر نڪرندي چيو هو.
”پوءِ وري ڪڏهن؟“ هن اجايو بہ پٺيان سوال اڇلايو هو.
”وري ٻريءَ جي مان کي ڪھڙي سُڌ“ اڃان بہ اڳتي وڌي چيو هئائين،
”پوءِ ماسي ستڻ......“ هوءَ ٻاهران ئي پري کان اڇلايل ڀتر جيان اڌورو جملو اڇلي تڪڙي تڪڙي هلي وئي هئي ۽ سگريٽ جي سوٽي سان گڏ هن جي چپن تي عجيب مرڪ پکڙجي وئي هئي.
”ٺيڪ آهي پوءِ بہ هن کان بھتر رهندي“
هن کي ياد ٿو اچي، اها شام، اها رات هن کي اصل آرام ئي ڪين آيو هو ذهن جا ٻوٽيل سڀ دروازا ٽڙڪاٽ ڪري کلي پيا هئا ۽ مجبور ٿي کيس اهڙا جملا دهرائڻا پيا هئا جن کي ڪافي وقت کان وساري ڇڏيو هئائين.
___________

هو تو واريون ساهيڙيون ڪونہ آيون ڇا؟“ هن جي اوچتي سوال تي جوڻس ڇرڪي وئي هئي ۽ هو سگريٽ واڇ ۾ ڪيون کيس ٽيڏي اک سان تڪي رهيو هو.
”پوءِ تھان ننھڪر جو ڪئي هئي.“
”ڪھڙي ڀوڪ ننھڪر ڪئي هئي، مان تہ بس ايئن ئي پئي چيو....... نيٺ تہ توکي ئي اٿڻو ويھڻو آهي، راڄ ڀاڳ سان منھن ڏيڻو آهي. اها تہ پاڻ پنھنجي نيڪي چئبي جو ڪنھن کي گهر اچڻ جي صلاح ڪري ويلو اڌ ماني کارائي ڇڏجيس.“
”سچي!!“ هن سندس ٻانھن کي سوگهو ڪندي خوش ٿي چيو هو. هو ڇرڪي ويو هو. هن کي اڄ پھريون ڀيرو چِٽيءَ طرح باسڻ لڳو هو تہ زال نہ پر ڄڻ ڪو لالچي ٻار سندس ٻانھن ۾ چنبڙي خرچي گهرندو هجي ۽ پوءِ اهو ڌنڌلو ڌنڌلو تصور کيس چٽيءَ طرح سمجهہ ۾ آيو هو تہ ڪيترائي ڀيرا اڳ بہ هن ايئن ئي محسوس ڪيو هو. هن کي ياد آيو تہ کيس اندر ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ ۽ ساليءَ واري واقعي کان پوءِ ئي شايد منجهس اها تبديلي آئي هئي.
___________

اڄ جوڻس گهر ۾ ڪين آهي. ڪار جي هارن تي وڌي اچي سالنھس ڪڙو لاٿو آهي، هو ڪار کي ڇپري ۾ ڪري اڳتي وڌي ٿو. گهر ۾ زال کي نہ ڏسي پڇي ٿو. پڇڻ تي معلوم ٿئيس ٿو، ماسيءَ جي گهر ويل اهي. هو ڪمري ۾ گهري ٿو.
”گل اهو پوتڙو تہ آڻي ڏي“
سالنھس جو هونءَ تہ نالو گلان آهي پر هو پيار وچان کيس گل ڪري سڏيندو آهي. هو ڪپڙا لاهي رهيو آهي ۽ گل کيس چتائي رهي آهي.
”هئي...... الا ڇا تہ نپٽيءَ ڪوسائيءَ ڪِيس ڪيا اٿوَ، ڏسو تہ سڄي پٺي ئي ڳاڙهي لڳي پئي اٿوَ.“ هوءَ حيرت کائيندي چوي ٿي ۽ پوءِ ڪپڙا کڻي ڪليءَ تي ٽنگي اچي ڀر ۾ ويھيس ٿي،
”ڀائو گهاٽو ميٽ ملي ڏيانَ تڙ ڪندئو؟....... هان....... ڀائو، سچي سڄا لِڱ ئي ٺري پوندوَ!!؟“
”جيڪو تون مناسب سمجهين“ هو مرڪي چوي ٿو، جنھن سان گڏ هوءَ بہ مرڪي پوي ٿي.
”تھان جهٽڙي کن واءُ وٺو، مان اجهو آيس“
”دير نہ ٿئي..... ها ٻڌءِ نہ“ هو هرو ڀرو بہ حڪم جتائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري.
”او نہ نہ...... تھان ڪو فقر نہ ڪريو، مان اجهو ٿي ڪري وٺان.“
هوءَ ورانڊي کي اورانگهيندي چوي ٿي. هو مرڪي پوي ٿو، ڪھڙي نہ سٺي ڇوڪري آهي. ڪيڏو نہ منھنجو خيال رکي ٿي ۽ هن کي لڳي ٿو بسرين واري واقعي کان پوءِ الائي ڇو منجهس غير معمولي دلچسپي وٺي رهيو آهي.
وڌيڪ گرمي محسوس ڪندي اٿي پکي جي ريگيوليٽر کي فل تي بيھاري وري ليٽي پيو آهي. آرام تہ پوءِ بہ ڪونہ ٿو اچيس، کيس لڳي رهيو آهي ڄڻ ڪا ڪتڙي سندس بت تي سرڪندي هجي ۽ بت ۾ هڪ قسم جو سرڪو محسوس ڪندو هجي. هو وري اٿي وري ليٽي ٿو. وري اٿي وري....... وري...... وري.
”ڀائو ميٽ ملجي ويو، چئو ڪا دير لڳي!؟“ هوءَ اندر گهڙندي چوي ٿي.
”نہ دير نہ.....“ هو سگريٽ جو ڪش هڻي کيس گهوري پوءِ مرڪي چوي ٿو،
”پر اهو ميٽ هڻو هٿ تہ ڌوئي اچ نہ“ هو کيس تجسس ڀريل نگاهن سان گهوريندي چوي ٿو،
”هلو گيڙو ڏيانوَ، هڪ منو اتي ئي ٿي ڌوئان.“
”نہ نہ تون هٿ ڌوئي آ، مان پاڻ ئي وهنجندس“ هو وڌيڪ ٽنگون ٽيڙيندي چوي ٿو.
”ڇو تھان پاڻ ڇو!؟ ۽ مان.......“ هوءَ در کي ٽيڪ ڏيندي هجت هلائي ٿي.
”تون....“ هن چاهيو پئي تہ کيس ڪو جواب نہ ڏي، اها هجت ختم ڪري پر پوءِ نہ چاهيندي بہ سندس واتان اکر اوتجي اچن ٿا، جنھن تي پاڻ ئي حيران آهي،
”هيئن گھرائيءَ جو آخر مقصد؟“
”پوءِ اٿو نہ“
”مان سمجهو، تون ڪو آرام ڪرڻ ڏيندينءَ ڇا...... ۽ ها هوءَ ڪڏهن ايندي؟“
”ڪير گجر؟“........ چئي تہ منجهند جو وئي هئي پر هاڻي تہ پاڇا بہ لڙي چڪا آهن، شايد مانجهاندو ڪري شام اچي. هاڻي هو اٿي ٻاهر هلڻ لڳي ٿو، در کان لنگهندي هن تي آخري نظر اڳتي وڌي وڃي ٿو. سنان واري جاءِ ۾ ويندي ويندي اچيس ٿو، جيڪر سڏ ڪيانس، پر سڏ نہ ٿو ڪري. ايئن ئي ميٽ جو وٽو کڻي مٿان الٽائڻ لڳي ٿو.
”ادا نہ، ايئن نہ، ڇو ٿا هار وير ڪريو“ هوءَ پريان ئي هڪل ڪري ٿي ۽ پوءِ وٽو کسي سندس جسم کي ٿڦي ٿي. هاڻي هوءَ گيڙا ڏئي رهي آهي ۽ هي نلڪي هيٺان ميٽ لاهي رهيو آهي. هن کي لڳي ٿو اڳ واري پيدا ٿيل گرمي ٿڌي پاڻيءَ تي تھان وڌيڪ تيز ٿي رهي آهي ۽ تڏهن تہ وڌيڪ تيز ٿي وڃيس ٿي، جڏهن ڇانڊارا هڻي سندس بدن تان ميٽ لاهيندي نرم ۽ نازڪ هٿڙا ترڪائي رهي آهي. پوري گيڙا، وري مھٽڻ، وري، وري، تڏهن تہ وڌيڪ جوش چڙهي وڃيس ٿو، جڏهن وڌيڪ جهڪڻ تي اڀريل اُرھہ چولي جي ويڪريءَ ڳچيءَ مان ٻاهر اڇلون کائي رهيو آهي. ڦينگن کان بچڻ لاءِ مٿي چُڻيل سُٿڻ سبب هن جي پيرن جا مُرا ۽ جنڊي لٿل هندوري جي پاون جھڙيون پِنيون کيس وڌيڪ وڻي رهيون آهن، هو نلڪي هيٺان اٿي گرڙيون ڪري ٿو ايئن ئي هٿ مھٽيندي کيس چتائي چتائي ڏسڻ لڳي ٿو، جنھن کان هلڪي مرڪ هن جي چپن تي ڦھلجي وڃي ٿي ۽ لڄ وچان ڪنڌ لاڙي ڇڏي ٿي. هن کي شرارت سجهي اچي ٿي گرڙي ڀري شرڙاٽ ٿو ڪرائيس کُليل ڳچيءَ مان اُرھہ ۾.
”ائي الا....... هون....... پوءِ هاڻي ڏسو تہ“ هو شرم ماري ڪنڌ جهڪائي چولي کي اُرھہ وٽان ڇنڊڪو ڏئي ٿي. هو ايئن ئي خاموش مرڪندي کيس چتائيندو رهي ٿو ۽ وري ٻيھر پاڻي ٻڪ ۾ ڪري شرارتي ٻار جيان اڇلي ٿو ڏئيس اُرھہ ۾.
”وري ڏسو، وري ڏسو، کنيئہ نہ شيطانگيريءَ کي ڏسو تہ سھي سڄا ڪپڙا......“ ايئن ئي مرڪندي ٿورو پٺتي هٽڻ لڳي ٿي. هو باز جيان جهٽ ڏئي اُرھہ ۾ ڪري ڇڏيس ٿو ۽ هوءَ بنا ڪنھن مداخلت جي ڇڪجي سندس ارھہ سان لڳي وڃي ٿي پر تڪڙو ئي پاڻ سنڀاليندي ٻانھن جي گهيري مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.
”ڇڏيو، ڇڏيو اچي جو ڪوئي، ٻاهريون در بہ........“
خبر ڪانھي هن ۾ ڪھڙي شڪتي، ڪھڙي قوت اچي وڃي ٿي جو ڀري ڇڏيس ٿو ڀاڪر ۾ ۽ پوءِ......!؟....... پوءِ هي آڳر ۾ ٽھلي رهيو آهي ۽ پريان نلڪي گڙڻ جو آواز اڃان تائين اچي رهيو آهي. ان بعد هن وات ۾ زبان ڪري ڇڏي ۽ هن کي لڳو هو هي تہ پاڻِ ئي ڪنھن ٻي تلاءَ جو.
نہ پر تڏهن کان بہ نہ، هن کي هاڻي وڌيڪ ڪجهہ ياد اچڻ لڳي ٿو، جڏهن کان پاڻ ماسي ستڻ جي آشرم ۾ پير پاتو هُئائين، تڏهن کان وري هڪ ڀيرو مٿاهينءَ تان لسين ترڪڻن تان ترڪندي هڪ قسم جو نئون مزو اچڻ لڳو هئس، تڏهن کان ئي هو پاڻ ۾ عجيب قسم جي تبديلي محسوس ڪري رهيو هو، جنھن ڪري گهر جي چوڏيل تي چڙهڻ ۾ کيس الائي ڇو ڪا لست ڪو مزو ئي نہ ايندو هو، نہ رڳو پاڻ پر جوڻس جي رخي پن وارو رويو بہ هاڻي کيس وڌيڪ چٽو نظر اچڻ لڳو هو. هو پنھنجي ڪمزوري لڪائڻ لاءِ گهر ۾ سدائين بولڊ ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو هو. ۽ جوڻس جي طبيعت ۾ وڌيڪ ترشي ۽ پري پري رهڻ جي عادت پوڻ لڳي هئي. ۽ ان رات تہ کيس وڌيڪ خبر پئجي وئي هئي تہ جوڻس جي پري پري رهڻ پٺيان ڪھڙو پس منظر هو.
___________
سياري جي هڪ رات ٻئي هڪ ئي پلنگ تي ستل ڪنھن وقت هو پاسو ورائي زال مٿان ٻانھن ورائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. هن کان شرڪ نڪري وڃي ٿو تہ سندس ٻانھن ۾ سندس زال جو جسم نہ پر فوم جو وهاڻو ڀريل هو. هن جي جسم ۾ خوف جي هڪ لھر ڊوڙي وڃي ٿي. هو ڪنائي ٿو پر جيڏانھن ڪيڏانھن سانت جو سمونڊ ڇوليون ماري رهيو آهي. هو پلنگ تان کسڪي پير پير ۾ ڏئي در طرف وڌي اچي ٿو. اهو ڏسي پيرن هيٺان زمين نڪري وڃيس ٿي تہ در ٻاهران بند آهي. وري ڦري دريءَ جي کليل طاق کان جهاتي پائي ٿو پر ڪابہ پھر ڪانہ. ۽ پوءِ ڪنائڻ تي ڪنھن جي ڳالھائڻ جو ڀڻڪو پويس ٿو. هو وڌيڪ ڪن سرلا ڪري وڌيڪ ڪجهہ ڄاڻڻ گهيري ٿو ۽ هاڻي آواز چچريل چچريل پوءِ ٿورو صاف.
___________

”مار ڪيڏو تہ پڪو آهين، اهڙو دل پليت بہ ڇا ٿجي پوءِ ايئن وساري ويٺين!؟“
”اڙي! وري بہ ڏوھہ مون ڏي، هي جو هيترو سارو عرصو تڙپايئي سو وسارين ٿي؟“ ها، تو تہ ديرا ئي ٻيا وڃي وسايا پوءِ...... اهو مان آهيان، سوختو، پوئڍائو جو وري بہ......“
”ڇڏ ڇڏ پڪائي، مان کي خبر آهي، تنھنجي ٻاڍل جي، مان آهيان جو هت ڪانگ اڏائي اڏائي ٿڪي آهيان ۽ تون آهين جو....... ايترن ڏينھن ۾ ليئو بہ نہ پاتئہ تہ ڏکي آهي يا سُکي......“
”۽ مان کان وري پڇيو ٿئي، ڪيترائي ڀيرا ايندي ايندي واپس ٿيو آهيان، الائي ڏس تہ متان پئجي نہ وڃيس صاحب کي خبر پوءِ تہ صاحبزادي اچي نہ وڃي آزار ۾ ۽ تون ٿي چوين تہ مان ڪو ڀيرو ڪيو“
”پوءِ نياپي سنيھي کان بہ وئين؟“
”نياپو وري ڪنھن هٿ؟“
”ڇو ماسي ستڻ جو آهي“
”ماسي ستڻ؟ تنھن وري چيو مائي وسندي جهلي ٿي تہ ادي منھنجي ڌيءَ ڏي هاڻي ڪوبہ نياپو سنيھو نہ کڻي ويندي ڪر، مس مس تہ ڇوريءَ گهرُ ڪيو آهي.“
”ها، مون سان بہ ماسي ستڻ اهو احوال ڪيو ۽ تنھن ڏينھن ئي امان کي اهڙيون ڌڌڪران ڪڍرايم جو ڪيترائي ڏينھن منھن سوڻل رهيس ۽ جڏهن لڳس منھن وارو موچڙو تڏهن چيائين، مونسان ڇو ٿي چِيٽ پوين، وڃي ڌوڙ پاءِ، لوڙيندينءَ پاڻ جڏهن نہ مڙسنھن کي خبر پئي تہ سڻي خلا ڪڍي ڇڏيندئي گهر مان پوءِ سھجانءِ پئي عمر ڀر عذاب.“
”پوءِ.....؟“
”ايڏي تڪڙ بہ ڇالاءِ ڀڳو ٿورئي....... ايتري ۾ سڪ پوري ڪري ورتئي، هت مان آهيان جو سچ پڇين تہ تنھنجي سار ايندي ئي جهٽ لاءِ سڀ ڪجهہ وساري.......“
”ماڻھين تہ ٻھڪي پئي تہ منھنجي ڌيءُ پَٽَنِ ۾ پھربي، ڪارن، جيپن ۾ گهمندي پوءِ ايتري ۾......؟“
”ها، مڃيان ٿي جيپون آهن، ڪارون آهن، ڪرسيون آهن، پلنگ آهن پر اهي سڀ ڪھڙي ڪم جا، جو ڪو چاهيندي بہ ان سڀ مان ڪا لست، ڪو مزو وٺي نہ سگهي. سڀ ڪجهہ پرائي وسِ ۽ مان؟، مان تہ بس ٻانھي وس ڌڻيءَ جي. امان ۽ اديءَ سان ملندو تہ ٽھڪار پئجي ويندو، باقي مون سان سو وير، ويٺو هوندو تہ سڀ هنيون مٿو مٿي تي چاڙهيون. سڄي ڳالھہ ڪري وڃ مجال آجو ڪا سريلي ورندي بہ ڏي، رڳو ها يا نہ ۾ سڄي ڳالھہ پوري.“
”پوءِ ٿي تہ شڪن پئي هئينءَ، ڪيترو چيومانءِ نڪر نڪر تہ ڇڏيون هن ڏيھہ کي پر تنھن جي ٻولي ئي ٻي، ڪھڙيون ست پيڙهيون لڄايان، ٺيڪ آنہ لڄاءِ اسان جا ڀاڳ اسان سان، ڀل تون ئي وڃي سک ماڻ.“
”پوءِ وير وير اهي تنھنجون چھنڊڙيون پائڻ ٺھن ٿيون. هڪ دفعو تہ ميم ساري غلطي منھنجي هئي پر هاڻ......“
”دير بہ ڪافي ٿي چڪي آهي پوءِ؟“
”پوءِ وري ڇا اڃان......“
”هڪڙو ڏينھن تہ........“
”هونئن سو اچي اچي ٿڪجي پيو آهين، ويھہ تہ الائي ڇا حياتي، ڪجهہ تہ ساءُ وٺجي. موڪلاڻيءَ کان پوءِ وري جيءُ جيئرن جا ميلا، پر ٻڌ وساري تہ نہ......“
”چري خبر ناهي اڄ الائي ڇو پئي اهڙيون ڳالھيون ڪرين، چئو مان ڪو تو کي وساريو آ، هڪڙي تون ئي تہ آهين، منھنجي لاءِ ٻيو رهيو بہ ڇاهي اڃان بہ دل مڃئي ٿي تہ مان توکي وساري ويھندس“
”الائي، پرائي دل پرديس آهي، متان ڪٿي اڙيو نہ هجين“
”ايتري ۾ سوس پلي ويٺين آهين، مان تہ اڃان سوڌو دل کي پيو پلاءَ کارايان.“
”پوءِ آخر ڪيسين اهي ڪوڙا پلاءَ کارائيندو رهندين؟ آئون جائي پنھنجي خداءِ ۾ پت ڪرين تہ مان پاڻ اها ڳالھہ چوڻ واري هيس، مان پاڻ هن گهرجي گاديلن، ٿانون ۽ ڪن ڪچري ۾ گهٽجي ٻوساٽجي مرڻ نہ ٿي چاهيان.“
”ڇڏ، ڇڏ، هرو ڀرو پسراءِ نہ“
”اڙي! ڇو مان ڪوڙ ٿي چوان؟“
”تون جي ڪوڙ نہ ٿي چوين تہ مان وٽ وري ڪھڙي ننھڪر آهي، منھنجو بہ ڏوري تي هٿ آهي.“
”بس، بس...... هاڻي...... هاڻي......“
”هو ڏس ٻہ پاڇولا در دانھن وڌي رهيا آهن ۽ پوءِ هڪ واپس وري ٿو. هو تڪڙو تڪڙو خاموش قدمن سان ٻيھر بسري ۾ گهري وڃي ٿو. ايئن ڄڻ الوٽ ننڊ ۾ هجي. ٻئي لمحي ڌيمي آواز ۾ در جو کلڻ ۽ بند ٿيڻ ، پلنگ تي ڪنھن جسم جو آهلڻ ۽ فوم جي ويھاڻي جو سرڪڻ.
___________
اڄ هن جي طبيعت ۾ هڪ قسم جو تناءُ ۽ کچاءُ آهي. هو ستو پيو آهي. ٻاهر ٿورو سس پُس ٿي رهي آهي، هو ڪنائڻ لڳي ٿو. باسڻ لڳيس ٿو سُس پُس رات جھڙي ئي. هن کي لڳي ٿو شايد رات واري ڳالھہ جوڻس ڪنھن همراز عورت سان ڪري رهي آهي، هو پوءِ بہ اٿي ڪونہ ٿو. ستي سُتي ئي ڪنائڻ جي ڪوشش، هن کي گيدي پڻي تي سخت جڪان ٿيون اچن.
”مڙسنھن ڪاٿي آهي؟“
سس جي آواز کي ڀانپي وٺي ٿو، جيڪا شايد اڳ سُس پُس ڪري رهي هئي هو هينئر اڃان وڌيڪ سوچڻ لڳي ٿو، ”شايد ماڻس بہ همراز هجيس؟ تڏهن تہ.....“
”پيو آهي سُتو، ٻيو وري ڪھڙو گور گڏڻ ويو هوندو“
”ڇو؟ چاق تہ آهي؟“
هاڻي هن کي لڳي ٿو سسوڻس ڳالھائيندي ڏانھنس وڌي رهي آهي، هو هرو ڀرو بہ مٿان سوڙِ ڇڪي ڇڏي ٿو. ايئن ئي ڇند ڪري پيو رهي ٿو.
”ابا.... او ابا...... ابا شوڪت، ڀيڻھان سج تہ ڏس ڪاٿي چڙهي آيو آهي، تنھنجي اڃان ننڊ پوري نہ ٿي ٿئي؟“ هوءَ سندس سوڙِ کي ڇڪيندي چوي ٿي.
”هون...... هون...... آءُ آءُ ويھہ چاچي.“ هو ڪر موڙي زورائتو آرس ڀڃندي سوڙ کان منھن ٻاهر ڪڍي اوٻاسي ڏيندي چوي ٿو.
”ڇو ابا، ٺيڪائي تہ آهي؟ ڇو اکيون ڇو سڳلان.....“
”نہ چاچي، اهڙي تہ..... آءُ، آءُ ويھہ“ هولنوائڻ جي انداز ۾ ٽيبل تان پاڪيٽ کڻي سگريٽ دکائيندي چوي ٿو،
”ٻڌءِ ابا!؟“ سسوڻھس ويٺي ويٺي چئي ٿي ڏئي. هو سگريت جو ڪش هڻندي، سسُ کي تڪي ٿو ۽ هوءَ وري ٻيھر چوڻ شروع ڪري ٿي،
”ٻڌءِ ابا، رات سھراب جي ڌيءُ ڀڄي ويئي!“
”سھراب جي ڌيءُ ڀڄي وئي!!؟“ هن جو سگريٽ ڪرندي ڪرندي بچي وڃي ٿو. هن کي لڳي ٿو ڄڻ راتوڪي واقعي جو اڳواٽ ئي سگنل ڏيندي هجيس.
”ها ها سھراب جي ڌيءُ. ابا ڪلھہ ڪو ماھہ پھريون سومر هو، سو هتان جون بہ گهڻيئي مايون پير ڀورل تي سنبريل هيون، ڏسجو رب کڻي سڻائي ڪئي. مان بہ پئي وئي سانءِ پر مون کي ڪنھن ڪالڪان ٻولايو، رب کڻي سمڪ ڏني، جو نہ ويس نہ تہ جيڪر سڄو ٺڪر مون تي....... ٻڌئي ابا، سو ڇوڪري وئي بہ ماءُ ساڻ ڪري هئي ۽ اتان ئي راتو رات هلي وئي. صبح سوير ئي ماڻس پٽيندي ڪُٽيندي سکڻين هٿين اچي نڪتي. پر ابا هاڻي ڇا ٿيندو، جيڪا وئي سا وئي، هاڻي ڪو سندن لاءِ........ اڄ ڏسين ٿو ريل ۽ موٽرن ملڪ ئي ڳنڍي ڇڏيو آهي پوءِ ڪير ٿو ڪنھن کي ڳولي سگهي. ڪارو منھن ڪيائين پنھنجو هاڻي وري هٿن سان وڃائي پيرن سان پئي ڳولي.“ هوءَ شايد ڪنھن جونءَ جي چرڻ سبب مٿو کنھندي چوي ٿي. هو ڪو جواب نہ ٿو ڏئي رڳو سگريٽ جا وڏا وڏا ڪش هڻندو رهي ٿو.
”پوءِ چڱو، پر جائي اٿ هاڻ، اجايو سج پيو اورانگهئي“
هن کي لڳي ٿو، سج هاڻي ڇا، سج تہ رات ئي اورانگهي ڇڏيو هو جنھن جي جلائيندڙ تپت سبب اڃان تائين بستري ۾ ويڙهيو سيڙهيو پيو آهيان. هو هاڻي اٿي ٿو ڪپ چانھہ، ڪاڪوس، پوءِ سگريٽ، ڪتاب سنڌو ماٿريءَ تي. اندران ڪڙو چاڙهي هيٽر جلائي ويڙهجي سيڙهجي پلنگ تي پئجي رهي ٿو ۽ پوءِ سگريٽ مٿان سگريٽ. ڪتاب جا ڪجهہ صفحا پڙهندي مغز ڳرو ۽ اکر ترڪندا محسوس ڪري ٿو. هن کي پنھنجو وجود ٽٽل، اُکڙيل، منجهيل، الجهيل لڳي ٿو. هن جي آڏو سڀ اصول ۽ قدر ٽٽي ڇيھون ڇيھون ٿي رهيا آهن. اڄ هن جو اميج ٽٽي پوي ٿو. ڳوٺاڻي ماحول جي امرتا ۽ پويترتا جا جيڪي بہ داستان ساهت ۾ پڙهيا هئائين سي سڀ کيس لغو ۽ ڪوڙا ٿا لڳن، سڀ ڪجهہ اجائي لفاظي، سڀ ڪجهہ بيڪار.
هن کي اڄ پھريون ڀيرو پنھنجي چُڪ جو احساس ٿئي ٿو. کيس لڳي ٿو، وٽس اميدن جو ڪو ڪرڻو ڪونھي، خالي اوندھہ انڌوڪار ۾ گهيريل ڪوڙن آدرشن پٺيان ڀٽڪي اڪيلائيءَ جو موت مري رهيو آهي. سندس اڳ وارا قائم ڪيل تصور گل ٽڙندي، مکڙيون مرڪندي، پکيئڙن جي ولرن جي اُڏار، مٺا، سريلا راڳ، بي خوف زندگي گذارڻ جي آس، مينديءَ رتڙن هٿڙن واري لال ڪنوار کي ڪڇ ۾ ڪرڻ جي چاهنا، اڄ اهو سڀ کيس ڪوڙ، تڇ ۽ سٿيا باسڻ لڳي ٿو.
هاڻي هو ڪتاب بند ڪري، سوڙ کي منھن تائين تاڻي ڇڏي ٿو. رات واري واقعي کان پوءِ سس واري ٻڌايل روئداد تي ايئن ئي هن کي ياد پوي ٿي ڪالھہ واري ماسي ستڻ جي ملاقات، جنھن کان پوءِ ڏانھنس نہ اچڻ جو پڪو پھہ ڪيو هئائين.
___________

”ابا ٻڌئي؟“
”وري ڇا ٿيو ماسي؟ سچ پچ تون بہ وڏي بي بي سي آهين، ماسي تنھنجي ڳالھہ اڳي پر اهو تہ ٻڌاءِ هوءَ لنگهين واري پاڙي جي عورت ڪيئن آهي؟“
”لنگهين جي پاڙي ۾ تہ کوڙ زالون، پوءِ تنھنجو الائي ڪھڙيءَ ڏي اشارو آهي؟“
”هوءَ ڀورڙي، هلڪي قد واري بدڪ نما“
”اڙي ها ها...... اها؟ ابا بس ڪيون ويٺو هج، اها اهڙي جو اصلي بازن کان بڇڙي. اڳ تہ حال ڀائياڻي هئي مانس پر هاڻي ڦوٽ بہ نہ ڪيانس ۽ ٻڌئي نہ ابا، اهڙي ڪارنھن جو چُٽو جو ڏير جي پٽ کان بہ نہ مڙي، مڙسنھس پڪڙي ورتس پوءِ بہ ٿڏي تي قلمي قرآن کڻي وئي تہ ڀائين منھنجو پيءُ ڀاءُ لڳي.“
”ڪنھن جي زال آهي!؟“
”ڪنھن جي وري ڪنھن جي ان قاسم ماڇيءَ جي“
”ڇا ماسي!؟ اها ماڇياڻي آهي!!؟“
”ڀوري ٿو ڏسين تہ بس ڇا ويو آهي بج کري، اڄ ڏسين ٿو شھري هوا ڌوڪيندي پئي اچي، ڏسين ٿو رهيو آهي ڪو ڄٽي ڄاموٽيءَ ۾ فرق، هر ڪا چکي مکي ڏھہ ڏھہ سينگار ڪيون پئي وتي، مردن جو تہ هاڻي وس ئي نٿو.......“
”۽ ماسي هوءَ ميان صاحب واري ڏاچي؟“
”ها، ان کي تہ سدائين ڪِر جو ٽانگر پيو ئي پيو آهي. تنھن ڏينھن بہ پئي توڏي ساهون کاڌائين، چيو مانس، تون هڪڙي سان تہ نڀاءِ وتين پئي سارو جڳ ولاريندي. پر ابا هن ڇنائيءَ ڏي بہ ڪھڙو ڏوھہ ڇوري اڦر، وهيءَ کان ٿي ڦاٽي ۽ مڙسنھس؟ اچي ڏاڙهي لٿي اٿس تڏي بہ وتي چُت مرائيندو، ٻين جا خرچ کائيندو........“
”ماسي ان ڳالھہ کي ڇڏ، هو تہ ٻڌاءِ رئيس وڏي جي گهر رات ڇا جو لُڙُ هيو!؟“
”اڙي ابا، بسڙي ڪيون ويٺو لڪاءُ ڏس، مڙئي اڇي ڏاڙهي اٽو خراب سرائيءَ جو..... بہ ويو آهي ٽِڪي ٿي ۽ هليو آهي لال ڪنوار سان لائون لھڻ. پر ابا رئيس کي ڪو بک اهي؟ پٺيان سڄيون ساريون ٽي زالون اوطاق ۾ سڄي رات ڇورا سلھاڙيل..... ابا ڪئي ڳالھہ ڏور ويندي آهي، اڄ ڏسين ٿو ڀتين کي بہ ڪن آهن سو ڳالھہ پئي ڪيم، پئي جو ڪنوار، تنھن کڻي سرائيءَ جي وچين نينگر تي آرو رکيو. رات ڪو ٻنھي کي ڏٺو ويو، جنھن تي رئيس آڪڙيو پر ابا ڏسين ٿو آهي ڪو اڄ جي اولاد ۾ ايمان، پٽھنس بہ ڀري بندوق بيھي رهيس“
”هان تہ چئبو اها ڳالھہ هئي. مان وري اعتبار ئي نہ پئي ڪيو. خير تون ڳالھہ ڪر.“
”ڪھڙي؟“
”اهائي جيڪا سوير پئي ٻڌايئي“
”ها، سو چيم پئي، تو کي تہ ڄڻ ڪن ئي ڪونھن“
”نہ نہ الا مون کي ڪک جي بہ خبر ڪانھي.“
”هن تو واري زرينہ جو رات مُلي سان پرڻو ٿي ويئي“
”ماسي!.... اهو وري ڪيئن، هوءَ ڪالھہ بہ ڪوٺي تي بيٺي هئي. ۽ شادي بہ جلدي، نہ نڪاح پيو نہ.....“
”مان ڪو ڪوڙ ٿورئي ٿي ڳالھايان، اها ڳالھہ رات جي آهي.“
”پوءِ ڪنھن کي ڪن نہ جن، ايئن اوچتو ئي اوچتو!!؟“
”ها، اوچتو ئي..... مھڙيو ٻار ماڻھس ڪيرايو تہ هي وري مٿان ٻيو، ماڻھس آ سياڻي، جنھن جا اهي سڀ ڪم اٿلايل آهن نہ تہ..... سو راتو رات نڪاح ڪري لاتائين مُلي جي ڪڍ، نہ تہ ڍنڍلي پئي پويس ها. صبح مون ڏي آئي اچي سور سليائين. چيم، ادي سٺو ڪيئي جو پنھنجي ڳچيءَ مان گهانگهو ڪڍيئي نہ تہ سڄو راڄ پيو...... تون ڪابہ ڳڻتي نہ ڪر، مھڙيان ڏينھن رڳو ترس ڀلا لاهي ملان بہ ڇوھہ پوءِ......“
”مُلان وري ڪٿان جو آهي؟“
”ڪٿان جو وري ڪٿان جو، ملان بہ ويجهڙائيءَ جو آهي. ڪڏي تيار ڪر موٽر کي تہ هڻائي اچانءِ چڪر، ملان جي ڀر ۾ بہ ڏاڍا پکي ٿا لھن، هلي ڏس تہ ڪڏهن تمن پير تي“
”ملان ڇا تمن پير تي رهندو آهي ڇا!؟“
”ٻيو وري، هلي ڏس ڪنھن ماھہ پھرين سومر تي. مان ٿي چوان رڳو هڪڙو ڀيرو نہ هلي ڏسين...... بس ڇا چوان، ابا پاڻ امين ٿيندين نہ، تہ بيشڪ سچ پئي چيم هت ڇاهي وڏا وڏا آکاڙا، نشي پتي جون دنيون، سازيندڙ سرندائي، راڳ روپ، وري جي خيال ٿئي تہ مجاورن جون پيھيون حاضر، پيو سڄي رات موج ڪر“
”مان بہ چوان تہ غوث بخش طُريل ڇو هرو ڀرو هلڻ لاءِ زور ڀريندو آهي.“
”اڙي ابا، ڪھڙيون ٿو ڳالھيون ڪرين ان طريل جون، جوڻس آ جو وتي ٻين کان ڇڙائيندي ۽ طريل سو وتي پيرن تي سومر ڀريندو، ديد جو وري اهڙو انڌو جو پنھنجي ڀاڻيجيءَ مان بہ نہ مڙيو“
”ڀاڻيجيءَ مان!!؟“
”ها ها مان ڪو ڪوڙ ٿورئي ٿي ڳالھايان“
”پوءِ مالڪ؟“
”هون...... اڙي ابا ڪھڙيون تہ ڳالھيون پيو ڪرين، هونئن سو جيڪو هت وهي واپري رهيو آهي تنھنجي ڄڻ ڪنھن کي ڄاڻ ئي ڪانھي، اڄ ڏسين ٿو ڪاٿي رهيو آهي خلق جو حال، جي نہ ڪنھن جي پٺيءَ تان لٽو لاهين تہ سڀ نجرا ٿي وڃن.“
هاڻي هو سوچي ٿو، تنھن وقت تہ ان سڀ جو نوٽيس ڪيئن ورتائين پر اهو سڀ ڪجهہ کيس ئي چيو هجائين، سندس ئي پٺيءَ تان لٽو لاٿو هجائين. هن کي لڳي ٿو، پير تان ڇوڪري نہ پر سندس ئي زال راتوڪي آشنا سان ڀڄي وئي هجي.
”وڌيڪ سوچڻ تي سندس ذهن تي وڌيڪ شڪ غالب پوندو ٿو رهي. هن کي چٽيءَ طرح ياد ٿو اچي شايد پرڻي رات ئي ان قسم جو شڪ کيس ورائي ويو هو.
___________

سھڻل گهوٽ گهوريائين
نوٽ لھي آ لاريءَ مان......
اٿي سنبر، سومھڻي سج ٿي اڀارين،
اڳ ۾ سھڻل گهوٽ پويان خلق ساري......
ميندي ٿي وئي بسريون کاڄي ويون، پِڙو ٿي ويو، لائون؟ ها لائون اچن پيون، ٻاهران مڱڻھارن جو واڄو، گهر ۾ دهل جو ڌڌڪو، تاڙيءَ جو ڦھڪو، ڇير جو ڇمڪو، سھري جي ڌم، گهوٽ کي ڪپڙا پھرايا پيا وڃن، پوءِ ڏاوڻ ڏائڻ، تر ٿيل ميڻ، بند دروازي پٺيان ڪنوار جو روڄ راڙو ۽ آخر ۾ هڪ ٻئي جي هنج ۾ جهولا جهلڻ،
مومل ماڻا نہ ڪر راڻل سان.
ها، هن اڄ مومل ماڻي آهي، ورهين جي سندس آس پوري ٿي آهي، صدين کان سانڍيل تصوراتي ڳوٺاڻي الڙ البيليءَ کي ڀاڪر ۾ ڀري سندس ڳوڙها پيتا ۽ پوءِ وڻ جي ٽاريءَ جو لڏي لڏي ڇڻي پوڻ، تنھن بعد نہ کنبھو آلو نہ ڪپڙن تي ڇنڊا، تڏهن شڪ جو بت ۾ واسو، سڀني تصورن جو ٽٽي پوڻ. پر من جو ڀڄي پوڻ. ۽ پوءِ سڄا سارا تاريخي اتھاس ڪوڙا لڳڻ ، ايئن لڳڻ ڄڻ، ويساھہ گهاتي ٿي هجي، دوکو ٿيو هجي. هتيا ٿي هجي، آخر م خيالن جي ڪشمڪش مان ٻاهر نڪري اچڻ. من پرڀائڻ، پنھنجو پاڻ کي اجايو سجايو تسلا ڏيڻ، هون...... هون، هونئن بہ اڄ جي جيٽ دور ۾ اهڙين ڳالھين جي آخر اهميت بہ ڇا؟ ڪنواري پن جا تصور ئي اجايا، صرف پراڻي زماني جون ڪھاوتون، جن جو شايد ڪو وجود، ڪو ثبوت....... سڀ ڪجهہ اجايو. رڳو انساني کوپڙيءَ جا گهڙيل خيال ۽ پوءِ وڏي سِڪ ۽ اُڪير مان ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏڻ.
شروعاتي ڏينھن ۾ هن کي نئين نويلي ڪنوار سان سُتي، کيس ڀاڪر ۾ ڀريندي هڪ قسم جو انوکو سُرور ۽ جيڪا مستي ملي، تنھن سندس جيون ڌارا کي بدلائي نئون روپ ڏئي ڇڏيو. ايئن ڄڻ جيون جون سڀ خوشيون سندس جهوليءَ جهلي آيون هجن. ڏينھن جي ڪشٽ ڪاٽڻ جو پورو سِلو رات جو ڪنوار جي ڪڇ ۾ اچڻ سان ملي وڃڻ، ويٺي ويٺي اکين ئي اکين ۾ ڊگهيون ٿڪائيندڙ راتيون گذارڻ ۽ هر صبح جو ڊائريءَ ۾ هڪ نئون نوٽ لکڻ. پر اهو سڀ ڪجهہ کنن لاءِ، ساعتن لاءِ، هاڻي هن کي ڪنوار جا ٽھڪ، سيني تي آهلڻ سڀ ڪجهہ کوکلو، اجايو. انتخاب جي غلط هئڻ جو احساس سدائين گهر ۾ ٻن ٺڪرن جو ٺهڪڻ.
___________
تون تہ هاڻي ڏينھون ڏينھن ڌارين جھڙي ڏک پيو ڏين، پوءِ آخر مون کي توساڻ پرڻي مان ڪھڙو فائدو؟ ان کان تہ...... ٻين سان ڳالھائڻ ۾ مزو، ٻاهر گهمڻ گهتڻ ۾ مزو، پراون...... باقي گناھہ بہ اچي مان ڪيو. سڄو سڄو ڏينھن گهر ۾ اڪيلي ڪُتي جيان.....“
”پوءِ چاچِي جو اٿئي“
”مان پرڻي توسان هئس يا چاچنھن سان، امان اڳ گڏ ڪانہ هئي ڇا جو هاڻي اچي“
”چڱو چڱو هاڻي ختم ڪر ان بڪواس کي، هر وقت هجئي رڳو روڄ راڙو، ڄڻ تہ تون ٻارنھن سالن جي ٻالڪ هجين ۽ مان توکي جهنگ ۾ اڪيلو ڇڏيندو هجان، توکي سڀ ڪجهہ، اڪيلو خوبصورت گهر، عمدا سٺا کاڌا، قيمتي..... اڃان ٻيو.....“
......”سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي تہ آخر توکي ٿي ڇا ويو آهي جو هر وقت وتين پيو وڦلندو، ٻين جا بہ مڙس آهن ڪن نئينءَ مان اچي مڙس ئي تون ٿيو آهين، ڦلاڻي جي گهر ۾ بہ نہ وڃ، ڦلاڻي جي بہ نہ..... مان تنھنجي زال آهيان، ڪا قيدياڻي تہ ناهيان.“
”........ اڄ وري ڪاڏي سنبت ٿي آهي؟“
”ڪاڏي وري ڪاڏي، تنھن ۾ تنھنجو ڪم“
”پوءِ ڏاڙهين ڇو ٿو، مان ڪو گوڏي سان ٿي ٻڌي ويھاريانءِ ڇا وڃي جک...... مان ڇو اجايو پاڻ پڻايان...... ۽ ها ماني بہ نہ کايون ويندين ڇا؟“
”ناهي ضرور“
”ناهي ضرور تہ پوءِ جهليئي ڇو ڪو نہ پئي.“
”ها، ٻڌي ڇڏ، شايد رات مان نہ اچان“
”نہ اچين...... نہ اچين تہ نہ اچ، پوءِ ڪير ٿو چوئي تہ اچ، منھنجي لاءِ کڻي سڄي ڄمار.....“
...... هُون...... آخر هو پاڻ کي سمجهي ڇا ٿو ٻہ ٽڪا تہ ڀريا اٿائين پر سمجهي ٿو تہ ڄڻ لک لٽايا هجائين. هون....... مان ٿي خداءِ جو ملاحظو ڪريانس، نہ تہ ڏيکاري ڇڏيانس ڏينھن جا تارا“
”ماٺ، ماٺ ڪر بڇڙي ڇو ٿي ڀاڳ کي اِٽان هڻين، ٺھي ٺڪي شھزادي لڳي ويٺي آهين پوءِ بہ پوءِ بہ پئي ڪوسا پاڻِ هارين“
”ها توکي ڇاهي امان، تو تہ ساوا نوٽ وٺي ور ڀريا ۽ ٻُوهي ۾ ڏنئي مان کي.“
”توکي بہ ڪو مَٺو ڪونہ ٿو گهري، پوءِ بہ هجنئي رڳو پٽڻا.....“
آئل ٽينڪر جو اوچتو پاسي مان زرڙاٽ ڪري گذرڻ، ڇرڪي خيالن جي گهيري مان نڪرڻ، سنڀالي سولو ٿي ويھڻ، سگريٽ جي سوٽي سان اچيس ٿو،
”مار پويس اصلي هڻي نيو هئائين، هون...... ماءُ جا..... ڊرائيونگ ٿا ڪن، پڻھن بہ....“
ذهن وري يادن ۾ وچڙندو محسوس ڪندي پنھنجو پاڻ ئي اچاري ٿو،
”يادن کي گهلڻ مان آخر فائدو!!؟“ جنھن سان گڏ سندس چھري تي ڪساري مرڪ تري اچي ٿي .
هاڻي هن کي ڳوٺاڻن ڀيانڪ ڏيکن کان سخت نفرت ٿئي ٿي. هو مستقبل بابت سوچيندو اڳتي وڌي رهيو آهي. ڪار ساڳئي ئي پوري رفتار سان ڏامر جي روڊ جوسينو چيري رهي آهي.
هاڻي هو خوش خوش آهي، ڇو تہ هو شھر موٽي رهيو آهي. انھيءَ شھر جنھن کي زندگيءَ جو ڳچ عرصو ارپيو هئائين. انھيءَ شھر جنھن سان سندس گذريل جيون جون گهڻيون ئي يادون وابستہ آهن.
هڪ وار وري هن کي اُمنگن ۽ آشنائن جا ديپ جلندي نظر اچن ٿا پر ٻئي کن اوچتو ئي اوچتو سڀئي ديپ اجهامي وڃن ٿا.
هن کي ياد ٿو اچي ان سڀ کان تنگ ٿي ئي تہ هن پنھنجو پاڻ کي ٻھراڙيءَ جي ڪڙڇين ۾ ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ شھري زندگيءَ جي لعنت کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
پاڻ جڏهن وسڪيءَ ۾ وهنجي ٽن ڪلاڪن جي بليو پرنٽ ڏسي دوست پٺيان نمبر ملڻ تي ڪمري ۾ گهريو هو ۽ پوءِ ڪپڙا لاهي ننگي جسم مٿان آيو هو، تڏهن ڦٿل ڪنن آنن جي کوڙ مان وڌيڪ ڪنھن چڱي شئي جي حاصلات ۾ ڏاڪي ڏاڪي اُلٽي ڪئي هئائين، جنھن کان پوءِ ڪيترائي ڏينھن بيماريءَ جي بستري تي پشيمان ٿي شھري ماحول کي ٿوڪاري ڳوٺاڻي لائيف اپنائڻ جا خيال آيا هئس.
هن کي ياد ٿو اچي، هن جي جيون ڌارا، جنھن وهڪري ۾ وهي رهي هئي اتي سندس ڀاڪر ۾ ڪيئي حسين جسم ڀڪوڙيا هئا.
___________
پھريون هڪ جنرل جي زال سان محفل متل آهي. هرڪو گپ شپ م لڳو پيو آهي. سگريٽ ۽ سگار پيئڻ سبب سڄي هال ۾ دونھين جا بادل هڪ قسم جو شاميانو اڏي رهيا آهن. پريان مسز قمر ڪنھن سان گفتگوءَ ۾ مھو آهي.
”حرامزادو، ڪيڏو نہ سمارٽ ٿو لڳي، دل تہ چوي ٿي جيڪر.....“
”پوءِ ڪرينس آفر“
”۽ نھن ڪري تہ.....؟“
هوءَ چوندي چوندي شرمائجي سھيليءَ کان فتويٰ گهرڻ چاهي ٿي.
هاڻي محفل پوري شباب تي آهي. انساني جسمن، شراب، ڪباب، سگريٽ، سگار ۽ عورتن جي خوشبوءِ سان واسيل اڌ اگهاڙن جسمن جي خوشبوءِ ۽ مردن جي ٽھڪن سان سڄو هال گونجي رهيو آهي. هو ٻئي اکين ۾ اکيون اٽڪائي ڪجهہ ڳالھائي وٺن ٿا ۽ پوءِ ڪمري مان کسڪي باغيچي ۾ ٽھلي رهيا آهن.
”توهان مون کي سڃاڻو!؟“ هوءَ مرڪندي چتائي چويس ٿي.
”جي.....“ هو ڪجهہ گهٻرائجي کيس سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پوءِ پاڻ ئي چوي ٿو:
”نہ“
”مسز قمر“
”اوھہ.....! تہ مسز قمر توهان آهيو، اڙي بابا، مان تہ توهان کي.... ها ٻڌايو اڄ ڪلھہ ڪيئن پيا گذاريو؟“ مسز قمر جي جسم جو جائزو وٺندي چوي ٿو. جيڪا هلڪي رنگ جي ساڙهيءَ ۾ ويڙهيل آهي. سندس اڌ اگهاڙو حسين جسم بلائوز جي ويڪري ڳچيءَ مان اڇلون کائيندڙ اُرھہ ۽ ڀريل پٺن تي وڇايل ڪارن ڀنڀن وارن جو ڇٽ جهولي رهيو آهي. هوءَ سست ۽ ڌيمي آواز ۾ اچاري ٿي،
”ٻڌايو، منھنجو هي توهان کي محفل مان ڇڪي باغ ۾ آڻڻ برو تہ ڪو نہ........“
”برو.....“ هو ٽھڪ ٿو ڏئي ۽ جملي کي پورو ڪرڻ خاطر چوي ٿو،
”پوءِ ڀلا ڪٿي سٽنگ ڪجي!؟“
”نہ منھنجي خيال ۾ اهو بھتر رهندو تہ واپس محفل ۾ هلجي“
”پر......“ هو جملي کي پورو ڪرڻ سواءِ ئي کيس سواليہ نظرن سان چتائي ٿو.
”ٺيڪ ايئن رهندو ۽ محفل برخواست ٿيڻ کان پوءِ ئي پاڻ ٻئي ڪنھن ٻي ڳالھہ تي سوچي سگهون ٿا“ چوندي چوندي هوءَ واپس مُڙي ٿي ۽ هي سندس ٻانھن ۾ ٻانھن ڏئي وڌيڪ گھري ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي ٿو. هن کي اهو خيال ۽ رخو واپس ورڻ مڙئي ڪجهہ خراب لڳي ٿو.
”پوءِ ايئن ٺيڪ نہ ٿيندو تہ پاڻ اڄ رات ڪٿي.....!؟“
”اهو تہ مان پاڻ چوڻ پئي چاهيو“
”پر ڪٿي؟“
”ڪٿي.....؟ جيڪڏهن تڪليف نہ سمجهو تہ اڄ رات مان وٽ“
”۽ جنرل صاحب!؟“
”جنرل صاحب تہ رهيو اڳئين مورچي تي.“ هن مرڪي چيو.
رات ڪافي گذري چڪي آهي. ويٺي ويٺي ٻئي ٿڪي پيا آهن. هو آخري پيگ کڻندي چوي ٿو،
”پرينءَ جي نالي“
۽ هوءَ سندس ڳل تي ٿڦڪي ڏيندي موٽ ڏئي ٿي،
”تنھنجي نالي......“
هن جي ٿورو ڇھڻ تي سندس رت ۾ ٽھڪو اچي وڃي ٿو پوءِ سندس ڳل کي چمندي جسم سان کيڏندي پنھنجي پوري جسم جو وزن مٿس مڙهي ڇڏي ٿو.
___________
پوءِ هڪ سرمائيدار جي زال سان، جيڪا ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهہ لٽائڻ لاءِ بہ تيار آهي. هوءَ جيتوڻيڪ ڪرڙوڍ آهي پر پوءِ بہ جسم جو گهڻو خيال رکڻ ڪري منجهس اڃان ڪشش باقي آهي.
”ترسو مان باٿ ڪري اچان“
ويھڻ هن کي نہ ٿو اچي، تصورن جي انگاس تي ٽنگيو رهي ٿو. وجهہ وٺي ڌوڪي آيو آهي باٿ جي دروازي تي، دروازي جي اوچتي کلڻ تي هوءَ ڇرڪي وڃي ٿي.
”اوھہ ماءِ......!“ هوءَ بلڪل ننگي آهي. ٽوال سان ڀوري ڳاڙهي پاڻِيءَ ۾ ڀڳل جسم کي صاف ڪري رهي آهي.
”اوھہ توهان تہ بلڪل ڊيڄاري ڇڏيو.“ هوءَ ٽوال اوڌيندي چوي ٿي ۽ هن جون تيز نظرون سندس لسين ٻانھن ڇاتيءَ جي نوڙت، سيڊول ڪلھن ۽ گوشت ڀريل رانن تي کُپي وڃن ٿيون، جيڪي کن پل لاءِ مدهوش ڪري ڇڏنس ٿيون ۽ انھيءَ مدهوشيءَ جي ڪيفيت ۾ ئي ٻکجي وڃي ٿو.
___________
تنھن بعد هڪ ايڊووڪيٽ جي ڌيءُ سان جيڪا پنھنجو ٻيو تہ سڀ ڪجهہ مٿس لٽائڻ لاءِ تيار آهي پر شادي ڪرڻ لاءِ بنھہ تيار نہ آهي.
”مان مئريج مان ڪجهہ نہ ڄاڻان، مان چاهيان ٿي تہ اهڙو پيار ڪجي، جنھن جي چڀن، جنھن جو درد عمر ڀر ياد رهي.“
”هيلو مس شھلا“ هو ريسيور کڻندي چوي ٿو.
”ڪير؟ شوڪت، هيلو شوڪت، ٻڌايو ڪھڙا حال آهن؟“
”اسان جا؟ ڀائي ٻڌي آخر ڇا ٿا ڪري سگهو“
”ڇو نہ، ڇو نہ تنھنجي معنيٰ اسان....... ۽ ها هوءَ پروين ڪٿي؟“
”پروين؟ پروين تہ امتياز سان ڪوھہ مريءَ جي برفيلي فضا ۾ هني مون پئي ملھائي“
”اوھہ...... تہ توهان اڄ ڪلھہ ڏاڍا..... پوءِ ايترو وقت...... ڇا ان مان اهو مطلب نہ وٺڻ گهرجي تہ اسان کي پاڻ جي قابل ئي نٿا......“
”نہ نہ ايئن تہ ناهي، ايئن تہ..... پر توهان هرو ڀرو ايترو پري ڇو ٿا سوچو، پر جائي مان توهان کان تہ اهو پڇيو ئي ڪونہ تہ مان چوڻ ڇا پئي گهريو“
”پوءِ چئو چئو بلاشڪ چئو“
”اڄ توهان ڪمپني ڏئي سگهو ٿا!!؟“
”ڪمپني!؟ ڇو ڪو خاص پروگرام آهي ڇا؟“
”بلو آئيز بلوءَ تي.......“
”او، ويري نائيس، مان بلڪل تيار آهيان“
”پوءِ اچو ٿا؟“
”پر ڪٿي!؟“
”ايمپيز ۾“
”ٺيڪ، ٺيڪ اوڪي“
اڄ هو ان کان بہ گهڻو وڌيڪ حاصل ڪرڻ جو سوچي ٿو، جيڪو کيس پڪچر ڏسندي ملي سگهيو ٿي. شھلا سان ملندي ئي پروگرام ۾ ردوبدل ٿئي ٿي.
”اڄ ڪلھہ ڪجهہ گهٽ ئي ٿا ڏيکارجو!؟“
”نہ نہ ايئن تہ....... ايئن تہ....... در حقيقت اڄ ڪلھہ مان ڪجهہ وڌيڪ ئي بزي ٿو رهان“
”ڇا مطلب!؟“
”بس، اهڙو ڪو خاص مطلب.......“
”پوءِ هوءَ پروين......؟“
”پروين، پروين، آخر پروين تي توهان ڇو......“
”پوءِ توهان کي کيس وسارڻو ئي........“
”پوءِ ڪھڙو بيوقوف کيس ياد ڪرڻ جي ڳالھہ ٿو ڪري، ايئن هجي ها تہ پوءِ ڪھڙو ضرور هو جو توهان سان پئي اپائنٽمينٽ رکيم“ هو ڄنگهہ ڊگهيري سندس چڏن ۾ ڏيندي چوي ٿو.
”پوءِ تہ توهان جي ياد ڪرڻ جون مھربانيون“ هوءَ پيگ کڻندي چوي ٿي، جنھن سان گڏ مڌر مسڪراهٽ سندس لڄاري چھري کي وڌيڪ سرخ ۽ سندر بنائي ڇڏي ٿي.
”پوءِ پاڻ اڄ رات......“ هو سندس سرير ۾ اکيون کپائيندي جملو اڻ پورو ڇڏي ڏئي ٿو.
”پوءِ ايڏي تڪڙ بہ......“ هوءَ شرم کي ٽھڪن ۾ ڇپائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. کلندي کلندي سندس ڳلن تي ٻہ ننڍڙا دل موهيندڙ کُٻَ نروار ٿي بيھن ٿا. هن جي نازڪ سنھڙن چپڙن تي هلڪي مرڪ ۽ نيرين گھرين اکين ۾ سرچ جي چمڪ ٿي بکي، کلندي کلندي سفيد گلابي ڳل ڳاڙها ٿي وڃنس ٿا. هن جو ڳاڙهو اڀريل اُرھہ هن کي وڌيڪ پاڻ ڏانھن ٿو ڇڪي، جيڪو سندس رڳ رڳ ۾ سيڪس اڀاري ڇڏي ٿو. هو من ئي من ۾ سوچي ٿو،
”ڇا تہ ڪمبخت جي اکين ۾ جادو ۽ سرير ۾ ڪشش آهي“ هو وڌيڪ کيس ڀاڪر ۾ ڪندي ڪندي ڳل کي چمي ٿو ۽ ٻي ساعت ٻنھين جا سرير پيوند ٿي ٿا وڃن.
___________
وري هڪ ايس پيءَ جي ڌيءُ سان. هن جي جواني ۽ سيڊول جسم سندس بدن مان سيسراٽ ڪڍي ڇڏي ٿو. هن کي ڇھڻ سان ئي رڳ رڳ ۾ سيڪس جاڳي اٿي ٿي، جيڪا سندس واسنا کي اگهاڙي روپ ۾ پيش ڪري ٿي. هو ڌيري ڌيري سندس ڳلن کي چمي، چيلھہ ۾ ٻانھون ورائي ڪلھي تي ڪنڌ لاڙي ڇڏي ٿو.
”ڊارلنگ ڪنھن يڪتائيءَ......“
”ها..... هلڻ ئي......“
”ڊارلنگ پوءِ......“
”جاني تون ئي...... پر هرو ڀرو اڄ.....“
”پوءِ ڪڏهن......!؟“
”جاني ايڏي تڪڙ بہ.......“
”ڊارلنگ پوءِ تہ مري وڃبو“
”سو ڪيئن!؟“
”سو ڪيئن.....“ هو کيس وڌيڪ ڀاڪر ۾ ڀڪوڙڻ لڳي ٿو.
”جيڪڏهن چاهين.....؟ اڄ ئي“
”ٺيڪ تہ آءٌ تيار پر پھريان پيگ، پيگ......“
پوءِ ٻئي پيئندي ڳالھائيندي، محبت کان جسم جي ننگائپ ۽ جنسي مزي جا چشڪا وٺڻ لڳن ٿا. هوءَ مرڪي رهي آهي ۽ سيڪس سندس اکين مان اوتجي رهي آهي. ٻنھين ۾ جوانيءَ جي اڻ کٽ بُک آهي، جنھن سبب سندن جسم شراب جي وهڪري ۾ وهي هلن ٿا.
هن کي هاڻي ڪجهہ وڌيڪ ئي ياد اچڻ لڳي ٿو. هو ڪچيءَ عمر ۾ ئي عورتن جي پٺيان ڪُتيءَ جي گلر جيان ڦيريون پائيندو وتندو هو. ۽ جن بہ وڏين ڪلبن، شراب خانن، ريس، ميدانن، ايمپيز ۽ سنيڪ بارن ۾ حسين عورتن جي ٻانھن ۾ ٻانھون وجهي...... جي موسيقيءَ تي نچندي، محبت ڀريون ڳالھيون ڪندي سندن خوشبوءِ لڳل اڌ ننگن جسمن مان خوب لطف وٺندو هو. وسڪيءَ جي ٽمٽار پيگ، ڪوڪ، آرينج، ٿڌي بيئر ۽ جن جا گلاس منھن تي چاڙهيندي کيس هڪ قسم جو سرور ۽ مستي محسوس ٿيڻ لڳندي هئي ۽ هڪ قسم جي ذهني آسودگي سرندي هئي. اڳ جيڪا خوشي کيس ڪورس جا ڪتاب اٿلائيندي سٺي نتيجي جي خبر ملندي، حاصل ٿيندي هئي، سا خوشي، هينئر کيس نرم، نازڪ ۽ گرم جسمن ۾ پيھي وڃڻ سان حاصل ٿيندي هئي.
هن کي سرير جي حسين، نازڪ، ريشم جھڙن جسمن ۾ ڏاڍو موھہ هو سندن ڳلي ۾ ٻانھون وجهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽھلڻ اڻ پوري خواهش کي پورو ڪندي هڪ قسم جي لذت ايندي هئي.
کيس لڳي ٿو، شروع شروع ۾ پاڻ عورتن جي معاملي ۾ حد درجي جو شرميلو هو، جڏهن دوست واتان پاڻ لاءِ ٻڌو هئائين،
”يار تون عورتن جي معاملي ۾ ڏاڍو ڪامياب رهندين“ تڏهن مٿس چڙي پيو هو. پر اڳتي هلي هن جو چوڻ سچ ثابت ٿيو هو.
هن کي ياد ٿو اچي پاڻ جوانيءَ جي ڏاڪڻ تي چڙهندي پھريون پير پنھنجي پڦيءَ جي اُرھہ تي رکيو هئائين، تنھن بعد ئي حسن ۽ جوانيءَ جي ڌڙ تي واڪ ڏيڻ نڪري پيو هو.
___________
”شوڪت ڪجهہ پنھنجي تندرستيءَ جو بہ خيال ڪر، سڄي سڄي رات ڪورس جي ڪتابن کي چهٽيل.......“
سورنھن سالن جي عمر ۾ ئي ماڻس جي وفات، پڻھس جي لاپرواهي ۽ ڌنڌي ۾ رڌو رهڻ، سار سنڀال پڦيءَ جي حوالي، جيڪا پڻ شاديءَ کان پوءِ بيوھہ. هوءَ جيڪڏهن ننڍي عمر جي ڪا جوانڙي نہ هئي تہ ايڏي ڪا پڪي عمر جي بہ ڪانہ هئي، جنھن ڪري سندس جسم اڃان تائين ماس سان ڳتيل ۽ من پوڙهو ڪين هو، اهو ئي سبب گهر ۾ شوڪت جھڙي جوانڙي جي ٽھل ٽڪور ڪندي ڪندي من ئي من ۾ کيس پنھنجي هنج ۾ هجڻ جا سپنا سھيڙڻ لڳندي هئي ۽ جذبات جي وهڪري ۾ وهندي وهندي پاڻ سنڀالي وٺندي هئي. جڏهن بہ هن جي قريب ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي هئي، تڏهن اهو محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي تہ ان سڀ جو ڪارڻ مادرانا شفقت آهي ۽ نہ ڪي پريم واسنا. هوءَ حسين تہ هئي پر سندس اهو حسن آخري پساهن ۾ هو. عمر جو ڳچ حصو ڳاري چڪڻ کان پوءِ بہ جوڀن جي راھہ جا باقي بچيل داڻا وائري اڇا اجرا ڪري هن جي دل هرکائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندي هئي. هوءَ جيترو هن جو وڌيڪ خيال ڪندي هئي، اوترو ئي وڌيڪ سندس دل ۾ چاهت جون چنگاريون دکي ڀنڀٽ ٿيڻ لڳنديون هيون، جيڪي کيس جلائي ڀسم ڪري رهيون هيون. هن جي من ۾ جيڪا تڙپ ۽ جلن هئي ساکيس چين سان ويھڻ ڪين ڏيندي هئي. اهو ئي سبب ڦري ڦري سندس مٿان بيٺي هوندي هئي. ۽ پيار وچان سندس وارن ۾ آڱريون ڦيري پئي دل بھلائيندي هئي. ان وقت هن جي آڏو گذريل مڙس سان گهاريل گهڙيون ڦرڻ لڳنديون هيون. اهي گهڙيون هن لاءِ ڪيڏيون نہ سندر ۽ شانت هيون، جن ۾ هوءَ مڙس جي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙجي سرد راتين ۾ بہ پگهر وهائيندي هڪ قسم جو آنند ۽ سرور محسوس ڪندي هئي. اهڙين يادن ايندي ئي هوءَ سڄي پگهر ۾ پسي ويندي هئي ۽ هن جي وارن مان هٿ ڪڍي تڪڙ تڪڙ ۾ ٻئي پاسي وڃي صوفي تي آهلي پوندي هئي. پر ان سڀ جو شوڪت جي دل تي ڪوبہ اثر ڪين ٿيندوهو ۽ هن کي ڪڏهن بہ گلابي ساڙهيءَ ۾ ويڙهيل پڦيءَ جو سيڊول جسم، نازڪ ۽ واسنا سان ڀريل گولاين ۽ اگهاڙن جهڪيل پٺن مدهوش ڪين ڪيو، جنھن ڪري ان سڀ جي ڄاڻ ئي نہ رهيس. اهڙين ڌرمي پابندين هيٺ دٻجي دٻجي جيون جو ايڏو سارو عرصو گذارڻ سبب هن جو رت اهڙو تہ ڄمي ويو هو جو سنان وقت پڦيءَ جو ننگو جسم، اُڀريل اُرھہ ۽ چلڪندڙ رانون بہ سندس رت کي ٽھڪائي ڪين سگهنديون هيون.
هڪ رات جڏهن آس پاس وارن گهرن ۾ سانت شھر جو ماحول گهُٽجي، ٻوساٽجي رات جي غارن ۾ دفن ٿيندڙ اهڙي وقت هوءَ سھيڙيندي اوچتو ئي سجاڳ ٿي وڃي ٿي. سندس ڀر ۾ ٻئي پلنگ تي شوڪت گھري ننڊ جي آغوش ۾، هوءَ هڪ ڀيرو ڪنڌ کڻي چتائي ٿي ۽ ٻيھر وري ڪنڌ کي ويھاڻي تي سٽي ٿي. سندس من ۾ هڪ قسم جي آنڌ مانڌ اٿڻ لڳي آهي، سندس من ۾ وري هڪ ڀيرو ڪنھن جي هنج ۾ هجڻ جا اُڌما اٿڻ لڳن ٿا. وري هڪ ڀيرو سالن کان دٻيل جنسي بُک اچانڪ ڀڙڪو کائي جسم کي ڄرائي ڇڏيس ٿي. هن جي من ۾ هڪ ڀيرو وري پريم چاهنا ۽ واسنا ڪر موڙي اٿي آهي ۽ خيالن جي هلچل مچي وئي آهي. اڄ هوءَ پنھنجي واسنا جي ٻرندڙ جوالا کي شانت ڪرڻ چاهي ٿي. هاڻي هن جي وحشانيت ۾ تيزيءَ سان واڌ اچڻ لڳي آهي. هوءَ چاهت جي انڌ ۾ پاڳل بنجي پلنگ تان کسڪي پير پير ۾ ڪري شوڪت مٿان آئي آهي. پلنگ جي سيرانديءَ کان بيھي زيرو بلب جي جهيڻي روشنيءَ ۾ هن جي جرڪندڙ ڳل تي آهستي آهستي زبان ڦيرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، آلاڻ لڳڻ سبب هو هلڪو ڇرڪي آرس ڀڃي منھن ٻئي طرف ڪري ڇڏي ٿو ۽ هوءَ هٽي ديوار کي ٽيڪ ڏئي بيٺي رهي ٿي. وري ٻيھر همت ڪري هڪ ڀيرو جهڪي سندس ڳل تي زبان ڦيرائڻ جي ڪوشش، وڌيڪ آلاڻ لڳڻ سبب هو ڇرڪي سجاڳ ٿي پيو آهي. مٿان جهڪيل جسم تي نظر پوندي ئي ڊپ وچان رڙ نڪري وڃيس ٿي . هوءَ تڪڙو ئي سندس وات تي هٿ ڏيندي اڇل کائي بستري ۾ گهڙي هر طرح جون دلداريون ڏيڻ لڳي آهي.
”مان..... مان...... زي...... زينا آهيان، زينہ....... زينہ.... زينا.......“
”زينا.....!!!“
”ها.... ها.....“
”تہ پوءِ هي سڀ......“
”ها سڀ، اهو سڀ..... پر تون......“
پڪ ٿيڻ تي تہ ڪو جن ڀوت نہ پر پنھنجي ئي پڦي آهي، تڏهن وڃي مس مس ساھہ سامت ۾ آيو اٿس ۽ کيس ترڇي نظرن سان نھاريندي چوي ٿو،
”ڇو، ڇا ڳالھہ...!؟“
هوءَ سندس وات تان هٿ هٽائي لڄاريون اکيون جهڪائي، منھن لڪائيندي، ڀاڪر ۾ ڀريندي، مٿس مٺين جو مينھن وسائي ڏئي ٿي.
”اُف.... مان توکي ڪيترو نہ.......“ هوءَ کيس وڌيڪ سيني ۾ سوگهو ڪري ڇڏي ٿي.
پر ان سڀ جو ڪوبہ اثر ڪونہ سڀ ڪجهہ بيڪار ڇو تہ هن جي جواني، رسم رواج جي برفيلي ديوار هيٺ دٻجي ماٺي ٿيل آهي. ۽ اهڙي رومانيت ڀريل ماحول ۾ بہ بجاءِ رت ٽھڪڻ ۽ جذبن کي نئون روپ ملڻ جي هن جي اکين ۾ ڪروڌ ۽ الجهن جا آنسو تري اچن ٿا. هن ڪڏهن بہ ان سڀ جي ڪلپنا ڪين ڪئي هئي. پر اڄ؟ اڄ هو اهڙي ريس جي ميدان تي اچي نڪتو آهي، جتي سامھون هلڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ئي ڪونھي. هو اڄ اهڙي ڍڳي سان پاڃاريءَ ۾ جڙيو هو جنھن سان پٺتي هلندي منڍي ٿي مروڙيس، ڪنڌُ ٿي ڪٽِيس. پوءِ ڪيترو ئي لڇڻ ڦٿڪڻ ۽ مذهبي وردن ورائڻ کان پوءِ هٿيارن جو ڦٽو ڪرڻ.
هاڻِي هن جي مک تي مسڪراهٽ، شرم، لڄ، خوشي ۽ پنھنجائپ جا آثار نروار آهن. هوءَ اڄ سالن جي دٻيل واسنا جي بک شوڪت کي وڌيڪ ٻانھن ۾ سميٽيندي پوري ڪري رهي آهي ۽ پوءِ پگهريل، ڀِڳل ڪپڙن کي هڪ هڪ ڪري لاهي ڦٽو ڪرڻ ۾ ڪوبہ آر نہ ٿو ٿئي. هوءَ بلڪل ننگي آهي ۽ ان ننگائپ هوندي بہ ڪا هٻڪ ڪا هٽڪ ڪانہ اٿس ۽ هي پنھنجي مرم ۾ ئي مئو مئو ٿو وڃي ۽ سو بہ ڪيسيتائين؟ ڪيسيتائين مذهبي پابنديون کيس پاپ ڪرڻ کان بچائي سگهنديون.
پڦيءَ جي اگهاڙي وچڙيل جسم کي ڏسي سر کان پيرن تائين باھہ وٺي ويس، سندس سڄو جسم ٿڙڪڻ لڳو آهي. هن جي ورتاءَ کان جتي شڪي، لڄي ٿي رهيو آهي، اتي من ۾ هڪ قسم جي ڪتڪتائيءَ جو بہ مزو وٺي رهيو آهي. هن جي من ۾ ٿورو اڳ جيڪا پاپ ۽ پڃ بابت جنگ ڇڙيل هئي سا هينئر پنھنجو سڄي جو سڄو زور ٽوڙي رهي آهي ۽ هڪ نئين آزمودي مان گذرڻ سبب ڌرمي پابندين، مذهبي ريتن، رسمن کي ٺوڪر هڻڻ ۾ اڄ کيس ڪجهہ بہ خراب نٿو لڳي. خيري بلب جي هلڪي ڌيمي روشنيءَ ۾ مٿائنس ڪا وزنائتي شئي مڙهي ڇڏي ٿو.
ٻئي صبح تي هو پلنگ تي ستل هو، سندس ٻانھن ۾ نرم نرم فوم جو ويھاڻو ڀڪوڙيل ۽ چھري تي رات واري ٿڪاوٽ جا نشان هئا. ۽ پوءِ؟ پوءِ ايئن ئي سندس زندگيءَ جو قافلو تيزيءَ سان اڳتي وڌندو رهيو ۽ منجهس عزت، شھرت، جواڻ، حسين جسمن سان چاھہ وڌڻ لڳ هو.
نہ صرف ايترو پر هاڻي هن کي اهو بہ ياد آيو، جڏهن مذهبي پابندين جو قائل نہ هو، رسم رواج جي هٿ ٺوڪي اخلاقيات جو قائل نہ هو، تڏهن جل جانور جيان آزاديءَ جا خوب مزا ماڻيا هئائين ۽ پوءِ ان آزاديءَ واري ماحول کان تنگ ٿي ڪري ئي ڳوٺاڻي زندگي اپنائڻ لاءِ سوچيو هئائين، تڏهن هڪ دفعو وري پراڻن ڌرمي خيالن کيس سرير جي سمونڊ مان ڇڪي ڪنھن سڃي ٻيٽاري تي آڻي ڪڍيو هو. ايئن ڪيترائي ڀيرا آتم هتيا لاءِ سوچيو هئائين پر الائي ڇو هر ڀيري ان تي عمل ڪري ڪين سگهيو هو ۽ آخر ۾ ياد آيو هوس، پراڻن اتھاسن ۾ پڙهيو هئائين، ڳوٺاڻي زندگيءَ جي پاڪ پويترتا جي بابت ۽ پوءِ تڪڙو ئي سندس من ۾ هڪ خواهش ڪر موڙي اٿي هئي، ڳوٺاڻي زندگيءَ جو لطف وٺجي، ڪنھن البيلي اڙٻنگ جوانڙيءَ جي آغوش ۾ راتيون گذارجن، تنھن بعد لڳاتار ويچاريندو رهيو هو. هڪ نئون جيون شروع ڪرڻ ۽ نئين طرز جي زندگي اپنائڻ لاءِ. هن پنھنجي پاپن سان ٽمٽار زندگيءَ کي وري هڪ ڀيرو ڳوٺاڻي ماحول ۾ جيئڻ پئي چاهيو ۽ کيس يقين ٿيڻ لڳو هو تہ هو پنھنجي نئين دنيا ۾ آرام ۽ سڪون سان رهندو ۽ پوءِ رستن تي دُور تمام پري ماڻھن جا ٽھڪ گونجي رهيا هئا. هي پنھنجي منزل طرف وڌي رهيو هو.
هن کي ياد آيو هو، ايئن ڪرڻ لاءِ هن کي پنھنجو پاڻ سان وڏي جنگ ڪرڻي پئي هئي. پاڻ جڏهن يارن جي ڪمپنيءَ ۾ ٽن ڪلاڪن جي بليو پرنٽ ڏسڻ کان پوءِ ڏاڪي ڏاڪي اڌ مئو ٿي گهر پھتو هو ۽ پوءِ ڪيترن ئي ڏينھن تائين بيماريءَ جي بستري تي ضمير جي جنگ لڙي رهيو، هو تڏهن پڦھنس گهٻراهٽ وچان سندس لاءِ الائي ڇا مان ڇا هلائي ڇڏيو هو.
هن کي پنھنجي پاپ ڀريل زندگيءَ ۽ ان ماحول کان سخت بڇان ٿيڻ لڳي هئي، جنھن ۾ جوانين جو ٽڪراءُ، فري لائيف، فري سيڪس جي ڇڙواڳي، هن پنھنجي گناهن ۽ پاپن سان رڱيل آتما کي آزاد ڪرڻ ٿي چاهيو، هاڻي هن کي هر عورت کان بڇان ٿيڻ لڳي هئي.