سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران محمد جمن ٽالپر جو لکيل ڪتاب ”سنڌ جا اسلامي درسگاھہ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھي ڪتاب پي ايڇ ڊي جو مقالو آھي جنھن ۾ سنڌ جي اسلامي درسگاھن جو بھترين تعارف پيش ڪيو ويو آھي . ڪتاب ۾ ڪل ڏھہ باب شامل آھن جن ۾ سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي قديم تھذيب ۽ تمدن جو جائزو، اسلام کان اڳ ۽ پوءِ جي دور جي علم ۽ ادب جو جائزو، اسلامي فلسفي ۽ درسگاھن جو تعارف، مختلف دورن ۾ سنڌ جي اسلامي درسگاھن جو تعارف، سنڌ جي عالمن ۽ مشاھيرن جو تعارف ڏنل آھي.
ھي ڪتاب 1982ع ۾ ھجرہ پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽيڊيز جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي